ٻاراڻو ادب

وڏي ڀيڻ

ھي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپ پيرائي ۾ لکيل، ڄاڻ ڀَريُن ۽ نصيحت آموز 15 ڪھاڻين تي ٻڌل آھي. هي ڪھاڻيون تفريح سان گڏ اصلاحي بہ آهن، جيڪي هڪ واضح مقصد رکن ٿيون-۽ اهو مقصد آهي؛ ٻارن جي ڪچڙن ذهنن تي، سولي ٻوليءَ ۾ اُهي ڳالھيون آڻڻ، جيڪي کين هر طرح، ۽ هر سطح تي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڏين. 

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book وڏي ڀيڻ

حق ۽ واسطا ليکڪَ وٽ محفوظ

POPAT BOOK NO: 169
وڏي ڀيڻ
(ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
ڪهاڻيڪار: انور ابڙو
ڇاپو پهريون: 2020ع
تعداد: هڪ هزار
ٽائيٽل ڊزائين ۽ اسڪيچز: ڪپتان ابڙو
لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
ملهه: 100/- روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


All Right Are Reserved

WADI BHEN
(Short stories in Sindhi for Children)

By Anwer Abro
First Edition: 2020
Quantity: 1000 Copies
Title Design & Sketches by Kaptan Abro
Layout by Asif Nizamani
Printed by Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
Published by Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
Price: Rs. 100 /-

ارپنا

پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن:
عنيق، عريب، عنضر ۽ عَبيره
جي نانءِ،
شال وڏي حياتي ۽ وڏيون ڪاميابيون ماڻين!

ـــ انور ابڙو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ انور ابڙي جو ٻارن جي ڪھاڻين تي ٻڌل ڪتاب ”وڏي ڀيڻ“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ھي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپ پيرائي ۾ لکيل، ڄاڻ ڀَريُن ۽ نصيحت آموز 15 ڪھاڻين تي ٻڌل آھي. هي ڪھاڻيون تفريح سان گڏ اصلاحي بہ آهن، جيڪي هڪ واضح مقصد رکن ٿيون-۽ اهو مقصد آهي؛ ٻارن جي ڪچڙن ذهنن تي، سولي ٻوليءَ ۾ اُهي ڳالھيون آڻڻ، جيڪي کين هر طرح، ۽ هر سطح تي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڏين.
هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون انور ابڙي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سنڌي ٻوليءَ جي اهم ۽ نامور ليکڪ محترم انور ابڙي جو ٻالڪ ادب لاءِ ڪيل ڪَمُ گهڻي اهميت ۽ مانُ لهڻي ٿو. ٻالڪ ادب اسان جي ليکڪن ۽ شاعرن جو گهڻو ڌيان گُهري ٿو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ محترم انور ابڙي پنهنجي حصي جو ذميداريءَ وارو ڪردارُ نڀايو آهي. اداري ”پوپٽ“ پاران هِنَ کان اڳ سندس ٻالڪ ادب جا ٻه ڪتابَ ”عني ۽ مائو“ ۽ ”چوڌاري چمڪاٽ“ شايع ٿي، مڃتا ماڻي چُڪا آهن. ٻارن جي لاءِ دلچسپ پيرائي ۾ لکيل، ڄاڻ ڀَريُن ۽ نصيحت آموز ڪھاڻين جو هي مجموعو
”وڏي ڀيڻ“ پڻ، سندس هڪ خوبصورت ڪِتابُ آهي، جيڪو سِنڌُ جي ٻارن ۽ وَڏَن جي هٿن تائين پهچائيندي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون.
ادارو ”پوپٽ“ انهيءَ عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته وڏن سان گڏوگڏ ٻارن جي لاءِ تخليق ٿيندڙ ادب کي پڻ ترجيح ۽ محبت سان ڇاپبو رهبو.

قربان منگي
چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور

مُهاڳ: وڏي ڀيڻ ، احساس، محبتون ۽ تحرير

ڪُٽنب به ڪيڏي وڏي نعمت آهي. ماڻهو جڏهن پنهنجن ۾ ساهه کڻي ٿو، رفاقت جي سلسلي کي محسوس ڪري ٿو ته زندگي ڄڻ ته بيحد بدلجي وڃي ٿي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته جيڪي اڪيلا حياتيون گذارين ٿا يا وري ”نيوڪليئر فيملي“ ۾ اعتقاد رکن ٿا، انهن جي به حياتي ڪا اجائي ته نٿي گذري، پر بهرحال رفاقتن جو پنهنجو الڳ مزو هوندو آهي.
گهر ۾ وري بابا، امان، اديون، ۽ ڀائر هوندا آهن. ڪٿي ڀائرن ۾ ڪو وڏو هوندو آهي ۽ ڪٿي ڀينرن ۾ ڪو .... هاڻي جي وڏو ڀاءُ آهي ته، ان جي پنهنجي ذميواري آهي ۽ جي وڏي ڀيڻ آهي ته ان جي آسيس جو دامن وري عجيب ويڪر رکي ٿو. شايد اهو سڀ محسوس ڪندي، انورابڙي، پنهنجي هن ٻاراڻي ادب لاءِ لکيل ڪهاڻين جي ڳٽڪي کي ”وڏي ڀيڻ “ جو سرو ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ 15 ڪهاڻيون ڏنل آهن، جن تي ٿوري تڪڙي نگاهه وجهون ٿا:

(1)وڏي ڀيڻ :
گهر ۾ نياڻين جي تعليم ۽ سندن مثبت سوچ جو خوبصورت استعارو آهي. هڪ نياڻي، جيڪا پاڻ پڙهي ٿي سا نسل سنواري ٿي. هيءَ مختصر ڪهاڻي ان سوچ جو هڪ خوبصورت مظهر آهي ۽ خاص طور تي تعليم جي اهميت بابت ۽ جاڳرتا بابت گهڻو ڪجهه ڏسي ٿي.

(2) لغڙ ۽ ڏور:
ٻارن جي ان نفسيات کي ظاهر ڪري ٿي ته هو تخليقي صلاحيتن کي ڪهڙي نموني قطب آڻي سگهن ٿا. جي سندن ڪا خواهش ڪنهن سببان پوري نه به ٿئي ٿي، ته وٽن ان جي پورائيءَ جا ٻيا به ڪيترائي زاويه هوندا آهن. ٻارن جي نفسيات تي ڪمال تحرير آهي.

(3) ٽيني :
ساهه مٺ ۾ ڪندڙ ڪهاڻي آهي. ائين ٿيندو آهي ته، گهر ۾ ٻليون تنگ ڪنديون آهن ۽ انهن کي ٻوريءَ ۾ بند ڪري، ايترو پري ڇڏي اچبو آهي، جو ان ساڳي گهر ۾ موٽي نه اچي سگهن. پر پوءِ به، گهڻو ڪري الائي ڪيئن اهي موٽي اينديون آهن.
ٻارن جي انهن سان خاص نسبت هوندي آهي. ميريون هجن، گدليون هجن، پر هنن جي ڄڻ ته روح جي راحت هونديون آهن. اهو عمل گهر وارن کي گهڻو ڪري نه وڻندو آهي ۽ هو جان ڇڏائڻ گهرندا آهن. هيءَ ڪهاڻي هر گَهر جي آهي ۽ انور جي مشاهدي جي گهرائي آهي. الائي ڇو اکيون ڀرجي آيون. دل چيو ’انور، ٽينيءَ کي صفدر وٽ موٽائي وٺي اچي ها‘ .

(4) جيئندو:
اسڪولي تعليم جي حوالي سان ۽ انهن ۾ ٻارن جي انٽريسٽ (interest)وٺڻ جي نسبت سان، انور پاڻ ملهايو آهي. ٻارن کي پيار ڏئي، ڪيئن علم جي حاصلات لاءِ ماحول ٺاهي سگهجي ٿو، اها سوچ هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال آهي.

(5) حرڪتي ٻار:
ٻار ۽ حرڪت ڄڻ لازم و ملزوم هوندا آهن، پر انور هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻارن جي نفسيات پٽاندڙ کُلي اظهار ڪيو آهي. ترتيب سان ڪهاڻي هلي آهي، جنهن لاءِ انور جس لهڻي.

(6) زون زون :
ٻارڙا وڏا ٿين ته پهرين سائيڪل ۽ پوءِ موٽرسائيڪل تي اک رکندا آهن. جن گهرن ۾ موٽرسائيڪل هجي، اتي جلدي سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن ڪهاڻيءَ جو مکُ ڪردار ’فهد‘ به اهڙو ئي هڪ ٻار آهي، اهو عمل بهترين آهي ته مائٽ کيس جيڪا سمجهاڻي ڏين ٿا، اها کيس سمجهه ۾ اچي ٿي.

(7)سارنگ ۽ سانول:
ٻن ڀائرن جي پاڻ ۾ سلوڪ جي ڪٿا آهي. سارنگ وڏو آهي، 7 سالن جو ۽ ڪارٽون پسند ڪري ٿو، جڏهن ته سانول 5 سالن جو آهي ۽ ميوزڪ پسند ڪري ٿو. ٻنهي جي هڪ ٻئي سان عداوت عيان آهي. هڪ واقعي ۽ ان کان پوءِ ان کي سنڀالڻ جو داستان آهي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ جي انور ابڙو وڏي ٻار کان ميوزڪ ۽ ننڍي کان ڪارٽون پسند ڪرائي ها ته ٿي سگهي ٿو ته ڪهاڻيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها.

(8) فن ڊَي :
غير نصابي سرگرمين جي حوالي سان ۽ انهن جي اهميت کي ظاهر ڪندڙ، هيءَ هڪ خوبصورت تحرير آهي.

(9) گرم پاڻي :
احتياط جي حوالي سان، ته جن گهرن ۾ ننڍا ٻار آهن، اتي زندگي ڪيئن گذارجي، هيءَ هڪ اهم تحرير آهي. ڏک شديد ظاهر ٿئي ٿو. ڏٺو وڃي ته اهڙا واقعا عام ٿين ٿا. انور کي جس هجي جو ان تي قلم کنيو اٿائين.

(10) بابا اسان اڳتي نه وڙهنداسين:
ٻاراڻي سلوڪ جي حوالي سان، خوبصورت سمجهاڻي آهي. ڪردار باڪمال آهن.

(11) وئڪيشن :
ٻارن لاءِ وئڪيشن جي اهميت تي ننڍڙي خوبصورتي آهي. ٻارن کي جيڪا خوشي ٿئي ٿي، انهيءَ کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي. حسين موضوع آهي.

(12) بستري تي بيهي ڪيل تقرير:
ٻارن کي وڏن جي جتيءَ ۾ پير پائڻ جو شوق هوندو آهي، ۽ انهن کي ڏسي ڏسي هو گهڻو ڪجهه ڪندا رهندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اسرندڙ عمر وارو ٻار، هڪ مقرر بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو.

(13) لغڙ وارو گهر ۽ فيڊر واري ٽانڪي:
ٻاراڻي ذهانت ۽ اڳيان وڌي ڪجهه ڪرڻ جي سوچ تي خوبصورت خيال آهي.

(14) جهنگل جو راجا:
مائٽ ٻارن سان گڏجي ويهن ته الائي ڪيترا سلسلا جڙي پوندا آهن. سمجهاڻين جو جهان کُلي پوندو آهي. هيءَ ڪهاڻي ان حوالي سان خاص اهميت رکي ٿي.

