لطيفيات

شاه لطيف جو تصورِ ڪائنات

سيّد جو ڪلام عالمي سچائي آهي. ان ڪلام جو ڪنهن خاص زمان يا مڪان سان تعلق ڪونهي. اهو علم آهي، سچ آهي. ان آسماني خوبيءَ ڪري، سيّد جو پيغام دنيا جي سڀني انسانن کي، زندگيءَ جي هڪڙي مقصد تي متحد ڪري سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 5321
  • 1301
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book شاه لطيف جو تصورِ ڪائنات

حرف حسن

سيّد جو ڪلام عالمي سچائي آهي. ان ڪلام جو ڪنهن خاص زمان يا مڪان سان تعلق ڪونهي. اهو علم آهي، سچ آهي. ان آسماني خوبيءَ ڪري، سيّد جو پيغام دنيا جي سڀني انسانن کي، زندگيءَ جي هڪڙي مقصد تي متحد ڪري سگهي ٿو.
انسان بي شمار منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. هن گھڻن ئي فلسفن ۽ نظرين کي آزمايو آهي، ليڪن هن وقت هن جا ٻئي هٿ خالي آهن. انسان روحاني طور بنجر ۽ جسماني طور مفلوج آهي. ان جو ذهن ۽ پيٽ ٻئي ناآسوده آهن. ماڻهن جي وڏي اڪثريت صداقت تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. سٺي شيءِ مرجھايل ۽ بري شيءِ سرسبز آهي. محبّت متروڪ ۽ نفرت مقبول ٿيندي ٿي وڃي. انسان، هڪ ڀٽڪيل پياسي وانگر، ريگستان ۾ ڊوڙي رهيو آهي، ليڪن هن کي پاڻي ڪٿان به ڪونه ٿو ملي. هو ٿڪل ۽ مايوس آهي.
پراڻي زماني ۾، رات جي وقت،جهاز سمنڊ ۾ هلندو هو ته مسافرن کي ظاهري طور ڪوبه ڪنارو نظر ڪونه ايندو هو، ليڪن انهن جي نظر قطبي ستاري تي هوندي هئي، جيڪو انهن جي رهنمائي ڪندو هو. اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، ان تي نظر ڪريو، اوندهه جي پڪڙ ڏينهون ڏينهن سخت ٿيندي پئي وڃي. گمان غالب آهي ته آتشي نيزا ٽيون ڀيرو به ٽڪرائجن ۽ عالم انسانيت کي ائٽمي باهه جو غسل ڪرايو وڃي. لڪشمي ديويءَ جي پوڄا ڪندي، انسان پنهنجي حقيقت کان غافل ٿي ويو آهي. شيطان انسان تي پوري طرح حاوي ٿي چڪو آهي. هن گهگهه اوندهه ۾، سيّد لطيف، قطبي ستاري وانگر چمڪي رهيو آهي. سيّد لطيف، جو آسماني آواز اسان کي سڏي رهيو آهي.جيڪڏهن اسان سيّد جي پويان هلئون ته هو اسان کي ظلمت جي جهنگل مان ڪڍي، عشق جي ان واديءَ تائين پهچائي سگهي ٿو، جتي لازوال جواني ۽ ابدي عيش انسان جو انتظار ڪري رهيا آهن.
سنڌي زبان ڄاڻيندڙن تي اهو قدرتي فرض آهي ته اهي سيّد لطيف جي ڪلام کي سمجھن ۽ ان کي دنيا تائين پهچائن ته جيئن تاريڪيءَ جي زنجيرن کان آزادي ملي ۽ نور جو لشڪر ابدي فتح حاصل ڪري.

دعاگو

خ.ق.سومرو
نزديڪ پراڻي واپڊا آفيس
محلھ مراد واهڻ لاڙڪاڻو
15-1-2008

باب پھريون

---

خدا تعالى جي معرفت

خدا تعالى جي معرفت انسان لاءِ بي حد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته معرفت ئي ظلمت جي پردن کي چيري، انسان کي روشنيءَ جي دنيا ۾ آڻي ٿي. معرفت هڪڙي قسم جو عارفانه شعور آهي، جنهن ۾ تجربهءِ وحدت جو آسماني جام ڇلڪي ٿو. ”معرفت ۾ زوال“ جي معنى آهي – حق کان منقطع ٿيڻ. معرفت اجتماعي قوتن کي نئين راهه ڏيکاري ٿي ۽ انهن قوتن کي هڪ نئين شڪل ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪندي آهي. ڪوبه شخص ان وقت تائين صاحب فضيلت ٿي ڪونه سگهندو جيستائين هو خدا تعالى کي نه سڃاڻي. قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
وَ لَا تَكُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ نَسُوا اللہَ فَاَنۡسٰہُمْ اَنۡفُسَہُمْ ؕ اُولٰٓئِکَ هُمُ الْفٰسِقُوۡنَ ﴿۱۹﴾. (الحشر: 19)
(ترجمو: توهان انهن ماڻھن جھڙا نه ٿجو، جن خدا کي وساري ڇڏيو آهي ۽ خود پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺا آهن. اهي ئي ته ماڻهو فاسق آهن
فاسق نڪتل آهي فسق مان. يعني اهو ماڻهو، جيڪو حق جي دائري مان نڪري وڃي. پڪل انب تي غور ڪريو. انجي مٿان هڪڙي کل ٿيندي آهي، جنهن جي اندر اهونشو و نما پائي پختگي تائين پھچي ٿو. اها کل، ميوي جو قالب آهي جنهن جي اندر ان جي صلاحيتن جي تڪميل ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح خدا تعالى جي معرفت هڪ اهڙو قالب آهي، جنهن جي اندر رهڻ کان پوءِ انسان ڪمال کي حاصل ڪري سگهي ٿو. قرآن حڪيم جي مٿين آيت جا هي لفظ غور چاهن ٿا:
”جن خدا کي وساري ڇڏيو آهي ۽ خود پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺا آهن“
خدا جي حقيقت نه سمجھڻ ڪري، انسان کي پنهنجي حقيقت به سمجهه ۾ ڪونه ايندي. ظاهر آهي ته جيڪڏهن انسان پاڻ کي ڪونه سڃاتو ته پوءِ هو ڪمال تائين پهچي ڪونه سگهندو. پنهنجي حقيقت کان غافل انسان پنهنجي زندگيءَ لاءِ ڪوبه صحيح فيصلو ڪري ڪونه سگهندو. خدا تعالى جي سڃاڻپ اهڙي روشني آهي جنهن ۾ انسان سڌي راهه تي هلي سگهي ٿو:
پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميھار
تزهو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو.

*
اندر جنين اڃ، پاڻي اڃيو ان کي،
تو تنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.

خدا شناسيءَ لاءِ خود شناسي ۽ خود شناسيءَ لاءِ خدا شناسي لازمي آهن. انسان پنهنجي فطرت کي سمجھڻ سان ئي خدا جي فطرت کي سمجھي سگھي ٿو.
پنھون ٿيس پاڻ، ويو سسئي جو سينگار
من عرف نسفه فقد عرف ربه اهوئي آچار
جو وندر ۾ واپار، سو سودو سرئس هتهين

انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. ان ۾ به خدا تعالى جي حقيقت کي ڄاڻڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي.
”۽ هميشه جي زندگي اها آهي ته اهي تو خدائي واحد ۽ برحق...... کي ڄاڻن.“ (يوحنا 30:17)
خدا تعالى جي معرفت بابت ٻن آسماني ڪتابن جي تعليم کان پوءِ اچو ته سيّد لطيف جي مئيخاني تي ٿا هلئون. پاڻ به ساڳيو ئي آسماني جام پيش ڪن ٿا:
معرفت جي ماٺ سين، ڏساندڙ ڏورين،
سک نه ستا ڪڏهن، ويهي نه ووڙين،
ڪلهون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.

*
ڪنڌين ۾ ڪوهه ڪرئين، گسن ۾ م گذار،
وڃي وحدت ويءُ م، گهتون ڇڏي گهار،
شريعت جو سولهي، تن تئائين تار،
حقيقت هنجن سين، طريقت تنوار،
منجهان ئي معرفت سين، اندر تون اجار،
هدايت جي هوءَ ۾ چڻيو تون چنگار.

*
ان عبد، معبود تون، ات نڪو شرڪ نه شڪ،
پچارون پرين جون، مصيبتن مرڪ،
سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرينءَ کي.

*
راهه شريعت هليا، تفڪّر طريقون،
حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳئون.
ساري سک سبق شريعت سندو سوهڻي،
طريقا تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مَرَڪُ، اصل عاشقن کي.

*
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته پر ڪلمي جي پار،
پنجن سان پورو رهه، آيا ٽيهه م ٽار،
تڏهن ڌاڳا ڌار، جڏهن راهه سڃاڻي ربّ جي.

*
جيئن ٿا پڇن اَنَ کي، تيئن جي پڇن الله،
ته رڙهي لڌائون راهه، لکين لک لطيف چئي.

*
اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا؟

*
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفت جا سچا سوڌيائون.

*

دنيا جي فلاسافرن، مفڪّرن ۽ دانشورن خدا تعالى جي حقيقت سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خدا تعالى جي باري ۾، هر ڪنهن، پنهنجو جدا جدا نظريو ۽ ٻين کان مختلف تصور پيش ڪيو آهي. انهن ۾ وڏا وڏا اختلاف آهن. انهن جي مقابلي ۾ قرآن حڪيم، خدا تعالى جي اهڙي وصف پيش ڪري ٿو جيڪا عقل جي بلڪل قريب آهي. ان سان اختلاف ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. خدا (الله) ڇا آهي؟ قرآن حڪيم ان سوال جي جواب ۾چوي ٿو:
اَللہُ نُوۡرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ ؕ (النور 35:24)
قرآن حڪيم ۾ جتي به ”السمٰوٰات والارض“ جا لفظ آيا آهن، انهن مان مراد آهي ”پوري ڪائنات“ آهي. تنهنڪري آية پاڪ النور (35:24) جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ اسان آيت جي ”السمٰوٰت والارض“ لفظن جي بدران ”ڪائنات“ لکئون ٿا. هاڻي آية پاڪ اَللہُ نُوۡرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ ِ جو مقصد هيٺين ٽن لفظن ۾ ادا ٿيندو:
(1) الله، (2) نور ۽ (3) ڪائنات

[b]ڪائنات ڇا آهي؟
[/b]اچو ته ان سوال جو جواب جديد سائنس کان ٿا پڇئون. جڳ مشھور سائنسدان Sir James Jeans پنهنجي ڪتاب The Mysterious Universe جي آخر ۾ لکي ٿو:
”دور حاضر جي طبعيات جو رجحان ان طرف آهي ته پوري مادي ڪائنات سواءِ لھرن جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. اهي لهرون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون محصور، جن کي مادو چيو وڃي ٿو ۽ ٻيون آزاد لھرون، جن کي نور ڪوٺيو وڃي ٿو. مادي جي فنا ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي ته انهن محصور لهرن کي آزاد ڪيووڃي ته جيئن اهي فضا جي وسعتن ۾منتشر ٿي وڃن. انهيءَ تصورات جي ماتحت هيءَ پوري ڪائنات فقط ”جهان نور“ ٿي پوي ٿي.“
ڪائنات ۾ جيڪي به جسم موجود آهن انهن جي اصليت ‘نور’ آهي يا هيئن چئون ته ڪائنات ۾ سواءِ نور جي ٻيو ڪجهه به موجود ڪونهي. هاڻي آيت پاڪ ”الله نور السمٰوٰت والارض“ جو مطلب ٻن لفظن ۾ ادا ٿيندو: (1) الله، ۽ (2) نور _____ الله ذات آهي ۽ نور ان جي صفت ____ ذات کان صفت جدا ڪونهي. ڪائنات ۾ صرف هڪ ئي قوت موجود آهي. ڪائنات جي هر شي نور وحدت جو مظھر آهي. اها هڪ سائنٽيفڪ حقيقت آهي ته ڪائنات ۾ سواءِ نور جي، ڪنهن ٻي شيءِ جو ڪوبه وجود ڪونهي. انجيل پاڪ جي شھادت آهي:
”ان کان ٻڌي ڪري جيڪو پيغام توهان کي ڏيئون ٿا اهو هي آهي ته خدا نور آهي ۽ ان ۾ ذري جيتري به اونداهي ڪونهي.“
(يوحنا جو پهريون عام خط 1:5)
اچو ته سچائيءَ جو پيالو پيئڻ لاءِ سيد جي مئيخاني تي ٿا هلئون. آسماني ساقي جام وحدت پيش ڪندي چوي ٿو:
جڙ تڙ تک توار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀئي نور ٿيا، سوريءَ سزاوار،
همئه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين.

*
ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي
وهو على کل شيءِ محيط، اي آرياڻي اهڃاڻ،
سڀ ۾ پنھون پاڻ، ڪينهي ٻيو ٻروچ ريءَ

*
لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو
*
ڪيو مطالع مون، هو جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري

*
ايک قصر، در لک،ڪوڙين ڪڻس ڳڙ کيون
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون

*

وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م ڀل
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين

*
ڪائنات ۾ جيترا به فلڪياتي جسم آهن، انهن کي برف جاگولا تصور ڪريو. برف جي گولن کي ڳاربو ته پاڻي ملندو. اهيءَ طرح ڪائنات ۾ موجود سڀني جسمن کي فنا ڪبو ته آخر ۾ نور جو جيڪو لامحدود خزانو ملندو اهوئي خدا (الله) آهي: اَللہُ نُوۡرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ (النور 35:24) سيّد لطيف جي آسماني عظمت تي وري غور ڪريو:
لھرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو.

خدا ڪنهن انسان جي ذهني تخليق ڪونهي بلڪه اهو موجود آهي. خدا جي هجڻ مان محض ”هجڻ“ مراد ڪونهي، بلڪه مراد اُها آهي جنهن بنياد تي اسان ڪنهن شئي کي موجود چوندا آهيون. اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي بغير ڪنهن موجود ڪرڻ واري جي موجود آهي. ڇو ته اهو نور (الله) ئي ذريعه وجود آهي تنهنڪري ان کي خود پهريان موجود هجڻ گهرجي. اهو نور سڀني صورتن جو اصل آهي. خدا هڪڙو آهي ۽ اهو ئي ڪل آهي. ڪل جزن کان اڳ ٿيندو آهي ۽ جزا صرف ڪل جي واسطي سان ٿيندا آهن.
انسان جي ذهني ارتقا تي غور ڪريو. يونانين جي دور کان وٺي موجوده ائٽمي دور تائين دنيا جي فلاسافرن، سائنسدانن ۽ مفڪرن مادي جي متعلق پنهنجا پنهنجا نظريا پيش ڪيا. دنيا جي وڏين وڏين تجربيگاهن ۾ ”مادي جي حقيقت“ ڄاڻڻ متعلق ڪم ٿيندو رهيو. آخرڪار ذهني ارتقا جو ايڏو وڏو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ سائنس، مادي جي متعلق هن وقت اهو ڪجهه چئي رهي آهي جنهن کي بغير خورد بيني ڏسندي، آسماني تعليم ان وقت دنيا جي سامهون پيش ڪيو جڏهن دنيا تي ظلمت جو سخت پهرو هيو.
خدا تعالى جي متعلق هي تصور ته اهو ڪائنات کان علحده ۽ ان جي پس پشت ڪا ذات آهي، اهو تصور آسماني تعليم سان مطابقت ڪونه ٿو رکي. اڪثر اهو سمجهيو وڃي ٿو ته خدا تعالى گهڻو پري آسمانن تي آهي. اها درحقيقت خدا تعالى جي ”جاءِ قيام“ جي باري ۾ غلط فهمي آهي.
خدا تعالى جي وجود جو انڪار ڪندڙن ۽ خدا تعالى کي مڃڻ وارن، ٻنهي جي سڀ کان وڏي غلطي اها آهي ته ماڻهو خدا تعالى جو غلط ادراڪ ڪن ٿا. خدا جي ذات نور مطلق آهي. اهوئي ظاهر مطلق ۽ ظاهر بالذات آهي. ان جو نور هميشه قائم رهڻ وارو آهي ۽ ان کي زوال ڪونهي. اهو لافاني، لامحدود، قديم ۽ زنده آهي. سيد لطيف، الله تعالى جون چنڊ صفتون ٻڌائيندي چوي ٿو:

اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم،
والي، واحد، وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم.

[b]هڪڙو ضروري سوال:
[/b]سوال هي آهي ته جيڪڏهن ڪائنات ۾ سواءِ الله (نور) جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي ته پوءِ اوندهه ڪٿان آئي؟
آسمان، قرآن حڪيم جي ذريعي جواب ڏئي ٿو ته جڏهن وحدت، ڪثرت طرف سفر شروع ڪيو يعني آسمانن ۽ زمين جي تخليق ٿي ته نور ۽ ظلمت ٺھيا.
قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیۡ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرْضَ وَ جَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوۡرَ ۬ؕ
ترجمو: سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن، جنھن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو اونداهين ۽ نور کي بنايو. (الفاطر:2)
نظام شمسي تي غور ڪريو: سج اڀرندو ته زمين تي روشني ڦھلجي ويندي. سج جي لهڻ ٿيڻ سان ماحول تي انڌيرو ڇائنجي ويندو. يعني اهو نظام ئي آهي (جيڪو وحدت مان ڪثرت جي نڪرڻ ڪري ٺھيو) جنهن ڪري ”نور“ ۽ ”اوندهه“ ٺھي پيا آهن. باقي وجود ۾ ذري جيتري به اونداهي ڪونهي، انجيل پاڪ جي هنن لفظن تي وري غور ڪندا هلو:
”ان کان ٻڌي ڪري جيڪو پيغام اسان توهان کي ڏيڻ چاهيون ٿا ته خدا نور آهي ۽ ان ۾ ذري جيتري به تاريڪي ڪونھي.“ (يوحنا جو پھريون خط 1:5)
لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو

*
ڪيو مطالعومون، هو جو ورق وصال جو
تنھن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري

جيڪڏهن حقيقت هستيءَ ۾ هڪ ذري جيتري به ڪمي هوندي ته ذات ناقص ٿي ويندي. حق مطلق لاءِ ڪمال مطلق ۽ جمال مطلق هجڻ لازمي آهي. جلال به اتي ئي هوندو جتي ڪمال هوندو. سڀئي ڪمال، وجود جا آهن. خدا تعالى هر لحاظ کان ڪامل آهي.
پاڻھين جل جلالھ، پاڻھين جان جمال،
پاڻھين صورت پرين جي پاڻھين حسن ڪمال.

ڪارخانه عالم ۾ ٻه غير محدود ۽ ڪامل هستيون تصور ۾ اچي ڪونه سگھنديون. جيڪڏهن ڪائنات ۾ ٻه غير محدود ۽ ڪامل وجود پيدا ٿي پون ته پوءِ اهو ضروري آهي ته پھرين ۾ ٻئي جا ۽ ٻئي ۾ پهرين جا ڪمالات ڪونه هوندا، ان بنياد تي ٻئي محدود ٿي پوندا. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ هستيون هونديون ته پوءِ پنهنجي پنهنجي حڪم هلائڻ جي مجاز هجڻ جي صورت ۾، ڪائنات جو هڪجهڙو ڪردار ادا ڪندو رهڻ ۽ هڪ نظم و ضبط جو پابند هجڻ ڪيئن ٿيندو؟ ان صورت ۾ ڪائنات ۾ تمام گهڻو فساد پيدا ٿي پوندو. قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
لَوْ کَانَ فِیۡہِمَاۤ اٰلِہَۃٌ اِلَّا اللہُ لَفَسَدَتَا ۚ فَسُبْحٰنَ اللہِ رَبِّ الْعَرْشِ عَمَّا یَصِفُوۡنَ ﴿۲۲﴾
ترجمو: ”جيڪڏهن آسمانن ۽ زمين ۾ خدا کان علاوه ٻيا خدا به هجن ها ته ڪارخانه آفرينش فساد ۽ تباهيءَ سان دوچار ٿئي ها...“ (الانبياء: 22)
جڏهن ڪوريئڙو پنھنجو ڄارو تيار ڪندو آهي ته اهو خود ئي ان جو صانع ٿيندو آهي. ان ڪري صنعت جي اعتبار کان اهو پاڻ ئي ڄاري جي وجود جو سبب آهي. پر جنهن تار مان ڄارو تيار ٿيندو آهي اهو به ڪٿان ٻاهران ڪونه ايندو آهي بلڪه ڪوريئڙي جي وجود مان ئي نڪرندو آهي. تمام عالم ان جو ئي مئي خانو آهي. ان ۾ شراب هستي حق آهي. خَلَقَ اللہُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْحَقِّ ؕ (العنڪبوت:44)
خدا تعالى جون صفتون مثلاً علم، قدرت، ارادو، حيات وغيره مفھوم جي لحاظ کان جدا جدا آهن. جيڪڏهن انھن کي الڳ الڳ عين ذات چيو وڃي ته ذات تقسيم ٿي ويندي. جيڪڏهن ذات کان علحده تصور ڪريون ته ذات علم، قدرت، حيات، ارادي کان محروم ٿي ويندي. ان ڪري اهي صفتون، مفھوم جي لحاظ کان غير ذات آهن پر حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته عين ذات آهن. هستيءَ جو وجود سڀني ڪمالات جي صفتن سان نسبتاً مساوي آهي. حقيقت هستي عين علم، قدرت ۽ حيات آهي. ان ڪري جيڪي صفتون ڪمالات کي ظاهر ڪن ٿيون انھن جي اصليت حقيقت هستي ئي آهي. خدا تعالى سڀني صفتن جو حامل آهي ۽ سڀئي صفتون عين ذات آهن.
هر بلنديءَ جو تعلق ڪنھن نه ڪنھن شان ڪمال سان آهي. وري هر شان ڪمال، ڪنھن نه ڪنھن الاهي صفت سان مربوط آهي. اهي ڪمالات جون صفتون ذات بابرڪت سان مربوط آهن ۽ ڪمالات جي وجود جو ذريعو پاڻ ئي آهن. سيد لطيف جي هن بيت تي وري غور ڪريو:

پاڻھين جل جلالھ، پاڻھين جان جمال
پاڻھين صورت پرين جي پاڻھين حسن ڪمال

هن حقيقت کي غور سان سمجھو ته حق تعالى جا حسين نالا انهن نالن جهڙا ڪونه آهن، جيڪي نالا اسان مختلف شين جا مختلف لحاظ کان رکون ٿا. حق، نور، ظهور خدا تعالى جون صفتون آهن. ان جي ”نور“ ۽ ان جي ”ظھور“ جي اها شڪل ڪونھي ته هڪڙي لحاظ کان نور هجي ۽ هڪڙي لحاظ کان ظهور، بلڪه قرآن حڪيم جي وحدانيت مطابق نور، عين ظھور ۽ ظھور عين نور آهي. ان جا سڀئي صفاتي نالا، ان کان جدا نه آهن. ان ڪري ان جا صفاتي نالا به ان جا ذاتي نالا آهن.
غور جو مقام آهي ته جيڪڏهن خدا تعالى جي صفتن مان، هر هڪ صفت، خدا تعالى جي ذات جي هڪ حصي کي تشڪيل ڏئي ها ته پوءِ ان صورت ۾، خدا تعالى جي ذات جي مرڪب هجڻ جي گنجائش آهي. جيڪڏهن انھن صفتن مان هرهڪ صفت ان جي پوري وجود کي تشڪيل ڏيندي ته پوءِ ان صورت ۾، مرڪب هئڻ جي خيال جي ڪابه علت باقي ڪونه رهندي. پنھنجي بي پايان ۽ اڻ کٽ ڪمالات جي سبب ڪري، ان جو ساري جو سارو وجود ئي علم، قدرت ۽ حيات وغيره آهي. ان جي ذات ۾ ڪابه ڪثرت ڪونھي. ان جو علم ۽ ان جي ذات هڪ آهي. ان جو علم ئي ان جي ذات آهي ۽ اهو پنھنجي ذات کان ئي پنھنجو علم آهي. اهو شين کي پنھنجي ذات جي علم سان ڄاڻي ٿو، جيڪا خود ان جي ئي ذات آهي.
خدا تعالى پنهنجي ڪمالات تي نظر وڌي ته ڪائنات ظھور ۾ آئي. ان طرح وجود جي سڀني مرتبن جو احاطو ٿي وڃي ٿو ۽ ڪابه شيءِ ان کان ٻاهر تصور ۾ آڻي ڪونه ٿي سگھجي. قرآن شريف ۾ اچي ٿو:
وَکَانَ اللہُ بِكُلِّ شَیۡءٍ مُّحِیۡطًا ﴿۱۲۶﴾٪ (النساءِ:126)
سيّد لطيف جي هن آواز تي وري غور ڪريو:
ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي،
وهو على کل شيءِ محيط، اي آرياڻي اهڃاڻ،
سڀ ۾ پنھون پاڻ، ڪينھي ٻيو ٻروچ ريءَ

قرآن حڪيم جي هن آيت تي غور ڪريو:
هُوَ الْاَوَّلُ وَ الْاٰخِرُ وَ الظَّاهِرُ وَ الْبَاطِنُ وَ هُوَ بِكُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمٌ ﴿۳﴾
بس اهوئي هر شيءِ جو اول ۽ هر شيءِ جو آخر آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ جو ظاهر ۽ هر شيءِ جو باطن آهي يعني اهوئي اهو آهي ۽ هر شيءِ جي ماهيت کان آگاهه آهي. (الحديد:3)
هن آية پاڪ ۾ خدا تعالى ڪنھن ٻيءَ شئي واسطي وجود ئي ڪونه ڇڏيو بلڪه سڀ جو سڀ ”خود“ ٿي ويو. ان جي تمام ذات رحيم آهي، تمام ذات نور آهي، تمام ذات علم ۽ تمام ذات الله آهي. شيءِ جو اول ۽ آخر ان جي حق ۾ هڪ جهڙو آهي ڇو ته ان جي صفتن ۾ ”قبل“ ۽ ”بعد“ جي ترتيب ڪونھي. اچو ته هاڻي قرآن حڪيم جي هن تجليءَ تي غور ڪريون:
ھُوَ اللہُ الَّذِیۡ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّاھُوَ ۚ اَلْمَلِكُ الْقُدُّوۡسُ السَّلٰمُ الْمُؤْمِنُ الْمُہَیۡمِنُ الْعَزِیۡزُ الْجَبَّارُ الْمُتَکَبِّرُ ؕ سُبْحٰنَ اللہِ عَمَّا یُشْرِكُوۡنَ ﴿۲۳﴾ ھُوَ اللہُ الْخَالِقُ الْبَارِئُ الْمُصَوِّرُ لَہُ الْاَسْمَآءُ الْحُسْنٰی ؕ
ترجمو: اهو اهڙو معبود آهي جو ان کان سواءِ ڪو معبود ڪونھي، اهو بادشاه (سڀني عيبن کان پاڪ) سالم آهي، امن ڏيڻ وارو ۽ نگھباني ڪرڻ وارو، زبردست آهي،خرابيءَ کي درست ڪرڻ وارو، وڏي عظمت وارو، الله تعالى جو شان اهو آهي ته اهو شرڪ کان پاڪ آهي. اهو معبود برحق آهي، پيدا ڪرڻ وارو، ٺيڪ ٺاهڻ وارو، اهو مصوّر آهي. ان جا سهڻا نالا آهن. (الحشر:16)
آسماني تجلي حاصل ڪرڻ لاءِ سيّد لطيف جي هن نورانيت سان پاڻ کي نوراني ڪيو:
وحـــده لاشـــريـــڪ لـــھ، ٻـــڌءِ نه ٻوڙا،
ڪِه تو ڪنين نه سئا جي گهٽ اندر گهوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامهون.

*
وحده لاشريڪ لھ، ايءُ هيڪڙائي حق،
ٻيائيءَ کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.

*
وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م ڀل.

الله= نور= ڪليم= عليم= ملڪ= عزيز= رزاق= ڪريم= قديم= حق= خالق= خير= حيات= قدوس= جبار= باري= مصور= احد= فاطر= رحمان= رحيم= روح= ڪامل=......ڪامل چئو، خدا چئو، رحيم چئو يا رحمان.....
توهان خدا تعالى کي ڪنهن نالي سان به سڏيندا اهو هر حالت ۾ خدائي رهندو. قرآن حڪيم جي شھادت آهي:
قُلِ ادْعُوا اللہَ اَوِادْعُوا الرَّحْمٰنَ ؕ اَیًّامَّا تَدْعُوۡا فَلَہُ الۡاَسْمَآءُ الْحُسۡنٰی ۚ
ترجمو: اي نبي انھن کي چئي ڏيو ته الله ڪري پڪاريو يا رحمان چئو، جنهن نالي سان سڏيو ان جا سڀ نالا سٺا آهن.
(بني اسرائيل:110)
الله تعالى جي نالن کي اسماءُ الحسنى ان ڪري چيو ويو آهي جو خدا جي ذات اها آهي جنهن ۾ گهڻيون صفتون موجود آهن. نور کان وڌيڪ ڪابه شئي روشن ڪونھي، تنهنڪري سمجهڻ گھرجي ته نور جي ماهيت ”ظھور“ آهي. جيڪڏهن ظھور ڪا اهڙي صفت آهي جيڪا ان کي ڪنھن ٻئي کان مليل آهي ته پوءِ لازمي طور نتيجو اهو نڪرندو ته نور بالذات روشن ڪونھي بلڪه هڪ اهڙي شيءِ جي وسيلي روشن آهي جيڪا نور کان به وڌيڪ روشن آهي:
اهو نتيجو فضول آهي. گويا نور (خدا) ئي واحد قوت آهي جنھن مان پوري ڪائنات وجود ورتو آهي. مومن مسلمان غور جو مقام آهي، قرآن حڪيم جي هنن لفظن تي وري غور ڪريو:
اَللہُ نُوۡرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ ؕ (النور 35:24)
سڀئي صفتون هڪ ئي ذات ۾ موجود آهن ان ڪري لازمي طور حسن يا جمال جو اصطلاح صرف ان ذات برتر لاءِ ئي ٿي سگھي ٿو. ان جي ذات حسن جو سرچشمو ۽ منتها آهي ان جي ذات ئي جمال حقيقي آهي. خدا خير ڪامل آهي ۽ خير ڪامل جو ٻيو نالو حسن ڪامل آهي. خدا چئو يا ڪمال چئو. اهو ئي حسن ڪامل آهي.
پاڻھين جل جلاله ، پاڻھين جان جمال،
پاڻھين صورت پرينءَ جي پاڻھين حسن ڪمال.


[b]پوري ڪائنات زنده وحدت آهي:[/b]
هستيءَ ۾ قدرت، حيات، علم وغيره جون صفتون آهن. ذات کان صفت جدا ڪونھي. اهي تمام صفتون عين ذات آهن. هيءُ پوري ڪائنات صرف هڪ اڪائي مان نڪتل ڪثرت آهي. اها اڪائي آهي نور (روح) مطلق. جڏهن اساس اول ئي نور، حيات (زندگي) آهي ته پوءِ مادي جزن مان حيات (زندگي) جي پيدا هجڻ تي ڇو تعجب ٿيڻ گھرجي. جڏهن مادي جي آخري حد ۽ اصليت خود حيات (زندگي) ئي آهي. ياد رکو ته حي ۽ قيوم الله تعالى جون صفتون آهن. ذات، صفت کان جدا ڪونھي ۽ پوري ڪائنات هڪ زنده وحدت آهي؛ آسماني ڪتاب (انجيل پاڪ) جي شھادت آهي ته نور زنده قوت آهي:
”سڀئي شيون ان جي وسيلي سان پيدا ٿيون ۽ جيڪي ڪجهه پيدا ٿيو آهي انھن مان ڪابه شي، ان کان بغير پيدا ڪونه ٿي آهي. ان ۾ زندگي هئي ۽ اها زندگي ماڻھن جو نور هئي.“
(يوحنا 2:1-4)
هن آية پاڪ ۾ ”زندگي“ ۽ ”نور“ هڪ ئي حق لاءِ چيو ويو آهي. ڪائنات جون سڀ شيون هڪ ئي وحدت مان اڀريون آهن. حقيقت مطلق، ڪابي جان وحدت ڪونھي بلڪه روح (حيات) آهي. روح، نور، زندگي هڪ ئي قوت جون صفتون آهن. انجيل پاڪ جي مٿين آية پاڪ ۾ هي لفظ (ان ۾ زندگي هئي) غور طلب آهن. اهي لفظ صاف ظاهر ڪن ٿا ته ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ جنھن قوت مان وجود ورتو آهي اها قوت ”زنده“ آهي. زندگي زمين تائين محدود ڪونھي بلڪه ڪائنات (السمٰوٰت والارض) جا سڀئي جسم زنده مخلوقات آهن: صرف جبر و اختيار جو تفاوت آهي: قرآن حڪيم جي شھادت آهي:
وَ مِنْ اٰیٰتِہٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَثَّ فِیۡہِمَا مِنۡ دَآبَّۃٍ ؕ
ترجمو: ان جي نشانين مان پيدا ڪرڻ آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ انھن جاندارن جو جيڪي ان ٻنھي جڳھن تي ڦھلائي ڇڏيا آهن.
(الشوري:29)
قرآن حڪيم جي تعليم مطابق آسمانن ۾ ۽ زمين جي سيني تي جاندار ئي جاندار آهن. زمين جي سيني تي جاندار، نباتات، حيوانات ۽ انسانن جي روپ ۾ موجود آهن. آسمانن ۾ موجود فلڪياتي جسم به زنده مخلوقات آهن. هستي مطلق (حي و قيوم) ڪا بي جان وحدت ڪونھي بلڪه زندگي ئي زندگي، روح ئي روح، نور ئي نور آهي.
حقيقت جون ٻه اساسي صورتون آهن جي پاڻ کي عقل جي سامھون جسماني ۽ ذهني عالمن جي روپ ۾ آڻن ٿيون. اهي ذات جي ٻنھي پھلوئن طرف پاڻ کي ظاهر ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح اسان کي گھرجي ته ڪل ذهني زندگيءَ کي حيات خدا (ڪل) جي محيط ڪل ترڪيب ۾ سمجھئون. صرف ڪامل ذهني زندگي ئي اصل قدر آهي يعني تصوّر حقيقت خود خدا جي اصل ۽ حيات کي بيان ڪري ٿو. حيات ۽ ڪائنات ۾ روحي ۽ مادي عناصر جدا جدا وجود ڪونه ٿا رکن بلڪه اهي هڪ ئي وحدت جون ٻه حالتون آهن. اسان ان جون صورتون آهيون، هو اسان جو روح آهي. جنھن مظھر تي فڪر ٿي رهيو آهي اهو به ان (روح، نور) جي ئي صورت آهي ۽ جيڪا قوت فڪر ڪري رهي آهي اها به ”پاڻ“ آهي.
سيّد لطيف جي شھادت آهي، (غور جو مقام آهي):

پاڻ پسي پاڻ کي، سڻي ڪر سنڀال
وچان جو وصال، سو تان هئڻ هن جو

علامه اقبال (شاعر مشرق) فرمائي ٿو:
‘‘قرآن حکیم کے نزدیک حقیقت مچلق محض روح ہے اس روح کی زندگی عبادت ہے ان فلکیات سے، جسے ہم زمان میں جلوہ گر دیکھتے ہیں لہٰذا طبعی دنیا ہی ہے جس میں روح کو اپنے اظہار کا موقع ملتا ہے۔ وہ شے جسے ہم مادہ کہتے ہیں وہ اصل میں روحانی ہے۔ مادے کی پوری کثرت روح کے اظہار ذات کا میدان ہے۔” (خطبه۶)
هوت تنھنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پرياڻ؟

وَ نَحْنُ اَقْرَبُ اِلَیۡہِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِیۡدِ
تنھنجو توهي ساڻ
پنھنجو آهي پاڻ آڏو عجيبن کي.

*
پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو

*
سوئي هيڏانھن، سوئي هوڏانھن، سوئي من وسي
سوئي سو پسي، تنھن سندي سوجھري

*
زندگيءَ جا جيترا به پھلو آهن مثلاً رشد و هدايت، زيبائش ۽ دلڪشي، حسن ترتيب ۽ نظم، احساس ۽ ادراڪ، عقل ۽ هوش، محبّت ۽ الفت، فطري رهنمائي، اهي سڀ ذات احديت جا جلوا ۽ آئينا آهن. دلچسپي، عمل ۽ تخليق به انھيءَ هڪ جا پھلو آهن:
سو ساهڙ سا سھڻي، سائر پڻ سوئي
آهي نڄوئي ڳجھه ڳجھاندڙ ڳالھڙي

پاڻ ئي ٻج آهي ۽ پاڻ ئي وڻ، پاڻئي گل آهي ۽ پاڻ ئي ميوو، عاشق، معشوق ۽ عشق هڪ ئي نور جون ادائون آهن. پاڻي، پياسو ۽ پياس هڪ ئي حقيقت جون حالتون آهن:
سو هي، سوهو، سو اجل، سو الله
سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو

هيءُ سائنٽفڪ حقيقت آهي ته ڪائنات ۾ سواءِ خدا (نور) جي ٻيو ڪجھه به ڪونھي ته پوءِ صاف ظاهر آهي ته انسان جي هستيءَ ۾، خدا تعالى ئي مشاهده جمال ڪري رهيو آهي:
هوت تنھنجي هنج ۾ پڇين ڪوهه پئي،

وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِكُمْ ؕ اَفَلَا تُبْصِرُوۡنَ، سوجھي ڪر سھي،
ڪڏهن ڪانه وئي، هوت ڳولھڻ هٽ تي.

*
جو تون ڏورئين ڏور، سو سدا آهي ساڻ تو،
لالن لئه، لطيف چئي، منجھي ٿي معذور!
منجھان پئس پروڙ، تو منجھه آهيس تڪيو.

*
هو پڻ ڪونھي هُن ريءَ، هي نه هُنھان ڌار،
الانسان سري وانا سره، پروڙج پچار،
ڪندا ويا ويچار، عالم عارف اهڙي.

*
ڇو وڃين وڻڪار، هت نه ڳولھين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻيءَ پار،
نائي نيڻ نھار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.

قرآن حڪيم جي سورة الاخلاص وحدت جو آسماني اظھار آهي:
قُلْ ہُوَ اللہُ اَحَدٌ ۚ﴿۱﴾ اَللہُ الصَّمَدُ ۚ﴿۲﴾ لَمْ یَلِدْ ۬ۙ وَ لَمْ یُوۡلَدْ ۙ﴿۳﴾ وَ لَمْ یَكُنۡ لَّہٗ كُفُوًا اَحَدٌ ٪﴿۴﴾
سيّد لطيف چوي ٿو:
اسين سڪون جن کي، اسين پڻ سيئي،
” لَمْ یَلِدْ ۬ۙ وَ لَمْ یُوۡلَدْ“ اوڏانھن وڃ پيھي
تھان منجھيئي، پارک! پرکج حق کي

پنھنجي سرمدي سرور جو مشاھدو ڪرڻ لاءِ حق تعالى پنھنجي مشيت سان پنھنجي مظاهر کي خلقيو. دراصل ذات الاهي ئي انسان ۾ جلوه گر آهي. حق، خلق جي پردي ۾ پوشيده آهي. انسان اهڙي نظر نه ڌاري جو صرف خلق کي ته ڏسي پر خالق تائين ان جي نظر وڃي ئي نه. بلڪه انسان اهڙو ڪمال حاصل ڪري جو خالق کي خلق ۾ ڏسي. قرآن حڪيم جي شھادت آهي: خَلَقَ اللہُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ بِالْحَقِّ (الجاثیھ:22) حق، خدا تعالى جي صفت آهي ۽ ذات کان صفت کي جدا ڪري ڪونه ٿو سگھجي ڇو ته ذات کي ان جي صفتن مان ئي سڃاتو ويندو آهي. عربي زبان ۾ حق جي معنى آهي ڪنهن شئي جو اهڙيءَ طرح موجود، واقع ۽ ثابت ٿيڻ، جو ان جي واقع ٿيڻ يا ثابت هجڻ کان انڪار نه ڪري سگھي. يعني ڪنھن شيءِ جو ٺوس شڪل ۾ سامھون اچڻ يا ثابت ٿيڻ. ان ۾ استحڪام ۽ ثبات به شامل آهي. تخليق جي ان سلسلي جو خالق ۽ محرّڪ پنھنجي تخليق کان الڳ ڪونھي يعني هو پنھنجي تخليق جي ابتدا، ان جي انتھا، ان جي ظاهر ۽ باطن سان ذاتي طور وابسته آهي. قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي وري غور ڪريو:
ہُوَ الْاَوَّلُ وَ الْاٰخِرُ وَ الظَّاہِرُ وَ الْبَاطِنُ وَ ہُوَ بِكُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمٌ ﴿۳﴾ (الحديد:۳)
ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو:
راز ڪيائين راءِ سين، ڪنھن موچاريءَ مھل،
انا احمد بلاميم، سَينَ هنئي سائل،
ڪنھن ڪنھن پيئي ڪل، ته هر دوئي هڪ ٿيا.

*
پيھي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نه ڪو ڏونگر ڏيھه ۾، نڪا ڪيچن ڪاڻ،
پنھون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

*
وحدت جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
لَیۡسَ کَمِثْلِہٖ شَیۡءٌ ۚ وَ ہُوَ السَّمِیۡعُ الۡبَصِیۡرُ ﴿۱۱﴾ (الشوریٰ:2)
قدرت جو قانون آهي ته تمثيل ڏيڻ لاءِ ٻن شين جو هجڻ ضروري آهي. مثلاً چئبو آهي ته ”احمد شينھن جھڙو طاقتور آهي.“ هتي احمد ۽ شينھن جي وچ ۾ تمثيل ڏني وئي آهي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن ڪائنات سواءِ خدا جي، ٻي ڪنھن شيءَ جو وجود ڪونھي ته پوءِ تمثيل ڇا سان ڏني وڃي؟ خدا تعالى بغير ابتدا ۽ بغير انتھا جي موجود آهي.هڪ لافاني ۽ ابدي قوت.
حقيقت، فڪر جو هڪڙو نظام آهي، جيڪو شعور ذات جي اندر ڦھلجي ٿو. غور و فڪر جو حاصل هي آهي ته منھنجو شعور ۽ خارجي دنيا هڪ آهي. تعلقات جا اهي ٻئي رخ هڪ ئي ماخذ سان تعلق رکن ٿا. خداءِ مطلق جو علم، فڪر ۽ عمل اسان جي لاءِ وڏي ۾ وڏي ابدي ضرورت آهي. مطلق جو هڪڙو جزو هجڻ جي حيثيت سان ذات جي شعور جون سڀ رڪاوٽون دور ٿي وڃن ٿيون ۽ ان حقيقت جو انڪشاف ٿئي ٿو ته خارجي ڪائنات يعني قوانين قدرت جي اطاعت ۽ شعور جي آزاديءَ کي هڪٻئي کان علحده ڪري ڪونه ٿو سگھجي. اسان جي اندر وحدت جي حقيقت، ڪائنات جي سڀني شين سان وحدت آهي. محدود (انسان) ۽ لامحدود اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ جڙيل آهن جو انھن کي الڳ ڪرڻ خطري کان خالي ناهي. اهو صرف ڪل جي فطرت سان مطابقت ۾ ٿي سگهي ٿو، اهوئي سبب آهي جو سيد لطيف معرفت تي وڌ ۾ وڌ زور ڏنو آهي.
منجھان ئي معرفت سين، اندر تون اجار
هدايت جي هوءَ ۾، چڻيو تون چنگار.

*
ٻانھپ جو ٻيڙين ۾، وکر وڌائون،
موتي معرفت جا سچا سوڌيائون.

*
ڪائنات ۾ موجود شين جي پنھنجي جاءِ تي ڪابه معنى ڪونھي. معنويت ۽ ارفعيت ان وقت پيدا ٿئي ٿي جڏهن ڪائنات جي شين کي انسان سان جوڙيو وڃي. ڪائنات انسان جي لاءِ آهي.
ڪائنات هڪ نامياتي وحدت آهي. مادو، ڪشش ثقل، زمان، مڪان وغيره ملي ڪري هڪ اڪائي ٺاهن ٿا. انھن سڀني جزن مان هر هڪ جزي کي الڳ ڪري سمجھبو ته جواب غلط ملندو. اسان زمين کي، نظام شمسي ۾ رکي؛ چڱيءَ طرح سمجھي سگھنداسين، پر جيڪڏهن زمين کي نظام شمسيءَ کان ٻاهر ڪڍي سمجھبو ته جواب غلط ايندو. انسان کي به جيڪڏهن ڪائنات کان الڳ ڪري سمجھبو ته جواب غلط ملندو يعني انسان جي ڪامل حقيقت تائين ڪونه پھچبو. انسان کي سمجھڻ لاءِ، انسان کي ڪائنات ۾ رکي، ان سان لاڳاپيل سڀني اضافتن کي سمجھڻو پوندو.
معرفت جي نور سان مليل منزل کي قربت ۽ مشاهدي سان اخذ ڪري سگھجي ٿو ته انسان، مڪان، زمان ۽ ڪائنات ۾ موجود سڀ جسم ملي ڪري هڪ وحدت جوڙين ٿا ۽ انھن کي قاعدن ۽ ضابطن ۾رکڻ واري هستي ئي انھن جو ماخذ آهي. ان ڪري اسان جي دل ۽ دماغ جو رخ، خداءِ واحد جي معرفت حاصل ڪرڻ جي غرض سان، ڪائنات جي ان نظام جي قاعدن کي سمجھڻ آهي جيڪي عالم جسمانيءَ جو وحدتي اصول آهن.
غور جو مقام آهي ته هستي، هستيءَ مان ئي پيدا ٿي سگھي ٿي. انسان جي ذهن ۾ اها قوت ڪونھي ته هو نيستي محض مان هستيءَ جي نڪرڻ جو تصور ڪري سگھي.
ڪائنات ۾ جيتريون به شيون آهن، سي خارجي طور تي مخلوق آهن ليڪن داخلي طور تي ”تصور“ يا ”معلوم“ آهن. دماغ جو خيال، دماغ کان ٻاهر، ڪنھن وجود رکڻ واري شيءَ جو نقل آهي. ڪائنات ۾ موجود خارجي شيون، پنھنجي وجود جي مڪمل ڄاڻ، شناخت ۽ وضاحت لاءِ انھن تصورات جون محتاج آهن. انھن عمومي خيالن جو انحصار، ڪنھن ٻاهرين مادي شي تي ڪونھي بلڪه ٻاهرين مادي شين جو انحصار انھن آفاقي تصورات يا خيالن تي آهي. انسان کان بغير ڪائنات جي ڪابه حقيقت ڪونھي ۽ خيالن کان سواءِ انسان جي ڪابه سڃاڻپ ڪونھي. سڀيئي تصورات ملي ڪري هڪ سڀني کان وڏي (ڪامل) تصور هيٺ اچن ٿا، ۽ سڀ کان وڏو ڪامل تصور حتمي ۽ مڪمل حقيقت آهي ۽ اهو ئي جواز جي حيثيت رکي ٿو.
هڪ خيال يا تصور، پنھنجي ذات ۾ مڪمل ۽ خود ڪفيل آهي. ان کي پنھنجي ذات جي وضاحت لاءِ ڪنھن ٻاهرئين مدد جي ضرورت ڪونھي بلڪه هڪ خيال يا تصور خود ئي پنھنجي وضاحت آهي. ان ڪري اسان ڪائنات کي، جيڪا غير معمولي وسعتن ۽ لامحدود قدرن جو مجموعو آهي؛ ان جي حقيقت کي، بغير ڪنھن ڪامل (خيال يا تصور) جي صرف جزوي تجربن ۽ مشاهدي جي ذريعي معلوم ڪري ڪونه ٿا سگهؤن.
حقيقي خيالات جوجھان ”نُورٌ علىٰ نُورٌ“ جو جھان آهي. زندگي معنوي حسن جي نظم ۽ ترتيب سان وابسته آهي، ٻيو ته ڪائنات ۾ موجود شين جي خيال جو ڪامل ربط ابدي آهي. ڪامل خيال جي حسن جو ديدار دراصل خدا تعالى جو ديدار آهي. تصورات آفاقي آهن ۽ خيال هڪ اڪائي آهي. ڪائنات جي اصل نقشي کي سمجھڻ جو ذريعو نظم ۽ ضبط جا تصورات ئي آهن.
ڪامل خيال يا تصور، حق جو ڪامل اظھار آهي. (خيال ڪامل) حق و جدان ۾ جڳھه پائي، قلب جي گھراين ۾ موج مچائي ٿو. انسان جي نظر ڪائنات جيتري وسيع ٿي وڃي ٿي. ان ڪري لامتناھي (اڻ کٽ) ڪل ۾ محو ٿي وڃو ۽ ڪل جا، هڪڙي خود آگاهه ميمبر طور اڀري اچو. خدا تعالى پنھنجو ديدار ارفع ترين دانش ۽ درخشان ترين حسن ۾ هر وقت ڪرائي ٿو. خدا تعالى جي معرفت هڪڙي دري آهي، جتان انسان کي ڪائنات جي اصلي روپ ۾، خدا جو چھرو صاف نظر ايندو آهي. اسان ان دريءَ مان هر وقت وسندڙ رحمت جو نظاره جمال ڪري سگهؤن ٿا. خدا جي معرفت انسان کي خالص نوراني وجود بنائيندي آهي. ياد رکو ته خدا تعالى جي معرفت اها روشني آهي، جنھن ۾ صداقت کي وسيع معنى ۾ ڏٺو وڃي ٿو.
ڪائنات ۾ نور ئي نور آهي. ان نور جا متنوع مظھر، ان جي هستيءَ جوئي ظھور آهن. خدا تعالى جي عظيم تخليق ۽ ڪڏهن نه غلطي ڪرڻ وارو نظم و ضبط هن ڪائنات تي حڪمراني ڪري ٿو. صانع، پنھنجي صنعت سان اسان جي سامھون آهي. ان جي تخليق کي ڏسو. خالق جي ارادي جي خبر پئجي ويندي. حقيقت همه گير آهي يعني اها هڪڙو اهڙو ڪل آهي جو سڀني تي محيط آهي تنهنڪري حقيقت جو اهو عرفان سچو ٿيندو جيڪو ڪل جو ڪلي طور ڪيو وڃي.
ذهن ۽ مادي جي اتحاد جو علم حاصل ڪرڻ انسان جو پھريون قدرتي فرض ۽ ضرورت آهي. داخلي حقيقت ۽ خارجي مظاهر، خدا تعالى کان جدا ڪوبه وجود نٿا رکن. سيّد لطيف جي عظمت تي وري غور ڪريو:
پاڻ پردو پاڻ کي سڻي ڪر سنڀال،
وچان جو وصال، سو تان هئڻ هن جو.

*
پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

ڪائنات قوانين قدرت جي وحدت آهي. اها حقيقت (علم حقائق) جو ذخيرو آهي جتان انسان کي حق جي معرفت تفصيلاً حاصل ٿيندي آهي، ڇو ته ان جو موضوع حق تعالى جو وجود آهي.
انسان جو اصل وطن توحيد آهي ۽ توحيد ۾ ڪامل علم موجود آهي. خدا جي معرفت سان انسان کي اخلاق الاهي سان متخلق ٿيڻ گھرجي. دنيا جي مٿان آسماني قانون نافذ ڪرڻ اخلاق جو اعلى ترين مظاهرو آهي. ياد رکو ته معرفت خدا (جيڪا، تخليق عالم جي سلسلي جي محرڪ آهي) جو مطلب آهي ڪامل سچائي، سڀني علمن جو موضوع ان (نور الله، حق) جو موضوع آهي ڇو ته موجود صرف خدا آهي. خدا جي معرفت ئي حڪمت آهي. داعيءَ لاءِ حڪمت لازمي آهي.
اُدْعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالْحِكْمَۃِ وَ الْمَوْعِظَۃِ الْحَسَنَۃِ وَجَادِلْہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحْسَنُ ؕ (النحل:125)
”توهان انھن کي پروردگار جي راهه طرف سڏيو حڪمت سان ۽ ڀليءَ نصيحت سان....“
ڪابه شيءِ وجود ۾ حيثيت الاهي کان ٻاهر واقع ڪونھي ۽ نه ئي وري ڪو وجود کان بغير مشيت ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن اسان وجود جي هر حصي کي هڪٻئي کان الڳ ڪري سمجهنداسين ته پوءِ (حق، علم ڪلي) تائين ڪڏهن به پھچي ڪونه سگھبو. سڀ کان وڏي عبادت آهي حق کي ڄاڻڻ ۽ ان جي گواهي ڏيڻ. انسان ذات لاءِ رهنمائي جا قاعدا ۽ ضابطا صرف عمل تخليق جي فطري ذريعن سان ئي مھيا ٿي سگھن ٿا. ياد رکو ته جيتري قدر انساني شعور علم ۽ عقل ۾ بلند هوندو، انھيءَ حد تائين ۽ ان جي نسبت سان، خالق جي حسن ڪمال جو ديدار ۽ مشاهدي جي قوت جو سرور ملندو. خدا تعالى حرڪت ۽ حيات جو سرچشمو، سڀني آثارن ۽ مظھرن جو اصل آهي ۽ سڀني شاهدن لاءِ مشھود آهي. عرفان جھان بيني يعني معرفت خدا ۾ شين جو صرف تصور نه بلڪه حق (خدا) جو ديدار ٿيندو آهي. قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
خَلَقَ اللہُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ بِالْحَقِّ (لجاثیھ:22)
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
فَذٰلِكُمُ اللہُ رَبُّكُمُ الْحَقُّ ۚ (یونس:32)
بس اهو تنھنجو پروردگار ”الحق“ آهي.
يعني آسمانن ۽ زمين جي خلقت ”حق“ جي همراهه آهي. ”بالحق“ فعل، خدا تعالى جو حق سان هجڻ طرف اشارو آهي. ڪائنات نور (خدا) جو ڪم آهي. خلقت جي اندر صانع جون سڀئي صفتون جلوه گر آهن. خدا تعالى سڀني مادي ۽ روحاني شين ۾ ذاتي طور موجود آهي. ان جون صفتون عين ذات آهن. خدا تعالى ڪائنات ۾ موجود سڀني شين جي وجود ۽ اصل جو باعث آهي.
ذات باري تعالى سان ڪامل اتحاد ۾ ئي انسان جي ڪامليت آهي. آسماني علم معرفت تي ان ڪري زور ٿو ڏئي ته جيئن انسان جو روحاني حال قائم رهي ۽ اهڙيءَ طرح انسان محفوظ رهي. هر اها شيءَ جا معرفت تي مرڪوز ٿئي ته اها معرفت ئي آهي. معرفت فرد جي روحاني زبان آهي. ياد رکو ته عقل به تخليقي قوت بجاءِ حقيقت ڪل (خدا تعالى) سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ واري مقتدر قوت آهي. جنھن شخص کي معرفت حاصل ٿئي ۽ پوءِ به اهو غير حق جي معرفت کي باقي رکي ته اهڙو شخص منڪر خدا آهي، ڇو ته غير حق سان جيتري قدر معارف لاڳاپيل آهن اهي سڀ عدم علم آهن يعني اهي حق ڪل تي مبني نه آهن. ڪاميابي صرف ان وقت حاصل ٿيندي جڏهن عالم، عارف ٿي وڃي. علم انسان جي ٽين اک آهي پر جي علم ڪلي ڪونھي ته پوءِ انسان ٻن اکين کان به انڌو آهي.
اڄوڪي ترقي يافته دور جو انسان ان دنيا ۾ رهي ٿو جتي علم ته گھڻو آهي پر معرفت (ڪامليت) ڪونھي. علم کي شعبن ۾ ورهايو ويو آهي. هر شعبي جو ماهر ته ملي ٿو پر ڪامل انسان ڪونه ٿو ملي. اهو آهي جديد انسان جو اصل الميو. معرفت خدا تعالى جو ڪلام آهي ۽ عارف جي سند ان جو ڪلام آهي. قرآن حڪيم حقيقت ڪل (ڪامليت) تائين پھچڻ جي اميد ڏياري ٿو:
سَیُرِیۡكُمْ اٰیٰتِہٖ فَتَعْرِفُوۡنَہَا ؕ (النمل:93)
”اهو عنقريب توهان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو تڏهن توهان ان کي سڃاڻيندؤ.“
انسان کي خدا تعالى اها قوت ڏني آهي ته هو الله تعالى جي فطرت کي سمجھڻ جي اهليت رکي ٿو. انسان صرف هن سوال جو جواب معلوم ڪري ڪونه ٿو سگھي ته خدا ڪٿان آيو؟ بصارت جي اک ان سوال جي جواب تائين پھچي ڪونه سگھندي، حيرت جو هڪڙو اڻ کٽ ساگر سامھون اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو قرآن شريف چوي ٿو:
لَا تُدْرِكُہُ الۡاَبْصَارُ ۫ (الانعام:103)
سيّد لطيف جو به ساڳيو ئي آواز آهي پاڻ فرمائن ٿا:
حوصلو حيرت ۾ ڪري ڪين درڪ،
جو حسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪين ڪي

*
ڪائنات جي تخليق کان پھريان جمال مطلق پنھنجي وحدانيت ۾مستغرق هڪڙو لڪل خزانو هو. هر طرف دخاني (دونهين جهڙي) ڪيفيت ڇانيل هئي يعني ڪابه شيءَ واضح ڪونه هئي، صرف نور ئي نور يعني روح ئي روح جون لامحدود موجون هيون. خدا چاهيو ته اڪيلائپ ختم ٿئي ۽ اهڙي مخلوق جو ظھور ٿئي جيڪا ان جي قدرت ۽ حڪمت کي سمجھي سگھي. هن حقيقت کي سمجھو ته ڪل، جزن کان پھريان موجود هيو. جز صرف ڪل جي ڪري آهن. نور (روح) مادي لباس پائي هڪ اڪائي جي صورت اختيار ڪئي ڇو ته آفاقي روح ان وقت پنھنجي سڀني امڪانات کي پائي سگھي پيو جڏهن هو پاڻ کي زمان ۽ مڪان جي محدود صورتحال ۾ سموئي ڇڏي. مشھور مفڪر J.W.T.MASON نور (روح) ۽ مادي جي تعلق تي ڳالھائيندي لکي ٿو:
”هستي جي ابتدا لاءِ روح خالص کي پنھنجي آزادي مطلق کي قيد ڪرڻو پيو ۽ اهڙيءَ طرح ان پنھنجو پاڻ کي هڪ نئين طرف وڌايو. اسان صاف چئي سگھون ٿا ته هستيءَ جي مادي آغاز جو بنيادي پھلو اضافو نه بلڪه دٻاءُ آهي يعني روح خالص پنھنجي آزاديءَ کي دٻايو ۽ اهڙيءَ طرح، پنھنجو پاڻ تي قيد لاڳو ڪري مادي جو محسوس پيڪر اختيار ڪيو.“ (Creative Freedom. P.17)

باب ٻيون

---

ڪائنات ڪيئن تخليق ٿي

قرآن حڪيم هر لحاظ کان ڪامل ڪتاب آهي. ان پاڪ ڪتاب ۾ علم جون اهي بلنديون بيان ڪيون ويون آهن، جن تائين پھچڻ لاءِ سائنسي قوت بيقرار آهن. انسانذات جي ڀلائي لاءِ، ان وقت تائين ڪوبه نظام زندگي، حقيقي طور ڪارائتو ٿي ڪونه سگھندو جيستائين انسان، ڪائنات جي نظام کي نه سمجھيو آهي. انسان، ڪائنات جو جزو آهي ۽ عقل جي تقاضا هيءُ آهي ته جز جي فطرت، ڪل جي فطرت کان مختلف ٿي ڪونه سگھندي. ڪائنات ڪيئن تخليق ٿي؟ اچو ته اهو سوال سائنس کان ٿا پڇئون. مشھور سائنسدان G.G.Simpson چوي ٿو:
”ڪائنات جي آغاز ۽ سلسله علت ومعلول جي اولين ڪڙيءَ جو مسئلو سائنس کان مٿي آهي ۽ سائنس ان تائين پھچي نٿي سگهي.... اها اولين ڪڙي راز آهي ۽ منھنجو خيال آهي ته انساني ذهن ان راز کي ڪڏهن به ڄاڻي ڪونه سگھندو. اسان جيڪڏهن چاهيون ته پنھنجي طور تي ان علت اولى جي حضور ۾ پنھنجو سر جهڪائي سگهون ٿا پر ان کي پنهنجي ادراڪ جي دائري ۾ آڻي نٿا سگھؤن.“
(The Meaning of Evolution p.13)
ڪائنات جي تخليق بابت هڪ سائنسدان جا خيالات توهان پڙهيا پر ڪجهه ماهرين فلڪيات هڪ نظريو Big Bang Theory جي نالي سان پيش ڪن ٿا. ان نظريي کي ٿورن لفظن ۾ هيئن سمجھو ته اربين سال پھريان، ڪائنات ۾ موجود سڀيئي جسم هڪڙي وحدت (هيڪڙائي) ۾ بند هئا. پوءِ هڪڙو زوردار ڌماڪو ٿيو. مادي جا وڏا وڏا ٽڪر ٽٽي،خلا جي وسعتن ۾ اڏامڻ لڳا. ان ڌماڪي جي نتيجي ۾ اسان جو نظام شمسي ۽ ڪھڪشائون وجود ۾ آيون. قرآن حڪيم کي ماھرين فلڪيات جي ان نظريي سان اختلاف آهي. خدا تعالى ڪائنات جي تخليق بابت، هڪ اهڙي سچائي انسان جي سامھون آڻي ٿو جيڪا عقل کي راضي ڪري ٿي. قرآن حڪيم ان حد تائين سائنسدانن سان متفق آهي ته ڪائنات ۾ موجود سڀيئي فلڪياتي جسم هڪ وحدت (اڪائي) ۾ بند هئا. هن آية پاڪ تي غور ڪريو:
اَوَلَمْ یَرَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ کَانَتَا رَتْقًا فَفَتَقْنٰہُمَا ؕ (الانبیاء:30)
ترجمو: (اي پيغمبر! ڇا حقيقت جي منڪرن، انڪار ڪرڻ وقت، ان عظيم الشان سچائي تي نظر ڪونه ڪئي ته آسمان جا جسم، بشموليت زمين، پيدائش جي ابتدائي مرحلن ۾ پاڻ ۾ مليل هئا. انھن جي مواد جو باهمي اتصال هو. انھن جو جوهر هڪ هئو. پوءِ اسان ان جا ٽڪر ڪيا ۽ ان حيرت انگيز سليقي، ترتيب ۽ نظم و نسق سان آسمانن ۽ زمين کي ٺاهيوسين.“
مٿين آيت پاڪ ۾ ”پوءِ اسان ان جا ٽڪر ڪيا“ لفظن جو مقصد اهو ڪونھي ته ڪا خارجي قوت هئي جنھن جُدا ڪرڻ جو عمل ڪيو. بلڪه اها الله تعالى جي پنھنجي فطرت هئي. الله تعالى جي صفت آهي ۽ ذات کان صفت جدا ڪونھي. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرْضِ (الانعام:14)
فاطر معنى آهي شق ڪرڻ، ڦاڙڻ، پھرين دفعي ڦاڙڻ. فَطَرٌ جي معنى آهي ڪنھن شيءَ کي پھرين دفعي پيدا ڪرڻ، ان کي بَدِیۡعَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرْضِ به چيو ويو آهي (الانعام-101) خدا تعالى جو قانون تخليق، اهو قانون يا طريقو، جنھن جي مطابق ان ڪائنات کي پھرين دفعي پيدا ڪيو، ڪائنات جي تخليق جي ابتدا ڪئي.
قرآن حڪيم جي تعليم مطابق، ڪائنات جا سڀيئي فلڪياتي جسم جنھن وحدت (اڪائي) ۾ بند هئا. ان اڪائي جا ٻه ٽڪر ٿيا. يعني جوڙو ٺھيو. پھريان هڪ هئو پوءِ ٻه ٿيا.
وَّخَلَقَ مِنْہَا زَوْجَہَا (النساء:1)
ترجمو: ان جان مان ان جو جوڙو ٺاهيائين.
زَوۡجٌ جي اصلي معنى جوڙ آهي فَرۡدٌ (اڪيلو) جي خلاف. تنهنڪري زوجٌ ان فرد کي چئبو آهي جنھن جو ڪو جوڙ (يا ساٿي) هجي.
سيد لطيف به ڪائنات جي تخليق جي ابتدا لاءِ آسماني آواز پيش ڪيو آهي. پاڻ فرمائن ٿا:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جو جي لھين،
هئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

ڪائنات ۾ جيترا به فلڪياتي جسم آهن اهي سڀ هڪ وحدت (اڪائي) ۾ بند هئا ان وحدت مان هڪڙو ننڍو حصو علحده ٿيو يعني پھريان هڪ هو پوءِ جوڙو ٿيو، وڏو حصو ٿيو مذڪر ۽ ننڍو حصوٿيو مونث. ننڍو حصو (مونث) الڳ ٿيڻ کان پوءِ وڏي حصي (مذڪر) جي ڪشش مان نه نڪري سگھيو نتيجي ۾ مونث جسم، مذڪر جسم جي چوڌاري اهڙيءَ طرح گردش ڪرڻ لڳو، جيئن هئڊروجن جي ايٽم ۾ هڪڙو اليڪٽران نيوڪلس جي چوڌاري چڪر لڳائيندو رهندو آهي. اها هئي پھرين حرڪت. ان حرڪت جي نتيجي ۾اڄ تائين ڪائنات جا جسم گردش ۾ آهن . مطلب ته ڪائنات جي تخليق هڪ جوڙي (مذڪر ۽ مونث) مان ٿي. سيّد جي هن بلنديءَ تي وري غور ڪريو:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جوجي لھين،
هئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. هڪ خدا کان (هر دور ۾) هڪ ئي پيغام ايندو رهيو آهي. هڪ نور، هڪ حق، هڪ آواز. انجيل پاڪ ”ڪائنات جي ابتدا“ مٿين طريقي سان ٻڌائي آهي. هيٺين آيتن تي غور ڪريو:
”ليڪن خلقت جي شروعات کان، ان انھن کي مرد ۽ عورت بنايو. ان ڪري مرد، پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي ڪري پنھنجي زال سان گڏ رهندو ۽ اهو ۽ سندس زال ٻئي هڪ جسم ٿيندا، اهي ٻه جسم نه بلڪه هڪ جسم آهن.“ (مرقس- 6:1-8)
ٻئي هنڌ آيو آهي:
”ان جواب ۾ چيو ڇا تو ڪونه پڙهيو آهي ته جنھن انھن کي ٺاهيو ان ابتدا کان ئي انھن کي مرد ۽ عورت بنائي چيو ته ان سبب ڪري مرد، پيءُ کان ۽ ماءُ کان جدا ٿي ڪري پنھنجي زال سان رهندو ۽ اهي ٻئي هڪ جسم ٿيندا، اهي ٻه نه بلڪه هڪ جسم آهن.“ (متي 19: 6-4)
انھن ٻنھي آيتن جا هي لفظ غور طلب آهن: ”ليڪن خلقت جي شروعات کان“ ۽ ”جنھن انھن کي ٺاهيو ان ابتدا کان ئي“ – ”شروعات“ ۽ ”ابتدا“ لفظن مان ظاهر آهي ته ڪائنات کي تخليق ڪرڻ جي ڳالھه ٿي رهي آهي ڇو ته ابتدا يا شروعات ته اتان ئي ٿي، ٻيو ته مٿين آيتن ۾ ”مرد“ ۽ ”عورت“ لفظن مان مراد آهي مذڪر ۽ مونث، ڇاڪاڻ ته اڃان زمين ٺھي ئي ڪونھي ته مرد ۽ عورت ڪٿان آيا؟ سيّد لطيف جي هن شعر تي غور ڪريو. هتي به پاڻ جھان (ڪائنات) جي جوڙ کي جوڙي جو نتيجو ٻڌائي ٿو:
جوڙئون جوڙ جھان جي جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي محمّد مڪائين.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان، ڪائنات جي تخليق متعلق، سائنسدانن جي نظرين کي پاسيرو ڪري آسماني تعليم کي ڇو قبول ڪيون؟ آخر ڪھڙو قطعي ثبوت آهي ته ڪائنات جي تخليق جي ابتدا هڪ جوڙي (مذڪر ۽ مونث) مان ٿي. ان جو صاف جواب ڪتاب فطرت جي صفحن تي لکيو پيو آهي. زمين تي مرد ۽ عورت جو هجڻ، ڪائنات جي تخليق جي ابتدائي حالت جو نتيجو آهي. ڪائنات جي تخليق جي ابتدا کان وٺي زمين تائين هڪڙو سلسلو آهي ان سلسلي ۾ ڪٿي به خلا ڪونھي. قرآن حڪيم جي هن شھادت تي غور ڪريو:
سُبْحٰنَ الَّذِیۡ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّہَا مِمَّا تُنۡۢبِتُ الْاَرْضُ وَ مِنْ اَنۡفُسِہِمْ وَ مِمَّا لَا یَعْلَمُوۡنَ (یٰس:۲۶)
ترجمو: پاڪ آهي اها ذات، جنھن زمين مان ڦٽڻ وارن ٻوٽن مان هر هڪ جو جوڙو بنايو ۽ خود نوع انساني ۾ به (۽ انھن شين ۾ به) جن کي اهي نٿا ڄاڻن.
زمين مان نڪرندڙ بناتات ۾ مذڪر ۽ مونث جو سلسلو موجود آهي. ان کان پوءِ حيوانات آهن ۽ آخر ۾ اچي ٿو انسان. زندگيءَ جي انھن سڀني سطحن تي مذڪر ۽ مونث هيتون موجود آهن. مٿين آيت پاڪ (26:36) جا هي لفظ ”(۽ انھن شين ۾ به) جن کي اهي ڪونه ٿا ڄاڻن.“ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته مذڪر ۽ مونث جو سلسلو، زمين تي موجود زندگيءَ تائين محدود ڪونھي بلڪه اهو سلسلو اجرام فلڪي ۾ به موجود آهي. اها حقيقت اڄ تائين، دنيا جي سائنسدانن کان لڪل آهي. حالانڪه آسماني ڪتابن اها سچائي ان وقت پيش ڪئي جڏهن دنيا تي ظلمت جو سخت گھيرو هو. هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
قُلْ اِنَّ رَبِّیۡ یَقْذِفُ بِالْحَقِّ ۚ عَلَّامُ الْغُیُوۡبِ ﴿۴۸﴾ قُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَمَا یُبْدِئُ الْبَاطِلُ وَمَا یُعِیۡدُ ﴿۴۹﴾
(سبا:48-49)
ترجمو: چئو ته منھنجو پروردگار سڀني لڪل ڳالهين کي ڄاڻي ٿو. حق کي نازل فرمائيندو آهي، چئو ته حق اچي ويو ۽ باطل نه ته پھرين دفعي پيدا ڪندو آهي ۽ نه پيدائش کي دهرائيندو آهي.
”پھرين دفعي پيدا ڪندو آهي“ مٿين آيت جا اهي لفظ ڌيان طلب آهن. خدا تعالى جيڪي سڀ کان پھريان پيدا ڪيو، ظاهر آهي ته اها ڪائنات جي تخليق جي ابتدا هوندي. ان کي ئي بنياد بنائي دهرايو ويو آهي. تخليق ڪائنات جي شروعات هڪ مذڪر ۽ هڪ مونث سان ٿي. ان سلسلي کي زمين تي پاڻي واري زندگي يعني نباتات، حيوانات ۽ انسان تائين دھرايو ويو. فلڪياتي جسمن ۾ به مذڪر ۽ مونث جسم آهن:
وَ مَا خَلَقَ الذَّکَرَ وَ الْاُنۡثٰۤی ۙ﴿۳﴾ (الیل:3)
ترجمو: ۽ قسم آهي ان جو جنھن نر ۽ مادي پيدا ڪيو.
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
وَالَّذِیۡ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّہَا وَ جَعَلَ لَكُمۡ مِّنَ الْفُلْکِ وَ الْاَنْعَامِ مَا تَرْکَبُوۡنَ ﴿ۙ۱۲﴾ (زخرف:12)
ترجمو: ان هر شئي جا جوڙا بنايا ۽ ان توهان جي لاءِ ٻيڙيون ۽ چوپاين کي خلقيو جن تي توهان سواري ڪريو ٿا.
جيستائين انسان جو تعلق آهي ته مذڪر ۽ مونث جي ميلاپ لاءِ ڪوبه وقت مقرر ڪونھي، اهي ڪھڙي به وقت ميلاپ ڪري جنسي عمل ڪن ٿا. ان کان هيٺ حيوانات آهن، انھن ۾ مذڪر ۽ مونث جو ميلاپ هڪ خاص وقت تي ٿيندو آهي. ان کان هيٺ نباتات جو نمبر آهي انھن ۾ مذڪر ۽ مونث جو ميلاپ هوا يا قدرت جي ٻين ذريعن سان ٿئي ٿو.
خدا جي قدرت جون نشانيون صاف ٻڌائي رهيون آهن ته انسان کان هيٺ وڃبو ته نر ۽ مادي جو ميلاپ اختيار جي حدن مان نڪري جبر طرف وڃي ٿو. ڪائنات ۾ موجود نر ۽ ماده جسمن جو ميلاپ رياضيءَ جي قانونن تحت ٿئي ٿو. مذڪر ۽ مونث جسمن مان نڪرندڙ نور جون نديون جتي سنگم ڪن ٿيون اتي (مدارتي) نئون آسماني وجود جنم وٺي ٿو. ڄمڻ ۽ مرڻ جو سلسلو خارجي ڪائنات يعني فلڪياتي جسمن ۾ به موجود آهي. فلڪياتي جسم به ننڍي مان وڏا ٿين ٿا. جدا جدا مدارن تي نوان فلڪياتي جسم تخليق ٿيندا رهن ٿا ۽ موت اچڻ تي مختلف مدارن تي فلڪياتي جسمن جا لاش ترندا رهن ٿا. هن حقيقت کي ياد رکو ته خارجي ڪائنات (يعني فطرت الله) ۽ زمين جي سيني تي انسانن جي فطرت هڪ ئي آهي صرف جبر و اختيار جو تعلق آهي. جبر پنھنجو جامو لاهي اختيار جو جامو پاتو آهي: قرآن حڪيم جي شھادت آهي:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ (الروم:30)
ترجمو: اها الله تعالى جي ئي فطرت آهي، جنھن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.
اچو ته هاڻي قرآن حڪيم جي هن آيت تي غور ڪريون. هن آيت مان توهان کي صاف معلوم ٿيندو ته زمين جي تخليق به مذڪر ۽ مونث مان ٿي آهي:
قُلْ اَئِنَّكُمْ لَتَكْفُرُوۡنَ بِالَّذِیۡ خَلَقَ الْاَرْضَ فِیۡ یَوْمَیۡنِ وَ تَجْعَلُوۡنَ لَہٗۤ اَنۡدَادًا ؕ (حم سجدہ:9)
ترجمو: توهان چئي ڏيون ته ڇا ان رحيم جا منڪر ٿيا آهيو جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ تخليق ڪيو.؟
هن آيت مطابق زمين جي گولي جي تخليق ”ٻن ڏينھن“ ۾ ٿي. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ٻه ڏينھن ڇو؟ ان جو صاف جواب آهي ته زمين به هڪڙو زنده وجود آهي. اها به هڪ مذڪر ۽ هڪ مونث (ٻن ڏينھن) جي رياضياتي ميلاپ جونتيجو آهي. ان جو به هڪڙو پيءُ ۽ ماءُ آهي. اها به ننڍي مان وڏي ٿي آهي. قرآن شريف جي هيءَ آيت:
اَللہُ الَّذِیۡ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ وَّ مِنَ الْاَرْضِ مِثْلَہُنَّ ؕ (الطلاق:12)
ترجمو: الله اهو آهي جنھن ست آسمان پيدا ڪيا ۽ ان وانگر زمين به.
مٿين آية پاڪ ۾ قدرت جي ان قانون کي پيش ڪيو ويو آهي ته جھڙيءَ طرح زمين ”ٻن ڏينھن ۾“ تخليق ٿي آهي اهڙيءَ طرح ڪائنات جي سڀني جسمن يعني ستن آسمانن کي به ٻن ”ڏينھن“ ۾ خلقيو ويو آهي. هيءُ آيت پاڪ صاف شھادت ڏئي رهي آهي:
فَقَضٰہُنَّ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ فِیۡ یَوْمَیۡنِ وَ اَوْحٰی فِیۡ كُلِّ سَمَآءٍ اَمْرَہَا ؕ (حم سجدہ:12)
ترجمو: ۽ پوءِ ٻن ڏينھن ۾ ستن آسمانن کي بنايو ۽ هر آسمان جي طرف ان جي (مناسبت) سان حڪم موڪليو.
هن حقيقت کي ياد رکو ته قرآن حڪيم جتي لفظ ”يوم“ ڪم آندو آهي ته ان مان مراد ”چوويھن ڪلاڪن وارو ڏينھن ڪونھي بلڪه ان جو مطلب هڪ ”دؤر“ يا ”تدريجي مرحلو“ به آهي. فلڪياتي جسمن جي تخليق وڏن وڏن دؤرن ۾ ڪمال تائين پھچندي آهي. هن آيت پاڪ تي به غور ڪريو:
وَ مِنۡ كُلِّ شَیۡءٍ خَلَقْنَا زَوْجَیۡنِ لَعَلَّكُمْ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۴۹﴾ (الذاریات:49)
ترجمو: اسان هر شيءِ مان جوڙا جوڙا پيدا ڪيا ته جيئن اوهان ڌيان ڪريو.
ارتقا جي نظريي تي ڪم ڪندڙ هڪڙو عظيم سائنسدان G.G.Simpson اڄ اهائي ڳالھه ڪري رهيو آهي جنھن کي آسماني ڪتابن اڳ ۾ ئي پيش ڪيو آهي:
”نظريه ارتقا مان اسان کي سڀ کان پھريون ۽ عظيم سبق هي ملي ٿو ته حيات هڪ آهي يعني وحدت حيات جو سبق. اهو عقيدو عيسائيت ۽ ٻين مذهبن ۾ به موجود آهي ته دنيا جا سڀ انسان پاڻ ۾ ڀائر آهن بلڪه ڪائنات جي سڀني شعبن ۾ اهو رشتهءِ اخوت ڪار فرما آهي. اهڙيءَ طرح جو انھن سڀني جو اولين سرچشمو هڪ آهي ۽ اهي سڀئي هڪ ئي طريقي سان مختلف گوشن ۾ نشوونما پائي پنھنجي موجوده حالت تائين پھتيون آهن. (The Meaning of Evolution P.13)
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين،
هئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

*
جوڙئون جوڙ جھان جي جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي محمّد مڪائين.

مشھور روسي مفڪر P.A.Guspensky پنھنجي استاد Gurdjiff جي لفظن ۾ چوي ٿو:
”اهو ناممڪن آهي ته اسان انسان جي مطالعي ڪرڻ کان سواءِ ڪائنات جو مطالعو ڪري سگهؤن ۽ ان سان گڏ اهو به ناممڪن آهي ته اسان انسان جو مطالعو، ڪائنات جي مطالعي ڪرڻ کان سواءِ ڪري سگھؤن. اسان جي تخليق انھن ئي قانونن سان عمل ۾ آئي آهي، جن قانونن تي ڪائنات جي جسمن جي تخليق عمل ۾ آندي وئي آهي. انسان پنھنجي ذات جي مطالعي سان ڪائنات جو مطالعو ڪري سگھي ٿو. يعني انھن سڀني ضابطن ۽ قانونن جو مطالعو، جن جي تحت هن ڪارخانه عالم جو سلسلو هلي رهيو آهي. انھيءَ ڪري ڪائنات ۽ ذات جو مطالعو گڏوگڏ ٿيڻ گھرجي ته جيئن هڪٻئي کان مدد ملي سگھي.“
(In Search of Miracles p.17)
آسمانن کان وٺي زمين تائين، قانونن جي وحدت آهي، ڇو ته ڪائنات قانونن جو مجموعو آهي. ڪائنات هڪ زنده عقلي نظام آهي، ڇو ته جيڪو حقيقي آهي اهو عقلي به آهي. ڪائنات بتدريج عقلي نظامن ۾ تخليق ٿي آهي. جيڪڏهن ڪائنات جي مختلف جسمن تي مختلف قسمن جا طبعي قانون هجن ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ڪائنات جا تخليقي مرحلا عقلي ڪونه آهن. ڪائنات حقيقي آهي. ڪائنات قابل فهم آهي ۽ مخصوص قانونن تحت هلي رهي آهي. ان ڪري قابل پيشنگوئي آهي. ياد رکو ته مشيت ايزدي ۽ حڪم الاهي اهوئي آهي جنهن کي ”قدرت جو قانون“ چئجي ٿو ۽ جنهن جي فيض سان ڪائنات قائم آهي. اهي قانون نھايت محڪم آهن. ڪائنات بتدريج مختلف ۽ متنوع عقلي نظامن ۾ تخليق ٿيڻ جي باوجود هڪ متحد نظام وانگر وحدت ۾ رهي ٿي. سيد لطيف جي ڏنل هن آسماني ذائقي کي وري چکو، سيد ڪائنات جي ابتدا جي ڳالهه ڪري ٿو:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جو جي لھين،
هئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

*

باب ٽيون

---

پاڻ سڃاڻ

پنھون ٿيس پاڻ، ويو سسئيءَ جو سينگار،
من عرف نفسھ فقد عرف ربھ اهوئي آچار.

ان حقيقت ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ته انسان جي زندگيءَ لاءِ، جيڪو نظام حيات ٺاهيو ويندو ته ان جي ابتدا، الاهياتي ۽ مابعد الطبعياتي مسئلن سان ٿيندي. زندگيءَ جي ڪابه اسڪيم ٺهي ڪونه سگهندي جيستائين انسان ۽ ڪائنات جي متعلق هڪ واضح ۽ متعين تصور نه قائم ڪيو وڃي. انسان کي هن دنيا ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي؟ ان سوال جو صحيح جواب ان وقت ملندو جڏهن انسان جي پوري حقيقت معلوم ڪئي وڃي. انسان آهي ڇا؟ اهو آهي اڄوڪي انسان جو بنيادي مسئلو. انسان جي بقا ۽ وجود جو دارومدار ان ئي مسئلي تي آهي.انسان جا باقي جيڪي به مسئلا آهن اهي سڀ ان جي تقاضائن مان نڪرن ٿا ۽ انهن سڀني مسئلن جي حيثيت ان جي جزئيات ۽ تفصيلات کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. مشهور مفڪر Professor Caird ان باري ۾ لکي ٿو:
”صورت اها آهي ته اڄ جي دور جو انسان پنهنجي حقيقت کان جيتريقدر ويڳاڻو آهي اوترو هن کان اڳ هي ڪنهن به دور ۾ ڪونه هيو. 21 صديءَ جي هن دور تائين، جنهن ۾ اسان گفتگو ڪري رهيا آهيون، گهڻن ئي فلاسافرن ۽ مفڪرن انسان جي مسئلي تي گهڻو زور ڏنو آهي پر هر هڪ، انسان جي باري ۾ پنهنجو الڳ الڳ نظريو ۽ ٻين کان مختلف تصور پيش ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو انسان جي حقيقت اڄوڪي دور تائين وڌ ۾ وڌ متنازع ٿي وئي آهي.“
(The Crisis of Civilization. Page.77)
جيڪڏهن اسان ڪونه ٿا سمجهؤن ته انسان ڇا آهي ۽ ان کي ڇا ٿيڻ گهرجي؟ ٻين لفظن ۾ هيئن سمجهو ته جيڪڏهن انسان جي حقيقت جي باري ۾ اسان جو فڪر واضح ۽ متعين ٿيل ڪونھي ته پوءِ تمدن ۽ ثقافت، تعليم و تربيت، اخلاق ۽ معاشرت جي رابطن جي اصلاح جي نالي تي اسان جون سڀئي ڪوششون محض بيڪار ۽ بي نتيجه آهن. اهي ماڻهو جي انسان جي حقيقت کي سمجھڻ بدران انفرادي ۽ اجتماعي اصلاح جي ڪوششن ڪن ٿا انهن جو مثال هڪ اهڙي مالهيءَ جهڙو آهي جيڪو باغبانيءَ جو فن ته ڄاڻي ٿو مگر جن وڻن جي هو نگهداشت ۽ سنڀال ڪري رهيو آهي ان جي قسمن کان ناواقف آهي ۽ اها ڳالهه به ڪونه ٿو سمجهي ته سندس معاشري ۾ ماڻهن کي ڪهڙي قسم جي ميون جي ضرورت آهي.
هي ڪو اتفاقي حادثو ڪونهي بلڪه حقيقت اها آهي ته اڄوڪي دور ۾ انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو خود انسان ئي آهي. جيتري قدر زندگيءَ ۾ چمڪ دمڪ وڌي رهي آهي، جيتري قدر سائنس جو ذريعه فطرت تي اقتدار حاصل ٿيندوٿو وڃي، جيتريون زياده آسانيون، آسائشون ۽ سهولتون انسان کي حاصل ٿينديون ٿيون وڃن، انهيءَ نسبت سان اهو هڪ انتهائي وڏو مسئلو ٿي ويو آهي. انسان پنهنجي علم جي ذريعي ڪائنات جي رازن کي بي نقاب ڪندو ٿو وڃي، پرايڏي وڏي علمي ترقيءَ باوجود هي سوال ته خود انسان ڇا آهي؟ هڪڙو وڏو سواليه نشان آهي ۽ اهو سواليه نشان هر روز اڃان به وڏو ٿيندو ٿو وڃي. جيستائين توهان ان بنيادي سوال جو ڪو صحيح، معقول ۽ جامع جواب تلاش نه ڪندؤ تيستائين ڪنهن به انساني مسئلي جي حل جو ڪوبه امڪان ڪونهي. ڊاڪٽر شريعتي چوي ٿو:
”دنيا جو ڪوبه اجتماعي نظام، انسانيت جي ڪابه بامعنى خدمت نٿو ڪري سگهي جيستائين پهريان اها ڳالهه نه طئي ڪئي وڃي ته انسان ڇا آهي؟ ان جي زندگيءَ جي اصل چاهت ڪهڙي آهي؟ ۽ ڪهڙو هدف آهي، جنهن جي ڳولا ۾ انسان سرگردان رهي ٿو. سندس فطرت کانئس ڪهڙي هدف تائين پهچڻ جي گهرج ڪري ٿي. گويا اصول اهو ٿيو ته پهريان اهو طئي ڪيو وڃي ته هن دور ۾ اعلى معاشرت، عظيم تمدن ۽ بظاهر انتهائي ترقي يافته، سياسي ۽ اجتماعي مڪاتب فڪر، انسان کي ڪهڙي رنگ ۾ رڱڻ گهرن ٿا. ان لحاظ کان اسان چئي سگهون ٿا ته هر ڳالهه کان پهريان، جيڪا ڳالهه حل طلب آهي سا هيءَ آهي ته انسان آهي ڇا؟ ان جي ڪامل حقيقت ڇا آهي؟ ۽ ان حق کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ يا ٻين لفظن۾ انسان کي انسان بنائڻ لاءِ ڪهڙن محاذن تي ڪم ڪرڻ گهرجي.
سائنسي ترقيات ۽ فني پيش رفت جي باوجود انسان ۽ انسانيت جي باري ۾ اسان جو علم بي حد محدود آهي. هڪ طرف زراعت، صنعت ۽ تجارت کي بي حد فروع مليو آهي ته وري ٻئي طرف بي روزگاري، فقر وفاقه، بي چيني، بدامني ۽ اضطراب ۾ به انهيءَ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. بي شمار مسئلا پيدا ٿيا آهن. ان صورتحال جو واحد سبب اهو آهي ته اسان کي پنهنجي حقيقت جي ڄاڻ ڪونهي. اهو سڀ کان وڏو ڪم آهي جيڪو انسان کي ڪرڻو آهي. لاعلمي ۽ جھالت پوري دنيا تي مسلط ٿي انسانيت کي گمراهه ڪري رهي آهي. اسان جي دنيا کي خطرو ايٽم بمن کان ڪونھي، پر انسان جي حقيقت جي باري ۾ لاعلمي ئي درحقيقت اسان جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. هن وقت ستارن جي پيمائش کان زياده انسان جي فطرت ۽ راهه سعادت ڄاڻڻ جي ضرورت آهي. اسان انسان پاڻ ئي پنهنجي لاءِ خطرو بنيل آهيون.
انسانذات جي ان ايڏي وڏي مسئلي جي حل لاءِ، اسان جڏهن سيد لطيف ڏانهن رجوع ڪريون ٿا ته سيد ڏس ٿو ڏئي:
پنهون ٿيس پاڻ ويو سسئي جو سينگار،
من عرف نفسه فقد عرف ربھ اهوئي آچار،
جو وندر ۾ واپار، سو سودوسرئس هتهين.

انسان ڪل جو جز آهي. جز جي فطرت، ڪل جي فطرت کان مختلف ٿي ڪونه سگهندي.
خدا تعالى، انسانن کي پنهنجي فطرت تي ٺاهيو آهي. پنهنجي فطرت کي سمجهبو ته الله جي فطرت سمجهه ۾ ايندي، الله جي فطرت کي سمجهبو ته انسان جي فطرت جي خبر پوندي. قرآن حڪيم شاهد آهي:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ (الروم:30)
ترجمو: اها الله تعالى جي ئي فطرت آهي جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.
ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ اچي ٿو:
وَ فِی الْاَرْضِ اٰیٰتٌ لِّلْمُوۡقِنِیۡنَ ﴿ۙ۲۰﴾ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِكُمْ ؕ اَفَلَا تُبْصِرُوۡنَ ﴿۲۱﴾ (ذاريات:20-21)
۽ زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، بلڪه خود توهان جي اندر به، پوءِ ڇا توهان ڪونه ٿا ڏسو؟
سيد لطيف ٿو چئي:
هوت تنھنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پئي،
وفي انفسکم افلا تبصرون، سوجھي ڪرسهي
ڪڏهن ڪونه وئي، هوت ڳولهڻ هٽ تي.

مٿي ڏنل آية پاڪ (30:30) ۾ ”فطرت الله“ مان مراد آهي الله تعالى جو اهو قانونِ تخليق، جنهن تي ان ڪائنات جي وسعتن ۾ ڦهليل اجرام فلڪي کي تخليق ڪيو آهي. ڇو ته ڪائنات الله تعالى جي فطرت جو نتيجو آهي ۽ فطر الناس مان مراد آهي الله جو اهو قانون تخليق، جنهن مطابق ان زمين تي انسانن کي پيدا ڪيو. آيت پاڪ تي وري غور ڪريو:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ (الروم:30)
اها الله تعالى جي ئي فطرت آهي جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.
قرآن حڪيم جي مٿين آية پاڪ (30:30) کي گهرائي ۾ سمجهڻ لاءِ هيٺين لفظن کي غور سان سمجهو.
رياضيدان PD. Ouspensky جي استاد gurdjeff جي هنن لفظن تي وري غور ڪريو:
”اهو ناممڪن آهي ته اسان انسان جي مطالعي ڪرڻ کان سواءِ ڪائنات جو مطالعو ڪري سگهون ۽ ان سان گڏ اهو به ناممڪن آهي ته اسان، انسان جو مطالعو، ڪائنات جي مطالعي ڪرڻ کانسواءِ ڪري سگهؤن. انسان جي تخليق انهن ئي قانونن سان ئي عمل ۾ آئي آهي ، جن قانونن تي ڪائنات جي جسمن جي تخليق عمل ۾ آندي وئي آهي. انسان پنهنجي ذات جي مطالعي سان ڪائنات جو مطالعو ڪري سگهي ٿو. يعني انهن سڀني ضابطن جو مطالعو، جن جي تحت هن ڪارخانه عالم جوسلسلو هلي رهيو آهي. انهيءَ ڪري ڪائنات ۽ ذات جو مطالعو گڏوگڏ ٿيڻ گهرجي ته جيئن هڪٻئي کان مدد ملي سگهي.“ (In search of miracies.page.17)
مطلب ته خارجي ڪائنات، الله تعالى جي فطرت جو نتيجو آهي. الله تعالى انسانن کي پنهنجي فطرت تي پيدا ڪيو آهي. ياد رهي ته سيد لطيف جو پهريون سبق هي آهي ته ڪائنات ۾ سواءِ خدا جي، ڪنهن ٻي شيءِ جو ڪوبه وجود ڪونهي. برٽينڊ رسل برطانيه جو مشھور فلسفي آهي. هو پنهنجي ڪتاب Problems of Philosophy ۾ لکي ٿو:
”جيڪڏهن ڪنهن شئيءَ جي فطرت مان مراد ان شيءِ جي باري ۾ ان جي سڀني حقائق جو مجموعو وٺئون ته پوءِ ظاهر آهي ته اسان ڪنهن شيءِ جي فطرت کي ان وقت تائين سمجهي ڪونه سگهنداسين جيستائين ان سان لاڳاپيل ٻين سڀني اضافتن کي نه سمجهؤن.“ صفحه 30)
انسان جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ماهرينِ حياتيات، فلسفين ۽ مفڪرن ڪم ڪيو آهي پر پوءِ به اهي انسان جي ڪامل حقيقت تائين ڪونه پهچي سگهيا ڇو ته انهن جي نظر، قدرت جي هڪ اهڙي قانون تائين ڪونه پهتي آهي، جنهن کي آسماني ڪتاب پيش ڪن ٿا. اها سچائي آهي ”قانون گناهه فطرت“، ان کي ”حد ڪمال، آغاز زوال“ جو قانون به چيو ويندو آهي. اچو ته انسان جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ قدرت جي هنن مظهرن تي غور ڪريون.
هي آهي گلاب جي ٻوٽي ۾ لڳل هڪڙي مکڙي، وقت سان قدرت ان مکڙي ۾ روح ڦوڪيندي ويندي. آخر اهڙو دور ايندو جڏهن اها مکڙي هڪڙي حسين و جميل گل ۾ تبديل ٿي ويندي. گلاب جي گل جي ان انتهائي حسين دور کي گل جو مقام ”احسن تقويم“ چونداسين. ٿورو وقت گذرڻ بعد، گلاب جو گل، پنهنجي گلابي مسڪراهٽ سان ماحول کي مهڪائي پتين ۾ لهڻ شروع ڪندو. گل جون پنکڙيون آهسته آهسته سڪي، ڪري پونديون ۽ گل تي دور اسفل سافلين ڇائنجي ويندو. فطرت جي ان مظهر مان ظاهر ٿيو ته خير (خدا) جون قوتون، تخليق کي ڪمال تائين پهچائڻ کان پوءِ روح ڦوڪڻ جو ڪم پورو ڪن ٿيون. ان کان بعد چارج شر جي قوتن کي ملي ٿي جيڪي تخليق کي مقام احسن تان ڪيرائي مقام اسفل سافلين ۾ لاهي اچن ٿيون. قدرت جو ”حد ڪمال، آغاز و زوال“ وارو قانون ڪم ڪري ٿو. انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. ان ڪتاب ۾ به ان قانون کي پيش ڪيو ويو آهي:
”هر بشرگاهه وانگر آهي ۽ ان جو سارو شان شوڪت گاهه جي گل وانگر آهي. گاهه ته سڪي ويندو آهي ۽ گل ڪري پوندو آهي.“ (1-پطرس 1:24)
اڳتي وڌڻ کان اڳ، اچو ته قرآن حڪيم جي هنن لفظن تي غور ڪريون ته جيئن انسان جي نظر، انهن قدرتي قانونن تائين پهچي، جيڪي قانون، انسان جي تخليق تي اثر انداز ٿيا آهن.
قرآن ۾ آيو آهي:
اُنۡظُرُوۡۤا اِلٰی ثَمَرِہٖۤ اِذَاۤ اَثْمَرَ وَ یَنْعِہٖ ؕ (الانعام:99)
ترجمو: انهن وڻن سان گڏ ميوي لڳڻ ۽ پچڻ جي مرحلن جو مطالعو ڪريو.
هي آهي انب جو وڻ. ان ۾ پهريان ڪچو ميوو لڳندو. قدرت ان ۾ روح ڦوڪيندي ويندي. ميوو پچي ڪمال (مقام احسن تقويم) تائين پهچندو يعني خير جون قوتون پنهنجو ڪم پورو ڪنديون. پڪل ميوو ٽاريءَ کان جدا ٿي هيٺ ڪرندو، ڇو ته اها ان جي تقدير آهي. هاڻي هيٺ ڪريل ميوي تي شر جو قبضو ٿيندو. وقت گذرڻ سان ميوي جي حالت خراب ٿيندي ويندي يعني ان تي دوراسفل سافلين ڇائنجي ويندو. اهو آهي گناهه فطرت، جيڪو نباتات جي دنيا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڪتاب فطرت جي حقائق مان صاف ظاهر آهي ته ”گناهه“ اهڙي عمل کي ڪوٺبو جيڪو جسم جي حسن کي (سونهن) برباد ڪري ڇڏي، ان جي ڪمال کي مٽائي، ان ۾ نقص پيدا ڪري ۽ ان کي بلندي کان کڻي پستي ۾ وٺي اچي.
قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
وَ اللہُ اَنۡۢبَتَكُمۡ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا ﴿ۙ۱۷﴾ (نوح: 17)
ترجمو: خدا تعالى انسانن کي زمين مان هڪڙي وڻ وانگر پيدا ڪيو.
هن آيت پاڪ تي غور ڪرڻ سان صاف معلوم ٿو ٿئي ته انسان زمين جي پيداوار آهي. ان کي آسمان تي ٺاهي، زمين تي ڪونه آندو ويو. انسان ڪائنات جي بدن مان نڪتو آهي ٻيو ته انسان جي تخليق تي نباتاتي قانون اثر انداز ٿيا آهن.

