حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
ليکڪ: اڪبر لغاري
ڇاپو پنڌرهون: روشني 2012ع
پيسٽنگ: سهيل سلام ڀٽو
روشني ڪپوزرس، حيدرآباد
ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد
ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري سنڌ
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.
ھيءُ ڊمي مواد آھي توھان ھِي ڏٺو آھي؟؟
سومرن جي دؤر کان اڳ سنڌ تقريباً ساڍن ٽن سون سالن تائين عربن جي قبضي ۾ رهي، جنهن سبب سنڌي ٻولي تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو. انهيءَ عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي عربي ٻولي پنهنجو پورو اثر ڄمائي چڪي هئي. سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي وڌڻ ويجهڻ جو ڪافي موقعو مليو. هن ئي دؤر کي “سنڌي ادب جو بنيادي دؤر” سمجهڻ گهرجي، ڇو ته هن کان اڳ سنڌي ادب جو ڪوبه مستند ثبوت ڪونه ٿو ملي.
هن دؤر ۾ سنڌ جا رومانوي داستان شروع ٿيا، جن کي قصي جي صورت ۾ ٻڌايو ويندو هو. شاهه لطيف جي ستن سورمين مان ڇهن جي قصن جو تعلق هن دوؤر سان آهي، جيڪي هي آهن: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياچ، ليلا چنيسر ۽ سهڻي ميهار. هنن قصن کي اڳتي هلي تمثيل طور استعمال ڪيو ويو، جيڪو رواج اڃا تائين به جاري آهي.
هنن قصن کي ڀٽن ۽ ڀانن ڳائي وڄائي تمام گهڻو مشهور ڪيو. ڪچهرين ۽ محفلن ۾ ڏاڍي سوز سان ٻڌائيندا هئا. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي مطابق ته هنن داستانن ۾ تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ شعر به چيو ويندو هو. ان اوائلي شعر کي “ڳاهه” چيو ويندو هو، جيڪو لفظ “ڳاءِ” يا “ڳائڻ” مان نڪتو. ڳاهه ابتدائي واقعاتي شاعري هئي. ڪجھه ڳاهون نموني طور ڏنيون وڃن ٿيون.
مثال: سسئي جڏهن ڪيچ جي واپارين کان وکر بابت پڇيو ته انهن جواب ڏنو:
“چوٽا چندن، ڪيوڙا، مون سان وکر جون ويهون
مل مهانگي آئون ڏيان، ٻيو کيٽي ٻيڻون.”
مومل راڻي جي قصي ۾، مومل جي ٻانهي 'ناتر' چوي ٿي:
“آئون ٻانهي راڻيون ٻيون، مون نيڻين نه ڀُل
سندي ڪاڪ ڪنڌيءَ، آهي ڪامٹين هُل”
رزميه شاعري
گھڻن عالمن جو خيال آهي ته ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات گهڻو ڪري رزميه شاعريءَ سان ٿيندي آهي. سومرن جي دؤر ۾ ڪيتريون ئي مشهور جنگيون لڳيون، تنهن ڪري رزميه شاعري ترقي ڪئي.
سومرن ۽ گُجرن جون لڙايون 1150ع کان 1250ع تائين ٿينديون رهيون. سومرن جا ساٿي سما هئا، جيڪي تمام سٺا مددگار ثابت ٿيا. هڪ جنگ کان پوءِ صلح ٿيو، ان وقت جي حاڪم، گُجرن کي سڱ ڏيڻو ڪيو. ڏونگر سومري ان سڱ جي مخالفت ڪئي ۽ گُجرن وري حملو ڪيو. گجرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏونگر، دودي ڏي ماڻهو موڪليو دودو اڳيئي دلوراءِ هليو ويو هو (هي اُهو دودو نه آهي، جنهن علاءُ الدين جي لشڪر سان مقابلو ڪيو هو).
ڏونگر جو قاصد هڪ چارڻ هو، جنهن کي جواب ۾ دودي چيو، “جي طاقت نه هجين، ته ڪنهن ٻانهيءَ جو سڱ ڏيئي کڻي صلح ڪن.“ چارڻ تمام چالاڪ ۽ سياڻو هو، جنهن ان جي جواب ۾ هي بيت چيو:
“جر نه کٽي ڪنگرين، راوَ نه ڳنڍين ويڻ،
گولي وڃي گُجرين، ته چُندا دودي ڀيڻ.”
سومرن ۽ علاُ الدين جي جنگ: هيءَ لڙائي 1313ع ۾ ٿي هئي. * “هن لڙائي بابت ڪافي ڳاهون ملن ٿيون. ڳاهن جي اوائلي شاعريءَ ۾ هڪ شاعر جو به ذڪر ملي ٿو، اُهو هو ڀاڳو ڀان. هي سومرن جو خاص شاعر هو. جڏهن جنگ لڳي ته ڀاڳو ڀان سومريون وٺي ڪڇ جي ابڙي سمي ڏانهن سام پوڻ لاءِ روانو ٿي ويو. سندس چيل ڪجھه ڳاهون هيٺ ڏجن ٿيون:
“ٻاٽي ٻاٽي ڏينهڙا، لڳايو ڀونگر راءِ سي
مڙدن آڻي مامرو، ٻڌو پڳ مٿي.”
چنيسر کي سندس زال مهڻو ڏيندي چوي ٿي:
چاچِي منهنجي ڪانڌ کي، چني چِٽائي ڏي،
اڳي هيوسين ٻه ڄٹيون، هاڻ ٽلي ٿيون سين ٽي.”
* هن جنگ بابت ڪن مورخن جو خيال آهي ته اها نه ٿي آهي ۽ علاءُ الدين خلجي ۽ دودي جي دؤر ۾ ڪافي فرق آهي.
چنيسر کي تمام گھڻي ڪاوڙ آئي.
“ڪاوڙ جي ڪارو ٿيو چڙيو چنيسر راءِ
ٻڌي ڪٽاريون ڪاتيون، سونهري سَروپا.”
“ڪوڙا ڪوڙي ڏيهه جا، تو ڪوڙا قول ڪيا،
سنڌ لڄايئه سومرن جي، ٻيو دانهه دودل لاءِ.”
“ارڙنهن ڌڪ ترار جا، لڳا ننگر مٿي ڏانهن،
پرَ ٽڪر ٽريو ڪين ڪي، پئي جبل ڪونه سماءُ.”
“سٿريون وجهن ٿا سومرا، جيئن لنب جو گاهه لڻن
دودو ماريو هو ڊوهه سان، آيو ڏولائو ڏيهن.“
ڀاڳو ڀان کان علاوه دودي _ چنيسر جي قصي تي ڪجھه ٻين شاعرن به ڳاهون لکيون آهن، جيڪي پنهنجي ساخت جي اعتبار سان سومرن جي دؤر جون لڳن ٿيون. سندن مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.
جڏهن چنيسر کي پڳ جي آڇ ٿي ته شاعر چيو:
“ويهه پڄاڻان پيءُ جي، آءُ چنيسر آءُ
ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ.“
چنيسر جواب ۾ چيو:
اَئين سعيو ڪريو سپاھه جو، ته گهمي اچان گهرانءُ
وڏي جا ورهين جي، پڇي اچان تنهن ماءُ.“
چنيسر جڏهن گهران ماءُ کان موڪل وٺي آيو ته پويان دودي کي پڳ ٻڌائي ڇڏيائون. چيائون ته جيڪو هر ڳالهه ۾ ٿو ماءُ کان صلاح وٺي، اهو حڪومت ڪين هلائيندو. چنيسر اچي ماءُ کي دانهن ڏني. ماڻس جواب ڏنو:
“مون ڄڻيو ماءُ پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءَ،
ويهي آتڻ وچ ۾، پانڌيون ڪتج ٽيهَه،
هائي صلاح ٿئي هيءَ، ته گهر ويهي ڳالهيون ڪرين.“
چنيسر مهڻا ٻڌي، دودي کان وير وٺڻ لاءِ قسم كنيو، دودي ڏي نياپو موڪليائين ته تخت مون کي ڏي نه ته علاءُ الدين جو لشڪر وٺي ايندوسانءِ، دودي پنهنجي وزيرن سان صلاحَ ڪئي ته چنيسر کي تخت ڏجي يا نه، تنهن تي هڪڙي وزير چيس:
“پيءُ پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ نه راند،
راڄ نه ڏجن منگيا، منگيا ڏجن ڏاند.”
دودي جو جواب ٻڌڻ کان پوءِ چنيسر، علاءُ الدين وٽ ويو ۽ چيائينس:
“پيءُ مرندي ڇڏيون، تو سانو ڄڻي،
مون ٿي آنديون تولئي. سي دودي جھليون،
مون ته اچي وسليون، هاڻي جيڪر رضا راءِ جي.“
علاءُ الدين پنهنجي سپه سالار ظفر خان کي لشڪر ڏيئي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. دودي پنهنجو ڀائيٽيو يعني چنيسر جو پٽ ننگر صلح لاءِ موڪليو. ننگر کي جواب مليو:
“آئين ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگھي ڏيو مون
سڀ پهرايان سومرا، آءٌ جهجهي ڏيان ڀونءِ
هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪر سڱ جو.”
ننگر سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ خونريز جنگ ڇڙي پئي. شاعر جنگ جو نقشو چٽيندي لکي ٿو:
“ننگر مغل پاڻ ۾، چڙهي ڏني چوٽ،
ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري، گهٹا ماريائون گهوٽ،
بنا پَر ۽ اوٽ، ننگر ماريو ماڳ ۾.“
“واچوڙي جيئن وچڙي، گيوڙ گوڙ ڪيا،
ڏهه لک ڏهن اڳرا، ماري خلق وڌا،
سوره سڀ ٿيا، ويري سڀ وڇڙي ويا.”
“او ابڙو آھِ اَڀڳ او ڏونگر ئي ڏيهه ٻيو،
او جوڻيجاڻو جڳ، جو سامن سونٺا نه کڻي.”
“اُڀُ سڀ ڪنهن اوچو، اُڀَ نه اوچو ڪوءِ،
مُئي به مٿي ٿئو، سورھ سر سندوءِ
شابس توکي هوءِ، جو سام نه ڏنئي هڏهين”
اَڙَ جھلي ابڙي، نَوَ ويهون ڏهه لک،
گهوڙي ڪنڌ نه ڦيريو، ماري گھڻي خلق.”
سومرن جي دؤر جو ٻيو به هڪ نامور شاعر هو، جيڪو ڪيراڪوٽ (ڪڇ) جو رهاڪو هو ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي درٻار ۾ شاعر هو. سندس نالو هو سمنگ چارڻ، جنهن کي هڪ دفعي “لاکي ڦلاڻيءَ”، “وڪيي ڏاتار” ڏانهن موڪليو ته بي موسمي پيرون وٺي اچ. سمنگ چارڻ جڏهن وڪيي وٽ پهتو ته ان هڪ گھيٽي جي ٽنگ تي پٽي پئي ٻڌي، تنهن تي سمنگ چارڻ چيو:
“ڦُلاڻي لاکي وٽ، مون وڏو ڪيو ٿي وات،
گھيٽن پٽيون ٻڌي، سو ڏيندو ڪهڙي ڏات.“
وڪيي ڏاتار کان پيرون گهرڻ مهل چيائين:
“آئون آيس توڏي، ٿر ڏونگر جهاڳي،
جي وڪيو ڄام اَپرادي، ڪُمندا پيرون ڏي”
وڪيي سمنگ کي جواب ۾ چيو:
“انبن لڳي نه ڪيري، ڄارين لڳي نه ڇٽ،
ور چارڻ ماٺ ڪر، جيسين اچي وٽ.“
(اي چارڻ جيسين موسم اچي. جيسين انبن کي ڪيري لڳي، جيسين وڻ ٻُور جھلين، تيسين ترس)
“وٽ اچي تيسين وِهان، تنهن کي لڳي وير،
جيءُ چارڻيءَ جو وڃي، سو واري ڏيندو ڪير.”
(جيڪڏهن آئون موسم اچڻ تائين هتي ترسي پوان ۽ منهنجو ساهھ هليو وڃي ته اهو ڪير ورآئي ڏيندو.)
همير سومري جي حڪمرانيءَ ۾ سمنگ چارڻ سمن جي ساراهه ۽ سومرن جي گلا ڪندو هو. سومرن جي گلا ڪندي چوي ٿو:
“سڄو ڦسي پيا سومرا، اڌ ڦسي پيا لوڪ،
جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته ليڙ پيائي لاٽون ڪري.”
“ستينءَ هو سوجهرو، اٺينءَ ٿي اونداهِ،
هميراڻي باهِه، وساڻي ورهن کان.”
(همير، سومرن جي اٺين پيڙهي جو حڪمران هو، هن کان پوءِ سومرن کان حڪومت ڦرجي وئي ۽ سما سنڌ جا حڪمران ٿيا.)
مذهبي شاعري
اسماعيلي فرقي جي ارڙهين امام پنهنجي هڪ داعي کي تبليغ لاءِ 1079ع ۾ سنڌ موڪليو. سندس تبليغ جي ڪري سومرا حڪمران ۽ ٻيا به ڪيترائي سنڌي مسلمان ٿيا ۽ اسماعيلي فرقو اختيار ڪيائون.
اسماعيلين تبليغ لاءِ سنڌي زبان کي وسيلو بنايو. هڪ مبلغ پير شمس سبزواريءَ جو شعر آهي:
“حق تون، پاڪ تون، بادشاهه، مهربان ڀي يا علي تون ئي تون
رب تون، رحمان تون، يا علي، اول آخر قاضي تون ئي تون.”
پير صدرالدين (1290ع _ 1409ع): پير صدرالدين تبليغ لاءِ جيڪا شاعري ڪئي. ان کي گنان(گيان) چيو وڃي ٿو. سندس مشهور گنان هيٺ ڏجي ٿو.
شاهه مڃيئڙو تن، جي صبحڙي جاڳن،
اُٿي الله نه گهرين بندا، تون سُتين ساري رات،
نڪو جهوري جيو جي، نڪو ثمر ساٿ،
شاهه مڃيئرو تن، جي صبحڙي جاڳن
ڪوٺا، منڊپ ماڙيون، گهر، گهوڙا ڀنڊار
ڪين نيا پاڻ سين، جيو چلنتي وار،
شاھ مڃئڙو تن، جي صبحڙي جاڳن
ڪيا تيئين ڪتيو، جڏهن ستو لوڪ،
تني پانهنجو ڪتي وڌو، ڳچيءَ ڳاڙهو ٿوڪ،
شاهه مڃيئرو تن، جي صبحڙي جاڳن
پير صدرالدين گنان چوڻ کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي ٻي وڏي خدمت اها ڪئي، جو هن “ خواجڪي سنڌي” ترتيب ڏني. ان ۾ چاليهه اکر هئا، جن جي وسيلي هو نون مسلمانن کي اسلام جا عقيدا لکي ڏيندا هئا. خواجڪي سنڌيءَ کي چاليهه اکري به سڏيو ويندو هو. صدرالدين جا گنان ۽ سندس چاليهه اکري اڃا به اسماعيلي خواجن ۾ رائج آهي.
ڳيچ
ڳيچ جيڪي اڄڪلهه شادين يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳايا ويندا آهن، انهن جي شروعات به سومرن جي دؤر ۾ ٿي. هن بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو، ”ڳاهه کان علاوه ڳيچ قديم سنڌي شاعريءَ جو ٻيو قسم آهي. ڳيچ لفظ به ڳاءِ مان نڪتو آهي. ڳاءِ ڪوهستاني عورتن ۾ اڃان به مروج آهي. هن لفظ کي بعد ۾ ڳاج، گاڄ، ڳاچ يا ڳيچ چيو ويو. ڳيچ کي اڄڪلهھ سِهرو به چيو وڃي ٿو.“ ڳيچ لوڪ شاعريءَ جو هڪ قسم آهي ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري شاعر جي خبر نه پوندي آهي، پر تنهن هوندي به سومرن جي دؤر جي هڪ شاعره جو نالو ملي ٿو، جنهن جو نالو “مرکان” هو. سندس ڳيچ جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“هيءَ ڪانڊيرڙي لس،
هيءَ واسرڙي وس
آئون کلندي ڪڏندي اچان
قرهيل ڏٺم سک پار ۾
آئون کلندي ڪڏندي اچان
ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾
آئون کلندي ڪڏندي اچان
هن دؤر جو ادبي جائزو
1. هن دؤر ۾ رومانوي داستان شروع ٿيا، جيڪي اڳتي هلي تمثيل طور استعمال ٿيڻ لڳا.
2. هن دؤر ۾ رزميه شاعريءَ جي شروعات ٿي.
3. گنان چيا ويا (هنن گنان ۾ اسلامي اصولن سان گڏ اخلاقي هدايتون ۽ دنيا جي بي ثباقيءَ جو ذڪر ملي ٿو. هن مان ثابت آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ روحانيت ۽ تصوف جي شروعات اوائلي دؤر کان ٿي چڪي هئي.)
4. هن دؤر ۾ لوڪ ادب جي صنف ڳيچ جي شاعري ملي ٿي.
5. خواجڪي سنڌي يعني چاليهه اکري لکي وئي، جيڪا نظم لکڻ ۾ تمام گھڻي مددگار ثابت ٿي.
6. هِجو گوئي جا به آثار ملن ٿا.
هن دؤر جي شاعريءَ جون فني خوبيون
1. هن دؤر ۾ جيڪي بيت يا ڳاهه چيا ويا آهن، اُهي هندي ڇند _ وديا جي صنف “دوها ڇند” جي طرز تي ملن ٿا. دوها ڇند ۾ هر بيت ۾ ٻه سٽون ٿين ٿيون ۽ قافيو هر مصرع جي آخر ۾ ايندو آهي.
2. ڪي بيت سورٺا ڇند موجب به مليا آهن. هنن بيتن ۾ به ٻه سٽون ٿينديون آهن، پر انهن جو قافيو ٻنهي سٽن جي وچ تي ايندو آهي.
3. ڪجھه بيت دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند جو ميلاپ آهن.
4. هن دؤر ۾ ٿورڙا بيت ٽن سٽن وارا به مليا آهن. جن جي پهرين سٽ دوها يا سورٺا ڇند واري، ٻي سٽ دوها ڇند واري ۽ ٽين سٽ وري سورٺا ڇند واري آهي. بيت جو هي ڍانچو تمام گهڻو مقبول ٿيو. شاهه لطيف کان علاوه ٻين ڪيترن شاعرن به هن سٽاءَ کي استعمال ڪيو. موجوده بيت به هن سٽاءَ مطابق ئي آهي.
5. اسماعيلي داعين جا چيل گنان اڳتي هلي وائيءَ ۽ ڪافيءَ جو بنياد بنيا، جن ۾ پهرين مصرع ٿلهه ۽ وراڻي جو ڪم ڏئي ٿي.
سومرن جي دؤر کي سنڌي ٻوليءَ جو تعميري دؤر سڏيو ويو آهي. انهيءَ تعميري دؤر جي تڪميل سمن جي دؤر ۾ ٿي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو، “سمن جي دؤر جي شروعات ۾ سنڌي ٻوليءَ جون لساني خصوصيتون خواهه ادبي روايتون ساڳيون سومرن جي دوؤر واريون هيون، البته قوت بيان ۾ وڏو اضافو ٿيو ۽ لغت جي سرمايي ۾ وسعت پيدا ٿي. قصن ۽ داستانن بيان ڪرڻ کي هڪ “ادبي فن” جي درجي تي پهچايو ويو ۽ ڳاهن سان ڳالهيون ڳائجڻ لڳيون، سماع جي محفلن ذريعي سنڌي بيت عام مقبول ٿيو ۽ اهو هيئت جي لحاظ کان تڪميلي صورت کي پهتو. سمن جي دؤر ۾ اعليٰ معياري شاعريءَ جي شروعات ٿي.“
سمن، سومرن جي آخري حڪمران همير سومري کان ڄام انڙ جي قياد ت ۾ حڪومت ڦري. سمن جا ارڙنهن حڪمران ٿيا. جن تقريباً پوڻا ٻه سؤ سال حڪومت ڪئي. آخر سمن جي آخري حڪمران ڄام فيرو، شاهه بيگ ارغون کان شڪست کاڌي ۽ ائين سمن جي دؤر جو خاتمو ٿيو.
سمن جي دؤر ۾ تمام گھڻا مدرسا قائم ٿيا ۽ ٺٽو علم ۽ ادب جو مرڪز بنجي ويو. هن دؤر ۾ سنڌي زبان تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ سندس سرحدون ڪاٺياواڙ، ماناوادر، راڄڪوٽ، ڄام نگر، قلات، سبي، ڪڇ، ڀاڳناڙي، لس ٻيلي، مڪران، پسني، ملتان ۽ بهاولپور تائين پهچي چڪيون هيون. ايتري ترقيءَ جي باوجود سنڌي سرڪاري ٻولي نه بنجي سگهي. سرڪاري ٻولي فارسي ئي رهي.
سنڌي شاعري
سمن جي دؤر ۾ سورهيائي، سخا، محبت ۽ تصوف جا اهڃاڻ ملن ٿا. جن کي چارڻن ۽ ڀٽن ڳائي وڄائي مشهور ڪيو. هن دؤر جي شاعري جو مختصر جائزوهيٺ پيش ڪجي ٿو.
ماموين جا بيت: ماموئي فقير ست ڄڻا هئا. تنھن ڪري انهن کي “هفت تن” به چيو ويو آهي. انھن ستن درويشن ڪجھه اڳڪٿيون ڪيون هيون، جن کي “ماموين جا معما” به سڏيو ويندو آهي. سندن بيت هيٺ ڏجن ٿا:
1. “هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهھ مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي. ”
2. “وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو
تڏهن ٻاروچاڻو ٻار ستين درمي وڪبو. ”
3. “ڪاري ڪاپاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
مر مڇي ماري، سک ويندي سنڌڙي. ”
4. “مر مڇي ماري، مر مڇيءَ ڪهڙا پار
هٿين ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار. ”
5. “لڳندي لاڙان، سونڪو ٿيندو سريِ ۾،
جڏهن ڪڏهن سندڙي اڳاڻا وڻاهه.“
6. “نيلا گهوڙا ڏٻرا، اتر کان ايندا،
واسامان واٽن تي، ورهائي ويندا،
تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا. ”
7. “اچي ويجها ماڙهئا، ننگر جي آڌار،
پراڻا پراڙ، نوان مَ اڏج نجھرا.“
هنن بيتن جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چوي ٿو ته، “اهي بيت سومرن جي خير خواهن جا آهن.” بهرحال اها ڳالهه ثابت آهي ته اهي بيت سمن جي دؤر جا آهن. هنن بيتن جي زبان ۾ ڪافي پختگي آهي ۽ منجهن فصاحت ۽ بلاغت پڻ آهي.
عشقيه داستان
هن دؤر ۾ به ڪافي عشقيه داستانن جنم ورتو، جن کي ڀٽن ۽ ڀانن ڪافي مشهور ڪيو. انهن داستانن ۾ “ڄام لاکو ۽ مهر راڻي”، “ڄام لاکو ۽ اوڏڻ”، “ڄام اڍو ۽ هوٿل پري، “نوري ۽ ڄام تماچي” ۽ “دولھه دريا خان” وغيره ڪافي مشهور ٿيا.
هن دؤر ۾ ڄام اڍي جي باري ۾ ڪجھه ڳاهون مليون آهن. ڄام اڍي جي ڀاڄائي مٿس موهت ٿي پئي. جڏهن ڄام اڍي ملڪ ڇڏي اتر ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي ته سندس ڀاڄائي پنهنجي دل جي ڪيفيت هيئن بيان ڪئي:
“اتر سيگهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا،
هينئڙو ڦٿڪي مڇيءَ جيئن، ساجن سنڀريا.“
ڄام اڍي کي هوٿل پريءَ سان محبت ٿي وئي ۽ ٻنهي جي شادي به ٿي. هوٿل پري پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي چوي ٿي:
“اڍا! توسين آر، ڪر وسرن نه سڀ ڄمار،
شل ٿر - ٻاٻيهڙي ٿي مران.”
“وساريان نه وسرن، وسرن نه سيڻ.
جي نه ٽمن نيڻ، ٿر - ٻاٻيهڙي ٿي مران.”
جڏهن هوٿل پري ۽ اڍو وڇڙي ويا ته اڍي وڇوڙي ۾ چيو:
“پاڻي مٿي پَنُ - جيئن ٿو ٻڏي اپڙي،
تيئن هوٿل منهنجو من لوڙهي وڌو لهرين.”
هوٿل کي به اڍي جي فراق کائي ڇڏيو:
“ڪاٺيءَ کائي ڪِيُون جيئن سُرو سانگهيڙو ڪري
منهنجو تيئن هيون، اڄ اڍي كاڌئو.“
عشقيه داستانن ۽ ڳاهن کان علاوه ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي بيت ملن ٿا ۽ ڪافي شاعرن جو به ذڪر ملي ٿو. ڪجھه شاعرن ۽ انهن بيتن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
مخدوم احمد ڀٽي
هي بزرگ اصل هالا ڪنڊي جو هو ۽ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جو مريد هو. هڪ دفعي نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي ڪنهن محفل ۾ ويٺو هو ته اتي هڪ سوناري ڇوڪري هيٺيون بيت پڙهيو:
“سڏ سڻين پرينءَ جو _ وانگي جي نه ورن
ڪوڙي دعويٰ دوستيءَ جي، ڪڄاڙي کي ڪن.”
بيت ٻڌي مخدوم صاحب جو روح پرواز ڪري ويو. ته سوناري ڇوڪري وري هيٺيون بيت پڙهيو:
“سر ڏيئي سٿ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين
مرڻا منهن مَ موڙ، اڄ وٽي تي وڌ لهي.”
هنن بيتن جي باري ۾ خبر نه پئجي سگهي آهي، ته اهي بيت مخدوم احمد ڀٽي جا هئا يا ڪنهن ٻئي شاعر جا، پر هنن بيتن مان صاف ظاهر آهي ته سمن جي دؤر جي شاعريءَ ۾ روحاني عنصر داخل ٿي چڪو هو.
شيخ حماد جمالي
هي بزرگ ٺٽي جي ويجهو رهندو هو. ڄام تماچيءَ کي ساڻس گھڻي عقيدت هئي ۽ وٽس ايندو ويندو هو. ڄام جوڻي هڪ سازش تحت ڄام تماچيءَ کي قيد ڪري دهليءَ موڪلي ڇڏيو. جڏهن اها خبر شيخ حماد کي پئي ته هن ڄام جوڻي کي پاراتو ڏنو ۽ ڄام تماچيءَ جي واپسي لاءِ دعا ڪندي هيٺيون بيت چيائين:
“جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ،
سٻاجهي ٻاجھه پيئي، توسين ٺٽو راءِ.“
درويش نوح هوٿياڻي
هي کيبر قبيلي جو درويش هو ۽ هن به ڄام جوڻي جي مخالفت ۾ ڄام تماچيءَ جي حمايت ۾ هڪ بيت چيو:
“جوڻو وڃي جهوري ماريو
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.“
اسحاق آهنگر
اسحاق آهنگر (لوهار) سان هڪ بيت منسوب آهي، جيڪو شيخ ڀريي مجذوب جي واتان ٻڌو ويو اهو بيت هي آهي.
“ٿيان مان جهرڪ، ويهان سڄڻ جي سُپ تي،
مان ڪرن ڊرڪ، ٻولي ٻاجھاري مون سين. ”
هن بيت جي بيهڪ ڏاڍي عمدي آهي ۽ منجهس جيڪا آرزو سمايل آهي. اها به شاعر جي ذهني ڪيفيت جو پورو پتو ڏئي ٿي.
قاضي قاضن
قاضي قاضن سمن جي آخري دؤر ۽ ارغونن جي شروعاتي دؤر جو شاعر هو. هي پنهنجي دور جو وڏو عالم هو ۽ حديث ۽ فقه جي ڪتابن تي کيس عبور حاصل هو. پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو قاضيءَ جي عهدي تي گذاريائين. هي سيد ميران محمد جونپوري جو مريد هو.
قاضي قاضن جا 7 بيت “بيان العارفين” جي مصنف شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪلام سان گڏ ڏنا آهن. انهن کان سواءِ دهليءَ کان هيري ٺڪر نالي هڪ سنڌيءَ “قاضي قادن جو ڪلام” جي نالي سان ڪلام ڇپايو آهي. (جنهن تي تبصرو اڳتي هلي ڪبو).
قاضي قاضن جي شاعريءَ بابت محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو “ قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون وڏو شاعر آهي. هو سنڌي شاعريءَ جو ابو هو. هو پهريون مشهور شاعر آهي، جنهن جا گھڻي ۾ گهڻا بيت اسان کي پوريءَ تصديق سان لکت ۾ ملن ٿا، جن مان ان دؤر جي بکر واري علائقي جي سنڌي ٻوليءَ تي روشني پوي ٿي.“
قاضي قاضن جي شاعري تصوف جي اپٽار سان گڏوگڏ فني خوبين سان به مالامال آهي. پاڻ ظاهري علم کي حق تائين پهچڻ لاءِ ناقص سمجهندي چيائون:
“ڪنز قدوري ڪافيه، ڪي ڪين پڙهيوم
سو پار ئي ٻيو، جتان پريم لڌوم”
ظاهري علم جي باري ۾ وڌيڪ فرمايائين:
سيئي سيل ٿيام، پڙهئام جي پاڻان
اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام
قاضي قاضن پنهنجي مرشد لاءِ جوڳيءَ جو لفظ ڪم آندو آهي، جنهن کيس غفلت جي ننڊ مان جاڳائي، پرين جي پيچري جو ڏسُ ٻڌايو.
“جوڳي، جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“
قاضي قاضن جي شاعري تي تبصرو ڪندي محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو، “فڪر جي بلندي ۽ معنيٰ جي سهڻائي جي لحاظ سان اهي اعليٰ اخلاقي ۽ وجداني شاعري جا بهترين مثال آهن. فن جي لحاظ کان اسان کي انهن بيتن ۾ “بنيادي” ٻه - تڪي سنڌي بيت کان وٺي، مڪمل سنڌي بيت تائين ارتقاءَ جون سڀئي صورتون ملن ٿيون.
سٽاءَ جي لحاظ کان قاضي قاضن جا ڪجھه بيت “دوها ڇند” مطابق ۽ ڪجهه “سورٺا ڇند” جي مطابق آهن. ڪجھه وري دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند جو خوبصورت ميلاپ آهن.
مذهبي شاعري
مذهبي شاعريءَ ۾ اسان کي اسماعيلي داعين جا چيل ڪجھه گنان ملن ٿا، جيڪي انهن تبليغ لاءِ چيا هئا. هن دؤر ۾ پير حسن ڪبيرالدين وڏو داعي هو. هي پير صدرالدين جو فرزند هو. پير حسن ڪبير جا ڪجھه گنان هيٺ ڏجن ٿا.
آشا جی شری اسلام شاهه تخيج بيٹها
تاری دين هو
الرحمان جی
سر بنده لئے
گردئے منکی ديدها
تارے نراگھاڑو ڪری، نر بيڻھا
(جڏهن کان حضرت اسلام شاهه تخت تي ويٺو، تڏهن کان ڌڻيءَ جي دين جو فرض جاري ٿيو. (پير حسن ڪبير الدين) جڏهن امام کي پڳ نذرانو ڪئي. تڏهن پاڻ مرد سر اگهاڙو ڪيو ويٺو هو.)
“ناريون تمهاريون آنتي گھڻيون،
منجهھ سريكيون لاکو ئي لاک،
تمهن هئه الک نرنجن،
هم ڇيئي درڙي خاڪ.“
(تنهنجون ٻانهيون ته تمام گھڻيون آهن. مون جهڙيون ته لکن جي تعداد ۾ آهن. تون ڏسڻ کان پاڪ آهين ۽ آئون ته مٽيءَ خاڪ آهيان).
جنگي رجز
سمن جي دؤر ۾ سلطان محمد تغلق سنڌ تي چڙهائي ڪئي، پر “ٺٽي جي ٻاهران بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو. ان کان پوءِ سلطان فيروز شاهه به سنڌ تي چڙهائي ڪئي، پر وبا پکڙڻ سبب ڪڇ ڏانهن هليو ويو. پنهنجي دشمن کان جان آجي ٿيڻ تي سنڌي فوج هيٺيون جنگي نعرو يا رجز بلند ڪيو:
با برڪت پير پٺو،
هڪ مئو - هڪ ٽٺو.
دعائيه فقرو
هن دؤر ۾ شاهه مراد شيرازيءَ جو چيل هڪ دعائيه جملو ملي ٿو. شاهه مراد هڪ وڏو عالم، صوفي ۽ بزرگ هو. هن خاندان ۾ هڪ نئين ڄاول ٻار کي کڻي خوشيءَ مان هي دعائيه فقرو چيو:
“اوڀاتي! ڏيئي وڏي ڄمارا.”
(اي گهر جا ڀا تي! الله توکي وڏي ڄمار ڏي)
هن فقري جي اهميت ان ڪري آهي، جو هن جو قافيو الف اشباع جي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته الف اشباع جي شاعري جو رواج هن دؤر ۾ پئجي چڪو هو.
هن دؤر جو ادبي جائزو
1. هن دؤر ۾ سنڌي ادبي ٻولي هئي، عربي علمي ٻولي هئي ۽ فارسي دفتري ٻولي هئي.
2. سنڌي ٻولي سنڌ جون سرحدون اورانگهي دور دراز علائقن تائين پهچي وئي هئي، اتان جي ٻولين تي پنهنجواثر به ڇڏيائين ۽ انهن جو اثر به قبول ڪيائين.
3. شروع ۾ لساني خصوصيتون ۽ ادبي روايتون سومرن جي دؤر واريون ساڳيون رهيون.
4. هن دؤر ۾ روماني داستان ڳايا ويا.
5. سنڌي نثر ۾ بيان جي قوت ۽ صلاحيت وڌڻ جي ڪري نوان قصا رائج ٿيا.
6. سماع جون محفلون جا بجا ٿيڻ لڳيون، جن ۾ سنڌي بيت پنهنجو ارتقائي سفر طئي ڪيو.
7. مذهبي شاعريءَ گنانن جي صورت ۾ ترقي ڪئي.