(15) ڇهه فٽ پري :
ڪووڊ -19 جي حوالي سان، مختصر خوبصورت سمجهاڻي آهي ته عملي طور ڪيئن ٻار پرائين ٿا.
هي سڀ ڪهاڻيون ۽ هي ڳٽڪو، انور لاءِ ڪجهه نئون ناهي. 2008ع ۾ ”ڀڳل رانديڪو“، 2016ع ۾ ”عني ۽ مائو“، 2018ع ۾ ”چوڌاري چمڪاٽ“ ، 2018ع ۾ ئي ”ننڍڙو چنڊ“ ۽ ”روشني ڪي مينار: حيدر بخش جتوئي“ سندس ٻارن سان محبت ۽ انهن لاءِ لاڳيتو لکڻ جي شعوري ڪوشش جو مظهر آهن. ٻارن لاءِ لکڻ هڪ بي انتها ڏکيو عمل آهي ڇاڪاڻ ته، اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته، ليکڪ کي پاڻ به ٻار بڻجڻو پوي ٿو ۽ نفسيات جي ان مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو.
هڪ وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان مان سمجهندو آهيان ته انور اڃا تائين ٻار آهي. جي هو ٻار ناهي ته به هن پنهنجي اندر ۾ ننڍپڻ کي ڪومائجڻ نه ڏنو آهي، جنهن لاءِ کيس بي انتها پيار ۽ محبتون رسن.
لکندو رهجانءِ انور! هي وقت جي ضرورت به آهي ۽ هڪ لحاظ کان اسان سڀني لاءِ لازمي به آهي. ڪريم رب جل شان هو توکي سدائين نوازيندو رهي. (آمين)


محمود مغل

 جمع، 27 نومبر 2020ع
ڄام شورو

مُنهنجي پاران

ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين واري پهرئين ڪتاب”عني ۽ مائو“ کانپوءِ هيءُ منهنجو ٻيو ڪتاب آهي، جنهن ۾ شامل پندرهن ڪهاڻيون مون گذريل ٽن چئن سالن دوران لکيون آهن. هي ڪهاڻيون تفريح سان گڏ اصلاحي به آهن، جيڪي هڪ واضح مقصد رکن ٿيون- ۽ اهو مقصد آهي؛ ٻارن جي ڪچڙن ذهنن تي، سولي ٻوليءَ ۾ اُهي ڳالهيون آڻڻ، جيڪي کين هر طرح، ۽ هر سطح تي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڏين.
هي ڪهاڻيون جڏهن، جيئن، جھڙن ڪردارن، جنهن ٻوليءَ ۽ جنهن ماحول سان منهنجي ذهن ۾ آيون، تيئن مون اهي لکيون. مقصد واري ڳالهه پوءِ آئي..... پر مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته، اسان جيڪو ڪجهه به لکون، ڀل اها مڪمل تفريح واري تحرير ئي ڇونه هجي، ان جو به هڪڙو اجتماعي مقصد هئڻ گهرجي- ۽ اهو مقصد ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائڻ، انهن کي پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق ۾ سٺو ٿيڻ، سٺو ۽ ڪامياب انسان ٿيڻ ۽ انسان دوست بڻجڻ واري واٽ ڏيکارڻ وارو هجي. ڳالهين ڳالهين ۾ ڪم جي ڳالهه به ڪري وڃجي، پوءِ ڀل اها هڪ جملي ۾ هجي يا هڪ پيراگراف ۾ هجي. ائين ڪرڻ ضروري آهي.
ان سان گڏ مان اهو به چاهيندو آهيان، ته ٻارن سان گڏ سندن والدين به، ٻارن لاءِ لکيل منهنجي ڪهاڻين مان ڪجهه پرائين، ڇاڪاڻ جو والدين جو باشعور هئڻ سان گڏ پنهنجي ٻارن جي تعليم، نفسيات، مزاج، دلچسپين، سرگرمين ۽ حرڪتن کان به باخبر هئڻ ضروري آهي. ان ئي موضوع تي مون ”ننڍڙو چنڊ“ ناول ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
گڏوگڏ هي ڪهاڻيون ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ به آهن، جيڪي هُو پڙهي، پنهنجي ڀاءُ يا ڀيڻ جي پيار کي سمجهي سگهن ٿا. ان سان گڏ هي ڪهاڻيون استادن لاءِ به آهن، ڇاڪاڻ جو ٻارَ پنهنجي والدين کانپوءِ اسڪول ۾ استادن وٽ اچن ٿا، جن لاءِ ضروري آهي ته هو اول ٻارن کي سمجهن، انهن کي، سندن حساس طبيعت جي مدِنظر پڙهائڻ جي ڪوشش ڪن، پڙهائيءَ ۾ انهن جي دلچسپي پيدا ڪن ۽ ڪوشش ڪن ته لڪڻ نه کڻن.
هي گهڻي ڀاڱي، اڄ جي دؤر جي، شهر ۾ پيدا ٿيل ٻارن جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ماحول جي لحاظ کان ته ڳوٺن جي ٻارن کان ڪجهه مختلف آهن، پر عادتن، سوچن ۽ حرڪتن ۾ ته سڀ ٻارَ هڪجهڙا ٿين ٿا، سو هي سڀني ٻارن لاءِ ڪهاڻيون آهن، هر طبقي جي ٻارَن لاءِ ڪهاڻيون آهن، جيڪي، مان اميد رکان ٿو ته منهنجي پڙهندڙ ٻارَ- جيڪو ڇهن کان ٻارهن سالن جي عمر تائين جو آهي، کي ضرور پسند اينديون- ۽ جي ائين ٿيو ته مان پاڻ کي ڀاڳ وارو ڀائيندس.
مان پنهنجي انتهائي پياري دوست ۽ سنڌ جي مشهور پبلشنگ اداري- پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور جي سربراهه قربان منگي صاحب جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجو، پنهنجي اداري پاران، ٻارن لاءِ لکيل هيءُ ٽيون ڪتاب شايع ڪيو آهي. هن کان اڳ ۾ هُو منهنجو ٻاراڻين ڪهاڻين وارو ڪتاب ”عني ۽ مائو“ (جنهن کي سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پاران انعام به مليو هو) ۽ ٻارن لاءِ لکيل تقريرن ۽ خاڪن وارو ڪتاب ”چوڌاري چمڪاٽ“ به شايع ڪري چڪو آهي. هن ڪتاب لاءِ به هڪ ملاقات ۾، پيار مان چيائين:”ادا! ڪتاب ڏي ته شايع ڪيان.“ سو مان قربان منگي صاحب جو هڪ ڀيرو ٻيهر تمام گهڻو احسانمند آهيان.
مان موجوده سنڌي ادب جي هڪ وڏي ۽ معتبر نالي- سائين محمود مغل صاحب جن جو به تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. محمود مغل صاحب جن جي، مون وٽ هڪ وڏي ڀاءُ واري حيثيت به آهي، جن جي پيار ۽ پنهنجائپ مون کي هميشه ڪجهه نه ڪجهه چڱو ئي علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ تي اتساهيو آهي. سو سندن هي لفظ، مون سان گڏ هيءُ ڪتاب پڙهندڙ پيارن ٻارڙن لاءِ به روشنيءَ جي ڪرڻن جيان آهن.
موجوده وقت ۾ سنڌي ادب جي هڪ اهم نانءَ ۽ خاص ڪري ٻاراڻي ادب لاءِ ڳڻپ جوڳو ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي صاحب جو به مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جو هُنن هِن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل لاءِ پنهنجي را ءِ لکي ڏني.
سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ نثرنويس امر اقبال جو به ٿورو نه مڃڻ، مناسب نه ٿيندو. هو اڳ جيان، هن ڀيري به پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران شايع ٿيندڙ منهنجي هن ڪتاب لاءِ ڪارائتيون صلاحون ڏيندو رهيو. ڪپتان ابڙو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ وانگر آهي، جنهن منهنجي لڳ ڀڳ سڀني ڪتابن جا ٽائٽل ۽ اسڪيچ ٺاهيا آهن. ڪپتان ابڙي هن ڪتاب جو به خوبصورت ٽائٽل ۽ اسڪيچ ٺاهي مون تي هڪ وڌيڪ ٿورو ڪيو آهي.
آخري ڳالهه: جيتوڻيڪ اڄ جي دؤر ۾ سيل فون، ٽئبليٽ، آءِ پيڊ، ڪمپوٽر ۽ اهڙين ٻين انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ جي مشينن (devices) جي اچڻ ڪري ٻارن ۾ (اڪثر وڏن سميت) ڪتاب پڙهڻ جو لاڙو گهٽ ٿي ويو آهي، پوءِ به اسان کي تيستائين ٻارَ جي هٿ ۾ ڪتابَ ڏيڻا آهن، جيستائين انهن جي جاءِ، ڪا ٻي ڊوائس، مڪمل طور تي نٿي اچي والاري. تنهن ڪري ههڙو مددي مواد اسان کي، ٻارن کي لازمي طور ڏيڻ گهرجي، جيڪو سندن سوچ، سمجهه ۽ سکيا جي عمل کي وڌائي ۽ کين علم، ادب ۽ آرٽ جي وڌيڪ ويجهو آڻي.

انور ابڙو
 28 نومبر 2020ع
ڪراچي

ڪهاڻيون

---

وڏي ڀَيڻ

هن جو اصل نالو ته الهه بخش هو، پر گهر وارا توڙي مِٽ مائٽ کيس علڻ سڏيندا هئا. غريب پيءُ ماءُ جو پٽ هو. شڪل صورت ۾ ڏاڍو سهڻو هو. ڀوري رنگ، ويڪري مُنهن ۽ ڊگهي نڪَ وارو هيءُ ٻالڪ ٻين ٻارن جي وچ ۾ بيهندو هو ته، سڀني کان الڳ نظر ايندو هو. پيءُ ماءُ کي اڪيلو پٽ هئڻ ڪري سڀني کي ڏاڍو پيارو هو. هو پنهنجي والد ڪمال الدين ۽ امڙ ساران سان گڏ ڳوٺ ۾ رهندو هو.
هن کي هڪ ئي ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو ناهيد هئو. هوءَ کانئس سترهن سال وڏي هئي. جڏهن ناهيد جي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پنهنجي سئوٽ امتياز سان شادي ٿي ته ان وقت علڻ جي عمر چار سال هئي.
شاديءَ جي هڪ سال کان پوءِ ناهيد پنهنجي هن ننڍي ڀاءُ کي ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرائي ورتو، ڇاڪاڻ جو هُن علڻ کي هر حال ۾ پڙهائڻ چاهيو پئي. هن اهڙو فيصلو انڪري ڪيو، جو سندس بابا ۽ امان پڙهيل نه هئا، ۽ نه وري هوءَ پاڻ پڙهي سگهي هئي.
ڪراچي شهر ۾ رهندي، ناهيد ڏسندي هئي ته هر روز صبح جو ٻارَ تيار ٿي، يونيفارم پائي، اسڪول پيا ٿا وڃن. انهن کي ڏسي سوچيندي هئي ته هيءَ پنهنجي ٿيندڙ ٻارن کي ته ضرور پڙهائيندي، پر پنهنجي ننڍي ڀاءُ علڻ کي به پڙهڻ لاءِ ائين تيار ڪري اسڪول موڪليندي.
علڻ پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول ۾ انڪري نه ٿي پڙهي سگهيو، جو اهو ڪيترن ئي سالن کان بند پيل هو. ماستر اسڪول نه ايندو هو. اسڪول ۾ ڊڀ ڦُٽي ويا هئا. ان جون بينچون مِٽي پوڻ سبب خراب ٿي ويون هيون. ڳوٺ جا ٻيا ٻارَ به پڙهي نه سگهيا هئا. اهڙي صورتحال کي ڏسندي ناهيد کي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڀاءُ جي پڙهڻ جو ڪو به امڪان نظر نه ٿي آيو.
ڪراچيءَ ۾ ناهيد، علڻ کي پنهنجي گهر جي ڀرسان واري هڪ سٺي خانگي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني. علڻ ڏاڍو ذهين هو. هو پنهنجي ڪلاس جي ٻين شاگردن کان وڌيڪ هوشيار ثابت ٿيو. هر امتحان ۾ پهريون نمبر کڻڻ لڳو.
ائين هِن جڏهن ميٽرڪ پاس ڪئي ته سندس امڙ ساران ۽ پيءُ ڪمال الدين کان وڌيڪ خوش سندس ڀيڻ ناهيد ٿي هئي.
ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ هِن ڪراچيءَ جي هڪ سٺي ڪاليج مان انٽرميڊيئٽ جو به امتحان پاس ڪري ورتو. ان ۾ به هن اي ون گريڊ کنيو. ان بنياد تي کيس هڪ بهترين يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وئي.
هي يونيورسٽيءَ ۾ چار سال وڏي محنت ۽ شوق سان پڙهيو ۽ جڏهن اُتان بزنيس ايڊمنسٽريشن ۾ گريجوئيشن ڪري نڪتو ته هڪ اخبار ۾ بينڪ مئنيجر جي عهدي واري نوڪريءَ جو اشتهار آيو. هِن ان نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏني. کيس چونڊي انٽرويوءَ لاءِ گهرايو ويو، جيڪو به هن پاس ڪري ورتو.
ان بعد علڻ کي بينڪ ۾ نوڪري ملي وئي. پنهنجي اهڙي ڪاميابيءَ تي هن ڀيڻ ناهيد جو تمام گهڻو ٿورو مڃيو. هن اها خوشخبري جڏهن فون تي، ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجي بابا ۽ امان کي به ٻڌائي ته هُو به بيحد خوش ٿيا.
هن ناهيد جي صلاح سان هاڻي الڳ رهڻ لاءِ هڪ سٺي علائقي ۾ ڪرائي تي فليٽ ورتو.
نوڪري ملڻ جي ٻن اڍائي مهينن کانپوءِ ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن واري موڪل تي هي پنهنجي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجي والدين کي ڪراچيءَ وٺي اچي پاڻ سان گڏ رهائڻ لڳو.
جلد ئي علڻ بينڪ ۾ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ ڇوڪري نوشين سان شادي ڪري ورتي. هينئر هي بهترين زندگي گذاري رهيا آهن.
ناهيد به پنهنجي گهر تي، پاڙي جي هڪ ماسترياڻيءَ کان ٽيوشن وٺي ايتري تعليم حاصل ڪئي جو هاڻي هوءَ لکي پڙهي وڃي ٿي. کيس نياڻي ۽ پٽ جو اولاد ٿيو، جيڪي ٻارَ به هاڻي وڏا ٿي ويا آهن ۽ ڪاليج ۾ پڙهي رهيا آهن.
هڪ ڏينهن علڻ جي فليٽ تي سندس ماءُ پيءُ، سندس گهرواري نوشين، علڻ پاڻ، سندس ڀيڻ ناهيد، ان جو مڙس امتياز ۽ انهن جو اولاد: فرحان ۽ ثمينه ويٺا ڪچهري ڪري رهيا هئا ته ڳالهيون ڪندي ناهيد پنهنجي والدين کي چيو:”ڏسو، مون اوهان کي چيو هيو نه ته اڄ جي دؤر ۾ اسان جي ٻارن لاءِ تعليم تمام گهڻي ضروري آهي. ان کانسواءِ هو ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندا. - ۽ اڄ ان جو نتيجو اوهان پاڻ ڏسي رهيا آهيو، ته ادا علڻ جي پڙهڻ سان ڪيئن نه اوهان جو سمورو گهر تبديل ٿي ويو آهي، ۽ اوهان وٽ هاڻي ضرورت جي هر شئي موجود آهي.“ سڀني جي چهرن تي اطمينان وارو تاثر اڀري آيو.
ان موقعي تي علڻ ناهيد کي چيو:”ادي، مان اڄ جيڪو ڪجهه آهيان، اهو تنهنجي ڪري ئي آهيان. جيڪڏهن تون مون کي ڳوٺ مان شهر وٺي اچي نه پڙهائين ها ته مان به اڄ ڳوٺ ۾ ٻين ٻارن جيان مينهون ۽ ٻڪريون ويٺو چاريان ها.“
ان تي سندس ڀيڻ جي چهري تي مرڪ اچي ويئي ۽ سندن پيءُ ماءُ کين زندگيءَ ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ دعائون ڏيڻ لڳا.