[b]انسان جي تخليق ۽ مقام احسن تقويم:
[/b]انسان جي تخليق جو آغاز ڪائنات جي ابتدا کان ئي شروع ٿيو ڇو ته مذڪر ۽ مونث جسمن جو سلسلو ڪائنات جي شروعات کان وٺي، زمين تي موجود زندگيءَ تائين ڳنڍيل آهي. ان سلسلي ۾ ڪٿي به خلا ڪونهي. مٿان کان آيل ارتقائي سلسلي کي مٽي، پاڻي، هوا ۽ حرارت جي موجودگي ۾ زمين تي ڦهلايو ويو. وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنۡسَانِ مِنۡ طِیۡنٍ (السجده:7)
مٽيءَ جي نئين شڪل انسان هئي. انسان جي نشوونما زمان ۾ ٿي آهي. سادو، پيچيده صورت کان پھريان آهي ۽ هر بعد جي نوبت پهرين نوبت کان ڪم ورتو آهي. مختلف الاجناس انواع هڪ ئي وحدت مان نڪتا آهن. جمادات کان نباتات تائين ۽ نباتات کان حيوانات ۽ انسان جي وچ ۾ هڪڙو رابطو ملي ٿو. اها ڳالهه ڪائنات جي سڀني شين جي باطني رابطي مان ملي ٿي.
انسان ته موجوده ڪونه هئو پر مٽيءَ ۾ هڪ حقيقت ممڪنه موجود هئي جيڪا ارتقا جي ذريعي نباتات مان ٿيندي، حيوانات مان گذرندي. ان وقت ڪمال تائين پهتي جڏهن پهرين انساني نوع جو بدن سج جي بدن وانگر نورسان ڀرجي ويو ۽ چهرو به سج وانگر چمڪڻ لڳو يعني انسان آسماني صحت جو مالڪ ٿيو. اتي ارتقا جو سفر پورو ٿيو، ڇو ته اُن کان وڌيڪ حسين چهري جو وجود ڪائنات ۾ آهي ئي ڪونه. ارتقا جي ان مقام تي آڱر رکي اسان چئي سگهون ٿا ته اتي جانور پورو ٿيو ۽ انسان شروع ٿيو. اهو آهي وجود ڪامل (خدا) جو چهرو.
خدا تعالى انسان کي پنهنجي شڪل تي ٺاهيو: هڪ مشهور حديث پاڪ آهي:
الله تعالى آدم کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو.
توريت پاڪ جي شهادت آهي:
خدا انسان کي پنهنجي شڪل تي ٺاهيو. (پيدائش 27: 1)
سيد لطيف چوي ٿو:
هو پڻ ڪونهي هن ريءَ هي نه هنهان ڌار،
الانسان سري وانا سره، پڙوڙج پچار،
ڪندا ويا ويچار، عالم عارف اهڙي.

زمين تي جاندارن جي وجود ۾ اچڻ کان پهريان، مادي ڪائنات سڀ ارتقائي مرحلا طئي ڪري هڪ اهڙي شڪل ۾ موجود هئي، جنهن کان بغير اهي جاندار وجود ۾ اچي ڪونه ٿي سگهيا تنهنڪري مادي ڪائنات جي ارتقا انهن جاندارن کي آڻڻ جي تياري هئي ۽ ان ارتقا جو سبب به اهوئي مقصد هو.
جهڙيءَ طرح مقصود ابتدا ۾ ٻج جي اندر لڪل ٿيندو آهي ۽ آخرڪار ثمر ۾ ظاهر ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته فلڪياتي جسمن جي تڪوين کان، انسان ڪامل جي خلقت تائين، قدرت جيڪو سفر اظهار ڪيو ان جو مقصد انسان ڪامل هو. ڪامل الخلقت ان مخلوق کي چئبو آهي، جنهن ۾ حسن ۽ خوبي انتها تائين پهچي وڃن. ڪامل شيءَ ۾ نقص ڪونه ٿيندو آهي. مقام احسن تقويم جي انتها تي، انسان کي پوري جمال ۽ ڪمال سان آندو ويو. هن آيت پاڪ تي وري غور ڪريو، انسان جي تخليق تي نباتاتي قانون اثر انداز ٿيا آهن:
وَ اللہُ اَنۡۢبَتَكُمۡ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا ﴿ۙ۱۷﴾ (نوح:17)
زمين تي ارتقا جو سلسلو هڪڙي وڻ وانگر ڦهليو آهي. شاخون ڪڍڻ ۽ شاخ در شاخ ٿيڻ نباتات جي فطرت آهي. اهڙيءَ طرح سلسلو گل کان ٿيندو ميوي تائين وڃي پهچندو آهي. شاخ جي ٽاريءَ ۾ لڳل ثمر گودي ۽ رنگ جي تبديلين مان گذرندو آهي. اهڙيءَ طرح ميوي کي ڪمال تائين پهچڻ جي لاءِ مٿيان ٻڌايل مرحلا طئي ڪرڻا پوندا آهن. شاخن تي نوان پن نڪرندا ۽ سڪل پن ڪرندا رهيا. مختلف شاخن تي مختلف گل کليا. ان سلسلي جي بلند ترين هستي انسان آهي.”حد ڪمال آغاز زوال“ جي قانون تحت انسان وڌ ۾ وڌ حسين مقام تي پهچڻ کان پوءِ زوال ڏانهن لهي آيو؛ بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ٽاريءَ ۾ لڳل ڦل پچڻ (ڪامل ٿيڻ) کان پوءِ هيٺ ڪري پوندو آهي. وقت گذرڻ سان ڪريل ميوي جي حالت خراب کان خراب تر ٿيندي ويندي آهي. انسان به تخليق جي اهڙن مرحلن مان گذريو آهي.
لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنۡسَانَ فِیۡۤ اَحْسَنِ تَقْوِیۡمٍ ۫﴿۴﴾ ثُمَّ رَدَدْنٰہُ اَسْفَلَ سٰفِلِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ (التين:4-5)

انسان جي تخليق ۽ مقام اسفل سافلين:
پڪل ميوو ٽاريءَ مان ڪرندو ته ان جي حالت وقت (گذرڻ سان) خراب کان خراب تر ٿيندي ويندي. پهريون ڪامل انسان (آسماني صحت جو مالڪ) مقام احسن تقويم تان مقام اسفل سافلين ۾ ڪريو ته ان جو پهريون اثر اهو ٿيو جو نور جي چادر لهڻ شروع ڪيو.
قرآن شريف ۾ آيو آهي:
لِیُبْدِیَ لَہُمَا مَاوٗرِیَ عَنْہُمَا مِنۡ سَوْاٰتِہِمَا (الاعراف: 207)
مولانا عبدالماجد دريا آبادي پنهنجي ”تفسير ماجدي“ ۾ ان آيت متعلق لکيو آهي:
”آدم ۽ حوا جا جسم لباس نور سان ڍڪيل هئا ۽ اهڙي طرح انهن جي جسمن جا قابل ستر حصا خود انهن جي نظرن کان لڪل هئا. گناهن جي ڪري اهو نور جلي ويو ۽ جيڪي ڪجهه انهن جي جسمن ۾ نور جي پردن ذريعي لڪايو ويو هو اهو انهن ٻنهي جي روبرو بي پرده ٿي پيو. اهوئي سبب هئو جو انهن پنهنجي جسمن جي خاص عضون کي وڻ جي پنن سان ڍڪيو.“
توريت پاڪ جي شهادت آهي:
”۽ آدم ۽ ان جي زال ننگا هئا ۽ شرمائن نه پيا.“ (پيدائش 52:2)
اهي ننگا ضرور هئا ليڪن نور جي جيڪا پوشاڪ، انهن جي جسمن تي چڙهيل هئي ان سبب ڪري اهي ڪونه پيا شرمائن ڇو ته انهن جا خاص عضوا نور جي پردي سان ڍڪيل هئا.
توريت پاڪ جي شھادت آهي:
”تڏهن ٻنھي جون اکيون کلي پيون ۽ انهن کي معلوم ٿيو ته اهي ننگا آهن ۽ انهن انجير جي پنن کي پاڻ ۾ سبي ڪري پنهنجي لاءِ لنگيون ٺاهيون.“ (پيدائش: 7:3)
وري غور ڪريو. پهرين انساني نوع، جڏهن ارتقاجا مرحلا طئي ڪري مقام احسن تقويم تائين پهتي ته اها آسماني صحت جي مالڪ هئي. پهرين ڪامل انساني نوع جو چهرو سج وانگر پئي چمڪيو ۽ ان جو سڄو بدن سج جي بدن وانگر نور سان ڀريل هو. انسان کي وڌ ۾ وڌ حسين مقام (حسن ڪمال) تائين پهچايو ويو. ظاهر آهي ته ان مقام کان وڌيڪ حسين مقام ٻيو ٿي نٿو سگهي. سيد لطيف جو هي شعر:
پاڻھين جل جلالھ، پاڻھين جان جمال،
پاڻھين صورت پرينءَ جي پاڻھين حسن ڪمال.

هن تمثيل کي سامهون رکو. مقام احسن تقويم تي پهريون ڪامل انسان ان شمع وانگر هيو، جنهن جو شيشو بلڪل صاف هجي. جڏهن شمع کي ٻاريو وڃي ته اها روشنيءَ سان ڀرجي وڃي. حد ڪمال آغاز زوال قانون تحت يعني مقام اسفل سافلين ۾ ڪرڻ کان پوءِ، انسان جي حالت ان شمع وانگر ٿي وئي جيڪا ٻرندي ته هجي پر ان جو شيشو دونهين جي ڪري ايترو ته ڪارو ٿي وڃي جو روشني شيشي کان ٻاهر نڪري نه سگهي. انسان جي بدن جي مڪينزم ۾لڳل ان ڪاراڻ جو نالو ”نفس“ آهي. ناري پاڙون اتان ڦهلجن ٿيون. اهو نفس شر جو اصلي سرچشمو آهي. وري ياد ڪيو ته مقام احسن تقويم وقت انسان وجود ڪامل هيو. وجود ڪامل ان ڪامل الخلقت کي چئبو آهي، جنهن ۾ حسن و خوبي پنهنجي انتهائي حد تائين پهتل هجي ۽ ڪمال ان انتهائي حد کي چوندا آهن، جنهن تائين اها پنهنجي پوري نشوونما کان بعد پهچي سگهي. جيڪا شيءَ ڪمال تان ڪرندي آهي ته ان ۾ ڪمي يعني نقص اچي وڃن ٿا.نقص يا ڪمي بذات خود شر آهي. اها ڪمي يا نقص، خير جوگويا فقدان آهي. انسان ۾ فنا جا عناصر داخل ٿي ويا.
مقام احسن تقويم (ڪمال) تان ڪرڻ ڪري انسان ۾ ”نفس“ جاءِ ٺاهي. نفس نسل درنسل، قانون وراثت تحت منتقل ٿيندو آيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين ”کل نفسٌ ذائقۃ الموت“ جو قدرتي قانون ڪم ڪندو ٿو رهي. نسل در نسل گناهه ٿيندا رهيا انهن جا منفي اثرات به انسانن ۾ جمع ٿيندا آيا. انسان ۾ ماضي موجود آهي. هن مساوات تي غور ڪريو:
قانون”حد ڪمال آغاز زوال“ جا نقصان x نسل درنسل ٿيل گناهه= نفس
اهو نفس ئي آهي جنهن جي ڪري انسان ڪراڙو ٿئي ٿو ۽ آخرڪار موت جي غار ۾ غائب ٿي وڃي ٿو. نفس جي غلاظتن سبب انسان سڄو ڏينهن موت کي ڳولھيندو ٿو وتي. آخرڪار 60-70 سالن جي عمر ۾ انسان ”موت“ کي ڳولھڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. گناهه انسان جي جسم کي مجروح ڪن ٿا ۽ ان جي روح ۽ ماحول کي آلوده ڪن ٿا. شراب جا خراب اثر شرابيءَ جي اولاد تي پون ٿا. اهڙيءَ طرح ٻيا لاتعداد گناهه آهن جن جا اثر وراثت ۾ ملن ٿا. نفس قدرت جي قاعدن جو نتيجو آهي. اهو ڏنو آهي قدرت واري. ان جي فريب کان بچڻ جي هر وقت تلقين ڪئي وئي آهي: حضور اڪرم * جو ارشاد پاڪ آهي:
ادعٰی عدوت نفسک التی بین فیک
ترجمو: توهان جو بدترين دشمن اهو نفس آهي جيڪو توهان جي پنهنجي پهلوءَ ۾ آهي.
سيّد لطيف ان ڏس ۾ چوي ٿو:
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾،
اڀا ايئن چون، مڇڻ پاند پسائين.

هڪڙي دفعي ڪنهن اصحابي، حضور اڪرم * کان پڇيو ته ڇا توهان ۾ به ”نفس“ آهي؟ پاڻ فرمايائون ته مون ۾ به نفس آهي پر مان ان کي ”مسلمان“ ڪيو آهي.

[b]زندگيءَ جو مقصد:
[/b]زندگيءَ جي مقصد جو تعين ڪيو وڃي ته اهو آئينده حاصل ٿيڻ واري حالت جو ڪو بهتر تصور آهي. قرآن حڪيم جي نظر ۾ زندگيءَ جو مقصد آهي نفس جي غلاظتن کي صاف ڪري ڪامل ٿيڻ. يعني اها آسماني صحت حاصل ڪرڻ جيڪا قدرت طرفان پهرين انساني نوع کي ملي هئي:
وَ لِیُمَحِّصَ اللہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ یَمْحَقَ الْکٰفِرِیۡنَ ﴿۱۴۱﴾ (آل عمران:141)
ترجمو: ته جيئن الله تعالى ايمان وارن کي ميراڻ کان صاف ڪري ۽ ڪافرن کي مٽائي.
انجيل پاڪ ۾ آيو آهي:
”اي رياڪارو! فقيهو، فريسيو توهان تي افسوس! جو پيالي ۽ رڪابيءَ کي مٿان صاف ٿا ڪريو مگر اندر ناپاڪائيءَ سان ڀريل آهن. اي انڌا فريسي! پهريان پياليءَ ۽ رڪابيءَ کي اندران صاف ڪيو ته جيئن مٿان به صاف ٿي وڃن.“ (متي: 25:23)
سيّد لطيف چئي ٿو:
جاڳڻ منجھان جس، آهي ادا تنھن کي،
لاهي جو لطيف چئي، مٿان قلب ڪس،
ورنه! ڪجانءِ وس، صبح ساڻ سيّد چئي.

قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا الْاِنۡسَانُ اِنَّکَ کَادِحٌ اِلٰی رَبِّکَ کَدْحًا فَمُلٰقِیۡہِ ۚ﴿۶﴾ (الاشقاق:6)
ترجمو: اي انسان تون ڪوشش ڪري پنهنجي پروردگار جي طرف سفر ڪري رهيو آهين بالآخر ان تائين پهچي ويندين.
انسان جي زندگيءَ جو مقصد خدا (ڪمال) تائين پھچڻ آهي. آسماني ڪتاب انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”ان ڪري مسيح به يعني راستباز ناراستن جي لاءِ، گناهن جي باعث هڪ دفعي ڏک کنيو ته جيئن اسان کي خدا تائين پهچائي.“ (پطرس جو پهريون خط (18:4))
سيد لطيف چوي ٿو:
اول آخر آهه، هلڻ منھنجو هوت ڏي،
پورهيو سندو پورهيتن، والي ڪيم وڃاءِ،
سو مون ٿورو لاءِ،جيئن جيئري ملان جت کي.

انسان حسن تلاش ڪندڙ جاندار آهي. حسين کان حسين تر ۽ خوب کان خوب تر مقام تائين وڃڻ چاهي ٿو. انسان جنهن مقام احسن تقويم (مقام حسن ڪامل) تان ڪريو آهي، حسن جي ان چوٽيءَ تائين وري پھچڻ گهري ٿو. قرآن حڪيم جي شھادت آهي:
سَاُرْہِقُہٗ صَعُوۡدًا ﴿ؕ۱۷﴾ (مدثر:17)
ترجمو: عنقريب ان کي مجبور ڪنداسين ته هو زندگيءَ جي چوٽيءَ تائين وڃي.
انسان جي اندر بلند کان بلند ٿيڻ جي طلب هميشه اڀرندي رهي ٿي. ان جون نگاھون هميشه مٿي ڏسن ٿيون. انسان جنهن ڪمال (خدا) کان جدا ٿيو آهي اهو وري حاصل ڪرڻ گهري ٿو. اها انسان جي اصل پياس آهي. جيڪڏهن خالق، خلقت اندر پياس پيدا ڪئي آهي ته اهو ان ڳالهه جو دليل آهي ته پاڻي موجود آهي. ڪنهن شيءِ جي عدم موجودگيءَ ۾، ان جي خواهش جو هجڻ حڪمت آفرينش سان هم آهنگ ٿي نٿو سگهي. هتي هڪ ارتقائي تقاضا موجود آهي جيڪا انسان کي هيٺين حالتن مان کڻي بلنديءَ ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿي. زندگي تخليق ڪري ٿي، اها هڪ فعال ۽ متحرڪ قوت آهي. انسان جي روحاني قوت، مسلسل تغيرات ۽ انقلابن جي ذريعي اڳتي ئي اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، قرآن حڪيم جي شھادت آهي:
فَلَاۤ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ﴿ۙ۱۶﴾ وَ الَّیۡلِ وَ مَا وَسَقَ ﴿ۙ۱۷﴾ وَ الْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ﴿ۙ۱۸﴾ لَتَرْکَبُنَّ طَبَقًا عَنۡ طَبَقٍ ﴿ؕ۱۹﴾
(انشقاق:4)
ترجمو: ”مان ان سرخيءَ جي شھادت ڏئي چوان ٿو، جيڪا ڏينھن جي پوري ٿيڻ وقت شفق جي صورت ۾ نمودار ٿيندي آهي. ان شفق جي سرخيءَ بعد ان رات جي شھادت ڏيان ٿو ۽ انھن سڀني جي، جن تي اها ڇانئجي وڃي ٿي، ۽ چنڊ جي شھادت ڏيان ٿو، جڏهن اهو آهسته آهسته هلال مان پورو چنڊ ٿي وڃي ٿو، ته توهان انسانو! ضرور هڪ درجه پيدائش مان ٻئي درجه پيدائش تائين اهڙيءَ طرح چڙهندا ويندءُ جهڙيءَ طرح زوال آفتاب کان بعد شفق ۽ شفق کان بعد رات ۽ پوءِ چوڏهين رات جو پورو چنڊ نمودار ٿيندو آهي ۽ روشني ڪمال تائين پھچي ويندي آهي.“
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللہَ وَ اٰمِنُوۡا بِرَسُوۡلِہٖ یُؤْتِكُمْ کِفْلَیۡنِ مِنۡ رَّحْمَتِہٖ وَ یَجْعَلۡ لَّكُمْ نُوۡرًا تَمْشُوۡنَ بِہٖ وَ یَغْفِرْ لَكُمْ ؕ (الحديد:28)
ترجمو: اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي پيغمبر تي ايمان آڻيو. الله تعالى توهان کي پنهنجي رحمت مان ٻيڻا حصا ڏيندو ۽ توهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو. جنھن کي توهان کنيون گھمندا وتندءُ. هو توهان کي بخشي ڇڏيندو.
مٿين آيت پاڪ جا هي لفظ غور طلب آهن: ”توهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو جنھن کي توهان کنيون گھمندا وتندؤ“. قرآن شريف جي هيءُ آيت صاف ٻڌائي ٿي ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد نور جي اها پوشاڪ وري پائڻ آهي جيڪا قانون ”حد ڪمال آغاز زوال“ جي تحت لھي وئي آهي. انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. ان جي شھادت تي غور ڪريو.
”ان وقت راستباز پنھنجي پيءُ جي بادشاهي ۾ سج جي وانگر چمڪندا. جنھن کي ڪن آهن سو ٻڌي. (متي 43:13)
ٻئي هنڌ قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
اَفَحَسِبْتُمْ اَنَّمَا خَلَقْنٰكُمْ عَبَثًا وَّ اَنَّكُمْ اِلَیۡنَا لَا تُرْجَعُوۡنَ ﴿۱۱۵﴾ (المومنون:115)
ترجمو: ڇا توهان سمجھو ٿا ته توهان کي بنا مقصد جي پيدا ڪيو ويو آهي ۽ توهان جي زندگيءَ جي گردش جو رُخ اسان جي طرف ڪونھي؟
قرآن حڪيم جي مٿين آيت صاف ٻڌائي رهي آهي ته زندگيءَ جي گردش جو رخ (خدا) ڪمال ڏانهن آهي. انسان دولت کي زندگيءَ جي مقصد جي جاءِ تي رکيو آهي. جيتوڻيڪ زندگيءَ جو مقصد آهي خدا (ڪمال) کي حاصل ڪرڻ. ان ڪري انجيل پاڪ جي آيت (متي، 24:6) ۾ آيو آهي:
”ڪوبه ماڻھو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگھندو يا ته هڪ سان عداوت رکندو ۽ ٻئي سان محبت.... توهان خدا ۽ دولت ٻنھي جي خدمت ڪري نٿا سگهو.“
سيّد لطيف ڇا ٿو چوي:
اک الٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين،
جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار،
منجھان نوح نھار، پرپٺيرو پرينءَ ڏي.

سيّد لطيف جا هي لفظ غور ۽ فڪر جي دعوت ڏين ٿا:
”پر پٺيرو پرينءَ ڏي“ ڪمال (خدا) ڏانهن واپس موٽڻو آهي. عربي زبان ۾ رجوع جي معنى آهي پوئتي موٽڻ، واپس ٿيڻ. هي لفظ پھرين حالت جي طرف رجوع ڪرڻ کي چوندا آهن.
الرجۡعَھٌ ڪنهن عورت کي طلاق ڏيڻ کان بعد وري ازدواجي تعلق (زال ۽ مڙس) قائم ڪرڻ آهي. يعني پھرين حالت جي طرف موٽي وڃڻ. لفظ رجع جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ڪائنات جي مظاهرتي غور ڪريو. رَجَعٌ جي معنى آهي پوئتي موٽڻ، جيڪا شيءِ گردش ڪندي آهي اها موٽي ان مقام تي ايندي آهي جتان هلي هئي. ان لحاظ کان هر گردش ڪندڙ شين ۾ رجع ملي ٿو. سورة الطارق ۾ آيو آهي: وَ السَّمَآءِ ذَاتِ الرَّجْعِ ﴿ۙ۱۱﴾ (الطارق:11) ان جي معنى اها آهي ته ڪائنات جي بلند فضا يا ان جي اندر جيڪي گولا آهن اهي گردش ڪندا رهن ٿا ۽ جتان هلن ٿا گردش ڪري اتي موٽي اچن ٿا. قرآن حڪيم جي هيءُ شهادت: وَكُلٌّ فِیۡ فَلَكٍ یَّسْبَحُوۡنَ ﴿۴۰﴾ (یٰس:40) يعني ڪائنات جا جسم پنهنجي پنهنجي مدارن ۾ تري رهيا آهن. زندگيءَ جو مقصد قبر نه، بلڪه خدا (ڪمال) آهي. اِنَّا لِلہِ وَ اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡنَ ﴿۱۵۶﴾ؕ (البقره:156) جو مقصد هي آهي ته اسان جو هر قدم ان بلندي ۽ ان آسماني منزل طرف اٿندو جيڪا قدرت مقرر ڪئي آهي. قرآن حڪيم جي هيءَ آيت پاڪ صاف شھادت ڏئي رهي آهي:
اِنَّ اِلٰی رَبِّکَ الرُّجْعٰی ؕ﴿۸﴾ (علق: 8)
تحقيق پروردگارجي طرف ٻيھر موٽڻو آهي.
اچو ته هاڻي هن آيت پاڪ تي غور ڪريون:
نُوۡرُہُمْ یَسْعٰی بَیۡنَ اَیۡدِیۡہِمْ وَ بِاَیۡمَانِہِمْ یَقُوۡلُوۡنَ رَبَّنَاۤ اَتْمِمْ لَنَا نُوۡرَنَا وَ اغْفِرْلَنَا ۚ (التحريم:8)
ترجمو: انھن جي پيشاني جو نور انهن جي اڳيان ۽ ساڄي کاٻي انھن جي رستي کي روشن ڪندو ويندو ۽ انھن جي اها آرزو هوندي ته انھن جو نور تڪميل تائين وڃي پھچي.
هن آيت پاڪ ۾ ”نور جي تڪميل“ جي آرزو ڪئي وئي آهي. هن جمليڀ ”انھن جي اها آرزو هوندي ته انھن جو نور تڪميل تائين پهچي وڃي.“ مان هتي هڪڙو ضروري سوال ٿو پيدا ٿئي ته نور هڪ ڪامل قوت آهي پوءِ انکي تڪميل جي ڪھڙي ضرورت؟!
قرآن حڪيم ڪامل ڪتاب آهي ان ڪري ان کي ”نور“ چيو ويو آهي
فَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِہٖ وَعَزَّرُوۡہُ وَنَصَرُوۡہُ وَاتَّبَعُوا النُّوۡرَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ مَعَہٗۤ ۙ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ ﴿۱۵۷﴾٪
(الاعراف:157)
ترجمو: سو جن ماڻھن ان نبيءَ تي ايمان آندو ۽ ان جو ساٿ ڏنو ۽ ان جي مدد ڪئي ۽ نور جي پيروي ڪئي جو ان سان گڏ لاٿو ويو آهي سو اهي ئي ته ماڻھو آهن فلاح پائڻ وارا).
صاف ظاهر آهي ته مٿي ڏنل آيت پاڪ (8:44) ۾ نور جي تڪميل مان مراد آهي انسان جي بدن تي نور جي اها چادر چڙهڻ جيڪا مقام احسن تقویم تي انسان کي پاتل هئي، جيڪا ”حد ڪمال آغاز زوال“ جي قانون جي اثرن ڪري سڙي وئي. هن آيت پاڪ تي وري غور ڪريو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللہَ وَ اٰمِنُوۡا بِرَسُوۡلِہٖ یُؤْتِكُمْ کِفْلَیۡنِ مِنۡ رَّحْمَتِہٖ وَ یَجْعَلۡ لَّكُمْ نُوۡرًا تَمْشُوۡنَ بِہٖ وَ یَغْفِرْ لَكُمْ ؕ (الحدید: 28)
(ترجمو: اي ايمان وارو! الله کان ڊڄو، ان جي پيغمبر تي ايمان آڻيو. الله توهان کي پنهنجي رحمت مان ٻيڻا حصا ڏيندو ۽ توهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن کي توهان کنيون گهمندا وتندءُ، هو توهان کي بخشي ڇڏيندو.)
خدا تعالى (نور) ڪامل آهي اهو انسان کي به ڪامل ڏسڻ چاهي ٿو. ظاهر آهي ته انسان ڪامل ان وقت ٿيندو جڏهن ان ۾ خدا تعالى جو صفتون پوري تناسب سان آباد ٿين. آسمان جو حڪم آهي:
”بس گهرجي ته توهان ڪامل ٿيو جيئن توهان جو آسماني پيءُ ڪامل آهي.“ (متي 5: 43)
جيئن جيئن انسان ۾ خدا جون صفتون اينديون ته روحاني غلاظتون نڪرنديون. حق پنهنجي محفل مچائيندو، انسان مقصد ڏانهن اڀرندو ويندو، ڪمال جي قريب ٿيندو ويندو. انجيل پاڪ خدا جي صفتن لاءِ هيئن ٿو فرمائي، (ياد رکو ته رحيم خدا جي صفت آهي):
”ڇوته هو ناشڪرن ۽ بدماڻهن تي مهربان آهي جهڙو توهان جو پيءُ رحيم آهي توهان به رحمدل ٿيو.“ (لوقا 6: 28)
غور جو مقام آهي ته انسان ڪامل ان وقت ٿيندو جڏهن خدا (ڪامل) جون صفتون زندگيءَ کي مهڪائن. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ لِلہِ الۡاَسْمَآءُ الْحُسْنٰی فَادْعُوۡہُ بِہَا ۪ وَذَرُوا الَّذِیۡنَ یُلْحِدُوۡنَ فِیۡۤ اَسْمَآئِہٖ ؕ سَیُجْزَوْنَ مَا کَانُوۡا یَعْمَلُوۡنَ ﴿۱۸۰﴾ (الاعراف80)
(ترجمو: تمام صفتون الله تعالى جي لاءِ آهن. الله تعالى جي ذات سڀني صفتن جي حامل آهي. اهي صفتون انتهائي اعتدال ۽ تناسب سان خود پنهنجي ذات ۾ جلوه گر ڪندا وڃو، ملحد اهو آهي جيڪو ڪنهن هڪ صفت ۾ افراط کان ڪم وٺي تناسب کي بگاڙي ڇڏي ٿو.
*
اچو ته هاڻي سيد لطيف جي مئيخاني تي ٿا هلئون، آسماني ساقي آسماني جام پيش ڪندي فرمائي ٿو:
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي تن لهي نه لالي،
ڪڙي ڪيف خماريا مئي پي موالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيفيت ڪمالي.

انسانن کي گهرجي ته ڪيفيت ڪمالي پيدا ڪري ڪامل ٿين ڇو ته گناهن جي باهه ۾ سڙيل نور کي واپس آڻڻ جو اهوئي قدرتي ذريعو آهي. بدن تي نور جي چادر پائڻ جي ٻي ڪابه واهه ڪونهي؛ اهائي تقدير آهي. تقدير تبديل ڪونه ٿيندي ڇو ته اها فڪر جي آخري حد آهي.
رب ۽ خالق وغيره خدا تعالى جو صفتون آهن. خدا تعالى جون سڀئي صفتون هڪ ئي وقت ڪم ڪن ٿيون. ان جي ڪابه صفت معطل ڪونه ٿي ٿئي. اهي سڀئي صفتون، جڏهن انسان ۾ اچن ٿيون ته اهي مقصد ڏانهن وڌندڙ حرڪت ٿي پون ٿيون. ڪمال، خدا تعالى جي صفت آهي ۽ ذات کان صفت جدا ڪونهي. انسان کي گهرجي ته ڪامل ٿيندو (ڪمال، خدا، مقصد ڏانهن) وڌندو وڃي. ان جو هر ايندڙ پل ويندڙ پل کان حسين ٿئي.
لَا تُطِعْہُ وَ اسْجُدْ وَ اقْتَرِبْ ﴿٪ٛ۱۹﴾ (علق: 19)
(ترجمو: تون ان شخص جي ڳالهه کي نه مڃ جيڪو انڪار جون راهون ڳولهي رهيو آهي بلڪه خدا جي قانون جي اطاعت ڪر ۽ اهڙيءَ طرح خدا (ڪمال) جي ويجهو ٿيندو وڃ.)
*
انسان جي زندگيءَ جو مقصد آهي بلندين ڏانهن وڌڻ. هڪ آسمان تان پرواز ڪري ٻئي آسمان تي وڃڻ. ڪمال ان وقت هلندو جڏهن ڪمال جي بندگي ڪبي. انسان کي بقا جي لاءِ خدا (عقل ڪل، حقيقت ڪل) جي اهڙي ضرورت آهي جيئن پاڻي، هوا ۽ خوراڪ زندگيءَ لاءِ ضروري آهن. جيڪڏهن انسان اها روش اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ ان جي نظام ۾ اختلال پيدا ٿيندو. انسانذات جو مطلوب، مقصود ۽ محبوب خدا آهي. خدا تعالى انسان کان جيڪڏهن اهو مطالبو ڪيو به آهي ته در حقيقت اهو انسان جي ڀلائي لاءِ ئي آهي. جيڪڏهن انسان، اصل مالڪ کي نه سڃاڻي ۽ نه ئي وري ان جي سامهون سر جهڪائي ۽ ان جي جاءِ تي ڪي ٻيا خدا بنائي ته پوءِ خود انسان جي زندگي برباد ٿي ويندي. انسان جي ان کان وڌيڪ بدنصيبي ڪهڙي ٿيندي جو جنهن مالڪ، ان کي تخليق ڪيو آهي، ان جي راضپي کي بنياد بنائڻ بدران ٻئي رستي تي وڃي مثلاً دولت سان تعلق خاطر پيدا ڪري.
”ڪوبه ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگهندو. يا ته هڪ سان عداوت رکندو ۽ ٻئي سان محبت. يا ته هڪ سان ميل رهندو ۽ ٻئي کي ناچيز سمجهندو. توهان خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري نٿا سگهو.“ (متي 6: 24)
ٻن متضاد شين جي محبت ڪنهنجي دل ۾ هڪئي وقت جمع ٿي ڪونه سگهندي. انسان يا ته خدا جو ٿي سگهي ٿو يا دولت جو. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
مَا جَعَلَ اللہُ لِرَجُلٍ مِّنۡ قَلْبَیۡنِ فِیۡ جَوْفِہٖ ۚ (الاحزاب: 4)
(ترجمو: خدا تعالى ڪنهن انسان ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن.)
هڪڙو اهڙو غلام آهي جنهن جا مالڪ گهڻا آهن. انهن مان هر هڪ ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ چئي ٿو. هڪڙو چويس ٿو فلاڻو ڪم ڪر. ٻيو مالڪ چويس ٿو ته هن مالڪ جو نه بلڪه منهنجو هي ڪم ڪر. اهو انهن جي وچ ۾ حيران بيٺو آهي. وري هڪ شخص اهڙو آهي جنهن جو صرف هڪ ئي آقا آهي. اهو صرف ان جي سامهون ئي سر جهڪايون بيٺو آهي. ڪوبه تضاد ڪونهي بلڪه اهو سڪون قلب سان قدم کڻي پوري دل جمعي سان اڳتي وڌي ٿو. هو هڪ خدا جي سرپرستي ۾ آهي جيڪو هر شيءَ ۾، هر حال ۾ ۽ هر جڳهه تي ان جي هدايت ڪري ٿو. ڇا اُهي ٻئي ماڻهو برابر آهن. مشرڪ ۽ موحد جو اهو ئي حال آهي.
اعلى مقصد کي تقويت ڏيڻ دراصل اغراض الاهيءَ جي تڪميل ڪرڻ آهي ۽ ادنى مقصدن جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻ خدا تعالى جي مرضيءَ جي خلاف ورزي آهي: آدم جي اولاد ٻن مالڪن جي محڪوم ٿي ڪونه سگهندي. اها هڪ سان مليل رهندي ته ٻئي کي ڇڏي ڏيندي. هڪ سان جڙندي ته ٻئي کي ڪٽيندي. هڪڙو مومن ڪنهن کي ڇڏيندو ۽ ڪنهن سان ملندو؟ خدا سان يا دولت سان؟ وري غور ڪريو:
”ڪوبه ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگهندو. يا ته هڪ سان عداوت رکندو ۽ ٻئي سان محبت يا ته هڪ سان مليل رهندو ۽ ٻئي کي ناچيز سمجهندو. توهان خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت نٿا ڪري سگهو.“ (متي: 6: 24)
هڪ ملڪ جا ٻه بادشاه ٿي ڪونه سگهندا. مومن جي دل ڪنهن جي بادشاهي قبول ڪندي؟ جن ماڻهن مفادات کي پنهنجو مقصود بنائي ڇڏيو آهي. آخر اهي مفادن جي بندگي ڇڏي ڪري سچي خدا جي بندگيءَ جو حق ڪهڙيءَ طرح ادا ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ڪو شخص وحدانيت جو اقرار به ڪري ۽ ظاهري طور تي معمولي قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار نه هجي ته پوءِ صاف ظاهر آهي ته اهڙي انسان اندر خدا جي محبت ڪونهي.
خارجي ڪائنات الله تعالى جي فطرت آهي. الله تعالى انسانن کي پنهنجي فطرت تي ٺاهيو آهي.
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ(الروم: 30)
اها الله جي فطرت آهي جنهن تي انسان کي پيدا ڪيو اٿس.
خارجي ڪائنات ستارن سان ڀريل آهي ته زمين تي به انسانن جي روپ ۾ ستارا هئڻ گهرجن؛ ڇو ته هڪ ئي فطرت آهي. جيڪڏهن انسان آسماني صحت جو مالڪ ٿئي يعني ان جو چهرو ائين چمڪي جيئن سج جو چهرو چمڪي ٿو ۽ انسان جو سڄو بدن ايئن روشنيءَ سان ڀرجي وڃي جيئن سج جو بدن روشنيءَ سان ڀريل آهي ته ڇا اهڙي آسماني صحت جي مالڪ انسان تائين جسماني موت جا چنبا پهچي سگهندا؟ ۽ جيڪڏهن انسان آسماني صحت جو مالڪ ٿي وڃي ته ان جي جنسي لذت جو معيار ڪهڙو ٿيندو؟ (انهن ٻنهي سوالن جا جواب هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ڏنا ويندا) حقيقت اها آهي ته خدا تعالى انسان کي لازوال جواني ۽ لازوال صحت جو مالڪ ڪرڻ ٿو چاهي. مرد ۽ عورت هڪٻئي سان ملي هڪ جسم ٿين. ايئن لڳندو ته ڄڻ ٻه ستارا (مرد عورت) ڀاڪر پائي هڪ ستارو ٿي ويا آهن. سيد لطيف ٿو چئي:
جيڪي ڏنائون سو سڀوئي صحت،
م چئو آزاران کي، نڪي مصيبت.

*
خدا تعالى انسان جي تعمير جو بنياد ”عشق“ تي رکيو آهي. سيد لطيف چوي ٿو:
پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار،
ترهو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو.

*
پاڻ م کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق سان اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.

*
پاڻ رکڻ پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ،
لالن تني لھ، عشق جنين جي اڳ ۾.

عقل، غلاظتن کان صاف ٿئي ته ’عشق‘ آهي. عشق، عقل جي چوڌاري نور جو گهيرو آهي. عشق ۽ عقل جي اجتماع تي ئي انسان ڪامل جو معراج آهي. عشق جي زندگيءَ ۾ افڪار، عمل ۽ جبلتون هڪ ٿي وڃن ٿيون. تڪوين عالم ۽ ارتقاءِ حيات جو سرچشمو عشق آهي. عشق صرف حيات شعوري جي پيداوار ڪونهي بلڪه هيءَ مادي ڪائنات به عشق جو ظهور آهي. عشق، خدائي، جسماني يا جنسي ڪونهي بلڪه اهو پوريءَ زندگيءَ جو جوش آهي. ڪماليت ڏانهن وڌڻ جو. عشق جي تقاضا مڪمل پختگي ۽ ترقي چاهي ٿي. اها هڪ بنيادي نوراني قوت آهي، جا زنده رهڻ، وجود جي سڀني وسيلن ۽ مخفي خزانن جي حسن کي شهود ۾ آڻڻ جي تقاضا ڪري ٿي.
عشق، عقل جي چوڌاري نوراني ڪوٽ آهي. جڏهن عقل جون پاڙون، عشق جي رس چوسين ٿيون ته تخليق جا گونچ ڦولارجن ٿا، جن مان انسان ذات کي ايجادات جي صورت ۾ زندگيءَ جو ڦل ملي ٿو. عشق، انسان جي لاءِ، ڪائنات جي جلال، موت جي ڊپ، فنا ڪندڙ اثرن ۽ نفساني مرضن جو حقيقي علاج آهي. عقل جڏهن ڪائنات جو مطالعو ڪري ٿو ته ان جي حلال کان مرعوب ٿي انسان کي پريشان ڪري ٿو. ان جي نظر ڪائنات جي جمال کي سهي نٿو سگهي. اهو لطف حقيقي کان خالي رهي ٿو. پر جڏهن، عقل، عشق جي نگاهه سان ڪائنات کي ڏسي ٿو ته ان وقت آسماني سرور سان ڀرجي آسمانن جي سير تي نڪري پوي ٿو. عقل، جڏهن، نفس جي ناري خواهشن کان پاڪ ٿئي ٿو ته پوءِ اهو سراسر عشق آهي پر جيڪڏهن عقل سان گڏ نفس جون منفي خواهشون به گڏ آهن ته پوءِ ان کان وڌيڪ تخريبي قوت ٻي ٿي ڪونه سگهندي. جنهن دنيا ۾ اسان ساه کڻي رهيا آهيون ان تي نفساني خواهشن جو مڪمل قبضو آهي. ٻه عالمي جنگيون به انهن خواهشن جي ٽڪرائجڻ جو نتيجو هيون.
جڏهن روح، نفس جي ڪدورتن کان پاڪ ٿي، عمل جي لاءِ انسان کي اڀاري ٿو ته ان وقت انسان حسن ۽ حرڪت جهڙيون لطيف معنائون قبول ڪري ٿو. پر جڏهن، نفس جي غلاظتن جي شراڪت سان، انساني روح جي معتدل مزاجي باقي نٿي رهي، تڏهن انسان جو بدن، روح جي لطيف اثرن کي قبول ڪرڻ جي لائق نٿو رهي. عضوا روح (لوز) جي فيض کان محروم رهن ٿا جنهن ڪري بي حسي ۽ جمود جي جلائيندڙ باهه ماحول کي وڪوڙي وڃي ٿي. نتيجي ۾ انسان، ارتقا جي آسمان تان ڪري پوي ٿو. پر جڏهن، انسان پنهنجي غليظ نفس تي نور کي غالب ڪري ٿو ته ان وقت نور انسان کي آباد ڪرڻ لاءِ اڀاريندو آهي. اهڙي حالت ۾ انسان جي بدن جي هر حصي کي روحاني (نوراني) خوراڪ ملي ٿي ۽ حسن نور جا نيسارا هر طرف وهڻ لڳن ٿا. روح جو حسن، تخليق جي گلابي بوندن جي صورت ۾ وسڻ لڳندو آهي. انسان جو عقل سلامتي ۽ امن جو عقل ٿي پوي ٿو. نور جا نذرانا اهڙي فرد لاءِ هر طرف کان بهشتي صدائون بلند ڪندا آهن. حسن ازلي زندگي جي راهن تان ڪنڊا هٽائيندو آهي، نتيجي ۾ هر طرف گل ئي گل ۽ خوشبو ئي خوشبو مهڪي پوي ٿي.
روح جو مقصد خيالن جي دنيا ۾ رهڻ نه آهي بلڪه اهو انسان کي ڪمال تائين پهچائڻ چاهي ٿو. روح جي اندر ڪجهه ٿيڻ ۽ بنجڻ جي تمنا ۽ تڙپ ئي آهي جيڪا زندگي ۾ موجوده اسباب کي بدلائي، بهتر اسباب مهيا ڪرڻ چاهي ٿي. منهنجا دوست! آخري مرحلو ذهني ڪونهي بلڪه حياتياتي آهي. حسين کان حسين تر بلندين ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ روح هر وقت بيقرار رهندو آهي. ليڪن شيطاني قوتون، شروع کان، روح آڏو ڪونه ٿيون جهڪن، اهو ئي سبب آهي جو زمين ٿي حسن سان گڏ قباحت به موجود آهي.
ماحول ۾ موجود برائي غالب اچڻ، ملڪوتي قوتن کي اڀارڻ، ۽ پنهنجي تمنائن کي پورو ڪرڻ روح جو ڪم آهي. روح، ترقي ۽ تڪميل جي لاءِ هر قسم جي ڪشمڪش کي قبول ڪندو آهي. قدرت جي مقصد کي پورو ڪرڻ روح جو ئي ڪم آهي. جسم روح جي غرضن لاءِ آهي. روح جي اندر جيڪو ذوق نماءُ آهي اهو ان کي بيقرار ۽ مصروف عمل رکي ٿو. انهيءَ عمل سان زندگي اڳتي وڌي ٿي. حيات جو اصل روح (نور) آهي.
زندگي هڪ اهڙي حرڪت آهي، جنهن جو رخ هميشه اڳتي هوندو آهي. زندگي پنهنجي بقا ۽ توسيع لاءِ پنهنجو پاڻ مان ئي حواس، شعور، جبلتون، عقل ۽ ٻيون روحاني قوتون تخليق ڪيون آهن. انسان جي ان بناوٽ تي نظر ٿي ڪجي ته پوءِ اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته انسان جي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ فطرت جنهن سانچي جو انتخاب ڪيو آهي، تنهن کان بهتر سانچي جو تصور به ڪري نه ٿو سگهجي. ان ۾ اهي سڀئي خواهشون ۽ جذبا ملن ٿا، جنهن مان بقا يعني تڪميل انسانيت جو سامان ٺهي سگهي ٿو. ان سان گڏ ان کي فڪري ۽ ملڪوتي قوتون ڏنيون ويون آهن جن جي ڪري هو ڪائنات ۽ ان جي موجودات کان الڳ هڪڙي خاص مقام جو مالڪ نظر اچي ٿو انسان جو ڪم آهي ته جسم ۽ روح جي وچ ۾تناقص کي ختم ڪري، گوشت پوست ۾ سانچيل ان شصيت کي نکارڻ جي ڪوشش ڪري، جنهن مان هن جي حياتياتي ارتقا ۾ پيل رنڊڪون دور ٿي سگهن. زندگي ۾ تلخيقي ارتقا پائي وڃي ٿي. حيات جي تلخيقي قوت آزاد ۽ با اختيار آهي. روح هر وقت پنهنجي منزل مقصود کي حاصل ڪرڻ لاءِ تخليق ڪندو ٿو رهي. هر تخليق نور جو اظهار آهي. نور جو ڦل آهي. خدا جي طرف کان تخليق جي ذريعه ملندڙ حسن جو سلسلو ابدي آهي. قدرت کان مليل ان صفت جي سبب انسان پنهنجي تقدير جو معمار پاڻ آهي.
انسان زمين تي ذهني ارتقا سان، مظاهر فطرت تي غور ڪيو. هو هر شيءِ کي ڏسڻ بعد اهو سوچيندو هو ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ڇو آهي؟ غور و فڪر، مشاهدي، تجربي ان کي نه صرف نظام فطرت جي قوتن سان وڙهڻ سيکاريو، بلڪه هن کي زمين تي هڪڙي قسم جو اطمينان به ملڻ لڳو ڇو ته علم به رڙهي رڙهي هن جي مدد لاءِ پهتو هو.
انسان جو روح، جڏهن نفس جي غلاظتن کان پاڪ ٿيندو آهي ته سج وانگر نور جون لاٽون، علم جي صورت ۾ ڪڍندو آهي. اهو پاڻ لافاني آهي ۽ جسم کي به لافاني ڪرڻ چاهي ٿو. هي علم و ادب ، فن و هنر ۽ سائنس وغيره انهي نوراني اظهار جو ڦل آهن.اسان جو فرض آهي ته گهڻو علم هٿ ڪيون ته جيئن زندگي عروج ڏانهن پرڙا هڻي، ڪائنات جي تسخير ڪندي وڃي. ٻي حالت ۾ ڪائنات انسان جي تسخير ڪندي. صاحب نظر نو ر جي جهان ۾ نظر کولي ٿو. هو عظمت جو مينار، عشق خداونديءَ سان لبريز ٿيندو آهي هو پنهنجي هنر سان تسخيرافلاک ڪري ٿو.
حقيقت ۾ انسان جيڪي به شيون ٺاهيون آهن. تن مان هو پنهنجي بقا جو سامان حاصل ڪري ٿو. هي اسان جي چوڌاري (جيڪي ڪجهه اسان جو ٺهيل) نظر اچي ٿو، اهو سڀ ڇا آهي؟ هي علمي درسگاهون، هي صنعت و حرفت، هي فني تخليق، هي زراعت ۽ باغباني، مطلب ته اهو سڀ ڪجهه در حقيقت موت کان بچڻ جو ئي سامان آهي. خدا تعالى انسان کي عقل وارا پيدا ڪيو آهي؛ هاڻي اهو انسان جو حصو آهي ته هو پنهنجي قوت تخليق سان حوادث عالم کي مجبور ڪري ته ان جي پروگرام مطابق هلن. هن کي زماني جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي بلڪه هن کي گهرجي ته خود زمانو ٿي وڃي. وقت زندگي آهي وقت پنهنجو اظهار تخليق جي روپ ۾ ڪري ٿو. ڇو ته خدا تعالى انسان ۾ جيڪو پنهنجو روح ڦوڪيو آهي سو خود انسان جون راهون ٿو ڏسي. اهو اسان جي اندر ۾ سوچيندڙ يعني فڪر جي چنگاري دکائيندڙ خود خدا آهي جيڪو اسان جي بقا لاءِ انسان کي اڀاري ٿو ته جيئن انسان کي ڪامل ڪري ڪمال تائين پهچائي. سيد لطيف چئي ٿو:
پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو

خدا تعالى ۽ اسان جي وچ ۾ نفساني خواهشن سبب هڪڙي قسم جي جدائيءَ ۽ علحدگي آهي. انسان جو وجود، انهيءَ مصدر حيات جي مرهون منت آهي. اسان حقيقي طور زنده چوائڻ جا مستحق تڏهن آهيون، جڏهن پنهنجي خيال کي، مستقل طور، انهيءَ مرڪز سان وابسته رکون جنهن کي خدا ڪوٺيو وڃي ٿو. ان ۾ اسان کي شيطاني شور کان اطمينان ۽ حفاظت ملندي ۽ هڪ اهڙي علائقي جا وارث ٿينداسين، جنهن ۾ بدي، جي ڪابه رنڊڪ ڪونهي. اسان جي محبت ۽ الفت جي مرڪز جو صحيح حقدار اها ئي ذات آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ اسان جو مقصد آهي، ڇو ته اها ئي غير فاني آهي. اسان کي گهرجي ته ان عالم ۾ جلدي پهچڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجي پوري قوت سان حق سان واڳيل رهون.
جڏهن دل مان تمام منفي خواهشات کي ترڪ ڪيو وڃي ته فاني، غير فاني ٿي پوي ٿو. فنا ۾ جيڪو جيترو ڪامل آهي ته معرفت ۾ به ايترو ئي ڪامل رهي سگهي ٿو. فنا ۾ جيترو ناقص رهي ٿو ته معرفت ۾ به ايترو ئي ناقص رهندو. ان ڪري ئي خدا تعالى چيو آهي ته پنهنجي غلط خواهشن کي فنا ڪر ته پوءِ حقيقت سان ملي حقيقت ٿي ويندين. ان کان پوءِ ئي پنهنجي نقص، حق جي ڪمال، پنهنجي فنا حق جي بقا کي ڏسي سگهندين.
اها توقع نه رکو ته توهان روحانيت جي زمري ۾ داخل ٿي سگهندءُ. جيستائين سڀني عضون جي مخالفت نه ڪيو، جيڪي توهان کي حق جي راهه ۾ داخل ٿيڻ ڪونه ٿا ڏين. بس فنا ئي آرزو آهي ۽ فنا ئي مطلوب. حق ۾ فنا ٿيڻ جو مطلب هاڻي صاف آهي ته فنا مان مراد، قبر ۾ داخل ٿيڻ ڪونهي. بلڪه فنا مان مراد، انهن خواهشن کي ختم ڪرڻ آهي جي حقيقي راهه ۾ رڪاوٽ آهن ۽ جي بلندي ڏانهن پرواز کي مرجهائي ڇڏين ٿيون. سيد لطيف چوي ٿو:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات
هنداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

*
جيڻان اڳي جي جيا، جڳ جڳ سي جين
اوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا

*
مري جيءُ ته ماڻين، جانب جو جمال
ٿيين هُند حلال، جي پندا هائي پاريين

*
مرته موچاري ٿيئن، جيئن آڏو جت،
هاري ڪرهمت، ته ڏئي دم درست لهين

*
جن وڃايو وجود، فاني ٿيا في الله ۾،
نه تن قيام نه قيود، نڪو ڪن سجود،
جيلان ٿيا نابود، تيلان گڏيا بود کي.

*
نابوديءَ نيئي عبد کي اعلى ڪيو،
جفا ڏئي جيءَ کي، ٿي فڪر منجهه فنا.

جڏهن بادشاهه ڪنهن ملڪ کي فتح ڪندو آهي، تڏهن اتي جي سرڪشن کي نيڪالي ڏيندو آهي. ساڳيءَ طرح جڏهن دل تي شيطان، غلط خواهشن ۽ نفس پليت جي بادشاهي هجي، عضوا ان جي حڪم تي طرح طرح جي گناهن ۾ مبتلا هجن ته نورِ زندگي ڪيئن پيدا ٿيندو؟ اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن نفس مٿان روح (نور) جي حڪومت هجي. انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”بس جيڪڏهن تنهنجي سڄي اک توکي ٺوڪر ٿي ڏياري ته ان کي پاڻ مان ڪڍي ڦٽي ڪر ڇو ته تنهن جي لاءِ اهو بهتر آهي ته تنهنجي عضون مان هڪڙو عضوو هليو وڃي ۽ تنهنجو سڄو بدن جهنم ۾ وڌو وڃي. جيڪڏهن تنهنجو سڄو هٿ توکي ٺوڪر کارائي ته ان کي ڪٽي پاڻ وٽان ڦٽي ڪر. ڇوته تنهنجي لاءِ اهوئي بهتر آهي ته تنهنجي عضون مان هڪڙو ختم ٿي وڃي ۽ تنهنجو سڄو بدن جهنم ۾ نه وڃي.“ (متي 5: 29-30)
انسان کي گهرجي ته پاڻ کي شرڪ کان پاڪ رکي. حق ۽ باطل جي آميزش ٿيڻ نه ڏئي. اسان جو فرض آهي ته هر وقت نوراني خيالات جو غلبو رکئون. جيڪو انسان نور کان رشتو ڪٽي ٿو، ان جي فرمانن ۽ حڪمن کان منهن موڙي ٿو ته ان جا عمل نور الاهي کان خالي ٿين ٿا.
جڏهن انسان جي روح تي شيطاني خواهشن جي حڪمراني هجي، انسان جا عضوا شيطان جو چيو مڃي ڪري طرح طرح جي گناهن ۽ براين ۾ مبتلا ٿي ڪري گمراهه ٿي وڃن ته پوءِ تباهي يقيني آهي. زندگيءَ جي ويجهو اهو آهي جيڪو نور (حقيقت ڪل ) جي ويجهو آهي ۽ زندگيءَ کان پري اهو آهي جيڪو نور کان پري آهي. جيستائين انسان ظلماني حجابن ۾ قيد آهي ته هو قدم اڳتي وڌائي ئي نٿو سگهي. نور (حقيقت ڪل) جو چيو مڃڻ لاءِ انسان مجبور آهي.
اي انسان! تون پنهنجي پروردگار جي نور سان ڀرجي اڳتي وڌندو وڃ. توکي گهرجي ته نور کان سواءِ، ڪنهن ٻئي کي اندر داخل ٿيندي ڏسين ته ان جو سر، ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏ. اهڙي حالت ۾ نفساني خواهشون، دنيوي آرزو ۽ ادنى ارادا تنهنجي اڳيان پنهنجو ڪنڌ کڻي نه سگهندا ۽ صرف قرآن حڪيم جي پيروي ئي تنهنجي لاءِ رهجي ويندي. جڏهن تون اهڙي حالت ۾ وقت گذارڻ جو عادي ٿيندين ته آسمان جا فرشتا تنهنجي چئني طرفن کان نور جا ٿنڀا بيهاري تنهنجي نگهباني ڪندا ته جيئن تنهنجي طرف ڪوبه شيطان اک کڻي نه ڏسي. انسان کي گهرجي ته نور جي حڪمن ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي؛ يعني ان جو هر فعل نوراني ٿي وڃي. اها ئي اها فنا آهي جنهن جو نتيجو بقا هجي ٿو. فنا جو مقصد اهو آهي ته جهالت، خواهشن جي بي راه روي ۽ غفلت کي مٽائي علم، فڪر ۽ خدا جي ذڪر کي پنهنجو ڪيو وڃي. روحانيت اها آهي ته هر شخص نور جو غلام ٿي وڃي. فنا جو مطلب اهو آهي ته انسان جي باطن تي نور جي هستي ڇانئجي وڃي. ياد رکو ته الله ۾ خود کي فنا ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته الاهي اخلاق جو مظاهرو ڪيو وڃي.
حيواني نفس انسان کي سفلي مدارج جي طرف هر وقت ڇڪيندو رهي ٿو ۽ ان کي حيواني زندگي گذارڻ جي طور طريقن تي ئي رکڻ چاهيندو آهي. پر نور (خدا) انسان کي هر وقت عالم بالا جي ياد ڏياريندو رهي ٿو. انسان جو عقل جڏهن خدا (عقل ڪامل) سان متحد هوندو ته پوءِ اڪمل کان اڪمل تر جي طرف ترقي ڪندو. نور، جڏهن انسان جي دل تي تجلي وجهي ٿو ته پهريان ان کي فنا ڪندو آهي. يعني شيطانيت کي ساڙي ڇڏيندو آهي نتيجي ۾ روح القدس پنهنجي آسماني نور سان اندر ۽ ٻاهر کي روشن ڪندو آهي. جڏهن انسان پنهنجي نفس کي (حقيقت ڪل، خدا) جي تابع ڪري ٿو ته پوءِ اهو ڪدورتن کان الڳ ۽ عالم قدس جي قريب ترين وڃي، صفات ادنى کان بالاتر ٿي، صفات اعلى جو مالڪ ٿي پوي ٿو ۽ نفس انساني جون سڀئي خواهشون آسماني هدايت ۾ سموئجي وڃن ٿيون. اها پوري ڪيفيت دراصل روح، (نور، الله) جي طبيعت ۽ فطرت آهي.
جيڪي انسان نفس کي خدا ۾ فنا ڪندا آهن ته اهي حيات خدا حاصل ڪندا آهن جيڪا حيات جاودان جو سرچشمو آهي. گويا خدا ۾ فنا مقصود بالذات ڪونهي بلڪه ذريعه حصول زندگي آهي. خدا زندگي آهي ۽ زندگي خدا آهي. ذات کان صفت جدا ڪونهي. زندگي خدا جي صفت آهي. محبت، مسرت ۽ نوراني قوتن سان مسلح ڀرپور زندگي. سيد لطيف جي عظمت تي وري غور ڪريو:

مري جيءُ ته ماڻين جانب جو جمال،
ٿيين هنڌ حلال، جي پند اهائي پارهيين.

*
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هنداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

سچو مسلمان پنهنجي حيواني وجود کي (جيڪو انڌي جبلتن تحت آهي) هر لحاظ کان ترڪ ڪري ٿو، ڇو ته اتان برائي ڦهلجي ٿي. ان جي برعڪس هو روحاني وجود سان اڳتي وڌندو آهي. هو خدا جي هٿ ۾ هڪ اوزار جي حيثيت رکي ٿو جنهن سان خدا جيڪو ڪم ڪرائڻ چاهي سو ڪرائي ٿو. ان خود فراموشيءَ جي عالم ۾ پهچڻ ڪري انسان موت کان اڳ مري وڃي ٿو. ليڪن اها فنا حيات دوام ٿي وڃي ٿي. هن شعر تي وري غور ڪريو:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هنداسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

سچي روحاني ارتقا جو رستو هي آهي ته اسان جي جان، الله تعالى جي صفتن سان ڀريل اعلى ترين جان ۾ جذب ٿئي (يعني انسان پاڻ ۾ خدائي صفتون آڻي، ڪامل ٿئي). هر قدم تي فنا جي ذريعي بقا حاصل ڪندو وڃي. سون تي جڏهن ميراڻ چڙهي ويندي آهي ته سون کي باهه تي گرم ڪندا آهن نتيجي ۾ غلاظت دور ٿي وڃي ٿي ۽ سون پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي ويندو آهي يعني ميراڻ چڙهيل سون جي جان، باهه ۾ پوڻ سان اعلى ترين ٿي وڃي ٿي. باهه ۾ جلڻ، سون جي پهرين وجود جي فنا آهي ۽ اصلي سون جو ملڻ ان جي بقا آهي. دنيا جي سڀني انسانن کي گهرجي ته هو پنهنجي دل تي چڙهيل گناهن جي ڪاراڻ کي صاف ڪن يعني الله تعالى (نور) جي حڪمن تي هلن. نتيجي ۾ انهن کي بقا، هڪ اعلى وجود جي صورت ۾ ملندي. نور ۾ جذب ٿيڻ سان انسان پاڻ به ’نور‘ ٿي وڃي ٿو. اهو دراصل ان جو نئون جنم آهي. اهڙيءَ طرح انسان کي هڪ نئين روحاني زندگي ملي ٿي، گناهن جي داغن کان پاڪ. انجيل پاڪ جي هن شهادت تي غور ڪريو:
”يسوع جواب ۾ ان کي چيو مان توکي سچ پچ چوان ٿو ته جيستائين ڪوئي نئين سر پيدا نٿو ٿئي ته اهو خدا جي بادشاهيءَ کي ڏسي ڪونه سگهندو. نيڪديمس ان کي چيو ته ماڻهو جيڪڏهن ڪراڙو ٿي وڃي ته ڪيئن وري نيئن سر پيدا ٿي سگهي ٿو؟ ڇا هو ٻيهر پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ داخل ٿي پيدا ٿيندو؟ يسوع ان کي جواب ۾ چيو ته توکي سچ سچ چوان ٿو ته جيستائين ڪو ماڻهو پاڻي ۽ روح سان پيدا نه ٿئي ته اهو خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪونه سگهندو. جيڪو جسم مان پيدا ٿيو آهي اهو جسم آهي ۽ جيڪو روح مان پيدا ٿيو آهي اهو روح آهي. تعجب نه ڪر جو مان توکي چيو ته توکي نئين سر پيدا ٿيڻ ضروري آهي. (يوحنا 3: 2 -7)
سيد لطيف چوي ٿو:

جاڳڻ منجهان جس، آهي ادا تنهن کي،
لاهي جو لطيف چئي، مٿان قلب ڪَسُ،
ورنه! ڪجانءِ وس، صبح ساڻ سيد چئي.

خدا تعالى جي قانون جي پڪڙ کان ڪوبه آزاد ڪونهي، ڇو ته ان قانون جو نفاذ ٻاهر کان نه ٿيندو آهي بلڪه اهو اسان جي پنهنجي روح ۽ اسان جي فطرت ۾ کوڙيل آهي ۽ اسان جي اندر ئي مصروف عمل آهي. ان ڪري گناهه، (حق جي نافرماني) ايترو خدا جي نافرماني جو نالو ڪونهي، جيترو اسان جي پنهنجي روح جي تقاضائن کان روگرداني آهي. گناهه کي ايتري قانون شڪني جي حيثيت ڪونهي جيتري اها انسان جي ذات سان دغابازي آهي. ابديت جي حقيقت، دنياوي ڪمن ڪارين ۽ عملي زندگي جي تجربن سان جڙيل آهي. نفس جي ظلمت مان جان ڇڏائي، ٻاهر نڪري اچڻ جو ڪم مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ڪونهي. جيڪو روح، مادي آرائش ۾ ڦاٿل هجي، ان جو حسي ۽ تصوراتي وجود ڪنهن ٻئي ۾ اٽڪيل هجي ته اهو مقصد ڪيئن ماڻيندو؟
محبت، ٿڌو مزاج ۽ سوچ سمجهه وغيره روح جا سٺا ساٿي آهن جن جي قوت جي ڪري ان کي شڪست ڪونه ٿي ملي.جڏهن جسم ۾ خون تازه يعني روح پاڪ هجي ته اها حالت صرف بقائي حيات جي لاءِ ئي نه، پر ذهني صلاحيتن لاءِ به مفيد آهي. نفس پرست (بيوقوف ماڻهو) هر دور ۾ مالڪ جي انمول موتين کي ڇڏي ڪري، زميني دولت جمع ڪرڻ ۾ مصروف رهيا آهن. اهي انڌا ماڻهو، خدا تعالى جي انمول هيري کي ڪوڙين جي بدلي فروخت ڪن ٿا، جيڪڏهن اسان جسماني خواهشن (ناري ۽ ناجائز) جي تڪميل تي ئي پورو توجهه ڏيئون ته پوءِ اهو ضرور ٿيندو ته اسان مادي زندگي جي دلدل ۾ ڦاسي پئون.
جڏهن انسان بي سمجهه گهوڙي تي چڙهي ٿو يعني هو غلط رستي تي هلي ٿو؛ سمجهو ته اهو مالڪ جو نالو ۽ پنهنجو مقام وساري ويٺو. صراط مستقيم تي هلڻ کان سواءِ انسان انڌي کوهه ۾ ڪري پوندو. جڏهن نفس، دنيا جي ڦندن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ته پوءِ هو مختلف قسمن جا دنياوي مزا چکي ٿو. دنيا جي عيش و عشرت ۾ پئجي ان جي سمجهه ۽ سوچ ختم ٿي وڃي ٿي. هو روز بروز مريض ٿيندو وڃي ٿو. ان جو باطن چور ۽ آدم خور ٿي پوي ٿو. ان جو مرض وڌندو رهي ٿو:
فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَہُمُ اللہُ مَرَضًا ۚ (البقره: 10)
ترجمو: انهن جي دلين ۾ مرض آهي پر الله تعالى (گناهن جي سبب) انهن جي مرض کي وڌائي ڇڏيو.
انسان جي دل، هڪ اهڙي بادشاهه وانگر ٿي وڃي ٿي جنهن جا وزير ڪاوڙ، آڪڙ، لالچ ۽ وڏائي ٿين ٿا. فتنه، دشمني ۽ حسد جي اندروني باهه ٻاهر نڪرندي آهي. باهه مان وحشت ۽ نفرت جو پهلو صاف نظر ايندو. اي انسان! تنهنجا سڀ دک ۽ درد ان حالت ۾ دور ٿي سگهن ٿا جڏهن صرف سچ، حق، نور يعني الله کي پڪڙيندين، جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا انهن جي پويان هلين. اها ئي تقدير آهي.

جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه م تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.

*
[b]جبر ۽ اختيار:
[/b]مادي دنيا جي تخليق انسان جي تخليق جو مقدمو آهي. انسان کي هڪ ٻه واٽي تي بيهارڻ ضروري ٿيو ته جيئن اهو خود راهه جو انتخاب ڪري. انسان پنهنجي اختيار سان ئي ڪمال (خدا) تائين پهچي سگهي. خدا تعالى اسان کي نيڪي ۽ بديءَ جو رستو ڏيکاريو آهي. انهن مان هڪ خدا تائين وڃي ٿو ۽ ٻيو رستو انسان کي خدا (ڪمال) کان پري ڪندو تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. انسان کي اختيار آهي ته انهن ٻنهي رستن مان جنهن رستي جي چاهي چونڊ ڪري. ان لحاظ کان انسان مختيار آهي پر اها قدرت انسان جي هٿ ۾ ڪونهي ته اهو برائي کي، سٺائي ۾ تبديل ڪري سگهي. نيڪي، نيڪي ئي رهندي ۽ بدي، بدي رهندي. ان لحاظ کان انسان مجبور آهي.
جبر جي ڪري ڪائنات جو نظام قائم آهي. اها جبر جي ئي خصوصيت آهي جو ڏينهن ۽ رات ٿي رهيا آهن. اهو جبر جو ئي نتيجو آهي جو زمين تي زندگي موجود آهي. ڪائنات ۾ نوان جسم به جبر ڪري ئي جنم وٺن ٿا. جبر ڪري ئي اجرام فلڪي، ننڍي مان وڏا ٿين ٿا. آسماني جسمن جو موت به ان جبر جوئي نتيجو آهي. عناصرن جي تنظيم به جبري قوت جو نتيجو آهي. هوا جو گل جي قيد ۾ بند ٿي خوشبوءِ ڏيڻ ۽ آسمان ۾ ستارن جو چمڪڻ به جبر آهي. سڀني هڪ آئين تحت پنهنجو سرجهڪايو آهي. هوائون پنهنجي مرضي سان رخ ڪونه ٿيون بدلائن، پر قانونن جو جبر ئي اهو سڀڪجهه ڪرائي رهيو آهي.
زمين جي سيني تي انسان جي ذهني ارتقا، مظاهر فطرت تي غور و فڪر سان ٿي. انسان سوچيندو رهيو ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ۽ ڇو آهي؟ غور و فڪر، مشاهدي ۽ تجربي انسان کي فطرت سان ويڙهائڻ سيکاريو ۽ اهڙِيءَ طرح ترقي شروع ٿي. انسان جي اصل حيثيت اها ناهي، جيڪا کيس هن وقت حاصل آهي بلڪه اصل حيثيت اها آهي جيڪا انسان کي هجڻ گهرجي.
قرآن حڪيم جي تعليم مطابق انسان هڪ ئي وقت ٻن عالمن ۾ گذاري ٿو؛ هڪڙو فطري ۽ مادي عالم ۽ ٻيو عالم روحاني يعني عالم مقصد. فطري مادي ۽ عالم ۾ علت ۽ معلول جي سلسلي اندر اختيار جي گنجائش ڪونهي. جيڪڏهن انسان چاهي ته هوا ۾ اڏامي ته ائين ٿي نه سگهندو. روح کي، مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جو واحد ذريعو مليل آهي. مقصد جي تقاضا ئي اها آهي ته ”ائين ڪرڻ گهرجي“ ۽ ”هيئن نه ڪرڻ گهرجي.“ جيڪڏهن اختيار ڪونهي ته پوءِ ”ائين ڪرڻ گهرجي“ وارو جملو بيڪار ٿي وڃي ٿو. اخلاق جي حسن ۾ جبر بي معنى آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي اختيار سان نيڪ ۽ بد ۾ چونڊ ڪري نه ٿو سگهي ته پوءِ اخلاق بي معنى آهي. جهڙيءَ طرح فطرت جو جبري نظام حقيقي آهي اهڙيءَ طرح انسان جو اخلاقي يعني روحاني عالم به حقيقي آهي. جيستائين انسان جي جسماني بناوٽ جو تعلق آهي ته انسان جي جسماني بناوت ئي ٻڌائي ٿي ته کيس اختيار جي سوغات سان نوازيو ويو آهي. قدرت اسان کي ”نور وڃائڻ“ ۽ ”نور کي حاصل ڪرڻ“ ۾ با اختيار ڪيو آهي. نباتات ان قابل ڪونهن جو سم ۽ ڪلر واري زمين کي ڇڏي مٺي زمين ۾ وڃي پنهنجون پاڙون هڻن. جانور پنهنجي لاءِ ڪڏهن سرن جو گهر ڪونه ٺاهيو آهي ليڪن انسان جي اها حالت ڪونهي. ڦيٿي جي ايجاد کان وٺي راڪيٽ سازيءَ تائين، ڇا اهو سڀ جبر آهي؟ انسان جي اندر الله تعالى جي نوراني دنيا آباد آهي. اهو نور هر وقت تخليق جون بوندون وسائيندو رهي ٿو ته جيئن انسان کي ڪامل ڪري.
مغربي تعليم کان متاثر ماڻهو، زندگيءَ کي هڪڙي پَرَ وانگر سمجهي ٿو جيڪو هوا جي رحم و ڪرم تي آهي. هو سمجهي ٿو ته انسان مجبور آهي بلڪل اجرام فلڪي وانگر. ڪوبه شخص، ڪنهن به حالت ۾ جيڪي ڪجهه ڪري ٿو اهو ان لاءِ لازمي آهي. جيڪو نيڪ آهي اهو نيڪ هجڻ تي مجبور آهي ۽ جيڪو بد آهي سو بد هجڻ تي مجبور. جڏهن ڪنهن قوم جي دل ۾ اهو اعتقاد پختو ٿي وڃي ته ان کي فعل ۾ ڪنهن به قسم جو اختيار ڪونهي ۽ اهو ته سڀ شيون هڪ جابرانه قوت ۽ قاهرانه اقتدار جي حسب خواهش وجود ۾ اچن ٿيون، ته انهن جون قوتون معطل ٿي وڃن ٿيون. الله تعالى انسان کي سوچڻ جا جيڪي آلات ڏنا آهن ۽ عمل ڪرڻ لاءِ جيڪي جسماني عضوا ڏنا آهن انهن جي ثمرات کان محروم ٿي وڃن ٿا.

[b]عبادت جي حقيقت:
[/b]ان عبد، معبود تون، ات نه ڪو شرڪ نه شڪ،
پچارون پرينءَ جون، مصيبتن مرڪ،
سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرين کي

(سيد لطيف)
عربي زبان ۾ ”عبد“ اهڙي غلام کي ڪوٺبو آهي؛ جنهن جي پنهنجي ڪابه مرضي نه هجي بلڪه ان کي چوويهه ڪلاڪ مالڪ جي مرضيءَ تي هلڻو آهي. غور جو مقام آهي ته انسان روح ۽ جسم جو مالڪ آهي. هر وقت روحاني ۽ جسماني طور خدا تعالى (حقيقت ڪل) جي غلامي ۾ رهڻ، ان جي اطاعت ڪرڻ ”عبادت“ آهي. خدا (حقيقت ڪل) اسان جو آقا آهي ۽ اسان ان جا غلام آهيون.
قرآن حڪيم جي نظر ۾ عبادت ان عمل جو نالو ڪونهي ته توهان ڪنهن مخصوص وقت ۾ ڪجهه مخصوص رسمون ادا ڪريو ۽ پوءِ اهو سمجهو ته مون زندگيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ هاڻي آزاد آهيان جيئن چاهيان زندگي گذاريان. چوويهه ڪلاڪ ئي خدا جي اطاعت ۾ گذارڻ ’بندگي‘ آهي.
هڪڙو مسلمان آهي جيڪو روزا رکي ۽ نمازون پڙهي ٿو پر باقي وقت خدا جي مرضي نه بلڪه پنهنجي نفس جي حڪمن تي هلي ٿو. ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪو غلام هجي جنهن کي توهان ڏينهن رات خدمت لاءِ رکيو هجي ۽ اهو صرف صبح ۽ شام (نمازن جي وقت) جهڪي سلام ڪري، ۽ ان کان پوءِ آزادي سان گهمندو ڦرندو ٻين جا ڪم ڪندو وتي، ڇا اهڙي نوڪر کي مالڪ پسند ڪندو؟
”توهان ڪو مالهي، باغ جي سنڀالڻ لاءِ رکيو هجي. اهو باغ جي حسن وڌائڻ ۾ دلچسپي نه وٺي، گند ڪچري سان باغ ڀرجي وڃي. ميويدار وڻ برباد ٿيندا رهن، پاڻي فضول وهندو رهي. ڇا مالڪ باغ جي بربادي چاهيندو ۽ ڇا اهڙي مالهيءَ کي برداشت ڪندو؟ قدرت جي هن قانون تي غور ڪريو: ”ڪوبه ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگهندو...“ (متي 6: 24)
خدا تعالى اسان جو آقا آهي. اسان جو فرض آهي ته سچي غلام وانگر هر وقت ان جي حاڪميت قبول ڪيون. قرآن حڪيم، عبادت جو مفهوم وسيع ڪري ان کي پوري زندگيءَ تي ڦهلائي ڇڏيو آهي. عبادت جو مقصد آهي هر وقت نور جو چيو مڃي نور کي آڻڻ. عبادت باطني سچائي کي اجارڻ جو ڪم ڪري ٿي. ياد رکو خدا (نور) ئي مقصود، مطلوب ۽ محبوب آهي.
روزا ۽ نمازون زندگيءَ جو مقصد ڪونهن بلڪه اهي عبادت جون شڪليون ڪمال (خدا) تائين پهچڻ جا ڪامل ذريعا آهن. قرآن جي هيءَ شهادت:
قُلْ اِنَّ صَلَاتِیۡ وَنُسُکِیۡ وَ مَحْیَایَ وَ مَمَاتِیۡ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۶۲﴾ۙ لَا شَرِیۡکَ لَہٗ ۚ وَ بِذٰلِکَ اُمِرْتُ وَ اَنَا اَوَّلُ الْمُسْلِمِیۡنَ ﴿۱۶۳﴾ (الانعام: 162-163)
(ترجمو: توهان اعلان ڪريو ته منهنجي نماز ۽ منهنجي هر قسم جي عبادت ۽ قرباني ۽ منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ سڀ ڪجهه الله رب العالمين جي لاءِ آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي، مونکي اهو ئي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان سڀني کان پهريان سر اطاعت خم ڪرڻ وارو آهيان.)

[b]ڀٽ ڌڻي ۽ عبادت:
[/b]جي ٿيا حل حبيب سين، سمهڻ تن ثواب،
نيڻ هيرائي ننڊ سين، خوش ڪيائون خواب،
اوسيئڙو عذاب، دليان تن دور ٿيو.

*
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سروڄن،
وحده لاشريڪ لھ، اهوئي راڳ رڳن،
سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت جن جي.

*
عبادت ۽ اطاعت مان مراد آهي پنهنجي مرضي يا اختيار کي خدا (حقيقت ڪل، عقل ڪل) جي مرضيءَ حوالي ڪرڻ. جيڪڏهن اسان جو نصب العين سڀني آسماني قدرن جو حاصل جمع آهي ته پوءِ يقيناً ڪوبه ماڻهو ڪنهن ٻئي جي اطاعت ڪري نه ٿو سگهي. جڏهن اسان سچي نصب العين بدران، ڪنهن ٻئي جي اطاعت ڪندا آهيون ته اسان جي حقيقي راهه گم ٿي ويندي آهي. اسان پنهنجي رنگينين کي خطري جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيون. جيڪڏهن اسان حقيقت ڪل (خدا) يعني مرڪز کان ڪٽجي وڃئون ۽ نور کي مرڪزي حيثيت نه ڏيئون يا اسان دولت ۽ قوت جي چاڪري ڪيون ته پوءِ اسان پنهنجي آسماني يعني اعلى زندگي جا وفادار ڪونه ٿا رهون. حقيقي روحانيت مقصد (خدا، ڪمال) جي غلامي ۾ موجود آهي. مطلب ته هر اهو عمل جنهن سان نورانيت ۾ اضافو ٿئي، عبادت آهي. ياد رکو ته انسان کي زمين تي ان ڪري ڪونه آندو ويو آهي ته هو سڄو ڏينهن ۽ رات پنهنجي نفس جي مرضي پوري ڪرڻ ۾ گذاري بلڪه انسان کي ، خدا تعالى جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ خلقيو ويو آهي.
قرآن حڪيم جي نظر ۾ عبادت جو مفهوم پوڄاپاٽ ڪونهي. جهالت جي دور ۾، چند مخصوص گهڙين ۾ ڪجهه مذهبي رسمون ادا ڪرڻ کي عبادت چئبوهو. ان کان بعد زندگي کي ڪهڙي به رستي تي هلائجي، ڪوبه فرق ڪونه ٿو پئي، ان جي بدلي ۾ قرآن حڪيم زندگيءَ جي هرپل کي خدا (حقيقت ڪل) جي فرمانبرداريءَ ۾ گذارڻ چاهي ٿو. انسان جي پوري زندگي (ان جو هر شعبو) سچائي جي سانچي ۾ وجهڻ چاهي ٿو.
اسلام ۾ عبادت جو اهو مفهوم به ڪونهي ته انسان، دنيا جي زندگيءَ کان الڳ ٿي وڃي، الله سان دل لڳائي ۽ زندگيءَ جي گهماگهمي کان ڪناره ڪش ٿي وڃي.
خدا جي عبادت مان مراد اها پرستش ڪونهي جنهن کي زمانه قديم جي انسان، فطرت جي قوتن کان ڊڄي پنهنجي ذهن سان وديعت ڪيو ويو هو. درحقيقت اها فرقت شده انسان جي پنهنجي منزل سان ملاقات آهي. عبادت دراصل روحاني غسل آهي. خدا تعالى جي ڪلي حقيقت کي شعوري طور بجا آڻڻ عبادت آهي.
ڪائنات جي هرشئي ديندار آهي. مثلاً ستارن جي سندن مرڪز جي چوڌاري گردش، انهن جي عبادت آهي. دنيا جي هر انسان جو مرڪز قرآن حڪيم (حقيقت ڪل) آهي. هر وقت ۽ هر حالت ۾ ان جي ٻڌايل راهه تي هلڻ عبادت آهي. انسان جي پوري زندگي عبادت آهي. ’جو دم غافل سو دم ڪافر.
خدا تعالى اسان جو آقا آهي. اهو اهڙو آقا آهي جيڪو رحمدل آهي ۽ پنهنجي غلام کي هميشه بلند کان بلند ڏسڻ چاهي ٿو. عبادت، اها حرڪت آهي جيڪا ڪمال (خدا) ڏانهن اڀاري ٿي. خدا تعالى سان اسان جو تعلق، انسان کي اعلى بنائي ٿو ۽ سڀني خامين کان پاڪ ڪري ٿو ڇو ته اهو نور جو سرچشمو آهي. عبادت، اصل ۾ خدا جي ياد آهي، جنهن جو مقصد هي آهي ته اسان زندگيءَ جي نصب العين ۽ اعلى قدرن کي پنهنجو مطمع نظر بنايون ته جيئن آسماني صحت حاصل ڪري ابديت جي زندگي حاصل ڪيون.
اها عبادت جنهن جون پاڙون انساني روح ۾ ناهن ته اها مجرد عبادت آهي. عبادت جون برڪتون نمائش سان حاصل ڪونه ٿينديون. انجيل پاڪ ۾ آيو آهي:
”خدا روح آهي ۽ جو ڪوئي ان جي پرستش ڪري ان لاءِ ضروري آهي ته روح ۽ سچائي سان ان جي پرستش ڪري.“
(يوحنا 4: 24)
قرآن شريف ۾ اچي ٿو:
اَلَمْ اَعْہَدْ اِلَیۡكُمْ یٰبَنِیۡۤ اٰدَمَ اَنۡ لَّا تَعْبُدُوا الشَّیۡطٰنَ ۚ(یٰس: 60)
(اي بني آدم! ڇا مان توهان کان عهد ڪونه ورتو ته شيطان جي عبادت نه ڪندؤ.)
(خدا) حقيقت ڪل کي ڇڏي ٻئي ڪنهن جي به اطاعت ڪبي ته اها شيطان جي بندگي ٿيندي. انسان خدا جي بندگيءَ لاءِ خلقيو ويو آهي. هر وقت حقيقت ڪل (خدا) جي اطاعت ڪرڻي آهي.
قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته انسان جي تخليق جو مقصد اڃان پورو ڪونه ٿيو آهي. ان کي عبوديت جي راهن ۾ اڃان اڳتي وڌڻو آهي. هن کي صفات خدائي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي سفر کي جاري رکڻو آهي ته جيئن نقص، گناهه ۽ تضادن جي چڪر مان آزادي ماڻي ۽ زندگي جي جوهر کي
هميشه لاءِ چمڪائي ابديت حاصل ڪري. سچي عبادت اها آهي ته انسان اندروني محاذ جي تسخير ڪري. ان محاذ تي انسان کي اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اسان نفساني غلاظتن کان جان ڪونه ڇڏائي ته نتيجو تباهي جي صورت ۾ ئي نڪرندو. سردي، گرمي، بيماري ۽ ٻين آفتن تي انسان گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو آهي. سڀ کان وڏي جنگ پنهنجي نفس سان ئي آهي ڇو ته اتي وڌ ۾ وڌ اوندهه آهي. عالمي شهرت يافته نفسياتي ماهر C.C.JUNG ان سلسلي ۾ چوي ٿو:
”عصر حاضر جو انسان مفلوج انسان آهي. انڌن حادثن جي مقابلي ۾ خوف کان هراسيل، انهن وحشيانه قوتن جي مقابلي ۾، جن تي هو پنهنجي دور جي معاشي ۽ سياسي تدبيرن جي قوت سان قابو پائي نٿو سگهي. اها ته آهي ان جي خارجي دنيا جي حالت ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي اندر جي دنيا، جتي تخريب ۽ تعمير جون قوتون هر وقت تارازي جي پڙن کي هيٺ مٿي کڻنديون ۽ جهڪائينديون رهن ٿيون، ۾ ليئو پائي ٿو ته اتي ٻاهرين دنيا کان وڌيڪ اوندهه نظر اچي ٿي.“
(Modern man in search of soul p.236)
دور حاضر جا سڀئي اجتماعي فساد معاشري جي فڪري رجحانن جي پيداوار آهن. اهو نظريو يا اهو نظام، جيڪو ازلي ۽ ابدي صداقتن، مستقل اخلاقي قدرن ۽ تزڪيه نفس تي مبني نه هوندو ته ان جو طبعي ۽ فطري نتيجو انتشار جي صورت ۾ نڪرندو.
سيد لطيف جي هن عظمت تي غور ڪندا هلو:

جسي ۾ جبار جو، خفي خيمون کوڙ،
جلي تون زبان سين، چارئي پهر چور،
فڪر سين فرقان ، اسم اعظم ڏور،
ٻيا در وڃي م ووڙ، اي امل اتائين پسجي

*
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سر وڃن،
وحده لاشريک لھ، اهوئي راڳ رڳن،
سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت جن جي.

*
ان عبد، معبود تون، ات نه ڪو شرڪ ۽ شڪ،
پچارون پرينءَ جون، مصيبتن مرڪ،
سو سڀوئي حق، اي امل اتائين پسجي.

قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ سَخَّرَ لَكُمۡ مَّا فِی السَّمٰوٰتِ وَمَا فِی الْاَرْضِ جَمِیۡعًا مِّنْہُ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۱۳﴾
(جاثیہ: 13)
ترجمو: جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سڀ جو سڀ توهان جي لاءِ مسخر ڪيو ويو آهي. ان پيغام ۾ سوچڻ واري قوم لاءِ هدايت آهي.
انسان جي حرڪت، خود کيس منظم ڪري عمل پيدا ڪندي آهي. عمل جي تقاضا اها آهي ته جيڪڏهن ڪائنات يا انساني فطرت جو ڪو قانون، زندگيءَ جي مقصد سان ٽڪرائجي ته پوءِ ان جي سامهون جهڪڻو ڪونهي بلڪه عمل جي نوراني قوت سان قانون قدرت جي تسخير ڪئي وڃي. خدا تعالى هر شيءِ کي هڪ قانون مطابق هلڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ انهيءَ مطابق هلي رهي آهي. ڪائنات جا سڀ جسم مسلم (اطاعت ڪندڙ) آهن ڇو ته اهي هر وقت، مرڪز جي عبادت ۾ مخمور آهن يعني سچا عابد آهن. ڪمال (خدا) کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪمال جي هر حڪم جي بجا آوري ڪرڻ ”عبادت“ آهي.
جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي طلب واقعي ئي آهي ته پوءِ ان جي خواهش ڪڏهن به ٿڌي ڪونه ٿيندي. انسان جي فطرت ۾ هڪ اهڙي محبوب جي تلاش آهي جيڪو ڪامل آهي. ان ڪري ڪمال اهو آهي ته اڻ کٽ ڪمال سان اتصال ٿئي. انسان کي ڪامليت گهرجي.
هن حقيقت تي وري غور ڪريو ته قرآن حڪيم جي نظر ۾ عبادت مان مراد اها ڪونهي ته ماڻهو سماجي زندگي ڇڏي وڃي جبل وسائي ۽ نفس ڪشي ۽ مراقبن سان روحانيت کي وڌائي ۽ صرف پنهنجي نجات جي فڪر ۾ رهي.
عبادت ڪو ساحرانه فعل ڪونهي، جيڪو فوق الفطرت طريقي تي عالم اسباب ۾ دخل رکي ٿو. انسان کي نيڪيءَ جي استعمال جوموقعو صرف معاشرتي يعني مدني جماعت اندر ئي ملي سگهي ٿو نيڪي انسان جي تڪميل جو واحد ذريعو آهي. اڪيلائپ ۽ رهبانيت جي زندگي گذارڻ وارو، نيڪين کي حقيقي مقصد جو روپ ڏئي نٿو سگهي. انسان جي تڪميل معاشري ۾ ئي ٿي سگهي ٿي، ان ڪري سڀني نيڪين جو بنياد انسان سان محبت ڪرڻ آهي. مشهور مغربي مفڪر Rorert Braiffault پنهنجي ڪتاب The Making of Humanity ۾ لکي ٿو:
اهي تصوف پسند حضرات چاهن ٿا ته هن مصيبتن سان ڀريل دنيا مان ڀڄي وڃن ۽ خلوت جي تجرد گاهن ۾ پناه حاصل ڪن جتي صرف فطرت ئي فطرت هجي، انسان نه هجي. انهن جبلن جي چوٽين تي، جن کي انسان جي ناپاڪ قدمن نه ڇهيو هجي، اتي وڃي پنهنجي روح کي خلوت جي ڪيف اندوز نطارن سان سرشار ڪن ۽ انهن سرور انگيز ڪيفيتن، جن ۾ ڪوبه دخل اندازي نه ڪري سگهي ۽ انهن جي جهان ۾ انساني دنيا جي لذت ۽ عيش جو ڪوبه گذر نه هجي. ليڪن اهي نٿا ڄاڻن يا ڄاڻڻ ئي نٿا چاهن ته انهن جا اهي تمام حسين آرزو، بلند تخيلات ، هي جذبات ۽ انساني فطرت جي لرزشن جو هي لطيف احساس ۽ فطرت جي متعلق اهو حسن خيال اهي سڀ انساني دنيا جون تخليقات آهن، جن کي اهي ايتريقدر قابل نفرت سمجهي ڇڏڻ جي فڪر ۾ آهن.“ (صفحه 25)

[b]اصلي موت:
[/b]جيستائين دل ڪم ڪري ٿي، بدن جي عضون ۾ خون جي گردش جاري آهي ته چيو وڃي ٿو ته انسان زنده آهي، پر جڏهن اهو سلسلو رڪجي وڃي ته ان جي موت جو قطعي دليل ٿي وڃي ٿو. جيڪو شخص ظاهري طور تي زنده آهي پر اهو نفساني خواهشن ۾ ايترو ته وڪوڙيل آهي جو نه حق جي طرف ڌيان ڏئي ٿو ۽ نه ئي عالم وجود ۾ پروردگار جي عظمت جي نشانين (آيتن) تي غور ڪري ٿو ته قرآن جي حڪمت مطابق اهڙو شخص ”مرده“ آهي. ليڪن اهي وجود، جيڪي خدا جي صفتن سان متصف هئا، انهن دنيا کي علمي ايجادات، فني خوبين ۽ تخليقي قوتن سان نوازيو اهي قبرن ۾ هوندي به زنده آهن. اهي پنهنجي تخليقات سان اڄ به دنيا کي زندگي ڏئي رهيا آهن. انهن جي مقابلي ۾ اهي انسان جيڪي روحانيت تي نفس جي ظلمتن کي غالب ڪن ٿا (اهي ماڻهو) قبر تائين پهچڻ جي جستجو ۾ سڄو ڏينهن مشغول آهن. ڇو ته انهن جو مجموعي عمل، کين بقا کان پري ڪندو، منزل مقصود کان هٽائيندو تباهيءَ جي طرف ڇڪيندو رهي ٿو. ڇا اهڙن ماڻهن جي حياتيءَ کي حقيقي حياتي چئي سگهون ٿا؟ اهڙي بي معنى زندگيءَ جا مالڪ اهي ماڻهو آهن جن جا روح منجمد، قلب شيطاني باه ۾ وڪوڙيل ۽ نيڪي بدي جي شعور کان محروم آهن. اهڙي بي ذوق زندگي، جنهن ۾ ذوق جمال ۽ شوق ڪمال نه هجي ته اها ’موت‘ جي برابر آهي. انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”هڪ ٻئي شاگرد ان کي چيو اي خداوند مونکي اجازت ڏئي ته پهريان وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. يسوع انهن کي چيو تون منهنجي پويان هل ۽ مُردن کي پنهنجا مُردا دفن ڪرڻ ڏيو.“ (متي 8: 21-22)
اهڙا انسان، جن ۾ حق لاءِ نه ڪوئي احساس آهي ۽ نه حرڪت، اهي زنده ڪيئن چئبا؟ اهي زنده هجن ها ته بلندين ڏانهن اڀرن ها ڇو ته زندگي مٿي اڀرڻ جو نالو آهي. جديد تهذيب جو انسان پاڻ کي روشن خيال ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي مادي ترقيءَ کي فخر سان پيش ڪري ٿو ليڪن حقيقت ۾ ان کان وڌيڪ نفس جو غلام ڪوبه نه ملندو. اهي ڪوتاهه نظر صرف مادي ڪشش ۾ ئي الجهي پيا ۽ پاڻ کي نفساني خواهشن جي پنڃري ۾ بند ڪري ڇڏيائون. اهي پاڻ کي آزاد ۽ ترقي يافته سمجهن ٿا، حالانڪه اهي پنهنجي حقيقي آزاديءَ کان ڪوهين پري آهن. انهن جون اکيون انڌيون ۽ دل مرده آهن، راه حق کان هٽيل- ياد رکو شعور جو زوال موت آهي. مردا آهن اهي انسان جي عقل ۽ شعور کان ڪم نٿا وٺن.
انسان جي زندگيءَ جو مقصد خداتعالى جي صفتن کي پنهنجي دل ۾ آباد ڪرڻ آهي. پر اسان جو توجه ڪجهه خارجي شين جي طرف اهڙو ته ورهايل آهي جو زندگيءَ جي سرچشمي، وجود جي مصدر، خير جي علت ۽ روح جي بنياد جو مشاهدو ئي نٿا ڪري سگهون. جنهن به انسان ۾ خدا جون صفتون دٻيل آهن ته حقيقت جي لحاظ کان اُهو ’مرده‘ آهي.
جيڪي زنده هوندا زندگيءَ جو پيغام به اهي ئي ٻڌندا، جن جون دليون بيدار ۽ هوشمند آهن باقي جن جي دلين تي پردا پيل آهن تن کي قرآن حڪيم جي حڪمت ”اهل قبور“ ٿي ڪوٺي. اهي زنده ئي دفن ٿيل آهن. اونده جي اوڙاهه ۾ قيد ٿيل، اوندهه جا فرزند. انهن جي خوراڪ ’جُهل‘ آهي.
وَ مَاۤ اَنۡتَ بِمُسْمِعٍ مَّنۡ فِی الْقُبُوۡرِ ﴿۲۲﴾ اِنْ اَنۡتَ اِلَّا نَذِیۡرٌ ﴿۲۳﴾
ترجمو: يعني توهان ته انهن کي ڪجهه به ٻڌائي نٿا سگهو، جي قبرن ۾ آهن. بس، توهان جو ڪم ته ڊيڄارڻ ۽ تنبيهه ڪرڻ آهي.
اهڙن فردن ۽ اهڙي معاشري کي خدا تعالى پنهنجي رحمت جي ڇانو کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انهن کي مڪافات عمل مطابق سزا ڏيندو ٿو رهي. اهي وقت مقرر تائين هلي فنا جي شعلن ۾ غائب ٿي وڃن ٿا. جنهن قوم ۾ خدائي صفتن جا ماڻهو هوندا، انهيءَ قوم کي ئي زنده قوم چئي سگهبو.
پيٽ ڀرڻ ۽ سڄو ڏينهن حيوانيت وانگر زندگي بسر ڪرڻ ”مرده“ ذهنن جو ڪم آهي. صحيح ذهن، اهو انسان ٿو رکي جيڪو پنهنجي نفس جي نه بلڪه، خدا يعني حقيقت ڪل جي حاڪميت قبولي. اهڙو ماڻهو هر حالت ۾ اهو ٿو ڏسي ته خدا تعالى جو حڪم ڪهڙو آهي. وري غور ڪريو ته انسان هتي پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ نه بلڪه خدا جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهي. حقيقت جي روشنيءَ ۾، ڏٺو وڃي ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي اڪثريت زنده آهي ئي ڪونه. ڇو ته انسانذات جو اجتماعي عمل، اسان کي موت ڏانهن گهلي رهيو آهي. جيڪڏهن انسان زنده هجي ها ته هو يقيناً بلنديءَ ڏانهن وڌي ها. اها زندگي، جنهن ۾ ذوق جمال ۽ شوق ڪمال نه هجي ته اها زندگي موت جي برابر آهي. (وري غور ڪريو)
”حق کان غافل فرد، جنهن معاشري ۾ جيترا گهڻا هوندا اهو معاشرو اوترو ئي ’مرده‘ ٿيندو. زندگي ذميداري جو نالو آهي. مادي دنيا مان ملڻ وارو، مادي عناصرن کان خوراڪ حاصل ڪرڻ وارو وجود، پنهنجي مادي مصدر جي طرف مسلسل لڳاءُ رکي ٿو. جيڪڏهن انهن تي خدائي صفتن جو غلبو نه هوندو ته پوءِ اهڙو وجود، بحيثيت انسان رحلت ڪري وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي ٻن پيرن وارو جانور رهجي وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي جزوي عقل کي استعمال ڪندو، خدائي هدايت کي ڇڏيندو سڄو ڏينهن فنا جون برباديون جمع ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
اِنْ ہُوَ اِلَّا ذِكْرٌ وَّ قُرْاٰنٌ مُّبِیۡنٌ ﴿ۙ۶۹﴾ لِّیُنۡذِرَ مَنۡ کَانَ حَیًّا وَّ یَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَی الْکٰفِرِیۡنَ ﴿۷۰﴾ (یٰس: 69-70)
ترجمو: قرآن حڪيم ته ياد ڏيارڻ وارو ۽ پڙهڻ وارو واضح ڪتاب آهي. ته جيئن اهو ڊيڄاري انهن کي جي زنده آهن ۽ انهن ماڻهن جي حق ۾ حجت کي پورو ڪري جي مفڪر آهن.
قرآن حڪيم جو خطاب مُردن سان ڪونهي بلڪه اهو ’زنده‘ ماڻهن کي پڪاري ٿو. هتي ’زنده‘ مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي خدائي آواز تي ڌيان ڏين ٿا ۽ انهن جي مقابلي ۾ ’مرده‘ اهي آهن جيڪي حقيقت جا منڪر آهن. جيڪي هوش و حواس ته رکن ٿا پر پنهنجي حيوانيت ۽ هوس کي ترڪ ڪرڻ تي آماده ڪونه آهن. ياد رهي ته ڪفر، اسان جي سڀني نيڪين کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ڪافر ’مرده‘ وجود آهي. جيڪو رات کي ڏينهن چوي اهو ڪافر آهي.
انسان زندگيءَ جي رنگينين ۾ ايتريقدر غرق ٿي وڃي جو پنهنجي شعور جي سموري قوت دنياوي ڀڄ ڊڪ تائين محروم رکي ۽ الله تعالى جي طرف ان جو ڌيان ئي نه وڃي ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو غافل ٿي ويو. حقيقت جي پابندي ماديت جي براين کان روڪي ٿي. ماديت پرست، مادي ۽ محسوس ڪرڻ وارين شين سان لڳاءَ سبب اعلى سوچ ويچار جي اهليت نٿو رکي. پوءِ ڇا اهڙو شخص جيڪو زندگيءَ جو آواز ئي نه ٻڌي ۽ ڪائنات ۾ پکڙيل الله جي آيتن کي نه ڏسي ته ڇا اهڙي انسان کي زنده انسان چئي سگهبو؟ اهي درحقيقت مرده وجود آهن؛ زمين تي هڪڙو ٻوجهه.
زندگيءَ ۾ موت جو مقام اتان شروع ٿئي ٿو جتان اسان جون صلاحيتون مرده ٿين. يعني انسان جنهن نسبت سان بي حس ٿئي ٿو انهيءَ نسبت سان ان جي زندگي مرده ٿي وڃي ٿي. جنهن انسان جي چوڌاري ننڊ ويڙهيل هجي، جنهن جي پوري زندگي نفرت ۽ حقارت سان ڀريل هجي، جنهن شخص جو مرڻ، جيئڻ کان بهتر هجي ۽ جيڪو زندگيءَ هٿان مري رهيو هجي. ڇا اهڙو انسان زنده چوائڻ جو مستحق آهي؟ زندگي ته مٿي اڀرڻ جو نالو آهي. سڀئي زندگيءَ جي فڪرات ۾ غرق ۽ گرفتار. پوري ملڪ ۾ هڪ به الله جو بندو ڪونهي جنهن کي پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي رضامنديءَ جو فڪر هجي يا سچ جي تلاش جي آرزو هجي. اها نالي ماتر زندگي آهي باقي حقيقت ۾ اها آهي وسيع ۽ طويل خودڪشي. اهو ته زندگيءَ ۾ ئي موت آهي. دنيا جي هر دور ۾ ۽ هاڻي، زمين تي رهندڙ اڪثر انسان انسانيت جي حافظي ۾ انهن لاشن وانگر زندگي بسر ڪري رهيا آهن، جيڪي مٽيءَ تي پيا هجن ۽ جن کي فتني ۽ فراموشيءَ جي تاريڪين ۾ دفن ڪرڻ وارو ڪوبه نه هجي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
وَ مَاۤ اَنۡتَ بِمُسْمِعٍ مَّنۡ فِی الْقُبُوۡرِ ﴿۲۲﴾ (سورة الروم 35: 24)
ترجمو: ”اي نبي! جيڪي قبرن ۾ سمهيا پيا آهن توهان انهن کي نٿا ٻڌائي سگهو. اِهي اُهي ماڻهو آهن جي حق کان بي خبر ۽ جن جون دليون عشق الاهيءَ کان خالي آهن. جن جو لباس جهل جون بوسيده قبرون آهن. انهن جي مادي ڪثافتن ۽ آلودگين انهن کي نورانيت ۽ معنويت کان پري ڪري ڇڏيو آهي.“
قرآن حڪيم جي هن فيصلي تي به غور ڪريو:
وَمَا یَسْتَوِی الْاَحْیَآءُ وَ لَا الْاَمْوَاتُ ؕ(فاطر: 22)
ترجمو: جيڪي مرده ۽ جيڪي زنده آهن ٻئي برابر ناهن.
دنيا ۾ هن وقت جيترا به انسان موجود آهن انهن کي ٻن قسمن ۾ آڻي سگهجي ٿو، هڪڙا اهي جيڪي نوري آهن يعني پنهنجي نوراني عملن سان هر وقت معاشري ۾ حسن ڦهلائن ٿا. ٻيا آهن ناري وجود، باهه جا فرزند. اهڙا وجود شيطاني عملن ذريعي باهه جا الا ٻاريندا هر طرف ڇٽيندا رهن ٿا. ناري وجودن جو تعداد هر دور ۾ وڏي اڪثريت ۾ رهيو آهي. سيد لطيف ٿو چئي ته زنده اهي آهن جن پاڻ کي ٻاري روشني ڦهلائي:

نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ريءَ.