8. الف اشباع جي شاعري (يعني هر مصرع جي آخر ۾ “آ” ڳنڍي قافيو ٺاهڻ) جي شروعات ٿي.
9. هن دؤر ۾ ڌارين سنڌ تي ڪاهون ڪيون، تنهن ڪري حب الوطني جو جذبو جاڳيو ۽ جنگي رجز يا قومي نعري جنم ورتو.
10. هن دؤر ۾ ڪيترائي عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا، جهڙوڪ: شيخ جهنڊو پاتڻي، ڄام نندو، مخدوم بلاول، ملان عبدالرحمان عرف ملان لٽر وغيره.
11. هن دؤر جي ڪجھه بيتن ۾ ان وقت جي سماجي ماحول ۽ سياسي حالتن جو به پتو پوي ٿو، جهڙوڪ: ماموئين جي بيتن ۾ درياءُ، دريائي پنڌ، دريائي پيداوار وغيره سنڌ جي تهذيب ۾ ماحول جو چٽو عڪس پيش ڪن ٿا.
12. هن دؤر ۾ بيت جي ميدان ۾ جيڪي روايتون قائم ٿيون اهي اڳتي هلي سنڌي بيت جو مستقل ڍانچو بنيون. مثلاً دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان جيڪي ڪامياب تجربا ڪيا ويا اُهي شاهه عبداللطيف ۽ ٻين شاعرن به پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا. ان کان علاوه ڪجھه بيت ٽه سٽا به ملن ٿا.
13. تمثيلي شاعري جو بنياد به پيو، جيڪو اڳتي هلي تصوف ۽ روحاني نقطن سمجهائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
14. عشقيه ۽ فراقيه عنصر سنڌي بيت کي وڌيڪ پرسوز ۽ دلڪش بنائي ڇڏيو.
15. قاضي قاضن مرشد لاءِ “جوڳي” لفظ ڪم آندو، جيڪو تقريباً اڄ تائين به استعمال ٿيندو رهيو آهي.
16. قاضي قاضن هڪ لفظ استعمال ڪيو”جاڳايوس” جنهن جي معنيٰ آهي، مون کي جاڳايائين پر اڄ ڪلهه جاڳايوس جي معنيٰ آهي “هن کي جاڳايو.“
17. هن دؤر ۾ سنڌي ۽ سرائڪي جو هڪٻئي تي تمام گھڻو اثر پيو. قاضي قاضن ته سرائڪي ۾ به بيت چيا.
ارغون، سمن جي آخري حڪمران ڄام فيروز کي شڪست ڏئي، سنڌ جا حڪمران بڻيا. شاهه بيگ ارغون پهريون حڪمران هو. ڪجھه وقت کان پوءِ حڪومت ارغونن جي اميرن يعني ترخانن جي هٿ ۾ آئي، ترخانن کان پوءِ سنڌ جون واڳون مغلن جي هٿ ۾ آيون.
ارغون، ترخان ۽ مغل ڌاريا حڪمران هئا، انهن سنڌ ۾ سنڌ واسين تي جيڪي ظلم ڪيا، تاريخ انهن جي گواهه آهي. وڏو ظلم ته اهو ٿيو جو سنڌ جو علم ۽ ادب تباهه ٿي ويو مٿان ٻي مصيبت اها ٿي جو فارسي زبان جي ايتري همت افزائي ڪئي وئي جو سنڌي شاعر ۽ عالم به فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا ۽ سنڌ ۾ سنڌي زبان کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيائون. ڌارين جي ظلم ۽ بربريت، جتي رت جا درياءَ وهايا ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي ته اتي سنڌي شاعرن فارسي ۾ شاعري ڪري، سنڌيءَ کي يتيم بنائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي.
اهڙن مايوس ڪن حالتن ۾ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي زبان کي زنده رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪيائون، جيڪا زماني جي دست برد کان تمام گهٽ بچي سگهي. تنهن هوندي به ڪجھه شاعرن جو شعر ايترو ته پرسوز ۽ پراثر هو، جو اهو عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو ۽ محفوظ رهجي ويو. انهن بزرگن مان ڪجھه شاعرن جو شعر مختصر احوال سان هيٺ ڏجي ٿو.
مخدوم نوح رحه (1505ع – 1590ع)
مخدوم نوح رحه هالا ڪنڊيءَ جو وڏو بزرگ هو. ظاهري تعليم ته تمام ٿوري حاصل ڪئي هئائون، پر قرآن شريف جو تفسير ڏاڍي عالمانه انداز ۾ ڪندا هئا. قرآن شريف جو فارسيءَ ۾ ترجمو ۽ مختصر تفسير پنهنجي هڪ مريد بهاءُ الدين گودڙيو کان لکايائون. قرآن شريف جو اهو فارسي تفسير ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.
مخدوم صاحب جا صرف چند بيت مليا آهن، جيڪي تصوف جي رمزن سان ٽمٽار آهن. سندس خيال ۾ حق کي پسڻ لاءِ ظاهري اکيون ناڪافي آهن، حق کي پسڻ لاءِ اندر جي اکڙين جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو ظاهري اکين تي ڀروسو ڪندو ته پرين پسي نه سگهندو. پاڻ فرمائين ٿا:
“پٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،
آهي اکڙين عجب پر پسڻ جي”
مخدوم صاحب فطرت جي نظارن ۾ “حق” جا مظهر پسڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پاڻ فرمائين ٿا:
“ماڪ نه ڀانيو ماڙها، پيئي جا پرڀات،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي”
پنهنجي آخري ايامن ۾ بيمار رهڻ لڳا. سندس رفيق به هڪ هڪ ٿي فاني دنيا مان لڏڻ لڳا، ته اداس ٿي هيٺيون بيت چيائون:
“نه سي جوڳي جوءِ، نه سي سامي واٽ،
ڪاپڙينِ ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا.“
پنهنجي آخري وقت ۾ پنهنجي هڪ معتقد ابابڪر ڏانهن پيغام جي صورت ۾ هيٺيون بيت چئي موڪليائون:
“ابابڪر آءُ، سامي سفر هليا،
تها پوءِ متا، سڪين سناسين کي.“
جڏهن ابابڪر اهو بيت ٻڌو ته پاڻ به هيٺيون بيت چيائون:
“اچان ٿو اچان ڪجائو ڪا جري جي جٽا،
تهان پوءِ متان، سڪان سنياسين کي.“
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
شاھ ڪريم کي قديم دؤر جو سڀ کان وڏو شاعر مڃيو ويو آهي ۽ کيس سنڌيءَ جو “چاسر” ۽ سنڌي ادب جو “وهائو تارو” جا لقب به ڏنا ويا آهن. پاڻ پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا هئا.
شاهه ڪريم جا 94 يا ڊاڪٽر بلوچ مطابق 93 بيت مليا آهن. جيڪي ٻوليءَ جي انمول ذخيري هجڻ سان گڏ تصوف جي رمزن ۽ الاهياتي فلسفي سان پڻ ٽمٽار آهن. پاڻ اهي شعر وڏي آواز سان پڙهندا هئا. اڪثر ڪري سماع جي محفلن ۾ وجد ۾ اچي ويندا هئا. وحدۃالوجود جي حقيقت جي اپٽار ڪندي چون ٿا:
“سو هيڏانهن سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي.
تهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.“
آفاقي حقيقت جي آواز ۽ پڙلاءَ کي ٻڌڻ لاءِ ظاهري ڪن بلڪل ناقص آهن. انهيءَ کي ٻڌڻ لاءِ باطني روشنيءَ جي ضرورت آهي.
“هي ڪن گڏهڻان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج،
سندي پريان ڳالڙي، تنين سين سڻيج،
پنهنجي پرينءَ جي ياد جڏهن حد کان وڌي ويندي آهي ته پرين بلڪل پنهنجي ويجهو محسوس ٿيندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته پرين ۾ ۽ اسان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونهي. ڪوبه مفاصلو ڪونهي انهيءَ حقيقت کي سمجهائيندي چون ٿا:
“پاڻياريءَ سر ٻهڙو جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.“
شاھ خيرالدين (1505ع – 1617ع)
هيءُ بزرگ اصل ۾ بغداد جو هو ۽ پير عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هو. سيروسفر ڪندي سنڌ ۾ آيو ۽ هالا ۾ اچي مخدوم نوح جو مريد ٿيو.
هڪ دفعي پنهنجي مريد کي سجدي ۾ ڏسي هيٺيون بيت چيائون:
“نه تون ڪعبو نه تون قبلو، رهين منجهه سجود
وساري وجود ملين ساڻ درياه.“
تنهن تي سندس مريد جواب ڏنو:
“ڪوه ڪندا قبلو، جن سڃاتو سلطان،
پرين اسين پاڻ، ڪريون سجدو ڪنهن کي.“
جرڪس فقير
هيءُ درويش مخدوم الياس جو مريد هو. هن جي زماني ۾ سمه ساهتيءَ جو حڪمران “ڄام اهيو” هو. ڄام اهيي (ڄام هميي) جرڪس فقير جي مرشدن کي ڏاڍو تنگ ڪيو، جنهن تي هن درويش بد دعا ۾ هيٺيان بيت چيا:
“اوڀر ڏانهن ٿي آئيا، سنڀري ٻه سوار،
هڪڙي پڪڙيس ڏاڙهي كئون، ٻئي پٽيس وار،
ساري سڀ ڄمار، تن جي منزل مٿو ناه ڪو.“
“اهيو ٿيو وهيو، مٿئون پيس باز،
تنهين جو آواز، ٻيھر ٻڌو ڪونه ڪو.“
عثمان احساني
هيءُ بزرگ اصل بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙي کان هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو هو. ان جي ڪلام جو مجموعو “وطن نامه” جي نالي سان مليو آهي، ليڪن اهو ايترو ته ڳري چڪو آهي، جو ان مان صرف چند بيت ملي سگهيا آهن. عثمان احسانيءَ جي شاعريءَ ۾ قبر ۽ آخرت جي عذاب جو موضوع سرفهرست آهي. موت ۽ قبر جي منظر ڪشي ڏاڍي لرزه خيز انداز سان ڪيل آهي. سندس بيت ان وقت جي بيت جي فني سٽاءَ کان ڪجھه بدليل آهي. يعني آخري سٽ جو قافيو وچ ۾ اچڻ بدران آخر ۾ آهي. سندس هيٺيان ٻه بيت پڙهي ڪوبه عقل وارو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ان وقت سنڌين جي سماجي حالت ڪهڙي هئي؟
اهي هن دنيا مان ڪافي حد تائين مايوس ٿي ويا هئا. ڌارين جي ڏاڍاين انهن کي قبر جا عذاب ياد ڏياري ڇڏيا هئا. اُهي بيت هي آهن:
“ڳالهه اڻانگي گور جي” ويهه مَ وسارو هي،
ترس مَ، ويهه تيار ٿي” ساٿيئڙا سنبهي،
هيءَ حد هيبت جهڙي، ويندءِ گور ڳهي.“
“سپون وڇون سهسين ٽنڊڻ، ناگڻ ساڻ نهي،
ڏنگي جان ڏنگن سان، ويندءِ ڏيل ڏهي،
ڳري ويندءِ گور ۾، لڱين لحم لهي.“
شاهه لطف الله قادري (1611ع – 1679ع)
شاهه لطف الله قادري پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ شاعر هو. هن تصوف تي فارسي ۾ ٻه ڪتاب “تحفة السالڪين” ۽ ”منهاج المعروف” لکيا. پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪافي شاعري ڪيائون. محترم ڊاڪٽر بلوچ سندس 357 بيتن تي، هڪ رسالو به مرتب ڪيو آهي. تصوف
سندس شاعري جو موضوع آهي. ٻين صوفي شاعرن وانگر هن جي شاعريءَ ۾ به اندر جي روشنيءَ تي زور ڏنل آهي ۽ ظاهري عقل کي پرين پسڻ لاءِ ناقص قرار ڏنو اٿن:
“عقل ات اوڇو ٿيو، ڪاجا ڏسي ڀت،
نه ڪو ڳاچ نه ڳت، حيرت هنيو سڀڪو.“
حق کي پسڻ لاءِ ڪيئي ڪشالا ڪرڻا پون ٿا. ڪڏهن پنهنجي من ۾ جهاتي پائڻ لاءِ منهن مونن ۾ ٿو هڻڻو پوي ته ڪڏهن وري ڪاپڙي بڻجي ڪائنات جا اسرار سمجهڻ لاءِ وڻڪار، جر ۽ جبل جهاڳڻا ٿا پون، پاڻ فرمائين ٿا:
“ڪهي ڏٺو ڪاپڙين، ڪو آڳاهون پنڌ،
تنين منجهان آئيو، ڳجهھ ڳجهائين ڳنڌ،
سندو حيرت پنڌ، آيو آڏو آديسين.“
هن ڪائنات جي اسرار کي پروڙڻ لاءِ هر دؤر جو انسان مٿا ڪٽ ڪندو رهيو آهي. هي سفر ڪٿان کان شروع ٿيو آهي، سندس منزل ڇا آهي؟ انهيءَ حقيقت سمجهڻ لاءِ ڇا ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي؟ انهن رمزن باب شاهه لطف الله قادري لکي ٿو:
جت پنڌ نهايت ناه ڪا، نڪو انت نه ڇيهه،
سو ڪوڙين ڏسي ڪنبيا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه،
اُتِ هلڻ حيرت ۾ ٿيو، چيتا تو چيلهه،
اوري ڪر مَ آسرو، واديءَ وچ مَ ويهه،
ثابت ٿي سبحان سين، منجهھ حقيقت پيهه،
ته سو پسين ڏيهه، جنهن کي سِڪي سڀڪو.
(جنهن سفر جي ڪا انتها نه آهي ۽ نه ئي ان جي منزل آهي، ان کي ڏسي لکين دليون دهلجيو وڃن. سفر جي دؤران ڪو سهارو ڪونهي. واديءَ وچ ۾ هاري ويهڻ بيڪار آهي. ضروري آهي ته تون خدا تي ڀروسو رکي اڳتي هلندو رهه، اهڙي ريت منزل کي ويجهو ٿيڻ ۾ آساني ٿيندئي، جنهن تي رسڻ لاءِ سڀئي سڪندا رهيا آهن).
شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام جو فني تجزيو ڪندي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو، “فن ۽ هيئت جي لحاظ کان شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ نوان تجربا نظر اچن ٿا. ترجيح يا تڪرار پهريون دفعو سندس ڪلام ۾ ڏٺي وئي آهي. هن ڍانچي جي مطابق بيت ۾ لفظ، اصطلاح ۽ جملا وري وري ورجايا ويا آهن. شاهه لطف الله تشبيهن ۽ تمثيلن ذريعي پنهنجي ڪلام کي موثر ۽ ان جي مفهوم کي چڱيءَ طرح چٽو ڪيو آهي. انهيءَ کان سواءِ لفظ “سامونڊي”، “ناکئا”، “جوڳي” ۽ “آديسي” استعمال ڪري جيڪي روايتون قائم ڪيون اٴٿس، انهن تي شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن به عمل ڪيو.
هن دؤر جو ادبي جو جائزو
1. هي دؤر فارسي زبان جي تسلط جو دؤر آهي، جنهن ۾ سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو به استحصال ٿيو. فارسي، سرڪاري دفتر، انتظامي ڪاروبار، خط و ڪتابت، تعليم ۽ تصنيف، ادب ۽ شاعريءَ جي زبان بڻجي وئي. فارسيءَ جي ايتري اثر هئڻ جي باوجود ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي ٻوليءَ ۾ اعليٰ درجي جي شاعريءَ ڪري پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪيو.
2. هن دؤر ۾ رومانوي داستانن کي تمثيل طوراستعمال ڪرڻ جو عام رواج پيو.
3. بيت ٻن ۽ ٽن سٽن کان وڌي پنجن ۽ ڇهن سٽن تائين پهچي ويو.
4. ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي چوڻ مطابق، “انهن ڏينهن ۾ 'ڪافي' سنڌي شاعريءَ ۾ مقبول عام صنف هئي. جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ 'وائي' چيو ويندو هو. وائيءَ جا ڪي باقائده نمونا ته نه ملي سگهيا آهن، پر آخري دؤر جي آخري شاعر شاهه عنايت رضويءَ جي رسالي ۾ وائيءَ جا ڪجھه نمونا ملن ٿا.“
5. هن دؤر ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق ۽ هجر وَ فراق به سنڌي شاعريءَ جا موضوع هئا. ان کان سواءِ ان ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو عڪس به ملي ٿو.
6. سماع جون محفلون به ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا ھئا.
7. بيتن ۾ “وراڻ” ۽ “ تڪرار” جا اهڃاڻ به ملن ٿا.
8. مذهبي شاعري به ڪئي وئي، جنهن جو سٽاءُ الف اشباع تي ٻڌل هو.
9. سنڌي ٻولي پنهنجي “نج” صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي. شاهه عبدالڪريم جي شاعري “ ٺيٺ سنڌي “جو اعليٰ مثال آهي.
10. هن دؤر جي ڪافي شاعريءَ ۾ “تَرڪِ دنيا” “توڪل” “فنا ۽ بقا” جي چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي. ان کان علاوه هن دؤر جي شاعري تي مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جو به ڪافي اثر آهي. عثمان احساني جي شاعري پڙهڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت سنڌين سان ڪهڙي ويڌن هوندي.
ڪلهوڙا، مغلن جي دؤر ۾ سياسي قوت بڻجي آهستي آهستي اڀرڻ لڳا. آدم ڪلهوڙو پيريءَ مريديءَ وسيلي ڪافي طاقتور بڻجي چڪو هو. خان خانان جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته آدم ڪلهوڙي کيس فتح جي دعا ڏني هئي. فتح کان پوءِ مغلن آدم ڪلهوڙي کي چانڊڪا ۾ جاگير عطا ڪئي. آخرڪار ميان يار محمد ڪلهوڙي شاهه عنايت جي سر جو سودو مغلن سان ڪيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪرائي ڪلهوڙن جو پهريون حڪمران بڻجي ويو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي غداريءَ ڪرڻ تي شاهه عنايت چيو:
“ڏونگري ڏني ڏاڙهي، ڪوه ڪتي جو پڇ.“
ميان يار محمد ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي شاهه عنايت سان واعدو ڪيو هو، پر غداري ڪرڻ تي شاهه عنايت چيو ته اها ڏاڙهي نه هئي. پر ڪُتي جو پڇ هو. شاھ عنايت جي خون ۾ هٿ رنڱڻ کان پوءِ ميان يار محمد کي مغلن “خدا يار خان“ جو لقب ڏنو.
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن کان پوءِ سنڌين جي حڪومت آئي. پر سنڌ ۾ امن نه ٿيو ڪلهوڙن جي حڪومت 64 سال هلي، پر هن ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ کي ڪيترائي ڀيرا رت جو ريج ڏنو ويو.
1739ع ۾ نادر شاھ سنڌ تي حملو ڪري شڪارپور ۽ سکر کي قنڌار سان ملائي ڇڏيو. ان نه صرف سنڌ کي خون جو غسل ڏنو، پر سنڌي علم ۽ ادب ايران ساڻُ کڻائي ويو. ميان نور محمد ڪلهوڙو نادر شاهه سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ سنڌ کي نڌڻڪو ڇڏي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو. ان کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ۽ مدد خان پٺاڻ جيڪي سنڌ سان ويل وهايا، تاريخ اڄ به ان دؤر جي نوحه خوان آهي.
ايتري افراتفري ۽ عدم استحڪام جي باوجود سنڌي ادب تمام گھڻي ترقي ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي وسعت لاءِ زبردست صلاحيت موجود آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ جي بقا به وڏي ڳالهه هئي.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ پڻ فارسيءَ جو اوتروئي اثر رهيو، پر جيئن ته حڪمران سنڌي هئا، ان ڪري سنڌي زبان کي همت افزائي ملي. ان همت افزائيءَ جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحيتن ۾ ايترو نکار آيو جو هن دؤر کي “ سنڌي ادب جو سونهري دؤر“ چيو ويندو آهي. هن دؤر ۾ عظيم شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن سنڌي ٻوليءَ جي بي انتها خدمت ڪئي. هن دؤر جا شاعر ۽ سندن ڪلام هيل تائين لافاني ثابت ٿيا آهن.
هن دؤر جي ادب جو جائزو وٺڻ لاءِ ان کي هيٺين ٽن حصن ۾ ورهايون ٿا.
1. مذهبي شاعري
2. صوفيانه شاعري
3. نيون صنفون
1. مذهبي شاعري
هن دؤر ۾ ٺٽو نه صرف سنڌ جي سياست جو مرڪز هو، پر مذهبي لحاظ کان به اتم هو. هتي ڪيترائي مدرسا هئا، جن ۾ ديني درس سنڌيءَ ۾ ڏنو ويندو هو، ان ڪري ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا ويا. ان وقت جيئن ته سنڌي نثر جو باقائده رواج نه هو، تنهن ڪري اهي ڪتاب الف اشباع جو قافيو ملائي نظم جي صورت ۾ لکيا ويا ۽ ان وقت جيئن ته سنڌي صورتخطي اڃان ايجاد نه ٿي هئي، تنهن ڪري اهي عربي رسم الخط ۾ لکيا ويا. انهن نظمن کي ”ڪبت“ به چيو ويندو آهي. ان سان گڏ هنن نظمن کي “سنڌي” جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. هن سلسلي جو پهريون ڪتاب “مقدمة الصلوات“ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ لکيو جنهن ۾ نماز جا مسئلا آسان زبان ۾ سمجهايل آهن.
مخدوم ابوالحسن ٺٽوي
ٺٽي جو هڪ وڏو عالم هو. ان وقت ڪيترائي هندو اسلام قبول ڪري رهيا هئا، جن کي اسلام جا بنيادي رڪن ۽ عبادت جا طريقا سمجهائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. مخدوم ابوالحسن عربي رسم الخط ۾ ڪجھه اضافا ڪري سنڌي رسم الخط تيار ڪئي، جنهن کي “ابوالحسن جي سنڌي” چيو وڃي ٿو.
سندس ڪتاب “مقدمة الصلوات“ مڪمل طرح سان منظوم ڪتاب آهي، جنهن ۾ نماز جي باري ۾ تفصيل سان سمجهايل آهي: “مثلاً:
“مٿي مونن هٿڙا، نيئي نرتان ڏيج،
ڪري ڪشاديون آڱريون محڪم پر پڇيج،
پورو مٿو پٽ سين، جوڙا جوڙ ڪريج،
جيئن رکيو پاڻي نه رڙهي، ان پر پٺ جهليج.“
“ساراهجي سو ڌڻي، سندن جنهن فرمان،
مڃيو مڙني مومنن، آندائون ايمان.“
“چوٿون رڪوع سجدي ۾، ڪرڻ ويرم ڪا،
قدر تسبيح هيڪڙي، توڙي ٽي ڀيرا.“
مخدوم ضياءُالدين
هيءَ به ٺٽي جي وڏن عالمن مان هڪ هو ۽ مدرسو هلائيندو هو. برک عالم محمد هاشم ٺٽوي به سندس شاگرد هو.
هن بزرگ به الف اشباع مطابق ڪتاب لکيا، جن ۾ اسلام جون ڳالهيون سمجهايل هيون. انهن ڪتابن کي “مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي” به چيو وڃي ٿو. سندس ڪتابن مان ڪجھه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
“جيئن عنايت اسلام، تو ٿيو ڀليءَ ڀت،
سک احڪام اسلام جا، وٺ موچاري مت.“
“ساڍيون ڇهه ويهون فرضن جون، ساري تو سکيج،
بيان تن جو علاحدو، آخر ۾ پڙهيج.“
”پهريون فرض ٿو ٿئي، بعد بلاغت
ايءُ ڪلمو آهي نبي اُتي، جو صاحب آهي شفاعت.“
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع - 1761ع)
مخدوم محمد هاشم پنهنجي ديني تعليم ٺٽي ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليم جو مرڪز به ٺٽي کي ئي بنايائين.
مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو جيد عالم هو. هن عربيءَ، فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ تقريباً ڏيڍ سؤ کن ڪتاب لکيا. جن ۾ “فرائض الاسلام“، راحت المومنين” ۽ “زادالفقير” مشهور آهن. سندس نظم جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
ايمان با الله تعاليٰ جا، چوراسي فرض ٿيا،
سڻي ياد رکو تن کي، هيئين منجهان را،
پهريون فرض ويساه وجود ڪري موليٰ،
ٻيو ايمان ان ڪري ته آهي واجب الوجودا.
عربي اَڄاڻن کي، گھڻي ڏهلي هوءِ،
سنڌي ڪيم سهکي، جان سکِي سڀڪوء
بقا ناه بلاد کي دنيا ناه دوام
اجل ٿو اوتون ڪري، ٿي قريب قيام
ڪريو ياد ڪريم کي، سنجهي صبح شام
مسئلا اسلام جا، پڇي سڀ سکجا،
پڙهيو پاڙهيو تن کي، جيڪي چيو خدا،
ته ڪري رحمان رحمتون، سٻاجھو سڀنيا،
ڪري ڪرم ڪريم ڌڻي بخشي ڏوه خطا.
مٿين ٽن عالمن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي عالمن ۽ سندن شاگردن مذهبي شاعري ڪئي ۽ مذهبي ڪتاب نظم جي ويس ۾ لکيا. انهن عالمن مان هيٺيان عالم ڪافي اهم آهن:
مولوي عبدالحق، مولوي محمد حسين، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، مخدوم غلام محمد بُگائي، قاضي عبدالڪريم، ميون عيسو، مخدوم عبدالله واعظ وغيره.
2. صوفيانه شاعري
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ صوفيانه شاعري تمام اعليٰ درجي جي ڪئي وئي. هن دؤر کي جيڪڏهن صوفي شاعريءَ جو دؤر چئجي، ته به وڌاءُ نه ٿيندو. تمام وڏا وڏا صوفي شاعر پيدا ٿيا، جن تمام وسيع جامع ۽ لازوال ڪلام ڏنو.
صوفي شاعري گھڻو ڪري ”بيت“ ۾ ڪئي وئي. ان کان علاوه “وائي” کي به تصوف جي نقطن سمجھائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
هن دؤر جي ڪجھه مکيه صوفي شاعرن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:
شاھ عنايت رضوي
شاهه عنايت رضوي مغلن جي آخري دؤر ۽ ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر جو شاعر هو. سندس وڏا اصل بکر جا رهاڪو هئا. پر پوءِ لڏي اچي نصرپور ۾ ويٺا. سندس شعر تي تبصرو ڪندي محترم حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب “A Brief History of Sindhi Litrature” ۾ لکن ٿا:
“شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف شعر ۾ هڪ ئي رستي تي هليا آهن. اهائي ٻولي _ ساڳي پابندين ۽ خيالن جي هڪجھڙائي توڙي دلڪشي _ بيتن کي شاهه لطيف وانگر هن به مختلف سرن ۾ تقسيم ڪيو آهي ۽ سنڌ جي عشقيه داستانن کي شعر ۾ استعمال ڪيو آهي.“
شاهه عنايت، شاھ لطيف جي همعصر شاعرن ۾ سڀني کان وڌيڪ سٺو شعر چيو آهي، جنهن جو اثر خود شاهه لطيف پڻ ورتو آهي. شاهه عنايت جي شاعريءَ ۾ تصوف جا نقطا نهايت شاعراڻيءَ نزاڪت سان بيان ڪيل آهن. عام صوفيانه خيال مطابق شاهه عنايت به محبت کي ڏاهپ تي ترجيح ڏني آهي. يعني جيڪڏهن من ۾ محبت آهي ۽ رهبري ڪرڻ لاءِ ڪو رهبر آهي ته ڪيڏا به ڏکيا مرحلا ڇو نه هجن ماڻهو آسانيءَ سان طئي ڪري سگھي ٿو. ان حقيقت بابت شاهه عنايت چوي ٿو:
“ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، جت برپٽ بيريان،
اُتِ ڏاهن ڏاهپ وسري حريفن حيران،
سسئي لنگهيو سيد چئي، محبت سين ميدان،
جن جو آرياڻي اڳواڻ، تن کي ڪانهي باڪ بهير ۾.“
تصوف کان علاوه شاهه عنايت جي بيتن ۾ حسن، عشق، فراق ۽ وصال به انتهائي دلڪش ۽ پرسوز انداز سان بيان ڪيل آهي. پاڻ فرمائين ٿا:
“گلبدن جون گجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،
اهڙي پر عنايت چوي راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو وڃي ڪاڪ ڪڪوريو.“
هر سٺي شاعر کي فطري نظارن سان محبت هوندي آهي. هو فطرت جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ ان مان ڪجھه نتيجا به ڪڍي ٿو ته ان سان گڏ پنهنجي جمالياتي ذوق جي تسڪين به ڪري ٿو. شاهه عنايت فطرت نگاري ڪرڻ سان گڏ ان وقت جي سماجي حالتن جو به سٺو عڪس چٽيو آهي. سندس هي بيت انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو:
“پپيهل پتو هيون، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنڀايا، سرها ٿيا سنگهار،
لاهي ڏک ڏاتار، الاهي عنايت چوي”
شاهه عنايت بيتن سان گڏ وايون به چيون آهن، جيڪي فني توڙي فڪري لحاظ کان اعليٰ درجي جون آهن.
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي
سنڌ جو هي اهو باڪمال شاعر آهي. جنهن کي دنيا جي وڏن شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مشرق توڙي مغرب جا عالم ۽ محقق، شاهه لطيف جي ڪلام جي تشريح ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ رڌل آهن. شاهه سائين جي ڪلام کي جيترو وڌيڪ پڙهجي ٿو اوترو وڌيڪ حيرت ۾ اضافو ٿئي ٿو.
شاهه سائين جي ڪلام ۾ اِهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ آفاقي شاعر ۾ موجود هجڻ گهرجن. علام آءِ آءِ قاضي ڪار لائل جي ٻڌايل اصولن مطابق شاهه سائين کي دنيا جو وڏي کان وڏو شاعر ثابت ڪيو آهي. ڪار لائل جا مقرر ڪيل معيار هيٺيان آهن:
(1) شعر اهو آهي جيڪو ڳائي سگهجي.
(2) جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي شعر جي ڪا مصرع يا لفظ بدلائي ڇڏجي ته شعر جو روح ختم ٿي وڃي.
(3) زبان جو استعمال جنهن ذريعي شاعر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو آهي.
شاھ صاحب جو ڪلام انهن ٽنهي معيارن تي بلڪل پورو آهي. سندس ڪلام گهري مشاهدي ۽ ذاتي تجربي تي ٻڌل آهي. پاڻ سڄي سنڌ جو چپو چپو گهميائون ۽ اتان جي مروج داستانن، ٻولي، قدرت جي رنگين ۽ حسين نظارن، ماڻهن جي نفسيات، انهن جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي ۽ ٻين بيشمار پهلوئن کي پنهنجي مطالع هيٺ آڻي. انهن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايائون، جيڪا اڄ هڪ لازوال ۽ لافاني حقيقت بڻجي چڪي آهي.
شاهه سائين جي ڪلام کي موضوع ۽ معنيٰ جي لحاظ کان هيٺين ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
(1) نيم تاريخي داستان
شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ کي مختلف سرن ۾ ورهايو آهي ۽ سنڌ جا نيم تاريخي داستان جهڙوڪ: 'سسئي پنهون، 'عمر مارئي' ۽ 'سهڻي ميهار' وغيره کي پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي. شاهه سائينءَ انهن داستانن کي سڄي جو سڄو بيان نه ڪيو آهي پر انهن مان صرف پنهنجي مقصد وارا ٽڪرا ڪڍي انهن کي تمثيل طور ڪم آندو آهي.
(2) صوفيانه نصيحت
شاهه صاحب هر داستان کي بيان ڪرڻ کان پوءِ انهن مان ڪجھه نتيجا ڪڍي ٿو ۽ پوءِ اسان کي صوفيانه نصيحتون ڪري سڌي راهه ڏيکاري ٿو.
(3) مجازي شاعري ۽ فطرت نگاري
شاهه سائين کي نوجوانيءَ ۾ مجاز جي مهميز آئي هئي، جنهن هن کي بيچين ۽ بي قرارڪري ڇڏيو. ان بي قراريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ واسطي شاهه سائين سير سفر ڪيو. ان سير و سياحت ۾ قدرت جا ڪيئي منظر ڏٺائين، جن کي پنهنجي لفظن جي قالب ۾ لاهي انهن نظارن کي امر ڪري ڇڏيائين.
“سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊنِ،
باالله ريَ پرين، سڀ اونداهي ڀائنيان،“
“جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبليئا، هاها هو هميش،
پسِئو سونهن سيد چوي، نيهه اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اُڄهي.
منظر نگاريءَ بابت سندس هيٺيان شعر پڙهي، شاهه سائين جي مشاهدي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھجي.
“وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو جمر جر،
ڪوسا تپن ڪڪرا، ٻي دمدم تپي ڌر،
ويچاري ڏئي ور، پير نه لهي پرينءَ جو.“
“هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءُ
لڳي اتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي.“
شاھ سائين جي ڪلام جون خصوصيتون
(1) هندي شاعريءَ وانگر، زال کي عاشق ۽ مڙس کي معشق ڏيکاريو اٿن.
(2) شاهه سائين جي ڪلام جي سڀني قصن ۾ انجام دردناڪ ڏيکاريل آهي.
(3) سندن ٻولي نج سنڌي آهي.
(4) سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي ڀرپور عڪاسي ڪئي اٿن.
(5) سندن شاعري تمثيلي آهي.
(6) سندن شاعريءَ ۾ جدوجهد ۽ قربانيءَ جو درس ڏنل آهي.
خواجه محمد زمان لنواري وارو (1712ع – 1774ع)
هيءَ بزرگ نقشبندي سلسلي جو هو ۽ شاهه لطيف جو هممصر هو. شاهه لطيف کي ساڻس گھڻي عقيدت هوندي هئي. روايت موجب هڪ شاهه سائين سندس مريد ٿيڻ جي اِرادي سان وٽس ويو، پر صرف ان ڪري سندس مريد نه ٿيو جو نقشبندي سلسلي ۾ راڳ جي منع ٿيل آهي. شاھ سائين خواجه محمد زمان بابت فرمائي ٿو:
مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪا، ڪري سگهان نه ڳالڙي.