لَغڙُ ۽ ڏَورِ

احمد ڇهن سالن جي عمر جو آهي. کيس لغڙ اُڏائڻ جو جنون جي حد تائين شوق آهي. ڪراچي شهر ۾ رهڻ ۽ پاڙي ۽ اسڪول جي ماحول جي ڪري سندس ٻوليءَ تي اردوءَ جو اثر آهي، جنهن ڪري هو سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي به ڪافي لفظ اردوءَ جا چئي ويندو آهي. تڏهن ئي ته هُو شروع ۾ لغڙ کي ’پتنگ‘ ۽ ان جي ڏورِ کي ’مانجو‘ چوندو هو. پڻهس ساگر به پهريون ڀيرو ’مانجو‘ لفظ هِن جي واتان ٻڌو هو. بعد ۾ جڏهن پڻهس انهن جا سنڌي نالا ٻڌايا ته پوءِ هو’پتنگ‘ کي ’لَغڙُ‘ ۽ ’مانجي‘ کي ’ڏورِ‘ چوڻ لڳو.
ڏينهن هجي يا رات هن کي رڳو لغڙ ۽ ڏورِ جي ئي ڳالهه ياد هوندي آهي. ساگر سان جيڪڏهن اسڪول مان واپس اچي فون تي ڳالهائيندو ته، ان وقت به کيس چوندو: ”بابا، لغڙ ۽ ڏورِ وٺي اچجانءِ.“ سندس ڳرو آواز پڻهس کي ڏاڍو وڻندو آهي.
جيڪڏهن آچر جو ڏينهن هوندو ۽ پڻهس گهر ۾ موجود هوندو ته ان کي صبح کان ئي تنگ ڪرڻ شروع ڪندو ته: ”بابا، هل مون کي لغڙ ۽ ڏورِ وٺي ڏي.“ ۽ پڻهس وٽ سندس فرمائش پوري ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي هوندو. ان بعد ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ڀٽائي ڪالونيءَ ۾ موجود لغڙن جي هڪ دڪان تي وڃي کيس اُتان لغڙ وٺي ڏيندو، جيڪو وٺڻ کانپوءِ هو تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن پڻهس لغڙ وٺي ڏيڻ کان ٿورو به انڪار ڪيو يا وٺي ڏيڻ ۾ ٿوري به دير ڪئي ته پوءِ هيءُ گهر جا سامان ڀڃڻ ۾ دير نه ڪندو. ڊڄڻو به صفا ناهي. ماڻهس ڪيئي ڀيرا مار به ڪڍي اٿس، پر ان جو به مٿس ڪو اثر ناهي ٿيو.
هڪ رات جو پيءُ کي حال احوال ڏيندي چيائين: ’بابا، شام جو ٽيوشن تان مان، عفان، اذان ۽ عبدالله موٽون پيا ته هڪڙو ٻارن کي کڻڻ وارو ماڻهو اچي ويو، پوءِ مون ڪنڌ کان وتس، عبدالله ٻانهن کان وتس، عفان ڄنگهن کان وتس.... ۽ پو اذان ڪُٽيس....“
اها ڳالهه ڪرڻ وقت احمد ان ماڻهوءَ کي، اذان جي ڌڪ هڻڻ واري اداڪاري به ڪندي ٻڌائڻ لڳو....”ڊز .... ڊز....ڊز.... پو همراهه ڀڄي ويو.“
جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪوڙ هو، پر هيءُ اهڙي ڳالهه ٺاهي ٻڌائي ويندو، جو ماڻهو سمجهندو ته واقعي ائين ئي ٿيو هوندو. پڻهس سندس اهڙين ڳالهين تي ڏاڍو کلندو آهي.
ڪلهه رات جو پڻهس جيئن ئي گهر آيو ته هيءُ لغڙ ٺاهڻ ۾ لڳو پيو هو... هاڻي احمد پاڻ به لغڙ ٺاهڻ سکي ويو آهي. گهر مان اخبارون کڻي، اُهي ڪئنچي سان ڪٽي، ٻُهاريءَ مان تيليون ڪڍي، ڀرواري سعيد جي دڪان تان ٽئپ سوليوشن وٺي ويهي لغڙ ٺاهڻ لڳندو. سندس ماساتيون؛ زينب، سعديه ۽ ماسات صمد به ڪڏهن ڪڏهن لغڙ ٺاهي ڏيندس- پوءِ پنهنجي گهر جي ڇت تي وڃي اهو اڏائيندو. پر پڻهس ڇت تي کيس اڪيلو ناهي ڇڏيندو، جنهن ڪري سندس ماءُ راحت به گڏجي ڇت تي ويندي اٿس، ڇاڪاڻ جو هاڻي لغڙ اڏائڻ واري ڏور ڌاتوءَ جي اچي ٿي، جيڪا ڏاڍي خطرناڪ آهي. هڻي ڪٽي ٿي وجهي ٻارَ کي.
هڪ ڏينهن لغڙ ٺاهيندي، ڪنڌ هيٺ هوندي ئي پيءُ کي ٻڌائڻ لڳو: ”بابا، اڄ مان لغڙ اُڏايو... سڄي ڏورِ کي ڍر ڏنم... (هو جهڪي ڄنگهن ۽ هٿن کي هلائي ٻڌائڻ لڳو)... هينئين هينئن ڏورِ ڇڏيم.... لغڙ مٿي اڏامي ويو...“ پڻهس کان کِل بيهي ئي نه...
”پر بابا، ڏورِ ڪهڙي استعمال ڪئي هيئي؟“ پڻهس پڇيو. ڇوته پڻهس کيس ڌاتوءَ واري ڏور بدران ڌاڳي واري ڏور استعمال ڪرڻ لاءِ چوندو آهي. تنهن تي احمد رڪجندي، معصوم ٿيندي وراڻيو: ”اها ئي جيڪا تو وٺي ڏني هئي... سادي ڏورِ... اصلي نه هئي...“
”شاباش... هاڻي هلي اسڪول جو هوم ورڪ ڪر ... سڀاڻي ٽيسٽ اٿئي...“ پڻهس چيو.
”بابا، مون ڪري ڇڏيو آهي... ٽيوشن واري باجيءَ ڪرائي ڇڏيو هو...“ احمد وراڻيو، جنهن تي پڻهس چيو: ”چڱو اچ مون کي ٻڌاءِ ته ڇا ياد ڪيو اٿئي.“
”بابا، هي ڏس لغڙ هي مون پاڻ ٺاهيو آهي.... ڪيئن سٺو آهي نه؟“ احمد ڳالهه بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پڻهس چيس: ”بابا، ڇڏ هاڻي ان لغڙ ٺاهڻ کي ... سڀاڻي ٺاهجانءِ...“
”پو تون مون کي سڀاڻي نئون لغڙ ۽ ڏورِ وٺي ڏيندين؟“
”ها بابا، ضرور وٺي ڏيندس... هاڻي هلي آ، مون کي پنهنجو هوم ورڪ ڏيکار ته ڇا ڪيو اٿئي.“
احمد اُتان اٿي اسٽڊي روم ۾ آيو. اسڪول وارو ٿيلهو کڻي، ان مان هوم ورڪ واري ڪاپي ڪڍي پيءُ کي ڏيکارڻ لڳو.

ٽيني

ٻليءَ کي ٽي ٻچڙا ڄاوا، جن مان رڳو هڪ بچي سگهيو. بچي ويل ٻلونگڙي جو نالو ڇهن سالن جي عمر جي ٻارڙي صفدر ”ٽيني“ رکيو. هن کي اهڙا ڪيترائي نالا انڪري ايندا آهن، جو هو ٽيليويزن يا موبائيل فون تي، واندڪائيءَ ۾ ڪارٽون ڏسندو رهندو آهي، تڏهن ئي ته هن هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ سائره کي چيو:”امان، ٻليءَ جي هن ٻچي جو نالو ٽيني ٿا رکون.“ ماڻهس خوش ٿي ها ڪئي.
شام جو هن ساڳي ڳالهه خوشيءَ مان پنهنجي بابا رحيم کي ٻڌائي. پڻهس به خوش ٿي کيس شاباش ڏني، جنهن تي صفدر ٽڙي پيو.
ان بعد هو اڪثر ٽينيءَ کي بغل ۾ کنيون پيو گهمندو هو. سندس والدين کيس منع ڪندي چوندا هئا ته: ”صفدر بابا، ٽينيءَ کي ايترو نه کڻ. هوءَ گهٽيءَ ۾ به وڃي ٿي، ان ڪري صاف سٿري نه هوندي آهي. کيس گند ڪچرو لڳل هوندو،“ پر هن تي اهڙي ڪنهن به نصيحت جو اثر نه ٿيندو هو.
صفدر جي نانيءَ جو گهر جيئن ته سندن گهر جي سامهون آهي، تنهن ڪري ماڻهس سائره صفدر وارن جي اسڪول وڃڻ کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن ٽينيءَ کي کڻي انهن جي گهر ۾ ڇڏي ايندي هئي، پر جڏهن صفدر اسڪول مان واپس ايندو هو ته، هُو ٽينيءَ کي گهر ۾ نه ڏسي پريشان ٿي ويندو هو - ۽ ان ئي مهل، يونيفارم لاهي، سادا ڪپڙا پائڻ بدران پنهنجي نانيءَ جي گهرِ وڃي اُتان ٽينيءَ کي کڻي ايندو هو.
هو ٽينيءَ سان ڳالهيون ڪندو هو، ۽ ان کي انگريزيءَ ۾ چوندو هو:

How are you Tenny?
What will you eat?
Where is your mom?