الله تعالى جي انسان مٿان وڏي رحمت اها آهي ته جيڪي ماڻهو حلقه اسلام (حقيقت ڪل) ۾ پوري جا پورا داخل ٿي وڃن ٿا اهي معنوي لحاظ کان جيئرا آهن. ڪافر مرده وجود آهي. بامقصد زندگي گذارڻ وارو زنده ۽ بي مقصد زندگي گذارڻ وارو ’مرده‘ وجود آهي (ڪافر) سچائي جو انڪاري آهي. اهو پنهنجي ناري عملن ڪري پاڻ ته تباه ٿئي ٿو پر ٻين جي تباهيءَ جو به بندوبست ڪندو ٿو رهي. مسلم، حق جي اطاعت ڪندڙ، روشنيءَ جو فرزند آهي. اڄ اونده جون قوتون جنگ وجدل ۾ مصروف آهن. تاريڪي شر ۽ فساد جي شيطانن کي ساڻ ڪري، نور جي دنيا تي زبردست حملو ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح پوري دنيا مصيبتن سان ڀرجي وئي آهي. انسان ڪامليت (خدا) کان پري ٿيندو ٿو وڃي. انهيءَ صورتحال کان نجات جي ضرورت آهي.
نجات ان حالت ۾ ملندي، جڏهن نور (خدا ، حقيقت ڪل) کان علحدگي کي ترڪ ڪري ڪائناتي وجود سان اتحاد پيدا ڪيو وڃي؛ ڇو ته علحدگيءَ جي اها حالت روحاني موت جي برابر آهي. خدا تعالى سان اتحاد جي معنى آهي ابديت ڏانهن وڌڻ. جڏهن انسان روحانيت ۾ انقلاب آڻي، الله تعالى ڏانهن رجوع ڪري ٿو ته ان وقت اهو آسماني وجود ٿئي ٿو.
جهڙيءَ طرح جانور کي حق ۽ باطل جي ڪابه خبر ڪونهي تهڙيءَ طرح اڄوڪو انسان به حق ۽ باطل جي سڃاڻ کان سواءِ پنهنجي نفساني خواهشن کي پورو ڪندو ٿو رهي. اڄ اسان جي زمين انسانن لاءِ نوراني ارتقا جو گهر (دعا جو گهر) نه رهي آهي بلڪه جانورن جو واڙو ٿي پئي آهي. انسان ان راه تي گامزن آهي ته حق قوت ڪونهي، اهائي جانورن واري فطرت ”جيڪو ڏاڍو سوگابو“. اڄ آدم جو ٻچڙو، زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ حيوانيت جو برتاءُ ڪري رهيو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ جي قانونن ۽ اصولن کي حيواني قوت تي جوڙي رهيو آهي. اڄ انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ڪشمڪش جاري آهي؛ ڇو ته نزاع، جنگ ۽ ڇڪتاڻ حيواني فطرت جي تقاضا آهي. ان ڪشمڪش ۾ جيڪو قوت وارو آهي اهوئي ڪامياب ۽ صالح آهي، جيڪو ڪمزور آهي اهو غير صالح ۽ مٽجڻ ان جو مقدر آهي. اها آهي اڄوڪي غالب تهذيب، جنهن جي وات مان ڇتي حيوانيت جا ٽيپا ڪري رهيا آهن.
انسان جسم ۽ روح جو مالڪ آهي. ماده پرستن انسان جي جسماني خواهشن کي ته ڏٺو ليڪن انهن کي روح جون خواهشون نظر ڪونه آيون. انهن انسان جي فطرت ۽ ان جي ترڪيب ڄاڻڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. انهن کي اندروني روحاني انسان جي خبر ڪونهي. حقيقت جي نگاه سان ڏٺو وڃي ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته انسان ۾ موجود جانور تي روح کي غالب ڪيو وڃي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄوڪو انسان، پاڻ واري جانور جي تقاضائن پوري ڪرڻ ۾ ايترو ته محو ٿي ويو آهي جو پنهنجي آسماني حقيقت ئي وساري ويٺو. هو نفس جي غلاميءَ کي ئي زندگي سمجهي ٿو.

باب چوٿون

---

فڪر منجهه فنا

فڪر ڦرهي هٿ ۾ ماٺ مطالعو ڪن،
پنو اهو پڙهن، جنهن سان پسين پرين کي.

(سيد لطيف)
قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
اَوَلَمْ یَنۡظُرُوۡا فِیۡ مَلَكُوۡتِ السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ وَمَا خَلَقَ اللہُ مِنۡ شَیۡءٍ ۙ وَّاَنْ عَسٰۤی اَنۡ یَّكُوۡنَ قَدِ اقْتَرَبَ اَجَلُہُمْ ۚ (الاعراف: 185)
ترجمو: ڇا انهن زمين ۽ آسمانن جي بادشاهت ۽ خدا جي تخليق تي ڪڏهن غور نه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي ته شايد انهن جو موت قريب اچي ويو آهي.
مٿين آيت پاڪ مان ظاهر آهي ته غور و فڪر ’زندگي‘ جي علامت آهي ۽ غور و فڪر جو فقدان ’موت‘وانگر آهي. سيد لطيف چوي ٿو:
جفا ڏيئي جيءَ کي، ٿي فڪر منجهه فنا

*
فنا وجهي قم ۾، ڪارڻ ٿي ڪباب

*
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن ’پاڻ‘

*
اندر آئينو ڪري، پر ۾ سو پسيج

*
راهه شريعت هليا، تفّڪر طريقون،
حال حقيقت رهيا، معرفت ماڳون.

*
ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهه فنا ٿيا،
تنين کي تعليم جي، ڪڙه اندر ڪاني،
حرف حقاني، دور ڪيائون دل ۾.

*
نابوديءَ نيئي عبد کي اعلى ڪيو،
جفا ڏئي جيءَ کي، ٿي فڪر منجهه فنا.

*
جسي ۾ جبار جو، خفي خيمون کوڙ،
جلي تون زبان سين، چار ئي پهر چور،
فڪرسين فرقان ۾، اسم اعظم ڏور،
ٻيا در وڃي م ووڙ، ايءُ امل اتائين پسجي.

ڪائنات ۾ نور ئي نور يعني خدا ئي خدا آهي. ڪائنات جي هرشيءِ نور وحدت جو مظهر آهي، ان ڪري ان کي آيات الاهي چيو وڃي ٿو. ڪائنات ۾ موجود الله تعالى جي نشانين کي نه مڃڻ وارن لاءِ قرآن حڪيم جو فيصلو هي آهي:
اِنَّمَا یَفْتَرِی الْکَذِبَ الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ بِاٰیٰتِ اللہِ ۚ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْکٰذِبُوۡنَ ﴿۱۰۵﴾ (النحل: 105)
ترجمو: اهي ئي ماڻهو آهن، جي الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻن ۽ اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن.
اِنَّ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا بِاٰیٰتِنَا سَوْفَ نُصْلِیۡہِمْ نَارًا ؕ (النساء: 56)
ترجمو: بيشڪ جن ماڻهن اسان جي نشانين سان ڪفر ڪيو، اسان انهن کي عنقريب باه ۾ وجهنداسين.
وَکَاَیِّنۡ مِّنۡ اٰیَۃٍ فِی السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ یَمُرُّوۡنَ عَلَیۡہَا وَہُمْ عَنْہَا مُعْرِضُوۡنَ ﴿۱۰۵﴾(یوسف: 105)
ترجمو: ۽ گهڻيون نشانيون آهن آسمانن ۽ زمين ۾، جتان اهي لنگهندا رهيا آهن ۽ انهن ڏانهن اصل توجه ڪونه ٿا ڪن.
قرآن حڪيم جو هي فيصلو ٿورو غور سان ٻڌو:
بَلْ ہُوَ اٰیٰتٌۢ بَیِّنٰتٌ فِیۡ صُدُوۡرِ الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الْعِلْمَ ؕ وَمَا یَجْحَدُ بِاٰیٰتِنَاۤ اِلَّا الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۴۹﴾ (العنکبوت:49)
ترجمو: حقيقت اها آهي ته جن ماڻهن کي (علم ۽ سمجههڏني وئي آهي تن جي دلين کي اهي چٽيون ۽ روشن آيتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اسان جي چٽين آيتن کان فقط انهن کي انڪار آهي جيڪي اوندهه تي ئي سندرو ٻڌيون بيٺا آهن.
هاڻي وري سيد لطيف جي هنن لفظن کي سامهون رکي اڳتي وڌو:

ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي،
وهو على کل شي محيط، اي آرياڻي اهڃاڻ،
سڀ ۾ پنهون پاڻ، ڪينهي ٻيو ٻروچ ريءَ.

حقيقت اها آهي ته زمين ۽ آسمان تي غور و فڪر ڪرڻ سان، انهن عالمگير قانونن جي تصديق ٿيندي آهي، جي قرآن شريف، ان وقت دنيا جي سامهون پيش ڪيا، جڏهن دنيا تي ظلمات جو گهيرو هيو. اسان قرآن شريف کي ڪيترو به سچو چئون، ان جي عظمت کي ڪيڏي به عقيدت سان پيش ڪيئون پر جيستائين ان جي ٻڌايل سچائين کي ڪتاب فطرت ۾ ثابت ڪونه ٿا ڪيئون ته دنيا، ان جي حڪمن کي تسليم ڪرڻ لاءِ راضي ڪونه ٿيندي. قرآن حڪيم غور و فڪر لاءِ ڪيترو حڪم ڪيو آهي، تنهن جي اهميت کان ڪوبه انڪار ڪري ڪونه سگهندو. دنيا جو ڪوبه ڪتاب کڻي ڏسو، غور و فڪر لاءِ ايترا حڪم ڪونه ملندا، جيترا قرآن شريف ۾ موجود آهن. غور و فڪر سان علمي قوت هٿ ايندي آهي، جيڪا دنيا ۾ اتحاد جون برڪتون آڻي ٿي.
غور فڪر ڪرڻ وارن لاءِ هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته فڪر ڪلي طور تي هجڻ گهرجي، ڇو ته ڪائنات جي سچائين جو جزوي فڪر فساد پيدا ڪندو آهي. دنيا تي جيڪي مصيبتون ڪڙڪيون آهن، سي انهيءَ جزوي فڪر جو نتيجو آهن. حقيقت ڪلي فڪر جونالو آهي. جڏهن دنيا تي حقيقت ڪلي ظاهر ٿي ته دنيا هڪ مقصد تي متحد ٿيندي. دنيا جا سڀئي باشعور انسان انهيءَ حقيقت جي جستجو ۾ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. قرآن شريف به حقيقت ڪليءَ کي سمجهڻ لاءِ ڪيترائي حڪم ڏنا آهن،جن مان چند هيٺ پيش ڪجن ٿا:
اِنَّ فِیۡ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ وَاخْتِلَافِ الَّیۡلِ وَالنَّہَارِ وَالْفُلْکِ الَّتِیۡ تَجْرِیۡ فِی الْبَحْرِ بِمَا یَنۡفَعُ النَّاسَ وَمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ مِنَ السَّمَآءِ مِنۡ مَّآءٍ فَاَحْیَا بِہِ الۡاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِہَا وَبَثَّ فِیۡہَا مِنۡ كُلِّ دَآبَّۃٍ ۪ وَّتَصْرِیۡفِ الرِّیٰحِ وَالسَّحَابِ الْمُسَخَّرِ بَیۡنَ السَّمَآءِ وَالۡاَرْضِ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوۡنَ ﴿۱۶۴﴾ (البقرھ : 164)
ترجمو: آسمان ۽ زمين جي پيدائش ۾ بيشڪ ايمان وارن لاءِ ضرور گهڻائي اشارا ۽ حڪم آهن ۽ توهان جي پنهنجي پيدائش ۾، ۽ ان ۾ جو ڪجهه خدا حيوانات مان زمين تي ڦهلائيندو آهي، يقين ڪرڻ واري قوم لاءِ گهڻائي حڪم آهن، ۽ ڏينهن رات جي اختلاف ۾، گڏوگڏ جيڪو رزق خدا آسمان مان لاٿو ۽ پوءِ انهيءَ پاڻيءَ مان مرڻ کان بعد زمين کي زنده ڪيو، ۽ هوائن جي هلڻ ۾ عقلمند قوم لاءِ گهڻائي اشارا موجود آهن.
*
وَ فِی الْاَرْضِ اٰیٰتٌ لِّلْمُوۡقِنِیۡنَ ﴿ۙ۲۰﴾ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِكُمْ ؕ اَفَلَا تُبْصِرُوۡنَ ﴿۲۱﴾ وَ فِی السَّمَآءِ رِزْقُكُمْ وَ مَا تُوۡعَدُوۡنَ ﴿۲۲﴾ فَوَ رَبِّ السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ اِنَّہٗ لَحَقٌّ مِّثْلَ مَاۤ اَنَّكُمْ تَنۡطِقُوۡنَ ﴿٪۲۳﴾
ترجمو: زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، بلڪه خود توهان جي اندر (به)، ڇا توهان ڪونه ٿا ڏسو؟ ۽ آسمان ۾ توهان جي روزي آهي ۽ جنهن جو توهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو ته زمين ۽ آسمان جو (پروردگار) قسم ته اهو ايترو ئي حقيقي آهي جيترو توهان (بالتحقيق) ڳالهائي رهيا آهيو.
*
وَ مِنْ اٰیٰتِہٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَ اخْتِلَافُ اَلْسِنَتِكُمْ وَ اَلْوَانِكُمْ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّلْعٰلِمِیۡنَ ﴿۲۲﴾
ترجمو: ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش خدا جي اشارن مان هڪڙو اشارو آهي ۽ توهان جي زبانن جو پاڻ ۾ مختلف ٿيڻ، توهان جي (جسم جي) رنگن جو مختلف ٿيڻ، بيشڪ انهن واقعن ۾ ضرور علم وارن ماڻهن لاءِ ڪيترائي اشارا ۽ هدايتون موجود آهن.
*
وَ سَخَّرَ لَكُمُ الَّیۡلَ وَالنَّہَارَ ۙ وَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ؕ وَالنُّجُوۡمُ مُسَخَّرٰتٌۢ بِاَمْرِہٖ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوۡنَ ﴿ۙ۱۲﴾ (النحل: 12)
ترجمو: توهان جي فائدي لاءِ خدا تعالى ڏينهن ۽ رات کي تسخير ڪري رکيو آهي. سج، چنڊ ۽ ستارا ان جي حڪم سان پکڙيل آهن. بيشڪ انهي (پوري منظر ۾) انهيءَ قوم لاءِ، جا عقل واري آهي، گهڻا ئي اشارا ۽ هدايتون موجود آهن.
انسان هڪ شاندار مخلوق آهي جنهن کي ”پاڻ سڃاڻڻ“ جي قوت مليل آهي. سڄي دنيا جا عالم، ذهني ارتقا جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين انهيءَ پاڻ سڃاڻڻ واري ڪم ۾ رڌل آهن. اهي زندگيءَ جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. درحقيقت اهڙا انسان ئي زنده آهن. انهن جي مقابلي ۾ جي غور و فڪر جي تڪليف نٿا ڪن؛ سي زنده ئي مئل آهن. گهمندڙ ڦرندڙ زنده لاش!.
حقيقي مذهب اهو آهي جيڪو زمان ۽ مڪان کي سمجهڻ جو حڪم ڏئي. انسانذات تي، ان وقت تائين مصيبت جا ڪڪر ڇانيل رهندا، جيستائين زمان ۽ مڪان جي حقيقت دنيا جي سڀني انسانن کي هڪ مقصد تي متحد نه ڪري. دنيا جي مصيبتن جو علاج وڌيڪ غور و فڪر ئي آهي. غور و فڪر ئي انسان لاءِ مصيبتون پيدا ڪيون آهن ته انهن مصيبتن جو ازالو به وڌيڪ غور و فڪر ئي ڪندو. اهائي تقدير آهي جنهن کي ڪوبه بدلائي نٿو سگهي.
خدا تعالى جي نگاهن ۾ اهو انسان مجرم آهي جيڪو غور و فڪر کان ڪم نٿو وٺي. خدا تعالى چاهي ٿو ته انسان صحيفه فطرت تان قانون اخذ ڪري، ڪائنات جي تسخير ڪري ۽ پنهنجي قوت ۾ اضافو آڻي. انسان پنهنجي وصفن ۾ ذهني، سمعي ۽ بصري قوتن کان ڪم وٺي بلند ٿيندو وڃي. انهيءَ آسماني خزاني ۾ واڌارو ئي انسان جو اولين ڪم آهي. اهو غور فڪر ئي آهي جيڪو انسانذات کي صحيح آزاديءَ سان نوازي سگهي ٿو.
قرآن شريف فطرت جي مشاهدي کي خدا شناسي قرار ڏئي ٿو. ڇو ته ڪائنات خدا تعالى جو اظهار آهي، الله تعالى جي فطرت آهي.
قرآن حڪيم جو ڪافرن تي الزام آهي ته اهي ڪائنات جي وسعتن ۾ ڦهليل خدا جي آيتن تي غور نٿا ڪن، جنهن سان مشيت الاهي جي قانونن جو وجود ثابت ٿئي ٿو. جڏهن ڪنهن گروهه ۾ ان قانون کي سمجهڻ جي اهليت نٿي رهي، جن جي مطابق عالم طبعي جون تبديليون ۽ اجتماعي زندگي جا انقلابا پيش اچن ٿا ته پوءِ اها قوم سعادتن کان محروم ٿي وڃي ٿي. انساني فلاح ۽ سعادت جو دارومدار ان قانون کي ٺيڪ طرح سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ تي آهي. قرآن حڪيم جتي به انسانن کان اطاعت الاهي جي گهرج ڪئي آهي ته اتي ان جي مراد اها آهي ته ان جي انهن قانونن جي اطاعت ڪئي وڃي جيڪي قانون، ڪائنات ۽ حيات ۾ موجود آهن.
الٓرٰ ۟ کِتٰبٌ اُحْکِمَتْ اٰیٰتُہٗ ثُمَّ فُصِّلَتْ مِنۡ لَّدُنْ حَکِیۡمٍ خَبِیۡرٍ ۙ﴿۱﴾ (ھود: 1)
ترجمو: هي هڪ ڪتاب، جنهن جو آيتون مضبوط ڪيون ويون آهن، پوءِ کولي بيان ڪيون ويون آهن، هڪ حڪيم باخبر جي طرف کان.
عضب الاهي مان مراد قانونن سان بغاوت آهي. جيڪي ماڻهو برا عمل ڪن ٿا ۽ ڪائنات ۾ موجود قدرت جي قانونن جي حقيقت نٿا سمجهن، ته حقيقت سان انهن جو رشتو ٽٽي وڃي ٿو. قدرت، رحمت جي دامن کي ڇڪي وٺي ٿي ۽ پنهنجي لطف کي روڪي ڇڏي ٿي. ان عدم تفڪر ۽ فقدان عقل جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو مشرڪ قومون هر انفرادي مظهر جي سامهون سر جهڪائڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿيون. اهي تسخير فطرت کان عاجز ۽ قدرتي حادثن ۽ واقعن جي رحم و ڪرم تي جيئن ٿيون، فطرت جون غلام ٿي رهن ٿيون:
وَمَا خَلَقْنَا السَّمَآءَ وَ الْاَرْضَ وَمَا بَیۡنَہُمَا بَاطِلًا ؕ ذٰلِکَ ظَنُّ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا ۚ فَوَیۡلٌ لِّلَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنَ النَّارِ ﴿ؕ۲۷﴾ (ص: 27)
ترجمو: اسان آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه انهن جي درميان آهي ڪوڙ ڪري پيدا ڪونه ڪيو آهي اهو انهن ماڻهن جو گمان آهي جي ڪافر آهن. حقيقت اها آهي ته انهن ڪافرن کي باهه ۾ وڌو ويندو.
انگلستان جو فلسفي برٽرينڊ رسل ڪتاب ”فلسفي جا مسئلا“ ۾ لکي ٿو:
”عقيدي جو برحق هجڻ اهو آهي ته ان جي مقابل واقعيت موجود هجي ۽ باطل اهو آهي جو ان جي مقابل ڪابه واقعيت نه هجي.“ (ص130)
غلط عقيدن واري مذهب ۾ عالمگير ٿيڻ جي صلاحيت ڪونه هوندي آهي. فطرت ۾ ڪُليت ٿيندي آهي. تنهن ڪري مذهب کي علم و حڪمت وانگر عالمگير ٿيڻ گهرجي. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن ان جو بنياد ڪُليات تي هجي، جي سموري موجودات تي حاوي هجن، ۽ سڀني انسانن تي اُها مساوي طور لاڳو ٿئي. قرآن حڪيم جي اهڙي تشريح، جيڪا قرآن حڪيم جي اندروني صداقتن ۽ انهن صداقتن جي وچ ۾، جي ظاهري طور، قرآن حڪيم کان ٻاهر آهن، ڪوبه تضاد باقي نه رهي، بلڪه اهي ٻئي هڪٻئي سان پوريءَ طرح هم آهنگ ٿي وڃن ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اسان ڪائنات جي ڪامل سچائي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.
اڄوڪي انسان، علم جي قوت سان، ڪائنات جي ڪيترن ئي رازن جي نقاب ڪشائي ڪئي آهي. اهڙي عقلي ۽ علمي دور ۾، قرآن حڪيم کي هر لحاظ کان ڪامل ڪتاب جي حيثيت ۾ پيش ڪنداسين ته عقل، هر وقت، ثبوت جي تقاضا ڪندو. اهو اسان جي زباني ۽ اعتقادي دعوائن آڏو ڪونه جهڪندو. ڇو ته ائين ڪرڻ عقل جي فطرت جي خلاف آهي. ثبوت جي اڳيان جهڪڻ ئي عقل جي تقدير آهي. قرآن حڪيم خود ”سچائي“ جو معيار ”دليل“ کي قرار ڏنو آهي:
قُلْ ہَاتُوۡا بُرْہَانَكُمْ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۱۱۱﴾ (البقرھ: 111)
ترجمو: انهن کي چئو ته جيڪڏهن پاڻ کي صداقت وارو سمجهو ٿا ته دليل آڻيو.
اڄوڪو انسان ايٽم جو سينو چيري روحانيت ۾ داخل ٿيو آهي. اهو ڪهڙي قسم جي مذهب لاءِ تڙپي ٿو؟ ان لاءِ هيٺين لفظن تي غور ڪريو:
”حقيقت اها آهي ته جيڪو امتحان هن وقت مذهب کي درپيش آهي ان مان اهو ان صورت ۾، ڪاميابيءَ سان، نڪري سگهي ٿو، جڏهن نئون نسل ان جي اندروني نظام جي جاچ پڙتال ڪري، ان ڳالهه جو پورو يقين ۽ اطمينان ڪري ته زندگي جي جن عملي مسئلن ۽ جن پريشانين ۽ پيچيدگين سان کيس واسطو پئجي رهيو آهي، ان جو بهترين عمل ان مذهب ۾ موجود آهي. شخصي مذهب جو دور هاڻي گذري چڪو آهي، محض جذباتي مذهب جي به هاڻي ضرورت ڪونهي. انهيءَ قسم جو زمانو به هاڻي ڪونه رهيوآهي جيڪو فرد کي صرف، ان حد تائين تسلي ۽ سهارو ڏئي سگهي جو ان جي اخلاقي طرز عمل لاءِ ڪجهه هدايتون ڏئي ۽ هڪ اهڙي نجات جي اميد ڏياري، جنهن جو حل مرڻ کان بعد ئي کلي سگهي. موجوده زماني جو سائنٽيفڪ ماڻهو هر شيءِ کي، ايستائين خود صداقت کي به، نتيجن جي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏسڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن اڄوڪي دور جي انسان کي مذهب جي پيروي ڪرڻي آهي ته پوءِ اهو مطالبو ٿو ڪري ته مذهب کيس اهو ٻڌائي ته اهو مذهب ان جي عملي مسئلن جو پاڻ وٽ ڪهڙو حل رکي ٿو؟ گهڻن جنمن کان بعد آخرڪار نروان حاصل ٿيڻ جي اميد، اهڙي شي ڪونهي، جو صرف ان جي بنياد تي هو مذهب کي قبولي. ان جي فلسفيانه جستجوءَ لاءِ، مذهب کي سڀ کان پهريان اها چاٻي فراهم ڪرڻ گهرجي، جنهن سان هو ڪائنات جي معمي جو ڪو قابل اطمينان حل ماڻي سگهي. پوءِ ان کي ٺيڪ ٺيڪ سائنسي طريقي سان علت ۽ معلول، سبب ۽ نتيجي جو بين تعلق ثابت ڪندي اهو ڏيکارڻ گهرجي ته انسان، انهن قوتن کي ڪهڙيءَ طرح قابو ڪري، جيڪي هن وقت بي قابو ٿي، نوع انساني کي، فائدو پهچائڻ بدران، تباه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيون آهن ۽ ڪهڙيءَ طرح بي روزگاري، غير معقول عدم مساوات، ظلم و ستم، معاشي ڦرلٽ، جنگ، عصمت فروشي ۽ ٻين براين جو خاتمو ٿئي ڇو ته انهن شيطاني ڪمن انسان جو امن و سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي.“
(لارڊ لوٿين جي علي ڳڙه يونيورسٽي ۾ ڪيل هڪ تقرير)
قرآن شريف چوي ٿو ته پنهنجي دائره تحقيق کي محسوسات تائين محدود نه ڪريو. ڇو ته زندگيءَ جو هڪڙو باطني پهلو به آهي، جنهن تائين فطرت تي مسلسل غور و فڪر کان پوءِ ئي پهچي سگهجي ٿو.
وڏي افسوس جو مقام آهي جو اسان جي عالمن جي اڪثريت اسان تي غور و فڪر حرام ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪابه حقيقت، ڪتاب فطرت تان هٿ ڪري، ان مطابق قرآن حڪيم جو مقصد ڪڍئون ٿا ته بي دين، ملحد ۽ ڪافر جو لقب ملي ٿو. انهن عالمن، ان ڳالهه تي مهر هڻي ڇڏي آهي ته قرآن حڪيم تي غور و فڪر پورو ٿيل آهي، هاڻي صرف انهن کان پڇڻو آهي ته ڪلام پاڪ ڇا ٿو چوي. توهان کي پنهنجي غور و فڪر سان هٿ آيل حقيقت ٻڌائڻي ڪونهي صرف انڌي تقليد ڪرڻي آهي. پاڻ نه سوچيو ۽ نه سمجهو.
قرآن شريف ۾ عالمگير قانون آهن. اتي عالمگير فطرت ڪم ڪري رهي آهي. قرآن شريف تي هرڪو سوچي سگهي ٿو، صداقت ڪنهن خاص قوم جي ميراث ڪونهي، اها عالمي ملڪيت آهي جنهن مان هرڪو فائدو وٺي سگهي ٿو. علم، اها حقيقي قوت آهي جنهن کي زمان و مڪان جي حدبندين ۾ قيد ڪري نٿو سگهجي.
سچي ڳالهه اها آهي ته جا قوم غور و فڪر کان محروم ٿي وڃي ٿي ته پوءِ انڌي تقليد ئي انهن جو مقدر هوندو آهي.جنهن قوم جي فردن ۾ غور و فڪر جي قوت ڪونهي ته پوءِ اها انسانن جي وسندي نه، پر جانورن جو واڙو آهي. اسان پنهنجي اسلاف جي فڪر کان مستفيض ٿي سگهؤن ٿا ليڪن انهن جو فيصلو اسان لاءِ حرف آخر ڪونهي. سيد لطيف چئي ٿو:

ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سولهي،
آريون اٻوجهن جون، سپر جام سهي،
جو راءِ وٽ رات رهي، تنهن چکي تان نه ٿئي.

نبين جو عقل ڪامل ٿيندو آهي. اهي پنهنجي روحاني تجربيگاه ۾ ڪائنات جي پوري حقيقت تائين پهچندا آهن. انهن تي الله تعالى طرفان وحي ڪئي ويندي آهي، يعني نور (الله) انهن ۾ پنهنجو ڪلي اظهار ڪندو آهي. عقل جي چوڌاري نور جو گهيرو هوندو آهي. انهن جو فڪر ڪائنات وانگر وسيع ٿيندو آهي. ڪائنات جون حقيقتون انهن وٽ ٽڪرن جي صورت ۾ ڪونه ٿيون اچن بلڪه اهي مربوط ۽ ڪلي صورت ۾ اچن ٿيون. ان ڪري نبين جي اچڻ جومقصد ئي عقل جي تڪميل ڪرڻ آهي.
اسلام کان پهريان مذهب جو بنياد معجزن ۽ خرق عادتن تي قائم هيو. ۽ انسانن ۾ هيءَ عادت هئي ته هر نبيءَ کان اها گُهرج ڪئي ويندي هئي ته هو پنهنجي صداقت جي ثبوت ۾ ڪجهه معجزا ڏيکاري. خرق عادتن جي مطالبي جي جواب ۾ قرآن حڪيم بار بار فطرت جي منظرن کي پيش ڪيو آهي. يعني قرآن حڪيم حقيقت کي قدرت جي قانونن ۾ تلاش ڪري ٿو. هن آيت پاڪ تي هڪ دفعو وري غور ڪريو:
اِنَّ فِیۡ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ وَاخْتِلَافِ الَّیۡلِ وَالنَّہَارِ وَالْفُلْکِ الَّتِیۡ تَجْرِیۡ فِی الْبَحْرِ بِمَا یَنۡفَعُ النَّاسَ وَمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ مِنَ السَّمَآءِ مِنۡ مَّآءٍ فَاَحْیَا بِہِ الۡاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِہَا وَبَثَّ فِیۡہَا مِنۡ كُلِّ دَآبَّۃٍ ۪ وَّتَصْرِیۡفِ الرِّیٰحِ وَالسَّحَابِ الْمُسَخَّرِ بَیۡنَ السَّمَآءِ وَالۡاَرْضِ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوۡنَ ﴿۱۶۴﴾ (البقرھ: 164)
ترجمو: بيشڪ زمين ۽ آسمانن جي جوڙجڪ ۾ ڏينهن ۽ رات جي اختلاف ۾، ٻيڙين ۾ جي سمنڊن ۾ نفع رساني لاءِ روان دوان آهن ۽ پاڻي ۾ جو ان کي الله تعالى آسمان مان زمين تي وسايو ته زمين مرڻ کان بعد وري زنده ٿئي ۽ ان ۾ هر قسم جا جانور پيدا ڪيائين جيڪي حرڪت ڪن ٿا ۽ هوائون جي گهلن ٿيون ۽ ڪڪر آهن جيڪي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ (خدا جي حڪم سان) هلي رهيا آهن، انهن ۾ گهڻيون نشانيون آهن اسان جي ربوبيت جون. انهن لاءِ جي عقل کان ڪم وٺن ٿا.

[b]پيغمبرن جي اچڻ جو مقصد:
[/b]پيغمبرن جي اچڻ جو اصلي مقصد اهو آهي ته اهي عالم انسانيت کي جهالت جي تباهين ۽ بربادين مان ڪڍي نور (علم) جي دائمي فرحتن ۾ وٺي اچن. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
ہُوَ الَّذِیۡ یُنَزِّلُ عَلٰی عَبْدِہٖۤ اٰیٰتٍۭ بَیِّنٰتٍ لِّیُخْرِجَكُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ؕ (الحدید: 9)
ترجمو: اهو اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي بندي تي صاف آيتون لاهي ٿو ته جيئن توهان کي (جهالت) جي اونداهين مان ڪڍي نور طرف وٺي وڃي.
حضرت موسى عليھ السلام لاءِ قرآن حڪيم ۾ فرمايو ويو:
وَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوۡسٰی بِاٰیٰتِنَاۤ اَنْ اَخْرِجْ قَوْمَکَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ۬ۙ (البراہیم: 5)
ترجمو: ۽ يقيناً سان اسان موسى کي نشانين سان موڪليو ته جيئن پنهنجي قوم کي ڪڍي اچي، اونداهين مان نور (علم) جي طرف
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
ہُوَ الَّذِیۡ یُصَلِّیۡ عَلَیۡكُمْ وَ مَلٰٓئِکَتُہٗ لِیُخْرِجَكُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ؕ (الاحزاب: 43)
ترجمو: اهو ايئن آهي ته هو خود ۽ ان جا فرشتا توهان مٿان رحمتون موڪليندا رهن ٿا. ته جيئن اهي توهان کي ظلمات مان ڪڍي نور (علم) طرف وٺي اچن.
دين فطرت جو پيغام، سڀني حقيقت وارن (پيغمبرن) جو پيغام هو. اهي هڪ ئي حقيقت جي ترجماني لاءِ موڪليا ويا هئا. انهن پنهنجي پنهنجي ماحول ۾ حق، حسن، نور، خير جي تبليغ ڪئي. اهي هڪ ئي گلدان جا گل هئا. انهن گلن ۾ هڪ ئي آسماني خوشبوءِ مهڪي رهي هئي. خوشبوءِ کي خوشبوءِ کان نفرت ڪونه ٿيندي آهي.
قرآن شريف چوي ٿو ته اي اهل نظر! عقل سان نتيجا ڪڍو. قدرت جنهن کي چاهي ٿي ته حڪمت سان نوازي ٿي ۽ جنهن کي حڪمت ڏني وئي ان کي ”خير ڪثير“ ڏنو ويو. قرآن حڪيم چئي ٿوته سڄو ۽ انڌو، نور ۽ اونداهي برابر نه آهن:
اَمْ ہَلْ تَسْتَوِی الظُّلُمٰتُ وَالنُّوۡرُ ۬ۚ(الرعد: 16)
ترجمو: ياهي ته ڪڏهن نور ۽ اونداهي برابر ٿيون آهن؟
حضور اڪرم * تي نازل ٿيڻ واري ڪتاب ۾ ’عقل‘ جي اهميت جو اندازو توهان هن طرح لڳائي سگهو ٿا ته قرآن حڪيم جي 48 آيتن ۾ عقل جي متعلق جيڪي لفظ آيا آهن. انهن مان ”تعقلون“ جو لفظ 24 دفعا ۽ ”يعقلون“ جو لفظ 22 دفعا آيو آهي. عقل تي ايترو زور ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ نٿو ملي. ڪڏهن چوي ٿو:
اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۳﴾ (الرعد: 3)
ترجمو: بيشڪ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن.
۽ ڪڏهن بيان ڪري ٿو:
کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللہُ لَكُمُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱۹﴾ۙ (البقرھ: 219)
ترجمو: اهڙي طرح سان الله تعالى توهان لاءِ پنهنجي آيتن کي بيان ڪري ٿو شايد توهان غور و فڪر ڪيو.
عقل جو منصب اهو آهي ته خدا تعالى جي آيتن تي غور ڪري. قرآن حڪيم ۾ ڪٿي به نه چيو ويو آهي ته ڪشف ۽ ڪرامت جي ذريعي شين جي حقيقت جي جستجو ڪريو بلڪه فڪر ۽ تدبر جي وري وري هدايت ڪئي وئي آهي. عبادت جي اعلى شڪل به غور و فڪر ئي آهي، ڇو ته غور و فڪر جو نتيجو نيڪي تي عمل جي دعوت ڏئي ٿو. عقل ۾ ”قبول ڪرڻ“ جي صلاحيت موجود آهي ان ڪري انسان نيڪي ڏانهن جلدي اچي سگهي ٿو. ڪائنات تي غور و فڪر ۽ مشاهدي ڪرڻ سان نتيجن تائين پهچڻ جي فرمائش مان مقصود اهو آهي ته تلاش ۽ جستجوءَ سان جيڪي حقيقتون منڪشف ٿينديون، اهي پاڻ ئي تخليق ڪائنات جي مقصد تي روشني وجهنديون. حقيقت اها آهي ته غور و فڪر ۽ مشاهدو ڪرڻ وارو، قدرت جي خاموش گفتگو ٻڌندو آهي. علم ۽ عقل جي روشنيءَ کي ڇڏي، انساني نفس جي خواهشن جي پيروي ڪرڻ وارن لاءِ قرآن حڪيم چوي ٿو ته اهي ظالم آهن ۽ ظالمن کي خدا تعالى هدايت ڪونه ڏيندو آهي.
علم ۽ عقل هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. علم، عقل سان آهي ۽ عقل علم کان قوت وٺي ٿو. عقل جو ڪم اهو آهي ته اهو علت کي معلول سان وابسته ڪري ۽ رابطي جي خبر رکي. عقل جو ڪم اهو آهي ته هر، جز کي ڪل سان وابسته ڪري جزئيات کان ڪليات تائين پهچي ۽ پوءِ ڪليات مان جزئيات اخذ ڪري. عقل جو ڪم ان وقت تائين مڪمل نه ٿيندو، جيستائين سڀئي جزئيات ، ڪليات سان منسلڪ نه ٿي وڃن ۽ سڀئي ڪليات هڪ ڪل ۾ سمائجي نه وڃن.
ظاهر ۽ باطن جي لحاظ کان ڪجهه ڪليات ’آفاق‘ کان حاصل ٿيندا آهن ۽ ڪجهه ’انفس‘ مان. قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته آفاق ۽ انفس جي ٻنهي ڪليات کي ملائي اڳتي وڌجي. قرآن حڪيم چوي ٿو:
سَنُرِیۡہِمْ اٰیٰتِنَا فِی الْاٰفَاقِ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِہِمْ حَتّٰی یَتَبَیَّنَ لَہُمْ اَنَّہُ الْحَقُّ ؕ اَوَ لَمْ یَكْفِ بِرَبِّکَ اَنَّہٗ عَلٰی كُلِّ شَیۡءٍ شَہِیۡدٌ ﴿۵۳﴾ (حٰم سجدہ: 53)
ترجمو: جلد ئي اسان انهن کي آفاق ۽ انفس ۾ حقيقت جا نشان ڏيکارينداسين ته جيئن ظاهر ٿئي ته قرآن حق آهي.
علم جي ترقيءَ سان ڪليات جو تعداد مٿي چڙهندي چڙهندي، گهٽ ٿي ويندو آهي. ڪائنات جي رنگارنگي قانونن جي وحدت ۾ موجود آهي ۽ اهي سڀ وحدتون محيط ڪل وحدت تي انتها کي پهچن ٿيون. ڪثرت ۽ تغيرات جي ڪائنات هڪ وحدت مان نڪتي آهي. سيد لطيف جي هن شعر تي نظر ڪريو:

وحدت تان ڪثرت ٿي ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م ڀل،
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.

انسان ڪٿي به ڪثرت محض کي ڪثرت نه سمجهي بلڪه هر قدم تي ان جي ننڍين ۽ وڏين وحدتن طرف موٽي، اهڙيءَ طرح هڪ وحدت ڪلي تائين پهچي. قدرت جي قانونن جو علم درحقيقت ڪثرت ۾ وحدت جي تلاش آهي. ياد رکو قانونن جي وحدت جو نالو ڪائنات آهي.
جيڪڏهن ڪنهن مذهب ۾ معقوليت بلڪل ئي نه رهي ۽ اهو مذهب، عقل کي پوئتي ڇڏي ڏئي ۽ صرف جذبات پرست ۽ جذبات انگيز ٿي وڃي ته پوءِ اهو بي عقلن جو مذهب ٿيندو ۽ ان کي اعصاب زده ماڻهو ئي پنهنجو ڪندا. حق اهو آهي ته اسان قدرت جي قانونن ۾ موجود دائمي اصولن جي ذريعي ئي تبديلين جي دنيا ۾ قدم رکي سگهؤن ٿا. جيڪڏهن انهن اصولن کي نظر انداز ڪنداسين ته منزل طرف حرڪت پذيري غير متحرڪ ۽ جامد ٿي ويندي. ياد رهي ته روح جو غور و فڪر ڪرڻ ۽ مشاهدي سان واقعات کي ياد ڪرڻ ئي ذڪر الاهي آهي. تسبيح تي داڻا ڦيرڻ وارو ذڪر، ان جو نعم البدل ٿي ڪونه سگهندو.
قرآن حڪيم علم آهي.
وَلَئِنِ اتَّبَعْتَ اَہۡوَآءَہُمۡ مِّنۡۢ بَعْدِ مَا جَآءَکَ مِنَ الْعِلْمِ ۙ اِنَّکَ اِذًا لَّمِنَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۱۴۵﴾ۘ (البقرھ: 145)
ترجمو: جيڪڏهن توهان انهن جي خواهشن جي پيروي ڪرڻ لڳو بعد ان جي جو توهان وٽ علم اچي چڪو آهي ته يقيناً توهان به ظالمن ۾ شمار ٿيندؤ.
انهيءَ آيت پاڪ ۾ حضور اڪرم * کي چيو ويو آهي ته ان کي صرف علم جي راهه تي هلڻو آهي ڇو ته علم جي راه تي نه هلڻ ’ظلم‘ آهي.
قرآن حڪيم جي گهرج آهي ته انسان زندگيءَ جي مختلف مرحلن تي جذبات ۽ روايات جي پيدا ٿيندڙ مشڪلات تي قابو پائي. انسان ڪيترو به عالم، تجربه ڪار هجي پر خانداني روايتون، قومي خيال ۽ اوسي پاسي جا حالات، اهڙا اثر ڇڏين ٿيون جو انسان گهڻو ڪري انهن ئي قوتن جي قالب ۾ سمائجي وڃي ٿو. برٽرينڊ رسل پنهنجي ڪتاب ”فلسفي جا مسئلا“ ۾ چوي ٿو:
”تفڪر ۾ هر اها ڳالهه جيڪا ذاتي ۽ نجي ٿيندي آهي ۽ هر اها ڳالهه جا عادت، خود غرضي يا هوا ۽ هوس تي مبني ٿيندي آهي، مقصود اعلى کي مسخ ڪندي آهي ۽ ان اتحاد کي نقصان پهچائيندي آهي جنهن کي عقل ڳولي لهڻ چاهي ٿو. صاحب فڪر ۽ موضوع فڪر جي درميان ايئن هڪڙي رڪاوٽ بيهارڻ جي ڪري ذاتي ۽ نجي معاملات عقل کي قيدخانو بنائي ڇڏيندا آهن. عقل جيڪڏهن آزاد هجي ته ان کي بصيرت حق حاصل ٿيندي آهي.“ (ص 157)
جيڪڏهن انسان جو عقل ڪامل ۽ بيدار ٿي وڃي ته اهو وهم، وسوسن، حس ۽ تخيل جي ڪارفرمائين کان آزاد ٿي وڃي ٿو. رواجي عقل کي گهرجي ته اهو حقيقت ڪل جي محبت کان سواءِ ٻئي ڪنهن جذبي کان متاثر نه ٿئي. جيڪڏهن انسان کي زندگيءَ جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ کيس ڪامل ٿيڻو آهي ته ان لاءِ ’علم ڪلي‘ ئي واحد ذريعو آهي. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ قَالُوۡا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِیۡۤ اَصْحٰبِ السَّعِیۡرِ ﴿۱۰﴾ (الملک: 10)
ترجمو: دوزخي چوندا ته جيڪڏهن اسان ٻڌڻ وارا ڪن ۽ بيدار عقل رکندا هجئون ها ته دوزخين ۾ نه هجئون ها ڇو ته دوزخ عقل وارن جي جڳهه ناهي.
اِنَّ شَرَّ الدَّوَآبِّ عِنۡدَ اللہِ الصُّمُّ الْبُكْمُ الَّذِیۡنَ لَا یَعْقِلُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (الانفال: 23)
ترجمو: بدترين حيوان الله تعالى جي نظر ۾ اهي ٻوڙا گونگا آهن جيڪي عقل کان ڪم نٿا وٺن.
جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو رهي ته زماني جي علمي ۽ فڪري سطح بلند ٿيندي ٿي وڃي. ان ڪري هر ايندڙ نسل، پنهنجي پوئين نسل کان علم ۽ فڪر ۾ اڳتي ٿيندو آهي. اسان پنهنجي اسلام جي غور و فڪر کان مستفيض ٿي سگهون ٿا، پر انهن جو غور و فڪر اسان لاءِ حرف آخر ڪونهي. هتي هڪ ضروري سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر پيغمبرن جي تعليم به ته گذريل زماني جي آهي، پوءِ اسان انهن جي ڏيکاريل راهه تي ڇو هلئون؟
انهيءَ سوال جو جواب هي آهي ته پيغمبر اهي ڪامل انسان آهن جن ۾ حقيقت پنهنجو ڪلي اظهار ڪندي آهي. اهي ظاهر باطن ۾ ٽٻيون هڻي، اهي موتي هٿ ڪن ٿا، جي اسان کي ذاتي مشاهدي سان هٿ ڪونه ٿا اچن. اهي پنهنجي ذهن جي روحاني تجربيگاهه ۾ ايترو ته يقيني علم حاصل ڪندا آهن، جنهن کي علم جو آخري مقام چئي سگهجي ٿو. انهن ۾ ڪائناتي شعور پنهنجي تڪميل تي پهتل ٿيندو آهي. انهن آسماني انسانن جي سامهون، ڪائنات جون سچايون ٽڪرن ۽ حصن جي صورت ۾ ڪونه ٿيون اچن بلڪه اهي ڪامل سچائي جي وحدت ٿي پون ٿيون. اهڙا انسان، عام رواجي انسانن کان ايئن افضل ٿيندا آهن جيئن جانورن کان عام سطحي انسان افضل ٿيندو آهي. چشمن ۽ چراگاهن جي ڄاڻ انهن کي آهي. انسانن جا اهي ئي ڌنار آهن.
اسلام ڪائنات جي ارتقائي تصور جو حامي آهي. حرڪت، تبديلي، ارتقا فطرت جي گهرج آهي. قدرت انسان کي هر وقت تبديلي جي حالت ۾ ڏسڻ چاهي ٿي. قرآن حڪيم حرڪت، تغير ۽ ارتقا جي وجود کي خلقي قدر قرار ڏئي ٿو. اسلام جي نظر ۾ هڪ فرد ۽ جماعت، ٻئي روحاني ۽ نفسياتي طور تي ترقي پذير آهن. اسلام فرد ۽ جماعت کي روحاني ترقيءَ جي انتهائي (آسماني) مقام تي پهچائڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن اسلام کي ارتقائي نقطه نظر سان نه ڏسنداسون ۽ سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪنداسون ته اسان اسلام جو هڪڙو اهڙو تصور قائم ڪنداسين جيڪو اسلام جي مرضيءَ خلاف، صحيح رخ ڏانهن انسان جي ترقي روڪي ڇڏيندو. گويا اسلام جو نالو وٺڻ سان، اسلام جي مزاحمت ڪنداسون.
قرآن شريف جي تعبيرات ۾ مسلڪن جي پوئواري جي طريقي، روحاني ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هدايت کي انهيءَ طريقي جاچڻ ڪري اسان ڪو نٿا ڄاڻئون ته زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اسلام، اسان کان ڪهڙي عمل جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ان ڪتاب جي مطلبن ۽ معنائن ۾ هڪ عقلي رابطي جو مڃڻ ضروري آهي. سڀني صداقتن ۾ هڪ منطقي يا عقلي نسبت هوندي آهي ۽ اهي عقلي طور هڪٻئي جي تائيد ڪنديون آهن. جيڪڏهن اسان هڪ صداقت کان ٻيءَ صداقت جو سهارو ڇنون. (ياد رکو ڪائنات صداقتن جو مجموعو آهي خلق السموات والارض بالحق) ته پوءِ اها صداقت ئي نه رهندي. جيڪڏهن بعض صداقتون اهڙيون هجن، جو اهي لفظ به لفظ قرآن شريف ۾ موجود نه هجن ۽ اسان قرآن شريف جي اندروني صداقتن کي انهن کان الڳ ڪري ڏسئون ته پوءِ اسان، قرآن شريف جي هڪ حصي جي تشريح اهڙيءَ طرح ڪنداسين جو اها قرآن شريف جي ٻي آيت سان ٽڪرائجي پوندي يعني اختلاف پيدا ٿيندا.
ڪوبه نظريو سراسر غلط ڪونه هوندو آهي. ان ۾ حق جو ٿورو عنصر هوندو آهي مثلاً چارلس ڊارون جي نظريه ارتقا کي ڏسو. اهو سمورو سچ ڪونهي. پر ان جي اها ڳالهه ته ”انسان ارتقا جي دورن مان گذريو آهي.“ بلڪل سچ آهي: قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
مَا لَكُمْ لَا تَرْجُوۡنَ لِلہِ وَقَارًا ﴿ۚ۱۳﴾ وَ قَدْ خَلَقَكُمْ اَطْوَارًا ﴿۱۴﴾ (نوح: 13-14)
ترجمو: توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان الله تعالى کان عزت جي اميد نٿا رکو جيتوڻيڪ ان توهان کي پيدائش جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذاري پيدا ڪيو آهي.
ارتقا جي قوت کي غلط چوڻ حق سان بغاوت آهي. اسان قرآن شريف جي ڪامل حقيقت سان چارلس ڊارون جي غلطين کي درست ڪري سگهون ٿا. چارلس ڊارون جو نظريو اهو ته ٻڌائي ٿو ته مختلف انواع مطابقت جي عمل سان گهٽ سڃاپجندڙ ابن ڏاڏن مان جنم ورتو پر اهو نظريو ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ کان قاصر آهي ته ارتقا جي آئنده منزل ڪهڙي ٿيندي. ٻيو ته ڊارون ڪائنات جي انجام جو نه ته ڪو حل پيش ڪري ٿو ۽ نه ئي وري ان جي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن نظريه مان اها به خبر ڪونه ٿي پئي ته ارتقا جي سفر ۾ جانور ڪٿي پورو ٿيو ۽ انسان ڪٿان شروع ٿيو. اسان ڪائنات ۽ انسان جي حقيقت کي ان وقت تائين ڪونه سمجهي سگهنداسين جيستائين تبديلي ۽ تسلسل جي پوري زنجير کي نه سمجهون. انهن سڀني مشڪلاتن جو حل آسماني تعليم وٽ موجود آهي. حرڪت ۽ تبديلي فطرت جو قانون آهي. تبديلي واحد ثبات آهي. تبديلي ئي مستقل آهي. تبديلي واحد ابدي مظهر آهي.
هن وقت تائين، انساني زندگيءَ جيڪو غور و فڪر ڪيو آهي سو لازمي طور قرآن حڪيم جي ڪنهن آيت جو کليل روپ آهي. تنهنڪري قرآن حڪيم کي هر وقت تازو چيو وڃي ٿو. زماني جي فڪري سطح ڪيترو به بلند ٿئي، پر قرآن شريف جو قدم هميشه ان تي مقدم ٿيندو. تنهنڪري ان غلطيءَ کي وري نه دهرايو ته قرآن شريف تي غور فڪر پورو ٿي چڪو آهي.
مسلمانن ۾ غور و فڪر ڪرڻ جي قوت گهٽجي وئي آهي. قرآن شريف کي سڄي دنيا مٿان غالب ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان انهن فڪري دعوائن کي غلط ثابت ڪريون جي مغرب کان اسان تائين پهتيون آهن. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اسان قرآن حڪيم ۽ ڪائنات تي غور ڪنداسين. يقين ڄاڻو ته قرآن حڪيم وٽ فڪر جون اهي بلنديون موجود آهن، جي توهان کي دنيا تي غالب ڪنديون؛ ڇو ته غلبو حاصل ڪرڻ سچائي جي فطرت آهي ۽ الله تعالى جي وعدو آهي. ياد رکو ته الله تعالى جو وعدو ڪڏهن به ڪوڙو ٿي نه سگهندو.
قرآن شريف انسانيت کي هڪ ئي سچ جي واٽ تي وٺي اچي ٿو. ان ڪري هو سڀني اڳين مذهبن کي مڃڻ جي تلقين ڪري ٿو. انهيءَ صورت ۾ اختلاف ختم ٿيندا ۽ انسان هڪ مقصد تي متحد ٿيندا.
J.W.T.Mason لکي ٿو:
”سو اڄ زندگي ۾ روحاني اثرن جي ڪمي آهي پر اها غلط روحانيت نه، جيڪا مادي کي محض مادي هجڻ ڪري ان کي شر خيال ڪري ٿي ۽ انسان کي ان کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. دور حاضر ۾ ماديت جي روحاني مفهوم کي سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي يعني اسان ان حقيقت کي فراموش ڪري ڇڏيو ته خود اسان جو ۽ روح جو پهريون سرچشمو مادي کان مٿانهون هڪ روح خالص آهي. اسان اهو نٿا ڄاڻون ته افادي تخليق سان، روح جي آميزش ڪيئن ڪئي وڃي. ان ڪري اسان خيال ڪيون ويٺا آهيون ته اسان جي زندگي جو سرچشمو مادو آهي ۽ مادي جو سرچشمو ڪٿي به ڪونهي. ايئن سمجهو ته اسان اهو ڪونه ٿا ڄاڻؤن ته ماديت ۽ روحانيت ۾، ڪهڙي طرح باهمي هڪجهڙائي پيدا ڪئي وڃي.“ (Creative Freedom p.183)
انسان کي جڏهن ڪا اهڙي شيءِ ملي جيڪا سندس قوت ۾ اضافو ڪري ٿي ته اهو ان شيءِ جو قدر ڪرڻ لڳندو آهي. ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ڪا شيءِ تڪليف جو باعث ٿئي ٿي ته پوءِ انسان ان کان پري ڀڄندو آهي. انسان جي ان فطرت کي سامهون رکي، فيصلو ڪنداسين ته اسان لاءِ اهو ضروري ٿي پوندو ته اسان اسلام کي، دور جديد سامهون ائين آڻيون جيئن انسان ذات جي مجموعي قوتن ۾ اضافو ٿئي ۽ انهن جون مشڪلاتون آسان ٿي وڃن. اهو عالمي امن جو ضامن ۽ عالمگير هجڻ سان گڏوگڏ علم سائنس جي روح سان هم آهنگ هجي. اهڙي قدرتي مذهب کي ئي اهو حق آهي ته اهو نوع انساني جو مذهب ٿي سگهي.
آتش عشق کان خالي مذهب، جنهن ۾ نشوونما، ترقي ۽ زندگيءَ کي مالامال ڪرڻ جي سڪ نه هجي ته پوءِ اهڙو مذهب بي جان رسمن جو مجموعو آهي. اهو مذهبي فڪر جنهن کي عقل آسماني نه سينگاريو هجي ۽ جنهن جي پس پرده ترقي، تعميل ۽ تخليق ڪرڻ ۽ دنيا ئي آب و گل کي آراسته ڪرڻ جو ارادو نه هجي ته پوءِ اهڙو مذهب تڪراري حالت ۾ آهي. دنيا جا مفڪر هڪ اهڙي مذهب جي تلاش ۾ آهن جيڪو زندگي کي منزل جي خبر ڏئي ۽ انساني صلاحيتن لاءِ ميدان عمل فراهم ڪري.
اک ڪن ۽ ذهن ابديت ڏانهن کلندڙ دريون آهن. اهي ئي قدرت طرفان علم ملڻ جو ذريعو آهن. علم يعني قانون قدرت جي تصديق به اهي ٽيئي ذريعا ڪن ٿا. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ لَا تَقْفُ مَا لَیۡسَ لَکَ بِہٖ عِلْمٌ ؕ اِنَّ السَّمْعَ وَ الْبَصَرَ وَالْفُؤَادَ كُلُّ اُولٰٓئِکَ کَانَ عَنْہُ مَسْـُٔوۡلًا ﴿۳۶﴾
(بني اسرائيل: 36)
ترجمو: ۽ ان جي پويان نه پؤ جنهن جو توکي علم ڪونهي (ڇاڪاڻ ته) بيشڪ تنهنجي ڪنن، اک ۽ ذهن (فواد) سڀني کان ان شئي جي متعلق پڇيو ويندو.
قرآن پاڪ جي هن آيت پاڪ ۾ ’علم‘ جي هڪ خصوصيت بيان ڪئي وئي آهي اها هيءَ ته ’علم‘ اها حقيقت آهي جنهن جي تصديق اک، ڪن ۽ ذهن ڪن. ان کان سواءِ باقي’ظن‘ آهي.
انسان کي سمع، بصر ۽ فواد عطا ٿيا آهن. چوڻ ۾ ته اهي ٽي لفظ آهن پر غور سان ڏٺو وڃي ته شرف انسانيت جي پوري تاريخ انهن ٽنهي لفظن جي ڪري قائم آهي. سمع ۽ بصر انساني حواسن جا نمائندا آهن جيڪي خارجي دنيا جي معلومات اسان تائين پهچائن ٿا. اها معلومات انساني قلب تائين پهچي ٿي ۽ ”فواد“ (ذهن) ان متعلق فيصلو ڪري ٿو.
توهان جا سڀ باطني احساس توهان جي پنجن ظاهري حواسن سان وابسته آهن. جيڪڏهن توهان جا ظاهري حواس اڻپورا آهن ته پوءِ توهان هرگز ڪنهن باطني حسن مان صحيح فائدو نٿا وٺي سگهو. توهان جو عقل به ڪنهن ظاهري حسن کان بغير ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ تي قادر ڪونهي. حقيقتن جي نئين نئين دنيائن تائين پهچڻ ۽ لاعلمي جي وڏن وڏن سمنڊن کي عبور ڪرڻ جو ذريعو صرف حقير محسوسات ۽ ابتدائي معلومات هئي. حقيقت ڪل جي تحصيل ظاهري حواسن کان بعد صرف خالص ۽ بي آميز عقل جي بنياد تي ٿيڻ ممڪن آهي.

[b]سائنس جي مجبوري:
[/b]انساني علم ايتري تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيا آهن جو انهن جو احاطو ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاهر ٿيندو ٿو وڃي. اڄ رڳو علم اسان جي نجات ڪونهي. سائنسي علمن ۾ اختصاعي مهارت جي تقاضا، همه گير جهل جو سبب ٿي رهي آهي. موجوده زماني ۾ هڪ علم جي ڪيترن ئي شعبن ۾ خصوصي مهارت جو حال هي آهي جو ان خصوصي مهارت سان ڪامليت جو ڪٿي به وجود ڪونهي. اهي حقيقت ڪل کان بي خبر آهن. علم، انسان جي ٽين اک آهي پر جي علم ڪلي ڪونهي ته انسان پنهنجي ٻن اکين کان به انڌو آهي. حقيقت کي ٽڪرن ۾ بند ڪرڻ ۽ ورهائڻ ظلم ۽ شرڪ آهي. سيد لطيف به سچ (حقيقت ڪلي) جي ڳالهه ڪري ٿو:

جن سودي سچ جو، وکر وهايو،
بخر ولهم البشرى جو، انين لءِ آيو،
ان کي لالن لنگهايو، ساندارو سمونڊ جو.


جي نه سڃاڻن سچ کي ويهه م تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.

اڄ تڪميل ۽ فضيلت خواب خيال ٿي ويا آهن. هاڻي علم جي، ڪنهن خاص شعبي جا ماهر ته ملندا پر صاحب حڪمت ۽ دانائي جا پيڪر ڪونه ٿا ملن. صداقت جي متعلق جزوي علم دنيا ۾ فساد پيدا ڪندو آهي (هن وقت دنيا تي اهڙو ئي دور آهي). جيڪڏهن علم جي جدوجهد، زندگيءَ جي مقصد کي حاصل نه ڪري سگهي ته اهو اڌورو علم آهي، ياد رکو اڌورو علم جهالت کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. A.N whiterhead پنهنجي ڪتاب Adventures of Ideas ۾ لکي ٿو:
”صداقت جي متعلق جزوي علم سموري ڪائنات ۾ فساد پيدا ڪندو آهي.“
سائنس جي لاءِ اهو اڻ ٽر آهي ته اهو حقيقت جي ڪنهن هڪ پهلوءَ کي پنهنجي مطالعي لاءِ منتخب ڪري ۽ باقي رخن کي ڇڏي ڏي. تنهنڪري جيڪڏهن سائنس ايئن چوي ته حقيقت جي جن پهلوئن جو ان انتخاب ڪيو آهي، اهي ئي پهلو حقيقت ڪل آهن ته ان جي اها دعوى باطل آهي.
پروفيسر W.N.sullivin ان بابت لکي ٿو:
”سائنس کي هاڻي پنهنجي حقيقت جو احساس ٿي ويو آهي ان ڪري هاڻي ان ۾ انڪسار به اچي ويو آهي. هاڻي اسان کي اهو نٿو پڙهايو وڃي ته حقيقت جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ سائنس ئي واحد طريقو آهي (واحد طريقو ته هڪ طرف) بلڪه هاڻي ته سائنسي دنيا جا وڏا ذهن ان ڳالهه تي وڏي شدت سان قائم آهن ته جيستائين حقيقت جي ادراڪ جو تعلق آهي ته سائنس صرف جزوي علم ئي پهچائي سگهي ٿي.“
(Limitations of science p.40)
غور ڪريو هتي مادو به آهي، حيات به آهي ۽ انساني نفس به آهي؛ پر جڏهن توهان اهو سوال ڪندؤ ته مادي زندگي ۽ انساني نفس ۾ ڪهڙو تعلق آهي ته سائنس توهان کي بلڪل بي وس ملندي. سائنس انهن موضوعن جي ننڍن ننڍن حصن جو انتخاب ڪري ٿي ته جيئن پوري صحت سان ان جو مطالعو ڪري سگهي. سائنس ۾ اها صلاحيت ئي ڪونهي ته اهو حقيقت حيات ۽ ڪائنات جي ڪامل سچائي پيش ڪري سگهي. عقل ڪل وجود مطلق ۽ دين مطلق آهي. قرآن شريف جي دعوى آهي ته،
وَلَقَدْ صَرَّفْنَا لِلنَّاسِ فِیۡ ہٰذَا الْقُرْاٰنِ مِنۡ كُلِّ مَثَلٍ ۫ فَاَبٰۤی اَكْثَرُ النَّاسِ اِلَّا كُفُوۡرًا ﴿۸۹﴾
(بني اسرائيل- 89)
ترجمو: پڪ سان اسان ماڻهن جي لاءِ هن قرآن ۾ هر طرح جي مضمونن کي بيان ڪيو آهي پر گهڻا ماڻهو انڪار ڪرڻ کان نه رهيا.
جديد دور جي انسان کي هڪ اهڙي فطري مذهب جي سخت ضرورت آهي جيڪو حقيقت ڪل جو مالڪ هجي ۽ جنهن کي ڪائنات ۽ انسان جي فطرت تان اخذ ڪيو وڃي. Prof.Caird جي آرزو آهي:
”ڇا اهڙو ڪو قانون آهي جيڪو انساني فطرت اندر موجود هجي. دراصل مطلب اهو آهي ته ڪٿي ڪو اهڙو ضابطه اخلاق موجود آهي جيڪو پوري نوع انساني جي لاءِ قابل قبول هجي ۽ جنهن کي خود انساني فطرت تان اخذ ڪري مرتب ڪيو وڃي. محض عدل و انصاف جي نظرياتي اصول طور نه، بلڪه جهڙيءَ طرح حق جي مثبت تصورات کي في الواقع محسوس ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪٿي ڪو اهڙو ضابطه اخلاق موجود آهي ته پوءِ اهوئي نظام، فطرت انساني ٿي سگهي ٿو.“
(The Crisis of civilization p.105)
برباد ٿيل قومن، جهالت ڪري، پنهنجي هٿن سان ئي بربادي جو سامان ٺاهيو. اهوئي سبب آهي جو عقل هر وقت ان جستجوءَ ۾ رهي ٿو ته ڪائنات جو صحيح تصور هٿ اچي جيئن ان تباهيءَ کان بچي سگهجي، جنهن گذريل قومن کي صفحه هستي تان مٽائي ڇڏيو.
انسان ان ڳالهه تي مجبور آهي ته هو صحيح تصور ڪائنات کي مڃي. ان ڪري اسان لاءِ هي وقت آهي ته قرآن حڪم جي حقيقي تصور جي مدد سان مغرب کان آيل ڪائنات جي باطل تصورات جي ترديد ڪريون. جيستائين حقيقي تصور ڪائنات نه ايندو تيستائين انسان باطل تصورات کي ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿيندو. قرآن حڪيم کي دنيا مٿان غالب ڪرڻ جو ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي.
مغربي تصورات جي پيدا ڪيل فتني خلاف اسان جو ردعمل گهڻن ئي نمونن ۾ ظاهر ٿيو آهي، مگر جيستائين نتيجن جو تعلق آهي ته اسان وٽ هن وقت تائين مڪمل بي وسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. اسان جو پورو دارومدار انهن ماده پرست قومن تي آهي. تهذيب و تمدن تي انهن جو گهرو اثر آهي.
هن وقت اسان جو فرض آهي ته اسلام جي سچي هجڻ جي زباني ۽ اعتقادي دعوائن سان پاڻ کي مطمئن نه ڪيئون بلڪه سڀني ماده پرست نظرين ۽ فلسفن جي معقول ۽ مدلل ترديد ڪريون. اسان کي جاهلانه خود اعتمادي جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي ته ڪافرن جو وجود ڪنهن معجزي سان مٽجي ويندو.
مغرب جي نظرين جي ترديد اهڙي نموني سان ڪرڻ گهرجي، جو انهن جي جاءِ تي وڌيڪ صحيح، حق تي مبني ۽ هميشه فائدي ڏيڻ واريون حقيقتون مخالفن جي سامهون اچن. ٻي حالت ۾مخالفن تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو. انسان جي فطرت آهي ته اهو اوڏانهن وڌندو جتي ان کي وڌيڪ آسانيون ۽ فرحتون نظر اينديون. انسان تازگي، فرحت ۽ سرور کي اوليت ڏيندو آهي. انسان جي تمنا آهي ته خير ڪامل حاصل ڪري. هو چاهي ٿو ته دنيا ۾ دائمي امن ۽ سلامتي هجي ته جيئن انسان ترقي ۽ ارتقا جي بلنديءَ تائين پهچي سگهي. قرآن حڪيم انسان جي ان قدرتي آرزو جو قدر ڪري ٿو ڇو ته اهو انسان جي فطرت جو سچو آواز آهي. قرآن حڪيم ان حقيقت تي ڪامل يقين رکي ٿو ته دنيا جا سڀ انسان زندگيءَ جي هڪ اعلى مقصد تي متحد ٿي ويندا.
دنيا جي وجود جي سينگار ۽ ترقيءَ لاءِ وحدت خيال هجڻ ضروري آهي. هر هڪ شخص جي زندگيءَ جو ڪونه ڪو مقصد ضرور ٿيندو آهي ليڪن انسان ذات جي ڪاميابيءَ لاءِ اهو ضروري آهي ته سڀني انسانن جا جدا جدا مقصد، هڪ اعلى مقصد جي ماتحت اچي وڃن ۽ اسان سڀني جو توجه، انهيءَ اعلى مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ٿي وڃي.
انسانن جي اها فطرت آهي ته اهي هڪ مقصد تي جمع ۽ متحد ٿيندا آهن. هڪ مقصد کان بغير انهن ۾ اتحاد پيدا ٿي ڪونه سگهندو. اهوئي قانون حيات آهي. قدرت، دنيا جي سڀني انسانن کي، زندگيءَ جي هڪ مقصد تي متحد ڏسڻ جي انتظار ۾ آهي. هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
یَّوْمَ یَقُوۡمُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ؕ﴿۶﴾ (مطففين-6)
ترجمو: جنهن دور ۾ انسان ذات رب العالمين (الله تعالى) جي لاءِ نڪري پوندي.
زندگيءَ جو مقصد آهي ڪمال (الله) کي حاصل ڪرڻ. اچو ته سيد جي مئخاني تي ٿا هلئون. آسماني جام پيش ڪندي فرمائن ٿا:

عاشق الله جي سدا وائي وات،
فاذکروني اذکرکم، تن ۾ اها تات،
ان کان ڪانهي سانت، سڄڻ ويل نه وسري.

*
اندر جنين اڃ، پاڻي اڃيو ان کي

*
تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي،
فاذکروني اذکرکم، ايءُ پروڙج بات.

عربي زبان ۾ الذکر و التذکار جي معنى آهي ڪنهن شيءِ کي محفوظ ڪرڻ. ڪنهن ڳالهه کي دل ۾ حاضر ڪرڻ. اهو لفظ نسْيٌ جي مقابلي ۾ آيو آهي. نسْيٌ جي معنى آهي ڪنهن ڳالهه کي وساري ڇڏڻ. تنهنڪري ذِکرٌ جي معنى ٿيندي-- ڪنهن ڳالهه کي ياد ڪرڻ. قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرْضَ بِالْحَقِّ ؕ
ترجمو: پيدا ڪيائين آسمان ۽ زمين کي حق تي.
هر شيءِ حقيقي آهي. (غور جو مقام آهي) جيڪا حقيقي آهي اها وري عقلي به آهي. ڪائنات (السمٰوٰت والارض) علم جو ماخذ آهي يعني ڪائنات جا آفاق گير حقائق هڪ ئي خدا (عقل ڪل) ۾ سمائجي وڃن ٿا. خدائي عقل ڪل آهي. اها سموري ذهانت آهي جيڪا زمان ۽ مڪان ۾ چمڪي رهي آهي. اسان وجود جا جزا آهيون. ايتري تائين جو سڀئي ملي ڪري، هڪ ئي وقت ۾ خدا تعالى جو ابدي ۽ اڻ کٽ عقل ٿي وڃئون ٿا. يا هيئن سمجهو ته خدا ۽ ان جو عقل ۽ اهي شيون، جن جو ان جي عقل سان تعلق ٿئي ٿو سو (نور، خدا، سچ) هڪ ئي آهي. ڪائنات جا سڀئي پرزا هڪٻئي سان جڙيل آهن. ڪثرت ۽ تغيرات جي ڪائنات هڪ ئي وحدت مان نڪتي آهي.
انسان جو عقل، علم جي ذريعي معنى ۽ ترتيب تلاش ڪري، موجودات جي نوعيت ۽ انهن جي حقيقت کي انهن تي ظاهر ڪري ٿو. هر دليل جي پويان عقل ٿيندو آهي. ان ڪري ’عقل‘ ئي سچائيءَ کي پرکي سگهي ٿو. قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي غور ڪريو. قرآن حڪيم عقل کان ڪم نه وٺندڙن کي، انسان ته نٿو سمجهي پر انهن کي حيوان ٿو ڪوٺي. ڪهڙو حيوان؟ بدترين حيوان.
اِنَّ شَرَّ الدَّوَآبِّ عِنۡدَ اللہِ الصُّمُّ الْبُكْمُ الَّذِیۡنَ لَا یَعْقِلُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (الانفال:22)
ترجمو: بدترين حيوانات الله تعالى جي نزديڪ اهي ٻوڙا گونگا آهن جي عقل کان ڪم نٿا وٺن.
عربي زبان ۾ عقلُ جي معنى آهي روڪڻ، منع ڪرڻ. مثلاً اعقل لسانھ جي معنى ٿيندي ان جي زبان رڪجي وئي. هو ڳالهائي نه سگهيو. عَقَلَ معنى ان عقل کان ڪم ورتو. عقل الشيءِ ڪنهن شي کي سمجهڻ، ان ۾ غور و تدبر ڪرڻ. انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”پوءِ ان ماڻهن کي چيو ته جڏهن ڪڪرن کي اوڀر کان اٿندي ڏسو ٿا ته فوراً چئو ٿا ته مينهن وسندو ۽ ايئن ئي ٿيندو آهي. اي رياڪارو! زمين ۽ آسمان جي صورت ۾ ته امتياز ڪرڻ توهان کي اچي ٿو ليڪن هن زماني بابت امتياز ڪرڻ ڪونه ٿو اچي ۽ توهان پنهنجو پاڻ ئي فيصلو ڇو نٿا ڪيو ته واجب ڇا آهي.“
(لوقا 13: 54-56)
انسان، اها نوع آهي جنهن کي، غور و فڪر جي قوت کان ڪم وٺي ان حقيقت جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي ته حق ڇا آهي ۽ باطل ڇا کي ٿو چئجي. انسان کي زمين ۽ آسمان جي صورت تائين محدود ناهي رهڻو بلڪه ان کي ’زمان‘ جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ گهرائي ۾ لهڻو آهي. مهرباني ڪري هن حقيقت تي غور ڪيو.
دنيا ۾ رهندڙ سڀئي انسان نيڪ ٿي وڃن، ۽ انهن جو نيڪيون جمع ٿي انسان کي قوت ڏين ته به اسان فنا کان بچي نه سگهنداسين. جيڪڏهن اسان ۾ عقل ڪونهي ته هر وسيلو بيڪار آهي ان ڪري ’عقل‘ جي عظمت کي اهميت ڏيو. ياد رکو سٺائي ۽ پاڪبازي، قابليت کان بغير منڊي آهي. موجود صرف خدا آهي ان ڪري خدا سان دانشورانه محبت ئي وڏي ۾ وڏي مسرت آهي. اهو صرف عقل ئي آهي جيڪو انسان کي انسان جي تقدير سان ملائي سگهي ٿو. عقل ڪل (خدا) جي هدايت ۾ جيئڻ انسان جي وڏي ۾ وڏي ضرورت آهي.
هن حقيقت تي وري غور ڪريو ته قانون صحيح عقل آهي جيڪو شين جي فطرت مطابق مستقل، ابدي ۽ سڀ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن معقوليت بلڪل ئي نه رهي، ۽ مذهب، عقل کي بلڪل ئي پوئتي ڇڏي ڏئي ۽ صرف جذبات پرست ۽ جذبات انگيز ٿي وڃي ته اهو بي عقل ماڻهن جو مذهب ٿي ويندو، ۽ ان کي اعصاب زده ماڻهو ئي پنهنجو ڪري سگهن ٿا: قرآن حڪيم جو هي فيصلو ٻڌو:
عقل کان ڪم نه وٺندڙن کي ”دوزخ جو ٻارڻ“ ٿو ڪوٺي.
وَ قَالُوۡا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِیۡۤ اَصْحٰبِ السَّعِیۡرِ ﴿۱۰﴾ (ملڪ:10)
ترجمو: ۽ دوزخي چوندا ته اسان ٻڌڻ وارا ڪن ۽ بيدار دل رکئون ها ته دوزخين مان نه ٿيئون ها، ڇو ته دوزخ صاحبان عقل جي جاءِ ڪونهي.
هن حقيقت کي به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته محض حسيات ۽ تجربات سان علم ڪلي حاصل ٿي نه سگهندو. ڪائنات ننڍين ننڍين سچائن (قانونن) جي وحدت آهي. هڪ شيءِ ٻيءَ شيءِ سان جڙيل آهي. صداقت جو معيار استدلالي آهي. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
قُلْ ہَاتُوۡا بُرْہَانَكُمْ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۱۱۱﴾ (البقره- 111)
ترجمو: انهن کي چئي ڏيو ته جيڪڏهن اهي پاڻ کي صداقت تي مبني سمجهن ٿا ته دليل (برهان) آڻين.
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدْ جَآءَكُمۡ بُرْہَانٌ مِّنۡ رَّبِّكُمْ وَاَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡكُمْ نُوۡرًا مُّبِیۡنًا ﴿۱۷۴﴾ (النساءِ: 174)
اي انسانو! توهان وٽ توهان جي رب جي طرف کان برهان آيو آهي، تنهنجي طرف اسان روشن نور نازل ڪيو آهي.
(وري سوچيو) اسان مان هر انسان تي فرض آهي ته زندگيءَ جي مختلف مرحلن تي جذبات ۽ روايتن جي پيدا ڪيل مشڪلات تي قابو پائي. انسان ڪيترو به عالم، تجربيڪار ۽ دقيق النظر هجي پر خانداني روايتن، قومي خيالن، معاصرين جي محبت، گرد و پيش جون حالتون، اهڙيون شيون آهن، جو زياده تر انسان، انهن ئي شين جي قالب ۾ سمائجي وڃي ٿو. جيڪڏهن انسان خدا کي سڃاڻي يعني ان جي سامهون ڪائنات جي پوري حقيقت هجي يعني ان جو عقل ڪامل ٿي وڃي ته پوءِ اهو وهمن، حسن، ۽ تخيل جي ڪار فرمائين کان آزاد ٿي وڃي ٿو ۽ اهو انهن مان ڪنهن به هڪ جو حڪم، ڪنهن ٻئي تي جاري ڪرڻ جي غلطي ڪونه ڪندو. فڪر۽ نگاه جي پاڪيزگي سان گڏ قلب ۽ نگاه جي عفت ۽ تطهير به ضروري آهي. خدا جي معرفت سان انسان، محسوسات جي زندگيءَ کان بلند ٿي وڃي ٿو. جيڪو مذهب انسان کي ڏنو وڃي، اهو انسان جي عقل کان مافوق نه هجڻ گهرجي. تعصب کان هٽي ڪري، ڳالهه کي دليلن ۽ بصيرت جي بنياد تي سمجهڻ، حسن ۽ خوبي، حق ۽ صداقت جتي ۽ جنهن وٽ هجي ان کي Appreciate ڪرڻ ۽ پوءِ سمورين مخالفتن ۽ رنڊڪن هوندي ان کي اختيار ڪرڻ حق آهي. هر ڪنهن سان عدل ڪرڻ، دشمن سان فراخدلي وارو رويو اختيار ڪرڻ حق آهي، ڪٿي به تنگ نظري نه ڏيکارڻ حق آهي.
انسان جي دل ۾ تلاش حق لاءِ سچي تڙپ هجي. آسماني ڪتابن مان حق حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته صاف دل ٿي ڪري رجوع ڪريو. پنهنجي لاشعور ۾ لڪل نتيجن جي تائيد جي لاءِ، توهان ڪامل سچائي کي دريافت ڪرڻ جي قابل نه رهندؤ. جيڪڏهن توهان هڪ دفعو تعصب جي بار هيٺ دٻجي ويندؤ ته پوءِ تحقيق ختم ٿي ويندي. انسان محدود ٿي وڃي ٿو. ۽ اهو انسان هڪ متعصب جو ڪردار ادا ڪندو. رواجي عقل کي گهرجي ته اهو عقل ڪل (خدا) جي جذبي کان سواءِ ٻئي ڪنهن جذبي کان متاثر نه ٿئي. خدا جي ڪلام مان رهنمائي اهو ئي حاصل ڪري سگهندو جيڪو پاڪيزه ۽ خالي ذهن ٿي اچي.

[b]غور و فڪر ڪرڻ عظيم عبادت آهي:
[/b]هڪڙي مشهور حديث پاڪ آهي:
”هڪ لمحي جو فڪر ستر سالن جي عبادت کان افضل آهي.“
اصول ڪافي جلد 2 ڪتاب الفڪر و الايمان ۾ غور و فڪر لاءِ آيو آهي:
لیس العبادۃ کثرت الصلوٰۃ والصوم انما العبادۃ التفکر فی امر اللہ
(ترجمو: عبادت روزي نماز جي ڪثرت ڪونهي. عبادت خدا تعالى جي ڪمن ۾ تفڪر ڪرڻ آهي. عالم جي مس شهيد جي رت کان افضل آهي ڇو ته عالم سڄي دنيا کي جنت تائين پهچائي سگهي ٿو.
قرآن شريف چوي ٿو ته نفس جي فريب جا قلف هر دور ۾ نظر جي فريب کان وڌيڪ مضبوط رهيا آهن.
اَمْ عَلٰی قُلُوۡبٍ اَقْفَالُہَا ﴿۲۴﴾
(ترجمو: ڇا انهن جي دلين تي تالا لڳل آهن جو اهي قرآن ۾ غور و فڪر ڪونه ٿا ڪن.)
ڪنهن گهر کي تالو هڻي ڇڏيو. ان کي کوليو ئي نه، وقت گذرڻ سان ان گهرجي حالت ڪهڙي ٿيندي؟ اهي ماڻهو جي عقل ۽ فڪر کان ڪم ڪونه ٿا وٺن، انڌن وانگر پنهنجي غلط روش تي هلندا ٿا رهن ۽ پنهنجي ذهن جي سڀني درين ۽ دروازن کي اهڙيءَ طرح بند ڪري ڇڏين ٿا جو آسماني خوشبوءِ جو ڪوبه جهونڪو انهن جي اندر وڃي نه ٿو سگهي. انسان جو باطن اوندهه سان ڀريل ڀوت خانو ٿي وڃي ٿو، جتي چمڙن، چٻرن ۽ زهريلن جيتن جي آوازن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”شاگردن ڀرسان اچي ان (يسوع مسيح) کي چيو ته تون انهن سان تمثيلن ۾ ڇو ٿو ڳالهائين؟ ان جواب ۾ انهن کي چيو ته ڇاڪاڻ ته توهان کي آسماني بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهه ڏني وئي آهي. مگر انهن کي ڪونه ڏني وئي آهي ........ مان انهن سان تمثيلن ۾ ان ڪري ڳالهيون ڪيان ٿو جو اهي ڏسندي به نٿا ڏسن ۽ ٻڌندي به ڪونه ٿا ٻڌن ۽ ڪونه ٿا سمجهن ۽ انهن جي حق ۾ يسعياه جي پيشنگوئي پوري ٿئي ٿي؛
ته توهان ڪنن سان ٻڌندؤ هرگز نه سمجهندؤ ۽ اکين سان ڏسندؤ پر هرگز نه ڄاڻيندؤ ڇو ته هن امت جي دل تي چرٻي ڇانئجي وئي آهي..... انهن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ته ائين نه ٿئي جو اکين سان معلوم ڪن ۽ مان انهن کي شفا ڏيان.“ (متي 13: 14- 15)
ڪنهن به شخص تي ان کان وڏي، ٻي ڪابه مصيبت نازل ٿي ڪونه سگهندي جو هو عقل ۽ ڏاهپ جي مخالفت ۾ زندگي گذاري. خدا (حقيقت ڪل ، عقل ڪل) کان ڦريل ماڻهو، جن جي عقل تي غفلت ۽ تعصب جو پردو پيل آهي، جيڪي ڪائنات جي نوراني عجائبات کي ڏسي ڪونه ٿا سگهن؛ انهن کي آفاق ۽ انفس جي راهه گذر تي فڪر و نظر جا چراغ ٻرندي نظر ڪونه ٿا اچن. انهن جون حيواني اکيون اهو ته ڏسي سگهن ٿيون ته هوائون هلن ٿيون ليڪن پنهنجي حقيقي مقام جي انهن کي ڪابه خبر ڪونهي.
ڪارخانه ڪائنات جي هر ڪنڊ ۾ حقيقت جي آسماني محبوبه گهونگهٽ ويڙهيون ويٺي آهي. ان جو گهونگهٽ لاهي، ان جو ديدار ڪرڻو آهي. انسان جو اولين ڪم هي آهي ته ڪائنات ۽ آسمان جي پيغام تي مسلسل غور و فڪر ڪرڻ. جيئن لفظن جي پردن ۾، جيڪي حقيقتون مستور آهن اهي پنهنجي انتهائي چمڪ سان سامهون اچن يا جيڪي تجليون انساني تخيلات جي پردن ۾ لڪي ويون آهن، اهي بي نقاب ٿين.
ياد رکو ته جيڪا قوم غور و فڪر کان محروم ٿي وڃي ٿي اها انسانيت جي سطح کان ڪري پوي ٿي. جنهن معاشري ۾ غور و فڪر ڪندڙ ڪونه آهن، ته پوءِ اهو جانورن جو واڙو آهي، انسانن جي بستي ڪونهي. جانورن جي فطرت آهي عجيب آواز ڪڍڻ، هڪٻئي کي لتون هڻن، هڪٻئي سان وڙهڻ. جيڪا قوم غور و فڪر کان محروم ٿي وڃي ٿي ته انتشار ۽ تقليدي تباهي ان جو مقدر آهي. اصلي فضيلت غور و فڪر ئي آهي.
ياد رکو! غور و فڪر ڪلي طور تي ٿيڻ گهرجي. جزوي فڪر، انسانن کي گروه بندين ۽ فرقن ۾ ورهائي ڇڏيندو. اڄوڪي دنيا تي نظر ڪريو. جزوي فڪر جو غلبو هر هنڌ صاف نظر ايندو. ان بيماريءَ جو يقيني علاج وڌ ۾ وڌ غور و فڪر آهي. اهوئي آسماني نسخو آهي، جيڪو انسان کي انسان جي قريب آڻي ان کي ”حقيقي انسان“ بڻائي سگهي ٿو. تفڪر کان بهتر ٻيو ڪوبه علم جو طريقوڪونهي. اهو علم، جيڪو دنيا ۾ خلائق عالم جي مقرر ڪيل راه طئي ڪرڻ ۾ مددگار ثابت نٿو ٿئي ته اهو مفيد ۽ منفعت بخش علمن جي فهرست ۾ شامل ڪونه ڪبو. ان کي غير مفيد علمن ۾ شمار ڪيو ويندو. مغربي ملڪن وٽ ڪيترو علم آهي پر انهن وٽ حقيقت ڪلي ڪونهي. انهن جي فنا يقيني آهي. جيتري ترقي عظيم آهي فنا به اوتري عظيم ٿيندي. ائٽمي باهه ڪباب وانگر جلائيندي. اڪثر ارواح، جهل جي ڪارن پردن ۾ويڙهجي دنيا ۾ داخل ٿين ٿا ۽ مصيبتن ۾ ڦاسي پون ٿا. ڇوٽڪارو صرف جهالت کي مٽائي، پنهنجي صحيح ماهيت ڄاڻڻ ۾ ئي ممڪن آهي. انسان جو ارادو آزاد آهي. ان ڪري خير ۽ شر ۾ انتخاب جي ذميداري خود انسان تي ئي لاڳو ٿئي ٿي. انسان جي سامهون بي شمار رستا، لاتعداد ڦندا ۽ بڪثرت پيشوا آهن. هي قدرت جو قانون آهي ته جيڪڏهن انسان جو مرشد ڪامل ڪونهي ته پوءِ ان جو مرشد شيطان ٿيندو آهي.
جيڪڏهن مسلمان غور و فڪر نٿا ڪن ته پوءِ اها روش قرآن حڪيم جي کليل خلاف ورزي آهي. توهان غور ڇو نه ٿا ڪريو ته پيغمبرن جي تعليم، عالم انسانيت جي قافلي کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿي. قرآن حڪيم، انسانيت تي ڇانيل ظلمت کي ڪٽڻ چاهي ٿو ته جيئن حق ڦولارجي.
قرآن حڪيم جي تعليم هيءُ آهي ته سچائي اهو نور آهي جيڪو فڪر جي صورت ۾ چمڪي ٿو. جڏهن غور و فڪر جي نتيجي ۾ انسان ٺوس حقيقت حاصل ڪري ٿو ته ڄاڻڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. انسان تحقيق جي طرف مائل ٿئي ٿو. انسان کي عقل ۽ دانش ۽ يقين محڪم سان زندگي گذارڻ گهرجي. غور و فڪر سان نيون راهون سامهون اچن ٿيون، جن کي عقل ۽ حرڪت سان طئي ڪري سگهجي ٿو.
جزوي فڪر (سائنس) جو پروگرام تجرباتي آهي. جنهن ۾ سخت محنت ۽ وقت درڪار ٿيندو آهي. نسلن جا نسل گذرڻ ۽ صدين جي سفر کان بعد؛ تعليمات ۽ تجربن جا موجد ڪلي يا جزوي طور تي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪن ٿا ۽ وري نئين سر ڏکويل انسانيت کي هڪ ٻئي ۽ نئين تجربي لاءِ آماده ۽ تيار ڪرڻ شروع ڪن ٿا. انهن مسلسل ۽ پيهم تجربن کان بعد اڄوڪي انسان جو حال هي آهي ته هو پنهنجي ترقيءَ جي بار هيٺان دٻيل هڪڙو داستان مصيبت آهي. تاريخ پڙهو، دنيا (آسماني تعليم جي ڪلي حقيقت کي ڇڏي ڪري) پنهنجي جزوي فڪر جي ذريعه زندگي؛ جا هڪڙا نقشا ٺاهي ٿي. ٿورو اڳتي هلي وري انهن کي ڊاهي، انهن جي جاءِ تي وري ٻيا تعمير ڪري ٿي. تاريخ شاهد آهي ته ان منجهيل سٽ کي انسان، صدين کان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ليڪن ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته اهو ان پروگرام ۾ بريءَ طرح ناڪام ٿيو آهي. ڪتابِ زندگي جا پهريان ۽ آخري صفحا ان جي هٿ ڪونه ٿا اچن. جزوي حقائق تي مبني سائنس انسان ۽ ڪائنات جي رشتي کي سمجهڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي آهي. ان تهذيب جي تجليءَ اکين کي خماريل ۽ دل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. بجلي جي بلبن کي ”نور حيات“ سمجهيو ويو آهي، جي نظر کي تيز ڪن ٿا ۽ قلب کي تاريڪ. ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته دماغ جي ترقيءَ سان گڏ دل بي نور ٿي وئي آهي. اهو آهي هن ائٽمي تهذيب جي خالق انسان جو اصل مسئلو.
ياد رکو، تڪبر جا گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا. ڪڏهن ته مال ۽ دولت جي ڪري انسان آڪڙجي وڃي ٿو. ڪڏهن انفرادي قوت ۽ فوجي طاقت ان جو سبب ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن وري ’حق‘ جي ٿوري ئي معلومات کي (اڄوڪي دور وانگر) ’عظيم علم‘ تصور ڪيو وڃي ٿو. اسان کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته آسماني تعليم جي نفي ۽ الحادي مڪتب فڪر جي ترويج جو اهم سبب اهوئي غرور ۽ تڪبر آهي. اهي ڪتابِ قدرت جي بعض اسرارن جو انڪشاف ۽ سائنسي معلومات حاصل ڪري ايتري قدر بدمست ۽ مغرور ٿي ويا آهن جو هي تصور ڪيائون ته ڪائنات ۽ انسان جي متعلق اهوئي سڀ ڪجهه آهي، جيڪو هو ڄاڻن ٿا. دنيا تي غور ڪريو. ترقي يافته قومون انهيءَ خوشفهمي ۾ بري طرح مبتلا آهن ليڪن قرآن حڪيم جي هن آيت تي غور ڪريو:
فَلَمَّا جَآءَتْہُمْ رُسُلُہُمۡ بِالْبَیِّنٰتِ فَرِحُوۡا بِمَا عِنۡدَہُمۡ مِّنَ الْعِلْمِ وَ حَاقَ بِہِمۡ مَّا کَانُوۡا بِہٖ یَسْتَہۡزِءُوۡنَ ﴿۸۳﴾
(مؤمن-83)
ترجمو: جڏهن انهن جا رسول، واضح دليلن سان انهن وٽ آيا ته اهي پنهنجي محدود معلومات ۾ ئي مگن رهيا ۽ اهي ان کان علاوه ڪجهه ڪونه پيا سمجهن ليڪن جنهن (عذاب) جي اهي ٺٺوليون رهيا هئا اهوئي انهن تي نازل ٿيو.
قرآن حڪيم جي متعلق آهي:
لَّا یَمَسُّہٗۤ اِلَّا الْمُطَہَّرُوۡنَ ﴿ؕ۷۹﴾ (الواقعه: 79)
ان آيت مان مراد اها آهي ته قرآن حڪيم جي صداقتن کان اهي ئي ماڻهو باخبر ٿي سگهن ٿا، جن جو ظاهر ۽ باطن پاڪيزه هجي. جيڪي قلب ۽ نگاه جي پاڪيزگي سان ان ڏانهن اچن، جيڪي متوازن دل ۽ دماغ جا مالڪ هجن. جيڪي پنهنجي ذهن کي تمام تعصبات کان خالي ڪري ۽ پنهنجي دل کي سڀني ذاتي رجحانات ۽ ميلانات کان پاڪ ڪري ان کي سمجهڻ چاهن. جيڪڏهن ذهن پهريان ئي غير قرآني تصورات جو آماجگاه آهي ۽ دل ذاتي مفاد پرستين کان آلوده آهي ته پوءِ قرآن حڪيم جي حقيقت سمجهه ۾ اچي ڪونه سگهندي. قرآن حڪيم ۾ طهارت جو لفظ صرف جسماني پاڪيزگي لاءِ ئي استعمال ڪونه ٿيو آهي بلڪه ان ۾ قلبي ۽ ذهني پاڪيزگي به شامل آهي. اهي ماڻهو جيڪي پاڪيزه سيرت ۽ پاڪيزه خيال رکندڙ هجن اهي ئي قرآن حڪيم کي سمجهي سگهن ٿا يعني اهي ماڻهوجن جي ذهن تي ڪو ٻيو نظريو حاوي نه هجي. قرآن حڪيم کي سمجهڻ لاءِ فڪر و نظر جي تطهير ۽ قلب و دماغ جي پاڪيزدگي اولين شرط آهي. جيڪو قلب انسانيت سوز خيالات جي آماجگاهه آهي اهو قرآن حڪيم جي روشني سان منور ٿي ڪونه سگهندو. قرآن حڪيم کان رهنمائي اهو ئي حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪو ذهن کي خالي ڪري ان ڏانهن اچي ۽ ان جي دل ۾ تلاش حقيقت جي سچي تڙپ هجي. قرآن حڪيم، انهن ماڻهن کي جي، زندگيءَ جي آلودگين ۽ تباه ڪارين کان بچڻ جو احساس رکن ٿا انهن کي مُتْقِيْنَ چوي ٿو ۽ قرآن حڪيم متقين کي ئي صحيح راهه جي طرف رهنمائي ڪري سگهي ٿو. هُدًي لِّلْمُتْقِيْنَ ان جو بنيادي شرط آهي. اهو ذهني قياسيات جي تجربه گاهن يا توهم پرستانه عقيدتمندين جي ورن وڪڙن ۾ ڦاٿل نه هجي.
قرآن حڪيم ۾ غور و فڪر جي دعوت جو اندازو ان مان لڳايو ته خدا تعالى نبي اڪرم جي زبان مان چورائي ٿو: قُلْ اِنَّمَاۤ اَعِظُكُمۡ بِوَاحِدَۃٍ ۚ انهن کي چئو ته مان صرف هڪ ڳالهه جي تلقين ڪرڻ چاهيان ٿو. غور ڪيو ته ايڏو وڏو جليل القدر رسول چئي ٿو ته مان صرف هڪ ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو (ان مان اندازو لڳايو ته اها هڪ ڳالهه ڪيڏي عظيم هوندي) اها ڳالهه آهي:
ثُمَّ تَتَفَکَّرُوۡا ۟
پوءِ توهان سوچيو
جنهن سيلاب ۾ وهندا ٿا وڃو ان ۾ وهندا نه وڃو، بيهو، سمجهيو، سوچيو، غور فڪر ڪريو.
هاڻي اسان جي حالت اها آهي ته غور و فڪر حرام آهي. ڪوبه معاملو هوندو ته اهو ڏسنداسين ته اسلاف کان ڪهڙي سند ٿي ملي. جهڙيءَ طرح گذريل دور جا انسان غور و فڪر لاءِ مڪلف هئا انهيءَ طرف (اسان تي موجوده نسل تي) به لازمي آهي. انسان ۽ حيوان ۾ فرق اهو آهي ته انسان کي غور و فڪر جي استعداد ڏني وئي آهي ۽ حيوان ان کان محروم آهي. قرآن حڪيم زندگي، فڪر ۽ عمل جي وحدت جو سبق ڏنو آهي؛ ان جي نظر ۾ شعور جو تعلق حقيقت هستيءَ سان سڌو سنئون جڙيل آهي، خدا جو حڪم آهي:
فَاقْصُصِ الْقَصَصَ لَعَلَّہُمْ یَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۱۷۶﴾ (الاعراف: 176)
بس قصا بيان ڪريو ته جيئن اهي فڪر ڪن.
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
وَ تِلْکَ الْاَمْثَالُ نَضْرِبُہَا لِلنَّاسِ لَعَلَّہُمْ یَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱﴾ (الحشر: 21)
ماڻهن جي لاءِ مثال بيان ڪندا آهن ته جيئن اهي غور و فڪر ڪن.
*
ڀٽ ڌڻيءَ جي ڏنل هدايت:
راه شريعت هليا، تفڪر طريقون،
حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳون.

*
ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سولهي،
آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي.

*
ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهه فنا ٿيا،
تنين کي تعليم جي، ڪڙهه اندر ڪاني،
حرف حقاني، دور ڪيائون دل ۾.

*
ويا جي عميق ڏي، مد ڪائو ڏئي،
تن سپيون سوجهي ڪڍيون، پاتار پيهي،
پسندا سيئي، امل اکڙين سين.

*
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعلى ڪيو،
جفا ڏئي جيءَ کي، ٿي فڪر منجهه فنا.

*
روزا ۽ نمازون پڻ اِي پڻ چڱو ڪم،
پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي.

*
جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه م تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ.

*
اي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،
پيهي منجهه پاتار ، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرو لال هٿن سين.

*
سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جروهي ٿو جال،
سئين وهن سير ۾ ماڻڪ موتي لعل،
جي ماسو جڙئي مال ته پوڄارا پر ٿئين.

*
سي پوڄارا پر ٿئا، سمنڊ سيوئو جن،
آندائون عميق مان، جو تي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لالُون سان لهرن،
ڪانه قيمت تَنِ، مُل مهانگو ان جو.

*
آڇارا عميق جا، گڏئا غواصن،
جهريون جهاڳي آئيا، ڪارونڀر ڪنن،
سمنڊ سوجهي جن، آڻي امل اولئا.