عبدالرحيم گرهوڙي سندس مريد هو ۽ ان خواجه صاحب جي ڪلام (جيڪو 85 بيتن تي مشتمل آهي) جي عربيءَ ۾ شرح ڪئي.
خواجه محمد زمان جي شاعري جو موضوع تصوف آهي. هو محبوب کي سڃاڻڻ لاءِ “معرفت“ کي وڌيڪ ترجيح ٿو ڏئي.
فعل شريعت، حب طريقت، هنيون حقيقت هوءِ،
معرف نالوءِ، پروڙڻ پارسين.
جيڪي معرفت وارا ماڻهو هوندا آهن انهن جي زندگيءَ جو مقصد ئي هوندو آهي پرينءَ کي پسڻ. هو جڏهن “حق” جو پرچار ڪندا آهن، ته نه انهن کي ڪنهن قسم جي لالچ هوندي آهي، نه ئي وري ڪنهن قسم جو خوف، خواجه صاحب هن حقيقت کي هيئن ٿو بيان ڪري:
عارف ۽ عشاق، پسڻ گهرن پرينَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃان اوراهان ٿيا.“
ٻين صوفي شاعرن وانگر، خواجه صاحب به ظاهري علم کي گهٽ ڪري ڄاڻايو آهي ۽ عشق جي منزل مٿائين ٻڌائي آهي ۽ هدايت ڪئي اٿس ته انهن ماڻهن سان صحبت رک، جيڪي پنهنجي من ۾ محبت جو مچ ٻارين. فرمائين ٿا:
“اکر پڙهه عشق جو، ڪنز قدوري ڇڏ،
چڙهه تنين جي مڏ، جي سُتِي ڏين شراب جي.“
پرين کي پسڻ لاءِ ماڻهوءَ کي سڀ لڳ لاڳاپا لاهڻا پوندا آهن. سڀ رشتا ناتا ٽوڙي، سڀ ڪجھه ڇڏي فقيراڻي راهه وٺڻي پوندي آهي. فقير ٿيڻ لاءِ نه صرف ٻين شين تان آسرو کڻڻو ٿو پوي، پر پنهنجي سر جو سانگو به لاهڻو ٿو پوي، خواجه صاحب فرمائي ٿو:
“ تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سِسِيءَ جو،
ماڻئو تن ملير، جن جسو، مال مباح ڪيو.“
طالب جي زندگي، جو مقصد صرف مطلوب تائين پهچڻ آهي. سڄيءَ جدوجهد کان پوءِ جيڪڏهن طالب پنهنجي مطلوب کي سڃاڻي ورتو ته پوءِ هن جي لاءِ ٻئي ڪنهن به باري ۾ سوچڻ عظيم گناه آهي. ڇو ته جنهن واٽ لاءِ هو مٿا مونا هڻي رهيو هو، اها جيڪڏهن کيس ملي وڃي ته پوءِ ويھڻ جو ڪهڙو ڪم؟
“سڄڻ ڏٺو جن، تن ڏسڻ غير گناه،
جنين لڌي راه، وهڻ تنين وهه ٿيو.“
روحل فقير
روحل فقير انهن ٿورڙن صوفي شاعرن مان آهي، جيڪي پنهنجي وقت جا وڏا عالم پڻ هئا. روحل فقير به عربيءَ ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم هو هنديءَ تي به چڱي دسترس حاصل هئس. پهرين ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ملازم هو، پر پوءِ اتان ملازمت ڇڏي خيرپور رياست ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو.
پاڻ سنڌيءَ سرائڪيءَ ۽ هنديءَ ۾ اعليٰ درجي جي شاعري ڪئي اٿن، جيڪا وحدة الوجود جي فلسفي جو ڀرپور اپٽار آهي. هندي دوهن ۾ به ڪتاب لکيا اٿس، جن ۾ “من پربوڌ” “پريم گيان” ۽ “انڀو” مشهور آهن.
روحل فقير ڪافي، غزل، بيت، دوهن ۽ سي حرفي ۾ شاعري ڪئي آهي، جيڪا فڪر ۽ فن جي لحاظ کان اعليٰ پايي جي آهي.
پاڻ جيئن ته عالم هئا ۽ ڪلهوڙن جي دربار ۾ رهيا هئا، ته کين زماني جي ٻه اکيائيءَ جي پوري پروڙ هئي. ماڻهو اندر ۾ هڪڙا هئا ته ٻاهر ۾ ٻيا. گهڻو ڪري ڪجھه ڪتاب پڙهي پنهنجو پاڻ کي عالم سمجهڻ لڳندا هئا. انهيءَ حقيقت کي پنهنجي هڪ بيت ۾ هيئن چٽيو اٿس:
“پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو، ڪاڏي اکر اير
ساڻ سهائي سج جي، پڇا موافق ٿيندو مير،
جن صحيح سڃاتو پير، روحل رات به تن جي.“
انسانن جي گهڻائي اڪثر ڪري سطحي سوچ جي حامل رهي آهي، شروع کان وٺي انسان پنهنجي جبلتن کي تسڪين پهچائڻ لاءِ ڪوشان رهيو آهي. تمام گهٽ انسانن پنهنجي فوري خواهشن ۽ موجود حقير ذائقن کي ٺڪرائي، ڪنهن وڏي مقصد ماڻهن جي تمنا ڪئي آهي. انهيءَ وڏي مقصد تائين پهچڻ لاءِ صوفين جيڪا راهه پسند ڪئي آهي، اها آهي عشق جي راهه، عشق جي راهه تي هلڻ کان پوءِ ئي انسان پنهنجي پرينءَ جو وصال ماڻي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ عشق جي باهه ڀڙڪي اٿي ته پوءِ اهو ماڻهو زندگيءَ جي عام ضرورتن کان بي نياز ٿي ويندو. هن کي انهن شين مان خوشي حاصل نه ٿيندي جنهن جي لاءِ عام ماڻهو سڪندا رهندا آهن ۽ نه هن کي انهن ڳالهين مان ڏک پهچندو، جيڪي عام انسانن کي روئڻ ۽ رڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن. روحل انهيءَ حقيقت تان پردو كڻڻ لاءِ هي بيت چيو آهي:
“جن کي عشق اندر ۾، تن کي اُڃَ نه بُکَ،
وحدت منجھه وصال جي، سدا ماڻين سک،
ڏور تن کان ڏک، جي روحل رتا روح ۾.“
روحل فقير جيئن ته وحدت الوجود جي فلسفي جو قائل هو، تنهن ڪري ان کي هر شيءِ ۾ وجود مطلق جي جهلڪ نظر ايندي هئي. پاڻ چيائون:
“پپر ۾ پَرميشوَر، ته ٻٻر ۾ ڪوٻيو؟”
يعني هر خوبصورت ۽ سڪون پهچائيندڙ شيءِ ۾ جيڪڏهن ذات حقيقي جو جلوو آهي، ته پوءِ هر ايذاءَ رسائيندڙ ۽ گهٽ خوبصورت شين ۾ به اهائي ذات حقيقي آهي، ڇو ته جيڪڏهن انهن ۾ اسان ٻئي ڪنهن وجود کي ڳولينداسين ته وجود جي وحدت ختم ٿي ويندي ۽ اهو شرڪ ٿي پوندو.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
هيءُ بزرگ به پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو ۽ هن کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گهڻو فخر ۽ ناز هوندو هو ۽ ان وقت جي صوفي بزرگن تي ٺٺوليون ڪندو رهندو هو، پر پوءِ جڏهن خواجه محمد زمان لنواري واري سان ملاقات ٿيس سڀ ڳالهيون وسري ويس ۽ خواجه صاحب جي رنگ ۾ رڱجي ويو.
مخدوم صاحب جي ڪلام کي هيٺين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
مذهبي شاعري: پاڻ جيئن ته عالم هئا، ان ڪري اسلامي مسئلا سمجهائڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ شاعري ڪيائون، جيڪا گهڻو ڪري “ڪبت“ جي صورت ۾ هئي. وحدانيت تي سندس ڪلام جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“لا الله الاالله” آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ،
سڃاڻڻ ۾ ان سندي عقل عاجز هوءِ،
سڀن ڌاران تنھن سري، ان ري نه سري ڪو….“
صوفيانه شاعري
سندس صوفيانه شاعري بيتن جي صورت ۾ آهي. جنهن جو موضوع به اهو ئي آهي، جيڪو سندس همعصر صوفي شاعرن جو هو، يعني “تصوف ۽ عشق حقيقي“. پرينءَ جو پسڻ هر صوفيءَ ۽ عارف جي زندگيءَ جو مقصد هوندو آهي. هو عبادت، عابد بڻجڻ لاءِ نه ڪندو آهي ۽ تقوي، زاهد ۽ متقي بڻجڻ لاءِ نه. پر صرف پرينءَ به پسڻ لاءِ مخدوم صاحب فرمائي ٿو:
“عابد زاهد اوريان، عارف عين منگن،
هو روادار رکڻ جا، هي هٿان هٿ گهرن،
ساعت سال چون، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.“
“نفي ۽ اثبات کان، پرين پاڪيزوءِ
لالن سندي لوءِ، تن تناقص ناهه ڪو.“
صاحبڏنو فاروقي (1697ع – 1788ع)
هيءَ بزرگ شاهه سائين جو همعصر شاعر هو ۽ سچل سرمست جو ڏاڏو هو. سندس بيت وحدة الوجود جي فلسفي سان ڀرپور آهن. ان کان علاوه سندس شاعريءَ مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هن جي نظر ۾ زندگي ڪن ننڍن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه خلقي وئي آهي. زندگي ۾ پنهنجي عمل سان ان منزل تي رسجي جيڪا سڀني کان اعليٰ ۽ اُتم هجي. انهيءَ نقطي کي هن بيتن ۾ ڏاڍي خوبصورت انداز سان نروار ڪيو آهي:
“ڪنين جو نينهن نهر سان، ڪنين دٻايا درياه،
صاحبڏني جي ساه، سارو سمنڊ سمايو.“
“ڪي ٻڌڻ سان ٻٽجي ويا، ڪي چريا منجهه چاه،
صاحبڏني جي ساه، سارا ورق ورايا.“
مدن ڀڳت
مدن ڀڳت به شاهه سائينءَ جو همعصر هو ۽ شاهه سائينءَ سان ڏاڍي محبت هوندي هئس. ٻئي اڪثر رهاڻيون ڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان بيتن ۾ سوال جواب به ڪندا هئا. مدن ڀڳت جي شاعري جو فني سٽاءُ به ساڳيو شاهه صاحب وارو ئي هو. سندس شاعريءَ جو موضوع گهڻو ڪري اعليٰ انساني قدر آهن ۽ انهن سڀني اعليٰ انساني قدرن مان هو محبت کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس هڪ بيت آهي ته:
محبت مِٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،
ڇا ڄاڻي لوڪ، قدر ان ڪيميا جو.“
تمر فقير
هي بزرگ شاهه سائين جو خاص مريد هو. سندس اصل نالو حاجي علي هو، پر شاهه صاحب کيس محبت ۾ تمر فقير جي نالي سان سڏيندا هئا.
تمر فقير جي شاعري به بيتن ۾ آهي ۽ سندس سٽاءَ توڙي موضوع تقريباً شاهه سائين جهڙوئي آهي. نموني طور سندس ٻه بيت هيٺ ڏڄن ٿا:
“ذاتي مان صفاتي ٿيو، صفاتيءَ مان جڳ،
آديسي الک، مشاهدو محبوب جو.“
“منهنجو من منجهائيو، جتن جي جمال،
وڌو سور سرير ۾، ڪيچين جي ڪمال،
هوت نه ڀائي حال، مٽ نه ٿيا معذور جا.“
هن دؤر جون نيون صنفون
هن دؤر ۾ ادب جي ايتري ترقي ٿي ۽ ايترا شاعر پيدا ٿيا، جو انهن سنڌي شاعريءَ کي ڪافي نيون صنفون ڏنيون. انهن صنفن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
ڪافي يا وائي
ڪافيءَ جي باري ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته اها صنف ڪلهوڙن جي دؤر کان به اڳ موجود هئي، پر ان جو ڪوبه باقاعده نمونو نه ملي سگهيو آهي، تنھن ڪري ڪافيءَ کي هن دؤر جي صنف سمجهڻ گهرجي. ڪجھه ڄاڻن جي راءِ مطابق ڪافي ۽ وائي ٻئي ساڳي شيءِ آهن. اتر ۾ ان کي ڪافي چيو ويندو هو ۽ لاڙ ۾ ان کي وائيءَ جو نالو ڏنو ويو. شاهه لطيف جي وائيءَ جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
آءُ راڻا رهه رات،
تنهنجي چانگي کي چندن چاريان
راتيان ڏيهان روح ۾، تن تونهين جي تات
تنهنجي چانگي کي چندن چاريان
ويٺي نت نهاريان، اچين جي پرڀات
تنهنجي چانگي کي چندن چاريان
سينگار
شاعري جي هن صنف ۾ محبوب جي هار سينگار ۽ حسن ۽ جمال جي تعريف ڪئي ويندي آهي. محبوب جي حسن جي تعريف ته شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به آهي، پر انهن جي شاعريءَ جو محور محبوب جي حسن جي تعريف نه آهي. هن دؤر ۾ سينگار جا ٻه وڏا شاعر ملن ٿا. جلال کٽي ۽ صابر موچي.
صابر موچيءَ جي سينگار جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“جهڙا گل گلاب جا، انهيءَ به اعليٰ پرين،
پسي دهن دلبر جو، مجرو ڪيو مهتاب،
ڪن پيا ويس وڏاندرا، “صابر” چئي صاف،
ظاهر اڳيون زاف، اچي ڪونه عجيب جي.“
مولود
هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي “نئون ڄاول ٻار.“ هن صنف ۾ حضور ڪريم ﷺ جي تعريف ۽ ثنا بيان ڪئي ويندي آهي. مخدوم عبدالرحيم ۽ غلام محمد بُگائي هن دؤر ۾ علم عروض مطابق مولود چوڻ شروع ڪيا.
مدح
هن صنف جو موجد جمن چارڻ آهي. هن ۾ خدا جي حمد، نبي ڪريم ﷺ جي ثنا ۽ اصحابن ۽ بزرگن جي ساراهه ڪئي ويندي آهي.
مناجات
هن صنف ۾ شاعر ڌڻي جي درگاهه ۾ ٻاڏائي سوال ڪندو آهي. ان کان سواءِ شاعر حضور ﷺ اصحابن ۽ ڪنهن وليءَ کي به سوال ڪندو آهي.
هن صنف جو موجد مخدوم عبدالله عرف ميان موريو آهي. ان کان علاوه ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ ڪجھه ٻين شاعرن به مناجاتون چيون ميان سرفراز ڪلهوڙي جي مناجات تمام گھڻي مشهور آهي، جيڪا هن بنديخاني ۾ ويهي لکي هئي:
بسم الله لڳ الله، محمد شاهه ڪر پناهه پرين تون،
منجهه درگاهه، ڪيم آه، مٿي راهه رسين تون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.
آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون،
پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ ڏئين تون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.
چارئي طرف تنهنجي شرف، ڪيم روشن راهون،
منجهان نور ٿيو معمور، مڪو ملڪ مدينون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.
سرفراز کي اُداس، آهي آس، اوهان ڏون،
ره راس، بند خلاص، خوشي خاص ڏئين مون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.
مناقبا ۽ معجزا
مناقبا نبين، اصحابن ۽ ولين جي خوبين بيان ڪرڻ لاءِ چيا ويندا آهن ۽ معجزي جي معنيٰ آهي اڻ ٿيڻي ڳالهه جيڪا رسول اڪرم ﷺ ڪري ڏيکاري هجي. هي ٻئي صنفون مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون ايجاد ڪيل آهن.
غزل
غزل جو بنياد به هن ئي دؤر ۾ پيو، جنهن اڳتي هلي تمام گھڻي ترقي ڪئي. غزل جا اوائلي شاعر مرزا تقي ۽ نور محمد خسته آهن.
هن دؤر جو ادبي ۽ فني جائزو
1. هن دؤر ۾ شاهه عبداللطيف ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا شاعر پيدا ٿيا. جن سنڌي ٻوليءَ ۽ شعر کي ڪمال جي درجي تي پهچائي ڇڏيو.
2. بيت تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ فني لحاظ کان ارتقائي منزلون طئي ڪري فني پختگي ۽ وسعت حاصل ڪئي. گھڻن مصرعن تي مشتمل ڊگها ۽ پختا بيت به لکيا ويا، جن کي ڪبت چيو وڃي ٿو. ڪبت گهڻو ڪري مذهبي شاعريءَ لاءِ استعمال ٿيو. موضوع جي لحاظ کان به بيت ۾ ڪيترائي نوان تجربا ٿيا.
3. جمالياتي شاعريءَ به تمام گھڻي ترقي ڪئي.
4. اسلامي فلسفي سان گڏ هندو ويدانتي فلسفي کي به سنڌي شاعريءَ ۾ جڳھه ملي.
5. هن دؤر ۾ ڪيئي نيون صنفون وجود ۾ آيون، جهڙوڪ: ڪافي، وائي، سينگار، مولود، مدح، مناجات ۽ معجزا.
6. الف اشباع جي نظم مطابق ڪيئي ڪتاب لکيا ويا. مخدوم ابوالحسن، محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جهڙن عالمن مذهبي نقطا سمجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا.
7. مخدوم ابوالحسن، سنڌي صورت خطي تيار ڪئي.
8. سنڌي شاعري جمع ڪري رسالا لکيا ويا.
9. هن دؤر ۾ واقعاتي ۽ رزميه شاعري به ملي ٿي.
10. فطرت نگاري ۽ منظرنگاري کي اهميت ڏني وئي.
11. سنڌي عروضي شاعريءَ جو بنياد هن دؤر ۾ پيو.
12. هن دؤر ۾ غزل جي شروعات ٿي.
ٽالپرن، ڪلهوڙن کان 1782ع ۾ اقتدار ڦريو. ٽالپر جيئن ته ڪلهوڙن وانگر ڏيهي حڪمران هئا، تنهنڪري سنڌي ادب جيڪو عروج ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ماڻيو، اهو ٽالپرن جي دؤر ۾ به جاري رهيو.
هن زماني ۾ سنڌي نثر جو بنياد پيو، ان کان علاوه هن دؤر ۾ شعر جي هر صنف تمام سٺي ترقي ڪئي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ جيڪي نيون صنفون ايجاد ٿيون هيون، انهن ۾ به سٺو واڌارو آيو. ڪافي ته پنهنجي ڪمال کي پهچي وئي.
هِن دؤر جي ادب کي اسين هيٺين چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
1. مذهبي شاعري
2. صوفيانه شاعري
3. نيون صنفون
4. نثر نويسيءَ جي ابتدا
1. مذهبي شاعري
هِن دور ۾ مذهبي شاعري به ڪئي ويئي، جيڪا الف اشباع جي قافيي ۾ هئي. هِن قسم جي شاعري ڪرڻ وارو وڏي کان وڏو شاعر مخدوم عبدالله نرئي وارو هو.
مخدوم عبدالله ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان ڪتاب ڪافي مشهور آهن.
قصص الانبياء، ڪنزالعبرت، تنبيه الغافلين، غزوات خلفاءِ راشدين وغيره.
“ڪنزالعبرت “ مان سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
“اهو منهنجي اکين جو ٺار منجهه دنيا
۽ پڻ ميوو هوم دل جو وندر وجودا،
هيجان سانڍيو مون هنجهه ۾ سو پيارا پاڻا. . .”
”خلفاءِ راشدين” ۾ مخدوم صاحب لکي ٿو:
”هاڻي ڪريهو امام حسين جو، ڪي مذڪور هن مٿا،
جو عابد، زاهد متقي، اڪمل اطهرا،
سنهھ سونهارو منهن موچارو….“
مخدوم عبدالله کان علاوه مولوي ولي محمد، مُلا عبدالحڪيم به هن طرز جي ڪافي شاعري ڪئي.
2. صوفيانه شاعري
سنڌ جي سرزمين ڏاڍي ڪا سڀاڳي آهي، جو سندس ڪُکِ مان هميشه اعليٰ درجي جا شاعر ۽ باڪمال صوفي پيدا ٿيندا رهيا آهن. تصوف سنڌ جي خمير جي ذري ذري ۾ سمايل آهي. هر دؤر وانگر هي دؤر به صوفين جو دؤر هو ۽ هِن دور ۾ به باڪمال صوفيانه شاعري ڪئي وئي. جيئن ته هِن دؤر ۾ تمام گهڻا صوفي شاعر پيدا ٿيا، تنھن ڪري هتي صرف چند ناميارن شاعرن جو ذڪر ڪجي ٿو.
سچل سرمست (1739ع - 1842ع)
سچل سرمست جو خاندان به شاهه لطيف جي وڏن وانگر دين جي تشهير ۽ تعليم لاءِ مشهور هو. هِن فاروقي خاندان مان به ڪيترائي اهِل الله بزرگ ٿيا. جن دين لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون.
سچل سرمست خيرپور رياست جي درازن نالي ڳوٺ ۾ سن 1739ع ۾ تولد ٿيو. هو اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد ميان صلاح الدين وفات ڪري ويو. تنهنڪري سندس چاچي ميان عبدالحق جي سنڀال هيٺ رهيو.
سچل سرمست قرآن جو حافظ هجڻ سان گڏ عربيءَ ۽ فارسيءَ جو عالم پڻ هو. تصوف سان دلچسپي هئڻ ڪري شيخ فريد الدين عطار جو ڪتاب “منطق الطير” ۽ “وصيت نامه”، شيخ شمس الدين تبريزيءَ جو “ديوان شمس تبريزي” پڙهيائون، جن ايترو ته متاثر ڪيس جو شيخ عطار ۽ شمس تبريزيءَ کي پنهنجي فارسي ڪلام ۾ روحاني مرشد ڪري
مڃيو اٿن.
سچل جو ڪلام رِندِي ۽ بي باڪيءَ جو ڀرپور نمونو آهي ۽ لطيف سائينءَ جي اڳڪٿيءَ مطابق جيڪو ڪُنيءَ جو ڍڪڻ لاٿائين. ان ۾ ايترو ته بي باڪ ٿي ويو جو مُلن ته مٿس فتوائون به جاري ڪيون ۽ کيس گمراهه سڏيائون.
سچل سرمرست جي شاعريء کي ٻن حصن ۾ ورهائي، ان تي مختصر تبصرو ڪجي ٿو:
الف: حقيقي شاعري
ب: مجازي شاعري
الف: حقيقي شاعري
سچل سرمست جي حقيقي شاعري نج تصوف آهي. تصوف جون رمزون ظاهر ڪندي تمام گهڻو بي باڪ ٿي ويو آهي. ذات حقيقي جو مظهر انسان ۾ ڏسندي بي ڌڙڪ چئي ٿو ڏئي:
“ڀول نه ٻي ڪنهن ڀُل، تون ته آدم ناهين،
لڪيو ٿو لاتون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل.“
“الله الله ڇو ڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
سچو سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمان“
“ايهو ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
مارا نغارا اناالحق دا، سولي سر چڙهيجي،
وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان، عاشق تان نه اڙيجي،
سبحاني ما اعظم شاني،“سَچُو” سِر سليجي.“
سندن طبيعت ۾ جلال گهڻو هوندو هو. جڏهن ساز وڄندا هئا ته پاڻ مست ٿي ويندا هئا ۽ بي خود ٿي نچندا به هئا ۽ شاعري به ڪندا هئا. اهڙي استغراق جي ڪيفيت ۾ سندن اکين مان آب جاري رهندو هو:
“رئڻ زارو زار، راتون ڏينهان آھِ مون،
کوڙي ڪانَ قريب ويو، هينئڙي منجھه هزار،
هِن گوليءَ جي گفتار، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾.“
فنا ۽ بقا جي مسئلي تي سندس خيال اِهو آهي ته انسان فاني نه آهي، ڇو ته انسان جو وجود باري تعاليٰ جو هڪ حصو آهي. جيئن ته ذات حقيقي مڪمل آهي، تنهن ڪري انسان به پنهنجي تڪميل کي پهچندو. فرمائي ٿو:
”جھڙو آهين تهڙو هوندي، فاني ٿيندين ڇا،
سُڌ پنهنجي سر جي، ڪامل پيڙئي ڪا،
ڳالهه نه سمجهئي سا، آوازي انالحق جي.“
ب: مجازي شاعري
سچل سرمست به شاهه لطيف وانگر مجازي عشق جي اوڙاهه مان گذريو، جنهن کيس حقيقت جي راهه ڏيکاري.
سچل سرمست پنهنجي مجازي عشق وارن خيالن جو اظهار ڏاڍي پُر سوز ۽ درد انگيز انداز ۾ ڪيو آهي. فراق ۽ جدائيءَ جو درد ۽ پيڙا سندس شاعريءَ ۾ صاف عيان آهي. پنهنجي پرين کي التجا ڪندي چوي ٿو:
“ٻُڌي ٻاروچا ورين، هن عاجز جون آهون،
درد ڀريون دانهون _ ڪري ٿي ڪافين ۾.“
“چڙهندي سانءِ چکي، نه ته منهن ڏيکارج ميندرا،
چاڙهيو مون کي ڏاگھه تي، تنهنجي عشق تکي،
مر ٻيو ڪو سر سکي، انهيءَ جي اولاڪ جو.“
ملان کي عشق ۽ عقل جا ازلي دشمن ڄاڻندي، كيس هيئن مخاطب ٿيو آهي.
“مُلان انهيءَ مڌ جو، چُڪو جي چکين،
ڪارنهن کڻي ڪُنڊَ ۾، ويٺو مُنهن مکين.“
سچل سرمست ڪافيءَ کي تمام گھڻي اهميت ڏني آهي، ڇو ته مجاز جو نرم ۽ گرم احساس ڪافيءَ ۾ تمام سهڻي نموني سان ظاهر ڪري سگهجي ٿو. سندس سرائڪي ڪافي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
“زاري، زاري، يار زاري، نال تيڏي لک واري،
- نال تساڏي ميڏي آهي، ياري، ياري يار ياري،
- محبت تيڏي دَي مهڻان دي، ماري، ماري يار ماري،
- هي تساڏي، ڳچي اساڏي، ڳاري ڳاري يار ڳاري،
- ڳالهه “سچل” دِي هَٿِ تُساڏي، ساري ساري يار ساري”
چين راءِ سامي (1743ع – 1850ع)
ڀائي چين راءِ لنڊ اصل شڪارپور جو هو. جواني ۾ سندس محبت بهاولپور جي هڪ سنت سوامي مينگھراج سان ٿي ويئي، جنهن هن کي ويدانيت جي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو. پنهنجي گروءِ کان ايڏو ته متاثر ٿيو، جو پنهنجي شاعريءَ ۾ سندس نالو يعني “سامي” پنهنجو تخلص ڪري استعمال ڪيائين.
سندس شاعري اعليٰ پائي جي آهي، جيڪا بيتن جي صورت ۾ آهي ۽ “ساميءَ جا سلوڪ” جي نالي سان مشهور آهي.
پاڻ انسان ذات کي حقيقي عشق ۾ غرق ٿيڻ لاءِ تلقين ڪئي اٿس ۽ غرور ۽ هٺ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چوي ٿو:
“ڀانئڻ ڀڃي ڇڏ، متان ڄاڻ وجهئي ڄار ۾.
آهيون اسين جن جا، تنئين وٽون اڏ،
پاڻ تنين سان گڏ، نينهن جن جو ناهه سان.“
انا ۽ هٺ، انسان جا وڏا دشمن آهن. اِهي محبوب حقيقي تائين پهچڻ لاءِ انسان لاءِ سوين مشڪلاتون ۽ رنڊڪون پيدا ڪندا آهن. تنهنڪري سالڪ کي سڀ کان پهرين انهن شين تي ڪاري ضرب هڻي، انهن کي ڀورا ڀورا ڪري، پنهنجي من مان ڪڍڻو آهي ۽ پوءِ انهن جي جڳھه تي محبت رکي، پرين جي پچار ڪرڻ سان ئي پرين ملي سگهي ٿو. سامي فرمائي ٿو:
“جنين هٺ هاريو، تنين جيتيو جڳ،
نرمل ڀاءُ ڀڳت سان، سڀ جو چت ٺاريو،
گهٽ گهٽ نهاريو، سامي سپرين کي.“
جيئن شاهه سائين پنهنجي ڪلام کي آيتون ڪري ڪوٺيو آهي، تيئن “سامي” وري پنهنجي ڪلام کي ويد سڏيو آهي. فرمائي ٿو:
“ويدن جا ويچار، سنڌي منجھه سڻايم.“
پر ٻين صوفي بزرگن وانگر هِن به پرين تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علمن کي ناقص ڪوٺيو آهي ۽ چوي ٿو ته جيسين من ۾ محبت نه آهي تيسين ويد پڙهڻ ۽ عبادتون ڪرڻ بي ڪار آهي. فرمائي ٿو:
“نينهن بنا نادان، ويد پڙهي واري ٿيا،
ٻانڀڻ ڪن ٻيائيءَ سان، جٺ، تپ دان، اشنان،
نيهي نارائڻ ريَ، ٻي سڌ رکن ڪانه،
رهن منجھه جهان، نر پک نيارا نڀ جان.“
محبت ۾ سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ ئي محبت جو معراج آهي. جيڪي سر جو سانگو رکن، انهن کي عاشق چورائڻ جو حق نه آهي. سامي چوي ٿو:
“عاشق سي چئجن، جي سوري سهن سر تي،
- پنهنجي هٿين پنهنجي، لاهي کل ڏين،
- جيئڻ ۽ مرڻ جو، سنسو شوق نه ڪن،
- سدا غرق رهن، سامي ساز سروپ ۾.“
خليفو نبي بخش لغاري
نبي بخش لغاري سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ جو بلند پائي جو شاعر هو. پير صاحب پاڳاري جو خاص مريد هو، تنهنڪري کيس خليفو ڪري سڏيندا هئا.
سندس ڪلام ۾ تصوف سان گڏوگڏ حسن ۽ عشق جي به چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي. ان کان علاوه خليفي صاحب اعليٰ درجي جي مزاحمتي شاعري ڪئي آهي، جيڪا “ڪيڏارو” جي نالي سان مشهور آهي. جنهن ۾ هن کرڙيءَ واريءَ جنگ جو ذڪر ڏاڍي پرجوش انداز ۾ ڪيو آهي.
کرڙيءَ جي جنگ ميرن ۽ شاهه شجاع جي درميان 1834ع ۾ لڳي هئي. شاهه شجاع کي خبردار ڪندي خليفو چوي ٿو:
“شجاع وَيهه مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجهرا،
هتي راوت رند، وطن قلعي ڪوڏيا”
سنڌ جي بهادريءَ ۽ شجاعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
“ڪونڌر، قلعي جا ڪوڏيا، نونڌ نچندا پس،
ڇڏي تن ترس، پلٽيو شاه پٺاڻ تي.“
سنڌي بهادر جي ثابت قدميءَ جو احوال ڏيندي چوي ٿو:
”مٿي آرڻ اڄ، ڪونڌر ڪڏندي آئيا،
پڙ ۾ پهلوانن کي، لُڏڻ ڏي نه لڄ،
ڀينٽيو وڃن ڀڄ، سائر ٿين سامهان.“
صوفي دلپت
هي بزرگ اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو، جتان پوءِ لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو. ڪجھه وقت ميرن جي درٻار ۾ نوڪري به ڪيائين. صوفي دلپت سنڌي ۽ سرائڪيءَ کان علاوه فارسيءَ ۾ به شاعري ڪئي. موضوع جي لحاظ کان ويدانيت سان گڏ حسن ۽ عشق تي به شاعري ڪئي اٿس. نموني طور سندس هڪ ڪافي هيٺ ڏجي ٿي:
”ڇونه پسندا، سي پرين، جي عشق جي کوري کتا،
عاشقن جي جان تي، خوني خنجر چشمن کتا،
بي خمر مخمور ٿيا، مشتاق محبت ۾ متا،
فنا فاني جي ٿيا، دلپت دلبر جي مٿان…“
حَمل فقير لغاري (1810ع – 1878ع)
هي ٽالپرن جي آخري دؤر ۽ انگريزن جي اوائلي دؤر جو هڪ مقبول عام صوفي شاعر هو. هِن سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ بيت چيا، جيڪي معنيٰ توڙي فن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جا آهن. پاڻ مجازي شاعري به ڪئي اٿن. ان سان گڏ پاڻ هڪ فطرت نگار پڻ هئا.
عشق جڏهن انسان کي آڪيڙ ڏيندو آهي، تڏهن تن تڙپڻ لڳندو آهي. انسان صبر جو دامن هٿان ڇڏي ڏيندو آهي ۽ وتندو آهي جھر جھنگ ۾ ورلاپ ڪندو.
حمل هِن حقيقت تان هيئن ٿو پردو کڻي:
”سِڪ مڙيئي سور، سور به سرجيا سڪ مؤن،
صبر سڪ وڃايو، ماٺ نه اچي مور
حمل هِيءُ ڪلور، جو ساجن سُڻي ڪينڪي.“
محبوب کان سواءِ انسان کي پنهنجو وجود بلڪل بي سُود لڳندو آهي. بيچيني ۽ بي قراري ايتري وڌي ويندي آهي، جو پکي پکڻ کي منٿون ڪري پنهنجي پرينءَ ڏي پيو پيغام موڪليندو آهي. حمل چوي ٿو:
“وڃ سگهو جان واءَ، ڪانگل چئج قريب کي،
تو ري هاڻ حمل چوي، جيئڻ مون نه جڳاءِ،
اچي وري هنڌ وساءِ، تو ري سر سڃا ٿيا.“
“سڪندي ٿيڙم سال، تو سڪ نه لاٿي سپرين،
اٺ ئي پهر اندر ۾، آ تنهنجي سڪ سنڀال،
اچين هوند حمل چئي، ڪري ڀلايون ڀال،
ته ملڪ مڏيون سڀ مال، سِر سُوڌو صدقي ڪيان.“
معاشرتي حالتن جو ذڪر ڪندي مارئي جي واتان چورائي ٿو:
“عمر اباڻي پار ڏي، لس ٻڌيون لويون،
آڻن پريين پنڌ تؤن، آب ڀري اويون،
ڪرن قوت ڪماهڪون، ساڳ سنگر سوَيون،
پانڌ پُسيءَ پويون، پائن هار حمل چوي.“
حمل چوي ٿو ته اسان محبت وارا ماڻهو پنهنجي پرين لاءِ مال ملڪيت ۽ سر قربان ڪرڻ کان علاوه مهڻا ۽ طعنه به سهون ٿا ۽ پرين جي ڪري لوڪ جي پرواه ڪرڻي پوي ٿي:
ڪاڻ ڪَنين جي ڪاڻ، آءٌ ڪاڻون ڪڍان ڪِن جون
نه ته ڪير ڪاڻون، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻَ!
