تعليم

يورپ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌ جي شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ لاءِ تمام اھم ۽ وقتائتي ڪوشش آھي. شاگردن ۽ خاص ڪري غريب ماڻھن جي اولاد لاءِ، اسڪالرشپ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ڪري ڪتاب ۾ شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ جي اھميت، ان جي وصف، اسڪالرشپ جي فائدن سان گڏ اھو بہ ٻڌايو ويو آھي تہ اها حاصل ڪيئن ڪجي. ڪتاب ۾ اھو بہ ٻُڌايل آھي تہ، اسڪالرشپ جا قسم ڪيترا آھن، اها اسڪالرشپ مھيا ڪندڙ ادارا ڪھڙا ڪھڙا آھن. اسڪالرشپ ڳولڻ جو طريقڪار ڪھڙو آھي. اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيڻ جو بہ طريقڪار ٻڌائي ٿو. اسڪالرشپ جي لاءِ گھربل قابليت، اپلاءِ ڪرڻ جو وقت، داخلا لاءِ گھربل ڪاغذ، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري ھدايتون، اسڪالرشپ ۽ داخلا حاصل ڪرڻ جي اھم امتحانن بابت آساني طريقي سان، پر مختصر ۽ جامع طريقي سان سمجهايو ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book يورپ ۾ اعليٰ تعليم  ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

سمورا حق واسطا ليکڪ وٽ هٿيڪا

ڪتاب نالو: يورپ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا
موضوع : (ڪيريئر ڪائونسلنگ)
ليکڪ: ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو
پهريون ڇاپو: نومبر 2020ع
ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: شڪيل جنجهي
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن، قنبر
ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
Cell: 0333-7523132
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ملهه: 250 روپيه

EURPOE M ALA TALEEM AE SCHOLARSHIP JA MOKIA
(Career counseling)
Author: Dr Shahmard chandio
First Edition@ Nob: 2020
All rights reserved with the author&
@ KANWAL, Publication Kamber

ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ:

ڪنول پبليڪيشن& بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
ڀٽائي بڪ اسٽور، حيدرآباد - ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد.
ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد – رومي ڪتاب گهر، گدو چونڪ حيدرآباد
دانيال ڪتاب گهر، قاسم آباد. نئون نياپو ڪتاب گهر، سچل ڳوٺ ڪراچي.
- مرڪ پبليڪيشن، ڪراچي - ڪاٺيواڙ بڪ شاپ، اردو بزار ڪراچي
سنڌيڪا بڪ شاپ، لاڙڪاڻو -المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ - سليمان برادرس، نواب شاه - مدني بڪ اسٽور، دادو سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر- سارنگ ڪتاب گهر، سکر
ٿرڪتاب گهر، مٺي- خالد بجير، عمر ڪوٽ- سراج بڪ اسٽور، قنبر

ارپنا

پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد مراد چانڊيو
جي نالي

اسان جهڙن نوجوانن جي ڪاميابيءَ پويان والدين سان گڏ اهڙا ڀائر به بيٺل هوندا آهن، جن جا احسان ڪڏهن به لاهي نه سگھبا آهن.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت ڪتاب ”يورپ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا“ اوهان اڳيان پيش آهي.
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌ جي شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ لاءِ تمام اھم ۽ وقتائتي ڪوشش آھي. شاگردن ۽ خاص ڪري غريب ماڻھن جي اولاد لاءِ، اسڪالرشپ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ڪري ڪتاب ۾ شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ جي اھميت، ان جي وصف، اسڪالرشپ جي فائدن سان گڏ اھو بہ ٻڌايو ويو آھي تہ اها حاصل ڪيئن ڪجي. ڪتاب ۾ اھو بہ ٻُڌايل آھي تہ، اسڪالرشپ جا قسم ڪيترا آھن، اها اسڪالرشپ مھيا ڪندڙ ادارا ڪھڙا ڪھڙا آھن. اسڪالرشپ ڳولڻ جو طريقڪار ڪھڙو آھي. اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيڻ جو بہ طريقڪار ٻڌائي ٿو. اسڪالرشپ جي لاءِ گھربل قابليت، اپلاءِ ڪرڻ جو وقت، داخلا لاءِ گھربل ڪاغذ، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري ھدايتون، اسڪالرشپ ۽ داخلا حاصل ڪرڻ جي اھم امتحانن بابت آساني طريقي سان، پر مختصر ۽ جامع طريقي سان سمجهايو ويو آھي.
ھي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڪنول پبليڪيشن جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو، مھرباني شاھمراد چانڊيو جي جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ: ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت تحفي جھڙو ڪتاب!

سنڌ جي نوجوانن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو، وقت سِر گھربل رھنمائي ۽ ڪريئر ڪائونسلنگ آھي. خاص ڪري تعليمي ميدان ۾ شاگردن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ اھم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ڪري اسان جي نوجوانن کي تعليم، سا به معياري تعليم پرائڻ ۾، بي خبريءَ سبب وڏين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. معياري تعليم سا به مُلڪ کان ٻاھر ڪٿي ۽ ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿي؟ مختلف مُلڪن جي، مختلف معياري تعليمي ادارن ۾ داخلا جو طريقڪار ڪھڙو آھي؟ فيس ڪيتري آھي؟ فارم ڪٿان ۽ ڪيئن ملندا ۽ ڪڏھن ڀربا؟ اھڙا ڪئين سوال نه صرف شاگردن، سندن مائٽن بلڪه شاگردن جو اونو رکندڙ ۽ کين اُتساھيندڙ اُستادن لاءِ به پريشان ڪن ھجن ٿا! اُن حوالي سان سولي سنڌيءَ ۾ معياري مواد جي تمام گھڻي کوٽ رھي آھي. ان حوالي سان محترم ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيو صاحب جن جو ڪتاب ’يورپ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا‘ تمام اھم ۽ ڪارائتي ڪوشش آھي. جيئن ھن ڪتاب جي نالي مان ئي واضح آھي ته، ھڪ ته اعليٰ تعليم، ٻيو يورپ ۾ ۽ ٽيون اسڪالرشپ جا موقعا. اهي سڀئي اھي موضوع آھن، جن ۾ شاگردن جي رھنمائي جي سخت ضرورت ۽ کوٽ آھي. ٻاھريان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻ نه صرف خود شاگردن لاءِ ضروري آھي، بلڪه اھڙي ڄاڻ مائٽن ۽ اُستادن لاءِ به انتھائي ضروري آھي، ته جيئن ھو پنھنجي ٻارن ۽ شاگردن جي وقت سَر گھربل رھنمائي ڪري سگھن. اسان جا اھڙا ڪيترائي نوجوان، خاص ڪري ٻھراڙين ۽ ننڍن شھرن جا، اعليٰ تعليم جي معاملي ۾ ان ڪري به پوئتي رھجي ويا جو ھڪ ته انھن کي وقت سر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي طريقڪار جي خبر نه پئجي سگھي ۽ ٻيو ته ھو پنھنجي غربت سبب، يورپ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواھش دل ئي دل ۾ کڻي، ۽ اها ڪنھن سان سلڻ بنا ھميشه خاموش ئي رھيا! جيڪڏھن اهي شاگرد وقت سِر اعليٰ تعليم ۽ ان لاءِ گھربل اسڪالرشپ جي موقعن حاصل ڪرڻ جي طريقڪار کان آگاھه ھجن ھا، يا کين ڪو آگاھه ڪري ھا، ته اڄ يقيناً ڪيترائي باصلاحيت پر غريب نوجوان، اسان کي اعليٰ عھدن تي، سنڌ ۽ مُلڪ جو نالو روشن ڪندي ملن ھا! پر ھو ويچارا بي خبريءَ جي بازار ۾، ڀُلجي ۽ ڀٽڪجي، ھميشه لاءِ گُم ٿي ويا!! ان حوالي سان جيتوڻيڪ ڪافي دير ٿي چڪي آھي، پر پوءِ به شابس ھجي سائين پروفيسر شاھمراد چانڊيو صاحب کي، جن نوجوانن جي انهيءَ ڏِس ۾ رھنمائي جي ضرورت کي نه صرف شدت سان محسوس ڪيو، بلڪه اُن لاءِ اھم ڪتاب به لکيا. جنھن ۾ جتي پرڏيھي ۾ تعليم پرائڻ جي اھميت بيان ٿيل آھي، ۽ انھن موقعن جو ڏس ڏنل آھي، اُتي انھن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي آسان ۽ سولي راھه به ڏيکاريل آھي. شاگردن ۽ خاص ڪري غريب جي ماريل ماڻھن جي اولاد لاءِ، اسڪالرشپ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي شروع ۾ ئي شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ جي اھميت، ان جي وصف، اسڪالرشپ جي فائدن سان گڏ اھو به ٻڌايو آھي ته اها حاصل ڪيئن ڪجي. ڊاڪٽر صاحب اھو به ٻُڌائي ٿو ته، اسڪالرشپ جا قسم ڪيترا آھن، اها اسڪالرشپ مھيا ڪندڙ ادارا ڪھڙا ڪھڙا آھن. اسڪالرشپ ڳولڻ جو طريقڪار ڪھڙو آھي ته گڏوگڏ سائين شاھمُراد صاحب، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيڻ جو به طريقڪار ٻڌائي ٿو. ڊاڪٽر صاحب اسڪالرشپ جي لاءِ گھربل قابليت، اپلاءِ ڪرڻ جو وقت، داخلا لاءِ گھربل ڪاغذ، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري ھدايتون، اسڪالرشپ ۽ داخلا حاصل ڪرڻ جي اھم امتحانن ۽ انھن ۾ وري TOFEL IELTS GREs جي اھميت جھڙن انتھائي ضروري مسئلن کان به سولي ۽ آساني طريقي سان، پر مختصر ۽ جامع طريقي سان ڏاڍي سُٺي ۾ نموني سمجھايو آھي. انهيءَ طريقي سان شاگردن جي گھربل رھنمائي اھو ئي ڪري سگھي ٿو ۽ تعليمي ميدان ۾ صحيح معنيٰ ۾، سفر جو ڪامياب سونھون ٿي سگھي ٿو، جنھن جا نه صرف انهيءَ رستي تي پنڌ ڪيل ھجن، بلڪه ھو ان رستن جي سڀني پيچرن کان چڱي طرح واقف به ھجي. جيڪو پاڻ انهن رستن جو راھي رھيو ھجي، جنھن جا پنھنجا اهي پنڌ پچايل ھجن. جيڪو انھن پنڌن جي پانڌيئڙن کي پيش ايندڙ متوقعه مسئلن، مشڪلاتن ۽ منجھارن کا چڱي ريت واقف ھجي، بلڪه جيڪو ڊاڪٽر صاحب وانگر قوم جو احساس رکندڙ به ھجي. جيڪو ڪنھن کي صحيح دڳ لائڻ جو درد به رکندڙ ھجي. اھڙو پُر خلوص انسان ئي صحيح معنيٰ ۾ سفر جو ڪامياب سونھون ٿي سگھي ٿو. محترم ڊاڪٽر شاھمُراد چانڊيو صاحب ان ڏِس ۾ واقعي پاڻ ملھايو آھي. چانڊئي صاحب نه صرف اسڪالرشپ جي اھميت ۽ حاصل ڪرڻ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏي ٿو بلڪه ھو گڏوگڏ اعليٰ تعليم جي اھميت کي به سُٺي نموني بيان ڪري ان جي اجتماعي ۽ انفرادي اھميت تي به سُٺي روشني وجھي ٿو.
چانڊئي صاحب نه صرف شاگردن کي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏني آھي، بلڪه مُختلف مُلڪن جي مختلف اعليٰ تعليمي ادارن، اُتي جي مھيني جي خرچ پکي، داخلا جي طريقڪار ۽ ان جي گھرجن کان سواءِ ويزا جي طريقڪار، گھربل معلوماتي ويب سائيٽز جي ڄاڻ ڏيڻ کان علاوه مختلف مُلڪن ۾ تعليم دوران ۽ تعليم بعد، شاگردن لاءِ روزگار ۽ رھائش جي موقعن جي باري ۾ به بھترين گھربل ڄاڻ ڏيندي، رھنمائي ڪئي آھي. گڏوگڏ شاھمراد سائين، مختلف مُلڪن جي حوالن سان، مختلف مشھور چوڻيون ۽ پھاڪا ڏئي، اُتي جي ماڻھن ۽ معاشري جي مزاج سان، ”ٿورو لکيو، گھڻو سمجھيو“ واري چوڻيءَ وانگر دلچسپ نموني آگاھي به ڏني آھي. آئون وري به اھو ورجايان ٿو ته اھو سڀ ڪجھه اھو ئي ڪري سگھي ٿو، جنھن انھن مرحلن مان، بغير ڪنھن جي چيچ جھلڻ ۽ سھارو وٺڻ جي پاڻ محنت ڪري، ڪاميابي حاصل ڪئي ھجي! جنھن کي نه صرف پنھنجي ذاتي ڪاميابي عزيز ھجي، بلڪه ھو ٻين لاءِ به درد مند دل رکندڙ ھجي ۽ ٻين جي ڪاميابيءَ تي اندر ۾ ارھو ٿيڻ ۽ ڪڙھڻ بدران، انھن کي اڳتي وڌندو ڏسي خوش ٿيندو ھجي! اھو سڀ ڪجھه اھو ماڻھو ئي ڪري سگھي ٿو، جنھن جي شخصيت سياسي، فطري ۽ اخلاقي طور مضبوط ھجي. جنھن کي گھر کان وٺي سنگت تائين، ٻين ڪاڻ جيئڻ جي سُتي مليل ھجي. جنھن کي ٻين جي خوشين ڪاڻ سختيون بردارشت ڪرڻ جو درس ائين مليل ھجي، جيئن ڊاڪٽر صاحب کي اھو سبق پنھنجي والد ۽ MRD جي ڦٽڪن کاڌل، ۽ جيل جي اسير، محترم محمد صلاح چانڊئي پاران، زندگيءَ جي ڪتاب جي ھر صفحي تي مليل آھي!
ان لحاظ سان ڏسجي ته هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌ جي شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ لاءِ تمام اھم ۽ وقتائتي ڪوشش آھي. ڪاش، سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ نالي ماتر قائم ”ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪميٽيون“ هن ڪتاب کي گائيڊ بُڪ طور استعمال ڪندي، پاڻ به اُن جو مطالعو ڪن ۽ شاگردن توڙي سندن والدين کي به مطالعو ڪرڻ لاءِ ھمٿائين! گڏوگڏ سائين جي ھِن ڪتاب ۽ اُن کان اڳ واري ڪتاب ”اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا“ کي سنڌ جي ھر اسڪول ۽ ڪاليج جي لائبريري ۾ رکڻ، ۽ ان بابت شاگردن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ به گھربل قدم کنيا وڃن. شاھه مراد سائين جي اھا درد مند دل ئي آھي، جنھن نه صرف کانئن اھڙا ڪتاب لکرائي، اھو پيغام عام ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي، بلڪه پاڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکي، شاگردن، سندن اُستادن ۽ مائٽن جي سُجاڳي لاءِ به، مستقل طور سندن ذھن جو در کڙڪائيندا رھيا آھن. ٿيڻ ته ائين گھربو ھو، جو ھن ڪتاب جي اھميت کي محسوس ڪندي، ڪو سرڪاري ادارو ھن کي ڇپرائي ھا، پر چانڊئي صاحب پاڻ ھمت ڪئي، ان لاءِ کيس اڃا وڌيڪ جَس ھجي! مونکي پوري اُميد ۽ پڪ آھي ته سنڌ ۾ جڏھن به ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان ڪنھن اداري ڪم ڪيو ته، نه صرف شاھمراد سائين جو ھي ڪتاب ان جي سليبس ۾ شامل ھوندو، بلڪه انهيءَ سلسلي جي ھڪ ٻي ڪڙي جھڙو سندن ٻيو ڪتاب ”اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا“ به ان سلسلي جو حصو ھوندو. وس وارن کي اها به گذارش ڪنداسين ته، سنڌ جي نوجوانن جو ھن وقت جيئن ته اھم مسئلو ڪيريئر ڪائونسلنگ آھي. ڪيترائي باصلاحيت نوجوان، بي خبري سبب اڳيان نٿا وڌي سگھن. ان ڪري سرڪاري سطح تي ڪيريئر ڪائونسلنگ جو ڪو ادارو جوڙي، ان ۾ ڊاڪٽر شاھمراد جھڙن ماھر اُستادن کي رکيو وڃي، جيڪي شاگردن ۽ مائٽن جي وقت سر گھربل ۽ صحيح نموني رھنمائي ڪري سگھن. جيڪڏھن ممڪن ھجي ته سنڌ جو ڪو سماجي ادارو، ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان به ڪو پروجيڪٽ ٺاھي ۽ ڊاڪٽر شاھمراد جھڙن ماھرن کان، سنڌ جي ٻھراڙين جي تعليمي ادارن ۾ ليڪچر پروگرام جو سلسلو شروع ڪرائي، ته جيئن نه صرف سنڌ جي شاگردن جو، بلڪه سنڌ ۽ مُلڪ جو ڀلو ٿي سگھي!

پروفيسر نواز ڪنڀر
گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ
24-10-2020

پنهنجي پاران

21 صدي پاڻ سان گڏ ڄاڻ جو سيلاب آندو آهي، دنيا ۾ روز نيون نيون ايجادون ٿي رهيون آهن، هن سموري بي نظير انقلاب پويان ڪيئي انساني ذهن آهن، جيڪي دنيا جهان جي تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙن سوچيندڙ ذهنن کي دنيا جي بهترين يونيورسٽين يا ريسرچ انسٽيٽيوٽس ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو ۽ وسيلا به فراهم ڪيا وڃن ٿا. اڄ سموري دنيا پنهنجون سرحدون هڪٻئي جي شاگردن توڙي ريسرچرس لاءِ کولي ڇڏيو آهن، ڪنهن به ملڪ جي ذهين شاگرد کي ڪو ٻيو ملڪ يا تعليمي ادارو اسڪالرشپ ڏيئي به گھرائي ٿو، ڇو ته دنيا سمجهي ورتو آهي ته مستقبل تعليم وسيلي ئي بچائي سگھجي ٿو. جيئن نيلسن منڊيلا جا هي لفظ ته ”تعليم ئي سڀ کان طاقتور هٿيار آهي، جنهن کي استعمال ڪري دنيا کي تبديل ڪري سگھجي ٿو“.
تعليم جي اهميت محسوس ڪندي مون دنيا جهان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم ڪيل بهترين تعليمي ادارن ۾ سنڌي نوجوانن جي لاءِ موقعا ڳولڻ جو وچن ڪيو آهي، جنهن تحت مون ملائشيا ۾ رهندي ”اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا“ ڪتاب لکيو هو، جيڪو آڪٽوبر 2018ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب کي سنڌ جي ساڃاهه وندن توڙي شاگردن، استادن ۽ والدين وٽان تمام گھڻي موٽ ملي. اُن ڪتاب ۾ جيئن ته عالمي تعليمي موقعن تي سرسري نظر وڌل هئي ۽ گھڻو فوڪس ايشيا جي ملڪن تي هو، تنهنڪري ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي مون ايشيا کان علاوه دنيا جي ڪافي اهم ملڪن ۾ اعليٰ تعليم جي ادارن، جن ۾ يونيورسٽيون ۽ ريسرچ انسٽيٽوٽس اچي وڃن ٿا، انهن بابت معلومات جمع ڪئي ۽ اتي ملندڙ اسڪالرشپس توڙي داخلا جي طريقيڪار کان ويندي رهائش، کاڌي پيتي ۽ ٽرانسپورٽ تي ايندڙ خرچ ۽ ويزا جي طريقيڪار بابت بنيادي معلومات جمع ڪري سنڌ جي اهم اخبار روزاني پنهنجي اخبار ۾ موڪلڻ شروع ڪيا. جيڪي هر آچر تي شايع ٿيندا رهن ٿا ۽ اهو سلسلو هڪ سال کان هلندڙ آهي. هن ڪتاب ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيل مضمونن مان يورپ کنڊ ۾ موجود ملڪن بابت تفصيلي معلومات شامل ڪئي ويئي آهي. يورپ جيئن ته تعليمي لحاظ کان مجموعي طور باقي دنيا جي خطن کان ڪافي اڳڀرو، خوشحال ۽ پرامن خطو آهي، جتي دنيا جا بهترين تعليمي ادارا موجود آهن، ڪجهه ملڪن ۾ تعليم مفت به آهي ته ڪيترن ئي ملڪن طرفان ترقي پزير ملڪن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپس به ڏنيون وڃن ٿيون.
هن ڪتاب آڻڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي يورپ ۾ اعليٰ تعليم جي موقعن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏيڻ آهي. منهنجو خواب آهي ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ نياڻي يا نوجوان دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان نه صرف اعليٰ تعليم پرائين پر دنيا جي ڀلي لاءِ ڪو قانون، ڪا ايجاد ڪو نسخو يا ڪو نظريو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جونالو روشن ڪن.
مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ کين يورپ کنڊ ۾ پنهنجي لاءِ ڪا اسڪالرشپ جو موقعي تلاش ڪرڻ ۽ ڪنهن بهترين يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ ۾ رهنمائي ڏيندو.
آءٌ هڪ اعتراف ضرور ڪندو هلان ته ملائشيا مان پي ايڇ ڊي ڪري اچڻ کان پوءِ پهرين ٻن ڪتابن جي ڇپجڻ کان پوءِ ڪنهن حد تائين سوچيم پئي ته هاڻي وڌيڪ لکڻ جو سلسلو بند ڪري پنهنجي نوڪري ۽ گھر جي ضرورت مطابق وقت کي مينيج ڪريان. اهڙي ڪيفيت ۾ ٻن ماڻهن جون ڳالهيون ياد آيون جن ۾ بابا سائين محمد صلاح چانڊيو، جا هي لفظ ته ”آءٌ پنهنجي پٽ شاهمراد مان مطمئن آهيان ۽ مون کي کائنس ڪجهه وڌيڪ نه گھرجي، بس کيس ماڻهن جي ڪم اچڻ ۽ نوجوانن جي رهنمائي جو سلسلو جاري رکڻ گھرجي يا چاچا سائين حريف خان چانڊئي جا منهنجي پهرين ڪتاب ’’اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا‘‘ جي مهورتي تقريب ۾ چيل هي لفظ ته ”هيءُ ڪتاب اسان جي پوري سياسي، سماجي، ۽ تعليمي شعور کي پنهنجو ڪري ٿو“ مونکي وري سست ٿيڻ نه ڏنو ۽ مون ان موضوع تي وري نئين جوش ۽ تياري سان لکڻ پنهنجو فرض سمجهو.
مان پنهنجي فيملي، دوستن، استادن، شاگردن، سماج جي اتساهڪ ڪردارن، سنڌ جي ساڃاهه وندن خاص طور سائين شوڪت حسين شورو صاحب جو انتهائي ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي پهرين ڪتاب کي تمام گھڻو پسند ڪيو ۽ نوجوانن تائين ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اهم اخبار ۾ ان تي تفصيل سان مضمون به لکيو. آءٌ پنهنجي استاد سائين اظهر علي شاهه جو به ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي پهرين ٻنهي ڪتابن جي مهورتي تقريب کي ڪامياب ڪرڻ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. آءٌ تمام گهڻو شڪر گذار آهيان ملڪ جي ناليواري ليکڪ، عالم ۽ اديب، ريسرچر ۽ بهترين استاد سائين نواز ڪنڀر صاحب جو، جن منهنجي ڪتاب تي تفصيلي مهاڳ لکي ڏنو آهي۔ سائين جا لکيل لفظ مون لاءِ اتساهه ۽ اعزاز آهن۔
انشاءَ الله اعليٰ تعليم جي عالمي موقعن بابت آگاهي ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو ۽ هن سلسلي جو ٽيون ڪتاب به جلد سنڌ جي نوجوانن جي هٿن ۾ هوندو. آءٌ نهايت شڪر گذار آهيان ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ نامياري ليکڪ، شاعر ۽ اديب سعيد سومري جو، جنهن هڪ دفعو وري منهنجو ڪتاب پنهنجي اداري طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو
اسسٽنٽ پروفيسر ڪمپيوٽر سائنس
يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو

تعليمي شعور جا بنياد

بنيادي طور تعليم هڪ اهڙو خزانو آهي، جنهن سان انسان نه صرف انساني تجربن ذريعي حاصل ٿيندڙ علم جو اڀياس ڪري ٿو، پر قدرت جي هن ڪائنات کي سمجهڻ ۽ ان ۾ لڪيل خزانن جهڙوڪ معدنيات، کاڌن پيتن، فصلن وغيره کان ويندي قدرتي پاڻي، سمنڊ ۽ خلا ۾ موجود شين ڏانهن به رجوع ڪري ٿو. اهڙو علم جيڪو اڄ سائنس جي دور ۾ اسان کي نظر اچي ٿو پهرين ڪونه هو، پر ان جي شروعات انسان جو پاڻي جي ڪناري رهڻ سان ٿي چڪي هئي، ٻن پٿرن کي گسائي باهه ٻارڻ کان ويندي کاڌي پيتي لاءِ شڪار ڪرڻ جي فن ۽ پنهنجي اوگھڙ ڍڪڻ لاءِ شعور اچڻ سان ئي انسان ۾ اهڙي سگھ پيدا ٿي، جنهن کيس بيدار ڪيو ته هي دنيا ۾ کيس جيڪو ذهن ڏيئي موڪليو ويو آهي، اهو استعمال ڪري ۽ پنهنجي رهائش ، کاڌي پيتي، رهڻ ۽ اچڻ وڃڻ ۽ رابطي لاءِ ذريعا ڳولهي لهي. حقيقت ۾ سمورا ذريعا ۽ خزانا قدرت طرفان موجود ته آهن پر اهو انسان جي شعور جي آزمائش هئي ته اهي ذريعا ڳولهي ۽ کين اهڙي شڪل ڏيئي جنهن سان سندس زندگي ۾ آساني پيدا ٿئي اهڙي طرح هزارين سالن جي اجتمائي ارتقا سان اڄ انسان جو عقل سندسن تجربي سان حاصل ڪيل علم تي بيٺل آهي، جنهن علم ۾ روز انسان واڌارو به ڪري رهيو آهي. پر جيئن ته انسان سمجهي ورتو ته کيس شعور ئي باقي دنيا جي هر شيءِ کان نرالو بڻائي ٿو تنهڪري انسان پنهنجي شعور جي پختگي لاءِ علم يا ڄاڻ کي پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ درسگاهون جوڙيون ته جيئن ڪنهن به انسان، خطي يا ملڪ ۾ ظاهر ٿيل ڄاڻ محفوظ رهي ۽ مجموعي طور انسان ذات جو ان ۾ فائدو رهي. علم ڏيڻ وارا الله طرفان سڌي طرح موڪليل نبي هجن، يا انهن نبين جا پوئلڳ بزرگ هجن ويندي فلاسافر هجن يا سائنس جي بنياد تي تجربا ڪندڙ فرد، سڀني ۾ هڪ ڳالهه ڪامن رهي آهي ته انهن پنهنجي علم کي ڪڏهن به لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هر ايجاد مٿان ايجاد ٿي آهي، هر نظريي جي ڀيٽ ۾ ٻيو نظريو آيو آهي، سائنسدانن ، فلاسافرن يا عالمن هميشه ان علم جي معاملي ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪري انسان شعور کي اهڙو پختو ڪري پيش ڪيو آهي جو اڄ جو انسان علم جي بنياد تي چنڊ تي پهچي چڪو آهي، سمنڊ اندر لڪيل خزانا به ڳولهي ڪڍي رهيو آهي، هزارين ميلن جا مفاصلا ڪلاڪن ۾ طع ٿي رهيا آهي.
پر انساني ترقي جي هن سطع تي پهچڻ ۽ ان کي سمجهي ان ۾ واڌارو ڪرڻ يا وري اهڙي ترقي مان فائدو حاصل ڪري معاشري لاءِ باشعور فرد ٿي رهڻ لاءِ ضروري آهي ته هر نئو ڄاول ٻار علم سان سلهاڙجي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ حضرت آدم عليه سلام کي به پهرين علم ڏنو، پوءِ کاڌو پيتو، ويندي آخري نبي ڪريم صلعم به علم حاصل ڪرڻ مرد توڙي عورت تي فرض ڪيو آهي.
مجموعي طور تي ارتقائي مرحلن مان ٿيندو انسان سموري تاريخي سمجهه سهيڙي درسگاهن جو بنياد وڌو، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين جو بنياد وڌو ۽ اڄ سموري علم کي درجه به درجي ترتيب ڏني ويئي آهي، جو ٻار جي عمر جي حساب سان کيس پڙهڻ لاءِ نصاب ٺاهيو ويو آهي، اڄ ٻار پرائمري ۾ اکر پڙهڻ ۽ لکڻ سکي ٿو، کيس بنيادي آداب سيکاريا وڃن ٿا ته هاءِ اسڪول ۾ کيس پنهنجي ٻولي ان جي گرامر، رياضي، جاگرافي، ۽ سائنس جي مضمونن ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم جا بنياد پڪا ڪيا وڃن ٿا، اهڙي طرح اهو ٻار اندازو لڳائي وڃي ٿو ته هو ڪهڙي مضمون ۾ دلچسي رکي ٿو ، ان مطابق هو پنهنجي لاءِ اسپيشلائيزشن جي تعليم لاءِ ايڊوانس ڊگري يعني بيچلر ڊگري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو، جتي هو ڪنهن به هڪ فيلڊ ۾ وڌ کان وڌ لاڳاپيل مضمون پڙهي ٿو، ته جيئن ان فيلڊ جون سموريون بنيادي لوازمات کيس اچن، پوءِ چاهي اها ڊگري آرٽس جي ڪنهن به شعبي جهڙوڪ سنڌي، انگلش، اردو يا وري فلاسافي ۾ ڇو نه هجي، يا وري سائنس جي ڪنهن به شعبي جهڙوڪ ڪيمسٽري، فزڪس، بايولاجي وغيره هجي يا فارميسي، ۽ ميڊيڪل جي ڊگري ئي هجي، اهڙي طرح انجنئيرنگ جا شعبا جيئن سول، مڪينڪ، آرڪيٽيڪچر وغيره جن يا انوائرنمينٽ اسٽڊي هجي يا جيولاجي ۽ جاگرافي وغيره ويندي سماجي سائنس جنهن ۾ سوشالاجي، عالمي تعلقات، پوليٽيڪل سائنس، پبلڪ ايڊمنسٽريشن وغيره اچن ٿا، يا وري اقتصادي ۽ معاشي شعبا هجن جن ۾ بزنس، اڪانامڪس وغيره اچن ٿا، يا ٽيڪنالاجي جا شعبا جن ۾ ڪمپيوٽرس سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي يا قانون جو، تاريخ ۽ مذهبي تعليم جو شعبو ئي ڇونه هجي، انهن سمورن شعبن ۾ ڪوبه شاگرد پنهنجي پسند مطابق بيچلر ڊگر حاصل ڪري ٿو، ته ان شعبي ۾ بنيادي ڄاڻ هجڻ جي قابل ٿئي ٿو، جنهن ذريعي هڪ پاسي ان شعبي مطابق مارڪيٽ يا انڊسٽري ۽ حڪومتي ادارن ۾ ملندڙ روزگار لاءِ اهل ٿي وڃي ٿو، جنهن ڪري تقريبن 90 فيصد شاگرد بيچلر ڊگري ڪرڻ کانپوءِ روزگار سان لڳڻ چاهيندا آهن، ۽ باقي ماسٽرس ڏانهن وڌندا آهن، ان کان پوءِ سمورن شاگردن جو مشڪل سان هڪ سيڪڙو پي ايڇ ڊي ڊگري ڪرڻ چاهيندو آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته پوري دنيا ۾ هن وقت پي ايڇ ڊيز جو تعداد 10 لک کان مٿي نه آهي، ته انداو لڳايو ته پوري دنيا جي 7 ارب آبادي جو هي گھڻو سيڪڙو ٿيندو. پر باوجود پي ايڇ ڊي ڊگريون ڪرڻ جي دنيا ۾ اهڙا به فلاسافر ۽ اعليٰ سطح جا انسان پيدا ٿيا آهي، جن تي اڄ جو دور جو شاگرد انهن جي شخصي، ، فن ۽ فلاسافي يا سندس تخليق تي تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪري ٿو. تنهنڪري ائين چئجي ته اڄ جون جديد کوجنائون جيڪي ڏينهون ڏينهن نواڻ آڻي رهيون آهن، انهن جا بنياد هزارين لکين سالن جي ارتقائي ترقي ۽ انساني تجربن ۽ عظيم فلاسافرن جي ورثي جي بنياد تي آهي ته غلط نه ٿيندو.
هيٺ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مرحليوار ترتيب جو تفصيل ڏجي ٿو.
تعليم جون مختلف اسٽيجز هن طرح آهن.

پرائمري تعليم
شاگرد کي لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائي ٿي،

هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم
مختلف مضمونن بابت بنيادي ڄاڻ فراهم ڪري ٿي

بيچلرس ڊگري جي اهميت
شاگرد پنهنجي پسند جي مضمون ۾ بنيادي ڊگري حاصل ڪري مخصوص شعبي متعلق ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو، جنهنڪري هو روزگار يا وري ان شعبي جي ڪنهن مخصوص پاسي تي وڌيڪ پڙهڻ چاهي ٿو.

ماسٽرس ڊگري جي اهميت
بيچلر دوران جيئن ته شاگرد پنهنجي شعبي سان لاڳاپيل نصاب پڙهي ٿو، جيئن ڪيمسٽري ۾ ڊگري ڪئي هجي ٿي ته وري ماسٽرس ڪيمسٽري اندر ڪيئي سب فيلڊس مان هڪ ۾ ڪري سگھي ٿو، جيئن آرگينڪ، ان آرگينڪ، اينالاٽيڪل وغيره ائين ڪمپيوٽر سائنس ۾ بيچلر ڊگري ڪندڙ وري سافٽ ويئر انجنئيرنگ، ڪمپيوٽر نيٽورڪس، ملٽي ميڊيا، انفارميشن سسٽم وغيره ۾ ماسٽرس ڊگري ڪري سگھي ٿو، اهڙي طرح هر بنيادي شعبي اندر لاڳاپيل وڌيڪ شعبا نڪرن ٿا، جن مان ڪنهن به هڪ ۾ شاگرد ماسٽرس ڊگري حاصل ڪري ٿو، جنهن سان هو پنهنجي بنيادي مضمون ۾ ڪنهن پاسي تي وڌيڪ دسترس حاصل ڪري ٿو، جنهنڪري ان جي ان مخصوص فيلڊ ۾ وڌيڪ اهميت هجي ٿي، پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪجي ته هيستائين شاگرد مطلب پرائمري کان ويندي ماسٽرس تائين اڳ۾ موجود علم حاصل ڪري رهيو آهي، ٿي سگھي ٿو ماسٽرس يا بيچلرس ڊگري ۾ ڪي اهڙا شاگرد به هجن ٿا جيڪي ڪنهن استاد طرفان ڏنل مخصوص اسائنميٽ يا ريسرچ پراجيڪٽ ۾ ڪا نئين شيءِ به دريافت ڪري سگھن ٿا، جيئن ڪيمسٽري ۾ ڪو ڪيميڪل اسٽڊيز هجن، يا وري ٽيڪنالاجي ۾ ڪنهن مخصوص سافٽ ويئر جي ايجاد يا وري انجنيئرنگ ۾ ڪا نئين پراڊڪٽ يا ڪنهن به شيءِ کي حل ڪرڻ جو نئون طريقو، يا وري سماجي سائنس ۾ ڪا نئين نظرياتي ڳالهه ڪري سگھي ٿو، جنهن ڪري اهڙا هونهار شاگرد پنهنجي فيلڊ ۾ وڌيڪ ڀڙ سمجهيا ويندا آهن، ۽ پنهنجي شعبي ۾ وڌيڪ نالي پيدا ڪرڻ سان گڏ پنهنجي يونيورسٽي لاءِ باعث فخر هوندا آهن، اهڙا ئي شاگرد جلد نوڪري وٺڻ يا وري وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن.