مطلب ته آسماني تعليم جو بنيادي موضوع ’انسان‘ آهي. جنهن کي ان ڳالهه جي دعوت ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي ارد گرد پيش ايندڙ حالتن، واقعن ۽ حادثن کان باخبر رهڻ لاءِ غور و فڪر ۽ تفڪر و تدبر کان ڪم وٺي ۽ خدا تعالى جي عطا ڪيل شعور ۽ مشاهدي جي قوت کي ڪم ۾ آڻي ته جيئن ڪائنات جا مخفي ۽ سربسته راز مٿس چٽا وڃن.

باب پنجون

---

دنيا تنهن دوست تان

ماڻهو گهرن مال! آءٌ سڀ ڏينهن گهران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
ڪيس نام نهال، پسڻ تان پري ٿيو.

(سيد لطيف)
انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”ڪوبه ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪونه سگهندو. يا ته هڪ سان عداوت رکندو ۽ ٻئي سان محبت. يا ته هڪ سان مليل رهندو ۽ ٻئي کي ناچيز سمجهندو. توهان خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري نه ٿا سگهو.“ (متي 6: 24)
آسماني تعليم جي روشنيءَ ۾ صاف ظاهر آهي ته صحيح رستو ’دولت‘ نه پر حڪمت آهي. اسان حڪمت ذريعي ئي خدا (ڪمال) تائين پهچي سگهؤن ٿا. خدائي مقصود، مطلوب ۽ محبوب آهي.
هڪڙي تمثيل تي غور ڪريو؛ خدا کي بلندين ڏانهن اڏامندڙ هڪڙو شاهين ۽ دولت کي ان جو پاڇو سمجهو. قدرت چاهي ٿي ته انسان هر وقت شاهين کي پڪڙي رکي. ائين ڪرڻ سان ان جو پاڇو (دولت) از خود هٿ اچي ويندو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته دنيا جي تختي تي (هر زمان ۽ مڪان ۾) جيترا به انسان آيا، انهن مان گهڻن ئي پنهنجون پوريون زندگيون پاڇي کي پڪڙڻ ۾ ئي گذاري ڇڏيون يعني انهن پنهنجي هٿن سان ئي، پنهنجي قبرن کوٽڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. قرآن شريف جي هن شهادت تي غور ڪريو:
اَلْہٰكُمُ التَّکَاثُرُ ۙ﴿۱﴾ حَتّٰی زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ ؕ﴿۲﴾ (التکاثر: 1-2)
دنيا تي نظر ڪريو. اڄوڪو معاشرو ان آيت پاڪ جو زنده تفسير آهي. دولت جي انبارن کي وڌائڻ جي هوس ڪري زندگي نه وسامڻ واري پياس ۽ نه مٽجڻ واري بک ٿي پئي آهي. آدم خوريءَ جون صرف شڪليون بدليون آهن. استحصال جو ڪارو آسمان جيئن جو تيئن ڇانيل آهي. انسان خدا تعالى جي نافرمانيءَ سبب سڄو ڏينهن موت کي ڳولهيندو ٿو وتي. آخر 60-70 سالن جي عمر ۾ موت کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿو ٿئي. فرد کان وڏين سڌريل قومن تائين ذڪر ۽ فڪر جو عنوان صرف ’دولت‘ آهي. هر ڪو اهڙا طريقا پڇندو ٿو وتي ته دولت کي ڪيئن وڌايون؛ ان لاءِ سيد لطيف ٿوچئي:
جيئن ٿا پڇن ان کي، تيئن جي پڇن الله،
ته رڙهي لڌائون راهه، لٿين لک لطيف چئي.

*
ٻن ڏيئي ٻين کي، هلج پاسي هيڪ،
ورنه سهي ويڪ، تون ٽيڏي! ٽيڏايون ڪرين.

غور ۽ فيصلي جو مقام آهي ته انسان خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري نه سگهندو. هڪ سان محبت رکندو ۽ ٻئي سان عداوت. اهو آهي قانون قدرت، (نه تبديل ٿيندڙ) ذهني ارتقا جو نتيجو صرف ايترو نڪتو آهي جو اسان جي علمي اوسر وهم پرستي جي ڦندي کي ڪنهن حد تائين لاهي ڦٽي ڪيو آهي، پر سرمايه داري جو ڦندو اسان جي ڳچين ۾ اهڙيءَ طرح ڦاسي پيو آهي جو ان جي ڪري بي شمار روايتي جنگين کان سواءِ انسانذات ٻن عالمي جنگين جي ٻاريل باهه جو غسل به ڪري چڪي آهي. پراڻي زماني ۾ ديوتا کي راضي ڪرڻ لاءِ هڪڙي ماڻهوءَ جي قرباني ڏني ويندي هئي ليڪن ائٽمي دور جو هي سڌريل انسان لڪشمي ديوي جي اڳيان روزانه هزارين انسانن جي قرباني ڏئي رهيو آهي. آسمان جي تعليم هيءَ آهي ته موت هر انسان جي سامهون بيٺو آهي ليڪن ’دولت جي فريب‘ انسان کي ايترو غافل ڪري ڇڏيو آهي جو ’موت‘ ڪنهن کي به نظر ڪونه ٿو اچي. انجيل پاڪ ۾ آيو آهي:
”پوءِ ڀيڙ مان هڪ شخص ان کي چيو، اي استاد! منهنجي ڀاءُ کي چؤ ته ميراث جو حصو مون کي ڏي. يسوع ان کي چيو ته ميان! ڪنهن مونکي تنهنجو منصف يا ورهائڻ وارو مقرر ڪيو آهي ۽ يسوع ان کي چيو ته خبردار! پنهنجو پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائي رکو ڇو ته ڪنهن جي زندگي ان جي مال جي ڪثرت تي موقوف ڪونهي ۽ يسوع ان کي هڪڙي تمثيل ٻڌائي، ته هڪڙي دولتمند جي زمين ۾ ڏاڍو سٺو فصل ٿيو. هو پنهنجي دل ۾ سوچي چوڻ لڳوته مان ڇا ڪيان ڇو ته مون وٽ جڳهه ئي ڪونهي جتي پنهنجي پيداوار رکان. ان چيو ته مان هيئن ڪندس جو پنهنجون ٺهيل ڪوٺيون ڊهرائي، انهن کان وڏيون ٺهرائيندس، انهن ۾ پنهنجو سمورو اناج ۽ مال ڀري رکندس ۽ پنهنجي جان کي چوندس ته اي جان! تو وٽ گهڻن سالن لاءِ گهڻو ئي مال جمع ٿيو پيو آهي. چين ڪر، کاءُ پيءُ، خوش رهه. مگر خدا ان کي چيو اي نادان! اڄوڪي رات جو ئي، تنهنجي جان، توکان طلب ڪئي ويندي. پوءِ جيڪو تو مال تيار ڪيو آهي اهو ڪنهن جو ٿيندو، اهڙو ئي اهو شخص آهي جيڪو پنهنجي لاءِ خزانو جمع ڪري ٿو ۽ خدا جي نزديڪ دولتمند ڪونهي.“ (لوقا 12: 21)
خدا تعالى جي نظر ۾ دولتمند اهو ناهي جنهن کي گهڻي دولت هجي بلڪه خدا جي نظر ۾ دولتمند اهو آهي جيڪو نيڪين جو وڌ ۾ وڌ نور جمع ڪري. اهو ئي اهو اصلي خزانو آهي جيڪو اسان جي زندگيءَ جو ضامن آهي. انسان کي دولت جي زيادتي ۽ چاهت سٺي ٿي لڳي ۽ راه خدا پسند ڪونه ٿي اچي، ليڪن حقيقت جو فيصلو آهي ڪجهه ٻيو آهي. انجيل پاڪ جي مٿين آيت جي هيٺين لفطن تي وري غور ڪريو:
”اهڙو ئي اهو شخص آهي جيڪو پنهنجي لاءِ خزانو جمع ڪري ٿو ۽ خدا جي نظر ۾ دولتمند ڪونهي.“ (لوقا 12: 21)

[b]ڀٽائي گهوٽ وٽ دولت جو مقام:
[/b]ماڻهو گهرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گهران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
ڪيس نام نهال، پسڻ تان پري ٿيو.

قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَعَسٰۤی اَنۡ تَكْرَہُوۡا شَیۡئًا وَّہُوَ خَیۡرٌ لَّكُمْ ۚ (البقره-216)
ترجمو: ايئن به ٿي سگهي ٿو ته توهان کي ڪا شئي ناپسند هجي ليڪن درحقيقت اها توهان جي فائدي جي هجي.)
قرآن شريف جي تعليم جو بنياد ماديت ۽ روحانيت وچ ۾ توازن تي قائم آهي. جنهن جي اولين تقاضا اها آهي ته انسان خدا جي معرفت حاصل ڪري ۽ پنهنجي ذات جو تعلق خدا تعالى سان جوڙي. انسان محض دولت جي اختيار جي بنياد تي زنده ڪونهي. انسان کي گهرجي ته هو دنيا جي مادي خواهشن کي قرآن جي تعليم جي ماتحت رکي. لامحدود (خدا) ۽ محدود (انسان) ائين پاڻ ۾ جڙيل آهن جو انهن کي الڳ ڪرڻ خطري کان خالي ڪونهي. جيڪڏهن خدا (ابديت) سان رشتو ٽٽي پوي ته پوءِ هيءَ دنيا مايوس ڪن حد تائين بي حقيقت آهي. ابديت خدا تعالى جي صفت آهي. وقت شاهد آهي ته انسان ابديت (خدا) سان رشتو جوڙڻ بجاءِ ان رشتي کي ڇنڻ ۾ ئي زندگي ۽ ان جي نعمتن کي برباد ڪيو. فنا جي باهه، فرعوني قاروني (حسي) تهذيبن کي مٽائي ڇڏيو.
جيڪڏهن ڪنهن شخص وٽ گهڻي دولت جمع ٿي وڃي ته اها بي معنى ٿي پوي ٿي ڇو ته اها ان جي سهولتن ۾ ڪوبه اضافو نٿي ڪري سگهي بلڪه ٻين جي حق تلفين جو سبب ٿئي ٿي، ۽ ٿيندي آئي آهي. دولت کي حاصل ڪرڻ جي جستجو، انسان کي خدا (مقصد زندگي) کان غافل ڪري ٿي. تاريخ شاهد آهي ته اسان دولت جي مقابلي ۾ روحاني قدرن (جيڪي درحقيقت اسان جي اصلي دولت ۽ ضرورت آهن) کي نظر انداز ڪندا بلڪه ڪچليندا آيا آهيون. اهڙي بي روح زندگي، انسان کي انسان جي خلاف ۽ قومن کي قومن جي خلاف، دشمن طور آڻي بيهاري ٿي. غور جو مقام آهي ته انسان جون ضرورتون اڻ کٽ آهن ۽ اڻ کٽ جو حصول صرف روحاني طور تي ئي ممڪن آهي. قدرت جي ان نعمت کي هر وقت سامهون رکو ته جان، مال کان وڌيڪ قيمتي آهي. ۽ جان کي دنيا توڙي آخرت ۾ سڦل بنائيندڙ نظريا ۽ عملي اصول جان کان وڌيڪ قيمتي آهن.
جيڪڏهن ماڻهو عقل و فراست کان ڪم وٺن ۽ آسماني (خدائي) انداز استعمال ڪن ته انهن کي اهو احساس ٿيندو ته دنيا جي انسانن جي پاڻ ۾ محبت قائم ڪرڻ، دولت جي مقابلي ۾ خوشحالين ۽ سچي مسرت جو سبب ٿيندو. جيڪڏهن توهان دولت جي اندر زندگي ڳولهڻ لڳو ۽ ان جو سطحي ۽ ظاهري ساز و سامان ، توهان کي پنهنجي طرف ڇڪي توهان کي ڄار ۾ ڦاسائي ته اُها توهان جو سڀ کان قيمتي روحاني جوهر کسي وٺندي ۽ توهان جي روح جا نوراني گونچ سڙي ويندا. توهان جا آسماني جذبات مرده ٿي ويندا. توهان جي اندر ۾ اها لطيف ترين روحانيت اڀري ڪونه سگهندي، جيڪا اعلى ترين حقيقتن جو ادراڪ ڪندي آهي. اهڙي دل ۾ آسماني حڪمت جو نوراني اثبات ٿي ڪونه سگهندو.
دنيا تي غور ڪريو. دولت جي قانونن انسان کي مجبور ۽ محڪوم بنائي ڇڏيو آهي. انسان روحاني طور هڪ شڪنجي ۾ هٿيڪو ٿي ويو آهي. دولت پرستيءَ اسان جو اجتماعي شعور ۽ خلاقيت جون صلاحيتون اسان کان کسي ورتيون آهن. دولت جي محبت ۾ انسان خدا (مقصد) کي وساري ويٺو. نتيجو اهو نڪتو جو ياد محبوب (خدا، مقصد، ڪمال) باقي نه رهي. اسان جي دل ۾ خدا (ڪمال) جي چاهت بجاءِ غيرن جون چاهتون ڀرجي ويون. اها دل جتي هر وقت فرشتا، نورانيت ڇٽڻ ۽ محفل حق سينگارڻ ۾ مشغول هجن، اتي دولت جي ظلمتن پنهنجو بت خانو آباد ڪيو. دنيا جي مادي ترقي ڏسو. ٿورو گهرائي ۾ لهو. ٻاهر بجليون ئي بجليون اندر ويرانيون ئي ويرانيون. انسان جا قدم ڳرا ٿي پيا. انسان خدا (ڪمال) ڏانهن وڌڻ بجاءِ دولت جي ديويءَ جو ديوانو ٿي ويو. اهو انسان ڪهڙو ٿيندو، جنهن کان ان جو نظام ان جو آسماني رنگ و روغن ئي ڦري وٺي. حقيقي مسرت تخليقي زندگي، محبت ۽ دانش جي صلاحيت ۾ ئي آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي معاشي زندگيءَ کي قانون خداونديءَ جي بجاءِ پنهنجي خود ساخته قانونن جي ماتحت ئي رکي ته ناهموارين جو هڪ جهنم اڀري ٿو. اڄوڪي دنيا ان جو ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهي آهي.
اصلي دولت اها آهي ته توهان کي شعور هجي. توهان کي گهرجي ته ڪائنات ۾ انسان جي مقام کي سمجهو. توهان کي پنهنجو پاڻ سان وابستگي هجي. توهان کي حق جي تقاضائن سان هم آهنگي هجي. جيڪڏهن توهان جي حق سان هم آهنگي مڪمل آهي ته پوءِ توهان ڪل جو اهو جزو آهيو، جيڪو نور جي ابدي ڌاري تي وهي ابديت جي ساگر ۾ لهي ٿو، زندگي،، نور جو وهندڙ ساگر آهي. جيڪڏهن توهان ان جي مخالفت ۾ آهيو، ۽ انجي رواني کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽن جمع ڪرڻ ۾ مصروف آهيو، توهان ضدي آهيو ته پوءِ توهان جي فنا يقيني آهي. ڪفر ڪرڻ معنى تباهي ميڙڻ. ڪافر حقيقي زندگيءَ جو باغي آهي.

[b]تزڪيه نفس ۽ سرمايه داري نظام:
[/b]آسماني تعليم ’تزڪيه نفس‘ تي زور ڏنو آهي. غور جو مقام آهي ته تزڪيه نفس ئي قدرت جي طرف کان مليل اهو ذريعو آهي جنهن سان انسان باطني آلودگيءَ کان پاڻ کي صاف ڪري ابديت (جنت) ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. ’تزڪيه نفس‘ جي ڪري ئي انسان کي، جانور کان اعلى (آسماني) مقام مليل آهي. تزڪيه نفس ئي انسان جي نمايان خصوصيت آهي. تزڪيه نفس ئي واحد ذريعو آهي خدا (ڪمال) تائين پهچڻ جو. پر قرآن ان لاءِ صاف صاف ٻڌايو آهي ته ”مَنْ اَعْطيٰ وَاتَّقيٰ” جنهن پنهنجو مال لٽايو، خدا لاءِ ۽ انهن جي بندن لاءِ ته اهو ئي تزڪيه ۽ تقويٰ وارو ٿيندو. جڏهن اسين نظام سرمايه داري جي قباحتن کي ڏسئون ٿا ته پوءِ ‘تزڪيه نفس’ جي ضرورت ويتر شدت سان محسوس ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته نظام سرمائيداريءَ جون خباثتون ئي انساني قدرن ۽ انساني تزڪيي جون سڀ کان وڏيون دشمن آهن. انسانذات هن وقت تائين جيڪي به نظام آزمايا آهن، اهي انسان جي روح تي ڪوبه اثر ڪونه ٿا ڇڏين. ان ڪري اهڙي خرچ ۽ انفاق وارو تزڪيه نفس ئي اسان جي روح کي زنده جاويد بنائڻ جو قدرتي وسيلو آهي. نظام سرمايه داري هجي يعني خدا جي جاءِ تي دينار هجي ۽ قباحتون نه هجن، اهو ٿي ڪونه سگهندو. قدرت جو قانون تبديل ڪونه ٿيندو. تبديل اسان کي ٿيڻو آهي.
اي دولت جي چمڪ ۾ هوش و حواس وڃائڻ وارا انسان! دولت سان روح ۽ جسم جا اهي توقعات پورا ڪونه ٿيندا جيڪي قدرت ان سان متعلق ڪري رکيا آهن. جيڪي ماڻهو دولت جي ذريعن تي قبضو ڪري ويهي رهيا آهن ۽ خدا تعالى جي ڏنل نعمت کي خدا جي راهه ۾ خرچ نه ڪرڻ ڪري، بربادين جي باهه ۾ ڪرندا وڃن ٿا. حالانڪه اهي دولت کي راهه خدا ۾ خرچ ڪري بلند درجا حاصل ڪري پيا سگهن. ليڪن ان جي برعڪس دولت جي هوس ۽ ارتڪاز (هڪ هنڌ جمع ٿيڻ) انسانذات ۾ محبت ۽ الفت کي ختم ڪري، انسانن کي هڪٻئي جو دشمن ڪري ڇڏيو آهي. قرآن حڪيم جي هن آيت تي غور ڪريو:
وَقُلْنَا اہۡبِطُوۡا بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ ۚ (البقره- 36)
ترجمو: اسان چيو توهان مقام بلند کان پستيءَ طرف وڃو، هڪٻئي جا دشمن ٿي ڪري.
سرمايه دارانه نظام جي فروغ سان انسان دشمن امڪانات هاڻي ڀيانڪ حقائق ٿي ويا آهن. آسماني تعليم مطابق ڪائنات کي انسان لاءِ تخليق ڪيو ويو آهي يعني مرڪزي حيثيت انسان کي مليل آهي. پر هاڻي موجوده صورتحال ۾، (جيڪا دنيا تي ڇانيل آهي) انسان ڪائنات جو مرڪز نه رهيو آهي بلڪه هاڻي ته انسان، ڪائنات جو جواز به ڪونهي. آسماني تعليم چوي ٿي ته انسان اها نور جي چادر پنهنجي بدن تي وري ويڙهي جيڪا شيطان ان کان کسي چڪو آهي. ايڏي عظمت باوجود انسان پستين سان اهڙو چنبڙيو، لڪشمي ديوي تي اهڙو ته مگن ٿيو جو پنهنجي زندگيءَ جو آسماني مقصد ئي وساري ويٺو. انسان پنهنجي تخليقي امڪانن جي تڪميل جي محرڪات کان محروم ٿي ويو آهي. انسان دولت جي اڳيان هڪ رانديڪو ٿي ويو آهي. انسان هڪ اهڙي شيءِ ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪا ذات نه هجي، هڪڙو بي مصرف ۽ بيگانه وجود. حقيقت ازلي کان ڪٽيل.
اها دولت، جيڪا، انسان جو خدا (ابديت) سان رشتو جوڙي ته پوءِ اها وڏي نعمت آهي پر جي اها ثروت، انسان جو، خالق سان رشتو ٽوڙي ڇڏي ته پوءِ ان کان وڌيڪ لعنت ٻي آهي ئي ڪونه.
حقيقت جو مشاهدو ڪريو، موجوده سماج ترقي يافته هجڻ جي باوجود نفسياتي طور بيمار آهي. سرمايه جي عبادت ڪندڙ نظام جو پرزو رهندي انسان جي روحاني هستي مٽجي رهي آهي. انسان حيوان ٿيندو ٿو وڃي. هڪڙو هجوم، جنهن جي ضمير جو ڪوبه آواز ڪونهي. روحاني ۽ جسماني، ٻنهي طرفن کان معاشي نظام جي جبر جو شڪار. بيگانگي ذات جي بيماري انسان کي آزادي ۽ خود مختاري کان محروم ڪري ان کي خارجي حالتن جو محڪوم بنائي ڇڏيو آهي. انسان معذور ٿي ويو آهي.
توحيد هيءَ آهي ته خدا تعالى جو جيڪو قانون خارجي ڪائنات ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ان قانون کي، انسان جي معاشي زندگيءَ جو مدار بنايو وڃي. جيڪڏهن معاشي زندگيءَ کي، خدا تعالى جي ڪائناتي قانون کان الڳ ڪيو وڃي ته اها نهايت پست قسم جي زندگي ٿيندي. ڇا انسان کي ان راهه تي هلڻ کان انڪار آهي جنهن تي سموري ڪائنات هلي رهي آهي؟ انسان کي گهرجي ته هو پنهنجو تعلق حق سان جوڙي. انسان جنت ۾ وڃڻ گهري ٿو. آسماني صحت چاهي ٿو. هيءَ حقيقت صاف آهي ته جيڪڏهن دنيا جا سڀئي دولتمند پنهنجي دولت خدا جي راهه ۾ خرچ ڪن، ته اسان جلد کان جلد موت جي ملڪ مان نڪري ابديت جي ملڪ ۾ داخل ٿي سگهون ٿا. ان ڪري قرآن چوي ٿو:
وَ یَسْـَٔلُوۡنَکَ مَاذَا یُنۡفِقُوۡنَ ۬ؕ قُلِ الْعَفْوَ ؕ کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللہُ لَكُمُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱۹﴾ۙ
(البقره-219)
ترجمو: ۽ پڇن ٿا توهان کان ڇا خرچ ڪيئون خدا جي راهه ۾، چئون ته جيڪي ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ آهي. اهڙيءَ طرح خدا تعالى بيان ڪري ٿو حڪم، شايد توهان غور ڪريو.
يعني انسان غور کان ڪم وٺي ته پوءِ عقل صاف ٻڌائي رهيو آهي ته سڀ ڪجهه راه خدا ۾ خرچ ڪيئون. پوءِ اسان جلد کان جلد ڪمال (خدا) تائين پهچي سگهون ٿا. راهه خدا ۾ گهڻو خرچڻ معنى گهڻو حسن، خير ۽ حق ڦهلائڻ. آسمانن تي پرواز ڪرڻ. هڪ آسمان کان ٻئي آسمان تي چڙهڻ. حسين کان حسين تر ۽ خوب کان خوب تر مقام ڏانهن وڌڻ.
اي انسان- آسمان جي هن آواز تي ڪن ڏي. پنهنجي عظمت تي غور ڪر، انجيل پاڪ ۾ آيو آهي:
”ان ڪري مان توهان کي چوان ٿو ته پنهنجي جان جو فڪر نه ڪيو ته اسان ڇا کائينداسين؟ ڇا جان خوراڪ کان ۽ بدن پوشاڪ کان وڌيڪ ڪونهي. هوا ۾ پکين کي ڏسو؛ نه پوکن ٿا، نه ڪٽن ٿا، ۽ نه ڪوٺين ۾ جمع ڪن ٿا، تڏهن به توهان جو آسماني پيءُ انهن کي کارائي ٿو. ڇا توهان انهن کان وڌيڪ قدرت ڪونه ٿا رکو؟ ڇا توهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو فڪر ڪري پنهنجي عمر ۾ هڪ گهڙيءَ جو به اضافو ڪري سگهي؟ ۽ پوشاڪ جي لاءِ ڇو ٿا فڪر ڪريو؟ جنگلي سوسن جي وڻ کي، غور سان ڏسو ته اهي ڪهڙيءَ طرح وڌن ٿا. نه محنت ٿا ڪن ۽ نه ئي ڪتين ٿا ته به مان توهان کي چوان ٿو ته سليمان به، پنهنجي ساري شان و شوڪت جي باوجود، انهن مان ڪنهن به هڪ وانگر ملبوس ڪونه هئو. بس جڏهن، خدا تعالى، ميدان جي گاه کي، جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي تنور ۾ وڌو ويندو، کي اهڙي پوشاڪ پارائي ٿو ته پوءِ اي ڪم اعتقادو توهان کي ڇو نه پهرائيندو، ان ڪري فڪرمند ٿي ڪري ايئن نه چئو ته اسان ڇا کائينداسين يا ڇا پهرينداسين.“ (متي 6: 25: 30)
اچو ته هاڻي هن تمثيل تي غور ڪريون. هيءَ تمثيل ڊاڪٽر رفيع الدين جي ڏنل آهي؛ علم حياتيات جي مطابق جيو گهرڙو زندگيءَ جو هڪڙو بنيادي جز آهي. هڪڙو حيواني جسم در حقيقت هڪڙو فرد ڪونه هوندو آهي بلڪه گهڻن ئي فردن جي هڪ جماعت ٿيندو آهي. اهي فرد جسم جا جيو گهرڙا هوندا آهن جيڪي مختلف ڪم ڪندا آهن ليڪن اهي سڀئي جسم جي قائد يعني دماغ جي ماتحت متحد ۽ منظم ٿيندا آهن.
دماغ جي عصبي نظام جو مڪينزم انهن کي خون جي صورت ۾ خوراڪ پهچائيندو آهي. هر جيو گهرڙو، صرف اوتريقدر خوراڪ حاصل ڪندو آهي، جيتريقدر اها ان جي نشوونما لاءِ ضروري ٿيندي آهي ۽ فالتو خوراڪ ٻين خلين جي حوالي ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪن جيو گهرڙن وٽ،وڌيڪ خون (ضرورت کان زياده) جمع ٿي وڃي ته ان کي بيماريءَ جي حالت سمجهيو ويندو آهي. اهڙي حالت ۾ ٻين جيو گهرڙن تائين خون گهٽ مقدار ۾ پهچي ٿو ۽ جسم جي مجموعي قوت ۾ گهٽتائي اچي ٿي. خون جي اهڙيءَ طرح گردش يا ورهاست هر جيو گهرڙي جي انفرادي صحت ۽ ساري جسم جي حفاظت لاءِ لازمي آهي. نفس انسانيءَ جون به ٻه حيثيتون آهن. هي پنهنجي ذات جي حد تائين هڪڙو فرد آهي ليڪن ان سان گڏ هڪ ڪل جو جزو به آهي، جيڪو آخرڪار سموري انساني معاشري جو ڪل آهي. ڪوبه نفس انساني، انفرادي طور تي ڪمال جي انتها تائين پهچي ڪونه ٿو سگهي بلڪه ان مقام تي ’ڪل‘ جي ذريعي ئي پهچي سگهندو، جنهن جو اهو جز آهي.
فرض ڪريو ته هڪ انسان وٽ خوراڪ جو ذخيرو، ان جي ضرورت کان وڌيڪ آهي. ان جو مثال ايئن آهي جيئن انسان جي بدن جي جيو گهرڙن ۾ خون. جيڪڏهن اهو انساني فرد ان خوراڪ جي ذخيري مان، پنهنجي مومن ضرورتن مطابق کڻي باقي ٻين کي ڏئي ٿو ته ان جو مثال ايئن ٿيندو جيئن تندرست جيو گهرڙن، رت کي ٻين جيو گهرڙن ڏانهن منتقل ڪري ٿو. جو فرد انساني، خوراڪ کي جمع ڪري رکي ته اهو ايئن آهي جيئن ڪنهن جيو گهرڙي ۾ وڌيڪ خون جمع ٿي وڃي ته ان صورت ۾ چيو ويندو ته اهو گهرڙو بيمار آهي. اهڙي طريقي سان ان فرد انساني کي غير صالح يا بيمار قرار ڏئي سگهجي ٿو. صالح ترين خليه اهو آهي، جيڪو سڄي انساني بدن جي طبعي گهرجن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامل مدد ڏئي ۽ ٻين جيو گهرڙن سان ملي ڪري بهترين مصالحت سان ڪم ڪري ٿو. جيڪو جيو گهرڙو اهڙيءَ طرح ڪم نٿو ڪري اهو غير صالح يعني ڪافر آهي. چوڌاري نظر ڪريو هڪڙو جنگلي معاشرو آهي جنهن ۾ انسان هڪڙي موذي جانور وانگر پنهنجي لاءِ جدوجهد ڪري ٿو ۽ ٻين جي حقن کان بي بهره آهي. ان جو مقصد محض زنده رهڻ ۽ پنهنجي جبلتن جي تسڪين آهي. قرآن حڪيم وٽ بقا حاصل ڪرڻ جو قدرتي قانون آهي ته:
وَ یَسْـَٔلُوۡنَکَ مَاذَا یُنۡفِقُوۡنَ ۬ؕ قُلِ الْعَفْوَ ؕ کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللہُ لَكُمُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱۹﴾ۙ
(البقره-219)
ترجمو: ۽ پڇن ٿا توهان کان ڇا خرچ ڪريون خدا جي راه ۾، چئون ته جيڪي ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ آهي، اهڙيءَ طرح خدا تعالى بيان ڪري ٿو حڪم، شايد توهان غور ڪريو.
قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
کَیۡ لَا یَكُوۡنَ دُوۡلَۃًۢ بَیۡنَ الْاَغْنِیَآءِ مِنۡكُمْ ؕ (الحشر-7)
ترجمو: ائين نه ٿئي ته دولت، توهان جي مالدارن ۾ ئي گردش ڪندي رهي.
اڄ انسان جي حالت هيءَ آهي جو نوانوي سيڪڙو بدحال ۽ هڪ سيڪڙو دولت ۽ عيش جي سڀني وسيلن تي قابض آهن. زندگيءَ جي نعمتن ۽ راحتن جي ان نامنصفانه ورهاست، دنيا جي آباديءَ جي انتهائي وڏي حصي کي ضد، لالچ، عداوت، مايوسي، غم، ڪاوڙ، خودبيزاري ۽ خوف جهڙن، جذباتي مرضن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جن نه صرف جسم کي، بلڪه روح کي به برباد ڪري ڇڏيو آهي. خطرناڪ جرم، ڌاڙا، قتل، اغوا، تشدد، جنگ، عصمت فروشي، ڦرلٽ مار، اهي سرمايه پرستيءَ جي وڻ جا ڪوڙا ڦل آهن. دولت جي ظالمانه تقسيم، دنيا ۾ رهندڙ انسانن کي زمين جي، ٻن اهڙن خطن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جن مان هڪڙو خطو اهڙو آهي جيڪو پاڻيءَ سان بلڪل ڀريل آهي. ظاهر آهي ته اهڙي زمين، جنهن ۾ پاڻي، ضرورت کان وڌيڪ آهي، اتي ڪنهن به فصل جو ٿيڻ ناممڪن آهي. هڪ جڳهه تي رڪيل پاڻي، آهستي آهستي گندو ٿيندو ويندو، اتي زهريلا ڪيڙا ئي پيدا ٿيندا. ٻيو خطو اهڙو آهي جتي پاڻي بلڪل آهي ئي ڪونه. زمين بنجر آهي، پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهي آهي. سڪل زمين ۾ ساوڪ پيدا ٿي ڪونه سگهندي. اهڙيءَ صورتحال ۾ آسمان جيڪو حل ٻڌايو آهي اهو انجيل پاڪ کان سکو؛ گهڻي پاڻي واريءَ زمين مان وڌيڪ پاڻي ڪڍي سڪي زمين ۾ وجهو.
”ماڻهن ان کان پڇيو ته اسان ڇا ڪريون؟ ان جواب ۾ کين چيو ته جنهن وٽ ٻه چوغا هجن اهو ان کي، جنهن وٽ نه هجي، ورهائي ڏئي ۽ جنهن وٽ کاڌو هجي، اهو به ائين ئي ڪري.“ (لوقا 3: 11)
هڪڙي حديث پاڪ ۾ آيو آهي:
فلیعد بہٖ علیٰ من لاظہرلہٗ، فلیعد بہٖ علیٰ من لازادلہ (ابوداؤد)
(ضرورت کان وڌيڪ ڪپڙو ان شخص کي واپس ڪريو جنهن وٽ ضرورت مطابق ڪونهي ۽ ضرورت کان وڌيڪ کاڌو ان شخص ڏانهن موٽايو جنهن وٽ ضرورت جي مطابق ڪونهي.)
اچو ته هاڻي انجيل پاڪ جي هن آيت تي غور ڪريون:
”هو يريحو ۾ داخل ٿي وڃي رهيو هو ۽ ڏسو زڪائي نالي جو هڪڙو ماڻهو، جيڪو محصول وٺڻ وارن جو سردار ۽ دولتمند هو، يسوع کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته ڪهڙو آهي. ليڪن پيهه جي سبب کان ڏسي ڪونه پيو سگهي ڇو ته ان جو قد ننڍو هو. بس ان کي ڏسڻ جي لاءِ اڳتي ڊڪندو هڪ گوالر جي وڻ تي چڙهي ويو ڇو ته اهو ان راه کان وڃڻ وارو هو جڏهن يسوع اتي پهتو ته مٿي نگاهه ڪري ان کي چيائين اي زڪائي جلدي لهي اچ ڇو ته اڄ مونکي تنهنجي گهر رهڻو آهي. اهو جلد کان جلد لهي، ان کي خوشيءَ سان پنهنجي گهر وٺي ويو جڏهن ماڻهن ڏٺو ته سڀيئي سس پس ڪري چوڻ لڳا ته اهو هڪڙي گنهگار شخص وٽ وڃي لٿو ۽ زڪائي اٿي بيهي خداوند کي چيو اي خداوند ڏس. مان پنهنجو اڌ مال غريبن کي ڏيان ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪجهه ناحق ورتو اٿم ته ان کي چوڻو ڪري ادا ٿو ڪريان. يسوع ان کي چيو ته اڄ هن گهر ۾ نجات آئي آهي.“
(لوقا 19: 1-10)
ٻئي هنڌ آيو آهي:
”۽ يسوع پنهنجي شاگردن کي چيو مان توهان کي سچ چوان ٿو ته دولتمند جو آسمان جي بادشاهي ۾ داخل ٿيڻ مشڪل آهي. ۽ وري توهان کي چوان ٿو ته اٺ جو سُئيءُ جي سوراخ مان نڪرڻ، ان کان آسان آهي جو دولتمند خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿئي. شاگرد اهو ٻڌي ڏاڍا حيران ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته پوءِ ڪير نجات ماڻي سگهي ٿو؟ يسوع انهن جي طرف ڏسي ڪري چيو ته اهو ماڻهن کان ته ٿي ڪونه سگهندو ليڪن خدا کان سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو.“ (متي 29: 23-27)
آسماني بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ جي معنى آهي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ. زندگي ۾ اهو داخل ٿيندو جيڪو دولت جو سهارو نه پڪڙي بلڪه پنهنجي اندر خدا جون صفتون پيدا ڪري. قانون قدرت آهي ته جڏهن، انسان پنهنجي اندر خدا جون صفتون آڻيندو ته اهو وجود ڪامل (نور) ٿي ويندو. اهڙي وجود جي ئي قدرت کي تمنا آهي. انسان جڏهن پنهنجي اندر خدائي صفتون آباد ڪري ٿو ته انسان به نور ٿي وڃي ٿو. ان مرتبي ۾ انسان، پنهنجي مرضيءَ کي خدا جي مرضيءَ ۾ فنا ڪري ڇڏي ٿو. ٻين لفظن ۾ چئون ته خود ئي مجسمه ايزدي ٿي وڃي ٿو. ان جي ذاتي مرضي، چاهت يا ارادو باقي ڪونه ٿو رهي. صرف الله جو ارادو باقي رهجي ٿو. توحيد جو مقصد اهو آهي ته خدا تعالى جي عظمت ۽ جلال سامهون انسان جي ’انا‘ بالڪل ختم ٿي وڃي. ان صورت ۾ انسان، الله تعالى جي هٿن ۾ هڪڙو اوزار ٿي پوي ٿو (مقصد کي حاصل ڪرڻ جو). هڪ اهڙي ساهواري شيءِ، جنهن جو پنهنجو ڪو ارادو ڪونهي. فاعل جيڪي چاهي، جيڪو ڪم وٺي. انسان جو ظاهري جسم دراصل اسرار خداونديءَ جو خزانو ٿي وڃي ٿو ۽ ان جا لفظ، افعال خدا سان ئي منسوب ٿين ٿا. قلم انسان جي هٿ ۾ هوندو آهي ليڪن لکڻ وارو خدا آهي، جيڪي ڪجهه چاهي ان کان لکائي، ڇوته فاعل حقيقي خدا آهي (غور جو مقام آهي ته سواءِ خدا تعالى جي ٻيو ڪنهن شيءِ جو وجود ڪونهي). قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
فَلَمْ تَقْتُلُوۡہُمْ وَلٰکِنَّ اللہَ قَتَلَہُمْ ۪ وَمَا رَمَیۡتَ اِذْ رَمَیۡتَ وَلٰکِنَّ اللہَ رَمٰی ۚ (الانفال-17)
ترجمو: (بدر جي ميدان ۾) مخالفن کي توهان قتل ڪونه ڪيو، الله قتل ڪيو. توهان انهن تي تير ڪونه هلايا، الله هلايا هئا.
توحيد جي ڪيفيت اها آهي جنهن ۾ انسان جا سڀئي سفلي آثار ختم ٿي وڃن ٿا، صرف خدا تعالى باقي رهجي وڃي ٿو. سيد لطيف چوي ٿو:

احد احمد پاڻ ۾ وچان م فرق،
آهي مستغرق عالم انهيءَ ڳالهه ۾.

*
راز ڪيائين راءِ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل،
انا احمد بلاميم، سين هنئي سائل،
ڪنهن ڪنهن پئي ڪل، ته هو دوئي هيڪ ٿيا.

*
توڏي کي تعظيم، ٻين سڀني کان اڳري،
اوڏي ٿي الف کي، من گڏيائين سين ميم.

*
موحد جي نشاني آهي:
حقيقت هڻي منهنجي جان جدا ڪئي،
هڪڙو پساه پرينءَ ري، سگهان تان نه کڻي،
ڌڻي ئي ڌڻي، رهيو آهي روح ۾.

اڪثر چيو ويندو آهي ته ماضي ۽ حال جي اقتصادي مسئلن ۾ وڏو فرق آهي. زمين جيتري اڳي هئي اڄ به اوتري آهي، ليڪن اڳي آبادي گهٽ ۽ زندگي جون ضرورتون محدود هيون. هاڻي آبادي گهڻي وڌي وئي آهي. جيڪڏهن آباديءَ جي لحاظ سان، زمين جي ايراضي وڌندي وڃي ته پوءِ ڪوبه اقتصادي مسئلو، پيدا ڪونه ٿيندو. ليڪن مشڪل اها آهي ته هر شعبي ۾ اضافو ٿيندو رهيو، اضافو جنهن ۾ نه ٿيو، اها زمين جي پکيڙ هئي. ان ڪري دور حاضر جي ڪشمڪش کي، انسان جي هوس جو نتيجو نه، بلڪه ان ۾ قدرت جي ڪوتاهيءَ جو وڏو دخل آهي.
قرآن حڪيم ان ڳالهه کي ڪونه ٿو مڃي. قرآن حڪيم جي نظر ۾، فقر و فاقه ۽ مفلسيءَ جو وڏو سبب، قدرت جي ڪوتاهي نه بلڪه ان ۾ انسان جي جهالت، غفلت، بي انصافي، استحصال ۽ ظلم جو دخل آهي. آسمان جي تعليم اها آهي ته خدا تعالى، انسانن کي زمين تي خلق ڪيو. ان جي لاءِ نعمتون به سڄي زمين تي ڦهلائي ڇڏيائين، ليڪن شيطاني جهالت جي سبب سڄي انسانيت جي عام مفاد لاءِ خلقيل وسيلن کي طاقتور ماڻهن پنهنجي قبضي ۾ آڻي، پاڻ اسراف ڪيو ۽ ٻين کي محروم ڪيو. اهڙي طرح طاقتور قومن پاران پنهنجي غاصباڻي مقصدن جي لاءِ قومن کي غلام بڻايو. استحصال لاءِ هڪڙو ملڪ ٻئي ملڪ جو شڪاري. نتيجو اهو نڪتو آهي جو انسان ذات جا سڀ وسيلا، انسان جي خون پسيني جي ڪمائي، انسان جي باطني ۽ خارجي آلودگيءَ مٽائڻ بدران، فوجن، هٿيارن ۽ بارود تي خرچ ٿي رهيا آهن.
مون وٽ اقوام متحده جي هڪ اڳوڻي سيڪريٽري جنرل جي پراڻي رپورٽ موجود آهي ان جي مطالع ڪرڻ سان خبر پئجي ويندي ته انسان ڪيتري خطرناڪ ظلمت ۾ ڦاٿل آهي.
جناب پيريزڊيڪوائر ٻڌائي ٿو:
”ترڪ اسلحي جي موضوع تي 156 فردن تي مشتمل عالمي اداري جي آئنده ٿيڻ واري خصوصي اجلاس جي رپورٽنگ جي لاءِ، پوري دنيا مان آيل، مهمان صحافين سان گفتگو ڪندي چيو ته اسان جي بدنصيبي آهي جو اڄ دنيا ۾ 50 (پنجاهه) هزار ائٽمي هٿيار موجود آهن جن جي طاقت شهر ”هيروشيما“ تي ڪيرايل ائٽم بم کان ڏهه لک دفعا وڌيڪ آهي. ائٽمي هٿيارن سان سينگاريل، هڪ آبدوز، ايتري ته، ڌماڪه خيز قوت رکندي آهي، جنهن جو مثال اڄ تائين تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. پاڻ واضح ڪيائون ته هن ڪمري ۾ موجود هر شخص ۽ درحقيقت هن زمين جي گولي تي رهڻ وارو هر انسان انگن اکرن جي روشني ۾ ٽن ٽنن جي انتهائي ڌماڪ خيز بارود جي سامهون بيٺو آهي.
تاريخ جي مهلڪ ترين هٿيارن جي ذخيري جي ڀوائتي پهلوءَ کان قطع نظر، اسان هن وقت، هٿيارن جي ڊوڙ تي سالانه 600 (ڇهه سؤ) ارب ڊالر يا هيئن سمجهو ته ڏهه لک ڊالر في منٽ جي حساب سان خرچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته هر سال يا هر مهيني نه، بلڪه هر روز، ترقي پذير ملڪن ۾ 40 (چاليهه) هزار ٻار بک، افلاس ۽ بيمارين ڪري مري وڃن ٿا. اهي ڏڪائيندڙ انگ اکر ڏيندي، مسٽر پيريز ڊيڪوائر چيو ته اسان هاڻي هڪ اهڙي خطرناڪ موڙ تي پهچي چڪا آهيون، جتي اسان اها صلاحيت ته حاصل ڪئي آهي جو اسان پاڻ کي ڪيترا دفعا فنا ڪري سگهئون، ليڪن اسان اها سياسي استقامت ۽ اخلاقي جرئت حاصل نه ڪري سگهيا آهيون جو بني نوع انسان جي هڪ وڏي حصي کي فاقه ڪشي کان بچائي سگهون. پاڻ وڌيڪ چيائون ته اهو صحيح آهي ته ائٽمي هٿيار، هن وقت تائين ٿيل ايجادن ۾، سڀني کان وڌيڪ مهلڪ ۽ تباهي آڻيندڙ هٿيار آهن، پاڻ چيائون ته هي ڪيڏو نه وڏو الميو آهي جو ڪساد بازاري ۽ بحران جي هن دور ۾ اسلحه سازيءَ جي صنعت بدستور ترقي ڪري رهي آهي. صرف 1945ع کان بعد دنيا ۾ روايتي اسلحه سان 130 (هڪ سو ٽيهه) جنگيون وڙهيون ويون آهن، لکين ماڻهو هلاڪ ٿيا، عالم انسانيت کي ناقابل بيان مصيبتن سان منهن ڏيڻو پيو.“ (اقوام متحده جون 1983ع)
قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللہَ وَذَرُوۡا مَا بَقِیَ مِنَ الرِّبٰۤوا اِنۡ كُنۡتُمۡ مُّؤْمِنِیۡنَ ﴿۲۷۸﴾ فَاِنۡ لَّمْ تَفْعَلُوۡا فَاۡذَنُوۡا بِحَرْبٍ مِّنَ اللہِ وَرَسُوۡلِہٖ ۚ(البقره: 279-278)
(اي ايمان وارو! الله کان ڊڄو ۽ وياج جي جيڪا بقايا آهي ان کي ڇڏي ڏيو جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو. جيڪڏهن ان تي عمل نه ڪندؤ ته اشتهار ٻڌو جنگ جو الله ۽ ان جي رسول جي طرف کان.)
مٿين آيت پاڪ ۾ صاف ظاهر آهي ته هر وياجي نظام سان الله ۽ انهن جي رسولن جي جنگ آهي. غور ڪريو؛ هن وقت عالم انسانيت تي وياجي نظام جي سخت پڪڙ آهي، يعني دنيا جا سڀئي انسان، سڌي يا اڻ سڌي طرح ان کان متاثر آهن. پر انهن سڀني ان نظام سان Compromise ڪيو آهي. حق کان نڪري ويا هڪ ئي طرح جي بربادين تي ٽٽي پيا. سڀني خدا ۽ ان جي رسولن جي لشڪر کي ڇڏي ڏنو. دين جي نظام مان سڀئي نڪتا. سڀ غافل ٿي ويا. سڀني تي ننڊ جو موت طاري ٿي ويو. سڀني حق کان منهن موڙي ڇڏيو. ٻين لفظن ۾ باطل (شيطان) جا هي لفظ پورا ٿيا
قَالَ فَبِعِزَّتِکَ لَاُغْوِیَنَّہُمْ اَجْمَعِیۡنَ ﴿ۙ۸۲﴾ (ص: 82)
(ترجمو: چيائين تنهنجي جلال جو قسم! مان انهن سڀني کي راه حق کان گمراهه ڪندس.)
سڀني حق جي عشق کان منهن موڙيو. غيرن جي طرف ڊوڙيا ته جيئن ٺوڪرون کائن. پيار جو نور حاصل ڪرڻ لاءِ خدا جي طرف ڪونه آيا. اي حق سان بغاوت ڪرڻ وارؤ! توهان جي فڪرن جو هر فڪر گمراهي آهي.
قرآن حڪيم جي هيءَ آيت:
وَاٰتَی الْمَالَ عَلٰی حُبِّہٖ (ترجمو:177)
(۽ جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي محبت ۾ ڪڍن ۽ خرچ ڪن ٿا.)
وَمِنَ النَّاسِ مَنۡ یَّتَّخِذُ مِنۡ دُوۡنِ اللہِ اَنۡدَادًا یُّحِبُّوۡنَہُمْ کَحُبِّ اللہِ ؕ وَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَشَدُّ حُبًّا لِّلہِ ؕ
(البقره: 165)
ترجمو: ماڻهن ۾ اهڙا به آهن جيڪي خدا کي ڇڏي ڪري ٻين کي معبود بنائيندا آهن ۽ پوءِ انهن سان اهڙي ئي محبت ڪن ٿا جهڙي خدا سان ڪرڻ گهرجي ۽ اِهي اُهي ماڻهو آهن جن ايمان آندو آهي سي خدا سان شديد محبت ڪن ٿا.
توهان جي لاءِ صرف هڪ ئي راهه آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪنهن طرح جو به ڇوٽڪارو ڪونهي. ياد رکو ان وقت تائين خدا جو قهر وسندو رهندو، ۽ اهو ڪڏهن به ٿڌو نه ٿيندو جيستائين سڀني قوتن ۽ طاقتن سان خدا تعالى (حقيقت ڪلي) جي اڳيان نه جهڪو. سڀني غفلتن کي آزمائي ڏٺوسين. صدين کان نافرماني جي ڪوڙاڻ کي چکي ڏٺوسين. توهان گناهن جي ڦل سان چڱيءَ طرح پنهنجا دامن ڀري ڏٺا. هڪ خدا کان سرڪشيءَ جي سزا ملندي رهي. اهي قومون جيڪي مٽجي چڪيون آهن. انهن جي کنڊرات تي وڃي انهن کان پڇو. اهوئي جواب ملندو ته خدا کان بغاوت ۽ جهالت جي چاهت ئي فنا جو سبب ٿي.
اي ڪاش! توهان جا روح پلٽجن ۽ توهان جي غفلت مري وڃي ۽ توهان جاڳي پئو، هن ڀيانڪ گهري ننڊ مان. اي ظالم! خدا تعالى کان وڌيڪ، ڪنهن جي محبت ۽ پيار آهي، جنهن جا زنجير تنهنجي پيرن ۾پئجي ويا. اي دوست! سرڪشيءَ جو مزو چکيو سين اچو ته هاڻي اطاعت جو مزو به چکئون. غيرن سان رشتن جوڙڻ جو تجربو، صدين کان ڪندا آيا آهيو. اچو ته ان هڪ سان ڇو نه وري جڙئون، جنهن کان پري رهي ذلتن ۽ خوارين کان سواءِ ڪجهه هٿ نه آيو. گهڻو ٿي چڪو. خدا جي طرف رجوع ڪريو. حق سان جڙي حق ٿي وڃو يعني ڪامل ٿي وڃو. پاڻ ۾ خدا جون صفتون آڻيو.
غور جو مقام آهي ته زندگيءَ جا بهترين وسيلا، محدود اقليت جي هٿ ۾ ڏيڻ ۽ دنيا جي غالب اڪثريت کي ڏکن حوالي ڪرڻ، انساني جسمن جي ڪائنات ۽ انهن جي مقصد خلاف وڏي ۾ وڏي بدي آهي. چند هوست پرستن تي ڇانيل جهالت جي ڪري، دنيا جو هر انسان ظلمت ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ اها ظلمت جي دلدل ان کي آهستي آهستي ڳهندي رهي ٿي. ظلم ته اهو آهي ته دولت مند نه پاڻ جنت (ابديت) ۾ داخل ٿين ٿا ۽ نه وري ٻين کي داخل ٿيڻ ٿا ڏين. اچو ته گڏجي چئون: ”اي الله اسان عهد ٿا ڪريون ته تنهنجي ڏنل ربوبيت ۽ رحمت جي ذريعن تي ذاتي قبضو ڪري، دنيا جي وڏي اڪثريت کي انهن ذريعن مان فائدو وٺڻ ۽ علم و تهذيب جي برڪتن کان محروم ڪرڻ وارو صاحب اقتدار ۽ صاحب مال و دولت (فرعون ۽ قارون) ۽ انهن جي جوڙيل نظام معيشيت و سياست کي رد ٿا ڪيون.“
اسان خدائي نظام معيشت چاهيون ٿا. اسان الله ۽ ان جي رسولن جي لشڪر ۾ جمع ٿي ڪري ان نظام ۽ ان طبقي خلاف بغاوت ٿا ڪيون. اسان چاهيون ٿا ته نئين آسماني تهذيب جو بنياد محض سياسي يا معاشي مقابلي بازيءَ بجاءِ ساري دنيا جي انسانن جي سماجي ۽ روحاني تصورات جي ماتحت هجي. اسان زمين تي آسماني بادشاهت چاهيون ٿا. جتي صرف محبت ۽ سچ جي حڪمراني هجي. سيد لطيف جي هن هدايت تي غور ڪريو:

ڪوڙ ڪماءِ م ڪچ، اٿي اور الله سين،
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وٺي سچ.

*
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏيو لوڀ،
هستي جي هئڻ جون، وٿون سڀ وسار.

*
مان پڇني سپرين، چت ۾ چيتاريج،
ڪڍي ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ م ڪمائيج،
وڻج وهائيج، سڀ سوداگر سچ جو.

اهو خيال رکو ته خدا (سچ) کان سواءِ ٻي ڪابه رغبت توهان کي مقصد (خدا) خلاف استعمال نه ڪري. خدا کان غفلت ۾ گذريل هڪ هڪ پل، باطل جي بندگي سان پيدا ٿيل باهه آهي. خدا جي عبادت ڪرڻ جي معنى آهي حسين کان حسين تر مقام ڏانهن وڃڻ. ياد رکو ته جيڪڏهن توهان سچ جي راهه تي نٿا هلو ته معنى باطل جي راهه تي آهيو. ٻن مان هڪ راهه جو هجڻ ضروري آهي. اهو قدرت جو قانون آهي. ظاهر آهي ته قانون تبديل ڪرڻ توهان جي هٿ ۾ آهي ئي ڪونه.
بامقصد انسان اهو ٿيندو آهي جيڪو پنهنجي پوري وجود سان مقصد سان لاڳاپيل هجي. جنهن جي زندگي ان جي مقصد ۾ ائين سمايل هجي جو ائين محسوس ٿئي ته ٻنهي ۾ ڪابه دوري ڪونهي. بامقصد (سچو) ماڻهو پنهنجي مقصد ۾ گم رهندو آهي. اهو هر ڳالهه کي پنهنجي مقصد جي روشنيءَ ۾ ڏسندو آهي. زندگي وڌ ۾ وڌ دولت يا رتبو ڪمائڻ جو نالو ڪونهي. هر طرف کان ڪٽجي صرف خدا (حقيقت ڪل) سان جڙي وڃو، جتان انسان جي فلاح جو نور آبشارن وانگر وهي ٿو. خدا (ڪامل حقيقت) ۾ پاڻ کي لڪائي ڇڏيو. اها آهي وحدت. توهان صرف ’سچ‘ نظر اچو. ياد رکو! جيستائين خدا سان حقيقي رشتو نه جوڙيندؤ تيستائين توهان جي مٿان خدا جو قهر وسندو رهندو. خدا کي ڇڏي دولت کي آقا بنائڻ پاڻ کي باهه ۾ اڇلائڻ آهي.
ياد رکو! هتي مڪاري، دغا، فريب ۽ ڊپلوميسيءَ لاءِ ڪابه جاءِ ڪونهي. مڪاري حڪمت جو نعم البدل ٿي ڪونه سگهندي. ڏاڪڻ جا ڏاڪا ٿيندا آهن. ان تي چڙهبو ته بلند ٿبو. انسان جي اڳيان به آسمانن جي ڏاڪڻ لڳل آهي. ڏاڪڻ جي ڏاڪن وانگر عالم ادنى ۽ عالم بالا هڪٻئي سان جڙيل آهن. عالم بالا تي ان وقت چڙهي سگهبو جڏهن عالم ادنى ۾ ان جو بندوبست ڪيو وڃي. ڏاڪڻ وانگر، درجن تي چڙهڻو آهي. جڏهن انسان پاڻ کي عالم ادنى جي دلچسپين ۾ غائب ٿو ڪري ته اهو پاڻ کي ايئن سمجهو ته هڪڙي خول ۾ بند ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ان انسان جو، عالم بالا سان رشتو ٽٽي پوي ٿو. انسان ۽ ابديت (خدا) جي درميان ’ انا‘ رنڊڪ طور اڀري اچي ٿي. جيڪڏهن توهان دولت کي ئي پنهنجو ’مقصد‘ سمجهو ۽ عالم ادنى سان جڙيل رهيا ته پوءِ توهان پاڻ ئي پنهنجا پر ڪٽي ڇڏيا. توهان ان مک وانگر ٿي وڃو ٿا جيڪا لذت جي چڪر ۾ ماکيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿي ۽ پرواز ته ٺهيو، پنهنجي جان ئي وڃائي ويهي ٿي. اها دولت توهان جي جسم کي ٿلهو ڪري ٿي پر اها توهان جي روح جي قاتل آهي. جيڪڏهن دنيا جي ظاهري چمڪ توهان کي پنهنجي غلاميءَ ۾ آڻي ته پوءِ زندگيءَ جومقصد (خدا، ڪمال) ڪيئن حاصل ٿيندو؟ هر حال ۾ اوليت مقصد (خدا، ڪمال) کي ڏني وڃي اهو آهي مٿي چڙهڻ جو قدرتي قانون. ڪنهن به انسان کي اهو حق ڪونهي ته هو الله تعالى جي ڏنل نعمت (دولت) کي پنهنجي نفس جي ظلمتن تي خرچ ڪري، ڇو ته ائين ڪرڻ سان انسان ذات تي ظلمت جو گهيرو سخت ٿيندو. خدا تعالى دولت ان ڪري ڪونه ڏني آهي ته ان جو استعمال انهن عملن ۾ ٿئي جيڪي زندگيءَ جي مقصد کان انسان کي پري ٿا ڪن. خدا تعالى جي دولت کي صرف نوراني خواهشن تي ئي خرچ ڪرڻو آهي. قرآن حڪيم جو دولت لاءِ نقطه نظر هي آهي ته مومن، دولت جو مالڪ ڪونهي بلڪه اها دولت، قدرت جي قانونن مطابق ان وٽ جمع ٿي آهي. اها دولت امانت آهي. ان امانت جو صحيح استعمال تڏهن ٿيندو جڏهن ان کي راهه خدا ۾ خرچ ڪيو وڃي.
ملڪيت جي لاءِ اسلام جو حڪم هي آهي ته ملڪيت انسان جو ذاتي حق ڪونهي بلڪه مالڪ الملڪ انسان کي پنهنجي طرف کان نيابت جو حق عطا ڪيو آهي ته جيئن اهو سڀني بندن کي فائدو پهچائي جي ان وانگر هڪ مالڪ جا بندا آهن ۽ ان مجموعي فائدي مان هو خود به استفادو ڪري.
وَ مَا لَكُمْ اَلَّا تُنۡفِقُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللہِ وَ لِلہِ مِیۡرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ ؕ (الحديد: 10)
۽ توهان کي ڇاٿيو آهي جو خرچ نٿا ڪڍو الله جي راهه ۾ ۽ الله جي ميراث آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي.
ٻئي هنڌ آيو آهي:
ولَہٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ والْاَرْضِ ؕ
ترجمو: ۽ انهيءَ جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي.
مثال طور هڪڙو شخص آهي جيڪو دنياوي مال متاع کي پنهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو قدر قرار ٿو ڏئي ته پوءِ هو هر اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو جنهن سان ان جي دولت جي انبار ۾واڌارو اچي ۽ هر ان ڪم کان لهرائيندو جنهن سان دولت جي انبار ۾ ڪمي اچي يعني طلب مال ان جو ذڪر ۽ فڪر ٿي پوي ٿو. اها آهي دولت جي بندگي. ان وقت انسان جو الله ’دولت‘ آهي. چوڌاري ڏسو، توهان کي نظر ائين ئي ايندو. دولت ئي زندگيءَ جو مقصد آهي. مقصدن سان فرد ۽ قومن جي زندگيءَ جا رخ، انهن جي چڱي ۽ بري جا پيمانا ۽ انهن جي جدوجهد جا انداز متعين ٿين ٿا. فرد جي زندگي جو حقيقي مقصد آهي نور جي تلاش، زندگيءَ جي تلاش، حسن جي تلاش،خدا جي تلاش.
دولت کي زندگيءَ جو مقصد بنائي، جيڪي ڪجهه ان جي حاصلات لاءِ ڪيو ويندو، اها دولت جي بندگي ٿيندي. يعني توهان دولت جي غلامي ڏني تڏهن دولت توهان وٽ آئي. خدا کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان خدا جي حڪمن تي هلندو ته اها خدا جي بندگي ٿيندي. وقت انسان جي عملن جو اظهار آهي. انسان چوويهه ڪلاڪ ڪونه ڪو فعل ڪندو ٿو رهي.
هر فعل خدا تعالى جي حڪم مطابق ٿيندوته پوءِ انسان جي ننڊ به عبادت آهي. سيد لطيف ٿو چئي:
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سروڄن،
وحده لاشريڪ لھ، اهو راڳ رڳن،
سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت جن جي.

حقيقت ڪل (نور، خدا، عقل ڪل) جي رضا کي ٺڪرائي، ان جي اطاعت کان لهرائي ڪنهن ٻيءَ ذات جي رضا تلاش ڪئي وڃي ته پوءِ زندگي جو فطري حسن برقرار رهي ڪونه سگهندو. حضور اڪرم * جي زندگي فقط الله (نور) لاءِ هئي ڇو ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد’الله‘ آهي ۽ نه دولت.
قُلْ اِنَّ صَلَاتِیۡ وَنُسُکِیۡ وَ مَحْیَایَ وَ مَمَاتِیۡ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۶۲﴾ۙ لَا شَرِیۡکَ لَہٗ ۚ وَ بِذٰلِکَ اُمِرْتُ وَ اَنَا اَوَّلُ الْمُسْلِمِیۡنَ ﴿۱۶۳﴾(الانعام: 163-162)
ترجمو: توهان اعلان ڪيو ته منهنجي نماز ۽ منهنجي هر قسم جي عبادت ۽ قرباني منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ سڀ ڪجهه الله (رب العالمين) جي لاءِ آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي مونکي اهوئي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان سڀني کان پهريان سِرُاطاعت ۾ خم ڪرڻ وارو آهيان.
انسان کي خدا تعالى (نور، عقل ڪل) جي اطاعت ۽ وفاداري جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ان اها روش اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ ان جي نظام ۾ خلل ۽ انتشار پيدا ٿي پوندو. انسان کان جو اهو مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهو به درحقيقت انسان جي ڀلائيءَ لاءِ ئي آهي. جيڪڏهن انسان اصلي مالڪ کي ڄاڻي، ان جي سامهون ڪنڌ نه جهڪائي ۽ ان کي ڇڏي ڪري ڪجهه ٻيا خدا ٺاهي ته ان جي زندگي برباد ٿي ويندي. انسان جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بدبختي چئبي جو جنهن مالڪ کيس تخليق ڪيو آهي هو ان جي رضا کي زندگيءَ جو بنياد بنائڻ بدران ڪجهه ٻين خدائن مثلاً دولت سان تعلق خاطر پيدا ڪري. ڪن ٻن متضاد شين جي محبت هڪ دل ۾ گڏ ٿي نه سگهندي. انسان يا ته خدا جو ٿي سگهندو يا دولت جو
مَا جَعَلَ اللہُ لِرَجُلٍ مِّنۡ قَلْبَیۡنِ فِیۡ جَوْفِہٖ ۚ
خدا تعالى ڪنهن به انسان ۾ ٻه دليون ڪونه رکيون آهن. هڪ دل، هڪ سان محبت. قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
ضَرَبَ اللہُ مَثَلًا رَّجُلًا فِیۡہِ شُرَکَآءُ مُتَشٰکِسُوۡنَ وَ رَجُلًا سَلَمًا لِّرَجُلٍ ؕ ہَلْ یَسْتَوِیٰنِ مَثَلًا ؕ اَلْحَمْدُ لِلہِ ۚ بَلْ اَكْثَرُہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۲۹﴾ (زمر:29)
ترجمو: الله مثال بيان ڪري ٿو هڪ شخص جو جنهن جا ڪيترائي آقا آهن، پاڻ ۾ ضد رکڻ وارا، ۽ هڪڙو ٻيو شخص آهي جو پوري جو پورو هڪ شخص جي ملڪ آهي ته پوءِ ڇا ٻنهي جو حال ته ڪجهڙو آهي. الحمدلله مگر هي آهي ته انهن مان اڪثر سمجهن ئي ڪونه ٿا.
هڪ اهڙو غلام آهي جنهن جا ڪيترائي آقا آهن. انهن مان هر هڪ ان کي ڪونه ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. هڪڙو چوي ٿو فلاڻو ڪم ڪر ٻيو چويس ٿو ته هي ڪم ڪر ٽيون ڪو ٽيون حڪم ڪري ٿو. اهو ٽنهي جي درميان حيران نموني سان بيٺو هوندو. ان جي مقابلي ۾ وري هڪڙو ٻيو شخص آهي جيڪو صرف هڪ آقا جي سامهون ئي جهڪي ٿو. ان لاءِ ڪوبه تضاد ڪونه ٿيندو بلڪه اهو سڪون دل سان قدم کڻندو ۽ پوري دل جي حضور سان اڳتي وڌندو ويندو. هڪ خدا (نور) جي سرپرستي ۾ آهي، جيڪو هر شي ۾، هر حال ۾ هر جڳهه تي ان جي هدايت ڪري ٿو ۽ ان جي راهه کي ايئن روشن ڪري ٿو جيئن ڪاري رات ۾ ٽارچ جي روشني. دولت کي صحيح مقام تي رکڻ کان سواءِ اسان اڳتي وڌي ئي نٿا سگهؤن. مالي قدرن کي غيرمعمولي اهميت ڏيڻ غير معقول آهي. جيڪڏهن رزق جي فراوانيءَ کي مستقل قدرن جي تابع نه رکيو وڃي ته پوءِ اهي ئي فراوانيون معاشري جي تباهيءَ جو سبب ٿي وڃن ٿيون.
وَکَمْ اَہۡلَكْنَا مِنۡ قَرْیَۃٍۭ بَطِرَتْ مَعِیۡشَتَہَا ۚ فَتِلْکَ مَسٰکِنُہُمْ لَمْ تُسْکَنۡ مِّنۡۢ بَعْدِہِمْ اِلَّا قَلِیۡلًا ؕ
(قصص: 58)
ترجمو: ڪيتريون ئي قومون اهڙيون هيون جن کي رزق جون فراوانيون حاصل هيون ليڪن ان جي باوجود به تباهه ٿي ويون. هي آهن انهن جا اجڙيل ڪاشيانه، جن ۾ انهن کان بعد گهٽ ئي ڪو رهيو آهي.
قرآن حڪيم ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي ته زندگي جاهل خواهشن جي رڪاوٽن ۾ ڦاسي معاشري کي بدبودار ڪري ڇڏي. اسلام دنيا جي هر انسان کي بنيادي ضرورتن جي فراواني ڏئي، ان کي بلندي ڏانهن ڇڪڻ چاهي ٿو. هڪ بهترين دنيا جي تخليق ڪري، مساوات ۽ آزاديءَ جي ماحول ۽ آدم جي پوري ڪٽنب کي پاڪائي سان ڀرڻ چاهي ٿو.
قرآن حڪيم چوي ٿو ته گذريل قومن جي انجام کي سامهون رکي توهان پنهنجي لاءِ پاڻ ئي فيصلو ڪيو. جنهن قوم جي روش اختيار ڪندؤ انهيءَ قوم جهڙو انجام ٿيندو. اٽل ۽ غير تبديل ٿيندڙ قانونن مطابق قومن جي زندگي ۽ موت جا فيصلا ٿيندا آهن.
سُنَّتَ اللہِ الَّتِیۡ قَدْ خَلَتْ فِیۡ عِبَادِہٖ ۚ
ترجمو: اها خدا تعالى جي اٽل روش آهي جيڪا سڀني سابق قومن جي سلسلي ۾ جاري ۽ ساري آهي.
واضح رهي ته اصل شيءِ نظريه زندگي آهي. ڏوهه در حقيقت غلط نظريي يا تخريبي نظام جو منطقي نتيجو ٿيندا آهن. غلط نظام ۾ رهڻ وارا اهي ماڻهو ئي تباهه ڪونه ٿيندا آهن، جن انفرادي طور تي ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو آهي بلڪه سڪين ڪاٺين سان گڏ سايون ٽاريون به سڙي وينديون آهن.
کَذٰلِکَ نَجْزِی الْقَوْمَ الْمُجْرِمِیۡنَ ﴿۲۵﴾ (الاحقاف: 25)
ترجمو: هر مجرم قوم جو انجام اهوئي ٿيندو آهي.
قرآن حڪيم سڀني براين جو علاج اهو ٻڌايو آهي ته:
یٰقَوْمِ اعْبُدُوا اللہَ
ترجمو: اي منهنجي قوم جا ماڻهو توهان صرف الله تعالى جي اطاعت ڪريو.
ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي حڪمن جي اطاعت نه ڪيو. الله تعالى جي قانون ۾ ڪابه تبديلي ڪونه ايندي. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
سُنَّۃَ اللہِ فِی الَّذِیۡنَ خَلَوْا مِنۡ قَبْلُ ۚ وَلَنۡ تَجِدَ لِسُنَّۃِ اللہِ تَبْدِیۡلًا ﴿۶۲﴾
ترجمو: الله تعالى جي اها روش جيڪا گذريل قومن جي معاملي ۾ ڪارفرما هئي تون ان ۾ ڪڏهن به تبديلي ڪونه ڏسندين.
انسانن جي انتهائي وڏي اڪثريت ”دولت جي بندگيءَ“ ۾ زندگي گذاري آهي. اسلام پابنديون لاڳو ڪري ٿو جيڪي درحقيقت نه تبديل ٿيندڙ قانون آهن. معاشي پهلو انسان جي بلڪل قريب آهي. ان شعبي ۾ عقل ڪل (قرآن حڪيم) جي هدايت الله تعالى جي قريب ڪندي آهي يعني اسان بلند ٿيندا آهيون، ارتقا جي نوراني ڏاڪڻ تي چڙهندا آهيون.
جيڪو دولتمند مسلمان نهايت دينداري سان شخصي ملڪيت جي سڀني روحاني قاعدن جي پابندي ڪري ٿو ۽ هر سال پنهنجي نقد رقم ۽ زيورن وغيره تي زڪوات ڏئي ٿو اهو مسلمان آهي. درحقيقت الله تعالى سان محبت جو اهو هيٺيون درجو آهي. اسان کي خدا تعالى سان محبت جي انتهائي اعلى درجي تائين پهچڻو آهي. حضور اڪرم جو عمل اهوئي ڪجهه سيکاري ٿو.
قرآن حڪيم جي نظر ۾ انسان جي تخليق هڪ آهي. ان جي فطرت ۽ ان جي ڪائنات هڪ آهي. انهن جون تقاضائون هڪ آهن ۽ انهن جا حل به ساڳيا آهن. قرآن حڪيم هڪ موزون ۽ مسلسل پروگرام پيش ڪري ٿو، جنهن جو بنياد سڀني انسانن جي ترقي يعني ارتقا جي بلنديءَ تي چڙهڻ آهي، ڪمال ڏانهن وڌڻ آهي. ان ڪري آسماني هدايت کي حاصل ڪرڻ ۾ دنيا جا سڀ انسان قابل احترام آهن. نور (الله) جي بادشاهت جو لازمي رستو هي آهي ته سڀني انسانن کي هڪ جيترا موقعا حاصل ٿين. ڪنهن به شخص جي راهه ۾ حسب نسب يا ڪوشش ۽ جدوجهد تي پاڻي ڦيرڻ واري ڪابه رڪاوٽ نه هجي. انساني ضمير کي مادي ۽ معاشي قدرن جي انڌي غلامي مان ڪڍيو وڃي. اڄ اسان مان اڪثريت جو وقت صرف ان فڪر ۾ ٿو گذري ته دولت جي موجود انبار ۾ ڪهڙيءَ طرح اضافو ڪيو وڃي. اخلاق کي پاسيرو رکي، فرد کان وٺي دنيا ۾ موجود قومن تائين، ان ڀڄ ڊڪ ۾ مصروف آهن. هر هڪ نفساني عالم ۾ گرفتار. ڪنهن کي به ٻئي جي خبر ڪونهي. ايتري وڏي هجوم ۾ هڪڙو بندو به ڪونهي، جنهن کي پنهنجي خالق جي مرضيءَ جو فڪر هجي. ڪوبه ڪنهن جو مددگار ڪونهي. بيگانگيءَ جو هيڏو ڀيانڪ منظر!
یَّتِیۡمًا ذَا مَقْرَبَۃٍ ﴿ۙ۱۵﴾ (بلد: 15)
(ترجمو: هڪ اهڙو هجوم جنهن ۾ هر ڪو پاڻ کي اڪيلو محسوس ٿو ڪري.)
*
لِكُلِّ امْرِیًٔ مِّنْہُمْ یَوْمَئِذٍ شَاۡنٌ (عبس: 37)
ترجمو: هر هڪ پنهنجي نفس جي ڦندي ۾ اهڙيءَ طرح مبتلا آهي جو هڪڙي کي ٻئي جو هوش ئي ڪونهي.
اڄوڪي ائٽمي دور جو انسان، انهيءَ راهه تي گامزن آهي جيڪا راهه گذريل قومن کي ختم ڪري چڪي آهي. ياد رکو ته غير حق جي آمريت بني نوع انسان جي لاءِ قهر خداوندي ثابت ٿيندي. اسان کي حق سان بغاوت امن سان رهڻ ڪونه ڏيندي.
قرآن حڪيم جي ”مساوات“ مان مراد اها ڪونهي ته هر گهر ۾ هڪ جيترا نوٽ هجن بلڪه ان جو مقصد اهو آهي ته دنيا ۾ رهڻ واري هر انسان کي ايترا موقعا حاصل هجن جو هو پنهنجون ڪمزوريون ۽ نقص ختم ڪري سگهي ۽ بلنديءَ طرف پرواز ڪرڻ لاءِ پاڻ کي الاهي سانچي ۾ پورو لاهي سگهي ۽ پنهنجي مٿان خدائي رنگ چاڙهي سگهي.
الله تعالى دولتمند انسانن سان خاموش معاهدو ڪري رکيو آهي ته اهي غريبن جي پرگهور لهن ڇو ته وسيلا انهن وٽ آهن. اهي دولت تي نانگ ٿي نه ويهن بلڪه دولت ۽ وسيلن جو آسماني استعمال ڪري ظاهري ۽ باطني خير پيدا ڪن.
دولت ڀاڻ آهي ۽ زمين تي رهندڙ انسان فصل وانگر آهن. زمين ۾ ڀاڻ کي جيترو ڦهلائبو ته فصل به اوترو ئي ڀلو لهندو. ڦل گهڻو ملندو ڇو ته زمين جي هر هڪ ٻوٽي کي قوت ۽ خوراڪ ملندي. دنيا ۾ رهندڙ سڀ دولتمند انسان حق جي آسماني آواز کي سمجهن ۽ غريبن جي سار لهن. انهن جون اوڻايون ۽ مشڪلاتون دور ڪن. ٻوٽو جڏهن زمين مان گونچ ڪڍندو آهي ته ان وقت باغ جو مالهي ان جي حفاظت ڪندو آهي. ان مٿان ڪنهن ڀتر جي رڪاوٽ هوندي ته ان کي هٽائيندو ته جيئن سج جا ڪرڻا ان کي قوت ڏين ۽ شبنم جا قطرا ان جو منهن ڌوئن. ڀاڻ وجهندو، پاڻي ڏيندو، سنڀال ڪندو، مطلب ته دولتمندن جي حيثيت مالهيءَ واري آهي.
اقتصادي عدل مان مراد دولت جي اهڙي تقسيم ڪونهي جنهن سان بعض فردن جون جمالياتي ضرورتون پوريون ٿين ۽ بعض ان جي تڪميل کان رهجي وڃن. اسلام کي اهڙي اقتصادي عدل سان ڪوبه واسطو ڪونهي. درحقيقت اقتصادي عدل جي حقيقت کي پورو نه ڪري انسان پاڻ کي دغا ڏئي رهيو آهي. ان ڪري اي دولتمند! بداخلاق ۽ ناجائز طريقن سان دولت جمع ڪري خدا جي بندن تي ظلم نه ڪيو. دولت جي خاطر برتر مقصد جي راهه ۾ ڪنڊا نه اڇلايو. ايئن ڪرڻ سان سڄي زمين ڪنڊن سان ڀرجي ويندي، ۽ انهن ڪنڊن جي نقصان کان توهان به بچي ڪونه سگهندؤ. بي انصاف ۽ ظالم اقتصادي نظام لڪل نوراني قوتن کي تباه ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان کي شاندار مستقبل جي طرف وڌڻ ڪونه ٿو ڏئي. ياد رکو ته مستقبل امڪانات جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي، ان کي رنگين بنائڻ انسان جو ڪم آهي. زندگي ۾ تخليقي صلاحيت موجود آهي جيڪا نامياتي عضون کي محض پنهنجي مقصد جي توسيع ۽ پنهنجي اغراض جي تڪميل لاءِ ڪم آڻيندي آهي. روحاني تبديلي بامقصد قوت جو اظهار آهي جيڪا پاڻ کي ظاهر ڪندي هميشه ان ڳالهه لاءِ ڪوشان هوندي آهي ته زندگيءَ جي اعلى تر صفتن کي حاصل ڪندي وڃي ڪمال (الله) تائين پهچي.
سيد لطيف جي ڪلام جو روح اهو آهي ته انسان کي ’ڪامل‘ ٿيڻ گهرجي.

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي تن لهي نه لالي،
ڪري ڪيف خماريا، مئي پي سوالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيفيت ڪمالي.

ڪامل ٿيڻ لاءِ سيد لطيف جيڪي آسماني ڏس ڏنا آهن انهن ڪرڻن جو نوراني ذائقو چکي پوءِ اڳتي هلو.
ماڻهو گهرن مال! آءٌ سڀ ڏينهن گهران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان فدا ڪريان في الحال،
ڪيس نام نهال ، پسڻ تان پري ٿيو.

*

پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق سان اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.

*
پاڻ مَ کڻ پاڻ سين، ري وسيلي وڌ،
لالن تني لھ، عشق جنين جي اڳ ۾.

*
جي ٿيا حل حبيب سين، سمهڻ تن ثواب،
نيڻ هيرائي ننڊ سين، خوش ڪيائون خواب،
اوسيئڙو عذاب، دليان تن دور ٿيو.

*
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفت جا، سچا سوڌيائون.

*
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ،
نانگا پنهنجي نفس کي ڪا نئين راهه سونهاءِ،
تاسندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.

*
سيوئو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبهه جي تاثير سان، تري وئا طوفان.

*
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، ڇڏيو لالچ لوڀ،
هتان جي هئڻ جون، وٿون سڀ وسار.

*
جنهن سنياسيءَ سانڍيو گندي ۽ گراهه،
تنين کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.

حضور اڪرم * هڪ دفعي حضرت ابوذر غفاري کي مخاطب ٿي هيئن فرمايو:
”اي ابوذر! ڇا تون احد جي پهاڙ کي ڏسين ٿو؟ مان (ابوذر) سج کي ڏٺو ته ڏينهن جو ڪيترو حصو باقي رهيو آهي ۽ گمان ڪرڻ لڳس ته شايد رسول الله مونکي ڪنهن ضرورت لاءِ موڪليندا. مون چيو ها. پاڻ فرمايائون مونکي پسند ڪونهي ته مون وٽ احد پهاڙ جيترو سون هجي ۽ مان ٽن اشرفين کان سواءِ ڪل نه خرچيان.“ (صحيح بخاري جلد اول 1257)
مٿين لفظن ۾ حضور اڪرم * دولت کي جنهن مقام تي رکيو آهي اهو قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ جو عملي نمونو آهي:
وَ یَسْـَٔلُوۡنَکَ مَاذَا یُنۡفِقُوۡنَ ۬ؕ قُلِ الْعَفْوَ ؕ کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللہُ لَكُمُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱۹﴾ۙ (البقره: 219)
ترجمو: توکان پڇن ٿا ته ڪيترو خرچ ڪريون؟ (تون) چؤ ته جيڪو (توهان جي ضرورتن کان) وڌيڪ آهي (سو سڀ غريبن، محتاجن تي خرچ ڪري ڇڏيو) اهڙي طرح الله تعاليٰ توهان کي کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن غور ۽ فڪر ڪريو.
جيڪڏهن دنيا جو هر انسان اقتصادي معاملات ۾ حضور اڪرم * جي پيروي ڪري ۽ پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ خدا جي راهه ۾ ڏئي ته اسان جلد کان جلد ڪمال تائين پهچي سگهون ٿا. ليڪن افسوس آهي جو شيطاني وسوسا ائين ڪرڻ ڪونه ٿا ڏين:
جنهن سنياسيءَ سانڍيو گندي ۽ گراهه،
تنين کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.

قرآن حڪيم هر انسان کي ادنى نفسياتي ماحول مان ڪڍي انتهائي اعلى ۽ پاڪيزه نفسياتي ماحول تائين پهچائڻ گهري ٿو. ان جي تعليم اها آهي ته انسان الله سان محبت جون منزلون طئي ڪري. قرآن حڪيم هر انسان کي محبت، جمال ۽ ڪمال جو نوراني مجسمو ڏسڻ چاهي ٿو:
وَاٰتَی الْمَالَ عَلٰی حُبِّہٖ
ترجمو: ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي محبت ۾ڪڍن ۽ خرچ ڪن ٿا.
وَلَا تُؤْتُوا السُّفَہَآءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِیۡ جَعَلَ اللہُ لَكُمْ قِیٰمًا
ترجمو: ۽ پنهنجي مال کي، جنهن کي خداوند عالم توهان جي بقا جو ذريعو بنايو آهي نادانن جي حوالي نه ڪريو.
وسيلا حڪومتن وٽ آهن. اهي راه حق تي اڳتي وڌڻ لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجن. تنهن ڪري قدرت جا ڏنل وسيلا عالم حڪمرانن جي هٿ ۾ هجن ڇو ته داناءُ ئي دولت کي راهه خدا (حسن) ۾ خرچ ڪندو. هو راهه کان واقف آهي.

[b]قرآن حڪيم ۽ سيڪيولرازم:
[/b]قرآن حڪيم جي هن آية پاڪ ۾ سيڪيولر معاشيات جو عڪس نظر ايندو:
قَالُوۡا یٰشُعَیۡبُ اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتْرُکَ مَا یَعْبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ اَوْ اَنۡ نَّفْعَلَ فِیۡۤ اَمْوَالِنَا مَا نَشٰٓؤُاؕ (هود: 87)
ترجمو: اي شعيب تنهنجي هيءَ صلواة ڪهڙي آهي جيڪا اسان کي ان جي اجازت به نٿي ڏئي ته پنهنجي مال کي پنهنجي مرضيءَ مطابق خرچ ڪريون.
اهو آهي سيڪيولرازم نظام، جيڪو شروعات کان وٺي اڄ تائين جيئن جو تيئن قائم آهي. نماز جو تعلق مذهب سان آهي ۽ مذهب هڪ پرائيويٽ معاملو آهي. معاشيات جو تعلق دنيا جي ڪارونهوار سان آهي. اي شعيب! هي تنهنجو ڪهڙي قسم جو مذهب آهي جنهن جو دائرو معاشيات تائين ڦهليل آهي. اسلام جيڪو حقيقت ڪل جو نالو آهي، اڄ ان کي زندگي مان ڪڍيو ويو آهي. اسان جي اجتماعي زندگيءَ ۾ اسلام جو ڪوبه عڪس ڪونهي. ياد رهي ته اسلام زندگيءَ جي هر شعبي کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ان کي رنگ ۾ رنڱڻ ڪرڻ چاهي ٿو.
اسلام ۾ ملڪيت جو تصور شاهانه ڪونهي بلڪه خادمانه آهي. قرآن حڪيم چاهي ٿو ته انسان جي معاشي ادائيگي، اندروني جذبات ۽ داخلي احساسات جي بنياد تي هجي ۽ اهڙيءَ طرح انسان اقتصادي هجڻ سان گڏ اخلاقي به هجي. انسان جي شخصيت جي تڪميل ۾ ان جي نفسيات کي وڏو دخل آهي ۽ اها شخصيت ئي هوندي آهي جيڪا ان جي اجتماعي ۽ سماجي حالتن تي اثر انداز ٿيندي آهي. جيڪڏهن ان جي شخصيت جي اصلاح ڪئي وئي ۽ ان کي پاڪيزه سانچي ۾ وڌو ويو ته پوءِ اجتماعي سڌارو آساني سان اچي سگهندو. قرآن حڪيم انسان جي اخلاقي قوت کي ڪيترو بلند ڏسڻ چاهي ٿو ان جو اندازو توهان حضور اڪرم * جي هيٺين لفظن مان لڳائي سگهو ٿا. پاڻ ڪريم جن جا مشهور لفظ آهن:
”خدا جو قسم جنهن جي قبضه قدرت ۾ منهنجي جان آهي ته جيستائين ڪوبه دولتمند پنهنجي مسڪين ڀاءُ جي لاءِ ايتري ئي خوبصورت زندگي ڪونه ٿو چاهي جيڪا هو پنهنجي لاءِ چاهي ٿو ته پوءِ ان وقت تائين ان جو ايمان ڪامل ڪونهي چاهي اهو زڪواة باقاعده ڏيندو هجي.“
جيڪڏهن ڪو دولتمند شخص پنهنجي مسڪين ڀاءُ جي لاءِ عملي طور اهو ئي ڪجهه پسند ڪري جيڪي ڪجهه هو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو ته پوءِ ان کان وڌيڪ اخلاقي قوت جو مظاهرو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهندو؟ آسماني اخلاق به اهڙي اظهار جو نور آهي.
مال ۽ دولت کي قدر اعلى يا قدر ڪل قرار ڏيڻ قرآن حڪيم جي پيغام سان بغاوت آهي، ڪفر آهي. حق، حسن ۽ خير سان جنگ آهي. ڪافر آهي اهو انسان جيڪو قدرت جي ٺوس سچائين جو انڪار ڪري ۽ پنهنجي خراب عملن سان نه صرف پنهنجي برباديءَ ۽ تباهيءَ جو سامان تيار ڪري بلڪه پاڻ سان گڏ ٻين لاءِ به هلاڪت جو سبب ٿئي. خدا تعالى جي طرف توجه نه ڏيڻ ڪري انسان ظلمت جي پردي ۾ اچي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪوششن جو مرڪز ’دولت‘ ٿئي ته پوءِ موجوده دور وانگر هر طرف اوندهه ئي اوندهه هوندي. جيڪو انسان ظلمت جي گهيري مان نه نڪتو ۽ اڃان عالم روحانيت کان پري آهي ته پوءِ اهو خدائي مقصد جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي يعني شيطان جو روپ. اسان جي انفرادي زندگي، عالمگير مقصد جي حصول جو ذريعو آهي.جيستائين اهو جزو، نوراني نه ٿيندو تيستائين حق جي مقصد کي استحڪام نصيب ڪونه ٿيندو ۽ جمود جي ڪيفيت طاري رهندي.
جيڪڏهن دولت کي آخري هدف تصور ڪري جمع ڪيو وڃي ۽ پاڻ کي ان ۾ ئي غرق ڪيو وڃي ته پوءِ اها ئي دولت سڀني براين جو سرچشمو ٿي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح انسان ڪمال کان پري ٿيندو وڃي ٿو. قرآن حڪيم، دولت جي معيار تي قائم ٿيندڙ سڀني امتيازات کي غلط قرار ڏنو آهي. هو انسان جي مادي فائدي جي مقابلي ۾ دائمي زندگيءَ جي طرف وڌڻ جو رستو کولي ٿو ۽ ان جي نظرن کي مادي مصيبتن ۽ آلودگين مان ڪڍي آسماني جلوي ۾ سمائي ڇڏي ٿو.
قرآن حڪيم جي ڪامل حقيقت کان ناواقف مسلمان، هڪ اهڙي اقتصادي نظام کي قائم رکيون بيٺو آهي، جنهن ۾ دولتمند کان، ’زڪواة‘ جي نالي تي ڪجهه روپيه وٺي، جماعت جي مسڪين ماڻهن ۾ ورهايا وڃن ٿا. انهن جي خيال ۾ هيءُ ڳالهه ويٺل آهي ته سماج ۾ غريبن جي انتهائي وڏي تعداد سان گڏ دولتمندن جي اقليت جو هجڻ ضروري آهي. اسلام جي حقيقت کي انهيءَ نظر سان ڏسبو ته پوءِ اهو هڪڙو ظلم آهي، جهالت آهي، ڇو ته اسان نوراني ارتقا (ڪمال) ڏانهن وڌڻ جا دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا. اسلام ارتقا جو قائل آهي. هڪ هنڌ بيهڻ ان لاءِ موت آهي. ڪامياب، سچي ۽ پائيدار اقتصادي مساوات فرد جي ضمير اندران پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ان کي وجود ۾ آڻڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته انسان جي روحاني تربيت ڪئي وڃي. زندگيءَ جي مقصد کي ڄاڻڻ لاءِ مناسب حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انسان انهن امڪانات کي سمجهي سگهي، جن کي شهود ۾ آڻڻ لاءِ قدرت، انسان کي بار بار جنم ڏئي رهي آهي. زندگيءَ جو مقصد ناپائيدار خوشي نه بلڪه تڪميل انسانيت آهي ڇو ته ان ۾ ئي امن، مسرت ۽ خوشحالي موجود آهي. تاريخ ۾ امن ۽ مسرت جا اونداها وقفا دراصل انسان جي ڪاهلي، ڪم ڪو شي ۽ غير تخليقي رجحان جا دور آهن.
اڄ حالت اها آهي جو شراب جي بوتل جي مقابلي ۾ انسان جي خون جي بوتل سستي آهي. انسان کي ايتري اهميت به حاصل ڪونهي جيتري مادي شين کي آهي. اسان، شيطان جي ٿوري ئي اشاري تي پنهنجي سموري روحاني متاع ۽ فڪري سرمايه تان دستبردار ٿي وڃئون ٿا. اسان روح، سيرت، اخلاق ۽ ايمان کي وساري ماديت جي سنهري ڄار ۾ ڦاسي هلاڪت ۽ برباديءَ طرف ڊوڙڻ لڳاسين ۽ اهڙيءَ طرح مقصد تخليق کي فراموش ڪري چڪا آهيون. انسان مقصد جو غلام آهي. ان ڪري انسان کي گهرجي ته دولت جي غلامي (بندگي) ڇڏي نور، حسن ۽ خير جي غلامي قبول ڪري.
قرآن حڪيم انسان کي طبقن مان ڪڍي ”نور کي ڳولهڻ وارو جاندار“ بنائڻ چاهي ٿو. انسان کي ڪمال تڏهن ملندو جڏهن هو ڪمال جي بندگي ڪري، ان جو غلام ٿي وڃي. جيڪڏهن اسان دولتمندن جي دولت مان نهايت ئي ٿورو حصو (زڪوات)، جنهن سان دولتمند جي جمالياتي پهلوءَ تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو، ضرورتمندن کي ڏيئون ته اِها دولتمند جي خود پرستي ۽ سنگدلي کان معاشري کي بچائڻ جي هڪڙي تدبير آهي. اسلام جو پورومطالبو خداپرست اقتصادي نظام لاءِ ئي آهي.
انسان جي پنهنجي ذات جي نشونما انفرادي طور تي ڪنهن جهنگ ۾ ٿي ڪونه سگهندي. اهو ڪلي انسانيت جو هڪڙو جزو آهي جيستائين ڪلي انسانيت جي نشوونما نٿي ٿئي تيستائين جز کي ارتقائي نور حاصل ٿي نه سگهندو.
قرآن حڪيم پنهنجي مڃڻ وارن کي دولت گڏ ڪرڻ جو لائسنس ڪونه ٿو ڏئي بلڪه اهو ڪمائي جي طريقي کي اجتماعي مفاد سان ڳنڍي ٿو.
اڄڪلهه دنيا تي ماده پرست تهذيب ڇانيل آهي. ڊاڪٽر خليفو عبدالحڪيم پنهنجي مشهور ڪتاب Islamic Ideology ۾ جديد تهذيب متعلق چوي ٿو:
”جديد تهذيب ڪلي طور ان مفروضي مان پيدا ٿي آهي ته انسان صرف حيوان آهي. انسانيت جو ڪوبه تصور انهن جي ذهن ۾ حيوانيت کان الڳ ۽ ان کان بالاتر ڪونهي. اهي انساني فطرت جي انهن مطالبن کي اصلي ۽ بنيادي تسليم ڪن ٿا جن جو مقصد انسان جي حيوانيت آهي. اهي چون ٿا ته انسان جي اهم ترين ۽ فيصله ڪن شيءِ معاشيات آهي. جانور جو دماغ جو ڪجهه سوچي ٿو ۽ ان جي دل ۾ جيڪي جذبا پيدا ٿين ٿا انهن سڀني جو اهوئي مطالبو ته پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ غذا حاصل ڪئي وڃي ۽ نوعي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ صنف مقابل سان ميلاپ ڪيو وڃي يعني زندگي صرف ان جو نالو آهي ته کائو، پيئو ۽ قبر ۾ داخل ٿي وڃو. تهذيب، اخلاق، مذهب، علم ۽ فڪر سڀئي انهيءَ حڪمران جي تابع آهن. انهيءَ جي مرضيءَ مطابق ٺهيا آهن ۽ انهيءَ جي مرضي سان بگڙندا آهن. انهن جي نظر ۾ پوري انساني تاريخ معاشيات جي محور تي گهمي ٿي ۽ گهمندي رهندي. جيڪي به مذهب پيدا ٿيا آهن انهن کي معاشيات ئي پيدا ڪيو آهي. اخلاق جا جيترا به بنياد ٺهيا، اهي سڀ جا سڀ معاشي بنياد تي ٺهيا آهن. انساني تهذيب و تمدن صرف معاشي حالات ۽ ضرورتن جي ڪري وجود ورتو آهي. انسان جي دل ۽ دماغ جي ان کان سواءِ ٻي ڪابه حيثيت ڪونهي ته هو جسم ۽ ان جي مطالبن جي خدمت لاءِ تدبيرون سوچي. انهن جي نظر ۾ اهوئي زندگيءَ جو خلاصو آهي.“ (ص 21)
قرآن حڪيم جو رستو پهرين قدم تي ئي انهن کان جدا ٿي وڃي ٿو. قرآن شريف مڃي ٿو ته انسان جو قالب حيواني آهي ۽ حيواني تقاضائن جو خيال رکڻ ضروري آهي. ليڪن انسانيت جا اعلى مسئلا ۽ انساني فطرت جا نوراني پهلو ان کان بلند تر آهن. قرآن شريف جي نظر ۾ نه انسان جي پوري زندگي رڳو معاشي آهي ۽ نه ئي، زندگيءَ جا ٻيا پهلو معاشيات جي تابع آهن. معيشت انساني زندگيءَ لاءِ ۽ زندگي اعلى مقصد لاءِ آهي.
جديد اقتصادي نظريا انسان کي صرف ”ڏينهن گذارڻ وارو جاندار“ سمجهن ٿا. جنهن جي زندگيءَ جو مقصد چند سالن جي زندگي گذارڻ، کائڻ، پيئڻ ۽ نسل وڌائڻ تائين محدود آهي. خدا فراموش تهذيب، انسان کي جامد حيوان ۽ جسم پروري جي مشين سمجهيو آهي. اهي نطريا دنيا ۾ وبال جان ٿي ويا آهن. ڇو ته انهن ۾ اخلاقي عنصر جو فقدان آهي. نتيجي ۾ انسان جو امن ۽ سڪون تباهه ٿي ويو آهي. هو بغير مقصد جي آواره گردي ڪري رهيو آهي. جيستائين معاشي ۽ اخلاقي مقصد هم آهنگ نه ٿيندا تيستائين زندگيءَ ۾ وحدت قائم ٿي نه سگهندي.
اسلام چوي ٿو ته انسان ڪو جامد وجود ڪونهي جو ان کي ٻين مادي وسيلن جي صنف ۾ آڻي بيهاريو وڃي ۽ ان سان پيداواري عناصرن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. اهو هڪ عظيم المرتبت وجود آهي. جنهن جي سامهون سڀني پيداواري وسيلن کي هڪ خادم جي حيثيت سان پيش ٿيڻو آهي. مقصد اول آهي، باقي وسيلا واسطو آهن. ان ڪري اهوئي مالڪ ٿيندو.
زندگي سفر آهي. سڀئي انسان مسافر آهن. اهي هڪڙي منزل تي پهچڻ چاهن ٿا، جيڪا قدرت انهن لاءِ مقرر ڪئي آهي. انسان، انسان جو ساٿي آهي. اسان جو ڪردار اهوئي هجڻ گهرجي جيڪو مسافريءَ دوران مسافرن جو هڪٻئي سان هوندو آهي. اسان هتي دولت جمع ڪرڻ ڪونه آيا آهيون، بلڪه اسان کي انهي دولت مان وڌيڪ زندگي پيدا ڪرڻي آهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اسْتَجِیۡبُوۡا لِلہِ وَلِلرَّسُوۡلِ اِذَا دَعَاكُمۡ لِمَا یُحْیِیۡكُمْ ۚ
ترجمو: اي ايمان وارو! لبيڪ چئو الله ۽ ان جي آواز تي جڏهن اهي توهان کي دعوت ڏين ان شيءِ جي طرف جيڪا توهان کي زندگي ڏئي.
ڌرتي تي رهندڙ هر فرد جو به حق آهي ته اهو بکيو نه سمهي. اسان سڀني جون گهرجون ساڳيون آهن. اسان سڀئي؛ قدرت جي وڇايل دستر خوان تي ڀائيوار آهيون. جهڙيءَ طرح آسماني دنيا ۾ موجود فلڪياتي جسمن ۾ اتحاد نظر اچي رهيو آهي (ڇو ته هڪ ٻئي جي سهاري تي آهن) ساڳيءَ طرح انسانن جي وچ ۾ به اتحاد ٿيڻ گهرجي.
قرآن حڪيم ۾ الله تعالى طرفان معاشيات جو هڪڙو نوراني نظام به ٻڌايو ويو آهي. انهيءَ نظام جو بنياد خدائي صفتن سان وابسته آهي. خدا تعالى جو حڪم آهي ته عملي زندگي ۾ ان جي صفتن جومظاهرو ڪيو وڃي. خدائي رنگ ۾ پاڻ کي رنڱجي. ڪپڙو جڏهن رنگ ۾ رنڱبو آهي ته ان جي پهرين حالت تبديل ٿي ويندي آهي. انسان جي عمل ۾ به جيئن الله تعالى جي صفتن جو مظاهرو ٿيندو ته اهو زندگي بخش قوت ٿي پوندو. سخاوت هڪ آسماني صفت آهي. سخي بلندين جو رهواسي ٿيندو آهي. اهو الله سان محبت جو اظهار ”زڪوات ڏيندڙن“ وانگر نه ڪندو آهي بلڪه هو پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ سڀ راهه خدا ۾ ڏيندو آهي. سنت رسول اڪرم * جي سچي پيروي ڪندو آهي يعني جيئن حضور اڪرم صه جن ڪا به دولت ۽ جائيداد ڪونه ٺاهي هئي.
ماڻهو گهرن مال! آءٌ سڀ ڏينهن گهران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان فدا ڪريان في الحال،
ڪيس نام نهال، پسڻ تان پري ٿيو.