اسين پاڻ اُتامرا، ڪنهن جي ڪڍون نه ڪاڻَ!
پر حمل! سُرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻُون ڪڍون ڪن جون.
هن دؤر جون نيون صنفون
هن دؤر ۾ به نيون صنفون وجود ۾ آيون، جن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
مرثيو
سنڌ ۾ مرثيي جو مؤجد سيد ثابت علي شاهه آهي. هن مرثيي کان علاوه ٻي به ڪافي مذهبي شاعري ڪئي آهي. غزل به چيا اٿس ۽ هجو گوئي پڻ ڪئي اٿس، ليڪن سندس اهم موضوع مرثيو هو. سندس مرثيي جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“ڪربلا جي قتل جي، ڪر ڪا خبر اي آسمان،
ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا، شاهن جا سر اي آسمان،
مرتضيٰ مولا جو هي، سر ساهه ۽ مُنهن نور عين،
فاطمه زهره جا هي، جان و جگر اي آسمان.“
گھڙولي
هي صنف سچل سرمست جي ايجاد ٿيل آهي. هن ۾ هر بند کان پوءِ وراڻي ايندي آهي. جنهن ۾ عورت پنهنجي محبت جي اظهار طور سندس چاڪري ڪندي چوي ٿي ته، “مان تنهنجي گهڙولي ڀرڻ ٿي وڃان” جا لفظ ٿا اچن.
- پير پران حضرت ميران، نام ڳڌي جنهن ٽٽن زنجيران
مئن ڪامل مرشد ڪردي هاں _ سهڻي يار دي گهڙولي ڀردي هاں.
- نوح نبي دي ٻيڙي آئي _ جنهن وچ حضريت محبوب الاهي
مئن صدق ٻيڙي تي چڙهدي هاں _ سهڻي يار دي گهڙولي ڀردي هاں.
- حسن حسين علي دا ڄايا - بار امت دا سر تي چايا،
مئن ٻانهي شاھ حيدر دي هاں _ سهڻي يار دي گهڙولي ڀردي هاں،
- ڪيتا نور الله دے تجلا، من سارا عشق اُجلا،
همه عشق قمردي هاں _ سهڻي يار دي گهڙولي ڀردي هاں
جھولڻو
جھولڻو به سچل سائينءَ جي ايجاد آهي. هن ۾ بيت ۽ ڪافيءَ واريون ٻئي خوبيون موجود آهن. سچل سائين جي جھولڻي جي هر سٽ جو وزن عام بيت کان ننڍو ۽ هندي بيت جي اڌ جيترو آهي. جڏهن ته جھولڻي جو هر بند لڳ ڀڳ اٺن سٽن جو ٿئي ٿو. سسئيءَ بابت سچل سائين جي جھولڻي ۾ پنجاه بند آهن. پنهنجي جھولڻي ۾ فرمائي ٿو:
”ڪيچين ڪڍ لڳي هو ڪهڪي،
پهرين پور ٽڪر سان ٽھڪي،
ڪامڻ ڪوه ڏسي نا ڏهڪي،
توڙي پير ڦٿس پٻ ڦھڪي،
تان ڀي نار نه بلڪل نهڪي.“
هِجو گوئي
هجو گوئي جو مطلب آهي “ تنقيدي نظم لکڻ” هن صنف جو مؤجد به سيد ثابت علي شاهه آهي. سيد خير شاهه ۽ ٻين به هجويه شاعري ڪئي.
نثر نويسيءَ جي ابتدا
سنڌيءَ ۾ باقاعده نثر نويسيءَ جي شروعات ٽالپرن جي دؤر ۾ ٿي. هن کان اڳ ڪجھه سنڌي فقرا وغيره چيا ويا، جن جو ڪوبه اطمينان بخش ثبوت نه ملي سگھيو آهي.
نثر نويسي جي ابتدا آخوند عزيزالله ڪئي. آخوند صاحب مٽياري جو ميمڻ هو ۽ درس ڏيندوهو. پاڻ قرآن مجيد جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون، جيڪو سنڌيءَ ۾ ابتدائي نثر آهي. هِن کان پوءِ نثر نويسيءَ انگريزن جي دؤر ۾ ڪافي ترقي ڪئي.
هن دؤر جو ادبي ۽ فني جائزو
1. هن دؤر جي سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ عربي جو تمام گهڻو عمل دخل رهيو آهي.
2. غزل تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ ڪيترائي غزل گو شاعر پيدا ٿيا، جن مان مشهور هي آهن: سچل سرمست، مير نصير خان، سيد ثابت علي شاهه وغيره.
3. هِن دؤر ۾ هيٺيون صنفون ايجاد ٿيون:
مرثيو گهڙولي، جھولڻو ۽ هجو گوئي.
4. ٽيهه اکريءَ کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو.
5. مولود جي صنف به ڪافي ترقي ڪئي. مُلا صاحبڏنو، پير محمد اشرف ڪامارائي ۽ فتح فقير مولود جا مشهور شاعر آهن.
6. هِن دؤر ۾ منظوم قصه گوئيءَ باقائده فن جي صورت اختيار ڪئي. حفيظ تيوڻي 'مومل راڻي' جي قصي کي نظم جي صورت ۾ آندو ۽ خليفي عبدالله 'ليليٰ مجنون' جي قصي کي باقائده منظوم ڪيو.
7. الف اشباع جي شاعريءَ ۾ ڪتاب لکيا ويا. خير محمد شاهه، مولوي ولي محمد ۽ پير محمد اشرف هِن طرز جي ڪافي شاعري ڪئي.
8. مدح، مناجات ۽ معجزا به ڪافي چيا ويا.
9. خليفي نبي بخش ۽ ثابت علي شاهه رزميه شاعري ڪئي.
10. علم عروض جي ٻين صنفن، جھڙوڪ: مسدس، مخمس، مثنوي، رباعي ۽ سلام جو به رواج پيو.
11. آخوند عزيز الله قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، سنڌي نثر جي ابتدا ڪئي.
انگريزن 1843ع ۾ ٽالپرن کي مياڻي جي ميدان تي شڪست ڏني ۽ سڄي سنڌ سندن قبضي ۾ اچي وئي. انگريزن جي پاليسي هئي ته عوام سان سڌي رابطي ۾ اچجي. سندن ان پاليسي جي ڪري سنڌي علم ۽ ادب کي به وڌڻ ويجهڻ جا ڪافي موقعا مليا. هن دؤر کي اسان هيٺين حصن ۾ ورهائي، مختصر جائزو وٺون ٿا:
1. صورتخطيءَ جو ٺهڻ
2. سنڌي نثر
3. سنڌي نظم
1. صورتخطيءَ جو ٺھڻ
انگريزن فارسي زبان جي جاءِ تي سنڌيءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو. 1851ع ۽ سَر بارٽل فريئر جيڪو ان وقت سنڌ جو ڪمشنر هو، اهو حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسر لازمي طور سنڌي پڙهن. ان ڪري سنڌي صورتخطيءَ جي تمام گھڻي ضرورت محسوس ڪئي وئي.
سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. جنهن عربي الف _ ب ۾ ٽٻڪن جو اضافو ڪيو ۽ هيٺيان خالص سنڌي اکر ٺهيا:
ٻ، ڀ، ٽ، ٿ، ف، ڳ، ک، ڌ، ڏ، چ، ڃ، ڇ، ڙ، جهه، گهه.
سنڌي الف _ ب لاءِ عربي خطِ نسخ رائج ڪيو ويو. سنڌي صورتخطي ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ادب تمام گھڻي ترقي ڪئي، پر سڀ کان وڌيڪ ترقي سنڌي نثر ڪئي.
2. سنڌي نثر
سنڌي ٻوليءَ ۽ نثر جي شروعات بابت ڪجھه اختلاف آهن، ڪي چون ٿا ته راجا ڏاهر جي لکيل خطن کي سنڌي نثر مڃڻ گهرجي. ٻيا چون ٿا ته شاھ ڪريم ۽ مخدوم نوح جي ملفوظات ۾ آيل فقرن کي سنڌيءَ جو ابتداثي نثر مڃڻ گهرجي. محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي مطابق سنڌي نثر جي شروعات آخوند عزيز الله، قرآن مجيد جو ترجمو ڪري ڪئي. بهرحال سنڌي نثري ادب جي باقائده شروعات انگريزن جي دؤر ۾ صورتخطيءَ ٺهڻ کان پوءِ ٿي. نثر کي موضوع جي لحاظ کان ورهائي. مختصر جائزو وٺون ٿا:
افسانو يا ڪهاڻي
ناول
ڊرامو
متفرقه نثر نويسي
افسانو يا مختصر ڪھاڻي
افسانو نثر جي اها صنف آهي، جيڪا هڪ ئي نشست ۾ ختم ڪري سگھجي.
اهو هڪ ادبي بحث آهي ته سنڌي افسانو سنڌي قصن جي ارتقائي شڪل آهي يا ٻين ٻولين تان ترجمي کانپوءِ ان جي اؤسر ٿي. بهرحال سنڌي افساني يا مختصر ڪهاڻيءَ جي ترقي تڏهن ممڪن ٿي سگهي، جڏهن سنڌي الف _ ب جڙي راس ٿي. 1915ع کان 1940ع جي دوران تمام گهڻا افسانا ترجمو ڪيا ويا. اهي افسانا گهڻو ڪري مقامي ٻولين يعني اردو، هندي ۽ گجراتي وغيره تان ترجمو ٿيل هئا. هن دور ۾ گوبند مالهي، هيرانند عيدناڻي وغيره وارن ترجمي جو صحيح حق ادا ڪيو. ان کان علاوه چيخوف، گورڪيءَ ۽ ٽالسٽاءِ وغيره جهڙن بين الاقوامي اديبن جا افسانا به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. 1940ع کان 1947ع جي دوران آزاديءَ جي موضوع تي افسانا لکيا ويا، جيڪي باغيانه خيالن سان ڀرپور هئا.
ناول
ناول انگريزي زبان جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي “ڪا نئين شيءِ” ناول ۾ هڪ کان وڌيڪ رخن تي لکيل هوندو آهي، جيڪي سماج جي اڪيچار مسئلن ۽ انساني جذبن ۽ خيالن جو عڪس هوندا آهن. سنڌي ناول جي شروعات 1870ع ۾ ترجمي سان ٿي. ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي انگريزي ناول “راسيلاس” جو ترجمو ڪيو. اصلوڪو ناول مرزا قليچ بيگ 1888ع ۾ ”دلارام” جي نالي سان لکي هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏني.
1923ع ۽ 1947ع جي وچ وارو دؤر سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو، جنهن جو اثر ناول تي به پيو. هن دؤر ۾ صاحب سنگهه شاهاڻي جو “بلو کوکر” ۽ عبدالرزاق ميمڻ جو “جهان آرا” ڪافي مشهور ٿيا. ان کان علاوه محمد عثمان ڏيپلائي، سنڌي ادب ۾ گھڻي کان گهڻا ناول به هن ئي دؤر ۾ لکيا. سندن ناولن جو موضوع گهڻو ڪري سماجي ۽ سياسي انقلاب هو. ان کانسواءِ ترجما به ڪافي تعداد ۾ ڪيا ويا.
ڊرامو
“ڊرامي جو مقصد قومي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي.“
سنڌي ڊرامي جي شروعات جناب مرزا قليچ بيگ ڪئي. پاڻ 1880ع ۾ “ليليٰ مجنون” ڊرامون لکيائون. ان کانپوءِ ديوان ڪوڙيمل، ڄيٺا نند، لوڪ سنگھه وارن ڪافي ڊراما لکيا. شروعاتي ڊرامي جو مرڪزي خيال تقدير پرستيءَ تي ٻڌل هو، پر پوءِ اڳتي هلي ڊرامي ۾ حقيقت پسندي ۽ انساني جدوجهد کي به اهميت ڏني وئي. 1984ع ۾ پهريون سنڌي ڊرامو اسٽيج تي ڪراچي ۾ پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون کلي ويون، جن سنڌي ڊرامي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار سٺي نموني سان ادا ڪيو.
اصلوڪن ڊرامن سان گڏ، انگريزي ۽ مقامي ٻولين تان به ڪيترائي شاهڪار ڊراما ترجمو ڪيا ويا.
1922ع ۽ 1947ع جي وچ واري دؤر کي سماجي مسئلن جو دؤر به چئي سگهجي ٿو. خانچند درياڻي، منگهارام ملڪاڻي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد اسماعيل عرساڻي ڪيترائي شاهڪار ڊراما لکيا، جن کي سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اسٽيج تي آڻي داد وصول ڪيو ويو.
مضمون نويسي
مضمون نويسي جو فن يورپ ۾ سورهين صديءَ ۾ شروع ٿيو. اوائلي مضمون نويس يا مضمون نويسي جو بنياد رکڻ وارا “مان ٽيسين” ۽ “بيڪن”هئا.
مضمون ۾ ليکڪ ڪنهن نقطي تي سهڻي نموني سان لکندو آهي، جنهن ۾ سنجيدگي سان گڏ مزاح پڻ ٿي سگهي ٿو. انداز بيان دلڪش ۽ زبان ۾ رواني هجڻ لازمي آهي.
سنڌيءَ ۾ مضمون نويسي جي ابتدا 1860ع ۾ٿي. جڏهن سکر کان اخبار ”تعليم“ نڪتي. ان کانپوءِ ديوان ڪوڙيمل جو طويل مضمون “پڪوپهه” شايع ٿيو.
مرزا قليچ بيگ مرحوم 1877ع ۾ بيڪن جا مضمون ترجمو ڪيا ۽ “مقالات حڪمت“ جي نالي سان شايع ڪرايا. ان کانپوءِ ديوان ڏيارام هيرانند وغيره وارن تمام سٺا مضمون لکيا ۽ ترجمو ڪيا. مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر دائود پوٽو، منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي وغيره هن دؤر جا وڏا مضمون نويس ٿي گذريا آهن.
متفرقه نثر نويسي
سفر نامه
سفر نامن لکڻ جي ابتدا به مرزا قليچ بيگ، لال چند امر ڏني مل ۽ ڀيرو مل آڏواڻيءَ وارن ڪئي.
آتم ڪھاڻي
مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪهاڻي “سائو پن يا ڪارو پنو” لکي، جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي. ٻيون به ڪجھه آتم ڪهاڻيون لکيون ويون، پر اهي سڀ ورهاڱي کان پوءِ ڇپيون.
تنقيد ۽ تحقيق
هن دؤر ۾ تنقيد ۽ تحقيق تي ڪجھه ڪتاب لکيا ويا. تنقيد تي پهريون ڪتاب محمد فاضل شاهه “ميزان الشعر” جي نالي سان 1875ع ۾ لکيو. ان کان علاوه مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙيمل، ديا رام، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر گربخشاڻي وغيره وارا مشهور نقاد ۽ محقق ٿي گذريا.
3. سنڌي نظم
انگريزي دؤر جي شاعريءَ کي عالمن ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.
1. غير عروضي شاعري
2. عروضي شاعري
1. غير عروضي شاعري
هن دؤر ۾ غير عروضي شاعري ڪرڻ وارا گهڻو ڪري صوفي شاعر هئا. جن صوفيانه روايتن کي ئي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. انهن صوفي شاعرن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.
قادر بخش بيدل
قادر بخش هن دؤر جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. فارسي ديوان کان علاوه سنڌي شاعريءَ ۾ به ڪافي ذخيرو اٿس. سندس شاعري سچل سرمست جي زير اثر آهي. پاڻ تقريباً 20 ڪتاب لکيا اٿئون. جن مان ڪجھه نالا هيٺ ڏجن ٿا:
“ديوان منجاه الحقيقت“، “رموزالعارفين”، “وحدت نامه” “سرور نامه”، “ديوان بيدل.“
قادر بخش بيدل حق جي ڳولا ڪرڻ لاءِ ان ئي ديس جو ڏس ڏئي ٿو. جنهن جو ڏس هن کان اڳ ٻيا صوفي شاعر ڏئي چڪا آهن، يعني انسان جي پنهنجي اندر جي ڪائنات، يعني جنهن پنهنجو پاڻ پروڙيو، ان ڄڻ پنهنجو پرين پسيو. بيدل فرمائي ٿو:
“ڳولها ڪرين جنهن جي، سوئي تون سلطان،
پيهي پس تون پاڻ ۾، پنهنجي سونهن سڃاڻ،62
ناحق ٿيو نادان، ليئا وجهين لوڪ ۾.
عشق ۽ عقل ڪڏهن به هڪ جڳهه تي گڏ نه رهي سگهندا آهن. عشق جي تقاضا اها آهي ته محبت جي مچ ۾ اکيون پوري ٽپو ڏيڻو آهي. جيڪڏهن مهراڻ جي موج متل آهي ته ڪڏي ڪاهي پوڻو آهي، پر عقل انسان کي سنڀالي پير کڻڻ جي تلقين ٿو ڪري، پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ ٿو سيکاري، پر جڏهن عشق پنهنجا پر ٿو پکيڙي ته هوش ويچارو هوا ٿيو اڏاميو وڃي. بيدل فرمائي ٿو:
“عقل جو ويو اختيار، عشق انالحق جو دم ماريو.
عشق عقل جي لڳي لڙائي، عشق کٽي جنگ عقل هارائي،
هيڪل هڪ هسوارا، ڪيڏي ڪٽڪ کي بره ڀڄايو.“
قادر بخش بيدل ڪافيءَ جو به لاجواب شاعر هو. بيدل کي به ٻين بزرگن وانگر پهرين مجازي عشق جي چماٽ لڳي، جنهن هن کي حقيقت جي راهه ڏيکاري مجازي محبت ۽ انسان جيڪي ڪجھه ڀوڳي ٿو، ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ “ڪافي” بهترين ذريعو آهي. بره جي باهه جا اُلا ۽ درد جون دانهون ڪرڻ لاءِ “ڪافي” جو قالب نهايت موزون آهي. بيدل پنهنجي دل جي ڪيفيت پنهنجي ڪافيءَ ۾ هينئن ٿو بيان ڪري:
“ڪانگ لنوي مٺي لا ت
محب مسافر ڄاڻ ڪي ايندا.
جيڪس دانهون درد منهنجي جون،
پهتيون اتي پرڀات“
اٿم اميد هيئن نه ڇڏيندا،
درد فراقئون انهيءَ جي مونکي،
حالتون نيو هيهات،
وٽي وصال جي شال ونڊيندا.
“بيدل” بلڪل ٿيءُ نه ماندو،
سنجھه صبح ڪي رات
هو ته اچي تو سان هڪ ٿيندا.“
بيدل جو ڪلام فني توڙي فڪري لحاظ کان تمام گھڻين خوبين سان مالامال آهي. بيدل بيت ۽ ڪافيءَ کان علاوه قصيده ۽ مرثيه به چيا آهن.
محمد حسين بيڪس (1856ع – 1881ع)
هيء نوجوان شاعر قادر بخش جو فرزند هو، جيڪو صرف 25 سال زنده رهيو. سنڌي ۽ سرائڪيءَ کان علاوه هنديءَ ۾ به شاعري ڪيائين. “ڪافي” تمام سٺي انداز سان چئي اٿس. سندس شاعري جو موضوع “محبت“ آهي. محبت جيئن ته نالو ئي آهي سڙڻ ۽ سور سهڻ جو، تنھن ڪري بيڪس به سور پرايو، پر ڪنهن کان؟ بيڪس پاڻ ئي جواب ٿو ڏئي:
“سناسين مان سور، بيڪس پرايو بره جو،
جوش وڌائون جان ۾، وڃي ٿو وهلور،
ڪو جو پرايم پور، سناسين جي ساٿ مؤن”
مجاز جي مهميز، بيڪس کي بيقرار ڪري ڇڏيو، محبوب جي جدائي برداشت ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. بيڪس پرينءَ جي رُسي وڃڻ تي کانئس پڇي ٿو:
“ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا؟
ڪڏهن موٽي ملندين راڻا؟
ڪاڪ ڪوماڻي،، ويل وهاڻي،
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا،
ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا؟”
بيڪس جڏهن مجاز جو ڏاڪو ٽپي حقيقت جي دنيا ۾ قدم رکيا ته اهو ڪجھه چيائين جيڪو کانئس اڳيان به چئي ويا هئا، يعني مخلوق جي ذري ذري ۾ خالق جو جلوو آهي. فرمائي ٿو:
“بنائي ساز صورت جا، وري تون لڪ لڪائين ٿو،
آئين آدم رکي نالو، ڪيڏو تو ڪيو ڪشالو،
وڄائي درد دمامو، پنهنجا پيارا ڪهائين ٿو”
مصري شاھ (1825ع – 1908ع):
مصري شاهه شاهه عنايت رضوي جي خاندان مان هو. هي به حسن ۽ عشق جو شاعر هو. سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:
“وسري ويا ٻئي جڳ، جڏهن دل جان سان دلبر ڏٺم،
دلبر مهتاب مک محبوب، جو محراب منهن ڏٺم
شيخ قاضي پاڪدامن، اي مشائخ مولوي
“ڪر نصيحت کي ڦٽو، هر جاءِ حاضر حق ڏٺم”
ان کان علاوه هن دؤر جا هيٺيان غير عروضي شاعر ناميارا هئا:
نانڪ يوسف، رمضان ڪنڀر، محمود كٽياڻ، پير اشرف شاهه، عثمان سانگي ۽ سانوڻ خاصخيلي وغيره.
2. عروضي شاعري
سنڌيءَ ۾ عروضي شاعريءَ جي شروعات نور محمد خسته، مرزا تقي ۽ مخدوم عبدالرؤف ڀٽي وارن اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي. عروضي شاعريءَ تي ايراني ماحول جو تمام گهڻو اثر پيو. ايراني تشبيهون ۽ روايتون جيڪي سنڌي ماحول لاءِ بلڪل اوپريون هيون، پوءِ به انهن کي زبردستي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ڪيو ويو. چند عروضي شاعرن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.
آخوند گل محمد هالائي
آخوند صاحب اهو شاعر آهي، جنهن پهريون ديوان مڪمل ڪيو. سندس شاعريءَ جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو.
”پيالا مي سندا ڏي، پر ڪري، محبوب متوالا،
ته مستيءَ ۾ محبت جي، ڪڍون هن هوش کي حالا.“
“ڏسڻ سان تنهنجي اي باغ _ حسن مون کي سرهاٽي گل
تنهنجو مک گل، زنو سنبل، منهنجي دِل جيئن گُلِ لالا.“
آخوند صاحب جي شاعريءَ ۾ مئخاني ۽ گل و چمن جو ذڪر ايراني شاعريءَ تان ورتل آهي، ليڪن هي پهريون عروضي شاعر آهي، جنهن غزل ۾ سنڌي ماحول کي داخل ڪيو.
غلام محمد شاھ گدا
غلام محمد گدا جي شاعريءَ ۾ غزل، قصيدا، مثنويون ۽ قطعا اچي وڃن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ عشقيه رنگ غالب آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ ۾ هو بلڪل بي باڪ ٿي ٿو وڃي. چوي ٿو،
“اسان ڪيو عشق جو اظهار، پنهنجن ۾ پراون ۾،
اسان ڪيو عقل جو انڪار، پنهنجن ۾ پراون ۾.“
پنهنجي محبوب کي پنهنجي احساسات کان آگاه ڪندي التجا ڪري ٿو.
مٺا ڪر مون سان، مٺائي جون ڳالهيون،
رقيبن سان ڪر تون، ڪَڙائي جون ڳالهيون.“
مير عبدالحسين سانگي
هي ٽالپر گهراڻي جي آخري حڪمران مير نصير خان جو پوٽو هو. هي بنگال ۾ انگريز عورت منجهان پيدا ٿيو ۽ 1863ع ۾ وطن واپس آيو.
هن جا سنڌيءَ ۾ ٽي ديوان آهن، جيڪي غزل جي اعليٰ شاعريءَ سان ڀرپور آهن. غزل ۾ جيڪو مقام سانگي رکي ٿو، اهو هن دؤر جي سڀني شاعرن کان مٿانهون آهي. پنهنجي استاد “گدا” وانگر پنهنجي عشق جو حال اورڻ مهل هي صفا بي باڪ ٿيو وڃي. چوي ٿو:
“جنهن مون کي ٿي ڏٺو، چيو تنهن چريو چريو،
پنهنجي پرينءَ ڏي مون جي، ڏٺو ٿي وريو وريو”
“اداڙي آهيون اسين عاشق مزاج،
آهي سِرَ اسان جي تي، وارن جو تاج”
مرزا قليچ بيگ
مرزا قليچ بيگ بنيادي طور نثر نويس هو، پر عروضي شاعري به ڪئي اٿس، زماني جي بي ثباتيءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
“چڱائي ۽ انصاف جي ڪِٿِ به يار،
اڄوڪي زماني ۾ ڪانهي پڇار.
وڏا اڄ ننڍن جا ٿيا زيردست،
سخي سڀ بخيلن اڳيان ٿيا خوار،
ذليلن جي در تي رُلن ٿا شريف،
ٿا منجھه بند _ آزاد ڏسجن هزار.“
ان کان علاوه عروضي شاعريءَ ڪرڻ وارا تمام گھڻا شاعر هئا. جن مان هيٺيان ڪافي مشهور آهن.
مير حسن علي خان، آخوند محمد قاسم “هالائي“، حافظ حامد “ٽکڙائي”، محمد هاشم “مخلص”، حافظ محمد هارون “دلگير” وغيره.
هن دؤر جو ادبي جائزو
1. هِن دؤر جو وڏو ڪارنامو سنڌي صورتخطيءَ جو ٺهڻ آهي.
2. هن دؤر ۾ سنڌي نثري ادب جي باقائده شروعات ٿي.
3. سنڌي افسانو، ناول ۽ ڊرامو پهريون ته ٻين ٻولين تان ترجمو ڪيا ويا، پر طبعزاد پڻ سهڻي نموني ۾ لکيا ويا.
4. مضمون نويسي به سٺي ترقي ڪئي.
5. نثر جي ٻين صنفن جهڙوڪ سفرنامو، آتم ڪهاڻي، تنقيد ۽ تحقيق به سٺي ترقي ڪئي.
6. عروضي شاعريءَ تمام گھڻي انداز ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ گھڻو ڪري ايراني ماحول جي عڪاسي هئي، تنهنڪري اها شاعري صرف پڙهيل لکيل طبقي تائين محدود رهي، عوام جي دلين ۾ گهر ڪري نه سگهي.
7. غزل پنهنجي عروج کي پهتو، غزل جا ديوان وجود ۾ اچي ويا. آخوند گل محمد هالائي، غلام محمد گدا، مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ وغيره وارا هن دؤر جا سٺا غزل گو شاعر هئا.
8. صوفيانه شاعري به سٺي انداز ۾ ٿي. بيدل، بيڪس ۽ مصري شاهه هن دؤر جا وڏا صوفي شاعر هئا.
9. بيت - ارتقائي منزلون طئه ڪري پنهنجي عروج تي پهتو.
10. عشقيه شاعريءَ جي اظهار لاءِ “ڪافي” کي بهترين ذريعو سمجهيو ويو.
امر جليل
امر جليل موجوده دؤر جي افسانه نگارن ۾ هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿو. سندس پڙهندڙن جو حلقو تمام وسيع آهي. سندس ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو فني جائزو حاضر آهي:
موضوع:
امر جليل جي ڪهاڻين جا موضوع سماجي حقيقتن مان کنيل هوندا آهن. مثلاً: بک، بيروزگاري، قوميت، ڏاڍايون مصيبتون نفرتون دشمنيون ۽ ٺڳيون وغيره. اهي موضوع بلڪل عام آهن ۽ تقريباً هر افسانه نگار انهن تي ڪجھه نه ڪجھه لکيو آهي، پر اهي موضوع پراڻا هوندي به پراڻا نٿا لڳن. ڇو ته انهن ۾ امر جليل جو مشاهدو، مطالعو ۽ تجزيو شامل هوندو آهي.
ڪردار نگاري:
امر جليل جا ڪردار عام ماڻهو آهن. اهي انسان کي هر هنڌ گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا، انهن ۾ سادا سودا ماڻهو به آهن ته بدمعاش ۽ پيدا گير به.
انهن ۾ “محبت ۾ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار” ڪردار به آهن، ته نفرت جي باهه ۾ سڙندڙ انسان پڻ.
انهن جي دلين ۾ خوشي، ڏک، درد، حسد، قرباني ۽ ٻيا انيڪ انساني جذبا آهن. امر جليل انهن کي ائين ٿو پيش ڪري جو اسان کي اهي ڪردار جيئرا جاڳندا، اکين جي سامهون ڦرندا نظر ايندا آهن. انهن ۾ ڪا به بناوٽ نه آهي. ڪوبه تصنع نه آهي. “پل صراط” مان هڪ ٽڪرو ملاحظه فرمايو.
“يار گڏهه گاڏيءَ وارا” مون آهستي چيو،
“منهنجي پگهار ذري گهٽ اڍائي روپيا روز آهي
ڇيلا ٻن اڍائي رپين جو لوسڻ روز کائيندا ته
پوءِ مُنهنجا ٻار ڇا کائيندا؟
“ تنهنجا ٻار به لوسڻ کائيندا؟
گڏهه گاڏيءَ واري وراڻيو ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو_”
ٻولي
امر جليل جي افسانن جي ٻولي به عام ماڻهو جي ٻولي آهي. ان ۾ وڏا وڏا ادبي لفظ ۽ مصنوعي جملا بلڪل نه آهن، ٻولي بلڪل سادي ۽ مقامي آهي. سندس ٻوليءَ ۾ وڏي خوبي اها آهي جو اها طنز و مزاح سان ڀرپور آهي. پڙهندي پڙهندي بي اختيار ٽهڪ به نڪريو وڃي ته اکيون ڳوڙهن سان پڻ ڀرجيو وڃن. سندس سليس ٻولي ۽ مزاحيه انداز ۾ لکيل ڪجھه ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.
“سائين مان قد ۾ بندوق کان ننڍو آهيان، مهرباني ڪري مون کي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو” (چرٻٽ ۽ نرس)
“مان ٽنڊي ٺوڙهي مان آيو آهيان، جتي ڪوبه ٺوڙهو نظر نه ايندو آهي. (پل صراط)
“ڪجھه پوڙها، ٺوڙها ۽ سياڻا ماڻهو بيروزگار ۽ بيوقوف نوجوانن کي نوڪريءَ ۾ رکڻ کان اڳ کانئن حساب ڪتاب وٺندا آهن، ان سموري جٺ کي انگريزيءَ ۾ انٽرويو چئبو آهي.“ (عشق ۽ انٽرويو)
رومانيت
سندس ڪهاڻين ۾ اعليٰ درجي جو رومانس آهي. امر جليل ڪهاڻيءَ ۾ رومانس صرف انهيءَ ڪري شامل ڪندو آهي ته جيئن پڙهندڙ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کان گھٻرائجي نه وڃي. نه ته امر جليل بنيادي طرح روماني افسانه نگار نه آهي. سندس روماني افسانن ۾ به چڀندڙ حقيقت جو رنگ هوندو آهي. جنهن ۾ ڪونه ڪو پيغام ضرور هُوندو آهي.
حقيقت پسندي
امر جليل حقيقتن جو متلاشي آهي. هُو پنهنجي وقت جي سچائين ۽ ڪچاين کي پنهنجي پڙهندڙ تائين پهچائڻ گهري ٿو. هُو ماڻهن جي چهرن تان نقاب لاهي، انهن جا اصلي چهرا ڏيکاري ٿو ۽ انهن تي ٺٺول به ڪري ٿو، پر اهي اصل چهرا ايترا ته قبيح هوندا آهن، جو انهن تي کل اچڻ بدران روئڻ ايندو آهي. هيٺيون ٽڪڙو انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪندو:
”ڌنو! اڙي واهھ جي ڳالهه ڪئي اٿئي.
سڏ ڪر ڌني کي”
منشيءَ، ڌني کي سڏ ڪيو. ڌنو هٿ ٻڌي ادب سان رئيس جي سامهون اچي بيٺو.
رئيس چيو. ”ڌنا هن دفعي تون حج تي نه ويندين، تنهنجي بدران مان ويندس”
ڌني کي ڄڻ بڙڇي لڳي. پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويس. آزي ڪندي چياڻين. . .
“سائين پائي پائي ميڙي هن ڏينهن جي سڌ ڪئي هئم.“
“ايندڙ سال کڻي وڃجانءِ!”
“ايندڙ سال حياتي رهي نه رهي. پوءِ بليٽ ۾ کڻي نالو نه به نڪري.“
“خير هن سال حج تي تون نه ويندين، تنهنجي بدران مان ويندس.“
“اهڙو قهر ته نه ڪر سائين.“
“بڪ بڪ بند ڪر.“
“سائين مان ويندس.“
ڌنو روئي پيو، “مان مسڪين آهيان. منهنجي هڪ تمنا ته پوري ٿيڻ ڏيو.“
ڌنو رئيس جي قدمن ۾ ڪري پيو، رئيس پنهنجو پير پري ڪندي چيو. . .
“پري ٿي، نه ته لاهيانءِ نه ڪياڙي واري لپاٽ.“
“لپاٽ هڻ، پر حج تي وڃڻ ڏي،”
“اڙي تون هٺ تان نه لهندين؟ “ رئيس ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو!
“هڻ هن ڪاغذ تي آڱوٺو.“
“سائين مان نه هڻندس،”
“نه هڻندين؟”
“نه سائين!”
“نه هڻندين” رئيس رڙ ڪندي چيو:“اڙي وٺي اچو ڌني جي جوءِ کي ته سٿڻ ۾ ٻلي وجهانس!”