پي ايڇ ڊي جي ڊگري ۽ ان جي اهميت
عام طور تي بيچلرس ۽ ماسٽرس کانپوءِ هڪ ٻي ڊگري جنهن کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري چيو وڃي ٿو، اها تعليمي ڪيريئر جي سڀ کان اعليٰ ۽ آخري ڊگري هجي ٿي. هن ڊگري جي خصوصيت اها آهي ته هن ڊگري ڪرڻ دوران شاگرد پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان پنهنجي شعبي جي ڪنهن به مخصوص ٽاپڪ تي وڌ کان وڌ پڙهي ٿو، ۽ ان ۾ ڪو واڌارو ڪرڻ جي قابل بڻجي وڃي ٿو، ۽ اهڙي ئي واڌاري ڪرڻ جي بنياد تي کيس ڊاڪٽريٽ جي هي ڊگري کيس ايوارڊ ڪئي وڃي ٿي. هي ڊگري ائين سمجهجي ته تعليم جو معراج آهي. هي ڊگري باقي سموري ڊگرين کان مختلف آهي ڇو ته پرائمري کان ويندي ماسٽرس تائين هر شاگرد پهرين موجود نصاب، يا کڻي چئجي ته پهرين کان موجود علم حاصل ڪري ٿو، کيس کي ڪا نواڻ آڻڻ جي ضرورت نه هجي ٿي يا ائين کڻي چئجي ته کيس نواڻ آڻڻ جي سمجهه ئي نه هجي ٿي، تنهنڪري هو مسلسل پهرين کان طئه ٿيل نصاب يا دريافت ٿيل علم حاصل ڪندو اچي ڪنهن به شعبي ۾ پهرين بيچلر پوءِ ان ئي شعبي جي ڪنهن سب ڪيٽيگري ۾ ماسٽرس ڪري ٿو، ائين وري ان سب ڪيٽيگري ۾ به ڪنهن مخصوص ٽاپڪ تي پهرين کان موجود سمورو لٽريچر پڙهي ٿو، جنهن سان هو ان موضوع کي گھرائي کان سمجهي ٿو، ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو، ان ۾ موجود ڪنهن مسئلي يا رهجي ويل ڪم کي سمجهي ٿو يا ان کي ڪنهن ٻي مخصوص موضوع سان ڳنڍڻ جي گنجائش محسوس ڪري ٿي ان لاءِ کيس نئين فارمولي، نئين قانون يا اصول جي ضرورت پئي ٿي جيڪو هو پنهنجي تجربي سان دريافت ڪري ٿو، ته ان قسم جو تحقيقي ڪم ئي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جي قابل بڻائي ٿو. ڪنهن سائنسدان ڏاڍي سولائي سان تعليم جو نقطو هڪ گول دائري ۾ سمجهايو آهي، ته جيئن هڪ تمام وڏي سرڪل اندر پرائمري تعليم صرف هڪ ٽبڪي برابر آهي ۽ ان ئي ٽبڪي کي هاءِ اسڪول جي تعليم ٿورو وڌائي ٿي پر بيچلر ڊگري ان کي ان دائري ۾ موجود انيڪ شعبن مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو موقعو ڏيئي ٿي، پوءِ ماسٽرس ڊگري ان ئي شعبي ۾ کيس وڌيڪ تعليم ذريعي سندن ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ٿي، پر پوءِ وڌيڪ لٽريچر پڙهڻ سان اهو شاگرد ان وڏي سرڪل جي مخصوص شعبي جي مخصوص موضوع تي ايترو گھرائي سان پڙهي ٿو جو ان ٽاپڪ تي ٿيل سمورو ڪم پڙهي ڪري اچي وڏي سرڪل جي مٿين سطح يعني دائري جي ديوار تائين پهچي ٿو، جتي کيس هاڻي ان دائري جي ديوار کان اڳيان به ڪجهه نظر اچي ٿو، ۽ اهڙي طرح هو ڪجهه اهڙي تخليق ڪري ٿو وجهي جو ان دائري کي وڌائي ٿو، اهڙي قسم جي ڪم کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري چيو وڃي ٿو.

پوسٽ گريجوئيشن ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ
پوسٽ گريجوئيش يعني گريجوئيشن کان پوءِ جي تعليم گريجوئيشن اصل ۾ بيچلر ڊگري جي تعليم کي چيو وڃي ٿو، ۽ گريجوئيشن جي ڊگري کان پوءِ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ٿئي ٿي، ويندي پي ايڇ ڊي کانپوءِ به پوسٽ پي ايڇ ڊي ڪورسس به ٿئي ٿو، جنهن کي پوسٽ ڊاڪٽريٽ چئجي ٿو، هي ڪا ڊگري نه آهي پر پي ايڇ ڊي ۾ ڪيل ڪم کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ۽ ان فيلڊ ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪجهه مهينن لاءِ ڪنهن پروفيسر سان گڏجي ڪم ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ پوسٽ ڊاڪٽريٽ جو سرٽيفڪيٽ ملي ٿو، ڇو ته ڪنهن به مخصوص فيلڊ تي دنيا جي مختلف سائنسدانن طرفان هڪ ئي وقت ڪم هلندو رهي ٿو، ان ڪري پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ سان ماڻهو وري ڪجهه سال ٽيچنگ ۽ ريسرچ گڏيل طور ڪرڻ کان پوءِ وري دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ يا ڪنهن ٻئي پروفيسر وٽ وڃي اتي ٿيندڙ ساڳئي ئي شعبي تي ڪم کي ڏسي ٿو، ۽ کيس وٽ نوان آئيڊيا اچن ٿا، ان ڪري پي ايڇ ڊي کانپوءِ هر ٽن سالن کان پوءِ 6 مهينن کان 9 مهينن جي پوسٽ ڊاڪٽريت ڪرڻ کي بهتر سمجهيو ويندو آهي. ۽ دنيا جا تحقيقي ادارا پنهنجي تحقيقدانن کي پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ همٿائيندا رهندا آهن ۽ کين فنڊنگ ڏيئي ان ئي فيلڊ ۾ ڪنهن مشهور تحقيقي پروفيسر يا ريسرچ جي اداري ۾ موڪليندا آهن.

بنيادي تعليم کان فني تعليم تائين

سموري دنيا ۾ بنيادي تعليم يعني لکڻ پڙهڻ جي قابليت هجڻ تائين جي تعليم لازمي سمجهي وڃي ٿي، جيڪا پرائمري درجي کان ڏهين يا ٻارنهين ڪلاس يا بين الاقوامي زبان ۾ ترتيبوار A ۽ O ليول سڏجي ٿي. بنيادي تعليم جو اچڻ ڪنهن به شخص کي زندگي جي عام وهنوار ۾ ڪم اچي ٿو، کيس سماجي جوڙجڪ، ڏيتي ليتي، رابطي ڪرڻ توڙي اخبار ۽ عام معلومات، صحت بابت بنيادي ڳالهيون ۽ ملڪي قانون ۽ سماجي اخلاقيات ۽ سٺي شهري هجڻ جي ذميوارين بابت ڄاڻ هجي ٿي، کيس اولاد جي مستقبل جو اونهو رهي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته ڏهه يا ٻارنهن ڪلاس پورا ڪرڻ کانپوءِ هر ماڻهو ڊگري ڪورس افورڊ ڪونه ڪري سگھي ٿو، ڇو ته اعليٰ تعليم ته ترقي يافته ملڪن به پنهنجي شهرين لاءِ ايڏي سولي ڪونه ڪئي آهي، تعليم کي جاري رکڻ لاءِ ڀلي کڻي پنهنجن ماڻهن لاءِ ڳاٽي ڀاڳي فيس مقرر نه به ڪئي هجن ته به او ليول تائين سٺن گريڊن سان گڏ ڪجهه اهم ايپٽيٽوٽ ٽيسٽو به پاس ڪرڻيو پون ٿيون، ويندي اعليٰ تعليم ۾ ايڏي محنت ۽ جستجو جي ضرورت پوي ٿي جو هر شاگرد پاڻ ئي ڊگري جي تعليم جاري رکڻ نٿو چاهي، يا وري سڌريل دنيا ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هنري تعليم کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي جنهنڪري مئٽرڪ يا اي ليول کان ئي ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ڪاليجز ۾ اڪثر شاگرد دلچسپي وٺن ٿا ۽ اتان جون حڪومتون به کين ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڏانهن مائل ڪري ٿي ته جيئن نوڪرين جي گھٽتائي جي ڪري ٽيڪنيڪل ڄاڻ هجڻ ڪري نوجوان انڊسٽريز ۾ روزگار حاصل ڪري سگھن. اهڙي طرح دنيا جي تقريبن ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙن شاگردن کي اسڪلڊ ڪورسس ڪرڻ لاءِ ئي اتساهيو وڃي ٿو ، جيئن هنگري کان ويندي آمريڪا تائين يا وري ايشيا جي سينگاپور، ڪوريا کان ويندي جپان ۽ چائنا تائين، سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ اسڪلڊ ڪورسس جن ۾ اٺين درجي، مئٽرڪ يا انٽر کانپوءِ ڪو فني مهارت جو ڪورس، يا ڊپلوما وغيره کي اهميت ڏني وڃي ٿي، جن ڪورسس ڪرڻ سان سندن نوجوان انڊسٽريز ۾ ڊائريڪٽ نوڪرين ۾ لڳي وڃن ٿا. البته ائين به نه آهي ته ترقي يافته ملڪن ۾ اهم سوچيندڙ ذهنن کي ڊگري پروگرام ۾ تعليم جاري رکڻ کان روڪيو وڃي ٿو، پر ماحول اهڙو هجي ٿو جو هر شاگرد خود ئي فيصلو ڪري ٿو ته هو تعليم جاري رکي يا وري ڪو سٺو هنر سکي نوڪري يا ڌنڌي سان لڳي وڃي. حقيقت ۾ اعليٰ تعليم لاءِ اهم گريڊ رکندڙ شاگردن کي ته اسڪالرشپ وغيره جا موقعا ڏيئي اتساهيو به وڃي ٿو. پر هر شاگرد جي پنهنجي انفرادي سوچ هجي ٿي. اڄ جپان کان ڪيناڊا تائين اسڪلڊ ورڪرس وڌيڪ پيدا ٿين ٿا، جيڪي ترقي يافته ملڪن جي انڊسٽريز لاءِ ريڙه جي هڏي برابر آهن. ان جو مثال ڏيندو هلان ته سينگاپور توڙي ڪوريا ۽ جپان ويندي جرمني، آمريڪا ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن جو تعداد سندن يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن کان وڌيڪ آهي، پر پري ڇو وڃجي اسان جي حيدرآبا يا ڪراچي ۾ به اردو ابادي جي اڪثر نوجوانن ۾ ٽيڪنيڪل ڪم ڪرڻ جو رجحان آهي، پوءِ موبائيل ۽ ڪمپيوٽر مارڪيٽ هجي، يا وري گاڏين، واشنگ مشينن ۽ فرجن کان ويندي ٽي وي، اليڪٽريشن ۽ آئل پينٽنگ ۽ رنگ جو ڪم يا وري ايئر ڪنڊيشن کان ويندي گھر ۾ پردن هڻڻ جو ڪم، يا موٽر مڪينڪ، ۽ پلمبر وغيره جو ڪم هجي،. هي سمورا ڪم اردو آبادي جو ڇوڪرن کي اچن ٿا، جيڪي پنهنجي ان فن جي ڪري حيدرآباد، سکر کان ويندي ميرپورخاص ۽ ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ خوب ڪمائي رهيا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي سنڌي نوجوان پنهنجي ڊگري کڻي گھر ويٺا آهن ۽ ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان عار اٿن. حقيقت ۾ وار ٺاهڻ ، بيوٽي پارلر جو ڪم به ووڪيشنل ڪورسس ۾ اچڻ گھرجي، جنهن سان ماڻهو پنهنجو معاشي مسئلو به حل ڪري سگھي ٿو ته سماج ۾ هڪ ذميوار فرد جو ڪردار به ادا ڪري سگھي ٿو.
اهم ڳالهه ته ترقي يافته ملڪن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ جيترو نوجوانن کي اتساهيو وڃي ٿو اوتري ئي نوجوانن کي پنهنجي محنت ۽ امتحاني نتيجن سان ايپٽيٽيوٽ ۽ IQ ٽيسٽن سان آزمايو به وڃي ٿو ته آيا همراهه اعليٰ تعليم جي اها ڊگري حاصل ڪرڻ جي قابل آهي، ان ڪري ئي دنيا جي اعليٰ تعليمي ادارن مان پنهنجن پنهنجن شعبن جا ماهر پيدا ٿين ٿا نه ڪي سکڻا ڊگري رکندڙ. اسان وٽ ته هر والد پنهنجي ٻار کي ڊاڪٽري انجنئيري، بزنس ايڊمنسٽريشن ، ڪمپيوٽر سائسن ، انفارميشن ٽيڪنالاجي نه ته به گھٽ ۾ گھٽ يونيورسٽي يا ڪاليج مان ڪا Bsc, ، Msc يا BA ۽ MA وغيره مختلف شعبن جهڙوڪ سوشيولاجي، پوليٽيڪل سائنس، سنڌي، اردو، انگلش يا وري بايولاجي، ڪيمسٽري، فزڪس، ۽ قانون وغيره جهڙن شعبن ۾ ڊگريون ڪن ٿا، اهي ڊگريون رکندڙ نوجوان ڪجهه سال ڊگريون حاصل ڪرڻ ۾ ۽ پوءِ وري ڪجهه سال نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڀڄ ڊڪ ۾ ضايع ڪن ٿا، ائين سماج ۾ اڻ سهپ، ڪرپشن، تشدد ۽ مايوسي وڌي ٿي. نه صرف شاگرد پاڻ پر سندس گھرڀاتي به مسئلن جو شڪار رهن ٿا. تنهڪري سڌريل ملڪن جي مثالن مان فائدو وٺي اسان کي به بنيادي هنر سکڻ گھرجن، ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ڪورس ڪرڻ گھرجن. پوءِ ڀلي اعليٰ تعليم به جاري رکجي. انسان جي ڪاميابي ۾ سندس هنر تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر وڃڻ جو خواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪوبه هنر گڏ هجڻ به سولائي پيدا ڪري سگھي ٿو، مون ملائشيا ۾ بنگلاديش جي شاگردن يونيورسٽي جي هاسٽل اندر هيئر ڪٽنگ ڪرڻ، ڪولالمپور شهر ۾ پلمبرنگ جو پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ کان ويندي مون بيڪرين توڙي سيلنگ ايجنٽ طور ڪم ڪندي ڏٺو. ڪجهه شاگرد ته ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ، ايڊيٽگ، ريپئرنگ جو ڪم ۾ يونيورسٽي اندر ئي ڪمائي رهيا هوندا آهن، ان ڪري اعليٰ تعليم سان هنر سکڻ جو ڪم ضروري آهي، جنهن لاءِ نامياري ليکڪ الطاف شيخ ڪيترن ئي ڪتابن ۾ صلاح ڏني آهي ته پنهنجي ٻارن کي موڪلن ۾ ڪو وار ٺاهڻ يا اليڪٽريشن يا ريفريجريٽرس وغيره جو ڪم سيکارڻ لاءِ ڇڏيو ته جيئن کين ڪو هنر اچي. جيڪو کين اڳتي هلي ڪم ايندو. خود الطاف شيخ جنهن پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ بحري جهاز هلايو ۽ سڄي دنيا جي سمنڊن ۾ جهاز هلايا ، ان کي به سندس دورانديش والد جيڪو ڊپٽي ڪمشنر به هو تنهن اسڪول جي موڪلن دوران ڪار مڪينڪ وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ ڇڏيو هيو، جتان هو نٽ بلٽ، پانا استعمال ڪرڻ به سکيو ته اعتماد به ، جو پاڻ ڪتاب م لِکَنِ ٿا ته ميرين انجنئيرنگ اڪيڊمي چٽاڪانگ ۾ جڏهن داخلا ٿين ۽ جهاز راني ۾ پريڪٽيڪل ڪرڻ جو ٽائيم هوندو هو ته هو ٻين شاگردن کان وڌيڪ پراعتماد هوندا هئا ۽ هلڪا ڦلڪا جهاز جا ڪم پاڻ ئي ڪري ويندا هئا جو کيس مڪينڪ ٿيڻ لاءِ بنيادي ٽريننگ پهرين کان ئي ٿيل هئي. سو اهڙن ڳالهين کي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي.

اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ

اهڙي تعليم، جيڪا ڪنهن به ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ هجي، جيڪا خاص طور ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ ڏني وڃي ٿي. هن قسم جي تعليم ۾ اعليٰ ڊگريون يعني بيچلرس، ماسٽرس، پي ايڇ ڊي شامل آهن. جنهن ۾ ڪجهه ايڊوانس ڊپلومه، ايسوسئيٽ ڊگريون ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڪورس ۽ سرٽيفڪيٽ به اچي وڃن ٿا، مختلف ٽريننگ ڪورس ۽ سرٽيفڪيٽ ته بنيادي طور بيچلر ڊگري يا ڊپلومه کانپوءِ ڪنهن به مخصوص شعبي ۾ وڌيڪ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا. اعليٰ تعليم جو بنيادي فائدو هيءُ آهي ته معاشري کي مختلف فيلڊس جي حساب سان مهارت رکندڙ نوجوان توڙي تجربيڪار ماڻهو ملن ٿا. ان سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارا انساني ڀلائي خاطر اهم ايجادون ۽ نظريا ڏين ٿا، جن ۾ اڄ جي اهم ايجاد انفارميشن ٽيڪنالاجي کان ويندي ميڊيسن، جينيٽڪ انجنيئرنگ، بايو انفارميٽڪس، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ هيومن ريسورس مينجمينٽ ۽ هائبرڊ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي کان ويندي اسپيس ۽ ايسٽراناميڪل ايجوڪيش، انوائرنمينٽل ايجوڪيشن ۽ سماجي سائنس ۽ نفسيات وغيره بابت اهم موضوع شامل آهن.
اعليٰ تعليم جيئن ته مهانگي هجي ٿي ۽ هر فرد افورڊ نٿو ڪري سگھي، پر حقيقت ۾ انسان ذات جي مجموعي ترقي ۽ واڌاري ۾ جيئن ته اعليٰ تعليم يافته فرد ئي ڪردار ادا ڪن ٿا، جنهنڪري مجموعي طور تي اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن جو ڪردار سڀ کان اهم هجي ٿو، جتان پڙهي نڪرندڙ گريجوئيٽ ئي اڳتي هلي ڪنهن به قوم جي سياست، سماجيات ۽ سائنسي فڪر جا وارث ٿين ٿا. انڪري بهتر اعليٰ تعليم ئي ڪنهن قوم جي ترقي جو سبب بڻجي ٿي. پر اها به حقيقت آهي ته اعليٰ تعليم نه هر شخص لاءِ آهي ۽ نه ئي وري هر ڪو افورڊ ڪري سگھي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته اڪثريتي ملڪن ۾ بنيادي تعليم ته مفت ۾ ڏني وڃي ٿي پر اعليٰ تعليم جاري رکڻ لاءِ ڪافي شرط رکيا وڃن ٿا، جن ۾ بنيادي تعليم ۾ سٺا گريڊ هجڻ سان گڏ، ڪجهه ٽيسٽون رکيون وڃن ٿيون. جن کي پاس ڪري ئي ڪو به شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو. ترقي يافته ملڪن مطابق ته جيڪڏهن ڪو ايترو ذهين ناهي ته اسڪول ليول دوران يعني مئٽرڪ يا انٽرميڊئيٽ ليول تي ئي ڪو سٺو هنر سکي وٺي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ ڪمائڻ جهڙو ٿي پئي. ائين جي ڪو ذهين آهي ته اهو اعليٰ تعليم جاري رکي سگھي ٿو، جنهن لاءِ سٺن گريڊن توڙي فيس وغيره جو شرط هجي ٿو. پر جي ماڻهو ذهين به آهي پر سندس دلچسپي ڪتابن کان ويندي هُنر ۾ آهي ته کيس سندس دلچسپي مطابق اهو هنر سکڻ گھرجي، ائين هو پنهنجو ذهن بهتر نموني استعمال ڪري اعليٰ پائي جو ڪاريگر به ٿي سگھي ٿو. پر ذهين هوندي به شرط آهي ته فيس وغيره افورڊ ڪري سگھي ٿو ته اهو بيشڪ تعليم جاري رکي سگھي ٿو پر جي ان جي اسڪول ليول تي سٺي رزلٽ هجي، پر جي ان جي ابتڙ ڪو اسڪول ليول تي سٺو تعليمي رڪارڊ رکي ٿو پر اعليٰ تعليم جو خرچ ڀري نٿو سگھي ته ان لاءِ ضروري آهي ته ان کي ڪا مدد ملي جنهن لاءِ اسڪالرشپ سڀ کان اهم سپورٽ بڻجي ٿي. جنهن سان ڪو به سوچيندڙ ذهن تعليم کان محروم نه رهي ۽ ڪو به افورڊ ڪندڙ شاگرد ڪا مثبت موٽ نه ملڻ ڪري تعليم جاري رکڻ مان دلچسپي ختم نه ڪري ڇڏي. انهن ٻنهي لاءِ اسڪالرشپ نهايت اهم هجي ٿي. جنهن لاءِ ذميوار ملڪ توڙي تعليمي ادارا اسڪالرشپ مهيا ڪندا رهن ٿا. ته جيئن دنيا لاءِ سٺا هنرمند توڙي انجنيئر، ڊاڪٽر، سماجي سائنسدا، مختف فيلڊس ۾ سٺا اسڪالر ۽ سائنسدان پيدا ٿيندا رهن ۽ دنيا جي گولي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندا رهن.
هيٺ اسڪالرشپ جي اهميت ۽ حاصل ڪرڻ جوطريقيڪار ڏنل آهي.

اسڪالرشپ ڇا آهي؟
اسڪالرشپ جنهن کي سنڌي ۾ وظيفو چئجي ٿو، وظيفو پئسن جي صورت ۾ ڪنهن به هونهار يا ضرورتمند شاگرد کي سندس تعليم جاري رکڻ لاءِ مختلف فردن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين يا آزاد ريسرچ ادارن، عوامي ڀلائي ۾ يقين رکندڙ حڪومتن توڙي مختلف خانگي تنظيمن طرفان ڏنو وڃي ٿو.

اسڪالرشپ جا فائدا:
اسڪالرشپ مان ڪيترن ئي قسمن جا فائدا ڳڻائي سگھجن ٿا، جن ۾ سڀ کان اهم فائدو هي آهن.
• مهانگي فيس جي ڪري ڪوبه هونهار شاگرد اعليٰ تعليم پرائڻ کان محروم نه رهجي وڃي.
• ڪوبه ضرورتمند شاگرد جيڪو تعليم جو خرچ برداشت ڪرڻ جي قوت نه رکندو هجي ، اهو تعليم جاري رکي سگھي.
• اسڪالرشپ ملڻ ڪري شاگرد کي پيسن نه هجڻ جي ڳڻتي نه ٿي رهي، جنهنڪري بغير ڪنهن پريشاني جي شاگرد پنهنجي پڙهائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي ٿو ۽ سٺن گريڊن ۾ ڊگري پاس ڪرڻ سان گڏوگڏ ريسرچ جي ميدان ۾ انساني ڀلائي خاطر ڪا اهم ايجاد يا نظريو به تخليق ڪري سگھي ٿو.
• اسڪالرشپ جي ڪري طبقاتي فرق ختم ٿئي ٿو ۽ ڪو به ضرورتمند شاگرد دنيا جي ڪنهن به اهم ۽ اعليٰ تعليمي اداري مان تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو.
• اسڪالرشپ هجڻ ڪري ريسرچ جي ميدان ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوچيندڙ ۽ تخليقي دماغن کي گڏ ڪري عالمي ريسرچ انسٽيٽيوٽس توڙي بهتر يونيورسٽين جي اهم پروفيسرن جي نگراني ۾ ڪم ڪرايو وڃي ٿو، جنهن سان دنيا جي مجموعي ڀلائي خاطر سائنسدان اهم تخليقون ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا.
• اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگرد ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي طور به سماج سڌارڪ جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ وڌيڪ مائل هجي ٿو، جنهنڪري سوسائٽي ۾ گڏيل ڀلائي ۽ سهڪار ڪرڻ جي قوت وڌي ٿي.
• اسڪالرشپ دنيا کي گڏيل سوچ ۽ فڪر ڏيئي ٿي، جنهن ۾ بغير رنگ، نسل ۽ ٻوليءَ جي دنيا جا هونهار شاگرد چونڊيا وڃن ٿا. جيڪي پنهنجي طور تي دنيا جي گولي تي سفارتڪار جي حيثيت رکن ٿا.

اسڪالرشپ جي اهميت:
اسڪالرشپ ڪنهن به شاگرد ۾ خوداعتمادي پيدا ڪري ٿي، جنهن سان هو وڌيڪ بهتر نموني سان تعليم جاري رکي ٿو. اسڪالرشپ شاگرد توڙي سندس خاندان ۽ ملڪ جي دل ۾ محبت ۽ پنهنجائپ پيدا ڪري ٿي، جنهن سان مختلف قومن جي وچ ۾ همدردي ۽ پنهنجائپ سان گڏ هڪٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ ۽ واپار ڪرڻ جا رستا کلن ٿا. هڪٻئي جي بهتر پاليسين مان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو. عالمي ليول تي موقعا پيدا ٿين ٿا، دنيا هڪٻئي جي ويجهو ٿئي ٿي، ٻولين جا فرق ختم ٿين ٿا، مختلف سماج ويجها ٿين ٿا، سفارتڪاري ٿئي ٿي ۽ مجموعي طور دنيا ۾ امن، ڀائيچاري جا امڪان وڌن ٿا، ترقي ۽ واڌارو اچي ٿو.

اسڪالرشپ ڪيئن حاصل ڪجي؟
انسان لاءِ سڀ کان اهم تعليم آهي، جيڪا انسان کي سمجهه عطا ڪري ٿي، کيس ڄاڻ سان گڏ عقلمند بڻائي ٿي ۽ جيڪڏهن تعليم پنهنجي ملڪ کان ٻاهر پرائجي ته زندگيءَ جو سڀ کان يادگار تجربو به بڻجي وڃي ٿي. ڪنهن به شاگرد لاءِ بهترين تعليم سان گڏ هن خوبصورت دنيا کي ڏسڻ جو سبب به بڻجي ٿي. هر ذميوار والدين ۽ هونهار شاگرد جي خواهش هجي ٿي، ته کيس ٻاهر وڃي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي. پر جيئن ته دنيا جي بهترين يونيورسٽين يا ٻين ملڪن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪرڻ آسان نه آهي ۽ ڪافي خرچ گھربل هجي ٿو، جنهنڪري ڪو دؤر هو جو ڪجهه سرندي وارن ماڻهن جا ٻار ٻاهران پڙهي ايندا هئا.
اسان جي ملڪ جي آزادي کان پهرين ٻاهران پڙهي آيل سنڌين جو مثال وٺنداسين ته آڱرن تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي انگلينڊ، جرمني، ايران يا ڪجهه ٻين ملڪن مان پڙهي آيا هوندا، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سال 2000ع تائين به ڪجهه سرندي وارن يا وري ملڪ ڇڏي ٻاهر آباد ٿيندڙ فيملين سميت ڪجهه سئو ماڻهو ئي ملندا، جيڪي پاڪستان گورنمينٽ جي خرچ تي يا ٻي ڪا مخصوص اسڪالرشپ حاصل ڪري ٻاهران تعليم حاصل ڪري آيا هوندا.
پر سال 2000ع کان پوءِ ذهين ۽ حقدار شاگرد لاءِ انيڪ موقعا پيدا ٿيا آهن، جن لاءِ نه صرف پنهنجي ملڪ پاڪستان پر ترقي يافته ملڪن توڙي دنيا جي بهترين يونيورسٽين، ڪامياب تنظيمن ۽ فردن طرفان سماجي ڀلائي، برابري لاءِ ۽ ذهين شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ۽ مجموعي طور هن دنيا جي ڀلائي لاءِ مختلف اسڪالرشپس ڏنيون وڃن پيون. پر اها به حقيقت آهي ته اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ آسان نه آهي، جيئن ته اسڪالرشپون ٿوري تعداد ۾ هجن ٿيون ۽ اميدوار تمام گھڻا ۽ مختلف ملڪن طرفان اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ مختلف شرط به رکيل هجن ٿا. پر گھربل مهارت سان گڏ، ارادي جي پختگي ۽ مسلسل ڪوشش ڪرڻ سان اسڪالرشپ حاصل ڪري سگھجي ٿي.
اسڪالرشپ چاهي ڪنهن ملڪ طرفان هجي، يا اداري يا وري ڪنهن فرد طرفان. ان جا مختلف قسم هجن ٿا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

اسڪالرشپ جا قسم:
• ميرٽ جي بنياد تي ملندڙ اسڪالرشپ
• ضرورت جي بنياد تي ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص شاگردن يا علائقن لاءِ ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص مضمون ۾ ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص يونيورسٽي طرفان ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص پروفيسر طرفان ملندڙ اسڪالرشپ
• مخصوص پراجيڪٽ تحت ملندڙ اسڪالرشپ

اسڪالرشپ مهيا ڪندڙ:
• مختلف ملڪن جي حڪومت طرفان
• مختلف تنظيمن جي طرفان جيئن اقوام متحده
• بين الاقوامي ادارن طرفان
• مشهور ماڻهن طرفان
• مختلف يونيورسٽين طرفان
• مختلف پروفيسرن طرفان
• مختلف چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ ڪري

اسڪالرشپ ڳولڻ جو طريقيڪار:
اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي تعليمي ڪواليفڪيشن مطابق سڀ کان پهرين دنيا جي مختلف ملندڙ اسڪالرشپ اسڪيمن تي نظر رکڻ گھرجي ۽ انهن لاءِ گھربل شيون پوريون ڪري رکڻ گھرجن، ان لاءِ مختلف ملڪن جي تعليم جي وزارت جي ويب سائيٽ، سندن سفارتخاني جي ويب سائيٽ، مختلف فلاحي تنظيمن جي ويب سائيٽ يا وري سندن ايندڙ اشتهارن تي نظر رکڻ گھرجي، ويندي پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي به نظر رکڻي پوندي يا وري ڪنهن خاص پروفيسر سان رابطو ڪرڻ گھرجي، جنهن وٽ فنڊنگ هجي. ائين وري مختلف آن لائين ڊيٽابيس تي وقتاَ به وقت جاچ ڪرڻ کان ويندي مختلف ريسرچ ۽ اسڪالرشپ گروپس تي به پڇا ڪندو رهڻ گھرجي.
مثال طور، جيئن آمريڪا لاءِ فل برائيٽ اسڪالرشپ آهي، يا وري انگلينڊ طرفان هر سال ايندڙ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ يا وري ٻين مختلف ملڪن جيئن چائنا، آسٽريا ۽ جرمني جي حڪومت طرفان ساليانو ملندڙ اسڪالرشپ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. جنهن لاءِ سڀ کان اهم طريقو پنهنجي پسند جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ان اسڪالرشپ جي گھربل معلومات لاءِ انهن جي ويب سائيٽ تي نظر رکڻ گهرجي ۽ ضروري ڪاغذات تيار ڪري ڇڏڻ گھرجن ته اعلان ٿيڻ شرط اپلاءِ ڪري سگھجي.

اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جو طريقيڪار:
اڪثر بين الاقوامي سطح تي اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جو طريقو آن لائين هجي ٿو، جتي درخواست فارم ڀري ۽ گھربل ڪاغذ اٽيچ ڪري سگھجن ٿا. پر ان کان علاوه ٻين ملڪن جي حڪومتن وچ ۾ ايڪسچينج پروگرام تحت يا لوڪل گورنمينٽ يا پاڪستان هاير ايجوڪيشن جي تعاون سان هلندڙ اسڪالرشپ پراجيڪٽ ۾ آن لائِن درخواست سان گڏ گھربل ڪاغذ پوسٽ به ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي.

اسڪالرشپ لاءِ قابليت جو شرط:
ڪنهن به اسڪالرشپ لاءِ قابليت جو شرط اسڪالرشپ جي نوعيت مطابق هوندو آهي. جيئن ڪي اسڪالرشپس مختلف خطي جي شاگردن لاءِ هونديون آهن، جيئن انڊر ڊولپنگ ملڪ، ڪي وري ڪنهن به شاگرد جي پراڻي ڊگري جي پرسنٽيج، سندس عمر، فيلڊ ، ڪنهن به ٻوليءَ جي اچڻ يا ان جي مهارت ، جِي آر اِي جي اسڪور ۽ گھربل پروپوزل جي معياري جو به شرط هوندو آهي.

اپلاءِ ڪرڻ جو وقت:
اڪثر بين الاقوامي يونيورسٽين ۾ داخلائن جو سلسلو سال ۾ ٻه کان ٽي دفعا ٿئي ٿو، پر سيپٽمبر مهيني ۾ شروع ٿيندڙ سيشن وڌيڪ اهم هجي ٿو، جو بين الاقوامي طور تي سيپٽمبر ۾ داخلائن جو گڏيل سلسلو شروع ٿئي ٿو ۽ ڪاليج جا رزلٽ به تازا اچن ٿا، تنهنڪري اڪثر ملندڙ اسڪالرشپون جنوري مهيني ۾ انائونس ٿين ٿيون، جن ۾ درخواست ڏيڻ جو وقت ڊسمبر جنوري کان اپريل مئي تائين هجي ٿو ۽ جون ۾ رزلٽ انائونس ٿئي ۽ انرولمينٽ جولاءِ جي آخر ۾ يا آگسٽ ۾ ۽ سيپٽمبر ۾ ڪلاس هلايا وڃن ٿا. اهڙي طرح سال جو ٻيو سيشن فيبروري ۾ ٿئي ٿو جنهن لاءِ درخواست فارم آڪٽوبر کان نومبر تائين گھرايا وڃن ٿا ۽ ڪلاس جنوري جي آخر ۾ يا فيبروري ۾ شروع ڪيا وڃن ٿا. پر اسڪالرشپس خاص طور سيپٽمبر واري سيشن ۾ انائونس ٿين ٿيون. ان ڪري ڪوشش ڪري ماڻهو داخلا سيپٽمبر واري سيشن ۾ وٺي، جيڪو بين الاقوامي طور تي نئين سال جي داخلا جو وقت سمجهيو وڃي ٿو. ۽ ان ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا به آهن. پر داخلا ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي لاءِ ضروري آهي، ته مسلسل اپلاءِ ڪجي ۽ مختلف ملڪن توڙي يونيورسٽين ۾ داخلا جي لاءِ شيڊول ۽ اسڪالرشپ ملڻ جا وقت نوٽ ڪري رکجن ۽ اڳواٽ گھربل شيون پوريون ڪري رکڻ گھرجن ته ڪاميابي يقيني ٿي وڃي ٿي.

داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ گھربل ڪاغذ:
داخلا پي ايڇ ڊي يا ايم فل ۾ وٺڻي آهي ته ضروري ڊگري سرٽيفڪيٽن ۽ ٽرانسڪرپٽن سان گڏ، پنهنجي فيلڊ ۾ ڪن به ٻن پروفيسرس يا ذميوار ماڻهن جو ليٽر ۽ ريسرچ پروپوزل هجڻ گھرجي. پر جي داخلا بيچلر ڊگري پروگرام ۾ آهي ته ريسرچ پروپوزل جي ضرورت نه آهي، ڪجهه ملڪن جي يونيورسٽين ۾ داخلا يا اسڪالرشپ ملڻ لاءِ گھربل ڪاغذن سان گڏ انگريزي ٻولي جي مهارت لاءِ سرٽيفڪيٽ يعني IELTS يا TOEFL گھربل هوندو آهي، يا ان سان گڏ ڏيهي توڙي بين الاقوامي GRE جو پاس هجڻ به ضروري هوندو آهي، پر اهڙي قسم جون اسڪالرشپس ڪجهه ملڪن يا مخصوص اسڪالرشپس لاءِ هونديون آهن، جيڪي به ڪري ڇڏجن ته وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿيندو. پر انهن جي نه هجڻ ڪري به موقعا انيڪ هجن ٿا.

اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هدايتون
• ڪوشش ڪري پنهنجي فيلڊ جي مطابق مختلف ملڪن خاص طور جن ملڪن طرفان اسڪالرشپون اينديون رهن ٿيون انهن جي ڪجهه بهترين يونيورسٽين جو انتخاب ڪري ڇڏڻ گھرجي.
• انهن يونيورسٽين ۾ ڪجهه پروفيسرس جيڪي پنهنجي فيلڊ جا هجن انهن سان به اِي ميل تي رابطي ۾ اچي کين پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪري ڇڏڻ گھرجي.
• ڪوشش ڪجي ته پنهنجو گھربل ريسرچ پروپوزل به تيار ڪري ڇڏڻ گھرجي. جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين يا پروفيسرس جي گھرج مطابق ڪجهه تبديلي آڻي سگھجي ٿي.
• ائين جڏهن به ان ملڪ جي حڪومت طرفان اسڪالرشپ انائونس ٿئي ته يڪدم ضروري درخواست فارم ۽ گھربل ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏڻ گھرجن.
• نه صرف حڪومت طرفان پر جي ان يونيورسٽي طرفان يا ان يونيورسٽي ۾ موجود ڪنهن پروفيسر طرفان به اسڪالرشپ جو اعلان ٿئي ته ان ۾ به درخواست ڏيڻ گھرجي.
• مٿين ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته شاگرد کي اهڙن ملڪن ۾ موجود يونيورسٽين جي لسٽ ٺاهڻ گھرجي، پوءِ ان يونيورسٽي جي گھرجن پٽاندڙ ضروري ڪاغذ اڳواٽ ئي تيار ڪري ڇڏڻ گھرجن.
• حقيقت ۾ هي پراسس لڳاتار ڪرڻ جو آهي، ڪي چند خوشنصيب ئي هجن ٿا، جن کي پهريون دفعو ئي اپلاءِ ڪرڻ سان اسڪالرشپ ملي وڃي ٿي، نه ته اڪثريت کي ڪيئي دفعا، ڪيئي سال لڳاتار ڪوشش ڪرڻ جي نتيجي ۾ اهڙا موقعا ملن ٿا.
• ان ڪري ضروري آهي ته اهڙيون اهم اسڪارشپون جيڪي هر سال ڪنهن ملڪ جي طرفان يا ڪنهن يونيورسٽي يا پنهنجي ئي ملڪ جي طرفان ٻاهر پڙهڻ لاءِ هجن، انهن لاءِ گھربل شين جي اڳواٽ ئي خبر هجي. ان ڪري ضروري آهي ته ماڻهو سموريون گھرجون پوريون ڪري ڇڏي ۽ آسانيءَ سان وقت اچڻ تي بغير ڪنهن پريشاني جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.
• هميشه درخواست ڏيڻ وقت ضروري تعليمي سرٽيفڪيٽن سان گڏ پاسپورٽ ۽ تصويرن ۽ پروپوزل جو هجڻ ضروري هجي ٿو. اهي به تيار هجڻ گھرجن.
• آخر ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن سمورن ويب سائيٽس ۽ سوشل نيٽورڪنگ گروپس تي سدائين نظر هجي ته جيئن ڪٿي تاريخ نڪري نه وڃي.
• اپلاءِ ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جي صورت ۾ پنهنجي استادن يا سينئر دوستن سان مشورو ڪرڻ گھرجي.
• ائين به ٿي سگھي ٿو ته بغير اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي به دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڇڏجي ۽ جي ڪا پنهنجي ملڪ طرفان يا ڪنهن فلاحي اداري طرفان ڪا اسڪالرشپ اچي ته ان ۾ فائدو ٿي سگھي ٿو، جو اڪثر اهڙيون اسڪالرشپس به اينديون آهن جيڪي ڪنهن به ضرورت مند شاگرد لاءِ جيڪو پرڏيهه جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هجي يا وري وڃڻ جي تياري ۾ هجي يا داخلا جي صورت ۾ پيسن جي کوٽ هجيس ته ان لاءِ هن قسم جي اسڪالرشپ ڪافي ڪارائتي ٿئي ٿي.
• اڪثر ائين به ٿئي ٿو ته ڪجهه هونهار ۽ باهمت شاگرد پنهنجي مدد پاڻ تحت دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي نڪري وڃن ٿا ۽ ڪجهه مهينن جا پيسا ساڻ ڪري پهرين سيمسٽر جي فيس جمع ڪرائي ڌارئي ملڪ ۾ پهچي وڃن ٿا، پوءِ ڪجهه شاگردن کي ڪا نه ڪا اسڪالرشپ ملي وڃي ٿي يا وري ڪو پارٽ ٽائيم ڪم ملي وڃي ٿو.

اسڪالرشپ ۽ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ اهم امتحان:
دنيا جي مختلف ملڪن جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ شرط مختلف ٿي سگھن ٿا، پر داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪواليفڪيشن ۽ فنائنس سان گڏ مختلف ٻولين مان ڪنهن به هڪ جي مهارت جو سرٽيفيڪٽ هجڻ لازمي هجي ٿو. خاص طور انگريز ملڪن ۾ انگريزي ٻولي جا ٻه وڏا امتحان IELTS ۽ TOEFL ۾ گھربل رزلٽ هجڻ لازمي آهن. البته ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ GRE جو پاس هجڻ لازمي نه ٿو هجي. پر اسڪالرشپ جي لازمي انگريزي جي ڪنهن به هڪ سرٽيفڪيٽ سان گڏ GRE جو سٺو اسڪور هجڻ اهم سمجهيو وڃي ٿو. دنيا جي ڪجهه اهم اسڪالرشپس ۾ خاص طور انگريز ملڪن نيوزيلينڊ، آسٽريا، آمريڪا، ڪيناڊا ، انگلينڊ کان ويندي يونائيٽڊ نيشن طرفان ملندڙ اسڪالرشپس توڙي مختلف ملڪن طرفان ملندڙ اهم ريسرچ فنڊنگس ۾ هي شرط هجن ٿا، انڪري هنن سرٽيفڪيٽس جي اهميت تمام گهڻي آهي، پر ائين به نه آهي، انگريزي کان سواءِ به يا GRE کان سواءِ به ڪافي اسڪالرشپس ملن ٿيون ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۾ داخلائون به ٿي وڃن ٿيون. پر هنن سرٽيفڪيٽس هجڻ ڪري وڌيڪ بهتر موقعا به ملي سگھن ٿا، جنهنڪري هنن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ تياري ڪري پاس ڪرڻ سان ماڻهو لاءِ ڪافي موقعا نڪري اچن ٿا.

پرڏيهه ۾ تعليم پرائڻ جي اهميت

حقيقت ۾ هي ڌرتيءَ جو گولو انساني سماج کي ڳنڍڻ جو سبب آهي، اسين پاڻ کي، پنهنجي ڳوٺ، شهر يا ملڪ تائين محدود رکي نه پاڻ ترقي ڪري سگھون ٿا، نه وري گڏيل انساني ترقي جو سبب بڻجي سگھون ٿا. اڄ جيڪا به انسان ذات ترقي ڪئي آهي، اها ارتقائي عمل سان گڏ، مختلف کوجنائن سان حاصل ٿيل علم جي آڌار تي ٿي آهي، سموريون سماجي ۽ سائنسي کوجنائون پوري انسان ذات جو گڏيل ورثو آهن، جيئن سموريون بيماريون، مصيبتون ۽ آفتون سموري انسان ذات تي اثر انداز ٿين ٿيون، ائين ئي علم ۽ شعور به انسان ذات جي مجموعي ملڪيت آهي، جنهن مان هر فرد کي فائدو رسي ٿو، ۽ اهڙي علم ۽ ترقي لاءِ هر فرد کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اسين جڏهن ٻئي ملڪ وڃي تعليم پرايو ٿا ته ان جا ڪيترائي فائدا آهن، جيڪي انفرادي طور به ٿين ٿا ته وري گڏيل انساني سماج لاءِ به، جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

انفرادي فائدا:
• اعتماد پيدا ٿئي ٿو
• معياري تعليم حاصل ٿئي ٿي
• نئين ثقافت ۽ ڪلچر جي خبر پئي ٿي
• نيون ٻوليون سکڻ جو موقعو ملي ٿو
• نوان دوست ٿين ٿا
• خوبصورت دنيا کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو
• ماڻهو آزاد محسوس ڪري ٿو
• پنهنجو پاڻ تي ڀروسو پيدا ٿئي ٿو
• پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن جو قدر ٿئي ٿو
• حب الوطني جو جذبو پيدا ٿئي ٿو
• ٻين جو خيال ڪرڻ اچي ٿو
• ذميواري جو احساس ٿئي ٿو
• ڪيريئر جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿين ٿا
• وقت، پيسي ۽ محنت جو قدر ٿئي ٿو
• صبر ڪرڻ جي سگھ پيدا ٿئي ٿي
• پنهنجي صلاحيتن جي خبر پوي ٿي
• روزگار جا موقعا ملن ٿا
• ماڻهو خدا جي ويجهو ٿئي ٿو

گڏيل فائدا:
• گڏيل سوچ پيدا ٿئي ٿي، جنهن تحت بين الاقوامي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪردار ادا ڪري سگھجي ٿو.
• ٻين جي مذهب، ٻولي، رسم رواج جو قدر ٿئي ٿو.
• گڏيل سائنسي کوجنا جو حصو ٿجي ٿو.
• انسان ذات جي مجموعي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪجي ٿو.
• ترقي يافته ملڪن ۾ روزگار ۽ رهائش جو موقعو ملڻ ڪري، پنهنجي خاندان ۽ علائقي يا ملڪ لاءِ ماڻهو وڌيڪ ڪارائتو بڻجي ٿو.

ڪهڙي ملڪ وڃڻ گھرجي؟

حقيقت ۾ ڪنهن به ملڪ جي اعليٰ تعليمي اداري ۾ تعليم پرائڻ سڀ کان اهم ڳالهه آهي پوءِ اُهو پنهنجو ملڪ ئي ڇو نه هجي يا دنيا جو ڪهڙو به ملڪ. پر جيئن ته مختلف ملڪن جي صورتحال، سندن تعليمي ادارن جو معيار، سهولتون، رهائش، پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ جي اجازت جو هجڻ سبب به ڪو ملڪ وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو. منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته ڪوشش ڀل انگلينڊ ، آمريڪا، آسٽريليا، ڪيناڊا، نيوزيلينڊ ۽ جرمني يا يورپ جي ڪنهن به ملڪ جي ڪجي پر موقعو جي جپان، چائنا، ملائشيا، روس، ترڪي کان ويندي سريلنڪا سعودي عرب، موروڪو، ڏکڻ آفريقا کان ويندي برازيل يا ارجنٽينا ۾ به ملي ته ضرور حاصل ڪرڻ گھرجي. ڇو ته اعليٰ جا معياري ادارا دنيا جي سمورن ملڪن ۾ آهن، پوءِ ڪٿي وڌيڪ ڪٿي گھٽ. پر اها به حقيقت آهي ته اعليٰ تعليم جا خرچ ڳرا آهن، جيڪو هر ڪو افورڊ نٿو ڪري سگھي ۽ نه ئي وري آمريڪا جي ادارن کان ايشيا جي ڪجهه ملڪن جا ادارا گھٽ آهن، ائين وري ايشيا ، آفريقا ۽ سائوٿ آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جي يونيورسٽين جي رينڪنگ به دنيا جي ٽاپ هزار ادارن ۾ اچي ٿي، جيڪي خود آمريڪا يا يورپ جي ڪافي تعليمي ادارن جي رينڪنگ کان بهتر رينڪنگ رکن ٿا. پر مجموعي ماحول جي ڪشش جي ڪري ڪجهه ملڪن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. ان ۾ اسان جي ملڪن جي شاگردن لاءِ سڀ کان اهم انگريزي ٻولي ڳالهائي ويندڙ ملڪ هجن ٿا، جن ۾ انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا، ڪيناڊا، نيوزيلينڊ ۽ سينگاپور اچي وڃن ٿا. ان کان پوءِ يورپين يونين جا سمورا ملڪ شامل آهن، پر جيئن ته هن وقت سائنسي تحقيق ۽ اسڪالرشپ ڏيڻ ۾ اوڀر ايشيا جا ملڪ جپان ، چائنا وغيره به اڳيان اڳيان آهن، ان ڪري ڪوشش ڀل مجموعي طور بهتر ملڪ ۾ وڃي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجي پر ڪو به موقعو هٿان ڇڏڻ نه گھرجي. ڇو ته چٽاڀيٽي هجڻ ۽ موقعا گھٽ هجڻ ڪري ماڻهو رهجي به سگھي ٿو، ته وري ڪٿي به موقعو ملڻ ڪري پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ماڻهو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ جا موقعا به حاصل ڪندو رهي ٿو.
هي ڪتاب جيئن ته يورپ جي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رهنمائي ڪرڻ لاءِ آهي، انڪري اڳئي صفحي تي يورپ بابت مختصر تعارف ۽ يورپ جي اهميت ۽ سندن تعليمي نظام بشمول اعليٰ تعليم جي موقعن بابت تفصيلي مضمون ڏنل آهي. جنهن ۾ يورپ جي مختلف خطن ۽ ملڪن جي بهترين يونيورسٽين بابت تفصيل شامل ڪئي ويئي آهي، ۽ وڌيڪ آساني خاطر يورپ جي هر هڪ ملڪ بابت الڳ سان مضمون ڏيئي تفصيلي آگاهي ڏني ويئي آهي.

يورپ ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا - هڪ تعارف

يورپ دنيا جو سڀ کان خوشحال کنڊ آهي، جتي ڪوبه ملڪ غربت جي لڪير کان هيٺ نه آهي. آبادي جي لحاظ کان ايشيا ۽ آفريقا کانپوءِ ٽيون نمبر وڏو کنڊ آهي، جتي 74 ڪروڙ جي قريب آبادي آهي، ۽ ايراضي جي لحاظ کان پنجون نمبر وڏو کنڊ آهي، جنهن جي مجموعي پکيڙ هڪ ڪروڙ اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. اهم ڳالهه ته پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جي وڏي ۾ وڏي ملڪ روس جي 75 سيڪڙو ايراضي ايشيا ۾ شامل آهي، ۽ پر سندس تقريبن سموري آبادي باقي رهيل 25 سيڪڙو ايراضي ۾ رهي ٿي، جيڪا يورپ ۾ اچي ٿي. مجموعي طور پوري يورپ کنڊ ۾ 44 ملڪ آهن، جيڪي اوڀر ، اولهه، اتر ۽ ڏکڻ يورپ جي طور مختلف خطن ۾ ورهايل آهن. يورپ جي اوڀر ۾ ايشيا آهي، باقي اتر ۾ آرڪٽڪ اوشن، اولهه ۾ ائٽلانٽڪ اوشن، ۽ ڏکڻ ۾ ميڊيٽيرئن سمنڊ آهي. يورپ صرف ايشيا سان زمين رستي ڳنڍيل آهي، جڏهن ته باقي دنيا سان سمنڊ رستي. اهو ئي سبب آهي جو يورپ مان ئي ڪافي سامونڊي مهمجُو نڪتا، جن نيون دنيائون دريافت به ڪيون ته فتحون به حاصل ڪيون. يونان جو اليگزينڊر هجي، ڪرسٽوفر ڪولمبس يا وري اسپين جو واسڪوڊيگاما، سڀ سمنڊ ذريعي ئي باقي دنيا تائين پهتا، يا وري دنيا جي مختلف حصن تي حڪمراني ڪندڙ ۽ فتحون حاصل ڪندڙ، پورچوگال هجي، هالينڊ هجي يا انگلينڊ سڀ سمنڊ جهاڳي ايشيا کان آمريڪا ۽ آسٽريليا تائين پهتا. بهرحال اسان جي کنڊ ايشيا جون سرحدون يورپ سان زمين رستي به ڳنڍيل آهن، جيڪي اوڀر يورپ جي ڪجهه ملڪن سان ملن ٿيون. خاص طور وچ ايشيا جي ملڪن جي روس سان گڏيل سرحد هجڻ ڪري يا وري ترڪي جو ڪجهه حصو ايشيا ۾ هجڻ ڪري . ٻن طرفن کان يورپ ايشيا سان ڳنڍيل آهي، يورپ جي اليگزينڊر به ترڪي رستي، ايران جي سلطنت کان ٿيندو هندوستان تائين پهتو. يورپ جي ملڪن کي جاگرافيائي طور هيٺ بيان ڪجي ٿو ته جيئن پڙهندڙن کي يورپ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.

اوڀر يورپ ۾ شامل ڪل 10 ملڪ هن ريت آهن. روس، بلگيريا، چيڪ ريپبلڪ، هنگري، پولينڊ، رومانيه، سولويڪيا، بيلاروس، مولڊووا ۽ يوڪرين. هنن ملڪن جي قدرتي سونهن باقي يورپ کان وڌيڪ آهي، پر تعليمي ۽ اقتصادي لحاظ کان باقي يورپ جا ٻيا سرمائيدار ملڪ کانئن ڪجهه اڳيان آهن. اسان جا ماڻهو سير ۽ تفريح لاءِ گھڻو ڪري چيڪ ريپبلڪ کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا، ۽ ان کان علاوه هنگري جون پراڊڪٽس معيار جي حوالي سان اسان وٽ ڪافي مشهور آهن، باقي رشيا ته سماج واد نظرئي ۽ دنيا جو پکيڙ جي حوالي سان وڏي ۾ وڏي ملڪ سميت سرد جنگ جي حوالي سان ۽ ٿڌ جي ڪري اسان وٽ مشهور آهي. يورپ جي هن علائقي جي، ايشيا سان سرحد ملي ٿي، ۽ وچ ايشيا جي رستي افغانستان کان رشيا وڃي سگھجي ٿو. ڪجهه سال پهرين يوڪرين جي رياست جي آزادي ڪري روس ۽ يوڪرين ۾ ڪافي ڪشيدگي رهي. مجموعي طور روس، هنگري، ۽ چيڪ ريپبلڪ ۽ پولينڊ تعليم جي لحاظ کان ڪافي اڳڀرا آهن. اسان جو نامور فلاسافر جاويد ڀٽو بليگريا جي صوفي يونيورسٽي مان تعليم پرائي آيو هو. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جو دوست ڪرشن ڪمار پهرين پولينڊ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو پر بعد ۾ ڇڏي ڪري آسٽريا ۾ وڃي پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس چوڻ آهي ته پولينڊ انتهائي سستو ملڪ آهي. رشيا هن وقت ڪافي ساريون اسڪالرشپس ڏيئي رهيو آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضرور ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

اتر يورپ ۾ شامل ملڪ هيءُ آهن، ڊينمارڪ، ايسٽونيا، فنلينڊ، آئسلينڊ، آئرلينڊ، ليٽويا، ليٿونيا، ناروي، سوئيڊن ۽ انگلينڊ آهن، جن جو ڪل تعداد 10 آهي.

اولهه يورپ ۾ شامل ملڪ هن طرح آهن، جرمني، بيلجيم، فرانس، لگزمبرگ، موناڪو، نيڌرلينڊس، آسٽريا، سوئٽزلينڊ، ليچٽينسٽي جيڪي به تعداد ۾ ڪل 9 آهن.

ڏکڻ يورپ ۾ شامل ملڪ هن ريت آهن، جن جو تعداد 15 آهي، البينيا، بوسنيا هروگوينا، ڪروشيا، گريس، اٽلي، اسپين، پورچوگال، سربيا، نارٿ ميسيڊونيا، سولوينيا، مونٽينيگرو، مالٽا، انڊورا، سين مارينو، ۽ هولي سي شامل آهن.

نوٽ: يورپ ۾ شامل مٿين ملڪن کان علاوه ڪجهه اهڙا ملڪ به آهن، جن جو شمار به روس جيان يورپ ۾ به ٿئي ٿو ته وري ايشيا ۾ به ـــ جنهن ڪري انهن کي يوريشن ملڪ به چيو وڃي ٿو، اهڙن ملڪن کي اقوام متحده جي اسٽيٽسٽيڪل ڊويزن ايشيا ۾ ته ڄاڻايو آهي، پر انهن جون سرحدون يورپ سان به ملن ٿيون. ٻيو وري انهن جا سياسي ۽ تاريخي لاڳاپا يورپ سان وڌيڪ ويجها رهيا آهن، ان ڪري انهن کي يورپ جو به سمجهيو وڃي ٿو. انهن ۾ شامل پنج ملڪ هن ريت آهن. ترڪي، جارجيا، ارمينيا سائپرس ۽ آذربائيجان. هي ملڪ به ڪائونسل آف يورپ جو حصو آهي، جڏهن ته ڪائونسل آف يورپ مان مراد يورپين يونين هرگز ناهي.

يورپ کنڊ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو مجموعي تعداد

سال 2016ع جي انگ اکرن مطابق يورپ ۾ اعلي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد 19.6 ملين يعني هڪ ڪروڙ 96 لک هيو، جن ۾ ڇوڪرين جو تعداد 54 سيڪڙو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته يورپ ۾ عورت تعليم جي ميدان ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو يورپ ۾ نه صرف شين ۽ سهولتن ۾ خوشحالي ۽ ترقي آهي پر يورپ جا ماڻهو روين ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. صحي چوندا آهن ته عورت جي پڙهيو لکيو هجڻ سان سڄو معاشرو پڙهيو لکيو ٿي وڃي ٿو، جنهن جو مثال يورپ آهي، جتي تعليم جو سئو سيڪڙو تناسب آهي. شاگردن جي گھڻائي سماجي سائنس، جنرلزم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ قانون ۾ داخل آهي. جڏهن ته ٻئي نمبر تي انجيئنئرنگ، پوءِ هيلٿ ۽ آرٽس جا سبجيڪٽ اچي وڃن ٿا.
سال 2020ع جي دنيا ليول تي بهترين هڪ هزار يونيورسٽين مان 381 يونيورسٽيون يورپ سان لاڳاپيل آهن، جيڪو تعداد دنيا جي معياري اعلي تعليم مهيا ڪندڙ ادارن جو 38 سيڪڙو بيهي ٿو، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد 76 يونيورسٽين سان برطانيا جو آهي ۽ ٻئي نمبر تي جرمني 45 يونيورسٽين سان شامل آهي، ۽ ٽئين نمبر تي فرانس جون يونيورسٽيون آهن، جن جو تعداد 35 آهي، جڏهن ته دنيا جي بهترين 10 يونيورسٽين ۾ برطانيا سان گڏ سوئٽزلينڊ جون يونيورسٽيون به شامل آهن.

ڪجهه اهم ڳالهيون
• ايراضي توڙي آباديءَ جي لحاظ کان يورپ جو وڏو ملڪ روس آهي
• جرمني آبادي جي لحاظ کان ٻئي، انگلينڊ ٽئين، فرانس چوٿين، اٽلي پنجين، اسپين ڇهين، يوڪرين ستين، پولينڊ اٺين، رومانيا نائين ۽ نيڌرلينڊس ڏهين نمبر تي آهن. ان کان علاوه بيلجيم يارنهين، گريس يعني يونان ٻارنهين، ريپبلڪ چيڪ تيرنهن، پورچوگال چوڏهين، ۽ پندرهين تي سوئيڊن آهي، جنهن جي آبادي هڪ ڪروڙ آهي.
• ايراضي جي لحاظ کان روس کان پوءِ يوڪرين ٻئي، فرانس ٽئين، اسپين چوٿين، سوئيڊن پنجين، ناروي ڇهين، جرمني ستين، فن لينڊ اٺين، پولينڊ نائين، اٽلي ڏهين، انگلينڊ يارهين ۽ رومانيا ٻارنهين نمبر تي آهي.
• آبادي جي لحاظ کان روس پهرين تي پندرنهن ڪروڙ جي قريب آبادي رکي ٿو، اتي ويٽيڪن سٽي 799 جي قريب آبادي رکي ٿي ۽ آخري نمبر تي آهي يعني ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي.
• يورپ جي اڪثر ملڪن جي آبادي لکن ۾ آهي يعني هڪ ڪروڙ کان به گھٽ. جن ۾ شامل ملڪ هن ريت آهن. هنگري 96 لک، بيلاورس، آسٽريا، سربيا، سوئٽزلينڊ، بلگيريا، ڊينمارڪ، فنلينڊ، سولويڪيا، ناروي، آئرلينڊ، ڪروشيا، مولڊوا، بوسنيا هزگوينا، البينا، ليٿونيا، نارٿ ميسيڊونيا،سلونيا، ليٽيوا، ايسٽونيا، مونٽينيگرو، لگزمبرگ، مالٽا، آئسلينڊ ساڍا ٽي لک جي قريب ترتيبوار شامل آهن.
• يورپ جي ڪجهه ملڪن جي آبادي فقط هزارن ۾ يعني هڪ لک کان به گھٽ آهي، جيئن سين مارينو، ليچيٽينسٽين، موناڪو، ۽ انڊورا .
• يورپ اندر يوروپين يونين نهايت اهم اتحاد آهي، جنهن ۾ ميمبر ملڪن جو تعداد 28 آهي. جيڪي پاڻ ۾ فري ٽريڊ ۽، ٽوئرزم جي پاليسي تحت هلن ٿا.
• يورو زون ۾ اهي ملڪ شامل آهن، جن يورو کي آفيشل ڪرنسي جو درجو ڏنو آهي، ان ۾ 19 ملڪ شامل آهن، ڇو ته يورپين يونين ۾ شامل ڪجهه ملڪ پنهنجي اڳوڻي سڪي کي برقرار رکندا اچن پيا.
• ڇينجن ويزا ۾ يورپين يونين جي ميمبر ملڪن مان ڪل 22 ملڪ شامل آهن، جن ملڪن پاڻ ۾ ويزا فري اچڻ وڃڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، نه فقط ميمبر ملڪ پر ٽوئرسٽ طور يا وري پڙهائي خاطر ايندڙ ٻاهريان ماڻهو به هي ويزا حاصل ڪري سمورا ملڪ هڪ ڇينجن ويزا لڳڻ سان گھمي سگھن ٿا. ان ۾ يورپ جا چار اهڙا ملڪ به شامل آهن، جيڪي يورپين يونين جا ميمبر نه آهن، جن ۾ ناروي، سوئٽزلينڊ، آئسلينڊ ۽ ليچسٽينسٽائن شامل آهن.
يورپ ۾ ملندڙ هڪ اهم اسڪالرشپس
Erasmus+ اسڪالرشپ: هي اسڪالرشپ يورپين يونين طرفان نوجوانن جي تعليم، ٽريننگ، اسپورٽس جي بهتري ۽ نوجوانن جي رهنمائي لاءِ يورپ اندر ڏني وڃي ٿي. هن پروگرام جي بجيٽ ساليانو 14.7 بلين يورو آهي، جنهن مان 4 ملين جي قريب ماڻهن لاءِ هن وقت تائين فائدو ورتو آهي، هن پروگرام جو گھڻو حصو يورپ جي ميمبر ملڪن ۾ ئي خرچ ٿئي ٿو، البته ٻين ملڪن جي حالتن ۽ سندن ڀلائي لاءِ به ان ۾ ڪافي موقعا ڏنا وڃن ٿا. ڪوبه ادارو يا فرد هن پروگرام مان سندس قابليت يا ضرورت جي حساب سان يا سندن ملڪ جي حساب سان موقعو حاصل ڪري سگھي ٿو. هن پروگرام جو في الحال وقت 2015 کان 2020 آهي، جنهن تحت هن وقت تائين ڪافي شاگرد ڪجهه مهينن جو ايڪسچينج ڪورس يا وري مختلف تنظيمن جي ٽيمن ٽريننگ ڪورسس ڪيا آهن. هن پروگرام جي ويب سائيٽ هي آهي.
https://ec.europa.eu/programmes/erasmus-plus/node_en
Horizon 2020: هي پروگرام به سائنس ۽ ريسرچ لاءِ يورپين ڪميشن طرفان آهي، جنهن جي مدت به 2014 کان 2020 تائين رکي ويئي آهي، جنهن بابت تفصيل هن لنڪ تي موجود آهي. https://ec.europa.eu/programmes/horizon2020/en/what-horizon-2020

اولهه يورپ Westren Europe

---

اولهه يورپ Western Europe

• جرمني
• فرانس
• بيلجيم
• نيڌرلينڊس
• آسٽريا
• سوئٽزلينڊ
• لگزمبرگ

جرمني ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا ۽ طريقيڪار

دنيا کي سماجواد جو نظريو ڏيندڙ ڪارل مارڪس ۽ ماڊرن فزڪس جي ابي سڏجندڙ آئنسٽائين جي جنم ڀومي جرمني، اولهه يورپ جو نهايت اهم ملڪ آهي، جنهن جي آبادي تقريبن سوا 8 ڪروڙ آهي. جنهن جي پکيڙ 357386 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي، ائين سمجهڻ غلط نه ٿيندو ته جرمني پاڪستان جي حساب سان آبادي ۽ ايراضي ۾ تقريبن اڌ جيترو آهي، پر اقتصاديات ۽ معاشي لحاظ کان پاڪستان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آسودو آهي، ۽ دنيا جي خوشحال ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو.

جرمني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ طريقيڪار
دنيا ۾ تعليم جي لحاظ کان آمريڪا، انگلينڊ ۽ آسٽريليا کان پوءِ چوٿين نمبر تي پسند ڪيو ويندڙ ملڪ جرمني آهي ۽ بين الاقوامي شاگردن جي تناسب ۾ به جرمني چوٿين نمبر تي اچي ٿو. اهڙي طرح انگريزي نه ڳالهائڻ وارن ملڪن non-Anglophone ۾ تعليم جي لحاظ کان سڀ کان مقبول ملڪ جرمني آهي، سال 2014ع ۾ جرمني جي تقريبن 16 رياستن بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ ٽيوشن فيس ختم ڪري ڇڏي، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هي ملڪ ڪيترو نه تعليم دوست آهي. ٻيو جرمني ۾ خرچ ٻين ساڳئي حالت وارن ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مناسب آهي، شاگردن کي ڪمائڻ جا موقعا به آهن ته وري تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ نوڪري ڪرڻ جي به اجازت آهي. جرمني ٻين ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر مزاج رکندڙ رياست به آهي، اهم ڳالهه ته ٻيا ترقي يافته ملڪ جتي ٽيوشن فيس وڌائي رهيا آهن، اتي جرمني طرفان اعلي تعليم مفت ڪرڻ جهڙا، اهڙا سبب آهن، جنهن ڪري جرمني ڏينهون ڏينهن عالمي طور تي شاگردن لاءِ پرڪشش ٿيندو پيو وڃي. جرمني ۾ سال 2017ع ۾ ٽوٽل 358900 پرڏيهي شاگرد اعلي تعليم لاءِ آيا، جڏهن ته جرمني حڪومت جي مطابق سندن ٽارگيٽ هيو ته سال 2020ع تائين 350000 هزار شاگرد سندن ملڪ ۾ اچي پڙهن، پر سندن جو اهو ٽارگيٽ 3 سال پهرين ئي حاصل ٿي ويو.

جرمني ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارا
جرمني ۾ لڳ ڀڳ 425 اعلي تعليم مهيا ڪندڙ ادارا آهن، جن ۾ 100 جنرل يونيورسٽون، 200 اپلائيڊ سائنس يونيورسٽيون ۽ 100 جي لڳ ڀڳ اسپيشلازڊ يونيورسٽيون به شامل آهن، جن ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيون، آرٽس جا اسڪول ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن جا ڪاليج اچي وڃن ٿا. دنيا ليول تي رينڪنگ لحاظ کان آمريڪا ۽ برطانيا جي يونيورسٽين کان پوءِ ٽئين نمبر تي گھڻو تعداد جرمني جي يونيورسٽين جو آهي، جن مان سڀ کان بهترين هزار يونيورسٽين ۾ جرمني جون 45 يونيورسٽيون شامل آهن.

جرمني ۾ ماهوار خرچ پکو:
جرمني ۾ تعليمي خرچ جيترو گھٽ آهي پر رهائش ۽ کاڌي پيتي يا ٽرانسپورٽ ۾ جرمني ايترو سستو به نه آهي، تقريبن هڪ مهيني جو خرچ اهم شهرن ۾ بهتر کاڌي پيتي ۽ رهائش سان هڪ هزار کان ٻارنهن سئو ڊالرس تائين آهي، جيڪو گھٽ يا وڌ شاگرد جي پنهنجي زندگي گذارڻ جي طريقيڪار تي آهي. ڪجهه دوستن سان گڏيل رهائش هجي ته مهانگي رهائش کان ماڻهو بچي سگھي ٿو. جرمني جو ميونخ مهانگو شهر سمجهيو وڃي ٿو.
جرمني جي سرڪاري تعليم بابت ٺهيل ويب سائيٽ مطابق خرچ هن ريت اچي ٿو.

خرچ سبب ٽوٽل
رهائش 200 کان 400 ڊالرس تائين 810 ڊالرن کان 1210 ڊالرن تائين
کاڌو پيتو 205 ڊالر
ڪپڙا 52 ڊالر
ٽرانسپورٽ 115 ڊالر
فون، انٽرنيٽ ۽ ٽي وي 38 ڊالر
ڪتاب ۽ نوٽس وغيره 25 ڊالر
وندر 75 ڊالر
هيلٿ انشورنس 100 ڊالر

جرمني لاءِ ويزا:
جرمني ۾ ويزا جي فيس ته 74 ڊالر آهي پر ويزا لاءِ اڪائونٽ ۾ 10000 هزار ڊالر تائين هجڻ يا وري ڪو سورس آف انڪم ڏيکارڻو هوندو آهي، جو ماهوار 7 کان هزار ڊالر تائين توهان جي اڪائونٽ ۾ پيسا ايندا هجن.

جرمني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ معلوماتي ويب سائيٽ:
جرمني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سموري معلومات هن لنڪ ذريعي حاصل ڪري سگھجي ٿي. https://www.daad.de/en/ . هي لنڪ جرمني حڪومت طرفان آهي، جتي جرمي ۾ تعليمي ادارن بابت، انهن ۾ داخلا حاصل جي طريقيڪار سميت ملندڙ اسڪالرشپن بابت ۽ جرمني ڏانهن وڃڻ لاءِ ويزا جو طريقيڪار لاءِ سموري معلومات ڏنل آهي، هي ادارو دنيا ۾ تعليم ۽ ريسرچ جي حوالي سان جرمني حڪومت جي سهڪار سان هلندڙ شاگردن لاءِ وڏي ۾ وڏو ادارو آهي، جنهن مان جرمني ۽ سموري دنيا جا تقريبن هڪ لک جي قريب ماڻهو فائدو حاصل ڪن ٿا. اهم ڳالهه ته هن جو بنياد هڪ جرمن شاگرد جي اپيل تي 1925ع ۾ پيو ۽ اڄ جرمني جا سمورا اعلي تعليم مهيا ڪندڙ ادارا ۽ انهن ۾ موجود شاگرد يونينون ڀي هن اداري جي پويان آهن، جن جي ميمبرشپ جي بنياد تي هي تنظيم هلي رهي آهي. هن جو مُوٽُو آهي ته Change by exchange يعني تبديلي گڏيل مٽاسٽا سان ئي آهي.
جرمني ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار ۽ گھرجون.
جرمني جي يونيورسٽين ۾ سال ۾ ٻه دفعا داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ پهرين بيچ اونهاري ۾ شروع ٿئي ٿي، هي سيمسٽر جا ڪلاس اپريل کان سيپٽمبر تائين هلن پر داخلا لاءِ درخواست 15 جنوري تائين ڏيئي سگھجي ٿي. ائين ٻيو سيمسٽر سياري ۾ شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ به نيون داخلائون ٿين ٿيون، جنهن جا ڪلاس سيپٽمبر کان فيبروري تائين هلن ٿا ۽ داخلا لاءِ درخواست 15 جولاءِ تائين ڏيئي سگھجي ٿي. مختلف يونيورسٽين جي شيڊول ۽ ضروري ڪواليفڪيشن جي حوالي سان فرق ٿي سگھي ٿو. داخلا لاءِ درخواست آخري تاريخ کان گھٽ ۾ گھٽ هڪ مهينو اڳ ۾ جمع ڪرائڻ گھرجي.
گھربل ڪاغذن ۾ سمورا سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪ سرٽيفڪيٽ ڪلاس ميٽرڪ کان گريجوئيشن جي ڊگري تائين يا وري جيڪا آخري ڪوالفڪيشن هجي.
تصويرون، پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ لينگئيج سرٽيفڪيٽ جي گھربل هجن ٿا ۽ جتان توهان پڙهيا هجو، ان اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي کان سمورا ڪاغذ اٽيسٽيڊ يا سرٽيفائيڊ هجڻ گھرجن.
ان کان علاوه جي ٻيا گھربل ڪاغذ جيڪڏهن ضروري هجن ته بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ شاگردن کي Studienkolleg ۾ پڙهڻو پوندو، جيڪو غير يورپي شاگردن لاءِ فائونڊيشن ڪورس آهي، ته جيئن هو جرمن ٻولي ۽ ڪجهه ضروري ڪور ڪري پوءِ پنهنجو ڊگري پروگرام جاري رکي سگھن، هن ڪورس ڪرڻ کان پوءِ هڪ امتحان به ڏيڻو پوندو آهي، جنهن کي Feststellungsprüfung چوندا آهن.
داخلا لاءِ ڪنهن به يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي ڊائريڪٽ به درخواست فارم ڀري سگھجي ٿو ته وري www.uni-assist.de, تي به درخواست ڏيئي سگھجي ٿي. هي ويب سائيٽ جرمن اڪيڊمڪ ايڪسچينج سروس ( DAAD) طرفان آهي.

جرمني ۾ اسڪالرشپس:
جرمني ۾ جيئن ته ٽيوش فيس نه هجڻ جي باوجود به اسڪالرشپ جا موقعا موجود آهن. جيڪي وقت به وقت https://www.daad.de/en/ جي طرفان مهيا ڪري ڏنا وڃن ٿا. جن ۾ اسڪالرشپون، ريسرچ فنڊ، جاب بيسڊ ريسرچ وغيره شامل آهن. انهن کان علاوه انڊسٽريل ۽ نوٽيبل ماڻهن طرفان به الڳ سان اسڪالرشپس يا فنڊنگ جي مد ۾ مدد ڪئي وڃي ٿي. هڪ الڳ سان حڪومت طرفان به ريسرچ فنڊنگ آهي جنهن جي تفصيل هن لنڪ تي ڏسي سگھجي ٿي. www.research-in-germany.org.

جرمني جون ڏهه بهترين يونيورسٽيون
جرمني جي بهترين ڏهه يونيورسٽين ۾ پهرين نمبر تي Technical University of Munich ، ٻئي نمبر تي LMU يونيورسٽي، ٽئين نمبر تي Heidelberg University ، چوٿين نمبر تي KIT ، پنجين نمبر تي Humboldt University of Berlin، ڇهين نمبر تي فري يونيورسٽي آف برلن، ستين نمبر تي RWTH Aachen University، اٺين نمبر تي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف برلن، نائين نمبر تي University of Tübingen ۽ ڏهين نمبر تي يونيورسٽي آف Freiburg شامل آهن.

جرمني ۾ روزگار ۽ رهائش جا موقعا:
جرمني ۾ ڊگري پوري ڪرڻ کانپوءِ 18 مهينن تائين ريزيڊنس پرمٽ لاءِ اجازت ڏني وڃي ٿي، جنهن وچ ۾ نوڪري ملي وڃڻ جي صورت ۾ 2 سال کان پوءِ مستقل رهائش جي درخواست به ڏيئي سگھجي ٿي. پر نوڪري توڙي مستقل رهائش لاءِ مخصوص حالتون يا وري پنهنجي فيلڊ ۾ مهارت جو هجڻ تمام ضروري آهي. جرمني ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجينئرنگ ۽ ميئٿميٽڪس جي گريجوئيٽس لاءِ روزگار جا موقعا ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻا آهن. روزگار توڙي رهائش حاصل ڪرڻ جي حوالي سان جرمني ٻوليءَ جو اچڻ تمام ڪارائتو ثابت ٿي سگھي ٿو.

فرانس ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا

پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سياحن جي ميزباني ڪندڙ فرانس آهي، جتي ساليانو 83 ملين يعني 8 ڪروڙ ۽ 30 لک سياح گھمن اچن ٿا. ان ملڪ ۾ پڙهڻ ڪيترو نه پر ڪشش ٿي سگھي ٿو. ۾ 7 هزار جي قريب عجائب گھر ۽ 40 هزار جي قريب تاريخي ماڳ آهن فرانس ۾ ساليانو 3 لک کان مٿي پرڏيهي شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا.

فرانس ۾ اعليٰ تعليمي ادارا
فرانس ۾ 83 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون آهن، جتي مختلف شعبن ۾ ڊگري پروگرام ڪرايا وڃن ٿا. ان کان علاوه 250 اهڙا تعليمي انسٽيٽيوٽ آهن، جن کي grandes écoles سڏيو وڃي ٿو. هنن انسٽيٽيوٽس ۾ ڪنهن به هڪ سبجيڪٽ ۾ اسپيلائيزيشن ڪرائي وڃي ٿي. گھٽ داخلائون ڏيڻ ڪري هن قسم جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تمام گھڻي چٽاڀيٽي هجي ٿي. هي انسٽيٽيوٽ خاص طور بزنيس ۽ انجينئرنگ جي تعليم ڏيڻ ۾ مشهور آهن. ان کان علاوه فرانس ۾ آرٽس، آرڪيٽيڪچر جي شعبن لاءِ الڳ سان اسڪول آهن، ان سان گڏ فيشن، فلم، صحافت، هاسپيٽلٽي، سوشل ورڪ وغيره لاءِ الڳ سان ڪاليج به آهن. فرانس جون 35 يونيورسٽيون دنيا جي ٽاپ رينڪنگ ۾ شامل آهن، جن مان 11 ٽاپ 300 ۾ آهن. جڏهن تهParis Sciences et Lettres Research University(PSL) 50 نمبر تي ۽ Ecole Polytechnique 65 نمبر تي آهي.
انڊر گريجوئيٽ جا تقريبن سمورا پروگرام فرينچ زبان ۾ پڙهايا وڃن ٿا، جڏهن ته ماسٽرس ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ ڪافي پروگرام انگريزي ٻوليءَ ۾ به متعارف ڪرايا ويا آهن. انٽر کي ڪورس جو حصو ٺاهيو ويو آهي ته جيئن شاگرد پڙهائيءَ سان گڏ مارڪيٽ ۽ انڊسٽري جو تجربو به حاصل ڪري سگھن.
فرانس جي ڪلچر ۽ زندگي گذارڻ جي ڍنگ کي ويجهي کان سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته فرينچ زبان جي بنيادي معلومات هجن.

داخلا جو طريقيڪار
ڪنهن به يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽ اپلاءِ ڪري سگھجي ٿي، ۽ انهن جي ويب سائيٽ تي ڏنل اصول ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار تي عمل ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن شاگرد آرٽس، ڊزائن، ميوزڪ ۽ آرڪيٽيڪچر جهڙن موضوعن تي تعليم پرائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ته سندس کي هن سينٽرل ويب سائيٽ www.campusart.org تي اپلاءِ ڪرڻ گھرجي. جيڪا فرانس جي 100 کان مٿي آرٽس سان لاڳاپيل انسٽيٽيوٽش بابت رهنمائي ڪري ٿي.

ويزا جو طريقيڪار
جڏهن فرانس جي ڪنهن به تعليمي اداري ۾ داخلا ٿي وڃي ته پوءِ فرانس جي ايمبسي ۾ ويزا لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ گھرجي. فرانس ۾ شاگرد کي ويزا سان گڏ ريزيڊنٽ پرمٽ VLS-TS. ڏني وڃي ٿي. جيڪا شروعات ۾ هڪ سال لاءِ هجي ٿي. ويزا لاءِ ڪنهن تعليمي اداري ۾ داخلا سان گڏ، پاسپورٽ، تازا ڦوٽو، تعليمي سرٽيفڪيٽ ۽ پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ سان گڏ فنائنشل سورس سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوي ٿو، جنهن ۾ ماهوار 615 فرينچ پيسا يا وري 715 آمريڪن ڊالر جي رقم ڏيکاريل هجي. اهم ڳالهه ته فرينچ ٻوليءَ جو ڪو بنيادي ڪورس ڪيل هجي ته مثبت اثر ٿئي ٿو، ورنه ڊگري پروگرام ۾ ان ڪورس جو شامل هجڻ ضروري آهي يا وري پروگرام انگلش ۾ آهي ته به فرانس ۾ رهڻ ۽ رابطي لاءِ بيسڪ فرينچ ٻوليءَ جو اچڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. فرانس پهچڻ کانپوءِ ٽن مهينن اندر شاگرد کي لانگ اسٽي ويزا جاري ڪئي وڃي ٿي.

ٽيوشن فيس:
فرانس جي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ فيس مجموعي طور تي گھٽ آهي، پر پرائيويٽ ۽ ڪجهه انسٽيٽيوٽس توڙي مختلف موضوعن جي حساب سان ڪجهه پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ فيس ڪافي مهانگي به آهي. پرائيويٽ يونيورسٽين جي فيس 3 هزار يورو کان 10 هزار يورو ساليانو آهي. البته پبلڪ يونيورسٽين ۾ فيس سيمسٽر جي حساب سان بيچلر، ماسٽرس توڙي پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ 200 يورو کان 500 يورو تائين آهي. جڏهن ته اسپيشلائزڊ grandes écoles اسڪولن ۽ ڪاليجن grands établissements ۾ فيس ڪافي مهانگي آهي. ان ڪري اهڙي ڪنهن به انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا وٺڻ مهل فيس جي خبر رکڻ تمام ضروري آهي ته جيئن صحيح اندازو ٿي سگھي.

رهائش جو خرچ:
فرانس ۾ پئرس سڀ کان مهانگو شهر آهي جتان لاءِ هڪ هزار يورو جي بجيٽ هجڻ سان ڪافي آساني ٿئي ٿي. البته باقي شهرن ۾ اٺ سئو يورو تائين رقم هجڻ سان گذارو ٿي وڃي ٿو. جن ۾ 300 يورو کاڌي پيتي تي، رهائش خاص طور يونيورسٽين اندر ٺهيل هاسٽلس ۾ 200 کان 300 يورو ماهوار خرچ اچي ٿو. جڏهن ته باقي وڌيڪ خرچ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪشن وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح فرانس ۾ بين الاقوامي شاگرد کي سال اندر 964 ڪلاڪن تائين پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ جي به اجازت آهي. جنهن لاءِ اميگريشن ۽ ويزا پرمٽ شعبي مان اجازت وٺڻ لازمي آهي.

فنڊنگ ۽ اسڪالرشپ جا موقعا:
Eiffel Excellence Scholarship Program
هن اسڪالرشپ پروگرام تحت شاگردن کي ماهوار 1181 يورو وظيفو ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي مدت ماسٽرس پروگرام جي شاگرد لاءِ 12 کان 36 مهينن تائين آهي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي لاءِ 1400 سئو يورو ڏهه مهينن تائين ڏنا وڃن ٿا.

EU’s Erasmus program
هن پروگرام ۾ تحت ريجنل ڪائونسل ۽ ريسرچ فنڊگ ايجنسي طرفان مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ بين الاقوامي شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي، هن قسم جي اسڪالرشپ لاءِ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ پرڏيهي شاگردن کان اسڪالرشپس گھرايو وڃن ٿيون.
ان ٻن پروگرامن کان علاوه contrat doctoral به آهي، جنهن ۾ شاگرد کي يونيورسٽي ۾ 3 سال لاءِ ايمپلائي طور رکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاگرد کي ريسرچ سان گڏ ٽيچنگ به ڪرڻي پوي ٿي. هي ڪانٽريڪٽ 3 سال تائين ٿي سگھي ٿو جنهن ۾ صرف پي ايڇ ڊي جو شاگرد ئي اپلاءِ ڪري سگھي ٿو.

تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ روزگار جا موقعا:
فرانس ۾ روزگار جا موقعا خاص طور انفارميشن ٽيڪنالاجي، هيلٿ ڪيئر ۽ ماهر انجنيئرس وغيره لاءِ آهن. پر ان ۾ سخت مقابلي ۽ مهارت جي ضرورت هجي ٿي، ڪو به پرڏيهي شاگرد کي گريجوئيشن مڪمل ٿيڻ بعد نوڪري ملڻ جي صورت ۾ ويزا اسٽيٽس تبديل ڪرائڻو پئي ٿو. پر جي نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هجي ته ان صورت ۾ تعليم پوري ٿيڻ سان گڏ وڌيڪ هڪ سال لاءِ اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪري سگھجي ٿي، جنهن تحت شاگرد هفتي ۾ 20 ڪلاڪ يعني سال ۾ وڌ ۾وڌ 964 ڪلاڪ پارٽ ٽائيم ڪم ڪري سگھي ٿو، جنهنڪري وڌيڪ هڪ سال فرانس ۾ رهڻ ۽ نوڪري ڳولڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. فرانس ۾ روزگار ڳولڻ لاءِ هي ويب سائيٽس اهم آهن.
www.pole-emploi.fr ۽ www.apec.fr.

شاگردن لاءِ اهم شهر:
مجموعي طور تي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ شهر پئرس آهي، جتي ساليانو 5 ڪروڙ کان وڌيڪ سياح گھمڻ اچن ٿا. هن شهر ۾ ڪيترين ئي يونيورسٽين سان گڏ پبلڪ انسٽيٽيوٽس ۽ contrat doctoral موجود آهن. پئرس کان علاوه ليون، تولوس، مونٽوپلر ۽ للي شاگردن لاءِ فرانس اندر اهم شهر سمجهيا وڃن ٿا. للي شهر ۾ رهائش جو خرچ پئرس جي حساب سان اڌ جيترو آهي، جڏهن ته ليون ۽ مونٽوپلر ٻئي شهر فرانس جا تاريخي شهر به سمجهيا وڃن ٿا، جتي جي آرڪيٽيڪچر به ڏسڻ وٽان آهي. مونٽوپلر شهر جي ته چوٿون حصو آبادي يونيورسٽين جي شاگردن جي آهي. تولوس شهر ماڊرن انڊسٽري طور سڃاتو وڃي ٿو.

بيلجيم ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

بيلجيم جي آبادي 12 ملين يعني 12000،000 لک آهي ۽ ايراضي 30688 اسڪوائر ڪلوميٽر ۽ سندس گادي جو هنڌ برسلز آهي. هي ملڪ دنيا ۾ ڊائمنڊ انڊسٽري ڪري به مشهور آهي، سندن ٻين مشهور شهرن ۾ اينٽورپ، ليج، گينٽ شامل آهن. هن ملڪ جي تقريبن سموري آبادي شهرن ۾ رهي ٿي. بيلجيم ۾ ڊچ، فرينچ ۽ جرمن ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي گھڻائي آهي. بيلجيم ٽن خطن ۽ ٽن ڪميونٽيز تي مشتمل ملڪ آهي، ۽ تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ به اهي ٽئي ڪميونٽيز ذميوار آهن جن ۾ فليمش، جرمن ۽ فرينچ شامل آهن. ٽنهي خطن ۾ يونيورسٽين ۾ پڙهائي ويندڙ ٻولي به الڳ الڳ آهي مطلب جتي جنهن ڪميونٽي جي گھڻائي آهي ان ئي ڪميونٽي جي ٻولي استعمال ٿئي ٿي. ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ بيلجيم جون مجموعي طور 8 يونيورسٽيون شامل آهن. جن ۾ KU Leuven 81 نمبر تي آهي جڏهن ته باقي يونيورسٽين ۾ Ghent يونيورسٽي، UCL ، VUB ،يونيورسٽي آف اينٽورپ، يونيورسٽي آف Liege ۽ يونيورسٽي آف Mons شامل آهن.
هن ويب سائيٽ تي بيلجيم ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بابت ضروري معلومات ۽ لنڪس ڏنل آهن.
https://www.belgium.be/en/education/coming_to_study_in_belgium
اهم ڳالهه تي وڌيڪ معلومات ۽ داخلا جو طريقيڪار هر ڪميونٽي جي يونيورسٽين لاءِ الڳ سان ڏنل آهي، ان لاءِ فليمش يعني ڊچ ڪميونٽي لاءِ لنڪ هي آهي،
http://www.studyinflanders.be/en/scholarship-programmes/ هن لنڪ تي هن ڪميونٽي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين بشمول اسڪالرشپس بابت معلومات ڏنل آهي. هن ڪميونٽي جون هي يونيورسٽيون آهن جن ۾ KU Leuvern، يونيورسٽي اينٽورپ، يونيورسٽي گينٽ، يونيورسٽي هيزلٽ، ورجي يونيورسٽي برسلس شامل آهن. جڏهن ته 13 يونيورسٽي ڪاليج به هن ڊچ ڳالهائڻ واري ڪميونٽي ۾ شامل آهن. هن ڪميونٽي جي شهرن ۾ 850 يورو تائين خرچ اچي سگھن ٿا.
ان کان علاوه فرينچ ڪميونٽي جي يونيورسٽين بابت معلومات هن لنڪ تي ڏنل آهي. http://www.studyinbelgium.be/en جڏهن ته فرينچ ڪميونٽيز جي يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ بابت معلومات هن لنڪ تي ڏنل آهي.
http://www.studyinbelgium.be/en/programmes-de-bourses

ٽيوشن فيس
بليجم ۾ يونيورسٽين جي سالياني ايوريج فيس بيچلر ڊگري پروگرام ۾ 2 هزار ڊالر کان 7 هزار ڊالر تائين آهي، جيڪا ڊگري پروگرام ۽ يونيورسٽي جي حساب سان مختلف ٿئي ٿي. جهن ته ماسٽرس ۾ ڪجهه گھٽ فيس آهي، پر پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ فيس ڪجهه يونيورسٽين ۾ آهي ته ڪجهه ۾ نه به آهي، جڏهن ته پروفيسر جي رڪمينڊيشن تي بغير فيس جي به داخلا ملي سگھي ٿي.

رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
مجموعي طور تي بيجليم ۾ رهائش مهانگي آهي، جنهن لاءِ گڏيل روم يا اپارٽمينٽ جي حساب سان 2 سئو کان 5 سئو يورو گھربل هجن ٿا، اهڙي طرح وڌيڪ کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ ۽ شاپنگ لاءِ 200 کان 400 سئو يورو گھربل هجن ٿا، مجموعي طور 5 سئو يورو کان 9 سئو يورو هڪ مهيني جي لاءِ ڪافي هجن ٿا.

ويزا حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار
ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين داخلا حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان کان پوءِ ئي بيلجيم جي سفارتخاني سان رجوع ڪري هي ڊاڪومينٽ تيار ڪجن. جيئن پاسپورٽ، داخلا فارم، فيس ۽ ماهوار خرچ پکي جو ثبوت، ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ، ڊڪليريشن ته توهان ڪورس پورو ڪري پنهنجي ملڪ واپس ويندا، تصويرون جي پويان صحيح ٿيل هجي، فنائنشل سپورٽ ڊڪليريشن شامل آهن.

اسڪالرشپ جا موقعا
دنيا جي مختلف ملڪن جي تعليمي ادارن جيان بيجليم جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ به فنڊنگ جا موقعا موجود آهن، جن ۾ گڏيل ايڪسچينج پروگرام، يا بين الاقوامي ادارن طرفان فنڊنگ هجڻ کان علاوه مختلف يونيورسٽين ۾ ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ لاءِ الڳ سان فنڊنگ هجي ٿي. ويندي هونهار شاگرد کي اسسٽنٽشپ ملڻ سان گڏ يونيورسٽي ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ جا به موقعا هجن ٿا. اسڪالرشپ خاص طور ماسٽرس ۽ پي ايڇ جي پروگرام ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف يونيورسٽين جي ويب سائيٽس تي تفصيل ڏسجي يا وري پنهنجي موضوع مطابق پروفيسر وٽ گرانٽ هجڻ جي صورت ۾ کيس رڪيئسٽ ڪرڻ گھرجي.

MASTER MIND SCHOLARSHIPS
هي اسڪالرشپ ڊچ ڪميونٽي جي ريسرچ يونيورسٽين طرفان آهي، جنهن جي تفصيل هن لنڪ تي ڏنل آهي
http://www.studyinflanders.be/en/scholarship-programmes/.

داخلا طريقيڪار
• داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين ۾ ڏنل پروگرام ڏسو.
• ان کان پوءِ هن لنڪ تي معلومات پڙهو
• http://www.studyinflanders.be/en/preparing-your-stay/
• يونيورسٽي ويب سائيٽ تي ڏنل بين الاقوامي شاگردن لاءِ رهنمائي خاطر آفيس جي لنڪ تي رابطو ڪريو، انهن کان داخلا، فيس ۽ اسڪالرشپ بابت معلومات حاصل ڪريون، داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري فارم ڀريو، داخلا ٿيڻ جي صورت ۾ ضروري ڪاغذ تيار ڪري پنهنجي ملڪ ۾ موجود سفارتخاني سان رابطي ۾ اچو.

روزگار جا موقعا
يونيورسٽين اندر شاگرد يونين ۽ اسٽوڊنٽ ايمپلائمينٽ سروس شعبو هجڻ ڪري ، شاگرد کي نه صرف رهائش ۽ تفريح مهيا ڪندڙ پليٽ فارم آهن پر شاگرد جي اڪيڊمڪ گرومنگ ۽ ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽيز کان ويندي کيس پارٽ ٽائيم جاب لاءِ به رهمنائي ڪن ٿا.

يونيورسٽي آف برسلز (Vrije Universiteit Brussel)
هن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ ايڊريس هن ريت آهي www.vub.ac.be/en جنهن ذريعي سڌي طرح ڪنهن به ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ آن لائين اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو. هي يونيورسٽي بيلجيم جي ٽاپ يونيورسٽي ۽ دنيا جي بهترين سئو يونيورسٽين ۾ شامل يونيورسٽي آهي، Vrije’ لفظ جي معني اصل ۾ Free آهي، اصل ۾ فري يونيورسٽي فريڊم لفظ سان لاڳاپيل آهي، ڇو ته تاريخي طور تي جڏهن هي يونيورسٽي کولي ويئي هئي ته ان وقت جي حڪومت توڙي چرچ جي اثر کان آزاد يونيورسٽي طور هن يونيورسٽي جو بنياد رکيو ويو هيو، جتي تعليمي ماهر بغير ڪنهن اثر جي آزاد ماحول ۾ ريسرچ ۽ بحث مباحثا ڪري سگھن ۽ سائنسي بنيادن تي تعليم ڏني وڃي. ان ڪري هن يونيورسٽي کي فري يونيورسٽي به چيو وڃي ٿو. يونيورسٽي آف برسلز ڪميونٽي جي لحاظ کان هي ڊچ اسپيڪنگ يونيورسٽي آهي، هن يونيورسٽي ۾ 8 فيڪلٽيون آهن جن ۾ 128 ملڪن جا 16 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، هن يونيورسٽي اندر ڪيترائي پروگرام انگريزي ٻوليءَ ۾ به ڪرايا وڃن ٿا، ۽ مجموعي طور برسلز ۾ انگريزي ٻولي سمجهي ۽ ڳالهائي به وڃي ٿي. جڏهن ته چار ڪئمپس برسلز شهر ۾ ئي آهن، جيڪي هن ريت آهن، برسلز سائنس، هيمومنٽيز ۽ انجنيئرنگ ڪيمپس، برسلز هيلٿ ڪيمپس، برسلز ٽيڪنالاجي ڪيمپس ۽ برسلز فوٽانڪ ڪيمپس. هن يونيورسٽي جي ريسرچ بجيٽ 110 ملين يورو آهي، ۽ 178 ريسرچ ٽيمون آهن، جن ۾ بين الاقوامي ٽيلنٽ لاءِ هميشه گنجائش رهي ٿي، جنهن سان يونيورسٽي کان اسڪالرشپ ۽ اسسٽنٽشپ جا موقعا ملي وڃن ٿا. هن يونيورسٽي ۾ ساليانه ٽيوشن فيس بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرام لاءِ 1000 کان 3200 يورو جڏهن ته پي ايڇ ڊي لاءِ نالي ماتر فيس 500 يورو سا به پهرين سال لاءِ آهي ۽ آخري سال ۾ پي ايڇ ڊي ڊفيس جي به ٿوري فيس رکيل آهي. برسلز ۾ ساليانو رهائش ۽ کاڌي پيتي، شاپنگ، ٽرانسپورٽ ۽ موبائيل ڪميونيڪشن ۽ انٽرنيٽ جو خرچ ملائي ڪري 9 هزار کان 12 هزار يورو اچي سگھي ٿو، جيڪو خرچ به شاگرد جي پنهنجي اسٽائيل تي آهي. يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ شاگرد کي هڪ اپريل کان درخواست جمع ڪرائڻ گھرجي جنهن بابت وڌيڪ تفصيل هن لنڪ تي ڏسي سگھجي ٿو.
www.vub.ac.be/en/appl

برسلز شهر جي اهميت
برسلز عالمي ليول تي اسٽوڊنٽ انڊيڪس ۾ 48 ۽ معياري طرز زندگي ۾ 27 نمبر تي آهي، مجموعي طور تي هڪ لک جي قريب شاگرد برسلر جي مختلف اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جن مان 29 سيڪڙو پرڏيهي شاگردن جو آهي، هونءَ به برسلز بين الاقوامي شهر سڏيو وڃي ٿو، جتي جي 30 سيڪڙو آبادي اميگرنٽس ريزيڊنٽس تي مشتمل آهي. برسلز يورپ جي وچ تي هجڻ ڪري باقي يورپ جي وڏن شهرن ۾ باءِ ايئر هڪ ڪلاڪ ۽ باءِ فاسٽ ٽرين ٻن ڪلاڪن اندر پهچي سگھجي ٿو. برسلز ۾ يورپين يونين جو هيڊڪواٽر به آهي ته وري NATO جو هيڊڪواٽر به آهي ۽ دنيا جي وڏين NGOs کان ويندي ڊپلوميٽڪ آفيسن ۽ وڏين بزنس ڪارپوريشن ۽ انڊسٽريز جون به هيڊ آفيسون آهن. برسلز ۾ انڊسٽريز جو تعداد 2 هزار کان به مٿي آهي، انڪري برسلز اندر شاگردن کي انٽرنشپ ۽ پريڪٽيڪل ٽرينگ ڪرائڻ جو موقعا موجود آهن.

نيڌرلينڊس ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

41000 اسڪوائر ڪلوميٽر جي پکيڙ ۽ 17 ملين آبادي رکندڙ ملڪ آهي، نيڌرلينڊ کي عام طور تي هالينڊ به چيو ويندو آهي، هن ملڪ جون سرحدون بيلجيم ۽ جرمني سان آهن. ايمسٽرڊيم گادي جو هنڌ آهي، هيگ ۾ عالمي عدالت قائم آهي جڏهن ته ايمسٽرڊيم ۽ هيگ کان پوءِ روٽيرڊم اهم شهر آهن. نيڌرلينڊ 12 صوبن تي مشتمل آهي، ڊچ ٻولي هتي جي عام ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي.

اعليٰ تعليمي ادارا ۽ داخلا جو طريقيڪار
نيڌرلينڊ ۾اعليٰ تعليمي ادارا ٻن قسم جن آهن، جن ۾ هاير پروفيشنل انسٽيٽيوٽش (HBO) ۽ يونيورسٽي ايجوڪيشن (WO) چيو وڃي ٿو. پروفيشنل انسٽيٽيوٽس ۾ بيچلر 4 سال جي آهي جڏهن ته يونيورسٽي ۾ بيچلر پروگرام 3 سال تي مشتمل آهي، جڏهن ته ماسٽرس پروگرام 2 سال جو آهي، نيڌرلينڊ ۾ 43 هاير پروفيشنل انسٽيٽيوٽس آهن. جن ۾ خاص طور پريڪٽيڪل ايپروچ تي فوڪس ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته 13 يونيورسٽين ۾ ٽيچنگ سان گڏ ريسرچ ڪرائي وڃي ٿي. جن مان 3 ٽيڪنالاجي يونيورسٽيون آهن ۽ هڪ Wageningen ايگريڪلچر يونيورسٽي شامل آهي. وڌيڪ رهنمائي لاءِ هن ويب سائيٽ تي رجوع ڪرڻ گھرجي. https://www.studyinholland.nl/، جڏهن ته آفيشل پورٽل https://student.sl-cloud.nl/ تي وڃي رجسٽر ٿيڻ کان پوءِ مختلف پروگرامس ۾ اپلاءِ به ڪري سگھجي ٿو. عام طور تي نيڌرلينڊ جي تعليمي ادارن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي تاريخ 15 جنوري هجي ٿي، جڏهن ته مختلف يونيورسٽين طرفان ڪجهه پروگرامس ۾ داخلا لاءِ درخواستون مئي مهيني تائين ورتيون وڃن ٿيون، انڪري آفيشل پورٽل سان گڏ مختلف انسٽيٽيوٽش توڙي يونيورسٽين جي ويب سائيٽس تي به ڏسڻ گھرجي.

ورلڊ رينڪنگ ۾ شامل يونيورسٽيون
دنيا جي بهترين هڪ هزار يونيورسٽين ۾ نيڌرلينڊس جون 13 يونيورسٽيون شامل آهن. جن مان Delft University of Technology ٽاپ 50 نمبر تي آهي، Univerity of Amsterdam 64 نمبر تي آهي جڏهن ته باقي يونيورسٽين ۾Eindhoven يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، يونيورسٽي آف Groningen، Leiden يونيورسٽي، Utrecht يونيورسٽي، Wageningen يونيورسٽي آف ريسرچ، Erasmus يونيورسٽي آف روٽيرڊم، يونيورسٽي آف Twente ، Radbound يونيورسٽي، Vrijie يونيورسٽي ايمسٽرڊيم، Maastricht يونيورسٽي، Tilburg يونيورسٽي شامل آهن.

ٽيوشن فيس
بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ فيس 6 هزار کان 15 هزار يورو آهي، جڏهن ته ماسٽرس لاءِ 8 هزار کان 20 هزار يورو تائين آهي. جڏهن ته ڪنهن به شعبي ۽ ڊگري پروگرام مطابق مقرر فيس ڄاڻڻ لاءِ هن ويب لنڪ تي ڪيلڪيوليٽر ڏنل آهي جتي مقرر فيس جي فيلڊ ۽ پروگرام مطابق ڏنل آهي https://www.studyfinder.nl/.

رهائش جو خرچ
هالينڊ ۾ ماهوار 8 سئو يورو کان 11 سئو يورو تائين خرچ اچي سگھي ٿو، جڏهن ته ايمسٽرڊيم سڀ کان مهانگو شهر آهي. جتي رهائش ڪافي مهانگي آهي، ان جي بنسبت بين علائقن ۾ رهائش جو خرچ ڪجهه گھٽ آهي. هالينڊ ۾ هڪ ڪمري جي مسواڙ 300 کان 600 يورو تائين ٿي سگھي ٿي، جنهنڪري خرچ حوالي سان رهائش ئي سڀ کان وڌيڪ مهانگي آهي، ان ڪري ڪنهن شاگرد کي گھٽ مسواڙ واري رهائش ملي وڃي ٿي ته ماهوار خرچ ۾ ڪافي گھٽتائي اچي سگھي ٿي، ڇو ته ٽرانسپورٽ ۽ سياحتي جڳهن تي شاگردن لاءِ ڊسڪائونٽ هجي ٿو، جڏهن ته فوڊ به ريزن ايبل قيمت ۾ ملي ٿو ۽ پاڻ ٺاهڻ سان ته ڪافي سستو پئجي سگھي ٿو. ان کان علاوه پرڏيهي شاگردن لاءِ هفتي ۾ 16 ڪلاڪ پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ جي به اجازت آهي جنهن مان به شاگرد کي ڪافي مدد ملي سگھي ٿي.

اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ
هالينڊ ۾ اسڪالرشپ ڳولڻ لاءِ هن لنڪ تي ڏسڻ گهرجي. https://www.studyinholland.nl/study/scholarships/find-a-scholarship
ان کان علاوه تي به ڏسڻ گهرجي. https://www.nuffic.nl/en/
اهم ڳالهه ته هالينڊ طرفان تمام گھڻيون اسڪالرشپ آفر ڪيون وڃن ٿيون جنهن لاءِ مٿي ٻنهي لنڪس تي وڌيڪ تفصيل پڙهڻ گھرجي. جتي مختلف يونيورسٽين، حڪومت توڙي مختلف انفرادي ماڻهن ۽ ڪاروباري تنظيمن طرفان ملندڙ اسڪالرشپس بابت ڄاڻ موجود آهي، هت ڪجهه اهم اسڪالرشپس بابت تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
Amsterdam Merit Scholarships هي اسڪالرشپ ايشيا ۽ آفريقا جي اسرندڙ ملڪن لاءِ بيچلرس ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرام لاءِ آهي، جنهن ۾ آرڪيٽيڪچر ۽ ٽائون پلاننگ، آرٽس ۽ هيومنٽيز، بزنس ۽ مينيجمينٽ، ايجوڪيشن، ٽيچر ٽريننگ سميت نيچرل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان علاه لا، انوائرنمينٽ، هيلٿ، ميڊيڪل ۽ سوشل سائنس جا مختلف شعبا شامل آهن.
A-1 Auto Transport Scholarship هي اسڪالرشپ بيچلر ڊگري لاءِ پروگرام ڪرڻ لاءِ آهي.
ACI Creative Mind Scholarship هي بيچلر ڊگري لاءِ آهي.
Amsterdam Excellence Scholarships هي اسڪالرشپ بيچلرس، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري پروگرام لاءِ آهي.
Holland Scholarship هي هالينڊ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزارت طرفان اسڪالرشپ آهي، جنهن ۾ شاگرد کي پارشل فنڊنگ ملي ٿي. ان کان علاوه هي اسڪالرشپس به آهنGoEuro European Study Abroad Scholarship ، The Joint Japan/World Bank Graduate Scholarship Program مجموعي طور هر يونيورسٽي ۾ بيچلرس کان ويندي پي ايڇ ڊي لاءِ مختلف اسڪالرشپس ڏنيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڪجهه ۾ مڪمل فنڊنگ آهي، نه ته هڪ سال لاءِ يا ڪجهه مخصوص رقم پهرين سال ۾ ڏيڻ لاءِ رکيل آهي. جيڪڏهن ڪو هالينڊ ۾ اسڪالرشپ تي پڙهڻ چاهي ٿو ته هيترين سارين اسڪالرشپس ۾ اپلاءِ ضرور ڪرڻ گھرجي.

بين الاقوامي شاگردن جو نيڌرلينڊ ڏانهن رجحان
هالينڊ جي Maastricht يونيورسٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ پرڏيهي شاگردن داخلا ورتي. جڏهن ته ٻئي نمبر تي يونيورسٽي آف ايمسٽرڊيم ۽ يونيورسٽي آف Groningen آهن، جتي ڊگري پروگرام ۾ وڌ کان وڌ شاگرد اچن ٿا، مجموعي طور جرمني، اٽلي، چائنا، بيلجيم ۽ انگلينڊ جي شاگردن جو تعداد باقي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهيو آهي. جڏهن ته مجموعي طور ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد هڪ لک جي قريب رهيو جن مان ريسرچ يونيورسٽين ۾ سال 2018 ۾ 56169 ۽ اپلائيڊ سائنس يونيورسٽين ۾ 29786 پرڏيهي شاگرد بيچلرس ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرام ۾ رجسٽر ٿيا، جڏهن ته پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو تعداد هن ۾ شامل نه آهي. نيڌرلينڊ حڪومت جي سروي مطابق پرڏيهي شاگردن جو 25 سيڪڙو گريجوئيشن ٿيڻ کانپوءِ به مختلف طريقن سان ا کان 5 سالن تائين رهيل هجن ٿا، جن ۾ انهن کي ورڪ پرمٽ يا انٽرنشپ وغيره يا پارٽ ٽائيم ڪم وغيره ملندا رهن ٿا، پر ان لاءِ سوشل سيڪيورٽي بجيٽ سندن اڪائونٽ ۾ لازمي هجي ٿي.

آسٽريا ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

آسٽريا جي ايراضي 83871 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته آبادي 9 ملين جي قريب يعني 90 لک آهي. هتان جي سرڪاري زبان جرمن آهي، يورپين يونين جو ميمبر هجڻ ڪري هتي سڪو يورو استعمال ٿئي ٿو. آسٽريا جي گادي جو هنڌ ويانا آهي. آسٽريا جا وڏا شهر هي آهن، ويانا، گيرز،لنز،سالزبرگ، انسبرڪ. جڏهن ته آسٽريا ۾ 9 صوبا آهن.

آسٽريا ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جو تعداد
آسٽريا ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جو تعداد 70 آهي، جن ۾ 4 لک جي قريب شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، جن مان هڪ لک جي قريب شاگرد ٻاهرين ملڪن جا آهن. انهن ۾ يونيورسٽين جو تعداد 34 جنرل يونيورسٽيون آهن، 22 اپلائيڊ سائنس جون يونيورسٽيون آهن ۽ 14 يونيورسٽي ڪاليج آف ٽيچر ايجوڪيشن شامل آهن. وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تان به رهنمائي حاصل ڪري سگھجي ٿي. https://oead.at/en/ يا وري سندن تعليم واري وزارت جي ويب سائيٽ https://bmbwf.gv.at/english/home/ تان معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي. آسٽريا ۾ 22 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون آهن، جن ۾ يونيورسٽي آف ويانا آهي جيڪا 1365ع ۾ قائم ٿي، هي سينٽرل يورپ جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي، جتي سال 2017ع ۾ 91 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه يونيورسٽي آف گريز، لنز، سيلزبرگ، انسبورڪ ۽ ڪليگنفرگ به انتهائي اهم ۽ مشهور يونيورسٽيون جنرل يونيورسٽيون آهن. انهن کان علاوه آسٽريا ۾ 3 ميڊيڪل يونيورسٽيون هن ريت آهن. ميڊيڪل يونيورسٽي آف ويانا، ميڊيڪل يونيورسٽي آف گريز ۽ ميڊيڪل يونيورسٽي آف انسبورڪ. ان کان علاوه 2 ٽيڪنيڪل يونيورسٽيون جن ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف ويانا ۽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف گريز شامل آهن. اهڙي طرح ڪجهه اسپيشلائزڊ فيلڊ ۾ يونيورسٽيون آهن، جن ۾ ويانا يونيورسٽي آف اڪانامڪس ۽ بزنس ايجوڪيشن، يونيورسٽي آف نيچرل ريسورس ۽ لائف سائنس ويانا، يونيورسٽي آف وٽنري ميڊيسن ويانا ۽ يونيورسٽي آف مائننگ ۽ ليبوئون آهن. اهڙي طرح 6 آرٽس جون يونيورسٽيون آهن جن ۾ ميوزڪ، ڊراما، فائن آرٽس، انڊسٽريل ڊزائين وغيره پڙهايا وڃن ٿا. ان کان علاوه يونيورسٽي آف ڪنٽينيونگ ايجوڪيشن شامل آهن. انهن يونيورسٽين کان علاوه اپلائيڊ سائنس جون يونيورسٽيون ۽ پرائيويٽ يونيورسٽيون الڳ آهن.

ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ شامل يونيورسٽيون
ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ آسٽريا جون 8 يونيورسٽيون شامل آهن. جن ۾ ويانا يونيورسٽي 175 تي، Viemna يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي 199 نمبر تي آهن، جڏهن ته وڌيڪ يونيورسٽي Innsbruck ، Graz يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، جونس ڪيلپر يونيورسٽي آف لنز، ڪارل فرينزن يونيورسٽي گريز، يونيورسٽي آف Klagenfurt ۽ Paris Lodron university of Salzburg شامل آهن

داخلا حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار
دنيا جي ڪنهن به ملڪ جيان هتي جي يونيورسٽين ۾ به سڌي طرح اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو، جنهن لاءِ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي ڏنل هدايتن مطابق عمل ڪرڻ گھرجي. پر ان هوندي به ڪنهن به ملڪ ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا جا شرط الڳ الڳ ٿي سگھن ٿا ۽ طريقيڪار ۾ ڪجهه فرق ٿي سگھي ٿو، ٻيو مختلف ملڪن جي حڪومت طرفان اسڪالرشپ يا فنڊنگ هجڻ ڪري داخلا حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار مختلف به ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ ته فنڊنگ ڏيندڙ حڪومت، هائر ايجوڪيشن ڪميشن يا ڪو به ادارو پنهنجي طور تي به مليل درخواستن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ۽ داخلا ڏيارڻ ۾ به رهنمائي ڪري ٿو. ان ڪري پنهنجي پسند جي يونيورسٽي ۾ ٻڌايل هدايتن سان گڏ حڪومت يا اداري جي رهنمائي مطابق به عمل ڪرڻ گھرجي. آسٽريا ۾ به يونيورسٽين جي ويب سائيٽ تي وڃي اپلاءِ ڪرڻ کان علاوه هن لنڪ تي وڃي به رهنمائي سان گڏ اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو. لنڪ آهي.www.studyinaustria.at/admission آسٽريا ۾ بيچلر ڊگري ۾ 6 کان 8 سيمسٽر لڳي سگھن ٿا، جڏهن ته ماسٽرس ۾ 2 کان 4 ۽ ڊاڪٽرل اسٽڊي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 3 سال.

آسٽريا ۾ رهائش
آسٽريا ۾ وزٽ ويزا ته ٻن قسمن جا آهن جن ۾ هڪ ٽريول ويزا C آهي جنهن سان ماڻهو وڌ ۾ وڌ 90 ڏينهن لاءِ رهي سگھي ٿو، ٻي ريزيڊنس ويزا D آهي، جيڪا 91 ڏينهن يا وڌ ۾ وڌ 6 مهينن لاءِ هجي ٿي. ان کان علاوه ريزيڊنٽ پرمٽ هجي ٿي، جنهن مطابق شاگرد 6 مهينن کان وڌيڪ رهي سگھي ٿو. ريزيڊنٽ ويزا لاءِ ضروري آهي ته شاگرد جي اڪائونٽ ۾ ماهوار 890 يورو ايندا رهن. پر جي شاگرد جي عمر 24 سال کان گھٽ آهي ته 491 يورو گھربل آهن. وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽس تان مدد وٺي سگھجي ٿي.:www.bmeia.gv.at | www.oead.at/entry

ٽيوشن فيس
آسٽريا ۾ جيڪي ريزيڊنٽ پرمٽ اسٽوڊنٽس آهن يعني بين الاقوامي شاگرد، جن کي پرمٽ ملي آهي، تعليم جو عرصو رهڻ جي انهن لاءِ فيس 7 سئو کان 1 هزار يورو تائين آهي، جڏهن ته انشورنس ۽ اسٽوڊنٽ يونين فيس الڳ آهي، جيڪا به 20 کان 50 يورو ٿي سگھي ٿي. عام طور تي يونيورسٽين، اپلائيڊ يونيورسٽين توڙي يونيورسٽي ڪاليجن جي فيس الڳ الڳ هجي ٿي، جن ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان لاڳاپيل هجڻ ڪري به فرق هجي ٿو، ان ڪري يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي فيلڊ مطابق فيس ڪنفرم ڪرڻ گھرجي. اهم ڳالهه پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ فرق هزارن ۾ به ٿي سگھي ٿو، جڏهن ته پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ فرق تمام گھٽ هجي ٿو.

آسٽريا ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
آسٽريا ۾ اسٽينڊرڊ خرچ 950 يورو تائين اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ رهائش لاءِ هاسٽل يا پرائيويٽ شيئرڊ اپارٽمينيٽ، کاڌو پيتو، ڪميونيڪشن، ٽرانسپورٽ ۽ اسٽوڊنٽ آئوٽنگ وغيره شامل آهن.

اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ
آسٽريا ۾ڪيترن ئي قسمن جون اسڪالرشپس آفر ڪيون وڃن ٿيون. جن ۾ آسٽريا جي گورنمينٽ اسڪالرشپ، يونيورسٽي اسڪالرشپ کان علاوه مختلف ملڪن سان ملڪي لاڳاپن ۽ ترقي پزير ملڪن لاءِ وقتاَ به وقت اسڪالرشپس انائونس ٿينديون رهن ٿيون، جن لاءِ هي اهم لنڪ آهي. www.grants.at يا ان کان علاوه ايجوڪيشن منسٽري جي ويب لنڪ تان معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي.
https://bmbwf.gv.at/english/home/science-highereducation/universities/scholarships-grants-fellowships/

ان کان علاوه آسٽريا ۾ وڌيڪ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا هي ڪجهه لنڪ آهن، جيڪي سندن ايجوڪيشن منسٽري جي ويب سائيٽ تي ڏنل آهن.
http://ec.europa.eu/education/opportunities/higher-education/index_en.htm
http://ec.europa.eu/programmes/horizon2020/en/h2020-section/marie-sk%C5%82odowska-curie-actions
http://www.fulbright.at/
http://www.ceepus.info/
http://www.oead.at/sommerkollegs
http://www.oead.at/aktionen

سوئٽزلينڊ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

سوئٽزلينڊ دنيا جو خوبصورت ترين ملڪ آهي، جيڪو دنيا ۾ بينڪن جي ڪري به مشهور آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ پيسو ٻاهرين ملڪ جي ماڻهن جو رکيل آهي. هي ملڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ چاڪليٽ ٺاهيندڙ توڙي واپرائيندڙ ۽ ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ به آهي. سوئٽزليند جو پراڻو نالو هيلويشا به آهي، هي واحد ملڪ آهي، جنهن جو جهنڊو اسڪوائر شيپ ۾ آهي. هن ملڪ ۾ ٽيچنگ جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ پگھارون ڏنيون وڃن ٿيون. ريڊ ڪراس جو بنياد وجهندڙ هينري ڊونٽ جو تعلق به هن ملڪ سان آهي، جنهن امن جو پهريون نوبل انعام حاصل ڪيو هو. دنيا جون سٺيون واچون ٺاهيندڙ ملڪ به آهي، جن ۾ روليڪس ڪمپني به شامل آهي. ورلڊ وائيڊ ويبسائيٽ www ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به هن ملڪ ڏانهن وڃي ٿو، جو هن ملڪ جي ڪمپيوٽر سائنٽسٽ ٽم برنرس لي سڀ کان پهرين 1989ع ۾ ٺاهي. نيس ڪيفي ڪافي به هن ملڪ جي آهي. هن ملڪ جي ايراضي 41300 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي، سوئٽزلينڊ جي سرڪاري زبانون سوئس جرمن، فرينچ، اٽالين ۽ رونمش آهي. سوئٽزلينڊ هن وقت تائين 28 دفعا نوبل انعام کٽي چڪو آهي، جنهن ۾ 1901 ۽ 1902 جا پهريان امن بابت نوبل انعام ۽ 2019 جو فزڪس بابت نوبل انعام به شامل آهن، اهم ڳالهه ته سوئٽزليند جا وڌ ۾ وڌ نوبل انعام ميڊيسن جي ڪيٽيگري ۾ آهن، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته دوائن ٺاهڻ جي حوالي سان هي ملڪ ڪافي اڳڀرو آهي. البته ادب ۾ صرف ٻه دفعا نوبل انعام کٽيو اٿن، جن ۾ هڪ انعام جرمن ڄائي ناولسٽ هرمن هسي جنهن جو جڳ مشهور ڪتاب سڌارتا آهي ۽ ٻيو شاعر ڪارل اسپٽلر شامل آهن. ياد رهي ته جڳ مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائين به سوئٽزلينڊ ۾ نه صرف تعليم حاصل ڪئي آهي پر هتان جي شهريت به رکندڙ هيو ۽ کيس 1921ع ۾ جيڪو نوبل پرائز مليو. ان وقت هو سوئٽزلينڊ جو شهري هو. سندس مشهور نظريو E=MC2 به هن ملڪ ۾ ئي ڏنائين. هن ملڪ ۾ مشهور ڪاميڊين چارلي چپلن به پنهنجي حياتي جا آخري 25 سال گذاريا. دنيا جو خوبصورت ۽ امن وارو ملڪ هجڻ ڪري تقريباَ دنيا جي هر نئين شادي شده جوڙي جو هني مون ڪرڻ لاءِ خواب هي ملڪ هوندو آهي. ياد رهي ته انڊين فلمن جي به سڀ کان وڌيڪ شوٽنگ هن ملڪ ۾ ئي ڪئي ويندي آهي. سوئٽزلينڊ ۾ عام ماڻهن کي هٿ ملائي ڀليڪار ڪيو وڃي ٿو، پر ويجهن دوستن، مٽن مائٽن ۾ 3 دفعا ڳٽن تي چمي ڏيڻ جو به رواج آهي، ٽي دفعا چمي ڏيڻ مان مطلب آهي.
Kiss me, I am swiss and swiss are great nation.

سوئٽزلينڊ جا ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون
• غريبن وٽ ته کوٽ رهي ٿي پر لالچي ماڻهو وٽ ان کان به وڌيڪ کوٽ رهي ٿي.
• انهن ماڻهن کان پري رهو، جيڪي ماني ۽ ٻارن کي پسند نٿا ڪن.
• ڳالهائڻ چاندي آهي ۽ خاموشي سون آهي.
• شادي ڍڪيل ٿانوَ جيان آهي.
• دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ گوشت جو ٽڪرو زبان آهي.
• ٻاهر ڏسندڙ صرف خواب ڏسندو آهي، جڏهن ته اندر ۾ ڏسندڙ جاڳي پوندو آهي.

سوئٽزلينڊ ۾ يونيورسٽيون
سوئٽزلينڊ ۾ يونيورسٽيون ٻن ڪيٽيگريز ۾ ورهايل آهن، جن ۾T1 ڪيٽيگري ۾ 12 يونيورسٽيون آهن جڏهن ته 12 يونيورسٽيز اپلائيڊ سائنس ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. سوئٽزلينڊ جي T1 يونيورسٽين ۾ 50 سيڪڙو جي قريب انٽرنيشنل پروفيسر آهن، جڏهن ته اپلائيڊ يونيورسٽين ۾ 20 سيڪڙو پرڏيهي پروفيسر آهن.
مجموعي طور تي 25 سيڪڙو جي قريب بين الاقوامي شاگرد هتان جي يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهيا آهن.
سوئٽزلينڊ ۾ بنيادي تعليم پرائڻ کان پوءِ 33 سيڪڙو شاگرد اعلي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺن ٿا، جڏهن ته باقي شاگردن جي اڪثريت ووڪيشنل ايجوڪيشن حاصل ڪن ٿا، عموماَ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام انگريزي ٻولي ۾ ڪرايا وڃن ٿا، باقي بيچلر ڊگري پروگرام مقامي زبانن ۾ ڪرايا وڃن ٿا. سوئٽزلينڊ ۾ تعليم ۽ ريسرچ بابت اسٽيٽ سيڪريٽريٽ فار ايجوڪيشن، ريسرچ ۽ انوويشن SERI ذميوار آهي، جنهن جي ويب سائيٽ آهي.
https://www.sbfi.admin.ch/sbfi/de/home/bfi-politik/bfi-2021-2024.html.
هن ويب سائيٽ تان يونيورسٽين ۽ اسڪالرشپ بابت وڌيڪ لنڪس ڏنل آهن.

ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ شامل يونيورسٽيون
ڪيو ايس ورلڊ رينڪنگ 2019 مطابق سوئٽزلينڊ جو 09 يونيورسٽيون عالمي رينڪنگ ۾ شامل آهن جن ۾ ETH Zuric-Swiss Federal Institute of Technology 7 نمبر تي، Ecole Polytechnique Federale de Lausanne Lausanne 22 نمبر تي، يونيورسٽي آف زيورڪ 78 ، يونيورسٽي آف جنيوا 108، يونيورسٽي آف برن 139، يونيورسٽي آف Lausanne 149 نمبر تي، يونيورسٽي آف Basel 160 نمبر تي شامل آهن.

ٽيوشن فيس
بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرامن لاءِ جنرل يونيورسٽين ۾ ايوريج ٽيوشن فيس 400 کان 3700 يورو تائين آهي، جڏهن ته ڪجهه پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ 100 کان 900 يورو سالياني فيس ٿي سگھي ٿي. البته پرائيوٽ يونيورسٽين 43000 تائين به ساليانو ٽيوشن فيس آهي. انڪري ڪوشش ڪري پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ گھرجي.

سوئٽزرلينڊ ۾ رهائش جو خرچ پکو
سوئٽزلينڊ جا ٻه شهر خاص طور زيورڪ ۽ جنيوا دنيا جا مهانگا ترين شهر سمجهيو وڃن ٿا. انهن ۾ ماهوار هڪ هزار سوئس فرينڪ خرچ اچي وڃن ٿا. سوئٽزلينڊ ۾ شاگردن کي هفتي ۾ 15 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي به اجازت آهي. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پرڏيهي شاگرد کي وڌيڪ 6 مهينا ڪم يا نوڪري ڪرڻ جي اجازت هجي ٿي.

اسڪالرشپس ۽ فنڊنگ
Swiss Government Excellence Scholarships for Foreign Scholars and Artists هر سال سوئٽزلينڊ طرفان دنيا جي 180 ملڪن سان بين الاقوامي ڀائيچاري ۽ ريسرچ ۾ اڳڀرائي لاءِ گڏيل مٽاسٽا جي پروگرام تحت اسڪالرشپس آفر ڪيون وڃن ٿيون. اسڪالرشپ ڏيڻ جو فيصلو ايف سي ايس The Federal Commission for Scholarships for Foreign Students (FCS). جي طرفان ڪيو ويندو آهي. اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ اميدوار جو پروفائيل، سندس پروپوزل ۽ گڏيل فائدو ڏٺو ويندو آهي. هن اسڪالرشپس بابت آگسٽ مهيني ۾ اعلان ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته درخواست ۽ پروپوزل جمع ڪرائڻ لاءِ سيپٽمبر جي مهيني تائين وقت هوندو آهي. جڏهن ته سليڪشن جو اعلان مئي مهيني ۾ ڪيو ويندو آهي. ۽ ڪلاس ايندڙ سال سيپٽمبر کان شروع ڪيا ويندا آهن. ائين سمجهو ته هڪ سال جو پورو لڳي وڃي ٿو. هن اسڪالرشپ جا ٻه قسم آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. ويب سائيٽ هي آهي.
https://www.sbfi.admin.ch/sbfi/en/home/education/scholarships-and-grants/swiss-government-excellence-scholarships.html
يا وري
https://www.sbfi.admin.ch/sbfi/en/home/education/scholarships-and-grants.html
تي تفصيل ڏنل آهن.

• ريسرچ اسڪالرشپ The research scholarship
هي اسڪالرشپ سوئٽزلينڊ حڪومت طرفان پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ آهي. جنهن لاءِ ماسٽرس جي ڊگري هجڻ لازمي آهي.

• آرٽس اسڪالرشپس Art scholarships
هي اسڪالرشپ آرٽس سان لاڳاپيل شعبن ۾ ڏنيون وڃن ٿيون. آرٽس جي شعبي ۾ ماسٽرس پروگرام لاءِ به اسڪالرشپس ڏنيون وڃن ٿيون. سوئٽزلينڊ گورنمينٽ کان علاوه هر يونيورسٽي طرفان الڳ سان به مختلف پراجيڪٽس تحت اسڪالرشپون ڏنيون وينديون آهن، جنهن لاءِ يونيورسٽين جي ويب سائٽ تي رجوع ڪرڻ گھرجي ۽ ڪنهن پروفيسر سان رابطو ڪري ان وٽ به ڪنهن ريسرچ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪري سگھجي ٿو.

ويزا ۽ اميگريشن جو طريقيڪار
سوئٽزلينڊ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني ۾ ويزا لاءِ درخواست ڏيئي سگھجي ٿي. شاگردن لاءِ ويزا ٻن قسمن جي آهي، جنهن ۾ ٽن مهنين کان گھٽ ڪورس لاءِ C ٽائيپ ويزا ۽ D ٽائيپ ويزا گھڻي عرصي لاءِ هجي ٿي. ڊي ٽائيپ ويزا ٿي سگھي ٿو سڄي ڪورس لاءِ هجي. ويزا لاءِ چار مهينا پهرين درخواست ڏيڻ گھرجي. ويزا لاءِ گھربل ڪاغذات هن طرح آهن. درخواست فارم ڊي ٽائيپ، چار تصويرون، داخلا فارم، فيس چالان، اسڪالرشپ ليٽر يا هڪ سال جي خرچ لاءِ 20 هزار سوئس فرينڪ جي بينڪ اسٽيٽمينٽ، موٽيويشن ليٽر، سي وي وغيره شامل آهن.

لگزمبرگ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

يورپ جو هي 2586 اسڪوائر ڪلوميٽر تي مشتمل ننڍڙي ملڪ جي آبادي صرف 6 لک آهي، ۽ دنيا ۾ آسودن ملڪن ۾ قطر کان پوءِ ٻئي تي اچي ٿو، هن ملڪ جي سراسري في فرد سالياني آمدني 92 هزار ڊالر آهي. ۽ مجموعي طور سالياني بجيٽ 70 بلين آمريڪن ڊالر آهي. اقتصادي ماهرن مطابق هي ملڪ ٿوري عرصي ۾ دنيا جو نمبر ون آسودو ملڪ بڻجي ويندو. لگزمبرسٽي هن شهر جي گادي جي هنڌ جو نالو آهي، هي شهر مجموعي طور يورپ جو مهانگي ۾ مهانگو شهر آهي. هن ملڪ جي معيشيت جو گھڻو انحصار بيڪنگ سيڪٽر، ۽ انڊسٽري تي آهي، جنهن ۾ اسٽيل جي صنعت جو به تمام گھڻو حصو آهي. هي ملڪ دنيا جي محفوظ ترين ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو جتي صرف 2 قيدي ۽ 13 سئو پوليس وارا آهن. هن ملڪ جو موٽو آهي ته اسين جيئن آهيون ائين ئي رهڻ چاهيون ٿا. (‘we want to remain the way we are’)

اعليٰ تعليمي ادارا
لگزمبرگ ۾ تقريبن 11 اعليٰ تعليمي ادارا آهن جن ۾ يونيورسٽي آف لگزمبرگ، يورپين انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن، لگزمبرگ اسڪول آف بزنيس، سيڪرڊ هارٽ يونيورسٽي، يونائيٽڊ بزنس انسٽيٽوٽس ۽ ليونيڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي آف هيلٿ ۽ اسپورٽس شامل آهن. هن ملڪ جو سڀ کان مقبول تعليمي ادارو يونيورسٽي آف لگزمبرگ آهي، ۽ هن ملڪ جي واحد پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ جي حوالي سان هن لنڪ تي ڏسڻ گھرجي.
https://wwwen.uni.lu/international/mobility/scholarships

رهائش جو خرچ ۽ ويزا جو طريقيڪار
لگزمبرگ شهر ۾ رهائش جو خرچ 700 کان 100 هزار يورو تائين ٿي سگھي ٿو، جنهن ۾ هاسٽل ڪمري جو ڪرايو 400 يورو، کاڌو، ٽرانسپورٽ، گھمڻ ۽ ٻين خرچن ۾ وڌيڪ 300 کان 600 خرچ اچي سگھي ٿو، مجموعي طور لگزمبرگ سٽي مهانگي آهي پر شاگرد جي سنڀالي پيسا خرچ ڪري ته خرچ گھٽ ٿي سگھي ٿو.
وڌيڪ ويزا حوالي سان هن لنڪ تي معلومات ڏنل آهي.
https://guichet.public.lu/en/entreprises/ressources-humaines/recrutement/ressortissant-pays-tiers/etudiant.html

اتر يورپ Northern Europe

---

اتر يورپ Northern Europe

• سوئيڊن
• فنلينڊ
• ڊينمارڪ
• ناروي
• ايسٽونيا
• آئرلينڊ
• انگلستان
• ليٽويا ۽ ليٿونيا

سوئيڊن ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا

يورپ جو هي پنجون نمبر وڏو ملڪ 450000 اسڪوائر ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي ۽ آبادي تقريبن هڪ ڪروڙ آهي، دنيا ۾ ڪيترن ئي سائنسي ايجادن ڪرڻ سبب مشهور آهي، جن ۾ ڊائنامائيٽ ايجاد ڪندڙ الفرڊ نوبل به شامل آهي، جنهن جي نالي تي دنيا جو سڀ کان اهم ۽ مشهور ايوارڊ نوبل پرائز ڏنو وڃي ٿو.
سوئيڊن جي بهتر تعليمي نظام نه صرف مشهور سائنسدان پر سٺا بزنس انٽرپرينئر،سماجي معاملن ۽ ٽيڪنالاجي جا ماهر پڻ پيدا ڪيا آهن. هن ملڪ جي گادي جو هنڌ اسٽاڪ هوم آهي، جڏهن ته ٻه ٻيا مشهور شهر گوٿنبرگ ۽ مالمو آهن. هن ملڪ ۾ سوئيڊش آفيشل ٻولي آهي پر انگريزي به عام طور تي ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. سوئيڊن ۾ نوٽس بجاءِ ڊسڪشنس تي ڪلاس ختم ٿئي ٿو، هتي Competition بجاءِ Collaboration تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هتي جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن جي آئيڊياز کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ضرورت جي هر شيءِ موجود آهي، پوءِ چاهي انسٽريومينٽ هجن، يا اڪيوپمينٽس يا وري گڏيل تخليقي ڊسڪورس هجي. تنهنڪري سوئيڊن جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ اچڻ سان شاگرد جو مستقبل ٺهيو وڃي ٿو. سوئيڊن جي اُپسلا يونيورسٽي سڀ کان پراڻي آهي، جيڪا پندرهين صدي عيسوي ۾ قائم ڪئي ويئي. دنيا ۾ يونيورسٽياس 21 جي طرفان سوئيڊن جي اعليٰ تعليمي نظام کي ٻئين نمبر تي رکيو ويو آهي. سوئيڊن جو اٺ يونيورسٽيون ٽاپ 500 ۾ جڏهن ته پنج ٽاپ 300 ۾ ۽ ٽي ٽاپ 100 يونيورسٽين ۾ شامل آهن. سوئيڊن ۾ 34 هزار جي قريب پرڏيهي شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، جڏهن ته پنجن ۾ هڪ ماڻهو اهڙو آهي جيڪو سوئيڊن کان ٻاهر پيدا ٿيو هجي. ان ڪري هي ملڪ بين الاقواميت جو مڪمل مثال آهي.
سوئيڊن جي يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين کي ڪافي موقعا ڏنا وڃن ٿا، جنهن ڪري شاگردن ۾ ذميواري کڻڻ جو رجحان وڌي ٿو، جنهنڪري شاگردن ۾ گريجوئيشن ڪرڻ سان سيريس ليڊر ٿيڻ واريون سموريون خوبيون اچي وڃن ٿيون.
سوئيڊن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن ۾ عورت توڙي مرد وزيرن جو تعداد هڪ جيترو آهي، جڏهن ته يونيورسٽين ۾ انڊر گريجوئيٽ شاگردن ۾ 60 سيڪڙو في ميل شاگردن جو آهي. سوئيڊن مڪمل طور تي سوشل ويلفيئر سسٽم آهي، جنهنڪري ملڪ برابري جي بنياد تي مڪمل طرح محفوظ ۽ صحتمند معاشري تي ٻڌل آهي.
سوئيڊن ۾ دنيا جي انڊسٽري تي ڇانيل ڪيتريون ئي ڪمپنيون موجود آهن، جن ۾ IKEA ، H&M Skype ، Ericsson وغيره شامل آهن. سوئيڊن الٽرنيٽو انرجي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان سڀ کان اڳيان آهي.
سوئيڊن ۾ بيچلر ڊگري پروگرام 3 سال، ماسٽرس 2 سال جڏهن ته پي ايڇ ڊي 4 سال يا وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو. پي ايڇ ڊي لاءِ ڊائريڪٽ يونيورسٽي ۾ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي ڇو ته هن پروگرام جي رڪئارمينٽ يونيورسٽين ۾ مختلف به ٿي سگھي ٿي. خاص طور پروفيسر جي چوائس ۽ فنڊنگ جي حوالي سان.
فل لينٿ ڊگري پروگرام کان علاوه ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام تحت ايندڙ شاگر هڪ يا ٻه سيمسٽر لاءِ به اچن ٿا. ان قسم جا شاگرد مختلف دوست ملڪن، يا ترقي پزير ملڪن يا مختلف يونيورسٽين وچ ۾ ٿيل معاهدن تحت اچن ٿا.

داخلا جو طريقڪار
سوئيڊن ۾ داخلا سال ۾ ٻه دفعا ٿئي ٿي پر مجموعي طور اهم سيشن لاءِ جنهن کي آٽم سيمسٽر چون ٿا، ان لاءِ وچ آڪٽوبر ۾ آن لائين درخواست جمع ڪرائڻ جو پراسس شروع ٿئي ٿو، جنهن لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃي اپلاءِ ڪرڻ گھرجي.
www.universityadmissions.se.
درخواست ڏيڻ جو سلسلو جنوري مهيني تائين جاري رهي ٿو، فيبروري تائين واڌو ڊاڪيومينٽ جمع ڪرائڻ جي تاريخ هجي ٿي، جڏهن ته داخلا ٿي وڃڻ جو مارچ ۾ ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ اپريل ۾ ئي شاگرد کي رهائش جي اجازت يعني ريزيڊنٽ پرمٽ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي. ۽ آگسٽ جي آخر ۾ سيمسٽر جي شروعات ٿئي ٿي. ۽ سيشن جنهن کي اسپرنگ سيسمسٽر چئجي ٿو، ان لاءِ جون مهيني ۾ شروع ٿئي ٿو، جنهن لاءِ درخواست جنوري جي آخر ۾ گھرايون وڃن ٿيون.

اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ
سوئيڊن ۾ اسڪالرشپ جي حوالي سان هن ويب سائيٽ تي ڌنل تفصيل پڙهڻ گھرجن (www.studyinsweden.se) يا وري ڪنهن به يونيورسٽي طرفان اسڪالرشپ بابت معلومات سندن ويب سائيٽ تي ملي سگھي ٿي. سوئيڊن ۾ اڪثر يونيورسٽين کي ئي حڪومت طرفان فنڊنگ مهيا ڪري ڏني وڃي ٿي، جنهنڪري يونيورسٽون مختلف مضمونن ۽ ريسرچ پراجيڪيٽس ۾ اسڪالرشپ انائونس ڪنديون رهن ٿيون.

ٽيوشن فيس
سوئيڊن جي تعليمي ادارن خاص طور اعلي تعليمي ادارن ۾ فيس يونيورسٽي ۽ ڪورس مطابق مختلف آهي، ماسٽرس ڊگري پروگرام ۾ سالياني فيس 85 هزار سوئيڊش ڪرونا کان هڪ لک چاليهه هزار ڪرونا آهي.

سوئيڊن ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا
سوئيڊن ۾ پرڏيهي شاگرد کي ليبر مائگريشن قانون تحت پڙهائي دوران نه صرف ڪجهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي پر ڊگري پوري ٿيڻ تي 6 مهينا وڌيڪ سوئيڊن ۾ رهڻ جي اجازت ملي سگھي ٿي، جنهن دوران هو ورڪ پرمٽ، نوڪري وغيره لاءِ ڪوشش ڪري سگھي ٿو، اهڙيءَ طرح سوئيڊن ۾ انٽرنيشنل ڪيريئر ٺاهڻ جو موقعو موجود آهي.

رهائش جو خرچ
سوئيڊن ۾ کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ، ڪپڙي لٽي، رهائش جي سهولت، انٽرٽينمينٽ ۽ ڪميونيڪشن وغيره جو خرچ ملائي ڪري 800 ڪرونا ٿي وڃي ٿو.

Q.S ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ
ان رينڪنگ مطابق سوئيڊن جون 8 يونيورسٽيون شامل آهن جن ۾ lund يونيورسٽي، KTH رايل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، Uppasala يونيورسٽي، Chalmers يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، Stockholm يونيورسٽي، يونيورسٽي آف Gothenburg ، Linkoping يونيورسٽي، ۽ Umea يونيورسٽي شامل آهن.

فنلينڊ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا موقعا

فنلينڊ جي آبادي صرف 55 لک آهي، جڏهن ته ايراضي 338424 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. فنش ۽ سوئيڊش هتان جون سرڪاري زبانون آهن، جڏهن ته 150 جي قريب وڌيڪ ٻوليون به هتي ڳالهايون وڃن ٿيون. جڏهن ته هتي مقبول ۽ گھڻيون ڳالهايون ويندڙ ٻن ٻولين فنش ۽ سوئيڊش سان گڏ رشين ٻولي به آهي، فنش 88 فيصد ماڻهو ڳالهائن ٿا، جنهنڪري فنش ئي هتان جي وڏي ۾ وڏي ۽ اهم ٻولي آهي. هن ملڪ جي سرحد اوڀر کان رشيا سان به ملي ٿي. سندس گادي جو هنڌ هيلنسڪي جنهن جي آبادي 643272 آهي، جڏهن ته اسپو، ٽيمپر، وانتا، ۽ اولو ترتيبوار وڏا شهر آهن.

فنلينڊ بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون
• فلينڊ ۾ زال کي پٺن تي کڻي ڊوڙڻ جو ساليانو مقابلو ٿيندو آهي. هن سالياني ڊوڙ جو مقصد زال مڙس ۾ باهمي تعلق کي مضبوط ڪرڻ آهي، پر مزي جي ڳالهه مقرر ڪيل انعام زال جي وزن مطابق ڏنو وڃي ٿو.
• فنلينڊ ۾ ساليانو فيل ٿيڻ کي ملهائڻ لاءِ پروگرام ٿيندو آهي. جنهن ۾ ملڪ جا مشهور ماڻهو جن ۾ سياستدان، آرٽسٽ، ليکڪ، سائنسدان ۽ ٻِين مختلف پيشن سان لاڳاپيل ماڻهو اچي پنهنجي زندگي ۾ پيش آيل مسئلا ٻڌائيندا آهن. هن ناڪام ٿيڻ جي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اصل ۾ ماڻهن کي همٿائڻو هوندو آهي، ته فيل ٿيڻ وڏي ڳالهه نه آهي، هن قسم جي پروگرام ۾ ايندڙ ماڻهن جا به ساڳيا يا انهن سان ملندڙ جلندڙ مسئلا ٿي سگھن ٿا، تنهنڪري جڏهن اهي ڪنهن ڪامياب ماڻهو جا مسئلا ٻڌن ٿا ۽ ان ڪيئن مقابلو ڪيو يا ڪهڙي اسٽريٽجي استعمال ڪئي، ته ٻيا ماڻهو به اهڙي قسم جو ڪم ڪري پنهنجن مسئلن مان نڪري سگھن ٿا. هن ايڪٽوڪٽي کي معاشري لاءِ ڪافي صحتمند سمجهيو وڃي ٿو.
• فنلينڊ ۾ قيدين کي ڏينهن جي وقت ۾ پسگردائي ۾ ٻاهر نڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ توڙي پڙهڻ ۽ خريداري ڪرڻ جي اجازت آهي، جنهن کي Open Prison System چئجي ٿو. هن قسم جي طريقيڪار تي فنلينڊ تي تنقيد به ٿيندي رهي آهي ۽ قيدين مان ڪجهه ماڻهو ڀڄي به ويندا آهن. جنهن ڪري فنلينڊ کي يورپ جو پرزن بريڪ ڪيپيٽل به چيو وڃي ٿو.
• سينگاپور ۽ جرمني کانپوءِ فنلينڊ جو پاسپورٽ دنيا ۾ مضبوط ترين پاسپورٽ سمجهيو وڃي ٿو، فنش ماڻهن کي دنيا جي 175 ملڪن ۾ ويزا فري اچڻ جي اجازت آهي.

فنلينڊ جو اعليٰ تعليمي نظام ۽ يونيورسٽيون
دنيا ۾ سڀ کان بهترين تعليمي نظام رکندڙ ملڪ فنلينڊ آهي، فنلينڊ ۾ ٻن قسمن جون يونيورسٽيون آهن، هڪ عام يونيورسٽيون جيڪي ريسرچ ۽ اڪيڊمڪ تعليم تي ڌيان ڏين ٿيون ۽ ٻيون وري اپلائيڊ سائنس يونيورسٽيون آهن، جيڪي پروفيشنل تعليم مهيا ڪن ٿيون ۽ گڏوگڏ انڊسٽريز سان لاڳاپيل هجڻ ڪري پڙهائي سان گڏ ورڪنگ لائف به مهيا ڪن ٿيون.
فنلينڊ ۾ 24 يونيورسٽيز آف اپلائيڊ سائنس UAS آهن جن ۾ پروفيشنل هائر ايجوڪيشن سان لاڳاپيل شعبا شامل آهن، جڏهن ته 14 وڌيڪ يونيورسٽيون آهن جن ۾ ريسرچ ۽ اڪيڊمڪ ايجوڪيشن کي پروموٽ ڪيو وڃي ٿو. اپلائيڊ يونيورسٽين ۾ بيچلر 3 کان 5 سال جي ٿئي جو هر پروگرام جا ڪريڊٽ اورس الڳ آهن، جڏهن ته ماسٽرس 1 کان 1.5 سال ۾ ٿئي، ان جي ڀيٽ ۾ يونيورسٽيز ۾ بيچلر 3 سال، ماسٽرس 2 سال ۽ پي ايڇ ڊي جو پروگرام 4 سال جو ٿئي ٿو. فنلينڊ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ هن ويب سائيٽ تي ڏسڻ گھرجي، جتي مڪمل تفصيل ڏنل آهي. www.studyinfinland.fi

QS ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ
رينڪنگ مطابق فنلينڊ جو 10 يونيورسٽيون شامل آهن، جن ۾ يونيورسٽي آف Helsinki ، Aalto يونيورسٽي، يونيورسٽي آف Turku ، يونيورسٽي اف Jyvaskyla ، Tampere يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، يونيورسٽي آف Oulu، يونيورسٽي آف ايسٽرن فنلينڊ، LUT يونيورسٽي، Abo اڪيڊمي يونيورسٽي، ۽ يونيورسٽي آف Tampere شامل آهن.

ٽيوشن فيس ۽ رهائش ۽ کاڌي خوراڪ جو خرچ
فنلينڊ جي تعليمي ادارن ۾ پي ايڇ ڊي سطح تي فيس نه آهي، البته بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرام ۾ ٽيوشن فيس رکيل آهي، فيس هر ڊگري پروگرام ۽ يونيورسٽي مطابق مختلف ٿي سگھي ٿي. ماهوار رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ تقريبن 700 کان 900 يورو تائين آهي، جيڪو مختلف شهرن ۽ طرز زندگي جي حساب سان گھٽ ۽ وڌ به ٿي سگھي ٿو.

فنلينڊ ۾ اسڪالرشپس ۽ فنڊنگ
فنلينڊ ۾ تعليم ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھٽ مهانگي آهي، پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ فيس بلڪل به نه آهي، جڏهن ته بيچلر ۽ ماسٽرس ۾ فيس رکيل آهي، ان هوندي به مختلف يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپس ۽ ريسرچ فنڊنگ جي صورت ۾ قابل شاگردن کي ڪافي مدد ملي وڃي ٿي. ان کان علاوه فنلينڊ گورنمينٽ طرفان ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپس به آهن، جنهن لاءِ فنلينڊ جي تعليم واري وزارت ۽ فنلينڊ ۾ اعليٰ تعليم بابت رهنمائي ڪندڙ ويب سائيٽ تي ڏسڻ گھرجي. ڪجهه مهيا ٿيندڙ اسڪالرشپ بابت هيٺ تفصيل ڏجي ٿو.
The Finnish Government Scholarhsip Pool
هي اسڪالرشپ پي ايڇ ڊي جي پروگرام ۾ داخلا لاءِ آهن. جيئن ته فنلينڊ ۾ پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ ڪا به فيس نه هجي ٿي پر ڪجهه مهينن لاءِ سپورٽ طور اسڪالرشپس ڏنيون وڃن ٿيون يا وري ريسرچ پراجيڪٽ جي نوعيت هجڻ ڪري، جنهن ۾ ريسرچ لاءِ گھربل سامان جي استعمال وغيره جو خرچ شامل هجي ٿو. هن اسڪالرشپ تحت 3 کان 9 مهينن تائين 1500 سئو يورو ماهوار ڏنا وڃن ٿا.
EDUFI FEllowship
هي اسڪالرشپ به پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ ڏني وڃي ٿي، هن اسڪالرشپ تحت 3 کان 9 مهينن لاءِ 1500 يورو ماهوار اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي. هن ٻنهي اسڪالرشپس ۽ ان کان علاوه بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرام لاءِ اسڪالرشپ بابت لنڪ هي آهن.
https://www.studyinfinland.fi/scholarships/doctoral-scholarships
https://www.studyinfinland.fi/scholarships/bachelors-and-masters-scholarships

فنلينڊ جا ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون
”صبح، شام کان سياڻو ٿيندو آهي“ هن پهاڪي جي پويان فنس معاشري اندر ڪيتريون ئي معنائون ورتيون وڃن ٿيون، جن مان ڪم جي شروعات لاءِ صبح جو وقت بهتر آهي. صبح جو وقت صحت لاءِ به صحيح آهي ۽ ڪنهن به ڪم کي ٻئي وقت تي نه ٽارجي جهڙيون معنائون به شامل آهن.
اهڙي طرح هڪ ٻيو پهاڪو آهي ته ”ڪم ئي مزدور کي سيکاريندو آهي“ يعني ڪو به ڪم ڪرڻ کان پهرين نه اچي ته پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي. غلطيون ئي انسان کي سيکارينديون آهن. اصل ۾ ڪم شروع ڪرڻ سان ئي ماڻهو سکي ٿو. ان کان علاوه ”قسمت بهادر ماڻهو سان اچي ملندي آهي“، ”ايمرجنسي رستو به پاڻ ڪڍندي آهي“ وغيره جهڙيون چوڻيون شامل آهن. جن مان اندازو ٿئي ٿو ته فنش معاشري ۾ ڪم ڪرڻ اهم آهن نه ڪي غلطين کان ڊڄڻ يا ڪم کان نٽائڻ. ايستائين جو ايمرجنسي ۾ به اتساهه ڏنل آهي ته خراب کان خراب صورتحال مان به ڪو رستو نڪري ايندو. ان کان علاوه ”وڻ تي هميشه ان جي بنياد کان ئي چڙهڻ گھرجي“ جهڙو پهاڪو به آهي، جنهنجو مقصد آهي ته ڪنهن به شيءِ کي شروعات کان سکڻ گھرجي ۽ سکڻ جو عمل هميشه جاري رکجي.

ڊينمارڪ ۾ اعلي تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

ڊينمارڪ جي آبادي 5.7 ملين يعني 57 لک آهي، جڏهن ته پکيڙ جي لحاظ کان ڊينمارڪ 42933 اسڪوائر ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. QS ورلڊ رينڪنگ ۾ يونيورسٽي آف Copenhagen 79 نمبر تي، ٽيڪنالاجي يونيورسٽي آف ڊينمارڪ 112 نمبر تي، Aarhus يونيورسٽي 141 نمبر تي، Aalborg يونيورسٽي 343 ، يونيورسٽي آف سائوڌرن ڊينمارڪ 376 نمبر تي شامل آهن. شاگردن لاءِ اهم شهر Aalborg، Aarhus، Copenhagen ۽ Odense وغيره آهن. جن جي نالي تي ٺهيل يونيورسٽين ۾ داخلا ۽اسڪالرشپ لاءِ ضروري معلومات يونيورسٽين جي ويب سائيٽ تان ڏسڻ گھرجي.
ڊينمارڪ مان ويجهڙ ۾ پڙهي آيل سنڌ يونيورسٽي جا ڪيترائي استاد آهن. جن مان بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڄاريڪو، ڊاڪٽر تانيه مشتاق ميمڻ بزنس ايڊمنسٽريشن پي ايڇ ڊي ڪئي ان کان علاوه ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ استاد ڊاڪٽر انتظار حسين لاشاري، ڊاڪٽر سروت نظاماڻي، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترائي استاد شامل آهن. اهي ٻڌائن ٿا ته ڊينمارڪ ۾ کين داخلا ته سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تحت ملي هئي پر کين ڊينمارڪ حڪومت طرفان به سوشل سيڪيورٽي الائونس به ملندو هو، ڇوته هو جڏهن فيملي سميت رهڻ لڳا ته سندن وٽ اسڪالرشپ جا پيسا پوري فيملي لاءِ ناڪافي هئا، پوءِ انهن سوشل سيڪيورٽي الائونس لاءِ درخواست ڏني، جنهن مان کين گھرَ جي مسواڙ سميت ڪافي مدد ملي. ان کان علاوه ڪجهه استاد ڊينمارڪ ۾ مستقل رهائش به اختيار ڪري چڪا آهن، هن وقت سندن مطابق ملڪ امن امان وارو آهي، ماڻهن جا رويا به انتهائي بهترين آهن. مطلب کين ڪابه ڏکيائي نه آهي.

ٽيوشن فيس ۽ رهائش جو خرچ
هن ملڪ ۾ به ڪجهه يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس تمام گھڻي آهي پر ڪجهه ۾ گھٽ به آهي. عام طور ٽيوشن فيس 6000 هزار يورو کان 16000 يورو تائين آهي، اهڙي طرح رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ يورو کان 500 يورو کان 1000 يورو تائين آهي، خاص طور گادي وارو شهر ڪوپنهيگن ڪافي مهانگو آهي جتي وڌيڪ خرچ اچي ٿو، باقي ٻين شهرن ۾ خرچ گھٽ آهي. ڊينمارڪ ۾ اعليٰ تعليم ۾ رهنمائي خاطر هي لنڪ ڪافي ڪارائتو آهي. https://studyindenmark.dk/.

ڊينمارڪ طرفان ملندڙ اسڪالرشپس
Danish government scholarships for highly qualified non-EU/EEA students
هي اسڪالرشپ مختلف ملڪن سان طئه ٿيل معاهدن تحت ڏني وڃي ٿي. جنهن بابت هن لنڪ تي تفصيل ڏسي سگھجن ٿا. https://studyindenmark.dk/study-options/tuition-fees-scholarships هن لنڪ تي ڊنيمارڪ حڪومت طرفان ڏنيون ويندڙ ٻين ڪيترن ئي اسڪالرشپس بابت تفصيل به ڏنل آهن. جن مان اڪثر ۾ ته پاڪستاني شاگرد شامل نه آهن پر ٿي سگھي ٿو مستقبل ۾ کين اهڙن موقعن لاءِ اهل ڪيو وڃي. ان کان علاوه اهل شاگردن لاءِ Studentships تحت پڙهائي به فنڊنگ حاصل ڪرڻ جو موقعو آهي. جنهن لاءِ يونيورسٽين سان سڌي طرح رابطو ڪجي، يا پروفيسر سان، ۽ اهڙي پوزيشن ميسر هجڻ جي صورت ۾ درخواست ڏيئي سگھجي ٿي.

ڊينمارڪ ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد
ڊينمارڪ جي تعليم واري وزارت مطابق سال 2013ع ۾ ڊينمارڪ جي يونيورسٽين ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد 23950 هيو، جيڪو سال 2017ع ۾ 34 هزار رهيو، اهڙي طرح هر سال ڊينمارڪ ڏانهن پرڏيهي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پر اها به حقيقت آهي ته پرڏيهي شاگردن جي اڪثريت انگريزي ڊگري پروگرامن ۾ دلچسپي رکي ٿي، جنهنڪري ڊينمارڪ جي ڪافي يونيورسٽين ۾ انگريزي پروگرام وڌايا ويا آهن. اهم ڳالهه ته ڊينش حڪومت جي خواهش هجي ٿي ته پرڏيهي شاگردن تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ سندن ملڪ جي ادارن ۾ ڪم ڪن، پر سندن مطابق اڪثريت پرڏيهي شاگردن جي تعليم پوري ڪرڻ جي سال اندر واپس هلي وڃي ٿي. ڊينمارڪ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ايندڙ شاگرد جو سڀ کان گھڻو تعداد جرمني، ناروي، سوئيڊن، ليٿونيا، بلگيريا، پولينڊ، اٽلي، هنگري ۽ چائنا جي شاگردن جو آهي.

ڪجهه ڊينش پهاڪا ۽ چوڻيون
Small cooking pots have ears, too
هن پهاڪي جو اشارو ننڍڙن ٻارن ڏانهن آهي، جنهن مطابق ته ٻارن اڳيان ڌيان سان ڳالهايو، ڇو ته اهي سڀ ڪجهه سمجهي رهيا هوندا آهن. توهان جون ڳالهيون انهن جي لاشعور ۾ ويهنديون وڃن ٿيون.
” Loose and win with the same attitude.”
ماڻهو هارائي يا کٽي، ٻنهي حالتن ۾ پنهنجو رويو بهتر رکي.
Eggs and oaths are easily broken.
انڊا ۽ واعدا جلد ٽوڙيا وڃن ٿا.
No one gets into trouble without his own help.
ڪوبه ماڻهو پنهنجي مدد کان سواءِ مصيبت ۾ نه پوندو آهي.
What you are is God’s gift to you what you do with yourself is your
gift to God.
توهان ڇا آهيو، اهو توهان لاءِ خدا طرفان تحفو آهي، پر توهان پاڻ لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيو، اهو توهان طرفان خدا لاءِ تحفو آهي.
Great men’s requests are commands.
عظيم ماڻهو جو عرض به حڪم برابر هوندو آهي.
God feeds the birds that use their wings.
خدا به انهن پکين کي کارائي ٿو، جيڪي پنهنجا کنڀ استعمال ڪن ٿا.
The most difficult mountain to cross is the threshold.
سڀ کان ڏکيون پهاڙ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ آهي.

ناروي ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

ناروي جي آبادي 5.2 ملين يعني 52 لک آهي ، جڏهن ته ايراضي 385203 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. نارويجين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪافي واپرائيندڙ آهن. نارويجين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مطالعو ڪندڙ آهن، سڀني کان وڌيڪ سجاڳ ۽ ڄاڻو ماڻهو آهن، پر ان هوندي به نارويجين اهڙن علائقن ۾ به رهن ٿا جن سج ڪيئي مهينا ڪونه اڀري ٿو، نارويجين هڪ منفرد ۽ عجيب قوم آهن، ناروي تعليم جي حوالي سان انتهائي ڪامياب ملڪ آهي جتي جي تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪڙو عورت شاگرد آهن، ناروي مڪمل طرح سوشل ويلفيئر اسٽيٽ آهي، جتي تعليم ۽ صحت تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ٿو، جي ڪو بيروزگار آهي، بيمار آهي ته به حڪومت ان جي سنڀال ڪري ٿي ۽ کيس بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ الائونس ڏيئي ٿي. ناروي عورتن کي ووٽ جو حق ڏيڻ وارن پهرين ملڪن مان هڪ آهي، دنيا جي پهرين عورت وزيراعظمGro Harlem Brundtland به ناروي جي آهي، جيڪا 1981ع ۾ چونڊي ويئي. ناروي دنيا ۾ امن امان جي حوالي سان به پنهنجي ڪردار ادا ڪندو اچي ٿو، جنهن ۾ اسرائيل فلسطين اوسلو ٺاه به مشهور رهيو آهي، اهڙي طرح ناروي ۾ ئي امن جي نوبل پرائيز ڏنو وڃي ٿو، جنهن جو فيصلو پڻ نارويجين جيوري طرفان ڪيو وڃي ٿو.

ناروي جا اعليٰ تعليمي ادارا
ورلڊ رينڪنگ ۾ ناروي جون چار يونيورسٽيون شامل آهن، جن ۾ يونيورسٽي آف اوسلو 35 نمبر تي، يونيورسٽي آف Bergen 171، نارويجين يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي 363 ۽ يونيورسٽي آف ٽروماسو، دَ آرڪٽڪ يونيورسٽي آف ناروي 369 تي شامل آهن. هن وقت ناروي ۾ 9 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون، 8 يونيورسٽي ڪاليجز ۽ 5 سائينٽيفڪ ڪاليج آهن، جڏهن ته پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ ڪاليج الڳ سان ڪم ڪري رهيا آهن. ناروي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 3 سال بيچلر، 2 سال ماسٽرس ۽ 3 سال پي ايڇ ڊي ڊگري پروگرام لاءِ مخصوص آهن. ناروي ۾ هر ٽيون شخص اعليٰ تعليم يافته آهي، جڏهن ته پرائمري، سيڪنڊري ايجوڪيشن سئو سيڪڙو آهي، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ عورتن جو تعداد مردن جي ڀيٽ ۾ گھڻو آهي. ناروي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري رهنمائي خاطر هي آفيشل لنڪ ڏنل آهي.
https://www.studyinnorway.no/

پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽون
• Norwegian University of Science and Technology
• University of Oslo
• Nord University (Former University of Nordland)
• Oslo Metropolitan University (former Oslo and Akershus University College of Applied Sciences
• University of Bergen
• Bergen University College
• The Arctic University of Tromsø, Norway
• University of Stavanger
• BI Norwegian Business School

ٽيوشن فيس
ناروي جي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ ڪابه ٽيوشن فيس نه آهي، البته ڪجهه پرائيويٽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٽيوشن فيس ورتي وڃي ٿي، پر اهم ڳالهه ته پرائيويٽ ادارن طرفان ورتي ويندڙ فيس به يورپ جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي.

ناروي ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
ناروي باقي يورپ جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگو ملڪ آهي، هتي ماهوار خرچ 900 ڊالرس کان 1500 ڊالرس تائين اچي سگھي ٿو، جڏهن ته ناروي جي يونيورسٽي ۾ فيس نه آهي يا ته تمام گھٽ آهي. پر رهائش ۽ کاڌي پيتي جي حوالي سان هي ملڪ باقي سموري يورپ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگو آهي، ان ڪري ناروي ۾ داخلا وٺندڙ رهائشي خرچ حوالي سان سنجيدگي سان سوچي پوءِ ئي فيصلو ڪن. اها به حقيقت آهي ته پارٽ ٽائيم ڪري يا ڪا فنڊنگ حاصل ڪري مفت ٽيوشن فيس وارين يونيورسٽين ۾ پڙهڻ ۾ آساني ضرور ٿي سگھي ٿي.

اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ
ناروي حڪومت طرفان مختلف ملڪن سان گڏيل تعلقات ۽ ترقي پزير ملڪن جي سڌاري توڙي ذهين پرڏيهي شاگردن کي پنهنجي ملڪ ۾ريسرچ لاءِ گھرائڻ خاطر ڪيتريون ئي اسڪالرشپ اسڪيمون رکيل آهن. جن جو تفصيل هن لنڪ تي ڏنل آهي.
https://www.studyinnorway.no/study-in-norway/find-available-scholarships-and-grants

ناروي ۾ پارٽ ٽائيم ڪم جا موقعا
ناروي ۾ پڙهندڙ پرڏيهي شاگردن کي هفتي ۾ 20 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت هجي ٿي پر ان لاءِ پهرين اجازت وٺڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به شاگرد کي هن لنڪ تي وڃي اهڙي درخواست ڏيڻي پوندي آهي.
https://www.studyinnorway.no/living-in-norway/building-a-career

ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون:
• جڏهن سفر تي هجو ته ڪاوڙ نه ڪريو.
• جڏهن ٻلي هلي ويندي آهي ته پوءِ ئي ڪوئا ميز تي چڙهي نچندا آهن.
(ان پهاڪي جو اشارو اڳواڻ نه هجڻ جي صورت ۾ هر ڪو مزو وٺندو آهي پر ڪوبه ڪري ڪجهه نه سگھندو آهي. )
• ڪاري زمين ئي اڇي ڪڻڪ پيدا ڪندي آهي.
• صرف ڪتاب ئي ماڻهن کي سياڻو بڻائڻ لاءِ ڪافي نه آهن ان لاءِ سير سفر ڪرڻو پوندو.
• ڪا به مڇي ڪنڊي کان سواءِ نه آهي. (مطلب زندگي ۾ هر ڳالهه آسان نه آهي).

ايسٽونيا ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

ايسٽونيا يورپ جو اهو ملڪ آهي، جنهن جي آبادي صرف 13 لک آهي، پر سندس ايراضي 45،227 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي، تالن Tallinn سندس گادي جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي.
يورپ جي ملڪ ايسٽونيا جي يونيورسٽي آف ٽارتو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ، حيدرآباد سان تعلق رکندڙ، نوجوان آءِ ٽي سائنسدان يار محمد مغل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايسٽونيا ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ ايسٽونيا بابت معلومات ڏني، جيڪا هت ڏجي ٿي. هن مطابق: شاگرد چين، ملائيشيا يا ترڪي ۾ داخلا جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ ايسٽونيا جو رخ ڪن، جتي ڪمپيوٽر سائنس، آءِ ٽي ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ اڳتي وڌڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، جڏهن ته ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلا جي ڪابه فيس ناهي، اسڪالرشپ جا بيشمار موقعا ميسر هجڻ سبب سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي هوشيار شاگردن لاءِ هي ملڪ تمام زبردست پليٽ فارم آهي، جنهن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايسٽونيا هڪ ننڍڙو ملڪ آهي، جنهن جي آبادي صرف 13 لک آهي، پر هن ملڪ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نت نيون ٽيڪنالاجيز متعارف ڪرائي دنيا کي پوئتي ڌڪي چڪو آهي. هن چيو ته يورپي يونين جي هن ننڍڙي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ ٽيوشن فيس انتهائي گهٽ آهي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي ۾ داخلا بلڪل مفت آهي. هن چيو ته ايسٽونيا دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جنهن جون 2005ع ۾ ٿيل صدارتي چونڊون انٽرنيٽ تي ٿيون ۽ ان 2014ع ۾ انٽرنيٽ ريزيڊنسي وارو تصور پيش ڪيو. هن چيو ته ايسٽونيا ۾ هن وقت 150 پاڪستاني زير تعليم آهن، جن مان 75 شاگرد مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد بيچلر، ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن لاءِ ايسٽونيا جي يونيورسٽين جي چونڊ ڪن، جتي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق سان گڏ نوڪرين جا بيشمار موقعا آهن. واضح رهي ته اسڪائپ سميت ڪيترن ئي سافٽ ويئرن جو خالق ايسٽونيا جهڙو ننڍڙو ملڪ آهي. وڌيڪ معلومات لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.
www.studyinestonia.ee/en/study. ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ ايسٽونيا جون هي ٽي يونيورسٽيون شامل آهن، يونيورسٽي آف Tartu ، Tallinn يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ۽ Tallinn يونيورسٽي.

ايسٽونيا ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ:
ايسٽونيا ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ مرڪزي يورپ جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي. هتي رهائش لاءِ هاسٽل اندر هڪ ڪمرو 80 کان 150 يورو جڏهن ته پرائيويٽ رهائش ۾ 200 يورو کان شروع ٿئي ٿي جيڪا 500 يورو تائين آهي. کاڌي پيتي جو ماهوار خرچ وڌ ۾ وڌ 300 يورو آهي، جيڪو شاگرد احتياط سان خرچ ڪري ته 150 يورو جيتري پيسن ۾ به مهينو گذاري سگھي ٿو. ٽالن شهر ۾ بس ٽڪيٽ شاگردن لاءِ مفت آهي، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ ڪرايو آهي. هر يونيورسٽي اندر ضرورت جي هر شيءِ موجود هجي ٿي، جنهنڪري شاگردن گھمڻ ڦرڻ کان سواءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پئي.
ايسٽونيا ۾ پرڏيهي شاگرد جو سراسري ماهوار خرچ 300 کان 500 يورو تائين ٿي سگھي ٿو. ايسٽونيا ۾ ڪل وقتي شاگرد کي شروع جا 9 مهينا پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هجي ٿي، جڏهن ته بعد ۾ هو اجازت وٺي ڪم جاري ڪري سگھي ٿو، جنهن لاءِ هي لنڪ ضروري رهنمائي ڪري ٿو.
http://www.studyinestonia.ee/en/working

ايسٽونيا ۾ اسڪالرشپ:
ايسٽونيا حڪومت توڙي يونيورسٽين طرفان پرڏيهي شاگردن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي اسڪالرشپ اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن. جنهن جي تفصيل لاءِ هي ضروري لنڪ آهي. http://www.studyinestonia.ee/en/scholarships-researchers

ريسرچ اسڪالرشپ پروگرام:
هي پروگرام دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڪيڊمڪ ۽ ريسرچ انسٽيوٽس ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي تدريس ۽ تحقيق سان لاڳاپيل هجن.

اسڪالرشپ فار ڊگري اسٽڊيز:
هي اسڪالرشپ مختلف ڊگري پروگرام ڪرڻ لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون، جن ۾ بيچلر توڙي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري لاءِ الڳ الڳ سان اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي. جنهن جي تفصيل هن لنڪ تي آهي.
http://www.studyinestonia.ee/en/scholarships-degree-studies.
اهم ڳالهه ته هن اسڪالرشپ لنڪ تي ايسٽونيا جي مختلف يونيورسٽين جي مختلف شعبن ۾ به جيڪي اسڪالرشپس آهن، انهن جو به تفصيل ڏنل آهي.

داخلا جو طريقيڪار:
داخلا لاءِ سڀ کان پهرين
http://www.studyinestonia.ee/en/admission ويب سائيٽ تي ڏنل ڊگري پروگرامن مان پنهنجي پسند جو ڊگري پروگرام نوٽ ڪريون ان کان پوءِ هن لنڪ تي وڃي www.estonia.dreamapply.com پروگرام جون گھرجون نوٽ ڪريو، جيڪي تقريبن اڪيڊمڪ ڊگري، انگريزي اچڻ جو سرٽيفڪيٽ، هيلٿ سرٽيفڪيٽ، موٽيويشن ليٽر ۽ ريسرچ پروپوزل وغيره آهن. اهم ڳالهه ته پي ايڇ ڊي ڊگري لاءِ اپلاءِ ڪرڻ کان پهرين جيڪڏهن ايسٽونيا جي ڪنهن به يونيورسٽي جي پروفيسر سان توهان رابطي ۾ اچو ٿا ۽ هو توهان کي ايڪسيپٽنس ليٽر ڏيئي ٿو ته پوءِ اسڪالرشپ ملڻ جي تقريبن پڪ ٿي وڃي ٿي. ان لاءِ ضروري گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ هن لنڪ تي درخواست فارم آن لائين ڀرڻ گھرجي. www.estonia.dreamapply.com.
اهڙي طرح ضروري آن لائين فارم ڀرڻ کانپوءِ سمورا ڪاغذ ايسٽونيا جي ان يونيورسٽي موڪلڻ گھرجن، جنهن ۾ توهان پڙهڻ چاهيو ٿا. داخلا ملي وڃڻ جي صورت ۾ يونيورسٽي ايڊميشن ليٽر موڪلي ڏيندي ۽ ضروري ويزا پراسيس لاءِ رهنمائي ڪندي، جنهن کان پوءِ ايسٽونيا وڃڻ لاءِ ويزا لاءِ مقامي ايمبيسي سان رابطي ۾ اچجي ۽ ضروري تياري شروع ڪرڻ گھرجي. اهم ڳالهه ته ايسٽونيا ۾ تعليمي سال لاءِ درخواست ڏيڻ جو وقت جنوري کان شروع ٿئي ٿو ۽ اپريل تائين درخواستون ورتيون وڃن ٿيون. تعليمي سال جا ڪلاس سيپٽمبر ۾ شروع ٿين ٿا.
ايسٽونيا جي موسم جي لحاظ کان گرم توڙي سخت سيارو به اچي ٿو، جولاءِ هتي گرم ترين مهينو آهي، جنهن جو سراسري گرمي پد 21 سينٽي گريڊ جڏهن ته فيبروري سرد ترين مهينو آهي جنهن جو سراسري گرمي پد ڪاٽو 4 آهي. ياد رکو ته سراسري گرمي پد مان مراد اڪثر گرمي پد آهي جڏهن ته هي روزاني جي حساب سان گهٽ يا وڌ ٿي سگھي ٿو. ايسٽونيا ۾ سرد هوائون ۽ برف باري ڪري گرمي پد ڪڏهن ڪڏهن ڪاٽو 10 سينٽي گريڊ تائين به وڃي سگھي ٿو. جڏهن ته جولاءِ ۾ گرمي پد 35 سينٽي گريڊ تائين به وڃي سگھي ٿو، پر اڪثر 20 ڊگري سينٽي گريڊ رهي ٿو.

آئرلينڊ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

آئرلينڊ 70273 اسڪوائر ڪلوميٽر تي مشتمل آهي، جڏهن ته سندس آبادي 4.7 ملين يعني 47 لک آهي، ڊبلن سندس گادي جو هنڌ آهي، آئرش ۽ انگلش ٻئي هن ملڪ جون سرڪاري زبانون آهن. اصل ۾ آئرلينڊ جو ڪجهه حصو يونائيٽڊ ڪنگڊم ۾ اچي ٿو جتي به 20 لک جي قريب آئرش آبادي رهي ٿي، جنهن کي نارٿ آئرلينڊ چئجي ٿو، پر هي ريپبلڪ آف آئرلينڊ الڳ سان آزاد ملڪ آهي، ڊبلن جي آبادي تقريبن 14 لک آهي.

ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ:
ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ آئرلينڊ جو 8 يونيورسٽون شامل آهن جن ۾ Trinity College of Dublin ۽ The University of Dublin 104 نمبر تي، يونيورسٽي ڪاليج ڊبلن 193 نمبر تي، نيشنل يونيورسٽي آف آئرلينڊ گالوي 260 نمبر تي شامل آهن. ان کان علاوه يونيورسٽي ڪاليج ڪارڪ، ڊبلن سٽي يونيورسٽي، يونيورسٽي آف Limerick، Maynooth يونيورسٽي ۽ ڊبلن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي شامل آهن.

آئرلينڊ ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد
آئرلينڊ ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد 35000 آهي، جن جو تعلق تقريبن دنيا جي 161 ملڪن سان آهي، جڏهن ته يورو زون ۾ هي واحد بهتر انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪ آهي. تنهڪري انگريزي ڳالهائيندڙن لاءِ هت ڪابه ڏکيائي نه آهي. حالانڪه هن ملڪ جي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت آهي پر انگريزي به بهتر ڄاڻن ٿا.
رهنمائي خاطر هن لنڪ تي ڪافي معلومات ڏنل آهي.
https://www.educationinireland.com/en/Why-Study-in-Ireland-/
هيءَ ويب سائيٽ به ڪافي ڪارائتي معلومات ڏيئي ٿي.
https://www.internationalstudents.ie/info-and-advice.
ان کان علاوه معلومات لاءِ هن لنڪ تي آئرلينڊ جي سرڪاري ادارن جو تفصيل ڏنل آهي.
https://hea.ie/higher-education-institutions/

رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
آئرلينڊ ۾ پرائيويٽ رهائش ڪافي مهنگي آهي جنهن جي مسواڙ 400 يورو تائين آهي، جڏهن ته گڏيل رهائش ۾ مسواڙ گھٽ ٿي سگھي ٿي. ان کان به گھٽ رهائش پينگ گيسٽ ٿي رهڻ يا هاسٽل اندر ملندڙ حال ۾ رهائش اختيار ڪرڻ سان ٿي سگھي ٿي. اهڙي طرح کاڌي جو خرچ ماهوار 167 يورو آهي، سوشل لائف سان خرچ وڌي سگھي ٿو، موبائيل تي خرچ 30 يورو اچي سگھي ٿو، هيلٿ حوالي سان 50 يورو جو خرچ ضرورت پوڻ تي اچي سگھي ٿو. يوٽلٽيز تي 28 يورو ۽ سير سياحت تي ايندڙ خرچ الڳ سان آهي. جيڪڏهن ماهوار خرچ جو ڪاٿو لڳائجي ته سستي رهائش ۽ غير ضروري گھمڻ ڦرڻ ۽ سوشل لائف کان علاوه 500 يورو کان 800 يورو ڪافي آهن. مختلف ويب سائيٽس مطابق 7000 هزار کان 12000 هزار يورو سال لاءِ ڪافي هجن ٿا.

ٽيوشن فيس:
آئرلينڊ ۾ ٽيوشن فيس هر يونيورسٽي جي حوالي سان مختلف آهي، پر ريسرچ لاءِ ايندڙ شاگرد کي پروفيسر جي مدد سان ٽيوشن فيس معاف به ٿي سگھي ٿي. اهڙي طرح کيس فنڊنگ وغيره ملڻ لاءِ موقعو ملي سگھي ٿو، جڏهن ته عام طور تي ٽيوشن فيس 9000 هزار يورو کان شروع ٿئي ٿي. البته ڪجهه يونيورسٽين ۾ ريسرچ پروگرام ۾ ڪا به فيس نه آهي.

گورنمينٽ آف آئرلينڊ انٽرنيشنل ايجوڪيشن اسڪالرشپ:
هي پروگرام هر سال آئرلينڊ جي حڪومت طرفان ذهين پرڏيهي شاگردن لاءِ انائونس ڪيو وڃي ٿو. سال 2020ع لاءِ هن لنڪ تي معلومات ڏنل آهي. https://hea.ie/funding-calls/government-of-ireland-international-education-scholarship/

انگلستان ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

انگلستان جنهن کي يونائيٽيڊ ڪنگڊم به چيو ويندو آهي، هن ملڪ سڄي دنيا تي حڪمراني ڪئي آهي، ويندي اڄ به سندن راڻي ڪيناڊا کان نيوزيلينڊ تائين حڪمراني ڪري ٿي. هي ڪنگڊم چار ملڪن تي مشتمل آهي، جن ۾ انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، اتر آئريلينڊ ۽ ويلز شامل آهن. مجموعي طور سموري دنيا جي اعليٰ تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ انگلينڊ جون يونيورسٽيون وڌيڪ مقبول ۽ اثر انداز آهن، سڀ کان وڏا سياستدان هجن، يا اديب ۽ سائنسدان، اهي انگلينڊ جي يونيورسٽين مان پڙهي نڪتا آهن، يا ائين کڻي چئجي ته اهي انگلينڊ جي يونيورسٽين جي پيداوار آهن. انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جتي دنيا جي مختلف ملڪن تي حڪمراني ڪندڙ 100 جي لڳ ڀڳ حڪمران ڏنا آهن، اتي ڪيئي سائنسدان جن ۾ آئزڪ نيوٽن، چارلس ڊارون، مائيڪل فراڊي، اسٽيفن هاڪنگ به شامل آهن. انگلينڊ مجموعي طور دنيا ۾ نه صرف پنهنجي بادشاهت پر صاف سٿري ۽ سمجهدار قوم طور مشهور آهن. هن ملڪ جي شهر لنڊن کي دنيا جي گادي جهڙي لقب به ڏنو ويندو رهيو آهي، اڄ به سموري دنيا جا ماڻهو انگلينڊ جي شهرن ۾ ملن ٿا. انگلينڊ جيئن ته سڄي دنيا تي حڪمراني سبب سموري دنيا جي ماڻهن لئه دلچسپي رکندڙ آهي، ان ڪري به ٻين ملڪن جي ماڻهن جو رخ به هن طرف رهيو آهي، جو انگلينڊ سان هڪ قسم جي لاڳاپو محسوس ڪن ٿا. اڄ به انگلينڊ جڏهن يورپين يونين کان نڪري ٿو ته يورپين يونين جي سڪي جي قيمت گھٽجي وڃي ٿي. سڀ کان اهم ڳالهه ته ننڍي کنڊ جي ڪنهن به شاگرد کان جي ڪير پڇندو ته سندس پهرين نمبر تي خواهش ڪٿي وڃي پڙهڻ جي آهي ته 5 مان 3 ضرور انگلينڊ ئي چوندا ، ۽ ٿي سگھي ٿو باقين جي خواهش آمريڪا يا آسٽريليا مان ڪنهن هڪ جي هجي. ائين انهن ٽن ملڪن کانپوءِ اسان جا ماڻهو اميگريشن ۽ ورڪ پرمٽ جي اجازت هجڻ جي ڪري ڪيناڊا ڏانهن وڌيڪ متوجه ٿيا آهن،انهن ملڪن کان پوءِ نيوزيلينڊ ۾ به دلچسپي وڌي آهي جو ان ۾ به ساڳيون ئي سهولتون مهيا ڪيون آهن جهڙيون ٻين ٻڌايل چار ملڪن ۾ موجود آهن.

انگلينڊ جون يونيورسٽيون
دنيا جي ٽاپ ٻه يونيورسٽين آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ ٽاپ ٽين ۾ ڏهين نمبر تي موجود لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس ۽ نائين نمبر تي امپيريل ڪاليج لنڊن آهن، انگلينڊ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آڪسفورڊ يونيورسٽي آهي، جيڪا دنيا ۾ سڀ کان مقبول آهي. مختلف ملڪن جا سربراه هتان پڙهيل هجڻ ڪري حڪمران پيدا ڪندڙ يونيورسٽي طور به مشهور آهي، آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ جي پهرين يونيورسٽي به آهي ته وري سڀ کان وڌيڪ نوبل پرائز به هتان جي پروفيسرس کٽيا آهن. اهڙي طرح ٽاپ ٽين ۾ موجود چار يونيورسٽين کان علاوه انگلينڊ جو وڌيڪ 71 يونيورسٽيون دنيا جي ٽاپ رينڪنگ ۾ مختلف پوزيشنس تي اچن ٿيون. مجموعي طور انگلينڊ ۾ ٽوٽل 109 يونيورسٽيون آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ 47 يونيورسٽيون صرف لنڊن شهر ۾ آهن. جنهن جو سبب انگلينڊ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ پسند ڪيو ويندڙ شهر لنڊن ئي آهي، ۽ دنيا جي مقبول شهرن جي لسٽ ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي رهندڙ شهر پڻ. هن شهر جو دنيا ۾ تاريخي، ۽ ثقافتي ڪردار به رهيو آهي، جنهنڪري انگلينڊ جون سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون به ان ئي شهر ۾ موجود آهن.

اسڪاٽلينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ ۾ يونيورسٽيون
اسڪاٽلينڊ ۾ 1600 صدي کان موجود چار پراڻيون ۽ ڪيتريون ئي نيون يونيورسٽيون موجود آهن، چار پراڻين يونيورسٽين ۾ ايڊن برگ يونيورسٽي، گلاسڪو يونيورسٽي، سيٽ ايڊريو يونيورسٽي ۽ ايبڊرين يونيورسٽي شامل آهن، جڏهن ته نئين يونيورسٽين ۾ Stirling، Strathclyde ،Heriot-Watt University ۽ گلاسڪو اسڪول آف آرٽس موجود آهن، جڏهن ته ويلز ۾ Cardiff University ۽ Swansea University. شامل آهن. اهم ڳالهه ته ويلز جي ڪافي يونيورسٽين ۾ ٻن ٻولين يعني انگريزي سان گڏ ويلش ۾ به پڙهايو وڃي ٿي. اتر آئرلينڊ ۾ موجود Ulster University ۽ Queen’s University Belfast مقبول يونيورسٽيون آهن.

داخلا لاءِ طريقيڪار
انگلستان جي سمورين يونيورسٽين ۾ انڊر گريجوئيٽ پروگرام لاءِ ويب سائيٽ University and College Admissions Service (UCAS) ذريعي ئي اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو، جڏهن ته پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام لاءِ UKPASS لنڪ ذريعي داخلا وٺي سگھجي ٿي، پر جڏهن ته مختلف يونيوسٽين جا ڪجهه پروگرام ان ۾ شامل نه آهن ان ڪري، پوسٽ گريجوئيٽ يعني ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ ڊائريڪيٽ ڪنهن يونيورسٽي جي پروگرام ۾ داخلا لاءِ به اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو. ڪنهن به شاگرد کي جنهن کي انگلستان ۾ داخلا وٺڻ ۾ دلچسپي آهي، ان کي مٿين ويب سائيٽس تي رجسٽر ٿيڻ کپي، پوءِ هن ويب سائيٽ ذريعي ئي باقي رهنمائي ڪئي وڃي ٿو، جنهن ۾ ڊاڪومينٽ جمع ڪرائڻ کان ويندي گھربل هر معلومات جنهن ۾ داخلا پلان، اپلاءِ ڪرڻ جو طريقيڪار، ۽ داخلا پراگريس ٽرينڪنگ لاءِ گائيڊ ڪيو وڃي ٿو.

داخلا لاءِ گھرجون
داخلا لاءِ گھربل ڪواليفڪيشنس جا سرٽيفڪيٽ، اسٽڊي پلان، پرسنل اسٽيٽمينٽ، ۽ ٻه ريفرنس ليٽر ۽ پاسپورٽ هجڻ گھرجن. ان کان علاوه انگلش IELTS يا TOEFL جو اسڪور گھربل هجي ٿو. جڏهن ته پوسٽ گريجوئيٽ ريسرچ يعني ماسٽرس اِن ريسرچ يا پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ داخلا لاءِ ريسرچ پروپوزل جي ڪنڊيشن گهربل هجي ٿي، ان کان علاوه لاڳاپيل شعبي جو پروفيسر يا نمائندو ان لاءِ انٽرويو به وٺي سگھي ٿو.

ويزا ڪيئن حاصل ڪجي
انگلستان جي ويزا عام طور تي شاگرد جي واسطيدار ملڪ جي حساب سان ملي ٿي، جو انگلستان جي پاليسي مختلف ملڪن لاءِ الڳ الڳ آهي. بحرحال اهي شاگرد جيڪي يوريپين يونين يا امريڪا ۽ آسٽريا کان نه آهن، انهن لاءِ جنرل ويزا جي ڪيٽيگري Tier 4 (general) student visa رکيل آهي. ويزا لاءِ درخواست انگلستان جي يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ متوقع پهچڻ جي تاريخ کان گھٽ ۾ گھٽ 3 مهينا پهرين ڏيڻ گھرجي. ان لاءِ انگلستان جي ڪنهن به اداري طرفان بغير ڪنهن واڌو شرط جي آفر ليٽر هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته ان سان گڏ پاسپورٽ، تصويرون، انگريزي اچڻ جو سرٽيفڪيٽ، ان کان علاه ميڊيڪل ۽ سيڪيورٽي حوالي سان پوليس ڪليئرنس وغيره به ڪائونسليٽ جي پاليسي مطابق گھري سگھجن ٿا. ان کان علاوه The UK Border Agency (UKBA) طرفان انگلستان ۾ رهڻ لاءِ 1250 ڊالرس تائين ماهوار خرچ جو ذريعو هجڻ جو ثبوت ڏيڻ به ضروري آهي، جڏهن ته لنڊن شهر لاءِ 1500 ڊالر هجڻ جي شرط رکيل آهي. جنهن جي لاءِ فنڊنگ ليٽر يا وري ڪا اسڪالرشپ يا وري پنهنجو يا والدين جو بئنڪ اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ڏيکارڻي پوي ٿي. جڏهن ته ويزا تي خرچ 400 ڊالر تائين اچي ٿو. جنهن ۾ ٿوري عرصي لاءِ يعني 6 مهينن لاءِ گھٽ فيس 110 ڊالر آهي، جڏهن ته 11 مهينن لاءِ وري 180 ڊالر. ان کان علاوه ويزا سان گڏ هيلٿ انشورنش ڪرائڻ جي شرط به لڳي سگھي ٿي جنهن جي فيس الڳ سان 180 ڊالر آهي.

ٽيوشن فيس
انگلستان ۾ اعليٰ تعليم ڪافي مهانگي آهي، انڊر گريجوئيٽ جي ڊگري 10 هزار پائونڊ کان 35 هزار پائونڊ تائين ساليانو فيس ٿي سگھي ٿي. جيڪا فيس مختلف يونيورسٽين ۽ ڊگري پروگرامن جي حوالي سان مختلف آهي، سڀ کان وڌيڪ ميڊيسن جي تعليم آهي، پوءِ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي، پوءِ سوشل سائنس ۽ هيومنٽيس وغيره آهن، جن ۾ فيس ڪجهه سائنس جي سبجيڪٽس کان گھٽ ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامس ۾ فيس جي شروعات 9 هزار پائونڊ کان 30 هزار پائونڊ تائين ٿئي. البته سالياني ايوريج فيس 15 هزار ڊالر آهي. جيڪا مختلف پروگرامس جي ڪري ڪجهه گھٽ يا گھڻو وڌيڪ به ٿي سگھي ٿي.

رهائش ۽ خرچ
رهائش لاءِ عام طور تي شاگردن لاءِ يونيورسٽي يا ڪاليج طرفان اسٽوڊنٽ فليٽ، يا اسٽوڊنٽ هال آف ريزيڊنس يا وري اسٽوڊنٽ هائوس هوندا آهن، پر ڪجهه شاگرد يونيورسٽين کان ٻاهر پرائيويٽ طور گڏجي يا اڪيلي طور به رهي سگھن ٿا. عام طور اسٽوڊنٽ هال کي وڌيڪ ترجيع ڏني ويندي آهي، جيڪا رهائش ڪجهه گھٽ خرچ ۾ ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح انگلينڊ ۾لنڊن سڀ کان مهانگو شهر آهي، جتي جي رهائش به وڌيڪ مهانگي آهي. هن شهر ۾ ايوريج ساليانو خرچ 15 هزار پائونڊ تائين ٿي سگھي ٿو. جڏهن ته باقي شهرن ۾ 12 هزار پائونڊ يا اڃان به گھٽ ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن ڪير انگلينڊ وڃڻ چاهي ٿو ته کيس خرچ پکي ۽ رهائش لاءِ سال جا 9 هزار پائونڊ ڏيکارڻا پوندا، پر جي لنڊن ۾ رهائش ڪرڻي هوندي ته 11385 پائونڊ ڏيکارڻا پوندا. جيڪي بينڪ اسٽيٽمنيٽ وغيره ڏيکاري ظاهر ڪرڻا پوندا آهن، يا وري ليٽر آف اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ وغيره هجڻ گھرجي.

اسڪالرشپ جا موقعا
https://study-uk.britishcouncil.org/
انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون اسڪالرشپس مهيا ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ انگلينڊ جي حڪومت توڙي انڊپينڊنٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽس توڙي مختلف تنظيمن ۽ فردن سميت بين الاقوامي ايجنسين ۽ ٻين ملڪن جي حڪومتن طرفان به انگلينڊ ۾ پڙهڻ لاءِ مدد ڏني وڃي ٿي. جن ۾ چٽاڀيٽي ۽ سهي معلومات رکڻ سان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جو موقعو وڌي وڃي ٿو.
• Commonwealth Scholarships and fellowships
ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ ميمبر ملڪن جي شاگردن کي ڏنيون وڃن ٿيون، پاڪستان ۾ به ساليانو ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان درخواستون گھرايون وڃن ٿيون، جنهن تحت GRE جو الڳ سان امتحان ورتو وڃي ٿو، جنهن ۾ ٽاپ ايندڙ شاگردن کان درخواستون گھرايون وڃن ٿيون. ان کان علاوه انگلش IELTS جو اسڪور ، مخلتف پاس ڪيل پروگرامن ۾ سٺي پسنٽيج سان گڏ فائنل هيڪ طرفان انٽرويو وغيره به ٿي سگھي ٿو. هي اسڪالرشپ انگلينڊ لاءِ سڀ کان بهتر اسڪالرشپ آهي. جنهن جي فنڊنگ به ڪافي گھڻي آهي ۽ شاگرد آرام سان لائف گذاري سگھي ٿو، پر هن قسم جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجي سان جي آر اي جي تياري ۽ آءِ ليٽس پاس ٿيل هجڻ گھرجن.
• Chevening Scholarships
هي اسڪالرشپ دنيا جي بهترين شاگردن لاءِ جن ۾ رهنمائي ڪرڻ جا گڻ هجن، انهن لاءِ آفر ڪئي وڃي ٿي.
اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ لاءِ معلومات هن ويب سائيٽ تي رکيل آهي، جتي 3 هزار جي لڳ ڀڳ مختلف قسم جي اسڪالرشپس بابت معلومات ملي ٿي.
https://study-uk.britishcouncil.org/

هيلٿ ڪيئر
شاگرد کي جيئن ته ويزا سان گڏ نيشنل هيلٿ سروس (NHS) جي فيس به ورتي ويندي آهي، جنهن سان انهن جي هيلٿ انشورنس ٿي وڃي ٿي. جنهن سان شاگرد کي ڊاڪٽرن سان مفت ڪنسلٽيشن ۽ ميڊيسن ملي وڃي ٿي. پر ميڊيسن مهيا ڪرڻ لاءِ هيلٿ ڊاڪٽر جي رڪمينڊيشن اهم هجي ٿي.

تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪم ڪرڻ جا موقعا
تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ انگلينڊ ۾ رهي ڪم ڪرڻ جا موقعا به ڏنا وڃن ٿا، جن ۾ ويزا جي حساب سان موقعا آهن. جئين The Tier 1 Graduate (Enterprenuer Visa Scheme) آهي جنهن تحت انگلينڊ ۾ تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو بزنس شروع ڪندڙ شاگردن کي ويزا هڻي ڏني وڃي ٿي. A Tier 2 (General) visa هن ويزا تحت ايندڙ شاگردن کي سندن تعليم پوري ٿيڻ کانپوءِ جي انگلينڊ جي ڪنهن به اداري ۾ نوڪري تي رکيو وڃي ٿو ته ورڪنگ ويزا ڏني وڃي ٿي. ان لاءِ پگهار جي سالياني حد 25 هزار پائونڊ ۽، اداري طرفان ڪنفرميشن ليٽر جي ضرورت هجي ٿي. وڌيڪ معلومات لاءِ هن اداري جي ويب سائيٽ تي تفصيل ڏسي سگھجي ٿو. UK Council for International Student Affairs (UKCISA). ان کان علاه انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس فورمس تي به ڪافي معلومات ملي سگھي ٿي.

انگلينڊ ۾ شاگردن لاءِ اهم شهر
انگلينڊ ۾ بين الاقوامي شاگردن لاءِ سڀ کان مقبول شهر لنڊن آهي، ان کانپوءِ مانچسٽر، برمنگهم، ايڊنبرگ، گلاسڪو، ڪوينٽري، آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج آهن.
لنڊن جيئن ته مهانگو شهر آهي، پر جيئن ته انگلينڊ جو سماجي، سياسي ۽ اقتصادي سينٽر به آهي تنهنڪري هن شهر ۾ خرچ ٿيندڙ هر پيسي جي پويان اطمينان رهي ٿو ته هن عظيم شهر ۾ رهڻ جو سودو ڪنهن به صورت ۾ مهانگو نه آهي. لنڊن جي آبادي 9 ملين يعني 90 لک آهي. جنهنڪري ڳتيل آبادي وارو مصروف شهر به آهي. زندگي جي هرسهولت سان ڀرپور هن شهر ۾ هر قسم جا موقعا ميسر آهن. هن شهر ۾ 46 جي قريب يونيورسٽيون آهن، جيڪي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿين ٿيون. جن ۾ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن، امپيريل ڪاليج لنڊن، ڪنگس ڪاليج لنڊن، ۽ لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس به شامل آهن.
مانچسٽر شهر ۾ به مشهور يونيورسٽين جهڙوڪ يونيورسٽي آف مانچسٽر، مانچسٽر ميٽروپوليٽن يونيورسٽي، ۽ يونيورسٽي آف سيلفورڊ شامل آهن. برمنگهم انگلينڊ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، هن شهر ۾ يونيورسٽي آف برمنهگم، آسٽن يونيورسٽي ۽ اوپن يونيورسٽي سميت ڪجهه ٻيون يونيورسٽيون به شامل آهن. ايڊنبرگ جيڪو اسڪاٽلينڊ ريجن جو گادي جو هنڌ آهي ۽ لنڊن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سياحتي شهر به سڏجي ٿو، ان ۾ يونيورسٽي آف ايڊنبرگ، هيرٽ واٽ يونيورسٽي ۽ ايڊنبرگ نيپئر يونيورسٽي شامل آهن. اسڪاٽلينڊ جو وڏي ۾ وڏو شهر گلاسڪو آهي، جتي لنڊن کان پوءِ بين الاقوامي شاگردن جو تعداد باقي انگلينڊ جي تعليمي ادارن کان گھڻو آهي. هي شهر خرچ جي حوالي سان انگلينڊ جي ٻين وڏن شهرن کان ڪجهه سستو به آهي. شايد ان ڪري اسڪاٽلينڊ جي هن شهر ۾ بين الاقوامي شاگردن جو تعداد ڪافي گھڻو اچي ٿو. هن شهر جون ٻه يونيورسٽيون ڪافي مشهور آهن، جن ۾ يونيورسٽي آف گلاسڪو ۽ يونيورسٽي آف Strathclyde شامل آهن. ان کان علاوه ڪنويٽري شهر ۾ ڪنويٽري يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف واروڪ شامل آهن. انگلينڊ جا ٻه تعليمي شهر آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج ٻئي تاريخي ۽ ثقافتي شهر آهن، جتي سڀ کان مشهور ۽ پراڻا تعليمي ادارا موجود آهن، هي ٻئي شهر خاموش، پرسڪون ۽ تعليمي شهر سڏجن ٿا. جتي دنيا جون ٻه سڀ کان بهتر يونيورسٽين آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج سميت ۽ ڪيترا ئي بهترين تعليمي ادارا موجود آهن.

ليٽويا ۽ ليٿونيا ۾اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

ليٽويا جون 3 يونيورسٽيون ورلڊ رينڪنگ ۾ شامل آهن، جن ۾ Riga ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، Riga stradins يونيورسٽي، ۽ يونيورسٽي آف Latvia شامل آهن. جڏهن ته ليٿونيا جون چار يونيورسٽيون ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ شامل آهن ، جن مان Villnius university 488 نمبر تي آهي، جڏهن ته باقي يونيورسٽين ۾ Villnius Gediminas ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، Kaunas يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ۽ Vytautas Magnus يونيورسٽي شامل آهن.

ڏکڻ يورپ Southern Europe

---

ڏکڻ يورپ Southern Europe

• اسپين
• اٽلي
• پورچوگال
• يونان

اسپين ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا موقعا

اسپين، اولهه يورپ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ ۽ مجموعي طور يورپ جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي، جنهن جي آبادي 46 ملين يعني چار ڪروڙ سٺ لک آهي جن مان 20 لک جي قريب مسلمان به شامل آهن، ايراضي 505،990 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. اسپين جي گاديءَ جو هنڌ ميڊرڊ شهر آهي، جڏهن ته سياحن لاءِ وڌيڪ پرڪشش شهر بارسلونا آهي. دنيا ۾ انگلش، کان پوءِ گھڻي ڳالهائي ويندڙ ٻولي اسپينش آهي، هي ملڪ ڪون چاڪليٽ جي حوالي سان به ڪافي مشهور آهي. اٺين صدي عيسوي کان پندرهين صدي عيسوي تائين مسلمانن جي زير حڪومت ۾ به رهيو آهي.

اعلي تعليم جا ادارا:
اسپين ۾ اعليٰ تعليم جي حوالي سان تمام پراڻي تاريخ ملي ٿي، University of Salamanca به آهي جيڪا 1084 ۾ ٺاهي ويئي. ان سميت اسپين جو 25 يونيورسٽيون دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ شامل ٿين ٿيون. اسپين جون ڪجهه اهم ۽ مشهور يونيورسٽون هن ريت آهن. Pompeu Fabra University ، يونيورسٽي آف بارسلونا، آٽونامس يونيورسٽي آف بارسلونا، آٽونامس يونيورسٽي آف ميڊرڊ، ۽ يونيورسٽي آف ناوارا وغيره. اسپين ۾ هن وقت بين الاقوامي شاگردن جو تعداد هڪ لک جي قريب آهي. اسپين جا تعليمي ادار چار ڪيٽيگرين ۾ ورهايل آهن، جن ۾ يونيورسٽيون، يونيورسٽي ڪاليجز، فيڪلٽيز ۽ هاير ٽيڪنيڪل اسڪولس فار انجنيئرنگ ۽ آرڪيٽيڪچر شامل آهن. اسپين ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽون ٻن ٻولين يعني اسپينش سان گڏ انگريزي ۾ تعليم ڏين ٿيون. انهن ۾ EU بزنس اسڪول ۽ يونائٽيڊ انٽرنيشنل بزنس اسڪول ڪافي مشهور آهن. پر اهم ڳالهه ته ڪجهه يونيورسٽين ۾ انگريزي ٻوليءَ جا پروگرام صرف پوسٽ گريجوئيٽ ليول تي مختلف ڊگري پروگرامس ۾ آهن نه ڪي انڊر گريجوئيشن يا اسڪول ايجوڪيشن ۾. اعليٰ تعليمي حوالي سان ٽن قسمن جا ڊگري پروگرام آهن. جن ۾ Grado يعني گريجوئيشن جيڪا چار سال تي مشتمل آهي، ٻيو Postgrado هي هڪ کان ٻه سال تي مشتمل ماسٽرس ڊگري پروگرام آهي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي پروگرام جنهن کي اسپينش ۾ Doctorado چئجي ٿو سو ٽن کان پنجن سالن تي مشتمل آهي.

داخلا لاءِ درخواست:
اسپين جي ڪنهن به يونيورسٽي، ڪاليج يا انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا سڌي طرح سندن ويب سائيٽ تان معلومات حاصل ڪري ڏيئي سگھجي ٿي. جنهن سان گڏ گھربل ڪواليفڪيشن هجڻ لازمي آهي، جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ شاگرد جو تعليمي رڪارڊ، سندس پرسنل اسٽيٽمينٽ يا اسٽيٽمينٽ آف انٽريسٽ ۽ ريسرچ پروپوزل ڪافي اهم سمجهيا وڃن ٿا. حقيقت ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ انڊرگريجوئيٽ ليول جي ڊگري اسپينش ٻولي ۾ ئي تعليم ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته ڪجهه پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام ڪافي يونيورسٽين ۾ ٻنهي ٻولين يعني اسپينش ۽ انگلش ۾ ڪرايا وڃن ٿا. پر اها به حقيقت آهي ۽ ضروري به نه آهي ته هر يونيورسٽي ۾ انگريزي ٻولي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام هجن.

ويزا جو طريقڪار:
• ويزا لاءِ پنهنجي ملڪ جي ڪائونسل خاني يا ايمبيسي ۾درخواست ڏيڻ گھرجي جنهن لاءِ گھربل ڊاڪومينٽ هن ريت آهن.
• ويزا فارم ڀريل هجڻ گھرجي.
• پاسپورٽ ويلڊ هجڻ گھرجي، اسپين ۾ تعليم جي مدت تائين
• ٻه تازا فوٽو
• اسپين جي ڪنهن به يونيورسٽي طرفان داخلا ملڻ جو ليٽر
• هيلٿ انشورنس
• اسپين ۾ رهائش دوران ماهوار 900 يورو اچڻ جو ثبوت
• ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ
• ڪرمنل ڪليئرنس رڪارڊ سرٽيفڪيٽ
• ويزا فيس 60 يورو

نوٽ: اسپين ۾ پهچڻ کانپوءِ شاگرد کي مهيني اندر اسٽوڊنٽ ريزيڊنس ڪارڊ فار فارنرس لاءِ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي، جنهن کي (TIE) چيو وڃي ٿو. جنهن سان گڏ Número de Identidad de Extranjero (NIE). به چئجي ٿو.

ٽيوشن فيس
اسپين ۾ ٽيوشن فيس بين الاقوامي شاگردن لاءِ مختلف ڊگري پروگرام جي حساب سان مختلف آهي، بيچلر ڊگري پروگرام ۾ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽي اندر سالياني فيس 680 يور کان 1400 يورو تائين آهي، جڏهن ته پرائيويٽ يونيورسٽي جي فيس 500 هزار کان 18000 يورو تائين ٿي سگھي ٿي. ان ريت اسپين ۾ اسان جي ملڪ جيان پرائيويٽ يونيورسٽيون مجموعي طور مهانگيون آهن بنسبت پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين جي.

رهائش جو خرچ
اسپين جا ٻه اهم شهر ميڊرڊ ۽ بارسلونا باقي شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا آهن، جن ۾ ماهوار 900 يورو کان 1100 سئو يورو خرچ اچي سگھي ٿو. جن ۾ رهائش جي جڳهه وڌيڪ خرچ کائي ٿي، جيڪا مسواڙ 500 سئو يورو تائين ٿي وڃي ٿي پر گڏيل رهائش يا هاسٽل ۾ يا سٽي سينٽر کان ڪجهه پرڀرو گھٽ خرچ اچي ٿو.

فنڊنگ ۽ ايڪسچينج پروگرام
اسپين ۾ فنڊنگ لاءِ گھڻو ڪري بين الاقوامي ادارن طرفان ملندڙ اسڪالرشپ کان علاوه اسپين جي يونيورسٽين اندر مختلف پراجيڪٽس تحت فنڊنگ هجي ٿي، جنهنڪري شاگردن کي پنهنجي دلچسپي مطابق چونڊ ڪيل يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي ڏسڻ گھرجي، ۽ ڪنهن فنڊنگ جي هجڻ جي صورت ۾ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي.

شاگردن لاءِ اهم شهر
ميڊرڊ، بارسلونا، ويلنسيا، گرانڊا، سيوائل وغيره آهن. جن ۾ بارسلونا عالمي طور تي سياحن لاءِ پرڪشش شهر رهيو آهي، جتي خوبصورت سامونڊي ڪنارا، تاريخي آرڪيٽيڪچر رکندڙ جڳهن، کان ويندي آرٽ ۽ موسيقي جي ڪري هي شهر ماڊرن شهر جون سڀ لوازمات پنهنجي اندر سمائي ويٺو آهي، هن شهر ۾ ئي اسپين جون ٽاپ يونيورسٽيون يونيورسٽي آف بارسلونا ۽ آٽونامس يونيورسٽي آف بارسلونا موجود آهن، لنڊن ۽ پئرس جي ڀيٽ ۾ به هي شهر افورڊايبل ۽ هن شهر ۾ بين الاقوامي شاگردن جو تعداد به تمام گھڻو اچي ٿو. ته هي شهر سياحتي مرڪز جي حيثيت به رکي ٿي. جڏهن ته ميڊرڊ اسپين جي گادي جو هنڌ هجڻ ڪري سڀ کان وڌيڪ تعليمي ادرا، ايئرپورٽ ۽ ايمبيسيز يا سرڪاري آفيسن ۽ ماڊرن لائف ڪري بين الاقوامي شاگردن لاءِ وڌيڪ آسانيون ۽ موقعا پيدا ڪري ٿو. جيئن هر ملڪ جي گادي جو هنڌ اهم آهي، جتي رهڻ سان مهانگائي ته هجي ٿي، پر فلائيٽ ڊائريڪٽ مليو وڃي، شهر جو جديد ٽرانسپورٽ سسٽم هجڻ ڪري يا اهم انڊسٽريز هجڻ ڪري نوڪرين ۽ سفر ڪرڻ يا گهمڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿو. ميڊرڊ جو اهم يونيورسٽيون هن ريت آهن.
• Universidad Autónoma de Madrid
• Universidad Autónoma de Madrid
• Universidad Complutense de Madrid (UCM),
• Politécnica de Madrid
• Universidad Carlos III de Madrid
ويلنسيا گادي واري هنڌ ميڊرڊ کان 350 ڪلوميٽر پري آهي، اسپين جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي، هي شهر به سامونڊي ڪنارن ڪري مشهور رهيو آهي. هن شهر ۾ ڪيترائي ساليانا فيسٽيول ملهايا وڃن ٿا، جنهنڪري هي شهر پنهنجي مزاج ۾ زنده دل ۽ پرجوش شهر آهي، هي شهر بارسلونا ۽ ميڊرڊ جي ڀيٽ ۾ ڪافي سستو به آهي، هن شهر ۾ ٻه مشهور يونيورسٽيون آهن، جيڪي عالمي رينڪنگ ۾ به شامل آهن.
• Universidad Politecnica Valencia de
• Universitat de Valencia
گرانڊا شهر ڏکڻ اسپين جو اهو شهر آهي، جتي اسلامي تهذيب جا نشان اڄ به ملن ٿا، جو هن ئي پاسي 711ع ۾ اتر آفريڪا مان مسلمانن اچي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، اڄ به اسلامي حڪومت جي ڏينهن ۾ تعمير ٿيل شاهي محل الحمرا موجود آهي، ۽ ڪيترائي شهر آهن، جتي اڄ به مسلم آبادي موجود آهي. هن شهر ۾ موجود گرانڊا يونيورسٽي Universidad de Granada عالمي ليول تي ٽاپ پنج سئو جي رينڪنگ ۾ شامل ٿيئي ٿي. هن يونيورسٽي جا پنج ڪيمپس آهن، جن ۾ 80 هزار جي قريب شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه سوائل شهر آهي، جيڪو اسپين جي قومي ڊانس flamenco جو آبائي شهر سمجهيو وڃي ٿي، هن شهر ۾ به دنيا جي بهترين يونيورسٽي Universidad de Sevilla موجود آهي.

اسپين ۾ روزگار جا موقعا
اسپين ۾ مجموعي طور باقي يورپ جي اهم ملڪن جي ڀيٽ ۾ روزگار جا موقعا گھٽ آهن پر وري به انٽرنشپ ۽ والنٽيئرزم جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جا موقعا موجود آهن. ان کان علاوه انگريزي اچڻ ڪري ڪجهه ٽيوشن يا گائيڊ هجڻ جو چانسز به ملي سگھن ٿا. بهرحال موقعا موجود آهن پر ان لاءِ جاکوڙ جي ضرورت آهي. وڏن شهرن ۾ شاپنگ پلازه ۽ يونيورسٽين اندر پارٽ ٽائيم جا موقعا به موجود آهن، وڌيڪ هنن ويب سائيٽس تان اسپين اندر روزگار جي موقعن جي تلاش ۽ اندازو ڪري سگھجي ٿو.
XpatJobs.com, www.thelocal.es/jobs

اٽلي ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

اٽلي ۾ ڪل 89 يونيورسٽيون ۽ ڪيترائي پوليٽيڪنيڪل تعليمي ادارا ۽ ٻيا انسٽيٽيوٽ آهن. هن وقت 50 هزار جي قريب پرڏيهي شاگرد اٽلي ۾ اعليٰ تعليم پرائي رهيا آهن.
اٽلي جا اعليٰ تعليمي ادارا
QS ورلڊ رينڪنگ ۾ دنيا جي ٽاپ هزار يونيورسٽين ۾ اٽلي جون 34 يونيورسٽيون شامل آهن، جڏهن ته THE ۽ شهنگائي ARWU رينڪنگ مطابق مجموعي طور اٽلي جو 52 يونيورسٽي دنيا جون بهترين يونيورسٽين ۾ شامل آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

Ca' Foscari University of Venice
Free University of Bozen-Bolzano
Humanitas University
International School for Advanced Studies
Marche Polytechnic University
Politecnico di Milano
Politecnico di Torino
Polytechnic University of Bari
Roma Tre University
Sant’Anna School of Advanced Studies
Sapienza University of Rome
Scuola Normale Superiore
Scuola Superiore Studi Pavia IUSS
University of Bari Aldo Moro
University of Bergamo
University of Bologna
University of Brescia
University of Cagliari
University of Calabria
University of Campania “Luigi Vanvitelli”
University of Catania
University of Chieti-Pescara
University of Eastern Piedmont
University of Ferrara
University of Florence
University of Genoa
University of L'Aquila
University of Messina
University of Milan
University of Milano-Bicocca
University of Modena and Reggio Emilia
University of Naples Federico II
University of Padua
University of Palermo
University of Parma
University of Pavia
University of Perugia
University of Pisa
University of Rome Tor Vergata
University of Salento
University of Salerno
University of Sassari
University of Siena
University of Trento
University of Trieste
University of Turin
University of Udine
University of Urbino
University of Verona
Università Cattolica del Sacro Cuore
Università degli Studi dell’Insubria
Vita-Salute San Raffaele University

جن مان ڪيو ايس رينڪنگ مطابق Politecnico di Milano يونيورسٽي اٽلي جي پهرين ۽ عالمي ليول تي 149 نمبر تي آهي. Sant'Anna - Scuola Universitaria Superiore Pisa 167 نمبر تي آهي، هي يونيورسٽي ڇهن انسٽيٽيوٽس تي مشتمل آهي، جتي خاص طور ريسرچ پراجيڪٽس تي ڪم ڪيو وڃي ٿو.

ميلن پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي
Politecnico di Milano يونيورسٽي https://www.polimi.it/en
هي Polytechnic University Of Milan يونيوسٽي سال 1863ع ۾ قائم ڪئي ويئي، هي پوري يورپ جي بهترين ٽيڪنيڪل يونيورسٽين ۾ 6 نمبر تي شمار ٿئي ٿي. جڏهن ته عالمي ليول تي ٽيڪنيڪل يونيورسٽين جي رينڪنگ ۾ 16 نمبر تي آهي. هي يونيورسٽي انجنئرنگ ۽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي حوالي سان اٽلي جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي پڻ آهي، هن وقت 45 هزار جي قريب هن يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جن ۾6 هزار جي قريب پرڏيهي شاگرد به شامل آهن، جن جو تعلق تقريبن 100 ملڪن سان آهي. هن يونيورسٽي جا ڪيترائي ڪيمپس آهن جن مان ڪيترائي ڪيمپس ميلان شهر ۾ آهن. اهم ڳالهه ته هن يونيورسٽي اندر سمورا پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس انگلش ۾ به آفر ڪيا وڃن ٿا، جنهنڪري هن يونيورسٽي ۾پرڏيهي شاگردن جو ڪافي تعداد داخلا وٺي ٿو. هي يونيورسٽي انجنيئر، آرڪيٽڪچر جا ماهر ۽ انڊسٽريل ڊزائنرس وغيره تيار ڪري ٿي. هن يونيورسٽي ۾ 4 اسڪول آهن. جن ۾ اسڪول آف آرڪيٽيڪچر اربن پلاننگ ۽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ، اسڪول آف ڊزائين، اسڪول آف انڊسٽريل ۽ انفارميشن انجيئرنگ، اسڪول آف سول، انوائرنمينٽل، اينڊ لينڊ مينيجمينٽ انجنيئرنگ شامل آهن، جن ۾ لاڳاپيل ڪيترن ئي شعبن ۾ ڊگريون ڪرايون وڃن ٿيون. هي يونيورسٽي آرڪيٽيڪچر، ڊزائين ۽ انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ بيچلر توڙي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري پروگرام ڪرائي ٿي، ان کان علاوه مختلف انجنيئرنگ ڪورسس ۾ اسپيشل ٽريننگ پروگرام پڻ آفر ڪيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ڪجهه آنلائن ڪورسس به ڪرايا وڃن ٿا.
هن يونيورسٽي طرفان مختلف اسڪالرشپس، ۽ اسپيشل فنڊ يا وري پرائز وغيره جي تحت شاگردن کي ڪافي فنائنشل سپورٽ ڏني وڃي ٿي جنهن لاءِ هن لنڪ تي معلومات ڏنل آهي. https://www.polimi.it/en/current-students/tuition-fees-scholarships-and-financial-aid/ ان کان علاوه مختلف ادارن طرفان به شاگردن جي پرفارمنس ۽ ضرورت جي بنياد تي گرانٽس ڏنيون وڃن ٿيون.

رهائش ۽ کاڌي پيتي ۽ ٽيوشن فيس جو خرچ
ماهوار خرچ جي حساب سان مهيني ۾ هڪ ڪمري جو ڪرايو 440 يورو کان 530 يورو تائين آهي، جڏهن ته ماهوار کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيو خرچ 200 يورو کان 350 يورو تائين آهي. ان کان علاوهه هڪ سال لاءِ هيلٿ انشورنس جي فيس 200 يورو آهي.
ماسٽرس ۾ سالياني فيس 3898 يورو تائين آهي، جيڪا ٻن قسطن ۾ ادا ڪري سگھجي ٿي، جڏهن ته بيچلر ڊگري لاءِ سالياني فيس 3726 يورو آهي، جنهن کي به جمع ڪرائڻ لاءِ ٻه قسطون ڪري ڏنيون وڃن ٿيون. ڪجهه حصو انرولمينٽ سان گڏ جڏهن ته ڪجهه حصو بعد ۾ جمع ڪرائي سگھجي ٿو. جنهن لاءِ شيڊول ڏنو ويندو آهي.

نوٽ: پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ عام طور تي ڪو به شاگرد داخلا ته وٺي سگھي ٿو پر جي ڪنهن کي ريسرچ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ جي دلچسپي هجي جنهن سان شاگرد جي نه صرف فيس وغيره معاف ٿئي ٿي پر کيس رهائش ۽ کاڌي پيتي وغيره ۽ ٽريول، انشورنش سميت جو به خرچ ڏنو وڃي ٿو، ته ان لاءِ گھربل ريسرچ آفرس هن لنڪ تي موجود هجن ٿيون. تنهنڪري ڪنهن به اهڙي شاگرد يا ريسرچر کي هن لنڪ تي وڃي ضرور ڏسڻ گھرجي ته ڪٿي سندس دلچسپي مطابق ڪنهن پراجيڪٽ ۾ ريسرچ اسٽوڊنٽ لاءِ ڪا اسڪالرشپ يا گرانٽ ته موجود نه آهي. http://www.dottorato.polimi.it/en/looking-for-a-phd/call-for-positions-and-scholarships/.
پي ايڇ ڊي فيس تمام گھٽ رکيل آهي، جنهن لاءِ شاگرد کي 200 کان 300 يورو جمع ڪرائڻ جي ضرورت پوي ٿي پر جيئن ته هيلٿ انشورنس، رهائش، کاڌي پيتي، ٽريول ۽ ٽرانسپورٽ جو خرچ هجي ٿو، مختلف واڌو ٽريننگس وغيره ڪرڻ تي خرچ اچي ٿو، لائبريري وغيره استعمال ڪرڻ جي به فيس ٿي سگھي ٿي، ان ڪري ڪوشش ڪري يونيورسٽي طرفان ملندڙ ڪنهن گرانٽ يا پيڊ پوزيشن ۾ ريسرچر يا اسسٽنٽ اسڪالر طور اپلاءِ ڪرڻ گھرجي ته جيئن باقي ايندڙ خرچن جو به ٽينشن نه رهي ۽ بهتر نموني سان يورپ جي هن مهانگي ملڪ ۾ رهائش ۽ پڙهائي ڪري سگھجي. هن يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي پروگرام بابت مڪمل معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي اسپيشل لنڪ ڏنل آهي. http://www.dottorato.polimi.it/en جتي پوري رهنمائي ملي ٿي.

پورچوگال ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

پورچوگال جي آبادي 10.28 ملين ۽ ايراضي 92212 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته گادي جو هنڌ لسبان آهي.
يونيورسٽي آف Lisbon پورچوگال جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي، جتي تقريباَ 50 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. جڏهن ته پورچوگال جي يونيورسٽي آف Coimbra هن ملڪ جي قديم يونيورسٽي آهي، جيڪا 700 سال پهرين 1290ع ۾ قائم ٿي. پورچوگال جي ٽيون نمبر وڏي يونيورسٽي Porto آهي. جنهن ۾ به ڪيترائي پرڏيهي شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. مجموعي طرح مقامي شاگردن جي بنسبت 10 سيڪڙو پرڏيهي شاگرد هنن يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. شاگردن لاءِ اهم شهر به لسبان، پورٽو ۽ ڪوئمبرا ئي آهن.

پورچوگال جي يونيورسٽين جي ورلڊ رينڪنگ
ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ 2020ع تحت پورچوگال جون 7 يونيورسٽي دنيا جي بهترين هڪ هزار يونيورسٽين ۾ شامل آهن. جن ۾ يونيورسٽي آف پورچوگال 338 نمبر تي، يونيورسٽي آف پورٽو353 نمبر تي، يونيورسٽي آف ڪوئمبرا 406 نمبر تي، يونيورسٽي آف نووا 421 نمبر تي، يونيورسٽي آف ايويئرو، يونيورسٽي آف منهو، ۽ يو سي پي يونيورسٽي 600 کان 800 جي وچ ۾ آهن.

داخلا ۽ اسڪالرشپ جو طريقيڪار
پورچوگال جي يونيورسٽين ۾ پوسٽ گريجوئيٽ يعني ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامس ۾ داخلا لاءِ سڌيءَ طرح يونيورسٽين ۾ درخواست ڏيڻ آهي، ۽ ٽيوشن فيس يا فنڊنگ بابت تفصيل به هر يونيورسٽي جي انتظامي پاليسي هجي ٿي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو به شاگرد پورچوگال ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته کيس سڌي طرح يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي داخلا ۽ اسڪالرشپ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

ٽيوشن فيس
پورچوگال جي يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس الڳ الڳ هجي، ٿي پر مجموعي طور بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرام جي فيس 2 هزار ڊالر جي اندر ئي آهي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي ڊگري پروگرام جي فيس 2500 کان 3000 هزار ڊالر سالياني آهي. ڏٺو وڃي ته باقي يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ فيس گھٽ آهي.

رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
شاگردن لاءِ ٺهيل رهائشي حال جي مسواڙ 200 کان 280 ڊالر آهي جڏهن ته رهائشي اپارٽمينٽ جي مسواڙ 400 کان 500 ڊالر تائين آهي. رهائش خرچ سان گڏ کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽيشن ۽ ڪميونيڪيشن سميت 900 کان 1200 ڊالر تائين خرچ اچي سگھي ٿو. البته شاگرد کي ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي مدد لاءِ ڪجهه ڪلاڪ هفتي ڪم ڪرڻ جي اجازت هجي ٿي، جنهن لاءِ Portuguese Immigration and Borders Service (SEF). کان اجازت وٺڻ لازمي آهي.

پورچوگال بابت ڪجهه اهم ڳالهيون.
• هي ملڪ يورپ جو سڀ کان پراڻو ملڪ هجڻ جي اعزاز رکي ٿو. هي ملڪ روم کان به 400 صديون پراڻو آهي، هن ملڪ کي 1200 بي سي ۾ فونسيا جي ماڻهن اچي آباد ڪيو، فونسيا قديم سامي تهذيب آهي، جنهن جي گادي جو هنڌ بيبيلون رهيو. جن 2500 بي سي ۾ اوڀر ايشيا جي لبنان ۾ آباد هئا. هن ماڻهن يورپ مان پهريون دفعو ايشيا ۾ ڪاهي آيا.
• هن ملڪ جو مُهمجُو Ferdinand Magellan پهريون شخص آهي جنهن ڌرتي جي چوڌاري چڪر لڳايو.
• پورچوگالين دنيا جي تقريبن اڌ ملڪن تي حڪمراني ۽ قبضو ڪيو هو. ايشيا، آفريقا کان ويندي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن برازيل تائين سندن قبضو رهيو آهي. سنڌ ۾ به يورپ طرفان سڀ کان پهرين ڪاه پورچوگالين ڪئي هئي.
• پورچوگال دنيا جي ٽاپ 20 ٽوئرسٽ ملڪن ۾ شامل آهي.

پورچوگال جا ڪجهه پهاڪا
• جيڪي چهرا ڏسندا آهن، انهن کي دلين جي خبر نه پوندي آهي.
• هر ڀولڙي جي پنهنجي ٽاري هجي ٿي.
• ڪوڙ جون ٽنگون ننڍڙيون ٿينديون آهن.
• صبر کان بغير ماڻهو ائين آهي جيئن لالٽين تيل بنا.
• پڃري ۾ به پکي پنهنجي ٻولي نه وساريندو آهي.

يونان ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

دنيا جي عظيم فلاسافرن سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جي ملڪ يونان کي يورپ جي تهذيب جو پينگهو به چيو وڃي ٿو. هن ملڪ جي گادي جو هنڌ اٿينس آهي. آبادي هڪ ڪروڙ ۽ ٻاهتر لک آهي. ايراضي 131,957 km² آهي. هن ملڪ جو قومي ميوو ڇانهين (هنداڻو) آهي. يونان جون سرحدون ايشيا سان زميني رستي ۽ آفريقا سان سامونڊي سرحد ذريعي ملن ٿيون. سندس پاڙيسري ملڪن ۾ ترڪي، ارمينيا، بلگيري، اٽلي، البينيا شامل آهن.

يونان جو اهم يونيورسٽيون:
دنيا جي بهترين هڪ هزار يونيورسٽين ۾ يونان جون صرف 6 يونيورسٽيون شامل آهن. جن ۾ نيشنل ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف اٿينس 454 نمبر تي آهي، ارسٽاٽل يونيورسٽي آف ٿيسلانڪي 561 نمبر تي، نيشنل اينڊ ڪيپوسٽرين يونيورسٽي آف اٿينس 651 نمبر تي، يونيورسٽي آف پيٽراس 701 نمبر تي، يونيورسٽي آف ڪريٽ 751 نمبر تي جڏهن ته اٿينس يونيورسٽي آف اڪانامڪس اينڊ بزنس 801 نمبر تي آهي. يونان ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جي معلومات لئه هي آفيشل ويب سائيٽ آهي. https://www.studyingreece.edu.gr/ جتي داخلا توڙي اسڪالرشپس بابت ضروري معلومات ۽ رهنمائي ڪئي ويئي آهي. هن ويب سائيٽ ۾ ئي يونان جي سمورن اعليٰ تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين بابت لنڪ ڏنل آهي.
https://www.studyingreece.edu.gr/Studying/Find/HigherEducationInstitutes.aspx

ارسٽاٽل يونيورسٽي آف ٿيسلونڪي
https://www.auth.gr/en

هي يونيورسٽي يونان جي عظيم فلاسافر ارسٽاٽل، جنهن کي اسان ارسطو جي نالي سان سڃاڻون ٿا، ان جي نالي تي 1925ع ۾ قائم ڪئي ويئي آهي. هي يونيورسٽي يونان جي ٻئي نمبر وڏي شهر ٿيسلونڪي ۾ آهي. ارسطو يونان جي عظيم ڏاهي سقراط جي شاگرد افلاطون جو شاگرد هو ۽ ننڍي عمر ۾ دنيا کي فتح ڪندڙ سڪندر اعظم جي نالي سان مشهور جنگجو جو استاد هو. سندس فلاسافي ئي هئي ته ماڻهو پنهنجي عادتن سان سڃاتو وڃي ٿو، تنهڪري جيڪو ٿيڻ چاهيو ٿا ته پنهنجو عادتون به ان قسم جو اختيار ڪريو. ارسطو هميشه سوال پڇڻ تي زور ڀريندو هو، ڇو ته سندن چوڻ هئو ته سوال پڇڻ اڌ علم آهي. سندس فلسفو علم پرائڻ لاءِ آهي، پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي باري ۾ آهي، ۽ دولت مٿان علم کي فوقيت ڏيڻ جي باري ۾ آهي. سندس مطابق اهڙو علم، جيڪو صرف ذهن ۾ هجي ۽ دلين کي تبديل نه ڪري، اُهو علم نه آهي. هن عظيم ڏاهي جي نالي تي يونيورسٽي يقينن علم پرائڻ لاءِ پرڪشش لڳي ٿي. هن وقت هن يونيورسٽي ۾ 10 فيڪلٽيون آهن، جن ۾ فيڪلٽي آف فلاسافي، ٿيولاجي، سائنس، ايجوڪيشن، هيلٿ، انجنيئرنگ، آرٽس، ايگريڪلچر، قانون، فزيڪل ايجوڪيشن ۽ اسپورٽس سائنس شامل آهن. هن يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ اليڪٽرانڪ گائيڊ لنڪ هي آهي.
https://qa.auth.gr/en/studyguide.

يونان بابت ڪجهه حقيقتون

• هن ملڪ کي عام طور گريس جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر سرڪاري Hellenic Republic آهي.
• دنيا جو منفرد سمجهيو ويندڙ جنگجو اليگزينڊر جو تعلق به يونان سان آهي، جنهن يورپ کان ايشيا تائين پنهنجي سلطنت قائم ڪئي.
• پهرين اولمپڪ رانديون 776 بي سي ۾ يونان ۾ کيڏيون ويون.
• يوناني ٻولي جو يورپ جي پراڻي ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ملڪ ۾ ئي جمهوريت جو جنم ٿيو.
• دنيا جو پهريون فلاسفر ٿيلس ۽ دنيا جي پهرين تاريخدان هيراڊٽس جنهن يورپ ۽ ايران جي لڙاين بابت لکيو به يونان جا هئا.
• پوري دنيا جو 7 سيڪڙو ماربل يونان ۾ ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو يونان جي عمارتن ۾ ماربل جو استعمال تمام گھڻو آهي.
• يونان زرعي ملڪ رهيو آهي، هتي مڪئي، جَوَ، ڪڻڪ ويندي ڪپهه جو فصل به ٿئي ٿو. يونان ۾ زرعي يونيورسٽي به آهي.
• يورپ ۾ ووئڻن جو فصل صرف يونان ۾ ئي ٿئي ٿو.

رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
يونان جي ۾ رهائش جو خرچ به باقي يورپ جي اهم ملڪن جيترو ئي آهي، اٿينس هتان جو تاريخي ۽ سياحتي مرڪز هجڻ ڪري ڪجهه وڌيڪ مهانگو ضرور آهي. وڌيڪ تفصيل هن لنڪ تي ڏنل آهي، جتي کاڌي پيتي توڙي ٽرانسپورٽ، سينيما، ڪميونيڪيشن توڙي صحت بابت ايندڙ خرچ جو مڪمل تفصيل ڏنل آهي.
https://www.studyingreece.edu.gr/Living/Accommodation/CostofLiving.aspx

اوڀر يورپ Eastern Europe

---

اوڀر يورپ Eastern Europe

• چيڪ ريپبلڪ
• هنگري
• پولينڊ

چيڪ ريپبلڪ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

چيڪ ريپبلڪ سينٽرل يورپ جي اهم ۽ تاريخي ملڪ ۽ ڇينجن زون ۾ اچي ٿو. هن ملڪ کي دنيا ۾ ڇهين نمبر تي محفوظ ترين ملڪ هجڻ جو اعزاز به آهي. هن ملڪ جي ايراضي 78,866 آهي جڏهن ته آبادي تقريبن 11 ملين يعني هڪ ڪروڙ ۽ ڏهه لک جي قريب آهي، هن ملڪ جي گادي جو هنڌ پراگ آهي. مشهور سائنٽسٽ Gregor Mendel جنهن کي جينٽڪس جو ابو به چيو وڃي ٿو، ان جو تعلق به چيڪ ريپبلڪ سان آهي. هن ملڪ جي گادي جو هنڌ پراگ يورپ ۾ سياحت جي حوالي پئرس، لنڊن، استنمبول، روم کان پوءِ پنجين نمبر تي آهي، جنهن جو سبب هي آهي ته پراگ شهر يونيسڪو جي طرفان هيريٽيج سٽي قرار ڏنل آهي. مجموعي طور هي ملڪ 13 مختلف علائقن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ 20 وڏا شهر اچي وڃن ٿا. جن ۾ پراگ شهر سڀ کان وڏي آهي، جنهن جي آبادي تقريبن 23 لک جي قريب آهي.
ان کان علاوه ٻئي نمبر وڏي شهر برنو آهي ۽ ٽئين نمبر تي اوسٽراوا آهي، جن جي آبادي ترتيبوار 4 ۽ 3 لک جي قريب آهي. هتان جي شاعر ۽ اديبب Jaroslav Seifer 1984ع ۾ سندس شاعري تي ادب جو نوبل انعام حاصل ڪيو.
پراگ ڊيلي مانيٽر مطابق چيڪ ريپبلڪ جي يونيورسٽين ۾ مجموعي طور 3 لک 11 هزار جي قريب شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، جن مان 15 سيڪڙو يعني 44 هزار جي لڳ ڀڳ پرڏيهي شاگردن جو تعداد آهي. جن ۾ 10 هزار جي قريب ايندڙ شاگردن جو تعداد رشيا، يوڪرين ۽ ڪزاڪ سان آهي.

چيڪ ريپبلڪ ۾ اعليٰ تعليمي ادارا
هن ملڪ ۾ 26 پبلڪ سيڪٽر ۽ 40 جي قريب پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ تعليمي ادارا آهن. ۽ 2 وڌيڪ ريسرچ انسٽيٽوٽ آهن، مجموعي طور 68 اعليٰ تعليمي ادارا آهن. چارلس يونيورسٽي پراگ، چيڪ ريپبلڪ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي.
عام طور تي يونيورسٽين اندر چيڪ ٻولي ۾ ئي پڙهايو وڃي ٿو پر ڪجهه پروگرام انگريزي سميت ٻين ٻولين ۾ به آفر ڪيا وڃن ٿا. مجموعي طور دنيا جي هڪ هزار بهترين يونيورسٽين ۾ چيڪ ريپبلڪ جون 9 يونيورسٽيون شامل آهن. جن مان چارلس يونيورسٽي پراگ جو دنيا جي ٽاپ بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ رينڪنگ حوالي سان 291 نمبر تي آهي.
ان کان علاوه هن ملڪ جون ٻيون اهم يونيورسٽيون هن ريت آهن. يونيورسٽي آف ڪيمسٽري ۽ ٽيڪنالاجي پراگ 355 نمبر تي، چيڪ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ان پراگ 498 نمبر تي ۽ ان کان علاوه Masaryk يونيورسٽي ، Palacky يونيورسٽي دنيا جي ٽاپ 600 يونيورسٽين واري ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. جڏهن ته Brno يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف ليبريڪ ، چيڪ يونيورسٽي آف لائف سائنس پراگ ۽ يونيورسٽي آف اوسٽراوا700 کان 1000 هزار واري ڪيٽيگري ۾ آهن. وڌيڪ معلومات لاءِ هن ملڪ جي تعليمي ادارن بابت رهنمائي خاطر هن ويب سائيٽ تي ڏسڻ گھرجي. https://www.studyin.cz/ ان کان علاوه چيڪ رپيبلڪ جي تعليم واري وزات جي ويب سائيٽ جتي مختلف اسڪالرشپس ۽ ويزا بابت تفصيل ملن ٿا، هن ريت آهي.
http://www.msmt.cz/eu-and-international-affairs/government-scholarships-developing-countries?lang=2.
ٽيوشن فيس
عام طور تي چيڪ ريپبلڪ جي پبلڪ ادارن ۾ فيس ڪونه ورتي وڃي ٿي، جڏهن ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ فيس ورتي وڃي ٿي، جيڪا سندن پاليسي موجب مختلف آهي. اهم ڳالهه ته ايڊمنسٽريٽو چارجز ورتا وڃن ٿا، ان کان علاوه پروگرام ڪنهن پرڏيهي ٻوليءَ ۾ آهي ته ان جي فيس به الڳ ورتي وڃي ٿي، جيڪا به گھٽ هجي ٿي. بيچلر ڊگري پروگرام جو وقت 3 کان 4 سال آهي، ماسٽرس جو 1 کان 3 سال جڏهن ته پي ايڇ ڊي ۾ نارمل وقت 3 کان 4 سال آهي. جيڪڏهن ڪو شاگرد نارمل وقت ۾ ڊگري حاصل ڪري نه سگھي ته کيس وڌيڪ تعليم جاري رکڻ لاءِ فيس ڏيڻي پوي ٿي. البته نارمل ڊيوريشن ۾ فيس لاڳو نه آهي. يورپ جي شاگردن ۾ پاپولرٽي طور چيڪ ريپبلڪ جي تعليمي ادارن جو نمبر 12 تي اچي ٿو. انگريزي ٻوليءَ ۾ پڙهاجندڙ پروگرام ۾ فيس هڪ هزار کان 23 هزار ڊالر تائين ساليانو ٿي سگھي ٿي. جنهنڪري باوجود مفت تعليمي نظام هجڻ جي پرڏيهي ٻولي جي پروگرام ۾ فيس رکيل آهي، ان ڪري جڏهن به ڪنهن چيڪ ريپبلڪ جي پبلڪ يا پرائيويٽ سيڪٽر جي تعليمي ادار ۾ اپلاءِ ڪجي ته پروگرام جو فيس اسٽرڪچر ضرور ڏسڻ گھرجي.
چيڪ ريپبلڪ ۾ ملندڙ اسڪالرشپ
Scholarship Awards under Bilateral International Agreements
چيڪ ريپبلڪ حڪومت طرفان تعليم، نوجوان ۽ اسپورٽس واري وزارت ئي تعليمي پاليسي ۽ رهنمائي لاءِ ذميوار آهي، جنهن طرفان ئي مختلف وقتن تي گڏيل تعلقاتن جي بنياد تي ايڪسچينج پرگرام تحت مختلف ملڪن لاءِ اسڪالرشپس آفر ٿينديون رهن ٿيون. جنهن لاءِ چيڪ ريپبلڪ جي سفارتخاني طرفان معاهدي ۾ آيل ملڪ جي تعليم واري وزات کان هونهار شاگردن لاءِ درخواستون گھرايون وڃن ٿيون. ۽ دوست ملڪ طرفان نامزد ٿيل شاگرد ئي چيڪ ريپبلڪ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ 2 کان 12 مهينن جي لاءِ اچي تعليم پرائي سگھن ٿا.
Foreign Development Assistance Programme
اڪثر طور تي چيڪ حڪومت طرفان ترقي پزير ملڪن جي نوجوانن لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون وينديون آهن، جن کي فارين ڊولپمينٽ اسسٽنٽ پروگرام چيو ويندو آهي، جنهن تحت پرڏيهي هونهار شاگردن کي چيڪ ريپبلڪ ۾ اچي تعليم پرائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. ڪنهن به ڊگري پروگرام سان گڏ چيڪ ٻولي سکڻ لاءِ به هڪ سال تائين اسڪالرشپ به مهيا ڪئي وڃي ٿي، پر ان لاءِ مختلف پروگرام جي حوالي سان مختلف طريقيڪار آهي، خاص طور تي بيچلر ۽ ماسٽرس ۾ چيڪ ٻولي ئي هلي ٿي، پر ڊاڪٽريٽ سطح جي تعليم يا ڪجهه ماسٽرس پروگرام به انگلش ۾ آفر ڪيا وڃن ٿا.
Scholarships of the South Moravian Center for International Mobility
هي اسڪالرشپ به نهايت اهم آهي، جنهن تحت نان يورپين شاگردن کي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي اسٽوڊنٽس لاءِ اسڪالرشپس آفر ڪيون وڃن ٿيون. هن اسڪالرشپ ۾ هڪ ڏکيو شرط هي آهي ته اميدوار کي بيسڪ چيڪ ٻولي اچڻ گھرجي. ۽ ان جو يونيورسٽي ۾ رجسٽريشن لاءِ اچڻ وقت الڳ سان ٽيسٽ ورتو وڃي ٿو.
ERASMUS+ PROGRAMME هي پروگرام جيئن ته مجموعي طور يورپ جي ملڪن طرفان گڏيل طور تي يورپين توڙي نان يورپين ۽ ترقي پزير ملڪن جي شاگردن لاءِ مدد طور اسڪالرشپ ۽ ايڪسچينج پروگرامس لاءِ گڏيل فنڊ طور قائم ٿيل پراجيڪٽ آهي، جنهن ۾ اعليٰ تعليم تحت اسڪالرشپ حاصل ڪري چيڪ ۾ به پڙهڻ جو آپشن ڏنل آهي.
مٿي ڏنل اسڪالرشپ جي مختلف ڪيٽيگريز کان علاوه چارلس يونيورسٽي، برنو يونيورسٽي توڙي ٻيو اهم يونيورسٽيون پنهنجي طور تي ريسرچ فنڊنگ ۾ پرڏيهي توڙي لوڪل شاگردن لاءِ مختلف وقتن تي اسڪالرشپس جو اعلان ڪنديون رهن ٿيون. ويندي اهي شاگرد جيڪي سيلف فنائنس تحت انهن يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا هجن ٿا، اهي به ڪنهن اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جا اهل هجن ٿا.

شاگردن لاءِ اهم شهر
پراگ Praque ۽ برنو Brno، هي ٻئي شهر پرڏيهي توڙي ڏيهي شاگردن لاءِ پرڪشش رهندا اچن پيا.

رهائش جو خرچ
چيڪ ريپبلڪ مجموعي طور تي خرچ ۾ يورپ جي باقي اهم ملڪن جي ڀيٽ ۾ وچٿرو آهي، هڪ شاگرد لاءِ ماهوار 350 ڊالر کان 750 ڊالر تائين خرچ اچي سگھي ٿو، پر اهو شاگرد جي رهائش ۽ زندگي گذارڻ جي طريقيڪار تي به ڊپينڊ ڪري ٿو. سمورين يونيورسٽين ۾ اسٽوڊنٽ ڊارميٽريز هجن ٿيون، جيڪي شاگرد کي پرائيويٽ رهائش جي ڀيٽ ۾ گھٽ مسواڙ تي ملي وڃن ٿيون. ڊارميٽري ۾ روم جي ماهوار مسواڙ 150 ڊالر آهي جڏهن ته پرائيويٽ روم جي مسواڙ 250 ڊالر، جڏهن ته هڪ پرائيويٽ فليٽ جي مسواڙ 450 ڊالر تائين ٿي وڃي ٿي. چيڪ ريپبلڪ جيئن ته يورپين يونين جو ميمبر ضرور آهي پر يوروزون ۾ نٿو اچي ۽ سندن سڪو چيڪ ڪرائون آهي. رهائش وغيره لاءِ رهمنائي خاطر ٻن ويب سائيٽس www.spolubydiici.cz ۽ www.expats.cz تان معلومات وٺي سگھجي ٿي.

ورڪ پرمٽ ۽ نوڪري ڪرڻ جا موقعا
جيئن ته شاگرد کي پنهنجي تعليم تي ئي ڌيان ڏيڻ گھرجي ۽ سندس ڪارڪردگي متاثر نه ٿئي ته هفتي ۾ ڪجهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي. البته نوڪري وغيره ڪرڻ جي اجازت نه آهي. پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ نوڪري وغيره ڳولڻ لاءِ ايمپلائي ڪارڊ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ ضروري آهي. جنهن لاءِ هي ويب سائيٽ آهي www.mvcr.cz. چيڪ ريپبلڪ ۾ تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ رهائش جي 90 ڏينهن کان مٿي ٿي وڃي ته ان کي نوڪري ئي تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ ايمپلائي ڪارڊ حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي.
ڪنهن فرم ۾ نوڪري جي آفر وغيره هجي ته ان لاءِ قانوني گھرجون پوريون ڪري رهائش اختيار ڪري سگھجي ٿي.

هنگري ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

هي ملڪ بال پين ايجاد ڪندڙ László Bíró جو ملڪ آهي. هنگري جي ايراضي 93 022 km2 آهي، جڏهن ته هن ملڪ جي آبادي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، هن ملڪ جي گادي جو هنڌ بداپيسٽ شهر آهي، هي شهر ٻن حصن بدا ۽ پيسٽ ۾ ورهايل آهي، ۽ ٻنهي حصن کي هن شهر جي وچ مان گذرندڙ درياءُ ڊينيوب الڳ ڪري ٿو. بداپيسٽ شهر جي آبادي 20 لک کان مٿي آهي، هي شهر ۾ وڌيڪ موقعن هجڻ ڪري، هن ملڪ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ڪُل شاگردن مان اڌ جيترا شاگرد هن شهر جي يونيورسٽين ۾ ئي پڙهندا آهن، ان کان علاوه Debrecen هن ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، هن شهر ۾ موجود يونيورسٽي آف ڊيبريسن به هن ملڪ جي بهترين يونيورسٽي مڃي وڃي ٿي. ائين هن ملڪ جي شهر Pecs جنهن کي 2010ع ۾ يورپ جو ڪلچرل شهر هئڻ جو لقب مليو. شهر جي نالي سان قائم يونيورسٽي به مشهور يونيورسٽي آهي. جڏهن ته انتظامي طور ملڪ جي گادي جي شهر کان علاوه هن ملڪ کي 19 ڪائونٽيز ۾ ورهايو ويو آهي. هنگري دنيا ۾ سياحت جي حوالي کان تمام گھڻو مشهور آهي. خاص طور گادي واري هنڌ کي يورپ جي خوبصورت شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هنگري ۾ چار موسمون آهن، جتي گرمين سان گڏ سخت سياري جي موسم به آهي، ايوريج ٽيمپريچر جنوري ۾ ڪاٽو چار کان جولاءِ ۾ واڌو 26 سينٽي گريڊ تائين پهچي ٿو.

هنگري جي تاريخ
هي ملڪ اصل ۾ رشيا مان لڏي آيل ماڻهن آباد ڪيو، جيڪي اولهه رشيا طرف موجود پهاڙن جي سلسلي اُرل Ural جا ماڻهو هئا، جن 895ع ۾ اچي هي علائقو آباد ڪيو، سندن پهريون بادشاه اسٽيفن ٿيو، جنهن هڪ سئو سالن کان پوءِ سڀني ماڻهن کي متحد ڪري هنگري ملڪ جو بنياد وڌو. تاريخ جي مخلتف دورن ۾ ترڪي، جرمني، آسٽريا، ۽ رشيا جو قبضي ۾ به رهيو، پر سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ 1990ع ۾ هنگري اندر پهرين جمهوري اليڪشن ٿي. هنگري 1999ع ۾ NATO جو رڪن بڻيو پوءِ 2004ع ۾ يورپين يونين جو ميمبر بڻيو. هن وقت سياحت سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ به هنگري تمام گھڻو اڳيان آهي، ۽ يورپ جي خوشحال ۽ امن وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو.

هنگري طرفان کٽيل نوبل پرائز
هن وقت تائين هنگري 15 جي قريب نوبل پرائز کٽي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ نوبل پرائز ادب جو به آهي، جيڪو 2002ع ۾ هتان جي اديب Imre Kertész حاصل ڪيو، سندس گھڻو ادبي ڪم نازي ظلم جي تاريخ ۽ انسان تي جنگ سبب گذرندڙ پيڙائن تي لکڻ آهي. سندس شاهڪار ڪتابن مان ڪجهه هن ريت آهن، Fatelessness، Kaddish for an Unborn Child،
وٽامن C ڳوليندڙ سائنسدان جو واسطو به هن ملڪ سان آهي جنهن جو نالو Albert Szent-Györgyi آهي، کيس به نوبل پرائز سان نوازيو ويو هيو.

هنگري ۾ اعليٰ تعليم
هنگري ۾ اعليٰ تعليم بابت معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي تفصيل ڏنل آهن، http://studyinhungary.hu/. هنگري ۾ پهرين يونيورسٽي 1367ع ۾ کولي ويئي. هن وقت 28 پبلڪ يونيورسٽيون، 11 پرائيويٽ يونيورسٽيون موجود آهن. ان کان علاوه چرچ جي طرفان فنڊنگ طور 26 يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ انگريزي، جرمن ۽ فرينچ ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. هن وقت دنيا جي ٽاپ هڪ هزار يونيورسٽين ۾ هنگري جون به 6 يونيورسٽيون شامل آهن، جن ۾ يونيورسٽي آف Szeged (SZTE) سڀ کان اڳيان 470 نمبر تي آهي، جڏهن ته يونيورسٽي آف Debrecen، يونيورسٽي آفEotvos Lorand ، يونيورسٽي آف pecs، بداپيسٽ يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ اڪانامڪس ۽ Corvinus يونيورسٽي آف بداپيسٽ شامل آهن.

هنگري حڪومت طرفان ملندڙ اسڪالرشپس
هنگري جي حڪومت به عالمي طور تعليم جي حوالي سان پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهي آهي ۽ ترقي پزير توڙي دنيا جي ٻين خطن جي ذهين شاگردن کي پنهنجي تعليمي ادارن ۽ ريسرچ ليبارٽرين ۾ هميشه جڳهه ڏيندي رهي آهي. پاڪستان جي شاگردن لاءِ به هنگري حڪومت هائرايجوڪيشن پاڪستان جي تعاون سان مختلف اسڪالرشپس ڏيندي رهي آهي، جن مان ڪجهه اسڪالرشپ پراجيڪٽس جو ذڪر تفصيل سان ڏجي ٿو.

Stipendium Hungaricum programme
هي پروگرام 2013ع ۾ هنگري جي حڪومت طرفان پرڏيهي شاگردن کي هنگري جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ اتساهڻ خاطر شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ هن وقت تائين هزارين پرڏيهي شاگرد فائدو وٺي چڪا آهن. مجموعي طور ساليانو هزارين شاگرد هنگري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏين ٿا، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ اسڪالرشپ لاءِ هن پروگرام ۾ درخواستون اچن ٿيون. هن اسڪالرشپ تحت سال 2019ع ۽ سال 2020ع ۾ 4500 اسڪالرشپس ايوارڊ ڪيون ويون. اهڙي طرح سال 2021ع لاءِ 5000 هزار اسڪالرشپس مخصوص ڪيون ويون آهن. اهم ڳالهه ته دنيا جي 70 ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان به هن اسڪالرشپ پروگرام ۾ ترقي حڪومت جو پارٽنر آهي، جنهنڪري پاڪستان جا شاگرد به هي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيئي سگھن ٿا. هن اسڪالرشپ تحت ايندڙ شاگرد جي ٽيوشن فيس معاف هجي ٿي، جڏهن ته رهائش ۽ انشورنس به ڏني وڃي ٿي البته رهائشي خرچ لاءِ مدد طور ڪجهه پيسا ڏنا وڃن ٿا، ٿي سگھي ٿو شاگرد کي وڌيڪ پنهنجي پيسن جي ضرورت پئي.

Bilateral State Scholarships
هي اسڪالرشپ مختلف ملڪن سان باهمي تعلقات جي بنياد تي ڏني وڃي ٿي، جنهن لاءِ ان ملڪ جي حڪومت طرفان يا تعليمي ادارن طرفان مختلف شاگردن کي هنگري ۾ گڏيل ايڪسچينج ڪورسس يا ڊگري پروگرامن جي لاءِ موڪليو وڃي ٿو، هي اسڪالرشپ هن ملڪ جي حڪومت طرفان ٻين ملڪن سان دوستاڻا تعلقات پيدا ڪرڻ سميت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ريسرچ کي وڌائڻ لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي. اهم ڳالهه ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي پنهنجي ملڪ جي طرفان منتخب نه به ڪيو ويو هجي ته به هو الڳ سان پنهنجي درخواست هتان جي Tempus Public Foundation’s online system. ۾ ڏيئي سگھي ٿو. جنهن جي ويب سائيٽ هي آهي. https://tka.hu/english.

هنگري ۾ رهائش جو خرچ
بداپيسٽ شهر رهائش جي حوالي سان مهانگو شهر آهي جتي ڊارميٽري ۾ رهائش 129 آمريڪن ڊالر آهي. باقي ٻين شهرن ۾ سئو ڊالر کان به گھٽ فيس آهي، جڏهن ته پرائيويٽ فليٽ ۾ رهائش به اڪيلي سر 450 ڊالر جي جيڪڏهن گڏيل رهائش هجي ته به 200 ڊالر جي لڳ ڀڳ حصو ٿئي ٿو. جڏهن ته ٻين شهرن پرائيويٽ فليٽ 300 جي لڳ ڀڳ ملي ٿو، جيڪو گڏيل رهائش ۾ 150 ڊالر تائين ٿي سگھي ٿو. اهم ڳالهه ته کاڌي پيتي جي لحاظ کان هنگري جي سمورن شهرن ۾ هڪ جهڙيون قيمتون آهن، جنهن جو خرچ 150 ڊالر آهي، ٽرانسپورٽ جو خرچ 13 ڊالر ماهوار آهي. ان لاءِ شاگرد سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ ضروري آهي. ڏٺو وڃي ته شاگرد جيڪڏهن پيسي خرچ ڪرڻ ۾ احتياط ڪري ۽ ڊارميٽري تي رهائش اختيار ڪري ته 500 ڊالرس کان گھٽ ۾ پيسن ۾ مهينو گذاري سگھي ٿو.

ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون
Lots of small will amount to a lot.
ٿورو ٿورو ملي ڪري تمام گهڻو بڻجي وڃي ٿو
Who doesn’t appreciate the litte does not deserve the big.
جيڪو ٿوري ۾ راضي نه آهي، اُهو گهڻي جو حقدار نه آهي.
There are as many customs as houses.
جيترا گهر آهن، ايتريون ئي ريتون رسمون ۽ رواج آهن.
The forbidden fruit is the sweetest.
منع ڪيل ميوو ئي سڀ کان وڌيڪ مٺو هوندو آهي.
Lots of geese can conquer pigs.
گهڻا هنس گڏجي سوئرن کي شڪست ڏيئي سگهن ٿا.
Time is money.
وقت ئي پيسو آهي.
Even the blind chicken finds grains.
هڪ انڌو چوزو به کائڻ لاءِ داڻو ڳولي وٺي ٿو.

پولينڊ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا

پولينڊ اوڀر يورپ جو اهو ملڪ آهي، جتي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ تمام وڏو جاني نقصان ٿيو. مشهور نازي ڪئمپون به هن ملڪ جي اندر قائم ڪيون ويون، جتي لکين ماڻهن کي ساڙيو ۽ ماريو ويو. هن ملڪ جي آباد هن وقت 38 ملين يعني 3 ڪروڙ ۽ 80 لک جي لڳ ڀڳ آهي. جڏهن ته پولينڊ جي ايراضي 312,696 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. هي ملڪ 16 ايڊمنسٽريٽو ڊويزن ۾ ورهايل آهي. هن ملڪ جي گادي جو هنڌ وارسا آهي. موسم جي لحاظ کان ڊسمبر کان مارچ سرد رهي ٿو، جنهن ۾ ٽيمپريچر مائنس پنج تائين وڃي سگھي ٿو جڏهن ته جون کان آگسٽ تائين موسم گرم رهي ٿي. اهڙي طرح باقي مهينا موسم وچٿري رهي ٿي. هي ملڪ هن وقت تائين 19 نوبل پرائز حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ 2018ع جو ادب بابت نوبل انعام به شامل آهي، جڪو هتان جي ليکڪا اولگا کي ڏنو ويو. اهڙي طرح هن وقت تائين صرف ادب جي شعبي ۾ پولينڊ ڇهه ڀيرا نوبل پرائز حاصل ڪري چڪو آهي. يورپ جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي The Jagiellonian University پولينڊ آهين جيڪا 1364ع ۾ قائم ٿي.
پولينڊ ۾ تعليم بابت رهنمائي خاطر پالش منسٽري آف سائنس ۽ هائر ايجوڪيشن طرفان www.go-poland.pl ويب سائيٽ ٺهيل آهي، جتي پولينڊ ۾ داخلا، خرچ ، رهائش ۽ اسڪالرشپ کان ويندي ويزا بابت مڪمل معلومات ڏنل آهي، ڪنهن به شاگرد کي پولينڊ جي ڪلچر ۽ تاريخ بابت به هي ويب سائيٽ ڪارائتي معلومات ڏيئي ٿي. پولينڊ جي حڪومت 2012ع ۾ پالش نيشنل اڪيڊمي فار اڪيڊمڪ ايڪسچينج (NAWA) طرفان پولينڊ ۾ پرڏيهي شاگردن کي آڻڻ لاءِ "Ready, Study, Go! Poland" مهم جو به آغاز به ڪيو ويو هو.

پولينڊ ۾ اعليٰ تعليم ۽ يونيورسٽيون
دنيا جي ٻين ملڪن جيان پولينڊ ۾ به پبلڪ ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارا موجود آهن، جن ۾ اڪيڊمڪ ۽ ووڪيشنل تعليم ڏيڻ لاءِ الڳ الڳ تعليمي ادارا آهن. سال 2020ع جي ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ پولينڊ جون 16 يونيورسٽيون شامل آهن جن ۾ پولينڊ جي پهرين ۽ يورپ جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي Jagiellonian- يونيورسٽي 338 نمبر تي، يونيورسٽي آف وارسا 349 نمبر تي آهي ۽ وارسا يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي 500 نمبر جي رينڪ ۾ شامل آهي. ان کان علاوه adam-mickiewicz يونيورسٽي ۽ nicolaus-copernicus يونيورسٽي به 800 کان 900 جي رينڪ ۾ شامل آهن. هن ملڪ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ بابت رهنمائي خاطر هن ويب سائيٽ تي تفصيل ڏنل آهن. https://go-poland.pl/ جنهن جي سب ڊومين
https://go-poland.pl/scholarships-within-bilateral-agreements
۾ اسڪالرشپس جو تفصيل آهي. ان کان علاوه هن لنڪ تي به پولينڊ ۾ اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ بابت معلومات ڏنل آهي.
https://nawa.gov.pl/en/.
پولينڊ طرفان اسڪالرشپس بابت تفصيل ۾ گڏيل ايڪسچينج پروگرام، ترقي پزير ملڪن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپس کان علاوه، يورپ جي گڏيل اسڪالرشپ پروگرامن تحت ترقي پزير ملڪن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ کان علاوه يونيسڪو هيريٽيج ۽ مختلف عالمي ادارن تحت ملندڙ اسڪالرشپ تحت به پولينڊ ۾ داخلا حاصل ڪري انهن ادارن مان فنڊنگ وٺي سگھجي ٿي. جنهن لاءِ تفصيل مٿي ڏنل لنڪس تي ڏسي سگھجي ٿي.

پولينڊ جا مشهور ماڻهو
هن ملڪ جو مشهور سائنسدان نڪوليئس ڪوپرينڪس جنهن سولر سسٽم جو تصور ڏنو ۽ سمجهايو ته دنيا جو مرڪز ڌرتي نه پر سج آهي، جنهن جي چوڌاري باقي گره گردش ڪن ٿا. ان کان علاوه مشهور اينٿروپالاجسٽ برونسلا ملنواسڪي جو تعلق به هن ملڪ سان آهي.

رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
پولينڊ باقي سموري يورپ جي ڀيٽ ۾ سستو ملڪ آهي. گھٽ بجيٽ وارن شاگردن لاءِ هن ملڪ ۾ رهائش افورڊ ڪرڻ به آسان آهي. جتي 400 يورو کان گھٽ بجيٽ ۾ به مهينو گذاري سگھجي ٿو. مثال طور هاسٽل ۾ رهائش جا ماهوار 60 يورو آهن جڏهن ته يونيورسٽي کان ٻاهر گڏيل رهائش به 100 کان 200 يورو اندر ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح 2 يورو ۾ هڪ ويلو ماني کائي سگھجي ٿي. 10 يورو سڄو مهينو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گھمڻ لاءِ ڪافي آهن. ڪافي 1.5 يورو ۾ ملي ٿي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ باقي يورپ جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ اڌ جيترو خرچ پولينڊ ۾ اچي ٿو.

پولينڊ ۾ ٽيوشن فيس
بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرامن ۾ ٽيوشن فيس 2000 کان 600 هزار يورو تائين آهي، پر اهم ڳالهه ته ريسرچ ڊگري يعني پي ايڇ ڊي لاءِ ڪابه فيس نه آهي، بلڪه ريسرچ ڪرڻ ۾ مدد لاءِ مختلف فنڊنگ به ڏني وڃي ٿي. بحرحال فيس ۽ اسڪالرشپ بابت تفصيل يونيورسٽين جي ويب سائيٽ تي ڏسڻ گھرجن. اڪثر فيس انگلش پروگرامن ۾ آهي نه ڪي پالش لينگئيج پروگرامن ۾.

پولينڊ جي تعليم ادارن ۾ پرڏيهي شاگرد:
هن وقت پولينڊ ۾ پرڏيهي شاگردن جو تعداد 57 هزار آهي، جيڪو تعداد پولينڊ جي سمورن شاگردن جو 4 سيڪڙو آهي. مجموعي طور پرڏيهي شاگردن جو گھڻو تعداد يورپ جي ٻين ملڪن مان ئي آهي پر سڀ کان گھڻا شاگرد يوڪرين جا آهن. ايشيا مان به 7 هزار شاگرد پولينڊ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيا آهن. جڏهن ته آمريڪا توڙي آفريڪا جي ملڪن مان به ڪجهه شاگرد پولينڊ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

پولينڊ جا مشهور پهاڪا ۽ چوڻيون
• ڏينهن جي تعريف سج لهڻ کان پهرين نه ڪريو.
• هر جڳهه تي ماڻهو ٺيڪ هجي ٿو پر بهترين پنهنجي گھر ۾ ئي آهي.
• محنت ڪرڻ کان سواءِ مثالي نٿو ٿي سگھجي.
• جڏهن ٻه پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته ٽيون ئي کٽندو آهي.
• جڏهن ڪانون وچ ۾ هجو ته ڪانون جيان ڪان ڪان ڪريو.
• هڪڙو هٿ ئي ٻئي هٿ کي صاف ڪندو آهي.