اهڙي معاشيات، جيڪا فرد ۾ حقيقي قدرن، آسماني اخلاق ۽ روحانيت کي پيدا نٿي ڪري، ته پوءِ ان مان انساني تهذيب پروان ڪونه چڙهي سگهندي. ان جو نتيجو هميشه اهو نڪرندو، جيڪو گذريل قومن جو نڪتو آهي. ڇو ته انهن به دولت سان ايترو ئي پيار ڪيو هو. جڏهن اسان ڪنهن معاشي عمل کي برو چئون ٿا ته ان جو مطلب اهو ٿيندو آهي ته اسان ڪنهن اعلى قدر تي؛ ادنى ضرورتن يا ناري خواهشن کي ترجيح ڏيئون ٿا. اهو انتخاب ئي ان نظام مقاصد جو جز هوندو آهي، جنهن سان زندگي الاهي رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿي. شعوري يا غير شعوري طور تي فردن ۽ جماعتن جي ايمان جو سرمايو به اهوئي آهي. سوسائٽي اندر زندگي بسر ڪري، ماڻهو اسباب مان، قرآني ڦل مهيا ڪندو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته جماعت جي حقن جو هر حال ۾ لحاظ رکيو وڃي.
انساني زندگيءَ لاءِ يقيناً رزق ضروري آهي، پر انسان جي روح کي جيڪو رزق پائمال ڪري ٿو، تنهن مان زندگيءَ کي فائدي کان وڌيڪ نقصان مليو آهي. انتخاب جي اصول سان، ڪنهن گروهه جي معيشت کي نه ڪا خاص تقويت پهچڻ گهرجي ۽ نه ضعف. ڇو ته فرد ئي پنهنجي وصفن سان اجتماعي ترقيءَ جو سرچشمو مهيا ڪندا آهن. معاشري جو فرض آهي ته فردن جي اهڙن وصفن جي قدر داني نه ڪئي وڃي جنهن سان ابتري پيداٿئي. اهڙي قسم جا اوصاف غير اخلاقي نظامن ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ انهن جي ڪري ئي انسان جو امن ۽ سڪون برباد ٿي ويو آهي. اهڙا نظام انسان کي بي حس مشين سمجهن ٿا.
آئيڊيل انسان وٽ سرمايه جي حيثيت هڪڙي تلاءَ وانگر آهي جنهن مان هر طرف ناليون نڪرن ٿيون. اهو پاڻي هر ان ضرورتمند تائين پهچي ٿو جنهن جي زمين ويران آهي ۽ جتي ڪابه سبزي ڪونه ٿي ڦٽي. مطلب ته جنهن وٽ گهڻو پاڻي آهي ان تي قدرتي فرض آهي ته اهو ٻين کي آباد ڪري.
دنيا جا سڀئي انسان هڪ ٻوٽي ۾ لڳل گلن وانگر آهن. جنهن نور جي پاڻيءَ مان اڇي گل کي رس ملي ٿو تنهن ساڳئي گاري مان ڪا روگل به رس چوسي ٿو. انهن سڀني گلن ۾ هڪڙي ئي خوشبوءِ موجود آهي. خوشبوءِ کي خوشبوءِ کان نفرت ٿي ڪونه سگهندي. اهي ته گڏجي ماحول جي رنگيني کي مهڪائيندا. انهيءَ ڪري اي انسان! تون پاڻ به جيءُ ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏي. پاڻ خدائي نعمتن مان لطف وٺ ۽ ٻين کي به وٺڻ ڏي. تون ۽ اسان فنا ٿي وڃئون ان کان بهتر آهي ته تون به بقا جي وادين جو سير ڪر ۽ ٻين کي به سير ڪراءِ. ائين نه ٿئي جو دولت اتي پئي هجي ۽ اسان سڀ ائٽمي تباهي جي دوزخ ۾ جلي خاڪ ٿي وڃئون. اچو ته سڀئي گڏجي الله تعالى جي گهر (زمين) کي سلامتيءَ جي گهر ۾ تبديل ڪيئون. ڪروڙين تباهه ٿيندڙ عقل زندگي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا. جيئن گهڻيون بيٽريون ملائبيون ته ڪرنٽ به گهڻو پيدا ٿيندو. اهڙيءَ طرح دنيا جي انسانن جي نوراني تربيت ٿيندي ته زندگيءَ لاءِ پاڻي به گهڻو ملندو. تنهنجو ڪم صرف هي آهي ته شيطان جي پکڙيل ظلمت جي ڄار مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍ.
قرآن شريف جي معاشي نظام ۾ نمائش کي ڪوبه دخل ڪونهي. اڪثر شاهوڪار جيڪي ڪجهه خرچ ڪن ٿا (غريبن جي مدد خاطر) تنهن ۾ نمائش جو وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ هو فائدي جي اميد به رکي ٿو يعني نفساني خواهشون به ان ۾ شامل هونديون آهن. اهو الله (نور) کي راضي ڪرڻ ڪونهي، بلڪه پنهنجي نفس کي راضي ڪرڻ آهي.
توهان ڪنهن غلام کي ڏٺو هوندو. جڏهن به مالڪ ان کي سڏ ڪندو ته هو پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي مالڪ جي حڪم جي بجا آوري ڪندو آهي. خدا تعالى جي اڳيان اسان جي حيثيت هڪڙي ’غلام‘ واري آهي. اهو اسان جو آقا آهي. اهڙو آقا، جيڪو غلام کي هر قت بلند کان بلند ڏسڻ چاهي ٿو. اسان جو ڀلو ان ۾ آهي ته هڪ سچي غلام وانگر پاڻ تي آقا جي حاڪميت قبول ڪريون. هر وقت اهو ڏسئون ته آقا (الله، نور، خالق) ڇا ٿو چوي ۽ نه اهو ڏسئون ته پنهنجي راءِ ڇا ٿي چوي. اسان جڏهن پنهنجي نفس جي ٺهيل راهه کي ڇڏي خدائي راهه وٺئون ته پوءِ ئي اسان اهو چئي سگهنداسين ته اسان الله تعالى (آقا) جي ڪمن ۾ پنهنجي زندگي گذاري. اسان کي زندگيءَ جو مقصد، پنهنجي ٺاهيل راهه سان ڪونه ملندو، مقصد تڏهن ملندو، جڏهن خدائي عمل ڪبو. تنهنڪري چيم ته پنهنجي نفس کي ماري خدا تعالى ۾ زنده ٿي وڃو:
قُلْ اِنۡ كُنۡتُمْ تُحِبُّوۡنَ اللہَ فَاتَّبِعُوۡنِیۡ یُحْبِبْكُمُ اللہُ وَ یَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوۡبَكُمْ ؕ وَاللہُ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۳۱﴾ (آل عمران: 31)
ترجمو: اي نبي! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته جيڪڏهن توهان سچ پچ الله سان محبت ڪريو ٿا ته منهنجي پيروي ڪريو ته الله توهان سان محبت ڪندو ۽ توهان جا گناهه معاف ڪندو ۽ هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي.
حضور اڪرم * جن اخلاق جي بلند مرتبي تي هئا. انسان ڪامل نور جي صفتن جو مجموعو. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ اِنَّکَ لَعَلٰی خُلُقٍ عَظِیۡمٍ ﴿۴﴾
(بيشڪ توهان اخلاق جي عظيم مرتبي تي آهيو.)
اڄوڪو انسان حضور اڪرم صه جي اخلاق جي جيتري پيروي ڪندو ته اسان اوترو ئي جلد زمين تان شيطان کي تڙي، جنت ۾ پهچي سگهون ٿا. سيد لطيف ٿو چئي:

سيوئو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبهه جي تاثير سين، تري وئا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آڙ لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.

اسان کي عقل ڇا لاءِ عطا ٿيو؟ هي اکيون ۽ ڪن ڇو مليا؟ ڇا ان کان علاوه ڪو مقصد هيو ته اسان راز حيات کي ڄاڻون ۽ ارتقا ۽ ڪماليت طرف قدم وڌايون. جيڪڏهن خدا تعالى جي انهن عظيم نعمتن جو اسان، خدا جي مرضيءَ مطابق، استعمال ڪيئون ته اهو ان جو عملي شڪر آهي. پر جيڪڏهن اهي نفساني خواهشن، خودپرستي، غرور، غفلت ۽ مقصد حيات جي مخالفت ۾ استعمال ٿيا ته اهو نعمت جو ڪفر آهي.
ڪفران نعمت جو سڀ کان وڏو مثال ترقي يافته قومن جا اهي هٿيارن جا ڪارخانا آهن جتان باهه، گولن ۾ بند ٿي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي رهي آهي. ڪهڙي نه بي رحميءَ سان، انهن قدرتي وسيلن کي باهه ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ترقي يافته قومن جي ٻاريل، ان باهه جي ٻيلي ۾ ويچارو معصوم انسان سڙي رهيو آهي، هر هنڌ قدرتي وسيلن سان ڪفر جاري آهي.
اصلي معاشي قدر اهو آهي ته جز، پنهنجي روحاني عمل سان جماعت جي مسرت ۾ اضافو ڪري. ايئن نه ٿئي جو جز، ڪل جي خلاف بغاوت ڪري رنڊڪ جو سبب ٿئي. ايئن نه ٿئي جو لالچ کي وڌائيندو، مستقبل جي ڳڻتيءَ ۾ غرق رهي ۽ سدائين ان فڪر ۾ هجي ته اڄ دولت جي انبار ۾ اضافو ڪونه ٿيو ته سڀاڻي ڇا ٿيندو! حقيقي انسان لاءِ وقت جي اهميت ان جي صحيح استعمال سان مشروط آهي.
صحيح عمل ڪرڻ جو وقت ’هاڻي‘ آهي تنهن ڪري هينئر ئي الله تعالى جي فرمان مٿان جهڪي پئو. فالتو دولت حقدارن تائين پهچايو، ان کي ٽجوڙين ۾ بند نه ڪيو. بي انصاف ۽ ظالم اقتصادي نظام نوراني قوتن کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان کي شاندار مستقبل طرف وڌڻ ڪونه ٿو ڏئي.
قرآن سان بغاوت ڪائنات جي سچائي سان بغاوت آهي. قرآن حڪيم حرڪت جو قائل آهي. قرآن حڪيم ارتقا جي تڪميل چاهي ٿو. ان کي اها ڳالهه هرگز پسند ڪونهي ته ارتقا جو نوراني جوش مانيءَ جي ٽڪرن، نوٽن جي ٿهين يا ڪنهن جسماني خواهش جي رنڊڪ سان رڪجي وڃي.
قرآن حڪيم صرف انسان جي ظاهر کي نٿو ڏسي پر نفس جي گهراين ۾ لهي وڃي ٿو ته جيئن ان کي ارتقا جي نوراني جوش لاءِ سازگار ڪري. داخلي تبديليءَ سان ٻاهر جي دنيا به بدلجي وڃي ٿي. جيڪڏهن انسان جي اندر ۾ نور جي کاڻ آهي ته پوءِ ٻاهر به نور مسڪرائيندو ۽ جيڪڏهن اندر ۾ باهه جو طوفان آهي ته پوءِ ٻاهرين دنيا ۾ گلن جو سڙڻ يقيني آهي.
ڪائنات ۾ انسان جو مقام سامهون رکندي قرآن حڪيم هدايت ڪري ٿو:
وَ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَكُمۡ مُّسْتَخْلَفِیۡنَ فِیۡہِ ؕ (حديد: 7)
ترجمو: ۽ خرچ ڪريو ان مان جيڪو ان توهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي نائب ڪري.
انسان جو مقام صرف خليفي يعني نائب جو آهي. انسان صرف پنهنجي خالق يعني (نور، الله، حقيقت ڪل) جي سامهون جوابده آهي. نائب جو ڪم صرف اهو ٿيندو آهي ته آقا جي حڪم جي تڪميل ڪري. انسان زمين تي ان ڪري آندو ويو آهي ته نور جي قانونن (حڪمن) تي هلي. ڇو ته انهن قانونن تي هلڻ ۾ ئي انسان جو فائدو يعني ان جي زندگي آهي.
اسلام ملڪيت جي حق کي ان وقت تائين تسليم ڪري ٿو جيستائين ان جو احترام ٿئي ۽ جڏهن ان جي خلاف حالتون پيدا ٿين ته پوءِ اسلامي حڪومت (آسمان جي بادشاهت) ۾ ملڪيت جو اهڙو تصرف سنگين جرم آهي. قرآن حڪيم زندگي جي بقا جي سامان کي جاهلن جي هٿ ۾ ڏيڻ ڪونه ٿو چاهي. بلڪه قرآن حڪيم نازل ئي ان ڪري ٿيو ته ان برائي کي پاڙئون پٽي.
اڪثر چيو وڃي ٿو ته دولت ۽ مسرت حاصل ڪرڻ جي خواهش هڪ جائز انساني جذبو آهي. صحيح، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته دولت ۽ مسرت اسان جي روحاني نجات جو وسيلو بڻجن ته انهن کي جائز طريقن سان حاصل ڪيو وڃي. مقصد، اخلاقي ضابطي کان سواءِ ڪونه ملي سگهندو. دولت ڀاڻ آهي، ڀاڻ کي سڄي زمين ۾ ڦهلائبو ته فصل سٺو لهندو. نجات ان وقت ملي سگهي ٿي جڏهن اسان نظم و ضبط جي پابندين کي قبول ڪيون ۽ خود غرضانه ذاتي رجحانات کي ترڪ ڪيئون. اڄ اسان جي معاشي زندگي ۾ ملڪيت جي هوس ۽ طاقت جي خواهش بنيادي حيثيت رکي ٿي. ان کان اسان ان وقت تائين انڪار نٿا ڪري سگهون جيستائين انسان جي ذهن ۽ شعور ۾ بنيادي تبديلي نه آڻيون. نجات جو حصول، دراصل روحانيت جو حصول آهي. غور جو مقام آهي ته زندگيءَ جو مقصد محض پيٽ ڀرڻ ڪونهي، نه ئي اسان پنهنجي ڪاروبار، دولت، جسماني خواهش، طاقت، اختيار يا خارجي فطرت سان تعلقات جي بنياد تي زنده آهيون. اسان جيڪڏهن زنده آهيون ته پنهنجي روحاني نظام جي ڪري.
انفرادي زندگي هڪ محدود زماني جو نالو ڪونهي. ان کي صرف هڪ دفعو پيدا ٿيڻ ۽ مرڻ تائين محدود ڪري نٿو سگهجي. انفرادي زندگي، ڪيترين ئي زندگين تي ڦهليل زنجير جي هڪ ڪڙي آهي. زندگيءَ جو سفر رڳو هڪ دفعو مرڻ سان ختم نٿو ٿئي بلڪه اهو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين گناه فطرت جي تباه ڪارين، انسانن جي خطائن ۽ ڪمزورين کان بلند ٿي ڪري مڪمل نجات جي مرحلي تائين ڪونه ٿا پهچؤن. هر نئين زندگي نوان موقعا پيدا ڪري ٿي ليڪن اسان ڪهڙي شڪل اختيار ڪيئون ٿا ان جو دارومدار اسان جي عملن تي آهي. جيستائين ڪمزورين ۽ غلطين جو شڪار رهنداسين روحاني ترقي ڪونه ٿيندي.
هڪ لڳاتار ارتقا پذير دنيا ۾ بدي ۽ غلطيءَ جو وجود اڻ ٽر آهي. وري ڪامل نجات جو مرحلو اهو آهي جتي هر نقص کان آزادي ملي وڃي. انسان محض پنهنجي فطري خواهشن جي هٿ ۾ رانديڪو نه ٿئي. ان جو روح نفس جي منفي خواهشات تي فتح حاصل ڪري سگهي ٿو. جيڪي کيس پنهنجو غلام رکڻ چاهن ٿيون. اسان کي جيڪي اسباب مهيا ڪيا ويا آهن، انهن تي اسان کي اختيار ڪونهي. مثلاً ماءُ پيءُ ۽ ماضي کان مليل اوڻايون. اسان جو اختيار اهو آهي ته مستقبل ۾، انهن اسباب کي جهڙي طرح چاهيون استعمال ڪري سگهون ٿا. غور جو مقام آهي ته اسان کي پنهنجي اهڙي آزاد مرضي حاصل ڪونهي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح ماضي مان متعين نه ٿيل هجي. انسان کي اها آزادي حاصل آهي ته هو مهيا ٿيل اسباب کي شعور جي روشنيءَ ۾ استعمال ڪن. شعور ڪامل (آسماني آواز) جي اطاعت ئي نجات آهي.
قرآن حڪيم جي هن آيت تي وري غور ڪريو:
لَنۡ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰی تُنۡفِقُوۡا مِمَّا تُحِبُّوۡنَ ۬ؕ (آل عمران: 92)
ترجمو: توهان هرگز نيڪي نٿا حاصل ڪري سگهو، جيستائين پنهنجي پسنديده مال کي خدا جي راهه ۾ خرچ نه ڪبو.
يعني مٿين آيت پاڪ ۾ اهو چيووڃي ٿو ته اهڙي مال کي جنهن سان توهان جي محبت هجي، تنهن کي خدا تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪريو، نه ته ٻيءَ حالت ۾ توهان نيڪوڪار ٿي ڪونه سگهندا. ظاهر آهي ته انهي پسنديده مال مان، جنهن کي خدا تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اهو مال به شامل آهي، جيڪو زڪوات ڏيڻ کان پوءِ به انسان وٽ بچي پوي ٿو. انسان انهي جي محبت ڪري، ان کان جدا ٿيڻ ڪونه ٿو چاهي. باقي رهيو ناپسنديده مال، سو ان کي ته ڪوبه شخص پاڻ وٽ جمع ڪونه ڪندو آهي جو ان کي خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ها. فالتو مال کي خرچ ڪرڻ اهڙي نيڪي ڪونهي، جا انسان کي بلندي ڏانهن وٺي وڃي، پر ان سان گڏ فالتو مال کي جمع ڪرڻ ۽ خرچ نه ڪرڻ، خدا تعالى جي نظر ۾ اهڙي برائي آهي، جنهن لاءِ سخت سزا ڏني ويندي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنَّ کَثِیۡرًا مِّنَ الۡاَحْبَارِ وَ الرُّہۡبَانِ لَیَاۡكُلُوۡنَ اَمْوَالَ النَّاسِ بِالْبَاطِلِ وَیَصُدُّوۡنَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ ؕ وَالَّذِیۡنَ یَكْنِزُوۡنَ الذَّہَبَ وَالْفِضَّۃَ وَلَا یُنۡفِقُوۡنَہَا فِیۡ سَبِیۡلِ اللہِ ۙ فَبَشِّرْہُمۡ بِعَذَابٍ اَلِیۡمٍ ﴿ۙ۳۴﴾ یَّوْمَ یُحْمٰی عَلَیۡہَا فِیۡ نَارِ جَہَنَّمَ فَتُكْوٰی بِہَا جِبَاہُہُمْ وَجُنُوۡبُہُمْ وَظُہُوۡرُہُمْ ؕ ہٰذَا مَا کَنَزْتُمْ لِاَنۡفُسِكُمْ فَذُوۡقُوۡا مَا كُنۡتُمْ تَكْنِزُوۡنَ ﴿۳۵﴾
ترجمو: اي ايمان وارؤ! گهڻا احبار ۽ رهبان ماڻهن جا مال ناحق طور کائن ٿا ۽ خدا جي راهه کان روڪين ٿا اهي ماڻهو جي سون ۽ چاندي جمع ڪندا آهن ۽ ان کي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن انهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ڏيو. اهو ڏينهن ياد ڪن، جڏهن اهو مال جهنم جي باهه ۾ تپايو ويندو ۽ ان سان انهن جي پيشانين، پاسن ۽ پٺين کي ڏنڀيو ويندو ۽ چيو ويندو ته اهو اُهو مال آهي، جنهن کي اوهان پنهنجي لاءِ جمع ڪيو هو. هاڻي انهيءَ جو مزو چکو، جنهن کي جمع ڪيو هيو.
انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو ته؛
انسان خدا جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪري؟
(متي 19 جي آيت پاڪ 16-22) چوي ٿو:
”۽ ڏسو هڪ شخص ڀرسان اچي ڪري ان کي چيو اي استاد مان ڪهڙي نيڪي ڪريان ته جيئن هميشه جي زندگي ماڻيان. ان کيس چيو ته تون مون کان نيڪيءَ بابت ڇو ٿو پڇين؟ نيڪ ته هڪ آهي ليڪن جي تون زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ چاهين ٿو ته حڪمن تي عمل ڪر. ان کيس چيو ڪهڙن حڪمن تي. يسوع چيو ته خون نه ڪر، زنانه ڪر، چوري نه ڪر، ڪوڙي شاهدي نه ڏي، پنهنجي پيءُ جي ۽ ماءُ جي عزت ڪر ۽ پنهنجي پاڙيسري سان پاڻ وانگر محبت ڪر. ان جوان ان کي چيو ته مان انهن سڀني تي عمل ڪيو آهي هاڻي مون ۾ ڪهڙي ڪمي آهي. يسوع ان کي چيو جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ ٿو چاهين ته وڃي پنهنجو مال ۽ اسباب وڪڻي غريبن کي ڏي. توکي آسمان تي خزانو ملندو ۽ اچي منهنجي پويان هل مگر اهو جوان اها ڳالهه ٻڌي، غمگين ٿي هليو ويو ڇو ته مالدار هو.“

”غريبن کي ڏيڻ“
راهه خدا ۾ خرچ ڪرڻ. ياد رکو حق، حسن، سچ جي راهه ئي خدا جي راه آهي.
خدا (مقصد، ڪمال) ۽ دولت جي تعلق کي سمجهڻ لاءِ سيد لطيف جي هن عظمت تي غور ڪريو:
ماڻهو گهرن مال! آءٌ سڀ ڏينهن گهران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
ڪيس نام نهال، پسڻ تان پري ٿيو.

*
پاڻ م کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ،
لالن تني لئه، عشق جنين جي اڳ ۾.

*
عاشق الله جي، محبت رکي من،
سندي سڪ پرين، تن ۾ آهي تن جي.

*
حقيقت هڻي منهنجي جان جدا ڪئي،
هڪڙو پساه پرينءَ ري، سگهان تان نه کڻي،
ڌڻي ئي ڌڻي رهيو آهي روح ۾.

*
ٻن ڏيئي ٻين کي، هلج پاسي هيڪ،
ورنه سهي ويڪ، تون ٽيڏي، ٽيڏايون ڪرين!

*
سڀ ننگيون ٿي نڪرو ڇڏيو لالچ ۽ لوڀ،
هتي جي هئڻ جون، وتون سڀ وسار.

*
جن سنياسين سانڍيو گندي ۽ گراه،
انين کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.

*
جيئن ٿا پڇن ان کي، تيئن جي پڇن الله،
ته رڙهي لڌائون راهه، لٿن لک لطيف چئي.

مستقبل امڪانات جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي. ان کي رنگين بنائڻ انسان جو ڪم آهي. زندگيءَ ۾ تخليقي صلاحيت موجود آهي جيڪا نامياتي عضون کي محض پنهنجي مقصد جي توسيع ۽ پنهنجي اغراض جي تڪميل لاءِ ڪم آڻيندي آهي. روحاني تبديلي بامقصد قوت جو اظهار آهي جيڪا پاڻ کي ظاهر ڪندي هميشه ان ڳالهه لاءِ ڪوشان هوندي آهي ته زندگيءَ جي اعلى تر صفتن کي حاصل ڪندي وڃي ڪمال (الله، مقصد) تائين پهچي.

باب ڇهون

---

دنيا ڪارڻ دين

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

اچو ته پهريان اهو سمجهؤن ته دين ڇا آهي؟ قرآن حڪيم دين جي حقيقت ٻڌائيندي چوي ٿو:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبْدِیۡلَ لِخَلْقِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الْقَیِّمُ ٭ۙ (الروم -30)
(اها الله تعالى جي فطرت آهي، جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي. الله جي تخليق ۾ ڪابه تبديلي ڪونه ايندي. اهو ئي دين قائم آهي.)
وجود صرف الله تعالى جو آهي. خارجي ڪائنات الله تعالى جي فطرت آهي. اچو ته پهريان ڪائنات جو ماڊل (الله تعالى جي فطرت) سمجهون. يورينيم جي ائٽم تي غور ڪريو. ان جي بناوٽ کي ليئو پاسي ڏسو. يورنيم جي ائٽم ۾ هڪڙو نيوڪلس (مرڪز) ٿيندو آهي. ان مرڪز جي چوڌاري ستن مدارن ۾ اليڪٽران گردش ڪندا رهندا آهن بلڪل اهڙيءَ طرح ڪائنات جو به هڪ مرڪز (نيوڪلس) آهي. ان مرڪز جي چوڌاري ڪائنات ۾ موجود سڀئي جسم ستن آسمانن (مدارن) جي روپ ۾ گردش ڪندا ٿا رهن.
وَكُلٌّ فِیۡ فَلَكٍ یَّسْبَحُوۡنَ ﴿۴۰﴾ (يٰس-40)
(ڪائنات جا سڀ جسم پنهنجي پنهنجي مدارن ۾ تري رهيا آهن.)
الَّذِیۡ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ؕ (فرقان:59)
(ترجمو: الله تعالى ست آسمان ٺاهيا تهه در تهه)
*
ثُمَّ اسْتَوٰی عَلَی الْعَرْشِ ۟
لفظ ”استوى“ جي معنى آهي ڪنهن شيءِ تي ڄمي ويهڻ يعني پوريءَ طرح غالب اچڻ.)
استوى الله تعالى جي صفت آهي. ياد رکو ذات کان صفت جدا ڪونهي. العرش بادشاه جي ويهڻ جي جاءِ کي چئبو آهي.
ايٽم جي سيني کي چيري ڏسو ان جو نيوڪلس (مرڪز) ان جو عرش آهي. نظام شمسي تي غور ڪريو. سج ان نظام جو عرش آهي. اهڙيءَ طرح ڪائنات جو به مرڪز (عرش) آهي. ان جو نيوڪلس (مرڪز، عرش) ڪائنات جي جسمن تي ايئن غالب آهي جيئن ائٽم ۾ نيوڪلس، اليڪٽران تي غالب آهي. هڪ نور، ان جي هڪ فطرت.
اچو ته هاڻي توهان کي ڪائنات جو ماڊل زمين تي ٿا ڏيکاريون. ڪعبة الله تي نظر ڪيو. هڪڙو مرڪز آهي، ان جي چوڌاري ستن حلقن (آسمانن، مدارن) ۾ انساني جسم ائين گردش (طواف) ڪري رهيا آهن جيئن ڪائنات جا جسم مرڪز (عرش) جي چوڌاري گردش ۾ آهن. توهان ڪعبت الله جي مظهر تي طائرانه نظر وجهندئو ته طواف ڪرڻ وقت حاجي سڳورا اهو ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو ڪم ڪائنات ۾ موجود سڀ جسم ڪري رهيا آهن. ڪعبة الله جو مظهر زمين تي ڪائنات جو ماڊل آهي. قرآن شريف جي هيءَ شهادت:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ
(اها الله تعالى جي فطرت آهي، جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو آهي.)
مٿين آيت پاڪ جي روشنيءَ ۾ ڪعبة الله جو مظهر اها حقيقت، دنيا جي سامهون ٻڌائي رهيو آهي ته جيئن ڪائنات ۾ موجود سڀني جسمن جو مرڪز (نيوڪلس) هڪ آهي تيئن زمين جي سيني تي رهندڙ سڀني انسانن جو مرڪز به هڪ آهي. ڇو ته آسمان کان وٺي زمين تائين هڪ ئي فطرت آهي. ڪائنات جنهن نظام (خدائي بادشاهت) تي ڪم ڪري رهي آهي ان کي ”دين“ چيو ويو ۽ زمين تي موجود انسانن کي جنهن نظام (آسماني بادشاهت) ۾ رهڻو آهي ان کي به ’دين‘ چيو ويو. آسمان جو نظام کڻي، زمين تي موجود انساني جسمن تي غالب ڪرڻ کي ”دين“ چئبو. انسان ڪائنات جو جز آهي ۽ جز جي فطرت ڪل جي فطرت کان مختلف ٿي ڪونه سگهندي. سچي وحدت اها آهي ته زمين تي انسان جو سياسي نظام آسماني هجڻ گهرجي. انسان ڪائنات ۾ الله تعالى جي نيابت ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن انسان جي خواهش اها نه هجي، جيڪا خالق ڪائنات جو مقصود آهي ته پوءِ ان جي حرڪت ۽ ڪائناتي حرڪت ۾ مطابقت جي بجاءِ ٽڪراءُ پيدا ٿيندو. انسانذات کي الاهي فطرت ۾ سموئڻ ’دين‘ آهي. انجيل پاڪ ’دين‘ کي ”آسماني بادشاهت“ چوي ٿو. انجيل پاڪ ۾ آيو آهي:
”توهان اهڙيءَ طرح دعا ڪندا ڪريو ته اي اسان جا پيءُ..... تنهنجي بادشاهي اچي، تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿئي ٿي، زمين تي به ٿئي.“ (متي 6: 9-10)
انجيل پاڪ جي مٿين آيت ۾ اها دعا گهري وڃي ٿي ته خدا تعالى جي مرضي، زمين تي (انساني جسمن جي ڪائنات ۾) انهيءَ نوراني جامعيت ۽ ڪامليت سان پوري ٿيڻ گهرجي جنهن ڪامليت سان، زمين کان ٻاهر ڪائنات (آسماني بادشاهت، خدا جي بادشاهت) ۾ پوري ٿي رهي آهي. دين (آسماني بادشاهت) ۾ داخل ٿيڻ واري کي قرآن حڪيم ’مسلم‘ ۽ انجيل پاڪ ’سلامتيءَ جو فرزند‘ چوي ٿو.
دنيا هاڻي قوم پرستيءَ کان اڳتي وڌي عالمگيريت جي وسيع آسمان جي طلب رکي ٿي. مشهور سياسي مفڪر Harold Laski پنهنجي ڪتاب Human Rights ۾ لکي ٿو:
”دنيا ۾ هن وقت انساني حالت جي تقاضا اها آهي ته هڪ عالمگير نظام جي تشڪيل ڪئي وڃي جنهن جا اراڪين دنيا جا سڀ ماڻهو هجن.“
هڪڙو ٻيو مفڪر چوي ٿو:
”بلڪل کليل لفظن ۾، ويهين صديءَ جي قيامت خيزين بعد، انسان ان نتيجي تي پهتو آهي ته هن زمين جي گولي تي رهندڙن کي هڪ اقتدار جي تابع آڻڻ ضروري آهي. اسان جو فرض آهي ته اسان ڪنهن نه ڪنهن طرح جمهوري انداز سان ان اقتدار واحد جي تشڪيل ڪيئون. ان لاءِ اسانکي انهن بنيادي اصولن جو اعلان ڪرڻ گهرجي، جن تي اهو اقتدار قائم ٿيندو ۽ ان کان بعد ماڻهن کي ان طرف راغب ڪيو وڃي ته جيئن اهو مقصد خون ريزيءَ کان بغير مڪمل طور حاصل ٿي وڃي. جيڪڏهن ان مقصد جو حصول ان طرح ممڪن نه ٿيو ته پوءِ تاريخ جو فولادي هٿ اسانکي مجبور ڪندو ته اسان اڃان وڌيڪ خونريزي ڪيون ۽ موجوده دور کان وڌيڪ خطرناڪ جنگي هٿيار ٺاهيون.“ (Reves Emery, The Anatomy of Peace p.223)
ظاهر آهي ان نظام لاءِ هڪ مشترڪه ضابطه حيات ضروري آهي. اهو ضابطه حيات آسماني ڪتابن کان سواءِ ٻيو ٿي ڪونه سگهندو. جنهن ڏينهن دنيا ان حقيقت کي سمجهيو ته ان ڏينهن عالمگير نظام حڪومت جي تعبير سامهون اچي ويندي. پر ان لاءِ سڀ کان پهريان ضروري آهي ته آسماني تعليم تي يقين رکڻ واري امت، پنهنجي اندر وحدت پيدا ڪري. ان قسم جي نظام کي عملي صورت ۾ آڻي ڏيکاري. انسان جي مقصد جي تڪميل، خانقاهن ۽ تجردگاهن ۾ ٿي ڪونه سگهندي. اهو ڪم صرف آسماني بادشاهت (دين) ۾ ٿي سگهندو. ياد رکو تخليق ان حصي کي فروغ ڪونه ڏيندي آهي يعني ان کي قائم ڪونه رکندي آهي، جيڪو زندگيءَ لاءِ مفيد ثابت ڪونه ٿو ٿئي.
مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمْكُثُ فِی الۡاَرْضِ ؕ
اها شيءِ، اهو مسلڪ حيات (نظريه زندگي) اهوئي نظام انساني باقي رهندو جيڪو تمام نوع انساني لاءِ فائديمند هوندو.
هن وقت عالم انسانيت جو قافلو هڪ اهڙي ٻه-واٽي تي اچي پهتو آهي، جتي انسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو هميشه جي زندگي چاهي ٿو يا هميشه جي بربادي. ٽيون رستو آهي ئي ڪونه. چونڊ انهن ٻنهي رستن مان هڪ جي ڪرڻي آهي. انسان جا خاص فرائض آهن. هاڻي جيڪڏهن اهو چاهي ته انهن کي بجا آڻي يا انهن کي بجا نه آڻڻ جي سزا ڀوڳي. اها تقدير آهي ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي.

[b]دين (آسماني بادشاهت) ڇو ضروري آهي؟
[/b]انسان آسماني صحت چاهي ٿو. هميشه لاءِ زنده رهڻ گهري ٿو. انسان جي اها فطري آرزو صرف دين (آسماني بادشاهت) ۾ داخل ٿيڻ سان ئي پوري ٿي سگهي ٿي. دين (آسماني بادشاهت) ابديت جو شعور آهي. دنيا ۾ هن وقت تائين، جيڪي به تهذيبون مٽجي چڪيون آهن. انهن سڀني جي مٽجڻ جو هڪڙو ئي سبب هيو ته انهن جو نظام حيات، زندگيءَ جي مقصد سان مطابقت ڪونه رکندو هو، نتيجي ۾ انهيءَ عدم مطابقت انهن کي فنا ڪري ڇڏيو. خدا تعالى جو پيغام آڻيندڙ پيغمبر سڳورا انهن کي بچائڻ آيا. پر انسان انهن جي هڪ به نه ٻڌي. خدا تعالى جي طرف کان موڪليل پيغمبر سڳورن سان انسانن ڪهڙو برتاءُ ڪيو، اچو ته ان جو احوال انجيل پاڪ کان ٿا ٻڌئون:
”ملڪ جي حاڪم هيرو ديس يسوع جي شهرت ٻڌي ۽ پنهنجي خادمن کي چيائين ته يوحنا بپتسمه ڏيڻ وارو آهي. اهو مُردن مان جي اٿيو آهي ان ڪري ان کان اهي معجزا ظاهر ٿين ٿا. جيئن ته هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي سبب کان يوحنا کي پڪڙائي ٻَڌو ۽ قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو. ڇو ته يوحنا ان کي چيو هيو ته ان جو رکڻ توکي روا ڪونهي، ۽ هو ان کي قتل ڪرائڻ چاهيندو هو مگر عام ماڻهن کان ڊڄندو هو ڇوته اهي ان کي نبي ڄاڻن پيا. ليڪن جڏهن هيروديس جي سالگره ٿي ته هيروديس جي ڌيءَ، محفل ۾نچي هيروديس کي خوش ڪيو. ان تي ان قسم کڻي ان سان وعدو ڪيو ته ”جيڪي ڪجهه تون گهرينءَ توکي ملندو.“ هن پنهنجي ماءُ جي سيکارڻ تي چيو ته مونکي يوحنا بپتسمه ڏيڻ واري جو سر، ٿالهه ۾ هتي آڻي ڏي. بادشاهه غمگين ٿيو مگر پنهنجي قسمن ۽ مهمانن جي سبب ڪري ان حڪم ڏنو، ۽ ماڻهو موڪلي قيدخانه ۾ يوحنا جو سر ڪٽرايو ۽ ان جو سر ٿالهه ۾ رکي آندو ويو ۽ ڇوڪريءَ کي ڏنو ويو. اها ان کي پنهنجي ماءُ وٽ کڻي وئي ۽ ان جي شاگردن اچي لاش کنيو ۽ ان کي دفن ڪيو، ۽ وڃي يسوع کي خبر ڏنائون.“ (متي 14: 1-12)
ياد رکو ته خدا تعالى کي ’هڪ‘ چوڻ ان جي عددي وصف بيان ڪرڻ جي مترادف ڪونهي بلڪه ان اتحاد کي پنهنجي زندگي ۽ معاشري جو مرڪز ۽ محور بنائڻو پوندو. خدا حقيقت ڪل آهي ڇو ته ڪائنات ۾ وجود صرف خدا جو آهي.
دين، ابدي زندگي جنت ۾ داخل ٿيڻ جي، سڀ کان پهرين ضرورت آهي. روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان کان به وڌيڪ ضروري. اها انساني فطرت جي، آسماني رهنمائين سان، دائمي ميلاپ جي آرزو آهي. واحد سان واحد جو ميلاپ (فطرت سليم جي رنگ ۾ رنڱجڻ ۽ نغمه ازل سان هم آهنگ ٿيڻ جي تڙپ. اهو سڀ هڪ عالمي حڪومت کان بغير ناممڪن آهي. دنيا جي سڀني انسانن کي ڪائنات وانگر هڪ مرڪز جي تحت ڏسڻ قدرت جي منشا آهي. خدا چاهي ٿو ته انسان، الاهي فطرت ۾ پاڻ کي لڪائي. هن آسماني حقيقت تي وري غور ڪندا هلو. ڪائنات جو هڪڙو مرڪز آهي جنهن جي چوڌاري وجود جون سڀ چڪيون يورينيم جي ائٽم وانگر. ستن آسمانن (مدارن) جي روپ ۾ گردش ڪري رهيون آهن. ڪعبة الله هڪڙو مرڪز، جنهن جي چوڌاري حاجي سڳورا ستن مدارن، آسمانن، دائرن ۾ طواف ڪندا آهن. ڪائنات جو نقشو زمين تي لهي آيو آهي، ڇو ته الله تعالى انسان کي پنهنجي فطرت تي پيدا ڪيو آهي.
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ (الروم: 30)

[b]تاريخ تي نظر ڪريو:
[/b] انسان پنهنجي اختيار جو غلط استعمال ڪيو آهي. ان غلطيءَ جي نتيجي ۾ انتشار جي باهه کيس ساڙيندي آئي آهي. مسلمانن جو اهو عبادت گاهه ۽ ان جي آسماني Geometry جو ڪم زمين جي سيني تي منتشر انساني جسمن جي ڪائنات کي انتشار مان ڪڍڻ ۽ زندگيءَ جي مقصد کي حقيقت جو روپ ڏيڻ آهي.
ڪائنات جو سلسلو توازن تي قائم آهي. اهو توازن بگڙجي وڃي ته سلسلو درهم برهم ٿي ويندو. ڪائنات جي نظام ۾ سلامتي صرف ان ڪري قائم آهي ڇو ته هر وجود پنهنجي مقرر مدار تي گردش ڪندو ٿو رهي. يعني اهو مرڪز جي عبادت ۾ مخمور آهي. هڪ نوراني گرفت ۾ بند آهي. انسان جي سلامتي به ان فطري قانون سان وابسته آهي ته زمين تي رهندڙ هر وجود (انسان) مقرر ڪيل مدار تي گردش ڪري. ڪائنات جي سڀني دائرن جو مرڪز هڪڙو آهي. زمين تي موجود سڀني انسانن کي هڪ مرڪز جي چوڌاري گردش ڏيارڻ ’دين‘ آهي. سڀني انسانن جو مرڪز آهي ڪامل سچائي، خدا، علم ڪل، عقل ڪل، حقيقت ڪل. قرآن شريف ۾ آيو آهي:
وَلْیَطَّوَّفُوۡا بِالْبَیۡتِ الْعَتِیۡقِ ﴿۲۹﴾ (الحج:29)
”انهن کي بيت العتيق يعني الله تعالى جي پراڻي گهرجو طواف ڪرڻ گهرجي.“
عربي زبان ۾ عتيق جي معنى آهي قوت. تنهنڪري ڪعبة الله کي بيت المقدس هجڻ سان ان جو صاحب قوت ۽ شرف ان سان گڏ زماني جي لحاظ کان سڀني کان بلند ۽ اڳتي هجڻ آهي. ڪائنات ۾ قوت جي حڪومت آهي. ايٽم جي اندر ليئو پايو. مرڪز قوي آهي، ان ڪري اليڪٽران محڪوم آهن. سج قوي آهي، سيارا ان جو طواف ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ڪائنات جو مرڪز ايڏي قوت (نور) جو مالڪ آهي جو ڪائنات جا سڀئي جسم ان جي چوڌاري گردش ۾ آهن. علم قوت آهي، علم نور آهي. ڪائنات ۾ قوت جي حڪومت آهي زمين تي به قوت، علم ڪلي (نور) جي حڪومت هجڻ گهرجي. ذات کان صفت جدا ڪونهي.
ہُوَ الَّذِیۡ فِی السَّمَآءِ اِلٰہٌ وَّ فِی الْاَرْضِ اِلٰہٌ ؕ (زخرف:84)
”اهو ئي الله آسمان تي معبود آهي ته زمين تي به معبود آهي.“
اهو انسان، جيڪو علم ڪلي (خدا) سان لاڳاپيل آهي اهو دنيا جي سڀني انسانن جو قدرتي مرڪز (حاڪم) آهي. نور وٽ ئي نور رهندو آهي. عليم خدا جي صفت آهي ۽ ذات کان صفت جدا ڪونهي.

[b]مرڪز بقا جو ذريعو آهي:
[/b]قرآن حڪيم ۾ ان مرڪز جي خصوصيت اها ٻڌائي وئي آهي:
جَعَلَ اللہُ الْکَعْبَۃَ الْبَیۡتَ الْحَرَامَ قِیٰمًا لِّلنَّاسِ
بڻايو آهي الله ڪعبي کي احترام جوڳو ماڻهن جي استحڪام جي لاءِ.
ٻوٽي جو مرڪز ان جي پاڙ آهي جتان ان کي جيون رس ملي ٿو. ٻوٽي جي بقاءِ زندگي پاڙ سان وابسته آهي، ٻوٽي جي ڪا شاخ ڪٽي وڃي ته ان جي فنا يقيني آهي. اهڙيءَ طرح الله تعالى سان دائمي رشتو زندگيءَ جي بقا جو ضامن آهي. عربي زبان ۾ قيام الشيءُ چئبو ته ان مان مراد ان جي حفاظت ٿيندي آهي. قيام يا قوام ان شيءِ کي چوندا آهن جنهن سان اها شئي مضبوط ۽ مستحڪم رهي سگهي. قيوم خدا تعالى جي صفت آهي. قيوم مان مراد ٿيندي استحڪام ۽ توازن بخشڻ وارو، حفاظت ڪرڻ وارو ۽ سڀ شيون مهيا ڪرڻ وارو، جيڪي ان جي بقا ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهن. جنهن شيءِ جو توازن بگڙي وڃي ته اها قائم رهي نه ٿي سگهي. قيمٌ اهائي شئي سگهي ٿي جنهن ۾ ڪا مليت هجي، ڪابه ڪَجي نه هجي. خدا مرڪز آهي يعني علم ڪامل. سچ، مرڪز، نيوڪلس ئي بقا جو ضامن آهي.

[b]خدا جي مرضي تي هلڻ عظيم ڪامراني آهي:
[/b]قرآن شريف ۾ اچي ٿو ته مومن، ابتغاءُ مرضات الله جي زندگي بسر ڪندا آهن:
وَرِضْوَانٌ مِّنَ اللہِ اَكْبَرُ ؕ ذٰلِکَ ہُوَ الْفَوْزُ الْعَظِیۡمُ ﴿٪۷۲﴾ (توبه:72)
ترجمو: ان جي مرضي، سڀني کان وڌيڪ آهي ۽ اها هڪ عظيم ڪامراني آهي.
خدا جي مرضي تي هلڻ مان مراد. خداوندي قانون سان هم آهنگي آهي. هن دنيا جون نعمتون مومنن لاءِ آهن ليڪن خداتعالى ان جي لاءِ قاعدا ۽ قانون مقرر ڪيا آهن. ڪائنات جا سڀ معاملا ان جي متعين ڪيل قانونن جي مطابق عمل ۾ اچن ٿا. انسان جي زندگيءَ لاءِ به ان قانون مقرر ڪيا آهن. انسان جي هر عمل جو نتيجو، انهن قانونن مطابق مرتب ٿئي ٿو. ان سان گڏ اهو به ٻڌايو ويو ته خدا تعالى انسان جي سامهون زندگيءَ جو هڪڙو مقصد مقرر ڪيو آهي ۽ جيڪي قانون عطا ڪيا آهن اهي ان لاءِ آهن ته انسان انهن قانونن مطابق زندگي بسر ڪري پنهنجي مقصود کي حاصل ڪري. خدا تعالى جي فطرت تي هلڻو آهي ۽ فنا کان بچڻ جو اهوئي ذريعو آهي. الله جي راضي هجڻ مان مراد اها آهي ته خدا تعالى جي پسنديده راهه جي مطابق هلجي ۽ انسانن جو خدا کان راضي هجڻ جو مقصد آهي الله تعالى انهن تي نعمتن جي بارش وسائي. مومن جو هر عمل خدا تعالى جي مرضيءَ مطابق ٿيندو آهي ان جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو الله انهن کان راضي ٿي ويندو آهي. رضي الله عنهم ورضواعنھ (توبه: 100) رضي، يرضي ۽ رضوانھ جي معنى ٿيندي آهي ڪنهن سان متفق ٿيڻ، جنهن ۾ دل جي رضامندي ۽ خوشيءَ جو پهلو ملي ٿو. الله تعالى جي رضا سان انسان جو نفس مطمئن ٿيندو آهي ۽ ان جو رشتو جنت (ابديت) سان جڙي پوي ٿو. ياد رکو ابديت خدا تعالى جي صفت آهي. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
یٰۤاَیَّہَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّۃُ ﴿٭ۖ۲۷﴾ ارْجِعِیۡۤ اِلٰی رَبِّکِ رَاضِیَۃً مَّرْضِیَّۃً ﴿ۚ۲۸﴾ فَادْخُلِیۡ فِیۡ عِبٰدِیۡ ﴿ۙ۲۹﴾
ترجمو: اي نفس مطمئن پنهنجي پروردگار جي طرف هل تون ان کان راضي ۽ هو توکان راضي، منهنجي بندن ۾ شامل ٿي ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.
ڪنهن به وڻ جي هن دنيا ۾ سج، ڌرتي ۽ موسمن سان جيتري هم آهنگي هوندي ته وڻ جي انفراديت اوتري ئي اعلى ٿيندي. دين سان توهان جي مطابقت جيتري گهڻي ٿيندي، ته توهان جي الله جي خليفي هئڻ واري انفراديت اوتري ئي سگهاري ٿيندي. دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين ماڻڻ جو رستو اهوئي آهي. آسماني مرڪز سان هم آهنگي کان روگرداني توهان جي زندگيءَ جو زيان آهي ۽ اهائي جستجو آهي، جيڪا انسان کي روحاني مقام تي آڻي بيهاري ٿي. انسان کي گهرجي ته حقيقت جي روشنيءَ ۾ پنهنجي عمل کي، پنهنجي ذات جي مدد سان ئي مٿي کڻي. حقيقت ڪلي جي سڀني تقاضائن سان مطابقت پيدا نه ڪرڻ انسان جي وڏي ۾ وڏي بداخلاقي آهي. اسان جي زندگيءَ جي تارن جي سرجو روحاني (آسماني) سر سان هم آهنگ ٿيڻ ضروري آهي. درست اصولن کي زندگيءَ جو مرڪز بنائڻ سان ئي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڀرپور داخلي قوت پيدا ڪري سگهجي ٿي. انسان هن ڪائنات ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ الوهي ماخذ ۾ واپس وڃڻ جي طلب رکي ٿو. ان قوت سان ئي اسان پنهنجي سڀني خوابن کي سچو بنائي سگهون ٿا. اهو مرڪز رهنمائي ۽ قوت مهيا ڪري ٿو. توهان جو آقا دولت ناهي بلڪه توهان خدا (حقيقت ڪل، علم ڪل، عقل ڪل) جا غلام آهيو. ان ڪري سڀني کان ڪٽجي صرف الله سان جڙي وڃو. الله بس باقي هوس. سيد لطيف ٿو چئي:
ماڻهو گهرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گهران سپرين

نوراني وجود (مسلمان) خدا جي قانونن سان پوري هم آهنگيءَ جي زندگي بسر ڪندو آهي. انهن قانونن جا خوشگوار نتيجا به انهن سان هم آهنگ ٿي وڃن ٿا. جيڪي ڪجهه خدا جي چاهت آهي ان کي بنا شرڪ جي پورو ڪيو پوءِ جيڪي توهان جون تقاضائون هونديون خدا انهن کي پورو ڪندو. ابتدا انسان کي ڪرڻي آهي. سيد لطيف چوي ٿو:
حقيقت هڻي منهنجي جان جدا ڪئي،
هڪڙو پساهه پرينءَ ري، سگهان تان نه کڻي،
ڌڻي ئي ڌڻي، رهيو آهي روح ۾.

قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ تَبَتَّلۡ اِلَیۡہِ تَبۡتِیۡلًا ؕ۔(المزمل: 8)
سڀني پاسن کان ڪٽجي صرف الله (حقيقت ڪل) جي طرف متوجه ٿي وڃو.
انسان پوري جو پورو صرف الله تعالى لاءِ ئي ٿي وڃي.
خدا تعالى جا قانون هر زمان ۽ مڪان ۾ هڪجهڙا آهن ۽ انهن قدرن، خيالات ۽ تعليمات جي شڪل ۾ نمودار ٿين ٿا جي ماڻهن کي سربلند، باعزت، طاقتور ۽ متحرڪ ڪن ٿا. معاشرتي زوال جي صورت ۾ اهي احمقانه افعال ظاهر ٿيندا آهن، جي درست اصولن جي خلاف ورزيءَ تي مشتمل ٿيندا آهن. اسان انهن فطري قانونن سان بغاوت ڪري عافيت سان رهي نٿا سگهؤن. قرآن حڪيم قدرت جو قانون پيش ڪندي چوي ٿو:
اِنۡ تَنۡصُرُوا اللہَ یَنۡصُرْكُمْ (محمد: 7)
توهان الله جي مدد ڪريو الله توهان جي مدد ڪندو.
”الله جي مدد“ ڪرڻ مان مراد آهي ته انسان زمين تي، پنهنجي ڪوشش سان آسماني بادشاهت (دين) کي قائم ڪري. انسان اڄ جنهن ڪاري ۽ ڀوائتي جهنگل ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ مسئلن جي دلدل کيس ڳهڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. ان حالت ۾ جهنگل مان رستو ٺاهڻ توهان کي آسمان ٻڌائيندو ليڪن اهو ٺاهڻو توهان کي ئي آهي.جڏهن توهان ان جو نظام قائم ڪندؤ ته اهو نظام ئي توهان جو مددگار ٿي ويندو. توهان قانون خداوندي کي سامهون رکو مان (الله) توهان جي حقن جي حفاظت ڪندس ۽ توهان کي عظمت ڏيندس. اهو آهي خدا جو فرمان.
انسان جي پنهنجي ذات جي نشوونما انفرادي طور تي ٿي ڪونه سگهندي بلڪه اهو ڪل (اجتماعيت) جو جزو آهي، ۽ جيستائين ڪل جي ارتقا ڪونه ٿيندي تيستائين جز جي به ڪا ارتقا ٿي ڪونه سگهندي. اهڙيءَ طرح نفس انساني جون ٻه حيثيتون آهن. اهو پنهنجي ذات تائين هڪڙو فرد آهي ليڪن ان سان گڏ هڪ ڪل جو فرد به آهي. زندگيءَ جون ممڪنات انهن ٻنهي جي جوهر ۾ بند آهن. ڪل، نوراني ان حالت ۾ ٿيندو جڏهن جز نوزاني ٿئي. اهو انهن ٻنهي جي اتحاد کان بغير ٿي ڪونه ٿو سگهي. اسان جون سڀ سعادتون ان اتحاد ۾ بند آهن. انساني سيرت جو راز (مرڪز جي حڪم) سان هم آهنگ ٿيڻ ۾ لڪل آهي. خارجي فطرت جي علامت ۽ داخلي آرزو، ٻئي باهمي تعلق پيدا ڪن ٿا ۽ ٻئي هڪٻئي کي مدد ڏين ٿا. ان تعلق جو ٻيو نالو امن ۽ سڪون آهي. وقت جي ابدي وهڪري سان هم آهنگيءَ جو مطلب صرف هي آهي ته احڪام الاهي يعني قوانين قدرت جي سامهون سر جهڪايو وڃي. انسانيت جون سڀ تقاضائون صرف ان صورت ۾ قائم ٿي سگهن ٿيون. نور ابدي آهي ۽ خارجي ڪائنات ان جو ابدي پس منظر آهي. انسان فاني آهي. ان ڪري ابدي ۽ عارضيءَ جي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪابه معنى ڪونهي. جڏهن انهن کي انهن جي هم آهنگي ۾ ڏٺو وڃي تڏهن عارضي، ابدي ٿي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو نور جي نظام، آسماني بادشاهت (دين) ۾ پناهه وٺن ٿا ۽ الاهي فطرت سان مشابهت ۽ مطابقت پيدا ڪن ٿا ته اهي ئي ماڻهو ته فلاح ماڻيندا. عدم مطابقت ناشڪري، بي راه روي، بدنظمي ۽ عدم اطمينان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. زندگيءَ جي مقصد جي ابتڙ هلي رهيا آهيو يعني توهان ڪفر ڪري رهيا آهيو ته پوءِ توهان زندگيءَ سان ناتو ٽوڙي ڇڏيو ٿا. موت توهان جو پاسو نه ڇڏيندو. ياد رکو ته اهو سڀ شر (شيطان) آهي جيڪو انسان جي لافانيت خلاف مصروف عمل آهي. تمام خوبصورتيون، اصل خوبصورتي جي ڪري ئي موجود آهن. اسان اهي فرائض انجام ڏيئون جيڪي اسان جي مقدر سان مطابقت رکن ٿا. انسان جي دهشت فطرت جي قانونن کي سمجهڻ سان ئي دور ٿي سگهي ٿي.
هر ڪم سڀاڻي تي ڇڏڻ. اها هڪ احمقانه حڪمت آهي. جيڪي ڪجهه رونما ڪرڻو آهي سو ’اڄ‘ ئي ڪرڻو آهي. هڪ درست تعليم ماڻهن کي حال ۾ جيئڻ سيکاري ٿي. اهو هاڻي اسان جي هٿ ۾ آهي ته اسان ان ننڍي شروعات سان لامحدود رفعتن ڏانهن وڌئون، دين کي ’هاڻي‘ ئي قائم ڪرڻو آهي. توهان هڪ اهڙي گهر کي پسند ڪريو ٿا جيڪو هميشه رهي. هن دنيا ۾ توهان اهڙو ڪوبه گهر ڪونه ٿا ماڻي سگهو جيڪو تعمير کان مٿانهون هجي. اسان کي دين قائم ڪري جنت ۾ داخل ٿيڻو آهي. ياد رکو ته هاڻوڪو لمحو ئي اسان جي اختيار ۾ آهي. جيڪو دين خدا تعالى جي طرف کان مليو اهو سڀني جي لاءِ هڪ هئو. سابقه قومن وٽ خدا جو دين ايندو رهيو (انبياء ڪرام جي واسطن سان) انهن هر دور ۾ هڪ ئي حقيقت، هڪ ئي دين (آسماني بادشاهت) جو سبق ڏنو: قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
اِنَّ الَّذِیۡنَ یَكْفُرُوۡنَ بِاللہِ وَرُسُلِہٖ وَیُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یُّفَرِّقُوۡا بَیۡنَ اللہِ وَرُسُلِہٖ وَیَقُوۡلُوۡنَ نُؤْمِنُ بِبَعْضٍ وَّنَكْفُرُ بِبَعْضٍ ۙ وَّیُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یَّتَّخِذُوۡا بَیۡنَ ذٰلِکَ سَبِیۡلًا ﴿۱۵۰﴾ۙ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْکٰفِرُوۡنَ حَقًّا ۚ وَاَعْتَدْنَا لِلْکٰفِرِیۡنَ عَذَابًا مُّہِیۡنًا ﴿۱۵۱﴾ (النساءِ: 151- 150)
ترجمو: بيشڪ اهي ماڻهو جي الله ۽ ان جي رسولن ۾ جدائي چاهن ٿا ته الله ۽ ان جي پيغمبرن جي درميان ڦوٽ وجهن ۽ چون ٿا ته اسان بعض تي ايمان آڻيون ٿا ۽ بعض جا منڪر آهيون ۽ چاهن ٿا ته ڪو وچون رستو استعمال ڪن اهي ئي اصل ڪافر آهن ۽ اهڙن ڪافرن جي لاءِ اسان رسوا ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
قرآن حڪيم ۾ الکٰفرون حقا (اصلي ۽ سچو ڪافر) انهن ماڻهن جي لاءِ آيو آهي جيڪي هڪ نبيءَ جي ڪتاب کي مڃن، ۽ ٻين جي ڪتاب کي رد ڪن گويا اهو ثابت ڪرڻ چاهن ٿا ته مختلف نبي، مختلف پيغام کڻي آيا هئا. ۽ اهڙيءَ طرح خدا ۽ پيغمبرن جي درميان لڙائي ڪرڻ چاهن ٿا. ياد رکو ته دنيا جي انسانن کي الاهي فطرت ۾ سموئڻ لاءِ هڪڙو ئي دين هيو. اهوئي دين، ان مملڪت جو آئين هو جنهن کي رسول عربي ﷺ عمل ۾ آندو هو. دين کي ڇڏيو ويو. حقيقت ڪل جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا. (جيڪا شرڪ جي ڀوائتي صورت آهي)
مِنَ الَّذِیۡنَ فَرَّقُوۡا دِیۡنَہُمْ وَکَانُوۡا شِیَعًا ؕ كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَیۡہِمْ فَرِحُوۡنَ ﴿۳۲﴾ (روم: 32)
ترجمو: جن ماڻهن خدا جي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ گهڻا فرقا ٿي ويا هر گروه ان طريقي تي ناز ڪري ٿو جيڪو ان وٽ آهي.
حقيقت ڪلي کي حصن ۾ تقسيم ڪرڻ، ان کي مقاميت ۾ محدود ڪرڻ ۽ سچائي جا ٽڪرا ڪري باطل سان ملائڻ شرڪ آهي. حقيقت ڪلي ۾ پاڻ کي لڪائڻ ئي اسلام آهي. ٻيءَ حالت ۾ شيطان جي اطاعت ٿي ويندي. هر غير خدا ئي نظام شيطاني نظام آهي.
اي ايمان وارو! اسلام ۾ پوري جا پورا داخل ٿي ويو ۽ شيطان جي نقش قدم تي نه هلو.
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
وَلَا تَلْبِسُوا الْحَقَّ بِالْبَاطِلِ
حق کي باطل سان نه ملايو
حق ۾ باطل يعني روشني ۾ اونده کي ملائڻ شرڪ آهي. سيد لطيف جي هنن آيتن تي غور ڪريو:
وڏي تان ان واٽ ۾، ٻيلپ ٻيائي،
آهي اونداهيءَ جو شرڪ، سهائي،
چٽي چٽائي، الف جي عينڪ ۾.

*
وحده لاشريڪ لھ، ايءُ هيڪڙائي حق،
ٻيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.

*
وحده لاشريڪ لھ، ايءُ وهائج ويءُ،
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ،
پاڻهي چوندئي پيءُ، ڀري جام جنت جو.

*
وحده لاشريڪ لھ، ٻڌءِ نه ٻوڙا!
ڪه تو ڪنين نه سُئا، جي گهٽ اندر گهوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامهان.

*
وحده لاشرڪ لھ جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
تان تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.

*
وحده لاشريڪ لھ، چئي چوندو آءُ،
فرض، واجب، سنتون تينو ترڪ م پاءِ،
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ سان پڄاءِ،
نانگا پنهنجي نفس کي ڪا نئين راه سونهاءِ،
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيا ئي نه اچي.

*
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سروڄن،
وحده لاشريڪ لھ، اهو راڳ رڳن،
سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت جن جي.

*
ٻن ڏيئي ٻين کي، هلج پاسي هيڪ،
ورنه سهي ويڪ، تون ٽيڏي! ٽيڏايون ڪرين!

*
آئون اوريان جهل تون، ڇڏيم پاڻ پچار،
شرڪ ساڻ ستار! گهڻا گهايم ڏينهڙا.

شرڪ جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ اچو ته چند مثالن تي غور ڪريون: توهان خالص کير ۾ پاڻي ملائيندئو ته کير، قوت ڏيڻ جي بجاءِ بيماري جو سبب ٿيندو. خالص کير حق هيو توهان (باطل) يعني ان ۾ پاڻي ملايو، اهو آهي شرڪ. دوا ۾ ملاوٽ هوندي ته اها شفا ڏيڻ بدران هلاڪت جو سبب ٿيندي. اهڙيءَ طرح الله تعالى انسان جي تقدير جنهن نظام حڪومت (دين) سان وابسته ڪئي آهي ان کان روگرداني ڪري باطل نظام تحت زندگي گذارڻ شرڪ جي انتهائي ڀوائتي صورت ۽ ظلم عظيم آهي. مشرڪ جي پوري زندگي هڪ هر جهتي ۽ همه وقتي ظلم ٿي وڃي ٿي. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
اِنَّ الشِّرْکَ لَظُلْمٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۳﴾ (لقمان- 13)
مشرڪانه نظامن مثلاً بادشاهت، آمريت، مغربي جمهوريت جي تحت رهندي انسان جو هر پل ظلم ٿي وڃي ٿو: عربي زبان ۾ ظلم جي معنى آهي حد کان تجاوز ڪرڻ، ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جي معنى ڪنهن شيءِ کي ان جي صحيح مقام تي نه رکڻ خواه ان ۾ ڪمي يا زيادتي ڪئي وڃي يا ان کي صحيح جڳهه تان هٽايو وڃي. ڪنهن شيءِ جو توازن بگڙجڻ. تاريڪي آڻڻ. الظالم ان ماڻهوءَ کي چئبو آهي جيڪو ٻين جي حقن کي ڦٻائي. عربي زبان ۾ هڪڙو مثال آهي:
مَنِ اَسْتَرْعتی الِّذِئْبَ فَقدْظلم ان جي معنى هي آهي ته جنهن اها، توقع ڪئي ته بگهڙ ان جي ڌڻ جي نگهباني ڪندو ته اهو ڄڻ ان ظلم ڪيو. يعني بگهڙ کي ان صحيح مقام تي ڪونه رکيو. سوة بقره ۾ آيو آهي:
مَنۡ یَّتَعَدَّ حُدُوۡدَ اللہِ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۲۲۹﴾ (البقره: 229)
يعني جيڪي ماڻهو الله جي حدن کي اورانگهن ٿا ظالم آهن.
ياد رکو ظلم، عدل جو ضد آهي.
شرڪ ناقابل معافي گناهه آهي:
قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
اِنَّ اللہَ لَا یَغْفِرُ اَنۡ یُّشْرَکَ بِہٖ وَیَغْفِرُ مَا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِمَنۡ یَّشَآءُ ؕ وَمَنۡ یُّشْرِكْ بِاللہِ فَقَدْ ضَلَّ ضَلٰلًۢا بَعِیۡدًا ﴿۱۱۶﴾ (النساءِ: 116)
”الله وٽ بس شرڪ جي ئي معافي ڪونهي ان کان سواءِ سڀ ڪجهه معاف ٿي سگهي ٿو، جنهن کي معاف ڪرڻ چاهي. جنهن الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو ته اهو ته گمراهيءَ ۾ ڏاڍو پري نڪري ويو.“
اِنَّہٗ مَنۡ یُّشْرِكْ بِاللہِ فَقَدْ حَرَّمَ اللہُ عَلَیۡہِ الْجَنَّۃَ وَمَاۡوٰىہُ النَّارُ ؕ وَمَا لِلظَّلِمِیۡنَ مِنْ اَنۡصَارٍ ﴿۷۲﴾ (مائده: 72)
”حقيقت اها آهي ته جنهن الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو ته ان تي الله تعالى جنت حرام ڪري ڇڏي ۽ ان جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي ۽ اهڙن ظالمن جو ڪوبه مددگار ڪونهي.“
الاهي فطرت جي لاءِ بيگانه نصب العين (جي انسان جي روح تي ڪوبه اثر نٿا ڇڏين) ۽ خواهشن جي محبت کان نفس جيترو آزاد هوندو، اوترو ئي پنهنجي آسماني نصب العين جي قريب ٿيندو. آسماني حڪمت کي انسان کان جدا ڪرڻ بدترين ڏوهه آهي. حق (حقيقت ڪلي) ۽ علم ڪلي (خدا) ئي اقتدار جو مالڪ آهي. ان جي حڪم جي خلاف ورزي ڪري باطل جو حڪم مڃڻ سڀ کان وڏي تباهيءَ جي نشاني آهي ۽ اڄ تائين دنيا ان تباهيءَ ۾ ئي ڦاٿل رهي آهي. ”خدا سان ڪفر“ ڪرڻ رڳو بتن يا مُردن جي پرستش ڪرڻ ڪونهي بلڪه ڪفر جي اعلى حالت اها به آهي ته انسان، خدا تعالى جي ٻڌايل قانونن کي ڇڏي ڪري، انسانن جي ٺاهيل قانونن کي اوليت ڏئي. انسان ان جو بندو ٿيندو آهي جنهن جو حڪم مڃيندو آهي. غير خدائي قوتن تي ڀروسو ڪرڻ وارا ۽ شيطاني اقتدار کي تسليم ڪرڻ وارا مشرڪ آهن. ياد رکو جيڪڏهن مرڪز ۾ ظلمت ڀريل آهي ته پوءِ ٻاهر به ظلمت ئي ڦهلبي. هڪ خدا، ان جو عطا ڪيل هڪڙو ضابطه زندگي (دين)، ان تي هلڻ واري هڪ امت، ان امت جو هڪڙو ئي عدل ۽ انصاف وارو نظام. اها آهي توحيد. ان جي ابتڙ جيڪي آهي سو سڀ بدبختي آهي، شر آهي يعني روحاني آلودگي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
اِنَّمَا الْمُشْرِكُوۡنَ نَجَسٌ (توبه: 28)
”مشرڪ يقيناً آلودگين سان ڀريل ٿيندا آهن.”
مٿين آية پاڪ جي روشنيءَ دنيا جي موجوده حالت تي غور ڪريو. انسان روحاني آلودگي (ڪفر) ۾ بري طرح ڦاٿو پيو آهي. ياد رکو آسماني تعليم دنيا مان شرڪ کي مٽائڻ ۽ توحيد کي قائم ڪرڻ لاءِ آئي هئي. هر غير خداوندي قانون ۽ آئين کان انڪار ۽ قانون خداوندي جو عملي اقرار، اهو آهي لاالھ الالله جو مقصد. ياد رکو مسلم ۽ مشرڪ هڪ ٻئي جا ضد آهن. جيڪي قوتون ۽ خصوصيتون خدا جي لاءِ مختص آهن انهن ۾ غير خدائي قوتن کي شامل ڪرڻ شرڪ آهي. قرآن حڪيم هر وقت لاءِ آهي. اهو ڪنهن به زمان يا مڪان سان مخصوص ڪونهي. اڄ به قدرت جو اهو ’قانون حرڪت‘ ڪم ڪري رهيو آهي.
سيد لطيف ٿو چئي:
آئون اوريان جهل تون، ڇڏيم پاڻ پچار،
شرڪ ساڻ ستار! گهڻا گهاريم ڏينهڙا.

دنيا ۾ ڪيترا انسان آهن جي ايمان جي دعوى ٿا ڪن ليڪن قرآن حڪيم جو فيصلو آهي ته؛
وَمَا یُؤْمِنُ اَكْثَرُہُمْ بِاللہِ اِلَّا وَہُمۡ مُّشْرِكُوۡنَ ﴿۱۰۶﴾
”انهن مان ئي اڪثريت انهن جي آهي جيڪي خدا تي ايمان اهڙيءَ طرح جو رکن ٿا جو ايمان جي باوجود مشرڪ هوندا آهن.“
”ايمان رکڻ باوجود اهي ماڻهو مشرڪ آهن“ ڇاڪاڻ ته انفرادي يا اجتماعي طور، سياست توڙي معيشت ۽ معاشرت ۾ غير خدائي قوتن تي انحصار رکڻ شرڪ آهي جنهن ڪري اڄ دنيا ۾ ڪٿي به دين (علم ڪلي) جي حڪومت ڪونهي. مسلم امت قدرت جو اهو حقيقي فرض قطعاً وساري
ڇڏيو آهي. ياد رکو محدود ۽ لامحدود (انسان ۽ خدا) اهڙيءَ طرح هڪٻئي سان جڙيل آهن جو انهن کي جدا ڪرڻ خطري کان خالي ڪونهي. اسان لامحدود (الله) جي علم جي بدولت ئي ابديت حاصل ڪري سگهؤن ٿا.
جيڪڏهن سياسي (اجتماعي) زندگيءَ کي الله تعالى جي ڪائناتي قانون کان الڳ ڪيو وڃي ته اها انتهائي پست سطح جي زندگي ٿيندي. حقيقي انفرادي ترقي، ٻين ماڻهن، دنيا ۽ ڪائنات سان لاڳاپي جو لازمي نتيجو آهي. سماج کان ڌار يا سماج دشمنيءَ ۾ بسر ٿيندڙ زندگي حق سان بغاوت ۾ ئي گذري ٿي. انسان ابديت (خدا) کان پري ٿيندو وڃي ٿو. حقيقت ڪلي (خدا) جي احڪامن جي روشني ۾ حڪومت نه ڪرڻ ڪفر آهي. جيڪا قوم آسماني تعليم مطابق حڪومت ڪونه ٿي ڪري ڪافرانه حڪومت آهي. قرآن حڪيم جي هن فيصلي تي غور ڪريو:
وَمَنۡ لَّمْ یَحْكُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الْکٰفِرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (مائده: 44)
جو حڪومت نه ڪري، ان جي مطابق، جيڪي الله تعالى لاٿو آهي ته اهڙا ماڻهو ئي ته ڪافر آهن.
اقتدار اعلى جو حق صرف حقيقت ڪلي (خدا) کي حاصل آهي. ان حقيقت کي ذهن ۾ رکو ته خدا تعالى جي اطاعت، قوانين خداوندي جي محڪومي آهي جي خدا تعالى، انسان کي بلند ڪرڻ لاءِ بنايا آهن. حڪمراني ڪرڻ ۽ حڪم ڏيڻ جو حق صرف خدا کي آهي.
وَّلَا یُشْرِكُ فِیۡ حُكْمِہٖۤ اَحَدًا ﴿۲۶﴾ (ڪهف: 26)
اهو پنهنجي حڪومت ۾ ڪنهن کي شريڪ ڪونه ڪندو آهي.
فَتَعٰلَی اللہُ الْمَلِكُ الْحَقُّ ۚ (طٰھٰ: 114)
۽ الله تعالى جو حقيقي بادشاه آهي، وڏو اعلى شان وارو آهي.
جيڪو خالق آهي، حاڪم به اهوئي آهي. حڪم ان جو آهي. نفساني خواهشات مطابق ڏنل هر حڪم باطل آهي، بربادي ۽ فنا آهي. تاريخ تي غور ڪريو. حڪمرانن سڌي يا اڻ سڌي طرح پنهنجون خواهشون مسلط ڪيون آهن. حالانڪه؛
اَمَرَ اَلَّا تَعْبُدُوۡۤا اِلَّا اِیَّاہُ ؕ (يوسف: 40)
ان حڪم ڏنو آهي ته ان کان سواءِ ڪنهن جي به عبوديت (محڪوميت) اختيار نه ڪريو.
اَلَا لَہُ الْخَلْقُ وَ الۡاَمْرُ ؕ (اعراف: 54)
خبردار، خلق ان جي آهي ۽ امر به ان جو آهي.
یَقُوۡلُوۡنَ ہَلۡ لَّنَا مِنَ الۡاَمْرِ مِنۡ شَیۡءٍ ؕ قُلْ اِنَّ الۡاَمْرَ كُلَّہٗ لِلہِ ؕ
ماڻهو پڇن ٿا ته ڇا امر ۾ اسان جو به حق آهي؟ توهان چئي ڏيو ته امر پورو الله جي لاءِ آهي.
غور جو مقام آهي ته آسماني بادشاهت (دين) جي مرڪز جي اطاعت، خود خدا جي اطاعت هئي ڇو ته اهو مرڪز، خدا تعالى جي حڪمن جي اطاعت ڪرائي ٿو. اهو ابدي ۽ نه مٽجندڙ قانون دنيا جي سڀني قومن کي هر وقت هڪ ئي مالڪ (خدا، حقيقت ڪلي) جي ڳالهه ڪري ٿو. عالمي قومن جو اتحاد، آسماني اخلاق ۽ ترقي پسندانه اصولن تي هجڻ گهرجي. جيڪو خدا تعالى جي قانونن کي ڄاڻندو اهوئي مزا ماڻيندو. الله تعالى بي نياز آهي. اسان کي ان جي طرف اچڻو پوندو. ابتدا انسان جي طرف کان ٿيڻ گهرجي. انسان کي گهرجي ته الاهي فطرت ۾ سمائجي وڃي. جيڪڏهن انسان ايئن نه ڪندو ته پوءِ اهو ڄاڻي ۽ ان جا ڪم. اسان هن وقت پوئين قسم جي دنيا ۾ جي رهيا آهيون.
دنيا ۾ جيترا به نبي آيا انهن کي هر زماني ۾ هڪ ئي سڀ کان وڏي رڪاوٽ هئي. يعني سندن مخاطب قومن جو آبائي مذهب، ۽ اهڙي قسم جو آبائي مذهب هڪ ريتن رسمن جي تقليد تي ٻڌل ٿيندو آهي. انبياءَ ڪرام ساديءَ زبان ۾ دليلن جي پوري قوت سان، ماڻهن جي سامهون حق پيش ڪندا آهن ته جيئن خدا جي بندن تي خدا جي رحمت جا دروازا کلن جيڪي انهن جي جهالت ڪري بند پيا آهن. انهن قومن وٽ هڪ طرف انهن جو اهو موروثي مذهب هو جيڪو شرڪ جي بنياد تي قائم هيو ۽ اهي ان تي بريءَ طرح ڄميا بيٺا هوندا آهن ڇاڪاڻ ته تقليد ذهنن کي جامد بڻائي ڇڏي ٿي. قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
وَ اِذَا قِیۡلَ لَہُمُ اتَّبِعُوۡا مَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ قَالُوۡا بَلْ نَتَّبِعُ مَا وَجَدْنَا عَلَیۡہِ اٰبَآءَنَا ؕ (لقمان: 21)
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته جو ڪجهه الله تعالى نازل ڪيو آهي ان جي پيروي ڪريو ته چون ٿا ته نه، اسان ان جي پيروي ڪنداسين جنهن تي اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي هلندي ڏٺو آهي.
ٻئي هنڌ آيو:
وَکَذٰلِکَ مَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ قَبْلِکَ فِیۡ قَرْیَۃٍ مِّنۡ نَّذِیۡرٍ اِلَّا قَالَ مُتْرَفُوۡہَاۤ ۙ اِنَّا وَجَدْنَاۤ اٰبَآءَنَا عَلٰۤی اُمَّۃٍ وَّ اِنَّا عَلٰۤی اٰثٰرِہِمۡ مُّقْتَدُوۡنَ ﴿۲۳﴾ قٰلَ اَوَلَوْ جِئْتُكُمۡ بِاَہۡدٰی مِمَّا وَ جَدۡتُّمْ عَلَیۡہِ اٰبَآءَكُمْ ؕ قَالُوۡۤا اِنَّا بِمَاۤ اُرْسِلْتُمۡ بِہٖ کٰفِرُوۡنَ ﴿۲۴﴾ فَانۡتَقَمْنَا مِنْہُمْ (زخرف: 25-23)
”۽ اهڙيءَ طرح جو اسان موڪليوسين، توکان پهريان (خبردار ڪرڻ) ڊيڄارڻ وارو ڪنهن بستيءَ ۾، ته چوڻ لڳا اتان جا دولتمند، اسان ڏٺو آهي پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي هڪ راهه تي، ۽ اسان انهن جي ئي قدمن تي هلئون ٿا. اهو چوڻ لڳو جو آڻيان ان کان وڌيڪ سمجهه جي راهه، جتي ڏٺو توهان پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي ته چوڻ لڳا ته اسان توکي ڪونه ٿا مڃئون. پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو.“
اڄوڪي ائٽمي تهذيب کي سامهون رکو ۽ پوءِ هيٺين آية پاڪ تي غور ڪريو:
فَلَمَّا جَآءَتْہُمْ رُسُلُہُمۡ بِالْبَیِّنٰتِ فَرِحُوۡا بِمَا عِنۡدَہُمۡ مِّنَ الْعِلْمِ (مؤمن: 83)
”جڏهن انهن وٽ انهن جا رسول دليل کڻي آيا ته اهي انهيءَ علم ۾ مگن رهيا جيڪو انهن وٽ هيو.“
هتي علم مان مراد اهو مذهب آهي جيڪو زمانن گذرڻ باوجود به انهن قومن وٽ مقدس ٿي ويو هو. اڄوڪي ائٽمي دور جي انسان جي به اهائي حالت آهي. اهو ان علم تي ناز ٿو ڪري، جيڪو وٽس موجود آهي. جيتوڻيڪ حقيقت ڪلي (دين) کان اهي هن وقت به پري آهن بلڪه انهن جي جزوي عقل تي مبني نظريا ۽ فلسفا، زمين تي موجود زندگيءَ جي وجود لاءِ ئي خطرو بنجي چڪا آهن. بر ۽ بحر ۾ فساد مچي چڪو آهي.

[b]الله تعالى سان محبت:
[/b]حُب جي معنى آهي ڪنهن شيءِ جي ثابت قدمي ۽ خلوص ۽ استقامت سان اطاعت ڪرڻ ۽ ان کان ٿورو به هيڏي هوڏي نه ٿيڻ. وري ان حقيقت کي ذهن ۾ تازو رکو ته خدا جي اطاعت جي معنى ان جي قانونن جي اطاعت آهي. نور انهن ثمرات ۽ نتيجن جو حاصل ٿيندو آهي جيڪي قوانين خداوندي جي اطاعت جو لازمي نتيجو آهن. خدا تعالى جي محبت ۾ رنگجڻ گويا تقدير جي گهراين ۾ گهرڻ آهي. تقدير جي اطاعت ئي آسماني تعليم جو مقصود ۽ مطلوب آهي.
درست قانونن کي زندگيءَ جو مرڪز بنائڻ ئي پنهنجي اندر نوراني قوت پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي. اهو مرڪز رهنمائي ۽ قوت مهيا ڪري ٿو. اهو مرڪز لافاني ۽ هميشه جوان آهي. ان سان تعلق ۾ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪريو. عبادت سان ملڻ واري قوت کي دنيا ۾ ”محبوب جي مرضيءَ مطابق بدلائڻ“ جي ڪم ۾ آڻڻو آهي. خدا سان دانشورانه محبت ئي سڀ کان وڏي لذت ۽ سڪون آهي. مرڪز نور سان ڀريل آهي. ان جو چيو مڃڻ سان انسان به نور سان ڀرجي ويندو. پنهنجي مثبت پهلوءَ جي حوالي سان، ڪائنات ۾ موجود الله جي فطرت سان وحدت قائم ڪرڻي پوندي. آسماني تعليم هن تاريڪ ۽ منتشر انساني جسمن جي ڪائنات ۾ خدا جي نور جي ترجماني ڪري ٿي ۽ اميد جو واحد سرچشمو آهي.
آسماني تعليم هر وقت ياد ڏياريندي رهي ٿي ته ڪهڙا اصول آهن جن جي مطابق قومن کي زندگي عطا ٿيندي آهي ۽ ڪهڙي روش آهي جنهن سان اهي تباهيءَ ۾ ڪرن ٿيون؛
یَمْحُوا اللہُ مَا یَشَآءُ وَیُثْبِتُ ۚۖ وَعِنۡدَہٗۤ اُمُّ الْکِتٰبِ ﴿۳۹﴾ (رعد: 39)
خدا تعالى جو قانون هي آهي ته جيڪا قوم يا فرد مٽجڻ چاهي ٿو ته ان کي مٽايو وڃي ۽ جيڪو ثبات ۽ استحڪام چاهي ان کي ثبات عطا ڪيو وڃي. زندگيءَ ۾ صرف تغير ئي ڪونهي بلڪه ثبات ۽ حفظ پڻ آهن. ان جو اهو قانون ڪائنات جي ڪاروهنوار ۾ نافذ آهي ۽ ان جو اصل بنياد خدا آهي. ان ڪري ان ۾ تبديلي پيدا ٿي ڪونه سگهندي. موت ۽ حيات جو قانون ان لاءِ متعين ڪيو ويو آهي ته جيئن نمايان طور سامهون اچي وڃي ته توهان مان ڪير، اهڙا ڪم ڪري ٿو جو ان جي قانون مطابق زندگي بخش آهن ۽ ڪير اهڙو آهي جيڪو پنهنجي مٿان هلاڪت وارد ڪري ٿو. آسمان چوي ٿو ته واضح ۽ غير مبهم قانون ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته جيئن:
لِّیَہۡلِکَ مَنْ ہَلَکَ عَنۡۢ بَیِّنَۃٍ وَّیَحْیٰی مَنْ حَیَّ عَنۡۢ بَیِّنَۃٍ ؕ وَ اِنَّ اللہَ لَسَمِیۡعٌ عَلِیۡمٌ ﴿ۙ۴۲﴾ (انفال: 42)
جنهن کي هلاڪ ٿيڻو آهي واضح قانونن (جي مطابق هلاڪ ٿئي) ۽ جنهن کي زنده رهڻو آهي اهو به واضح قانونن (جي ذريعي) زنده رهي ۽ الله تعالى بيشڪ (سڀڪجهه) ٻڌڻ وارو ۽ هر ڳالهه جو علم رکڻ وارو آهي.
قرآن شريف جي هن آية تي غور ڪريو:
اِنَّ اللہَ لَا یُغَیِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰی یُغَیِّرُوۡا مَابِاَنْفُسِہِمْ ؕ (رعد: 11)
الله تعالى ڪنهن قوم جي حالت ان وقت تائين تبديل ڪونه ڪندو آهي جيستائين اها پنهنجي حالت پاڻ نه تبديل ڪري.
سڀني تبديلين جي علت خود انسان آهي. چاهي ته هو پنهنجي ڪوشش ۽ حالات آهر وڌيڪ ترقي ڪري يا جهڙو هو پيدا ٿئي ٿو اهڙو ئي مري وڃي. ترقي خاص متعين حالات ۾ ئي ممڪن آهي. اهو جن اسباب جي تخليق ڪندو، جنهن قسم جو نظام زندگي ٺاهيندو، ان جي مطابق ان جي حالت تبديل ٿيندي. انسان پنهنجي تقدير جي تشڪيل تي پاڻ ئي قادر آهي. هيءَ ممڪنات جي دنيا آهي ان ۾ امر تخليق هر وقت جاري رهندو. خدا تعالى انسان جي تخليقي جدتن جي تقاضا ڪري ٿو. هو انسان جي آزاديءَ جي ڪارنامن جو منتظر آهي. تبديلي ۽ ترقي ان وقت ممڪن آهي جڏهن انسان پاڻ ان لاءِ ڪوشان هجي ۽ پوءِ حق جي مدد به حاصل ڪري. زبردستي خدا (ابديت، حقيقت ڪل) سان رشتو ڳنڍجي ڪونه سگهندو. اهوئي سبب آهي جو قرآن حڪيم چوي ٿو ته دين ۾ ڪابه زبردستي ڪونهي: لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ ۟ۙ
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
جَعَلَ عَلَیۡكُمْ فِی الدِّیۡنِ مِنْ حَرَجٍ ؕ (حج: 78)
ان دين جي معاملي ۾ ڪا به تنگي ڪونه ڪئي آهي. وڌڻو اڳتي انسان کي آهي. جهڙو عمل ٿيندو ردعمل به اهڙوئي ٿيندو: اهوئي قدرت جو قانون آهي. خدا جي سنت اها ئي آهي.
اِنَّا ہَدَیۡنٰہُ السَّبِیۡلَ اِمَّا شَاکِرًا وَّ اِمَّا کَفُوۡرًا ﴿۳﴾ (دهر: 3)
اسان ان جي لاءِ رستو واضح ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي جي هو چاهي ته ان کي اختيار ڪري ۽ چاهي ته ان جو انڪار ڪري.
حق جي چاهت ۽ حق جو انڪار، ان جو فيصلو ڪرڻو توهان کي آهي. بندگي ڪيو يا بغاوت. ان لحاظ کان توهان کي اختيار آهي. ياد رکو! جيڪا قوم قدرت جي ارادن سان، تعاون ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي ته ان کي مٽايو ويندو آهي ڇو ته ان جا فرد پنهنجي بربادي پاڻ ئي جمع ڪندا آهن. پوءِ ان جي جاءِ تي ٻي قوم کي آندو ويندو آهي.
جيڪڏهن انسان آب حيات حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ ان جي سرچشمي سان رسمي نه بلڪه حقيقي تعلق قائم ڪرڻو آهي.
الله تعالى دنيا ۾ جيترا به نبي ۽ پيغمبر موڪليا انهن سڀني هڪ ئي نور جو پيغام ڏنو. اهي سڀ دنيا ۾ دين (آسماني بادشاهت) قائم ڪرڻ لاءِ آيا هئا ته جيئن دنيا جي انسانن کي جهالت جي تاريڪي مان ڪڍي نور (علم ڪلي، ابديت) جي دنيا ۾ آڻن. قرآن شريف جي هنن آيتن تي غور ڪريو:
اِنَّاۤ اَنۡزَلْنَا التَّوْرٰىۃَ فِیۡہَا ہُدًی وَّنُوۡرٌ ۚ(مائده: 44)
”اسان توريت کي لاٿو ان ۾ هدايت ۽ نور آهي.“
انجيل پاڪ جي لاءِ اچي ٿو:
وَاٰتَیۡنٰہُ الۡاِنۡجِیۡلَ فِیۡہِ ہُدًی وَّنُوۡرٌ ۙ(مائده: 46)
” انجيل ۾ نور ۽ هدايت آهي.“
نوراني هدايت جو نتيجو نور جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي:
فَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِہٖ وَعَزَّرُوۡہُ وَنَصَرُوۡہُ وَاتَّبَعُوا النُّوۡرَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ مَعَہٗۤ ۙ اُولٰٓئِکَ
ہُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ ﴿۱۵۷﴾٪ (الاعراف: 157)
(سو جن ماڻهن ان نبيءَ تي ايمان آندو ۽ ان جو ساٿ ڏنو ۽ ان جي مدد ڪئي ۽ ان جي نور جي پيروي ڪئي جو ان سان گڏ لاٿو ويو آهي سو اهي ئي ماڻهو ته آهن فلاح پائڻ وارا.
انبياءَ جي اچڻ جي مقصد تي وري غور ڪريو:
الٓرٰ ۟ کِتٰبٌ اَنۡزَلْنٰہُ اِلَیۡکَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ۬ۙ (ابراهيم: 1)
”الف- لام- را- هيءَ هڪ ڪتاب آهي، جو اسان توتي نازل ڪيو آهي ته جيئن ماڻهن کي اونداهي کان روشنيءَ ڏانهن ڪڍين.“
سورة بقره ۾ نور جي مقابلي ۾ ظلمت جو لفظ آيو آهي، جنهن جي معنى اونداهي آهن. نور، سچ آهي، حق آهي، هڪ آهي. حقيقت هر ڪنهن جي لاءِ هڪ آهي. ظلمات ذهن انسانيءَ جون پيدا ڪيل تو هم پرستون ۽ غلط انديشا آهن. سچ جي تعليم هڪ ئي آهي ليڪن ذهن انسانيءَ جون پيدا ڪيل اونداهيون مختلف قسمن جون آهن. اهوئي سبب آهي جو نور جو جمع استعمال ڪونه ٿيو آهي پر ظلمات بطور جمع آيو آهي. حقيقت هڪ ئي ٿيندي آهي ۽ افسانا مختلف ٿيندا آهن.
ہُوَ الَّذِیۡ یُصَلِّیۡ عَلَیۡكُمْ وَ مَلٰٓئِکَتُہٗ لِیُخْرِجَكُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ؕ (احزاب: 43)
”اهو اهوئي آهي جيڪوپنهنجي بندي تي صاف آيتون نازل ڪري ٿو ته جيئن جهالت جي انڌيريءَ مان ڪڍي نور (علم ڪلي) ۾ دنيا ۾ آڻي.“
دنيا ۾ هر نبي ۽ پيغمبر ان ڪري آيو ته جيئن دنيا ۾ دين قائم ڪري. دنيا ان وقت دين ٿي وڃي ٿي جڏهن ان تي آسماني قانون حڪومت ڪن ٿا.
شَرَعَ لَكُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَمَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبْرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی اَنْ اَقِیۡمُوا الدِّیۡنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوۡا فِیۡہِ ؕ (شورى:13)
” توهان جي لاءِ اهوئي دين مقرر ڪيو آهي جنهن متعلق نوح کي هدايت ڪئي وئي هئي ۽ اسان تنهنجي طرف وحي موڪلي ۽ جيڪا هدايت اسان ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى کي ڪئي (اها هيءَ هئي ته) دين قائم ۽ برقرار رکو ۽ ان ۾ تفرقو ايجاد نه ڪيو.“
آخر ۾ سيد لطيف جي هن شعر تي وري غور ڪريو:
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

خدا تعالى دنيا ۾ جيڪي به نبي يا پيغمبر موڪليا انهن جي وڏي ۾ وڏي Duty اها هئي ته زمين تي دين کي قائم ڪن. ڇو ته دين (آسماني) ته اها سرزمين آهي جتي ابديت اسان جي لاءِ لازوال جواني ۽ لازوال صحت سان استقبال ڪرڻ لاءِ بيتاب آهي. دين ڇا آهي؟ زمين جي سيني تي موجود انساني جسمن تي جڏهن آسماني قانون نافذ ٿين ٿا ته دين جنم وٺي ٿو:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبْدِیۡلَ لِخَلْقِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الْقَیِّمُ ٭ۙ (روم: 30)
قرآن حڪيم انسانن جي سياسي نظام ۾ هم آهنگي، اخلاقي ۽ سماجي قانونن جي پيروي ۽ فرضن جي ادائگي کي ‘عدل’ جو نالو ڏئي ٿو. معاشرو نه صرف، فردن جي مجموعي جو نالو آهي بلڪه هڪ فرد، رياست جو اختصار به آهي. ياد رکو مملڪت جو دستور جيترو غير آسماني هوندو مملڪت جا شهري اوترو ئي سچي خوشي، حقيقي مسرت ۽ سڪون کان پري هوندا. اطاعت تعليم جي ذريعي، روح جي معرفت ۽ ان جي نشونما جو نالو آهي. حق تي عمل درآمد ئي انسان جو بنيادي مقصد آهي. آسماني تعليم خواب ۾ گرفتار انسان کي ننڊ مان جاڳائي ٿي. قدرت چاهي ٿي ته هر طرف سٺائي، چڱائي، نيڪي ۽ انصاف هجي. عقل سليم انهن جي مجموعي جو نالو آهي.
اسان جي جستجو دنيا جي وڏي ۾ وڏي اهم مسئلي لاءِ هجڻ گهرجي يعني نيڪي ۽ بدي جي ڄاڻ. مثالي مملڪت جو مقصد نيڪ يعني ڪامل زندگيءَ جو حصول آهي. ڪمال کي حاصل ڪرڻ جو حق، دنيا جي هر انسان کي حاصل آهي. ياد رکو سٺا انسان، سٺي حڪومت ئي پيدا ڪري سگهي ٿي، اهو آهي قانون قدرت. آسماني انسان آسماني نظام حڪومت ۾ ئي پيدا ٿي سگهن ٿا، اها ئي تقدير آهي.
قرآن حڪيم ان لاءِ نازل ڪونه ٿيو ته گهرن ۾ طاقن تي پيو هجي، ان تي مٽي چڙهي وڃي يا ڪڏهن ڪڏهن ان جي تلاوت ڪيون، ۽ ان کي ايتري حد تائين هيٺ ڇڪي اچئون جو انفرادي ۽ اجتماعي زندگي ۾ ان جو معمولي عڪس به نظر نه اچي. اي مسلمان! پنهنجي پستيءَ جي انتها کي ته ڏس! ڪهڙيءَ طرح رسول اڪرم ﷺ خدا تعالى جي حضور ۾ ان پريشاني ۽ شڪايت جو تذڪرو ڪري رهيو آهي.
پاڻ فرمائي رهيا آهن ته اي خداوند! منهنجي هن قوم قرآن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ان کان دوري اختيار ڪئي اٿائون. مسلمان ذرا نظر کڻي ڏس ته عدالت ڪنهن جي آهي! فريادي ڪير آهي ۽ فرياد ڪهڙي ڪري رهيو آهي!
قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو: فرياديءَ جو بيان آهي (عدالت الاهي ۾) ته:
وَ قَالَ الرَّسُوۡلُ یٰرَبِّ اِنَّ قَوْمِی اتَّخَذُوۡا ہٰذَا الْقُرْاٰنَ مَہۡجُوۡرًا ﴿۳۰﴾ (فرقان: 30)
”۽ چيو رسول ته منهنجا رب بيشڪ منهنجي قوم هن قرآن کي ڇڏي ڏنو.“
مسلمانن وٽ قرآن حڪيم جهڙا لازوال نوراني ڪرڻا موجود آهن پوءِ به اهي مغرب جي ذهن سان سوچن ٿا. انهن وٽ حق ۽ باطل جو معيار مغرب آهي. انهن جي ذهنن تي احساس ڪمتري سوار آهي. انهن وٽ ”حق“ اهو آهي جنهن کي مغرب ”حق“ چوي. حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته اهل مغرب ٻارن وانگر تيز رفتاري ۽ لذت جي چسڪي ۾ ٻڏل آهن. عملي طور تي انهن جو تعلق لامحدود ازلي ۽ ابدي حقيقت کان ٽٽي چڪو آهي. مغربي دنيا سائنس جي ان صورت تي ايمان آڻي چڪي آهي جنهن ۾ صرف مادي ترقيءَ کي ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ زندگي روز بروز پيچيده ٿيندي ٿي وڃي. هن دنيا جي هر خلوت ۽ هر انجمن ۾ فتنه فساد برپا آهي. هر طرف بدامني ڦهليل آهي. صداقت ۽ اخلاص جو نالو ڪٿي به نظر ڪو نٿو اچي. مغرب هن دنيا جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي ليڪن نوع انساني انهن جي مظالم ۽ هوس نفس کان تباه و برباد آهي. موجوده دور ۾ انسان نيون نيون سائنسي ايجادات ڏنيون آهن پر اهي سڀ سهولتون انسان جي حيواني جبلتن ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن.
قرآن حڪيم زندگيءَ جي علامت، فتح و ڪامراني، ترقي ۽ تحرڪ جو ذريعو آهي، جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي لاءِ رهنما اصول رکي ٿو. ليڪن اڄ مسلمانن قرآن حڪيم کي صرف هڪ ”مقدس ڪتاب“ جو درجو ڏئي رکيو آهي. صرف ان جي لفظن کي مٺي ۽ سريلي آواز ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿيندي ٻڌندا آهن. آيات قرآني کي فن تعمير جي عنوان سان مسجد جي ديوارن تي اڪريو وڃي ٿو. گهڻن اسلامي ملڪن ۾ حفظ قرآن جي نالي سان وڏا مدرسا آهن. خدا تعالى مسلمانن کي ”حزب الله“ يعني پنهنجي جماعت چيو آهي. پوءِ جيڪڏهن مسلمان ئي خود ”حزب الشيطان“ جو ساٿ ڏيڻ لڳن ته پوءِ الله تائين پهچڻ وارا ڪنهن کي تلاش ڪن ۽ ڪنهن کان راهه پڇن. جيڪڏهن ڪو آتش دان پاڻ ئي باهه کان خالي ٿي وڃي ته پوءِ اهو ٻين کي گرمي ڪيئن ٿو پهچائي سگهي. ان ڪري ضروري آهي ته مسلمان خود پنهنجي اندر نوراني تبديلي آڻن ڇاڪاڻ ته انهن جي تبديليءَ تي پوري دنيا جي تبديلي موقوف آهي. اڄ وقت اچي ويو آهي ته اسلام پنهنجي فرض کي دهرائي جيڪو فرض، اهو هڪ دفعو پهريان، خوبصورتي سان نڀائي چڪو آهي. مسلمانن جي سڌرڻ سان پوري دنيا سڌري ويندي ۽ ان چشمي جي روانيءَ سان زمين سرسبز ٿي ويندي. اسلام جي مشن ختم ڪونه ٿي آهي. جنهن اونداهي، اسلام جي ظهور تائين، جهالت ڦهلائي هئي، اها اوندهه اڄ مغربي تهذيب جي روپ ۾ ڦهلجي رهي آهي. جيڪڏهن اسلام جي ظهور تائين سڀ کان وڏي ظلمت بت پرستي هئي ته اڄ ان جي جاءِ نفس پرستي ورتي آهي.
جيڪا به شيءِ انسان کي پنهنجي نفس طرف مشغول ۽ الله کان پري ڪري ٿي اهو ان جو بت آهي. اسان جو نفس وڏو بت خانو آهي. نسل پرستي، فرقه پرستي يا دولت پرستي يا اهي سڀ نظريا، جيڪي حق تي مبني ڪونهن دراصل بت آهن، جن کي اسان پنهنجي دل جي بت خانه ۾ سجائي رکيو آهي ۽ جن جي پرستش ۾ وڏي اڪثريت مشغول آهي. انسان سڀ کان وڌيڪ نفس جي ئي عبادت ڪري ٿو:
اَفَرَءَیۡتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـہَہٗ ہَوٰىہُ وَ اَضَلَّہُ اللہُ (جاثيه: 23)
”پوءِ ڇا توهان ان شخص جي حالت ڏٺي آهي جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي ئي پنهنجو ‘الله’ ٺاهي ڇڏيو آهي.“
خدا ۽ بت هڪڙي هنڌ رهي نٿا سگهن. خدا پرست ۽ خود پرست جو ساٿ ممڪن ڪونهي. بظاهر خدا پرست آهيون ليڪن حقيقت جي لحاظ کان اسان آهيون بت پرست. وري غور ڪريو ته خود پرستيءَ کان بت پرستي افضل آهي. موجوده ائٽمي دور کي ڏسو. هيڏي مادي ترقي ڪرڻ کان پوءِ به اسان جي نفسيات خوف جي عذاب ۾ گرفتار آهي. ائٽمي جنگ جي بربادي اسان جي مٿان لامارا ڏئي رهي آهي. ڪهڙي به وقت اهڙي ڀيانڪ حالت پيدا ٿي سگهي ٿي جو اهي ائٽمي هٿيار اسان جو نالو نشان مٽائي ڇڏين. اڄ دنيا ان بيوه عورت مثل ٿي وئي آهي جنهن جي مڙس کي زبردستيءَ قتل ڪيو ويو هجي ۽ جنهن جي يتيم ٻچن تي رحم ڪرڻ وارو ڪوبه نه هجي. زندگي جي جڳهه تي موت، سلامتيءَ جي جڳهه اضطراب ۽ خوشيءَ جي گيت جي جڳهه شور ۽ ماتم برپا آهي.
قرآن حڪيم دنيا جي سڀني انسانن کي هر وقت اهو ٻڌائي رهيو آهي ته انسان وقت جي لحاظ کان فائدي ۾ نه بلڪه خساري ۾ آهي ڇو ته ظاهر بيني جي سبب انسان ، خدا، ڪائنات ۽ پنهنجي هستيءَ جي حال ۽ انجام جي متعلق جيڪي نظريا قائم ڪيا آهن اهي سڀ حقيقت جي لحاظ کان غلط ۽ نتيجي جي لحاظ سان خود انسان لاءِ تباه ڪن آهن. قرآن حڪيم جي دعوى آهي ته حقيقت ان وٽ آهي باقي دنيا جا مفڪر، فلسفي ۽ دانشور محض گمان جي پيروي ڪن ٿا. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ مَا لَہُمۡ بِہٖ مِنْ عِلْمٍ ؕ اِنۡ یَّتَّبِعُوۡنَ اِلَّا الظَّنَّ ۚ وَ اِنَّ الظَّنَّ لَا یُغْنِیۡ مِنَ الْحَقِّ شَیۡئًا ﴿ۚ۲۸﴾ (نجم: 28)
”۽ انهن کي ان جو ڪوبه علم ڪونهي اهي محض گمان جي پيروي ڪن ٿا ۽ گمان حقيقت جو قائم مقام ٿي نٿو سگهي.“
اڄ تقدير جي تمنا آهي ته موجوده دنيا ۾ سائنسي، صنعتي، فني قوتن ۽ ترقي يافته ذرائع ابلاغ جي موجودگيءَ ۾ بين الاقوامي برادري انساني مساوات جي اسلامي نصب العين کي، جيڪو ستين صدي ۾ عرب معاشري ۾ قائم ٿي سگيو، ان کي موجوده دنيا ۾ مڪمل طور تي عملي جامو پهرائن. فرقيوارانه نفرتن جو دور گذري چڪو آهي. انسان کي موجود پستين مان ڪڍڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو آهي وحدت انسانيت جو رستو.
اي سچائي سان پيار ڪرڻ وارؤ! حق جي قيام لاءِ اٿي بيهو ته جيئن موسم بهار اچي ۽ هر طرف نور جي آسماني وڻ ۾ لرزجي گونچن جو ڦوٽهڙو ٿئي. هن دنيا جي طبيعت ۽ مزاج حق ۽ باطل جي آميزش آهي جڏهن ته قيامت جي طبيعت ۽ مزاج انهن ٻنهي جي هڪٻئي کان دائمي جدائي آهي.
غلبو پائڻ حق جي صفت آهي. نور، ظلمت تي، ضرور دائمي فتح ماڻيندو. جڏهن اسان چوندا آهيون ته سچ هميشھ ڪوڙ تي ۽ روشني هميشه تاريڪيءَ تي غالب ايندي ته در حقيقت اسان ڪمزور ۽ بيمار خيالن تي طاقتور ۽ درخشان تصور جي برتري ثابت ڪندا آهيون. جيڪڏهن اڄوڪو انسان فنا جي پوشاڪ لاهي بقا جي پوشاڪ پائڻ چاهي ٿو ته ان جي لاءِ اسان کي اهوئي ڪجهه ڪرڻو آهي جيڪو قرآن حڪيم چوي ٿو.
حق جي بقا لاءِ مزاحم قوتن تي غالب اچڻ ضروري آهي. زندگي جدوجهد جو نالو آهي. معاشري کي براين کان پاڪ ڪري ان ۾ ملڪوتي قوتن کي اڀارڻو آهي. الله تعالى قوي آهي، مومن کي به قوي ٿيڻ گهرجي. قوت اها ڪونهي جيڪا پاڻ مڙي وڃي بلڪه قوت اها ٿيندي آهي جيڪا ٻئي کي موڙي ڇڏي. دنيا ۾ ڪڏهن به بزدلن ۽ نامردن ڪوبه انقلاب برپا ڪونه ڪيو آهي. مشڪلاتون زنده ۽ متحرڪ انسانن لاءِ ٿينديون آهن. هڪ بي روح لاش لاءِ مشڪلاتون ڪونه ٿيون ٿين. مسلمان دنيا ۾ ان لاءِ آيو آهي ته هو دنيا جي مظلوم انسانن کي استبداد جي زنجيرن کان آزادي ڏياري ڇو ته ڪامل سچائي، علم ڪامل، عقل ڪل قرآن حڪيم آهي جيڪو الله (نور) جو آواز آهي اسان تي فطري فرض عائد ٿئي ٿو ته اسان ”هاڻي” ئي قرآن حڪيم جي غلامي قبول ڪيون. جيڪو لمحه زندگي گذري ويو اهو خواب ٿي ويو ۽ اچڻ وارو لمحو اڃان تائين خيال آهي. ”اڄ“ ئي پنهنجو آهي. ان ڪري ”سڀاڻي“ جونه، اڄ جو فڪر ڪرڻ گهرجي. ”سڀاڻي“ پنهنجو فڪر پاڻ ڪندو. ماضي يادن جو مجموعو آهي ۽ مستقبل ماضي ۽ حال جي تجربن جو حاصل آهي. اصل لمحو اهوئي آهي جنهن ۾ توهان زنده آهيو. ان ڪري اي مومن! اي نور جا فرزند! ”هاڻي“ ئي حق جي راهه ۾، پنهنجي سڀني قوتن سان جهڪ. سيد هدايت ڏيندي چوي ٿو:

جي نه سڃاڻن سچ کي ويهه م تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.