ڌني کان دانهن نڪري وئي. زندگيءَ جي وساريل سڄي نفرت اکين ۾ تري آيس. جدي جو شهر سندس سيني ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. آڱوٺي کي مس لڳائي ڪاغذ تي هنيائين ۽ ڪنڌ جهڪائي اوطاق مان نڪري ويو. ان وقت ڌني جي اکين ۾ لڙڪ نه هئا. . . .
امر جليل هڪ باشعور افسانه نگار آهي. هو سماج جي گندگين کان چڱيءَ طرح واقف هجڻ سان گڏ انسان جي درد ۽ پيڙا جو به ڀرپور احساس رکي ٿو، هُو جيڪي ڏسي ٿو ان کي لکي ٿو، جيڪو محسوس ڪري ٿو اهو اسان کي به محسوس ڪرائي ٿو.
امر جليل جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو، ان وقت کان وٺي هُو مسلسل لکي رهيو آهي. توڙي جو اڄڪلهه رفتار بلڪل گهٽ اٿس ليڪن لکي رهيو آهي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جا درد سيني ۾ ا ٿس، چپن تي دلڪش مسڪراهٽ اٿس اکين ۾ لڙڪ اٿس. . . . پوءِ به هُو اڄ پڻ لکي رهيو آهي.
مرحوم نسيم کرل
جيڪڏهن ڪنهن کي اعليٰ سوسائٽي جي پست قدرن، وڏيرن جي زوال پذير ذهنيت، مٿئين، طبقي جي فضول روايتن ۽ عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۽ رهڻي ڪهڻي جو مشاهدو ڪرڻو هجي ته هُو ”نسيم کرل” کي پڙهي.
نسيم کرل جيئن ته پاڻ مٿئين طبقي سان تعلق رکندو هو، تنهن ڪري هن سندس طبقي کي تمام ويجهڙائي کان ڏٺو ۽ ان سماج ۾ جيڪا گندگي ۽ تعفن آهي. ان کي خوبصورت لفظن جو روپ ڏئي اسان تائين پهچايو.
سندس ٽي مجموعا ڇپيل آهن:
“ڊمي”، “چوٽيهون در”، “شبم شبنم ڪنول ڪنول”
سندس فن جو مختصر تجزيو حاضر خدمت آهي.
پلاٽ: نسيم جي افسانن جو پلاٽ واقعن تي ٻڌل آهي. بقول ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي “هُو ڪنهن نه ڪنهن واقعي کي دلچسپ انداز سان بيان ڪندو ويندو آهي ۽ آخر ۾ ان جو اختتام ائين ڪندو آهي، جو پڙهندڙ حيرت ۾ پئجي ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ سندس افسانن جو اختتام استعجابي يا تحير خيز آهي.“
ٻولي
نسيم جي ٻولي لاجواب آهي. هن ٺيٺ سنڌي رنگ وارو لهجو استعمال ڪيو آهي. افسانو پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ نسيم پاڻ به انهيءَ واقعي جو ڪو حصو هو.
ٽانگي وارن جي ڪچهري، چورن جي ڏي وٺ، پوليس وارن جو انداز وغيره… اهڙي نموني سان پيش ٿو ڪري جهڙوڪر نسيم سندن ساٿي هجي. اهوسندس مشاهدي جو ڪمال آهي.
سندس افساني “پهرين مُراد” مان هڪ ٽڪروهيٺ ڏجي ٿو.
“آهي ته گهر ۾ ٻڌڻ جهڙي، ڪلي تان ڇوڙيئي؟”
“هائو بابا”
”مڙسي ڪئي اٿئي، پر ٻيلي پيرن جو دٻڪو مار، مُنهنجي اک تنهنجي دٻڪي تي ئي کُلي“
“لوڙهي جي ٻاهران بُوٽ ڇنڊيو هوم، اهو دٻڪو ٻڌو هوندءِ”
“ڀلا وئين خير سان لِڪ ۾؟”
“اصل لِڪ ۾، رات جو پنڌ ڪيم، ڏينهن جو ٿم ۾”
“ڀلا واٽ تي پير وڃايئي يا رند وٺيو آئين؟”
“ٻن ٽن جاين تي اهڙيون بلٽيون ڏنيون اٿم، جو ڀاڳيا پاڻ انصاف ڪندا.“
رومانس
سندس ڪيترائي افسانه رومانس سان ڀرپور آهن. جن ۾ ڪردارن جي نفسياتي پهلوئن تي به روشني وڌل آهي. نسيم جو روماني اسلوب، جنسيات سان به ڀرپور آهي. جنسيات بذات خود ڪا بُري شئي نه آهي پر جيڪڏهن افساني ۾ جنسي عُنصر زياده آهي ته پوءِ افساني جو تاثر ختم ٿي ٿو وڃي ۽ پڙهندڙ لذت پرستي ۾ مبتلا ٿيو وڃي.
ڪردار نگاري
نسيم ڪردارن سان پورو پورو انصاف ڪيو آهي. هُن سندن خواهشون، حسر تون، اميدون، نفسياتي ڪشمڪش، انهن جي اندر ۽ ٻاهر ۾ تضاد جي تمام سهڻي نموني سان عڪاسي ڪئي آهي.
سندس ڪهاڻي “پهرين مُراد” تي تبصرو:
“پهرين مُراد” سندس لاجواب ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هن ٻولي، سماجي زندگي ۽ ماحول جو بهترين نقشو چٽيو آهي. پهرين مُراد ۾ ائين آهي ته ”سنجر“ ۽ “عنايت“ پاڻ ۾ پڳ مٽ يار آهن، جيڪي ڪنهن وقت ۾ نامي گرامي چور هئا. سنجر، جڏهن عنايت وٽ مهمان ٿي اچي ٿو ته عنايت وٽ مينهين جو تعداد گهٽ ڏسي چٿرون ڪري ٿو ۽ سندس پُٽ جو مذاق اڏائيندي چوي ٿو. . . . .
“ڀاءُ عنايت، چئبو ته پٽهين به ڪونه ٿيو. . . ”
اهو مهڻو عنايت جي پٽ کي ڏکيو ٿو لڳي ۽ هُو عنايت جي همٿائڻ تي ڪجھه ڏينهن کان پوءِ هڪ مينهن چوري ڪري اچي ٿو. جڏهن ڀاڳيا پير کڻي اچن ٿا ته اهي ڪي ٻيا ڪونه هئا، پر عنايت جا دوست سنجر وارا هئا.
هن ڪهاڻيءَ بابت ڪجھه نقادن جا رايا هيٺ ڏجن ٿا:
ڊاڪٽر شمس الدين عُرساڻي لکي ٿو
” پهرين مراد ۾ عوامي لب و لهجو ۽ بي ساخته عوامي ٻولي ساريءَ ڪهاڻيءَ تي ڇانيل نظر ايندي چورن ۽ ڪاٽڪن جي مخصوص طبقي جي ٻولي، انهن جي بعض مخصوص اصطلاحن کي پڙهي نسيم کرل جي مشاهدي تي واقعي حيرت ٿئي ٿي. سندس مشاهدي ۽ مطالعي کي ڏسي اڪثر انهن تي سندس تجربي جو گمان ٿئي ٿو.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو
“کرل صاحب هن ڪهاڻيءَ ذريعي هڪ طرف سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي هڪ نقطي کي موضوع طور کنيو آهي، ته ٻئي طرف لاشعوري طور سنڌ جي تمدن جي قديم تاريخ جو ورق ورايو آهي. ٻوليءَ جي لحاظ کان هيءَ ڪهاڻي سنڌي ادب جي هڪ نمائنده ڪهاڻي آهي. نج ڳوٺاڻي ٻولي ۽ ان لاءِ ڳوٺاڻي ماحول ۾ ڪم ايندڙ لفظ، محاورا، اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا ڪيم آندا اٿس…. جن ڳوٺاڻي ماحول مشاهدي ۽ منظر کي وڌيڪ دلچسپ بنايو آهي.“
حسين شاهه راشدي لکي ٿو
“نسيم کرل کي قدرت ڳوڙهي مشاهدي جي عجيب ڏات ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي اهڙي سگهه بخشي آهي، جو ڪنهن به ماحول جي ڳالهه ڪندو ته ائين پيو ڀائنبو ته پڙهندڙ پاڻ اُتي موجود آهي. مثال طور ڪچي جي زميندار هجڻ جي حيثيت ۾ سندس واهپو چورن، ڪاٽڪن ۽ پاٿاريدارن سان پوي ٿو، جيڪي ٻيلي ۾ لڪل دوڻين سان وڻج واپار يا لڪ لاءِ گهاٽو ناتو رکندا آهن. انهن جي ٻولي، انهن جي دوستيءَ جا معيار، انهن جا اخلاقي ۽ انساني قدر ۽ انهن جون تشبيهون ٻاهرين دنيا کان بلڪل الڳ ٿين ٿيون. نسيم انهن سڀني ڳالهين جو اونهو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ”پهرين مراد” ڪهاڻي لکي آهي.“
پهرين مراد کان پوءِ “ڪافر” سندس لاجواب ڪهاڻي آهي.
ناول (Novel) انگريزي زبان جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي “نمونو” يا ڪا “نئين شيءِ.“ ناول ادب جي تمام اهم شاخ آهي. هيءَ انساني جذبات جو ترجمان هجڻ سان گڏوگڏ قومي زندگيءَ ۽ حالات جو عڪاس پڻ آهي. انگريزي ادب ۾ ناول کي تمام گھڻي اهميت ڏني وڃي ٿي. ڇو ته مشهور ناولن يورپ ۾ انقلاب لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ اتان جي زندگيءَ کي متاثر ڪيو.
ناول جون فني خوبيون
پلاٽ: ناول جو پلاٽ، ناول ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جو ڍانچو آهي. پلاٽ يا واقعن جو تسلسل ايترو منظم هجڻ گهرجي جو پڙهندڙ پوري توجه سان ناول پڙهندو رهي ۽ دلچسپي جو سلسلو برقرار رهي.
سيرت نگاري: سيرت نگاري يا ڪردار نگاري جا ٻه طريقا آهن. هڪ طريقي ۾ ناول جا ڪردار پنهنجن جذبن جا ترجمان پاڻ هوندا آهن.
ٻي طريقي ۾ ناول نگار هڪ مؤرخ وانگر قلم کڻي ٿو ۽ سڀني ڪردارن جا جذبات پنهنجي زباني ٻڌائڻ سان گڏوگڏ انهن تي تنقيد ۽ رائي زني پڻ ڪندو هلندو آهي.
خاص مقصد: ناول نگار لاءِ اهو ضروري آهي ته ناول ڪنهن خاص مقصد تحت لکي ۽ اهو خاص مقصد اصلاحي هجي ۽ منجھس تعمير اخلاق تي خاص زور ڏنل هجي ۽ انهيءَ سان گڏ تفريحي پهلو به ضروري آهي. نه ته ناول ناڪام ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو.
حقيقت پسندي: ناول جا ڪردار انسان هوندا آهن ۽ اها حقيقت آهي ته انسان ۾ سٺايون به آهن ته خرابيون به، تنهن ڪري ناول نگار حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺي، انهن جي جذبات ۽ عملن جو عڪس پيش ڪري، ڪردارن کان اهڙو ڪم وٺي جيڪو مافوق الفطرت نه هجي، ۽ هن کي عقل تسليم ڪري.
فصاحت ۽ بلاغت: شاعريءَ وانگر ناول ۾ به فصاحت ۽ بلاغت سان گڏ محاورا ۽ اصطلاح ڪتب آندا ويندا آهن.
اخلاقيات: ناول نگار کي اخلاق جي دائري ۾ رهي پوءِ پنهنجي قلم کي جُنبش ڏيڻ گھرجي.
ناول جا قسم
ناول جا هيٺيان مُکيه قسم آهن:
1. واقعاتي ناول
2. ڊرامائي ناول
3. جاسوسي ناول
4. سماجي ناول
5. نفسياتي ناول
6. تاريخي ناول
سنڌي ناول جي تاريخ
اهو هڪ ادبي بحث آهي ته سنڌي ناول نويسي جي ابتدا ترجمي کي سمجهڻ گهرجي يا سنڌي قصن ۽ ڪهاڻين کي. مرحوم محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي چوڻ مطابق ته “سنڌي ناول نويسيءَ جو بنياد سنڌي قصي کي سمجھڻ گھرجي.“
“ڀنڀي زميندار جي ڳالهه”، “سُڌاتورو” ۽ “ڪڌاتورو” قصن کي سنڌي ناول جي ابتدا سمجهڻ گهرجي، پر حقيقت اها آهي ته ناول مغربي صنف آهي، جنهن جو قصه گوئي سان ڪو تعلق نه آهي. سنڌي ناول جي شروعات ترجمن سان ٿي.
سنڌي ناول جو اوائلي دؤر (1870ع کان 1923ع)
هن کي ترجمي جو دؤر به چئي سگهجي ٿو “ديوان اُڌارام” ۽ “ساڌو نول راءِ” گڏجي ڊاڪٽر جانسن جي ناول “راسيلاس” کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ ڪيترائي ناول انگريزيءَ تان ترجمو ٿيا، جن مان ڪجھه مشهور نالا هي آهن. “ساڌو هيرانند” 1891ع ۾ “Talisman” جو ترجمو “طلسم” جي نالي سان ڪيو.
1910ع ۾ “سيرومل ساگرائيءَ” جو طويل ناول “هر دلعزيز” عرف “چندر ڪانتا سنتي” قسطوار ڇپيو. “اسٽار آف منگريلا” جو ترجمو “ستاره منگريلا” جي نالي سان شايع ٿيو.
اوائلي خود ساخته ناول: اصلوڪا سنڌي ناول لکڻ جو شرف پڻ جناب مرزا قليچ بيگ کي حاصل ٿيو. هن 1888ع ۾ پهريون اصلوڪو ناول “دلارام” نالي سان لکيو. سندس ٻيوناول “زينت“ 1895ع ۾ ڇپيو.
قليچ بيگ کان پوءِ لعل چند امرڏني مل به ڪافي اصلوڪا ناول لکيا، جن مان “چوٿ جو چنڊ” ۽ “ڀرم جي ڀلائي” ڪافي مشهور ٿيا.
ڪاڪي ڀيرومل ٽي اصلوڪا ناول لکيا، جيڪي هي آهن:
آندسندريڪا (1910ع)
موهني ٻائي (1911ع)
وريل ۽ نعمت (1915ع)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ 1915ع ۾ “نورجهان” لکيو، جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو.
ان کان علاوه هن دؤر ۾ ٻيا به ڪيترائي ترجما ٿيا ۽ اصلوڪا ناول لکيا ويا. ترجمو ڪندڙن ۾ سرِفهرست مرزا قليچ بيگ رهيو. خوشي رام، موٽو مل گرواڻي ۽ ٻين پڻ ڪافي ترجما ڪيا.
هن دؤر ۾ مختلف قسمن جا ناول لکيا ويا، جن ۾ سماجي ناول، اخلاقي ناول ۽ روماني ناول سرفهرست رهيا، ڪجھه جاسوسي ناول پڻ لکيا ويا.
سنڌي ناول جو ٻيو دؤر(1923ع کان 1947ع)
هي دؤر سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو، جنهن جو اثر ناول نويسيءَ تي پڻ پيو ۽ سياسي ۽ تاريخي ناول لکجڻ لڳا. هن ڏس ۾ ڪراچي جي مشهور رسالن، “سندر ساهتيه”، “رتن” ۽ “آشا ساهت منڊل” ڪافي خدمت سرانجام ڏني. هنن رسالن ۾ اصلوڪن ناولن سان گڏ انگريزي، هندي، اردو ۽ بنگاليءَ تان پڻ ڪافي ناولن جا ترجما ڪري شايع ڪيا ويا.
هن دؤر ۾ صاحب سنگهه شاهاڻي جو ناول “بلو کوکر” (1930ع) ۽ عبدالرزاق ميمڻ جو ناول “جهان آرا” (1931ع) ڪافي مشهور ٿيا. ان کان علاوه مسلم ادبي سوسائٽي (1931ع) ڪافي ناول شايع ڪيا. هيءَ سوسائٽي خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي ڪوششن سان وجود ۾آئي.
1939ع کان محمد عثمان ڏيپلائي باقائده ناولن لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو. پاڻ گهڻو ڪري تاريخي ناول لکيائون، جن ۾ قومي زندگيءَ جو عڪس نمايان آهي. سندس تاريخي ناولن جو تعداد تقريباً هڪ سؤ آهي، جن مان ڪيترائي ضبط ڪيا ويا.
ان کان علاوه پروفيسر رام پنجواڻيءَ به ڪافي اصُلوڪا ناول لکيا، جن ۾ “قيدي” 1943ع ۾ ۽ “چانديءَ جو چڪر” 1944ع ۾چپيا، جن ۾ قومي زندگي ڏيکاريل هئي. نارائڻ داس ڀمڀاڻي جو “مالهڻ” (1942ع) ۽ “غريبن جو ورثو” سٺا ناول آهن.
مجموعي طور هن دؤر ۾ سياسي ۽ تاريخي ناول گهڻا لکيا ويا. جيڪي ان دؤر جي ڪشمڪش ۽ ذهني مانڌاڻ تان پردو كن ٿا.
هن دؤر ۾ ناول ڪافي ترقي ڪري چڪو هو ۽ ڪافي رفتار سان ارتقائي منزلون طئي ڪري رهيو هو ته ورهاڱو ٿي ويو ۽ سنڌي ناول سنڌي ادب جي ٻين صنفن وانگر وري پوئتي پئجي ويو.
ور هاڱي کان پوءِ وارو دؤر (1947 کان 1990 تائين)
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول تمام گهڻو سُست ٿي ويو آهي. جيتري ترقي سنڌي افساني ڪئي آهي. ان کان تمام گهٽ ترقي سنڌي ناول ڪئي آهي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. بهرحال هن دؤر ۾ ڪجھه ڪهاڻيڪارن ناول لکي ڪجھه تجربا ڪيا آهن.
هن دؤر ۾ ڪافي حد تائين ترجما به ٿيا آهن، جن ۾ هيٺيان ناول ڪافي مشهور ٿيا:
عاشي، روح جي ڳولا، تصوير جو خون، آسيه، ماءُ وغيره.
هندستاني سنڌي اديبن ۾ گوبند مالهي، سندري اتم چنداڻي، موهن ڪلپنا ۽ ڪلا پرڪاش سٺا ناول لکيا. سنڌ ۾ طبع زاد ناول نگارن ۾ سراج ميمڻ، آغا سليم، ڊاڪٽر نجم عباسي ۽ ماڻڪ بيحد اهم آهن، جن شاهڪار ناول لکيا. انهن کان علاوه طارق عالم ابڙو ۽ قاضي خادم جي ناولن پڻ مشهوري ماڻي.
1990ع کان پوءِ سنڌي ناول
1990ع کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ناولن جو هڪ چڱو خاصو تعداد مارڪيٽ ۾ آيو، جن مان اڪثريت نون ناول نگارن جي آهي، ليڪن انهن ۾ سينيئر ليکڪ امر جليل جي ناول “نيٺ گونگي ڳالهايو”، غلام نبي مغل جي ناولن “اوڙاهه“، “دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ” اخلاق انصاري جي “اڏوهي” بيحد مقبولي ماڻي.
1990ع کان پوءِ عورت ناول نگارن پڻ پاڻ ملهايو آهي، جن ۾ سرِفهرست ماهتاب محبوب، ج ع منگهاڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڪزبانو سنڌي آهن.
هندستاني سنڌين پڻ هن دور ۾ کوڙ سارا ناول لکيا آهن، جن ۾ رتنا گوديا رولاڪ، ريٽا شهاڻي، ڪلا پرڪاش، گوبند خوشهالاڻي، لال پشپ، موتي لال جوتواڻي ۽ نندلال عيدنداس پرسراماڻي تمام اهم ناول نگار آهن.
انهن کان علاوه سنڌ ۾ ڪيترن سينيئر ۽ نوجوان ليکڪن پڻ ناول تي طبع آزماني ڪئي آهي. جن مان اهم نالا هي آهن: ڊاڪٽر هدايت پريم، فاروق سولنگي، سليم چنا، اڪبر سومرو، امر لغاري، پرويز ابڙو، عزيز ڀنڀرو، گل محمد چنا ۽ مظهر ابڙو.
هن دور جي ناول جا موضوع مختلف رهيا آهن جن ۾ قوم پرستي سرِفهرست رهي آهي ۽ ٻئي نمبر تي رومانيت ڪيترن ئي ناولن جو موضوع رهي آهي. احساسي محرومي ۽ مظلوميت جو احساس پڻ اڪثر ناولن ۾ ملندو. نوجوان ناول نگارن ۾ مشاهدي ۽ مطالعي جي کوٽ سندن لکڻين مان عيان آهي، تنهنڪري کين گهرجي ته هو ڪلاسيڪي توڙي همعصر عالمي ادب جو مطالعو ۽ حسبِ حال سياحت ڪن ته جيئن سنڌي ادب کي سٺا ناول ملي سگهن، ڇو ته مستقبل قريب ناول جي حڪمراني جو دور آهي.
سنڌي ناول نويسيءَ کي مضبوط بنياد فراهم ڪندڙ ڪجھه اديبن ۽ انهن جي ناولن تي تبصرو هيٺ ڏجي ٿو.
سراج الحق ميمڻ
اسان جي ادبي دنيا ۾ سراج هڪ مڃيل ۽ ناليرو ليکڪ آهي. سراج صاحب افسانه نگار دانشور ۽ ماهر لسانيات هئڻ سان گڏ پنجن شاهڪار ناولن کي به جنم ڏنو آهي. جن جا نالا هي آهن:
'پڙاڏو سوئي سڏ'، 'مرڻ مون سين آءُ'، 'منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل'، ' تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول' ۽ 'مُنهنجي دنيا مرگهه ترشنا'.
پهريان ٻه ناول ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم ۽ ڏاڍ واري دؤر ۾ سنڌين جي اڻ وسرندڙ جدوجهد جا شاهڪار عڪس آهن.
ڪجھه عالمن جو خيال آهي ته انهن ناولن جو پلاٽ ڪُجھه غير فطري ۽ ڪردار نگاري ۾ ڪُجھه مصنوعيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسي جي لحاظ کان اهي بي مثال ناول آهن. ناول پڙهندي پڙهندڙ تي عجيب ڪيفيت طاري ٿيو وڃي ۽ پڙهندڙ پنهنجي پاڻ کي پوري طرح ناول جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي.
سندس پويان ٽي ناول موجوده دؤر جي حالتن تي لکيل آهن ۽ ٽئي هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن.
سراج صاحب جا ناول انيڪ خوبين سان ڀَرپُور آهن، پر سندن ڪُجھه خوبين تي تبصرو ڪجي ٿو.
مقصديت
سراج صاحب ادب براءِ ادب جو قائل نه آهي. هُو هڪ واضح مقصد جي تحت قلم کڻي ٿو. مقصديت سندس ناولن تي ايترو ته حاوي آهي، جو ڪٿي ڪٿي اسلوب ۾ جذباتيت به اچي ٿي وڃي ۽ ناول جي فني نقطن کي به مدنظر نٿو رکي، اهو مقصد آهي “سنڌ” هُو سنڌ لاءِ ئي سڀ ڪجھه لکي ٿو. سنڌين جي بهادري، شجاعت ۽ ڏاهپ کان علاوه انهن جا مسئلا، نفسياتي پهلوئن سميت زير بحث آڻي ٿو. هُو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتي تي لکڻ چاهي ٿو. هُو زيادتي ڪندڙن کي نِدي ٿو، پوءِ اهي ڌاريا حڪمران هجن يا پنهنجا وڏيرا. سنڌي مجاهدن جي قرباني جا داستان ڏاڍي پُراثر انداز سان بيان ڪري ٿو.
ان کان علاوه سراج صاحب سنڌي جاگيرداري سماج جي اڏوهي کاڌل قدرن کي به پنهنجي تنقيد جو نشانو بنائي ٿو. هُو هر لحاظ کان سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي برتري چاهي ٿو.
ٻولي
سندس ناولن جي ٻولي روانيءَ توڙي وسعت جي لحاظ کان اعليٰ درجي جي آهي. هُو جيڪو به خيال ٻين تائين پهچائڻ چاهي ٿو، ٻولي سندس ڀرپور ساٿ ڏئي ٿي، سندس ٻولي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي جمالياتي ذوق جي ڀرپور تسڪين به ٿئي ٿي.
جذبات نگاري
سندس سڀني ناولن ۾ جذبات نگاري تمام سهڻي انداز سان ڪيل آهي. پڙهندڙ ائين ٿو محسوس ڪري ته سندس جذبات جي ترجماني ٿي رهي آهي. سراج صاحب ڪردارن جي سوچ، شعور ۽ جذبات کي ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ ۾ ڪمال درجي جو فن رکي ٿو. ڪردارن جي ذهن ۾ ايندڙ سوچون، نفسياتي ڪشمڪش، خوشي، غم درد اميدون ۽ حسرتون وغيره. سهڻي نموني سان پيش ڪيون اٿس.
رومانيت ۽ جماليات
سراج صاحب جي ناولن ۾ روماني عنصر به ڪافي نمايان آهي، بلڪه هڪ لازمي جزو آهي. سندس ڪردار محبت جي خُمار ۾ ٻڏل نظر اچن ٿا. اها محبت کين مقصد ماڻڻ لاءِ نئون اتساهه ۽ جذبو ٿي بخشي. روماني ڪردار نگاري ۾ هو جماليات جي اعليٰ قدرن کي به اڳيان رکي ٿو. هُو جڏهن ڪنهن جي حُسن جو نقشو ٺاهي، تعريف ڪري ٿو ته پڙهندڙ جا سطحي جذبا بلڪل ماٺا رهن ٿا ۽ هُو ڪنهن به قسم جي جنسي ڪشمڪش ۾ مبتلا نه ٿو
ٿئي. پر ٻئي پاسي سندس جمالياتي ذوق جي تسڪين احسن طريقي سان ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر نجم عباسي
ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي سڄاڻ اديب ان ڪري چيو ويو آهي. جو هو ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ سان گڏوگڏ انهن مسئلن جا حل به ٻڌائي ٿو. سندس هيٺيان ناول ڪافي مشهور ٿيا:
”بلنديون“،”تلاش“، ”پيار ڪهاڻي.“
سندس ناولن جو فني جائزو هيٺ ڏجي ٿو.
پلاٽ
سندس ناولن جو پلاٽ طبقاتي سماج جي اردگرد ڦِري ٿو. هُو مغرور ۽ مٿئين طبقي جي ماڻهن جي سوچ ۽ عمل تي ڪاري وار ڪري ٿو. ان سان گڏ هو مظلوم ۽ بيڪس طبقي جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ انهن کي هڪ مثبت سوچ ۽ راهِ عمل به ڏئي ٿو.
“بلنديون” ۾ هُو هارين کي متحد ٿيڻ ۽ پنهنجا حق وٺڻ لاءِ گڏيل جدوجهد جودرس ڏئي ٿو ۽ “تلاش” ۾ وري هڪ مظلوم عورت کي جاگيردارانه سماج مان جند آزاد ڪرائڻ لاءِ تعليم کي ذريعو بڻائڻ جي تلقين ڪري ٿو.
ڪردار نگاري
سندس ناولن جا ڪردار گهڻو ڪري عام ماڻهو آهن، پر اهي عام ماڻهو پنهنجي جدوجهد سبب خاص ماڻهو بڻجي وڃن ٿا. سندس ڪردار گهڻو ڪري پنهنجي عمل ۾ آزادي پسند هوندا آهن، ۽ امن، آزادي ۽ آجپي لاءِ جدوجهد ڪندي نظر ايندا آهن.
مقصديت
ڊاڪٽر صاحب هڪڙي ئي خاص مقصد لاءِ لکيو. اهو مقصد آهي، “شخصي توڙي قومي آزادي”، هُن پرماريت جي خلاف لکيو، هن مذهبي جُنون جي خلاف لکيو، هُن ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ لکيو ۽ هُن غير طبقاتي سماج لاءِ لکيو. مطلب ته سندس لکڻين جو محور سماجي، سياسي ۽ معاشي انقلاب آهي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر نجم عباسي جي فن تي تبصرو ڪندي لکي ٿو:
“نجم عباسي هڪ حقيقت نگار (Realist) وانگر معاشري جي براين تي نگاهه وجهي ٿو ۽ زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن رُخ کي آشڪار ڪري ٿو، ليڪن ان ۾ هن جي طبقاتي نظام خلاف جدوجهد جي سوچ سمايل هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي هر تخليق، فرد سان ٿيندڙ ظلم جي داستان سان ڀريل آهي. سماج جا ٺيڪيدار، شاهوڪار شاهي جا دادلا، جاگيردار ۽ زميندار ڪهڙن حُربن سان غريب عوام کي پيڙهين ٿا. بي انصافين جا قسمين قسمين طريقا، حقيقي واقعن ۽ ڪردارن جي روپ ۾ سندس ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل آهن. هُو رڳو سماجي بُراين کي اگهاڙو ڪونه ٿوڪري، بلڪه انهن تي وار ڪندي به نظر اچي ٿو.“
آغا سليم
آغا صاحب داخليت توڙي خارجيت جي حوالي سان هڪ منفرد اديب آهي. هُو سونهن، سچائي، تهذيب ۽ اعليٰ انساني قدرن جو علمبردار آهي. هُو فن ۽ سونهن جو پرچارڪ آهي ۽ انهن جي ابديت ۾ يقين رکي ٿو. پاڻ هيل تائين هيٺيان چار ناول لکي چڪو آهي:
'اونداهي ڌرتي روشن هٿ'، 'اڻپورو انسان'، 'روشنيءَ جي تلاش' ۽ 'هم اوست'.
سندس ناولن جو فني تجزيو هيٺ ڏجي ٿو:
پلاٽ
سندس ناولن جو پلاٽ ڪنهن خارجي واقعي کان وڌيڪ ڪردارن جي داخلي ڪشمڪش کي ظاهر ڪندو آهي. هو تهذيب جي اعليٰ قدرن کي پنهنجي ناولن جو موضوع بنائي ٿو. نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٽڪراءَ سبب، نيڪي جي وقتي شڪست کي سندس لازوال فتح ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي.
رومانيت
رومانيت آغا صاحب جي نس نس ۾ سمايل آهي. ليڪن اها سستي رومانيت نه آهي، هو لازوال ۽ ابدي محبت جو قائل آهي. هو محبت کي فُن ۽ فنڪار جي ترقي سان گڏ انساني معاشري لاءِ به تمام ضروري قرار ڏي ٿو، هُو ثابت ڪري ٿو ته محبت هڪ آفاقي آدرش آهي. جنهن جي تڪميل سان ئي انساني معاشري جي ارتقا ممڪن آهي.
ٻولي
سندس ناولن جي ٻولي خالص ادبي آهي ۽ پڙهندڙ کي پوري طرح پنهنجي گرفت ۾ وٺي ٿي ڇڏي.
ڪردار نگاري
آغا صاحب جي ناولن جا ڪردار عام ماڻهو هوندي به عام ماڻهو نه آهن. اهي اعليٰ آدرشي انسان آهن. جيڪي اعليٰ انساني قدرن جا رکوالا آهن. سندن پيغام محبت آهي. اَمن آهي، فن آهي ۽ علم آهي. آغا صاحب سماجي مسئلن تي لکڻ کان وڌيڪ انسان جي ازلي مسئلن تي وڌيڪ لکيو آهي.
مقصديت
سندس ناولن جو مقصد سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ کان وڌيڪ تهذيب، ثقافت، سونهن ۽ سچائي جي لازوال سفر کي نمايان ڪرڻ آهي، ان کان علاوه انسان جي اندر ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، انهيءَ تي به خوبصورت انداز سان لکي ٿو. سندس ناول “اونداهي ڌرتي، روشن هٿ” تي مختصر تبصروهيٺ ڏجي ٿو.
اونداهي ڌرتي، روشن هٿ: هي ناول سنڌ جي تاريخ جي مختلف دؤرن مان گذرندڙ سچائي جي سفر جو لازوال داستان آهي. سندس ٻولي، اسلوب، مهذب انداز واقعن جو تسلسل ۽ ڪردارن جي نفسياتي ڪشمڪش پڙهندڙ کي مڪمل طرح سان پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏي ٿي.
موهن جي دڙي کان وٺي، اڄ تائين سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جيڪو سفر طئه ڪيو آهي، آغا صاحب ان کي ڪمال فنڪاري سان ناول جو روپ ڏيئي، اسان کي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب کان پوري ريت آگاهھ ڪيو آهي.
آغا صاحب پنهنجي ڪتاب کي تاريخي دؤرن جي لحاظ کان ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايو آهي، پر انهن سڀني ۾ مرڪزي ڪردار ساڳيا ئي آهن. سارنگ جيڪو سچائي، فن ۽ علم جي علامت آهي، اهو هر دؤر ۾ پنهنجو تاريخي فرض نڀائيندي نظر اچي ٿو.
هن ناول جو پهريون حصو “موهن جي دڙي” واري دؤر جي پس منظر ۾ لکيل آهي. 'سارنگ' هڪ بت تراش آهي. هُو مورتيون ٺاهي ٿو، پر انهن ۾ جان نه آهي. نيٺ هي مها پوڄارڻ جو ناچ ڏسي ٿو ۽ کيس مها پوڄارڻ سان محبت ٿي وڃي ٿي. اها محبت سندس فن کي ڪمال بخشي ٿي ۽ هو هڪ عظيم بُت تراش بڻجي پوي ٿو. مها پُوڄارڻ جنهن جو نالو “سنڌو” آهي. اها به هن جي ڏات سان محبت ڪري ٿي. سنڌو کي سزا ڏيڻ لاءِ مها پوڄاري، سارنگ جون آڱريون ڪپائي ٿو ڇڏي.
ناول جي هن حصي کي پڙهي، پڙهندڙ هيٺيان تاثر ٿو وٺي:
1. فن، محبت کان سواءِ نامڪمل آهي.
2. محبت، مها پوڄارڻ جهڙي مقدس هستيءَ سان به ڪري سگهجي ٿي.
3. محبت ايتري طاقتور شيءِ آهي جو مها پوڄارڻ سڀ ليڪا لتاڙي، لوڪ کان لاپرواهه ٿي سارنگ وٽ هلي ايندي آهي.
