
اترادي ٻولي
سنڌي ٻوليءَ جي جغرافيائي محاورن ۽ ٻولين جي مطالعي جي سلسلي جي ڪڙي ھيٺ ڇپايل ھي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ اترادي ٻوليءَ جي لھجي جو تعارف ۽ حدون بيان ڪيل آھن. ان کان علاوھ اترادي لھجن جي صوتياتي، صرفياتي ۽ نحولياتي ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آھي. اترادي لھجي تي سرائيڪي، بلوچي ۽ براھوي ٻولين جي اثر، اترادي لھجي جو لوڪ ادب ۾ حصو، اترادي لھجي جا خاص لفظ، پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آھن.