صفدر اهڙيون ۽ ٻيون ڳالهيون ٽينيءَ سان پيو ڪندو هو. ان کي هي سمهاريندو به پنهنجي ڀرسان هو. پر سندس امڙ توڙي سندس ناني ٽينيءَ مان ڪَڪِ ٿي پيا هئا، ڇاڪاڻ جو اها گهر ۾ وڏو گند ڪندي هئي. هڪ ڏينهن صفدر جيئن ئي اسڪول ويو ته سندس مامو صيفل ٽينيءَ کي کڻي پنهنجي پاڙي کان تمام گهڻو پري ڇڏي آيو.
صفدر منجهند جو جيئن ئي اسڪول مان موٽي گهر آيو ته اسڪول بيگ رکندي ئي ٽينيءَ کي ڳولڻ لڳو، پر کيس ٽيني پنهنجي گهر ۾ ڪٿي به نظر نه آئي. هو ڊوڙ پائي پنهنجي نانيءَ جي گهر ويو، پر اتي به اها کيس نه ملي. هيءُ پريشان ٿي ويو ۽ گهر اچي روئڻ لڳو. ماڻهس کيس سمجهائيندي چيو: ”پٽ، ٽيني اتي ئي ڪٿي پاڙي ۾ هوندي. اچي ويندي. تون پريشان نه ٿيءُ.“
پر هي روئڻ کان بس ئي نه ڪري... ۽ گهر ۾ هلندي ان کي سڏيندو وتي؛ Where are you my Tenny?- - ”منهنجي ٽيني، تون ڪٿي آهين؟“ پر ٽيني اِتي هجي ته اچي نه...
رات ٿي ويئي، پر ٽيني واپس نه آئي. ان ئي وقت جڏهن سندس پيءُ رحيم گهر ۾ داخل ٿيو ته، صفدر روئندي کيس ٻڌائڻ لڳو: ”بابا، منهنجي ٽيني الائي ڪاڏي هلي وئي؟ بابا، ٽيني کي ڳولي اچ....بابا پليز...“ هو ٻارڙو پنهنجن پتڪڙن هٿڙن سان ٻانهون ٻڌي پيءُ کي چوڻ لڳو، جنهن تي پڻهس ڏکارو ٿيندي چيو: ”بابا، مان جاچ ڪيان ٿو، پر لڀندي ڏکي... ڇوته هاڻي رات به ٿي وئي آهي، الائي ڪٿي هوندي؟ ڪٿي وڃي ڳوليانسِ؟“
صفدر روئندي چوڻ لڳو: ”بابا، منهنجي ٽيني....“ تنهن تي پڻهس کڻي کيس ڀاڪر ۾ ڪيو ۽ چيو: ”صفدر بابا، نه روءُ.... تنهنجي ٽيني متان صبح جو واپس اچي وڃي... جي نه آئي ته مان توکي ٻي ڪا سٺي ٽيني وٺي ڏيندس....“
صفدر صبح جو ٽيني ملڻ جي آسري تي روئڻ کان بس ڪئي ۽ سمهي پيو، پر ٽيني صبح جو به نه ملي، جنهن جو ڏک صفدر کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين رهيو.

جيئندو

جيئندي کي سندس امڙ حُورَ صبح جو ننڊ مان زوريءَ اٿاريو ته سهي، پر هُو اسڪول وڃڻ لاءِ تيار نه هو. ماڻهس سمجهايس، پيءُ ساجن به سمجهائيندي چيس ته: ”پٽ، تون پورو هفتو، ڳوٺ ۾ پنهنجي چاچا سرفراز جي شاديءَ جي ڪري، رهي آيو آهين. ان کانپوءِ رڳو هڪڙو ڏينهن اسڪول ويو آهين، ته وري اڄ ٻئي ڏينهن تي اسڪول نه وڃڻ تي ضد ڪري بيٺو آهين. اڳ ۾ ئي تنهنجو هڪ هفتي جو ڪم رهيل آهي، مٿان وري وڌيڪ موڪل ڪندين ته، ان سان ته تون ٻين ڇوڪرن کان تمام گهڻو پوئتي رهجي ويندين.... ۽ هاڻي ته آڪٽوبر مهينو به شروع ٿي ويو آهي. ڊسمبر ۾ تنهنجا ششماهي امتحان ٿيڻا آهن. اُنهن ۾ ته تون فيل ٿي پوندين.“
پڻهس کيس لڳاتار سمجهائيندو رهيو ۽ پنجن سالن جي عمر جو پٽ جيئندو ڪنڌ هيٺ ڪري کيس ٻڌندو رهيو. ماڻهس حور ته بورچيخاني ۾ هلي وئي ته جيئن هوءَ پنهنجي پٽ لاءِ آنو اوٻاري ۽ ڊڳڙي پچائي وٺي.
جيئندي پيءُ جي ڳالهه ٻڌي چيو:”بابا مون کي اسڪول پسند ناهي.“
”بابا، ڇو توکي اسڪول پسند ناهي؟“
”مون کي مِس ماري ٿي.“
”جي توکي مِس ماري ٿي ته پوءِ مان هلي ڳالهايانسِ ٿو. هوءَ توکي اڳتي نه ماريندي.“
”بابا، مون کي اسڪول پسند ناهي،“ جيئندي وري ساڳي ڳالهه ڪئي.
”ڏسُ پٽ، ضد نه ڪر... اُٿ تيار ٿيءُ ته مان توکي اسڪول ڇڏي اچان.“
ان دوران حور به آنو اوٻاري کڻي آئي. هُن جيئندي کي زبردستيءَ تيار ڪيو. کيس ڊڳڙيءَ سان آنو کارايائين ۽ بيگ ۽ لنچ ساجن جي گاڏيءَ ۾ رکيائين.
اسڪول وڃڻ وقت جيئندو روئي رهيو هو، ڇڙهيون هڻي رهيو هو، پر پڻهس سندس هڪ به نه ٻڌي.
ساجن کيس اسڪول وٺي ويو. هِن کي اندر اسڪول ۾ موڪلي، اسڪول جي چوڪيدار کي چيائين ته: ”مون کي جيئندي جي ڪلاس ٽيچرِ سان ڳالهائڻو آهي، پليز اُن کي سڏي اچو.“
ان وقت مارننگ اسيمبلي ختم ٿي چڪي هئي. ٽيچر آئي. جيئندي جي بابا کيس سلام ڪيو، ۽ پوءِ کيس جيئندي جي پيرائتي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين ته:”جيئندي جي پڙهڻ ۾ دل نٿي لڳي. هو اسڪول نٿو اچڻ چاهي. چئي ٿو، ’مون کي اسڪول پسند ناهي.‘ هو ڏاڍو هوشيار آهي، پر اسڪول کان سندس بيزاريءَ سبب اسان ڏاڍا پريشان آهيون. هو ته اهو به چوي ٿو ته: ’مِس مون کي ماري ٿي.‘“
ان تي مِس مُرڪي ته جيئندي جي بابا کيس وڌيڪ چيو: ”هو ته اِهو به چوي ٿو ته: ’مان ڊائري خراب ٿو لکان. ٻيا ڇوڪرا مون کان سٺي ڊائري ٿا لکن. مِس هُنن کي اسٽار ڏئي ٿي، پر مون کي نٿي ڏي. اڃا مون کي ماري ٿي....‘ سو پليز هِن کي ماريو نه... هِن کي پيار ڏيئي ڏسو ته ڪيئن نه هيءُ اوهان کي پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ٿو.... مان هِن کي سڃاڻان... هي ڏاڍو هوشيار آهي... بس هِن کي ڪوڙا سُوڙا اسٽار ڏيو... سندس مٿي تي پيار جو هٿ رکو....“
ٽيچر چيو: ”واقعي، جيئندو ڏاڍو حساس آهي، مون به اهو ڏٺو آهي. ٻي ڳالهه ته مان هن کي ماريندي ناهيان، بس ڪڏهن ڪڏهن ٿورو دڙڪو ڏيندي آهيانسِ، پر هاڻي اُهو به نه ڏيندي سانسِ.... هو اوهان سان اڳتي اهڙي ڪابه شڪايت نه ڪندو.“
ساجن سندس ٿورو مڃيو.
منجهند جو جڏهن جيئندو گهر آيو ته ڏاڍو خوش هو. سندس ڳِٽن تي ٻه اسٽار ٺهيل هئا. سندس ڪاپيءَ ۾ به اسٽار ٺهيل هجن، جيڪي هِن خوش ٿيندي پيءُ ماءُ کي ڏيکاريا. هِن پيءُ ماءُ کي ٻڌايو ته: ”اڄ مِس مون کي سڀني کان اڳيان چيئر تي ويهاريو.... مون کي اسٽار ڏنائين... ٻين ڇوڪرن کي به چيائين ته، جيئندو ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي...“
جيئندي جو والد پنهنجي پٽ کي خوش ڏسي چوڻ لڳو: ”ڏسو، پيار ۾ ڪيڏي نه طاقت آهي- ۽ ٻار کي ته کپندو ئي پيار آهي. هِن کي پيار ڏيو، پوءِ ڏسو ته هي ڪيئن نٿو پڙهي.“
ٻئي ڏينهن تي جيئندي جي بابا اسڪول ۾ جيئندي کي ڇڏي، سندس ڪلاس ٽيچر سان ملي اُن جو ٿورو مڃيو، جنهن تي مِس چيس ته: ”منهنجي لاءِ هيءُ نئون تجربو هو. اسان کي هر ٻار کي هڪ ئي طريقي سان ڊيل نه ڪرڻ گهرجي. هر ٻار الڳ الڳ مزاج ۽ طبيعت جو ٿئي ٿو ۽ مار ته ٺهيو، پر ان کي دڙڪو به نه ڏيڻ گهرجي.“
جيئندي جي پيءُ اهڙي ڳالهه تي سندس هڪ ڀيرو ٻيهر ٿورو مڃيو.