4. هميشه وانگر مذهبي پيشوا، محبت تي پابنديون ٿو وجهي ۽ محبت ڪرڻ واري فنڪار جون آڱريون ٿو ڪپي.
5. سنڌ هميشه وانگر، موهن جي دڙي واري دؤر ۾ به سُکي ستابي هئي.
6. سنڌي عوام ان وقت به مذهبي رهنمائن اڳيان بيوس هو وغيره وغيره.
ناول جو ٻيو حصو سومرن جي دؤر جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هن دؤر ۾ به سارنگ فنڪار آهي. هو “سرندو” وڄائي ٿو، پر سندس سُرن ۾ جان نه آهي. ان سان گڏ سارنگ برهمڻ به آهي، ۽ جوڳ به پچائي پيو. سنڌو هن دؤر ۾ وئشيا آهي، پر تنهن هوندي به سارنگ جي دل ۾ جڏهن سنڌو جي محبت جنم وٺي ٿي ته هُو هڪ عظيم فنڪار بنجي پوي ٿو. سنڌو کي هڪ برهمڻ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهر نيڪالي ڏني ٿي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ سارنگ ويراڳ ختم ڪري ٿو ڇڏي. هن دؤر ۾ سارنگ جي مُلاقات بوعليءَ سان ٿئي ٿي، جيڪو عرب سياح آهي، پر سنڌ جي محبت ۾ سنڌي ٿي ٿو وڃي ۽ آخرڪار سنڌ جي لاءِ وڙهي به ٿو. هن دؤر جو خاص تاثر اهو آهي ته محبت هڪ مقدس جذبو آهي. محبت جيڪڏهن هڪ وئشيا سان به ڪجي ته هي دنيا جي عظيم ترين عبادت بڻجيو ٿي پوي، محبت کان سواءِ نڪو فن مڪمل آهي نڪا عبادت.
سنڌ ۽ عربستان جي تهذيبي لاڳاپي کان به واقفيت ملي ٿي. ان کان پوءِ هر دؤر ۾ تقريباً ساڳيا ساڳيا قدر دهرائجن ٿا. يعني سارنگ جيڪو سچائي آهي، پيار آهي، فن آهي، اهو هر دؤر ۾ محبت ۾ شڪست کائي ٿو، پر فنا نٿو ٿئي. سندس آدرش زنده رهن ٿا. ۽ هُو تاريخ جي ٻئي دؤر ۾ وري پنهنجن آدرشن سان زنده ٿيو پوي،
هن ناول تي تبصرو ڪندي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو:
“موهن جي دڙي جي تهذيب کان ورهاڱي ٿيڻ تائين وسيع ڪينواس ۾ هي ناول پکيڙيو ويو آهي. سارنگ، سنڌو ۽ ماڻڪ، بار بار روپ بدلائي هر دؤر ۾ اُڀرن ٿا.
تهذيب جا مختلف موڙ تاريخي واقعاتي بيان بدران پڙهندڙن تائين تاثرات، جذبات ۽ يادگيرين جي ذريعي پهچن ٿا، جيڪو انساني ذهن جي فڪري ۽ جذباتي گهرائي جي تسلسل کي پيش ڪرڻ جو ڪامياب ذريعو آهي.
اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
“سارنگ اهو اِنسان آهي، جيڪو صدين کان پنهنجي سيني تي ڌارين جون ڏاڍايون سهندو پيار ۽ نيڪي جو پرچار ڪندو رهيو آهي. سندس هر باب ۾ بظاهر ناڪامي ٿئي ٿي، ليڪن ظاهري شڪست ۽ فن جي عظمت ۽ تهذيبي عروج جو راز سمايل آهي. هن جي پسپائي وري به انسان جي ڪاميابيءَ ۾ بدلجيو وڃي.“
مضمون نويسي به اسان وٽ انگريزن جي معرفت پهتي. مضمون تي وڌيڪ ڪجھه لکڻ بدران اچو ته پهرين مضمون جي وصفن جو جائزو وٺون.
مشهور مضمون نويس جانسن چوي ٿو:
مضمون انساني اندر جي اڻ هضم ٿيل ۽ بي ترتيب خيالن سان ڀرپور، هڪ مختصر ادبي تحرير آهي، جا ڪنهن خوش مزاج دل مان آزاديءَ سان نڪري نروار ٿئي ٿي.“
سر ايڊمنڊ گاس چوي ٿو:
“مضمون عام طرح سان هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن ۾ مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلوئن تي آسان ۽ سرسري نظر وجهي ٿو ۽ موضوع تي صرف انهيءَ حد تائين بحث ڪري ٿو، جيستائين سندس شخصيت ان موضوع کان متاثر ٿيل هوندي آهي.“
“مضمون، نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا سماجي موضوع تي شخصي يا تاريخي نقطئه نظر کان روشني وڌي وئي هجي ۽ زياده طويل نه هجي.“
مٿين وصفن کي پڙهڻ کان پوءِ مضمون بابت هيٺيان نقطا ذهن ۾ اچن ٿا:
1) مضمون جي طوالت درمياني هئڻ گهرجي.
2) مضمون نثر ۾ هئڻ ضروري آهي.
3) مضمون جو تعلق موضوع جي خارجي رخن سان هجي ته بهتر.
4) مضمون تي پابندي انهيءَ حد تائين هجي، جيستائين مضمون نگار جو تعلق آهي يعني سندس شخصيت جوعڪس مضمون ۾ ڏسڻ ۾ اچي.
5) مضمون جي ٻولي عام فهم سادي ۽ سوادي هجي.
مرحوم محمد اسماعيل عرساڻي جيڪو پاڻ به هڪ سٺو مضمون نگار هو، مضمون بابت لکي ٿو: “مضمون نگاري ۽ انفرادي سوچ ۽ فڪر، ڪلام ۽ گفتگو جي انداز ذاتي مشاهدن ۽ تجربن ۽ پنهنجي افتاد طبع جو گهڻو دخل هوندو آهي. مضمون نگاريءَ جو فن رنگين ۽ دلچسپ آهي. جنهن ۾ پڙهندڙ گهڻو ڪري لطف اندوز ٿيندو آهي. زبان جي نزاڪت ۽ صحت جي مشق پڻ هن صنف مان ئي ٿيندي آهي. مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو آهي ته ڪٿي وري پنهنجا ذاتي خيال ۽ تجربا بيان ڪندو آهي. ڪٿي ڪو لطيفو پيش ڪندو آهي ته ڪڏهن تخيلات ۽ منظر نگاريءَ جي واديءَ ۾ گم ٿيندو آهي. ڪڏهن اخلاقي سبب ٻڌائيندو آهي ۽ ڪڏهن طنز و مزاح ڪندي وڃي مٿي چڙهندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه ٺاهيندو ويندو آهي، پر اهو سڀ ڪجھه اهڙي ته لطيف پيرايي ۾ هوندو آهي، جو پڙهندڙ ان کي پڙهندي ذهني سُرورمحسوس ڪندو آهي.“
سنڌي مضمون نگاريءَ جي تاريخ
اسان جي شاعري جون صنفون گھڻو ڪري برصغير جي ٻولين ۽ شاعرن کان متاثر رهيون آهن، پر ان جي ابتڙ اسان جي نثر جون تقريباً سڀ صنفون يورپ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ادب کان متاثر رهيون آهن.
سنڌي مضمون نويسي جي تاريخ کي ٽن دؤرن ۾ ورهائي ان جو جائزو ورتو وڃي ٿو:
پهريون دؤر (1861ع کان 1900ع)
سنڌي ۾ مضمون نويسي جي ابتدا سنڌي صحافت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي. پهرين سنڌي اخبار مرزا محمد صادق 1861ع ۾ جاري ڪئي. ان کان پوءِ ٻيون به ڪجھه سنڌي اخبارون نڪتيون. جن ۾ هر قسم جا مضمون لکيا ويندا هئا. “سرسوتي مخزن” جا ڪجھه مضمون ڪٺا ڪري “هيري جون ڪڻيون” جي نالي سان ڇپايا ويا. ان کان علاوه “جوت “ اخبار جا مضمون “گل ڦل” جي نالي سان ڇپايا ويا.
سنڌي ٻوليءَ جي اڻٿڪ عالم مرزا قليچ بيگ هن صنف تي به پنهنجي قلم کي ڀرپور نموني سان استعمال ڪيو. هن ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکڻ سان گڏ لارڊ بيڪن جي مضمونن جي مجموعي (Becon’s Essays) کي “مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. مرزا صاحب اهڙي ته سليس انداز سان ترجمو ڪيو، جو پڙهڻ کان پوءِ اهو لڳي ئي ڪونه ٿو ته اهي مضمون ڪي ترجمو ڪيل آهن. هن دؤر جي مضمون جو موضوع گهڻو ڪري اخلاقي، سماجي. تعليمي ۽ معلوماتي آهي.
ٻيو دؤر (1900ع کان 1947ع)
سال 1900ع ڌاري ڪافي سنڌي اخبارون ۽ رسالا شايع ٿيڻ لڳا. جن ۾ هر قسم جا مضمون ڇپجڻ لڳا. هن دؤر جا ناميارا صحافي سٺا مضمون نگار پڻ هئا. انهن ۾ شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، محمد هاشم 'مخلص' ۽ مولانا دين محمد وفائي سرفهرست آهن. شمس الدين جا مضمون پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا. سندس انداز طنز و مزاح وارو آهي ۽ ٻولي وڻندڙ آهي. سندس مضمونن جو موضوع نئين تهذيب ۽ تمدن جي خرابين تي ٻڌل هو.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هن دؤر جو بهترين اديب ٿي گُذريو آهي. سندس مضمونن جو موضوع گهڻو ڪري تاريخ، مذهب ۽ سياست هوندو هو. ان کان سواءِ ڄيٺمل به هن دؤر جو سٺو مضمون نگار هو. سندس لکڻ جو انداز تمام وڻندڙ هو.
هن دؤر ۾ هن صنف ڪافي ترقي ڪئي. هر قسم جا مضمون لکيا ويا، جن ۾ سنجيده ۽ فلسفيانه قسم جا مضمون به هئا، ته ظرافت ۽ طنز و مزاح سان ڀرپور مضمون پڻ. مضمون نگاري جي ترقي سنڌي ٻولي ۽ لغت لاءِ انتهائي خوشگوار ثابت ٿي.
ھِن دؤر ۾ هيٺيان مضمونن جا مجموعا شايع ٿيا:
1. چڻنگون تيرٿ وسنت
2. ادبي غنچو نارائڻ داس ڀمڀاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي
3. ادبي آئينو ليکراج عزيز
4. ڳوٺاڻي چهر ۽ اناردانه نارائڻ داس ملڪاڻي
5. سدا گلاب لال چند امر ڏنومل
6. درسِ عمل عثمان علي انصاري
انهن کان علاوه منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، الله بچايو سمون ۽ محمد اسماعيل عرساڻي پڻ سٺا مضمون نگار هئا.
ٽيون دؤر (ورهاڱي کان اڄ تائين)
هن دؤر جي شروعات به سنڌي نثر جي ٻين صنفن وانگر خوشگوار ثابت نه ٿي. سنڌي جيڪي هندستان لڏي ويا. اهي ناميارن اديبن ۽ شاعرن سان گڏ، سنڌي پريسن ۽ اخبارن جا مالڪ به هئا، انهن جي وڃڻ سبب هڪ وڏو خال ٿي پيو. وري انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ حالتون به بلڪل سازگار نه ٿي سگھيون.
ورهاڱي کان ترت پوءِ جيڪا بي سرو ساماني پيدا ٿي، جنهن کي سياسي ڪشمڪش ۽ معاشي بدحالي ويتر وڌائي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو زندگي جي ٻين شعبن سان گڏ سنڌي ادب به تمام گهڻو متاثر ٿيو.
مضمون نگاريءَ جي بقا جا آثار تڏهن پيدا ٿيا، جڏهن ڪجھه رسالا نڪرڻ لڳا ۽ انهن ۾ چڱيرڙا مضمون به ڇپجڻ لڳا. شروع ۾ ”نئين زندگي” ۽ “مهراڻ” رسالا نڪتا، جن مضمون نگاريءَ جي فن کي ڪافي اڳتي وڌايو. ان کان پوءِ آهستي آهستي ٻيا رسالا ۽ اخبارون نڪرڻ لڳيون جن ۾ باقاعدگيءَ سان مضمون لکجڻ لڳا.
هِن دؤر جي شروعات ۾ محمد اسماعيل عرساڻي، ڪريم ڏنو راڄپر ۽ عطا حسين موسوي بهترين مضمون نگار هئا، پر عطا حسين موسوي کي سڀني کان وڌيڪ ساراهيو ويندو هو، ڇو ته سندس مضمون ڏاڍا دلچسپ ۽ طنز و مزاح سان ڀرپور هئا.
تاريخي مضمونن ۾ پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو نالو سرفهرست آهي. هي پاڻ به تاريخ جو پروفيسر هو ۽ تاريخي حقيقت کي ڪمال فنڪاريءَ سان مضمون جو روپ ڏيندو هو.
ان کان پوءِ علي محمد راشدي، حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جي - ايم سيد، شمس الدين عرساڻي، محمد ابراهيم جويو، حيدر علي لغاري، انعام شيخ ۽ جامي چانڊيو ڪافي مضمون لکيا آهن. لطيف شناسيءَ جي حوالي سان مضمون نگاري ۾ حيدر علي لغاري جو نالو سرِفهرست آهي.
غزل سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم صنف آهي ڇو ته هن جو تعلق انسان جي لطيف جذبن سان آهي. اڄڪلهه غزل ايترو مقبول ٿي ويو آهي جو تقريباً سنڌي شاعريءَ جي اهم صنفن يعني “بيت“ ۽ “ڪافي” سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺو آهي.
وصف
غزل جي تعريف ڪندي علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو:
“غزل اصل ۾ عربي زبان مان نڪتو آهي ۽ سندس معنيٰ آهي “ تغزل” يعني “سهڻن سان محبت جون ڳالهيون ڪرڻ“. پر هڪڙو ٻيو لفظ آهي، جنهن ۾ تلفظ به تقريباً ساڳيو آهي، اهو آهي “غزالا” جنهن جي معنيٰ آهي ڪتڻ يا وٽڻ (ڌاڳي کي وٽڻ يا ڪتڻ) مون کي پڪ آهي ته ”تغزل” جو لفظ اصل ۾ “غزالا” لفظ مان ورتو ويو آهي. ڌاڳو ڪتڻ يا نوڙي وٽڻ واري معنيٰ ان پوءِ اختيار ڪئي آهي. هڪ ٻيو لفظ “غزال” آهي، جنهن جو اُچار يورپ وارا “غزيل” ڪندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي “غزل” ان لفظ مان نڪتو آهي، پر جيڪڏهن ان مان نڪتو آهي (يقيناً ان مان نه نڪتو آهي) تنهن هوندي به هرڻيءَ (غزالا) جي اُڇانگ ۽ غزل گو شاعرن جي خيالن جي پرواز ۾ ڪافي مناسبت آهي.“
غزل جون فني خوبيون
1) غزل ڪيترن ئي شعرن جو مجموعو آهي.
2) هر شعر پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل مضمون رکي ٿو.
3) غزل جي پهرئين شعر جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيو ساڳيو هوندو آهي. پهرئين شعر کي “مطلع” چيو ويندو آهي.
4) غزل جي باقي شعرن ۾ فقط ٻئي مصرع ۾ قافيوايندو آهي.
5) آخري شعر ۾ شاعر جو تخلص هوندو، جنهن کي “مقطع” چيو ويندو آهي.
6) غزل ۾ وحدتِ تاثر تمام اهم آهي.
غزل جون خاصيتون
جيئن ته غزل جي لغوي معنيٰ آهي “عورت سان محبت جي گفتگو ڪرڻ” تنهن ڪري غزل جون خاصيتون به هن ئي موضوع مطابق هئڻ گهرجن. ماهرن جي راءِ مطابق هڪ سُٺي غزل ۾ هيٺيون خاصيتون هُجڻ گهُرجن.
1) غزل کي حُسن ۽ عشق جي واردا تن ۽ محبوبن جي ناز ۽ نخرن سان سينگاريل هُجڻ گهرجي.
2) جيئن ته گفتگو “صنفِ نازڪ” سان ڪئي وڃي ٿي، تنهن ڪري ٻولي نرم ۽ شيرين، اندازِ بيان دلڪش هجڻ گهرجي.
3) غزل کي اعليٰ فني روايتن جو پاسبان هجڻ گهرجي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي هلڪڙائپ نه هجڻ گھرجي.
4) غزل ۾ نهٺائي ۽ انڪساري هئڻ گهرجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو غرور ۽ تڪبر نه هئڻ گهرجي، ڇو ته “محبوب” غرور کي سخت ناپسند ڪندا آهن.
5) ٻولي عام فهم استعمال ڪئي وڃي ته جيئن ان ۾ مٺاس پيدا ٿئي. هروڀرو ڳاٽي ڀڳا لفظ استعمال ڪري غزل کي بگاڙڻ نه گهرجي.
غزل جا موضوع
غزل جو بنيادي موضوع صرف هڪ ئي آهي ۽ اهو آهي “حسن ۽ عشق” پر حُسن و عشق کان علاوه غزل ۾ ٻين ڪيترن ئي موضوعن کي به آندو ويو آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو:
“اها ڳالهه درست آهي ته غزل “حُسن ۽ عشق” جي معاملن جي تصوير ڪشي سهڻي ۽ وڻندڙ نموني ڪئي آهي ۽ عشق جي هر ڳالهه کي ذري پرزي بيان ڪيو آهي ۽ ان جي سمورين ڪيفيتن کي کولي بيان ڪيو آهي. پر ان ۾ عشق جي موضوعن سان گڏ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو احساس ۽ اُنهن جي ترجماني به آهي، ان ۾ فلسفي جي اونهائي به آهي ۽ پنهنجي سماج ۽ معاشري جو عڪس به آهي. غزل ۾ تصوف ۽ طريقت جا راز ۽ اسرار نهايت دلنشين انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن ۽ اخلاق جا سبق سهڻي نموني سيکاريا ويا آهن” قادري صاحب جي بيان جي روشنيءَ ۾ سنڌي غزل جي مختلف موضوعن جو مختصر جائزو وٺجي ٿو.
حُسن ۽ عشق
حُسن، انساني زندگيءَ جو هڪ بنيادي قدر آهي ۽ هر انسان حسن ڏانهن بي اختيار ڪشش محسوس ڪري ٿو. حُسن، عشق جو بنياد آهي. بغير حُسن جي عشق نه ٿيندو آهي، ڇو ته عشق آهي ئي حُسن جي پيداوار. “حسن و عشق“ جيئن ته غزل جو بنيادي موضوع آهي، تنهن ڪري هن موضوع تي سڀني شاعرن دل کولي لکيو آهي.
مثلاً:
دل ٿي پچي پرت ۾، تولئي پرين پيارا
آءُ تون اڱڻ منهجي، محبوب جيءَ جيارا
(خليفو گل)
هر گهڙي هر لحظي منهنجو، ورد آهي يار يار
دل گهريا دلبند منهنجا، من گهريا منٺار يار
(سانگي)
رات آئي، وئي تون نه آئين ڪهي
ماڪ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ روئندي رهي
مينهن موٽي ويا، ڏينهن اڀري لٿا
تون نه آئين پرين، وه لڳي ٿي وهي
(شيخ اياز)
تصوف
عشق مجازي، حقيقي عشق جي پهرين چاڙهي آهي. جڏهن انسان مجازي عشق جي چاڙهي چڙهي ٿو ۽ اڳتي وڌي ٿو ته هو حقيقي عشق جو پانڌيئڙو بنجيو پوي، سنڌي غزل ۾ حقيقي عشق يعني تصوف جون رمزون به ڏاڍي شانداز طريقي سان بيان ڪيون ويون آهن:
ڪري هُل ۽ حشر، ڪثرت جي باغ ۾ آيس
اڳي بي رنگ ۽ مخفي هُيس، وحدت جي ويران ۾
(قليچ)
منجهان پاڻ پنهنجو، پرين ڦولهه پس
آهين تون تونهين تون، مَ ڏي ٻهر جهوت
(گل)
اخلاقيات
اخلاقيات کي به سنڌي غزل جو موضوع بڻايو ويو آهي، حالانڪ هي موضوع غزل جي مفهوم سان ٺهڪِي ڪونه ٿو اچي، تنهن هوندي به ڪجھه شاعرن هن تي طبع آزمائي ڪئي آھي، ڇو ته اخلاق ئي ماڻهوءَ کي جانور مان انسان بنائي ٿو:
پنهنجي سائل جي ٿو تڪي منهن کي
ٿي سخيءَ کي سوال جي خواهش
(ليکراج عزيز)
خلق جي خير ۾، مشغول سدا ره تون “قليچ”
من ڪڏهن ڪا ٿئي، مقبول ڪمائي تنهنجي.
(قليچ)
سماجي شعور
شاعر جيئن ته حساس هوندو آهي، تنهن ڪري هن کي معاشري ۾ ڦهليل گندگيءَ جو احساس به عام ماڻهن کان وڌيڪ ٿيندو آهي، ان ڪري شاعرن پنهنجي غزل ۾ سماج جي به عڪاسي ڪئي آهي:
“جن وٽ پورهيو پيار، صداقت، سي ويڳاڻا ڇو،
جن وٽ داڻا، چاڻا، ناڻا، سي سڀ راڻا ڇو!
(استاد بخاري)
اي قوم! ٻڌايا ٿي قصا، ڪلهه توکي مون تقديرن جا
اڄ باغيءَ باغيءَ جي سر تي، ٿو تاج ڏسان تعزيرن جا
(شيخ اياز)
غزل اسان وٽ فارسي جي وسيلي آيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ فارسيءَ جو ايترو ته اثر وڌي ويو، جو سنڌي شاعر پنهنجي ٻولي وساري فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا. ڪلهوڙن جي دؤر ۾، ٽکڙ جي ڪجھه شاعرن فارسي گاڏڙ سنڌيءَ ۾ غزل جي شروعات ڪئي. هتي غزل جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائي مختصر جائزو ورتو وڃي ٿو:
اوائلي دؤر
غزل جو اوائلي دؤر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر تي مشتمل آهي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ نور محمد خسته ۽ مرزا تقيءَ ڪجھه غزل چيا، پر انهن تي فارسيءَ جو تمام گهڻو اثر هو. ٽالپرن جي دؤر ۾ سچل سرمست به ڪُجھه غزل چيا جيڪي مجاز جي مهميز سان ڀرپور هئا.
هن دؤر جي غزل جا ڪُجھه نمونا هيٺ ڏجن ٿا:
تا برا فگندي از رخ تو نقاب
حشر ٿيو آفتاب، لايو ته آب
(نور محمد خسته)
آهي انهن اکين کي، خاصو خمار تنهنجو
ويٺو وٺي مان آهيان، ڪامل قرار تنهنجو
(سچل سرمست)
هن دؤر جا ڪجھه ٻيا غزل جا ناميارا شاعر هيٺيان هئا:
ثابت علي شاهه، مير حسن علي خان ۽ مير نصير خان وغيره.
ٻيو دؤر
غزل جو ٻيو دؤر انگريزن جي دؤر تي مشتمل آهي. هن دؤر ۾ غزل تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ ڪيترائي غزل گو شاعر پيدا ٿيا.
هن دؤر جي غزل جو باني “خليفو گل محمد گل” آهي. هي سنڌي غزل جو پهريون صاحب ديوان شاعر آهي. گل سنڌي غزل کي هڪ نئون موڙ ڏنو. هن فارسي روايتن ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن کي ملائي غزل ۾ هڪ حسين امتزاج پيدا ڪيو. گل جي غزل تي تبصرو ڪندي شيخ عبدالرزاق 'راز' لکي ٿو. “غزل ۾ هن خالص سنڌي قدرن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ غزل ۾ فارسيت جي بجاءِ سنڌيت کي ڪم آندو آهي، سنڌي ماحول، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي مزاج کي غزل ۾ سموئڻ جي هڪ وڏي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اجنبيت ۽ غيريت مٽائڻ جو سعيو ڪيو آهي. هيئت جي اعتبار کان ته غزل فارسي هيئت جي مطابق آهي، پر فڪري ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سندس غزل سنڌيت
جي بلڪل قريب آهن.“
گل پنهنجي غزلن ۾ حُسن و عشق کي مکيه موضوع بڻايو آهي ان سان گڏ فطرت نگاري، فلسفي، تصوف ۽ اخلاقيات کي به پنهنجي غزلن ۾ جاءِ ڏني آهي. سندس غزل جا ڪجھه نمونا هيٺ ڏجن ٿا:
“اندر ۾ عشق جنهنجي جاءِ پنهنجي ٿو وهي جوڙ
وس برسات جيئن دائم، تنين جا نيڻ ٿيا آلا.“
“پيالو مئي سندو ڏي، پُر ڪري محبوب متوالا
ته مستي ۾ محبوب جي، ڪيون هن هوش کي حالا”
“آئي رت سانوڻ سندي، مينهن وسي ڪيا ملار
ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا، سرها ٿيا سانگي سنگهار”
آخوند قاسم هالائي
خليفي گل کان پوءِ هن دؤر جو ٻيو ناميارو شاعر آخوند قاسم هالائي آهي. هي بنيادي طور تي فارسيءَ جو شاعر هو، پر پوءِ هن سنڌي غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ حُسن و عشق سان گڏ اخلاقي پهلو به ڪافي نمايان آهي. سندس غزل جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“جي امانت عشق جي آڻين بجا
حشر ۾ تن تي نه هوندو ڪو عذاب”
“دُور دنيا جي ڌنڌي کان ڌار ٿي
سير رک ره صاف هن سنسار ۾“
خليفي گل ۽ آخوند قاسم کان علاوه هن دؤر جا ٻيا شاعر هي هئا. سيد حيدر شاهه، مصري شاهه، مير حسن علي خان “حسن”، غلام محمد شاهه “گدا” ۽ فضل محمد “ماتم.“
مير عبدالحسين سانگي
هن دؤر جو اهم شاعر آهي، سندس شاعريءَ جا ٻه اهم رجحان آهن، هڪ “عشق” ٻيو “درد.“ سانگيءَ کي ننڍيء عُمر ۾ ئي عشق جي چپيٽ لڳي هئي، تنهن ڪري سندس شاعري حُسن ۽ عشق جي واردا تن سان ڀرپور آهي. هن قسم جي شاعريءَ کي “غم جانان” به چيو وڃي ٿو سانگي چوي ٿو ته:
نه ٻڌو ٿا سوال سانگيءَ جو
اي بُتو، ڇو اهڙا بي حيا ٿيا آهيو
سياسي اُٿل پٿل ڪري سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ خارجيت جو اثر به نمايان ٿيو ۽ سندس شاعري غم دؤران جو به عڪس پيش ڪرڻ لڳي:
“آهي اهڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو
چمن جو سير ڪيوسين ٿي ته مرغان چمن بگڙيا.“
“نه رياست نه امارت نه خلافت آهي
ٿيندا اهڙا به هن ڪي هزهائينس”
مرزا قليچ بيگ
مرزا قليچ بيگ گهڻو ڪري ناصحاڻه شاعري ڪئي آهي ۽ اخلافيات کي پنهنجي غزل جو موضوع بڻايو آهي. پر ان هوندي به سندس غزل ۾ حسن ۽ عشق جو چڱو خاصو ذڪر ملي ٿو:
”ڇو نه تڙڦي سيني ۾ هي دل منهنجي پکيءَ جان
هٿ ۾ ڪمان ان جي ۽ ٿيا تير بغل ۾”
هنن شاعرن کان علاوه مولانا عبدالغفور همايوني، شمس الدين ”بلبل“، آغا غلام نبي، محمد هاشم ”مخلص“، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ علي اصغر شاهه غزل جا چڱا شاعر هئا.
3. ورهاڱي کان اڄ تائين
غزل جو نئون دؤر ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. هن دؤر ۾ ڪجھه شاعرن ته غزل جي روايتي ڍانچي ۽ موضع کي ئي برقرار رکيو پر اڪثر شاعرن غزل ۾ نوان نوان تجربا ڪري غزل کي هڪ نئون دؤر ڏنو آهي. انهن جدت پسند شاعرن جو قائد شيخ اياز آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو ويهين صدي جو وڏي کان وڏو شاعر آهي. هيٺ شيخ اياز جي غزل تي مختصر تبصرو پيش ڪجي ٿو:
شيخ اياز
شيخ اياز جو غزل، غزل جي روايتن سان ڀرپور بغاوت ڪري ٿو. اياز کان اڳ جن شاعرن فارسيءَ جي تقليد ڪندي غزلن جا ڍير ڪري ديوان ڇپايا هئا، اياز پنهنجي قلم جي هڪ ئي جنبش سان انهن سڀني کي بي معنيٰ بنائي ڇڏيو. اهي ديوان رقيب تي لعنت ملامت محبوب جي غمزن، باغ و بستان، نرگس شهلا ۽ لاله صحرا وغيره سان ڀرپور هئا. اياز انهن جي جڳهه تي نيون تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا، نوان قافيا ٺاهيا ۽ ايراني گل و گلزار جي جاءِ تي سنڌ جا واهڻ وسنديون، برپٽ ۽ بيابان استعمال ڪري غزل کي گيڙو ويس بنائي ڇڏيو.
“پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن،
ڀٽائي! ڏسين ٿو، وڄون ٿيون ورن؟”
“ٻنا ٻوڙ وسنديون، ٻڪر ٻوس تي،
گھڻي وقت کان ٿيون گهٽائون گڙن.“
اياز سنڌي غزل کي نج سنڌي ماحول ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي ڏني آهي. سندس غزلن ۾ سنڌيت جي خوشبو اعليٰ درجي جي آهي. سندس هي سٽون ته ڏسو:
“کيت کُورا ٿيا، ڏينهن ڏاڍا تتا
آءُ ڪاري گهٽا، اڄ ته ڇوڙي ڇَتا.“
”هي سَين نه ڏيندي چين، اٿي ڏس! ڪوئي آيو آ پيارا،
هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا.“
شيخ اياز نه صرف ٻوليءَ ۽ ڍانچي جي لحاظ کان بغاوت ڪئي آهي، پر هن موضوع جي لحاظ کان به جدت پيدا ڪئي آهي. غزل ۾ داخليت اهم جز سمجهي ويندي هئي، پر اياز خارجيت کي به تمام گھڻي اهميت ڏني آهي. اياز پنهنجي ڌرتيءَ سان، ڌرتيءَ وارن سان ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان ڪيئي هاڃا ٿيندي اکين سان ڏٺا ۽ پاڻ به گهڻو ڪجھه سٺو. اهو سڀ ڪجھه سندس شاعري جو موضوع بنجي ويو ۽ اياز آواز ڏنو:
”ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اوچي اوچي اوٽ ڏسي
زندان اڏائي وينداسين، زنجير پگهاري وينداسين،
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر هيئن نه مرنداسين او ساٿي
ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين”
اياز وٽ غزل جي روايتي موضوع يعني حسن ۽ عشق به بي پناهه ترقي ڪئي آهي، پنهنجي انتظار جي ڪيفيت هن طرح ٿو بيان ڪري:
“پکي پروڪا اڃان نه آيا، اڪير تن جي هري رهي آ
اداس سر تي هوا اُٺي جي، چئي پئي ڪا اڏار ايندي”
نئين دؤر ۾ استاد بخاري به هڪ سٺو شاعر آهي. سندس شاعري به غزل جي قديم روايتن کان کليل بغاوت آهي. سندس غزلن ۾ حُسن به آهي پر اهو ڌرتي جو حُسن آهي سندس شاعريءَ ۾ عشق به آهي پر اهو مارو ماڻهن سان آهي. سندس غزلن جو گهڻو حصو سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهي. پاڻ چوي ٿو:
“ڦورو ماڻهو: سڀ ڪجھه ڦريو پوءِ به ڦرڻ لئه ڦيرا ڏين.
ڦريل ماڻهو: ٻيو ته ڇڏيو پر ديس ڦرايو ويٺا آهن
رهزن ماڻهو: بگهڙن وانگون ٽوليون ٺاهيو، روڪن راهون
رهبر ماڻهو: هرڻين وانگر نيڻ ٽمايون بيٺا آهن”
سندس غزل همت ۽ بهادريءَ جو به سبق ڏين ٿا. ظالم سان وڙهڻ، حق وٺڻ ۽ عزت سان رهڻ وغيره اهڙا قدر آهن، جيڪي هر غيرت مند قوم ۾ هوندا آهن ۽ اهي ئي قدر سندن بقا جو سبب به هوندا آهن. استاد چوي ٿو:
“هٿين خالي اسين ظالمن سان لڙنداسين، لڙڻ ڏسجو
اميد آهي، يقين آهي ته کٽينداسين، کٽڻ ڏسجو.“
نئين دؤر جي شاعرن ۾ مرحوم تنوير عباسي به اهم حيثيت جو حامل ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته:
“اوهان ته قرآن پڙهو ۽ اسان ڪتاب لکون
اوهان خدا سان، اسان عشق سان نباه ڪريون”
انهن شاعرن کان علاوه جديد دؤر جا ڪجھه ناميارا غزل گو شاعر هي آهن: تاج بلوچ، شمشير الحيدري، ذوالفقار راشدي، عبدالڪريم گدائي، تاج جويو، عبدالڪريم پلي، وفا پلي، آڪاش انصاري، قمر شهباز، ادل سومرو، سائينداد ساند، اياز گل، سرفراز راڄڙ، منصور ملڪ، عابد مظهر، ايوب کوسو، امداد حسيني، وفا ناٿن شاهي، احمد خان مدهوش ارجن حاسد، حليم باغي، اسحاق سميجو، سردار شاهه، علي آڪاش، بخشل باغي، نصير سومرو، سعيد سومرو، جاويد شبير، حاجي ساند، خطائي ٿيٻو، اشرف پلي، وسيم سومرو، نصير مرزا، ساجد سومرو، عامر سيال، وغيره. سنڌي شاعرائن پڻ غزل گوئي ڪئي آهي. ڪجھه نالا هي آهن، ج ع منگهاڻي، سحر امداد، ليلا مامتاڻي، نذير ناز، رخسانه پريت چنڙ، حميرا نور، شبانه سنڌي، گلشن لغاري، روبينه ابڙو وغيره.