*
جي ڀائين جوڳي ٿيان ته ڪر ڪلمي جي پار،
پنجن سان پورو رهه، آيا ٽيهه م ٽار،
تڏهن ڌاڳا ڌار جڏهن راهه سڃاڻين رب جي.

*
مان پڇني سپرين، چت ۾ چيتاريج،
ڪڍي ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ م ڪمائج،
وڻج وهائيج، سڀ سوداگر سچ جو.


[b]اڪثريت ۽ اقليت جي فطرت:
[/b]قرآن حڪيم حقيقت ڪامل آهي. حقيقت ڪڏهن به پراڻي ڪونه ٿيندي، هر وقت تازه رهندي آهي. قرآن حڪيم هر وقت FRESH آهي. هيٺ ڏنل آيتون اڄ به انسان جي آڏو سچائي پيش ڪري رهيون آهن:
اَلَاۤ اِنَّ وَعْدَ اللہِ حَقٌّ وَّلٰکِنَّ اَكْثَرَہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۵۵﴾
”ياد رکو ته الله جو وعدو سچو آهي ليڪن اڪثر ماڻهو ڪونه ٿا ڄاڻن.“
*
اَلَاۤ اِنَّمَا طٰٓئِرُہُمْ عِنۡدَ اللہِ وَلٰکِنَّ اَكْثَرَہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۱۳۱﴾ (اعراف: 131)
”ٻڌو! انهن جي نحوست ته بس الله جي ئي علم ۾ آهي ليڪن اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن.“
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبْدِیۡلَ لِخَلْقِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الْقَیِّمُ ٭ۙ وَلٰکِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿٭ۙ۳۰﴾ (روم- 30)
اها الله جي ئي فطرت آهي جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي. الله جي تخليق ۾ ڪابه تبديلي ڪونه ايندي. اهوئي سڌو دين آهي ليڪن اڪثرت ماڻهو ان جو علم ڪونه ٿا رکن.)
*
اَوَ لَمْ نُمَکِّنۡ لَّہُمْ حَرَمًا اٰمِنًا یُّجْبٰۤی اِلَیۡہِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَیۡءٍ رِّزْقًا مِّنۡ لَّدُنَّا وَلٰکِنَّ اَكْثَرَہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۵۷﴾ (قصص: 57)
”ڇا اسان انهن کي امن و امان واري حرم ۾ جڳهه ڪونه ڏني جتي هر قسم جا ميوا هليا اچن ٿا، اسان وٽان، بطور کائڻ جي لاءِ، ليڪن انهن مان اڪثر ماڻهو ڪونه ٿا سمجهن.“
*
قُلْ اِنَّ رَبِّیۡ یَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنۡ یَّشَآءُ وَ یَقْدِرُ وَ لٰکِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿٪۳۶﴾ (سبا -36)
”توهان چئي ڏيون ته منهنجو پروردگار زياده روزي ڏيندو آهي جنهن کي چاهي ۽ تنگ ڪندو آهي روزي، جنهن جي لاءِ چاهيندو آهي ليڪن اڪثر ماڻهو ان جو علم ڪونه ٿا رکن.“
*
وَمَاۤ اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا کَآفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِیۡرًا وَّ نَذِیۡرًا وَّ لٰکِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۲۸﴾ (سبا – 28)
”۽ اسان توهان کي سڀني انسانن جي لاءِ پيغمبر بنائي موڪليو آهي بطور خوشخبري ٻڌائڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو ليڪن اڪثر ماڻهو ڪونه ٿا سمجهن.“
مٿين سڀني آيتن ۾ جيڪا حقيقت مشترڪ آهي اها هيءُ آهي ته ”اڪثر ماڻهو علم نٿا رکن.“ مقصد هي آهي ته دنيا جي ڪهڙي به معاشري ۾ ”ماڻهن جي اڪثريت“ قدرتي طور تي اهڙن فردن تي مشتمل ٿيندي آهي جي ڪائنات ۾ انسان جي مقام کي نٿا سمجهي سگهن. خير کي شر کان يعني حق ۽ باطل جي نکيڙ ڪرڻ اڪثريت جو ڪم ناهي. قرآن شريف انهن آيتن سان ڀريو پيو آهي. هي آيتون ڏسو:
ضَرَبَ اللہُ مَثَلًا رَّجُلًا فِیۡہِ شُرَکَآءُ مُتَشٰکِسُوۡنَ وَ رَجُلًا سَلَمًا لِّرَجُلٍ ؕ ہَلْ یَسْتَوِیٰنِ مَثَلًا ؕ اَلْحَمْدُ لِلہِ ۚ بَلْ اَكْثَرُہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۲۹﴾ (زمر-28)
”الله مثال بيان ڪري ٿو ته هڪرو شخص آهي جنهن جاڪيترائي مالڪ آهن پاڻ ۾ ضد رکڻ وارا ۽ هڪ ٻيو شخص آهي جيڪو پورو هڪ ئي شخص جي ملڪ آهي ته ڇا انهن ٻنهي جي حالت يڪسان آهي؟ الحمدالله مگر هي ته انهن مان اڪثريت سمجهي ئي ڪونه ٿي.“
*
لَخَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ اَكْبَرُ مِنْ خَلْقِ النَّاسِ وَلٰکِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۵۷﴾ (مؤمن-57)
”آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان يقيناً وڏو ڪم آهي ليڪن اڪثر ماڻهو ڪونه ٿا سمجهن.“
*
وَ اِنَّ لِلَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا عَذَابًا دُوۡنَ ذٰلِکَ وَ لٰکِنَّ اَكْثَرَہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۴۷﴾ (طور-47)
”انهن ظالمن تي قبل ان جي به عذاب (اچڻ وارو) آهي ليڪن انهن مان اڪثر (ان جو) علم ڪونه ٿا رکن.“
قُلِ اللہُ یُحْیِیۡكُمْ ثُمَّ یُمِیۡتُكُمْ ثُمَّ یَجْمَعُكُمْ اِلٰی یَوْمِ الْقِیٰمَۃِ لَا رَیۡبَ فِیۡہٖ وَ لٰکِنَّ اَکۡثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿٪۲۶﴾ (جاثيه- 26)
”توهان چئي ڏيو ته الله ئي توهان کي زنده رکي ٿو پوءِ اهوئي توهان کي موت ڏئي ٿو پوءِ اهوئي توهان کي قيامت جي ڏينهن گڏ ڪندو جنهن ۾ ذري جيترو به شڪ ڪونهي ليڪن اڪثر ماڻهو ڪونه ٿا سمجهن.“
قرآن حڪيم جي انهن سڀني آيتن مان قدرت جو اهو قانون نمايان ٿو ٿئي ته دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ رهڻ وارن ماڻهن جي اڪثريت بي علم آهي. علم مان مراد ”حقيقت ڪلي“ آهي . ان ۾ هي سڀ سوال اچي وڃن ٿا ته ڪائنات ۽ انسان ڪيئن تخليق ٿيا؟ انسان جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ وغيره. ظاهر آهي ته دنيا ۾ رهندڙ سڀئي انسان انهن سوالن جا جواب ڄاڻي نٿا سگهن. انسان زمين تي ڪهڙي مقصد لاءِ آيو آهي، جيڪڏهن انسان کي زندگيءَ جي مقصد جي خبر ڪونهي ته پوءِ هو ڪامل ڪونهي چاهي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڇو نه پڙهيو هجي. مغربي تهذيب جي بت جي پوڄا ڪرڻ وارا مسلمان! ڇا تو هيءَ آيت پاڪ ڪونه پڙهي آهي؟
وَ اِنۡ تُطِعْ اَكْثَرَ مَنۡ فِی الۡاَرْضِ یُضِلُّوۡکَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ ؕ اِنۡ یَّتَّبِعُوۡنَ اِلَّا الظَّنَّ وَ اِنْ ہُمْ اِلَّا یَخْرُصُوۡنَ ﴿۱۱۶﴾ (الانعام-116)
”۽ جيڪي ماڻهو زمين تي آباد آهن انهن مان اڪثر جو چوڻ مڃڻ لڳؤ ته اهي توهان کي الله جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏيندا اهي ته بس اٽڪل جي ئي پيروي ڪن ٿا ۽ محض گمان ۾ پيل هوندا آهن.“
هتي هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رهي ته جيستائين اتي لٽي اجهي، تعليم ۽ روزگار جي بنيادي انساني ضرورتن جو معاملو آهي جيئن ته اُهي سڀني انسانن جون گڏيل ضرورتون آهن (۽ الله جو ڪلام به انهن جي بنا پر جي فراهميءَ جو حڪم ڪري ٿو) جنهن ڪري ان حد تائين ته مغربي جمهوريت انسانن لاءِ فائديمند ثابت ٿي آهي پر جيستائين معاشرتي ۽ تهذيبي معاملن جو تعلق آهي مغربي جمهوريت الله جي وحي کان رهنمائي وٺڻ بدران ماڻهن جي اڪثريت (جيڪا پنهنجي نفس جي تابع هوندي آهي) کان رهنمائي حاصل ڪري ٿي جنهن ڪري ئي مٿين آيت پاڪ ۾ خدا تعالى، رسول عربي کي اڪثريت جو چيو مڃڻ کان روڪي رهيو آهي. ڇو ته اڪثريت اٽڪل جي پيروي ڪري رهي آهي، انهن کي حقيقت جي ڪابه خبر ڪونهي. اهي ته صرف گمان ۾ پيل آهن. ڪهڙي به معاشري کي ڏسو، اڪثر ماڻهو سطحي فڪر وارا، جذبات جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ وارا، اهي آخر انهن نتيجن تي پهچندا جيڪي سندن خواهش جي حق ۾ مفيد هوندا يا انهن جي حياتياتي لاڙن جي تائيد ڪندا. جزوي عقل، هر وقت جذبات جي تسڪين لاءِ سامان ذرائع فراهم ڪرڻ ۾ لڳو رهندو آهي. ڇو ته انسان ذات جي اڪثريت خواهش جي تابع هوندي آهي، انهن جي نقل ۽ حرڪت جو مدار انهن جذبات تي ٿيندو آهي جن سان معقوليت جو ڪوبه واسطو ڪونهي، ڇوته:
واکثرهم لايعقلون (مائده: 103)
”۽ انهن مان اڪثر عقل کان ڪم نٿا وٺن.“
*
وَکَثِیۡرٌ مِّنْہُمْ سَآءَ مَا یَعْمَلُوۡنَ ﴿٪۶۶﴾ (مائده: 66)
”۽ اڪثر انهن مان اهڙا آهن جيڪي ڏاڍو برو ڪري رهيا آهن.“
قرآن حڪيم کي رهبر مڃڻ وارا دوست! مٿين آيتن جي سچائي اڄ به موجود آهي. هر هڪ پاڻ کي پوڄي رهيو آهي. مغربي تهذيب جا ديوانا غور وفڪر کان ڪم وٺ! دنيا پرستيءَ وارا عمل، ڪائنات ۽ انسان جي حقيقت سان، مطابقت ڪونه ٿا رکن. ان ڪري اهي برائي ڦهلائيندا رهن ٿا. نتيجي ۾ انسان اجتماعي طور زندگي جي مقصد طرف وڌڻ بدران، ان کان پري ٿيندو رهي ٿو. شيطان اڪثريت کي راه حق کان گمراهه ڪري چڪو آهي؛ هيءَ آيت اڄ به تازي آهي:
وَلَقَدۡ اَضَلَّ مِنۡکُمۡ جِبِلًّا کَثِیۡرًا ؕ اَفَلَمۡ تَکُوۡنُوۡا تَعۡقِلُوۡنَ ﴿۶۲﴾ (يٰس -62)
”۽ توهان مان (شيطان) هڪ وڏي مخلوق کي گمراهه ڪري چڪو آهي پوءِ ڇا توهان ايترو به نٿا سمجهو.“
هن آيت پاڪ کي ڏسو:
ثُمَّ جَعَلْنٰکَ عَلٰی شَرِیۡعَۃٍ مِّنَ الْاَمْرِ فَاتَّبِعْہَا وَ لَا تَتَّبِعْ اَہۡوَآءَ الَّذِیۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۱۸﴾
(جاثيه: 18)
”پوءِ اسان توهان کي دين جي هڪ خاص طريقي تي ڪيو سو توهان ان تي هلندا وڃو ۽ بي علم ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪيو.“
مٿين آيتن ۾ خدا تعالى رسول عربيﷺ کي منع ڪري رهيو آهي ته اهو بي علم ماڻهن جي خواهشن کي نه مڃي بلڪه دين (علم ڪلي) جي پيروي ڪري. قرآن شريف ۾ اچي ٿو:
قَالَ اَرَءَیۡتَکَ ہٰذَا الَّذِیۡ کَرَّمْتَ عَلَیَّ ۫ لَئِنْ اَخَّرْتَنِ اِلٰی یَوْمِ الْقِیٰمَۃِ لَاَحْتَنِکَنَّ ذُرِّیَّتَہٗۤ اِلَّا قَلِیۡلًا ﴿۶۲﴾ (بني اسرائيل:62)
” (شيطان) چيو اهو ئي آهي (آدم) جنهن کي تون مون تي فضيلت ڏني آهي؟ چڱو جيڪڏهن اهوئي فيصلو آهي ته پوءِ مونکي قيامت تائين مهلت ڏي پوءِ ڏس ته مان تنهنجي ان منتخب ڪيل ذريت جي نڪ ۾ نڪيلي وجهي ڪري ڪيئن نچايان ٿو، سواءِ قليل تعداد جي.“
قرآن حڪيم جي مٿين آيت مان ظاهر آهي ته دنيا ۾ رهڻ وارن ماڻهن جي اڪثريت جي نڪ ۾ نڪيلي ٻڌل آهي، جنهن جو ٻيو ڇيڙو شيطان جي هٿ ۾ آهي جيڪو انهن کي هر وقت دنياداري، شهوت پرستي، لالچ ۽ هوس جهڙين ادنى ۽ سطحي مفاد پرستين لاءِ نچائي رهيو آهي. صرف دنيا ۾ رهندڙ انسانن جو هڪڙو قليل تعداد آهي جيڪو شيطان جي چڪر ۾ ڪونه ٿو اچي. اهي سچا ماڻهو آهن، خدا تعالى انهن جو ڪارساز آهي.
جرمني جو فلاسافر Fredrick nitcnle پنهنجي ڪتاب Elements of philosophy ۾ لکي ٿو:
”عموميه يا جمهوريه جي معنى آهي هڪجهڙائي. ان جي معنى اها آهي ته هر عضوي جي هر حصي کي اجازت ڏني وڃي ته اهو جو چاهي ڪري ان جي معنى اتحاد ۽ باهمي فرق جومٽائڻ ۽ آزادي ۽ ابتريءَ کي تخت نشين ڪرڻ آهي. ان جي معنى هي به ٿيندي ته بي ڪمال ماڻهن جي پرستش ۽ باڪمال ماڻهن کان نفرت ۽ ٻين لفظن ۾ هيئن چئون ته وڏي ماڻهو جو ٿيڻ ناممڪن ٿي وڃي ڇو ته وڏو (عالم حق) ماڻهو عام انتخابات جي ذلتن کي ڪيئن برداشت ڪري سگهندو. اهڙين حالتن ۾ وڏي ماڻهوءَ کي ڪهڙو موقعو ملي سگهي ٿو. عوام آهي آزاد روح وارو بلندين جو دشمن. اهڙي دشمن کان سڀ کان وڌيڪ نفرت ڪن ٿا، جيڪو ڪنهن جماعت جو رڪن نه هجي ۽ اها نفرت اهڙي ٿيندي آهي جهڙي ڪتن کي بگهڙ سان ٿيندي آهي. اهڙي زمين ۾ فوق الانسان ڪٿان پيدا ٿي سگهي ٿو؟ ۽ اهڙي قوم اهڙي حالت ۾ ڪيئن وڏي ٿي سگهي ٿي؟ جڏهن ان جا وڏا ماڻهو بيڪار، مرده ۽ شايد نامعلوم ڪنهن ڪنڊن ۾ پيا هجن. اهڙي معاشري ۾ سيرت باقي ڪونه ٿي رهي. اعلى درجي جو انسان معيار طور پيش ڪونه ٿو ٿئي بلڪه اهو شخص معيار ۽ نمونو ٿي ويندو آهي جنهن کي ڪثرت آرا ٿيندي آهي. هر شخص ٻئي جي مشابه ٿي ويندو آهي. ايستائين جو مرد، عورتن جي مشابه ٿي وڃن ٿا.“
انساني زندگيءَ جا مسئلا ايترا اهم، نازڪ ۽ پيچيده ٿيندا آهن جو انهن جي لاءِ فهم نوراني ۽ عقل آسماني جي ضرورت ٿيندي آهي. عام بشري عقل ان جو احاطو ڪري نٿو سگهي. انسانن، جهالت جي ڪري اهوڪم خود انجام ڏيڻ شروع ڪيو ۽ حڪومت ڪرڻ جو منصب، هر ان شخص کي حاصل ٿيڻ لڳو، جنهن کي انسان ۽ ان جي حقيقت جي ڪابه خبر ڪونه هئي. انهن انسانذات کي غلط راهه تي لڳائي ڇڏيو. انسان نفس جي ظلمتن ۾ ئي ڦاٿو رهيو. روحانيت کي ڪچليو ويو. غلط انسان، شيطاني چالن ۽ قوت جي ذريعي اقتدار تي قابض ٿيندا رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو انسان شيطان جي بندگي ڪندي ڪندي حق کي وساري ڇڏيو.
انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي، ان به اڪثريت راءِ اهو ئي ڪجهه چيو آهي جيڪي قرآن حڪيم چوي ٿو:
”تنگ دروازي مان داخل ٿيو ڇو ته اهو دروازو ويڪرو آهي ۽ اهو رستو ڪشادو آهي جيڪو هلاڪت تائين پهچائي ٿو ۽ ان مان داخل ٿيڻ وارا گهڻا آهن. ڇاڪاڻ ته اهو دروازو سوڙهو آهي ۽ اهو رستو، جيڪو زندگيءَ تائين پهچائي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ وارا ٿورا آهن.“ (متي 7: 13-14)
سوڙهي رستي تي رڪاوٽون وڌيڪ ٿينديون آهن، ان جي مقابلي ۾ ڪشادو ۽ ويڪرو رستو رڪاوٽن کان پاڪ ٿيندو آهي، ان ڪري ان تي هلڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. هن دنيا ۾ طرح طرح جون دل کي موهڻ واريون شيون موجود آهن جيڪي ظاهر ۾ ته حسين ڏسڻ ۾ اچن ٿيون پر حقيقت جي لحاظ کان اهي زهر قاتل آهن. هن گناهن سان ڀريل دنيا ۾ خدا تعالى جو ٻڌايل رستو هڪ پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر آهي جيڪا بازار مان گذرندي هجي. اها ڪنواري هر وقت اهو خيال رکندي ته ڪٿي ڪنهن غير مرد کي ان جو جسم نه لڳي يا اها ڪنهن سان ٽڪرائجي ڪري نه پوي. اها لوفرن ۽ غنڊن کان پنهنجو بچاءُ ڪندي. انهن سڀني ڳالهين کان علاوه اها دوشيزه اهو به ڏسندي ته اها ڪنهن ڪمزور ۽ ضعيف لاءِ تڪليف جو سبب نه ٿئي. ظاهر آهي ته ان پاڪدامن عورت لاءِ اهو رستو سوڙهو ٿي پوندو. ان جي مقابلي ۾ هڪ بدڪردار عورت جو رويو پاڪدامن عورت جهڙو نه ٿيندو نتيجي ۾ اهو ئي تنگ رستو بدڪردار عورت لاءِ ويڪرو ٿي ويندو ڇو ته ان لاءِ اهي رڪاوٽون ڪونه هونديون جن سان پاڪدامن عورت جو واسطو پوي ٿو.
دنيا جي موجوده حالت تي غور ڪريو. نفس کي ئي خدا جو درجو ڏنو ويو آهي. هر ڪو پنهنجي نفساني خواهشن جي عبادت ۾ حق کي ڇڏي چڪو آهي ڇو ته حق، پابندين لاءِ چوي ٿو. دنيا جي اڪثريت نفساني خواهشن ۾ غرق آهي. يعني انسان تي سڌي يا اڻ سڌي طرح شيطان، غالب آهي، خدا کي ڏنل ان جي چيلينج پوري ٿي رهي آهي. قرآن حڪيم جي شاهدي آهي:
قَالَ فَبِعِزَّتِکَ لَاُغْوِیَنَّہُمْ اَجْمَعِیۡنَ ﴿ۙ۸۲﴾ (ص: 82)
”چيائين، تنهنجي جلال جو قسم! مان انهن سڀني کي (راهه حق) کان گمراهه ڪندس.“
عام طور چيو پيو وڃي ته مغربي جمهوريت اهو نظام حڪومت آهي؛ جنهن کان بهتر نظام جو تصور به ڪري نٿو سگهجي. ان نظام حڪومت کي رحمت خداوندي چيو وڃي ٿو. ان نظام جون، وڏيون خوبيون ڪجهه هن طرح آهن:
(1) اڪثريت جو فيصلو قانون جي حيثيت رکي ٿو يا هيئن سمجهو ته ڪنهن شي جي غلط يا صحيح هجڻ جو معيار نمائندن جي ڪثرت راءِ تي ٿيندو آهي.
(2) عوام جي منشا ان جي نمائندن ذريعي معلوم ٿيندي آهي.
(3) اقليت کي اڪثريت جا فيصلا صحيح مڃڻا پوندا آهن.
(4) ان نظام حڪومت ۾ حاڪم ۽ محڪوم جو امتياز باقي نٿو رهي.
اها حقيقت آهي ته مٿيان نڪتا اقتصادي ۽ انتظامي حوالي سان عرب جي مخصوص اجتماعي صورتحال جي تناظر ۾ اثرائتا ثابت ٿيا آهن، جنهن ڪري مغربي ملڪ ترقي يافته بڻجي چڪا آهن. پر جيئن ته قرآن حڪيم جي نظر ۾ اخروي نجات جو دارومدار نفس جي پاڪائيءَ تي آهي جيڪا اڪثريت وٽ اڻ لڀ آهي تنهنڪري قرآن حڪيم جي نظر ۾ اڪثريت جاهل ۽ بي علم آهي ۽ لازمي طور انهن جا ڪيل معاشرتي فيصلا پڻ حق کان پري هوندا.
هيٺين آيتن تي وري غور ڪندا هلو:
اَلَاۤ اِنَّ وَعْدَ اللہِ حَقٌّ وَّلٰکِنَّ اَكْثَرَہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۵۵﴾ (يونس: 55)
”ياد رکو ته الله جو وعدو سچو آهي ليڪن اڪثر ماڻهو ڪونه ٿا ڄاڻن.“
اَلَاۤ اِنَّمَا طٰٓئِرُہُمْ عِنۡدَ اللہِ وَلٰکِنَّ اَكْثَرَہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۱۳۱﴾ (الاعراف: 131)
”انهن جي نحوست ته بس الله جي ئي علم ۾ آهي ليڪن اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن .“
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبْدِیۡلَ لِخَلْقِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الْقَیِّمُ ٭ۙ وَلٰکِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿٭ۙ۳۰﴾ (روم: 30)
”اها الله تعالى جي فطرت آهي جنهن جي فطرت تي انسانن کي ٺاهيو ويو آهي خدا جي قانون تخليق ۾ ڪابه تبديلي ڪونه ايندي اهوئي دين قائم آهي. ليڪن اڪثريت ڪونه ٿي ڄاڻي.“
اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته قرآن حڪيم ۾ اهڙو ڪوبه واضح نظام حڪومت ڪونهي جنهن ذريعي حڪومت ڪئي وڃي. دراصل اهڙي راءِ قرآن حڪيم متعلق سطحي بلڪه اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار آهي، دراصل قرآن حڪيم انسانن جي نفس جي پاڪائيءَ ۽ فڪري اوسر ذريعي اهڙو اجتماعي معاشرو قائم ڪرڻ گهري ٿو جيڪو هر قسم جي حالتن ۾ انسان ذات لاءِ دنيا توڙي آخرت ۾ فلاح ۽ نجات جو سبب بڻجي. ان جو عملي نمونو انبياء عليهم السلام ۽ سندن ساٿين قائم ڪري ڏيکاريو. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰکَ شَاہِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیۡرًا ﴿ۙ۴۵﴾ وَّ دَاعِیًا اِلَی اللہِ بِاِذْنِہٖ وَ سِرَاجًا مُّنِیۡرًا ﴿۴۶﴾
(احزاب: 46-45)
(ترجمو: اي نبي اسان توکي موڪليو آهي شاهد بنائي بشارت ڏيڻ وارو مداين جي برن نتيجن کان خبردار ڪرڻ وارو، الله جي طرف ان جي حڪم سان سڏڻ وارو روشن سج
انهي آية پاڪ ۾ حضور اڪرم جن جي حيثيت کي ”روشن سج“ ڪوٺيو ويو آهي. يعني نظام شمسيءَ ۾ جيڪا حيثيت سج کي آهي اها ساڳي حيثيت (زمين تي) آسماني نظام حڪومت ۾ ”عالم“ کي آهي. علم ڪلي جو مالڪ انسان، دنيا جو قدرتي حڪمران آهي. انبياءَ عليه السلام جي اچڻ جو دروازو هاڻي بند ٿي چڪو آهي. هاڻي حڪمراني جو حق ”عالمن“ کي آهي. ڇو ته نبيءَ جو جانشين، علم ڪلي جو مالڪ ”عالم“ ٿيندو آهي. ياد رکو! جيستائين حق ۽ حڪم هڪ ڪونه ٿيندا تيستائين زندگي جي مقصد ڏانهن حرڪت ٿي ڪونه سگهندي. نبوت ۽ نبوت جو قانون تيستائين قائم رهي ٿو جيستائين حق عالم ان جي حفاظت ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان هاڻي به مرڪزي حيثيت عالم حق کي ڪونه ڏني ۽ هميشه وانگر ”اوندهه“ کي مرڪز قرار ڏنو. ته پوءِ معمول مطابق دنيا اوندهه جو طواف ڪندي غرق ٿيندي. اڄ به انسان ”جهالت“ جي طواف ۾ مصروف آهي ڇو ته حڪمران (سياستدان) حقيقت ڪل جا مالڪ ڪونه آهن. مرڪز تي اوندهه جو سخت قبضو آهي. آسمان پنهنجي حسين ستارن سميت ڪائنات جو جز آهي جيڪو باقي ٻين جزن سان ملي ڪري تڪميل ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي، اهو ڪائنات جي ٻين جزن جو همسفر ۽ رفيق راهه آهي. انهن جو معاون آهي. انساني زندگيءَ جو سياسي نظام ان وقت تائين درست ڪونه ٿيندو جيستائين انساني معاشرتي نظام قرآني تزڪيه نفس جي اصولن تي بيٺل نه هجي. اهڙي باهمي توازن مان جيڪو حسن پيدا ٿيندو اهو ئي خير آهي. ”نور جو متوازن“ نظام جيڪو ڪائنات ۾ موجود آهي ان جو عڪس زمين جي سيني تي انساني جسمن ۾ به اچڻ گهرجي ڇو ته خدا تعالى انسان کي پنهنجي فطرت تي پيدا ڪيو آهي:
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ(روم: 30)
اها الله تعالى جي ئي فطرت آهي جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.
ياد رکو! جنهن نظام حڪومت جي ذريعي زندگي جا مقصد پورا ڪونه ٿا ٿين ته پوءِ اها حڪومت ڪونهي، بلڪه اها خدا جي غضب جوئي هڪڙو روپ آهي. مادي ڪائنات ۾، قدرتي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ رياضيات جي قانونن تي هر وقت عمل ٿي رهيو آهي. ليڪن زمين جي سيني تي، انساني دنيا ۾، انسان کي مليل اختيار جي غلط استعمال سان اهي مقصد پورا ڪونه ٿا ٿين.
انجيل پاڪ ۾ انهيءَ حقيقت کي هيٺين لفظن ۾ پيش ڪيو ويو آهي:
”تنهنجو نالو پاڪ ڄاتو وڃي، تنهنجي بادشاهي اچي، تنهنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي تيئن زمين تي به ٿئي.“ (متي 6: 10)
ڪائنات ۾ نور ئي نور آهي، نور جا ڪجهه مقصد آهن جن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نور آسماني حڪومت جو روپ ورتو آهي. نور جي مقصد کي، نور جي حڪومت (آسمان جي بادشاهت، دين) سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ نور جي مقصدن کي جيڪا قوت حاصل ڪندي آهي تنهن کي حڪمران چئجي ٿو. زمين جي سيني تي، انساني جسمن جي زندگي جو هڪڙو مقصد آهي. حڪومت نور (آسماني بادشاهت، خدا جي بادشاهت، نور جي بادشاهت) ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جو واحد قدرتي ذريعو آهي. حڪمران اهو نوراني وجود آهي جيڪو (نور، قرآن حڪيم، علم) جي روشنيءَ ۾ عالم انسانيت جي رهبري ڪري انهن کي ڪمال (خدا تعالى) تائين پهچائي. يعني نوراني (عالم) حڪمران ئي انسان کي ڪامل ڪري سگهي ٿو. دنيا ۾، هن وقت تائين، ڪيترائي حڪومت جا نظام آزمايا ويا، ليڪن انساني ڏکن ۽ ڏولاون ۾ ڪابه ڪمي ڪونه آئي آهي. مغربي جمهوريت ۽ لاديني سوشلزم وغيره پنهنجن تجرباتي مرحلن دوران پنهنجي محدود دائرن اندر جيتوڻيڪ عام ماڻهن کي صحت، تعليم، گهر ۽ روزگار جون ضرورتون مهيا ڪيون ۽ کين معاشي بي فڪري ڏني پر جيئن ته سندن سوچ ۽ فڪر جو دائرو هن دنيا ۽ دنيا جي مادي ضرورتن، سهوليتن ۽ لذتن تائين محدود هيو تنهنڪري هن دنيا جي خالق ۽ هلائيندڙ چلائيندڙ جي ڏنل نظامِ حيات جي فيض کان محروم رهجي ويا.
دراصل اسان کي کپي ته پهريائين انسان جي حقيقت کي سامهون رکي پوءِ ان جي فطري تقاضائن جي پورائي وارو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نظام تجويز ڪريون. انسان هڪ اهڙو وجود آهي جنهن ۾ هن دنيا جي لذتن تائين محدود رهڻ ڪري اسفل سافلين ۽ هن دنيا ۾ رهي دنيا کان مٿانهون ٿي سوچڻ ۽ عملي زندگي بسر ڪرڻ ڪري احسن تقويم جي مرتبي تي فائز ٿيڻ واري قدرتي قانون جا نتيجا موجود آهن. ان کان سواءِ نسل در نسل ڪيل گناهن جي ڪري ان جو جسم پراڻو ۽ ڪمزور ٿي ويو آهي. ”نفس“ ۽ ان جون غلاظتون انسان ۾ موجود آهن. انسان شفا چاهي ٿو:
هن آية پاڪ تي غور ڪريو:
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدْ جَآءَتْكُمۡ مَّوْعِظَۃٌ مِّنۡ رَّبِّكُمْ وَشِفَآءٌ لِّمَا فِی الصُّدُوۡرِ ۬ۙ(يونس: 57)
(ترجمو: اي سڄي دنيا جا انسانو! توهان کي نشونما ڏيڻ واري جي طرف کان هڪڙو ضابط حيات آيو آهي جيڪو توهان جي نفسياتي بيمارين جوعلاج پنهنجي اندر رکي ٿو.)
نبي سڳورا حڪيم ٿيندا آهن. اهي پنهنجي حڪمت سان انسانن جي روحاني بيمارين جو علاج ڪري انهن کي پاڪ صاف ڪندا آهن ته جيئن هو بلندي جي مٿئين ڏاڪي تي چڙهڻ جي قابل ٿين. ياد رکو، روحاني بيمارين جي موجودگي ۾ جسماني بيمارين جو خاتمو ممڪن ڪونهي.
کَمَاۤ اَرْسَلْنَا فِیۡكُمْ رَسُوۡلًا مِّنۡكُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡكُمْ اٰیٰتِنَا وَیُزَکِّیۡكُمْ وَیُعَلِّمُكُمُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَیُعَلِّمُكُمۡ مَّا لَمْ تَكُوۡنُوۡا تَعْلَمُوۡنَ ﴿۱۵۱﴾ؕۛ (بقره: 151)
(ترجمو: (اهڙيءَ طرح) جيئن اسان توهان جي درميان هڪڙو رسول توهان مان ئي موڪليو، جيڪو توهان جي روبرو خدا تعالى جون آيتون پڙهي ٿو ۽ توهان کي پاڪ و صاف ڪري ٿو ۽ توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو. اهو توهان کي ان جي تعليم ڏئي ٿو جيڪي توهان ڪونه ڄاڻيندا هئا.)
نبي آيات الاهي جي تلاوت ڪندو آهي. يعني الله تعالى جا قانون ۽ ارشادات جيئن جو تيئن ٻڌائيندو آهي. تزڪيه مان مراد آهي ته نبي ماڻهن جي اخلاق ۽ انهن جي زندگي کي خراب صفتن، خراب رسمن ۽ برن طريقن کان پاڪ ڪندو آهي ۽ انهن جي اندر سٺون صفتون ، آسماني اخلاق ۽ فطري طريقن جي نشوونما ڏيندو آهي. ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيندو آهي. حڪمت، حقيقت ڪل جي روشني ۾ فيصلي ڪرڻ کي چئبو آهي. ان کان سواءِ حسن ۽ انصاف جومفهوم به حڪمت ۾ ئي ايندو آهي. حڪمت ۾ قوت جو عنصر به آهي ۽ اهو ئي عنصر اسلامي نظام حڪومت کي نظام حڪمت بڻائي ٿو. نبي، حڪمت سان ماڻهن کي خدا جي ڪتاب جي صحيح منشا ۽ مدعا سمجهائيندو آهي ۽ انسانن جي اندر اهڙي بصيرت پيدا ڪندو آهي ته جيئن اهي ڪتاب جي اصل روح تائين پهچن ۽ پنهنجي حسين عملن سان حسن گڏ ڪري حسين کان حسين تر مقام ڏانهن وڌن. ظاهر آهي ته اهو ڪم ان وقت تائين ڪونه ٿي سگهندو جيستائين نبي اقتدار جو مالڪ نه ٿئي، نبي ، الله تعالى جي طرف کان فطري حڪمران ٿيندو آهي. هو خليفي جي روپ ۾ نائب نور ٿيندو آهي.
یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰکَ خَلِیۡفَۃً فِی الْاَرْضِ فَاحْكُمۡ بَیۡنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ (ص: 26)
(ترجمو: اي داؤد، اسان توهان کي خليفو بنايو آهي ان ڪري توتي لازمي آهي ته ماڻهن تي حق سان حڪومت ڪر.)
حق سان حڪومت ڪرڻ جو مقصد آهي آسماني قانونن ۽ حڪمن مطابق ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ. ان مان ظاهر ٿيو ته خليفي جو مقصد احڪام الاهي پهچائڻ کان سواءِ انهن قانونن مطابق حڪومت ڪرڻ به آهي.
خارجي ڪائنات ۾ نور جي حڪومت موجود آهي. زمين تي نور جي حڪومت ٺهڻ گهرجي، علم نور آهي.
علم جي بادشاهت شاهه آهي ته سج جي جاءِ سج ئي ڀري سگهندو. حقيقت ڪل ڄاڻندڙ جي جاءِ حقيقت ڪل وارو ئي ڀري سگهي ٿو. علم (نور) جو جانشين عالم ئي ٿي سگهي ٿو. عالم جي جاءِ عالم ئي ڀري سگهي ٿو.
ڪائنات عدل جي بنياد تي قائم آهي، آسمان ۾ عدل قائم آهي. هر شيءِ هڪ قانون جي تابع آهي. سياست الاهي انساني دنيا ۾ عدل قائم ڪرڻ لاءِ ئي آهي. ٻيءَ حالت ۾ زمين تي عدل قائم ٿي نه سگهندو. عدل جي تقاضا اها آهي ته زمين تي آسماني نظام آندو وڃي ۽ هر شيءِ کي اهو مقام ڏنو وڃي جنهن لاءِ اها قابل آهي.
وَ السَّمَآءَ رَفَعَہَا وَ وَضَعَ الْمِیۡزَانَ ۙ﴿۷﴾ (رحمٰن:7)
(ترجمو: ان آسمان کي بلند ڪيو ۽ هر شيءِ جي لاءِ ميزان مقرر ڪئي.)
نظام شمسي هڪ عادلانه نظام جو پابند آهي. انهن آسماني جسمن قدرت الاهي جي اڳيان پنهنجو گردن جهڪائي ڇڏيو آهي. هڪ نور جي بادشاهت انهن مٿان حڪومت ڪري رهي آهي. الله تعالى پنهنجي پيغام موڪليندڙن کي زمين تي ان ڪري موڪليو ته اهي زمين جي سيني تي موجود، انساني جسمن کي ان نظام ۾ آڻن، جيڪو نظام حڪومت ڪائنات ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. حقيقي عدل به اهو ئي آهي. انسان کي ڪامل ڪرڻ جو ٻيو ڪوبه قدرتي ذريعو ڪونهي. انسان جي ڪامل ڀلائي لاءِ ٻيو ڪو متبادل ڪونهي. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ
(حديد: 25)
(بيشڪ اسان پنهنجي رسولن کي موڪليو روشن دليلن سان ۽ ساڻن گڏ ڪتاب ۽ ميزان نازل ڪيو ته جيئن ماڻهو عدل سان قيام ڪن.)
دنيا ۾ سڀئي پيغمبر عدل قائم ڪرڻ لاءِ آيا. ظاهر آهي ته اهو ڪم معاشري تي حڪومت ڪرڻ کان بغير ممڪن ڪونهي. تنهنڪري انسان جي بهتريءَ لاءِ سياست پيغمبرن جو ڪم آهي. هن وقت پيغمبرن جا وارث حق جي لاءِ جهيڙيندڙ عالم ئي آهن. جن جو علم دنيا جي انتظامي مامرن سان گڏ عبادتن ۽ سعادتن تي پڻ محيط هجي. اهي ئي انسانذات کي قرآن حڪيم جي روشني ۾، جهالت جي اونداهين مان ڪڍي نور (علم) جي ذريعي ڪمال (خدا) تائين پهچائي سگهن ٿا. ياد رهي ته هن جديد ايٽمي دور ۾ به دنيا تي جهالت ئي حڪمران آهي. حقيقت ڪلي جي تجلي ڪٿان به ڪو نه ٿي نظر اچي. نتيجي ۾ هر طرف شيطانيت ڇانيل آهي. جنگ وجدل پنهنجي خوني عصا سنڀالي آهي. قهر و غضب جي ديوتائن شور برپا ڪيو آهي. انسانيت جي سطح تي هڪ خود رو جهنگل اڀري آيو آهي. خوفناڪ ٻوڙن ۽ تاريڪ وادين ۾ خونخوار درنده ۽ زهريلا جيت آهن. ان جهنگل مان نڪرڻ جو آسان رستو قرآن شريف ٻڌائيندو پر قانون قدرت مطابق جيڪو ٺاهڻو وري به اسان کي ئي آهي.
حق جي قيام لاءِ انسان کي اٿي بيهڻو آهي. جڏهن حڪم، حق جي خلاف هجي ته حقيقي انسان جو فرض آهي ته پنهنجي قول ۽ فعل سان اهو اعلان ڪري ته باطل جي حڪومت، حقيقت ڪامل جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان جي اڳيان سر نه جهڪائيندس. هڪ طرف حق هجي ۽ ٻئي طرف باطل ته اهڙي صورت ۾ علي الاعلان پهرين گروهه جي طرفداري ڪري حق و انصاف کي قوت ڏيڻي آهي. اهڙي حالت ۾ غير جانبداري ڪفر آهي. حق سان گڏ حق جو آواز نه ملائڻ وارو گونگو شيطان آهي. قرآن حڪيم انسان کي هڪ اهڙي صاف، پرنور ۽ مقدس جهان ۾ ڏسڻ چاهي ٿو جتي آسماني قدرن جي حڪومت هوندي.
عالم فطرت ئي انسانذات تي حڪمراني جو قدرتي حق رکي ٿو. عالم فطرت ئي انساني سياست کي سمجهڻ جي اهل آهي. هن وقت تائين بي علم بادشاهن، ظالم جابرن ۽ جاهل سياستدانن دنيا تي حڪم هلايو آهي. انهن حقيقت نور کان ناواقف هجڻ ڪري انسانذات کي باهه ۾ جلايو. انهن ظالمن جي غير فطري رهبري ٻن عظيم جنگين جي تباهي نازل ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن انهن جو هٿ نه روڪيو ويو ته پوءِ يقينن ٽين عالمي جنگ جا آتشي نيزا ضرور ٽڪرائيندا ۽ ايٽمي توانائي زمين جي پٺيءَ تان زندگي جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندي. انسان جي روحاني ارتقا صرف ان وقت بلندين طرف وڃي سگهي ٿي جڏهن نظام حيات حق تي قائم هجي. Robert Braiffault تهذيب و تمدن جي علوم کي ئي هڪڙي حيثيت قبول ڪري ٿو. هو پنهنجي ڪتاب The Making of Humnity ۾ لکي ٿو:
”انسان جي اجتماعي زندگي جو ڪو به نظام، جنهن جو بنياد باطل تي هجي، ڪڏهن به قائم رهي ڪو نه ٿو سگهي، خواه ان باطل نظام کي ڪهڙي به تدبير ۽ دانشمندي سان ڇو نه هلايو وڃي. ان جي بنيادي ڪمزورين ڪري خارجي نظم و ضبط ۽ هيڏانهن هوڏانهن جي جزوي مرمت سان ڪڏهن به بلندي نصيب ٿي ڪو نه ٿي سگهي. جيستائين ان جي اصليت باقي آهي، ان جي لاءِ تباهي مقدر آهي.“ (صفحو 159)
جيڪڏهن اسان جي مٿان جهالت حڪمران هوندي ته پوءِ بدن جو اهو نور ڪيئن چمڪندو ۽ مسڪرائيندو جيڪو گناهن جي ميراڻ هيٺيان دٻيو پيو آهي. بدن جي ان نور کي واپس آڻڻ لاءِ نور (علم) جي حڪومت هجڻ گهرجي ڇو ته علم نور آهي.
حقيقت اها آهي ته انسانذات، هن وقت تائين حڪومت ڪرڻ جا جيترا به نظام آزمايا آهن، انهن کي شروعات ۾ پنهنجو همدرد سمجهي انهن تي عمل ڪندو رهيو. ان ڪڏهن شهنشاهن بادشاهن کي سجدو ڪيو ته ڪڏهن فسطائيت، آمريت ۽ جمهوريت جا گيت ڳايا، ان حق جو چيو اڄ تائين ڪو نه مڃيو. حق ۽ باطل جي تباهه ڪن شراڪت هر وقت غالب رهي. انهن نظامن ۾ باطل جي آميزش جڏهن پنهنجو اثر ڏيکاريو ته ان کان بيزار ٿي، انسان پاڻ ئي انهن نظامن خلاف بغاوت ڪئي. اڄ انسان، مغربي جمهوريت جي چڪر ۾ بري طرح ڦاسي چڪو آهي. انسان جي فطرت حق جي طالب آهي، ان ڪري ، ان کي، مغربي جمهوريت ۾ لڪل باطل قوتن جي شراڪت سڪون دل مهيا ڪري نٿي سگهي ڇو ته مغربي جمهوريت اهو نظام حڪومت آهي، جنهن ۾ مڪمل حقيقت ڪونهي، بلڪه ان ۾ باطل جي ملاوٽ آهي. پوري سچائي ڪا ٻي آهي ۽ اهو آهي قرآن حڪيم.
صحيفه فطرت ڪائنات ۾ واحد حقيقت آهي، اهو ئي قرآن شريف جو چوڻ آهي. ان کانسواءِ جيڪي اسان پنهنجي طرفان ڏٺو آهي سو سڀ ”ظن“ آهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي ته ڪائنات ۾ صرف حق موجود آهي. خلق السموات والارض بالحق“ انهيءَ صحيفه فطرت جي حقيقت ڄاڻيندڙ عالم، دنيا جي انسانن ۾ بهترين ذهن جو مالڪ آهي، ڇو ته اهو ئي وجود آهي جيڪو ڪائنات جي حقيقت ۽ ان ۾ انسان جي مقام کي سمجهي سگهي ٿو. عالم فطرت ئي انساني زندگيءَ جي مقصد کي ڄاڻي ٿو، ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي قوت رکي ٿو.
سياستدان، ذاتي مفادن، هڪٻئي سان حسد ۽ بي اعتماديءَ جي جهڳڙن ۾ ڪجهه اهڙيءَ طرح اٽڪي پيا آهن جو انهن جي لغت ۾ سياست مان مراد محض سازشون، عياري ۽ جعلسازي آهي. انهن جي حڪمت جو بنياد مڪرو فريب آهي ۽ مڪرو فريب جو مقصد آهي روح جو موت يعني صرف تن جي زندگي. ان حڪمت سبب انسانيت جو شعلو بي نور ٿي ويو آهي. ان جو صبح، ان جي شام کان وڌيڪ اونداهو آهي. ٻيو ته ان حڪمت جي نتيجي ۾ انسان هر وقت، زندگيءَ کي مادي سهوليتون پهچائڻ ۾ مصروف نظر اچي ٿو. ان کي هر وقت يا ته مانيءَ جو فڪر آهي يا موت جو خوف. افسوس آهي اهڙي انسان تي جنهن جي دل الله (زندگيءَ جي مقصد) جي محبت کان خالي هجي. دراصل اهڙي انسان کي مئي عرصو گذري چڪو آهي، ڇو ته جاهل حڪمرانن (سياستدانن ان کي نور (زندگي) جي وادي ۾ پهچائڻ بدران ظلمت (فنا) جي شڪنجي ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
اَللہُ وَلِیُّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ۙ یُخْرِجُہُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوُرِ۬ؕ وَالَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اَوۡلِیٰٓـُٔہُمُ الطَّاغُوۡتُ ۙ یُخْرِجُوۡنَہُمۡ مِّنَ النُّوۡرِ اِلَی الظُّلُمٰتِ ؕ(بقره:257)
”الله انهن جو ساٿي آهي جن ايمان آندو آهي، اهو انهن کي ظلمات مان ڪڍي نور (علم) جي طرف وٺي وڃي ٿو ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو انهن جا ساٿي شيطان آهن جيڪي انهن کي نور مان ڪڍي ڪري ظلمات جي طرف وٺي ويندا آهن.“
هن وقت تائين علم حقيقي (قرآن حڪيم) کي ٻڌوئي ڪو نه ويو آهي. اسان پنهنجي هٿن سان ئي پنهنجي زندگي جي روحاني رنگينين ۾ ڪنڊا اڇلايا آهن. اسان پنهنجي بدن جي نور جا پاڻ ئي قاتل آهيون. پنهنجي زندگيءَ جا پاڻ ئي دشمن آهيون.
خلافت جو حق ان وقت صحيح طور تي ادا ٿي سگهي ٿو. جڏهن اسان جو هر عمل خدا تعاليٰ جي مرضيءَ مطابق هجي، يعني انسان الله تعاليٰ جو فرمانبردار بندو ٿي وڃي. ظاهر آهي ته الله تعاليٰ جو بندو قدرت جي انهن قانونن تي عمل ڪندو جيڪي کيس مٿي اڀارن ٿا يعني مقصد زندگيءَ جي ويجهو ڪن ٿا ۽ انهن عملن کان هٽي ويندو جيڪي کيس پستي ڏانهن ڇڪين ٿا. نبي سڳورا حڪومت جي قوت سان انسانيت کي جهالت جي ظلمت مان ڪڍي علم (نور) جي دنيا ۾ آڻن ٿا ته جيئن انسان، گناهن جي باهه ۾ سڙيل بدن جو نور واپس وٺڻ لاءِ نور جي رهبريءَ ۾ خوب کان خوب تر مقام ڏانهن وڌي ڪمال (الله) تائين پهچن. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوۡسٰی بِاٰیٰتِنَاۤ اَنْ اَخْرِجْ قَوْمَکَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ۬ۙ(ابراهيم:5)
”۽ باليقين اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان موڪليوسين ته پنهنجي قوم کي ڪڍي اچو تاريڪين مان نور (علم) جي طرف.“
طاقت ۽ دولت، حڪومت وٽ ٿيندي آهي. خيالات، افڪار ۽ نظريات کي ٺاهڻ ۽ انسانذات کي انهن سانچن ۾ فٽ ڪرڻ جا وسيلا حڪومت وٽ هوندا آهن. اخلاقي قدرن جو تعين جن جي اختيار ۾ هجي، انهن جي رهنمائي ۽ فرمانروائي تحت مجموعي حيثيت سان ان راهه تي هلڻ لاءِ مجبور ٿيندي، جنهن راهه تي اهي رهبر انهن کي هلائڻ چاهن ٿا. اي انسان! هڪڙي صاف ۽ سڌي حقيقت آهي ته انڌو انڌي جي پويان هلندو ته ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا. راهه حق کان بي خبر رهبر جي پويان هلڻ خودڪشي جي مترادف آهي. راهه کان بي خبر رهبر ان ماڻهوءَ وانگر ٿيندو آهي، جيڪو صبح جو جانورن جي ڌڻ کي ذبح خاني ڏي وٺي ويندو آهي.
انسان جي زندگي ان وقت بامقصد ٿيندي جڏهن هو پوري جو پورو اسلام (نور) ۾ داخل ٿي وڃي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته زندگيءَ جي ڪجهه شعبن تي ته اسلام (نور) جي حڪومت هجي ۽ باقي شعبن تي شيطان حاوي هجي.
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا ادۡخُلُوۡا فِی السِّلۡمِ کَآفَّۃً ۪ وَ لَا تَتَّبِعُوۡا خُطُوٰتِ الشَّیۡطٰنِ ؕ(بقره:207)
”اي ايمان وارو! اسلام ۾ پوري جا پورا داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي نقش قدم تي نه هلو.“
الله تعاليٰ زمين جي سيني تي انسان کي ڪمال تائين پهچائڻ لاءِ موقعا ۽ ذريعا مهيا ڪيا آهن. رياست ۽ حڪومت جو وجود ان لاءِ آهي ته جيئن اجتماعي نظم ۾ زندگيءَ جي تڪميل لاءِ عمل ڪيو وڃي. زندگي بامقصد ٿئي يعني انسان جو هر عمل روحاني (نوراني، قرآني ) ٿئي.
ڪائنات جون هي وسعتون خود آگاهي ۽ خود تعمير لاءِ ميدان عمل آهن. ان ڪري قرآن حڪيم جي نظر ۾ مملڪت اسلام (آسماني بادشاهت، دين، نور جي بادشاهت) هڪ انتهائي پاڪيزه ادارو آهي جنهن سان انسان جي روحاني پهلوئن جي تڪميل ٿيندي آهي. آسماني بادشاهت، زندگيءَ جي نصب العين کي زمان ۽ مڪان ۾ صورت پذير ڪندي آهي. قرآن حڪيم اسلامي حڪومت (آسماني بادشاهت) کي قانون، عدل، بلند اخلاقي ۽ مقصد حيات جو ذريعو چوي ٿو۔
دين ۽ سياست ۾ تفريق غلط آهي، ڇو ته حقيقت مطلق محض نور آهي ۽ ماديت جي دنيا حقيقت جو ئي مظهر آهي. اسلام، رياست ۽ حڪومت کان بغير هوندو ته پوءِ ان جو هڪ انتهائي اعليٰ حصو معطل ٿي وڃي ٿو. الله جو دين، حڪمراني ۽ غلبي جي بجاءِ شيطان جي غلامي ۽ ان جي مغلوبيت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح انسان جي پوري زندگي بي مقصد ٿي پوي ٿي. ان جي هر پهلوءَ تي ظلم حاوي ٿي وڃي ٿو.

[b]رياست مقصد نه، بلڪه ذريعو آهي:
[/b]الله تعاليٰ، ڪائنات ۾، انسان جي مقصد (ڪمال) کي حاصل ڪرڻ لاءِ موقعا ۽ ذريعا مهيا ڪيا آهن. رياست ۽ حڪومت جو وجود ان ڪري آهي ته جيئن اجتماعي نظم و نسق ۾، زندگيءَ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عمل ٿئي. يعني رياست، مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، خود مقصد ڪونهي.
وري غور ڪريو، مادي ڪائنات جون هي وسعتون، خود آگاهي ۽ خود تعمير لاءِ ميدان عمل آهن. ان ڪري قرآن حڪيم جي نظر ۾، اسلامي مملڪت هڪ انتهائي نوراني، پاڪيزه ۽ مقدس ادارو آهي، جنهن سان انسانذات جي روحاني پهلوئن جي تڪميل ٿيندي آهي. اسلامي حڪومت، زندگيءَ جي نصب العين کي زمان و مڪان ۾ صورت پذير ڪري ٿي. قرآن حڪيم، اسلامي حڪومت (دين، آسماني بادشاهت) کي ڪمال حاصل ڪرڻ جو ذريعو چوي ٿو. قرآن پاڪ ڪو مذهبي عقيدو يا پوڄا پاٺ سيکارڻ جو ڪتاب ڪونهي، بلڪه حقيقت ڪليءَ تي مبني اهڙو جامع نظام حيات پيش ڪري ٿو، جيڪو دنيا مان زندگيءَ جي سڀني ظالم ۽ فسادي نظامن کي مٽائي انهن جي جاءِ تي نور (آسمان) جي بادشاهت قائم ڪري ٿو، ته جيئن ان نظام جي ذريعي، انسان ڪمال (الله) تائين پهچي، يعني آسماني صحت حاصل ڪري، موت کي ماري، جنت تائين پهچي، بقا، ڪمال ۽ دائمي مسرتن ملڻ جو اهو ئي ذريعو آهي.
انسانن تي حڪومت ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته انهن کي ظلمات مان ڪڍي نور طرف وٺي اچجي. شيطان، انسان جي بدن تي چڙهيل نور جي چادر کسي چڪو آهي. حاڪم جو فرض آهي ته شيطان کان اها چادر کسي، اھا وري انسانن کي پهرائي. انسانذات کي الله(ڪمال) تائين اهو حڪمران ئي پهچائي سگهندو جنهن کي الله تعاليٰ جي معرفت حاصل آهي، جنهن جو سڌو رستو ڏٺل آهي.
ياد رکو روحاني علاج روحاني حڪيم ئي ڪري سگهندو. انساني جسم جي روحاني تعمير روحاني انجنيئر کان بغير ناممڪن آهي. هي تصور ته انسان جي تقدير انهن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏني وڃي جيڪي ڪارخانه قدرت جي ”مشيت“ ۽ مقصد کان قطعاً ناآشنا آهن، هڪڙو انتهائي وڏو ظلم آهي. اهو انسان جي حقيقت، گلن جي رنگيني، ٻارڙن جي معصوم مسڪراهٽ ۽ آسماني سرور سان بغاوت آهي. انهن جهالت جي مجسمن (سياستدانن) کي ڇا خبر ته اڄ انسانيت جي ترقي ڪارخانه فطرت جي اصلي حياتياتي مقصد کان ڪيترو پري هٽي چڪي آهي. الله تعاليٰ (ڪمال) جي طرف عالم فطرت ئي رهبري ڪري سگهي ٿو ڇو ته اهو ئي نوراني مجسمو آهي.
وَّاتَّبِعْ سَبِیۡلَ مَنْ اَنَابَ اِلَیَّ ۚ (لقمان:15)
”اهڙي شخص جي پيروي ڪيو جنهن منهن جي طرف رجوع ڪيو آهي.“
وَ لَا تُطِعْ مَنْ اَغْفَلْنَا قَلْبَہٗ عَنۡ ذِكْرِنَا (کهف:28)
”۽ نه اطاعت ڪريو ان شخص جي، جنهن جي دل کي مان پنهنجي ذڪر کي خالي ڪيو آهي ۽ ان خواهشن جي پيروي ڪئي آهي ۽ ان جو امر حد کان تجاوز ڪري ويو آهي.“
”ان جو امر حد کان تجاوز ڪري ويو آهي“ حڪمران جو اهو حڪم، جيڪو حقيقت ڪائنات يعني قرآن حڪيم جي خلاف آهي ته اهو حد کان تجاوز ڪرڻ آهي. هيئن چئو ته اهو حڪم قرآن (حق) سان بغاوت آهي.

[b]آزادي جي حقيقت
[/b]آزادي مان مراد غير جي جبر جي نفي آهي. يعني قرآن حڪيم جي آزادي جو هڪ انقلابي مفهوم آهي. ان ۾ انسان غير جي تسلط کان آزاد ٿي ويندو آهي ۽ ان جا هٿ قيد ۽ بند کان کلي ويندا آهن. قرآن حڪيم آزاديءَ کي نفس جي خود مختياري جو نتيجو نٿو سمجهي، بلڪه (نور، الله) جي بندگيءَ جو نتيجو سمجهي ٿو. قرآن حڪيم دنيا جي سڀني انسانن کي هڪڙي صف ۾ ان ڪري بيهاري ٿو ، ڇو ته سڀني کي نور جي ضرورت آهي. حقيقت جي لحاظ کان دنيا جا سڀ انسان نور جا بندا آهن. اسلام ۾ آزادي جو بنياد الله تعاليٰ جي خالص بندگي تي آهي جنهن جي آڏو اهي سڀيئي بت پرزا پرزا ڪرڻا آهن جي انساني شرافت جي قرباني چاهن ٿا ۽ جن هميشه، حق کان ڦريل ماڻهن جي قوت شيطاني جي مظهرن ۾ ، ڪڏهن حڪومتن جي جبر ۽ تسلط جي صورت ۾، ڪڏهن دولت ۽ مال ۾، ڪڏهن عزت ۽ غرور ۾ ۽ ڪڏهن زهد ۽ تقويٰ جي گهمنڊ ۾، مطلب ته مختلف شڪلين ۽ نالن سان خدا جي بندن کي حق کان پري رکڻ چاهين ٿا. ڪٿي چاندي ۽ سون جي ڍيرن، ڪٿي ليڊرن ۽ حاڪمن ته ڪٿي وري خواهشات نفساني جا بت آهن پوري امت انهن جي پرستش ۾ غرق آهي. اهو در حقيقت حق سان ڪفر آهي.
قرآن حڪيم آزاديءَ جو ڪم انسان جي باطن کان شروع ڪري ٿو. ان جي نظر ۾ آزاديءَ جو اهو مفهوم ڪونهي ته رستو کليو پيو آهي، جيڏانهن وڻيوَ اوڏانهن هليا وڃو. بلڪه ان وٽ حريت جو مفهوم اهو آهي ته انسان پنهنجي اختيار کي نوراني ڪري ۽ پنهنجي طرز عمل کي فڪر صالح جي روشنيءَ ۾ معين ڪري. ياد رهي ته خواهشات جو نيڪ ۽ نوراني ارادي تي غلبي جو مقصد حريت جو موت ۽ آزاديءَ جي بربادي آهي.
قرآن حڪيم جيڪا آزادي ڏيڻ چاهي ٿو اها تاريخ جي سڀني آزادين کان وڌيڪ پاڪيزه ۽ ان جي حريت دنيا جي سڀني حريتن کان بلند آهي. قرآن شريف اهو ڪو نه ٿو چاهي ته موجوده تمدن وانگر انساني زندگيءَ جو آغاز حريت ۽ آزاديءَ سان ٿئي ۽ آخرڪار انجام جي لحاظ کان قيد و بند جو شڪار ٿي وڃي. بلڪه ان جي آزاديءَ جو مقصد هي آهي ته آغاز ايمان سان ٿئي ۽ آخر ۾ انسان ڪامل ٿي ڪري سڀني پابندين کان آزاد ٿي وڃي. ياد رهي ته قرآن حڪيم (علم، نور، سچ) جي غلامي ئي حقيقي آزادي آهي.
قرآن حڪيم وٽ آزاديءَ جو تصور ڇڙواڳي ۽ فرقيوارانه گروهه بنديءَ جي نفيءَ تي مبني آهي.
وَاعْتَصِمُوۡا بِحَبْلِ اللہِ جَمِیۡعًا وَّلَا تَفَرَّقُوۡا ۪ (آل عمران:103)
”توهان سڀ جا سڀ ان ڪتاب الله سان وابسته رهو ۽ فرقن ۾ ورهائجي نه وڃو.“
هتي فرقن مان مراد صرف مذهبي فرقا نه آهن بلڪه ان ۾ سياسي پارٽيون به اچي وڃن ٿيون:
كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَیۡہِمْ فَرِحُوۡنَ (مؤمنون:53)
هاڻي جنهن جي پلوَ ۾ آهي سو انهيءَ ۾ خوش آهي.“
ڏسجو! توهان مومن بڻجڻ کان پوءِ مشرڪ نه بڻجي وڃجو. يعني انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جن پنهنجي دين ۾ فرقا پيدا ڪري ڇڏيا ۽ گروهن ۾ تقسيم ٿي ويا. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو (غور جو مقام آهي:
اِنَّ الَّذِیۡنَ فَرَّقُوۡا دِیۡنَہُمْ وَکَانُوۡا شِیَعًا لَّسْتَ مِنْہُمْ فِیۡ شَیۡءٍ ؕ (انعام:159)
جيڪي ماڻهو دين ۾ فرقا پيدا ڪن ۽ گروه گروه ٿي وڃن (اي رسول) تنهنجو انهن سان ڪو به تعلق ۽ واسطو ڪونهي.
قرآن شريف هر قوم ۾ فرقه بندي، پارٽي بازي ۽ گروهه سازيءَ کي خدا جو عذاب قرار ڏئي ٿو. قرآن حڪيم صرف ٻن پارٽين جو وجود تسليم ڪري ٿو؛ هڪ خدا جي ۽ ٻي شيطان جي. (حزب الله ۽ حزب الشيطان) ٽين پارٽيءَ جو ڪو به وجود ڪونهي. وحدت خالق جو عملي ظهور وحدت امت جي شڪل ۾ هجڻ ضروري آهي. جهڙيءَ طرح الوهيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، وجود کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ شرڪ آهي، اهڙيءَ طرح وحدت امت کي پاره پاره ڪرڻ به شرڪ آهي. امت جي وحدت جو بنياد، هڪ خدا جي هڪ ضابطي مطابق زندگي بسر ڪرڻ سان آهي.
قدرت سڀني انسانن جي سامهون زندگيءَ جو هڪڙو مقصد مقرر ڪيو آهي ۽ اهو مقصد فرقن ۾ ورهائجڻ سان نه بلڪه وحدت سان ملندو.
وَلَا تَكُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ تَفَرَّقُوۡا وَاخْتَلَفُوۡا مِنۡۢ بَعْدِ مَا جَآءَ ہُمُ الْبَیِّنٰتُ ؕ(آل عمران:105)
”۽ اوهين انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جن پاڻ ۾ تفريق پيدا ڪئي ۽ هڪٻئي ۾ اختلاف ڪيائون، پڌرن حڪمن پهچڻ کان پوءِ به“
”مسلمان“ قوم ناهي بلڪه هڪ پارٽي ۽ حزب آهي ڇو ته قوم جو اتحاد ٻولي، رنگ، نسل يا معاشي مفادن جي تحت وجود ۾ ايندو آهي. ليڪن مسلمانن جو اتحاد ڪائنات جي حقيقت ڪلي يعني خدا تعاليٰ جي آواز تي ٿيندو آهي. انهن وٽ صرف حق و باطل جو معيار ٿيندو آهي. انهن وٽ قرآن حڪيم جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ وارا حق پرست آهن. ياد رهي ته حق جو ڪنهن رنگ، نسل يا وطن سان ڪو به واسطو ڪونهي. حزب الله جو امتياز مادي يا زميني ڪونهي بلڪه اتي روحانيت ئي اصل امتياز آهي. اسلام حق جي عبادت جو حڪم ڏئي ٿو. هو نفس جي پاڪيزگي، عمل جي نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ طرف سڄيءَ دنيا کي دعوت ڏئي ٿو. جيڪو ان آسماني دعوت کي قبول ڪري ٿو اهو الله جي پارٽيءَ ۾ داخل آهي. هڪ گهر ۾ هڪڙو ايماندار ۽ ٻيو بي ايمان ٿي سگهي ٿو. انهن ٻنهي جا رستا حقيقت جي لحاظ کان الڳ آهن. الله جي پارٽيءَ وارا نور جي بادشاهت ۽ ان جو حڪم چاهن ٿا ۽ اولياءَ الشيطان جي چيخ و پڪار ۽ جدوجهد جو مقصد شيطاني حڪومت ٿيندو آهي. بس اهي شيطان جي حڪمن جي اشاعت ڪندا آهن ۽ انهن جي خبيث اوامر جا سفير ٿيندا آهن. اولياءُ الله جي دعوت قيام انسانيت جو سرچشمو ٿيندي آهي ۽ اولياءُ الشيطن جي دعوت شر، فساد، فسق و فجور ۽ تخريبڪاري ٿيندي آهي. ٻئي بدبختيون جيڪي دنيا جي انسانن ۽ معاشرن کي دامن گير آهن، اهي سڀ الله جي عبادت کان انحراف ۽ بتن ۽ طاغوتن جي پرستش جي سبب کان آهن. شروعات کان وٺي انهن ٻنهي پارٽين ۾ ڪشمڪش جاري آهي. اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين حزب الله جي پارٽيءَ وارا ڪارڪن، شيطان جي پارٽي وارن جي ٻاريل باهه کي زمين تان پاڪ نٿا ڪن. حزب الله جا رهبر انبياءَ حق پرست ٿيندا آهن ۽ حزب الشياطين جي رهبريءَ جا فرائض شيطان صفت ماڻهو هر دؤر ۾ ادا ڪندا رهيا آهن.
قدرت جو پروگرام هي آهي ته انسان حڪومت ڪرڻ جي مختلف نظامن کي آزمائيندو، انهن جي تجربن مان گذري آخرڪار ان نتيجي تي پهچندو ته حڪومت ڪرڻ جو حق دنيا پرست سياستدانن کي نه بلڪه انهن عالمن کي آهي جيڪي دنيا جي انتظامي ڄاڻ سان گڏ ڪائنات ۾ انسان جي مقام ۽ ان جي زندگيءَ جي مقصد جو پڻ علم رکن ٿا، ڇو ته زندگي جو مقصد انهن ذريعي ئي پورو ٿي سگهندو.
قرآن حڪيم انسان جي لاءِ، جيڪو نظام حڪومت تجويز ڪيو آهي ان ۾ حڪمرانيءَ جي لاءِ ”صالح“ جو قيد ۽ شرط لاڳو ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته حقيقي اقتدار جو مالڪ الله يعني نور ئي آهي. نور جو چيو مڃڻ اسان جي فطري مجبوري آهي، ڇو ته انسان کي نور گهرجي. نور جي چوڻ تي هلبو ته نور ملندو. ڇاڪاڻ ته قرآن حڪيم نور آهي.
فَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِہٖ وَعَزَّرُوۡہُ وَنَصَرُوۡہُ وَاتَّبَعُوا النُّوۡرَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ مَعَہٗۤ ۙ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ (الاعراف: 157)
”سو جن ماڻهن هن نبيءَ تي ايمان آندو ۽ ان جو ساٿ ڏنو ۽ ان جي مدد ڪئي ۽ ان نور جي پيروي ڪئي، جيڪو ان سان گڏ لاٿو ويو آهي. سو اهي ئي ماڻهو ته آهن فلاح پائڻ وارا.“
مغربي جمهوريت جو اصول هي آهي ته سڀ انسان بنا امتياز جي، يعني نيڪ ۽ بد، نظام حڪومت ۽ معاشرت ۾ مساوي حقن جا مالڪ آهن. عالم ۽ جاهل، نيڪوڪار، سخي، بهادر، بزدل، صالح ۽ منافق جي ووٽ جي قيمت هڪ ئي آهي. ليڪن قرآن حڪيم جي تعليم مطابق ايمان وارو ۽ بي ايمان هڪجهڙا نه آهن. حقيقت حيات و ڪائنات جي نظر ۾ عالم ۽ جاهل جو رتبو هڪجهڙو ڪونهي. روشني ۽ اوندهه برابر نه آهن.
قرآن حڪيم وٽ سياست يعني دنياوي ڪار ونهوار هلائڻ الله تعاليٰ جي عبادت جو حصو آهي. يعني عالم انسانيت حقيقت ڪليءَ جي روشني ۾ اڳتي وڌي. الله تعاليٰ تمام ڪمالات جو مبداءَ ۽ حق مطلق آهي ان ڪري عبادت مان مراد آهي معرفت حقيقت جي اڳيان سر نوائڻ، جهڪڻ، اطاعت ڪرڻ يعني باطل، جبر، ظلم، نفساني خواهشات، شيطان ۽ طاغوت کان انڪار ڪرڻ آهي ٻئي طرف اهي سڀ عمل ۽ فرض عبادت آهن، جيڪي قرب الاهي (خدا، ڪمال) جي خاطر انجام ڏنا وڃن.
دنياوي حڪومتن سياست کي ظلم، تمرد وطغيان، خود غرضي، هوائي نفس، ڪذب و فريب ۽ جنگ ۽ حرص جي وسيلن جي مترادف ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن حقيقت اها آهي ته حڪومت، هڪ روحاني صداقت آهي جنهن تي دنيا جي تمام صداقتن وانگر ارتقا ۽ تنزل جا مختلف دور گذري چڪا آهن. جڏهن انسان، جهنگل جي تاريڪ گوشن ۽ پهاڙن جي انڌيري غارن ۾ رهندو هيو ته سياست به جهنگلي طرز جي رهي. جڏهن دنياوي تمدن ترقي ڪئي ۽ متمدن سلطنتون قائم ٿيون ته سياست به تاريڪ افق کان منهن ڪڍيو ۽ بادشاهن ۽ سلطانن جي نفساني خواهشن، مدتن کان دنيا تي جابرانه حڪومت ڪندي رهي آهي. ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته اها روح (علم) جي قوت هئي. جنهن انساني شعور ۾ پنهنجو اظهار جاري رکيو. علم سياست جي ٻوٽي آهستي آهستي ارتقا ڪئي آهي. جهالت جي ڀيانڪ انڌيري ۾ بادشاهن حڪومت ڪئي. انسان جو محور و مرڪز جهالت ئي رهي. انسانذات جهالت جي بندگيءَ ۾ غرق رهي ۽ ”نور جي حقيقي بندگي“ کان محروم رهيا. علم ان کان جان ڇڏائي ته بيحقيقت آمريت، فسطائيت ۽ مغربي جمهوريت جهڙن نظامن انساني روح تي سواري ڪئي (اهي نظام جهالت جو ئي روپ آهن) ياد رهي ته ڪامل آزادي صرف علم ڪلي يعني قرآن حڪيم ئي ڏياري سگهي ٿو.

[b]اجتماعيت ۽ انفراديت
[/b]انفراديت معاشري کي فرد تي قربان ڪري ٿي ۽ اجتماعيت وري فرد کي معاشري تي قربان ڪري ڇڏي ٿي. نه ته فرد کي جماعت تي قربان ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري جماعت کي فرد تي فوقيت آهي. انفراديت ۽ اجتماعيت ٻه مخالف يا متضاد پهلو نه آهن بلڪه ٻئي اعليٰ مقصد جا ٻه رخ آهن ۽ هڪٻئي جا مددگار پڻ آهن. هڪ کان بغير ٻئي جي ترقي ممڪن ڪونهي. فرد، اجتماعيت جي ڪلهن تي سوار ٿي ئي منزل مقصود تائين پهچي سگهي ٿو. فرد ۽ جماعت جا مفادات هڪٻئي سان ڪو نه ٿا ٽڪرائجن ۽ نه ئي وري هڪ جو فائدو ٻئي جو نقصان آهي بلڪه انهن ٻنهي جو نفعو نقصان هڪ آهي. اجتماعي مفاد فرد جي صلاحيتن کي ختم ڪو نه ٿو ڪري، بلڪه انهن جي شخصيت ۾ نظم و ضبط ۽ سلامتي جون صفتون پيدا ڪري ٿو. نور جي بادشاهت ۾ فرد بيشڪ ننڍڙو جزو آهي پر اهو جماعت جي سرزمين ۾ ئي پاڙن هڻڻ کان پوءِ جيون رس چوسي وادي حسن ۾ نوراني ڦوٽهڙو ڪري سگهي ٿو.
انسانن کي اهو حق ئي ڪونهي جو هو بنا حد ۽ قيد جي قانون وضع ڪن ۽ جنهن ڳالهه کي پاڻ صحيح سمجهن ان کي اختيار ڪن ۽ جنهن کي غلط سمجهن ان کي رد ڪري ڇڏين. اهو حق صرف الله تعاليٰ کي ئي آهي جيڪو ڪائنات ۽ حيات جي پوري حقيقت کان باخبر آهي. حڪومت جو قطعي اهو مقصد ڪونهي ته عوام جهڙيءَ طرح به راضي ٿئي ته انهن کي راضي ڪيو وڃي. ڇا مريضن جي چوڻ تي هلڻ سان مرض دور ٿيندو؟ بلڪل نه، اهو ڪم صرف ڪامل حڪيم ئي ڪري سگهي ٿو.
نظام جمهوريت کي جڏهن معاشرتي قدرن جي تعين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ته سڀ کان وڏي خرابي هيءَ جنم وٺندي آهي ته ان ۾ حق ۽ باطل لاءِ ڪو به مستقل ۽ مطلق معيار قائم نه ٿيندو آهي. بلڪه حق اهو ٿيندو آهي، جنهن طرف وڌيڪ ووٽ هجن ۽ باطل اهو ٿيندو آهي جنهن ۾ مخالفن جو تعداد ٿورو هجي. ان ڪري مغربي جمهوريت وٽ مستقل معاشرتي قدرن جو ڪو به تصور ڪونهي ۽ جيئن ته اخلاقيات جو پورو دارومدار معاشرتي قدرن تي ٿيندو آهي، ان ڪري سياست کي اخلاقيات کان جدا رکيو ويندو آهي. (ياد رهي ته قرآن شريف جي اچڻ جو مقصد ئي اهو هو ته اخلاق جي تڪميل ڪئي وڃي ۽ انسان ۾ الاهي اخلاق جلوه گر ڪيو وڃي.) ڪنهن ڳالهه کي اڪثر صحيح قرار ڏئي ته هروڀرو به اها صحيح ڪونه ٿي سگهندي. فيصلو درحقيقت اهو ئي صحيح ٿيندو آهي جيڪو حقيقت جي لحاظ کان صحيح هجي ۽ نه اهو جنهن کي ماڻهن جو وڏو تعداد صحيح چوي.
اڪثريت جي قوت حق ڪونهي بلڪه حق ئي حقيقي قوت آهي چاهي ان جي طرف هڪڙو ووٽ به نه هجي. درست ڳالهه اها آهي جنهن جي تصديق ڪتاب فطرت ۾ موجود سچايون ڪن. حق يعني حقيقت ڪل، عوام جي تابع نه آهي، بلڪه عوام حق جي تابع آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا انسان کي مقام ”احسن تقويم“ مروج سياسي نظامن ۾ ملي سگهي ٿو يا حسن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مستقل نوراني نظام جي ضرورت آهي جنهن تي انسان پنهنجي مستقل تعمير جو نقشو ٺاهي سگهي؟ ظاهر آهي ته حسن (نور) سياست جي مروج طريقن سان ڪو نه اچي سگهندو بلڪه انهن قانونن تي عمل ڪرڻو پوندو جن تي عمل ڪرڻ سان انسان دائره حسن ۾ اچي مقام احسن تقويم تائين پهچي سگهي ٿو. آسماني تعليم دين کي قائم ڪرڻ چاهي ٿي. آسماني تعليم مطابق حڪومت ڪرڻ جو مقصد اهو ڪونهي ته عوام جيئن مطمئن ٿئي ان مطابق سامان جو بندوبست ڪيو وڃي؛ بلڪه عوام جي فطرت جي خالق جيڪي سندن فطري نشونما جو سرو سامان مقرر ڪيو آهي اهو ئي کين مهيا ڪيو ويندو. علاج بيمار جي مرضيءَ سان ڪو نه ٿيندو آهي. حڪيم جو حڪم آمرانه ٿيندو آهي. ٻيءَ حالت ۾ شفا ڪو نه ملندي. هن وقت تائين هڪڙو به قانون اهڙو ڪو نه ٺهيو آهي جنهن کي خيرابدي چئجي. دنياوي قانونن جو انحصار انساني راءِ تي آهي ۽ انساني راءِ جو حال اهو آهي ته اهو هر وقت داخلي لاڙن ۽ رجحانن، خارجي سببن ۽ عوامل ۽ علم ۽ عقل جي تغير پذير حڪمن کان متاثر ٿيندو رهندو آهي. ان تغير سان لازمي طور تي سٺي ۽ خراب، صحيح ۽ غلط، جائز ۽ ناجائز، حرام ۽ حلال جا معيار بدلجندا رهندا آهن ۽ انهن جي بدلجڻ سان ئي قانون کي بدلائڻو پوي ٿو. ان طرح اخلاق ۽ تهذيب جو ڪو به پائيدار، مستقل، ناقابل تغير معيار قائم ٿي ڪو نه ٿو سگهي. ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن انسان جي حقيقت تي غور ڪيو وڃي ته اها ڳالهه بلڪل روشن آهي ته انسان جي نوراني تعمير تيستائين ٿي ئي ڪو نه سگهندي جيستائين اخلاق ۽ تهذيب جو ڪو جٽادار ۽ ناقابل تغير بنياد قائم نه هجي.
دنياوي حڪومتون، انساني زندگيءَ لاءِ ضابطا ٺاهڻ ۽ اخلاق، معاشرت ۽ تمدن جي اصلاح لاءِ هيمشه ان جون محتاج رهيون آهن ته هر جزوي معاملي ۾ پهريان عوام کي اصلاح جي لاءِ راضي ڪن ۽ پوءِ عمل جي طرف قدم وڌائن. اڪثريت جي راءِ کي مڃڻو آهي. پوءِ اهو چاهي باطل تي مبني ڇو نه هجي، چاهي اها روحانيت کي ڪيترو به ڪچلي.... جنهن اصلاحي يا تنظيمي قانون جو نفاذ عوام جي مرضيءَ خلاف ڪيو ويو هجي ان کي بعد ۾ منسوخ ڪيو وڃي ٿو. اهو نه صرف شراب جي متعلق آمريڪي تجربو آهي بلڪه اڪثر تجربا ان ڳالهه تي شهادت ڏئي رهيا آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته دنياوي قانون در حقيقت اصلاح اخلاق جو حقيقي بنياد ٿي نه سگهندو.

[b]السماءُ الحسنيٰ:
[/b]الله تعاليٰ جا حسين نالا. حسين نالا حسن جا ئي ٿي سگهندا. حسن حاصل ڪري مقام احسن تقويم تائين پهچڻ لاءِ (حق، علم، خير) جي حڪومت واحد ذريعو آهي.آسماني (اسلامي) حڪومت کان بغير انسان حسين ٿي ئي ڪو نه ٿو سگهي. انسان، ستاري وانگر چمڪڻ چاهي ٿو. اها چمڪ در حقيقت خدائي صفات جو عملي اظهار آهي. انساني عمل ۾ جيتريقدر الاهي اخلاق ۽ خدائي صفتن جي نورانيت هوندي اوتريقدر انسان وادي حسن ۾ اڳتي وڌندو ويندو. حسن در حقيقت خدائي صفات جي وحدت جو نتيجو آهي. انساني عمل ۾ خدائي صفات جي جيتري ڪمي ٿيندي اهو اوتروئي نامڪمل ٿيندو. شخصيت جو اصلي جوهر خدائي صفات جو عملي مظاهرو آهي. ۽ هو عملي مظاهرو دنيا ۾ رنگ، نسل، قوميت ۽ مال دولت جي فرق جي بنياد تي پاڻ کي ٻين کان برتر سمجهڻ جي انفرادي احساس کان وٺي اجتماعي طور تي ننڍين ۽ ڪمزور قومن جي معاشي ۽ لساني استحصال ۽ معاشي وسيلن جي طبقاتي تقسيم پيدا ڪندڙ جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام جي مڪمل طور خاتمي کانسواءِ مڪمل نٿي سگهندو.
قرآن حڪيم جي تعليم معاشري کي اعليٰ ۽ ادني گروهن ۾ ورهائڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان جي نظر ۾ دنيا جا سمورا انسان شجرِ نور جو ميوو آهن. قرآن حڪيم جي نظر اهو ڪو نه ٿي ڏسي ته ڪنهن انسان ۾ ڪهڙي قبيلي جو خون ڊوڙي رهيو آهي. ان جو رنگ سفيد آهي يا سياهه، اهو دولتمند آهي يا مسڪين. بلڪه قرآن حڪيم وٽ جيڪا سڀ کان اعلى قوت آهي. اها اعليٰ اخلاقي ۽ روحاني برتري آهي ۽ اهي معنوي خوبيون آهن جن سان معاشرو چمڪي ٿو. اهي قدر آهن جن سان سيرت ۽ ڪردار جا گوشا سونهن سوڀيا ماڻين ٿا. هاڻي به وقت آهي ته اسان توبه ڪيئون ۽ تنگ نظري ۽ وڏائيءَ جي خول مان نڪري خدائي شرف کي حاصل ڪيون. ٻيءَ حالت ۾ هيءَ ايٽمي باهه انسان کي ڪباب وانگر جلائي ڇڏيندي. اسان لاءِ ڪرڻ جو ڪم هي آهي ته اسان نور جي بادشاهت يعني آسماني بادشاهت ۾ داخلا وٺون. رنگ، نسل ۽ خون جون ديوارون پاڻ ئي ڪري پونديون. عزت و جاهه جا مصنوعي فاصلا پاڻ ئي ختم ٿي ويندا. هر هڪ کي زندگيءَ جو احساس ٿيندو. پاڪ روح اسان کي بلندين تائين وٺي ويندو. شيطاني ۽ دوزخي نفرت ۾ گهيريل دنيا برابري ۽ مساوات جون نيون بستيون آباد ڪندي. ياد رهي ته اهائي قرآن حڪيم جي حقيقت آهي. قرآن شريف هڪ عالمي حڪومت چاهي ٿو، ڇو ته (ڪمال، الله) تائين پهچڻ جو اهو ئي واحد ذريعو آهي. قرآن حڪيم هر قسم جي شرڪ، خواهه اهو وطن پرستي هجي يا نسل پرستي يا دولت پرستي يا دنيا جا ادنيٰ مفادات ۽ انهن جي پرستش، شرڪ جي انهن سڀني نمونن کان (قرآن حڪيم جو) تصور پاڪ ۽ شفاف آهي.
قُلْ اِنۡ کَانَ اٰبَآؤُكُمْ وَاَبْنَآؤُكُمْ وَ اِخْوَانُكُمْ وَاَزْوَاجُكُمْ وَعَشِیۡرَتُكُمْ وَ اَمْوَالُۨ اقْتَرَفْتُمُوۡہَا وَتِجَارَۃٌ تَخْشَوْنَ کَسَادَہَا وَمَسٰکِنُ تَرْضَوْنَہَاۤ اَحَبَّ اِلَیۡكُمۡ مِّنَ اللہِ وَرَسُوۡلِہٖ وَجِہَادٍ فِیۡ سَبِیۡلِہٖ فَتَرَبَّصُوۡا حَتّٰی یَاۡتِیَ اللہُ بِاَمْرِہٖ ؕ وَاللہُ لَا یَہۡدِی الْقَوْمَ الْفٰسِقِیۡنَ (التوبه: 24)
”اي نبي! چئي ڏيو ته جيڪڏهن توهان جا پيئر توهان جا پٽ ۽ توهان جا ڀائر، توهان جون زالون ۽ توهان جا عزيز ۽ قريب ۽ توهان جو اهو مال جيڪو توهان ڪمايو آهي ۽ توهان جا اهي ڪاروبار، جن جي گهاٽي پوڻ جو توهان کي خوف آهي ۽ توهان جا اهي گهر، جيڪي توهان کي پسند آهن توهان کي الله ۽ ان جي رسول ۽ ان جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کان عزيز تر آهن ته پوءِ انتطار ڪيو جيستائين الله توهان جي سامهون پنهنجو فيصلو آڻي يعني حقيقت ظاهر ٿئي. خدا تعاليٰ فاسق ماڻهن کي هدايت نه ڪندو آهي.“
جيئن جيئن اجتماعي اخلاق جو بنياد ڪمزور ٿيندو ويو، بني آدم مختلف گروهن ۾ تقسيم ٿي ويو. ۽ دلين ۾ نفرت جي باهه ٻرڻ لڳي ڇو ته هر گروهه جو نصب العين يا مقصد زندگي الڳ الڳ ٿي ويو. هڪ گروهه ٻئي گروهه کي خوني نگاهن سان ڏسڻ لڳو. هڪ خدا جي بندگي جي بدلي سوين خدائن جي بندگي شروع ٿي وئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو انسان کان، انسانيت جي دولت هلي وئي ۽ ان جي جاءِ مذهبي، نسلي، لساني ۽ قومي برتري ۽ گورهه بنديءَ والاري. هاڻي جيڪڏهن ڪا به قوم، ٻي ڪنهن قوم جي مدد به ڪري ٿي ته ان ۾ نفساني غلاظتون به شامل هونديون آهن. وسيع انساني همدردي، محبت، اخوت ۽ انصاف جون اهي صفتون جن سان حقيقت ۾ انسانيت اجاگر ٿيندي آهي ۽ جنهن جي بدولت انسان ۽ حيوان ۾ تميز ڪري سگهئون ٿا، نسل آدم مان تقريباً ختم ٿي چڪيون آهن. ان صورتحال جو واحد حل قرآن حڪيم (حقيقت ڪل) وٽ آهي. قرآن حڪيم گوري، ڪاري ۽ پيلي ۾ ڪو به فرق نه ٿو ڪري، اهو انهن کي هڪڙي ئي گلدان جا گل سمجهي ٿو جن ۾ هڪ ئي نوراني خوشبو مهڪندي آهي. خوشبوءَ کي خوشبوءِ کان نفرت ٿي ڪو نه سگهندي.
رنگ، نسل، وطن، زبان، روايات ۽ ثقافت جي برتريءَ وارا خيالات ۽ جذبا هڪ سچي مسلمان لاءِ ڪا به قدر و قيمت ڪو نه ٿا رکن. ان جي لاءِ جيڪڏهن ڪو به معيار آهي ته اهو حق و باطل جو آهي. قرآن حڪيم جي نظر ۾ فوقيت صرف عالم، متقي ۽ پرهيزگار کي آهي يعني اوليت نور (الله) کي آهي. قرآن حڪيم جي نوراني پڪار هيءَ آهي ته ان کي مڃڻ وارا پاڻ کي انهن تنگ نظرين کان آزاد ڪن. خون، نسل، قبيلي ۽ قوميت کي رڳو تعارف ۽ تشخص جي حد تائين رکيو وڃي ۽ ان کي ڪا به اوليت نه ڏني وڃي. انسانيت جو احترام آدميت جي آفاقي اصولن تي ٿيڻ گهرجي. اُهي برتريءَ وارا احساس جڏهن اسان جي سماج ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ويا ۽ پوءِ ظلم ۽ نا انصافي زندگيءَ جي هر شعبي جو لازمي جز بڻجي ويئي. اڄ صورتحال هيءَ آهي جو زندگيءَ جهڙي لاجواب رنگين نعمت لاءِ اسان نوابن، جاگيردارن، رئيسن، سرمايه دارن، ڪارخانيدارن، وڏيرن ڏانهن وڃئون ٿا. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي اڄ اسيمبلين ۾ اسان جي زندگي جا فيصلا ڪن ٿا. حالانڪه انهن کي ڪائنات ۾ انسان جي مقام جي ڪا به خبر ڪونهي. انڌو انڌي جي پويان هلندو ته ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.
نوراني رهبر (انبياءَ) انسانذات کي اوندهه مان ڪڍي نور (علم) ڏي آڻن ٿا: انهن جي مقابلي ۾ حقيقت کان غافل رهبر، انسانذات کي روشني مان ڪڍي اوندهه ۾ آڻن ٿا. اوندهه جهالت آهي، بربادي آهي. ان جي مقابلي ۾ نور (علم) زندگي آهي. اوندهه کي مرڪز بنائي ان جو طواف ڪبو ته اوندهه ڦهلبي. نور کي مرڪز بنائي ان جو طواف ڪبو، ان جي اطاعت ڪبي ته نور جو ڦهلجڻ قانون قدرت آهي. قرآن حڪيم جي شهادت تي غور ڪيو:
اَللہُ وَلِیُّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ۙ یُخْرِجُہُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوُرِ۬ؕ وَالَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اَوۡلِیٰٓـُٔہُمُ الطَّاغُوۡتُ ۙ یُخْرِجُوۡنَہُمۡ مِّنَ النُّوۡرِ اِلَی الظُّلُمٰتِ ؕ (بقره: 257)
”الله انهن ماڻهن جو ساٿي آهي جن ايمان آندو. اهو انهن کي اونداهين مان ڪڍي نور طرف وٺي وڃي ٿو ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو انهن جا ساٿي شيطان آهن جيڪي انهن کي نور مان ڪڍي اونداهين جي طرف وٺي وڃن ٿا.“
انسان زندگي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ وارو جاندار آهي. اهو جڏهن غلط مقصد سامهون رکي ٿو ته نامرادي ان جو مقدر ٿي وڃي ٿي. خدا تعاليٰ جي قدرت آسماني حڪومت ۽ آسماني حڪمران جي رهبريءَ ۾، انسان جي سامهون هڪ اهڙو نصب العين رکيو آهي، جنهن جي رسائي جو سلسلو دائمي جاري رهي ٿو. الله تعاليٰ مقصد حيات به آهي ۽ سرچشمه حيات به آهي. نور جي رهبريءَ ۾ ئي نور کي حاصل ڪري سگهبو. نور جي اطاعت ئي نور کي آڻيندي. اهو قدرت جو قانون آهي. انسان حقيقت ڪامل ۽ علم ڪامل جي عبادت سان ئي ڪمال تائين پهچي سگهي ٿو. هن آيت پاڪ تي وري غور ڪريو:
وَ السَّمَآءَ رَفَعَہَا وَ وَضَعَ الْمِیۡزَانَ ۙ (رحمٰن: 7)
”خدا تعاليٰ هن سلسله ڪائنات کي بلندين تي قائم ڪيو ۽ سڀني شين ۾ هڪڙو توازن رکيو.“
ڪائنات جي مختلف فضائي جسمن جي باهمي جذب، ڪشش ۽ توازن ان جي زندهه شهادت آهي. جيئن ته انسان به ڪائنات جو جز آهي ۽ جز جي فطرت ڪل جي فطرت کان مختلف ٿي ڪو نه سگهندي ان ڪري ضروري آهي ته دنيا جي انسانن جي وچ ۾ اهو ئي توازن هجي.
اَلَّا تَطۡغَوۡا فِی الۡمِیۡزَانِ ﴿۸﴾ (الرحمٰن:8)
”تنهنڪري توهان پنهنجي سياست، تمدن، معاشرت ۽ معاشي دنيا ۾ هميشه ان اصول کي پيش نظر رکو.“
وري غور ڪريو. هڪ خدا، ان جي هڪ فطرت، هڪڙو دين. خارجي ڪائنات الله تعاليٰ جي فطرت آهي. دين ان نظام کي چئبو آهي، جنهن نظام تي ڪائنات ۾ ڪم ٿي رهيوآهي. خدا تعاليٰ انسان کي پنهنجي فطرت تي خلقيو آهي.
فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبْدِیۡلَ لِخَلْقِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الْقَیِّمُ (روم:30)
خارجي ڪائنات ستارن سان سينگاريل آهي. الله تعاليٰ، زمين تي به انسانن جي روپ ۾ ستارا ڏسڻ چاهي ٿو. يعني انسان کي ڪامل ڪري آسماني صحت ڏيڻ چاهي ٿو. دين ۾ ئي انسان ڪامل ٿي سگهي ٿو. گناهن جي باهه ۾ سڙيل انسان کي نور جي چادر، اسلامي حڪومت (دين) ئي پارائي سگهي ٿي. اها تقدير آهي.
لازوال جواني ۽ ابدي عيش (جنت) جون نعمتون انسان کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيون آهن پر اسان اڃان ڪنن مان ڪپهه ڪو نه ڪڍي آهي.
فَتَقَطَّعُوۡۤا اَمْرَہُمۡ بَیۡنَہُمْ زُبُرًا ؕ كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَیۡہِمْ فَرِحُوۡنَ ﴿۵۳﴾ فَذَرْہُمْ فِیۡ غَمْرَتِہِمْ حَتّٰی حِیۡنٍ ﴿۵۴﴾
(مؤمنون:54)
”ليڪن انهن جي امتن دين ۾ پنهنجو الڳ الڳ طريقو پيدا ڪيو. هر گروهه وٽ جيڪو دين آهي اهو ان ۾ ئي مگن آهي. سو توهان انهن کي هڪ وقت خاص تائين غفلت ۾ رهڻ ڏيو.“
آسماني تعليم جو نوراني اعلان هي آهي ته حڪم حق جو هلي. دنيا ۾ انسان، انسان جي غلامي ۽ نفس جي غلامي کان آزاد ٿئي. اهو اعلان دراصل ان اعلان جو طبعي نتيجو آهي ته للٰهيت جو مقام صرف (خدا، علم ڪلي، نور) جي لاءِ مخصوص آهي ۽ ان جو شان ربوبيت سڄي جهان تي محيط آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته دين جي حاڪميت، انسان جي هر نوعيت، هر شڪل، هر نظام ۽ هر حالتن جي خلاف همه گير ۽ ڪلي انقلاب ۽ روئي زمين تي قائم شده، هر ان هيئيت خلاف مڪمل بغاوت آهي. جنهن ۾، ڪنهن شڪل ۾ به حڪمراني انسان جي هٿ ۾ هجي يا ٻين لفظن ۾ الوهيت جو مقام انسان جي خواهشن، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حاصل ڪري ورتو آهي. اهڙو نظام حڪمراني، جنهن ۾ معاملات جو آخري رجوع خدا تعاليٰ (ڪامل سچائي) نه هجي بلڪه انسان ئي اختيارات جو محور هجي، ته اهو انسان کي در حقيقت الوهيت جو درجو ڏيڻ آهي جيڪو اسلام جي ابتڙ آهي. قومن جي تباهي جو سبب ٻڌائيندي قرآن حڪيم چوي ٿو:
تِلْکَ عَادٌ ۟ۙ جَحَدُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمْ وَعَصَوْا رُسُلَہٗ وَاتَّبَعُوۡۤا اَمْرَ كُلِّ جَبَّارٍ عَنِیۡدٍ ﴿۵۹﴾ (هود: 59)
”۽ اها قوم عاد هئي انهن پنهنجي پرورگار جي نشانين کان انڪار ڪيو ۽ انهن جي رسولن جي نافرماني ڪئي ۽ اهي ظالمن ۽ سرڪشن جي حڪم جي پيروي ڪندا رهيا.
مگر جڏهن حق جو اعلان ٿيو ته حڪومت جو فطري حق صرف خدا تعاليٰ (حقيقت ڪل) جي لاءِ مخصوص آهي ته ان جو مفهوم اهو ٿيو ته الله تعاليٰ جو غضب ڪيل اقتدار، غاصبن کان کسي، الله تعاليٰ طرف موٽايو وڃي ۽ انهن غاصبن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي، جيڪي انسانن جي گردنن تي تخت حڪومت وڇائن ٿا ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ رب جو مقام ڏين ٿا ۽ خدا تعاليٰ جي مخلوق کي ظلمت جو غلام بنائن ٿا. مختصر لفظن ۾ خدا تعاليٰ جي الوهيت ۽ بادشاهت جو آواز بلند ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته دنيا ۾ موجود سڀني ظلم تي قائم بادشاهتن ۽ اقتدارن کي اونڌو ڪرڻ ۽ زمين تي صرف خدا (علم ڪلي) جي بادشاهت قائم ڪرڻ. قرآن حڪيم جي هنن لفظن تي غور ڪريو:
اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ ؕ اَمَرَ اَلَّا تَعْبُدُوۡۤا اِلَّا اِیَّاہُ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الْقَیِّمُ (يوسف: 40)
”حڪم ڪونهي ليڪن صرف الله جي لاءِ، ان جو فرمان آهي ته نه بندگي ڪريو مگر صرف الله جي، اهو ئي صحيح دين آهي.“
اَلَا لَہُ الْخَلْقُ وَ الۡاَمْرُ ؕ (الاعراف: 54)
”خبردار! خلق ان جي آهي ۽ امر به ان جو آهي.“
یَقُوۡلُوۡنَ ہَلۡ لَّنَا مِنَ الۡاَمْرِ مِنۡ شَیۡءٍ ؕ قُلْ اِنَّ الۡاَمْرَ كُلَّہٗ لِلہِ ؕ (آل عمران: 154)
(ماڻهو) پڇن ٿا ته ڇا امر ۾ اسان جو به حق آهي توهان چئي ڏيو ته امر پوري جو پورو الله (حقيقت ڪل) جي لاءِ ئي آهي.
مٿئين آيت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته دنيا جا دنياوي قانون، آئين ۽ نظام جزوي طور انسان ذات لاءِ ڪيترو به فائديمند هجن پر اخروي نجات الله جي امر (قرآني تعليم) کي مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ کانسواءِ ممڪن ڪونهي. ڇاڪاڻ ته انساني عقل رهنمائي ۽ هدايت جي سلسلي ۾ خالقِ ڪائنات جي تعليمات جي روشنيءَ جو محتاج آهي. ان کانسواءِ عقل جي رهنمائي رڳو اٽڪل ۽ گمان آهي. ڀلي اهڙين اٽڪلن ۽ گمانن جي پيروي ماڻهن جي اڪثريت ڇونه ڪندي هجي، تڏهن به اُها حق جو متبادل نٿي بڻجي سگهي.
وَ اِنۡ تُطِعْ اَكْثَرَ مَنۡ فِی الۡاَرْضِ یُضِلُّوۡکَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ ؕ اِنۡ یَّتَّبِعُوۡنَ اِلَّا الظَّنَّ وَ اِنْ ہُمْ اِلَّا یَخْرُصُوۡنَ ﴿۱۱۶﴾
(انعام:116)
”۽ جيڪي ماڻهو زمين تي آباد آهن انهن مان اڪثر چوڻ لڳا ته اهي توهان کي الله جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏيندا اهي ته بس اٽڪل جي ئي پيروي ڪن ٿا. اهي محض گمان ۾ پيل هوندا آهن.“
مون کي ان وقت حيرت ۽ سخت افسوس ٿيندو آهي جڏهن چڱا ڀلا داناءَ ۽ مذهبي ماڻهو به جمهوريت، ڪميونزم ۽ ٻين مغربي نظرين تي هرکجي، خدائي تعليم کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. ڇا قرآن حڪيم ۾ ڪو ڪامل نظام حڪومت ڪونهي؟ جيڪڏهن ڪونهي ته پوءِ اهو ڪامل ڪتاب چئبو؟
هي ڪهڙو ظلم ۽ انڌير آهي ته آخرڪار مسلمان عالمن کي قرآن حڪيم ۾ موجود ”اڪثريت جي فطرت“ لاءِ موجود، ايتريون آيتون آخر نظر ڇو نه ٿيون اچن. آخر اهي قرآن حڪيم جي ايترين آيتن سان بغاوت ۽ سرڪشي ڇو ٿا ڪن. قرآن حڪيم جي آيتن سان بغاوت حق، سچ، حسن، خير سان بغاوت آهي. هيءَ به بغاوت آهي ته قرآن حڪيم جي ڪجهه آيتن کي مڃيو وڃي ۽ ڪن جو عملي طور انڪار ڪيو وڃي. ته ڇا توهان ڪتاب جي هڪ حصي کي مڃو ٿا ۽ هڪ حصي کان انڪار ٿا ڪيو. منهنجا دوست! سيد جو سڏ ٻڌ، ڪن ڏي، سيد ڇا ٿو چئي. سيد ٿو چئي ته ان جو ساٿ ڏي جيڪو سچ کي سڃاڻي ٿو، جيڪو ڪائنات ۾ انسان جي مقام کي سمجهي ٿو، جيڪو روشني ۽ اوندهه ۾ فرق کي ڄاڻي ٿو. تولاءِ مِهرَ جي ملڻ جو واحد رستو اهو آهي. هي ٿي سيد جو هٿ، پڪڙ!

جي نه سڃاڻين سچ کي ويهه مَ تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.

وري غور ڪر،هتي صرف ٻه ڌريون آهن هڪ خدا (حق، خير، حسن) جي ۽ ٻي شيطان جي. هي آيتون وري غور سان پڙهه ۽ فيصلو ڪر، ياد رک هي زندگي ۽ موت جو فيصلو آهي. فرقي بازي، غير قرآني فعل آهي؛ قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَاعْتَصِمُوۡا بِحَبْلِ اللہِ جَمِیۡعًا وَّلَا تَفَرَّقُوۡا ۪(آل عمران: 103)
”سڀئي گڏجي الله جي رسيءَ کي مضبوط جهليو ۽ ڇڙوڇڙ نه ٿيو.“
وَلَا تَكُوۡنُوۡا مِنَ الْمُشْرِکِیۡنَ ﴿ۙ۳۱﴾ مِنَ الَّذِیۡنَ فَرَّقُوۡا دِیۡنَہُمْ وَکَانُوۡا شِیَعًا ؕ ﴿۳۲﴾ (روم: 32-31)
”ڏسجو! (توهان مومن بڻجڻ کان پوءِ) مشرڪ نه بڻجي وڃو يعني انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جن پنهنجي دين ۾ فرقا پيدا ڪري ڇڏيا ۽ گروهن ۾ تقسيم ٿي ويا.“
قرآن حڪيم جي هيءَ آيت (غور جو مقام آهي)
اِنَّ الَّذِیۡنَ فَرَّقُوۡا دِیۡنَہُمْ وَکَانُوۡا شِیَعًا لَّسْتَ مِنْہُمْ فِیۡ شَیۡءٍ ؕ(انعام: 159)
”جيڪي ماڻهو دين ۾ فرقا پيدا ڪن ۽ گروهه گروهه ٿي وڃن اي رسول، تنهنجو انهن سان ڪو به واسطو ڪونهي.“
وَلَا تَكُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ تَفَرَّقُوۡا وَاخْتَلَفُوۡا مِنۡۢ بَعْدِ مَا جَآءَ ہُمُ الْبَیِّنٰتُؕ (آل عمران: 105)
”۽ اوهين انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جن پاڻ ۾ تفريق پيدا ڪئي ۽ هڪٻئي ۾ اختلاف ڪيائون، پڌرن حڪمن پهچڻ کان پوءِ.“
شَرَعَ لَكُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَمَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبْرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی اَنْ اَقِیۡمُوا الدِّیۡنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوۡا فِیۡہِ ؕ کَبُرَ عَلَی الْمُشْرِکِیۡنَ مَا تَدْعُوۡہُمْ اِلَیۡہِ ؕ اَللہُ یَجْتَبِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یَّشَآءُ وَ یَہۡدِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یُّنِیۡبُ ﴿۱۳﴾ (شوري:13)
”توهان جي لاءِ اهو ئي دين مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جي متعلق نوح کي هدايت ڪئي وئي هئي ۽ اسان تنهنجي طرف وحي موڪلي ۽ جيڪا هدايت اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڪئي (اها هيءَ هئي ته) ته دين قائم ۽ برقرار رکو ۽ ان ۾ تفرقو ايجاد نه ڪيو.“
دنيا ۾ جيڪي پيغمبر آيا انهن جي زندگي جو مقصد اهو هو ته اهي زمين تي دين (آسماني حڪومت، اسلامي حڪومت) قائم ڪن ۽ ان کي برقرار رکن. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن به خطرناڪ مشڪلاتن سان منهن ڏيئي دين قائم ڪيو. هڪ معرڪه حق و باطل ۾ جنگ جي دوران حضور اڪرم جن سان هڪ اصحابي شديد بک جي شڪايت ڪئي ۽ پيٽ تي ٻڌل هڪڙو پٿر به ڏيکاريو. ان اصحابيءَ کي حضور اڪرم جن پنهنجو پيٽ ڏيکاريو، جنهن تي ٻه پٿر ٻڌا پيا هئا. منهنجا دوست، مان توهان کان پڇان ٿو ته ايتري شديد تڪليف هوندي به پاڻ ڪريم جن ڪهڙو ڪم ڪري رهيا هئا؟ پاڻ ڪريم جن ”دين کي قائم ڪرڻ“ جو ڪم ڪري رهيا هئا. قرآن حڪيم جا هي لفظ وري غور چاهن ٿا:
اَوۡحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَ مَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی اَنۡ اَقِیۡمُوا الدِّیۡنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوۡا (شورى 13)
”اسان تنهنجي طرف وحي موڪلي ۽ جيڪا هدايت اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڪئي اها هيءَ هئي ته دين قائم ۽ برقرار رکو ۽ ان ۾ تفرقه ايجاد نه ڪيو.“
مسلمانن کي زمين تي دين کي قائم ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ جو قدرتي فرض رکيل آهي. اها حضور اڪرمﷺ جن جي وڏي سنت آهي جنهن کي پورو ڪرڻ خدا تعاليٰ طرفان فرض آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حضور اڪرم ﷺ جن جي اها سنت پوري ڪرڻ وارو هڪ به مسلمان نظر ڪو نه ٿو اچي ڇو ته دنيا ۾ ڪٿي به اسلامي حڪومت ۽ دين (آسماني بادشاهت) جي حڪمراني ڪونهي، ظلم مٿان ظلم هي آهي ته قرآن حڪيم جي هڪ حصي کي پڪڙيو ويو، يعني روزو ۽ نماز، باقي قرآن حڪيم ڇڏيو ويو. روزي ۽ نماز تائين روشني ۽ زندگيءَ جي باقي سڀني شعبن تي اوندهه جو قبضو آهي. اهڙي اسلام جي لاءِ قرآن حڪيم جو هي فيصلو ٻڌو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا ادۡخُلُوۡا فِی السِّلۡمِ کَآفَّۃً ۪ وَ لَا تَتَّبِعُوۡا خُطُوٰتِ الشَّیۡطٰنِ ؕ اِنَّہٗ لَکُمۡ عَدُوٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۲۰۸﴾ (البقره: 208)
”اي ايمان وارو! اسلام ۾ پوري جا پورا داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي نقش قدم تي نه هلو.“
دين علم آهي. دين نور آهي. زندگيءَ جي هر شعبي تي علم جي حڪومت هجي. زندگيءَ جو هر شعبو اسلامي هجي. اسان جي زندگيءَ جو هر شعبو بلڪه اسان جو هر عمل نوراني ٿي وڃي. اسان جو هر عمل قرآني ڪونهي ته پوءِ ظاهر آهي ته شيطاني هوندو. حق هوندو ته باطل نه هوندو. حق نه هوندو ته باطل جو هجڻ قدرت جو قانون آهي. عمل جي دنيا ۾ خلا محال آهي.
خدا تعاليٰ ڇو ٿو چاهي ته زمين تي دين قائم ٿئي؟ ان جو جواب حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي هن حديث پاڪ ۾ آهي:
ان الله ينزع بالسلطان مالا ينزع بالقران
”خدا تعاليٰ آسماني حڪومت (اسلامي حڪومت، دين) جي قوت سان انهن رڪاوٽن کي مٽائڻ چاهي ٿو جيڪي قرآن حڪيم جي نصيحتن سان ختم ٿي ڪو نه ٿيون ٿي سگهن.“
ڦريا پسي ٿيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

باب ستون

---

اخلاق جي اهميت

انسان زمين جي سيني تي خدا تعاليٰ جو نائب آهي تنهن ڪري اهو ان مقصد جي تڪميل ڪري جيڪو خدا تعاليٰ مٿس مقرر ڪيو آهي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ يعني ان جي تڪميل ڪرڻ، اسلامي اخلاقيات آهي. انسان جو نصب العين پاڻ ۾ الاهي صفتون پيدا ڪرڻ آهي، جنهن کي ”خير اعليٰ“ جي تلاش چئبو آهي. گويا اسلامي اخلاقيات جو مقصود ”فطرت الله“ جي پيروي آهي. فطرت الله مان مراد، الله تعاليٰ جو اهو نظام، زمين تي قائم ڪرڻ آهي، جنهن تي ڪائنات ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. گويا اسلامي اخلاقيات جو مقصد، انهن آسماني قانونن کي دنيا ۾ نافذ ڪرڻ آهي، جن تي خارجي ڪائنات ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. فطرت الله آسماني قدرن جي اڻ بدلجندڙ خاصيت جو نالو آهي.
انسان باشعور ۽ بااختيار آهي، ان ڪري هاڻي اهو انسان جو حصو آهي ته قدم وڌائي، ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اخلاق رڳو انفرادي عمل ڪونهي پر هڪڙو معاشرتي عمل به آهي. اسلامي اخلاقيات، انساني زندگيءَ جي هر حصي ۽ هر صورت تي حاوي ٿي وڃي ٿي. خدا تعاليٰ جي حڪمن ۾ پاڻ کي فنا ڪرڻ جي حالت اعليٰ اخلاق (الاهي اخلاق) جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. خدا تعاليٰ جي مقصدن جي تڪميل عملي اخلاقيات آهي. الله تعاليٰ جي اخلاق سان انسان جيترو سينگاربو، ته سندس زندگيءَ جو مقصد به اوتروئي جلدي حاصل ٿيندو. اخلاق هستيءَ سان مطابقت جو عمل آهي. اخلاق آهي راهه خير تي هلندو رهڻ. خدا تعاليٰ پنهنجي مرضيءَ جو اظهار هڪ ضابطي جي شڪل ۾ ڪندو آهي. ان جي سچائي، ان جو اثبات، ان جو رحم ۽ ان جي انصاف سان ئي ضابطه اخلاق جي تشڪيل ٿيندي آهي. ياد رکو قدرت جي قانون جي سواءِ ان جي، ٻي ڪا به اهميت ڪونهي ته اهو خدا تعاليٰ جي اعليٰ ترين مقصد کي ماڻڻ جو هڪڙو نظام آهي. ياد رکو اخلاقي برائي، ان سچائي سان عدم مطابقت جو نالو آهي، جيڪا سڄي ڪائنات تي حاوي آهي ۽ ان کي باضابطا بنائي ٿي. خدا تعاليٰ آسمان ۾ مٿي يا پري ڪونهي، بلڪه اهو اسان جي اندر آهي. جيڪو خدائي عنصر اسان ۾ موجود آهي. جيڪڏهن اسان ان کي صحيح طور استعمال ڪيون ته اسان جي اندر مثبت تغير اچي سگهي ٿو. خدا تعاليٰ کي ظاهري پوڄا پاٽ سان حاصل ڪري ڪو نه سگهبو، ۽ نه ئي پاڪبازيءَ جي نمائش سان ڪامليت حاصل ڪري سگهجي ٿي. سٺو عمل، هڪڙو مڪينيڪل عمل ڪونهي پر اها روحاني ضرورت آهي. اخلاقيات آگاهيءَ سان حاصل ٿيندي آهي. خود آگاهه وجود ئي حقيقي اخلاق جو نور ڦهلائي سگهي ٿو.
”خير“ الله تعاليٰ جي صفت آهي. خدا تعاليٰ جون سڀيئي صفتون ڪمال ڏانهن وڌائن ٿيون. تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته خير پنهنجي ماهيت جي لحاظ کان بنيادي طور تي ڪمال جي صفت رکي ٿو. ڪمال اخلاق ئي دراصل ڪمال خير آهي. ڪمال پنهنجي اندر تعميري ۽ تخليقي قوت رکي ٿو. شر تخريب آهي. جتي خير هوندو حسن به اتي ئي هوندو.
اخلاق (آسماني) سان ئي معاشري ۾ نور جون آسماني برڪتون ڦهلائي سگهجن ٿيون. وحدت به اها ئي آهي جتي الله، فرد ۽ ڪائنات جا مقصد هڪ ٿي وڃن.
انسان معاشرتي رشتن ۾ جڙيل آهي. اهي تعلقات ته زندگيءَ جون زنده شاخون آهن. جيڪڏهن هڪ شاخ به ٽٽي پوي ته ان جو اثر پوريءَ زندگيءَ تي پوي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح پوري زندگي مرجهائجي وڃي ٿي. انهن معاشرتي رشتن سان عدل ڪرڻ اخلاقيات جي حصي ۾ اچي ٿو. انسان پنهنجي نجات ۽ سعادت خود غرضانه طور تي نه، بلڪه ٻين انسانن جي فلاح ۽ تعلق کان بي نياز ٿي ڪري حاصل ڪري نه سگهندو. انسان سماجي فطرت سان پيدا ٿيو آهي. اخلاق جي تڪميل ان کان بغير ممڪن ڪونهي ته انسان معاشرت ۽ تمدن جي مشغلن ۾ پوريءَ طرح مصروف ٿي مستفيد ٿئي. معاشرتي زندگي فردن جي احساسن تي مبني آهي. ان ڪري ئي معاشرتي زندگي اسلامي تصور روحانيت جو هڪ لازمي جزو آهي.
الله تعاليٰ جي صفت ”عدل“ انساني زندگي ۾ وڏو مفهوم رکي ٿي. انسان جي زندگي ۾ عدل جو مظاهرو اخلاق اسلامي جي اولين تقاضا آهي. عدل، ظلم جو ضد آهي. شيءِ کي صحيح مقام تي رکڻ عدل آهي. ان کي صحيح مقام نه ڏبو ته ظلم ٿيندو. عدل اهو آهي ته انسان جو هر عمل خدا تعاليٰ جي حڪم مطابق هجي. اهڙو عمل ئي انسان کي مٿي کڻي سگهي ٿو. ظلم تي مبني هر عمل انسان کي زندگيءَ جي مقصد کان پري ڌڪيندو.
جڳ مشهور مفڪر Robert Braiffault اخلاق جي متعلق لکي ٿو:
اخلاقيات جي متعلق يونان جي ابتدائي تصور جو رواقي فلسفه ۾ تبديل ٿي وڃڻ، اهڙي خرابيءَ جو سبب ٿيو جنهن جو مثال انسان جي اخلاقي تصور جي دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي. اخلاق، جنهن جو مفهوم هي آهي ته انسان جا باهمي معاملات حق ۽ صداقت تي مبني ٿيڻ گهرجن، اهو پنهنجو حقيقي مفهوم ان وقت وڃائي ويهي ٿو، جڏهن ان جو نتيجو انسان ذات جي ڀلائي نه ٿو رهي. ان سان ته اخلاقيات جو مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو. اخلاقيات جو مقصد هڪ انسان جي انفرادي نجات يا ذاتي بهبودي ناهي. (جيتوڻيڪ انسان ذات جي بهبوديءَ ۾ ذاتي بهبودي بدرجه اتم موجود آهي، پر گهربل اهو آهي ته ان فرد جو نوع انساني سان، جنهن جو اهو هڪ جز آهي، ڪهڙي قسم جو واسطو آهي. انهن باهمي معاملات جي ضابطه اخلاق جو بنياد ”عدل“ آهي.......
...... عدل جي تقاضا اها آهي ته ڪو به انسان، ڪنهن ٻئي انسان تي مستبدانه ۽ قاهرانه قوت سان غالب نه اچي ..... جيڪڏهن دنيا ۾ باطل جي ڪا معنيٰ آهي ته اها اها ئي آهي ته هڪ انسان، ڪنهن ٻئي انسان کي محض فرضي اقتدار جي بنياد تي پنهنجو تابع فرمان ڪري ڇڏي...... ان باطل جو خاتمو اخلاقيات جو پهريون فرض آهي. توهان مثالي اخلاقيات جي ڪيڏي به شاندار عمارت تعمير ڇو نه ڪريو، جيڪڏهن اها باطل جو خاتمو ڪري ان جي جڳهه تي حق قائم نه ٿي ڪري ته اها يڪسر بي معنيٰ آهي. اها مٿين عمارت، اخلاقيات جي عمارت ٿي ئي ڪو نه سگهندي...... رواقي فلسفي مطابق انسان جو نصب العين شر جو مقابلو ڪرڻ نه، بلڪه ان جي سامهون جهڪڻ ئي نصب العين ٿي پوي ٿو.“ (Making of Humanity: P-331)
قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ رَہۡبَانِیَّۃَۨ ابۡتَدَعُوۡہَا مَا کَتَبۡنٰہَا عَلَیۡہِمۡ (حديد: 27)
”۽ رهبانيت جن کي انهن ازخود گهڙيو، اسان ان جو حڪم ڪو نه ڏنو هو.“
اسلام اهو ڪو نه ٿو چاهي ته هڪ تندرست ۽ باشعور انسان رڳو انفرادي طور تي سڪون حاصل ڪري ۽ رسمي عبادتن ذريعي پنهنجي نجات جي فڪر ۾ لڳو رهي، چاهي دنيا ۾ انسانيت پامال ڇو نه ٿيندي هجي. دنيا ۽ ان جي ڪارونهوار متعلق ٻه رايا رهيا آهن. هڪ گروهه ڪائنات کي حقيقي مڃيو آهي ۽ تهذيب و تمدن جي گهما گهمي جو خير مقدم ڪيو آهي. ٻئي گروهه ان جي برعڪس هن عالم کي ڪوڙو عڪس چيو آهي ۽ زندگيءَ جي نقشي کي سراسر باطل، دوکو ۽ فريب قرار ڏنو آهي. انهن ٻنهي عقيدن مان قرآن حڪيم جي تعليم مطابق عالم (دنيا) حقيقي آهي:
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ بِالۡحَقِّ (جاثيه:22)
الله تعاليٰ آسمان ۽ زمين کي حڪمت تحت خلقيو آهي.“
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي هيءَ چند سالن جي زندگي ئي سڀڪجهه آهي ۽ انسان جي سامهون ڪو به اعليٰ مقصد ڪونهي ۽ اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي ڪا به اهميت ڪونهي. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته هر شخص کي اهو حق حاصل آهي ته جهڙيءَ طرح چاهي ته پنهنجي نفس جي خواهشن جي پيروي ڪري. ظاهر آهي ته اهڙي صورت ۾ لذتيت جو جذبو اڀرندو ۽ انساني تمدن اعليٰ قدرن بجاءِ نفساني خواهشن جو آئينه دار ٿي ويندو. اڄ هن ائٽمي دور ۾ نفس پرستيءَ جو سخت غلبو آهي، سيد لطيف جي هن هدايت تي غور ڪريو:
پاڻ م کڻ پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ،
لالن تني لڌ، عشق جنين جي اڳ ۾.

*
پاڻ م کڻ پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق سان اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.

*
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ،
هڏهن ڪونهي هيءُ، هو پڻ ڪونهي ”هن“ ريءَ.

*
فنا وجهي فهم ۾، ڪارڻ ٿي ڪباب،
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ.

*
خواب، خيال، خطرا، تنين ڪريج ترڪ،
ڪرين غير غرق، ته مشاهدو ماڻين.

*
پوڄا ڪر پاڻ کي، جوڳي رکج جوڳ

انساني سعادت جي اها راهه ڪونهي ته انسان ظاهر کان منهن موڙي باطن ۾ ٻڏي وڃي، بلڪه کيس باطن مان نور جي ڪرڻن جا ٻڪ ڀري، ظاهر جي اصلاح ڪري، ماحول کي نوراني ڪرڻو آهي. قرآن جي نظر ۾ روحاني زندگي، مادي زندگيءَ جي دائره ڪار جي اندر ان جي بهتر ۽ زياده ترقي يافته صورت آهي. جنهن معاشري ۾ انساني تعلقات زياده هم آهنگ هجن ۽ احترام انسانيت جو جذبو، ماڻهن ۾ ڪارفرما هجي ته اهو ئي معاشرو روحاني طور تي وڌيڪ ترقي يافته آهي. اسلام جي نظر ۾ هيءَ ڳالهه قطعي غلط آهي ته انسان پنهنجي نجات ۽ سعادت خود غرضانه طور تي، ٻين انسانن جي فلاح ۽ تعلق کان بي نياز ٿي ڪري، محض رسمي ۽ ظاهري عبادت ۽ خانقاهيت سان حاصل ڪري سگهي ٿو. اسلام دنيا ۾ راهب پيدا ڪرڻ نه ٿو چاهي بلڪه اهو دنيا تي آسماني قانونن جي حڪومت چاهي ٿو. هڪ فرد جي فلاح دنيا جي سڀني انسانن جي فلاح سان وابسته آهي. اسلام چاهي ٿو ته حڪمت، ٻانهن جي قوت، ۽ اجتماعي ۽ تنظيمي قابليت سان، تمدن جي برائين کي هميشه لاءِ صاف ڪيو وڃي. انسان جي سامهون هر وقت احڪام الاهي جي تڪميل ٿئي. انسان ان نظام حيات جي پابندي ڪري جيڪو الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح انسان جو غرض صرف هي آهي ته اهو هر وقت خدا تعاليٰ جي مقصدن جي طابع رهي يعني ٻين لفظن ۾ هو الله تعاليٰ جو فرمانبردار رهي.
معاشري جي زندگي فردن جي احساسن سان گهرو تعلق رکي ٿي، ان ڪري حسي زندگي اسلامي تصور حيات جو جزو آهي. اسلام نه رڳو سٺا ۽ پاڪباز انسان چاهي ٿو بلڪه پاڪيزه ماحول ۽ نوراني معاشرو پڻ چاهي ٿو.
سيد ٿو چوي:
ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ته ڪڏهن ٿجي وات،
ڪڏهن ٿجي ٻڪرو ته ڪڏهن ٿجي ڪا ت.

قدرت طرفان مومن کي ٻه تلوارون عطا ڪيون ويون آهن. هڪڙي اخلاق جي ٻي لوهه جي. شر سان جيترو ٿي سگهي اخلاقي تلوار سان مقابلو ڪجي. جيڪڏهن اخلاقي تلوار، ڪم نه ڪري ۽ مومن کي سندس زندگي وڃڻ جو خطرو هجي ته پوءِ لوهه جي تلوار کان ڪم وٺڻ قدرت جي نوراني تقاضا آهي.
سچو اخلاق ۽ حقيقي نيڪي هڪ آزاد انسان جي عمل سان شروع ٿئي ٿي ڇو ته اهو نيڪي کي غالب ڪرڻ لاءِ صبر سان تڪليفون برداشت ڪري ٿو. ان جي طاقت جبر و تشدد ۾ ختم ڪو نه ٿي ٿئي بلڪه خدمت خلق ۾ صرف ٿئي ٿي. اهو نيڪي جي قانون جي تابع ٿيندو آهي. اهو ڪنهن خارجي قوت يا اندرين حرص و حوس جو پابند ڪو نه ٿو ٿئي. اهڙو انسان خدا تعاليٰ جي قانون تي يقين رکي ٿو ۽ ان جي اطاعت ان لاءِ ڪندو آهي ته اُها سندس فطري تقاضا آهي.
وري غور ڪريو! اسلامي اخلاقيات جو بنياد عدل تي آهي، عدل جو مطالبو اهو آهي ته ڪو به شخص ظلم و ستم ۾ خودمختيار نه هجي ۽ ڪنهن کي اهو موقعو نه ڏنو وڃي ته هو قوت جي زور تي ٻئي انسان جي زندگيءَ تي ڪا ظالمانه پابندي لاڳو ڪري. جيستائين انسان زمين تي عدل قائم نه ٿو ڪري تيستائين روحاني شغلن ۽ ذڪر فڪر سان ڪو خاص فائدو پهچي ڪو نه سگهندو، عدل لاءِ وري آسماني حڪومت (دين) جو قائم ٿيڻ ضروري آهي. عدل ۽ خير خدا جون صفتون آهن. مخالف انصاف جي تصور ۾ مساوات ۽ حق پرستي جا قدر به اچيو وڃن ٿا. ان ڪري چڱائي ۽ خير کي پسند ڪرڻ، ان سان محبت ڪرڻ، ان جي فروغ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ انجي مخالف عناصرن کي پاڙ کان پٽڻ اخلاقي زندگيءَ جو هڪڙو اهم حصو آهي.
اسلام جو اخلاقي نظام هڪ نامياتي ڪل جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ سڀئي قدر پنهنجي وجود ۽ بقا لاءِ، ٻين قدرن سان وابسته آهن. ۽ اهي سڀئي قدر بحيثيت مجموعي نور جي قوت ۾ ظاهر ٿين ٿا، مطلب ته سڀئي قدر مقصد بالذات نه آهن، بلڪه اهي سڀيئي رضائي نور جي واحد نصب العين جي حصول جو ذريعو آهن. ان ڪري ڪنهن هڪڙي قدر کي محض ان قدر جي عظمت جي ڪري ٻين قدرن تي فوقيت حاصل ڪونهي. ٻين فلسفن ۾ لذت، مسرت ۽ حسن الڳ ۽ جدا قرار ڏنا ويا آهن. ليڪن اسلام انهن سڀني قدرن کي هڪ هنڌ جمع ڪري ٿو. مطلب ته اخلاق الاهي سڀني قدرن جي موثر هم آهنگي آهي.

[b]قانون ۽ اخلاق
[/b]انساني معاملات جو قانون سان گهرو تعلق آهي، ليڪن اخلاق قانون کان بالاتر آهي. اخلاق دل تي حڪومت ڪندو آهي. معاملات جو تعلق عقل جزوي سان آهي. اخلاق جو تعلق عشق (نور) سان آهي. انسان جيستائين نور جي دائري ۾ پاڻ کي بند نه ڪندو تيستائين جبلت جي دٻاءَ مان نڪري نه سگهندو. اخلاق الاهي انسان کي مٿي ئي مٿي ڇڪيندو رهندو آهي. اخلاق انسان جي باطني نور جو اظهار آهي.
اخلاق هر نافع عمل جو حڪم ڪري ٿو ۽ نقصان واري عمل کان بچڻ لاءِ چوي ٿو. ليڪن قانون جو اهو ڪم ڪونهي. قانون نافع ڳالهين جو حڪم ڪو نه ٿو ڏئي. مثلا محتاج سان سٺو سلوڪ ڪيو يا حسد جهڙين براين کي مٽايو، هوس کان بچو. اخلاق، ادنيٰ کي اعليٰ سان جوڙي ٿو. قانون جي نظر عملن جي نتيجن تي ٿيندي آهي. ليڪن اسلامي اخلاقيات، باطني بلب روشن ڪري اندروني ماحول کي نوراني ڪري ٿي. قانون جو تعلق ان ڳالهه تائين آهي ته اهو قتل ۽ چوريءَ لاءِ سزا ڏي، مگر اخلاق اهو حڪم ڏئي ٿو ته ڪنهن بري ڪم ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيو.
اسلام جو اخلاقي نظام مجموعي طور فروغ حيات ۽ بقاءِ حيات جا سبب فراهم ڪري ٿو. خدا تعاليٰ حي ۽ قيوم آهي. ان ڪري صفت حيات جو حصول انسان جو نصب العين آهي. تنهنڪري اهي عمل، جيڪي فروغ حيات جو سبب آهن اهي خير آهن. زندگي نه فڪر محض جو نالو آهي ۽ نه لطيف تاثرات کان لطف اندوز ٿيڻ جو، بلڪه زندگي نالو آهي مقصد تائين پهچڻ جو، بلند ٿيڻ جو، مٿي چڙهڻ جو. اسلام چوي ٿو ته مسلمان اهو آهي جيڪو هڪ بهتر دنيا جي تخليق جي جستجو ڪري. حسين کان حسين تر، خوب کان خوب تر ۽ لطيف کان لطيف تر مقام جي طرف وڌي. ڪامل خير ان کانسواءِ ممڪن ڪونهي ته انسان سڀني مانع قوتن خلاف جنگ جاري رکي ۽ سڀني رڪاوٽن کي پامال ڪندو الله تعاليٰ جي راهه ۾ اڳتي وڌندو وڃي. جهاد جو مقصد اهو آهي ته حسن جي دائري کي ڦهلايو وڃي ۽ فقط آئين حق ڪيو وڃي. مجاهد خدا جو دوست ۽ ساٿي آهي. اهو تمام قوتن سان الله تعالى جي پڪار بلند ڪندو آهي.

[b]صبر جي عظمت
[/b]قرآن حڪيم صبر کي انسان جي پوري زندگيءَ تي ڦهلائي ٿو ۽ صرف چند مخصوص قسم جي خطرن، مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي مقابلي ۾ نه بلڪه هر لالچ، خوف، انديشي ۽ شيطاني خواهشن آڏو، هڪ زبردست قوت بنائي ڇڏي ٿو. قرآن حڪيم ايمان واري جي پوري زندگي صابرانه ڪرڻ چاهي ٿو. قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
اِنَّ اللّٰہَ مَعَ الصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۵۳﴾ (البقره: 153)
”۽ بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.“
سيد لطيف چوي ٿو:
ڏسو پاسو ڏک سين، کانڌ کٿوري هوءِ،
”والله مع الصابرين“ آگي ايئن چوءِ.

عربي زبان ۾ صبر جي معنيٰ آهي ڪنهن شخص جو ڪنهن مطلوبه شيءِ جي حصول لاءِ برابر مصروف ڪار رهڻ، ان عمل ۾ استقامت، ثابت قدمي، ڪوشش ۽ جرئت شامل آهن.
اسۡتَعِیۡنُوۡا بِالصَّبۡرِ وَ الصَّلٰوۃِ (البقره: 45)
”پنهنجي قوتن جي پوري نشوونما ۽ اعتدال و تناسب جي لاءِ صبر ۽ صلوٰة جي راهه اختيار ڪريو.“
قرآن حڪيم جو حڪم هي آهي ته انسان پنهنجي سڄي عمر صحيح طرز عمل تي قائم رهي خواه ان ۾ ڪيترا خطرا، نقصان ۽ مشڪلاتون ڇو نه هجن. هو ڪڏهن به حق جو پاسو نه ڇڏي. چاهي فائدن ۽ اميدن جو سر سبز باغ سندس آڏو ڇو نه موجود هجي. هو حقيقي رخ کان هٽڻ پنهنجي لاءِ دنيا جي سڀني مصيبتن ۽ دشوارين کان وڌيڪ دشواري سمجهي. اهو ئي صبر آهي جيڪو حيات انساني جي ڪامرانين جو راز ۽ جليل القدر انسانن جي زندگي جو عنوان آهي. جڏهن اهي حق پرست صبر جي آسماني صفت سان سينگارجي ٻاهر نڪري پوندا آهن ته پوءِ ڪا به طاقت انهن کي خدا جي اطاعت کان روڪي نه ٿي سگهي.
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اصۡبِرُوۡا وَ صَابِرُوۡا وَ رَابِطُوۡا ۟ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ لَعَلَّکُمۡ تُفۡلِحُوۡنَ ﴿۲۰۰﴾٪
(آل عمران: 200)
”اي ايمان وارو! خود صبر ڪريو ۽ مقابلي ۾ صبر ڪريو ۽ مقابلي لاءِ چُست رهو ۽ الله تعاليٰ کان ڊڄندا رهو ته اوهين پوري طرح ڪامياب ٿيو.“
زندگيءَ ۾، هر قدم تي انسان آڏو ٻه رستا اچن ٿا هڪ رستو الله تعاليٰ يعني نور، حسن ۽ خير جو رستو، ٻيو رستو آهي ڪفر ۽ نفاق جو. جنهن انسان دنيا جي هر لالچ کي ٺڪرائي، الله تعاليٰ جي حڪمن اڳيان سرجهڪايو، ان الله تعاليٰ جو رستو اختيار ڪيو ۽ جيڪو پنهنجي نفساني خواهشن جي چڪر ۾ ڦاٿو رهيو ته اهو ڪفر جي راهه تي هليو ويو.
اهو نفسيات جو اصول آهي ته انسان جي دل ۾ جنهن شيءِ جي محبت هوندي آهي اهو ان جي رنگ ۾ رڱجي ويندو آهي. جيڪڏهن مومن جي محبت الله تعاليٰ سان آهي ته پوءِ اهو الله تعاليٰ جي رنگ ۾ رنگجي ويندو. هو پنهنجي هستيءَ کي خدا نور ۾ غائب ڪندو يعني ان وٽ صرف مطلوب ئي رهندو. ڪنهن به شيءِ تي ٻيو رنگ لڳائبو ته ان جو پهريون رنگ ختم ٿي ويندو. پاڻ تي خدا جو رنگ چاڙهڻ حقيقي زندگي ۾ داخلا جي پهرين ضرورت آهي.

جنهن هڪ انسان کي قتل ڪيو ان پوري انسانيت کي قتل ڪيو:
حقيقت اها آهي ته جيڪو وجود دنيا ۾ ڪا بدي آڻي ٿو ته اهو سموري دنيا جو دشمن ٿئي ٿو ۽ جيڪو دنيا ۾ ڪا نيڪي ڦهلائي ٿو ته اهو سڄي دنيا جو سڄڻ آهي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ناحق قتل ٿو ڪري. گويا ان پوري انسانذات کي قتل ڪيو، ڇو ته جز، ڪل جو حصو آهي. جيڪو ڪنهن کي پنهنجي اخلاق سان زنده ڪري ٿو گويا تمام سموري انسان ذات کي زندگي ڏئي ٿو. دنيا جا سڀ انسان هڪ ڪل جا جزا آهن. اسان ان ڪل جي بقا لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيون ٿا اهو در حقيقت اسان جي انفرادي بقا جي صورت ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو. حقيقت اها آهي ته ڪل جو نقصان به انفرادي نقصان ئي آهي. دائمي امن حاصل ڪرڻ جو رستو هي آهي ته نيڪي سان بدي جو مقابلو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن سان بدي ڪئي وڃي ته جلد کان جلد بدلي وٺڻ جي ڪوشش ۾ انسان بدکان بدتر ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن ڪو انسان ڪنهن سان نيڪي ڪري ٿو ته ان جي معاوضي لاءِ اهو سالن ۾ به تيار نظر نه ٿو اچي. ان جي مقابلي ۾ برائي جو بدلو وٺڻ لاءِ شيطان جلدي ان تي سوار ٿي وڃي ٿو. ان وقت آسمان جا فرشتا ان جي سامهون عفو ۽ درگذر ڪرڻ جون صدائون بلند ڪندا آهن. نور جو آسماني آواز خير ۽ محبت لاءِ گونجندو رهندو آهي ته ”انسان جي دانائي غصي کي پي وڃڻ ۾ آهي.“ حقيقت اها آهي ته جيڪو برائي کي شروع ڪري ٿو ۽ جيڪو ان کي فروغ ڏئي ٿو، بدلو وٺي ٿو يعني ته اهو ان کي وڌائي ٿو.
انسان کي ادنيٰ سطح کان اڀاري اعليٰ سطح تي وٺي وڃڻ واري قوت اخلاق آهي. سچو انسان نيڪي جي تابع ٿيندو آهي. اهو ڪامل انساني مساوات جو زنده نمونو ۽ مشيت الاهي جو مظهر ٿيندو آهي. اهڙو انسان اخلاقي قوت تي يقين رکي ٿو ۽ ان جي اطاعت ان لاءِ ڪندو آهي ته اهو ان جي روحاني فطرت جو قانون آهي. اعليٰ اخلاق ئي ڪمال (الله) تائين پهچڻ جو ذريعو آهي. اخلاق جيترو آسماني هوندو. مقصد، (خدا، ڪمال) اوترو جلدي ملندو.

[b]اخلاق ۽ مقصد جو تعلق
[/b]انسان جي اخلاقي حالت جو تعين ڪرڻ لاءِ اسان صرف اهو ئي ڪو نه ڏسندا آهيون ته ان جي عقل ۽ بصيرت جو ڪهڙو حال آهي يا ان کي جذبات ۽ نفس تي ڪيترو ڪنٽرول آهي بلڪه اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته زندگيءَ جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ هو ڪهڙن غرضن لاءِ پنهنجون قوتون ۽ توانايون صرف ڪري ٿو. جيڪڏهن انسان جو مقصدِ زندگي پست آهي ته اخلاق به پست ٿيندو ۽ جي ان جو مقصد آسماني آهي ته پوءِ ظاهر آهي ته ان جو اخلاق به آسماني ٿيندو. مثال طور اسان جو مقصد هي آهي ته سياسي اقتدار حاصل ڪريون ته رپئي پئسي جي خواهش، ماڻهن کي پنهنجي طرف آڻڻ جي خواهش، مقصد ته اهي سڀ خواهشون انهيءَ نصب العين جي چوڌاري هڪ خاص ترتيب سان اهڙيءَ طرح جمع ٿي وينديون جي سڀيئي ملي ان هوس اقتدار جي جذبي جون خدمتگذار ٿي وينديون. جيستائين اسان جي غالب خواهش، باقي سڀني خواهشن تي حڪمران هوندي ته اها انهن کي مطيع ۽ فرمانبردار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ اوتريقدر اسان جي سيرت ۽ ڪردار ۾ پختگي ايندي.
اخلاق ضابطه حيات آهي. اسان بهتر اخلاق سان ئي بهتر تعمير ڪري سگهئون ٿا. ان ڪري اسان کي خواهشن کان غير مشروط طور تي مغلوب ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي. اهو ڪم ڏکيو ضرور آهي. انڪري مشهور ٿي ويو آهي ته اخلاق خواهشن جي بلڪل ابتڙ آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اخلاق، خواهشن جي ڇڙواڳي جي خلاف آهي. Robert Braiffault پنهنجي ڪتاب The Making of Humanity ۾ اخلاق متعلق لکي ٿو:
”جيڪڏهن انسان ڪڪرن جي مٿان اڏامڻ لڳي ته ان جو مقصد اهو ڪو نه ٿيندو ته انسانيت جي سطح به اوتري ئي بلند ٿي وئي آهي. نه ئي وري سو ميل في ڪلاڪ جي رفتار جي معنيٰ ترقي آهي. جيڪڏهن انسان ستارن کي ٽوڙڻ جي قابل ٿي وڃي ۽ علمن ۽ فنن جي وسيع ميدان ۾ گهوڙا ڊوڙائي تڏهن به ان جي ذاتي جوهر ۾ ڪا به تبديلي ڪو نه ٿي اچي سگهي. انساني معاملات ڏاڍا گهرائي وارا ٿيندا آهن. قوت، تمدن ۽ فڪر سڀ بي معنيٰ آهن جيڪڏهن انهن سان گڏ اخلاقي برايون به شامل آهن. اهو صحيح پيمانو جنهن سان دنيا جي قدر و قيمت کي ماپيو وڃي ٿو اهو اخلاقي پيمانو آهي.“ (صفحو 257)
انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”توهان ٻڌي چڪا آهيو ته چيو ويو هو ته اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند، ليڪن مان توهان کي اهو چوان ٿو ته شرير جو مقابلو نه ڪجو بلڪه جيڪڏهن ڪو تنهنجي ساڄي ڳٽي تي چماٽ هڻي ته ٻيو به ان جي طرف ڦير..... (متي 5؛31)
”توهان ٻڌي چڪا آهيو ته پنهنجي پاڙيسري سان محبت رک ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت، ليڪن مان توهان کي اهو چوان ٿو ته پنهنجي دشمن سان محبت رک ۽ ستائڻ وارن جي لاءِ دعا ڪريو.“
(متي 5؛43-45)
حضرت مسيح جتي به ائين چيو آهي ته پنهنجي دشمن سان پيار ڪريو ته يقينن ان جو مطلب هي نه هو ته هر انسان کي گهرجي ته پنهنجي دشمن جو عاشق ٿي پوي، بلڪه ان جو سنئون سڌو مطلب اهو هو ته توهان ۾ ڪاوڙ، غصي، ۽ نفرت جي جاءِ تي رحمت ۽ محبت جو پرجوش جذبو هجڻ گهرجي. يا مثلن هن ائين چيو هو ته ”جيڪڏهن ڪو توهان جي هڪ ڳٽي تي چماٽ وهائي ڪڍي ته توهان پنهنجو ٻيو ڳٽو اڳتي ڪريو“ ڇا انهيءَ جو واقعي ئي اهو مطلب هيو ته اوهان سچ پچ پنهنجو ٻيو ڳٽو اڳتي ڪريو يا مطلب هي هو ته پنهنجي اندر معاف ڪري ڇڏڻ ۽ درگذر ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪريو.
سيد لطيف چوي ٿو:

سڻي ويڻ ڪنن سين، ورائج م وري،
هاديءَ جي هدايت جي، آهي ايءُ ڳري،
تن سڄي ساهه سري، جن ماريو نفس ماٺ سين.

*
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

*
چپ ڪر، چپ م چور، پور اکيون ڍڪ ڪن،
ته هو جا مورت منجها ران من، تنهن جو مشاهدو ماڻين.

يسوع مسيح جا شاگرد وٽس آيا ۽ هو پنهنجي زبان کولي انهن کي هيئن تعليم ڏيڻ لڳو.
”مبارڪ آهن اهي جي دل جا غريب آهن، ڇو ته آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي. مبارڪ آهن اهي جي غمگين آهن، ڇو ته انهن کي تسلي ملندي،مبارڪ آهن اهي جي عليم آهن، ڇو ته اهي زمين جا وارث ٿيندا. مبارڪ آهن اهي جيڪي راستبازيءَ جا بکيا ۽ پياسا آهن، ڇو ته اهي آسودا ٿيندا. مبارڪ آهن اهي جيڪي رحمدل آهن، ڇو ته انهن تي رحم ڪيو ويندو. مبارڪ آهن اهي پاڪ دل ڇو ته اهي خدا کي ڏسندا. مبارڪ آهن اهي جيڪي صلح ڪرائن ٿا، ڇو ته اهي خدا جا فرزند سڏبا. مبارڪ آهن اهي جيڪي راستبازيءَ جي سبب ستايا ويا آهن، ڇو ته آسمان جي بادشاهت انهن جي ئي آهي.“ (مت 1:5-10)
انجيل پاڪ جي مٿين آيتن مان صاف معلوم ٿئي ٿو، سيدنا يسوع مسيح انسان کي اها هدايت ٿو ڪري ته هو پنهنجي اندر (ڪامل ٿيڻ لاءِ) خدا تعاليٰ جون صفتون اجاگر ڪري.
قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو
خُذِ الۡعَفۡوَ وَ اۡمُرۡ بِالۡعُرۡفِ وَ اَعۡرِضۡ عَنِ الۡجٰہِلِیۡنَ ﴿۱۹۹﴾ ( الاعراف:199)
”سرسري هلت کي قبول ڪندا ڪريو ۽ نيڪ ڪم جي تعليم ڏيندا ڪريو. ۽ جاهلن کان پاسو ڪريو.“
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
فَاصۡفَحِ الصَّفۡحَ الۡجمِیۡلَ ﴿۸۵﴾ (الحجر ۸۵)
”سو اوهان چڱيءَ طرح درگذر ڪريو.“
سيد چوي ٿو:
چڱا ڪن چڱايون، مٺائيون مُٺن،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَ الۡکٰظِمِیۡنَ الۡغَیۡظَ وَ الۡعَافِیۡنَ عَنِ النَّاسِ ؕ وَ اللّٰہُ یُحِبُّ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۱۳۴﴾ۚ (آل عمران- 134)
”غصي تي ضبط ڪرڻ وارا ۽ انسانن جون خطائون بخشڻ وارا، ۽ الله جي محبت انهن لاءِ آهي جيڪي (اهڙو) احسان ڪرڻ وارا آهن.“
ٻئي هنڌ نوراني صفتن جو اظهار هيئن ٿيو آهي:
وَ الَّذِیۡنَ صَبَرُوا ابۡتِغَآءَ وَجۡہِ رَبِّہِمۡ وَ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اَنۡفَقُوۡا مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً وَّ یَدۡرَءُوۡنَ بِالۡحَسَنَۃِ السَّیِّئَۃَ اُولٰٓئِکَ لَہُمۡ عُقۡبَی الدَّارِ ﴿ۙ۲۲﴾ (الرعد- 22)
“۽ جن ماڻهن الله تعاليٰ سان محبت ۾ (تلخي ۽ ناگوري) برداشت ڪئي ۽ برائي جو جواب برائي سان نه، بلڪه نيڪي سان ڏنو ته يقين ڪريو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت جو بهترين سامان آهي.“
سيد لطيف به ساڳي نوراني مشعل سان انساني ڪائنات جي جسمن کي روشن ڪيون بيٺو آهي.

هو چوني تون م چؤ، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي.

*
اڻ چوندن م چؤ، چوندن چيو وسار،
اٺئي پهر ادب سين، پَرِ اهائي پار،
پايو منهن مونن ۾، غربت سان گذار،
مفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪانيارو نه ٿئين.

مولانا مودودي اخلاق بابت لکي ٿو:
”انسان جو پنهنجي ۽ ڪائنات جي متعلق جيڪو تصور هوندو ته زندگيءَ ۾ ان جو ورتاءُ به انهيءَ تصور جي مطابق ٿيندو ۽ انهيءَ نظريه اخلاق جي مطابق انساني زندگيءَ جي مختلف شعبن جي تشڪيل ٿيندي. پوءِ ان سانچي جي اندر انفرادي سيرت و ڪردار ۽ اجتماعي تعلقات و معاملات جا قانون پنهنجي تفصيلي صورتون اختيار ڪندا ۽ آخرڪار تمدن جي پوري عمارت انهن ئي بنيادن تي تعمير ٿيندي. دنيا ۾ انساني زندگيءَ لاءِ جيترا به مذهب ۽ مسلڪ ٺهيا آهن، انهن سڀني کي بهرحال، پنهنجو هڪڙو اساسي نظريه اخلاق مرتب ڪرڻو پيو آهي ۽ اصولن کان وٺي ننڍن ننڍن جزن تائين، هڪ مسلڪ کي، ٻئي مسلڪ کان جيڪا شيءِ ممتاز ڪري ٿي ته اهو ئي اخلاقي نقطه نظر آهي ۽ اهو ان جي قالب ۾ روح جي حيثيت رکي ٿو.“

[b]زنا فنا آهي
[/b]انسان معاشرتي رشتن ۾ جڙيل آهي. اهي رشتا زنده شاخون آهن. جيڪڏهن هڪ شاخ به ڪمزور ٿي وڃي ته ان جو اثر پوري معاشري تي پوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح پوري زندگي مهڪڻ بدران مرجهائجي وڃي ٿي. جنهن اجتماعي ۽ سماجي رابطي ۾ پوري انسانذات جڪڙيل آهي، ان کان ڪو به فرد، ڪنهن به حال ۾ ۽ ڪنهن مخصوص جڳهه تي رهندي به انهن کان جدا ڪونهي.بند ڪمرن جي اندر به، اهو اهڙيءَ طرح جماعتي زندگي سان واسطو رکي ٿو جيئن بازار يا محفل ۾ ان جا رشتا آهن. مرد، جنهن وقت اڪيلائپ ۾ پنهنجي قوت هڪ عارضي ۽ غلط نتيجي واري عمل (زنا) جي لطف اندوزي ۾ ضايع ڪري ٿو ته گويا هو اجتماعي زندگيءَ جي آسماني مقصد ۾ بدنظمي ڦهلائي رهيو آهي ۽ ايندڙ نسل جي پاڪيزگي ۽ نورانيت جي حق تلفي ڪري رهيو آهي. سندس اهو عمل شر ٿي وڃي ٿو ۽ جماعت اندر بيشمار اخلاقي، مادي ۽ تمدني نقصان پهچائي ٿو. غور جو مقام آهي ته انسان تيستائين هميشه جي زندگي ۾ داخل ٿي ڪو نه سگهندو جيستائين هو پاڪيزگي اختيار نه ڪري. ان خطرناڪ عمل کان بچڻ لاءِ ان جي ترغيب ڏيندڙ فحاشيءَ جي هر صورت کان بچڻو آهي ۽ معاشري مان ان کي خَم ڪرڻو آهي:
وَ لَا تَقۡرَبُوا الۡفَوَاحِشَ مَا ظَہَرَ مِنۡہَا وَ مَا بَطَنَ ۚ(انعام- 151)
”توهان فواحش جي ويجهو نه وڃو، چاهي ظاهر هجن يا لڪل.“
خواهشن جي بي راهه روي، عقل تي غالب اچي وڃي ته حيوانيت آهي ۽ عقل، خواهشن جي بي راهه روي تي قابو پائي ته انسانيت آهي. جيڪڏهن اسان ظاهري آزادي تائين پاڻ کي محدود رکيو ۽ سامهون تمام منفي خواهشن کي اڀارڻ وارا عناصر رکيا ويا ته پوءِ اها آزادي نه پر آزاديءَ جو موت آهي. وري غور ڪريو. زندگيءَ جو حسن عوام جي پر خلوص ۽ بي لوث معاشرتي رشتن مان جنم وٺي ٿو. اخلاق جون ٻه سطحون آهن: هڪ معمولي (زميني) سطح ۽ ٻي برتر ۽ آسماني سطح. زميني اخلاق اهو آهي ته ماڻهوءَ جو اخلاق، جوابي اخلاق هجي، مثلاً جيڪو مون سان جيئن ڪندو مان به ان سان ائين ئي ڪندس. يعني اهو اصول ته جيڪو مون کان ڪٽي مان به ان کان ڪٽجي وڃان، جيڪو شخص مون تي ظلم ڪري مان به ان تي ظلم ڪيان. جيڪو مون سان برائي ڪري ته مان به ان جي لاءِ برو ٿي وڃان. اها ئي اخلاقيات آهي. جيڪا هر دور ۾ انسان تي ڇانيل رهي آهي. علامه مشرقي پنهنجي هڪ مضمون ۾ انسان جي نفسيات تي لکندي چوي ٿو:
”انسان ايٽم جو سينو چاڪ ڪيو آهي پر سندس جبلتون اڄ به وحشي آهن. پنهنجي قومي عصبيتن، گروهي مرضن، مادي خواهشن ۽ نسلي امتياز جي مقابلي ۾ بي وس نظر اچي رهيو آهي. دنيا ۾ تعليم و تربيت جا ڪيترا ادارا آهن. ليڪن اڄ به انسان ادنيٰ مفادن ۽ معمولي منافعي خاطر حقيقي انساني مفاد کي قربان ڪري رهيو آهي. سياست ۾ مڪرو فريب جا اهي ئي هٿيار، جيڪي صدين کان زير استعمال آهن، اڄ به بين الاقوامي سياست ۾ ڪم اچن ٿا. قومن جي باهمي منافرت ۽ عداوت اڄ به اهڙيءَ طرح قائم آهي، جهڙي طرح ماضيءَ ۾ قائم هئي. مذهبن ۽ ملتن جي داخلي زندگيءَ ۾ ادنيٰ جذبات ۽ پستيءَ جو اهو ئي عالم آهي جيڪو هميشه کان هو. فردن جون سڀئي اخلاقي خرابيون اجتماعي سطح تي اڄ به اهڙيءَ طرح ئي موجود آهن، جيئن دور قديم ۾ موجود هيون. الوهيت جي طرف وٺي وڃڻ واري علم (سائنس) کي هلاڪت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.“
(راولپنڊي ۾ هڪ تقرير)
تازو هڪڙو ڪتاب شايع ٿيو آهي. ڪتاب جو نالو آهي
2020 World in ان ڪتاب جو مصنف Hamesh mekae لکي ٿو:
”سن 2020 تائين سائنس ان قابل ٿي ويندي جو ماڻهو بريف ڪيس ۾ ائٽم بم کي ائين کڻي گهمندو جيئن هن وقت ٽائيم بم کڻي گهمي ٿو.“
هاڻي اندازو لڳايو ته اهڙي دنيا جتي دولت پرستي، نسل پرستي ۽ نفس پرستي وغيره انسان کي انسان جو شڪاري بڻائي ڇڏيو آهي، جتي بريف ڪيس ايٽم بم سان ڀريل هجي، جتي بدلي وٺڻ ۽ جارحيت جي نفسيات ڇانيل هجي، اهڙي حالت ۾ زمين تي زندگيءَ جو ڪهڙو حشر ٿيندو، صاف ظاهر آهي ته پوري عالم انسانيت کي باهه جي اجتماعي قبر ۾ دفن ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ان مشڪل صورتحال مان خدا (مشيت ڪل) ئي انسان کي ڪڍي سگهي ٿو. يعني آسماني اخلاق ئي انسان کي تباهي کان بچائي سگهي ٿو.انسان کي ڪامل ٿيڻو پوندو، يعني انسان کي گهرجي ته پنهنجي عمل ۾ خدائي صفات جو جلوو آڻي ۽ آسماني اخلاق جو مظاهرو ڪري. آسماني اخلاق جو هڪڙي جهلڪ ڏسو:
”توهان ٻڌي چڪا آهيو ته چيو ويو هو ته پنهنجي پاڙيسري سان محبت رک ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت ليڪن مان توهان کي چوان ٿو ته پنهنجي دشمن سان محبت رکو ۽ ستائڻ وارن لاءِ دعا ڪريو ته جيئن توهان پنهنجي پيءُ جا، جيڪو آسمان تي آهي، ٻار ٿيندؤ. ڇو ته اهو پنهنجي سج کي نيڪن ۽ بد ماڻهن ٻنهي تي چمڪائي ٿو ۽ راستبازن ۽ ناراستن؛ ٻنهي تي مينهن وسائيندوآهي. جي توهان صرف محبت رکڻ وارن سان ئي محبت رکو ته توهان لاءِ ڪهڙو اجر آهي؟ ڇا محصول وٺڻ وارا به ائين ڪو نه ٿا ڪن ڇا؟ ۽ جي توهان صرف پنهنجي ڀائرن کي ئي سلام ڪيو ته ڇا گهڻو ڪيو. ڇا غير قومن جا ماڻهو به ائين ڪو نه ٿا ڪن؟ توهانکي گهرجي ته ڪامل ٿيو جيئن توهان جو آسماني پيءُ ڪامل آهي.“ ( متي 5؛43-48)
انسان جي ادنيٰ ۽ اعليٰ زندگي ۾ توافق پيدا ڪرڻ جو نالو اخلاق آهي. در حقيقت خدا تعاليٰ ۾ فنا ٿيڻ جو نتيجو به اعليٰ (الاهي) اخلاق جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. سچو انسان نيڪي جي قانون کي سامهون رکندو آهي. ڪنهن ڪنڊن پوکڻ واري جي مقابلي ۾ توهان به ڪنڊا پوکيا ته پوءِ زمين (اڄ وانگر) ڪنڊن سان ڀرجي ويندي. ظاهر آهي ته انهن ڪنڊن جي نقصان کان ڪو به بچي نه سگهندو. سچو انسان، ڪامل انساني مساوات جو زنده نمونو ۽ مشيت الاهي جو مظهر ٿيندو آهي. جڏهن وحشت هر شخص کي ديوانو بنائي ڇڏي ۽ ظلمت، روح جي نورانيت تي ڇانئجي وڃي، هر خنجر ۽ تلوار خون وهائڻ لڳي، يعني هر طرف خون جو بدلو خون ۽ انتقام جو بدلو انتقام هجي ۽ اها چريائپ رڪجڻ جو نالو ئي نه وٺي ته پوءِ ان جو خاتمو سواءِ معافي جي ٻيو ٿي نه ٿو سگهي. آسمان انسان کي انتقام جي نفسيات مان ڪڍڻ گهري ٿو.
انسانذات کي زندگيءَ جي مقصد (خدا، ڪمال) تائين وٺي وڃڻ لاءِ، سواءِ ان جي ٻيو ڪو به رستو ڪونهي ته شرکي اڀرڻ جو موقعو ئي نه ڏجي. ننڍا ننڍا تنازعا ڀيانڪ صورت اختيار ڪن ٿا. جڏهن توهان ڪنهن اشتعال جي جواب ۾ جذباتي ڪارروائي ڪيو ٿا ته توهان جو ذهن ان وقت متاثر ٿيندو آهي. توهان آسماني ٿيڻ بجاءِ اڃان به زميني ٿي وڃو ٿا. خدا تعاليٰ جي هدايت ان وقت توهان جي مدد لاءِ پهچي ٿي ۽ قدرت جي ان قانون کي سامهون آڻي ٿي ته ٽچڪندڙ جذبات جي بجاءِ نيڪي جي قانون تي عمل ڪيو وڃي.
اونداهيءَ کي اونداهيءَ سان زائل ڪري ڪو نه سگهبو، اهو ڪم صرف روشني ئي ڪري سگهي ٿي. نفرت کي نفرت سان نه بلڪه محبت سان مٽائي سگهجي ٿو. محبت نور آهي ۽ نفرت ظلمت، محبت بقا ۽ نفرت فنا آهي. محبت، ظلمت تي نور جي فتح آهي ۽ نفرت، روح تي ظلمت جو قبضو. خدا تعاليٰ انسان کي رد عمل ۽ جارحيت جي نفسيات کان دنيا کي پاڪ ڏسڻ چاهي ٿو.
مخالف جي دل کٽڻ لاءِ سڀ کان وڏو آسماني حربو هي آهي ته ڪردار جي نوراني لٺ سان ان تي حملو ڪيو وڃي. ڪردار جي حملي اڳيان ڪو به بيهي ڪو نه سگهندو. مخالف جي روح کي فتح ڪرڻو پوندو. ڪردار ئي تسخيري قوت آهي.
آسماني اخلاق جي صفت انسان کي اعليٰ ترين روحاني مقام تي فائز ڪري ٿي ۽ اهڙيءَ طرح انسان پنهنجي اندر پاڪيزگي، جرئت، شرافت ۽ سچائي آڻڻ تي قادر آهي. دنيا ۾ انبياءَ، آسماني آواز ذريعي، انسانذات کي مٿي ڇڪڻ لاءِ ايندا رهيا، پر انسان پستين سان اهڙو ته پيار جو ڀاڪر پاتو آهي، جو هن کان بلنديون ئي وسري ويون آهن. قدرت انسان کي جهوليون ڀري ڏيڻ چاهي ٿي ليڪن انسان تمام ٿوري تي راضي ٿي ويو آهي:
وَلَوْ شِئْنَا لَرَفَعْنٰہُ بِہَا وَلٰکِنَّہٗۤ اَخْلَدَ اِلَی الۡاَرْضِ وَاتَّبَعَ ہَوٰىہُ ۚ (اعراف: 176)
”اسان چاهيون پيا ته پنهنجي قانون مشيت جي مطابق (انسان کي) بلندي عطا ڪيون ليڪن هو ته پستين سان چنبڙي پيو .“
انسان کي ناري خواهشن کان آزادي وٺڻي آهي. روح کي مادي گندگين کان پاڪ ڪرڻو آهي پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ اخلاق جو حصو آهي ۽ صلاحيتن کي تباهه ڪرڻ وڏي بداخلاقي آهي. هڪ مشهور حديث پاڪ آهي:
تخلقوا باخلاق الله—پاڻ ۾ الاهي اخلاق پيدا ڪيو.
ٿورو غور ڪريو، ڪائنات ۾ نور ئي نور يعني الله ئي الله آهي. خدا تعاليٰ پنهنجو اظهار هڪ نظام (خارجي ڪائنات) جي صورت ۾ ڪيو آهي. اهي قدرتي قانون، جن ۾ ڪائنات جڪڙيل آهي، سي جبري آهن ليڪن اهي ئي قانون انسان لاءِ اخلاقي ٿي وڃن ٿا. ڇو ته:
فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا (روم:30)
”اها الله تعاليٰ جي ئي فطرت آهي جنهن تي انسانن جي فطرت کي ٺاهيو ويو آهي.“
ڪائنات جا سڀ جسم هڪ مرڪز جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن. قدرت جو اهو قانون، انسان لاءِ اختياري ٿي وڃي ٿو. يعني دنيا ۾ رهندڙ سڀني انسانن لاءِ اهو اخلاقي حڪم آهي ته اهي سڀ هڪ مرڪز تحت اچن، هڪ عالمي حڪومت قائم ڪن.
قرآن شريف جي هن آيت تي غور ڪريو:
مِنۡ شَرِّ مَا خَلَقَ ۙ﴿۲﴾ (فلق2)
”جيڪي ڪجهه پيدا ڪيو ويو آهي ان جي شر کان حفاظت.“
شر، خير جو ضد آهي. ان مان مراد هر اها شيءِ آهي، جيڪا انسان جي طبيعت جي مطابق نه هجي، يا اها انهن جي مادي ۽ روحاني ضرورتن لاءِ روڪ ٿي پوي. قدرتي آفتون، زلزا، ٻوڏون، طوفان، تباهي آڻيندڙ بارش، سونامي، ٻرندڙ جبل وغيره، اهي شرجا سڀيئي خلقي روپ آهن. پاڻي درياءَ جي ڪنارن اندر وهي ته خير آهي ليڪن جيڪڏهن اهو ڪنارن کان نڪري سيلاب جي شڪل ۾ اٿلي پوي ته پوءِ ”شر“ جو سبب ٿيندو آهي. هوا نرمي سان هلي ته خير آهي. ليڪن جڏهن طوفان جي شڪل وٺي ته تباهي ٿي وڃي ٿي. انسان باهه مان بي شمار فائدا حاصل ڪري ٿو ليڪن جڏهن اهائي باهه جهوپڙن ۽ گهرن کي وڪوڙي ته عذاب آهي. مطلب ته شر جي معنيٰ ٿيندي صلاحيتن ۽ توانائين جو ضايع ٿيڻ. ان جي ابتڙ خير اهو آهي جيڪو تعميري آهي. خدا تعاليٰ چاهي ٿو ته انسان شر جي انهن آفتن تي غالب اچي ۽ ڪائنات جي تسخير ڪري. قرآن حڪيم جي هن آيت پاڪ تي غور ڪريو:
وَ سَخَّرَ لَکُمۡ مَّا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ جَمِیۡعًا مِّنۡہُ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوۡمٍ یَّتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۱۳﴾ (جاثيه؛13)
”اي انسانو! جو ڪجهه زمين ۽ آسمانن ۾ آهي سڀ جو سڀ (خدا) توهان جي لاءِ مسخر ڪيو آهي بيشڪ ان پيغام ۾ سوچڻ واري قوم لاءِ ضرور ڪيتريون ئي هدايتون آهن.“

باب اٺون

---

محبت جي ميدان ۾

محبت جي ميدان ۾، ڪڏي پؤُ ڪاهي،
ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتي لاهي.

”محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پؤُ ڪاهي“ اهو آهي سيد لطيف جو اصل سبق. اچو ته پهريان اهو سمجهون ته محبت آهي ڇا؟
ڪائنات ۾ نور ئي نور يعني خدائي خدا آهي. محبت نور جو روحاني ذائقو آهي. ڪامليت، محبت جي سرزمين مان رس چوسي ٿي. محبت جو مقصد عظيم آهي؛ يعني ”سڀني انسانن جي نشوونما جو عمل“. محبت ڪمال ڏانهن اڀاريندڙ قوت آهي. يعني ارتقا جي اصل خوراڪ. ارتقائي (نوراني) قوت پاڻ کي، انساني محبت جي طور تي نوع انساني ۾ آشڪار ڪري ٿي. محبت اها توانائي آهي جيڪا اسان کي بطور فرد ۽ بطور پوري نوع انساني جي، اسان جي پنهنجي غفلت جي خلاف اُڀاري ٿي. محبت کي دل ۾ دائمي طور آباد ڪرڻ، توسيع ذات يعني روحاني ارتقا جو ئي عمل آهي. محبت زير عمل ارتقا آهي. اسان محبت ڪرڻ سان ئي جلدي نشو ونما پائي، ارتقا جي آسمان تي چڙهي سگهون ٿا يعني محبت جي ذريعي ئي اسان خود افروزي حاصل ڪريون ٿا. جنهن انسان جي دل ۾ محبت مهڪي ٿي، اها دل هر وقت محبتي (نوراني) عمل سان ماحول کي آسماني ڪندي رهي ٿي. محبت جو هر عمل محبت آهي. محبت صرف محبت لاءِ ئي هجي. محبت بقا آهي. محبت زندگي آهي ۽ محبت جو ڪو به ڪنارو ڪونهي.
محبت انسان جي هستي هجڻ گهرجي. انسان کي گهرجي ته محبت جي آسمان جو چمڪندڙ ستارو يعني زنده وجود ٿي پوي. جيڪو انسان محبت جي داخلي مسرت سان فيضياب ڪو نه ٿيو آهي سمجهو ته اهو فضول زندگي گذاري ٿو. جن انسانن جي دلين تي نفساني غلاظتن جو پهرو هوندو آهي، اهي محبت جو ذائقو چکڻ کان بغير مري ويندا آهن. اهڙيءَ طرح انهن جي زندگي، آسماني مقصد سان بغاوت ۾ گذري ٿي. محبت جي رنگ ۾ ٻڏل وجود ئي آسماني آهي.
محبت ئي اهو دروازو آهي، جنهن مان جنت (زندگي) ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. بهادري محبت جي صفت آهي. محبت جي لاءِ بهادريءَ جي ضرورت ٿيندي آهي، تڏهن ته سيد لطيف چئي ٿو:
محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پؤ ڪاهي،
ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتي لاهي،

الله تعاليٰ انسان جو محبوب، مقصود ۽ مطلوب آهي. انهيءَ حقيقي محبوب سان دل لڳائڻ، هر وقت محبوب جي طلب ۾ رهڻ عاشق جو آسماني فرض آهي. سيد لطيف محبت ڪرڻ بابت چوي ٿو:
عاشق، معشوقن جو وٺي ويهه دڪاڻ،
پئج پيش پرين جي پٽي وجهي پاڻ،
ته تون تنين ساڻ، سدا رهين سرخرو.

*
عاشق، معشوقن جو وٺي ويهج رند،
پياريندءِ پاڻهي، ميخاني جو منڌ،
ڪيم ڪڍج ڪنڌ، اوڏو ٿيءُ ان کي.

*
عاشق، معشوقن جو، وٺي ويهج گهٽ،
جم ورچي ڇڏئين، موکيءَ سندو مٽ،
ڪري سرسٽ، پيج ڪي پياليون.

*
عاشق، معشوقن جي وٺي ويهه ڳري،
جهھ ورپي ڇڏئين، سندي دوست دري،
ڏيندا ٻڪي ٻاجهه جي ويندئي ٺپ ٺري.

*
عاشق، معشوقن جي وٺي ويهج سير،
اچي پڇندا سپرين، پرتان ڀري پير،
ڀلائن سندو پير، رهبر ٿيندءُ راهه ۾.

خدا (نور) انسان جو مقصد حيات آهي. خدا جي محبوبانه اطاعت بندن سان محبت جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. محبت جي راهه ئي خدا جي راه آهي. جنهن انسان وٽ ڪو مٿانهون مقصد هوندو ته اهو رستي جي غير ضروري معاملات ۾ پاڻ کي ڪو نه ڦاسائيندو. ڇاڪاڻ ته ان کي خبر آهي ته غير محبتي يعني سطحي معاملات ۾ ڦاسڻ جي معنيٰ آهي، زندگيءَ جي مقصد کان پوئتي هٽڻ. مقصد کي حاصل ڪرڻ واري جو ڌيان مقصد تي هوندو آهي. هو رستي کان هٽي کاٻي ساڄي وڃي آواره گردي ڪري وقت ڪو نه وڄائيندو. ڇو ته ان کي خبر آهي ته زندگي ۾، ظلمت سان ڀريل عمل، زهر جي برابر آهي. گناهه ڪرڻ، محبت مان نڪرڻ ۽ اوندهه ۾ وڃڻ آهي. شيطاني عمل جي زندگيءَ ۾ ڪا به جاءِ ڪونهي. هر باطل عمل باهه مان نڪرندڙ هڪڙو اُلو آهي جيڪو صرف جلائڻ جو ڪم ڪري ٿو.
سيد لطيف چوي ٿو:
ڪوڙ ڪماءِ ”م“ ڪچ، اٿي اور الله سين،
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،
محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر اٿي اچ، ته سو دو ٿئي سڦرو.

*
ٻن ڏئي ٻين کي، هلج پاسي هڪ،
ورنه سهي ويڪ، تون ٽيڏي، ٽيڏايون ڪرين!

انسان کي گهرجي ته هو مستقل نتيجن تي نظر رکي. ظاهر آهي ته اهو ڪم مستقل قدرن کي پنهنجو ڪرڻ کانسواءِ نه ٿي سگهندو. ابديت مستقبل ۾ آهي. ان ڪري حقيقي روحاني ترقي صرف محبت جي لڳاتار استعمال سان ڪري سگهجي ٿي. محبت جو انتخاب ڪرڻ ئي زندگيءَ جو انتخاب ڪرڻ آهي. جڏهن انسان، نوراني ترقيءَ لاءِ، واقعي ئي پاڻ کي جدوجهد ۾ لڳائيندو آهي ته ان وقت ئي زندگي با معنيٰ ٿيندي آهي. جيڪو وجود محبت لاءِ مٽجي اهو ئي ابدي زندگي لاءِ ڪم ڪري ٿو.
ڪو به شخص، ڪاميابي سان، پنهنجي حدن کي وسعت ڏيڻ کان پوءِ وجود جي وڌيڪ حسين منزل ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. ظاهر ٿيو ته پنهنجي ذات کي وسعت ڏيڻ يعني ڪمال (خدا) جي طرف اڀرڻ هڪڙو ارتقائي عمل آهي. يعني محبت ڪرڻ جو عمل، پاڻ کي فروغ ڏيڻ جو عمل آهي. هن حقيقت کي ذهن نشين ڪريو ته اسان جيستائين خود آسماني ڪو نه ٿا ٿيئون تيستائين ٻين سان محبت ڪرڻ جي قابل ڪو نه رهنداسين. ڪنهن ٻئي جي حق ۾ پنهنجي روحاني ترقي کي ترڪ ڪرڻ ناممڪن آهي. نور، فرد جي باطن مان اڀري اجتماعيت کي حسين ڪرڻ لاءِ تڙپي اُٿي، اها آهي محبت. ٻين انسانن سان محبت ڪرڻ جو مطلب پاڻ سان محبت ڪرڻ به آهي. يعني پهريان پاڻ کي روحاني بڻائڻو آهي. ارتقائي (روحاني) نشو و نما جي لاءِ وقف ٿيڻ مان مراد ان نسل لاءِ وقف ٿيڻو آهي، جنهن جو اسان حصو آهيون. دنيا جو هر ماڻهو اجتماعي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي. ٻيڙيءَ جي سلامتيءَ ۾ ئي اسان جي سلامتي آهي.
آسماني تعليم مطابق خود توسيعي يعني جمود جي خلاف ”حرڪت“ کي ”ڪم“ چوندا آهن. اسان جي هر حرڪت نوراني هجي ڇو ته اهڙي حرڪت ۾ ئي برڪت آهي. انسان صرف نور (خدا) جا ڪم ڪري، خدا جي ٻانهپ مان پيدا ٿيندڙ عمل ئي ”حق“ آهي. اهو ئي بامقصد عمل آهي.
محبت جي ميدان ۾، ڪڏي پؤ ڪاهي،
ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتي لاهي.

محبت آسماني ڪم يا همت جي ئي شڪل آهي يا اهڙو ڪم يا همت آهي، جنهن جو مقصد خود پنهنجي يا ٻين جي روحاني نشو ونما کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن انسان آسماني ٿي پوي. سڀيئي ڪم ۽ تمام همت ”ڪم“ ڪونهي، بلڪه اُهي جيڪي ”محبت“ ۽ ”انسانيت“ جي نالي ۾ هوس ۽ لالچ جي تڪميل ڪندڙ هجن شيطاني آهن. محبت نور آهي. محبت جو جذبو، منضبط جذبن مان هڪ آهي. ڇو ته تنظيم نور (روح) جي فطرت آهي. ڪائنات جي نظام تي غور ڪريو؛ ڪيڏي ڪامليت آهي. زمين تي انساني جسمن ۾ به ايڏي ڪامليت هجڻ گهرجي. دنيا کي تخليقي قوت فراهم ڪرڻ لاءِ ان کي وڌيڪ تنظيم ڏيڻي پوندي. محبت جي رس ئي تخليق جي گونچن کي خوراڪ مهيا ڪندي آهي. اسان کي پنهنجي اندر ايتريقدر خود ضبطي جي قابليت پيدا ڪرڻي آهي، جيئن اسان مجسمه نور ٿي وڃئون. ڪائنات جي نظام تي غور ڪريو، ڪائنات جو هر مجسمه نور، تنظيم جو حصو آهي. محبت ۾ پاڻ کي فنا ڪرڻو پوندو. ڇو ته زندگي اها آهي جا محبت جي لاءِ مٽجي .
”مان توکي سچ سچ چوان ٿو ته جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين تي ڪري مري ڪو نه ٿو، اڪيلو رهندو آهي، ليڪن جڏهن مرندو آهي ته گهڻو ڦل ڏيندو آهي.“ (يوحنا 12؛23)
وڻ ڇا آهي؟ هڪ ٻج جي قرباني، هڪ ٻج جنهن وقت، پاڻ کي فنا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندوآهي ته ان کان بعد ئي، اهو ممڪن آهي ته اهو هڪ سرسبز ۽ شاداب مقام حاصل ڪري سگهي. ٻج پاڻ کي دفن ڪري ٻين لاءِ زندگي جو سامان مهيا ڪن ٿا. هڪ ٻج کي جيڪڏهن هميشه جي لاءِ ڪنهن سون جي پليٽ ۾ رکيو وڃي ته اهو پنهنجي زندگيءَ جي سرچشمي سان مربوط ٿي ڪو نه سگهندو. زندگيءَ جي سامان سان ڀريل هن ڪائنات ۾ بيڪار پيو رهندو. زرخيزيءَ جي سڀني صلاحيتن جي باوجود زرخيز هجڻ کان محروم. جيڪڏهن انسان به پاڻ کي، محبت جي راهه تي آڻي، حقيقت ۾ دفن نه ڪيو ته اهو خدا جي هن سرسبز دنيا ۾ هڪ سڪل وڻ وانگر پيو رهندو. غور جو مقام آهي ته بي ڦل وڻ کي ڪٽي ساڙيو ويندو آهي.
عمارت جي تعمير بنياد تي ٿيندي آهي. ليڪن اهو بنياد ڪنهن کي نظر ڪو نه ٿو اچي. عمارت جي زندگي، ان جي بنياد تي مدار رکي ٿي. حقيقت ڪل، آسماني تعليم يعني محبت ۾ پاڻ کي دفن ڪرڻ ئي زنده، سرسبز ۽ شاداب ٿيڻ آهي. اها نباتات جي فطرت آهي. وڻ ۾ هڪ گهٽ حيثيت واري شيءِ، پاڙن وسيلي داخل ٿيندي آهي. وڻ ان کي جڏهن پنهنجي اندروني نظام جي ذريعي تبديل ڪندو، تڏهن اهو داڻو، سبزي ۽ ميوو ڏيندو. يعني وڻ جو وجود انسانذات جي فائدي لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ٿو. حيوان جي فطرت تي غور ڪريو. ڳئون پنهنجي اندروني نظام سان گهٽ حيثيت واري شيءِ يعني گاهه کي اعليٰ حيثيت واري شيءِ يعني کير ۾ تبديل ڪري ٿي. انسان جي بدن جي مشين به هر وقت خوراڪ کي روح (نور، زندگي) ۾ تبديل ڪندي ٿي رهي. انسان کي گهرجي ته هو به عمل جي ذريعي روح مان نڪرندڙ نور، محبت، زندگي ائين ڏيندو رهي جيئن ڳئون کير ڏئي ٿي. هر وقت نور ڏيندو رهي ۽ پنهنجي عمل تي اونداهي کي غالب اچڻ نه ڏئي.
ڪائنات نور (محبت عشق) مان مجسم ٿي آهي. ان ۾ موجود نظم، نورجي فطرت آهي. تنظيم نور، محبت جي صفت آهي. انتشار هوندو ته محبت ڪو نه هوندي. ڪائنات ۾ حسن ئي حسن آهي ڇو ته اتي نظم ۽ ترتيب موجود آهي. برائي، بي ترتيبي ۽ بي قاعدگيءَ جو نتيجو آهي. حسن پنهنجي حيثيت ۾ وسيع تر روحاني نظام جي فطرت جو عڪس آهي.
اچو ته سيد لطيف جي هن تمثيل تي غور ڪندا هلئون. محبت جي لاءِ پاڻ فرمائن ٿا:
محبت سندو من ۾ ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر اٿي اچ ته سودو ٿئي سڦرو.

”سودو سڦرو تڏهن ٿيندو جڏهن من ۾ محبت جو مچ ٻاريو وڃي“ سياري جي موسم دوران ٻهراڙين ۾ رهندڙ ”مچ“ ٻاريندا آهن. گهڻيون ڪاٺيون گڏ ڪري، باهه ڏئي ان مان حرارت وٺندا آهن. مچ کي مرڪز ڪري اڪثر گول جي صورت ۾ ويهبو آهي. مچ زور وٺندو ته گرمي محسوس ٿيندي، انسان به هڪ اهڙو مرڪز ٿئي جنهن مان هر وقت محبت جي توانائي نڪرندي رهي. ريڊيم ڌاتوءَ مان هر وقت توانائي خارج ٿيندي رهندي آهي. سج به هر وقت بلا امتياز روشني ڏئي ٿو. محبت انسان جي هستي ٿي وڃي. انسان جي رڳ رڳ صرف محبت لاءِ حرڪت ڪري. جيئن خالص سون بکندو آهي، تيئن انسان به محبت ۾ بکي. مهڪندڙ شبنم جي قطرن وانگر پاڪيزه ٿي وڃو. چمڪندڙ موتي ٿيو. خدا تعاليٰ جي صفتن جا سڀ وهڪرا، محبت جي چشمي ۾ قرار وٺندا آهن. انسان کي گهرجي ته محبت جو آسماني جام پياريندڙ ساقي ٿي وڃي. دائمي امن جا گيت ڳائيندڙ فرشتو، ابديت ڏانهن آسماني انسانن جو همسفر، رفيق راهه ٿي وڃي.
سيد لطيف جو پيغام آهي ته ”محبت سندو من ۾ ماڻڪ ٻارج مچ“ اهو آهي نجات جو واحد رستو. انسان جو مصنوعي خول ۾ لڪي ويهڻ، پنهنجي نفي ڪرڻ آهي، ڇو ته نوراني ارتقا سان ان جو ڪو به رشتو ڪو نه ٿو رهي. ڪاميابيءَ جو اصل راز هي آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي حقيقت جي مطابق ٺاهي. هتي توهان کي سڀڪجهه صرف ان حالت ۾ ملي سگهي ٿو جڏهن توهان حقيقت کي تسليم ڪيو. جيڪڏهن توهان حقيقت ڪل سان مطابقت ۾ نه ايندؤ، ان جون تقاضائون پوريون نه ڪندؤ، ان جو نظام دين (آسماني بادشاهت) قائم نه ڪندو ته توهان کي ڪجهه به نه ملندو. غور جو مقام هي آهي ته حقيقت سان اتحاد ان وقت ٽٽندو آهي، جڏهن پنهنجي اندر، پيدا ٿيڻ واري بي اتحاديءَ جا جذبا قوي ٿي وڃن.
اتحاد صرف علم ڪلي (خدا جي معرفت) جي دائمي خوبي آهي. يسوع مسيح جي ڏنل هنن لفظن تي غور ڪريو:
”مان توهان کي نئون حڪم ڏيان ٿو ته هڪٻئي سان محبت رکو جيئن مان توهان سان رکي . توهان به هڪٻئي سان محبت رکندؤ ته ان سان سڀ ڄاڻندؤ ته توهان منهنجا شاگرد آهيو.
(يوحنا 14؛34-35)
هڪ اهو شخص آهي جيڪو فقط محبت جو تصور ڪري ٿو. ٻيو اهو جو خود محبت ٿي وڃي ٿو ڪهڙو بهتر آهي؟ آسماني تعليم ٻئي قسم جي انسان جي تلاش ۾ آهي. سيد لطيف جو سبق:
وري ياد ڪريو --- محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پؤُ ڪاهي----

محبت صداقت مطلق آهي. انسان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته غير مشروط طور تي پاڻ کي دريافت ڪري. جڏهن محبت، زندگيءَ جو مقصد ٿي وڃي ٿي ته انسان جو وجود آسمان طرف سفر ڪندو آهي. خدا محبت آهي ۽ ماورائيت صرف محبت جو شان آهي. ماورائيت خدا جي صفت آهي.
ڇاڪاڻ ته محبت، خدا تعاليٰ جي صفات جو اظهار آهي. انسان جي سامهون آسمانن جي ڏاڪڻ آهي. انسان ان ڏاڪڻ تي چڙهڻ لاءِ تخليق ڪيو ويو آهي. بلنديءَ جي ان چڙهائي تي چڙهڻ جو سلسلو ابدي آهي.
اسان جي محبت ڪرڻ جي استعداد، ترقي ۽ ارتقا جي صلاحيت اسان جي اندر خدا ڦوڪي آهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي ته محبت نور جو روح آهي.
فَاِذَا سَوَّیۡتُہٗ وَ نَفَخۡتُ فِیۡہِ مِنۡ رُّوۡحِیۡ فَقَعُوۡا لَہٗ سٰجِدِیۡنَ ﴿۲۹﴾ (الحجر:29)
“جڏهن مان ان کي مڪمل ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان ان جي سامهون سجدي ۾ ڪري پئجو.“
هن حقيقت کي سامهون رکو ته انساني دنيا ۾ ارتقا ۽ تبديليءَ جي عمل کان سواءِ دائمي ۽ ازلي صورتون وجود نه ٿيون رکن. زندگيءَ جي آسماني نصب العين جو ڪم زندگي ۽ ارتقا جي رخ کي متعين ڪرڻو آهي. پاڪيزه نصب العين موجود ڪونهي ته سرگرمين جو صحيح رخ متعين ٿي ئي ڪو نه سگهندو ۽ زندگي ڪشمڪش ۽ انتشار ۾ ڦاسي پوندي.
اسان مان هر هڪ ۾ خدائي جبلت ۽ انسانيت (روحانيت) موجود آهي. صرف پنهنجي احساسن کي خدا تعاليٰ جي اطاعت ۾ آڻڻو پوندو. اسان سڀني ۾ هڪ بيمار (نفس) ۽ تندرست ذات (روح) موجود آهي. اسان جو روحاني (نوراني) حصو اسان جي ترقي چاهي ٿو، تبديلي ۽ بهتري پسند ڪري ٿو. اسان جي صحتمند ذات (روح) ارتقا جي جدوجهد ۾، خدائي رتبي جي طرف وڏي ذوق ۽ شوق سان وڌي ٿي. پر روح يعني صحتمند ذات کي بيمار ذات (نفس) جي ڪاهلي کان هر وقت هوشيار رهڻ گهرجي. خبردار! توهان صرف محبت لاءِ استعمال ٿيو. جيڪو حقيقت ڪلي (خدا) جي رحمت ۾ هوندو، اهو خدا جي غصب کان پري هوندو. ان جي رحمت کي ان جي غضب تي سبقت آهي. اصل نڪتو شعور کي محفوظ رکندي حق (ڪامل) بڻجڻ آهي. خدا چاهي ٿو ته انسان پنهنجي شعور کي معرفت ۾ تبديل ڪري. اسان جي شعوري ذات، خدائي ذهن (معرفت) سان مطابقت پيدا ڪري؛ اها آهي رحمت ٻيءَ حالت ۾ غضب ئي غضب هوندو ڇو ته رحمت ڪو نه هوندي ته غضب جو هجڻ قانون قدرت آهي. حق ڪلي سان ڪامل مطابقت جو نالو آهي ”خدا جي رحمت“ ۽ خدا جي مخالفت معنيٰ آهي غضب جو ڀڙڪڻ.
محبت ئي سڀني روحاني بيمارين جو دائمي علاج آهي. ۽ ڪوبه شخص ”خود پرستيءَ“ جي قيد مان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ئي محبت جي واديءَ ۾ لهي سگهي ٿو. ياد رکو، پاڻ کي توسيع ڏيڻ ۽ حدود کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪوشش درڪار ٿيندي آهي. ارادو ۽ عمل ٻئي محبت جي رنگ سان رنگين هئڻ گهرجن. انسان جي سامهون صرف محبت ئي واحد رستو آهي جنهن سان هو پنهنجي مستقبل کي درخشان ۽ نور سان ڀريل بنائي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سيد لطيف چوي ٿو؛ غور جو مقام آهي:

محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر اٿي اچ، ته سودو ٿئي سڦرو.

انسان کي پنهنجي وجود جي ٻيهر تعمير ڪرڻي پوندي. کيس پاڻ ئي پنهنجي رڪاوٽن کي رستي تان هٽائڻو پوندو. اسان جو عرصه حيات، آخري لمحه تائين، اسان کي روحاني نشو نما جا غير محدود موقعا پيش ڪري ٿو. زندگيءَ ۾، موجود ارتقائي قوت، پاڻ کي، انساني محبت جي طور تي نوع انساني ۾ آشڪار ڪري ٿي. ياد رکو انسان کي نفع خور نه بلڪه نفع بخش ٿيڻو آهي. اها ئي تقدير آهي ۽ تقدير وري فڪر جي آخري حد آهي.
جنهن جاءِ تي ٻه حڪمران هوندا، اتي ڪڏهن به سک چين ٿي ڪو نه سگهندو بلڪه اتي گهڻن ئي ڏکن ۽ تڪليفن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. اسان کي صرف خدا تعاليٰ سان ئي محبت ڪرڻي آهي. جيڪڏهن انسان ياد خدا سان گڏ پنهنجي نفس جي به پيروي ڪري ٿو، ته پوءِ ان جي رتبي ۾ فرق پئجي وڃي ٿو. پوءِ روح ۽ بدن (نفس)جي لڙائي شروع ٿئي ٿي. ٻنهي مان ڪو به هار مڃڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. ٻئي پنهنجي طرف ڇڪيندا رهن ٿا، ۽ روحاني ارتقا رڪجي وڃي ٿي.
هي قانون قدرت آهي ته ”حقيقت جي دريافت“ جي صورت ۾ پراڻي ڄاڻ، تان دستبرداري ۽ ان جو خاتمو درڪار ٿيندو. وڌيڪ ڪشاده تصور کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ اسان کي تنگ تصور کي ختم ڪرڻو پوندو. حق جي دريافت کانپوءِ تڪليفن کان ڊڄي غير حقيقي رستي تي هلندو رهڻ جمود جي نشاني آهي. سيد لطيف ٿو چوي :
نانگا پنهنجي نفس کي ڪا نئين راه سونهاءِ،
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.

نئين تصور جو مطلب آهي پراڻي تصور جو لازمي موت. پراڻي تصور کان دستبردار ٿيڻ جي تڪليف، موت جي تڪليف آهي. ليڪن پراڻي جو موت نئين جو جنم آهي. انجيل پاڪ ۾ اچي ٿو:
”۽ ڪو به ماڻهو پراڻي مئي پي ڪري نئين جي خواهش ڪو نه ڪندو آهي. ڇو جو چئي ٿو ته پراڻي ئي سٺي آهي.“
(لوقا 6؛39)
پراڻي رستي تي هلندو رهڻ موت جي ملڪ ۾ رهڻ آهي. دنيا تي اثر انداز ٿيڻ وارؤ! آزادانه انتخاب جي ذريعي، اسان پنهنجي بالغ ۽ آزاد مرضي کي، خدا جي مرضيءَ سان شناخت ڪري سگهئون ته خدا جي مرضي، اسان جي شعوري انا جي توسط سان زندگيءَ جي هڪ نئين ۽ طاقتور صورت ڌاري وٺندي. اسان کي نئون جنم وٺڻو آهي ته جيئن شعوري فرد جي طور تي خدا جي مرضيءَ جي هڪ نئين زنده صورت بڻجي وڃئون. هڪ بالغ، شعوري انا کي ترقي ڏيڻي آهي، جيڪا بعد ۾ خدا جي انا ٿي وڃي ٿي. ياد رکو هتي سواءِ خدا جي ٻي ڪنهن شيءِ جو وجود ڪونهي.
سائنس جي نزديڪ، ذهن ۽ جسم جي قانونن جو پس منظر، هن ڪائنات ۾ آهي. انساني دماغ خود اسان جي پنهنجي متعلق ۽ اسان جي چوڌاري موجود سڀني شين جي متعلق شعور جو ذريعو آهي. جبلتن کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي تهذيب صرف ارتقا يافته شعور جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. شعور جو تعلق روح سان آهي. تهذيبي ارتقا، شعور جي ارتقا جو مظهر ۽ نتيجو آهي يعني جبلتن، جذبن، تخيل ۽ لاشعور، سڀني جي اهميت ۽ معنويت شعور جي ذريعي ئي حاصل ٿيندي آهي. تشڪيل نو جي ذريعي ئي اسان ترقي ماڻيندا آهيون. هڪ ٻيڙي ٽٽي پوي ته نئين ٻيڙيءَ وسيلي پنهنجو سفر شروع ڪيو. سفر جي تياري ڪيئن ڪجي. سيد لطيف ٿو چئي:
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفت جا، سچا سوڌيائون،
التائب من الذنب، اي کٽ کٽيائون،
انين جي آئون، برڪت بار لنگهائيان.

محبت جو ڪم، جيڪو مرڪزي صورت اختيار ڪندو آهي اهو آهي ”توجهه“ ”ڀلائي وارو ٻڌڻ“ توجهه سان جڙيل آهي. سيد جي هن بيت تي غور ڪريو:
وحده لاشريڪ لھ، ٻڌئي نه ٻوڙا

ڪنهن سان محبت ڪندا آهيون ته اسان ان تي پنهنجو مڪمل توجهه ڏيندا آهيون. جيڪڏهن ڪو سڀاڳو ۽ سٻاجهڙو روح، سيد لطيف جي آواز سان محبت جي دعويٰ ڪري ٿو ته پوءِ ”توجهه ڏيڻ“ جو عمل، تقاضا ڪري ٿو ته چستيءَ سان پنهنجي شعور کي سيد لطيف جي طرف ڦيري ڇڏيئون. ياد رکو! توجهه ڏيڻ اهو فعل آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي معمول جي خلاف ڪرڻو پوندو. پاڻ کي وڃائڻ کان پهريان پاڻ کي حاصل ڪرڻ لازمي آهي. حق کي معلوم ڪرڻ کان بعد ئي اسان باطل جي چادر لاهي ڦٽي ڪري سگهنداسين. ياد رکو ”سٺو ٻڌڻ“ محنت جي تقاضا ڪري ٿو. دنيا ۾، زياده تر ماڻهو، حق جي آواز کي، سٺي ۽ سهڻي نموني ڪو نه ٿا ٻڌن. ڇو ته اهي آسماني محنت ڪرڻ لاءِ آماده ڪو نه آهن. جنهن حد تائين اسان، پنهنجي شعوري فيصلن جي ذريعي، دنيا تي خدا جي مرضيءَ مطابق، اثر انداز ٿيڻ جي قابل ٿي سگهئون ٿا، ان حد تائين اسان، بذات خود رحمت خداونديءَ جي هڪ صورت ٿي وينداسين. جن سچ جو پيالو پيتو آهي اهي سدائين مالڪ جي عشق ۾ مگن رهن ٿا. اهي پنهنجي اندر مالڪ کي رسندا آهن ۽ دوئي جي ننڊ مان جاڳي پوندا آهن.
عقلمند ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته اهو شڪايت کي نظر انداز ڪري، پنهنجي مقصد جي طرف سفر کي جاري رکي. جمود جي حالت طاري ٿيڻ سان اسان ”وڌيڪ“ جي شوق کان محروم ٿي وڃئون ٿا ۽ جنهن کي ”زياده“ (غور جو مقام آهي) جو شوق رسي وڃي اهو اتي ئي پيو هوندو.
سيد لطيف جي پيغام سان جڙڻ جي معنيٰ آهي غير خدائي ڪمن کان دستبرداري ۽ لاتعلقي. حقيقي ڌيان جي اُها لازمي تقاضا آهي. حقيقي طور ٻڌڻ ۾ جڙڻ جو عمل به شامل آهي. وري غور ڪريو؛ وحده لاشريڪ لھ، ٻڌئي ڪو نه ٻوڙا“ دوست! حقيقي ٻڌڻ محبت جو عمل آهي. سيد لطيف جي پيغام کي توجهه سان، ٻڌڻ ۽ ياد رکڻ جي اهم ترين ضرورت آهي. قدرت هي قانون جوڙيو آهي ته دنيا جي سڀني باشعور انسانن تي اهو آسماني فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي محبت ڀريل فڪرمنديءَ سان ٻين جي دکن دردن ۾ شريڪ ٿين. راحت ۽ تسڪين يقيني آهي. مٿي اڀرڻ جو اهو ئي قانون آهي.
آسمان جي تعليم خود ضبطي سيکاري ٿي ڇو ته خود ضبطي پنهنجو پاڻ کي وسعت ڏيڻ جو عمل آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي مگر صحيح راهه کان بغير اهو ئي انسان ڪنهن ڪم جو ڪونهي. اهو ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندو آهي جنهن کي ان جي اندر جي روشني يعني (نور (خدا) جي سڃاڻپ هجي. سيد لطيف جو آسماني سڏ ٻڌ! سڏ ۾ سڏ ڏيڻ، با ادب انسان جو عمل آهي:
جي نه سڃاڻن سچ کي ويهه مَ تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.

قانون هي آهي ته ”خود ضبطي“ ان وقت ٿي سگهندي، جڏهن اسان مسلسل، نه ختم ٿيندڙ سخت خود احتسابيءَ جي زندگي گذاريون. جنهن شخص جي اندر، خدا جي نالي جو ذڪر بي حساب ٿي رهيو هجي، خدا ان کان ڪڏهن به جدا ٿي ڪو نه سگهندو. خدا ۽ انسان جو رشتو، چنڊ ۽ چڪور جو رشتو آهي. انسان جي دل خدا جو گهر آهي. خدا مومن جي دل ۾ سمائجي ويندو آهي. ليڪن افسوس آهي جو انسان جي دل ۾ هر وقت خودپرستي نظر ٿي اچي. خدا کي ڇڏي نفس کي محبوب ڪيو ويو. انسان پاڻ کي پوڄي ٿو. هر ڪو هڪڙي خول ۾ بند آهي. سيد لطيف جي هيٺين بيت تي غور ڪريو. سيد، قدرت جي ان قانون کي پيش ڪري ٿو جنهن سان انسان ان خول مان نڪري زندگيءَ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. خودپرستيءَ جي معنيٰ آهي ڪل (حق) کان نڪرڻ؛ خدا (ابديت) سان رشتو ٽوڙڻ.
خودي ۽ خدا، ڪين ماپن هڪ من ۾
ٻن ترارن جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾

جنهن دل ۾ خدا (نور) جي حڪومت هجڻ گهرجي ها، اتي (خود) جي حڪومت آهي. ”خود“ کي ڇڏ، نور کي آڻ. قدرت جي قانون تي عمل ڪر. تنهنجو باطني گهر نور سان ائين ڀرجي ويندو، جيئن اوندهه ۾ بلب ٻري پوي.
دنيا تي غور ڪريو. عبرت جو مقام آهي. هر شخص خود پنهنجي اندر جي تقاضائن جي تڪميل ۾ مصروف آهي ۽ جڏهن ضرورتون پوريون ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ اهو (ڪڏهن به پوري نه ٿيڻ واري) هوس جي تڪميل ۾ لڳي وڃي ٿو. جڏهن توهان جي دل ۾ خودپرستيءَ کانسواءِ حقيقت جي لاءِ ڪا به گنجائش ڪونهي ته پوءِ ان ۾ ٻي شيءِ ڪيئن وجهي سگهبي. پيالو نفرت جي باهه سان ڇلڪي ٿو. ان ۾ محبت جو نور ڪٿان داخل ٿئي! ان جي داخل ٿيڻ جو ڪو رستو ڳولهه. دل کي صاف ڪر ته جيئن تخت دل سينگارجي. ان تي آسمان مان پريون لهن، رقص نور ٿئي. محفل حق ڄمي، سچ توتي پوريءَ طرح ڇائنجي وڃي، تنهنجو باطن چمڪي، خدا تنهنجي مٿان پنهنجي شان سان حڪومت ڪري.
ان وقت يسوع پنهنجي شاگردن کي چيو ته جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ چاهي ته پنهنجي خوديءَ جو انڪار ڪري.
(متي 17؛24)
اي ساٿيو! هن حقيقت تي غور ڪريو ته ”انا“ جي سرحدن کان عارضي آزاديءَ اسان کي نور جي هڪ تجلي ته مهيا ڪري سگهي ٿي ليڪن فنا جي گگهه اوندهه مان ڪڍي نه ٿي سگهي. قرآن شريف توهان کي هڪ انسان جي حالت ڏيکارڻ چاهي ٿو ته هو ڪيئن نفس جي قيد ۾ بند آهي.
اَفَرَءَیۡتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـہَہٗ ہَوٰىہُ وَ اَضَلَّہُ اللّٰہُ (جاثيه: 23)
”پوءِ ڇا توهان ان شخص جي حالت ڏٺي آهي جنهن پنهنجي نفساني خواهشات (خودي) کي ئي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو آهي.
سيد لطيف جي عظمت تي غور ڪر، پاڻ فرمائن ٿا:
پاڻ م کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ،
لالن تني له، عشق جنين جي اڳ ۾.

*
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق ساڻ اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.

*
خواب، خيال، خطرا، تنين ڪريج ترڪ،
ڪرين غير غرق، ته مشاهدو ماڻين.

*
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ،
هڏهن ڪونهي هيءُ، هو پڻ ڪونهي هن ريءَ.

*
پوڄا ڪر پاڻ کي، جوڳي رکج جوڳ،

*
فنا وجهي نم ۾، ڪارڻ ٿي ڪباب،
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ.

محبت جي پوشاڪ پائڻ کانسواءِ انسان آسمان جي بادشاهت (دين) ۾ داخل ٿي ئي ڪو نه سگهندو، ان لحاظ کان محبت اولين ضرورت آهي.

باب نائون

---

ايمان ڇو ضروري آهي؟

ان پر نه ايمان جو، ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر ۾ آذر آهين.

هڪڙو شخص ڪنهن اڻ ڏٺل شهر ۾ پهچي ٿو. ان کي منزل تائين پهچڻ لاءِ رستي جي خبر ڪونهي. ظاهر آهي ته رستو ڪنهن اهڙي شخص کان پڇندو، جيڪو ان رستي کان واقف هوندو. رستو معلوم ڪرڻ کان پوءِ، اهو ماڻهو منزل مقصود تائين پهچڻ لاءِ، انهيءَ ٻڌايل رستي تي ڀروسي ۽ اطمينان سان هلندو رهندو، جيڪو رستو، ڄاڻ واري ماڻهو کيس ٻڌايو آهي. ان ٿڌي ۽ پرسڪون ڀروسي کي ايمان چئبو آهي.
عربي زبان ۾ ”اَمَنُ“ جي مفهوم ۾ هي اچي ٿو ته ڪنهن کي بي فڪر ۽ مطمئن ڪري ڇڏڻ، ان جي حفاظت جي ذميداري پنهنجي سر تي کڻڻ. ”مومن“ يعني امن جي ضمانت ڏيڻ وارو، جنهن تي ڀروسو ڪري انسان بي فڪر ۽ محفوظ ٿي وڃي. ”امانت“ اها شيءِ جيڪا ڪنهن جي ڀروسي تي ڏني وڃي. ”امين“ مان مراد آهي بي خوف ۽ مطمئن ڪندڙ، جنهن کي، قابل اعتماد سمجهيو وڃي ۽ جنهن تي ڀروسو ڪيو وڃي. ”بلدٌ امين“ جنهن شهر ۾ امن ۽ حفاظت هجي. ”مقام امين“ يعني جنهن مقام تي پورو پورو اطمينان ۽ حفاظت جو سامان هجي. قرآن حڪيم ۾ آيو آهي:
انی لکم رسول امین (شعراء: - ۱۲۲)
”مان توهان جي لاءِ رسول امين آهيان.“
سورت بقره ۾ آيو آهي:
فَاِنۡ اَمِنَ بَعۡضُکُمۡ بَعۡضًا (البقره-283)
”جيڪڏهن توهان هڪٻئي تي اعتماد ڪريو.“
ٻئي هنڌ آيو آهي
کُلٌّ اٰمَنَ بِاللّٰہِ (البقره-285)
”يعني سڀني ايمان آندو آهي الله تي“
مٿين سڀني آيتن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ”امن“ جو لفظ اعتبار، ڀروسي ۽ يقين اچڻ جي مفهوم ۾ استعمال ٿيو آهي. ايمان آڻڻ ۾ هيٺين سڀني ڳالهين جو دخل ٿئي ٿو:
1. ”يقين ڪرڻ“ مڃڻ، تسليم ڪرڻ، انڪار نه ڪرڻ.
2. تصديق ڪرڻ يعني ان جي سچي هجڻ جو اقرار ڪرڻ.
3. تڪذيب نه ڪرڻ، اعتماد ۽ ڀروسو ڪرڻ.
4. ڳالهه مڃڻ ۽ اطاعت ڪرڻ.
انسان هن دنيا ۾ هڪ اڻ ڄاڻ مسافر وانگر اچي ٿو. کيس هر وقت ايمان جي ضرورت آهي. ڪائنات جي حقيقت تي غور ڪريو. ڇا توهان کي ڄاڻ آهي ته ڪائنات ڪيئن تخليق ٿي؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪائنات ۾ انسان جو مقام ڪهڙو آهي؟ ڇا توهان کي اهو پتو آهي ته زندگيءَ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ مطلب ته قدم قدم تي توهان کي هي ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي. حق ڇا آهي ۽ باطل ڇا کي ٿو چئجي. ڪهڙي عمل ۾ حقيقي فائدو آهي ۽ ڪهڙي عمل ۾ نقصان. اهو علم جيڪڏهن توهان پنهنجي اندر ۾ تلاش ڪندؤ ته اتي ڪو نه ملندو، اهي ڳالهيون ڪنهن اهڙي انسان کان معلوم ٿي سگهن ٿيون جيڪو حقيقت ڪلي ڄاڻندو هجي، جيڪو راهه ۽ منزل کان واقف هجي.
انسان مختلف قوتن جي ڪشش ۾ رهي ٿو. خواهشون هڪ طرف ڇڪين ٿيون ته صحبتون ٻئي طرف. ان کانسواءِ مختلف موروثي ۽ ماحولياتي اثرات پنهنجو ڪم ڏيکارين ٿا. جيڪڏهن انسان پنهنجي غرضن کي محدود ۽ نصب العين کي معين نه ڪري ته اهي قوتون کيس منتشر ڪري ڇڏينديون ۽ نتيجي ۾ هو بي مقصد ۽ بي مراد رهجي ويندو. انڌي جو انڌي جي پويان هلڻ ٻنهي جي بربادي جو باعث ٿيندو. ان ڪري اهو ضروري آهي ته انسان جي سامهون اعليٰ مقصد هجي ۽ انسان ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري. ان تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي سڀني عملن جو رخ ان طرف ڦيري ڇڏي. انسان هن دنيا ۾ ان ڪپتان وانگر آهي، جيڪو موج در موج، درياءَ ۾ ٻيڙي هلائيندو هجي. اهو ٻيڙي کي ان وقت تائين پار ڪو نه لڳائي سگهندو، جيستائين ڪناري کان واقف نه هجي، ۽ ان تائين پهچڻ لاءِ ڪو نقشو نه تيار ڪيو هجيس. ٻيءَ حالت ۾ هو منزل کان هٽي ويندو ۽ ان جي ٻيڙي طوفان حوالي ٿي ويندي، نتيجي ۾ هو زندگيءَ ئي وڃائي ويهندو.
هر ظاهر سان هڪڙو غائب به ٿيندو آهي. انسان حاضر آهي ليڪن ان جي حقيقت غائب. پوءِ ڇا انسان جي ڪا حقيقت آهي ئي ڪو نه؟ توهان ڪائنات تي غور ڪريو. علم جي جدا جدا شاخن جو مطالعو ڪيو، هر علم جي شاخ حاضر کان غيب جي طرف وڌندي آهي. انسان جي فطرت آهي ته اهو حاضر مان مطمئن ڪو نه ٿيندو آهي، بلڪه اڳتي وڌڻ چاهي ٿو. ايمان شعوري کوجنا جي ان اطمينان بخش تڪميل جو نالو آهي. قرآن حڪيم ان ايمان جو متقاضي آهي ته انسان پنهنجي موجوده تجربي کي حقيقت ڪلي جو درجو نه ڏئي ۽ اهو ايمان رکي ته غائب، حاضر سان متضاد نه آهي ۽ هر حاضر هڪ غائب جي طرف اشارو ڪري ٿو، جنهن جون ڪڙيون حاضر سان مليل آهن. تمام حڪمت، حاضر کان غيب طرف وڌڻ واري حرڪت آهي.
سائنس جي دريافت ڪيل قانونن جي صحت جو معيار به اهو آهي ته حاضر جو علم، غيب سان رشتو رکي ٿو. زندگي ۽ ڪائنات جون حقيقتون الله تعاليٰ، پيغمبرن جي سيني تي ڪلي طور نازل ڪندو آهي. عام انسان کي انهن حقيقتن تائين پهچڻ ۾ ڏاڍي دير لڳندي آهي. مثلا اڄ کان چوڏهن صديون اڳ قرآن حڪيم چيو ته مادي جي اصليت نور آهي. الله نور السموات والارض سائنسدانن تجربيگاهن ۾، ڪم ڪندي، ايتري وقت کان پوءِ اوڻويهين صديءَ ۾ انهن لفظن جي تصديق ڪئي. جڏهن ته اصحابن سڳورن ان وقت هن ڪائنات کي پنهنجي بصيرت جي نور سان ڏٺو ۽ ان آيت سڳوريءَ تي ايمان آندو، جڏهن ڪي به سائنسي ايجادون عمل ۾ ڪونه آيون هيون.
سائنس ۾ استدلال، قطعيت جي طلب ڪري ٿو. هر اها ڳالهه جيڪا قطعي نه هجي ۽ واقعات ان جي تصديق نه ڪن ته سائنس ان کي ناقابل ثبوت ڄاڻي رد ڪري ڇڏي ٿي. توهان ماضيءَ کي جاچي سگهو ٿا ان کي تحليل ۽ تجزيه جي ڪسوٽيءَ تي آڻي سگهو ٿا ۽ اهڙيءَ طرح حال جو مطالعو به وڏي صحت سان ڪري سگهو ٿا. ليڪن توهان جڏهن به مستقبل تي ايندؤ ته سائنسي تحليل جو ڪو به ماهر رهبريءَ جو فرض ادا ڪري ڪو نه سگهندو يا هو اهڙا قائدا ٻڌائي ڪو نه سگهندو جن جو بنياد يقين مطلق تي هجي. ان ڪري اهي سڀئي عمل، جن جو تعلق مستقبل سان ٿيندو آهي تن ۾ ”ايمان“ جو دخل ٿيندو آهي. ايمان، ”علم ڪلي“ تي يقين ڪرڻ جو هڪڙو آسماني نور آهي.
جڏهن رسول عربي ﷺ قرآن حڪيم جو پيغام عربن جي سامهون پيش ڪيو ته ان وقت ايمان ئي کين پنهنجن حقن سان آشنا ڪيو ۽ اهو ايمان ئي هو جنهن کين فرض کان آگاهيءَ جو سامان پيدا ڪيو. ان ڪري قدرتي طور ايمان، مسلمانن کي قوت جا خزانا عطا ڪيا. اهو ايمان ئي مضبوط بنياد هو جنهن تي مستقل ۽ پائيدار قدرن جو هڪڙو عاليشان محل تعمير ٿي سگهيو ۽ اها ئي قوت هئي جنهن مسلمانن کي چمڪايو.
ايمان، جاهل جي لاءِ، قرآن حڪيم جي علمي قوت سامهون، پنهنجي رضا کي جهڪائڻ آهي. گويا اهو الله تعاليٰ جي فطرت کي حاصل ڪرڻ جو پهريون عهد ناموآهي. ان کان بعد انسان جي زندگي معمولي زندگي ڪو نه ٿي رهي بلڪه مومن جو هر عضوو مومن ٿي ويندو آهي. ان جو اظهار اخلاق الاهيءَ جي صورت ۾ ٿئي ٿو.
ايمان جو لازمي نتيجو اهو روحاني انقلاب هجڻ گهرجي جيڪو گنهگار فطرت جو خاتمو ڪري ڇڏي ۽ ڦلجڻ، ڦولارجڻ ۽ جيون رس چوسڻ لاءِ انسان جي نوراني ٻوٽي کي قرآن حڪيم جي ساگر سان ملائي ڇڏي. ان طرح سان انسان کي هڪ نئون جنم يعني هڪ روحاني زندگي ملندي آهي، جيڪا گناهه جي داغ کان پاڪ ٿئي ٿي.
جيڪڏهن انسان مٿان ايمان جي نوراني گرفت نه هوندي ته هُو زندگيءَ جي آسماني مقصد ڏانهن وڌي ڪونه سگهندو. نتيجي ۾ انسان بدي ۽ شر جي ڪشش مان نڪري ڪو نه سگهندو. اها ايمان جي آسماني قوت ئي آهي جيڪا انسان کي ان قابل بنائي ٿي ته هو شيطان تي غالب اچي، پنهنجي روح کي نفس تي حاڪم ڪري ۽ اهڙيءَ طرح گناهه کي اڀرڻ جو موقعو نه ڏئي.
ايمان جي حقيقت اها آهي ته مومن حضور اڪرم ﷺ جي آندل ضابطه حيات مطابق زندگي گذاري. قرآن حڪيم جي تصور ڪائنات کي صحيح سمجهي، قرآن حڪيم، انسان جو جيڪو مقام مقرر ڪيو آهي، ان کي ڀليءَ ڀت سمجهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پڪو ارادو ڪري ته قرآن حڪيم کانسواءِ منزل تي پهچڻ جو ٻيو ڪو به رستو ڪونهي ۽ هو صرف قرآن حڪيم کي ئي پنهنجو رهبر سمجهي .
مولانا مودودي ايمان جي باري ۾ چوي ٿو:
”ايمان جو پهريون شرط اهو آهي ته انسان قرآن حڪيم جي ڪلي نظريه حيات جي برتري ۽ ان جي برحق هجڻ جو پڪو يقين پيدا ڪري ته جيئن هو دنيا جي ٻين نظرين کان مرعوب نه ٿئي، خواهه اهي نظريا دنيا ۾ ڪيترا به مروج ۽ طاقتور ڇو نه هجن. انهن جي باطل هجڻ تي ان جو پورو يقين هجي. انهن جي ڦهلايل فڪري، نظرياتي ۽ مادي ڄار کي هو ڪوريئڙي جي ڄار وانگر سمجهي جيڪو ڏسڻ ۾ ته شاهڪار آهي ليڪن آهي سڀني کان ڪمزور. حالات چاهي ڪيترا به مايوس ڪندڙ هجن ۽ دنيا جو رخ ڪيترو به مخالف ڇو نه هجي، پوءِ به ان جي دل يقين جي ان نور سان منور هجي ته حق اهو ئي آهي جنهن تي ان ايمان آندو آهي.“
قرآن حڪيم سان ايماني محبت، عزم راسخ ۽ مضبوط ڪردار پيدا ڪندي آهي ته جيئن اهو حق کانسواءِ باقي سڀني شين کي ٺڪرائي ڇڏي ۽ پنهنجي موقف تي پهاڙ وانگر ڄميل رهي. انسان کي گهرجي ته حق جي راهه ۾ رڪاوٽن جو مقابلو مڙس ٿي ڪري ۽ ڏينهن رات قرآن حڪيم جي حڪمن تي عمل ڪري، پنهنجي نوراني ڦل سان عالم انسانيت کي نوراني ڪندو رهي. قرآن حڪيم تي ايمان جو مقصد اهو ڪونهي ته صرف قرآن حڪيم جي آفاقي حقيقتن کي رڳو زبان سان تسليم ڪجي بلڪه اصل ڪم هي آهي ته ان جي سامهون عملي طور جهڪيو وڃي. سورت روم ۾ آيو آهي:
ؕ اِنۡ تُسۡمِعُ اِلَّا مَنۡ یُّؤۡمِنُ بِاٰیٰتِنَا فَہُمۡ مُّسۡلِمُوۡنَ ﴿٪۵۳﴾ (روم:53)
”تون صرف انهن کي ٻڌائي سگهين ٿو جي اسان جي حڪمن تي ايمان آڻن ٿا ۽ اهي انهن جي سامهون جهڪڻ وارا آهن.“
قرآن شريف تي ايمان رڳو هڪڙي فلسفيانه حيثيت کي مڃڻ نه آهي بلڪه ايمان جو مزاج پنهنجي عين فطرت جي لحاظ کان هڪ خاص قسم جي عمل ۽ اخلاق جي تقاضا ڪري ٿو ۽ ان اخلاق جو ظهور، انسان جي عملي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ٿيڻ گهرجي، يا هيئن سمجهو ته ايمان هڪڙو ٻج آهي جيڪو نفس انساني ۾ پنهنجون پاڙون هڻي، عملي زندگيءَ ۾ هڪ پوري وڻ جي تخليق ڪندو آهي ۽ ان وڻ جي ٿڙ کان وٺي ان جي شاخن ۽ پنن ۾ نوراني رس جاري ۽ ساري ٿي وڃي ٿي ۽ آسمان جا فرشتا انهن ٽارين ۾ رهن ٿا. آسمان جا پکي اتان پرواز ڪن ٿا، ٻين آسمانن ڏانهن وڃڻ لاءِ.
ايمان جو بنياد وفاداريءَ جو جذبو آهي. وفا جي خوبي يا خرابي ان ڳالهه تي آهي ته ڪهڙي مقصد يا ڪهڙي هستيءَ سان وفا ڪئي وڃي. وفاداري اهڙي هجڻ گهرجي جيئن ”قبلو ڏيکاريندڙ سئي“ قبلي سان وفا ڪندي آهي. حادثات ان سئي کي، هزار دفعا هيڏي هوڏي جنبش ڏين، ليڪن اها سئي تڙپي وري به قبلي ڏانهن ئي رخ ڪندي آهي. مومن کي به گهرجي ته قرآن حڪيم سان اهڙي وفاداري ڪندو رهي.
هر موقعي تي توهان جي سامهون هي سوال ايندو آهي ته فلاڻو ڪم ڪيو وڃي يا نه. اهڙن موقعن تي هڪ طريقو اهو آهي جيڪو اسان کي قرآن شريف ٻڌائي ٿو ۽ ٻيو طريقو اهو آهي جيڪو انسان، پنهنجي نفسياتي خواهشات، پيءُ ڏاڏي جي ٺهيل ريتن رسمن يا انسانن جي ٺهيل قانونن مطابق اختيار ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن ڪو مسلمان قرآن شريف جو رستو ڇڏي ڪري ٻيو رستو اختيار ڪري جيڪو قرآني حڪمن جي ابتڙ هجي ته اهو حق، خير ۽ حسن سان بغاوت آهي. جيڪو مسلمان بعض معاملن ۾ خدا تعاليٰ جي ڪلام کي مڃي ٿو ۽ بعض معاملات ۾ پنهنجي نفس جي خواهشات کي اوليت ڏئي ٿو يا انسان جي ٺهيل قانون کي، خدائي قانون تي ترجيح ڏئي ٿو يعني هو جيتريقدر الله تعاليٰ جي قانون سان بغاوت ڪري ٿو ته اوترو شرڪ آهي؛ ڇو ته هو حق ۾ باطل ملائي رهيوآهي.
ولا تلبسو الحق بالباطل حق کي باطل سان نه ملايو. اهو آهي قرآني فرمان. قرآن حڪيم جي تعليم سراسر حق آهي، هڪ ڪامل نظريه حيات آهي. ان جي خلاف جيڪي آهي اهو باطل آهي. ان ڳالهه تي ڪامل يقين ۽ ايمان جنهنجو به هوندو ته اهو پنهنجي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ صرف اهو ڏسندو ته قرآن حڪيم جو حڪم ڪهڙو آهي، ۽ جڏهن ان کي معلوم ٿي ويندو ته هو سڌيءَ طرح ان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندو پوءِ چاهي ان سلسلي ۾ دنيا وارن طرفان ڪيتري به مخالفت ڇو نه ٿئي، اهو انهن مان ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندو. ڇو ته هر ڪنهن کي ان جو صاف جواب هوندو ته ”مان قرآن حڪيم تي ايمان آندو آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي تي.“
خدا تعاليٰ هن دنيا کي هڪ آزمائشگاهه ڪري خلقيوآهي، ڪو به اهو نه سوچي ته کيس ”مسلمان“ هجڻ جي نالي ڇڏيو ويندو ۽ سندس آزمائش نه ڪئي ويندي پر اهو ڏٺو ويندو ته اهو قرآن حڪيم جي تعليم تي ڪيترو عمل پيرا آهي. ۽ ان جي لاءِ ڪيتري قرباني ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. ڪنهن کي پنهنجي جان، ڪنهن کي بک يا مال ۽ اولاد جي نقصانن سان آزمايو ويندو آهي. مسلمان حق کان جدا ٿي ڪو نه ٿو سگهي ۽ نه ئي اهو ڪنهن ظاهري قوت کان مرعوب ٿي ڪري ايئن ڪندو. اهو خدائي امانت ۽ خدائي آزمائش جو حق ادا ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿو. جيڪڏهن زندگي نوراني تغير طرف مائل آهي يعني ان جو پرواز بلندين طرف آهي ته پوءِ ان جو هر قدم مقصد زندگي، خدا (ڪامل) ڏانهن وڌندو آهي. تعمير ۽ تغير دوران فرد پنهنجي شخصيت جو نقش ماحول تي چٽي ٿو. فرد جي داخلي رجحان ۽ خارجي حالتن مان جيڪو به قوي ٿيندو آهي اهو ٻئي تي حاوي ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن نقش نوراني آهي ته معاشري ۾ نور جو دائرو ڦهلجي ٿو ۽ جيڪڏهن نقش شيطاني آهي ته معاشري ۾ ظلمت جون ناري پاڙون لڳن ٿيون. ڪمزور، قوي نقش کان مغلوب ٿي ان ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. انساني شخصيت مستقل جدوجهد، تغير ۽ حرڪت سان تڪميل حاصل ڪندي آهي. شخصيت جيتريقدر آسماني ٿيندي اها اوتريقدر روح، نور، حسن جي غلام ۽ بد روح کان آزاد هوندي. قرآن شريف چاهي ٿو ته هر فرد ڪامل ٿئي. ياد رکو ته خدا ڪامل آهي ۽ اهو هر انسان کي به ڪامل ڏسڻ چاهي ٿو. ڪامل ٿيڻ هر انسان جو قدرتي حق آهي. سيد لطيف جي آسماني عظمت تي وري غور ڪريو:
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي،
ڪڙي ڪيف خماريا مئي پي موالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيفيت ڪمالي.

نوراني عمل انسان جو زندهه ايمان آهي. قرآن حڪيم ايمان ۽ عمل کي هڪ هنڌ رکيو آهي. ايمان کي سڃاڻڻ جي آسان نشاني عمل آهي. يعني هي ڏسڻو هجي ته فلاڻو ماڻهو ايماندار آهي يا بي ايمان ته ان جي عمل کي ڏسو. ياد رکو ته اسان جو عمل جهڙو هوندو ته اسان به اهڙائي ٿي وينداسين. Henry bergson پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Creative Evolution ۾ لکي ٿو:
”اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته جيڪي ڪجهه اسان ڪيون ٿا اهو موقوف ٿيندو آهي ان ڳالهه تي ته اسان ڇا آهيون؟ ليڪن ان سان گڏ اهو چوڻ به درست آهي ته اسان جيڪي ڪجهه ٿيئون ٿا پنهنجي عملن سان ئي ٿيون ٿا. ان لحاظ کان اسان مسلسل تخليق ذات ڪندا رهندا آهيون.“ (صفحو 75)
تغير، ترقي ۽ هر اها شيءِ جا زندگي کي جيئڻ جي قابل ڪري ٿي سا عمل سان ظهور پذير ٿئي ٿي. هر سٺو عمل نور آڻي ٿو ۽ برو عمل ان کي مٽائي ٿو. گهڻا سٺا عمل، گهڻو نور، گهڻي زندگي. قرآن شريف چاهي ٿو ته انسان هڪ تخليقي قوت ٿي پوي. ان جو انسان بابت تصور اهو آهي ته انسان هڪ آزاد عامل جي حيثيت سان تخليق، ارتقا ۽ قدرن جي تڪميل ۾ خدا سان تعاون ڪري. يعني خدا تعاليٰ پنهنجي مشيت، انسان جي وسيلي ئي ڪمال تائين پهچائڻ چاهي ٿو. تخليق مان مقصود ڇا آهي؟ اچو ته ان سوال جو جواب به Henry Bergson کان ٿا پڇئون. جواب ٿو ملي:
”ان مان مقصود آهي نوع انساني جي تخليق جي تڪميل يعني ان کي اهو ڪجهه بنائي ڇڏڻ، جيڪا اها بڻجي وڃي ها جي ان ۾ ايتري قدرت هجي ها ته اها انسان جي مدد کان بغير پنهنجي آخري شڪل اختيار ڪري وٺي.“
(صفحو 223(The two sources of morality and rezzgon
قرآن حڪيم جي نظر ۾ مثالي معاشرو اهو آهي جيڪو شيطان جي غلامي (بندگي) کان آجو هجي. اهڙي معاشري جا فرد ئي روح جي استحڪام لاءِ پوري ڪوشش ڪندا آهن. فرد معاشري سان وابسته هجڻ ڪري ئي وڌندو ويجهندو آهي. جيستائين وڻ جو پن شاخ سان جڙيل آهي، تيستائين کيس اميد هوندي آهي ته هو قوت حاصل ڪندو رهندو. جيڪڏهن اهو شاخ کان جدا ٿي وڃي ته فنا لازمي آهي.
ايمان جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ استاد ۽ شاگرد جي هن فطرت تي غور ڪريو. جڏهن ڪو طالبعلم، علم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ داخل ٿيندو آهي ته اهو ايمان جو نور ئي هوندو آهي، جيڪو استاد ۽ شاگرد جو مقام ظاهر ڪري ٿو. شاگرد، استاد جي حڪمت ۽ نقطن کان ناواقف هوندو آهي، هو صرف استاد جي حڪم جي تعميل ڪندو آهي. جڏهن شاگرد جو ذهن، شعوري بلندين کي عبور ڪري استاد جي مقام کي سمجهندو آهي ته ان وقت استاد جي عظمت ظاهر ٿئي ٿي. صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ استاد ڪامل هو. سيد لطيف چوي ٿو:
ڏيئي توڪل تڪيو، آرُ لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتي بان، وچ ۾ گڏين واهرو.

ايمان سان گڏ اطاعت جو هجڻ دراصل نظم جي جان آهي. ايمان جيترو راسخ ٿيندو ۽ اطاعت جيتري ڪامل ٿيندي نظم اوتروئي مضبوط ۽ طاقتور ٿيندو ۽ مقصد حيات تائين پهچڻ ۾ اوترو ئي زياده ڪامياب ٿيندو. ايمان ۾ جيتري ڪمزوري هوندي ۽ اطاعت ۾ جيترو انحراف هوندو اوتريقدر ئي نظم ڪمزور ٿيندو ۽ انهي نسبت سان هو مقصد تائين پهچڻ ۾ ناڪام ٿيندو. ايمان نه رکڻ وارو انسان اوندهه ۾ هلي رهيو آهي. ظاهر آهي ته اوندهه ۾ اندازي تي ئي هلبو. ممڪن آهي ته ڪڏهن سڌي راهه تي هلجي ۽ ڪڏهن هٽي وڃجي. اهو به ممڪن آهي ته ڪڏهن کڏ ۾ ڪري پئجي پر زياده امڪان ڪرڻ جو ئي آهي.
اسلام ۾ ايمان آڻڻ جو مقصد آهي انهن امڪانات، انساني اوصاف ۽ قدرن تي ڀروسو، جي زندگيءَ ۾ مخفي آهن ۽ جي يقينن ظهور ۾ ايندا. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم حقيقت ڪلي جو رازدان هو. پاڻ ڪريمن، ايمان جي روشنيءَ لاءِ چيو ته جنهن انسان به حيات حاضره کي منزل سمجهو ۽ موجوده زندگيءَ جي اخروي نتيجن (مڪافاتِ عمل) تي يقين نه رکيو ته ايمان جي ڪمزوريءَ سبب رستي تان ٿڙي ويندو ۽ آخرڪار مقصد (ڪمال) کان پري ٿيندو ويندو.
سچ هر دور ۾ هڪڙو ئي رهيو آهي ۽ هڪڙوئي رهندو. سچ هر دور ۾ هڪ ئي اصول رکيو آهي ۽ هڪ ئي ڪلام سامهون آندو آهي، هڪڙو ئي استدلال پيش ڪري ٿو. ان جو هڪ ئي روپ ٿيندو آهي ۽ باطل جي هر حملي جي جواب ۾ هڪ ئي طرح جي هٿيارن سان جنگ ڪندو آهي. حق چيو ته الله هڪ آهي؛ ان جي مقابلي ۾ باطل گهڻا خدا ٺاهي ڇڏيا. ڪن انڌي قوت جي حڪمراني کي تسليم ڪيو ۽ ڪن وري پنهنجي نفساني خواهشن کي خدا جو درجو ڏيئي ڇڏيو؛ نتيجي ۾ الحاد ۽ دهريت جنم ورتو. حق هر دور ۾ سچائي، ديانت، حفظ عصمت، همدردي، انساني جان جو احترام ۽ اخلاق حسنه کي بنيادي اصول طور مڃيو آهي. حق جو پيغام سڀني پيغمبرن کي تسليم ڪري ٿو. انهن سڀني حق پرستن ۾ هڪڙو ئي رشتو آهي جيڪي قرآن حڪيم جي سچائيءَ جا علمبردار آهن. سڀني پيغمبرن جو هڪ ئي دين هو. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
اِنَّاۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ کَمَاۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلٰی نُوۡحٍ وَّالنَّبِیّٖنَ مِنۡۢ بَعْدِہٖ ۚ وَاَوْحَیۡنَاۤ اِلٰۤی اِبْرٰہِیۡمَ وَ اِسْمٰعِیۡلَ وَ اِسْحٰقَ وَیَعْقُوۡبَ وَالۡاَسْبَاطِ وَعِیۡسٰی وَاَیُّوۡبَ وَیُوۡنُسَ وَہٰرُوۡنَ وَسُلَیۡمٰنَ ۚ وَاٰتَیۡنَا دَاوٗدَ زَبُوۡرًا ﴿۱۶۳﴾ۚ
....... سوره نساءِ 163
”توهان جي لاءِ اهو ئي دين مقرر ڪيو آهي جنهن جي متعلق نوح کي هدايت ڪئي وئي هئي. جيڪا توهان جي طرف وحي موڪلي ويئي ۽ جا هدايت اسان ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڪئي (اها هيءَ هئي ) ته دين کي قائم ۽ برقرار رکو ۽ ان ۾ تفرقو پيدا نه ڪيو.“
انسان جي ذهن کي ماضيءَ مان سبق وٺڻ گهرجي ته جيئن عمل ۾ قوت ۽ تاثير پيدا ٿئي.
عالمي تاريخ، اجتماعي روح کي برقرار رکڻ جو هڪڙو وسيلو آهي. تاريخ واقعات ۽ حادثات جو ڍير ڪونهي، بلڪه اها هڪڙو وسيلو آهي اجتماعي شعور ۽ سيرت کي لازوال ۽ قوي بنائڻ جو. قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اسين موجوده زندگيءَ جي نتيجن تي تنقيد ڪري سگهئون ٿا.

[b]تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائيندي آهي
[/b]تاريخ پنهنجو پاڻ کي تيستائين دهرائيندي رهندي جيستائين انسانن جا عمل، انهن قومن جهڙا رهندا جيڪي فنا جي شعلن ۾ غائب ٿي چڪيون آهن. جيڪڏهن موجوده ائٽمي دور جو انسان به ساڳيائي عمل ڪري رهيو آهي، ته پوءِ ان جي فنا به يقيني آهي ڇاڪاڻ ته فطرت جا قانون اٽل آهن. يعني نيڪ عمل جو ڀلو نتيجو ۽ بُري عمل جو تباهيءَ وارو نتيجو. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
وَلَقَدْ اَہۡلَكْنَاۤ اَشْیَاعَكُمْ فَہَلْ مِنۡ مُّدَّکِرٍ ﴿۵۱﴾ (قمر-51)
”۽ اسان توهان جي طريقي وارن ماڻهن کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون، سو آهي ڪو نصيحت حاصل ڪرڻ وارو.“
ان آيت پاڪ مان صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن اسان جا عمل به، انهن قومن جهڙا ٿيا، جي فنا ٿي چڪيون آهن ته پوءِ اسان جي هلاڪت به يقني آهي. تاريخ ان وقت تائين پاڻ کي دهرائيندي رهندي جيستائين عمل ساڳيا آهن. جيڪڏهن انسان اهي عمل نه ڪري، جن جي ڪري گذريل تهذيبون مٽجي چڪيون آهن، ته پوءِ تاريخ جو هٿ ان چڪر کي دهرائڻ بند ڪندو. خدا تعاليٰ جو قانون، هر قوم تي اهڙيءَ طرح صادق اچي ٿو، جهڙيءَ طرح سابقه قومن تي صادق اچي چڪو آهي. ماکي اڳ به ماکي هئي ۽ اڄ به ماکي آهي. ائين ٿي ڪو نه ٿو سگهي ته ماکي پنهنجون خاصيتون تبديل ڪري. زهر ڪالهه به زهر هيو ۽ اڄ به زهر آهي. اهو ٿي ڪو نه ٿو سگهي ته جيڪا شيءِ ڪالهه زهر هئي اها اڄ ترياق ٿي پوندي.
غور ڪريو ته صحيح بصيرت سان صحيح عمل ٿيندا آهن. عمل، مڪينيڪل حرڪت ڪونهي بلڪه سچ تي مبني عمل انسان جي روحاني ضرورت آهي. ڪمال (خدا) ڏانهن حرڪت سٺن عملن مان ملندڙ نوراني قوت جو نتيجو آهي: قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
وَاللہُ خَلَقَكُمۡ مِّنۡ تُرَابٍ ثُمَّ مِنۡ نُّطْفَۃٍ ثُمَّ جَعَلَكُمْ اَزْوَاجًا ؕ وَمَا تَحْمِلُ مِنْ اُنۡثٰی وَلَا تَضَعُ اِلَّا بِعِلْمِہٖ ؕ وَمَا یُعَمَّرُ مِنۡ مُّعَمَّرٍ وَّلَا یُنۡقَصُ مِنْ عُمُرِہٖۤ اِلَّا فِیۡ کِتٰبٍ ؕ اِنَّ ذٰلِکَ عَلَی اللہِ یَسِیۡرٌ (فاطر: 10)
”ان جي طرف پاڪيزه ڳالهيون چڙهنديون آهن ۽ عمل صالح ان کي بلند ڪري ٿو. سٺا عمل انسان کي ايئن بلندي (ڪمال) ڏانهن ڇڪيندا آهن.“
سٺو عمل عبادت آهي. سٺو عمل نور آهي. خير مطلق، اعليٰ علم ۽ اعليٰ وجود سان متحد آهي. اها منتهيٰ آهي جنهن تائين مٿي چڙهڻ لاءِ سڀ نيڪيون ڪوشش ڪنديون آهن. سيد لطيف چوي ٿو:
تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

*
ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، ستي ساهين هڏ،
صبح ايندءِ اوچتي، عيد اگهاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪندءِ سڏ، ات سڪنديءَ سينگار کي.

ماضي، حال کان نه جدا ٿيندڙ عنصر آهي، ان کي الڳ ڪيو ويو ته حال جي معنيٰ باقي ڪو نه رهندي. مستقبل آزادي ۽ امڪانات سان ڀرپور آهي. روح جي اندروني آزادي، خارجي عالم جي جبري قوت کان، وڌيڪ قوت واري آهي. انساني روح ۽ ارادو خارجي قوت کي تسخير ڪندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح اهو فطرت جي مقصد جي تڪميل ڪري رهيو آهي. تاريخ مان واقعات جو روحاني عنصر نمايان ٿيندو آهي. اچڻ واري زندگي، تاريخي واقعات مان حرڪت ۽ حرارت جون تجليون پيش ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح گردش زماني جون اونداهيون به سامهون اينديون آهن.
سچ (ڪامل سچائي) کان هٽي ڪري ماديت پرستيءَ تي بنياد رکندڙ تهذيب ضرور فنا ٿيندي، ڇو ته فنا ان جو مقدر آهي. ان جي بنياد ۾ ڪا به مضبوطي ڪونهي. انسان کي گهرجي ته ڪائنات جو روحاني نظام پاڻ تي نافذ ڪري. خدا تعاليٰ جي ٻڌايل حقيقي نظام تي پنهنجي تمدن جي گهر جو بنياد رکي ڇو ته ان کان وڌيڪ مضبوط بنياد ٻيو ٿي نه سگهندو.
جيڪڏهن انسان پنهنجي عملي زندگيءَ کي حق جي سانچي ۾ نه وڌو ته پوءِ تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائيندي رهندي. ان ڪري. گذريل گنهگار تهذيبن وانگر موجوده ائٽمي تهذيب جي فنا به يقيني آهي. ان ڪري اڄ ئي توجهه جي لائق ڦل پيدا ڪريو. پنهنجي اصلي حالت (مقام احسن تقويم) ڏانهن موٽي اچو نه ته ٻي حالت ۾ دنيا کان ائٽمي تباهي کي ڪا به قوت روڪي نه ٿي سگهي. آتشي نيزا ٽيون دفعو ضرور ٽڪرائيندا.
اي دوست! ذرا اک مٿي کڻي ڏس ته آباد ۽ خوشحال بستيون ڇو اجڙي ويون؟ زندگي ۽ حرڪت جا شعلا ڇو وسامي ويا؟ ان جو جواب هي آهي ته هتي هڪ عالمگير قانون ڪم ڪري رهيو آهي. يعني حق ۽ باطل جي ڪشمڪش جو قانون. حق، نيڪ عملن جو نالو آهي. ياد رکو ته حق ئي باقي رهڻ واري قوت آهي ان کي فنا ڪونهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
کَذٰلِکَ یَضْرِبُ اللہُ الْحَقَّ وَالْبَاطِلَ ۬ؕ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذْہَبُ جُفَآءً ۚ وَاَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمْكُثُ فِی الۡاَرْضِ ؕ (الرعد: 17)
”اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ حق ۽ باطل جو مثال ڏئي ٿو، جيڪا گج آهي اها بيڪار وڃي ٿي ۽ جيڪي ڪجهه انسان جي لاءِ نافع آهي اهو زمين ۾ رهجي وڃي ٿو.“
زمين تي سفر ڪريو، آثار ۽ نشانات ڏسو، غور ڪريو، ڏسو ته قدرت جي قانون خلاف هلڻ وارن قومن کي پنهنجي مڪر و فريب، ڪوڙ ۽ بدديانتي جي ڪهڙي سزا ملي چڪي آهي. اهو سڀڪجهه قدرت جي اٽل قانون مطابق ٿيو آهي. مان هن حقيقت کي واضح ڪيان ته خالص باطل جي لاءِ دنيا ۾ ڪا به جڳهه ڪونهي، پر هتي حق و باطل جا مرڪبات ٿيندا آهن. انهن مرڪبات ۾ ٽڪراءُ به ٿيندو آهي؛ ڇو ته حق غلبو چاهي ٿو. هر تصادم ۾ بازي ان اصول، فلسفي ۽ نطام جي هٿ ۾ رهندي آهي جنهن ۾ باطل جو تناسب گهٽ ۽ حق جو تناسب زياده هجي. مقصد ته تاريخ اصولن، فلسفن ۽ نظامن جي تصادم جوميدان آهي. ان تصادم ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي جنهن اصول تي ٿيندي آهي اهو خود گواهي ڏئي ٿو ته ڪامياب حق آهي ۽ باطل هرحال ۾ ناڪام آهي.
اي انسان! قرآن (حق) سان بغاوت جو نتيجو هن وقت به تباهي آڻڻ ۾ مصروف آهي پر تنهنجي حالت اها آهي جو تون ڏسندي به ڪو نه ٿو ڏسين ۽ ڪنن هوندي به ڪو نه ٿو ٻڌين. انسان وٽ پنهنجو عقل هجڻ گهرجي جنهن سان هو نتيجن کي سمجهي سگهي. جيڪڏهن ان کي پنهنجو عقل ڪونهي ته پوءِ صاحب عقل جي ڳالهين کي ٻڌي. ليڪن انسان جي اڪثريت نه ته پهرين زمري ۾ اچي ٿي ۽ نه ئي وري ٻئي ۾. ان ڪري انهن ۽ چوپاين ۾ ڪو به فرق ڪونهي بلڪه انهن کان به وَيل آهن. کنڊرات تي ڇانيل ويرانيءَ کان برباديءَ جو سبب پڇندءُ ته جواب اهو ئي ملندو ته حق جي مخالفت ڪري ئي قدرت اها سزا ڏني. ان ڪري جيڪي ڪجهه گذري چڪو آهي اهو هاڻي ذخيره بصيرت آهي. قرآن شريف ٻڌائي ٿو ته توهان پهرين قوم نه آهيو جيڪا زمين تي موجود آهي، بلڪه توهان کان پهريان به ڪيتريون ئي قومون گذري چڪيون آهن. انهن جون به آباديون هيون، قوت ۽ شان شوڪت هو، اهي به سربفلڪ عمارتن جا رهواسي هئا. انهن وٽ به فڪر ۽ عمل جون سرگرميون هيون پوءِ اهي ڇو مٽجي ويون؟ جيڪڏهن الله تعاليٰ جو قانون هر دور ۾ ساڳيءَ طرح پنهنجو ڪم ڪندو آيو آهي ته پوءِ ڇا توهان ان خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهيو ته قدرت توهان جي لاءِ پنهنجو قانون معطل ڪري ڇڏيندي؟ جيڪا شيءِ ڪالهه زهر هئي اها هاڻي توهان جي لاءِ ماکي ٿي پوندي.؟!
قرآن حڪيم چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان وجداني طور تي ان ڳالهه کي محسوس ڪريو ٿا ته نتيجن جو تسلسل ۽ انهن جو نتيجو هڪ حقيقي امر آهي ۽ ان ۾ تبديلي ممڪن ڪونهي ته پوءِ انساني عملن بابت ائين ڇو ٿا چئو ته هاڻي هتي ائين ٿيڻ ضروري ڪونهي جيڪو اڳين قومن سان ٿي چڪو آهي. ياد رکو ته جيئن گناهن جي ڪري گذريل قومون ختم ٿي چڪيون، هاڻي به گناهن ڪرڻ جو نتيجو ساڳيو ئي نڪرندو.
گذريل قومون ان ڪري به ختم ٿيون جو انهن ۾ خير ۽ اصلاح جو جوهر ختم ٿي چڪو هو. اهي شر ۽ فساد، عيش و عشرت ۽ دولت جي پرستش ۾ اهڙيون ته غرق ٿيون جو فطرت جي ڪا به ادا انهن کي نرم ڪري ڪو نه سگهي. انهن تي جهالت جا تهه ڄمي ويا. گلن جا پاڪيزه اشارا انهن کي سمجهه ۾ نه آيا ۽ معصوم ٻارڙن جون گلابي مسڪراهٽون انهن جي پٿر دل کي موهي نه سگهيون.

[b]بقا صرف نافع لاءِ آهي
[/b]دنيا ۾ بقا ۽ قيام صرف ان جي لاءِ آهي جيڪو نافع آهي، يعني جيڪو انسان خدائي صفات جو عملي مظاهرو ڪري ٿو، جيڪو زنده ۽ مفيد هجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بي فائده ۽ بي ڦل شين لاءِ دنيا ۾ ڪو به مقام ڪونهي. ڪائنات ۾ حسن ۽ ارتقا قائم نه رهي سگهن ها، جيڪڏهن انهن ۾ خوبي جي بقا ۽ خرابيءَ جي ازالي لاءِ هڪ اٽل قانون سرگرم نه هجي ها. اهو قانون ڪهڙو آهي؟ اهو آهي فطرت جو انتخاب. قدرت هميشه چونڊ ڪندي رهندي آهي. اها هرگوشي ۾ صرف خوبي ۽ بهتريءَ کي باقي رکندي آهي. فساد ۽ نقص کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اسان فطرت جي قانون بقاءِ اصلح کان واقف آهيون. ميوي ڏيندڙ وڻ کي باغ ۾ رکيو ويندو آهي. بي ڦل وڻ کي ڪپي اڇلايو ويندو آهي. قرآن حڪيم بقاءِ اصلح جي جاءِ تي بقاءِ نافع جو اصول پيش ڪري ٿو. نفعو ڏيندڙ اهو وجود آهي جنهن ۾ خدائي صفات هجن. قرآني عمل ڪرڻ وارو ئي صالح ۽ نافع انسان آهي. مادي شيون هجن يا روحاني، جسماني هجن يا اخلاقي بقا بهرحال نافع ۽ اصلح لاءِ ئي آهي. هن مثال تي غور ڪريو. سون کي صاف ڪرڻ لاءِ ان کي گرم ڪيو ويندو آهي. کوٽ سڙي ويندو خالص سون باقي رهندو. اهو ئي مثال فطرت جي انتخاب جو آهي. کوٽ ۾ نفعو ڪو نه هيو، ان کي ختم ڪيو ويو، خالص سون ۾ فائدو هيو ان ڪري ان کي باقي رکيو ويو.
هر برائي نيڪي جو سهارو وٺي جيئندي آهي ۽ هر گناهه کي ڪنهن ثواب جي اوٽ وٺڻي پوندي آهي. اڄ تائين جيترا به زندگيءَ جا نظام پيش ڪيا ويا آهن، يا قائم ڪيا ويا آهن، انهن مان ڪو به اهڙو ڪو نه هو جيڪو خالص باطل تي مشتمل هجي. بلڪه باطل ۽ برائي جڏهن به ڦهليا آهن ته اهي حق ۽ نيڪي جي سهاري هليا آهن، جن جو ڪجهه نه ڪجهه جز نظام باطل ۾ موجود هوندو آهي. انهن جي مقبوليت، انهن جو قيام، انهن جو استحڪام ۽ انهن جي افاديت، حق جي ان مقدار تي منحصر ٿيندي آهي جنهن جي وجود ڪري اهي زندهه رهندا آهن. نظام سرمايه داري ۾ به باطل موجود آهي ۽ اشتراڪيت ۾ به. غور جو مقام آهي، ته اهو ئي حق جو مقدار آهي جيڪو انهن جي زندگيءَ جي ضمانت آهي. قرآن حڪيم چوي ٿو ته شرڪ نه ڪريو، مشرڪ نه ٿيو، ڇو ته مشرڪ اهو آهي جيڪو حق کي باطل سان ملائي ٿو.
وَلَا تَلْبِسُوۡا الْحَقَّ بِالْبَاطِلِ (البقره:42)
”۽ حق کي باطل سان نه ملايو.“
قرآن حڪيم زندگيءَ کي خالص حق جي سانچي ۾ آڻڻ چاهي ٿو ڇو ته دائمي سرور، لازوال جواني ۽ ابدي زندگي خالص حق جو انعام آهن.

[b]بقا جي صلاحيت نيڪي ۾ آهي
[/b]نيڪي اها آرزو آهي جيڪا زندگيءَ کي مالا مال ۽ ان جي لطف کي وڌائڻ چاهي ٿي. ان جي مقابلي ۾ بدي، زندگيءَ کي مفلس ڪري ٿي. قدرت جو قانون آهي ته برائيون، نيڪين جي اثرن کي مٽائي ڇڏين ٿيون ۽ نيڪيون، برائين جي نشانن کي صاف ڪري ڇڏين ٿيون. بقا، نيڪين جي مجموعي قوت جو نالو آهي. يا هيئن سمجهو ته برائين کي بلڪل نابود ڪري، انسان جو رشتو نور جي ساگر سان ملائڻ جو نالو بقا آهي.
حق نيڪين جو نور ۽ باطل بديءَ جي باهه آهي. نور، باهه کي ختم ڪري، هر طرف نور جي بهار ڏسڻ چاهي ٿو. حق ۽ باطل جي اها جنگ ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين حق جو مڪمل غلبو ٿي وڃي. دوا مرض کي ان وقت ختم ڪري ٿي جڏهن ان ۾ قوت هجي، ٻيءَ حالت ۾ مرض ختم ڪو نه ٿيندو. بيماري ۽ دوا مان جنهن جي به قوت وڌيڪ هوندي ان جو اثر ظاهر ٿيندو. قرآن حڪيم جي نور کان وڌيڪ طاقتور دوا ٻي ڪا به ڪونهي. گذريل قومن جون نيڪيون، برائين کان گهٽ هيون. ان ڪري باطل جو عذاب غالب اچي ويو. اڪسير قرآن حڪيم وٽ ئي آهي. قرآن حڪيم هر روحاني مرض جي دوا آهي
وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَا ہُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَۃُ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ۙ (بني اسرائيل: 82)
”۽ اسان قرآن ۾ اهڙيون شيون نازل ڪيون آهن جي ايمان وارن جي حق ۾ شفا ۽ رحمت آهن.“

[b]واقعي ۽ نتيجي جو ظهور
[/b]مڪافات عمل جي طريقه ڪار ۽ فطرت انساني جي خصوصيت جي باري ۾ هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته هر واقعي ۽ ظهور جو هڪڙو وقت ٿيندو آهي. انهيءَ مقرر وقت کان پهريان نه ته ڪوئي واقعو وقوع پذير ٿيندو آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي نتيجو نڪرندو آهي. انساني عملن جا سڀ نتيجا وقت مقرر کان پهريان ظاهر ڪو نه ٿيندا آهن. مثال طور ڪو مريض مثاني ۾ پٿريءَ جي شڪايت ڪري ٿو. اها پٿري، مثاني ۾ اوچتو ظاهر ڪو نه ٿيندي آهي پر ٿيندو ايئن آهي ته بيماري آهستي آهستي پاڙ هڻندي آهي. مريض کي خبر ان وقت پوندي آهي جڏهن بيماريءَ جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن. هڪڙو ٻيو مثال سمجهو؛هڪڙو ماڻهو صبح جو سويل ان ڪري پنڌ ڪري ٿو ته جيئن ان جي صحت سڌري. ان لاءِ فائدو جلدي ڪونه ٿيندو پر آهستي آهستي وقت گذرڻ سان سٺي تبديلي محسوس ٿيندي.
موجوده سائنس ان حقيقت کي سامهون آندو آهي ته هر سبب پنهنجو نتيجو ۽ هر علت، پنهنجو معلول ضرور پيدا ڪندي آهي، ايتريقدر جو انسان جو ڪوئي ذهني تصور ۽ خيال به بي اثر ۽ بي نتيجه ڪونهي. هيءَ ڳالهه ته فوراً نتيجو سامهون ڪو نه ٿو اچي، انسان کي ان ڌوڪي ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو ته نتيجو ڪڏهن به ظاهر ڪو نه ٿيندو. حالانڪه ان جو ظهور ايترو يقيني آهي جيترو سج جو اڀرڻ، ليڪن جيئن ته معاشرتي زندگيءَ ۾ متضاد سبب ۽ نتيجا ۽ مختلف علتون هڪٻئي جي اثرن کي منسوخ، معطل يا ڪمزور ڪنديون رهنديون آهن، ان ڪري ڪن سببن جا نتيجا روپوش رهندا آهن ۽ تيستائين ظاهر ڪو نه ٿيندا آهن، جيستائين، انهن جي ظهور کي روڪڻ وارا سبب، وچ مان هٽي نه وڃن. قومن جي اجتماعي زندگيءَ ۾ هڪڙي قوت، ٻي قوت کي دفع ڪندي رهندي آهي. آخرڪار ان قوت جو مظاهرو ٿيندو آهي، جيڪا مجموعي قوت سان ٽڪرائڻ بعد بچي پوندي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته ٻيون قوتون موجود ئي ڪو نه هيون ته اها خطرناڪ غلطي آهي. حقيقت ۾ قوتون ته موجود هيون انهن مان هر هڪ جو الڳ الڳ اثر هاڻي ڪو نه رهيو بلڪه مجموعي عمل منظرعام تي اچي ويو. معاشرتي زندگيءَ ۾ ان مجموعي نتيجي جي ظاهر ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت گهربل ٿيندو آهي، جيستائين نيڪي ۽ بديءَ جو حساب ڪتاب صاف ٿي بيهي. اجتماعي گناهه به وقت مقرر تي انسان جي تباهي سامهون آڻن ٿا. حالات جي جهوليءَ ۾ بربادي پلبي آهي آخرڪار هڪڙي انتها تي پهچي پنهنجي آتشي زبان سان ماحول کي ايئن ساڙي ڇڏيندي آهي جيئن باهه پنهنجي زبان سان سڪل ڪاٺين کي ساڙي خاڪ ڪندي آهي.
جيڪا قوم قرآن حڪيم تي ايمان آڻي ۽ ان جي چوڻ مطابق عمل ڪو نه ٿي ڪري ته اهڙي قوم لاءِ قرآن حڪيم هڪ بت جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي زباني ايمان سان قومن ۾ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جي صفت پيدا ٿي ڪو نه سگهندي. توهان اهڙي انسان لاءِ ڪهڙي راءِ قائم ڪندؤ جيڪو بيمار به هجي ليڪن دوا استعمال ڪرڻ بدران حڪيم جي لکيل نسخي کي صرف دهرائيندو ۽ چٽيندو رهي. ڇا اهڙو انسان شفا ماڻي سگهندو؟ اڄ اسان جي حالت به اها ئي آهي. الله تعاليٰ اسان جي سڀني بيمارين لاءِ قرآن حڪيم جي روپ ۾ ڪامل نسخو ڏنوآهي. ليڪن شيطان اسان کي اهڙو ته بي حواس ڪري ڇڏيو آهي جو قرآن شريف کي صرف دهرايون ٿا، ان جي تلاوت ڪيئون ٿا باقي ان جي ڏنل هدايتن مطابق عمل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه ٿا ٿيئون. جيتوڻيڪ شيطاني عملن جي نتيجن جي عذابن اسان جي حالت ”سڪرات واري بيماريءَ جهڙي ڪري ڇڏي آهي.“
بيماريءَ جي حالت ۾ ڊاڪٽر کان دوا جو نسخو ۽ دوا کان سواءِ هڪ ضروري هدايت به ملندي آهي يعني پرهيز، ته انهن شين ۽ عملن کان پاسو ڪجي، جي بيماريءَ کي وڌائڻ جو سبب ٿين ۽ انهن هدايتن تي عمل ڪيو وڃي جي مرض کي ختم ڪن. قدرت، انسان کي صحتمند يعني آسماني صحت جو مالڪ ڏسڻ چاهي ٿي.
پرهيز (تقويٰ) درحقيقت مڪافات عمل جو خوف ئي آهي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن حڪيم تي ايمان آڻڻ جو مقصد ئي هي آهي ته جزا ۽ سزا جي قانون کي تسليم ڪيو وڃي. هر گناهه خود پنهنجي سزا ۽ ثواب پنهنجي جزا پاڻ آهي. ڪسوٽي عمل آهي.
ہَلْ یُجْزَوْنَ اِلَّا مَا کَانُوۡا یَعْمَلُوۡنَ ﴿۱۴۷﴾٪
”انسان کي ان جي عمل جو ئي بدلو ڏنو ويندو.“
تاريخ جي هر دور ۾ جيڪي قومون دنياوي حيثيت سان ترقي ڪنديون آهن اهي به انهي قانون مطابق اڳتي وڌن ٿيون ۽ جيڪي قومون افلاس ۽ غربت ۾ مبتلا ٿي ڪري پستيءَ جي قبرن ۾ ڪرن ٿيون انهن تي به دنياوي عذاب، قانون قدرت مطابق نازل ٿيندوآهي. قرآن حڪيم ۾ فردن توڙي قومن جي عروج ۽ زوال جو اهو عمومي ۽ ڪلي قانون بيان ٿيل آهي. جنهن مطابق اجتماعي فلاح ۽ اجتماعي زوال ۽ شڪست جا تاريخي مظاهر رونما ٿيندا آهن. آئين فطرت انسان جي سامهون موجود آهي. جيڪڏهن انسان قدرت جي قانون کي سمجهي پنهنجي اندر نوراني تبديلي ڪو نه ٿو آڻي ته، انهن حقائق جو ڪو به نقصان ڪو نه ٿيندو، نقصان ۾ وري به انسان ئي رهندو. حقيقت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. هر حالت ۾ ابتدا انسان کي ڪرڻي آهي. قدرت جو قانون هي آهي ته :
ان الله لايغير مابقوم حتي يغير و اما بانفسهم: (رعد: 11)
”الله تعاليٰ ڪنهن قوم جي حالت تيستائين ڪو نه ٿو بدلائي جيستائين اها پنهنجي حالت نه بدلائي.“
سڀني تبديلين جي علت خود انسان آهي. اهو جهڙن اسباب جي تخليق ڪندو، جنهن قسم جو معاشرو قائم ڪندو. جنهن قسم جو اقتصادي ۽ سياسي نظام هوندو ان جي مطابق ان جي حالت تبديل ٿيندي. انسان پنهنجي تقدير ٺاهڻ تي خود قادر آهي. هيءَ ممڪنات جي دنيا آهي. ان ۾ تخليق جو نور هر وقت جاري رهندو. الله تعاليٰ انسان کان تخليقي جدتن جي تقاضا ڪري ٿو.
جن قومن جو عقيدو اهو هجي ته کائو، پيئو ۽ موج ڪريو انهن ۾ قانون مڪافات عمل جو خوف باقي ڪو نه ٿو رهي. ۽ هُو سمجهن ٿا ته فلاح و بهبود جو ڪو به ظاهري ضابطو يا قانون موجود ڪونهي جهڙيءَ طرح چاهيو زندگي گذاريو. اهي ماڻهو مادي زندگيءَ جي دلچسپين ۾ ايترا ته رڌل هوندا آهن جو آسماني ڳالهين تي غور و فڪر لاءِ انهن وٽ وقت ئي ڪو نه هوندو آهي. اهڙي قوم جا فرد کائڻ، پيئڻ، سير ۽ تفريح ۽ ان قسم جي ٻين مادي دلچسپين کان علاوه ڪنهن روحاني يا ذهني مسئلي سان ڪو به تعلق ڪو نه ٿا رکن. جمود جي ڪيفيت هر وقت انهن تي طاري رهندي آهي. اهو صاف ظاهر آهي ته انسان جي تقليدي روش آبا واجداد جي هجي يا گردو پيش جي يا ترقي يافته قومن جي ان ڳالهه جو صاف ثبوت پيش ڪري ٿي ته انهن زندگيءَ جي بلند حقيقتن کان غافل ٿي ڪري حيات دنيوي کي ئي پنهنجو مقصد عظيم بنايو آهي.

[b]تقليد پرستي
[/b]عربي زبان ۾ ”الاقليد“ ڏاچي جي نڪ جي سوراخ کي چوندا آهن، جنهن ۾ رسي وڌي ويندي آهي. ان مان مراد اِها به آهي ته ڪو پٽو، جنهن کي پنهنجي ڳلي ۾ وڌو وڃي ۽ رسي ٻئي جي هٿ ۾ ڏني وڃي ۽ پوءِ ان جي پويان ماڻهو جانورن وانگر هلندو وڃي. تقليد سبب انسان جي حريت ۽ فڪر جو جوهر سڙي خاڪ ٿي وڃي ٿو. قرآن حڪيم قدم قدم تي غور و فڪر جي دعوت ڏئي ٿو ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ بزرگن جي انڌي تقليد کي منڪرين جو شيوو ٻڌائي ٿو. جڏهن به ڪنهن پيغمبر خدا جي طرف دعوت ڏني ته اهو چئي ان جي مخالفت ڪئي وئي ته تنهنجي اها دعوت ان مسلڪ جي خلاف آهي جيڪو اسان وٽ نسل درنسل ابن ڏاڏن کان هلندو اچي ٿو.
وَکَذٰلِکَ مَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ قَبْلِکَ فِیۡ قَرْیَۃٍ مِّنۡ نَّذِیۡرٍ اِلَّا قَالَ مُتْرَفُوۡہَاۤ ۙ اِنَّا وَجَدْنَاۤ اٰبَآءَنَا عَلٰۤی اُمَّۃٍ وَّ اِنَّا عَلٰۤی اٰثٰرِہِمۡ مُّقْتَدُوۡنَ ﴿۲۳﴾ قٰلَ اَوَلَوْ جِئْتُكُمۡ بِاَہۡدٰی مِمَّا وَ جَدۡتُّمْ عَلَیۡہِ اٰبَآءَكُمْ ؕ قَالُوۡۤا اِنَّا بِمَاۤ اُرْسِلْتُمۡ بِہٖ کٰفِرُوۡنَ ﴿۲۴﴾ فَانۡتَقَمْنَا مِنْہُمْ فَانۡظُرْ کَیۡفَ کَانَ عَاقِبَۃُ الْمُکَذِّبِیۡنَ ﴿٪۲۵﴾ (الزخرف: 25-23)
“۽ ان طرح جيڪو اسان موڪليو توکان پهريان ڊيڄارڻ وارو ڪنهن بستيءَ ۾، چوڻ لڳا اتان جا دولتمند ماڻهو، اسان ڏٺو پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي هڪ راهه تي ۽ اسان انهن جي ئي قدمن تي هلئون ٿا. ان چيو ته ٻڌايان توهان کي ان کان وڌيڪ سمجهه جي راهه، جنهن تي ڏٺو توهان پنهنجي ابي ڏاڏي کي، چوڻ لڳا اسان توکي ڪو نه ٿا مڃون، پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو.“
تقليد پرستيءَ تي گفتگو ڪندي آمريڪا جو مشهور مفڪر A.N Whitehead پنهنجي ڪتاب The Adventure of Ideas ۾ لکي ٿو:
”تقليد پرستيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو زندگي جامد ٿي وڃي ٿي، فطري صلاحيتون دٻجي وڃن ٿيون ۽ دل کي پستيءَ جي طرف وڃڻ جي عادت پئجي وڃي ٿي....... ياد رکو ته فلسفه معاشرت جو بنياد ان حقيقت تي آهي ته ڪا به مڪمل شيءِ جمود جي حالت ۾ مڪمل رهي ڪو نه ٿي سگهي. اهو اصول، فطرت جي سڀني شين جي پاڙن ۾ ڪارفرما آهي. انسان جي سامهون صرف ٻه رستا آهن؛ اڳتي وڌو يا پوئتي هٽو. هڪ مقام تي بيهڻ روح ڪائنات سان بغاوت آهي، جيڪو اڳتي ڪو نه ٿو وڌي، پوءِ سمجهو ته اهو پوئتي هٽي رهيو آهي. زندگي جي فرسوده پيڪرن کي سيني سان لڳائي رکڻ تنزل آهي. اهڙي زندگي پنهنجا ڏينهن ته پورا ڪري ٿي ليڪن ڪڏهن به ڦل آڻي ڪو نه ٿي سگهي...... ان ۾ تهذيب جي نمائش ته رهجي وڃي ٿي پر ان جي حقيقت باقي ڪين ٿي رهي.“ (صفحو 132)
غور جو مقام آهي ته تاريخ جو اهو عمل ڇو ٿو واقع ٿئي جو قومون اڀرن ٿيون ۽ ختم ٿي وڃن ٿيون؟ زمين جي ورهاست هڪ گروهه کان ٻئي گروهه ڏانهن ڇو منتقل ٿي وڃي ٿي؟ ڇا اهو رڳو ڀاڳ ۽ اتفاق، جاگرافيائي حادثن يا معاشي حالتن سبب ٿيندو آهي؟ يا اها قدرت جي قانونن جي ڪارفرمائي آهي؟ ڇا ان عمل تغير ۽ انقلاب قيادت جو ڪو قانون آهي يا اهو ڪنهن انڌي ۽ نامعلوم علت جو نتيجو آهي؟ قرآن جي نظر ۾ ڪائنات جو ڪو به شعبو قانونن کان آجو ڪونهي؛ ان ڪري ان عروج و زوال جو به قانون آهي. فطرت انتخاب ڪندي رهندي آهي، جنهن ۾ بقا جي قوت وڌيڪ ٿيندي آهي. يعني جنهن قوم ۾ زنده رهڻ جون صفتون، ٻئي قوم کان وڌيڪ ٿينديون آهن، ان کي غالب ڪري ڇڏيندي آهي.
خدا تعاليٰ کي ڪنهن قوم، ملت يا مذهب سان ڪا به خاص نسبت ڪونهي. اهو نه ته ڪنهن قوم کي ان جي ”اعمال حسنه“ جي اجر کان محروم رکندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن خاص مذهب يا ملت وارن کي خراب عملن جي نقصان کان بچائي ٿو. انسان جهڙا اسباب جمع ڪندو اهڙن ئي نتيجن سان منهن ڏيندو. قرآن حڪيم جو اعلان هي آهي ته مقرر اسباب هميشه مقرر نتيجا ڏيندا آهن. جيڪڏهن اسان ڪا مفيد يا با مقصد تبديلي آڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ان جا اسباب فراهم ڪرڻا پوندا. صرف تمنائن ۽ دعائن سان ڪجهه نه ٿيندو.
وري غور ڪريو؛ هڪڙو شخص پنهنجي جذبي ۽ احساس کي، لازمي قانونن جي تابع آڻي ڪري ئي بلندين تي چڙهي سگهي ٿو. ساڳئي طرح قوم به بلند ٿي سگهي ٿي. جڏهن انسان جو عقل، انسان کي بلڪل صحيح راهه تي آڻي ٿو، ٺيڪ انهيءَ وقت، اسان جا عمل فطرت جي قانونن سان قطعي طور هم آهنگ ٿي وڃن ٿا. شين جي حقيقت اسان جي فعلن سان مطابقت پيدا ڪندي آهي. اهي اصول اسان کي بقا ۽ استحڪام جي طرف وٺي وڃن ٿا. ٻيءَ حالت ۾ تباهي ۽ انتشار يقيني آهي.

[b]وقت زندگي آهي
[/b]ترقي يافته معاشرن ۾ هي لفظ اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته Time is money پر قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته وقت زندگي آهي.
خدا تعاليٰ انسان جي زندگيءَ جي هر پل سان هڪ اهم فرض لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ان فرض جي ادائيگي ۾ ئي ان جي زندگيءَ جون سڀئي عظمتون پوشيده آهن. جيڪڏهن انسان ان فرض کي سڃاڻڻ يا ادا ڪرڻ کان ڪوتاهي ڪري ٿو ته اهو لمحو برباد ٿي ويو نتيجي ۾ نه صرف اهو لمحو برباد ٿيندو بلڪه اهو ٻين بربادين کي به جنم ڏيندو، ان ڪري چيو ويو آهي ته جو دم غافل سودم ڪافر.
انسان جو هر عمل پنهنجو اثر ضرور ڇڏيندو آهي. وقت برف وانگر رجندو آهي. جيڪڏهن توهان ان برف مان آب حيات جو آسماني شربت نه ٺاهيو ته پوءِ اهو بربادي ڇڏيندو. انسان کي ٻيو ڪجهه به مليل ڪونهي. کيس صرف هاڻوڪو وقت مليل آهي. انسان صرف ان تي ئي اختيار رکي ٿو. جيڪڏهن توهان لمحه موجود کي آسماني نور سان مهڪايو يعني خدا (حقيقت ڪل) جي غلامي ڏني، حق جي ٻانهپ ڪئي، سچ سان جڙيل رهيا ته اها توهان جي ابديت آهي. لمحه موجود جو رس چوسي (محدود هوندي) لامحدود سان اتحادي هجڻ ۽ زماني جي هر لمحه ۾ ابدي ٿي وڃڻ اصول حيات آهي. غور ڪريو! جيڪو لمحو گذري ويو اهو هميشه جي لاءِ ويو. گذريل لمحه پوئتي ڪو نه موٽندو آهي ڇو ته اها ان جي فطرت آهي.
جيڪڏهن انسان جو هاڻوڪو وقت آسماني ڪونهي ته انسان پنهنجي غفلت ۽ برباديءَ تي هميشه هٿ مهٽيندو رهندو. هن حقيقت کي سمجهو ته جيڪڏهن توهان وٽ حق ڪونهي ته باطل جو هجڻ لازمي آهي. قانون قدرت هي آهي ته حق هوندو ته باطل ڪو نه هوندو. باطل هوندو ته حق ڪو نه هوندو ڇو ته عمل جي دنيا ۾ خلا محال آهي سچ نه ٿا ڳالهايو ته ان جي صاف معنيٰ اها آهي ته ڪوڙ ٿا ڳالهايو. چڱي ڪم جي جزا ۽ بري ڪم جي سزا ملندي رهندي آهي. جزا ۽ سزا جو قانون هر وقت لاڳو آهي. نيڪي، بدي جي ۽ بدي، نيڪيءَ جي اثرن کي مٽائيندي رهي ٿي.
غور جو مقام آهي؛ ٿوري وقت لاءِ وقت جي فطرت ۾ ليئو پايو. جيڪڏهن توهان لمحه موجود کي پنهنجي حق ۾ استعمال نه ڪيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو لمحو توهان جي خلاف استعمال ٿيو. جيڪڏهن وقت جي هڪ هڪ لمحي جي بدلي ۾ توهان ڪو اجر ڪو نه ڪمايو ته پوءِ صرف اهو ئي خسارو ڪو نه ٿيو ته توهان پنهنجي سرمايه (وقت) مان فائدو ڪو نه ورتو بلڪه ان جو اصلي درد انگيز پهلو هي آهي ته زندگيءَ جو ضايع ٿيل هڪ هڪ پل توهان جي لاءِ وبال ٿيو. اها رائيگان ٿيل زندگي دراصل رائيگان ئي ڪو نه ٿي وڃي، بلڪه انسان تي هڪڙو ابدي گناهه ٿي، مسلط ٿي وڃي ٿي. وقت شاهد آهي (جيستائين انسان جي زندگيءَ جي مقصد جو تعلق آهي) ته انسان خساري ۾ آهي يعني انسان زندگي جي مقصد جي قريب نه، بلڪه ان کان پري ٿي رهيو آهي. انسانن جا ڪيل گناهه انسان کي (خدا، ڪمال) کان دور ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انسان فنا ٿيندو آيو آهي. بقا صرف خدا سان اتحاد ۾ آهي. قرآن حڪيم جي شهادت آهي:
وَالْعَصْرِ ۙ﴿۱﴾ اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسْرٍ ۙ﴿۲﴾ (والعصر: 2)
”قسم آهي زماني جو ته انسان بيشڪ خساري ۾ آهي.“
خسارو ان ۾ آهي ته انسان وقت ۽ ان جي استعمال، ٻنهي جي قيمتن ۾ ڀيٽ ڪو نه ٿو ڪري. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو هو ڪنڊن سان جهولي ڀري ٿو ۽ گلن کي ڇڏي ڏئي ٿو. انسان هر وقت خسارو ڪندو رهي ٿو، سواءِ نيڪ ڪم ڪندڙن ۽ حق تي هلڻ وارن صابرين جي.
وَالْعَصْرِ ۙ﴿۱﴾ اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسْرٍ ۙ﴿۲﴾ اِلَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوْا بِالْحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ ٪﴿۳﴾ (سورت العصر: 3-1)
”زمانو ياد آهي ته انسان وڏي نقصان ۾ رهيو آهي پر اهي ماڻهو انهيءَ نقصان کان بچي ويا جن ايمان آندو، صالح عمل ڪيا، هڪ ٻئي کي حق جي راهه تي هلڻ لاءِ تلقين ڪئي ۽ ان راهه ۾ ايندڙ سڀني مصيبتن کي صبر۽ استقلال سان سَٺو.“
زندگيءَ جو هڪڙو نالو قانون به آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان وٽ هڪ ماني هجي، پاڻ بکيو هجي، ان جي ٻارن کي فاقو هجي، ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي ٻارن جي ماني ڪتن کي ڏيڻ جي غلطي نه ڪندو. جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي ريگستان پار ڪرڻو هجي ۽ ان وٽ پاڻيءَ جي هڪڙي پخال هجي ته هو پاڻيءَ سان پيرن کي ڪو نه ڌوئيندو، بلڪه پاڻيءَ جو هڪڙو هڪڙو قطرو، پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ محفوظ رکندو. افسوس آهي جو انسان، انهن شين کي استعمال ڪرڻ ته ڄاڻي ٿو پر جڏهن ان جي سامهون خود پنهنجي زندگيءَ جي بي بها شي (وقت) جي استعمال جو سوال ٿو اچي ته پوءِ اهو بلڪل ئي نادان ٿي وڃي ٿو.
زندگي، جيئڻ لاءِ، صرف هڪ دفعو ملندي آهي. ان ڪري پنهنجي زندگيءَ جي بدلي ۾ يا ته ابدي ڪاميابي حاصل ڪري سگهئون ٿا يا ابدي بربادي. ياد رکو ته ابدي ڪاميابي صرف خواهشن سان ڪو نه ملندي. ان لاءِ انسان کي قدم قدم تي رڪاوٽن جا ميدان لتاڙڻا پوندا. واضح حقيقت جي باوجود، دنيا ۾ اڪثريت، انهن ئي ماڻهن جي آهي جيڪي پنهنجون زندگيون نهايت حقير مقصد لاءِ گذاري رهيا آهن، بلڪه ضايع ڪري رهيا آهن. انهن جاهلن کي هن زندگيءَ جي قدر و قيمت جي ڪا به خبر ڪونهي، حالانڪه اها ئي وڏي ۾ وڏي نعمت آهي، جيڪا انهن جي حصي ۾ آئي آهي.
هيءَ زندگي جيتوڻيڪ عارضي ۽ فاني آهي پر اها هڪ ابدي ۽ لازوال جواني واري زندگيءَ جي قيمت ٿي سگهي ٿي؛ شرط اهو آهي ته انسان ان کي حقير مشغلن ۾ ضايع ڪرڻ بدران، ان کي تعميري ڪمن ۾ خرچ ڪري، جنهن تي ان کي صرف ٿيڻ گهرجي.
اعليٰ جي مقابلي ۾ ادنيٰ کي ترجيح ڏيڻ جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته دنيا ۾ ادنيٰ پرستن جي ڪثرت آهي. ماڻهو انهن راهن تي هلڻ پسند ڪندا آهن، ۽ پاڻ کي سلامت سمجهندا آهن، جي قافلن سان ڀريل هجن. قرآن حڪيم جي هن شهادت تي غور ڪريو:
قُلۡ لَّا یَسْتَوِی الْخَبِیۡثُ وَالطَّیِّبُ وَلَوْ اَعْجَبَکَ کَثْرَۃُ الْخَبِیۡثِ ۚ فَاتَّقُوا اللہَ یٰۤاُولِی الۡاَلْبَابِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوۡنَ ﴿۱۰۰﴾٪ (المائده:100)
”چئون ته ان جي ميزان ۾ خبيث ۽ طيب برابر ٿي ڪو نه ٿا سگهن جيتوڻيڪ خبيث جي ڪثرت توکي ڪيترو به ڇو نه ڪشش ڪري، الله کان ڊڄندا رهو اي عقل وارو.“
ٻئي هنڌ اچي ٿو:
وَ اِنۡ تُطِعْ اَكْثَرَ مَنۡ فِی الۡاَرْضِ یُضِلُّوۡکَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ ؕ اِنۡ یَّتَّبِعُوۡنَ اِلَّا الظَّنَّ وَ اِنْ ہُمْ اِلَّا یَخْرُصُوۡنَ ﴿۱۱۶﴾ (الانعام:116)
”۽ جيڪي ماڻهو زمين تي آباد آهن انهن مان اڪثر جو چوڻ مڃڻ لڳؤ ته اهي توهان کي الله جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏيندا. اهي ته بس اٽڪل جي ئي پيروي ڪن ٿا ۽ محض گمان ۾ پيل هوندا آهن.“
انسانن جا عمل ٻن قسمن جا ٿيندا آهن؛ هڪڙا نوري ٻيا ناري، هڪڙا روحاني ۽ ٻيا نفساني. روحاني عمل با مقصد ٿيندا آهن. يعني زندگيءَ جي مقصد سان مطابقت رکندا آهن، نور کي آڻيندا آهن. انهن جي مقابلي ۾ نفساني عمل، انسان کي زندگيءَ جي مقصد کان پري ڪندا آهن ۽ نتيجي ۾ انسان جي فنا جو بندوبست ڪندا رهندا آهن. ان طرح هر وقت نوراني (ملڪوتي) ۽ آتشي (نفساني) قوتن جي ڪشمڪش ٿيندي رهي ٿي. ملڪوتي قوتن مان مراد محبت، شرافت، نيڪي، سچائي، امن ۽ اطاعت حق آهي، جڏهن آتشي قوتن جو اظهار شر، خباثت، بدي حق سان بغاوت آهي. انهن ٻنهي قوتن مان جيڪا قوت غالب ايندي آهي، انساني ذهن ان طرف مائل ٿي وڃي ٿو. حق جي مڪمل غلبي تائين اها ڪشمڪش جاري رهندي، ڇو ته ”غالب اچڻ“ حق (سچ، خدا) جي فطرت آهي.
خدا (نور) هر دور ۾ پيغمبرن جي ذريعي حق جو ڪامل اظهار ڪيو آهي. آسمان هر دور ۾ انسان کي بلند ڏسڻ چاهيو ليڪن نفس هر دور ۾ انسان کي پستين ڏانهن پوري قوت سان ڇڪيندو رهيو:
وَلَوْ شِئْنَا لَرَفَعْنٰہُ بِہَا وَلٰکِنَّہٗۤ اَخْلَدَ اِلَی الۡاَرْضِ وَاتَّبَعَ ہَوٰىہُ ۚ فَمَثَلُہٗ کَمَثَلِ الْکَلْبِ ۚ اِنۡ تَحْمِلْ عَلَیۡہِ یَلْہَث اَوْ تَتْرُكْہُ یَلْہَثۡ ؕ ذٰلِکَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا ۚ فَاقْصُصِ الْقَصَصَ لَعَلَّہُمْ یَتَفَکّرُوۡنَ ﴿۱۷۶﴾ (الاعراف: 176)
“اسان چاهيون پيا ته پنهنجي قانون مشيت جي مطابق ان (انسان) کي بلندي عطا ڪيون ليڪن هو پستي سان چهٽي پيو. ۽ نفساني حرمن جي پيروي ڪيائين. پوءِ ان جو مثال ڪتي وانگر ٿيو. جنهن تي جيڪڏهن ڪاهه ڪبو ته به زبان ڪڍي سهڪي ۽ جي ڇڏي ڏيوس ته به پيو سهڪندو. اهڙو ئي مثال انهن قومن جو آهي، جن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو، تنهن ڪري هي ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌاءِ ته ڪو غور ۽ فڪر ڪن.“
تاريخ روح ۽ نفس جي ڪشمڪش جو داستان آهي. تاريخ انهن عملن جو رڪارڊ آهي جنهن ۾ نفس، روح تي حملا ڪري، انسان جي پنهنجي هٿن سان ئي انسان جي فنا ۽ برباديءَ جو سامان تيار ڪيو. خدا تعاليٰ جا پيغمبر هر دور ۾ حق جي پيغام (اسلام) سان ايندا رهيا ته جيئن اهي انسان ذات کي نفس جي تباهڪارين کان بچائن، پرانهن جي آسماني آواز تي عوام جي اڪثريت ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. قومن کي فنا کان بچڻ لاءِ روح (خدا) نوراني عملن جي تقاضا ڪئي ليڪن نفس جو وار هميشه ڪامياب رهيو. نور محمدي شروع کان ئي، نفس سان وڙهندي، انسانذات جي رهبري ڪندو رهيو ليڪن انسان هر دور ۾ نفساني خواهشن جي ظلمت مان اڻيل ڪفن پائي گهري ننڊ ۾ ستو رهيو. اسلام جي نظر ۾ زندگي هڪ وحدت آهي، ان ڪري رسول عربي ﷺ کان پهريان جيترا به حق پرست ٿي گذريا آهن انهن سڀني جي حقانيت کي تسليم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. قرآن حڪيم جي عمارت سچ جي بنياد تي آهي.
جي نه سڃاڻن سچ کي ويهه م تنين وٽ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ، مٽ جي پارکو پارس جا.

*
توبهه ڪريو، سچن جو ساٿ ڏيو

توبهه ۾ غفلت ڪرڻ درست ناهي ڇو ته غفلت ۽ نفس جي خواهش هڪ هلاڪ ڪرڻ واري بيماري آهي. خدا جي قربت ۽ مرتبن جا درجا حساب کان ٻاهر آهن. مٿانهين مقام تائين پهچڻ لاءِ توبهه جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هر مقام ۽ مرتبو مٿئين مقام ۽ مرتبي جي لحاظ کان گهٽ ۽ ناقص آهي. ناقص مان ٻاهر نڪرڻ ۽ بلندي جي ڪامل درجي تائين پهچڻ، دنيا جي هر شخص تي لازمي آهي. ان لاءِ ضروري آهي هر شخص کي خدا (حقيقت ڪل) ڏانهن رجوع ڪرڻ ۽ غفلت مان نڪري خدا جي ذڪر طرف اچڻ گهرجي.
ڪامل معرفت جي جستجو ڪرڻ وارن عارفن جي توبهه ان مقام کان شروع ٿئي ٿي، جتي هو پهتل آهن. ان عقل جي نور جو نالو ئي توبهه آهي، جيڪو جنگ جي حالت ۾ شيطاني ۽ حيواني عادتن جي لشڪر جي سامهون، مقابلي لاءِ اچي ٿو ۽ انسان کي آسماني حقيقت جي تابعدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جنهن سان نجات ۽ ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي. انسان ڪهڙي به حال ۽ ڪهڙي به رتبي تي هجي پوءِ به توبهه ضروري آهي. انسان جي عضون مان ڪوئي عضوو گناهه ۾ ڦاٿل هجي يا دل مان ڪو گناهه صادر ٿئي ته توبهه درڪار ٿيندي آهي. سيد جو هي بيت پڙهو؛ پاڻ فرمائن ٿا:
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفت جا سچا سو ڌيائون،
النائب من الذنب، اي کٽ کٽيائون،
انين جي آئون، برڪت بار لنگهائيان.

تابُ عنھ جي معنيٰ آهي ان پنهنجي غلطيءَ جي احساس ڪري غلط روش کي ڇڏي ڏنو ۽ صحيح رستي جي طرف موٽي آيو. غلطيءَ جو احساس ۽ احساس بعد غلط روش کان پرهيز ۽ پوءِ صحيح روش جو اختيار ڪرڻ، اهي ٽيئي مرحلا توبھ جي اندر شامل آهن. ائين ڪرڻ واري کي تائبُ چوندا آهن.
يعني صالح عملن ۾ اها صلاحيت ٿيندي آهي ته اهي غلط عملن جي نقصان ڏيندڙ نتيجن جو ازالو ڪري ڇڏين. الذنبُ مان مراد هر اهو ڪم آهي جنهن جو انجام برو هجي.
سيو ئو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبهه جي تاثير سين، تري وئا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آرُ لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.

”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪڙي ڀٽڪي وڃي ته ڇا هو نوانوي کي ڇڏي ڪري ۽ پهاڙن تي وڃي ڪري ان ڀٽڪيل رڍ کي نه ڳولهيندو ۽ جيڪڏهن کيس اُها لڀي پوي ته مان توهان کي سچ چوان ٿو ته اهو انهن نوانوي رڍن جي ڀيٽ ۾ ان رڍ جي گهڻي خوشي ڪندو. اهڙيءَ طرح توهان جو آسماني پيءُ اهو نه ٿو چاهي ته هنن ننڍن مان هڪڙو به هلاڪ ٿئي.“ (متي 18: 12-14)
*
”يا ڪهڙي اهڙي عورت آهي جنهن وٽ ڏهه درهم هجن ۽ هڪڙو وڃائجي وڃيس ته اها ڏيئو ٻاري ڪري گهر ۾ ٻهاري نه ڏي ۽ جيستائين کيس اهو ملي نه وڃي ڪوشش سان ڳولهيندي نه رهي؟ ۽ جڏهن ملي وڃيس ته پنهنجي دوستن ۽ پاڙي وارن کي سڏي ڪري نه چوي ته مون سان گڏجي خوشي ڪريو ڇو ته منهنجو وڃايل درهم ملي ويو. مان توهان کي سچ ٿو چوان ته ان طرح هڪ جي توبهه ڪرڻ سبب خدا جي فرشتن کي به خوشي ٿيندي آهي.“ (لوقا 15-8-10)
توبهه ڪرڻ دنيا جي هر شخص تي واجب آهي. ڇو ته گناهه قاتل زهر ۽ برباد ڪرڻ وارو آهي. توبهه جو پڪو ارادو هجڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ، جيترو ٿي سگهي ته گذريل قصور ۽ ڪوتاهين جو تدارڪ ڪري. ان لاءِ ابتدا ئي طور انسان کي عبادتن ۽ ڏکويل انسان ذات جي خدمت ۾ مصروف رهڻ گهجي جيئن سندس دل تي معرفت جي نور جو شعاع پوي. غرور ۽ تڪبر جي قلعي کي فتح ڪرڻ آسان آهي مگر ان ۾ ويهي ڪري نور جي حڪمراني هلائڻ مشڪل آهي. خدا تعاليٰ جي عطا ڪيل روشنيءَ کان سواءِ، ان قلعي ۾ علم الاهي کان محروم ماڻهو قدم ڄمائي ڪو نه ٿا سگهن. هر وقت خدا تعاليٰ (ڪامل سچائي) جي ذڪر سان دل کي روشن ڪرڻ گهرجي نه ته زندگي ضايع ٿي ويندي. سيد لطيف چوي ٿو:
وحده لاشريڪ لھ، چئي چوندو آءٌ،
فرض، واجب، سنتون، تينو ترڪ م پاءُ،
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ سان پڄاءِ،
نانگا پنهنجي نفس کي ڪا نئين راه سونهاءِ،
تاسندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.

*
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون،
موتي معرفت جا سچا سو ڌيائون،
التائب من الذنب، اي کٽ کٽيائون،
انين جي آئون، برڪت بار لنگهائيان.

*
سيوئوجن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبهه جي تاثير سين، تري وئا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آرُ لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتي بان، وچ ۾ گڏين واهرو.

انسان ڪنهن جرم جي ڪرڻ سان، ابدي طور تي، زندگيءَ جي خوشگوارين کان محروم ٿي ڪو نه ٿو سگهي. انسان جڏهن به خدا تعاليٰ جي قانون کي اختيار ڪندو ته ان قانون جا خوشگوار نتيجا ان ڏانهن ايئن ڊوڙ پائي ايندا جيئن ورهين جو وڇڙيل عاشق، محبوب ڏانهن وڌندو آهي. هر شخص لاءِ باز آفرينيءَ جو امڪان موجود آهي.
جڏهن انسان غير خدائي قانونن کي ڇڏي ڪري، خدائي قانون طرف رجوع ڪري ٿو ته اهو قانون پنهنجون سڀ رحمتون کڻي انسان کي مقصد ڏانهن وڌائي ٿو. قدرت جو قانون هي آهي ته:
اِنَّ الْحَسَنٰتِ یُذْہِبْنَ السَّیِّاٰتِ ؕ ذٰلِکَ ذِكْرٰی لِلذّٰکِرِیۡن ﴿۱۱۴﴾ۚ (هود: 114)
“ياد رکو نيڪيون برائين کي کڻي وڃن ٿيون.”
يعني اعمال حسنه (قرآني عمل) ۾ اها صلاحيت، قدرتي طور موجود آهي، جو ان سان غلط عملن جي نقصان ڏيندڙ نتيجن جو ازالو ٿي وڃي ٿو. روحاني آلودگي جي صفائي ڪرڻ ۽ گندگيءَ ڏانهن وري نه وڌڻ، اها آهي توبهه. عربي زبان ۾ تابَ، توباً، توبةً جي معنيٰ آهي واپس اچڻ. مثال طور توهان ڪنهن شاهراهه تي سفر ڪري رهيا آهيو. رستي ۾ هڪ چودڳي اچي ٿي. توهان اتي غلطيءَ سان رستو ڀلجي ٻئي طرف هليا ويا. ٿورا قدم اڳتي هلڻ کان پوءِ توهان محسوس ڪيو ته توهان غلط طرف هلي رهيا آهيو ۽ صحيح رستو اهو ڪونهي. هاڻي توهانکي، صحيح رستي طرف وڃڻ لاءِ ان هنڌ تائين موٽي اچڻو پوندو جتان توهان جو قدم غلط رخ طرف وڌيو هو. ان واپسيءَ کي توبهه چوندا آهن. ظاهر آهي ته ان لاءِ توهان کي هلي ڪري اتي پهچڻو آهي، جتان ڀليا آهيو. جيڪڏهن اتي بيهندي بيهندي، توهان سڄي عمر به ”رستي ڀلجڻ“ جو افسوس ڪندا رهندؤ ته اها توبهه نه ٿيندي.
توبهه ڪرڻ هڪڙو عملي ڪم آهي، جنهن سان غلط ڪمن جي اثرن کي صاف ڪيو وڃي ٿو. ان جي خراب اثرن جي تلافي ڪئي ويندي آهي. توهان پنهنجي غلطيءَ جو احساس ڪري غلط روش کي ڇڏي ڏنو ۽ راهه حق طرف موٽي آيا. غلطيءَ جو احساس، احساس کان بعد غلط روش کان پرهيز ۽ پوءِ صحيح روش جو اختيار ڪرڻ، اهي ٽيئي مرحلا توبهه جي اندر شامل آهن.
جيڪڏهن هڪڙو شخص ڪنهن اهڙي خوفناڪ جهنگل ۾ وڃي ڦاسي، جتي پاڻي ۽ گاهه نه هجي، ۽ ان شخص جو اهو گهوڙو، جنهن تي هو سواري ڪري ٿو، (ان گهوڙي تي سندس کاڌي پيتي جو سامان رکيل آهي) گم ٿي وڃي ۽ هو پنهنجي گهوڙي کي ڳولهيندي ٿڪجي پوي. ٿڪاوٽ ۽ نا اميديءَ سبب ڪنهن وڻ هيٺان سمهي پوي ٿو ۽ ان دوران ان جي اک لڳي وڃي ٿي. پوءِ اوچتو سندس اک کلي ٿي ۽ ڏسي ٿو ته ان جو وڃايل گهوڙو سامان ۽ پاڻي، ان جي سامهون بيٺو آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪا خوشي ان کي حاصل ٿيندي سان گڏ، ان کان به وڌيڪ خدا تعاليٰ کي ان وقت خوشي ٿيندي آهي، جڏهن بندو خدا جي طرف رجوع ڪري ٿو. توبهه ڪرڻ کان اڳ انسان مرده آهي. توبهه کان پوءِ هو زنده ٿي پوي ٿو. انجيل پاڪ آسماني ڪتاب آهي. ان ۾ ڏنل هن مظهر تي غور ڪريو:
”اي منهنجا پيءُ! مان آسمان ۽ پنهنجي نظر ۾ گنهگار ٿيس. هاڻي ان جي لائق ڪو نه رهيو آهيان جو وري تنهنجو پٽ سڏايان. پيءُ پنهنجي نوڪرن کي چيو سٺي کان سٺو وڳو جلدي ڪڍي اچي هن کي پارايو. ان جي هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس ۽ پليل وهڙي کي ذبح ڪيو ته جيئن اسان خوشي ملهايون ڇو ته منهنجو پٽ مرده هئو هاڻي زنده ٿيو آهي. وڃائجي ويو هو، هاڻي مليو آهي“ (لوقا 15: 11-24)
قومن جي عروج ۽ زوال ۾ ”قانون مڪافات عمل“ جو وڏو حصو رهيو آهي. زندگيءَ کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ان قانون کان وڌ ۾ وڌ مدد ملي سگهي ٿي.
جيڪڏهن توهان ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ دفن ڪيو ته توهان کي ڪڏهن به اهو خدشو ڪو نه ٿيندو ته متان ڪڻڪ جي بدران ڪپهه جو ٻوٽو ڦٽي نڪري. ڇاڪاڻ ته اهو فطرت جو قانون آهي. ياد رکو ته سٺي عمل جو نتيجو سٺو ۽ بري عمل جو نتيجو بروئي نڪرندو. اها آهي تقدير.
انسان جڏهن گناهه ڪندو آهي ته ان جا ٽي درجا ٿيندا آهن؛ آغاز، انجام ۽ انتها. جيڪڏهن گناهه جو آغاز آهي ته پوءِ باز اچڻ ڪافي آهي. جيڪڏهن گناهه شروع ٿي چڪو آهي ته پوءِ باز اچڻ سان گڏ اصلاح ۽ ان جي تلافي ڪرڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن انتهائي حد کي عبور ڪري چڪو آهي ته پوءِ نتيجن جي انتظار کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي.
قرآن حڪيم جو قانون هي آهي ته هر غلطيءَ لاءِ درستگي، هر نقصان لاءِ ان جي تلافي ۽ هر لرزش کي سنڀالڻ لاءِ قدرت جي طرف کان وڌ ۾ وڌ فرصت ملندي آهي. اصلاح جي مهلت گهڻي وقت تي مشتمل ٿيندي آهي، ان جو دروازو جلدي بند ڪو نه ٿو ٿئي. مطلب ته توبهه ڪرڻ جو مطلب آهي.......”زندگيءَ جي مقصد جي نئين سر تعمير ڪرڻ“
الله تعاليٰ آدم کي جنهن جنت ۾ رکيو هو تنهن مان ”گناهه ڪرڻ“ ڪري ڪڍيو ويو، ليڪن الله تعاليٰ انسان کي هڪ اهڙو ذريعو به ڏنو هو جنهن جي وسيلي اهو پنهنجي پهرين حالت ”مقام احسن تقويم“ ڏانهن موٽي سگهي؛ يعني ”توبهه جو سهارو“. ليڪن اڄوڪو انسان گناهه کي ”جدت پسندي“ ۽ ”فئشن“ جو نالو ڏيئي اُن کان باز اچڻ لاءِ تيار نه آهي. انسان پنهنجي اصل حالت (ڪمال) ڏانهن ان وقت موٽي سگهندو جڏهن هو گناهه جو ساٿ ڇڏي ڏي يعني هو سچي توبهه ڪري.
فَتَلَقّٰۤی اٰدَمُ مِنۡ رَّبِّہٖ کَلِمٰتٍ فَتَابَ عَلَیۡہِ ؕ اِنَّہٗ ہُوَ التَّوَّابُ الرَّحِیۡمُ ﴿۳۷﴾ (البقره: 37)
“پوءِ آدم پنهنجي پروردگار کان ڪجهه ڪلمات سکيا. پوءِ الله تعاليٰ ان جي توبهه قبول ڪئي. اهو ته آهي ئي وڏو توبهه قبول ڪرڻ وارو.“

وحده لاشريڪ لھ، چئي چوندو آءُ،
فرض، واجب، سنتون، تينو ترڪ م پاءِ،
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ سان پڄاءِ،
نانگا پنهنجي نفس کي، ڪا نئين راهه سونهاءِ،
تاسندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.