حَرڪِتي ٻارَ

عظيم ۽ راڻي جو پيءُ مختيار علي پنهنجي پٽن لاءِ ٿڌو گهڙو آهي. جنهن ڏينهن هيءُ گهر ۾ موجود هوندو آهي، اُن ڏينهن سندس ٻارن جي ڄڻ عيد هوندي آهي. عظيم ڇهن سالن ۽ راڻو چئن سالن جو آهي. اِهي سندس ڪلهن تي پيا چڙهندا، سندس هنج ۾ پيا ويهندا، سندس عينڪ کڻي پائي پيا گهمندا ۽ کيس چوندا ته هو کين ليپ ٽاپ تي ڪو ڪارٽون لڳائي ڏي.
هڪ ڏينهن مختيار عليءَ فيس بڪ تي پنهنجي دوستن جون مختلف پوسٽون پئي پڙهيون. راڻو سندس ڀَرِ ۾ ويٺو هو. هُو پڻ وڏي دلچسپيءَ سان فيس بڪ ڏسي رهيو هو. ان دوران مختيار عليءَ پنهنجي هڪ دوست جي اُٺ واري رکيل پوسٽ ڏٺي، جنهن ۾ اُٺ کَٽ تي چڙهي نچي رهيو هو ته، راڻي رڙ ڪري چيس:”بابا، اُٿ (اُٺ).“
”ها بابا، اُٿ،“ پڻهس چيو.
راڻو اُٺ جو ناچ ڏسندي اصل کِل ۾ ٻُٽجي پئي ويو. پڻهس کيس ايترو خوش ٿي کِلندي ڏسي، سَرهو پئي ٿيو.
ان کانپوءِ ته بار بار پيءُ کي چوڻ لڳو: ”بابا اُٿُ ڏيٿار (اُٺ ڏيکار).“
پڻهس انٽرنيٽ جي مختلف ويب سائٽس تي پيل مختلف اٺن جي ناچ جون کيس وڊيوز ڏيکاريون.
راڻي جڏهن گهوڙو ڏٺو ته پيءُ کي ساڳئي پرجوش انداز ۾ چيائين: ”بابا، ڌوڙو (گهوڙو)...“
”ها بابا، ڌوڙو...“
ان ئي گهڙيءَ عظيم پلاسٽڪ جو پستول کڻي آيو ته، راڻو کانئس اُهو ڦُرڻ لڳو، جنهن تي هُو پيءُ کي چوڻ لڳو: ”بابا، عديم مون کي پِتول نه ڏي ٿو...“
عظيم وري اهو پستول پينٽ ۾ آڏو هڻي، پٺيان ڪنڌ کان اندر قميص ۾ بندوق يا تير ڪمان وانگر هڪ ڪاٺي وجهي هلڻ لڳو، ته پڻهس سندس اِن اسٽائيل تي مرڪڻ لڳو. عظيم اهو سڀڪجهه ڪارٽونن ۾ ڏسي سکيو آهي.
ان طرح هي ٻارَ موڪل واري ڏينهن گهرَ ۾ پنهنجي والد جي موجود هئڻ جو خوب فائدو وٺي مستيون ڪندا آهن. هي پنهنجا سمورا رانديڪا کڻي پَٽ تي ڦهلائي ڇڏيندا. ويٺا نيون نيون شيون ٺاهيندا. سڄو گهرُ کڻي مٿي تي کڻندا.
هو اهو سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ اُن ڏينهن بلڪل آزاد هوندا آهن، ڇاڪاڻ جو هنن کي خبر آهي ته سندن والد جي موجودگيءَ ۾ سندن ماءُ کين ڪنهن به حرڪت تي دڙڪا يا مارَ نه ڏيندي.
سندن ماءُ رضوانه گهر جي صفائيءَ جو وڏو خيال رکندي آهي. هوءَ چاهيندي آهي ته جيڪي شيون گهر ۾، جتي، جنهن ترتيب سان رکيل آهن، اُهي اُتي ئي پيون هجن، ۽ ٻارَ روبوٽن وانگر گهرَ ۾ خاموش ويهي ڪارٽون ڏسن يا رڳو ويهي اسڪول جو ڏنل هوم ورڪ ڪن، پر سندن پيءُ مٿن اهڙي ڪابه پابندي ناهي وجهندو. تنهن هوندي به جڏهن هِنن ٻارن جون حرڪتون حد کان وڌي وينديون آهن ته پوءِ هُو کين سمجهائيندي بس ايترو چوندو آهي: ”بابا، ائين نه ڪيو.“
هڪ ڏينهن عظيم لوشن، پائوڊر، پاڻي ۽ ٻيون شيون کڻي هڪ برتن ۾وجهي مِلائي رهيو هو ته ماڻَهس اچي مٿان بيٺي. بس اُن کي ڏسي، هي ڊوڙي اچي، اندر ڪمري ۾ ويٺل پنهنجي بابا جي پٺيان لِڪو. ماڻهس کيس ڌڙڪا ڏنا، پر کيس ڪا چپاٽ وغيره نه هنيائين، جيڪا هُوءَ کين ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي هڻي ڪڍندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ماءُ جي سختيءَ جي ڪري هو نٺر ٿي ويا آهن. مٿن ماءُ جو ڪو دڙڪو دهمان يا ڪا چپاٽ اثر ناهي ڪندي.
هڪ ڏينهن گهر ۾ سڀئي گهرڀاتي، مختيار علي، رضوانه، عظيم ۽ راڻو ويٺا هئا، ته مختيار عليءَ ان کي سٺو موقعو سمجهندي، پنهنجي زال رضوانه کي چيو:”توهان جيترو هِنن ٻارن کي ڌڙڪا ڏيندئو، جيترو هِنن کي ڌڪ هڻندئو، اوترو هي ٻار نٺر ٿيندا ويندا- ۽ پوءِ اسان جي عزت ڪرڻ توڙي اسان جو چَوڻ ڪرڻ ڇڏي ڏيندا- اسان جي ڪابه ڳالهه مٿن اثر نه ڪندي، تنهن ڪري هنن کي پيار سان سمجهائيندا ڪريو، ڇاڪاڻ جو هي اڃا ٻار آهن. هِنن کي غلط يا صحيح جي اڃا ايتري خبر ناهي. هي گهڻيون ڳالهيون غلط به ڪندا، نقصان به ڪندا، پر اهو سڀڪجهه برداشت ڪندي، کين پيار سان سمجهائڻو آهي.“
مختيار عليءَ جي اها ڳالهه نه رڳو رضوانه سمجهي ورتي، پر ٻارَ به سمجهي ويا، جن چيو ته: ”بابا، اسان اڳتي اوهان کي پريشان نه ڪنداسين، ۽ گهرَ ۾ گندُ به نه ڪنداسين.“ اِن تي پِڻَهَنِ کي ڏاڍي خوشي ٿي.

زُون....زُون

فهد وڏو حرڪتي آهي. هڻي پنهنجي پيءُ جي پراڻي موٽر سائيڪل جا لاهه ڪڍي ڇڏيا اٿائين. پڻهس گهر ۾ پهچي، پنهنجي موٽر سائيڪل اڃا بيهاريندو ئي مس ته هيءُ ان تي چڙهي ويهي رهندو ۽ پوءِ زون....زون.... جا ائين آواز ڪڍندو، ڄڻ باقائدي موٽر سائيڪل هلائيندو هجي.
هونئن ته موٽر سائيڪل تي هِن جي نظر ئي ناهي ٻُڏندي، ۽ چوندو ته: ”مان تارِ (ڪار) وٺندم.... پوءِ اُن ۾ چڙهي ڌُمندم....“
۽ وري پيءُ کي چوندو: ”بابا، مان توٿي به تارِ ۾ ٿڻي ڌُمائيندم.“
پڻهس به خوش ٿيندي چوندو: ”ها بابا، اهڙو ڏينهن به ايندو، جو تون پنهنجي بابا کي ڪار ۾ کڻي گهمائيندين.“
پر هيءُ موٽر سائيڪل تي چڙهندو ته پوءِ اُن تان لهندو ئي نه. ڇا به ڪيوسِ، اُن جي سيٽ تي سِڌو ٿي سمهي، اُن جي هينڊل کي چنبڙي پوندو- ۽ چوندو: ”مان بزار ٿو وڃان.... تيرُ (ڪيرُ) هلندو؟“
۽ پڻهس مٿس ڪاوڙ ڪرڻ بدران کِلي چوندس: ”بابا، مون کي به کڻي هلجانءِ.“
ان تي خوش ٿي پيءُ کي چوندو: ”پو ويههُ.“
هيءُ موٽر سائيڪل تي ويهي، پنهنجا پتڪڙا پير ان جي ڪِڪِ تائين زوريءَ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي، تَڏَ ڏيئي، موٽر سائيڪل کي اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جنهن تي پڻهس ۽ ماڻهس کي ڊپُ لڳندو آهي ته ڪٿي موٽر سائيڪل ڪِري نه پوي، ۽ ڪو ڌڪ نه لڳي پويسِ... پر چئن سالن جي عمر جي هِن حرڪتي ٻارَ کي ڌَڪن جي ڪا پرواهه ئي ناهي هوندي... روز پيو ڌَڪ کائيندو آهي.
پڻهس ۽ ماڻهس جيڪڏهن موٽر سائيڪل تان کيس زوريءَ هيٺ لاهيندا ته هيٺ لهي وري اُن جي ڪنهن نه ڪنهن حصي سان ويٺو کشٽ ڪندو. پر جيڪڏهن پاڙي ۾ رهندڙ سندس سئوٽيون ۽ ماساتيون اچي ويون، ته پوءِ اُنهن کي ڏيکارڻ لاءِ وري موٽر سائيڪل تي چڙهي، اُن جو هارن پيو وڄائيندو ۽ وات سان زون...زون پيو ڪندو.
هڪ ڏينهن پاڻ کان ٻه سال وڏي ڀاءُ رحمان جي سائيڪل کڻي هلائڻ لڳو، جنهن تي پڻهس ۽ ماڻهس ڏاڍو روڪيس ته: ”بابا، اها نه هلاءِ... توکان وڏي آهي، ڪِري پوندين... ڌڪُ لڳي پوندئي.“
پر هيءُ ڪٿي ٿو مُڙي. اُن تي ويهي اُن کي ٿورڙو اڳتي چوريائين ته ڪِري پيو - ۽ سائيڪل اچي مٿان پيس. پوءِ ته روئڻ لڳو، جنهن تي پڻهس ۽ ماڻهس چيس:”ڏس، اسان توکي جهليو هو نه، ته سائيڪل تي نه ويهه. هاڻي ڀلي پيو روءُ...“ پر اُن ئي گهڙيءَ وري اڳ جھڙو، ڄڻ ڪو ڌڪ لڳو ئي نه هئس. وري سائيڪل سِڌي ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
فهد جون اهڙيون حرڪتون ڏسي ۽ سندس ٻاتي ٻوليءَ ۾ ڳالهيون ٻڌي سندس پيءُ ماءُ خوش به ٿيندا آهن ته کيس دعائون به ڏيندا آهن.

سارنگ ۽ سانول

سارنگ ۽ سانول ٻه ڀائر آهن. هي ٻئي وڏا ٽِڻڪ آهن. ٻنهي جي عمر جيتوڻيڪ ڪا وڏي ناهي. سارنگ ستن سالن جو ۽ سانول پنجن سالن جو آهي، پر هي پنهنجي مائٽن توڙي اوڙي پاڙي جي ٻارن کي اصل رتُ ڪري ڏيندا آهن. سندن گهر ۾ جيڪو به ٻار آيو، اُن سان اهڙيون ته مشڪريون ڪرڻ شروع ڪندا، جو ان ويچاري کي هنن جو گهر ڇڏي، پنهنجي گهر ڀڄڻو پوندو.
هِنن ٻنهي جو مزاج هڪٻئي کان بنهه مختلف آهي. سارنگ کي ڪارٽون پسند آهن ۽ سانول کي راڳ. اِنهن ڳالهين تي هي ڀائر پاڻ ۾ به ڪونه ٺهن. سانول جيتوڻيڪ ننڍو آهي، پر سارنگ لاءِ پُڙي آهي. جيڪڏهن سارنگ ٽيليويزن تي ويهي ڪارٽون ڏسندو ۽ سانول جو موڊ ٿي ويو ته هيءُ ڪو گانو ٻڌي ته، جهڙپ ڏيئي سارنگ کان رموٽ ڪنٽرول ڦري گانا لڳائي ڇڏيندو، ۽ سارنگ روئڻ ۽ پيءُ ماءُ کي دانهون ڏيڻ ۾ پورو هوندو.
جيڪڏهن وري سارنگ پنهنجي بابا جي موبائيل فون کڻي اُن تي ڪارٽون ڏسڻ لڳندو ته سانول جي دل چاهيو ته، کانئس اها فون به ڦري ويندو- ۽ سارنگ جو ساڳيو روئڻ هوندو. اهڙيءَ طرح سارنگ جيڪڏهن پاپڙ يا ڪا ٻي شئي ويٺو کائيندو ۽ سانول ڏسي ورتس ته هو اُها به جهڙپ ڏيئي کانئس ڦري ويندو.
سانول اهي حرڪتون ڪرڻ ۾ ايڏو ته تيز آهي جو سارنگ کي خبر ئي ناهي پوندي ته سانول ڪيئن تيز، هوا مينهن ٿي آيو ۽ کانئس شئي ڦري ويو.
سارنگ وڏو هئڻ ڪري سمجهدار آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ سانول کي هُن جي اهڙين حرڪتن تي ڌڪ ناهي هڻندو. کيس مٿس ڪاوڙ ڏاڍي ايندي آهي، پر اها پي ويندو آهي.
هڪ ڀيري سارنگ، سانول کي پين ۽ ڪاپي نه ٿي ڏني، جنهن تي سانول ڇا ڪيو، جو ڀرسان ٽيبل تي پيل اسٽيل جو گلاس کڻي سارنگ کي مُنهن ۾ هنيائين، جيڪو وڃي سارنگ جي ڀِرونءَ جي مٿان نرڙ تي لڳو. هِن کان رت وهڻ شروع ٿي ويو.
سندن ماءُ، سارنگ جون رڙيون ٻڌيون ته ڊوڙندي اچي ڏسي ته سارنگ جي نرڙ مان رت وهي رهيو آهي. ان بعد هيڏانهن جو نهاري ته سانول کٽ جي ڀرسان روئي رهيو آهي. ماڻهس کي مٿس ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي ۽ کيس مار ڪڍڻ به چاهيائين، پر وري پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو آڻيندي، کيس رڳو ايترو چيائين: ”سانول پٽ، آئنده هِن قسم جي حرڪت نه ڪجانءِ .... ڏسِ ڀاڻين جي نرڙ مان رت وهي رهيو آهي. الله سائينءَ رحم ڪيو. جي اک ۾ ڌڪ لڳي پويسِ ها ته پوءِ توکي خبر آهي هن کي ڪيڏي تڪليف ٿئي هان؟ اڄ ڇڏيانءِ ٿي اڳتي معاف نه ڪندي سانءِ.... هاڻي پنهنجي ادا کي ساري (Sorry) چئه.“
سانول پنهنجي ٻنهي ڪَنن ۾ هٿ وجهي، سارنگ کي چيو: ”ادا، ساري....“ جنهن تي سارنگ مسڪرائي ڏنو.