مولود نِج سنڌي ٻوليءَ جي صِنف آهي ۽ نعتيه شاعريءَ جي دائري ۾ اچي ٿي. مولود، رسول ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت جو احوال بيان ڪرڻ لاءِ چيا ويندا آهن.
مولود لفظ جي لغوي معنيٰ آهي، نئون ڄاول ٻار، مولود تي روشني وجهندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو “مولود هڪ مخصوص نالو آهي، جو سنڌ وارن ئي کنيو ۽ رائج ڪيو آهي. ڪنهن اهو نالو تجويز ڪيو ۽ ڪڏهن کان اهو نالو راج ٿيو، سو چئي نٿو سگهجي، پر مقصد ۽ مفهوم جي لحاظ کان اهو نالو هڪ انوکي ۽ اصولي حيثيت رکي ٿو. برصغير ۾ اسلام سڀ کان پهرين سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌ وارن جي دلين ۾ نبي ﷺ جي محبت، سڀ کان اول جائيگير ٿي. نبي ڪريم ﷺ جيڪو توحيد جو پيغام آندو، تنهن انسان ذات کي ٻين انسانن، جسمن ۽ وهمن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرايو ۽ انساني برابريءَ جو بنياد رکيو ۽ فقط علم، فڪر ۽ نيڪيءَ ۾ گوءِ کڻندڙ جي بلنديءَ ۽ برتريءَ کي تسليم ڪيو. اهو هڪ نئون نياپو هو، جيڪو نبي ﷺ آندو. سندن ڄائي ۽ آئي علم جي روشنائي هر جاءِ سهائو ڪيو ۽ جَهَل جي اونداهي جو هميشه لاءِ خاتمو شروع ٿيو. اُنهيءَ ڪري نبي ﷺ، جي ولادت ۽ ورود انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ لاءِ هڪ اهم پيش خيمو هئا. نبي ﷺ سان
محبت رکندڙ سنڌ وارن نبي ﷺ جي ولادت کي پنهنجي صفت ۽ ساراهه جو مرڪز ۽ محور قرار ڏئي، سندن شان ۾ چيل شعرن کي مولود سڏيو.“
مولود جي فني جوڙجڪ
مولود جي صنف ڪافي ۽ وائي جي دائري ۾ اچي ٿي. هيئت جي لحاظ کان مولود ۽ وائي ساڳي شئي آهي، پر موضوعي لحاظ کان ٻئي هڪ ٻئي کان مختلف آهن. ڪافي ۽ وائي کي سازن سان ڳايو ويندو آهي، پر مولود الحان سان پڙهيا ويندا آهن. مولود جا ڪجھه نمونا هيٺ ڏجن ٿا.
(1)
منهنجي سيد سار لهندو
مون کي آهي اميد الله ۾
سجدي ۾ پئي سپرين، زاري زور ڪندو
مون کي آهي اميد الله ۾
امت ڪارڻ احمد اچي. پرمل پاڪ پسندو
مون کي آهي اميد الله ۾
(شاهه عنايت رضوي)
(2)
رس مشڪل ويل موچارا نبي
توکي آئون ٿو سنڀاريان سردار نبي
- زي آهون ڪري، تنهنجو غور ڪيم غم خوارا
- معافي ڪيو منهنجا پرين، جيڪي ڏوهه ڪيم ڏاتارا،
- سڻي سڏ عليل جا، آءُ تون سيد سالارا،
- قريشي ڪرم الله کي، ڪيو آجو كئون آزارا.
(خليفو ڪم الله)
(3)
ٻڌي زاريون نماڻي جون، اچي رس يا رسول الله،
پرين سو پاڻ تون ٻاجھون، اچي پس يا رسول الله،
پرين پرتئون پسي توکي، ٿيان سرهو سڄڻ سائين،
وڇوڙي جي لهي دل تان مٺا – ڪس يا رسول الله.
توڙي ڪيو قيد قسمت جي، جدا امروٽ ۾ قابو
هِنيون هردم مديني جو، گهمي گس يا رسول الله.
(مولانا امروٽي)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جي انهن وڏن شاعرن جو سرتاج آهي، جن جي شاعري زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگهي هر دؤر ۾ پنهنجي افاديت برقرار رکندي اچي. شاهه لطيف جي شاعري معنوي توڙي موضوعي لحاظ کان گهڻ پاسائين آهي. هتي سندن شاعري جي چند پهلوئن جو مختصر جائزو ورتو وڃي ٿو.
شاھ لطيف جي صوفيانه شاعري
ڪائنات ڇا آهي؟ هن جي ابتدا ۽ انتها ڇا آهي؟ هن ڪائنات ۾ انسان جي حيثيت ڇا آهي؟ وجود ڇا آهي، ڇا وجود هڪ ئي آهي يا ڪيترائي آهن؟ وغيره وغيره…
اهي اهڙا سوال آهن، جن جي جواب لاءِ انسان صدين کان سرگردان آهي. مذهب فلسفو ۽ سائنس… ٽنهي انهن سوالن جا جواب ڏنا آهن، پر ٽيئي ڪنهن به ڳالهه تي متفق نه آهن.
سائنس چوي ٿي ته هيءَ ڪائنات مادي جي ٺهيل آهي. اهو مادو ڪيئن وجود ۾ آيو، ان جو جواب سائنس وٽ به نه آهي.
مذهب هن ڪائنات جي باري ۾ جيڪي به رايا ٿو ڏئي، انهن کي بغير ثبوت جي ئي مڃڻ لاءِ چوي ٿو. فلسفو هن ڪائنات بابت مختلف رايا ٿو ڏئي ۽ دليل جي وسيلي انهن کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، هاڻي هن ڪائنات متعلق ايترا ته رايا ٿي ويا آهن جو اصل حقيقت کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.
شاهه سائين جي سامهون به اهي مسئلا آيا. سندس دؤر ۾ ڪيترائي بزرگ هئا، جن انهن مسئلن بابت ڪجھه نه ڪجھه فرمايو هو. ان کان علاوه شاهه سائين وٽ “قرآن پاڪ” ۽ “مثنوي مولانا روم” هميشه گڏ هوندا هئا. شاهه سائين بذاتِ خود مطالعو ڪيو ۽ مشاهدو به.
شاهه لطيف ڏٺو ته هن ڪائنات ۾ ڪيترائي وجود آهن، يعني “وجود جي ڪثرت “ آهي. پر سڀ ئي وجود پاڻ ۾ ڳنڍيل به آهن، يعني هنن جي اصليت هڪ ئي آهي.
آخر ۾ شاهه سائين هن نتيجي تي پهتو،
“جملي هستيءَ جو حقيقي بنياد “هستيءَ مطلق” يا “وجود ڪل” آهي.
يعني
“وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل.“
هن ڪائنات ۾ جيڪي ڪجھه آهي اهو هڪڙي ئي ذات جو مظهر آهي ۽ سندس مدار هڪ ئي وجود تي آهي، جيڪو قائم ۽ دائم آهي. اها “هستي مطلق” هن ڪائنات جي هر چيز کي پنهنجي دائره ڪار ۾ رکي ٿي. هن ڪائنات جو وجود بذات خود وجود آهي ئي ڪونه، جيڪڏهن ڪائنات کي به هڪ وجود ڪري مڃجي ته هن جو مطلب اهو ٿيو ته “وجود مطلق” هڪ نه پر ٻه آهن.
لطيف سائين جي خيال ۾ وجود صرف هڪ آهي.
جيڪڏهن وجود صرف هڪ ئي آهي ته پوءِ هيءَ ڪائنات ڇا آهي؟
لطيف سائين هن سوال جو جواب هن ريت ٿو ڏئي!
“پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين
هئا اڳهين گڏ پَر ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
يعني بظاهر هيءَ ڪائنات پڻ ٻيو وجود ڏسڻ ۾ ٿي اچي، پر درحقيقت اها ائين آهي جيئن سڏ جو پڙاڏو. اسان کي سڏ ۽ پڙاڏو ٻه شيون لڳندا آهن، پر اصل ۾ ٻئي هڪ ئي شيءِ آهن ۽ اڳ ۾ ئي گڏ هئا ۽ لازم و ملزوم آهن. نه پڙاڏو سڏ کان جُدا ڪا شيءِ آهي نه سڏ پڙاڏي کان الڳ ڪا چيز آهي.
لطيف سائين جڏهن اندر جي اک سان هن ڪائنات جو مشاهدو ڪيو. ته کيس هر طرف هڪ ئي وجود نظر آيو اهو ڏسي پاڻ چيائين:
سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي مَن وسي
سوئي سو پسي، تنين سندي سوجهري
سو هي سو هو، سو پرين سو پساهه
سو اجل سو الله، سو ويري سو واهرو
ايڪ قصر، در لک، سهسين سندس ڳڙکيون
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون۔
هن ڪائنات ۾ انسان ڇا آهي؟ ڇا هُو صرف هڪ مادي ۽ فاني وجود آهي جيڪو ڪڏهن ختم ٿي ويندو؟
لطيف سائين هن سوال جو جواب هن طرح ڏئي ٿو…
ڏسڻ جي ڏسين، ته همه کي حق چئين
شارڪ شڪ مَ ٿي، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾
يعني انسان جو وجود فاني نه آهي، ڇو ته اهو ته “حق” آهي ۽ حق ڪڏهن به فنا نه ٿيندو آهي. انهيءَ ڳالهه کي صرف اندر جي اکين وارا ئي ڏسي سگهندا. انڌا انهيءَ ڳالهه کي ڪٿي ٿا پروڙي سگهن.
ان “حق مطلق” کي سمجهڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان کي ڪٿي ڳولجي؟ ان سان پنهنجي رشتي جو تعين ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ انهن سوالن جي جواب ۾ ڪن انسانن ظاهري عبادت کي ترجيح ڏني. ڪن “ان” کي جهر جهنگ ۾ ڳولڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي جوڳي ۽ سامي بنايو. ڪن سندس بُت ٺاهي ان جي پُوڄا ڪئي پر لطيف سائينءَ چيو ته، جنهن هستيءَ لاءِ توهان ايترا آتا ۽ ماندا آهيو اها توهان کان الڳ ٿوروئي آهي.
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ
هاڻي وڃ گمان، اسان صحيح سڃاتا سپرين۔
سو پکي، سو پڃرو، سو سَر، سوئي هنج
پهي جان پروڙيو مون پانهن جو منجھه
ڏيل جنهن جو ڏنجهه، سو مارِي ٿو منجھه ڦري.
اها ذات حقيقي جيڪڏهن انسان جي اندر ۾ آهي ته پوءِ ان کي ڳولڻ لاءِ وندر ووڙڻ ۽ وڻڪار وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. لطيف سائين چوي ٿو:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
لڪو ناهي لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو
هن بيت جي آخري سٽ تي جيڪڏهن غور ڪجي ته خبر پوندي ته، “لطيف سائين”، “حق مطلق” کي اسان جو “دوست “ ٿو چوي… يعني اسان جو ۽ سندس رشتو “دوستي” جو آهي. ان دوست يا پرين کي پسڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي پروڙجي. پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ئي حبيب کي هٿ ڪرڻ آهي. لطيف سائين فرمائي ٿو:
“وَفي انفسڪم افلا تبصرون” سوجهي ڪر سهي
ڪڏهن ڪا نه وئي، ڪا هوت ڳولڻ هٽ تي
جيسين تائين انسان حق کي نٿو سڃاڻي، تيسين هو عذاب ۾ مبتلا رهي ٿو. اندر جي اُڃ، پرين کي پسڻ جي بيتابي ۽ سڄڻ جي سڪ انسان کي سُورن ۾ مبتلا ڪريو ڇڏي، اهي سور هڪ لحاظي ۾ لهيو وڃن، پر ڪيئن؟…شاهه سائين فرمائي ٿو:
نڪو ڏونگر ڏيھه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ويا.
جنهن حبيب کي اسان هر هنڌ پيا ڳوليون، جنهن کي پاڻ کان الڳ سمجهي سندس ڳولا ۾ سرگردان آهيون، اهو ته اسان جي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي. سندس وجود ته هر چيز جو احاطو ڪيو بيٺو آهي. شاهه لطيف فرمائي ٿو:
هوت تنهنجي هنج ۾ پُڇين ڪهُه پرياڻُ
“وَنَحن اُقرَب اَلِيهِ مِن حَبل الوَريد” تنهنجو توهين ساڻ
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي.
ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي،
الله بِڪُلّ شَيءٍ مُّحِيطٌ”، اي آرياڻي اهڃاڻ
سڀ ۾ پُنهون پاڻ، ڪينهي ٻئو ٻروچ ري.“
هاڻ جيڪڏهن پرينءَ کي پسڻ لاءِ، پنهنجو پاڻ سڃاڻجي ته ان جو طريقه ڪار ڇا آهي؟
ڪنهن به شيءِ کي سمجهڻ لاءِ اسان پنهنجن پنجن حواسن کي استعمال ڪندا آهيون، پر ڇا پرينءَ کي پسڻ لاءِ به انهن حواسن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو؟… نه بلڪل نه… لطيف سائين فرمائي ٿو:
“اکيون سي ئي ڌار، جن سان پسين پرين کي
ٻي ڏي ڪين نهار، سڄڻ ريسارا گهڻا
هي گاڏها وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج
تنين ساڻ سڻيج، پريان سندي ڳالڙي
هل هِئين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار
قاصيداڻي ڪار، ڪين رسائي ڪيچ کي.
شاهه سائين جي صوفيانه شاعري پڙهڻ کان پوءِ اسان هيٺين نتيجن تي پهچون ٿا:
1. شاهه لطيف “نظريه وحدت الوجود” جو قائل آهي.
2. انسان جو وجود خدا جي وجود کان الڳ ڪا حيقيت نه ٿو رکي.
3. ڪائنات جي هر شئي خدا جو مظهر آهي.
4. خدا تعاليٰ کي سڃاڻڻ لاءِ پنهنجي ذات جو عرفان ضروري آهي يعني جن پاڻ کي سڃاتو – ان ڄڻ خدا کي سڃاتو.
5. خدا سڃاڻڻ لاءِ انساني حواس ناقص آهن، ان لاءِ اندر جي اکين جي ضرورت آهي.
6. جڏهن انسان کي ذاتِ باري تعاليٰ جو عرفان حاصل ٿيندو آهي ته ان مان سڀ بيچينيون ۽ بيقراريون ختم ٿي وينديون آهن ۽ “مڪمل سڪون“ جي حالت ۾ اچي ويندو آهي.
شاھ لطيف جي مجازي شاعري
”مون کي ماءُ مجاز، پِڃاري جيئن پِڃِيو
ورد وضيفا وسريا، رهي ڪانه نماز،
هينئڙو بحري باز، چائي چنبن ۾ ڪيو.
سنڌ جي هن سدا حيات شاعر، حقيقت جي اعليٰ درجي تي پهچڻ کان اڳ، مجاز جون ڪيتريون ئي منزلون طئه ڪيون. جانب جي جلوي سندس جيءَ کي جهوري وڌو.
عشق، سندس اندر جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو، پنهنجي بيچيني کي دور ڪرڻ لاءِ هو جهر جهنگ جهاڳڻ لڳو، پنهنجي اندر جو احوال هن ريت ٿو بيان ڪري:
“كامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تؤنس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان.
جي سمنڊ منهن ڪريان، توءِ سرڪيائي نه ٿئي“
كامان پچان نه مران، سڙان ساري رات،
ٻن ٻئائي کي وجهي، ڪر پريان جي تات
سيخون سنديون سڄڻين، اُڀرن آڌيءَ رات،
نه ڪين هٿ ۾ نه ساٿ، ڏيهاڻيو چُنگ چڙهان.“
پنهنجي پرينءَ جي جلوي جي عڪاسي ڏاڍي سهڻي انداز سان ڪئي اٿس. سڄڻ جي هار سينگار ۽ سونهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها، هو هميشه
پسئو سونهن سيد چوي، نينهن اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ، اکر نه اُڄهي.
هڪ جمال پسند انسان کي جسماني سونهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اکيون متاثر ڪنديون آهن. شاهه لطيف مومل جي اکين کي تيز تبرن سان تشبيهه ٿو ڏئي جن ايترن کي ته ڪٺو جو انهن پرديسين جون قبرون قائم ٿي ويون:
“گجر کي گجميل جون تيز تکيون تبرون،
هڻي حاڪمن کي زور، ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.“
“مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس
نه ڪي عام، نه خاص، جي وئا سي وڍيا.“
شاهه سائين انهيءَ خيال جو هو ته اندر جي آڙاه کي عالم آشڪار نه ڪجي، ان لاءِ ڪيڏي مهل نهائين کان نينهن سکڻ جي تلقين ٿو ڪري ته ڪيڏي مهل چوي ٿو ته “ توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلج عام سين.“ پنهنجي قوت برداشت بابت چوي ٿو:
مون جيئن پنهونءَ سين، جي هُوَنوءَ ملاقات،
وجهي ٻانهن وات، هوند رڃن ۾ ريهون ڪريو.
شاهه لطيف رڃن ۾ ريهون ته نه ڪيون، باقي ايترو ضرور چيائين “عقل، مت، شرم ٽيئي نينهن نهوڙيا” عقل جو عشق وارن سان ڪهڙو ڪم؟ جتي عشق پير پاتو اتي عقل جي ڪهڙي جاءِ؟
شاهه لطيف جي سرن ۾ مجاز جو ذڪر سڀ کان وڌيڪ سر مومل راڻي ۾ آهي ۽ سڀني سورمين کان وڌيڪ مومل جي حسن جي تعريف ڪئي اُٿس. سندس حسن ۽ لباس جي تعريف ڪندي چوي ٿو:
“جهڙا پانن پن، تهڙيون سايون مٿن شالون،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تن،
مڙهيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سنهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪيائون لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهھ مرڪئس من، سوڍي سين سڱ ٿيو.
مجازي محبت ۾ سڀ کان وڌيڪ عذاب ڏيندڙ “محبوب جو انتظار” آهي. سندس اوسيئڙي ۾ ننڊون حرام ٿيو وڃن ۽ ماڻهو ائين ٿو محسوس ڪري ته اجهو ٿو مران. شاهه لطيف انهيءَ ڪيفيت کي مومل جي واتان هيئن ٿو بيان ڪري:
“شمع ٻاريندي شب، پرهھ باکون، ڪڍيون،
موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا”
وٽ سوريندي ولها، ويو تيل ٻري،
موٽ مسافر سپرين، چانگي تي چڙهي،
راڻي لاءِ رڙي، ويئي وهامي راتڙي.
جي پرين آهي ته سڀ ڪجھه آهي. محبوب آهي ته ملڪيت آهي. جڏهن محبوب گڏ هوندو آهي ته دنيا جي هر شئي وڻندي آهي. هر طرف حسن ئي حسن نظر ايندو آهي ۽ ماحول ۾ سنگيت جا سر پيا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، پر جڏهن محبوب نه آهي ته هر شئي اوپري پئي لڳندي آهي. قدرت جا حسين نظارا بي معنيٰ ٿي ويندا آهن. هار سينگار زهر ٿي پوندو آهي ۽ حسن
به ڪومائجي ويندو آهي. مومل جي زباني سيد چوي ٿو:
“ڪاڪ ڪڙهي وڻ ويا، ٻرئا رنگ رتول
تو پڄاڻان سپرين، هينئڙي اچن هول
جي مون سين ڪيئي قول، سي سگھا پاڙج سپرين،
ڪاڪ ڪڙهي وڻ ويا، ٻرئا محل ماڳ،
سوڍي جي سرتيون، وڌيس وه ويراڳ،
سورن لائيا سانگ، سگهو موٽج سپرين.
عاشق جي زندگيءَ جو ڏيئو محبوب جي محبت جي ڪري روشن هوندو آهي، جانب آهي ته جان به آهي، سڄڻ آهي ته ساهه به آهي. جانب کان سواءِ جيئڻ ڪهڙو هوندو آهي؟ محبوب کان سواءِ ته ماڻهو پاڻ کي مئل ئي سمجهندو آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته اسان عاشق ته مئل آهيون، اسان سان به ماڻا ٿا ڪريو اهو مناسب ته نه آهي فرمائي ٿو:
“ڪاڪ ڪڙهي وڻ وئا، لوٺو لڊاڻو
تو پڄاڻان سپرين، آتڻ اجهاڻو
مُين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.“
عاشق جي جان مال سڀ ڪجھه سندس محبوب جو هوندو آهي، جيڪڏهن محبوب رسي وڃي ته مال ملڪيت ۽ گهر گهاٽ کي ڇا ڪبو؟ سڀ ڪجھه پرينءَ تي قربان ڪري ڇڏبو، ايتري قدر جو جان به پرينءَ تان قربان ٿيڻ لاءِ ئي ته آهي.
شاهه سائين فرمائي ٿو:
“حال قربان، مال قربان، گهوريان لڊاڻو،
فدا ٿي، فقير جو، شل رسي مَ راڻو،
مُين سين ماڻو، مناسبت مينڌرا.“
شاهه سائين جي مجازي شاعريءَ جو پهلو انتهائي دردناڪ آهي، جنهن ۾ رئڻ ۽ رڙڻ آهي، سڙڻ ۽ پڇڻ آهي ۽ انتظار جي اذيتناڪ ڪيفيت آهي، جنهن ۾ روح رڙي ٿو ساهه سڙي ٿو ۽ جان جلي ٿي. جنهن ۾ عقل اڏامي وڃي ٿو، شرم ختم ٿي وڃي ٿو ۽ انسان چرين جي آچار بنجيو پوي. اهو سڀ ڪجھه سهڻو آهي ۽ صبر سان سهڻو آهي. اندر جي ڦٽن کي عوام جي اڳيان کولڻ ڪچائي آهي. بره جي باهه ۾ پچي راس ٿيڻ کان پوءِ ئي ماڻهو عشق جي پهرينءَ منزل ۾ ڪامياب ٿيندو آهي.
شاهه سائين به جڏهن عشق جي پهرينءَ منزل تي پهتو ته کيس پرين مليو ۽ شاهه چيو:
“جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄارا پوڄئا،
پنيم اميدون، سي ئي سڄڻ آيا.“
جڏهن لطيف سائين کي وصل نصيب ٿيو، ته هو عشق جي پهرئين چاڙهي چڙهي چڪو هو. يعني مجاز کان حقيقت ڏانهن وڃي چڪو هو، هن کي هر طرف سڄڻ ئي سڄڻ نظر اچڻ لڳو. ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه هئي فرمائي ٿو:
“ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو چؤڏس چٽاڻو،
منجھين ڪاڪ ڪڪوري، منجھين لڊاڻو
راڻو ۽ راڻو، رِيءَ راڻي ٻئو ناه ڪو.“
شاھ لطيف جي شاعريءَ تي مذهبي اثرات
اسلام دين فطرت آهي ۽ شاهه لطيف به فطرت جو ئي شاعر آهي. اسلام انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪي قدر ڏنا آهن، اهي سڀ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. ان کان علاوه اسلام جا بنيادي نقطا يعني حق جي سر بلنديءَ لاءِ قرباني ڏيڻ وغيره سڀ احسن طريقي سان موجود آهن. لطيف سائين الله جي هيڪڙائي ۽ وڏائي بابت چوي ٿو:
اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم
والي، واحد، وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.
الله صرف هڪ آهي هو قادر مطلق آهي ۽ سندس قدرت ۾ ڪير به شريڪ نه آهي. جن به سندس هيڪڙائي ۾ شرڪ ڪيو اُهي گمراهه ٿي ويا.
وحده لا شريڪ لهٰ ايءُ هيڪڙائي حق،
ٻئائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسئا
الله جي هيڪڙائي مڃڻ کان پوءِ انسان لاءِ اهو ضروري آهي ته حضرت محمد ﷺ کي الله تعاليٰ جو آخري نبي سمجهي، وحدانيت سان گڏ رسالت هڪ لازمي جُز آهي. خدا تعاليٰ قرآن ۾ هن ڪائنات جي خلقت جو سبب ٻُڌائيندي چوي ٿو ته، “اي محمد ﷺ جيڪڏهن آئون توکي نه خلقيان ها ته هيءَ ڪائنات نه خلقيان ها.“ انهيءَ آيت جو تفسير ڪندي لطيف سائين
چوي ٿو:
وحده لا شريڪ لهُ، جان ٿو چئين ايءُ
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نيههُ
تان تو وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي
يعني جيڪڏهن توکي الله تي ايمان آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي هن ڪائنات جي تخليق جو سبب سمجھه شاهه سائين اڳتي هلي فرمائي ٿو:
وحده لا شريڪ لهُ، جڏهن چيو جن
تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجاه ساڻ هين
تڏهن منجهان تن، اوتڙ ڪو نه اولئو
الله ۽ رسول تي ايمان آڻڻ لاءِ صرف ڪلمو پڙهڻ ڪافي نه آهي، پر پوري يقين سان شرڪ کان توبه ڪجي. لطيف سائين فرمائي ٿو:
ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر اَهيس.
الله ۽ رسول تي ايمان کان پوءِ انسان کي قيامت جي ڏينهن تي يقين رکڻ گهرجي ۽ اهو به يقين رکڻ گهرجي ته ان ڏينهن الله تعاليٰ انصاف ڪندو ۽ اسان جي گناهن جا شاهد اسان جي خلاف شاهدي ڏيندا. لطيف سائين فرما ته ئي ٿو:
وحده لاشريڪ لهُ، ٻڌءِ نه ٻوڙا
ڪِ تو ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامها
شاهه سائين هن دنيا کي عمل جو ميدان ٿو چوي، جنهن جو نتيجو قيامت جي ڏينهن ملندو. جيڪڏهن اسان جا عمل صالح هوندا ته اسان کي خدا تعاليٰ جي خاص ڪرم سان نوازيو ويندو. شاهه سائين فرمائي ٿو:
وحده لاشريڪ لهُ، اي وهائج وي،
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هي
پاڻا چندءِ، پي، ڀري جام جنت جو.
الله، رسول ۽ قيامت تي ايمان فرض آهي. انهن کان پوءِ عملي فرضن جو وارو اچي ٿو، جن لاءِ قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ نماز لاءِ تاڪيد ڪيل آهي.
وحده لاشريڪ له، چئي چوندو آءُ
فرض، واجب، سنتون، تنيئون، ترڪ مَ پاءِ
توبه سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ
نانگا پنهنجي نفس کي، ڪا سئين راهه سونهاءِ
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.
نماز پڙهڻ لاءِ يا ٻين عبادتن لاءِ پهرين انسان کي پنهنجي خودي ۽ انا کي ختم ڪرڻو آهي. جيسين تائين انسان جي اندر ۾ غرور، تڪبر، حرص ۽ وڏائي جهڙا غليظ عنصر هوندا، تيسين تائين هن جي ڪابه عبادت قبول نه پوندي. نماز لاءِ پهرين پنهنجو اندر اجارڻو آهي ۽ پوءِ اها مڪمل خشوع ۽ خضوع سان ادا ڪرڻي آهي. لطيف سائين فرمائي ٿو:
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز
سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهھ سجود
وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو
اسلام امن جو دين آهي. ان ۾ اڳرائي ڪرڻ حرام آهي. جنهن به اڳرائي ڪئي آهي، انهيءَ خطا کاڌي آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو:
هُو چونئي تون مَ چئو، واتئون ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي
اسلام انسان کي تقويٰ ۽ پرهيزگاري سيکاري ٿو. عبادتن جو هڪ مقصد اهو به آهي ته انسان پنهنجي نفس تي ضابطو رکڻ سکي ۽ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. شاهه سائين جي رسالي ۾ جا بجا نفس ڪشي لاءِ تاڪيد فرمايل آهي.
لائي خنجر، “لا” جو هيءِ! خَچَرَ کي هڻ
سَڌ جون، سيد چئي، وٿون سڀ وڪڻ
پير پروڙي کڻ، ته هلڻ ۾ هوري وهين
شاهه لطيف جي شاعري تي مذهبي اثرن جو جائزو وٺڻ مهل هيٺين ڳالهين جو پتو پوي ٿو:
1. شاهه لطيف خدا جي وحدانيت جو قائل هو.
2. هن کي رسول اڪرم ﷺ جي آخري پيغمبر هئڻ تي پورو ايمان هو.
3. پرين کي پسڻ لاءِ معرفت کي ذريعو بنايو اٿس، پر شريعت جي اصولن کي به نظر انداز نه ڪيو اٿس.
4. قيامت جي ڏينهن تي سندس پورو يقين هو.
5. الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ جو درس ٿو ڏي.
6. تزڪيه نفس لاءِ عبادتون ضروري آهن، پر عبادتن ڪرڻ کان پهرين انسان کي پنهنجي اندر اجارڻ جي تلقين ٿو ڪري.
7. هٺ غرور ۽ وڏائيءَ کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري.
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جدوجھد
کرڪڻا لاهي، سُک نه ستا ڪڏهين
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي ٻين ڪيترن ئي اعليٰ انساني قدرن جو پرچار ڪيو آهي، اتي جدوجهد يا عمل جي اهميت تي به تمام گهڻو زور ڏنو اٿس.
انساني زندگيءَ جو هر لمحو با مقصد آهي ۽ هر گهڙي قيمتي آهي، پر جڏهن ان زندگيءَ جو ڪو خاص مقصد مُتعين ڪجي ٿو ته انسان کي پنهنجي پاڻ ۾ ڪجھه تبديليون آڻڻيون پون ٿيون ۽ ڪا حڪمت عملي ترتيب ڏيڻي پوي ٿي.
پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي سڀ کان پهرين سستيءَ ۽ غفلمت مان جان ڇڏائڻي پوي ٿي. حد کان وڌيڪ ننڊ انسان لاءِ هاڃيڪار آهي، تنهن ڪري انسان کي سڀ کان پهرين هن شئي مان جان ڇڏائڻي آهي.
شاهه سائين فرمائي ٿو:
اي ڪم ڪميڻن، جئن سمهن پير ڊگها ڪري
لوچين ڇو نه، لطيف چئي، هاري! لئه هوتن
ننڊان نڀاڳين کي اوڀالا اچن
سي پنهون ڪوه پڇن؟ جي سنجهي رهن سمهي
ننڊ مان جان ڇڏائڻ ڪافي ناهي. پنهنجي مقصد جي باري ۾ هر قسم جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ان لاءِ هر قسم جي غفلمت ۽ ڪوتاهي ڏاڍي مهانگي پوندي آهي، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي ضرروري ڳالهيون ڏاڍي ماٺ ميٺ ۾ ٿي وينديون آهن ۽ انسان کي خبر به نه پوندي آهي.
شاهه لطيف چوي ٿو:
غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪِنءَ اڻاسين اوجهرين
چپاتا چڙهي وئا، وڃي پهتا توڙ
نيڻين ننڊ اُکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين
جڏهن انسان هر قسم جي سستيءَ ۽ غفلت کان جان ڇڏائي ته ان کي پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ پنهنجي ڪم ۾ جنبي وڃڻ گهرجي، جڏهن ڪم جي شروعات ڪجي ٿي ته ان کان پوءِ نيون نيون سوچون ذهن ۾ اچن ٿيون ۽ عمل منجهان ئي رهنمائي حاصل ٿئي ٿي… شاهه لطيف فرمائي ٿو:
وه مَ منڌ ڀنور ۾، ڪرڪو واڪو وس
ٻانهي ٻاروچن جي. گولي! ڇڏمَ گس
ڏورڻ منجها ڏس، پندءِ هوت پنهوءَ جو
مقصد ماڻڻ آسان ڪم نه آهي. ان لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ڪڏهن حالتون بلڪل سازگار نه هُونديون آهن ته ڪڏهن انسان کي بک ۽ بيماري هڻي نستو ڪري وجهنديون آهن. اهڙين مايوس ڪُن حالتن کي ڏسي ڪيترائي انسان پنهنجي مقصد تان هٿ کڻي ويندا آهن ۽ سک ۽ آرام پسند ٿي پوندا آهن. اهڙن ماڻهن کي شاهه لطيف “سڌڙيا ماڻهو” چيو آهي. جيڪي پنهنجي مقصد کان وڌيڪ پنهنجي جان کي مٺو ڪندا آهن. پاڻ فرمائين ٿا:
سڌائتي سڀڪا، بک نه باسي ڪا
جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪانهي جا
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري
مقصد سان محبت ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به حالتن کان نه گهٻرائيندا آهن، جڏهن به حالتون شديد مخالفت ڪنديون آهن ته انهن جي ڪم ۽ جدوجهد ۾ به شدت اچي ويندي آهي. مخالفت ۽ حوصلا شڪني انهن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو وڌيڪ اتساهه پيدا ڪندا آهن، ڇو ته هنن جي ذهن تي بس هڪ ئي ڌن سوار هوندي آهي، اها آهي، مقصد جو حُصول، شاهه لطيف
فرمائي ٿو…
جنءَ جنءَ تپي ڏينهن، تنءَ تنءَ تاڻيان پنڌ ۾
ڪو اڳانجهو نينهن، ٻانڀڻ ٻروچ سين
جدوجهد ڪندڙن جي ذهن کي اهو احساس مسلسل ستائيندو رهندو آهي ته وقت تمام گهٽ آهي، منزل تمام پري آهي. وسيلا محدود آهن ۽ جيءُ جڏو آهي. اهڙين حالتن ۾ ٿورڙي وقت ۾ گهڻو ڪجھه ڪرڻو آهي. سک ۽ آرام کي تياڳ ڏئي، جان جلائي به مقصد حاصل ڪرڻو آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهھ، ڪانهي ويل وهڻ جي
متان ٿئي اونداهھ، پير نه لهين پرينءَ جو.