فن ڊي

ڪامران ۽ عَبيره جي ڪلاس ٽيچرس ٻه ڏينهن اڳ ۾، اربع ڏينهن سندن ڊائرين ۾، هِنن جي والدين کي الڳ الڳ لکيو ته: ”جمعي جي ڏينهن اسڪول ۾ ’فن ڊي‘ ملهايو پيو وڃي، جنهن ڪري اوهان جي ٻارن کي هِنن ڏنل ڪردارن مان ڪوبه هڪ ڪردار ادا ڪرڻو آهي: ڊاڪٽر، سپرمين، سپر هيرو، بورچياڻي، سپاهي، نرس، ٽيچر، انجنيئر ۽ ڊرائيور.“
ڪامران، مونٽيسري سينئر ۽ عَبيره پلي گروپ ۾ پڙهندي آهي. هِنن جو پيءُ صحبت جيئن ئي صبح جو آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي نيرن ڪرڻ لڳو، ته سندس زال نوشابه کيس پنهنجي ٻارن جي اسڪول جي ڊائري آڻي ڏني، ته جيئن هُو سندن اسڪول ۾ ملهائجندڙ ’فن ڊي‘ کان باخبر ٿئي ۽ هِنن لاءِ ڪو ڪردار چونڊي.
صحبت ڪردارن جا نالا پڙهندي ئي نوشابه کي چيو ته: ”ڪردار جي چونڊ وارو معاملو ڪامران ۽ عبيره تي ٿا ڇڏيون، ته هُو پاڻ ڪهڙو ڪردار پسند ٿا ڪن.“ ان کانپوءِ صحبت ڪامران کي ڪردارن جا نالا ٻڌائي کانئس پڇيو ته:”ڪامران، ڏي خبر، بابا تون انهن مان ڪهڙو ڪردار ادا ڪندين؟“ ڪامران يڪدم وراڻيو: ”مان ڊاڪٽر ٿيندس.“
”زبردست،“ پڻهس چيو. ڪامران پنهنجي لاءِ اهو صحيح ڪردار چونڊيو، ڇاڪاڻ جو هو گهر ۾ اڪثر ڊاڪٽر بڻجي، ڪا ڪاٺي کڻي، اُها ٻارن جي ٻانهن ۾، سُئي جيان هڻندو رهندو آهي.
پوءِ صحبت ساڳيو سوال وري عبيره کان ڪيو ته، هُوءَ جيئن ته ننڍڙي آهي، تنهن ڪري هُن کي ڪو ڪردار سمجهه ۾ نٿي آيو. سو ڪجهه سوچڻ لڳي ته، پڻهس چيس: ”بابا ڇا تون پوليس واري ٿيندينءَ؟“ ته ٺهه پهه انڪار ڪيائين. ان تي پڻهس چيس: ”ڀلا تون بورچياڻي ٿيءُ.“ ان تي تڪڙ ۾ ها ڪيائين، ڇوته گهر ۾ پنهنجي مائٽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان راند ڪندي هيءَ اڪثر ڪا نه ڪا شئي پچائيندي رهندي آهي. ماءُ کي به رڌپچاءُ ڪندي ڏسندي رهندي آهي.
پڻهس اهو ڪردار چونڊڻ تي خوش ٿيندي کيس چيو: ”چڱو عبيره، هاڻي ماڻهين اوهان کي اسڪول جي موڪل کانپوءِ صدر وٺي ويندي، جتان اوهان ڊاڪٽر ۽ بورچياڻيءَ وارا ائپرن ۽ ٻيو سامان وٺي ايندا.“
”ها بابا،“ هِنن ٻارڙن خوش ٿيندي وراڻيو.
منجهند جو هي پنهنجي ماءُ سان گڏجي وڃي بازار مان ائپرن ۽ ٻيو سامان وٺي آيا.
ٻئي ڏينهن، صبح جو ساڍي ستين وڳي ڌاران نوشابه کين اُٿاري تيار ڪرڻ شروع ڪيو. هن ڪامران کي، سندس سادن ڪپڙن جي مٿان ڊاڪٽر وارو سفيد ائپرن پارايو ۽ هڪ ننڍڙي بيگ ڏني. عبيره کي به بورچياڻيءَ وارو سفيد ائپرن پارايو. تنهن بعد صحبت کين اسڪول ۾ ڇڏي پنهنجي آفيس ويو.
اسڪول ۾ هِنن زبردست ڪردار ڪيا، جنهن تي سندن ٽيچرس کين پهريون پهريون انعام ڏنو. هِنن جي پرنسپال به سندن خوبصورت پرفارمنس ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. هُن به کين پينن جو هڪ سيٽ انعام طور ڏنو. سندن ڪلاس ٽيچرس هِنن جون تصويرون ڪڍي نوشابه کي واٽس ايپ تي موڪليون ۽ نوشابه اهي فوري طور صحبت ڏانهن موڪليون. هُو پنهنجي ٻارڙن جون تصويرون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
شام جو صحبت جيئن ئي آفيس مان واپس گهر آيو ته پنهنجن ٻنهي ٻارن سان ڀاڪر پائي ملي، انهن کي چوڻ لڳو: ”بابا، ائين اوهان هميشه ڪاميابيون ماڻيندا رهو، ۽ جيڪو به ڪم مليوَ، اهو دلچسپيءَ ۽ شوق سان ڪندا ڪريو. پڙهائيءَ سان گڏ ههڙين سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ سان اوهان ۾ اعتماد پيدا ٿيندو، ۽ ٻين ماڻهن اڳيان ڳالهائيندي اوهان ڪڏهن به نه گهٻرائيندا. ائين اوهان سڀاڻي ڪامياب انسان بڻجي سگهندا.“
ڪامران، عبيره ۽ نوشابه خوش ٿيڻ لڳا ته صحبت کين چيو:”هلو ته بازار ٿا هلئون. ان خوشيءَ ۾ مان اڄ اوهان کي آئس ڪريم ٿو کارايان.“
هي خوش ٿي بازار ڏانهن روانا ٿيا.

گرم پاڻي

پنجن سالن جي انيتا جي سالگرهه جو ڏينهن هو. والدين سندس سالگرهه ملهائڻ جو بندوبست ڪيو هو. هُو سوکڙيون ۽ گهر کي سينگارڻ سان گڏ کاڌي پيتي جو سامان به وٺي آيا هئا. گهر ۾ خوشيءَ جو ماحول هجي.
صبح جو وقت هو. ٻارڙيءَ جي والد اظهر وهنجي تيار ٿيڻ چاهيو. سياري جا ڏينهن هجن، جنهن ڪري انيتا جي امڙ رخسانه پنهنجي مڙس اظهر جي وهنجڻ لاءِ بورچيخاني ۾، هڪ ديڳڙيءَ ۾، چلهي تي پاڻي گرم ڪيو.
ٿوري دير کانپوءِ رخسانه اهو گرم پاڻي صحن جي ڀرسان ٺهيل باٿ روم ڏانهن کڻي وڃڻ لڳي. اڃا ٿورو اڳتي هلي ته کيس ڪو ضروري ڪم ياد اچي ويو.
رخسانه پاڻيءَ جي ديڳڙي صحن ۾ ئي رکي اندر ڪمري ۾ هلي ويئي. ٻاهر انيتا پنهنجي سالگرهه جي خوشيءَ ۾ راند ڪري ۽ گول ڦيريون پائي رهي هئي. ان دوران کيڏندي کيڏندي هيءَ جيئن ئي پُٺئين پيرِ ٿيڻ لڳي ته اوچتو وڃي گرم پاڻيءَ جي ديڳڙيءَ مٿان ڪِري. سندس جسم تي گرم پاڻي پوڻ سان اهو تمام گهڻو سڙي پيو. گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. والدين کيس فوري طور سول اسپتال کڻي ويا.
اسپتال ۾ برن وارڊ ۾ بيڊ خالي نه هئڻ سبب ڊاڪٽرن کيس داخل نه ڪيو. هي کيس پٽيل اسپتال کڻي ويا. اُتي به ڪو بيڊ خالي نه هو.
ان کانپوءِ هو هڪ ٻي اسپتال به ويا، پر کين اُتان به مايوسي ملي. نيٺ هِل پارڪ اسپتال جي ڀرسان قائم هڪ ٻي اسپتال ۾ هڪ رحمدل ڊاڪٽر هِن ننڍڙي ٻارڙيءَ کي داخل ته ڪيو، پر اُن وقت گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ٻارڙي جيئري رهي نه سگهي.
ماءُ پاڻ کي پِٽڻ لڳي ته هن ڇو گرم پاڻيءَ جي ديڳڙي گهر جي صحن ۾ رکي هئي!!

بابا، اسان اڳتي نه وڙهنداسين

هُو ٻئي ننڍڙا ڀائر صبح جو ننڊ مان اُٿندي ئي پاڻ ۾ وڙهي پيا. ائين وڙهڻ سندن معمول هو. مسئلو ٻيو ڪجهه به نه هو. هُو رڳو ٽي ويءَ جي رموٽ ڪنٽرول تان پئي وڙهيا. هِنن ٻنهي مان وڏي ٻار بدر چاهيو پئي ته، هُو رموٽ ڪنٽرول کڻي ٽي ويءَ تي پنهنجي پسند جا ڪارٽون هلائي، جڏهن ته سندس ننڍي ڀاءُ صدر جو ضد هو ته هو پنهنجي پسند جو ڪو ڊرامو هلائي.
هِنن جي ان کَس کسان ۽ ڪنهن وقت هڪ ٻئي کي هلڪا ڌڪ هڻڻ سبب دانهون ڪرڻ تي، سندن امڙ ذليخان بورچيخاني مان ٻاهر نڪري آئي. هُوءَ هِنن لاءِ ناشتو ۽ اسڪول لاءِ لنچ تيار ڪري رهي هئي. ذليخان کين پري کان ئي رڙ ڪري چيو: ”ڇو ٿا وڙهو صبح صبح سان؟...“ ٻنهي الڳ الڳ طور چيو: ”هي مون کي رموٽ نٿو ڏي.“
ذليخان اچي ان وقت ننڍي پٽ صدر کان رموٽ ڪنٽرول کسيو، جيڪو بدر کي نه ڏيندي، ڪاوڙ ۾ اچي اهو چئي اڇلائي ڀڃڻ وارو هو ته: ”مان ڀڃي ڇڏيندس.“
”صدر، تون هر وقت ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي وڏي ڀاءُ کان شيون ڦُري اهي ٽوڙي ڇڏين ٿو.....اهو صحيح نٿو ڪرين. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ به تو ائين رموٽ ڪنٽرول ڀَڳو هو.... اڳتي ائين ڪيئي ته مان ڪُٽيندي سانءِ.“ ماءُ جو دڙڪو ٻڌي ۽ رموٽ ڪنٽرول کسجي وڃڻ تي صدر اندر بيڊ روم ڏانهن اهو چوندي وٺي ڀڳو ته: ”مان استول نه ويندم. مون ٿي نِندَ ٿي اچي.“
بيڊ روم ۾ پڻهس راحت پنهنجي آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هو. هُن ڏٺو ته صدر سڌو اچي بستري ۾ مُنهن هنيو آهي ته چيائينس: ”بابا، تيار ٿيءُ، اسڪول هل... روز اوهان کي دير ٿي وڃي ٿي. اسيمبليءَ ۾ به نٿا پهچو. اوهان جي پرنسپال جون مون کي روز ڳالهيون ٻڌڻيون ٿيون پون.... هوءَ چوندي آهي ته، دير ڪري ڇو ٿا اچو....؟“
صدر فوري طور سندس ڳالهه کي رد ڪندي چيو:”هوءَ ته چوندي آهي اچو اچو...“ صدر جي ائين چوڻ تي راحت کان ٽهڪ نڪري ويو، ڇاڪاڻ جو سندن پرنسپال واقعي هِنن جي اسڪول، دير سان به پهچڻ تي کين چوندي آهي:”آئو آئو....“
مونٽسري ون ۾ پڙهندڙ صدر وري سمهي پيو، جنهن تي پڻهس چيس: ”بابا...اُٿو اسڪول هلو... اوهان جو امتحان هلي رهيو آهي. اهو ته هر حال ۾ ڏيڻو آهي. گُسائڻو ناهي.“
صدر پنهنجي مُنهن تان رلهي هٽائيندي چيو: ”مون ٿي نِندَ ٿي اچي... مان استول نه وندم....“ پٽ جي اهڙي ڳالهه ٻڌي راحت سندس ڀرسان وڃي چيو: ”بابا، اٿ...... تيار ٿي... ڏسُ بدر توکان اڳ ۾ تيار ٿي وِنر (Winner) ٿي ويو آهي.“ بدر مونٽسري ٽو ۾ آهي. هن امتحان کانپوءِ هو اپريل مهيني ۾ پهرين درجي ۾ ويندو.
”مان ٿمهان ٿو، نِندَ ٿي اچي... “ صدر جي ان ڳالهه تي پڻهس چيو: ”رات مون توکي نائين وڳي پئي چيو ته: ’بابا سمهه، سمهه... سويل ننڊ ڪر، ته جيئن صبح جو ننڊ مان اُٿي آرام سان اسڪول هلي سگهين،‘ پر تون رڳو کيڏڻ ۽ بدر سان مستيون ڪرڻ ۾ پورو هُئين. رات جو ساڍي يارهين وڳي سُتو آهين... ظاهر آهي ته هاڻي صبح جو ستين وڳي اُٿڻ تولاءِ مسئلو آهي، پر بابا اسڪول ته هلڻو آهي.... امتحان ۾ توکي ويهڻو آهي....“
ائين چئي راحت سندس مٿان پيل رلهي هٽائي کيس ڀاڪر ۾ کڻي ٻاهر آيو. هُو ڪافي ڦٿڪيو، پر پڻهس نه ڇڏيس. ٻاهر وٺي اچي ذليخان کي چيائين ته: ”هِن جو هٿ مُنهن ڌوءُ، مان بدر کي ماني کارايان ٿو.“
پر صدر جو ساڳيو ضد، جنهن تي ماڻهس کيس چپاٽ هڻڻ واري هئي ته راحت روڪي ورتس. هُو صدر کي هنج تي، اهو چوندي واش روم ڏانهن کڻي ويو ته: ”مان توکي کوڙ ساري شئي وٺي ٿو ڏيان.... تون بس هاڻي ضد نه ڪر...“
”لدر (لغڙ) به وٺي ڏجان...“ صدر پنهنجي ضد تان ٿورو هيٺ لهندي چيو.
”کوڙ لغڙ بابا لاءِ ...“ پڻهس دلجاءِ ڏني.
”ٻه ٻه وٺي ڏجان...“ هِن ٻارڙي جي فرمائش وڌڻ لڳي.
”ها ٻه ٻه وٺي ڏيندس،“ ائين چئي پڻهس سندس هٿ مُنهن ڌوتو. ماڻهس کيس يونيفارم پارايو ۽ ناشتو ڪرايو. ان بعد راحت کين اسڪول وٺي ويو، پر رستي ۾ هِن پنهنجي ٻنهي پٽن کي چيو ته: ”بابا، اوهان ڪيڏا نه ڀلا آهيو... پاڻ ۾ نه وڙهندا ڪريو.....سٺا ٻار پاڻ ۾ ناهن وڙهندا... اوهان پاڻ ۾ نه وڙهندئو ته مان توهان کي سٺيون سٺيون شيون وٺي ڏيندس... پر جيڪڏهن منهنجي ڳالهه نه مڃيندئو، ته اهڙي مارَ ڪڍندوسانوَ جو ياد رکندئو...“
ان تي ٻنهي هڪ آواز ٿي چيو:”بابا، اسان اڳتي نه وڙهنداسين...“ اهڙي وعدي ڪرڻ تي ڪمال کين چيو: ”واهه، اوهان ته ڏاڍا ڀلا ٻار آيو. چڱو هلو ته دڪان تان هلي مان اوهان کي شئي وٺي ڏيان.“
راحت کين اسڪول جي ڀرسان واري دڪان تان سندن پسند جي شئي وٺي ڏيئي اسڪول جي گيٽ وٽ ڇڏيو - ۽ هو اسڪول جا ڳؤرا ٿيلها ڪلهن ۾ لڙڪائي خوشيءَ خوشيءَ پنهنجي پنهنجي ڪلاس روم ڏانهن وڃڻ لڳا ته اُتي بيٺل سندن پرنسپال کين چيو: ”آئو...آئو...“ اهي لفظ ٻڌي صدر ڪنڌ ورائي، مرڪي پيءُ کي ائين ڏٺو، ڄڻ کيس ياد ڏياريندو هجي ته: ’گهرَ ۾ مون جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، سا صحيح هئي نه..“ ان تي پڻهس به، گهر ۾ ڪيل سندس ڳالهه کي ياد ڪري مسڪرائي ڏنو.

وئڪيشن

ٻارن کي جمعي کان اونهاري جون موڪلون مِلي چڪيون هيون، تنهن ڪري هو تمام گهڻا خوش هئا، ڇوته هِنن کي جيتري خوشي موڪلن جو ٻڌي ٿيندي آهي، ايتري خوشي نه ڪارٽون ڏسڻ تي ٿيندي آهي، ۽ نه ڪا تفريح گاهه يا ميلو گهمڻ سان ٿيندي آهي.
موڪل ملڻ کانپوءِ ارمان ته ايترو خوش هو، جو جمعي جي ڏينهن، جيئن ئي اسڪول مان گهر آيو ته ٽپا ٿي ڏنائين ۽ هو جمالو ٿي ڳايائين.
سندس اهڙي حالت ڏسي ماڻهس نعمتِ چيو:”ارمان ٻچا، هاڻي بس به ڪر... ڇنڇر ۽ آچر جو ڏينهن گذاري توکي تنهنجي اسڪول واري مِس روبينه وٽ ٽيوشن جي لاءِ ڇڏي اينديس. هُوءَ توکي روزانو ٻه ڪلاڪ پنهنجي گهر تي پڙهائيندي.“
ٽيوشن جي ڳالهه ٻڌندي ئي ارمان جي خوشي ختم ٿي وئي ۽ اچي روئڻ ۾ شروع ٿيو. اُن وقت پڻهس نواز علي به گهر اچي ويو، جنهن کي ڏسندي ئي ارمان ڊوڙي وڃي کيس چنبڙيو ۽ چوڻ لڳو: ”بابا، مان ٽيوشن نه پڙهندس..... مان ٽيوشن نه پڙهندس....“
پڻهس هِن جي اهڙي حالت ڏسي کيس دلجاءِ ڏيندي چيو:”ٺيڪ آ پٽ، تون ٽيوشن نه پڙهجانءِ.... اسان سي ويوِ تي ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي گهمڻ هلنداسين..... ٻيون به سٺيون سٺيون جايون گهمنداسين. ڳوٺِ به هلنداسين..... بس تون پريشان نه ٿيءُ.“
پيءُ جي ڏنل ان آٿت کانپوءِ وڃي مس ارمان روئڻ کان بس ڪئي - ۽ پوءِ پنهنجي سڄي هٿ جي تريءَ سان ڳوڙها اُگهي راند ڪرڻ لڳو.
ان بعد نواز عليءَ پنهنجيءَ زال نعمتِ کي چيو: ”ڏسو، ٻارن سان فوري طور اهڙيون ڳالهيون ڪري، هُنن جي خوشي ختم ناهي ڪبي. هُو اڃا هاڻي ئي ته اسڪول مان آيو آهي ۽ وئڪيشن جي خوشيءَ ۾ آهي ته اوهان ٽيوشن جي ڳالهه ڪري کيس پريشان ڪري ڇڏيو. في الحال هِن سان اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪريو. پندرهن ويهه ڏينهن کيس گهمڻ ڦرڻ ڏيو، پوءِ کيس ٽيوشن تي ڇڏي اينداسين.“
ارمان اک ٽيٽ ڪري پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڏسي ۽ سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. هيءُ جيتوڻيڪ ڇهن سالن جو آهي، پر سمجهدار وڏو آهي. سو اُٿي، پيءُ کي مُڪ اولاريندي چيائين: ”هان....تو مون کي چيو ته ٽيوشن تي نه وڃجانءِ، وري امان کي چوين ٿو ته موڪلينداسونسِ.... هان....؟“
اِن تي پڻهس کِلي کڻي کيس ڀاڪر ۾ ڪيو.

بستري تي بيهي ڪيل تقرير

هيءُ ٻارُ عُمير به اهڙيون ته عجيب عجيب حرڪتون ڪندو آهي، جو اُهي ڏسي ماڻهو حيرت ۾ اچي ويندو آهي. ڪلهه صبح جو جڏهن سندس امڙ، گهر جي صفائي ڪرڻ وقت فرش تي وڇايل بسترا کڻي صوفا سيٽ تي رکيا ته عُمير انهن تي چڙهي بيهي تقرير ڪرڻ لڳو. سندس سامعين ۾ رڳو سندس ننڍو ڀاءُ شاهزيب ئي هو، جيڪو وري ساڳين بسترن جي پاسي کان ليٽي مزي سان فيڊر مان کير به پي رهيو هو ته، پنهنجي هِن ڀاءُ جي تقرير به ٻڌي رهيو هو.
عُمير تقرير ڪندي چوڻ لڳو: ”منهنجا پيارا ڀائرو! اڄ مان بسترن تي بيهي تقرير ڪري رهيو آهيان. منهنجي تقرير رڳو منهنجو ننڍو ڀاءُ شاهزيب ئي ٻڌي رهيو آهي، پر ڇا ٿي پيو جَي اسان ٻه ڄڻا آهيون. ٻه ته ٻارهن هوندا آهن. سڀاڻي جڏهن مان وڏو ٿيندس ته مان هڪ وڏو اڳواڻ ٿيندس ۽ پوءِ سوين هزارين ماڻهن جي جلسي ۾ تقرير ڪندس.
اڄ منهنجو هيءُ ڀاءُ مون تي ٽوڪون ٿو ڪري، پر هِن کي سمجهڻ کپي ته مان اڄ جيڪو پنهنجي گهر جي هِن ننڍڙي اسٽيج تي اچي بيهي، تقرير ڪري رهيو آهيان، سڀاڻي مان هڪ وڏي اسٽيج تي به بيهي تقرير ڪري سگهان ٿو.
منهنجا پيارا ٻارؤ!
ڪلهه اسڪول ۾ منهنجي مِس مون کي چيو ته:”عُمير، تون ڪلاس ۾ دير سان ٿو اچين. اڳتي دير سان نه ايندو ڪر.“ جنهن تي مون کيس ساري (Sorry) چيو ۽ چيو ته، مِس اڳتي وقت تي ايندس، پر مون هُن سان پنهنجي بابا ۽ امان جي شڪايت نه ڪئي ته: ”هو مون کي دير سان تيار ڪن ٿا ۽ امان مون کي دير سان ناشتو ڏي ٿي.“
پيارا ٻارؤ!
اهڙيءَ طرح جڏهن امان ۽ بابا مون کان پڇيو ته: ”تنهنجي مِس توکي ڪيئن ٿي پڙهائي؟“ ته مون هِنن کي چيو ته: ”مِس مون کي سٺو ٿي پڙهائي.“ پر مون هِنن سان به مِس جي شڪايت نه ڪئي ته: ”مِس اسان کي سٺو نٿي پڙهائي- ۽ رڳو دڙڪا ڏيئي، ڪو سبق پڙهڻ لاءِ چئي، پاڻ ٻاهر دروازي وٽ هڪ ٻي مِس سان بيهي ڪچهري ڪندي آهي، ۽ ان سان نون ڪپڙن، ۽ گهر جي کاڌي پيتي جون ڳالهيون ڪندي آهي.“

منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو!
اوهان سوچيندا هوندا ته مون بابا ۽ امان جي شڪايت ڇو پنهنجي مِس سان نه ڪئي ۽ مون ڇو مِس جي شڪايت پنهنجي بابا ۽ امان سان نه ڪئي.... اهو انڪري جو مان پاڻ پنهنجي بابا ۽ امان کي چوندس ته، هُو مون کي اڳتي جلدي تيار ڪري اسڪول موڪلين ته جيئن مان اسيمبليءَ ۾ پڄُي سگهان ۽ اهڙيءَ طرح مان مِس کي به چوندس ته، مِس مون کي اهڙو سٺو پڙهايو جو مان اڳتي هلي ڊاڪٽر ٿي وڃان....
منهنجي ائين چوڻ سان بابا ۽ امان مون کي وقت تي اسڪول موڪليندا ۽ مِس کي خيال ٿيندو ته، هوءَ اسان کي چڱيءَ طرح پڙهائي. جيڪڏهن بابا يا امان مِس کي چوندا ته ان تي هوءَ مون کي ماريندي ته، تون شڪايت ٿو ڪرين ۽ جيڪڏهن مان بابا ۽ امان جي، دير سان اسڪول موڪلڻ واري ڳالهه مِس سان ڪندس ته، بابا ۽ امان کي ڏک ٿيندو ته مان سندن ڪوتاهيءَ واري ڳالهه مِس سان ٿو ڪريان.
سو منهنجا پيارا ٻارؤ!
مان پاڻ ئي اهي مسئلا حل ڪرائي وٺندس..... ڪيئن شاهزيب؟“
هِن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کان پڇيو، جنهن فيڊر وات مان ڪڍي تاڙي وڄائي ته ماڻهس، جيڪا پڻ دروازي جي ٻاهران بيهي هِن جي تقرير ٻڌي رهي هئي، سا به آهستي دروازو کولي، کِلندي، تاڙيون وڄائيندي، کيس داد ڏيندي اندر ڪمري ۾ داخل ٿي ته، عُمير کيس ڏسندي ئي کِلي پيو. ماڻهس اچي کيس نرڙ تي چمي ڏني.

لغڙ وارو گھر ۽ فيڊر واري ٽانڪي

نوَن سالن جي عمر جي فرمان کي آرڪيٽيڪٽ ٿيڻ جو شوق آهي، ۽ جڏهن کان پڻهس سليمان چيو اٿس ته: ”فرمان، تون پڙهي پوندين ته توکي تنهنجي سئوٽ ۽ بهترين آرڪيٽيڪٽ آفتاب عابد سان گڏ حيدرآباد ۾ ان ڪم تي ويهاريندس،“ ته ان ڏينهن کانپوءِ هي رڳو ويٺو ٿو گهرن ۽ آفيسن جا نقشا ٺاهي. انهن ۾ ڪڏهن پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڪهڙا ڪمرا ويٺو ڏيندو ته، ڪڏهن پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻ کي ڪهڙا ويٺو ڏيندو. ان عمارت جي ڀرسان وڏو باغ به ٺاهيندو ته، ان ۾ ڪار پارڪنگ به هوندي. ڪڏهن ڪا گهڻ ماڙ عمارت ٺاهي پيءُ کي چوندو: ”بابا، هن جا ڪمرا ڪرائي تي ڏينداسين، هڪ لک رپيا ملندا،“ ته ڪڏهن چوندو: ”بابا، هن ۾ اسان پاڻ رهنداسين.“
هينئر کان ئي پيو لکين رپيا ڪمائڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته: ”مان غريبن جي مدد ڪندس.“
پاڻ کان ننڍي ڀاءُ انتظار کي لاڙڪاڻي ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ کير جو بزنيس ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪندو ته، ڪڏهن ان کي اهو بزنيس آفريڪا ۾ ڪرائيندو. ڪڏهن انتظار ۽ ڀيڻ عبيره کي ڊاڪٽر بڻائي، انهن کي وڏي اسپتال ٺهرائي ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندو، ته پاڻ وري سڄي دنيا ۾ ڪاروبار ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندو.
انتظار جا وري شوق ئي پنهنجا آهن. هن کي وڏو شوق مال ڌارڻ جو آهي، پر پکين ۽ لغڙن سان ته سندس عشق آهي. هيءُ هينئر تائين فيڊر ۾ کير به پيئندو آهي، ۽ جيڪڏهن اهو کيس ناهي ملندو ته، گهر مٿي تي کڻي ڏيندو آهي.
ڪلهه جڏهن فرمان هڪ نئين عمارت جو نقشو ٺاهڻ ويٺو ته انتظار به سندس ڀر ۾ اچي ويٺو ۽ آهستي آهستي ڪري چيائينس: ”ادا، هي لغڙَ وارو گهر ٺاهه ۽ ان جي ٽانڪي فيڊر جي ٺاهجانءِ - ۽ اهو وڏو گهر هجي. ان ۾ مان پنهنجا گهوڙا، ٻڪريون، زراف، هرڻ، بدڪون، ڪبوتر ۽ ٻيا جانور ۽ پکي رکندس.“
فرمان هن جي ڳالهين تي کِلندي، سندس ئي فرمائش وارو گهر ٺاهيو.
جڏهن پڻهس شام جو آفيس مان گهر آيو ته فرمان، ماءُ جي سامهون، گهر جو ٺاهيل نقشو کيس ڏيکاريندي، انتظار جي سموري ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي سندس ابو ۽ امڙ ڏاڍو کِليا، خاص ڪري لغڙ واري گهر ۽ فيڊر واري ٽانڪي ٺاهي ڏيڻ واري ڳالهه تي.

جهنگل جو راجا

امجد اڪثر فارغ وقت ۾ پنهنجي ننڍڙن ٻارن کي ليپ ٽاپ تان ڪي نه ڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزي نظم ٻُڌرائيندو رهندو آهي. هڪ ڏينهن هن جڏهن کين ٻيا نظم ٻڌرائڻ کانپوءِ اردو نظم ”هاٿي راجا ڪهان چلي...“ ٻڌرايو ته سندس اٺن سالن جي پٽ جميل ڏاڍي معصوميت مان کانئس پڇيو: ”بابا، جهنگل جو راجا ڪير آهي؟“
”پٽ شينهن،“ پڻهس وراڻيو.
”بابا، شينهن ڇو آ؟
”پٽ، انڪري جو شينهن ڏاڍو طاقتور آهي. اهو ڪمزور جانورن کي جڏهن به چاهي ته کائي ڇڏي يا جهنگل مان ڀڄائي ڇڏي ۽ اهو تيز ڊوڙي به پنهنجي شڪار کي پڪڙي وٺندو آهي.“
پڻهس ٿورو تفصيل سان کيس سمجهايو، پر جميل کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، سو هن وري پڇيس: ”پر بابا، شينهن کان طاقتور ته هاٿي آهي... اهو ٿلهو آهي، شينهن کان وڏو آهي، پوءِ اهو ڇو جهنگل جو راجا ناهي؟“
”انڪري جو هي هاٿي ٿلهو ضرور آهي، طاقتور به آهي، چاهي ته اهو ڪنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ماري به سگهي ٿو، پر اهو تيز ناهي ڀڄي سگهندو،“ پڻهس چيو.
”پر بابا، شينهن ته ٻين جانورن کي ماري کائي ويندو آهي، پر هاٿي ته ڪنهن کي ناهي کائيندو، انڪري جيڪو جانورن کي کائي وڃي، ڇا اهو جهنگل جو راجا بڻجندو آهي؟“
ننڍڙي جميل جي ان معصوم ڳالهه تي آهستي ’ها‘ چئي، پوءِ خاموش ٿي، سوچ ۾ پئجي ويو.

ڇهه فوٽ پَري

اڄ عباس گهر ۾ پنهنجن ٽنهي ننڍڙن پٽن: عنيق، عريب ۽ عنضر کي ويهي سمجهايو ته: ”بابا، ڪنهن سان به هٿ نه ملائجو ۽ نه وري ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملجو، ڀلي اُها اوهان جي ناني، ماسي يا چاچو مامو هجي... ۽ ماڻهن کان ڇهه فوٽ پري بيهندا ڪريو.... ڇوته ٽي ويءَ تي هروقت ڏسو پيا ته ڪورونا جي نالي سان هڪ ڪِنو وائرس پکڙجي رهيو آهي، جيڪو هٿ ملائڻ، ڀاڪر پائڻ يا ويجهي بيهڻ سان ماڻهن کي لڳي رهيو آهي.“
ائين چئي سندن پيءُ عباس وري ٽي ويءَ تان خبرون ٻڌڻ لڳو ته سندس انهن ٽنهي ٻارڙن مان وچ واري ٻار عريب، آهستي آهستي ڪري سندس ڀرسان پيل موبائيل فون کڻي ورتي - ۽ پري ٿي بيهي اُن تان ڪبوترن واري وڊيو ڏسڻ لڳو. جيئن ته پڻهس اڳ ۾ پنهنجي وڏي پٽ عنيق کي فون کڻڻ نه ڏني هئي، تنهن ڪري عنيق شڪايت واري انداز ۾، رڙ ڪري پيءُ کي چيو: ”بابا، عريب فون کنئي آ....“
عباس جيئن ئي عريب کي ڏسي، کانئس فون وٺڻ لاءِ اُٿڻ لڳو ته، عريب تڪڙ ۾ هٿ جي اشاري سان کيس چيو:”بابا، ڇهه فوٽ پري.......“ اهو ٻڌي پڻهس کان کِل نڪري ويئي ۽ هو سندس حاضر دماغيءَ تي کيس حيرت مان ڏسڻ لڳو.

(26 اپريل 2020ع تي وبا جي ڏينهن ۾ لکيل)

انور ابڙي جو ٻارن جي لاءِ ڪيل علمي ۽ ادبي ڪَمُ

ڇپيل ڪتاب:
1. ڀڳل رانديڪو (ناول ــــ ٻارن ۽ وڏن لاءِ ــــ ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي سال 2008ع )
2. عني ۽ مائو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون- ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپورميرس- سال 2016ع- هِن ڪتاب کي سنڌي لينگئيج اٿارٽي پاران سال جو ٻاراڻي ادب جو بهترين ڪتاب قرار ڏئي ان تي ايوارڊ ڏنو ويو. )
3. چوڌاري چمڪاٽ (ٻارن لاءِ تقريرون ۽ خاڪا- ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپورميرس- سال 2018ع)
4. ننڍڙو چنڊ (ٻارن ۽ وڏن لاءِ ناول- ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد- سال 2018ع)
5. روشني ڪي مينار : حيدر بخش جتوئي (اردوءَ ۾ - ٻارن لاءِ مختصر سوانح حيات- ڇپائيندڙ: اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي- سال 2018ع)
6. ۽ هيءُ ڪتاب: ”وڏي ڀَيڻُ“ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون- ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپورميرس- سال 2020ع)

معاون ليکڪ:
• ٻُڌو، پڙهو ۽ رنگ ڀريو – ٻارن لاءِ ابتدائي سنڌي قاعدو (ڇپائيندڙ: اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي- سال 2009ع)

ترجمو:
• اوڪسفورڊ فوٽو ڊڪشنري- انگريزي ـــ سنڌي (ڇپائيندڙ: اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي- سال 2011ع)

نظرثاني/ايڊيٽنگ:
• حسن علي آفندي (اردوءَ ۾- ڇپائيندڙ اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس- سال 2016ع)