پنهنجي مقصد ماڻڻ لاء انسان کي پنهنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا آهن. پنهنجي هر شئي قربان ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي، جو ماڻهو وٽان آهستي آهستي سڀ وسيلا وڃڻ شروع ٿيندا آهن. ايتري قدر جو جسم به ساٿ نه ڏيندو آهي. پر مقصد تي ايتري گهري نظر هجڻ گهرجي جو پنهنجي خون جي آخري قطري تائين به جدوجهد جاري رکجي. اها ڳالهه شاهه لطيف سسئيءَ جي واتان هيئين ٿو چوائي…
“مليا ته ملندياسِ، نه ته گهوري جان جتن تان.“
پنهنجي جدوجهد جي دؤران پوئتي موٽڻ جو تصور به نه ڪرڻ گهرجي ۽ مقصد جان کان به وڌيڪ اهم هجڻ گهرجي. مقصد جي راهه ۾ مرڻ ڪنهن به حالت ۾ بي مقصد نه آهي… شاهه لطيف فرمائي ٿو:
موٽي مران مَ ماءِ، موٽڻ کان اڳي مران
لڇي لالن لاءِ، شال پونديس پير تي
شاهه لطيف جي شاعري انسان کي هر جڳهه تي جدوجهد لاءِ آماده ڪري ٿي. ان جدوجهد جي دؤران جيڪي به مشڪلاتون ۽ سور ملن انهن کي صبر سان سهڻ جي تلقين ڪري ٿو. سُر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ اڳيان، درياءَ جي دهشت آهي. ڪنن جو ڪرڳل آهي. لکين لوهٹيون آهن، رات اونداهي آهي ۽ پرين پري آهي، پوءِ به همت نٿي هاري.
شاهه جي شاعري ۾ سُر سسئي ۾ جدوجهد پنهنجي عروج تي آهي. سسئي جهڙي نماڻي نار جهرن جبلن ۾ اڪيلي آهي، لٽا ليڙون اٿس، پير پٿون اٿس، پر تڏهن به ڪاهي ڪيچ ڏي پئي.
اڳيان ڪرڙا ڏونگر اٿس، مِرن جو خوف به اٿس، سج به لهي پيو، بک ۽ اُڃ کان بيحال آهي، ٿڪاوٽ کان سَنڌ سَنڌ ساڻو اٿس، پر پوءِ به موٽڻ جي وائي نه ٿي ڪري جبل سان ڳالهائي ٿي. ان کي پنهنجو حال به ٻڌائي ٿي ته ڪٿي کيس دڙڪا ڏئي ٿي. چوي ٿي:
ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪِئو
نهارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بر
آڏو ٽڪرٽر، متان روه ر تيون ٿيين
هوتن جي هاڃي جو دل تي گهرو گهاءُ اٿس ته به پرعزم آهي، پنهنجي بدقسمتي ۽ غفلت تي روئي به پئي تڏهن به حوصلو اٿس ۽ حوصلي کي هَر هَر ورجائي به پئي.
نماڻي جي نجهري، روئڻ ۽ راڙو
ڪٺل جي قلب ۾، قرب جو ڪاڙهو
هوتن لئه هاڙهو، سڀ رڱنديس رت سان
مطلب ته شاهه سائين وٽ مقصد کي ماڻڻ لاءِ حوصلي ۽ همت سان گڏ هر قسم جي قرباني ڏيڻ تمام ضروري آهي. جيڪا راهه متعين ڪجي ان تي سختيءَ سان عمل ڪجي پوءِ ڇا به ٿي پوي.
وٺئو وڃج واٽ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين
لوڻي ڦير لپاٽ، لڳنديءَ لطيف چي.
سچل سرمست جي شاعري معنيٰ، مفهوم ۽ فني لحاظ کان ڪنهن به طرح دنيا جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. سندس شاعريءَ ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته هن هر ڳالهه کليءَ طرح چئي ڇڏي آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻو بي باڪ ٿي ويو آهي. بقول ڪنهن شخص جي ته، ”جيڪڏهن شاهه جي شاعري ڪڪر ۽ مينهن آهي ته سچل جي شاعري جهنگ کي باهه آهي.“ هتي اسان سچل جي شاعري جي صرف ٻن رخن جو مختصر جائزو وٺون ٿا:
سچل سرمست جي صوفيانه شاعري
سچل سرمست به انهيءَ راهه جو راهي آهي، جنهن تي شاهه عنايت، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف هلي چڪا هئا. پر هڪ ڳالهه ۾ انهن سڀني کان مختلف آهي. انهن سڀني تصوف جون رمزون مام ۾ چيون آهن، پر سچل سرمست بنا ڪنهن رک رکاءَ جي وڏي واڪي چئي ڏنيون آهن.
شاهه لطيف پيشنگوئي ڪئي هئي ته جيڪا ڪُني اسان چاڙهي آهي، ان جو ڍڪڻ هي لاهيندو، پر جڏهن ڍڪڻ لاهڻ جو وقت آيو ته سچل سرمست ڍڪڻ ته ڇا پر ڪُني به ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي، تصوف جي نشي ۾ ايترو ته مست ٿي ويو جو سندس ڪافر هجڻ جون فتوائون به جاري ڪيون ويون.
جيڪي شريعت جي پيروي ڪندڙ هوندا آهن، اهي خدا تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ جسماني عبادتون ڪندا آهن، پر اهلِ تصوف، پرين کي پَسڻ لاءِ روحاني عمل مان گذرندا آهن ۽ ان وقت “ڪفر ۽ اسلام” “دين ۽ بي دين” جي فرق کي مٽائي ڇڏيندا آهن. اها ڳالهه شاهه لطيف به چئي آهي، پر ڏاڍن لڪل لفظن ۾. سچل سرمست انهيءَ ڳالهه کي وڏي واڪي بيان ڪندي چوي ٿو،
اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀن کي سلام،
ڪڏهن ڏسي ڪينڪي، اهو آرانڀو آرام،
مذهب مور نه مڃيان، آئون مشرف منجھه مدام،
قيد ڀڃي ظاهر ٿيان، آئون جاري پيان جام،
هادي سائين پاڻ، سچوءَ کي عشق ڪيو انعام.
سچل سرمست نظريه وحدت الوجود جو زبردست حامي هو. سندس خيال ۾ هن ڪائنات ۾ صرف هڪ ئي وجود آهي. هي جيڪا وجود جي ڪثرت نظر اچي ٿي، اها اصل ۾ هڪ ئي وجود جا مختلف روپ آهن. اهو هڪ ئي وجود هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي ۽ سندس شان اعليٰ ۽ اُتم آهي. سچل سائين چوي ٿو:
الله الله ڇو ڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
”سچو“ سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمان.
سچل سرمست جي خيال ۾ واحد وجود پنهنجو روپ بدلائي هن ڪائنات جو روپ اختيار ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي جلوي کي ظاهر ڪيائين. سچل سرمست انهيءَ وجود کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
ڀول نه ٻي ڪنهن ڀل، تون ته آدم ناهين،
لڪيو ٿو لاتون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل.
سچل سرمست پاڻ کي به انهيءَ ازلي وجود جو حصو ٿو سمجهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ٻيو ڪجھه سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي. هو نوري ۽ ناريءَ جي چڪر کان پاڻ کي بچائيندي چوي ٿو:
آهيان آئون اسرار،
جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀانئيون،
نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار.
ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻ، تون ئي مالڪ ملڪ جو،
“لاَ خَير فِي عَبدِ”، اهو اٿئي اهڃاڻ.
سچل سرمست، حسين بن منصور حلاج کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ سندس نظريي “اناالحق” کي تمام گهڻو ڳايو اٿس. حسين بن منصور حلاج کي هڪ دفعي ڪنهن چيو، “تون پيغمبريءَ جي دعويٰ ٿو ڪرين؟ منصور کيس جواب ڏنو، “افسوس جو تو منهنجو شان گهٽايو آهي، آئون ته خدائيءَ جي دعويٰ ٿو ڪريان!” سچل سرمست به سندس پيروي ڪندي چوي ٿو:
ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
مار نغارا اناالحق دا، سولي سر چڙهيجي،
وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان، عاشق تان نه اڙيجي،
سبحاني مان اعظم شاني، سچو سر سليجي.
يعني، آئون اهو ئي حق آهيان ۽ منهنجو شان اعليٰ آهي.
سچل سرمست عشق کي انساني زندگيءَ لاءِ تمام اهم ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي، جيڪو کيس ذات حقيقي تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي. فرمائي ٿو:
عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،
ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،
بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،
نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.
عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتريقدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ وجهڻ لاءِ تيار آهي. چوي ٿو:
خاڪ عاشق دي اکيان وچ، سرمه جوڙڪي پويسون،
عاشق سو جو سرمه ٿيوي، ڳالهه اُهين دي ڪيهي.
اهلِ تصوف وٽ دنيا جون ظاهري ريتون ۽ رسمون ٽوڙڻ تمام ضروري آهي. دنيا سان گڏ هلڻ وارو شخص ڪڏهن به ذات حقيقي کي سمجهي نه ٿو سگهي. شريعت ۾ آهي ته انسان خدا جو ٻانهو آهي، پر سچل چوي ٿو:
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو
وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ سهانو.
سچل سرمست به ٻين عارفن وانگر ظاهري علم کي ناقص چيو آهي. جيڪي ماڻهو رڳو ڪتاب کڻي ويٺا فتوائون ڏيندا آهن، انهن کي مشورو ڏيندي چوي ٿو:
قاضي ساڙ ڪتابان ڪونه هڻ، مرشد ايوين فرمايا،
آپ سڃاڻ ته تون ڪيا هيئن، عرف نفسه پرجهايا،
“سچل” راه ڪفر دا سانون، مرشد آپ بتايا.
قاضي مين سچ آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا،
آءٌ پيوين هڪ سرڪي مئه دي، مول نه ٿيوين مُلا،
“سچل” جنهن حق حاصل نه آهي، راھ ڪون او ڀُلا.
جڏهن هر طرف حق آهي، جڏهن هر هنڌ حق آهي ۽ جڏهن سڀ ڪجھه حق آهي ته پوءِ ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه آهي. بس ان کي ڏسڻ، پسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. سچل فرمائي ٿو:
ڪيهي ڪعبي، ڪيهي قبلي، اهي ته سڀ بهاني،
مين ڪيوين نيت ڪعبي دي ڪران، پير ميڏا ميخاني،
“سچل“ آپ سائين فرمايا، ٿيوو حق مستاني.
ظاهر دارن تي ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو ڪاوڙجي ٿو پوي جو انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان به ڪونه ٿو ڪيٻائي. چوي ٿو:
عشق پيوسي زور زور، ڪُٽ مليان دي ٺوڙ ٺوڙ،
زيران زبران ڪيهان پڙهيوني، هن حرامي نور نور،
لِک لِک ڪاغذ ڪتوني ڪالي، هِن ڪتابي چور چور.
سچل سرمست ڪيترن ئي جڳهين تي خدا سان مخاطب ٿيو آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ته ان کي ميارون به ڏنيون اٿس.
خدا تعاليٰ کي چوي ٿو ته تون ئي آهين جيڪو ازل کان وٺي روپ بدلائيندو ٿو اچين، ڪڏهن پيغمبر ٿي ٿو اچين ته ڪڏهن امت، ڪڏهن عاشق ٿي ٿو اچين ته ڪڏهن معشوق:
موسيٰ ٿي وت ڪيتوئي ڪشالي، آپ ڪونه آپ ڏتوئي ڏكالي،
عيسيٰ ٿي وت دمه دي نالي، مويان نون ڦير جِواندا هئين.
وچ حلاج دي ڪيتوئي نظارا، “اناالحق“ دا وت ماريوئي نغارا،
ايڏون اوڏون ڪر پسارا، آپ ڪونه آپ مراندان هئين.
سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ ايتري ته بي باقي آهي جو سندس پوئلگ ويچارا، ان جي تشريح ڪرڻ لاءِ مشڪل ۾ پئجي ويا آهن.
سچل سرمست جي حقيقي شاعري پڙهڻ کان پوءِ اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا:
1. سچل سرمست به شاهه لطيف وانگر نظريه “وحدت الوجود” جو زبردست قائل هو.
2. ڪائنات جي هر شيءِ خدا جي وجود جو حصو آهي.
3. ذات حقيقيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ عشق تمام ضروري آهي.
4. حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علم ناقص آهي.
سچل سرمست جي مجازي شاعري
انسان جو سونهن سان ازلي ناتو آهي. اها سونهن چاهي قدرتي نظارن جي هجي يا محبوب جي جوڀن جي، انسان هميشه انهيءَ تي مست رهيو آهي. سونهن کان سواءِ انسان هميشه پنهنجو پاڻ ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪئي آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هو هميشه حسن جي ڳولا ۾ سرگردان رهيو آهي. ۽ جڏهن حسن ملي ٿو وڃي ته ان جو لازمي نتيجو عشق ئي نڪرندو آهي، ڇو ته عشق، حسن جو ردِ عمل آهي. جڏهن حسن پنهنجو وارَ ڪري ٿو ۽ انسان عشق جي پنڌ جو پانڌيئڙو بنجي ٿو ته هن دنيا ۾ ڪيئي تبديليون اچن ٿيون. انسان جي زندگيءَ سان لاڳاپيل سڀئي لطيف فن، عشق جي ڪري ئي وجود ۾ اچن ٿا. اهو عشق ئي آهي جيڪو انسانن کي شاعر، سنگ تراش، مصور سنگيت ڪار ۽ فنڪار بنائي ٿو اهو عشق ئي آهي، جنهن جي ڪري قومن جون ثقافتون وجود ۾ اچن ٿيون. اهو عشق ئي آهي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي معاشرتي تبديليون اچن ٿيون. عشق، انسان کي کلڻ ۽ روئڻ سان گڏ جيئڻ به سيکاري ٿو ۽ انسان جي دل ۾ گداز پيدا ڪري ٿو جيڪو شاعري جو سبب به بنجي ٿو.
اها سونهن، سوڀيا، اهو درد ۽ فراق، اهي هجر ۽ وصل جون راحتون، اهي سڙڻ ۽ پچڻ جا تجربا، مطلب ته اهي سڀ وارداتون جيڪي عاشق تي ٿين ٿيون، اهي شاعري جو روپ وٺي، ٻين انسانن کي به انهن جهانن جو سير ڪرائينديون آهن.
سچل سرمست جي مجازي شاعري به انهن سڀني ڳالهين سان ڀرپور آهي. سندس سموري ڪلام، خاص ڪري ڪافين ۾ حسن جي تعريف، درد جون دانهون، وڇوڙي جا ورلاپ ۽ عشق جي باهه جا اُلا نمايان نظر ايندا.
انسان جڏهن مجازي عشق جي آڙاهه ۾ پچي راس ٿئي ٿو، تڏهن هو حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌائيندو آهي.
سچل سرمست به حقيقي عشق جي منزل تي پهچڻ کان اڳ، مجازي عشق جي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو، جنهن کيس تمام گهڻو ايذاءُ ڏنو، جنهن جو عڪس اسان سندس شاعري ۾ ڏسي سگهون ٿا.
مجازي عشق جي شروعات گهڻو ڪري پرينءَ جي جلوي پسڻ سان ٿيندي آهي ۽ ان ۾ سڀني کان پهرين، انسان اکين کان متاثر ٿيندو آهي. سچل کي به پنهنجي پرينءَ جي اکين حيران ڪري ڇڏيو:
انهن جادوگر اکين بيران ڪيوسي،
انهن نيڻن سندي نازن، حيران ڪيوسي.
سچل جڏهن انهيءَ حيرانگي مان نڪتو ته کيس خبر پئي ته سندس ساھ ته سوگهو ٿي چڪو آهي! انهيءَ حقيقت جي انڪشاف سچل کي زارو زار روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو:
چشمن جي چمڪار، ساھ منهنجو سوگهو ڪيو،
ويهي واٽڙين تي، روئان زارو زار،
هوت اچج هيڪار، اڱڻ آسروند جي.
سچل جڏهن پنهنجي پرينءَ کي چڱي طرح ڏٺو ته هن کي اها خبر پئي ته اکين سان گڏ ٻي به ڪا شيءِ آهي. جيڪا دل کي سوگهو ڪري ٿي:
اکيان ڪنڍيان، ابرو ڪنڍيان، وال ڀي ڪنڍي ڪنڍي،
ڪڏان ڪڏان ڇٽڪا ڇڙيندي، مارسيه اتون منڍي
جڏهن عاشق اکين جي انگ ۾ اڙندو آهي ته هن کي پنهنجي دل تي ڪوئي اختيار نه رهندو آهي ۽ هر وقت پرينءَ جا پور پچائيندو رهندو آهي. سندس ياد جيءُ کي ايترو جهوريندي آهي جو ماڻهو پنهنجا سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو آهي:
حُج ڦٽي ڪيم هاڻي،
ماريس تنهنجي ماڻي، الله ڄاڻي،
ويٺي ڏسان واٽ اوهان جي،
ائين ڀُلي ڀاڻي، الله ڄاڻي،
راتيان ڏينهان يار سڄڻ ميان،
تن توئي ڏي تاڻي، الله ڄاڻي.
جڏهن عاشق جي دل کسجي ويندي آهي ته سندس سک ۽ آرام ڦٽي پوندو آهي، بي چيني ۽ بي قراري ايتري وڌي ويندي آهي، جو اکين مان آب جاري ٿي ويندو آهي. سچل پنهنجي ڪيفيت هيئن ٿو بيان ڪري:
ڍوليا تولئه ڍٽ ۾، آئون وتان ويڳاڻي،
راتو ڏينهان اوتيان، پنبڻين مان پاڻي.
ويٺي ڪڙهان ڪاڪ تي، آڻيندوءِ الله،
گهڙي اوهان جي ٿي گهران، چت اوهان جي چاه.
سچل پنهنجي محبوب جو انتظار به ڪندو رهيو ۽ جدائي ۾ به جلندو رهيو، جڏهن فراق جي ڦٽن جو عذاب سهڻ کان وڌيڪ ٿي ويو ته سچل اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو:
ڦٽ فراق جا روز ڦٽن ٿا، چاڪ اندر جا روز چڪن ٿا،
سي ته محبت جون آهن مارون مارون
درد منجهارون مون دانهون ڪيڙون،
عرش عظيم کان لنگهي پار پيڙيون
يار سچل جون اوڇنگارون، اوڇنگارون،
جڏهن انسان، عشق جي انتها تي پهچندو آهي ته هُو پنهنجو سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. مال ملڪيت، سر ۽ ساهه قربان ڪرڻ سان گڏ هُو پنهنجي آزادي به قربان ڪري ڇڏيندو آهي. آزادي، جنهن کي دنيا جي عظيم نعمت چيو وڃي ٿو، اها به سچل جي اڳيان ڪا حيثيت نه ٿي رکي. هن لاءِ سڀ ڪجھه پنهنجو پرين آهي. چوي ٿو:
ٻانهن جي آئون ٻانهي آهيان، ساري سڀ ڄمار،
هيءَ سر صدقي توتان، تو تئون، سِسِي ساڻ ڪپار.
سچل پنهنجي وقت جو وڏو عالم پڻ هو. هن ٻين علمن حاصل ڪرڻ سان گڏ، انسانن جي تاريخ به پڙهي هئي. سڀ کان وڌيڪ متاثر انهن ماڻهن کان ٿيو هو، جن محبت جي ميدان ۾ پنهنجو سڀ ڪجھه لٽائي ڇڏيو هو. پنهنجي شاعري ۾ انهن مانجهي مردن جو ذڪر ڏاڍي سوز سان ڪيو اٿس:
“ڪيئي سر ساهه ساجن لئي، مٿي سوريءَ، سهايا ها،
ورهه جي واٽ تي ويرن، ڪلهن كئون ڪنڌ ڪپايا ها،
تتي موٽڻ جو مهڻو هو، وڏي ڪنهن تاوَ تايا ها،
مٿا ميخاني تي مستن، وٽيءَ جي وٽ وڍايا ها،
سڻو هن نينهن جي نعري، گھڻن جا سر گنوايا ها،
“سچو” تون صدقي ٿي تن تئون، جن هي رنگ لايا ها.“
سچل جڏهن مجازي عشق جو اڻانگو سفر طئي ڪري، حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌايو ته هن کي هر طرف محبوب ئي محبوب نظر آيو، هن کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پئي. ورهه ۽ وڇوڙي جا سُور ويندا رهيا ۽ پاڻ طالب جي بجاءِ مطلوب بنجي ويو!
هِت هُت آهي صُورت منهنجي، ٺاهھ نه ڪو پيو ٺاهيان،
پنهنجو پاڻ ئي سان يار، “سچو” ڙي نيهن اهو ئي لاهيان.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت جيڪي به نظريا ملن ٿا انهن تي عالمن جو اختلاف آهي. وڏا وڏا عالم، سنڌي زبان جو اصل نسل ڳولڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪندا رهيا آهن. هيستائين جيڪي نظريا مليا آهن اهي هڪٻئي کان ڪافي مختلف آهن. اڄ تائين جيڪي ٽي نظريا مليا آهن، انهن جو مختصراحوال هيٺ ڏجي ٿو:
(1) سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي
انگريزن جڏهن سنڌي الف _ ب ٺاهي راس ڪئي ته انهن اها جدوجهد شروع ڪئي ته سنڌي ٻوليءَ جو حسب نسب معلوم ڪجي. انهيءَ لاءِ پهرين ڪوشش سنڌي ٻوليءَ جي انــگـــريــز مــاهــر، ڊاڪــٽر ٽرمـــپ ڪئي. هن 1872ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جــــو گـــرامــــر ڇــپايــو (The Grammer of Sindhi Language) ان ۾ هن اهو نظريو ڏنو ته “سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي. يعني سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان پالي شؤر سيني، اپڀرنش ۽ وارچڊ اپڀرنش جي معرفت يارهين صدي عيسوي ڌاري هاڻوڪي صورت ورتي.“ هن نظريي جي پٺڀرائي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالم تقريباً مُني صديءَ تائين ڪندا رهيا. جن ۾ سرفهرست ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي هئا. سندن خيال موجب “سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لائق ڌيءَ آهي. سنڌي ۽ سنسڪرت جي صوتي ۽ صرفي هڪجھڙائي ثابت ٿي ڪري ته سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي.“
(2) سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد بابت ٻيو نظريو
اسانجي بزرگ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏنو. ڊاڪٽر صاحب 1959ع ۾ هڪ مقالو لکيو جنهن ۾ اها دعويٰ ڪيائون ته “سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي بلڪه سنسڪرت کان اڳ واري دؤر جي سنڌو – ماٿر جي قديم ٻولي آهي.“
ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو “ آثار قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بناءِ تي چئي سگهجي ٿو ته “سنڌ جي قديم ٻولي غالباً ڪا “سامي” زبانن جي سٿ مان هئي جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ “سنڌ جي ٻوليءَ” تي گھڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو ۽ ان بعد پالني ۽ پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو.“
ڊاڪٽر صاحب جي نظريي مطابق سنڌي سامي صفت زبان آهي يا سامي زبانن جي خاندان مان آهي (عربي، عبراني، سرياني ۽ حبشي سامي زبانون آهن) پاڻ لکن ٿا، “سنڌ جو هي قديم تمدن، هڪ قسم جو سامي تمدن آهي نه ڪه آريائي. انهي ڪري چئي سگهجي ٿو ته قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا سامي صفت زبان هئي. جا سنڌ جي اوائلي زبان هئي. انهيءَ ٻوليءَ جا مسخ شده نشان موئن جي دڙي مان لڌل مهرن تي موجود آهن.“
ڊاڪٽر صاحب جي راءِ مطابق سنڌي، سامي زبانن ۾ عربي جي وڌيڪ ويجهو آهي. پاڻ لکن ٿا، “خاص سنڌ جي آڳاٽي ٻولي جي سٽاءَ ۾ سمير ۽ بابل جي تمدن وارين ٻولين ۽ سامي، صفت زبانن جا ڪئي اجزا شامل آهن.“
(3) سنڌي زبان جي بڻ بنياد بابت ٽيون نظريو
جناب سراج الحق ميمڻ ڏنو. پاڻ پهرين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نظرئي تي تنقيدي مقالو لکيائون، جنهن تي ٻنهي عالمن ٽماهي مهراڻ (1959ع کان 1962ع) ۾ ڪافي علمي بحث ڪيو. نيٺ سراج صاحب 1962ع ۾ پنهنجو نظريو ڏنو. سندس خيال مطابق، “سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه پر سنسڪرت سنڌي جي ڄائي آهي.“
سنڌي تمدن تي بحث ڪندي ثابت ڪيو اٿن ته “سنڌ جا ماڻهو اولھه طرف يعني بابل ۽ ميسوپوٽميا وارن خطن ڏانهن پنهنجي زبان ۽ تهذيب کڻي ويا ۽ اتي انهن کي ڦهلايائون. سندن خيال موجب، بابل ۽ سمير جي تهذيب جو سنڌي تهذيب تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو، بلڪه بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سنڌي تهذيب يعني موهن جي دڙي واري تهذيب جا اثرات نظر اچن ٿا.“
پنهنجي نظريي جي پٺڀرائيءَ لاءِ سراج صاحب آمريڪي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر نوح ڪريمر (Dr. Noah Cramer) جي کوجنا جو حوالو ڏئي ٿو. سراج صاحب پنهنجي ڪتاب 'سنڌي ٻولي' ۾ لکي ٿو “ڊاڪٽر نوح ڪريمر آمريڪا جو هڪ مشهور عالم ۽ سميري تمدن جو وڏو ماهر مڃيو وڃي ٿو. سندس تصنيفون جڳ مشهور آهن ۽ سرجان مارشل جهڙن عالمن جي صف ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. هو صاحب پينسلوانيا يونيورسٽي جي عجائب گهر ۾ “سميريالاجسٽ” مقرر ٿيل آهي. هن صاحب جو چوڻ آهي ته سميري تمدن ۾ جيڪي مٽيءَ جي تختين تي لکيل اهڃاڻ آهن. انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اتي جا ماڻهو ڪنهن اهڙي تمدن کي “دلمون” سڏيندا هئا جو سندن اوڀر پاسي هئي، جنهن جي لاءِ هنن جي دلين ۾ ساراهه ۽ عقيدت مندي جا جذبات هوندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جوخيال آهي ته اهو اشارو موهن جي دڙي جي تهذيب ڏانهن آهي. مهرون سمير ۾ لڌيون آهن ۽ موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان ڪي سميري شيون پڻ لڌيون آهن، اهو ڏيکاري ٿو ته انهن ٻنهي تهذيبن جي وچ ۾ تجارتي ۽ تمدني رابطو هو.“
مٿيون بيان اهو ظاهر ٿو ڪري ته سنڌي تمدن سامي تمدن کان گهڻو مٿانهين ۽ قديم هئي، جنهن لاءِ هنن کي مذهبي عقيدت هئي.
سنڌي ٻوليءَ بابت جيڪي ٽئي نظريا آهن اهي هڪٻئي کان ڪافي مختلف آهن، يعني پهرين نظريي مطابق سنڌي سنسڪرت جي ڌيءَ آهي. ٻي نظريي مطابق سنڌي سنسڪرت جي ماءُ آهي. انهن نظرين جي متعلق ڪيترائي عالم ڇنڊ ڇاڻ ڪندا رهيا آهن. ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته سنڌي ڪنهن به طرح سان سنسڪرت جي ڌيءَ نه آهي. هن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ هيٺيان دليل ڏنا وڃن ٿا:
1) سنڌي ٻوليءَ مان جيڪڏهن سنسڪرت فارسي ۽ عربي جا لفظ خارج ڪيا وڃن ته به ايترا لفظ بچن ٿا جن سان پورو مڪالمو ترتيب ڏئي سگهجي ٿو.
2) جڏهن آريه هندستان ۾ داخل ٿيا هئا ان وقت انهن پنهنجون بيٺڪون غالباً ملتان ۽ ڪشمير وٽ قائم ڪيون ۽ هن ايراضيءَ جون پنهنجون ٻوليون ھيون جيڪي پوءِ ايراني آرين جي اچڻ ڪري ايراني اثر هيٺ آيون. سنسڪرت ان وقت گنگا جمنا دوآبي ۾ پنهنجون ارتقائي منزلون طئه ڪري رهي هئي ۽ اتان جي مقامي ٻولين تي پنهنجو اثر ڇڏي رهي هئي. سنڌ ۾ ان وقت قديم سنڌي رائج هئي ۽ 600 قبل مسيح تائين سنڌ تي جيڪو اثر پوندو رهيو اهو ڪشمير ۽ ملتان واري علائقي مان داردي ٻولين جو هو.
3) سنسڪرت وارو خيال ان تي ٻڌل آهي ته هندستان جون جملي ٻوليون سنسڪرت مان نڪتل آهن جنهن ڪري هر ڪنهن ان جو عڪس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گماني دليل گهٹا ڏنا اٿن.
4) سنڌي گرامر سنڌي کي سنسڪرت ۽ ان مان نڪتل ٻين ٻولين کان الڳ ڪري ٿو.
5) سنڌي جي سنسڪرت مان نڪرڻ کي تقويت هندن، مذهب جي بنياد تي ڏني. پاڻ چيائون “سنڌي يا ته سنسڪرت مان نڪتل آهي يا ته عربي مان پر جيئن ته عربي ٻاهران آئي آهي ان ڪري سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
مٿئين بحث کان پوءِ پهرئين نظريي کي رد ڪرڻ کان سواءِ چارو ڪونهي يعني اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءَ نه آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا جو 1967ع ۾ ٽماهي مهراڻ ۾ هڪ تفصيلي مقالو ڇپيو. پاڻ لکن ٿا، “ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ زبانن جي تقابلي مطالعي لاءِ جن اهم جزن جي اڀياس ۽ ڀيٽ جي ضرورت آهي اهي آهن:
(1) صوتي هڪجهڙايون (2) لفظن جي ڌاتن جون هڪجهڙايون (3) ڪردنتن جي بناوت جا هڪجھڙا اصول (4) اسمن ۽ فعلن جي گردانن ۾ هڪجهڙايون (5) ضميرن ۽ حرفن ۾ هڪجھڙائي: مطلب ته اگر ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾ اهي سڀ هڪجهڙايون موجود هونديون ته پوءِ چئبو ته يا ته هڪ زبان ٻي ءَ مان ڦٽي نڪتي آهي يا ٻئي (يا وڌيڪ) زبانون ڪنهن هڪ ئي ساڳئي بنياد جون شاخون آهن؛ يعني هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن. سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون بيشمار هڪجهڙايون موجود آهن، تنهن ڪري انهن هڪجهڙاين جي اصول موجب، سنسڪرت ۽ سنڌي به ڪنهن هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتل پيو لڳن.“
هاڻي جيڪڏهن سنڌي ۽ سنسڪرت جو بڻياد ساڳيو آهي ته پوءِ اها بنيادي ٻولي ڪهڙي هئي؟ انهيءَ سوال جو جواب ديوان ڀيرو مل جي ڪتاب ۾ ملي سگھي ٿو. ديوان صاحب سنسڪرت لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي لکي ٿو. “سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي 'ڪره' جنهن جي معنيٰ آهي ڪيل، ‘سم‘ هڪ اڳياڙي آهي جنهن جي معنيٰ ‘چڱو‘، تنھن ڪري ســــــــم + ڪـــــرت (ســنــســڪــرت) ٻولي معنيٰ چڱي يا صاف ٿيل يا سڌاريل (Polished or Refined) ٻولي.“
ديوان صاحب جي وضاحت مان اهو نقطو واضح ٿئي ٿو ته سنسڪرت ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي سڌاريل شڪل آهي يعني اصل ٻولي نه آهي. ديوان ڀيرو مل ٻئي هند پراڪرت لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي لکي ٿو، “پراڪرتيءَ جي معنيٰ پيدا ٿيل ٻولي، پراڪرت جي هڪ معنيٰ آهي قدرتي (Natural) ۽ ٻي معنيٰ اٿس “اصلوڪي ٻولي” (Original) پرڪرتيءَ جو ضد آهي “وڪرتي” جنهن جي معنيٰ آهي “بگڙيل صورت“
ڪاڪي ڀيرو مل جي وضاحتن تي ڊاڪٽر الانا صاحب تبصرو ڪندي لکي ٿو، “ٻنهي لفظن – پراڪرت ۽ سنسڪرت – جي وصفن جي جائزي کان پوءِ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته “سڌاريل يا صاف ٿيل يا اجاريل ٻولي (سنسڪرت) مان قدرتي يا اصلوڪي ٻولي (پراڪرت) ڦٽي نڪتي هوندي؟ پر حقيقت ۾ ته پاڻ اصلوڪي يا قدرتي ٻوليءَ (پراڪرت) مان صاف ٿيل يعني سڌاريل يا اجاريل ٻولي يعني سنسڪرت ڦٽي نڪتي هوندي، ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته سنسڪرت پراڪرت جو اصلي بنياد نه آهي، پر سنسڪرت ته پاڻ پراڪرت جي سڌاريل ۽ اجاريل صورت آهي. يعني پراڪرت، سنسڪرت جواصلي بنياد آهي.“
”يورپ ۽ هندستان جا ڪيترائي ماهر انهيءَ راءِ جا آهن ته هند و پاڪ جون جملي ڏيهي ٻوليون، پراڪرتن جون ئي بدليل صورتون آهن ۽ نڪي سنسڪرت جون بدليل صورتون. يعني ته سڀئي ڏيهي ٻوليون پراڪرتن مان ئي ڦٽي نڪتل آهن. جيڪي عوامي يعني روزمره واريون ٻوليون هيون. ٻين لفظن ۽ ائين چئبو ته سڀني ڏيهي ٻولين جي ماءُ سنسڪرت نه، پر قديم پراڪرت آهي.“
مٿيئن بحث مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته پراڪرت ڪا هڪ ٻولي ڪانه هئي. پر ان جا ڌار ڌار لهجا هئا، جيڪي ڌار ڌار خطن ۾ ڳالهايا ويندا هئا. انهن لهجن مان هڪ لهجي، برهمڻن جي اثر هيٺ عالمانه صورت ورتي. اهو لهجو برهمڻن تائين ئي محدود رهيو ۽ پوري برصغير ۾ ڦهلجي نه سگهيو ۽ نه وري ڪنهن دؤر ۾ ڪو عوامي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ڳالهايو ويندو هو.
ڊاڪٽر الانا لکي ٿو، “ماهرن جي بيان ڪيل نظرين جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ نه آهي. پر سنڌي، سنسڪرت ۽ لهند، ٽنهي جو اصلي بنياد، قديم پراڪرت جي هڪ ئي لهجي، يعني اڌيچيه لهجي جو هڪ محاورو، “وراچڊ اپڀرنش” آهي. هن پوري بحث جو نتيجو هيٺ چارٽ جي صورت ۾ ڏجي ٿو:
