الطاف شيخ ڪارنر

زنجبار جھنگٻار

پڙھندڙن ۾ الطاف شيخ جي مقبوليت جو اصل سبب سندس سادو ۽ بيانيہ اسلوب آهي، جنھن رستي هُو پرڏيھي ملڪن جا حال احوال، خبرون چارون ۽ فوٽن سان دم ديدار ڪرائي ٿو. سندس اهو اسلوب هڪ پڙهئي ڳڙهئي ليکڪ کان ويندي، هر عام فھم پڙهندڙ لاءِ جتي سوَلو آهي، اتي ئي وري موهيندڙ بہ رهيو آهي. ھن ڪتاب ۾ جتي آفريڪا جي تاريخ ۽ واقعا بيان ڪيل آھن اتي ئي الطاف شيخ ’شيدين‘ بابت منفرد انداز سان انھن جي آفريڪا کان وٺي ايشيا تائين پھچڻ واري درد-ڪٿا پيش آهي. شيدين جي غلامي ۽ غلاميءَ کان پوءِ واري ڪھاڻي، ماضيءَ کان وٺي حال تائين انتھائي سھڻي نموني بيان ڪئي وئي آهي. جنھن ۾ غلامن جي وڪري جي تاريخ ۽ ان سان سلھاڙيل ڪيتريون ئي تاريخي ڳالھيون بہ بيان ڪيون ويون آهن.

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book زنجبار جھنگٻار

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : زنجبار جھنگٻار
(آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ)
ليکڪ : الطاف شيخ
لي آئوٽ : فقير محمد ڍول
ٽائيٽل : عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ : راز محمد لغاري
ڇاپو (پھريون) : مئي 2021ع
ڇپيندڙ : امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد
امرتا ڇاپ گھر، 1 باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ : ڍول فقير فائونڊيشن سنڌ
قيمت : 350 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو آفريڪا جو لکيل سفرنامو ”زنجبار جهنگٻار“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن ۾ آفريڪا بابت تحقيق ۽ تاريخ پڻ شامل آھي.
پڙھندڙن ۾ الطاف شيخ جي مقبوليت جو اصل سبب سندس سادو ۽ بيانيہ اسلوب آهي، جنھن رستي هُو پرڏيھي ملڪن جا حال احوال، خبرون چارون ۽ فوٽن سان دم ديدار ڪرائي ٿو. سندس اهو اسلوب هڪ پڙهئي ڳڙهئي ليکڪ کان ويندي، هر عام فھم پڙهندڙ لاءِ جتي سوَلو آهي، اتي ئي وري موهيندڙ بہ رهيو آهي. ھن ڪتاب ۾ جتي آفريڪا جي تاريخ ۽ واقعا بيان ڪيل آھن اتي ئي الطاف شيخ ’شيدين‘ بابت منفرد انداز سان انھن جي آفريڪا کان وٺي ايشيا تائين پھچڻ واري درد-ڪٿا پيش آهي. شيدين جي غلامي ۽ غلاميءَ کان پوءِ واري ڪھاڻي، ماضيءَ کان وٺي حال تائين انتھائي سھڻي نموني بيان ڪئي وئي آهي. جنھن ۾ غلامن جي وڪري جي تاريخ ۽ ان سان سلھاڙيل ڪيتريون ئي تاريخي ڳالھيون بہ بيان ڪيون ويون آهن.

ھي ڪتاب مئي 2021ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. اسان ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب:

هالا جي شيدي ڪميونٽيءَ سان تعلق رکندڙ بيحد مشهور ۽ سريلي ڳائڻين: آمون، قَدَم ۽ گلزار نالي.

جڏهن اسان وٽ ٽي وي، وڊيو ۽ ريڊيو ٽرانسسٽر به ايجاد نه ٿيا هئا ۽ 1953ع تائين هالا جي سڄي شهر ۾ فقط مهاڻن جي گهٽيءَ ۾ هڪ ٻيڙين ٻڌڻ واري جي دڪان تي گراموفون هو. اسان جي شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي عورتن کي مٿين ڳائڻين جي مٺي سر ذهني تازگي بخشي ٿي.
ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) ۾ ڪينيا جي منهنجي شيدياڻي ڪلاس ميٽ جينيءَ آفريڪا جي ماڻهن جي تعريف ڪندي چيو هو ”گئمبيا جي Seinabo Sey شيدياڻيءَ جو راڳ ٻڌين ته سئيڊن جي هيءَ اڄ ڪلهه واري ٽاپ جي گوري ڳائڻي مولي سانڊين (Molly Sanden) تڇ لڳئي!“
مون چيومانس ته ”آئون ننڍو ٻار هوس ته پنهنجي ڳوٺ ۾ مون آمون، گلزار ۽ قدم جا راڳ ٻڌا هئا. هنن جو مِٺو سر اڄ به منهنجي دماغ ۾ گونجندو رهي ٿو. منهنجي سوچ ۾ اهي ٽاپ جون سِنگرس هيون.“
جينيءَ چيو ته “نه. ٿي نٿو سگهي ته اسان جي شيدياڻين کان ڪو گوءِ کڻي وڃي.”
مون جينيءَ کي چيو: “صحيح ٿي چوين. هو به تنهنجيون ئي مائٽياڻيون هيون، جن جا وڏا توهان جي علائقي زنجبار (تنزانيا) کان اسان وٽ سنڌ ۾ پهتا هئا.“
سو مون پئي ڳالهه ڪئي ته هالا ۾، ان وقت جڏهن اسان وٽ راڳ ٻڌڻ لاءِ وڊيو يا ٽي وي نه هئي ويندي ريڊيو به عام نه هئا ته هن قسم جي ڳائڻين شادين مرادين جي موقعن تي، پنهنجي مٺي سر ۽ دهل جي آواز تي سڄي سڄي رات ڳائي ڳوٺ جي عورتن لاءِ وندر ۽ خوشين ۾ واڌارو ڪيو ٿي. هنن ڳائڻين جو پنهنجو پنهنجو گروپ هوندو هو جنهن جون پاڻ مُک هيون. جهڙيون هو سهڻيون هيون اهڙو ئي سندن مٺو آواز هو. گهٽ ۾ گهٽ هو اڌ صدي کن پنهنجي قابليت جو مظاهرو ڪنديون رهيون. هو وڏي کان وڏي ايوارڊ ۽ انعام جون مستحق هيون، پر اڄ نوجوان ٽهي انهن جي نالي کان به اڻ واقف ٿي وئي آهي. هي اهي ماڻهو هئا، جن اسان کي اڄ جي يو ٽيوب، وڊيو، نيٽ، ٽي وي چئنلن جي غير موجودگي ۾ وندر ۽ سُڪون مهيا ڪيو. منهنجي دل چوي ٿي ته هنن جي صلاحيتن ۽ خذمتن جي مڃتا ڪئي وڃي جيئن نئين ٽهيءَ کي ڄاڻ ملي سگهي ته هو ڪيڏيون عظيم انسان هيون! اهو سوچي گهٽ ۾ گهٽ هي ڪتاب پنهنجي شهر هالا جي مشهور ٽن ڳائڻين آمون، قدم ۽ گلزار کي منسوب ڪريان ٿو جن کي مون آخري دفعو 1957ع ۾ ڏٺو ۽ سندن راڳ ٻڌو، جڏهن آئون ستين ڪلاس ۾ هوس. هنن جو راڳ، هنن جون ڪافيون، هنن جا ڳايل گيت، ڳيچ ۽ سهرا، سندن چهرا ۽ ماڻا هن وقت به منهنجي دماغ ۾ نقش آهن. جيتوڻيڪ اڄ ان کي 63 سال گذري ويا آهن.
افسوس رڳو اهو آهي ته اسان وٽ ٽي وي آئي ته ان ذريعي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن وانگر اسان جي ڳوٺ ڳوٺ مان نئين Telent کي ان تي نه آندو ويو. ڏک ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ ۾ هجڻ جي باوجود سنڌي پروگرام کي روزانو فقط اڌ ڪلاڪ ڏنو ويو ٿي. ڪاش هن قسم جي ڳوٺاڻين فنڪارائن ۽ انهن جي اولاد کي ٽي وي تي موقعو ڏنو وڃي ها ته هنن جو روزگار به ٿي سگهي ها ته هو اڄ جي نائييجيريا، ڪينيا، زئنزيبار، تنزانيا ۽ يوگنڊا جي چوٽيءَ جي ڳائڻين: ييمي الادي، فَينا گِتو، سيتي بنتِ سعد، بيبي ماداها ۽ شيبا ڪارونگيءَ وانگر شهرت به حاصل ڪري سگهن ها. اڄ به آفريڪا جي ملڪن ۾ ٽي وي تي يا يورپ جي شهرن ۾ ڪنسرٽن ۾ وڪٽوريا ڪيماني، سنٿيا مروگن، ليبرا، ايفيا ۽ آئرن نتالي جهڙين شيدياڻين کي ڳائيندو ڏسي سوچيندو آهيان ته اسان جي شهر جي آمون، گلزار ۽ قدم ڳائڻيون ڇا گهٽ هيون؟ اهي کڻي هاڻ پوڙهيون ٿي ويون آهن يا گذاري به ويون هجن، جو هو مون کان پنڌرهن ويهه سال کن وڏيون هيون پر هنن جي ننڍي ٽهيءَ مان ڪجهه کي ته talent ڏات ضرور هوندي جيڪي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ سنڌ ڏات ڌڻين سان ڀري پئي آهي، پر اسان کي حسرت ئي رهجي وئي ته اسان وٽان به ڪنهن کي موقعو ملي ته هو وڏو آرٽسٽ ٿئي، ڪرڪيٽ يا هاڪيءَ جو رانديگر ٿئي! توهان ڪنهن کي موقعو ئي نه ڏيندا ته هو ڪيئن اڳتي وڌي سگهندو؟ آئون جڏهن 1963ع ۾ مرچنٽ نيويءَ ۾ ويو هوس ته مون تي اتي کِلَ ڪئي ويندي هئي ته هڪ سنڌي ٿي ڪري ڪيئن هن پاسي آيو آهي، يعني سامونڊي نوڪريءَ ۾ آيو آهي .. ۽ جهاز هلائيندو!! ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته موقعا ملڻ تي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم، ڪئپٽن رشيد ابڙو، چيف انجنيئر ظهير بابر قريشي، چيف انجنيئر مير جت، ڪئپٽن لاشاري، ڪئپٽن پنهور ۽ چيف انجنيئر کهاور جهڙا انيڪ ڳوٺاڻا سنڌي نه فقط پاڪستان جا پر دنيا جا مشهور Seafarer ثابت ٿيا.

الطاف شيخ
ڪراچي 0300- 9241666
12 ڊسمبر 2020

مُهاڳ : شيدي باشا همباشا

آءٌ ننڍي هوندي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين وقتن فوقتن شادين مُرادين ۾ يا آسي زمينيءَ جي ڳوٺ ٽنڊي قيصر ۾ ساليانو ملهائجندڙ ’مُگرمان‘ دوران اهو ’شيدي باشا همباشا...‘ ڪَنائيندو آيو آهيان ۽ ان جي وڄت ۽ لئڪاريءَ مان مزو به مزن جهڙو ڀرپور ماڻيندو رهيو آهيان. چون ٿا ته اهو آفريقي رڌم آهي، جنهن جي ٿاپ تي آفريقي شيدي بي اختيار ٿي پنهنجي بدن کي نچائيندا ڪُڏائيندا آهن ۽ اتان آيل شيدي اهو تحفو اها سوکڙي هتي اسان جي سنڌ ۾ به ساريو سنڀاليو ويٺا آهن ۽ ناچ جو اهو نمونو پشت در پشت وٽن هلندو اچي. شال شيدي پنهنجي انهي ’شيدي باشا همباشا...‘ سميت سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر سدائين سُکيا ستابا رهن، آسوده هجن ۽ انهي رڌم تي نچندا مست ٿيندا رهن ۽ ماڻهن کي مست ڪندا رهن.
هي ڪتاب ’زنجبار جهنگٻار‘ جيڪو سنڌي ادب جي اهم سرمايي ۽ سيلاني سائين الطاف شيخ لکيو آهي ۽ ڇا ته ڪمال ڪتاب لکيو اٿس. جڏهن پاڻ مون کي فون ڪري چيائون ته، ’فقير! هن ڪتاب جو مهاڳ توکي لکڻو آهي.‘ ته سچ پڇو آءٌ خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ڪونه ٿي ماپيَس. ڀلا ڪٿي آءٌ فقير ماڻهو، سنڌي ادب جو ادنيٰ خدمتگذار ۽ ڪٿي سائين الطاف شيخ جهڙو وڏو ناميارو ليکڪ، جنهن جا ڪتاب هٿوهٿ کپي ويندا آهن، ان جي ڪتاب جو مهاڳ مون کي لکڻو آهي! منهنجي لاءِ اها ڳالهه جتي حيرتناڪ هئي، اُتي اعزاز کان گهٽ به ڪونه هئي. سوچيم آخر سائين الطاف شيخ ڪجهه ته سوچي مون کي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو آهي. آءٌ هن ڪتاب بابت ڳالهائڻ کان پهرين ته سندن ٿورائتو آهيان جو پاڻ مون کي ان لائق سمجهيُن.
مون کي اها قطعي خبر ڪونهي ته سائين الطاف شيخ هيءُ ڪتاب محمد صديق ’مسافر‘ جي محبت ۾ لکيو آهي يا مولا بخش ’وفا‘ ۽ ادي شيبا جي اصرار تي...! ڪِين لاڏا ۽ ڳيچ ڳائيندڙ پنهنجين ڳوٺائي ڳائڻين هالين (هالا) شهر جي شيدياڻين ادي آمون، ادي قدم ۽ ادي گلزار جي سُريلن آوازن کي ڪَنائيندي لکي ورتو آهي.
الطاف شيخ کي مون ڪتابن پڙهڻ واري پنهنجي اوائلي دور کان وٺي پنهنجي وڻندڙ ۽ محبوب ليکڪ طور ڄاتو سُڃاتو آهي نه فقط ايترو پر مون سندس سفرنامن جا ڪتابَ اوڌر تي به خريد ڪري پڙهيا آهن ۽ پئسا نه هوندي به ۽ اهڙو خرچ افورڊ نه ڪندي به مون ڪڏهن به هاڪر وٽان الطاف شيخ جو آيل نئون ڪتاب هٿان وڃڻ نه ڏنو هو. ان ۾ اصل سبب سندس سادو ۽ بيانيه اسلوب آهي، جنهن رستي هُو پرڏيهي ملڪن جا حال احوال، خبرون چارون ۽ فوٽن سان دم ديدار ڪرائي ٿو. سندس اهو اسلوب هڪ پڙهئي ڳڙهئي ليکڪ کان ويندي، هر عام فهم پڙهندڙ لاءِ جتي سوَلو آهي، اتي ئي وري موهيندڙ به رهيو آهي.
هونئن ڪتاب ته ڪيترائي ذاتين پاتين ۽ قومن توڙي حسب نسب تي لکيا ويا آهن، ويندي خانه بدوشن يا جپسين تي به هن مهل تائين ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن، پر هن ڪتاب بابت منهنجي لاءِ هتي سچ پَچ خوشيءَ جو ڪارڻ اِها ڳالهه آهي ته هيءُ هڪڙو اهڙو نج پج ڪتاب آهي، جيڪو ’شيدين‘ تي لکيو ويو آهي ۽ انهن جي آفريڪا کان وٺي ايشيا تائين پهچڻ واري درد-ڪٿا دل جي حُضور سان الطاف شيخ صاحب پاران پيش ڪئي وئي آهي. شيدين جي غلامي ۽ غلاميءَ کان پوءِ واري ڪهاڻي، ماضيءَ کان وٺي حال تائين انتهائي سهڻي نموني بيان ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ غلامن جي وڪري جي تاريخ ۽ ان سان سلهاڙيل ڪيتريون ئي تاريخي ڳالهيون به بيان ڪيون ويون آهن، ساڳئي وقت شيدين سان گڏوگڏ الطاف شيخ صاحب خوجه ڪميونٽي ۽ بوهري ڪميونٽيءَ سميت ٻين ڪميونٽيز کي به انفرادي يا اجتماعي طور هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي ۽ انهن جي ترقي پذيري کان وٺي ترقي يافتگي تائين جا احوال رڳو مٿاڇرا نه پر تاريخي حوالن سان سلهاڙي سهيڙي ڪتاب جي مختلف ڀاڱن ۾ پيش ڪيا اٿس.
شيدين جي غلاميءَ ۽ محرومين تي تحقيق ڪندي، هُن مجموعي طور به غلاميءَ جي سببن، اهنجن ۽ اُهڃاڻن تي پنهنجو قلم کنيو آهي ۽ تمام گهڻي احتياط سان پاڻ انهن کي تاريخي طور جانچي جُونچي قلمبند ڪيو اٿن ته جيئن غلاميءَ بابت هڪڙي مجموعي تاريخ سهيڙجي سگهي، جهڙوڪ:
• آفريڪا جي اولهه ڪناري کان کنڀيل قيدي جيڪي آمريڪا ڏي ويا ٿي، انهن سان انهن جي خريدارن هيڪاندا وڏا ظلم ڪيا. هنن سان هنن جي مالڪن جانورن کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ ڪيو. غلامي غلامي آهي، چاهي ڪنهن کي سوني جي پڃري ۾ رکيو وڃي، پر وري به سنڌ ۾ جن به غلام رکيا، اهي چاهي مير، پير، وڏيرا جاگيردار هئا يا غلام عليءَ جهڙا ٺٽي جا سنگتراش هئا، گهڻي ڀاڱي اسان جي سنڌي مالڪن آفريڪا کان آيل هنن شيدي غلامن سان پنهنجي اولاد وارو رويو رکيو ٿي.
• اسان جو ملڪ، هي زئنزيبار ٻيٽ، جنهن شيءِ کان سڀ کان گهڻو مشهور آهي، اهو مصالحي جو واپار آهي- خاص ڪري لونگن جو. افسوس جوماضي قريب ۾هي ٻيٽ هڪ قبيح ۽ بدنام ڪم کان به خوار ۽ خراب رهيو. اهو هو غلامي ۽ غلامن جو وڪِرو.
• غلامن جو وڪِرو هينئر جي ڪا ڳالهه ناهي پر هي ڪم هن علائقي ۾ پهرين صديءَ کان هلي رهيو هو جڏهن يمن پاسي کان ’سلطنت شيبا‘ جا جهاز موتي (Beads) ۽ چيني ريشمي ڪپڙو کڻي هتي آيا ٿي ۽ ان جي بدلي ۾ هتان سون، گُلي (Indigo)، مصالحو، عاج ۽ غلام کڻي ويا ٿي.
• مون سوچيو ته گائيڊ کان پڇان ته هوڏانهن سلطنت شيبا (يا صبا) جي راڻي بلقيس هئي پر هيڏانهن زئنزيبار پاسي ڪنهن جي حڪومت هئي؟
• 1498ع ۾ پورچوگاليExplorer واسڪو ڊاگاما زئنزيبار ۾ آيو، جنهن ڪري هتي جي ڪيترين ڳالهين تي يورپي اثر رسوخ ٿيو. ڪجهه سالن جي مختصر عرصي ۾ هن زئنزيبار کي پورچو گالي سلطنت جو حصو بڻائي ڇڏيو.
• پورچوگالين جي زئنزيبار تي 200 کن سال حڪومت رهي. اندوران عماني عربن ۽ پورچوگالين جا رکي رکي هڪ ٻئي سان حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ جهيڙا هلندا رهيا.
• 1652ع ۾ عماني عربن زئنزيبار تي حملو ڪيو ۽ 1698ع ڌاري عمانين جو زئنزيبار تي مڪمل قبضو ٿي ويو.
• عمانين جي حڪومت سان گڏو گڏ زئنزيبار ۾ غلامن جو واپار اوج اختيار ڪندو ويو. عمان جو حاڪم ’سعيد بن سلطان‘ جيڪو عمان سان گڏ زئنزيبار سلطنت جو به حاڪم هو ان زئنزيبار ۾ اڄ واري هيءَ غلامن جي مارڪيٽ ٺهرائي، جتي غلامن جي وڪري سان گڏ هنن جي همت ۽ طاقت پڻ آزمائي وئي ٿي. خريد ڪرڻ لاءِ واڪ ڏنو ويو ٿي ۽ غلامن جو وڪِرو ٿيو ٿي. 60 سالن ۾ اٽڪل ڏهه لک غلامن جو هن مارڪيٽ ۾ وڪِرو ٿيو. اهڙا ڏهه لک کن آفريڪا جي اندروني جهنگلن مان پيرين پنڌ، اڃ بُک ۾ هفتن جا هفتا سفر ڪرڻ ڪري، يا زئنزيبار جيSlave Chambers ۾ يا مختلف ملڪن ڏي ٻيڙين ۾ سوڙهو سنگهوڙو ٿي سفر ڪرڻ ۾ مري ويا.
• زئنزيبار ۾ لونگن جي پوک 1800ع ۽ 1820ع جي وچ ۾ شروع ٿي، جنهن ڪري پورهئي لاءِ غلامن جي ضرورت وڌي وئي. لونگن جو دنيا ۾ سون برابر اگهه هو يعني انهن مان وڏي ڪمائي هئي پر انهن کي پوکڻ لاءِ پورهئي جي ضرورت پئي ٿي جيڪو هنن غلامن کان ورتو ويو ٿي.
• 1834ع ۾ انگريزن، جتي جتي هنن جون ڪالونيون هيون يعني جنهن جنهن ملڪ تي هنن جو قبضو هو- انڊيا، ملايا کان ڪينيا، تنزانيا تائين، هنن اتي غلامن جي وڪِري تي پابندي هنئي ۽ جن وٽ غلام هئا، انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
• 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ تي انگريزن طرفان سنڌ ۾ به اهو قانون لاڳو ڪيو ويو ۽ غلامن جي آمد تي بندش هنئي. جن جن وٽ غلام هئا انهن کي پنهنجا غلام آزاد ڪرڻ لاءِ سختي ڪئي وئي.
• زئنزيبار جو سلطان ٽال مٽول ڪرڻ لڳو جو غلامن جي وڪِري مان هن کي گهر ويٺي وڏو پئسو مليو ٿي، جنهن مان سڄي شاهي خاندان جون عياشيون ٿيون ٿي.
• 1873ع ۾ انگريزن جي زور بار تي ان وقت جي حاڪم سلطان برغش بن سعيد کان ڊڪري صحيح ڪرائي وئي جنهن موجب سلطان جي قبضي ۾ آيل سڀني علائقن ۾ غلامن جي واپار کي ٻنجو اچي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کان پوءِ به ڪجهه سالن تائين لڪ چوريءَ غلامن جو واپار هلندو رهيو پر ظاهري طرح اهو ڪم 1873ع ڌاري ختم ٿي ويو.
علاوه ازين غلاميءَ بابت ٻن ٻين جايُن تي به ’غلامن جو وڪرو ۽ انساني احساس‘ ۽ ’غلامي ۽ غلامن جي وڪري بابت لکيل ڪتاب‘ عنوانن هيٺ تذڪرو آيل آهي. منهنجو خيال آهي ته سائين الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ غلامن ۽ غلاميءَ بابت ايترو ڪجهه لکيو آهي، جو هُن شيدين کان سواءِ ٻين غلام قومن يا ذاتين جا به ڄڻ ته ٿَڪَ ئي لاهي ڇڏيا آهن، اهڙي عمل جو اَجُر الله سائين کين اوَس ڏيندو... جو شيخ صاحب، پنهنجن اباڻن جي غلاميءَ جو بارُ کڻي جيئندڙ ماڻهن تي ايڏو اهم ترين ڪتاب لکيو آهي، جيڪو تاريخ ۾ وڏي وِت سان جاءِ والاريندو ۽ هڪ ’ريفرنس بُڪ‘ طور صدين تائين ڪَتب ايندو رهندو.
الطاف شيخ صاحب، شيدين بابت ڪتاب ۾ پنهنجا ذاتي احساس ونڊيندي، اسان جي سنڌي سماج ۾ شيدين سان اُٿِي ويٺي وارن تعلقاتن ۽ محبتن کي، آمريڪين جي نفرتن واري رويي سان به ڀيٽيو آهي، پاڻ لکن ٿا:
مون کي خبر ناهي ته منهنجيون اهي Feelings سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ شيدين لاءِ به صحيح آهن يا نه. پر پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ مون کي نٿو سُجهي ته ڪو هنن سان نفرت ڪندو هجي جيئن مون آمريڪا ۾ اچي ڏٺو. ويندي اسان جي ڳوٺ جي وڏي رتبي وارن ماڻهن- پيرن سيدن وٽ به شيدين عزت ماڻي ٿي. هالا ۾ رهندڙ شيدي ڪميونٽيءَ جو اڪثر هڪڙو انچارج گادي نشين مخدوم سان رهي ٿو جيڪو ’خليفو‘ سڏجي ٿو. مخدوم امين فهيم سان گڏ هميشه خليفو ماستر ڪريم بخش شيدي رهيو ٿي، جيئن اڄڪلهه مخدوم جميل الزمان سان گڏ شيدي ڪميونٽيءَ جو ايمن شيدي خليفو آهي. ننڍي هوندي ايمن ۽ جميل زمان ته هڪ ئي ڪلاس ۽ اسڪول مان پڙهيا. ان مان به توهان انداز لڳائي سگهو ٿا ته اسان وٽ، گهٽ ۾ گهٽ رنگ و نسل جو ويڇو ناهي ۽ پنهنجي ڪم ۽ قابليت ڪري ڪيترائي شيدي اتاهين سماجي درجي تي آهن ۽ مشهور آهن.
آمريڪا ۾ جهڙي ريت ڪاري ۽ اڇي رنگ واري فرق کي اهميت ڏني وڃي ٿي، الطاف سائينءَ ان کان هٽي ڪري اڃا مٿاهين پد تي پنهنجي سوچ کي پهچائيندي، شيدين سان مذهبي و مسلڪي متڀيد واري فرق تي به اجهو هيئن سهڻي نموني اظهاري، ڄڻ ته شيدين سان محبتن جي پالوٽ کي فرقن مٿان فوقيت ڏيئي پَلٽائي ڇڏيو آهي:
اسان جي ننڍپڻ ۾ محرم جي ڏهين تاريخ هالا شهر جا سڀ پڙ اچي مخدوم طالب الموليٰ جن جي بيٺڪ تي منزل انداز ٿيندا هئا. اتي جي جهنڊي جو انگاس (Flag Pole) هر سال لاهي، رنگ ڪري، واپس کوڙڻ جو ڪم هڪ خاص شيديءَ جي حوالي هوندو هو، جنهن جو نالو ’مور‘ هو. مور کان سڄو شهر واقف هوندو هو، جيڪو هن گڏجاڻيءَ ۾ اچي حاضر ٿيندو هو. اها مذهبي گهٽ سماجي Gathering وڌيڪ هوندي هئي. ڪير شيعو آهي ڪير سني، اهو ضروري نه هو. سڀ اهل بيت کي چاهڻ وارا هئا. ان قسم جو جهيڙو اسان وٽ هرگز نه هو.
ڪتاب ۾ شيخ صاحب پنهنجي شهر هالن جي هڪ شيديءَ جو به ذڪر ڪيو آهي، جن سان سندن گهريلو تعلقات رهيا بلڪِ پاڻ لکن ٿا ته، ”آئون ننڍو هوس ته منهنجي ڏاڏيءَ وٽ هن جي همعمر بختيءَ نالي هڪ شيدياڻي ايندي هئي، جنهن لاءِ هوءَ ٻڌائيندي هئي ته منهنجي والد جي هُوءَ کير شريڪ ماءُ به ٿئي ۽ منهنجو پيءُ هن جي وڏي عزت ڪندو هو.“
ان شيدياڻيءَ جو پوٽو لونگ شيدي، هالا جي شيدين ۾ گهڻو پڙهيو ۽ پروفيسر جي رُتبي کي وڃي پهتو، پر هتي مزيدار ڳالهه اِها آهي ته پروفيسر لونگ شيديءَ، پروفيسر ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي ازدواجي زندگيءَ کي گل و گلزار ڪرڻ لاءِ هالا شهر جي ئي گلزار نالي شيدياڻيءَ جي چونڊ ڪئي، جيڪا وڏي ڳالهه آهي، نه ته عمومن توهان ۽ اسان پنهنجي سماج ۾ ايترا ڪيئي مثال اکيين ڏٺا آهن، ته ماڻهو وڏي رُتبي کي رَسڻ کان پوءِ پنهنجيون مڱون ته ڇڏيو ڏِين، پر پنهنجي ابي امڙ کان به مُنهن موڙيو وڃن ٿا.
شيخ صاحب ٻُڌائين ٿا ته گلزار جو آواز بَلَي بَلَي هو ۽ پنهنجي زماني ۾ اُن تَرَ جي هُوءَ هڪ بهترين ڳائڻي هئي:
گلزار هالا جي بهترين ڳائڻي هئي. شادين مرادين ۾ هُوءَ پنهنجي گروپ سان گڏ ڳائيندي هئي. اسان جي ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ ڪٿي هيون ٽي ويون ۽ وڊيو؟ اسان گلزار، آمون ۽ قدم نالي شيدياڻين کان ئي ڳائڻ ٻڌو... انهن جي راڳن جا ڪجهه مشهور ٻول اڄ به ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن:
راڻل منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ الا،
ڀينر ڀلي ڀلي ڙي آيو....
يا:
لاڏو بڻجي آيو، سينگار ڪري،
او پيار ڪري....
يا:
تارن جي ڇانوَ ۾
لاڏو ڏٺوسين
بَنرو ڏٺوسين...
واهوا واهوا شيخ صاحب! ڪمال ڪيو اٿوَ، ڌڻي توهان کي سدائين خوش رکي گلزار بابت اهو مٿيون ٽُڪرَ پڙهندي، سچ به دل الاءِ ڪهڙي ڪيفيت ڏي مائل ٿي وڃي ٿي... ڪهڙو نه زمانو هو... ڪهڙا نه ڳائڻ وارا هئا... ڪهڙا نه ڳيچ ۽ لاڏا هئا، جيڪي دل کي اهڙو ته قرار بخشين ٿا، جن جو ڪوبه نعم البدل ڪونهي... سڀ گذر آهي... الاس!
انهن ئي صفحن ۾ وري اوهان ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊر جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ان زماني ۾ شيدياڻين جو ڳائڻ وارو انداز ’موسٽ ماڊرن‘ سمجهڻ واري ڳالهه لکي اٿوَ... ايڏيون ته زبردست ڳالهيون توهان هن ڪتاب ۾ لکيون آهن، جن جي ڪري هي ڪتاب جيڪو سفرنامي، تحقيق ۽ تاريخ تي ٻَڌل آهي، سو وچ وچ ۾ اهڙين هلڪين ڦُلڪين سوادي ڳالهين جي شامل ٿيڻ سان ڏاڍو سٺو، ذائقيدار ۽ چاشنيدار بڻجي ويو آهي. هاڻ مان ڇا لکان ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪتاب مان کڻي اچي quote ڪريان! ٿورو هي منظر ته ڏسو ڀلا جيڪو شيخ صاحب پيش ڪيو آهي:
خوشيءَ جي موقعي تي هالا شهر جي گهرن ۾ ڦاپو مڱڻهار يا شيدياڻين ٿي ڳايو. شيدياڻين جو ان زماني ۾ ڳائڻ ’موسٽ ماڊرن‘ سمجهيو ويو ٿي. ايتري قدر جو ڦاپو مڱڻهار منهنجي ڏاڏيءَ سان دل جو حال اوريندي هميشه ان ڏک جو اظهار ڪندي هئي ته اسان پوڙهين جو ڳائڻ ته ڪوبه پسند نٿو ڪري. اسان به ضد ڪندا هئاسين ته ڦاپو مڱڻهار نه اچي، پوءِ ڏاڏي سمجهائيندي هئي ته ان کي گهرائڻ به ضروري آهي، جو اها اسان جي احطي آهي... يعني هنن جو پيڙهين کان اهو ڪم آهي. هنن جا مرد خوشيءَ جي موقعن تي گهٽيءَ ۾ اچي شرنائيون وڄائي گهور وٺندا هئا. شيدياڻيون سريلي آواز واريون ۽ سهڻيون سمجهيون ويون ٿي. هنن جا ٽي گروپ هئا: هڪ گلزار جو، جنهن سان سندن ڪميونٽيءَ جي پروفيسر لونگ شادي ڪئي. باقي ٻن مان هڪ آمون شيدياڻيءَ جو ۽ ٻيو قدم شيدياڻيءَ جو ٽولو هو. سندن ڳائڻ توڙي نچڻ فضيلت وارو هوندو هو. سندن ڳالهائڻ ٻولهائڻ به اخلاق وارو هو ۽ ڪا به عورت توڙي مرد هنن جي گلا نه ڪندو هو.
مهمان زالون ڳائڻ وارين جي چوڌاري ويهنديون هيون. راڳ جا شوقين مرد ڪمري ۾ اندر ويهي ٻڌندا هئا، پوءِ ڪيترا ڏينهن عورتون عورتن سان ۽ مرد مردن سان event جو ذڪر ڪندا رهندا هئا.
الله اڪبر! جيئو الطاف سائين...! سچ اهو فضيلت وارو ڳائڻ وڄائڻ توڙي نچڻ هاڻ خير ڪو آهي! اهي منظرَ، اهي رسمون روايتون هاڻ اڻ لڀ آهن، جن لاءِ اسان جهڙن فقير ماڻهن جون دليون سِڪن ٿيون.
ڪتاب جي هڪ ڀاڱي ۾ الطاف سائينءَ 1962ع ۾ تنزانيا ۾ پکڙيل ’ٽهڪن واري وبا‘ جنهن کي ’ٽانگانيڪا لافٽر‘ سڏيو ويو، جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن تي مون کي وري اڄڪلهه دنيا ۾ پکڙيل وبا ’ڪووڊ-19‘ اڳ ڦريو ٿي اچي، مطلب ته دنيا مختلف دؤرن ۾ مختلف وبائن ۾ ورتل رهي آهي. ڌڻي انهن موذي مرضن کان معاف فرمائي-آمين.
ڪتاب ۾ هڪ هنڌ شيخ صاحب انتهائي مزيدار ۽ خوشگوار ڳالهه لکي آهي، جيڪا ساڻس پيش آئي، ان مان مختصر ٽُڪر هتي پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جو ان کي پڙهي، اندازِ بيان ۽ اسلوب تي منهنجي ته دل کيري ٿيڻ لڳي هئي ۽ هتي خاص ڪري شيخ صاحب پنهنجي ڏسڻ واري انداز کي سِڪڻي ٻار ۽ لولَي سان تشبيهيندي واهه جا رنگَ ڀري ڇڏيا آهن:
روڊ جي ڀرسان هن روڊ Sokoine Drive جي نالي جو لڳل بورڊ ڏسي، ان اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائڻ تي دل چيو. هِتان هُتان ڪيترائي ماڻهو لنگهي رهيا هئا، پر فوٽو ڪڍڻ لاءِ سامهون کان جينز جي پتلون ۾ اڪيلي ايندڙ حبشي ڇوڪريءَ کي روڪيم. هُوءَ منهنجي بلڪل سامهون اچي بيهي رهي. آئون هن جي چهري کي ائين غور سان ڏسڻ لڳس، جيئن هڪ سِڪڻو ٻار ٻئي جي هٿ ۾ لولو ڏسي ان ۾ نظرون کُپائيندو آهي. شيدياڻي ٿي ڪري هُوءَ ايڏي سهڻي، آئون سوچي به نٿي سگهيس.
ڇوڪريءَ جي چهري جا نه فقط نقش سهڻا هئا پر سندس چمڙي به لسي ۽ بي داغ هئي. واقعي سونهن رنگ تي ناهي. سئيڊن جيڪو سونهن جو ملڪ سڏيو وڃي ٿو، اتي 1990ع وارن سالن ۾، اتي جي هر شهر ۾ مختلف شين جي اشتهار لاءِ هڪ حبشي عورت نائومي ڪئمپبيل (Naomi Campbell) جي تصوير ڏسي حيرت ٿيندي هئي ته سندن گورين ڇوڪرين کان وڌيڪ مشهور ماڊل هيءَ ڪاري رنگ جي ڪوئل آهي. بهرحال نائومي نه فقط سپر ماڊل قرار ڏني وئي پر اعليٰ ائڪٽريس پڻ.
هڪ پوڙهي ماڻهوءَ کي پاڻ ڏي گهوريندو ڏسي، دارالسلام جي هن سامونڊي ڪناري واري هيءَ حبشڻ ڇوڪري پريشان ٿي وئي. چوندا آهن ته ڪنهن غير عورت ڏي نظر کڄي به وڃي ته يڪدم هٽائي ڇڏجي، پر ڪڏهن ڪڏهن حُسن اڳيان انسان مجبور ٿي ويندو آهي... هن جا هوش خطا ٿي ويندا آهن! سوچيم ته هن نظاري، هن حسن جي مشاهدي تي ڪراچي پهچڻ تي پنهنجي دوست تاج بلوچ يا تاجل بيوس کان ڪو سهڻو شعر لکرائيندس... ڇوڪريءَ جي How can I help you, sir چوڻ تي هوش ٺڪاڻي اچي ويا ۽ اک کلي وئي: ”پير ڪينجهر جي ڪناري تي تنهنجا ڏٺم، نيڻ توڏي کنيم، تون لهر ٿي وئينءَ...!“
هي فوٽوگرافيءَ جو قصو ته ٿيو پنهنجي جاءِ پر هي پڇاڙيءَ ۾ جيڪو شعر شيخ صاحب استعمال ڪيو آهي! اهو ٻُڌائي ٿو ڇا ته ذوقِ شعر آهي الطاف سائينءَ جو، جيڪو منهنجي لاءِ ته گهڻو حيرتناڪ آهي، مون سندن جيڪي ڪتاب پڙهيا آهن، انهن ۾ اهڙو شاعري يا اهڙو ذوقِ شعر ته مون کي ڪٿي نظر ئي ڪونهي آيو، جنهن ڪري مون سدائين اهو ٿي سمجهيو ته شيخ صاحب شايد شاعريءَ کان پري پري گذاري ٿو. پر نه بابا نه...! شيخ صاحب ته شاعريءَ جي حُسن کان باقاعده واقف آهي.
هن ڪتاب ۾ الطاف سائينءَ جيڪِي ڪجهه به لکيو آهي سو گهڻيءَ محنت سان لکيو آهي، جنهن لاءِ آءٌ يقين سان چوان ٿو ته هن پورهيي ۾ کين سالن جو عرصو ضرور لڳو هوندو، ڇاڪاڻ جو هي ڪم ايڏو سوَلو ڪم ڪونهي! شيدين سان گڏوگڏ شيخ صاحب ٻين به ڪيترن ئي ڪُٽنبن فئمليز جو ذڪر بلڪِ انهن جو ماضي حال ويندي شجرا به هن ڪتاب ۾ تاريخي حوالن طور محفوظ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان منهنجي خيال ۾ ته هڪ اهم تاريخ مرتب ٿي وئي آهي. هتي مثال طور بوهري ڪُٽنب ڪريمجي جيوانجي جو ذڪر سندن پوري تاريخ حسب نسب سميت ڪڇ جي مانڊوي شهر کان ويندي تنزانيا تائين لکي اٿائين:
ڪريمجي جيوانجي فئملي وارن جو تنزانيا سان واسطو 150 سال پراڻو آهي. هي انڊيا جا بوهري آهن جن جو اصل ڳوٺ ڪڇ جو هڪ ڪناري وارو شهر ’مانڊوي‘ هو ۽ اڄ به سندن مائٽ مٽ اتي رهن ٿا. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ به ڪيترائي هن ڳوٺ جا بوهري رهن ٿا، جن مان ڪيترا ته پاڪستان ٿيڻ کان به اڳ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا ۽ ’مانڊوي والا‘ سڏرائين ٿا. هاڻ پاڻ هنن جي ننڍي ٽهي سنڌي نٿي ڳالهائي پر ننڍي هوندي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ کان اڳ جڏهن آئون ڪراچي شپ يارڊ ۾ اپرينٽشپ ڪري رهيو هوس ته ڪيترن پوڙهن بوهرين کي خاص ڪري ’ايورشائين پينٽ‘ ٺاهڻ وارن مانڊوي والا مالڪن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌندو هوس.
تنهن کان سواءِ ’ٿاريا ٽوپڻ‘ جي پوري ڪهاڻي شامل ڪري سٺو ڪيو اٿن، اها ڪهاڻي جتي مزيدار ۽ چس ڏيندڙ آهي، اتي نهايت ئي بهترين سبق آميز ۽ همٿن جو داستان پڻ آهي:
ٺٽي سنڌ کان ڪڇ ۾ اچي ٻيڙين جو ڪم ڪرڻ وارو ڀاٽيا ذات جو هي هندو واپاري سيٺ ٽوپڻ جيڪو ڪڇ ۾ رهڻ دوران اسماعيلي مسلمان ٿيو، ان جي اولاد مان ’ٿاريا ٽوپڻ‘ 1823ع ۾ ڪڇ جي شهر لکپت ۾ ڄائو. يعني سيٺ ٽوپڻ ڀاٽيا جو ٺٽي ۾ ڄمڻ جو سال 1530ع سارجي ته هي نينگر ٿاريا ٽوپڻ جيڪو لکپت ۾ 1823ع ۾ يعني ٽن صدين بعد ڄائو. هن جو پيءُ هڪ غريب سبزي فروش هو، جنهن گاڏي تي ڀاڄي رکي لکپت شهر جي گهٽين ۾ هوڪا ڏئي اها وڪڻي ٿي. لکپت ۾ ڪا سرڪاري طرح غريبن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سهولت نه هئي سو ٿاريا ٻارهن سالن جو ٿي ويو پر اڻ پڙهيل ئي رهيو. هو پنهنجي پيءُ کي ڀاڄي صاف ڪرائڻ ۽ گراهڪن کي توري ڏيڻ ۾ مدد ڪندو رهيو ٿي.
هڪ ڏينهن هن ڏٺو ته هن جي گهٽيءَ جو ڪو ڇوڪرو هڪ دڪاندار کان روپئي جو سِڪو ڪرڻ تي تِرڳائي وٺي ڀڳو. ٿاريا کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هُن هن ڇوڪري جي پويان ڊوڙي هن کان روپيو ورتو ۽ هاڻ دوڪاندار کي واپس ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هو ته هن ڏٺو ته سامهون دڪاندار ۽ ان جا ساٿي هن ڏي اچي رهيا هئا. ٿاريا دڪاندار کي هن جو ڪِريل روپيو ڏنو پر دوڪاندار ۽ ٻيا پُڇا ڳاڇا ڪرڻ بدران ته اهو ڪنهن کنيو ۽ ڪير پيو موٽرائي ڏي، ماڳهين ٿاريا پٺيان رڙيون ڪري ڊوڙڻ لڳا. غريب ٿاريا ماڻهن جي رڙين ۽ هن کي چور چور چوڻ تي ڏڪي ويو ۽ هن کي خوف ورائي ويو ته هُو هن کي قتل ڪري ڇڏيندا ۽ جي بچي به ويو ته هن جو پيءُ هنن جي واتان ٻڌايل ڪوڙي ڳالهه کي سچ سمجهي هن کي دڙڪا ڏيندو ته تو اسان جي خاندان جي بي عزتي ڪرائي ڇڏي. ان خوف کان هن کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو ۽ اڳيان بيٺل جهازن مان هڪ تي چڙهي ويو. ان جي گدام ۾ جتي سامان جون ڳوڻيون، دٻا ۽ کوکا رکيا هئا، اتي انهن جي هيٺيان ٿوري جاءِ ڏسي هو سوڙهو سنگهورو ٿي سمهي رهيو. ٿڪل ته اڳهين هو، سمهڻ سان اک لڳي ويس. ڪيترا ڪلاڪ هُو ستو رهيو اها ته هن کي خبر ناهي، پر جڏهن اک کليس ته هن ڏٺو ته اهو جهاز کلئي سمنڊ ۾ هو
هيءَ سڄي ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي. اهو ٿاريا ٽوپڻ اڳتي هلي پنهنجي محنت ۽ جاکوڙ سان وڏو ماڻهو ٿي وڃي ٿو. سلطان جو رازدار دوست ٿئي ٿو ۽ جهڙوڪ سفارتڪار بڻجي وڃي ٿو. آغا خان اول، اسماعيلين جو 46هون امام حسن علي شاهه، کيس 1866ع جي هڪ مشهور ڪيس جي سلسلي ۾ کي وارث (Varas) جي اعزاز سان نوازيو. هي سڀ تاريخي ڳالهيون آهن، جيڪي سائين الطاف شيخ وڏي محنت سان ڪنهن محقق جيان ڳولي انهن جي اوک ڊوک ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪيون آهن. اهو ٿاريا ٽوپڻ ئي آهي، جنهن جي يورپي ماڻهو تعريف ڪن ٿا، جو شيخ صاحب ٻُڌائي ٿو ته، ”هُن مشهور انگريز فزيشن ۽ آفريڪا جي اندروني حصن جي کوجنا ڪندڙ ڊاڪٽر ڊئوڊ لِوِنگ اسٽون جي زخمي ٿيڻ تي هن زئنزيبار پنهنجي گهر ۾ ڪيترا مهينا هن جي خدمت ڪئي، جنهن جو ذڪر H. M. Stanley پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. ٿاريا جو اهو گهر اڄ تائين موجود آهي ۽“House of Living Stone” سڏجي ٿو.
دل ته چئي ٿي ته هن ڪتاب مان موتي ميڙي ميڙي هن مهاڳ ۾ شامل ڪندو وڃان، پر ڪيترا موتي ميڙيان هي ڪتاب سڄو ئي سون ۽ موتين سان ڀريو پيو آهي، ڪهڙي هيري موتي، لعل جواهر جي ڳالهه ڪريان ۽ ڪتاب پڙهندڙن جي وچ ۾ ڪيترو حائل بڻجان! سو پڙهندڙ پاڻ هن هيرن کاڻ ڪتاب کي کولين، پڙهن ۽ مزو ماڻين.
آخري ڳالهه:
گلاب خان کان محمد صديق ’مسافر‘ تائين ۽ ’مسافر‘ سائينءَ کان مولا بخش ’وفا‘ ۽ ادي شيبا تائين، ڌڻي مٺو کيس جنت ۾ بهتر کان بهتر جاءِ عطا ڪري-آمين... شيدين ۽ ٻين مختلف ڪُٽنبن ۽ غلاميءَ ۽ غلامن سان ٿيندڙ ورتاءَ ۽ وارتائن بابت هيءُ ڪتاب ان حيثيت سان ڄڻ ته هڪڙو تاريخي ۽ اهم مسودو آهي. جنهن کي لکڻ يا ڪتابي صورت ڏيڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. هيءُ هڪڙو ڏکيو بلڪِ تمام گهڻو ڏکيو ڪم هيو، جيڪو اڳ پوءِ سائين الطاف شيخ ئي ڪري سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ جو هن پورهئي جا رُخ ڪيترائي آهن، جن کي ڪو تاريخ نويس يا محقق ان نموني قطعي نه پيش ڪري سگهي ها، جهڙي ريت يا جنهن اينگل کان الطاف سائينءَ هن کي پيش ڪيو آهي. سائين الطاف شيخ کي هي قيمتي پورهيو قلمبند ڪري پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائڻ تي آءٌ وري به جَسُ ڏيان ٿو. پاڻ جتي به هجن سُکيا ۽ آسودا هجن، ڪڏهن به کين ڪوسو واءُ نه لڳي، سندن ئي ڏاڏاڻڪي شهر جي وڏي خانوادي جي وڏي شاعر قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو دعائيه بيت سندن پيشِ خدمت آهي:
منهنجو ته وار وار، ٿو دم دم دعا ڪري،
ڪوسو لڳي نه واءُ، سڄڻ کي خدا ڪري.

فقير محمد ڍول

پيش لفظ

سنڌي سفرنامي جو سدا بهار ليکڪ الطاف شيخ


سفرنامو ڪنهن به ليکڪ جي سفر جو احوال ۽ کيس اُن سفر دوران پيش آيل تجربن ۽ مشاهدن جي اهڙي سچي ڪٿا هوندو آهي، جنهن ذريعي هُو پنهنجي پڙهندڙن کي مختلف ملڪن ۽ ماڳن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، لباس، کاڌن، وٽ واپار، سياسي، سماجي ۽ تعليمي حالتن سميت اُتان جي رهواسين جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ بابت ڄاڻ فراهم ڪندو آهي ۽ اها ڄاڻ ايتري ته دلچسپ ۽ ڀرپور انداز ۾ ڏنل هوندي آهي، جو پڙهندڙ خود پاڻ کي ليکڪ سان گڏ اهي ملڪ ۽ ماڳ اکين سان ڏسندي ۽ گهمندي محسوس ڪندو آهي ۽ اُن مان لڳ ڀڳ اهڙو ئي حظ حاصل ڪندو آهي، جهڙو اُن سفرنامي جي ليکڪ اُن سفر دوران حاصل ڪيو هوندو آهي. مٿي بيان ڪيل راءِ جي روشنيءَ ۾ جي ڏسجي ته الطاف شيخ سنڌي سفرنامي جو واحد ليکڪ آهي، جيڪو پنهنجن سفرنامن ۾ اهڙا جادوئي رنگ ڀري هڪ ڪامياب ۽ وڏي سفرناما نگار جي منصب تي پهتو آهي.
سنڌي سفرنامي جي شروعات بلاشڪ ته مرزا قليچ بيگ جي سفرنامي ’ڏاڙهياري جبل جو سير‘ کان ٿي آهي، پر اڄ ڏيڍ سئو سالن جو طويل سفر طئي ڪرڻ کانپوءِ ’زنجبار جهنگٻار‘ تائين پهچندي سنڌي سفرنامو جنهن نهج تي پهتو آهي، ان کي اهو اوج ۽ عروج بخشڻ وارو فقط الطاف شيخ ئي آهي، جنهن هڪ سئو کان مٿي سفرناما لکي سنڌي سفرنامي کي هڪ مقبول ۽ مضبوط ادبي صنف بڻائي ڇڏيو آهي.
الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سڀاڳو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي نوڪريءَ دوران دنيا جا تقريباَ سمورا ملڪ نه رڳو گهميا آهن، پر انهن بابت سفرناما لکي سنڌي ادب جي جهول ۾ املهه ڪتابن جو اضافو پڻ ڪيو آهي، پاڻ نه رڳو سفرناما لکيا اٿس پر گڏوگڏ ڪيترن ئي نوجوانن جي من ۾ اُهي ملڪ گهمڻ لاءِ اتساهه پڻ پيدا ڪيو آهي، اڄ ڪيترائي نوجوان سندس تقليد ڪندي ۽ کانئس متاثر ٿي، دنيا جا مختلف ملڪ گهمڻ لاءِ نه صرف وڃي رهيا آهن پر انهن ملڪن بابت سفرناما ۽ سفري ڊائريون لکي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جو تت پيش ڪري رهيا آهن، تنهنڪري بنا وڌاءُ جي چئي سگهجي ٿو ته سفرنامي کي سنڌي ادب ۾ جيڪا پذيرائي ۽ مڃتا ملي رهي آهي، ان پٺيان الطاف شيخ جو ئي هٿ آهي. الطاف شيخ جا سفرناما معلومات جو مها ساگر ۽ ڄاڻ جو اهڙو اڻ کٽ خزانو آهن، جنهن ۾ وندر ۽ ورونهن سان گڏ پڙهندڙن لاءِ اُهو سڀ موجود هوندو آهي، جنهن کي پڙهڻ لاءِ سندس ذهن هميشه متلاشي هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو 50 سالن کان وڌيڪ عرصو لکندي گذري وڃڻ باوجود سندس تحريرن ۾ نواڻ ۽ تازگي اڃا به برقرار آهي، جنهنڪري سندس مقبوليت ۾ نه ڪمي آئي آهي، نه وري پري پري تائين اُن ۾ ڪميءَ جو ڪو امڪان نظر اچي ٿو. هو سنڌي سفرنامي جو اهڙو سدا بهار ليکڪ آهي، جنهن جي فن تي ڪڏهن به زوال اچڻو ناهي.
الطاف شيخ پنهنجي ڪم ۽ مستقل مزاجيءَ سبب سنڌي سفرنامي جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. جيتوڻيڪ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن سنڌي سفرنامي جي ميدان ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي پر بحيثيت سفرناما نگار الطاف شيخ جو ڪم هن شعبي ۾ ايڏو وسيع ۽ معياري آهي، جو جڏهن به سنڌي سفرنامي جو ڪٿي ذڪر ٿئي ٿو ته بيساخته هانءَ تي الطاف شيخ جو ئي نالو هُري اچي ٿو، اها سندس فن جي ڪماليت ئي چئجي جو ايڏو عرصو گذرڻ باوجود نه سندس لکڻ جي رفتار ۾ فرق آيو آهي نه وري سندس پڙهندڙن جي تعداد ۾ ڪا ڪمي آئي آهي. هو پنجاهه سال پهرين به گهڻو پڙهيو ويندو هو ۽ اڄ به گهڻو پڙهيو ويندو آهي. هُو ’پنجاهه سال پهرين به بيسٽ سيلر هو، اڄ به بيسٽ سيلر آهي.‘
الطاف شيخ جي سفرنامن جي مقبوليت جا جتي ٻيا ڪيترائي اهم سبب آهن، اُتي هڪ هي سبب به اهم آهي ته، هن سفرناما ڪڏهن به پنهنجي ذات جي تشهير لاءِ نه لکيا آهن. عام طور ٿيندو ائين آهي ته ڪو ماڻهو ڪٿي گهمڻ ويندو آهي ۽ موٽ ۾ ڪا تحرير لکندو آهي ته ان ۾ سندس ذات سِٽَ سِٽَ ۾ پئي نظر ايندي آهي ته مون هي ڪيو يا مان هن اهم شخصيت سان مليس يا مون هي شاپنگ ڪئي يا مون هي ڏٺو وغيره. پر الطاف شيخ وٽ قصو ئي مختلف آهي، هن ڪڏهن به سفرناما پنهنجي ذات جي مشهوري ۽ پذيرائي لاءِ نه لکيا آهن، هن سفرناما صرف پڙهندڙن تائين معلومات جي منتقليءَ لاءِ لکيا آهن، کيس جتي جتي محسوس ٿيو آهي ته هن معلومات مان منهنجي پڙهندڙن کي ڪو فائدو پهچي سگهي ٿو يا هي معلومات اهم آهي ۽ منهنجي پڙهندڙن تائين پهچڻ گهرجي ته هُن اُن کي ترجيح ڏني آهي ۽ پنهنجي ذات کي هميشه پاسي تي رکيو آهي. ان ڪري ئي ماڻهو سندس سفرنامن کي دلچسپي ۽ چاهه سان پڙهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي کين معلوماتي هجڻ سان گڏ پنهنجي دل جي وڌيڪ ويجهو محسوس ٿين ٿا ۽ ڪنهن به ليکڪ جي ڪاميابيءَ جو ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو سرٽيفڪيٽ ٿي ئي نٿو سگهي ته سندس تحريرن کي پڙهندڙ پنهنجي دل جي ويجهو يا پنهنجي جذبن جي ترجماني سمجهن.
الطاف شيخ جي سفرنامن جي پڙهندڙن جو دائرو ٻارن، نوجوانن ۽ ٻُڍن تائين ڦهليل آهي، سندس سفرنامن ۾ هر عمر جي ماڻهن جي دلچسپي ۽ وندر جو ڪونه ڪو پهلو ضرور موجود هوندو آهي. الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ نهايت سليس ۽ سادي ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن لاءِ حيرتن جي جهان جا دروازا ائين هڪ هڪ ڪندو کوليندو ويندو آهي جيئن هڪ ماهر ڪپڙي وارو، نفاست سان رنگين ڪپڙي جا مختلف تاڪيا کوليندو ڏسندڙن کي حيران ڪندو ويندو آهي، کيس جيڪڏهن ڪنهن شهر بابت پڙهندڙن کي سمجهائڻو هوندو آهي يا ڪنهن روڊ رستي بابت پڙهندڙن کي ٻڌائڻو هوندو آهي ته ان کي پنهنجي اباڻي وطن سنڌ جي ڪنهن شهر يا روڊ رستي سان ڀيٽ ڏئي اهڙو سهل ڪري سمجهائيندو آهي جو پڙهندڙن کي اُهو سفر يا روڊ رستو ڪنهن حسين ياد جيان دل تي نقش ٿي ويندو آهي ۽ کين گمان ئي نه ٿيندو آهي ته هو ڪنهن ڌارئي ملڪ جي شهر يا روڊ رستي بابت پڙهي رهيا آهن يا پنهنجي وطن جي ڪنهن شهر يا روڊ رستي بابت پڙهي رهيا آهن.
الطاف شيخ جو پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو عالم به مثالي آهي، هو سفرنامو ڪهڙي به ملڪ جو لکي پر ان ۾ سنڌ جي ماڳن مڪانن، شهرن، جاين، شين ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪندي ضرور نظر ايندو. اهو سڀ هو پنهنجي وطن سان بيمثال محبت سبب ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته ان سفرنامي مان اوپرائپ وارو ماحول ختم ٿي ويندو آهي ٻيو ته پنهنجن ماڳن، مڪانن جو ذڪر هجڻ ڪري پڙهندڙن جي اُن ۾ دلچسپي پڻ وڌي ويندي آهي.
الطاف شيخ جو اوهان جي هٿن ۾ موجود ’زنجبار جهنگٻار‘ نالي هي ڪتاب سندس تنزانيا جو سفرنامو آهي، جيڪو هن منهنجَي ۽ ڀيڻ شيبا منير قمبراڻي (مرحومه) جي اصرار تي تحرير ڪيو آهي. اسان پنهنجي وڏڙن کان ننڍپڻ ۾ جڏهن پنهنجي اصل وطن بابت پڇندا هئاسين ته اُهي ٻڌائيندا هئا ته اسان جا ابا ڏاڏا زنجبار جا هئا ۽ صديون اڳ عربن ملڪن مان ٿيندا سنڌ پهتا هئا. گهڻو پوءِ محمد صديق مسافر جي آتم ڪٿا مان پڻ جڏهن ان ڳالهه جي تصديق ٿي ته اسان جو تجسس تهائين وڌي ويو هو ۽ دل چاهيندي هئي ته سنڌيءَ ۾ ڪو اهڙو ڪتاب موجود هجي جنهن ۾ زنجبار جي باري ۾ تفصيل ملي سگهي پر هميشه ورق گرداني ڪرڻ کان پوءِ مايوسي پلئه پوندي هئي.
08-2007ع ۾ جڏهن ’امرتا پبليڪيشنس‘ ۾ ڪم دوران الطاف شيخ صاحب سان ويجهڙائي جو موقعو مليو ته مون کيس گذارش ڪئي ته اوهان سڄي دنيا جي ملڪن بابت سفرناما لکيا آهن پر زنجبار بابت اڃا تائين ڪجهه نه لکيو آهي جنهن بابت پڙهڻ لاءِ سنڌ ۾ موجود ڪاري نسل جا ماڻهو اشتياق رکن ٿا، پاڻ موٽ ۾ چيائون ته آئون ضرور لکندس پر جيئن ته پاڻ اُن وقت هندستان جو سفرنامو لکي رهيو هو ۽ گڏوگڏ ڪجهه ٻين سفرنامن تي ڪم ڪري رهيو هو، تنهنڪري ’ڳالهه آئي وئي‘ ٿي وئي، وقت گذرندو رهيو. الطاف شيخ صاحب جا مختلف ڪتاب ڇپجندا رهيا. ان دوران منهنجي ساڻس ڪنهن ادبي پروگرام ۾ روبرو ملاقات ٿيندي هئي يا فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ته آئون کيس پنهنجو پراڻو مطالبو ياد ڏياريندو هئس ۽ هو هري هري خاطري ڪرائيندو هو ته هو ضرور لکندو. 2015 يا 2016ع هو جو پاڻ فون تي اطلاع ڏنائون ته پاڻ زنجبار جو سفرنامو لکڻ شروع ڪري ڇڏيو اٿن، ان لاءِ کيس ڪجهه ڪتابن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اُهي مون وٽ موجود هجن ته آئون کيس موڪليان. کيس گهربل ڪتاب مون ۽ ڀيڻ شيبا هٿ ڪري پوسٽ ذريعي موڪلي ڏنا. الطاف شيخ صاحب سفرنامو لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ اسان پنهنجن ڪمن ڪارين ۾. ان دوران ڀيڻ شيبا به زندگيءَ جي جنگ هارائي راهه رباني ورتي. 2020ع ۾ پاڻ اطلاع ڏنائون ته، ”سفرنامو مڪمل ٿي ويو آهي، ان جي خوشخبري توکي ۽ شيبا کي ڏيڻ ٿو چاهيان.“ مون سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس ڀيڻ شيبا جي گذاري وڃڻ جي خبر ٻڌائي، جنهن تي پاڻ افسوس جو اظهار ڪيائين.
بهرحال هن پنهنجو واعدو پورو ڪندي زنجبار جو سفرنامو مڪمل ڪري ورتو آهي، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن سفرنامي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هن جيڪا تحقيق ۽ جاکوڙ ڪئي آهي، اُها قابلِ داد آهي. سندس سفرنامن مان هي سفر نامو ان ڪري به وڌيڪ اهميت ۽ افاديت وارو آهي، جو هن ۾ سفري احوال سان گڏ زنجبار، اسٽون ٽائون، دارالسلام مطلب ته اڄوڪي تنزانيا ۽ ان جي پسگردائيءَ جي تاريخ به ڏنل آهي، هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ صاحب تنزانيا سان لاڳاپيل هر شيءِ جو احوال تفصيل سان ڏنو آهي، هُن جتي غلامن جو ڪاروبار جا تفصيل ۽ سبب ڏنا اُتي ان ڪاروبار ۾ ملوث عماني سلطانن کان وٺي مقامي شيدي سردارن جو پڻ تفصيل ڏنو آهي ۽ اهو پڻ بيان ڪيو آهي ته غلامن جي وڪري واري ڪاروبار ۾ نه رڳو عام شيدين پر پڙهيل لکيل عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف کي به قيد ڪري وڪرو ڪيو ويو ۽ هڪ شهزادي کي غلام بڻايو ويو، جيڪو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پنهنجي منصب تي فائز ٿيڻ وارو هو.
غلامن جي وڪري جي ان ڪاروبار ۾ غلامن سان جيڪي عقوبتون ۽ جٺيون ٿيون، ڪيئن انهن کي Slave Chambers ۾ رکيو ويندو هو، يا کين ڪئين ڦٽڪا هڻي زخمي ڪيو ويندو هو يا سندن چرٻي ڪڍڻ لاءِ کين گرم تيل جي ڪڙهاين مٿان ٽنگيو ويندو هو يا کين پڪڙڻ لاءِ رات جي وڳڙي ۾ سندن گهرن کي باهيون ڏئي سندن ٻچن ٻارن کي دربدر ڪيو ويندو هو، ان جو تفصيل ايڏو ته دردناڪ انداز ۾ الطاف شيخ صاحب بيان ڪيو آهي جو اهو سڀ پڙهندي حساس دل ماڻهوءَ جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. ليکڪ پاڻ به اهو سڀ بيان ڪرڻ دوران هر حساس دل ماڻهوءَ وانگر ان تي ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪرڻ کان پاڻ کي بچائي نه سگهيو آهي. هن نه رڳو ان عمل کي بار بار ننديو آهي پر ان ڪاروبار ۾ ملوث زنجبار جي حڪمرانن عماني سلطانن جي ان عمل تي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي. جيڪو عمل سندس انسان دوستيءَ واري پهلوءَ کي واضح ڪري ٿو. هن سفرنامي ۾ غلامن جي ذڪر دوران اهڙا جذباتي منظر به ڏيکاريل آهن، جيڪي هن سفرنامي کي ايرڪ ڪارڊر جي غلامن بابت لکيل ناول ’Slave Ship‘ کان مٿانهون ڪري بيهارين ٿا.
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ صاحب زنجبار مان دنيا جي مختلف ملڪن خاص طور آمريڪا، عمان ۽ برصغير جي مختلف علائقن ڏانهن غلامن جي صورت ۾ وڪرو ڪيل ’شيدين‘ جو پيرائتو احوال ڏنو آهي ۽ گڏوگڏ سنڌ ۾ پهتل غلامن مان محمد صديق مسافر ۽ ان جي والد بلال عرف گلاب ۽ هالا ۽ ٽنڊو قيصر ۾ رهندڙ پنهنجي ڪجهه واقفڪار شيدي مردن ۽ عورتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ان کان علاوه هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ صاحب برصغير جي ماڻهن خاص طور بوهريُن، اسماعيليُن ۽ ميمڻن جي تنزانيا جي مختلف شهرن تائين پهچڻ، اُتي ڪاروبار ڄمائڻ ۽ فلاحي ڪمن ذريعي تنزانيا جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هو اسان کي هن سفرنامي ۾ ٻڌائي ٿو ته ڪيئن خواجن، بوهرين ۽ ميمڻ ڏکيا سفر ڪري ممباسا ۽ دارالسلام پهچي نه رڳو ايمانداري ۽ محنت سان ڪاروبار ۾ نالو ڪڍيو پر هتي تعليمي ادارن ۽ فلاحي اسپتالن جو ڄار وڇائي هن خطي جي رهواسين جي خدمت ڪئي ۽ ان حوالي سان ’آفريڪا کي ڪن ٺاهيو ۽ ڪن ڊاهيو‘ جي عنوان هيٺ آفريڪا کي اڏيندڙن ۽ ان کي تباهه ڪندڙن جو ذڪر ڪيو آهي. هُن هِن سفرنامي ۾ زنجبار تي حڪومت ڪندڙ عماني سلطانن جي ترتيب وار فهرست پڻ ڏني آهي.
الطاف شيخ صاحب جتي غلاميءَ سميت هن خطي ۾ رائج خراب رسمن تي تفصيلي روشني وڌي آهي، اُتي هتان جي سٺين ڳالهين کي پڻ ساراهيو آهي، هُن هتان جي شهرن جي خوبصورتي ۽ ماڻهن جي محنت، سٺي انگريزي ۽ ٻين چڱين ڳالهين جو ذڪر کُلي دل سان ڪيو آهي ۽ اهو اعتراف پڻ ڪيو آهي ته تنزانيا ڪيترين ڳالهين ۾ اسان کان ڪافي بهتر آهي، هن هتان جي آبهوا، ريتن رسمن، هوٽلن، تعليمي ادارن، اسپتالن، گهمڻ وارين جاين سميت سفر جي ذريعن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي ۽ ان پاسي گهمڻ ويندڙ سياحن ۽ جهازين لاءِ ڪارائتيون صلاحون به ڏنيون آهن. شايد ئي ڪو اهڙو پاسو هجي، جيڪو کائنس بيان ڪرڻ کان رهجي ويو هجي.
الطاف شيخ صاحب پڙهندڙن کي وندرائڻ لاءِ ۽ سندس موڊ مٽائڻ لاءِ ’نيڻ توڏي کنيم تون، لهر ٿي وئينءَ‘، ’عرب شهزاديءَ جي ڪهاڻي‘، ’زئنزيبار جي حبشڻ جو اڦراٽو‘، ’هڪ مڇر پهلوانن کي ماري ڇڏيو‘ ۽ ’هڪ سنڌي خوجو ۽ سندس هزار کان مٿي پوٽاڻ ڏهٽاڻ‘ جهڙا دلچسپ عنوانن وارا مضمون پڻ هن سفرنامي ۾ شامل ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن کي خوشگواريت جو احساس ڏين ٿا، هن سفرنامي جي مطالعي مان تو پوي ٿو ته مڪران، گوادر، ٺٽي، بدين توڙي گجرات جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ سورت ۾ جيڪي شيدي قبيلي جا ماڻهو آباد آهن ۽ هتان جي مقامي ماڻهن سان ملي انهن جي ثقافت اختيار ڪرڻ سبب بلوچي، سنڌي، ڪڇي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا، اهي زنجبار کان غلامن جي صورت ۾ انهن علائقن ۾ پهتا ۽ اُتي ضم ٿي ويا.
الطاف شيخ صاحب ’زنجبار جهنگٻار‘ نالي هي سفرنامو لکي ۽ ان جي ارپنا هالا جي شيدي ڪميونٽيءَ جي لوڪ فنڪارائن آمون، قدم ۽ گلزار جي نالي ڪري سنڌ ۾ رهندڙ شيدي ڪميونٽيءَ کي نه رڳو باضابطا طور ’رڪگنائيز‘ ڪيو آهي، پر اُن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو آهي، آئون سندس ان عمل تي سندس سنڌ ۾ رهندڙ شيدي ڪميونٽيءَ طرفان نه رڳو ٿورائتو آهيان پر اهڙو شاندار سفرنامو لکي تنزانيا جي تاريخ کي سنڌيءَ ۾ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ تي کيس مبارڪباد پڻ پيش ڪريان ٿو.

وفا مولابخش
wafamolabux312@gmail.com
2021-4-10
حيدرآباد

ليکڪ طرفان

ڪتاب “زنجبار جهنگٻار” لکي مڪمل ڪيو اٿم. لکڻ لاءِ ڳالهيون ته اڃان به گهڻيون ئي آهن پر هن ڪتاب کي وڌيڪ ٿلهو نٿو ڪرڻ چاهيان. هي ڪتاب مختلف وقتن تي مختلف حصن/ چئپٽرن ۾ لکيو اٿم ان ڪري (۽ هونءَ به ڪٿي ڪٿي ته مون ڄاڻي ٻجهي) ڪجهه نالن، سَنن ۽ ڳالهين جي مختصر repetition ڪئي آهي. منهنجو ته انهن ڳالهين سان واسطو هجڻ ڪري ۽ آفريڪا جي انهن بندرگاهن ۾ بار بار وڃڻ ۽ اتي جي حاڪمن/ سلطانن جا نالا ٻڌڻ ڪري مون کي ته ياد ٿي ويا آهن پر پڙهندڙن کي ته يڪدم ياد نه رهندا. خاص ڪري ان پڙهندڙ کي جيڪو هي ڪتاب وچان وچان پڙهڻ چاهي ٿو. اهڙن پڙهندڙن لاءِ منهنجي هن قسم جي ڪٿي ڪٿي معمولي repetition ڪري آساني رهندي.
هي ڪتاب ڇا بابت آهي؟ اهو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهان... بس سمجهو ته سفرنامو به آهي ته يادگيريون به آهن. تاريخ به آهي ته ٿوري گهڻي جاگرافي ۽ معلومات به، اسان جي کنڊ جي تاجرن جو ڏورانهين ڏيهه ۾ وڃي واپار ڄمائڻ جي بهادري ۽ سخاوت جون ڳالهيون آهن ته صدين تائين آفريڪا جي ڪارن ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ غلاميءَ جا غمگين داستان ۽ حيرت انگيز واقعا به آهن.
هن ڪتاب لکڻ لاءِ مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٻن شاگردن: مولا بخش “وفا” قمبراڻيءَ ۽ سال ٻه هن کان جونيئر مِس شيبا منير قمبراڻيءَ ڪافي همٿايو. هنن چاهيو ٿي ته آئون ان ملڪ جو سفرنامو لکان جتان هنن جا وڏا غلام بڻجي سنڌ ۾ آيا. خاص ڪري هنن جو هڪ عزيز ۽ (هوش محمد شيديءَ وانگر سنڌ جي اهم شخصيت) محمد صديق “مسافر” جو والد صاحب بلال شيدي (گلاب) - جيڪو اغوا ٿيڻ بعد زئنزيبار جي “غلام منڊي” ۾ وڪرو ٿيڻ مهل فقط ڇهه سالن جو ٻار هو. هن غلام جي فرزند - مرحوم محمد صديق “مسافر” کي آئون به پنهنجو استاد سمجهان ٿو جو مون هن جو لکيل جاگرافيءَ جو ڪتاب نه فقط ننڍپڻ ۾ پڙهيو پر پوءِ جهاز جي نوڪريءَ دوران به ان ڪتاب کي هميشه پاڻ سان رکيو.
مولا بخش ۽ شيبا جيڪي مون کي سالن جا سال هي سفرنامو لکڻ لاءِ چوندا رهيا، اهي پاڻ ۾ ڪزن ٿين پر سندن ڳوٺ مختلف آهن. مولانا بخش حيدرآباد جي ڀر واري ڳوٺ ڀينڊو شريف ۾ 1980ع ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب گل محمد قمبراڻي ۽ ڏاڏو نوح فقير رازڪو ڪم ڪندا هئا. مولا بخش کي ننڍپڻ کان پڙهائيءَ جو شوق هو ۽ هن همٿ ڪري مئٽرڪ ۽ انٽر ڀر واري ڳوٺ “موري منگر” مان ڪري ورتي. هو ٻڌائي ٿوته ان ڳوٺ جو “شيخ حافظ هائر سيڪنڊري اسڪول” عبرت ۽ آفتاب اخبار جي مشهور ايڊيٽر علي محمد شيخ ٺهرايو جنهن جو پهريون هيڊماستر سنڌ جو مشهور ٽيچر بالادي صاحب ٿي رهيو.
غربت ڪري مولا بخش ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي جيتوڻيڪ همت نه هئي پر هو بي اي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جو ڪريڊٽ هو اسان جي مشهور صحافي نياز پنهور کي ڏيڻ چاهي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته فيءَ جا پئسا نه هجڻ ڪري هن ڪاوش اخبار ۾ اچي نوڪري ڪئي جتي نياز پنهور به آنرري ڪم ڪيو ٿي. هو انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي واري سچل ڪاليج ۾ پروفيسر هو. نياز پنهور ڪاوش جي ايڊيٽر علي قاضيءَ کان مولا بخش لاءِ آسان قسطن تي قرض وٺرائي هن کي پنهنجي ڪاليج ۾ داخلا ڏياري. بي اي بعد نياز صاحب جي صلاح سان مولا بخش نوڪري ڇڏي سنڌ يونيورسٽيءَ جو فل ٽائيم شاگرد ٿيو ۽ 2008ع ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ ڪجهه سال نوڪري ڪئي. هاڻ 2014ع کان سنڌ ڪاليج آف ڪامرس (سٽي ڪاليج بلڊنگ) ۾ پروفيسر آهي. پاڻ سٺو شاعر به آهي ۽ تخلص ’وفا‘ آهي. سندس گهرواري اقرا قمبراڻيءَ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪامرس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ هاڻ محمد علي جناح يونيورسٽي مان Management ۾ ايم ايس ڪري رهي آهي.
شيبا قمبراڻي جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ۽ MBA ڪئي اها محمد صديق مسافر جي ڳوٺ ٽنڊوباگو جي آهي، جتي هن 1982ع ۾ جنم ورتو. سندس والد بالو قمبراڻي PIA ۾ اسٽيشن مئنيجر ٿي رهيو. تعليم بعد شيبا زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ نوڪري شروع ڪئي. ان بعد بدين جي انڊس هاسپيٽل جي HR (هيومن رسورسز) ۾ نوڪري ڪئي. سندس گهر وارو منير قمبراڻي بدين جي ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
مولا بخش وانگر شيبا به گذريل ڏهه ٻارهن سالن کان مون کي هن قسم جي ڪتاب لکڻ لاءِ چوندي رهي. ڪتاب مڪمل ٿيڻ تي خوش ٿي مولا بخش کي فون ڪيم ته ڪتاب مڪمل ٿي ويو آهي، شيبا کي به ٻڌايان ٿو. هو لمحو ٻه خاموش رهيو. مون سمجهيو ته فون ڪو ڪٽجي ويو آهي. منهنجي هيلو ڪرڻ تي هن ڏک جي خبر ٻڌائي ته شيبا کي ته گذاري سال کان مٿي ٿي ويو آهي. هوءَ سهانجي (ڊليوري ڪيس) ۾ وفات ڪري وئي. ظاهر آهي مون کي به ڏک ٿيو ۽ هي سٽون لکڻ ويٺو آهيان. هن جو مون تي اهو به ٿورو آهي جو هوءَ محمد صديق مسافر جا سمورا ڪتاب جتان جتان مليس ٿي مون ڏي موڪليندي رهي ٿي. جيڪو ڪتاب نٿي ملي سگهيس اهو لئبريري مان وٺي پنهنجي خرچ تي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي موڪليو ٿي. هڪ ڏينهن سڀني کي هي جهان ڇڏڻو آهي پر سندس ننڍي عمر ۾ هليو وڃڻ، دلي ڏک جو باعث آهي. دعا آهي ته رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس ٻارن لاءِ آسانيون ڪري. شيبا کي چار ٻار آهن: سراج منير جيڪو ٻارهين ڪلاس ۾ آهي. ان بعد ڌيءَ انشراع، پوءِ پٽ بن يامين ۽ ارڙهن مهينن جي مسفراع جنهن جي ڊليوريءَ دوران ماءُ (شيبا) گذاري وئي.
هن ڪتاب جو نالو زنجبار جهنگٻار سوچيو اٿم. ڇپجڻ ۾ اڃان ٿي سگهي ٿو سال کن لڳي وڃي جو هن ڪتاب جي اڳيان منهنجا چار سفرناما پيڪاڪ پبلشرس وٽ ڇپجڻ لاءِ قطار ۾ آهن. ان دوران ٿي سگهي ٿو مون کي يا پبلشرس کي اڃان ڪو ٻيو بهتر نالو سُجهي اچي. بهرحال نالو ڪهڙو به ٿئي پر هن ڪتاب ۾ گهڻو تڻو احوال زئنزيبار جو آهي. زئنزيبار ۾ ٽي سرڪاري ٻوليون آهن: انگريزي، سواحلي ۽ عربي. سواحلي ۽ انگريزيءَ ۾ هن ٻيٽ نما ملڪ جو نالو ”زئنزيبار“ آهي. عربيءَ ۾ ”زنجبار“ سڏين ٿا، جنهن نالي تان ئي انگريزن زئنزيبار نالو رکيو. دراصل عربي نالو زنجبار فارسي نالي زنگبار مان ٺهيو آهي. هن ٻيٽ تي عربن کان به گهڻو اڳ ايرانين جو- خاص ڪري شيراز صوبي جي ماڻهن جو اچڻ ٿيو جن هتي ڪاري رنگ جا ماڻهو ڏسي نالو رکيو زنگبار. فارسيءَ ۾ زنگ معنيٰ ڪارو ۽ بار معنيٰ ڪنارو (Coast)- يعني ڪارن ماڻهن جو سمنڊ يا ڪارن ماڻهن جي جاءِ! بعد ۾ نه فقط عمان ۽ ٻين عرب ملڪن جا واپاري آيا پر هن تي عماني عربن جو قبضو ٿي ويو، جيڪي پهرين پنهنجي ملڪ عمان جي شهر مسقط ۾ ويهي زئنزيبار سلطنت جو ڪاروبار هلائڻ لڳا پر پوءِ ٻئي سلطنتون الڳ الڳ ڪري هڪ ڀاءُ عمان جو سلطان ٿي ٿيو ته ٻيو ڀاءُ زئنزيبار جو. عربن جو زئنزيبار تي وڏو عرصو قبضو رهيو ان ڪري آخري ٻه صديون عرب واپاري ۽ (ننڍي کنڊ جا واپاري پڻ) تمام گهڻو آيا. ايتريقدر جو اڄ واري ڪينيا، تنزانيا وغيره جي ڪنارن وارن علائقن ۽ زئنزيبار ۾ رهندڙ مقامي آفريڪن (شيدين) جي اصلي بنتو قسم جي ٻوليءَ ۾ ايترا ته عربي، فارسي ۽ هندي اردو ۽ گجراتيءَ جا لفظ اچي ويا جو ڪراچيءَ جي مڪرانين جي اردو وانگر هنن جي ٻولي مڪسچر ٿي پئي جيڪا سواحلي، يعني ڪناري واري ٻولي سڏجڻ لڳي. “سواحلي” لفظُ پڻ عربيءَ جي لفظ ’ساحل‘ يعني ’ڪناري‘ مان جڙيو آهي.
عربن ايرانين جي رکيل نالي زنگبار کي بدلائڻ نٿي چاهيو. هنن لاءِ هن ملڪ جو اهو ئي نالو هو پر هنن کان اچاريو نٿي ٿيو جو عربيءَ ۾ گ جو اچار ناهي. جيئن هو گيلانيءَ کي جيلاني سڏين ٿا. حقيقت ۾ صحيح نالو گيلاني آهي يعني گيلان شهر جا رهڻ وارا- جيئن يزداني، شيرازي، ڪرماني وغيره جيڪي يزدان، شيراز ۽ ڪرمان جا رهاڪو آهن ۽ انهن شهرن وانگر گيلان به ايران جو صوبو آهي. پر عربن لاءِ گ جو اچار مشڪل آهي ان ڪري هو زنگبار کي زنجبار سڏڻ لڳا ۽ عربن جي گهڻائي ۽ حڪومت هجڻ ڪري زنجبار وڌيڪ مشهور ٿي ويو.
ان تان مون کي ياد آيو ته سامونڊي نوڪري دوران سعودي عرب، ڪويت ۽ عرب امارتن جي بندر گاهن ۾ جڏهن به اسانجو جهاز لنگرانداز ٿيندو هو ته بندرگاهه کان ٻاهر نڪرڻ واري پاس ٺهڻ ۾ مون لاءِ هميشه مسئلو ٿيندو هو جو اهي پاسون سندن مقامي ٻولي عربيءَ ۾ ٺهنديون هيون ۽ منهنجي ولديت لکڻ ۾ هو منجهي پوندا هئا ته گل محمد ڪيئن لکجي. پوءِ ڪڏهن “جل محمد” لکندا هئا ته ڪڏهن “قل محمد” ساڳي وقت ايران ۾ ڪڏهن به مسئلو نه ٿيو جو “گل” لفظ ئي فارسيءَ جو آهي.
زئنزيبار صدين تائين غلامن جي منڊي رهيو جتان لکين غلام هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن: هند، سنڌ، ملايا، عمان، عربستان، ايران- ويندي ترڪي موڪليا ويا ٿي، جن جو اولاد اڄ به انهن ملڪن ۾ رهي ٿو. هو جڏهن مختلف ملڪن ۾ وڪرو ٿي ويا ٿي ۽ غلامي دوران هنن جڏهن اتي جي مقامي ٻولي: عربي، ملئي، تامل، فارسي، گجراتي يا سنڌي سکي ٿي ۽ اتي جي ماڻهن هنن کان پڇيو ٿي ته توهان ڪٿان آيا آهيو ته هنن زئنزيبار مقامي ٻولي جي ٽون ۾ ٻڌايو ٿي... يا کڻي صحيح به اچاريو ٿي پر مقامي ماڻهن ان کي پنهنجي ٻوليءَ جي اچارن ۾ رنگيو ٿي جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ اهو نالو جهنگٻار اچاريو ويو ٿي. جڏهن محمد صديق مسافر جو والد بلال (گلاب) يا ٻيا سنڌ ۾ آيا هئا ته ان وقت ڪنهن جي ايڏي معلومات نه هئي ته زئنزيبار جي جاگرافي تاريخ ڇا آهي؟ آئون ستين ڪلاس ۾ هوس ته پنهنجي ڪلاس ميٽ رئيس نور احمد نظاماڻيءَ وٽ سندس ڳوٺ ٽنڊو قيصرويو هوس. هنن جي گهٽيءَ ۾ مون کي ٻه پوڙها شيدي مليا جن لاءِ نور احمد ٻڌايو ته هي ڊائريڪٽ آفريڪا کان آيا آهن. اڄ ٿو سوچيان ته اهي ڊائريڪٽ آيل کڻي نه هجن جو انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد سنڌ ۾ غلام رکڻ يا انهن جي خريد و فروخت تي بندش هڻي ڇڏي هئي. پر اهو به آهي ته بندش جي باوجود اسان ڏي يا آمريڪا ڏي لڪ چوريءَ آفريڪا کان غلام سمگل ٿيندا رهيا ٿي. هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو اٿم ته 1920ع ۾ غلامن جو آخري جهاز انگريزن گرفتار ڪيو هو. سو ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻه ڄڻا جن سان منهنجي ٽنڊو قيصر ۾ ملاقات ٿي اهي سڌو آفريڪا کان آيل نه هجن پر هو پهرين ٽهيءَ جا ٿي سگهيا ٿي جن جا پيئر کنڀجي هتي آيا ۽ هنن انهن کان معلوم ڪيو هجي ته هنن جا وڏا ڪٿان کان آيا. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻنهي اهوئي چيو ته هو جهنگٻار جا آهن. سنڌ ۾ غلامن جي گهڻائي زئنزيبار کان آئي ٿي. پر ڪجهه غلام ”ممباسي“ سڏبا هئا، جيڪي ممباسا بندرگاهه کان ٺٽي پهتا ٿي.
ٽنڊو قيصر واري ڳالهه ته ٿي 1958ع جي جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ويو هوس جتي نور احمد نظاماڻي به هو (يعني عارضي طور ميرپورخاص ۾). 1969ع ۾ يا شايد 1970ع ۾ جڏهن جهازي نوڪري جي سلسلي ۾ آئون پهريون دفعو زئنزيبار (زنجبار) ويس ته اتي جي هڪ ماتلي (يا شايد تلهار) پاسي جي هڪ سنڌي خوجي منهنجي حيرت کائڻ تي ته “هتي زئنزيبار ۾ ڪارا شيدي ته گهٽ ٿا نظر اچن پر يورپي گورا ۽ اسان جا انڊين ۽ عرب گهڻا آهن”، هن وراڻيو ته هي زنجبار نه رهيو آهي (يعني ڪارن ماڻهن جو ملڪ نه رهيو آهي) ۽ پوءِ ٻهراڙي واري علائقي جي جهنگل ڏي هٿ ڦيرائي چيو ته “ها البته هي اڃان جهنگبار” ضرور آهي.
هاڻ ٿو ڏسان ته زئنزيبار جهنگبار به نه رهيو آهي. جهنگل ٻيلا ته ڪٽجي ويا آهن پر ڪيترن جاگيردار عربن ۽ کوجن، بوهرين پنهنجي لونگن جي فصل تي به نين آبادين لاءِ ڪنسٽرڪشن ۽ ڪمرشل مارڪيٽون ٺاهي ڇڏيون آهن. سو توهان کي اڄ به سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ اهڙا شيدي به ملندا، جيڪي اڻپڙهيل هجڻ ڪري اڄ به پنهنجو اصل وطن زنجبار بدران جهنگبار ٻڌائين.
آفريڪا جي اولهه ڪناري کان کنڀيل قيدي جيڪي آمريڪا ڏي ويا ٿي، انهن سان انهن جي خريدارن هيڪاندا وڏا ظلم ڪيا. هنن سان هنن جي مالڪن جانورن کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ ڪيو. غلامي غلامي آهي، چاهي ڪنهن کي سوني جي پڃري ۾ رکيو وڃي، پر وري به سنڌ ۾ جن به غلام رکيا، اهي چاهي مير، پير، وڏيرا جاگيردار هئا يا غلام عليءَ جهڙا ٺٽي جا سنگتراش هئا، گهڻي ڀاڱي اسان جي سنڌي مالڪن آفريڪا کان آيل هنن شيدي غلامن سان پنهنجي اولاد وارو رويو رکيو ٿي. مڃان ٿو ته ٽنڊي باگي ۾ محمد صديق مسافر جي والد گلاب کان واٽر ڪورس ۾ مڇي ڌوئيندي ترڪي وڃڻ تي سندس مالڪ غلام علي سنگتراش ٻار کي ٿڦڙون هنيون ۽ دڙڪا ڏنا پر ڏٺو وڃي ته ان ۾ هن جي گهڻي سوچ اها نه هئي ته هو ڪارو آهي. سنگتراش طبيعت ۾ ڪاوڙ وارو ماڻهو هو. گلاب واري غلطي هن جو سڳو پٽ ڪري ها ته هو ان کي به موچڙا هڻي ها. ان هوندي به هن جي زال گلاب جو پاسو کڻي پنهنجي مڙس کي سمجهائڻ ۽ ٿڌو ٿيڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي. انهن ڏينهن ۾ اڃان ”ائنٽي هائپرٽينسِوِ“ گوريون ايجاد نه ٿيون هيون. لڳي ٿو غلام علي سخت بلڊ پريشر جو مريض هو.
بهرحال آمريڪا ۾ وڪرو ٿيل شيدي غلامن سان انهن جي مالڪن جو مختلف رويو هو. هنن پنهنجن آفريڪي غلامن کي نفرت مان نِگر يا نيگرو، يعني “ڪارو” سڏيو ٿي. اسان وٽ هنن لاءِ ايئين نفرت نه هئي. اسان وٽ ڪارو ته پيار مان سڏيو ويو ٿي ۽ شيديءَ کي ’ڏاڏا‘ ۽ ’شيدي بادشاهه‘ به پيار مان سڏيو ٿي. سندن وفاداري، پورهئي ۽ مالڪ سان سٺي هلڻ ڪري سنڌي مالڪ گهڻو ڪري هنن سان سٺو هليا ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي جو انگريزن سنڌ ۾ غلامن کي آزاد ڪيو ته به ڪيترائي شيدي آزاد ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجن ساڳين مالڪن وٽ ئي نوڪر ۽ نوڪرياڻيون ٿي ڪم ڪرڻ لڳا جيئن محمد صديق مسافر جي والد گلاب ۽ گلاب جي پهرين زال آزاد ٿيڻ بعد به پنهنجي سابق مالڪ مخدوم حر عليءَ جو ڪم ڪار ڪندا رهيا. بلڪ مخدوم صاحب اهو سوچي ته آزاد ٿيڻ بعد هو ننڍا ٻچا وٺي ڪيڏانهن ويندا، پنهنجي خرچ تي پنهنجي گهر ڀرسان گلاب کي جاءِ ٺهرائي ڏني. گلاب جڏهن مخدوم حر علي وٽ غلام هو ته به مخدوم صاحب پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري گلاب لاءِ هڪ غلام شيدياڻي خريد ڪري، گلاب جي هن سان شادي ڪرائي. اسان وٽ شيدي (ان معاملي ۾ آمريڪا ۾ پڻ)، طبيعت ۾ کِل مُک، پهلوان ۽ ملهه، ڪٻڊي ۽ ٻين راندين ۾ ڀڙ ۽ سريلي آواز جا پڻ آهن.
مون کي خبر ناهي ته منهنجيون اهي Feelings سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ شيدين لاءِ به صحيح آهن يا نه. پر پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ مون کي نٿو سُجهي ته ڪو هنن سان نفرت ڪندو هجي جيئن مون آمريڪا ۾ اچي ڏٺو. ويندي اسان جي ڳوٺ جي وڏي رتبي وارن ماڻهن- پيرن سيدن وٽ به شيدين عزت ماڻي ٿي. هالا ۾ رهندڙ شيدي ڪميونٽيءَ جو اڪثر هڪڙو انچارج گادي نشين مخدوم سان رهي ٿو جيڪو “خليفو” سڏجي ٿو. مخدوم امين فهيم سان گڏ هميشه خليفو ماستر ڪريم بخش شيدي رهيو ٿي جيئن اڄڪلهه مخدوم جميل الزمان سان گڏ شيدي ڪميونٽي جو ايمن شيدي خليفو آهي. ننڍي هوندي ايمن ۽ جميل زمان ته هڪ ئي ڪلاس ۽ اسڪول مان پڙهيا. ان مان به توهان انداز لڳائي سگهو ٿا ته اسان وٽ، گهٽ ۾ گهٽ رنگ و نسل جو ويڇو ناهي ۽ پنهنجي ڪم ۽ قابليت ڪري ڪيترائي شيدي اتاهين سماجي درجي تي آهن ۽ مشهور آهن. ڪجهه شيدي مون کي ياد اچي رهيا آهن، جيڪي اسان جي ننڍپڻ ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ايڏو مشهور هئا، جو اسان ٻار ٿي ڪري به انهن جا نالا يا ڳالهيون ٻڌندا هئاسين.
اسان جي ننڍپڻ ۾ محرم جي ڏهين تاريخ هالا شهر جا سڀ پڙ اچي مخدوم طالب الموليٰ جن جي بيٺڪ تي منزل انداز ٿيندا هئا. اتي جي جهنڊي جو انگاس (Flag Pole) هر سال لاهي، رنگ ڪري، واپس کوڙڻ جو ڪم هڪ خاص شيديءَ جي حوالي هوندو هو جنهن جو نالو “مور” هو. مور کان سڄو شهر واقف هوندو هو، جيڪو هن گڏجاڻيءَ ۾ اچي حاضر ٿيندو هو. اها مذهبي گهٽ سماجي Gathering وڌيڪ هوندي هئي. ڪير شيعو آهي ڪير سني، اهو ضروري نه هو. سڀ اهل بيت کي چاهڻ وارا هئا. ان قسم جو جهيڙو اسان وٽ هرگز نه هو.
هڪ هوندو هو سڀاڳو شيدي، ان کان علاوه اسڪول ويندي شاهي بازار ۾ ڀنگ جي دڪان جي اڳيان امبر شيديءَ کان به سڀ واقف هئا. هڪ راحب شيدي هو جيڪو شهر جي شوقين ماڻهن جون ٻڪريون چاريندو هو. انصارين جي گهٽيءَ کان شروع ٿيندو هو درن تي ڏنڊو هڻي رڙ ڪندو هو “ٻڪريون ڇوڙيو”. مون کي لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبداللطيف انصاريءَ به هڪ ڀلي ٻڪري پالي هئي، جنهن کي پڻ روزانو راحب وٺي ويندو هو . راهب هو سو ٻڪرار، پر هر ماڻهو هن جو خيال ڪندو هو جو هو هر هڪ سان عزت سان پيش ايندو هو.
هڪ “عاج” ۽ “شيش” نالي به هالا جا شيدي مشهور هئا. منهنجو مطلب آهي ته اسان وٽ آفريڪا جي شيدين لاءِ (جيڪي بدقسمتيءَ سان غلام ٿي آيا)، اها نفرت نه هئي، جيڪا اسان آمريڪا ۾ رهندڙ شيدي غلامن لاءِ پڙهون ٿا ... يا آمريڪا ۾ رهڻ دوران محسوس ڪئي. اسان وٽ ته ڪيترن ئي وڏن ماڻهن، وڏي ذات پات هجڻ جي باوجود شيدياڻين سان شادي ڪئي ۽ هنن کي پاڻ برابر سمجهيو ٿي. آئون ننڍو هوس ته منهنجي ڏاڏيءَ وٽ هن جي همعمر بختيءَ نالي هڪ شيدياڻي ايندي هئي، جنهن لاءِ هوءَ ٻڌائيندي هئي ته منهنجي والد جي هوءَ کير شريڪ ماءُ به ٿئي ۽ منهنجو پيءُ هن جي وڏي عزت ڪندو هو. ستين ڪلاس تائين جيسين آئون هالا ۾ هوس، آئون به هنن جي گهر ويندو هوس. هن جو پوٽو هالا جي شيدين ۾ سڀ کان گهڻو پڙهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس وارن ڏينهن ۾ هو اتي پروفيسر ٿي رهيو، جنهن کان نه فقط هالا جا پر سڄي سنڌ جا شاگرد واقف هوندا جيڪي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهيا. ڪيترا ته هن جا شاگرد به ٿي رهيا. نالو هوس پروفيسر لونگ شيدي. ڪجهه سال اڳ هو گذاري ويو. سندس زال گلزار هالا جي بهترين ڳائڻي هئي. شادين مرادين ۾ هوءَ پنهنجي گروپ سان گڏ ڳائيندي هئي. اسان جي ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ ڪٿي هيون ٽي ويون ۽ وڊيو؟ اسان گلزار، آمون ۽ قدم نالي شيدياڻين کان ئي ڳائڻ ٻڌو ... انهن جي راڳن جا ڪجهه مشهور ٻول اڄ به ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن:

”راڻل منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ الا،
ڀينر ڀلي ڀلي ڙي آيو ....“
يا
”لاڏو بڻجي آيو، سينگار ڪري،
او پيار ڪري ....“
يا
”تارن جي ڇانوَ ۾
لاڏو ڏٺوسين
بَنرو ڏٺوسين....“

ريڊيو ٽرانسسٽر ئي اسان فرسٽ ييئر ۾ ڏٺو، جڏهن اسان جو ڪلاس ميٽ لاڙڪاڻي جو اختر عباسي (حاجي منور عباسي جو ننڍو ۽ سينيٽر صفدر عباسيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٺي آيو هو. پهريون دفعو ٽيپ رڪارڊ مون 1970ع ۾ ممباسا مان خريد ڪيو هو. سو خوشيءَ جي موقعي تي هالا شهر جي گهرن ۾ ڦاپو مڱڻهار يا شيدياڻين ٿي ڳايو. شيدياڻين جو ان زماني ۾ ڳائڻ ”موسٽ ماڊرن“ سمجهيو ويو ٿي. ايتري قدر جو ڦاپو مڱڻهار منهنجي ڏاڏيءَ سان دل جو حال اوريندي هميشه ان ڏک جو اظهار ڪندي هئي ته اسان پوڙهين جو ڳائڻ ته ڪو به پسند نٿو ڪري. اسان به ضد ڪندا هئاسين ته ڦاپو مڱڻهار نه اچي. پوءِ ڏاڏي سمجهائيندي هئي ته ان کي گهرائڻ به ضروري آهي جو اها اسانجي احطي آهي ... يعني هنن جو پيڙهين کان اهو ڪم آهي. هنن جا مرد خوشيءَ جي موقعن تي گهٽيءَ ۾ اچي شرنائيون وڄائي گهور وٺندا هئا. شيدياڻيون سريلي آواز واريون ۽ سهڻيون سمجهيون ويون ٿي. هنن جا ٽي گروپ هئا: هڪ گلزار جو جنهن سان سندن ڪميونٽيءَ جي پروفيسر لونگ شادي ڪئي. باقي ٻن مان هڪ آمون شيدياڻيءَ جو ۽ ٻيو قدم شيدياڻيءَ جو ٽولو هو. سندن ڳائڻ توڙي نچڻ فضيلت وارو هوندو هو. سندن ڳالهائڻ ٻولهائڻ به اخلاق وارو هو ۽ ڪا به عورت توڙي مرد هنن جي گلا نه ڪندو هو.
خوشي ملهائڻ واري گهر وارا هڪ ڏينهن اڳ مائي اُستي (حجامڻ) ذريعي اوڙي پاڙي وارن کي ڳائڻ جو سڏ موڪليندا هئا. پوءِ اڱڻ ۾ آمون يا ٻي ڪنهن شيدياڻيءَ جون ساٿياڻيون وچ ۾ گلم تي ويهي دهل تي ڳائينديون هيون. مهمان زالون ڳائڻ وارين جي چوڌاري ويهنديون هيون. راڳ جا شوقين مرد ڪمري ۾ اندر ويهي ٻڌندا هئا. پوءِ ڪيترا ڏينهن عورتون عورتن سان ۽ مرد مردن سان event جو ذڪر ڪندا رهندا هئا. اڄڪلهه ته يوٽيوب تي روزانو نوان گانا ٿا لوڊ ٿين پر انهن ڏينهن ۾ شادين جي موسم ۾ جيڪو ڳائڻ ٿيندو هو ان ۾ هر ڳائڻي: آمون، قدم يا گلزار جي ڳائڻ جي راڳن جو پنهنجو پنهنجو سيٽ هوندو هو ۽ مون کي حيرت آهي ته ٻڌڻ وارا ساڳيا ساڳيا راڳ ٻڌي بيزار به نه ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ان ساڳي سيٽ ۾ ڪنهن نئين راڳ جو واڌارو ٿيندو هو ته اها ڳالهه هڪ خبر طور، بلڪ ”بريڪنگ نيوز“ طور ٻين کي ٻڌائي ويندي هئي! ڇا ته واندڪائي ۽ قناعت جو زمانو هو!
بهرحال هتي اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ لکي رهيو آهيان ته اسان وٽ شيدڪي قوم هر فن مولا آهي. پورهئي ۾، راندين ۾، چرچن ڀوڳن ۾ - توڙي سريلي آواز ۾ ... ۽ اسان وٽ شيدين کي گهٽ يا ڌاريون نٿو سمجهيو وڃي، جيئن آمريڪا ۾ مون ڏٺو ته گورن جي مقابلي ۾ هنن کي نيچ سمجهيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترائي شيدي اعليٰ قسم جا رازا، واڍا، مڪينڪ ۽ مستري آهن. ڪيترا ته تعليم حاصل ڪري سٺا ٽيچر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي ويا آهن ۽ هنن کي اسان جي ملڪ ۽ سوسائٽيءَ ۾ انهن جي ڪاريگري، هنر ۽ پورهئي مطابق قبول ڪيو وڃي ٿو ۽ اسان وٽ ڪاري رنگ ڪري ڪنهن سان نفرت نٿي ڪئي وڃي جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڄ به ڪئي وڃي ٿي. اسان وٽ ته اها چوڻي به عام آهي ته “ڪارو! الله جو پيارو” ۽ ڪيترا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي پيار مان ”ڪارو“ سڏين ٿا، جيئن ملائيشيا ۾ حطام (ڪارو) نالو مشهور آهي. ڪنهن کي عزت ڏيڻ لاءِ ملئي ٻوليءَ ۾ “داتڪ” يعني ڏاڏو سڏيو وڃي ٿو، تيئن اسان وٽ شيدين کي به ڏاڏو سڏيو وڃي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه. مٿي لکيو اٿم ته اسان وٽ آفريڪا کان آيل شيدي غلام، سنڌ ۾ سال اڌ ۾ سنڌي سکي ويا ٿي. بعد ۾ انهن کان يا انهن جي اولاد کان جڏهن پڇيو ويو ٿي ته هو ڪٿان آيا آهن ته هو زنجبار يا زئنزيبار صحيح طرح اچارڻ بدران گهڻو ڪري جهنگبار يا جهنگٻار ٻڌائيندا هئا. ڳالهه اها آهي ته نه فقط هي اڻ پڙهيل پر زئنزيبار ۾ جيڪي اسان جا کوجا، بوهري، گجراتي واپاري ۽ انهن جو آفريڪا يا آمريڪا، انگلينڊ جي يونيورسٽين جو پڙهيل ڳڙهيل اولاد، جڏهن پنهنجي وڏن جي وطن مُندرا، ڀوڄ، ڪنڊلا، مانڊوي، يا هيڏانهن ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊوالهيار پاسي اچن ٿا ته هو پاڻ کي پنهنجي ذات ڏوساڻي، جيواڻي، ويراني، ڀوڄاڻي، ڏيسائي، راجي، ناٿڪ، پارياني، ڌانجي وغيره ٻڌائڻ بدران پاڻ کي “جنگبار والا” سڏرائين ٿا، جيئن مون آخر واري مضمون ۾ ٺٽي پاسي جي سنڌي کوجي “ورثي آڏواڻي” جي احوال ۾، هن جي پٽ سليمان جو احوال لکيو آهي ته هو انڊيا بزنيس ٽرپ تي ويو جتي دل جي دوري پوڻ ڪري هن کي ممبئي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ممبئيءَ ۾ اسماعيلي کوجن جو قبرستان الڳ آهي. اهڙي طرح اثنا عشري کوجن جو قبرستان ممبئيءَ جي علائقي بائڪلام ۾ مائونٽ روڊ تي آهي ۽ “آرام باغ خوجا شيعا اثنا عشري قبرستان” سڏجي ٿو. ورثي آڏواڻي وارا پهرين اسماعيلي کوجا هئا پر پوءِ زئنزيبار ۾ هو سڀ اثنا عشري ٿيا. سو سليمان کي ممبئي جي آرام باغ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي ان تي هن جي گجراتيءَ ۾ لکيل نالي مٿان انگريزي ۾ Jangbarwala لکيل آهي. هي اهو قبرستان آهي جنهن ۾ جناح صاحب جي زال رتي (رتن ٻائي) جيڪا 1929ع ۾ گذاري وئي، دفن ٿيل آهي، اهو ان ڪري جو جناح صاحب اثنا عشري کوجو هو.

الطاف شيخ
ڪراچي
1- نومبر 2020

زنجبار جھنگٻار

---

جهاز جو نئون هجڻ کان سي وردي هجڻ ضروري آهي

سامونڊي نوڪريءَ دوران اسان پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ وارن کي ان ڳالهه تان سخت ٻَرو چڙهندو هو، جڏهن اسان جي ڪن مجبورين ڪري آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ بيٺل هڪ جهاز تان ٻئي جهاز تي بدلي ڪئي ويندي هئي ... خاص ڪري اهو ٻيو جهاز يورپ جي ڪنهن بندرگاهه ۾ هجڻ بدران آفريڪا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندو هو. مسئلو اهو هو ته آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه مان اڏام ملڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ته ڇا پر پوءِ به اڌ صدي گذرڻ بعد به، آفريڪا جي حالت اها هئي. ويندي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ملڪن ۾ به انهن جون هوائي ڪمپنيون 1980ع بعد ٺهيون ۽ آفريڪا جي ملڪن جون ايئر لائينون: ايئرڪينيا، اٿوپين ايئر لائين، ارڪ ايئر (نائيجيريا)، روانڊا ايئرلائين، موريشس ايئر لائين گهڻو گهڻو پوءِ کليون. آفريڪا جون اڏامون پنهنجي ملڪ کان ايشيا يا آفريڪا جي ٻين ملڪن ڏي وڃڻ بدران فقط يورپ جي انهن ملڪن ڏي ويون ٿي، جن ملڪن جي قبضي ۾ اهي آفريڪي ملڪ ڪالونيون هئا. جيئن اسان جي ننڍي کنڊ تي برطانيا جو، انڊونشيا تي هالينڊ وارن جو يا ڪمپوڊيا تي فرانس جو قبضو هو.
هڪ دفعي اسانجو جهاز (يعني پاڻيءَ جو جهاز) ڪراچيءَ کان نڪتو ۽ ممباسا مان ٿيندو موزمبق ملڪ جي بندرگاهه لارينزو مارڪس پهتو ته اسان جي هيڊ آفيس طرفان نياپو آيو ته مون کي سينيگال ملڪ جي ڊڪار بندرگاهه موڪليو وڃي، جتي اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جهاز آمريڪا مان پهچي رهيو هو، جيڪو پوءِ ناروي ڏي وڃڻو هو. لارينزو مارڪس (موزمبق) کان ڊڪار (سينيگال) ڪا ڊائريڪٽ اڏام نه هئي. لارينزو مارڪس بندرگاهه (جنهن جو نالو پورچوگالي ائڊمرل نالي هو، پورچوگالين جي وڃڻ بعد، يعني موزمبق کي آزادي ملڻ بعد، هاڻ موپوتو سڏجي ٿو) کان اُڏام فقط پورچوگال جي شهر لسبن ڏي هئي سا به هفتي ۾ هڪ دفعو. ان اڏام ۾ ٽي ڏينهن کن وڃي رهيا هئا سو مون کي جلدي جلدي ٽپڙ ٻڌڻ لاءِ چيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن مڪاني آفيس وارن مون کي اچي هوٽل تي ترسايو جتان ٽئي ڏينهن صبح ساڻ ايئرپورٽ پهچي جهاز ۾ اچي چڙهيس. لسبن پهچڻ تي اتي جي ايجنٽ (اسانجي جهاز ران ڪمپنيءَ جي انچارج) لسبن جي هوٽل ۾ ترسايو ۽ ٻڌايو ته ڊڪار وڃڻ لاءِ مون کي پئرس وڃڻو پوندو جتان پڻ هفتي ۾ هڪ دفعو ڊڪار (سينيگال) اڏام وڃي ٿي. هڪ ته سڀاڻي وڃي رهي آهي جيڪا فل آهي ۽ نه آئون ان کي رسي سگهندس. باقي ٻي هفتي واريءَ ۾ هو منهنجي سيٽ حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪري رهيو آهي سو اهو هفتو کن آئون لسبن يا پئرس ۾ گذاري سگهان ٿو. جيئن آفريڪا جي ملڪ موزمبق تي پورچوگال جو قبضو رهيو ۽ اڄ تائين موزمبق جي سرڪاري آفيسن ۽ يونيورسٽين ۾ پورچوگالي ٻولي هلي ٿي (جيئن اسان وٽ انگريزي) تيئن سينيگال فرانس وارن جي قبضي ۾ هو ۽ سينيگال ۾ فرينچ هلي ٿي. اتي جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ پئرس جي يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا.
انهن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي جهاز کي ڇڏڻ بوريت جو ڪم سمجهيو ويو ٿي ۽ جهاز جي آفيسرن ان ڳالهه کي پسند نٿي ڪيو... ڇو جو پنهنجي ملڪ جي جهاز تي هجڻ معنيٰ گهر ۾ هجڻ، جتي پنهنجي ملڪ جهڙي ماني ٽڪي ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ هڪ ته ڌارين ملڪن ۾ نه حلال کاڌا عام هئا ۽ نه اسان جا ماڻهو برگر، اسپاگيٽي ۽ پيزا جهڙين شين کائڻ جا عادي ٿيا هئا. ٻي ڳالهه ته پنهنجي جهاز تي رهڻ معنيٰ پنهنجن جي وچ ۾ رهڻ، جن سان ماڻهو خوب ڪچهريون ڪري سگهي ٿو ... ڌارين ۽ گورن سان اسان نه ڪچهري ڪري سگهون ٿا ۽ نه هو اسان جا چرچا ڀوڳ سمجهي سگهن ٿا. سو اسان جي ماڻهن نه پنهنجي کاڌي جو ۽ نه ڪچهريءَ جو ناغو ڪرڻ چاهيو ٿي. مون کي وري به اڪيلائي پسند آئي ٿي جو مون کي لکڻ پڙهڻ لاءِ سڪون وارو وقت ملي ويو ٿي. کاڌي جي نخري کان به آئون آجو هوس. ڪنهن ملڪ ۾ حلال گوشت نٿو ملي ته ڇا ٿيو. ڇا ضروري آهي ته روز گوشت يعني ٻوڙ ماني کائجي... ڀاڄي ڀتي، مڇي يا دال بيضا به ته کائي سگهجن ٿا. پر سائين انهن ڏينهن ۾ مون پنهنجا ڪيترا هم وطني ڏٺا جيڪي ٻوڙ ماني نه ملڻ ڪري نه رڳو تعليم پر نوڪري به ڇڏي ڳوٺ موٽي آيا ٿي. ولايت ۾ مون اهڙن مسئلن جو اهو ئي علاج ڪڍيو هو ته هڪ ڪڻڇي ۽ ڇري وٺي ايندو هوس ڪڏهن پيز پٽاٽا تري پيو کائيندو هوس ته ڪڏهن گانگٽ مڇي. ان رڌپچاءَ لاءِ زيتون جو تيل بهتر سمجهندو هوس. ان کان علاوه تازو ميوو، بادام اخروٽ ۽ بسڪيٽن جهڙيون شيون وٺي رکندو هوس. سڄو وقت گهمڻ ڦرڻ ۾ enjoy ڪندو هوس يا لکڻ پڙهڻ ۾! ايجنٽ به خوش هوندو هو جو مٿين شين تي ايندڙ خرچ هوٽل ۾ ماني کائڻ جي خرچ کان گهڻو گهٽ ايندو هو ۽ مقامي آفيس وارن جي بچت ٿيندي هئي. ڇو جو منهنجي رهائش ۽ ماني ٽِڪيءَ جو اهي ذميوار هئا. بهرحال لسبن ۽ پئرس ۾ هفتو کن گذارڻ بعد هوائي جهاز ۾ ڊڪار پهتس جتي اسان جي ڪمپنيءَ جو پاڻيءَ وارو جهاز پهچي چڪو هو ۽ هاڻ سامان سان ڀرجي ناروي جي بندرگاهه برگن ۽ ٽرنڍهام روانو ٿيڻو هو. هن جهاز جي انجڻ سلزر هئي ۽ ڪمپني وارن ڪجهه اهڙا انجنيئر هن جهاز تي رکڻ چاهيان ٿي جن سلزر انجڻ وارا جهاز هلايا هجن. جيئن اهي انجنيئر ناروي تائين رستي تي ۽ اتي جي بندرگاهن ۾ (جهاز جي بيهڻ دوران) ان جي انجڻ جي مختلف حصن جي روٽين مرمت ڪري سگهن، جيڪا هاڻ ڪافي Over due ٿي چڪي هئي ۽ انشورنس ڪمپني بار بار خبردار ڪري رهي هئي. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته جهاز کي انشورنس ڪرائڻ بعد، ان ڪمپنيءَ جا شرط شروط مڃڻا پوندا آهن ۽ ان مطابق جهاز ۽ ان جي انجڻ جي maintenance ڪري انشورنس ڪمپنيءَ جي سرويئر کي گهرائي ان بابت ٻڌائڻو پوندو آهي. سرويئر ان مان مطمئن ٿيڻ بعدجهاز جي Sea worthy- يعني سمنڊ تي هلڻ لائق هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو آهي. جهاز جي حادثي مهل انشورنس ڪمپني “سي ورٿي نيس” جو سرٽيفڪيٽ ڏسي ٿي. اهو سرٽيفڪيٽ ختم (Expire) هجڻ جي صورت ۾ اها ڪمپني جهاز جي مالڪ کي ٿيل نقصان جي قيمت ڏيڻ لاءِ ٻڌل نٿي رهي. اهي ڳالهيون ان ڪري لکيون اٿم ته پڙهندڙن کي اها ڄاڻ رهي ته پاڻي جي جهاز يا هوائي جهاز لاءِ اهو اهم ناهي ته اهو نئون آهي يا پراڻو، پر انشورنس ڪمپني طرفان Sea worthy يا ايئر وردي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي. اهڙي سرٽيفڪيٽ هجڻ وارو جهاز کڻي 20 سال پراڻو هجي پر اهو باحفاظت سمجهيو وڃي ٿو ڇو جو ان جي هر شيءِ صحيح سمجهي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن انجڻ يا جهاز جو ڪو حصو گسي به ويو آهي ته انشورنس ڪمپنيءَ جي سرويئر تبديل ڪرائي، پوءِ سرٽيفڪيٽ ڏنو هوندو. هي سرويئر پراڻا ۽ قابل مئرين يا ايئرو ناٽيڪل انجنيئر ٿين ٿا ۽ هو پنهنجي انشورنس ڪمپني جي بچاءَ لاءِ سختي سان چڪاس ڪري پوءِ Sea worthiness جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿا. جيتوڻيڪ جهازن جا مالڪ ته اهو ئي چاهين ٿا ته Routine Maintenance به نه ڪرايون، انجڻ جو گٺل پرزو به نه بدلايون، پر انشورنس ڪمپني هر وقت اهو چاهيندي آهي ته جهاز جي هر شيءَ “اي ون” حالت ۾ رهي، جيئن جهاز جو حادثو نه ٿئي. ان ڪري هو پڪي خاطري ڪري پوءِ جهاز جي مالڪ کي جهاز لاءِ Sea worthiness جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿا.
ڊڪار آفريڪا کنڊ جي اولهه ڪناري تي، اتر طرف سينيگال ملڪ جي گاديءَ جو شهر ۽ مشهور بندرگاهه آهي. آمريڪا کنڊ ڇڏڻ بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ تي سامهون ڊڪار اچي ٿو. آمريڪا مان موٽڻ تي اسان گهڻو ڪري سڌو ڊڪار ايندا آهيون ان بعد اتر طرف يورپ ڏي ويندا آهيون يا پنهنجي وطن ورڻ لاءِ ڏکڻ جو رخ رکندا آهيون. سينيگال جي چوڌاري موريطانيا، مالي، گِني، گِني بسائو جهڙا ملڪ آهن. هڪ ملڪ گئمبيا جيڪو ڪوڪي وانگر سنهو آهي اهو ته ڄڻ سينيگال ۾ ٺوڪيو پيو آهي. يعني ان جو فقط ڪجهه حصو ائٽلانٽڪ سمنڊ جو ڪنارو آهي باقيءَ جي چوڌاري سينيگال وڪڙيو پيو آهي. شروع ۾ هن ملڪ تي پورچوگال وارن جو قبضو رهيو، ان بعد ڊچن ۽ انگريزن جو به پر 1677ع کان هي ملڪ فرانس وارن جي قبضي ۾ رهيو، جن هن ملڪ جي ڊڪار بندرگاهه کي غلامن جي وڪري جو مرڪز ٺاهي رکيو. 1960ع ڌاري فرينچن هن ملڪ جي جان ڇڏي ۽ خودمختيار ٿيو.
انگريزن وري به جتي حڪومت ڪئي، اتي ريل گاڏي سسٽم کان تعليمي نظام، پوسٽل سروس، ايريگيشن ۽ جوڊيشريءَ جهڙا ادارا ٺاهيا پر فرينچن ۽ پورچوگالين ۾ اهو افعال نه هو. آفريڪي ملڪن جي هڪ ته انهن يورپي حاڪمن ڀينگ ڪئي ۽ ٻيو خود مختياريءَ بعد سندن چونڊيل يا ڊڪٽيٽر مڪاني شيدي حاڪمن. اڄ ڏينهن تائين سينيگال جي حالت خراب آهي. اسان جهاز وارن جي مجبوري رهي ٿي جو اسان کي ڊڪار، لئانڊا يا موپوتو جهڙن آفريڪي بندرگاهن ۾ اچڻو پيو ٿي جن تي فرينچن، پورچوگالين ۽ جرمنن جي حڪومت هئي نه ته ان جي مقابلي ۾ اسان لاءِ ممباسا، دارالسلام، زئنزيبار جهڙا بندرگاهه وڌيڪ بهتر هئا، جتي انگريزن جي حڪومت رهي ۽ بزنيس گجراتين، پارسين، آغا خانين، سنڌي هندن ۽ بوهرين جي هٿ ۾ هو. هنن جي دڪانن تي اسان جي دلچسپي ۽ ضرورت جون شيون ملي ويون ٿي ۽ هو سستي اگهه تي وڪڻندا هئا. انهن سان ڪچهريون به خوب ٿينديون هيون.

کِل (ٽهڪن) جي بيماري- ٽانگانيڪا لافٽر

آفريڪا جي بندرگاهن جون 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن جون مٿيون ڳالهيون اڄ ڪئين سالن بعد وري ياد اچي رهيون آهن، جڏهن آئون ملائيشيا کان ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۾ مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻ ۽ IMO مئريٽائيم آرگنائيزيشن طرفان مقرر ڪيل سيمينار اٽينڊ ڪرڻ آيو آهيان. آفريڪا جي بندرگاهن مان مختلف ملڪن ڏي روانو ٿيڻ لاءِ اڄ به هوائي اڏامون ان آسانيءَ سان نٿيون ملن، جيئن ڪراچي، ممبئي، دهلي، ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ سنگاپور مان ڊئريڪٽ حاصل ٿي سگهن ٿيون. ملائيشيا جي تعليمي اداري، جنهن جو آئون ملازم آهيان انهن مون کي پنهنجي هوائي ڪمپني MAS جي هوائي جهاز ۾ ممبئي، جتان پوءِ ٻن ڏينهن بعد ايئر ڪينيا جي هوائي جهاز ذريعي نئروبي (ڪينيا جي گادي واري شهر) ڏي ته روانو ڪري ڇڏيو پر هاڻ وري اتان ڪوالالمپور موٽڻ جو مسئلو هو. وڏي عمر ڪري هاڻ رکي رکي چڙ چڙي طبيعت ٿي پئي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سفر مان مزو وٺڻ بدران بيزاري محسوس ٿئي ٿي ته جتي منهنجن ساٿين مان ڪو هيڏانهن اچڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هو اتي ملاڪا ۾ ئي خوشحال ۽ پُرسُڪون زندگي پيا گذارين اتي مون خبر ناهي ڇو ممباسا جو نالو ٻڌي، ان Assignment (ڪم) لاءِ حامي ڀري. ممباسا ۽ ان جي آس پاس وارن بندرگاهن: دارالسلام ، زئنزيبار، موپوتو وغيره ۾ سامونڊي نوڪريءَ دوران ڪيترائي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻو پيو هو ۽ آفريڪا جا اهي بندرگاهه توڙي مڪاني شيدي ماڻهن ۽ پنهنجن گجراتي، سنڌي، سک، پارسي ۽ اسماعيلي ۽ بوهري دڪاندارن سان ڪچهريون ڪرڻ ۾ مزو آيو ٿي پر هاڻ نه اهي ماڻهو رهيا آهن ۽ نه هاڻ اها منهنجي عمر رهي آهي. خبر ناهي ڇو هيڏانهن اچڻ جو ڪُڏ ٿيم. پر پوءِ هر دفعي هنن ملڪن جي وڻ وڻڪار، جهڙالي موسم ۽ سمنڊ جون ڇوليون ڏسي دل خوش ٿيو وڃي ته چڱو جو چڪر لاءِ هن پاسي هليو آيس. پراڻيون يادون تازيون ٿيو وڃن. نئين زماني جو نئون ماحول ۽ ماڻهو ڏسڻ جو مشاهدو ۽ سفرنامو لکڻ جو مفت ۾ موقعو مليو وڃي!
ممباسا ۾ جنهن ڏينهن واندو ٿي رهيو هوس ان کان هڪ ڏينهن اڳ نئروبيءَ کان لنڊن اڏام هئي، جنهن ۾ وڃڻ مون لاءِ ناممڪن هو. ان بعد واريءَ لاءِ مون کي ٽي چار ڏينهن ترسڻو ٿي پيو. ان بعد به آئون ڪو ڪوالالمپور يڪدم پهچي نٿي سگهيس. لنڊن پهچي پوءِ ملائيشيا لاءِ اڏام هٿ ڪرڻي پئي ٿي. ملائيشيا آفيس وارن مون کي اهو به آپشن ڏنو هو ته آئون چاهيان ته سندن جهازران ڪمپني جي پاڻي واري جهاز ۾ موٽي سگهان ٿو، جيڪو دارالسلام جي بندرگاهه ۾ پهچڻ وارو آهي، جتي هو ڏينهن ٻن اندر ٻارڻ لاءِ تيل خريد ڪري پينانگ ڏي روانو ٿيندو. مون لاءِ پاڻيءَ جي جهاز ۾ (سو به ان ملڪ جو جن جي شاگردن کي آئون پڙهائي رهيو آهيان)، سفر ڪرڻ واري صلاح بهترين هئي. ان ۾ مونکي بئگ کڻي فقط جهاز جي ڏاڪڻ چڙهڻي هئي. ڇاجا ايئرپورٽ تي چڪاس ۽ قطارن ۾ بيهڻ، ڇاجو ولايت ۾ اڏامون بدلائڻ! ملائيشيا جي هر جهاز تي گهڻا نه ته هڪ ٻه مئرين انجنيئر ته منهنجا شاگرد هوندا، جو هيستائين ڪيترائي شاگرد مون وٽان پڙهي جهازن جا مئرين انجنيئر ٿي چڪا آهن.
سيمينار ختم ٿيڻ تي مون ممباسا ۾ ترسڻ بدران دارالسلام جو رخ ڪيو، جتي ٽن چئن ڏينهن بعد اهو جهاز اچڻو هو، جنهن ۾ مون کي سفر ڪرڻو هو. مون اهو ئي ارادو ڪيو ته دارالسلام پهچي اتي رهڻ بدران زئنزيبار ٻيٽ جي ڪنهن هوٽل ۾ وڃي رهندس جو اتي وڌيڪ خاموشي ۽ پرسڪون ماحول آهي. روز سمنڊ جي ڪناري تي واڪ ڪري هوٽل ۾ اچي سفرنامو لکندس ۽ هن ٻيٽ بابت پراڻيون يادون به لکندس، جو مون کي شروع کان هن ٻيٽ جو عربي ۽ آفريڪي مڪس ماحول عجيب لڳندو آهي. اهو سنڌ جي ننڍپڻ وارن ڳوٺن جي ياد ڏياريندو آهي، جتي پڻ ان قسم جا ڪچا گهر ۽ انهن جا ڪاٺ جا دروازا هوندا هئا، جتي پڻ گهر جي ٻاهران ٺهيل ڌڪين تي ماڻهو ويهي ڪچهري ڪندا هئا.
صديون اڳ ممباسا، ميلندي، دارالسلام ۽ زئنزيبار بندرگاهن ۾ عربن، ايرانين ۽ انڊين جا سڙهن وارا جهاز هوندا هئا. 1498ع بعد پورچوگالي پهريان يورپي هئا، جيڪي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ جو حصو ڪراس ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ مان اسان جي هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ پهتا ۽ اچي ممباسا ۽ ميلنديءَ کان نڪتا. باقي انگريزن، ڊچن ۽ ٻين يورپين کي هي منزلون طئيِ ڪري ڪينيا، انڊيا ۽ ملائيشيا پهچڻ ۾ هڪ صدي وڌيڪ لڳي وئي.
آفريڪا جي دارالسلام ۽ زئنزيبار جو هڪ ٻئي سان ڇا تعلق آهي؟
اهي ٻئي بندرگاهه اڄ جي تنزانيا ملڪ ۾ اچن ٿا، جيڪو ڪينيا ملڪ جو پاڙيسري ۽ ان جي ڏکڻ ۾ آهي. تنزانيا ملڪ 1964ع بعد وجود ۾ آيو، جيئن ملائيشيا 1965ع ۾ وجود ۾ آيو. ان کان اڳ اهو ملايا سڏيو ويو ٿي، جنهن کي انگريزن 1957ع ۾ آزادي ڏني. پوءِ ان ملايا بورنيو ٻيٽ جي آزاد رياستن صباح ۽ سراواڪ سان ملي هڪ نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو. اهڙي طرح تنزانيا ملڪ جو اصل نالو ٽانگانيڪا (Tanganyika) هو، جنهن کي انگريزن 1961ع ۾ خودمختياري ڏني، جيئن اسان کي 1947ع ۾ ملي. ان وقت زئنزيبار الڳ ملڪ هو. پوءِ 1964ع ڌاري ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار گڏجي هڪ نئون ملڪ تنزانيا ٺاهيو، جنهن جو نالو بعد ۾ مشهور ٿيو ۽ اسان ٻڌو. نه ته اسڪول ۽ ڪاليج تائين اسان ٽانگانيڪا ئي ٻڌو. بلڪ آفريڪا جي ملڪن ۾ اهو نالو اسان جي زبان تي ڪجهه وڌيڪ ئي هو جو اسان ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪندا هئاسين ۽ ٽانگانيڪا جون ٽڪليون (Stamps) نه رڳو وڏيون هونديون هيون پر خوبصورت رنگن ۽ تصويرن واريون پڻ. چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم دوران ٽانگانيڪا اسان جي زبان تي ان وقت جي مشهور انڊين فلم “هم ديواني” جي هڪ گاني ڪري به هوندو هو جيڪو سلون ريڊيو اسٽيشن تان ٻڌندا هئاسين. فلم ته سال کن رکي 1965ع ۾ رليز ٿي جيڪا جهاز جي نوڪريءَ دوران لبنان جي بندرگاهه بيروت ۾ ڏٺيسين. هن فلم ۾ ممتاز، چندر شيڪر، هيلن، افتخار، بيلا بوس آهن. هن فلم جو هڪ گانو جنهن ۾ لفظ ”ٽانگانيڪا“ کي بار بار دهرايو ويو آهي، آنند بخشيءَ لکيو آهي ۽ چيتل ڪر ۽ مهيندار ڪپور ڳايو آهي. گانو ڪجهه هن ريت آهي، جيڪو اڄ به ياد اٿم:
تم ني ديکا ڪيا ڀلا؟
گر نه ديکا آفريڪا!
ٽانگانيڪا- ٽانگانيڪا
او صنم تيري قسم
ڪالي هين پر دل والي هم
دل بِنا يه رنگ گورا هي ڦِيڪا
تم ني ديکا ڪيا ڀلا؟
گر نه ديکا آفريڪا- ٽانگانيڪا
ٿي وهان وه مهجبين
ره گيا مين ڀي وهين
جانا ٿا مجهي، اري جانا ٿا مجهي،
آمريڪا- آمريڪا- آمريڪا
تم ني ديکا ڪيا ڀلا؟
گر نه ديکا آفريڪا- ٽانگانيڪا، ٽانگانيڪا
سو ”ٽانگانيڪا“ جي ”تنزانيا“ ٿيڻ بعد به ڪيترا سال اسان جي زبان تي تنزانيا بدران ٽانگانيڪا هوندو هو جيئن ملائيشيا بدران ملايا هو. اڄ جڏهن ڪيترا سال گذري ويا آهن ته به دماغ ۾ چنائي، ودودرا، ممبئي ۽ ڪولڪتا بدران انهن شهرن جا پراڻا نالا مدراس، بڙودا، بمبئي ۽ ڪلڪتا اچيو وڃن. پهريون دفعو جڏهن اسان جو جهاز دارالسلام وڃي رهيو هو ته والدين کي ان بندرگاهه جي ائڊريس ۾ “دارالسلام، ٽانگانيڪا” لکي ڏنو هوم جو اسان اسڪول جي ڏينهن ۾ گاديءَ جا شهر ياد ڪرڻ دوران دارالسلام “ٽانگانيڪا” جي گاديءَ جو شهر ياد ڪيو هو. هاڻ پراڻا نالا کڻي نه رهيا آهن جيئن پرشيا هاڻ ايران سڏجي ٿو پر ان هوندي به اتي جا مشهور غاليچا ۽ ٻليون “پرشن” سڏجن ٿيون، جيئن ٿائلينڊ جون ٻليون ٿائيلينڊ جي اصلوڪي نالي “سيامي” سان سڏجن ٿيون. اهڙي طرح هڪ خاص قسم جي مڇي ۽ واڳون پڻ Siamese سڏجن ٿا ۽ اهي جانور ٿائلنڊ ۾ ٿين ٿا. ڪيترا ماڻهو جن کي اها خبر ناهي ته سيام دراصل ٿائلنڊ هو، اهي اڪثر اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته هيءَ ٿائلنڊ جي سيامي ٻلي آهي. سياميءَ جو مطلب ئي ٿائي آهي. جيئن اسان وٽ ڪيترا ماڻهو، ”آبِ زم زم جو پاڻي” يا “سنگمرمر جو پٿر” چوندا آهن. دراصل آب جي معنيٰ ئي آهي پاڻي ۽ سنگ جو مطلب پٿر آهي.
ڪيترن ملڪن يا شهرن جا نالا ته بدلجيو وڃن پر انهن ۾ موجود مختلف شين جا رکيل اهي نالا قائم رهن ٿا. جيئن انگريزن جي رکيل نالي بمبئيءَ کي هاڻ ممبئي سڏيو وڃي ٿو پر حيدرآباد جي ”بامبي بيڪريءَ“ جو نالو اڄ به ساڳيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو پنجاهه يا سئو سالن کان پوءِ جي نوجوان کي اها خبر نه پوي ته بامبي ڪهڙي بلا آهي! اهڙي طرح ٽانگانيڪا ملڪ جو نالو تنزانيا ٿي ويو آهي پر اتي جي مشهور ڍنڍ کي اڄ به ”ٽانگانيڪا ڍنڍ“ سڏيو وڃي ٿو.
دنيا ۾ سائيبيريا جي بائيڪل (Baikal) ڍنڍ بعد ٽانگانيڪا ڍنڍ ٻيو نمبر تي مٺي پاڻيءَ جي وڏي ڍنڍ آهي، جنهن جي پکيڙ 33000 چورس ڪلوميٽر آهي. ان ڍنڍ جو اڌ کن ڪنارو تنزانيا ۾ اچي ٿو باقي ڪانگو، برونڊي ۽ زئمبيا ملڪن ۾ اچي ٿو. اها ڍنڍ ٽٻ ٿيڻ تي سندس فالتو پاڻي ڪانگو نديءَ ذريعي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان جي منڇر ڍنڍ جو پاڻي سنڌونديءَ ذريعي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. منڇر ڍنڍ به ايشيا جي مٺي پاڻيءَ جي وڏين ڍنڍن مان هڪ آهي پر ٽانگانيڪا ڍنڍ ايڏي وڏي آهي، جو منڇر ڍنڍ جهڙيون ان مان 130 ڍنڍون ٺهن. منڇر ڍنڍ جي ايراضي 250 کن چورس ڪلوميٽر ٿيندي.
اهو ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته آفريڪا جا ماڻهو پنهنجي ڍنڍ کي ڪيڏو صاف سٿرو رکيو ويٺا آهن جنهن ۾ نه فقط مختلف قسم جي مڇين جي گهڻائي آهي پر آمدرفت پڻ جاري آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي منڇر تباهه ٿي وئي آهي. سندس پاڻي زهريلو ٿيڻ ڪري اهو نه پيئڻ جي ڪم اچي ٿو ۽ نه ان ۾ مڇيون ۽ پکي سلامت رهن ٿا. ٽانگانيڪا ڍنڍ ۾ هزارين ٻيڙين، لانچن، بتيلن کان علاوه ٻه وڏيون فيريون (مسافر بردار جهاز) به هلن ٿا، جيڪي مسافر ۽ انهن جو سامان ۽ سواريون ڍنڍ جي چوڌاري ملڪن: تنزانيا، بروندي، ڪانگو (DRC) ۽ زئمبيا جي بندرگاهن تي لاهين چاڙهين ٿا. هن ڍنڍ جي ويڪر 70 ڪلوميٽر آهي ۽ ڊيگهه 675 ڪلوميٽر آهي - سمجهو ته حيدرآباد کان ملتان جيترو فاصلو ٿيو. سمنڊ جي ڪناري واري شهر دارالسلام کان 1200 کن ڪلوميٽر پري هن ڍنڍ جي مصروف ۽ وڏي بندرگاهه ڪِيگوما (Kigoma) تائين ريل گاڏي رستي وڃي سگهجي ٿو، جيڪا 20 ڪلاڪ کن وٺي ٿي. ڪِيگوما کان هفتي ۾ هڪ دفعو MV Liemba نالي فيري جهاز زئمبيا تائين وڃي موٽي ٿو. رستي تي اهو ڍنڍ جي مختلف بندرگاهن ۾ ترسي پڻ ٿو. پر يارو! آفريڪا ٿي ڪري ڇا ريل جو اعليٰ نظام آهي ۽ ڇا مختلف بندرگاهن ۽ اتي جي رهواسين جو نمونو آهي! اهڙيون ئي هنن آفريڪي شهرن جون آرامده ۽ ماڊرن بسون ۽ روڊ آهن. هتي جي ماڻهن کي ڇا ڄاڻ ته سئو سال اڳ جي ايشيا ڪُئين “ڪراچي” جو اڄ ڇا حال ٿي ويو آهي! ڪيڏانهن ويون بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) تي هلندڙ ٽرامون ۽ وڪٽوريا بگيون، ڪيڏانهن ويا هن شهر ڪراچيءَ جا خوشبودار روڊ جيڪي روز گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوپندا هئا. اڄ انهن جُهريل ۽ ڀڳل رستن تي کنڊهرن جهڙين بسين جي ڇتين تي معزز شهري ڀولڙن وانگر اوڪڙون ويهي سفر ڪري رهيا آهن.
بهرحال ٽانگانيڪا ڍنڍ جو نالو ان ڪري کڻي ويٺس ته هن ملڪ جو نالو اڌ صديءَ کان بدلجي چڪو آهي پر هن ڍنڍ جي قائم هجڻ ڪري ماڻهن جي وات تي ٽانگانيڪا نالو اڄ به قائم آهي.
نه فقط ڍنڍ ڪري پر اهو نالو “ٽانگانيڪا” هڪ وبائي مرض ڪري به دنيا ڄاڻي ٿي جيڪو “ٽانگانيڪا ٽهڪن وارو مرض” Tanganyika Laughter Epidemic سڏجي ٿو. جيئن 1894ع ۾ انڊيا ۾ ببونڪ پليگ شروع ٿي هئي يا 1972ع ۾ آمريڪا ۾ لنڊن فلو ٿي ۽ 1968ع ۾ هانگ ڪانگ فلو ۽ 1918ع ۾ يورپ ۾ Spanish فلو، تيئن 1962ع ۾ هيءَ ٽهڪن واري وَبا ٿي هئي! “ٽانگانيڪا لافٽر” اڄ واري تنزانيا ملڪ جي وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري واري هڪ ڳوٺ ڪاشاشا (Kashasha) ۾ ڇوڪرين جي هڪ اسڪول جي هاسٽل ۾ شروع ٿي هئي. پهرين ٽن ڇوڪرين کي هيءَ کل جي هسٽيريا ٿي. جنهن لاءِ ميڊيڪل جو ٽرم Mass Psychogenicillnass آهي. انهن ٽن ڇوڪرين مان اها کِل جي وبا سڄي اسڪول ۾ پکڙجي وئي ۽ ان اسڪول جي 159 ڇوڪرين مان 95 وٺجي ويون. هن بيماريءَ ۾ مريض کي مٿي ۾ سور، چَڪر، گهوماٽ، دل ڪچي، الٽي، ٿَڪُ، کنگهه ۽ دانهون ڪرڻ تي دل چوي ٿي. ايتري قدر جو ماڻهو ان کي لڳت ۽ غيبات جو به اثر چون ٿا. هي علامتون ڏينهن اڌ کان سورهن ڏينهن تائين رهن ٿيون. مٿين ڇوڪرين جي عمر 12 کان 18 سال هئي. باوجود ڪوشش جي هو پڙهائيءَ تي ڌيان نه ڏئي سگهيون، نتيجي ۾ ڏيڍ مهيني بعد اسڪول بند ڪيو ويو. هيءَ وبا ڀر واري ڳوٺ شمبا (Nshamba) ۾ به وڌي وئي جتي جون ڪجهه ڇوڪريون مٿئين اسڪول جي هاسٽل ۾ رهيل هيون، جيڪي اسڪول بند ٿيڻ تي پنهنجي ڳوٺ شمبا موٽي آيون هيون. ڪجهه ڏينهن بعد ان ڳوٺ جي نوجوانن تي به کل جو دورو پئجي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 200 کان مٿي هن وبا جو شڪار ٿي ويا. ان بعد هيءَ وبا بقوبا (Bukoba) شهر جي اسڪول ۾ به 50 کن ڇوڪرين ۾ پکڙجي وئي. کلڻ سان گڏ ڇوڪرين کي ساهه ۾ به تڪليف ٿي ٿي ۽ بيهوش ٿي ويون ٿي. بهرحال هيءَ وبا 18 مهينا کن هلي جنهن ۾ اوسي پاسي جي شهرن جا چوڏهن اسڪول بند ٿي ويا ۽ جملي هزار کن ماڻهو هن وبا جو شڪار ٿيا. اڄ جيتوڻيڪ ٽانگانيڪا ملڪ تنزانيا جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو پر اها وَبا اڄ به ‘ٽانگانيڪا لافٽر’ جي نالي سان سڏي وڃي ٿي، جنهن ملڪ جي ڪيترن شهرن جي اسڪولن کي سال کن بند ڪرائي ڇڏيو.

ممباسا، نئروبي، دارالسلام ۽ زئنزيبار جي بيهڪ

ٽانگانيڪا ملڪ (جيڪو هاڻ تنزانيا سڏجي ٿو)، دارالسلام، ممباسا (جيڪو ڪينيا جو بندرگاه آهي) ۽ زئنزبيار جي پوزيشن ڇا آهي؟ ٽانگانيڪا ۽ ڪينيا ملڪ هڪ ٻئي سان ائين مليل ۽ هڪ ٻئي جي ڀرسان ائين آهن، جيئن اسانجو ملڪ پاڪستان ۽ ايران آهي. اسان جو ملڪ ۽ ايران ايشيا کنڊ ۾ آهن ۽ هوڏانهن تنزانيا ۽ ڪينيا وغيره آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي آهن، جن کي پڻ هندي وڏي سمنڊ جو پاڻي ڇهي ٿو. ڪينيا جي گاديءَ جو شهر “نئروبي” آهي پر ڏٺو وڃي ته آڳاٽو شهر ممباسا آهي جيڪو بندرگاهه پڻ آهي. نئروبي ته ائين ڪالهه جو شهر آهي، جيئن ملائيشيا جو ڪوالالمپور آهي يا کڻي سمجهو ته اسانجو اسلام آباد آهي. سوا سئو سال اڳ نئروبي شهر جو نالو نشان به نه هو. 1899ع ۾ نئروبي وجود ۾ اچڻ لڳو سو به اتفاقي طور! انگريز جي ريل گاڏيءَ جو شوق نه رکن ها ته نئروبي شهر اڄ ڏينهن تائين نه ٺهي ها. انگريزن جي هڪ ڳالهه آهي ته هنن جو جنهن ملڪ تي قبضو ٿيو ٿي اتي رود رستا ۽ ريل جا پٽا وڇايا ٿي، جيئن انهن ملڪن جي اندروني حصي جو سامان سمنڊ جي ڪناري واري شهر (بندرگاهه) تائين پهچائي سگهجي، جتان پاڻي جي جهازن ذريعي سندن ملڪ انگلنڊ ڏي وڃي سگهي. هنن سنڌ ۾ به اچڻ سان اتي تعليمي ادارن، اسپتالن سان گڏ ريل ۽ پڪا رستا به ٺهرايا ۽ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين گاڏي شروع ڪئي. اهو ئي ڪم هنن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪيو.
يوگنڊا ملڪ سمنڊ جي ڪناري تي ناهي سو يوگنڊا جي اندرين حصي کي ڪينيا سان ڳنڍڻ لاءِ هنن ڪمپالا (يوگنڊا جي وڏي شهر) کان ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا تائين ريل جا پٽا وڇائڻ شروع ڪيا. ان ڪم لاءِ هنن مزور ته مڪاني شيدي استعمال ڪيا ٿي پر مستري ۽ ڪاريگر ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) مان سک، گورکا، پنجابي ۽ پٺاڻ وٺي آيا، جيئن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ريل جي ڪم لاءِ ڏکڻ هندوستان جا تامل ۽ بنگالي آندا هئائون. هي ڪم ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا کان شروع ڪيائون ۽ ٻئي پاسي يوگنڊا جي ڪمپالا شهر وٽان. حيدرآباد کان ڪراچي سپر هاءِ وي ٺهيو هو ته اٽلي وارن به ٻنهي طرفن کان ڪم شروع ڪيو هو. وچ تي يعني نوري آباد وٽ هنن پنهنجا گدام ٺاهيا، جتي مشينيون ۽ ٻيو سامان رکيو. ان بعد نوري آباد مشهور ٿي ويو. اهڙي طرح انگريزن “نئروبي نديءَ” جي ڪناري تي جتي اڄ وارو شهر نئروبي آهي، اتي ريلوي جي سامان لاءِ گدام ۽ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ رهائش گاهه ٺاهيا. اهو ڪم سال 1899ع ۾ شروع ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي نئون آباد ڪيل ڳوٺ نئروبي وڌي وڌي وڏو شهر ٿي ويو ۽ بعد ۾ ممباسا کان به وڏو ۽ اهم ٿي ويو ۽ ڪينيا جي گاديءَ جو شهر ٿيو. هوڏانهن ڀرواري سامونڊي ڪناري واري ملڪ ٽانگانيڪا جي گاديءَ جو شهر دارالسلام هو جيڪو نه رڳو وڏو شهر هو پر بندرگاهه به هو. ٽانگانيڪا جي سامهون سمنڊ ۾ ٻيٽن جي صورت ۾ “زئنزيبار” ملڪ آهي جيڪو هڪ الڳ ٿلڳ ملڪ هو جنهن جون پوسٽ جون ٽڪليون به الڳ هيون پر دبئي ۽ برونائي وانگر هي ملڪ انگريزن جي سنڀال (Protectorate) هيٺ هو. اها سنڀال 1890ع کان جاري هئي، جيڪا 1963ع ۾ انگريزن ختم ڪئي ۽ برونائيءَ وانگر زئنزيبار کي به ان ملڪ جي سلطان حوالي ڪيو. پر ڪي ٻه چار مهينا به مس گذريا ته زئنزيبار جي عوام پنهنجي سلطان جمشيد بن عبدالله خلاف انقلاب آندو. سلطان پنهنجن ٻارن سان گڏ پنهنجي اصل وطن عمان ڀڄي ويو پر هن کي اتي به هميشه لاءِ رهڻ نه ڏنو ويو ان ڪري زندگيءَ جا باقي ڏينهن هن انگلينڊ جي شهر پورٽس مائوٿ ۾ گذاريا.
زئنزيبار جي سلطان جي خلاف هن انقلاب ۾ اٽڪل ويهه هزار ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي عرب ۽ انڊين رفيوجي جيڪي زئنزيبار ۾ رهيل هئا، زئنزيبار ڇڏي ڀڄي ويا. ملڪ کي هلائڻ لاءِ هڪ سياسي پارٽيءَ سوشلسٽ حڪومت ٺاهي ۽ 1964ع ۾ ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار جي حڪومتن گڏجي هڪ نئون ملڪ ٺاهيو، جنهن جو نالو رکيائون “تنزانيا” پر اهو آهي ته زئنزيبار کي ڪافي خودمختياري ڏني وئي جيئن ملائيشيا ۾ صباح ۽ سراواڪ رياستن کي ڏني وئي. ايتري قدر جو صباح ۽ سراواڪ جا ماڻهو ڪوالالمپور پاسي يعني ويسٽ ملائيشيا اچي سگهن ٿا ۽ جائيداد به خريد ڪري سگهن ٿا پر ملاياجا بنا موڪل جي صباح سرواڪ وڃي نٿا سگهن. اهڙي طرح ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار جيتوڻيڪ گڏجي هڪ ملڪ تنزانيا ٿي ويو آهي پر ٽانگانيڪا وارا زئنزيبار ۾ بنا موڪل جي نه اچي سگهن ٿا ۽ نه جائيداد خريد ڪري سگهن ٿا. دارالسلام کان زئنزيبار 80 کن ڪلوميٽر آهي ۽ فيري ٻه کان ٽي ڪلاڪ وٺي ٿي. يعني فيريءَ تي مدار آهي ته ڪهڙي رفتار جي آهي ۽ سمنڊ تي پڻ، جو ڇوليون ڪڏهن سامهون جون آهن ته ڪڏهن پٺيان جون. فيريءَ مطابق ان جي ٽڪيٽ 35 کان 50 آمريڪن ڊالر آهي. ممباسا کان زئنزيبار اچڻ لاءِ مون کي پهرين ممباسا کان دارالسلام بس ذريعي اچڻو پيو، جيڪو 500 ڪلوميٽر فاصلو ٿيندو. بس بارڊر واري شهر نمانگا ۾ بيهڻ کان علاوه ڪينيا توڙي تنزانيا جي ٻن ٽن شهرن ۾ ترسي ٿي جيئن مسافر ساهي پٽي سگهن. اسان جي ماڻهن کي هن پاسي سفر ڪندي حيرت ضرور ٿيندي ته آفريڪا جا شهر ٿي ڪري ڇا ته اسان کان وڌيڪ ماڊرن آهن ۽ اهو ئي بهتر حال هتي جي بسن، روڊن ۽ پيٽرول پمپن ۽ اسٽاپن جو آهي، جتي بهترين ريسٽورنٽن ۽ کاڌي پيتي جي شين کان علاوه مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ Toilets آهن ۽ بيحد صاف سٿري حالت ۾ آهن. اهائي حيرت مون کي انڊيا جي شهرن ۾ سفر ڪندي ٿي جتي جي بس اسٽاپن تي ديسي توڙي ولائتي فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽون ۽ مسافرن جي آرام لاءِ ٻيون سهولتون ۽ صفائي سٿرائيءَ واريون حالتون مهيا ٿيل آهن. پوني، کنڊالا/ لوناوالاجهڙا بس اسٽاپ ته يورپ جي سئٽزرلئنڊ جهڙن ملڪن جو ڏيک ڏين ٿا.
ڪينيا ۽ تنزانيا جيتوڻيڪ آفريڪي ملڪ آهن جن لاءِ ٻاهر جي دنيا کي اهو ئي خيال هجي ته اتي جا ماڻهو ڄٽ ۽ حڪومتون ڪرپٽ هونديون. پاڙي جا ملڪ هجڻ ڪري هنن جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر آئون ڏسان پيو ته ڌارين ملڪن جي سياحن (Tourists) کي پنهنجن ملڪن ۾ اچڻ ۽ سک جي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن هڪ ٿي اهڙا ته قاعدا قانون ٺاهيا آهن، جو اسان ڌارين کي سهولت رهي، جيئن هو هنن جي ملڪ ۾ ايندا رهن، خوب پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪندا رهن جن مان انهن ٻنهي ملڪن جي حڪومت ۽ عوام خوب ناڻو ڪمائي ٿي.
هي ائين آهي جيئن ملائيشيا ۽ سنگاپور يا ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ! هونءَ ڀلي سندن هڪ ٻئي سان کِٽ پٽ لڳي پئي هجي پر ٽوئرسٽن کي ان جو ڪو سيڪ نٿو رسي. بارڊر ٽپڻ ۾ منٽن جا فيصلا ٿيو وڃن. سٺا رستا، سٺيون بسيون ۽ ڪارون، ويزا ڏيڻ وارا آفيسر مددگار ۽ ڪمپيوٽر جي ڪم ۾ ايڪسپرٽ، ڪينيا کان يوگنڊا وڃ يا تنزانيا کان برونڊي، ڪا تڪليف ۽ ٽينشن ناهي. ماڻهو پنهنجين ڪارن ۾ پيا بارڊر ٽپن. هڪ اسانجو ملڪ آهي جنهن ۾ اهي ڳالهيون اڃان ناممڪن آهن. چاهي انڊيا وڃ يا ايران- ايران وڃڻ ۾ کڻي ٻي تڪليف ناهي پر ڪوئيٽا کان بارڊر تائين ڇا چيلهه چٻي ڪرڻ وارو رستو آهي ۽ هوڏانهن امرتسر ويندي اسانجي بارڊر تي اسان جا سرڪاري ڪامورا اسان کان ئي رشوت وٺڻ جي چڪر ۾ ڇا ته ذهني طرح پريشان ڪن ٿا!
ڪينيا تنزانيا وارو بارڊر مختلف هنڌن تان ڪراس ڪري سگهجي ٿو جيئن ته نامانگا (Namanaga) ۽ هوليلي (Holili) وٽان. نامانگا شهر جيڪو نئروبيءَ کان 180 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ٻنهي ملڪن ۾ اچي ٿو. تنزانيا جي شهر اروشا (Arusha) ۽ نامانگا جي وچ ۾ 110 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. نامانگا شهر جي ٽوئرزم مان وڏي ڪمائي آهي. شهر جي ٻنهي پاسي، يعني ڪينيا ۽ تنزانيا پاسي جبل ئي جبل آهن. هتي جو مشهور جبل ڪِليمانجارو به پري کان نظر اچي ٿو. اهڙي طرح هوليلي (Holili) به بارڊر تي بين الاقوامي شهر آهي، جيڪو موشي شهر کان 40 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. هتي به ايندڙ ويندڙ سياحن جي يڪدم اميگريشن ۽ ڪسٽمس ٿيو وڃي ۽ هو هڪ کان ٻئي ملڪ پهچيو وڃن. ان ڪري هن شهر کي به “ون اسٽاپ بارڊر پوسٽ” سڏين ٿا. اهڙي طرح بارڊر جي ڪينيا پاسي تاويٽا (Taveta) ۽ ووئي (Voi) شهر ۽ تنزانيا پاسي اروشا، موشي (Moshi)، هوليلي مشهور آهن، جتي دنيا جا - خاص ڪري يورپي ٽوئرسٽ ترسن ٿا.
ڪينيا جو ممباسا اهم بندرگاهه آهي ۽ تنزانيا جو دارالسلام کان علاوه توارا (Mtwara) ۽ ٽانگا (Tanga) به مشهور بندرگاهه آهن. بارڊر واري شهر نامانگا کان تنزانيا جي بندرگاهه دارالسلام تائين 700 ڪلوميٽر فاصلو آهي ۽ بس ۾ ويهه ڪلاڪ کن لڳيو وڃن. بسون تمام ماڊرن، نيون ۽ آرمده آهن ۽ 60 کان 70 ڊالر يعني نو هزار روپيا ڀاڙو اٿن. رستي تي موشي ۽ اروشا جهڙن شهرن ۾ به بس ترسي ٿي ۽ اهي شهر اهڙا آهن، جتي ڏينهن اڌ گذاري هن پاسي جي دنيا جو واءُ سُواءُ لهي سگهجي ٿو. پر توهان جيڪڏهن دارالسلام وڃي رهيا آهيون ته اهو هڪڙو شهر ئي “لکان جو مَٽُ” آهي. دارالسلام آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي مڙني شهرن ۾ وڏي ۾ وڏو ٽاپ جو شهر آهي. هونءَ سڄي آفريڪا کنڊ ۾ ستين نمبر تي وڏو شهر آهي. آفريڪا کنڊ ۾ نائيجيريا جو لاگوس سڀ کان وڏو شهر آهي. ان بعد مصر جو قاهره، الجيريا جو الجيريس، مراڪش جو ڪسب لنڪا، ڪانگو جو ڪن شاسا، سائوٿ آفريڪا جو جهانسبرگ- ان بعد ستين نمبر تي دارالسلام آهي. آئوري ڪوسٽ جو عابد جان، سوڊان جو خارطوم ۽ مصر جو السڪندريا ان بعد اچن ٿا.
زئنزيبار ٻيٽ دارالسلام بندرگاهه جي بلڪل سامهون آهي. دارالسلام جي Sokoine ڊرائيو (روڊ) تان اعظم مئرين ڪمپنيءَ جي فيري بڪنگ آفيس مان فيريءَ جي ٽڪيٽ خريد ڪري سگهجي ٿي. فيري زئنزيبار ٻيٽ جي اسٽون ٽائون ۾ اچي ڇڏي ٿي، جتي نريري (Nyerere Road) ۽ مالاوي روڊ ملن ٿا. ڀر ۾ ڪينياٽا روڊ آهي.

اسان جي ناکئن جو آفريڪا پهچڻ جو طريقو

اڄڪلهه اسان جا ماڻهو لنڊن، پئرس، سنگاپور، دبئي ۽ ڪوالالمپور کان وڌيڪ واقف آهن. بزنيس جي خيال کان به اسان جي ماڻهن جو انهن شهرن سان واسطو رهي ٿو نه ته گذريل صديءَ جي شروعات تائين ٻه چار صديون اسان جي ماڻهن جو رخ سلون، عدن ۽ آفريڪا ڏي هوندو هو. جهاز صدين تائين ڪاٺ جا سڙهن وارا هئا، جيڪي جڏهن هڪ پاسي کان هوا لڳي ٿي ته ٻئي پاسي هليا ٿي. اڄ وانگر نه هو ته جنهن وقت دل چوي انجڻ اسٽارٽ ڪري پنهنجي مرضيءَ جي طرف ڏي هلڻ شروع ڪري ڏجي. انهن ڏينهن ۾ هوائن جي لڳڻ جو انتظار ڪبو هو. سيارو ٿيندو هو ۽ اتر جون هوائون لڳنديون هيون ته ايران ۽ عرب پاسي جا ناکئا سنڌ ڏي روانا ٿيندا هئا. سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات پاسي بيٺل ٻيڙا اڳتي لنڪا (سلون) ڏي هلڻ لڳندا هئا. اهڙي طرح اسان جي عربي سمنڊ تي مهينو ڏيڍ اتر اوڀر (North East) طرف جون هوائون لڳنديون هيون ته اسان جا ناکئا (Navigators) پنهنجن ٻيڙن کي آفريڪا ڏي هاڪاري ويندا هئا ۽ پوءِ اتي ئي اوسي پاسي جي بندرگاهن ۾ چار پنج مهينا گذاري جڏهن ڏکڻ اولهه (South westerly) هوائون لڳنديون هيون ته هو ننڍي کنڊ ڏي موٽندا هئا. رستو ڳولڻ لاءِ کين ناس جي دٻليءَ جيڏو قطب نما هوندو هو جنهن جي سُئي هر وقت اتر جو طرف ڏيکاريندي هئي. سو ان جي مدد سان هو اتر جي کاٻي پاسي يعني اولهه ڏي پيا ويندا هئا ۽ سٺي موسم ۽ سٺي سمنڊ موجب چئن پنجن هفتن ۾ آفريڪا کنڊ جي ڪناري سان وڃي لڳندا هئا. پهرين به ڪٿي لکي آيو آهيان ته اڄڪلهه جي ماڊرن دور ۾ جهاز هلائڻ لاءِ اسان کي فقط ان بندرگاهه جو طرف معلوم ڪرڻو پوي ٿو نه ته اڳ ۾ ناکئي (نائوخدا) کي طرف سان گڏ هوا جي رخ جي ڄاڻ رکڻ به ضروري هوندي هئي. جيئن 1498ع ۾ واسڪو ڊاگاما ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي جڏهن آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي پهتو ته هو ڪنهن سونهين (انڊيا تائين وٺي هلڻ واري گائيڊ) جي ڳولا ڪرڻ لڳو، ڇو جو واسڪو ڊاگاما کي اها ته خبر هئي ته انڊيا جو ڪنارو اهو سامهون اوڀر ڏي آهي پر هن کي عربي سمنڊ ۾ لڳندڙ هوائن جي رخ ۽ وقت جي خبر نه هئي. پوءِ هڪ سونهين واسڪو کي تڏهن هلڻ لاءِ چيو جڏهن مٿيون سائوٿ ويسٽرلي هوائون لڳڻ شروع ٿيون ۽ هو ميليندي ممباسا کان ڪاليڪٽ ڏي مهيني پوري ٿيڻ کان اڳ پهچي ويا. هنن کي اتان ٽن چئن مهينن بعد آفريڪا موٽڻ کتو ٿي جڏهن نارٿ ايسٽرلي هوائون لڳڻ واريون ٿين ٿيون. انڊيا پهچڻ سان واسڪو ڊاگاما مڪاني راجائن تي گهڻيئي رعب رکيا ۽ داداگيري ڪئي پر ان پهرين سفر ۾ واسڪو جي دال نه ڳري سگهي. ماڳهين جان بچائڻ لاءِ وٺي پويان پير ڪيائين. جيتوڻيڪ اها موسم انڊيا جي ڪناري کان آفريڪا ڏي موٽڻ جي نه هئي، پر موچڙن جي ڊپ کان واسڪو هوائن جي خلاف ڀڄڻ لڳو. سمنڊ ۽ هوائن کين اڳيان وڌڻ کان ٿڦرون ٿي هنيون پر هي ۽ هن جي جهازن جا خلاصي ٻاٿون کائي کائي ٽن مهينن بعد اچي آفريڪا جي ڪناري تي سٽيا. سو انجڻ جي ايجاد کان اڳ تائين جڏهن جهاز سڙهن (بادبانن) تي هليا ٿي، هوا جو رخ معلوم ڪري ان مطابق هلڻ ضروري هوندو هو ۽ طرف قطب نما ۽ قطب تاري ذريعي معلوم ڪيو ويو ٿي. ڏٺو وڃي ته سمنڊ تي ڪو صبح جو ڏهين يارهين بجي يا شام جو ٽي چئين بجي ننڊ مان اٿي جهاز جي ڊيڪ تي اچي بيهندو ته هن کي خبر ئي نه پوندي ته جهاز ڪهڙي طرف پيو وڃي. چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ نظر ايندو. سمنڊ تي اوڀر ۽ اولهه طرفن جي صحيح خبر فقط ان وقت ٿي پوي جڏهن سج اڀري ٿو ۽ لهي ٿو. تارن مان ايتري نٿي پوي جو ائين ناهي ته هي تارو ڏکڻ ڏي آهي ۽ هي تارو اوڀر ڏي. تارا هڪ هنڌ هجڻ بدران سڄي رات قطب تاري جي چوڌاري ڦرندا رهن ٿا. اهو به شڪر آهي جو قطب تارو هڪ هنڌ موجود رهي ٿو. هونءَ ڏٺو وڃي ته قدرت جون مهربانيون آهن. جي قطب تارو نه هجي ها، هوائن جا رخ تبديل نه ٿين ها، زمين ۾ ڌاتو نه هجن ها جنهن ڪري زمين ۾ چقمقي ڪشش نه ٿئي ها - يعني قطب نما جي سُئي اتر نه ڏيکاري ها ته سمنڊ تي ڪي جهاز هلي سگهن ها؟ هي ٻيون شيون GPS، سيٽلائيٽ نيويگيٽر، جيرو ڪمپاس (Gyro Compass) وغيره ته هاڻ جون ايجادون آهن جن ذريعي سمنڊ تي رستو ڳولڻ آسان ٿي پيو آهي. انهن جي ترقي ۽ موجوده صورت اختيار ڪرڻ ۾ صديون لڳي ويون. نه ته حضرت نوح ع جي زماني کان وٺي خلاصين سمنڊ تي قطب تاري ذريعي رستو ڳوليو ٿي.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته سمنڊ تي طرف سڃاڻڻ لاءِ قطب نما (Compass) ته ضرور استعمال ٿيندو اچي (جيڪو اتر جو طرف ٻڌائي ٿو) پر اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته جهاز ڪيترو هليو يعني هن وقت دنيا جي گولي تي ڪهڙي هنڌ تي آهي اهو جنهن اوزار ذريعي معلوم ڪيو وڃي ٿو ان کي اسان انگريزيءَ ۾ Sextant (سيڪسٽنٽ) سڏيون ٿا پر اسان جا مڪراني، ڪڇي، گجراتي يا ايراني ناکئا، ٻيڙيون هلائڻ وارا ”ڪماني“ سڏين ٿا. سيڪسٽنٽ ذريعي ڪنهن به تاري يا سياري جو Angle معلوم ڪري سگهجي ٿو. ان ڪم لاءِ به بهترين تارو “قطب تارو” آهي. ان جي افق سان ٺهيل ڪنڊ ذريعي Latitude معلوم ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته اتر قطب تاري جي سڄي رات نه فقط هڪ پوزيشن رهي ٿي پر اهو ڪمال آهي ته جنهن هنڌ جو جيڪو ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) آهي، اهو ئي ان هنڌ تان ان تاري جو افق سان Angle رهي ٿو. مثال طور ڪراچي 25 ڊگريون Latitude تي آهي. اتان ڪو جهاز ڏکڻ ڏي يعني ڪولمبو ڏي روانو ٿئي ٿو. ڏينهن کن هلڻ بعد هو قطب تاري جو سيڪسٽنٽ ذريعي Angle معلوم ڪري ٿو ته 23 ڊگريون اچي ٿو. يعني جنهن هنڌ تي جهاز آهي هو دنيا جي گولي تي 23 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي ٿيو... يعني جهاز ٻه ڊگريون، اٽڪل ڏيڍ سئو کن ميل ڏکڻ طرف پهتو آهي، يعني انڊيا جي سورت (Surat) بندرگاهه جي آسپاس آهي.
بهرحال اڄڪلهه سيڪسٽنٽ (ڪمانين) جا به ڪئين ماڊرن ماڊل نڪري پيا آهن جن ۾ ڳڻت مئڪروميٽرن ۾ به ٿئي ٿي پر اسانجي عام ناکئي کي پراڻي قسم جي ئي ڪماني سنوت ڏئي ٿي جنهن ۾ ورنيئر ڳڻت ۾ Calculation آهي ۽ هو اڄ به ان پراڻي ڪمانيءَ جي پڇا ڪندو رهندو آهي ته لاري واري چاندي جي ڪماني کپي. ان ڪمانيءَ تي چلڪڻي ڌاتوءَ سان انگ لکيل هجڻ ڪري هو ان کي چانديءَ واري ڪماني سڏي ٿو. بهرحال انهن ناکئن کي شاباس هجي جيڪي اڳ ۽ اڄ به گهٽ اوزارن جي، الله جي توڪل تي پنهنجي ٻيڙي کي نه رڳو دبئي، ممبئي، ڪولمبو پهچائين ٿا پر، ايران، عراق، سوماليا ۽ ڪينيا، تنزانيا کان به وڃيو نڪرن. دراصل هي ڪينيا يا تنزانيا جهڙا نالا ڪالهه جا آهن. تنزانيا نالو ته 1964ع ڌاري وجود ۾ آيو پر ڪينيا جي به اڄ کان سئو سال اڳ ڪنهن کي خبر نه هئي. هر هڪ اهو نالو آفريڪا جي هن ملڪ جي جبل جو ٻڌايو ٿي. آفريڪا جي هنن ساحلي علائقن تي (جن کي عربن سواحلي ڪنارو سڏيو ٿي) سورهين صديءَ جي شروعات ۾ پورچو گالين قبضو ڪيو. ٻن صدين بعد سترهين صديءَ جي آخر ۾ عماني عربن جو قبضو رهيو. هنن جو گهڻو زور غلامن جي خريد و فروخت تي هو. هنن آفريڪي شيدي ڦاسائي انهن کي پوک جي ڪم لاءِ عمان ۽ زئنزيبار ۾ لڳايو ٿي. ويندي پورچوگالين به هنن کان غلام خريد ڪيا ٿي. ڪينيا بدران ڪينيا جا بندرگاهه ممباسا ۽ ميلندي مشهور هئا. منگ گهراڻي جو چيني ائڊمرل “زهينگ هي” 1414ع ۾ هتي ميلندي ۾ آيو هو. 1498ع ۾ جڏهن واسڪوڊاگا ممباسا پهتو ته اتان هن کي ڀڄائي ڪڍيائون پر ميلندي ۾ هن جي وڏي آڌرڀاءُ ڪئي وئي. 1885ع ۾ ڪجهه سالن لاءِ جرمنن جو قبضو رهيو پر 1888ع کان هي علائقو انگريزن جي هٿ هيٺ رهيو ۽ برٽش ايسٽ آفريڪا ۽ ايسٽ آفريڪا پروٽيڪٽوريٽ جي نالن سان سڏجڻ لڳو. 1920ع ۾ هن ملڪ جو نالو هتي جي اتاهين جبل “ڪينيا” تان ڪينيا رکيو ويو. 1964ع ۾ انگريزن هن ملڪ کي خودمختياري يعني آزادي ڏني ۽ جومو ڪينياتا نالي سندس سياستدان ڪينيا جو والي وارث ٿيو.
سو ڏٺو وڃي ته سالن کان انڊيا، ايران يا عربستان کان جيڪي جهاز ران، سوداگر، ناکئا، واپاري هن پاسي يعني آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري ڏي آيا ٿي انهن جي زبان تي ڪينيا، تنزانيا وغيره نه هو پر ممباسا، ميليندي، زئنزيبار وغيره هئا جيڪي هن پاسي جا تاريخي ۽ آڳاٽا بندرگاهه هئا. هنن ڌارين کي آفريڪا جي سرزمين تي پهچي اندر وڃڻ جي به ضرورت نٿي ٿي. هنن کي جيڪي لونگ، ڦوٽا، عاج يا غلام کتا ٿي انهن جي خريداري مٿين بندرگاهن مان ئي ٿي وئي ٿي. اسانجي انڊيا کان به جيڪي سنڌي، گجراتي، ڪڇي، مڪراني، بلوچ، اسماعيلي، ڪوڪني، تامل مدراسي آفريڪا ڏي آيا ٿي انهن لاءِ مٿين بندرگاهن ۾ پهچڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. هنن انڊيا جو ڪنارو ڇڏي آفريڪا لاءِ اولهه جو رخ ڪيو ٿي. ٽن چئن هفتن اندر هنن جا سڙهن وارا ٻيڙا آفريڪا جي ويجهو ٿيا ٿي ته هنن کي پيمبا ۽ ان جي ڏکڻ ۾ انگوجا (Unguja) ٻيٽ نظر آيا ٿي، جيڪي زنجبار (Zanzibar) جا ٻيٽ سڏيا ويا ٿي. هنن جو گهڻو ڪم انگوجا ٻيٽ تي ئي ٿي ويو ٿي جنهن تي زئنزيبار شهر هو. هنن پنهنجو مال، اتي موجود سوداگرن کي وڪيو ٿي ۽ اتان ئي سودو سلف خريد ڪيو ٿي. ممباسا ۽ دارالسلام وڃڻ لاءِ هنن کي ڏينهن اڌ جو وڌيڪ سفر ڪرڻو پيو ٿي جو اهي بندرگاهه آفريڪا جي سرزمين تي هئا. انڊيا کان ايندڙ ناکئن کي جيئن ئي پري کان پيمبا ۽ ان جي کاٻي پاسي زئنزيبار وارو ٻيٽ “انگوجا” نظر ايندو هو ته انهن ڏي سڌو وڃڻ بدران پيمبا ٻيٽ کان ٿورو مٿي يعني اتر وارو رستو اختيار ڪندا هئا ته سڌو ممباسا کان وڃي نڪرندا هئا. دارالسلام بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ هو انگوجا ٻيٽ جي هيٺان يعني ٿورو کاٻو ڏکڻ وارو پاسو اختيار ڪندا هئا ته دارالسلام بندرگاهه ۾ پهچي ويندا هئا.
پڙهندڙن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته هندي وڏو سمنڊ جيڪو هڪ طرف آفريڪا کنڊ جي اڀرندي ڪناري کي ڇهي ٿو ۽ ٻئي پاسي انڊيا، سريلنڪا، مالديپ، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ڪنارن کي، ان ۾ صدين تائين فقط انڊين، عربن، ايرانين جا ٻيڙا نظر آيا ٿي. واپار وڙي تي انهن جوئي ڪنٽرول هو. يورپ پاسي وارن جو 1498ع کان پوءِ هن سمنڊ ۾ اچڻ ٿيو جڏهن پورچوگال جي واسڪوڊاگاما ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپي هن پاسي اچڻ جو رستو ڳوليو. پوءِ به هڪ صدي کن ته فقط پورچوگالي ئي نظر آيا ٿي. انگريزن، ڊچن، فرينچن ۽ ٻين کي هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جي سُڌ ٻُڌ پوءِ پئي. اهو ئي سبب آهي جو آفريڪا واري ڪناري جي شهرن يا شين جا نالا عربي يا فارسي سان تعلق رکن ٿا. جيئن دارالسلام معنا سلامتي جو گهر، زنجبار معنا ڪارن ماڻهن جو ملڪ، ويندي پيمبا ٻيٽ کي اڄ به الجزيره الخضراءِ (سائو ٻيٽ) سڏين ٿا يا موزمبق جنهن تي 1498ع ۾ واسڪوڊا گاما جي اچڻ بعد پورچوگالين جو قبضو رهيو، ايتري قدر جو سندن وڏي بندرگاهه جو نالو سندن ائڊمرل لارينزو (Lourenço Marques) نالي لارينزو مارڪس پورٽ رکيو، ان ملڪ تي پهرين عربن جو راڄ هو ۽ نالو موزمبق “موسيٰ البق”، موسيٰ بن بِقي، يا موسيٰ ابن مالڪ تان پيو جيڪو هن ڌرتيءَ تي پهريون عرب سوداگر هو. بعد ۾ هو هتي ئي رهي پيو.

سامونڊي طوفانن ۾ زئنزيبار ۽ ڪراچي

تنزانيا جڏهن الڳ الڳ ملڪ ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار هو تڏهن به ٽانگانيڪا جي گاديءَ جو شهر دارالسلام هو (۽ زئنزيبار جي گاديءَ جو شهر ’اسٽون ٽائون‘ هو). 1964ع کانپوءِ جڏهن هي ٻه ملڪ گڏجي هڪ تنزانيا ٿيو ته به دارالسلام گاديءَ جو شهر رهيو. پوءِ تنزانيا جي صدر جوليس نيريري جي حڪم سان 1974ع ۾ تنزانيا جي گاديءَ جو شهر دودوما (Dodoma) لاءِ اعلان ڪيو ويو ۽ شفٽنگ جو ڪم 1996ع تائين هلندو رهيو. “دودوما” شهر تنزانيا جي وچ ۾ ائين آهي، جيئن سمجهو اسان جي ملڪ ۾ لاهور آهي. پر اهو آهي ته ممباسا اڄ به ڪراچيءَ وانگر واپار وڙي، بندرگاهه ۽ ٽوئرسٽن جي اچڻ ڪري مشهور ۽ رونق وارو شهر آهي. خاص ڪري انهن ٽوئرسٽن لاءِ، جيڪي زئنزيبار وارا ٻه اهم ٻيٽ انگوجا ۽ پيمبا گهمڻ لاءِ اچن ٿا.
اوڻهين صديءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي زيزيما نالي هڪ مهاڻن جو ڳوٺ هو. 1865ع ۾ سلطان ماجد بن سعيد جيڪو زئنزيبار جو پهريون سلطان ٿيو تنهن هن ڳوٺ زيزيما (Mzizima) جي ڀر ۾ نئين شهر جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو، جيڪو اڳتي هلي “دارالسلام” جي نالي سان مشهور ٿيو. پر اڄ به ڪيترين شين جي نالن ۾ زيزيما جو پراڻو نالو اچي ٿو جيئن ته دارالسلام ۾ اسماعيلين جو 1967ع جو ٺهرايل “آغا خان زيزيما هاءِ اسڪول”. هن ڪميونٽيءَ جا هن پاسي توهان کي ڪيترائي اسڪول نظر ايندا جيڪي اڄ واري آغا خان پرنس ڪريم جي ڏاڏي سر سلطان محمد شاهه جي رهنمائيءَ هيٺ اوڻهين صديءَ کان تنزانيا ۾ ٺهيا. 1954ع تائين “تنزانيا ۾ آغا خانين جا 50 کن اسڪول هئا، جن ۾ لائبريريون، سائنس جي ڪلاسن لاءِ لئبارٽريون ۽ پلي گرائونڊ پڻ هئا. هي اسڪول هر مذهب ۽ هر ذات لاءِ هئا. آغا خان جي هنن اسڪولن مان پهريون اسڪول ڇوڪرين لاءِ زئنزيبار ۾ کوليو ويو هو. دارالسلام جي مڇي مارڪيٽ جيڪا هن علائقي جي وڏي ۾ وڏي مڇي مارڪيٽ آهي، ان جو نالو به زيزيما آهي.
مٿي زئنزيبار جي سلطان سيد ماجد بن سعيد جو ذڪر ڪيو اٿم جنهن زيزيما ڳوٺ جي ڀرسان نئين شهر دارالسلام جو پايو رکيو، ان زئنزيبار تي 1856ع کان 1870ع تائين حڪومت ڪئي. پاڻ سعيد بن سلطان جو پٽ هو جيڪو عماني سلطنت جو 1806ع کان 1856ع تائين آخري حاڪم هو. هن 1837ع ۾ ممباسا فتح ڪيو ۽ 1840ع ۾ پنهنجو تختگاهه مسقط (عمان) مان کڻائي زئنزيبار ٻيٽ جي “اسٽون ٽائون” ۾ قائم ڪيو. 1856ع ۾ سندس وفات تي هن جي سلطنت ورهائي وئي. هن جي ٽئين نمبر پٽ ثويني بن سعيد (Thuwayni Said) کي فقط عمان جو سلطان بنايو ويو ۽ ڇهون نمبر پٽ ماجد بن سعيد فقط زئنزيبار جو سلطان ٿيو جنهن دارالسلام شهر اڏرايو. تاريخ ۾ سندس 36 ڀائر ڀينرن جو ذڪر آهي جن مان ڪي هن سان گڏ زئنزيبار ۾ رهيا ٿي ته ڪي ٻئي سلطان ڀاءُ ثوينيءَ سان گڏ مسقط ۾. سلطان ماجد جي ولادت 1834ع ۾ سلطان سعيد بن سلطان جي گهر ۾ ٿي. سندس ماءُ اٿوپيا جي حبشڻ هئي.
اٿوپيا ڪٿي آهي؟
دراصل بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي هڪ پاسي يمن ۽ سعودي عرب آهي جنهن جا بندرگاهه: جده ۽ ينبوع هن ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) جي ڪناري تي آهن. ڳاڙهي سمنڊ جي ٻئي ڪناري - يعني جدي ۽ ينبوع (مڪي ۽ مديني) جي بلڪل سامهون سوڊان آهي جنهن جي مٿان مصر ۽ هيٺان حبش (Abyssinia) آهي جتي مڪي جا شروع وارا مسلمان ٻيڙين رستي سمنڊ ٽپي هجرت ڪري آيا هئا. اڄ به حبش جا شيدي حبشي سڏجن ٿا. پر اڄڪلهه هي ملڪ (حبش) ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ سامونڊي ڪناري واري پٽي جيڪو اريتريا (Eritrea) سڏجي ٿو باقي وڏو حصو جنهن جي هڪ پاسي جبوتي ۽ سوماليا آهي ته ٻئي پاسي ڏکڻ ۾ ڪينيا آهي، اٿوپيا (Ethiopia) سڏجي ٿو. بحرِ احمر سمنڊ جي ملڪ سعودي عرب جي ڏکڻ ۾ يمن آهي ۽ يمن جي اتر ۾ عمان آهي. ڏٺو وڃي ته عمان کان ممباسا (ڪينيا) يا زئنزيبار (تنزانيا) نه پري آهي ۽ نه اتي پهچڻ ۾ رستي جي ڏکيائي آهي. اتر جي هوائن تي سڙهن وارا ٻيڙا عمان جو ڪنارو ڏئي يمن پهتا ٿي ۽ خليج عدن وارو سمنڊ اڪري سوماليا جو ڪنارو ڏئي ممباسا کان اچي نڪتا ٿي ۽ ٿورو اڳيان زئنزيبار ۽ دارالسلام اچي ٿو. عمان جي سلطنت جو عمان مسقط سان گڏ زئنزيبار تي به قبضو ۽ حڪومت هئي. هو وڏو عرصو ٻنهي ملڪن جا سلطان ٿيا ٿي. سلطان ماجد بن سعيد جو والد سلطان سعيد بن سلطان آخري عماني سلطان هو، جيڪو عمان سان گڏ زئنزيبار جو به سلطان رهيو. سندس وفات بعد سندس هڪ پٽ ماجد فقط زئنزيبار جو سلطان مقرر ڪيو ويو ۽ ٻيو پٽ ثويني عمان جو سلطان ٿيو. يعني 1856ع ۾ زئنزيبار ۽ عمان ٻه الڳ الڳ حڪومتون ٿيون. سلطان ماجد کي ڪو پٽ ٻار نه هو ان ڪري هن جي وفات بعد سندس ڀاءُ “برغش بن سعيد” زئنزيبار جو ٻيو سلطان ٿيو. هو 1870ع کان 1888ع تائين حاڪم رهيو. هن زئنزيبار جي اسٽون ٽائون واري علائقي کي واهه جو ٺاهي ڇڏيو... روڊ رستا، پوليس کاتو ۽ چونڪيون، پاڻيءَ لاءِ جتي ڪٿي نلڪا، اسپتالون، سرڪاري ڪامورن لاءِ آفيسون جن ۾ اڄ وارو بيت العجائب (House of wonders) آهي. هُن شهر جي صفائي سٺائي لاءِ يورپي صلاحڪار رکيا هئا. شروع ۾ ڀائرن سان ڦڏو ٿيڻ تي هن کي ٻن سالن لاءِ بمبئي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي ،جتان موٽڻ تي هو زئنزيبار جو سلطان ٿيو. هن عماني سلطانن جون به عجيب ڳالهيون آهن جن مان ڪجهه پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اڳتي هلي لکڻ جي ڪوشش ڪندس. سلطان ماجد کي پٽ ٻار ته نه هو البته سيده خانفورا نالي هڪ ڌيءَ هئي جنهن جي پنهنجي سوٽ حمود بن محمد سان شادي ٿي. اڳتي هلي سلطان ماجد جو ڏوهٽو علي بن حمود زئنزيبار جو اٺون سلطان ٿيو ۽ پڙ ڏوهٽو عبدالله بن خليفا السعيد ڏهون سلطان ٿيو.
سلطان ماجد جي ڏينهن ۾ برٽش نيوي وارن وٽ ڪَل تي هلندڙ هڪ لوه ۽ ٽِيڪ ڪاٺ جو ٺهيل جهاز هو جنهن جو نالو شنندو (css.Shenandoah) هو. سندس ٺهڻ وقت اصل نالو ته سي ڪنگ هو. هي جهاز ان وقت وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي. سلطان ماجد اهو جهاز 1867ع ۾ انگريزن کان خريد ڪري ان جو نالو الماجدي رکيو ۽ بمبئي، زئنزيبار ۽ دارالسلام جي وچ ۾ مسافر کڻڻ لڳو. 1872ع ۾ هڪ سامونڊي طوفان زئنزيبار ٻيٽ سان اهڙو ٽڪرايو جو بندرگاهه ۾ بيٺل 6 جهازن سان گڏ هي جهاز الماجدي خشڪي تي چڙهي آيو ۽ کيس ڪافي نقصان رسيو. سندس عارضي مرمت بعد وڌيڪ مرمت لاءِ کيس بمبئي موڪليو ويو، مٿس 130 مسافر ۽ خلاصي به سوار ٿيا. ٻن ٽن ڏينهن بعد هن جي تري ۾ سوراخ ٿي پيو ۽ منجهس پاڻي داخل ٿيڻ تي اهو مسافرن سميت ٻڏي ويو.
دراصل مٿي بيان ڪيل سامونڊي طوفان اهي آهن، جيڪي هوائن جي تيز رفتاري مطابق انگريزيءَ ۾ Typhoon, Hurricane سائڪلون ۽ سونامي سڏجن ٿا. سمنڊ ۾ Low پريشر پيدا ٿي تيز هوائون ڪناري ڏي وڌن ٿيون. گهڻو ڪري انهن هوائن جي تيزي ڪناري وارن شهرن تائين پهچندي گهٽجييو وڃي پر ڪڏهن ڪڏهن اها برقرار رهي آبادين کي نقصان پهچائي ٿي. جيئن مٿئين هوائي طوفان ۽ سامونڊي ڇولين ۾ ايڏي طاقت هئي جو زئنزيبار جي گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، وڻ اکڙي ويا ۽ ڪناري تي ٻڌل يا لنگرانداز ٿيل جهاز رسا ڇنائي خشڪيءَ تي چڙهي آيا ۽ وڻن، گهرن ۽ ٻين اڏاوتن سان ٽڪرائجي جُهري پيا يعني Damage ٿي ويا. قدرت جو قانون ڪجهه ائين آهي ته ڪي ٻيٽ، بندرگاهه يا سامونڊي ڪنارا اهڙا آهن جتي ان قسم جا سامونڊي طوفان ڪڏهن ڪڏهن سَٽڪو ڪن ٿا پر گهڻو ڪري بچاءُ ٿيو وڃي. زمين جي ويجهو پهچندي اهي طوفان ڍرڙا ٿيو پون ۽ مال ۽ جان جو خير ٿيو وڃي جيئن زئنزيبار جهڙن ٻيٽن تي ٿئي ٿو يا خليج بنگال ۾ چٽگانگ ۽ ڪلڪتي جهڙن ڪناري وارن شهرن ۾ ٿئي ٿو. پوءِ اهڙن هنڌن جا رهاڪو اهڙي حساب سان رهن ٿا ۽ پنهنجو بچاءُ ڪن ٿا. پر ڪي ڪي ٻيٽ اهڙا آهن جن ۾ فلپين، انڊونيشيا يا ٻين ملڪن جا سوين ٻيٽ آهن جن کي طوفان هر وقت هِٽ ڪندا رهن ٿا. اتي ماڻهو رهڻ کان گريز ڪن ٿا ۽ اهي ٻيٽ هميشه ويران رهن ٿا. ڪي وري اهڙا هنڌ آهن جيئن اسان جو ڪراچي، جنهن ڏي صدين کان سامونڊي طوفان رخ رکندا اچن پر ويجهو پهچي اهي پنهنجي طاقت وڃايو ڇڏين ٿا يا انهن طوفانن جو رخ ڪراچي پهچڻ کان ڪجهه فاصلو اڳ انڊيا واري گجرات ڏي يا عمان ڏي مڙيو وڃي ۽ ڪراچي جا رهاڪو ڪجهه ڏينهن خوف کائي وري پنهنجي ڪرت ۾ لڳيو وڃن. ٻين لفظن ۾ قدرت بچاءُ ڪريو وٺي. سئٽلائيٽ فوٽو گرافي عام هجڻ ڪري اڄ جو ماڻهو انهن طوفانن جو زور اڳواٽ معلوم ڪريو ڊڄيو وڃي پر قدرت جو اهڙو نظام آهي جو اسان جو بچاءُ ٿيو وڃي. آئون ته اهوئي چوندو آهيان ته اسانجو بچاءُ جي نه ٿئي ته هي طوفان ۽ سامونڊي لهرون ڪراچي شهر ۾ داخل ٿي ان کي ڪلاڪن اندر ڍنڍ بڻائي ڇڏين ۽ اسان کي ڀڄڻ جو به موقعو نه ملي!

آفريڪا کي ڪنهن ٺاهيو ڪنهن ڊاهيو...

ممباسا کان آئون ذهن ٺاهيو ويٺو هوس ته ملائيشيا لاءِ روانگيءَ تائين زئنزيبار ۾ ئي رهندس. مون کي دارالسلام کان پينانگ (ملائيشيا) پنهنجي ڪمپنيءَ جي ڪارگو جهاز ۾ وڃڻو هو. جهاز کي دارالسلام پهچڻ ۾ اڃان چار ڏينهن کن هئا ۽ اهڙا ٻه ڏينهن کن بندرگاهه ۾ ترسي ان بعد جهاز کي روانو ٿيڻو هو. مون لاءِ جهڙو دارالسلام بندرگاهه هو تهڙو زئنزيبار. منهنجو ٻنهي بندرگاهن ۾ 1968ع کان وٺي ڪيترائي دفعا اچڻ ٿيو هو. ٻنهي شهرن جو ڪلچر آفريڪي هجڻ سان گڏ ايشين ۽ عرب نموني جو آهي. آدم شماري گهٽ ۽ موسم مينهوڳي ۽ ساوڪ ڪولمبو، بهاما، برمودا ۽ سنگاپور ٻيٽن جهڙي اٿس. واپاري طبقو اهو ئي گجراتي، سنڌي، ڪڇي، بوهري، آغا خاني، کوجا، پارسي... جن پوڙهن جون چَس ڀريون ڳالهيون مون کي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ به وڻنديون هيون ۽ جن جو ذڪر مون شروعاتي سفرنامن ۾ به ڪيو آهي. هونءَ ٻنهي شهرن جي جيڪڏهن ڀيٽ ڪجي ته خبر ناهي ڇو زئنزيبار بهتر ٿو لڳي... يعني مون کي! مون جڏهن ڳوٺ ڇڏيو هو ته انهن ڏينهن ۾ اسان جو ڳوٺ توڙي حيدرآباد جو هيرآباد، گاڏي کاتي ۽ صدر وارو علائقو اهڙو هوندو هو... زئنزيبار جهڙو – يعني پُرامن، خاموش، صاف سٿرو، تجاوز (encroachment) کان پاڪ. ماڻهو پُرخلوص ۽ لالچ ۽ ٺڳين کان خالي خولي.
دارالسلام پهچي مون سڌو فيري اسٽيشن جو رخ ڪيو. معلوم ٿيو ته اڄڪلهه صبح کان شام تائين پنج دفعا فيري دارالسلام کان زئنزيبار ۽ زئنزيبار کان دارالسلام اچي وڃي ٿي. مون کي شام جو چئين بجي ويندڙ فيريءَ ۾ سيٽ ملي. هتي جي ماڻهن لاءِ ٽڪيٽ 15 ڊالر کن آهي جيئن انڊيا ۾ تاج محل يا ان قسم جون عمارتون ڏسڻ لاءِ مڪاني ماڻهن لاءِ گهٽ ٽڪيٽ رکي وئي آهي پر ٻاهران آيل ٽوئرسٽ کان وڌيڪ ورتو وڃي ٿو. سو مون کي ان سفر لاءِ هڪ طرف جو ڀاڙو 40 ڊالر- يعني هتي جا 000 80 شلنگ ڏيڻا پيا جو هڪ آمريڪن ڊالر ۾ تنزانيا جا ٻه هزار شِلنگ آهن. بلڪه ڪٿي ڪٿي هڪ ڊالر 2400 شِلنگن ۾ ملي ٿو. پهريون دفعو جڏهن 1970ع ڌاري آيو هوس ته تنزانيا جي شِلنگ جي ڪجهه Value هئي ۽ هڪ ڊالر ۾ 600 شِلنگ مليا ٿي پر انهن ڏينهن ۾ اسان جي رپئي جو ته اڃان به وڌيڪ قدر هو. سرڪاري طرح 4 روپين ۾ هڪ ڊالر مليو ٿي پر بليڪ ۾ مهانگو ته به ڇهين رپئي مليو ٿي ۽ هاڻ 150 کان به مٿي روپيا ڏجن ٿا تڏهن هڪ ڊالر ملي ٿو. ان مان اندازو لڳايو ته اسان جي روپئي جو قدر تنزانيا، ڪينيا ۽ يوگنڊا جهڙن آفريڪي ملڪن جي ڪرنسيءَ کان به ڪري پيو آهي. اڄ اسان کي هڪ روپئي ۾ تنزانيا جا 15 شلنگ ملن ٿا. نه ته 1970ع ڌاري اسان جي هڪ روپئي ۾ 100 کان به مٿي شِلنگ مليا ٿي. اهوئي سبب آهي جو اسان حج تي يا ايران وڃون ٿا، هنن آفريڪي ملڪن ۾ اچون ٿا يا ويندي انڊيا ۽ بنگلاديش وڃون ٿا ته اسان کي هر شيءِ مهانگي لڳي ٿي.
اڳ ۾ ته اسان وٽ هڪ ٻه ۽ پنجن روپين جا به نوٽ هئا پر هاڻ انهن جي ڪا Value نه رهي آهي بلڪه ڏهين روپئي وارو نوٽ به يتيم لڳي ٿو. ڪنهن فقير کي ڏي ته هو به دل ۾ ٿو ڪري. هن پاسي به پهرين پهرين ته 50 ۽ 100 شلنگن جا به نوٽ هئا پر هاڻ ننڍي ۾ ننڍو نوٽ 500 شلنگن جو آهي. ان کان علاوه هڪ هزار، ٻه هزار، پنج هزار ۽ ڏهه هزار شلنگن جا نوٽ آهن. 500 شلنگن جي نوٽن کان علاوه ٻه سئو، هڪ سئو ۽ پنجاهه شلنگن جا سڪا به آهن. ڪو زمانو هو، جڏهن اسان مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ پڙهندا هئاسين ته دنيا جي مختلف ملڪن جا سڪا ۽ ٽڪليون گڏ ڪندا هئاسين ۽ ڪينيا (جيڪو ايسٽ آفريڪا پروٽيڪٽوريٽ سڏبو هو)، زئنزيبار، ٽانگانيڪا جهڙن آفريڪي ملڪن جون ٽڪليون ۽ سڪا ڏاڍا خوبصورت هوندا هئا. هاڻ ته انهن کي ڪو پڇي به نٿو. وڏي ڳالهه ته اهڙين شين جي گڏ ڪرڻ جو ڪو شوقين ئي نه رهيو آهي.
دارالسلام کان زئنزيبار ويندڙ فيريءَ جو ڀاڙو ڏئي ٻٽونءَ ۾ مٿان رکيل 500 شلنگن جو ننڍي قيمت وارو نوٽ غور سان ڏسان ٿو. ان تي ٺهيل سياستدان عبيد ڪروميءَ (سڄو نالو: (Abeid Amani Karomi جي تصوير ڏسي سڃاڻان ٿو. هو زئنزيبار جو پهريون صدر ٿيو هو، جيڪو عهدو هن کي زئنزيبار جي آخري سلطان سر جمشيد بن عبدالله ڏياريو هو. ڊسمبر 1963ع ۾ انگريز سرڪار زئنزيبار کي خودمختياري ڏني ۽ آئين مطابق زئنزيبار جو سلطان ملڪ جو حاڪم ٿيو. انهي دوران ملڪ ۾ انقلاب آيو پر عبيد ڪروميءَ پنهنجي سلطان کي بچائي ورتو. ان ڪري سلطان کيس زئنزيبار جي صدر جو عهدو ڏنو. ٽن مهينن بعد زئنزيبار ٽانگانيڪا سان شامل ٿيو ۽ نئين ملڪ تنزانيا جو جوليس نائريري صدر ٿيو ۽ عبيد ڪروميءَ کي نائب صدر بڻايو ويو. 1972ع ۾ هو شهر ۾ بائو (Bao) بورڊ راند کيڏي رهيو هو ته چئن بندوقن وارن هن کي شوٽ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. عبيد ڪرومي جو پٽ “عماني عبيد” صدارت جي اليڪشن ۾ ٻه دفعا کٽيو ۽ زئنزيبار جو صدر رهيو. هتي جي 500 شِلنگن جي نوٽ جي ٻئي پاسي هتي جي مشهور يونيورسٽي دارالسلام جي سينٽرل هال جي تصوير آهي. ڀر ۾ گرئجوئيٽ شاگرد ٽوپين سان بيٺا آهن.
هڪڙي ڳالهه آهي ته آفريڪا کي کڻي اسان اونداهو کنڊ سڏيون، يا اتي جا ماڻهو جاهل سمجهون، پر ائين ناهي. آئون سئيڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران اتان لکيل ڪتابن: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو، ڪراچي کان ڪوپن هيگن وغيره ۾ پنهنجن ڪلاس ميٽ آفريڪن بابت لکي چڪو آهيان ته هو (مرد توڙي عورتون) اسان کان ڪيڏو هوشيار، محنتي ۽ اعليٰ سوچ رکڻ وارا هئا. سو اسان ڪجهه به چئون پر هتي جا ڪارا خاص ڪري انهن ملڪن جا، جن تي انگريزن جي حڪومت رهي، تعليم ۾ اسان کان گهڻو اڳيان آهن ۽ انهن جي تعليمي درسگاهن ۾ تمام گهڻي پڙهائي ۽ ڊسيپلين آهي. اهي تعليمي ادارا کڻي انگريزن ٺهرايا، هتي رهندڙ آغا خانين، پارسين ۽ گجراتين ٺهريا يا ملڪ کي خودمختياري ملڻ بعد انهن ملڪن جي حڪومتن ٺهرايا - بهترين درسگاهه مڃيا وڃن ٿا. ٻي جنگ عظيم بعد ته يورپين، خاص ڪري انگريزن، سندن قبضي ۾ آيل ملڪن ۾ اڃان به وڌيڪ تعليمي ادارا، اسپتالون، روڊ رستا ٺهرايا... شايد اهو سوچي ته هاڻ حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو جتان ڪٿان اسان کي ڀڄايو ويندو سو ڇو نه اهڙيون شيون ڇڏيون ۽ مڪاني ماڻهن کي اهڙو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريون جو هو اسان کي ياد رکن. 1947ع ۾ اسان جي ملڪ کي انگريزن ڇڏيو. ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن کي ڏهه سالن بعد ۽ تنزانيا (ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار) جهڙن ملڪن کي 1964ع ڌاري... اهوئي سبب آهي جو 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ممباسا، موپوتو ۽ دارالسلام جهڙن شهرن جي سفرنامي ۾ مون اتي جي اسڪولن، گوشت مارڪيٽ ۽ کير جي دڪانن جي به تعريف ڪئي آهي ته ڪيئن اهي صاف سٿرا آهن. هر شيءِ ٿيليهين ۾ پئڪ ٿي ملي ٿي، مک مڇر جو نالو ناهي. مون لاءِ اهي حيرت جون ڳالهيون هيون جو مون آفريڪا کي پٺتي پيل ٿي سمجهيو. پر انگريز ڪجهه وڌيڪ عرصو رهي هنن کي وڌيڪ Civilized ۽ ماڊرن بنائي ويو! نه فقط مون کي حيرت ٿيندي هئي پر مون کي ياد آهي ته درٻيلي جي منهنجي جهازران ساٿي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم سان جڏهن هڪ دفعي ڪنهن ٻئي جهاز ۾ ممباسا آيو هوس ته هن به ان حيرت جو اظهار ڪندي مون کي چرچي طور چيو هو ته “يار انگريز کي اڃان به ڪجهه سالن بعد اسان کي آزادي ڏيڻ گهرجي ها”.
هو اڄ به دادو، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جي ملائيشيا، نائيجيريا، گهانا، ڪينيا جهڙن ملڪن جي شهرن سان ڀيٽ ڪندي چوندو آهي،“ لڳي ٿو سنڌ ۾ سئو سال کن حڪومت دوران انگريزن انهن شهرن جو ڪڏهن دورو به نه ڪيو. ان حساب سان برونائيءَ وارا هوشيار هئا جن کي انگريزن ملائيشيا ۽ سنگاپور سان گڏ آزادي ٿي ڏني ته هنن انگريزن کي منع ڪري ڇڏي ته ٻيلي اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيو جو اسان جا ماڻهو نه سڌريا آهن ۽ نه هنن کي ملڪ ٺاهڻ جو ارادو آهي. ملڪ جي ستياناس ڪري ڇڏيندا. انگريز ترسي پيا ۽ 25 سالن بعد 1984ع ۾ برونائيءَ کي آزادي ڏني. اڄ ڏسو ته برونائي سڀ ۾ بهتر آهي. هنن جو تعليم کان صحت تائين هر کاتو انگلينڊ جيان سڌريل ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ وارو لڳي ٿو!“ بهرحال ان ۾ ڪجهه کڻي چرچو به هجي جو حقيقت ته اها آهي ته اسان پاڻ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ صحيح نمائندن جي چونڊ ئي نه ڪئي ۽ نه اڄ تائين ڪريون ٿا.
حقيقت ته اِها به آهي ته ملڪ ٺاهڻ وارن ته بنا يورپي گورن جي به ٺاهي ڇڏيو، جيئن ٿائلينڊ آهي، جيڪو ڪنهن به يورپي ملڪ جي قبضي ۾ نه رهيو. جيئن انڊيا جي رياست ڀوپال آهي جنهن جون حاڪم جيتوڻيڪ عورتون رهيون پر هنن ڇا ته پنهنجي رياست ڀوپال کي ٺاهي ڇڏيو! پر افسوس جو ڪيترن ملڪن جي پنهنجن حاڪمن ته انگريزن جا ٺهيل ٺڪيل ادارا به تباهه ڪري ڇڏيا ۽ انهن گورن کان وڌيڪ ڦرلٽ ڪئي ۽ ملڪ جي دولت کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍي پنهنجي عوام کي مسڪين بنايو.
ملائيشيا وارن نه فقط انگريزن جي ڇڏيل پوليس، تعليم، ريلوي، وغيره کي قائم رکيو پر پهرين کان به بهتر بنايو. اهو ئي حال هن پاسي آفريڪا جي ملڪن جو آهي. جن ملڪن کي سٺا سياستدان ۽ ليڊر مليا اهي واه جا ملڪ آهن باقي جن کي ايدي امين جهڙا مليا، تن پاڻ کي قوم جو نمائندو سمجهڻ بدران پاڻ کي شهنشاهه سمجهي ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آفريڪا جي گهڻن ملڪن جا ليڊر شروع کان اهڙا ٿيا، جن رڳو پنهنجا کيسا ڀريا، عوام جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو. وري به ٽانگانيڪا کي انگريزن خودمختياري ڏني ته اتي جو وزيراعظم نائريري جيڪو پوءِ 1964ع ۾ ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار ملڪ جي ملي تنزانيا ٿيڻ تي ان جو به وزيراعظم ٿيو، بهتر آئٽم هو.
نائيريري (سڄو نالو: Julius Kambarage Nyerere) 1922ع ۾ ٽانگانيڪا ۾ ڄائو. سندس پيءُ هتي جي مشهور قبيلي زناڪِي (Zanaki) جو سردار هو. هن يوگنڊا جي مشهور ڪاليج Makerere مان ۽ ان بعد اسڪاٽلينڊ جي ايڊنبرو يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد ٽيچر ٿي رهيو. پاڻ مهاتما گانڌي ۽ ان جي ڳالهين مان بيحد متاثر هو ۽ هن وانگر بنا هنگامن ۽ وحشي فسادن جي آزاديءَ واري جدوجهد قائم رکڻ چاهي.
نائيريري 1964ع کان 1985ع تائين تنزانيا جو صدر رهيو ۽ ڏٺو وڃي ته هن پاڙي وارن آفريڪي ملڪن جي مقابلي ۾ تنزانيا کي خوب ترقي ڏياري. هن جي نه فقط تنزانيا ۾ پر سڄي آفريڪا ۽ دنيا ۾ وڏي عزت آهي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني مئٽرڪ ۽ انٽر کان وٺي جهازن تي نوڪري تائين واري عرصي ۾ دنيا جي خبرچار معلوم ڪرڻ لاءِ نه ٽي وي جا چئنل هئا ۽ نه انٽرنيٽ، جهاز سمنڊ تي هوندو هو ته ڪنهن ملڪ جو ريڊيو به ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو جيسين جهاز ڪناري جي وجهو پهچي يا Coasting ڪري - يعني ڪنارو ڏئي هلندو هو ته ريڊيو ٻڌي سگهبو هو سو به ان ملڪ جي ڪناري وٽان جتي انگريزي هلي ٿي نه ته ڏکڻ آمريڪا جهڙي سڄي کنڊ ۾ پورچوگالي ۽ هسپانوي ٻڌڻ ۾ آئي ٿي، جيڪا اسان جي سمجهه کان ٻاهر هئي. مون لاءِ دلپسند رسالا ٽائيم، نيوز ويڪ ۽ ريڊرس ڊائجيسٽ هوندا هئا. اهي سال اُهي هئا، جن ۾ آفريڪا جي ملڪن کي يورپي ملڪ خودمختياري ڏيندا ويا ۽ ان خود مختياريءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ سياستدان ۽ بعد ۾ انهن مان ٿيندڙ صدر يا وزير اعظمن جون خبرون مٿين رسالن ۾ وڏي شوق سان پڙهندا هئاسين. پوءِ اهي مغربي رسالا ڪِن شيدي يا ايشيائي ليڊرن جي تعريف ڪندا هئا ته ڪِن تي چرچا! اسان جو ذهن انهن رسالن جي راءِ مطابق رهيو ٿي. ٻين ليڊرن سان گڏ تنزانيا جي هن ليڊر جو احوال به وڏي شوق سان پڙهندا هئاسين ۽ اهڙن سٺن ليڊرن بابت پڙهي حسرت ٿيندي هئي ته اسان کي به اهڙا سٺا ليڊر ملن جيئن اڄ اسان چئون ٿا ته اسان کي به ’مهاتير‘ ۽ ’لي ڪئان يو‘ جهڙا ليڊر ملن. ايدي امين ۽ ٻين اهڙن آفريڪي ۽ ايشيائي ليڊرن جو پڙهي ڊپريشن به ٿيندو هو ته اسان جي ملڪن کي آزادي ملي ۽ پنهنجا ماڻهو حاڪم ٿيا ته انهن ملڪ کي بهتر بنائڻ بدران ملڪ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي. ۽ هاڻ يورپ وارا چٿرون ٿا ڪن ته توهان ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻهو نه سڌرندا. ٻيو ڪو چوي يا نه اسان پاڻ پنهنجن اکين سان انهن ملڪن جي بندرگاهن کي ڏسندا هئاسين ته انهن جي تباهي ڏسي افسوس ٿيندو هو ته هن کان ته انگريز، پورچوگالي يا فرينچ حاڪم بهتر هئا، جن اسان جي ملڪن کي لٽيو ته پئي پر ڪجهه ڪجهه ٺاهيو به ته پئي ۽ امن امان جي حالت به بهتر رکي ٿي.
نائيريريءَ هن ملڪ (ٽانگانيڪا ۽ بعد ۾ تنزانيا) تي 1961ع کان 1985ع تائين 24 سال حڪومت ڪئي. هن کي سندس ملڪ جا ماڻهو “قوم جو اَبو” ۽ سندن زبان ۾ Mwalimu يعني ٽيچر سڏين ٿا. هن جڏهن صدارت ڇڏي ته ملڪ کي مضبوط ۽ ڳنڍيل ڇڏيو. هن ملڪ ۾ ڀانت ڀانت جي قبيلن ۽ ٻولين جا ماڻهو رهن ٿا پر هو پاڻ کي تنزاني سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. هتي جو هڪ آفريڪي اسڪالر گاڊفري نائيريري بابت لکي ٿو ته:
It was Nyerere’s ideals of equality & social justice which sustained Tanzania and earned it a reputation as one of the most stable & peaceful countries in Africa, and one of the most united...
بنا شڪ جي جوليس نائيريري ويهين صديءَ جي مشهور اڳواڻن مان هڪ هو. هو ان وقت جي آفريڪي سربراهن، جن پنهنجي پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي، جيئن ته ڪينيا جو ڪينياتا، گهانا جو نڪرو ماه، گني جو سيڪوتوري، ڪانگو جو پئٽرڪ لوممبا ۽ ماليءَ جو موديبو ڪيئيٽا کان به وڌيڪ بهتر ۽ پسنديده هو. پاڻ 1999ع ۾ وفات ڪيائين.د ارالسلام جو هوائي اڏو نائيريري نالي آهي. سندس قدآور مجسمو تنزانيا جي نئين گاديءَ واري شهر دودوما جي وچ ۾ لڳل آهي. اسڪاٽلينڊ جي هيءَ يونيورسٽي آف ايڊنبرو، جتان نائيريريءَ گرئجوئيشن ڪئي آهي، هر سال جوليس نائيريريءَ جي ياد ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ ٽي اسڪالرشپون ڏئي ٿي.

ملڪن جي ترقيءَ جو سبب ’قانون ۽ انصاف‘ آهي

زئنزيبار وڃڻ لاءِ ”اعظم مئرين فيري“ جي بڪنگ آفيس مان ٽڪيٽ حاصل ڪري پنهنجي بئگ انهن وٽ ئي جمع ڪرائي رسيد ورتم. خبر ناهي هنن وٽ سامان جمع ڪرائڻ جو سسٽم آهي يا نه پر منهنجي چوڻ تي “توهان مون کي هينئر ويندڙ فيريءَ ۾ سيٽ نه ڏني آهي سو گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لگيج مان ته جان ڇڏرايو. شام تائين آئون هن بئگ کي ڪٿي گهليندو وتندس”. هنن يڪدم مون کان بئگ وٺي مون کي آجو تاجو ڪيو. منهنجي خيال ۾ سامان رکڻ جو ضرور بندوبست هوندو. ڪوالالمپور ۽ نئروبيءَ جي ريلوي اسٽيشن تي به ٽرين اچڻ تائين مسافرن جي سامان رکڻ جو بندوبست آهي ۽ اسان وٽ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ته آهي. گهٽ ۾ گهٽ 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي تائين ته هو. انگريزن جنهن جنهن ملڪ ۾ حڪومت ڪئي، اتي ان قسم جا سسٽم ٺاهي ڇڏيا. انگلينڊ ۾ به ائين آهي.
سامان جمع ڪرائڻ بعد آئون جهڙو آزاد پنڇي ٿي پيس. ٻٽونءَ کي پينٽ جي پٺئين کيسي ۾ رکيم. ڪجهه پئسا قميص جي اڳئين کيسي ۾ باقي پئسا ۽ پاسپورٽ گنجيءَ ۾ ٺهيل کيسي ۾ وجهي، زپ سان کيسو بند ڪري ڇڏيم. پرديس ۾ پئسن ۽ پاسپورٽ کي قابو رکڻ ضروري آهي. هڪ کيسو ڪٽجڻ تي ٻئي کيسي ۾ ته پئسا هجن. اعظم فيري بڪنگ جي آفيس سمنڊ جي ڪناري واري روڊ يعني جنهن بيچ روڊ تي آهي ان جو نالو تنزانيا جي ٻيو نمبر وزيراعظم سوڪوئني نالي “سوڪوئني ڊرائيو” آهي –جيئن ممبئيءَ ۾ عربي سمنڊ جي ڪناري تي جُوهو چوپاٽي بيچ (سمنڊ جو ڊگهو ڪنارو) آهي جيڪو ڪيترائي ميل آهي، ان جو نالو “جُوهو تارا روڊ” آهي. اسان وٽ ڪلفٽن جي سي بيچ تي به ان قسم جو ڊگهو روڊ آهي جيڪو پهرين ته سي ويو روڊ سڏبو هو، هاڻ ان جو نالو عبدالستار ايڌي روڊ رکيو ويو آهي. دنيا جي سامونڊي بيچن (ڪناري) وارن هن قسم جي روڊن تي وڏي رونق رهي ٿي. سمنڊ جي ڪناري ڪري اونهاري جي موسم ۾ به ٿڌيون هوائون فرحت بخشين ٿيون ۽ سامهون سامونڊي گجين واريون ڇوليون رونق پيدا ڪن ٿيون. هن قسم جي سامونڊي ڪناري وارن روڊن تي سڄو ڏينهن لوڪل ۽ فارين ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان رهي ٿي. مختلف قسم جي فڊ اسٽالن ۽ ريسٽورنٽن تي ماڻهن کي کائيندو پيئندو ڏسي سگهجي ٿو. ڪيترائي ٻار توڙي عورتون بيچ ڊريس ۾ نظر اچن ٿا. پوليس جي هراسمينٽ ڪري ۽ بدامنيءَ ڪري اسان وٽ اها رونق ايتري ناهي. اها جي ڏسڻي آهي ته ماڻهو يورپ جي بيچن (سامونڊي ڪنارن) تي وڃي يا سنگاپور، ملائيشيا ۽ ممبئي جي بيچن تي اچي. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي جڏهن ممباسا، دارالسلام، موپوتو، ڊڪار، زئنزيبار ۾ ٽوئرسٽن کي آزاديءَ سان گهمندو ڏسندو آهيان، جيتوڻيڪ آفريڪا بابت اسڪولي ڪتابن ۾ پڙهي دماغ ۾ غلط اثر ويٺل آهي ته ”آفريڪا اونداهو کنڊ آهي جتي جا شيدي جاهل ۽ جهنگلي آهن“. پر آفريڪا ۾ اچي ڏسو ته توهان کي اهي رمارڪ پاڻ لاءِ محسوس ٿيندا. حالتون بهتر ۽ امن امان واريون آهن تڏهن ته جپان جهڙي ملڪ جا ٽوئرسٽ، ويندي اڪيليون ڇوڪريون آفريڪا جي شهرن ۾ گهمنديون وتن! جپاني ماڻهو تمام خبردار آهن. هنن کي جيستائين پڪ نه ٿئي ته حالتون امن امان واريون آهن، کاڌي پيتون جون شيون هائيجينڪ آهن، تيسين ان ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ ڪڏهن به نه اچن. ملائيشيا ۾ به هاڻ ويهارو کن سالن کان اچڻ شروع ٿيا آهن پر ممباسا، زئنزيبار، ڪمپالا، دارالسلام، نئروبي جهڙن آفريڪي شهرن ۾ ته آئون هنن کي شروع کان ڏسندو اچان. انڊيا بابت ته لکي چڪو آهيان ته دهليءَ ۾ جپاني سفارتخانو مين روڊ تي آهي ۽ هر ڪو اچي وڃي سگهي ٿو. جپاني ٽوئرسٽ ڇوڪريون رات جو به بس ۾ سفر ڪري هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي پيون وڃن. اسانجو ملڪ اهو ملڪ آهي جنهن ۾ ڏسڻ لاءِ ته ”موهن جو دڙو“ جهڙيون دنيا جون اعليٰ شيون آهن پر انهن کي ڏسڻ وارو ڪو نَر ٽوئرسٽ به نظر نٿو اچي. جپان جهڙي ملڪ کي ته ڇڏيو پر اٽلي، يونان يا تاجڪستان جو ڪو سياح به لاڙڪاڻي جي بازارين ۾ نظر نٿو اچي. اسان جي مقابلي ۾ آفريڪا جا شهر ۽ ڳوٺ ٿو ڏسان ته هتي جا ماڻهو پُرسڪون آهن. چوريون چڪاريون ۽ ٻيا ڏوهه هتي به ٿيندا هوندا پر اهڙي حالت ناهي جهڙي اسان وٽ آهي. اها ڳالهه مون اڄ کان 40 سال اڳ به محسوس ڪئي ۽ ممباسا جي هڪ سنڌي هندو سيٺ کان ان جو سبب پڇيم ته ان به ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي اهوئي سبب ٻڌايو ته “هتي (ڪينيا) جي پوليس انگريز سرڪار جي ٽرين ٿيل آهي”. ٽرين ته اسان جي پوليس به انگريزن جي ٿيل آهي پر شايد اهڙي صحيح طرح ٽرين نه ٿي سگهي ۽ نه وري اسانجي ملڪ کي خودمختياري ملڻ بعد ان کي Maintain ڪيو ويو ۽ نه وڌيڪ سڌاريو ويو ته عوام جي خذمت ڪيئن ڪجي ۽ ڏوهارين سان ڪيئن سختي ڪجي –جهڙي نموني سان ملائيشيا جي پوليس ڪري رهي آهي. تڏهن ته 1987ع ۾ ڪوالالمپور جي ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ راڻي ايلزبيٿ مارگريٽ ٿئچر ۽ بينظير ڀٽو صاحبه اڳيان مهاتير کي شاباس ڏيندي چيو ته “تنهنجي حڪومت پوليس ۽ تعليم جي ادارن کي ان کان به بهتر بنايو آهي جنهن حالت ۾ اسان ڇڏيو”.
1968ع يا شايد 1969ع ۾ جڏهن اسان دبئي جهاز وٺي آيا هئاسين ته دبئيءَ جي حالت اسان جي ان وقت جي ڀٽ شاهه، باڊه، ساڪرو جهڙن ڳوٺن جهڙي هئي. سڄو رڻ پٽ desert هو، پر پٽ تي لڳل دڪانن تي به سون جو وڪرو ٿي ٿيو. ٽئڪسين گاڏين توڙي پيدل هلندڙن قانون جي پوئواري ٿي ڪئي. مڪاني عربن توڙي ڌارين ملڪن کان آيل ڪم وارن ۽ واپارين هر شيءِ قانون مطابق ٿي ڪئي. اسانجي دماغ ۾ ته اهوئي هو ته عرب بدو ۽ جاهل آهن ويتر پيٽرول جو پئسو اچڻ ڪري ڄٽن واريون حرڪتون ڪندا هوندا. پر امن امان ۽ قاعدي قانون جي معاملي ۾ ته ڄڻ يورپ نظر آيو. آخري ڏينهن تي بندرگاهه جي هڪ عرب آفيسر سان ان ڳالهه جي تعريف ڪندي سبب پڇيم ته هن وراڻيو: “اسان کي انگريزن ڪڏهوڪو خودمختياري ڏئي ڇڏي پر اسان هنن کي چيو ته ڪجهه سالن لاءِ پوليس توهان جي رهڻ ڏيو. سو دبئي جو پوليس ڪمشنر نه فقط گورو انگريز آهي پر قانون جي معاملي ۾ تمام سخت آهي”. ان بعد هن راز واري انداز ۾ مون کي چيو ته قاعدو قانون سخت نه رکبو ته پئسي هوندي به ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو”.
اڄ ٿو سوچيان ته دبئي وارن “پوليس ۽ قاعدو قانون” سخت رکي پنهنجو ملڪ ٺاهي ڇڏيو آهي. وڏي کان وڏو امير عرب به سگنل ٽوڙڻ جهڙي قانون شڪني نٿو ڪري، جو هو سمجهي ٿو ته هتي جو هڪ ننڍو سپاهي به وڏي طاقت رکي ٿو، جنهن جي پويان ملڪ جو سڄو پوليس کاتو ۽ ملڪ جو حاڪم آهي – ٻين لفظن ۾ اهو پوليس وارو ڪنهن جي کيسي ۾ نٿو اچي، چاهي اهو مڪاني عرب هجي يا ڌاريون امير بزنيس مئن. اهي ته ٺهيو پر اسان جي ملڪ جي وڏن ماڻهن جا لوفر ۽ کريل ٻار جيڪي اسان وٽ ڏوهه ڪندا وتن اهي به دبئي جهڙن ملڪن ۾ پهچيو سڌا ٿيو وڃن. هنن کان ٻن آڱرين سان چرچل واري وڪٽري جي نشاني ٺاهڻ به وسريو وڃي.
تنزانيا جي ان معاملي ۾ خوش نصيبي چئبي ته هن کي شروع جا ليڊر نه فقط سٺا مليا جن پنهنجو کيسو ڀرڻ ۽ پنهنجن کي چاڙهڻ بدران عوام ۽ ملڪ جي بهتري جو سوچيو ۽ هر ڪم ميرٽ تي ڪرڻ کي ترجيح ڏني. انهن مان هڪ نائيريري جيڪو ڪجهه سال وزيراعظم ۽ پوءِ صدر رهيو ان جو احوال لکي چڪو آهيان. تنزانيا جو اهڙو ئي هڪ ٻيو اڳواڻ ايڊورڊ سوڪوئني (Edward Sokoine) ٿي گذريو آهي جنهن جي نالي تي دارالسلام شهر جو هي سامونڊي ڪناري وارو اهم روڊ (Sokoine Drive) آهي جنهن تي هن وقت فيريءَ جي ٽڪيٽ خريد ڪري واڪ ڪري رهيو آهيان. جهڙالي موسم آهي، سامهون هندي وڏي سمنڊ جون ڇوليون ڪناري سان ٽڪرائي رهيون آهن جيئن ڪراچي جي ڪلفٽن تي عربي سمنڊ جون مستيون هونديون آهي. عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ جو ئي ته حصو آهي.
جن ڏينهن ۾ نائيريري تنزانيا جو صدر هو ته ايڊورڊ سوڪوئني ٻه دفعا وزيراعظم ٿيو. هڪ دفعو 1977ع جي جنوري مهيني کان 1980ع تائين ۽ ٻيو دفعو جڏهن 1983ع ۾ وزيراعظم ٿيو ته ملڪ جي صدر نائيريري خواهش ڏيکاري ته هو هاڻ 1985ع ۾ ريٽائرڊ ٿيڻ چاهي ٿو ۽ سوڪوئنيءَ کي صدر ٺاهيو وڃي. پر قسمت جا اهي ليکا ٿيا جو 1984ع ۾ هو دودوما (جيڪو هاڻ تنزانيا جي گاديءَ جو شهر آهي) کان ڪار ذريعي دارالسلام اچي رهيو هو ته سندس ڪار جو حادثو ٿي پيو. کيس “ڪريمجي هال” ۾ ماڻهن جي ديدار لاءِ ٻه ڏينهن کن رکي ان بعد مورو گورو ۾ دفن ڪيو ويو، جتي يادگار طور سندس نالي واري” سوڪوئني يونيورسٽي آف ائگريڪلچر” آهي. پاڻ 1938ع ۾ ڄائو هو ۽ 46 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.

نيڻ تو ڏي کنيم، تون لهر ٿي وئينءَ . . .

تنزانيا جو مورگورو (Morogoro) شهر دارالسلام کان 200 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ آدم شماري ءَ جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ واپاري مرڪز آهي. واقعي تمام سهڻو شهر آهي مون به 1970ع ڌاري ڏٺو هو. ان وقت جنهن جهاز ۾ دارالسلام آيا هئاسين ان جي ڪجهه جهازران ساٿين سان گڏ موروگو باءِ روڊ گهمڻ ويا هئاسين. هن شهر لاءِ هتي جا ماڻهو پنهنجي ٻولي سواحليءَ (Swahili) ۾ چوندا آهن ته Mji Kasoro Bahri يعني “بنا سمنڊ (بندرگاهه) وارو شهر”. ”سواحلي“ ٻولي آفريڪا جي بنتو (Bantu) ٻوليءَ جي شاخ آهي، جيڪا ڪينيا، تنزانيا، ڪانگو، روانڊا ۽ يوگنڊا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان کان علاوه موزمبق ۽ برونڊي جي به وڏي حصي ۾ سواحلي ڳالهائي وڃي ٿي. هنن ملڪن ۾ عربن جو وڏي عرصي کان اچڻ وڃڻ ۽ واپار هجڻ ڪري هن ٻوليءَ ۾ ڪيترائي عربيءَ جا لفظ شامل ٿي ويا آهن جيئن ته تفصيلي (Thanks)، عيبُ (Fault)، حقيقا (Truth)، فائده (profit)، چاءِ (tea)، جهاز (Ship)، سفاري (Travel)، ولايا (Foreign) وغيره .هن شهر مورو گورو ۾ مٿين يونيورسٽي ”سوڪوئني ائگريڪلچر يونيورسٽي“ کان علاوه مسلم يونيورسٽي، موروگو يونيورسٽي، جارڊن يونيورسٽي، Mzumbe يونيورسٽي پڻ آهي. تنزانيا ۾ بوهرا ۽ اسماعيلي (آغا خاني) کوجا به جام رهن ٿا ۽ سندن ڪيترائي تعليم ۽ صحت جا ادارا آهن. مورو گورو ۾ “آغا خان سيڪنڊري اسڪول” به آهي، جيڪو هڪ پراڻو ۽ اعليٰ تعليم جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو. مٿي بيان ڪيل “ڪريمجي هال” بوهرين جو ٺهرايل آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ۽ ٻيا فنڪشن ٿيندا رهن ٿا.
مون ڪريمجي (Karimjee) هال تائين واڪ ڪرڻ چاهيو ٿي سو “سوڪوئني ڊرائيو” روڊ وٺي اتر طرف وڌندو رهيس. هن روڊ جي خاتمي وٽ هن هال جي عمارت آهي، جنهن جي ٻئي پاسي “سمورا ايوينيو” آهي. ڪريمجي جيوانجي بوهري فئملي وارن جي “حسن علي ڪريمجي” نالي زئنزيبار ۾ اسپتال پڻ آهي.
دارالسلام جي هن سامونڊي ڪناري واري روڊ “سوڪوئني ڊرائيو” تي ممبئي جي جوهو چوپاٽي روڊ واري رش ۽ رونق هئي. هڪ طرف مڪاني شيدي رنگين وڳن ۾ هئا ته ٻي طرف يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن کان آيل ٽوئرسٽ. هتي نه اسان جي ملڪ جهڙي گرمي آهي ۽ نه يورپ جهڙي سردي، سو هر هڪ ماڻهو ۽ ٻار ٻچو خوش خوش موڊ ۾ نظر اچي رهيو هو. هر هڪ هاليڊي واري موڊ ۾ هو.
روڊ جي ڀرسان هن روڊ Sokoine Drive جي نالي جو لڳل بورڊ ڏسي، ان اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائڻ تي دل چيو. هِتان هُتان ڪيترائي ماڻهو لنگهي رهيا هئا پر فوٽو ڪڍڻ لاءِ سامهون کان جينز جي پتلون ۾ اڪيلي ايندڙ حبشي ڇوڪريءَ کي روڪيم. هوءَ منهنجي بلڪل سامهون اچي بيهي رهي. آئون هن جي چهري کي ائين غور سان ڏسڻ لڳس جيئن هڪ سِڪڻو ٻار ٻئي جي هٿ ۾ لولو ڏسي ان ۾ نظرون کُپائيندو آهي. شيدياڻي ٿي ڪري هوءَ ايڏي سهڻي، آئون سوچي به نٿي سگهيس. جيتوڻيڪ هن جو رنگ ڪاري کان به وڌيڪ ڪارو هو. آفريڪا کنڊ جي مختلف ملڪن جي مختلف صوبن ۾ توهان کي مختلف قبيلن ۽ گهراڻن جا ماڻهو ملندا جن جا رنگ ڪاري کان تکو ناسي رنگ جي وچ ۾ موجود انيڪ شيڊن جا هوندا. هن جو رنگ ڪارو هو پر چلڪندڙ ڪارو هو جيئن چپن تي لپ اسٽڪ لڳائي چمڪ لاءِ Glaze هڻبي آهي. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ هجڻ دوران پريڊ لاءِ پنهنجن جوتن کي ڪاري پاليش ڪندا هئاسين. هڪ پريڊ خاص ڏينهن تي ٿيندي هئي جنهن لاءِ خاص تياري ڪبي هئي. بوٽن کي برش سان پالش ڪري پوءِ انهن جي اڳين حصن کي واٽر پالش ڪرڻي پوندي هئي. ان لاءِ برش استعمال ڪرڻ بدران هٿ جي ٻن آڱرين تي ململ جي پٽي ويڙهي ان کي پاڻيءَ ۾ ٿورو پسائي پوءِ دٻيءَ مان پالش ذرو کڻي بوٽن جي اڳين حصن تي آهستي آهستي مهٽڻو پوندو هو. گهڻي دير مهٽڻ سان انهن ۾ گهڻي چمڪ ايندي هئي. اسان جو ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود، جيڪو ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو، اهو هميشه ميرپورخاص جي ڪئڊٽ مرزا مسرور بيگ کي شاباس ڏيندو هو جنهن جو بوٽ واقعي آرسيءَ وانگر چمڪندو هو. اسان جو هي يار- مرزا مسرور بيگ بعد ۾ آرمي ۾ ويو ۽ ميجر يا شايد ڪرنل جي رئنڪ تي رٽائرڊ ٿيو. سندس ٻه پٽ به فوج ۾ آهن. وڏو آرمي ۾ برگيڊيئر آهي ۽ ننڍو نيويءَ ۾ ڪمانڊر آهي.
سو هن سمارٽ ۽ سهڻي ڇوڪريءَ جي به قدرت ڄڻ واٽر پالش ڪئي هئي. رب پاڪ کي ته ڪنهن ڳالهه ۾ ويرم نٿي لڳي پر مرزا مسرور بيگ کي پيٽارو ۾ پنهنجا فوجي جوتا واٽر پالش ڪرڻ ۾ ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا هئا. ڇوڪريءَ جي چهريءَ جا نه فقط نقش سهڻا هئا پر سندس چمڙي به لسي ۽ بي داغ هئي. واقعي سونهن رنگ تي ناهي. سئيڊن جيڪو سونهن جو ملڪ سڏيو وڃي ٿو، اتي 1990ع وارن سالن ۾، اتي جي هر شهر ۾ مختلف شين جي اشتهار لاءِ هڪ حبشي عورت نائومي ڪئمپبيل (Naomi Campbell) جي تصوير ڏسي حيرت ٿيندي هئي ته سندن گورين ڇوڪرين کان وڌيڪ مشهور ماڊل هيءَ ڪاري رنگ جي ڪوئل آهي. بهرحال نائومي نه فقط سپر ماڊل قرار ڏني وئي پر اعليٰ ائڪٽريس پڻ.
هڪ پوڙهي ماڻهوءَ کي پاڻ ڏي گهوريندو ڏسي دارالسلام جي هن سامونڊي ڪناري واري هيءَ حبشڻ ڇوڪري پريشان ٿي وئي. چوندا آهن ته ڪنهن غير عورت ڏي نظر کڄي به وڃي ته يڪدم هٽائي ڇڏجي پر ڪڏهن ڪڏهن حُسن اڳيان انسان مجبور ٿي ويندو آهي... هن جا هوش خطا ٿي ويندا آهن! سوچيم ته هن نظاري، هن حسن جي مشاهدي تي ڪراچي پهچڻ تي پنهنجي دوست تاج بلوچ يا تاجل بيوس کان ڪو سهڻو شعر لکرائيندس... ڇوڪريءَ جي How can I help you, sir چوڻ تي هوش ٺڪاڻي اچي ويا ۽ اک کلي وئي: “پير ڪينجهر جي ڪناري تي تنهنجا ڏٺم. نيڻ توڏي کنيم، تون لهر ٿي وئينءَ...!”
”منهنجو هن روڊ جي سائن بورد سان گڏ فوٽو ڪڍ پر ان کان اڳ توسان به گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ضروري ٿو سمجهان”. مون چيو.
هن ٻڌايو ته هوءَ دارالسلام جي يونيورسٽيءَ مان ڪيمسٽريءَ ۾ گرئجوئيشن ڪري رهي آهي. مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي.
“توکي ماڊل ٿيڻ کپي”. مون چيومانس.
“ڪارن کي ڪٿي ٿي چانس ملي؟” هن چيو.
“تنهنجي آفريڪي ملڪ نائيجيريا جي اگباني داريگو به ته ڪاري آهي هوءَ 2001ع ۾ “مِس ورلڊ” ٿي هئي ۽ تنهنجي پاڙي واري ملڪ ڪينيا جي ممباسا ڄائي “ملائڪا فرٿ” به ته ڪاري هجڻ جي باوجود سپر ماڊل ٿي”. مون کيس ٻڌايو.
“ها. اهي ٿيون پر تڏهن جڏهن هو ملڪ ڇڏي پئرس ۽ لنڊن ۾ وڃي رهيون. آئون به گرئجوئيشن بعد وڌيڪ تعليم لاءِ لنڊن وڃڻ جو ارادو رکان ٿي.”
مون کان ان سينيگالي آفريڪن ڇوڪري خوديا ڊيوپ (Khoudia Diop) جو مثال ڏيڻ رهجي ويو جيڪا انهن ڏينهن ۾ ٽاپ جي ماڊل ۽ ائڪٽريس هئي ۽ جنهن جو رنگ چلڪندڙ ڪارو نه پر دونهين جهڙو اونداهو رهيو آهي. هن منهنجو فوٽو ڪڍڻ بعد ڪنهن ٽئي کي سڏي اسان ٻن جو گڏ فوٽو ڪڍرائڻ بدران پاڻ ان هنڌ تي ٿي بيٺي جتي مون بيهي فوٽو ڪڍرايو. ان بعد هن مون کي سندس فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. دل ۾ چيم ته هيءَ درويش ڪري ڇا ٿي!؟ پر هوءَ ڪا ٻي ٻڪري نه هئي. هن ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکي ٿي. سندس تصوير نڪرڻ تي چيو:
“هاڻ پاڻ ٻنهي جون تصويرون ساڳي روشني ۽ ساڳي resolution ۾ آهن. فوٽو شاپ ذريعي ٻنهي کي ڳنڍي هڪ ڪري سگهو ٿا.”
مون کيس ٿئنڪ يو چوندي ٻڌايو “آئون هن کان اڳ به هڪ تو جهڙي سهڻي شيدياڻي سان گڏ فوٽو ڪڍرائي چڪو آهيان.”
“هتي دارالسلام ۾؟” هن پڇيو.
“نه مورو گورو شهر ۾”. مون ٻڌايومانس
“موروگو! اهو ته منهنجو شهر آهي جتان آئون هتي دارالسلام ۾ پڙهڻ لاءِ آئي آهيان. ڪٿي آهي ان جو فوٽو؟ ٿي سگهي ٿو آئون ان ڇوڪريءَ کي سڃاڻي وڃان”.
“تون ته نه پر تنهنجي ڏاڏي يا ناني سڃاڻي وڃي يا ٿي سگهي ٿو انهن مان ئي ڪا هڪ هجي! ڇو جو اِهو فوٽو هينئر جو نه پر چاليهه کن سال اڳ جو آهي، جڏهن آئون پهريون دفعو ممباسا ۽ دارالسلام آيو هوس.”
هوءَ کلڻ لڳي ۽ ان کل دوران موڪلائڻ سان گڏ مون سندس چانديءَ جهڙا سهڻا ڏند ڏسي محسوس ڪيو ته موتين جهڙا سفيد ڏند واقعي شيدياڻين کي ئي سونهن ٿا.

بزنيس ۾ ائين به ٿيندو آ...

آئون دارالسلام جي سامونڊي ڪناري وارو سوڪوئني روڊ ڏئي اڳتي هلڻ لڳس. کاٻي پاسي سينٽ جوزف اسڪول وٽان برج روڊ اسان جي روڊ کي لڳي رهيو هو. ساڄي پاسي زئنزيبار ويندڙ فيرين جي “فاسٽ فيريز” نالي آفيس هئي. ٿورو اڳتي هلڻ تي کاٻي پاسي کان Mkwepu اسٽريٽ آئي، جنهن بعد هن علائقي جي پوسٽ آفيس اچي ٿي. ان بعد يڪدم “ڪريمجي جيوانجي هال“ آهي. ان جي پاسي کان رابرٽ اسٽريٽ آهي. ”سوڪوئني روڊ“ جي سڌائيءَ ۾ هن جي ٻئي پاسي ”سَمُورا ايوينيو“ آهي. ڪريمجي هال ۾ پارليامينٽ جون گڏجاڻيون ۽ ٻيا فنڪشن ٿين ٿا. وزيراعظم سوڪوئني، جنهن جي نالي هي بيچ روڊ آهي ان جي حادثي بعد، عوام جي ديدار لاءِ هن جي لاش کي هن هال ۾ رکيو ويو هو.
ڪريمجي (سڄو نالو ڪريمجي جيوانجي) هال منهنجي لاءِ سندس نالي ڪري دلچسپيءَ جو سبب آهي. آفريڪا جي ملڪ ۾ هن قسم جا نالا جن جو واسطو اسان جي ننڍي کنڊ جي بوهرين، آغا خانين، گجراتين ۽ پارسين سان آهي، ٻڌي يا پڙهي هتي ايندڙ اسانجي نئين ماڻهوءَ کي حيرت ٿئي ٿي. مون کي به پهريون دفعو ضرور تعجب ٿيو هو. بعد ۾ خبر پئي ته سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ هندوستان جي اولهه ڪناري جا ڪيترائي واپاري سوداگر روزگار جي ڳولا ۾ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي هنن شهرن ممباسا، ميلندي، باگامويو، زئنزيبار، ڪِلوا وغيره ۾ اچي نڪتا هئا. مختلف ڌنڌا ڪيائون، پورهيا ۽ نوڪريون ڪيائون ۽ پئسي وارا ٿي هنن پنهنجي ڪميونٽي ۽ هتي جي مقامي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪيترائي خيراتي ۽ رفاعي ڪم ڪيا. توهان کي ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا، زئنزيبار جي شهرن ۾ آغا خانين (اسماعيلي) ۽ اثنا عشري کوجن، بوهرين ۽ ڪڇين جون ٺهرايل ۽ لوڪل حڪومتن کي وقف ڪيل اعليٰ قسم جون اسپتالون ۽ تعليمي ادارا نظر ايندا. هن ڪريمجي هال جي ڳالهه ڪريان ته هي هال بوهرين جي هڪ امير واپاري ڪريمجيءَ ٺهرايو جنهن فئمليءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان اڳ هيڏانهن ايسٽ آفريڪا ۾ آئي هئي. سنڌ، ڪڇ، گجرات کان آيل هر سنڌي هندو، آغا خاني، بوهري، وغيره جي هتي اچي ڏکن سکن کي منهن ڏيڻ جي پنهنجي پنهنجي نوعيت جي دلچسپ ڪهاڻي آهي. هتي هنن بوهري ڪريمجي جيوانجي وارن جي ڪهاڻي مختصر طور لکان ٿو جنهن مان پڙهندڙن کي پنهنجو وطن ڇڏي، هندي وڏو سمنڊ لتاڙي هتي اچي جوکم ۽ Adventure جي زندگي گذارڻ وارن بابت Idea ٿي سگهندي.
هڪ ٻي ڳالهه ته انهن جهونن واپارين ۽ دڪاندارن جو اولاد ۽ وري انهن جو اولاد پوٽا، پڙپوٽا، ڏوهٽا وغيره اڄڪلهه تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل آهن پر 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ به جڏهن سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري اسان کي يورپ يا آمريڪا جي بندرگاهن ۾ وڃڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو 15 کن فالتو ڏينهن جو ڦيرو ڪرڻو پوندو هو ۽ اسان کي رستي تي آفريڪي بندر گاهن ۾ ڪارگو لاهڻو يا کڻڻو نه هوندو هو ته به جهاز جي ٻارڻ لاءِ تيل ۽ خلاصين لاءِ راشن خريد ڪرڻ لاءِ ممباسا، دارالسلام، ميلندي، زئنزيبار، لارينزو مارڪس (موپوتو)، ڊڪار ۽ عابد جان جهڙن بندرگاهن تي ترسڻو پوندو هو ته ان وقت تائين هنن جو واسطو فقط واپار سان هو. آئون اڃان ففٿ يعني هيٺين رئنڪ وارو گهٽ پگهاردار انجنيئر هوس. سو اسان جونيئر آفيسرن جي انهن بندرگاهن جي بازارين ۾ فقط واڪ ۽ ونڊو شاپنگ ٿيندي هئي ۽ هتي جي وڏن دڪانن ۽ شاپنگ اسٽورن ٻاهران ويڪرن فٽ پاٿن تي انهن دڪانن جي سنڌي هندوئن، پارسين، بوهرين کوجن مالڪن کي چهل قدمي ڪندو ڏسي هنن سان ڪچهري ڪندا هئاسين. مون کي حيرت ٿيندي هئي ته سنڌي هندن کان علاوه ڪيترائي پوڙها پوڙها کوجا، بوهري ۽ پارسي به گجراتيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ به ڳالهائيندا هئا. هنن مان ڪي سورت، ماندوي، ڀوڄ، ڪڇ پاسي جا هئا ته ڪيترا تلهار، بدين، ٺٽي پاسي جا پڻ هئا. خاص ڪري اسماعيلي (آغا خاني) ۽ اثنا عشري کوجا، سنڌي هندو ۽ پارسي اونهاري جي موسم ۾ به اڇي رنگ جو سنهو ڪوٽ پائي شان سان واڪ ڪندا هئا. شروع جي سالن ۾ جڏهن سنگاپور ايڏو ماڊرن نه ٿيو هو اتي به مون سنڌي هندو ۽ پارسي سيٺين کي اڇي رنگ جي ڪوٽ ۾ ڏٺو. هو ڪو ايڏو پڙهيل ڳڙهيل نه هئا پر يار توهان کي ڇا ٻڌايان هنن جون ڇا ته ڳالهيون هونديون هيون. هنن وٽ زماني جي تجربي ۽ مشاهدي جون ڳالهيون هيون. بزنيس ۾ به هنن جا اعليٰ اتم اصول هئا، هنن جو اخلاق بلند هو ۽ هنن اسان کي به اخلاقي ڳالهيون ٻڌايون ٿي. هنن “ٿوري فائدي گهڻي وڪري” ۾ يقين رکيو ٿي. هو وڏي دل گردي جا مالڪ هئا ۽ هنن سخت پورهيو ڪيو ٿي، پر نفعو نقصان قدرت طرفان سمجهيو ٿي. نفعي جي صورت ۾ ٽيڙي، غرور، وڏ ماڻهپي ۽ غافل نٿي ٿي ويا. نقصان جي حالت ۾ هنن مشڪلاتن کي منهن ڏنو ٿي. ممباسا جي ڪلنڊني روڊ تي جيڪو اڄڪلهه ڪينيا جي ٻئي صدر ڊئنيل اراپ مُوئي نالي سڏيو وڃي ٿو. بلديو نالي سنڌي هندو سيٺ جو دڪان هو. هو ۽ هن جي زال مينا مون کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. آئون ٽيهه سالن کن جو هوندس. يعني هيءَ اڌ صدي اڳ جي ڳالهه آهي. ٻلديو ۽ مينا امير هوندي به سندن ڇا ته سادي زندگي ۽ سادگيءَ جون ڳالهيون هيون. سندن گهر به محل جهڙو هوندو هو. انڊين فلمن جا اداڪار اڪثر هنن وٽ رهندا هئا. هنن جي گهر اسان تن ڏينهن جي 1969ع جي انڊين فلم “اتفاق” پروجيڪٽر تي ڏٺي هئي ۽ ان فلم جي هيروئن نندا کي به جيڪا هنن وٽ ٽِڪيل هئي. سندن ممباسا واري گهر ۾ اسانجي ملڪ جي مهمان ٿي آيل فلم ائڪٽريس شميم آرا سان به ملاقات ٿي هئي. مطلب ته ٻلديو وارا ممباسا جا وڏا پئسي وارا سيٺ هئا. پوءِ وچ ۾ ڪجهه سالن لاءِ منهنجي بدلي اهڙن جهازن تي ٿيندي رهي جيڪي فار ايسٽ (ڏور اوڀر) واري روٽ تي هليا ٿي – يعني ملائيشيا، سنگاپور، چين، جپان، ڪوريا پاسي. هڪ دفعي اسانجي جهاز جي هانگ ڪانگ ۾ ڊگهي مرمت هلي رهي هئي، جنهن ڪري اسان کي هانگ ڪانگ ۾ هفتو ڏيڍ رهڻو پيو. آخري ڏينهن تي آئون هانگ ڪانگ جي ٻئي پاسي واري علائقي “ڪولون” جو چڪر هڻي جهاز تي پئي موٽيس ته مون کي اوچتو ممباسا وارو هندو سيٺ ٻلديو نظر اچي ويو. جسم ۾ ته هو هونءَ ئي ڀريل نه هو پر هاڻ هو ويتر ڪمزور نظر اچي رهيو هو. ان سان گڏ هو سخت پريشان به لڳي رهيو هو. حال احوال پڇڻ تي ٻڌائيائين ته گذريل ٻن ٽن سالن کان ايسٽ آفريڪا (ڪينيا، تنزانيا، يوگنڊا وغيره) پاسي جون حالتون خراب ٿي ويون آهن. ”اسان ننڍي کنڊ کان آيل ماڻهن لاءِ شيدين کي سخت نفرت ٿي پئي آهي. مينا اڃان اتي آهي. آئون واپار جي سهولتن جي ڳولا ۾ هتي آيو آهيان. جيڪي چار پئسا ڪڍي چڪو آهيان ان مان ڪو خاص ڌنڌو نٿو ڄمائي سگهان. مون کي هانگ ڪانگ جي شهريت به نه آهي جو ڪينيا کي آزادي ملڻ تي اسان برٽش پاسپورٽ رکڻ بدران ڪينيا جو وٺي ڇڏيو. في الحال هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ هڪ ڪپڙي جي سنڌي واپاريءَ مون کي سندس دڪان تي سيلز مئن جي نوڪريءَ ۾ رکيو آهي جيئن منهنجو پيٽ گذر ٿيندو رهي ۽ هن نئين ملڪ جو به جائزو وٺندو رهان ته هتي جون حالتون ڇا آهن ۽ مستقبل جو ڪو ڌنڌو ڄمائي سگهندس يا نه... ڇو جو بچيل پئسي کي مون کي سنڀالي هلائڻو پوندو”.
ٻلديو جون اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي پڻ ڏاڍو افسوس ٿيو، پر مون ڏٺو ته ٻلديو وڏي همت سان مرڪندي، پاڻ مون کي آٿت ڏيندو رهيو ته “مڙيئي خير آهي. بزنيس ۾ ائين به ٿيندو آهي. هڪ سج ٻه پاڇا... ڪڏهن جا ڏينهن وڏا ته ڪڏهن جون راتيون! ڀڳوان صحت ۽ عقل سلامت رکي ته آخر هڻي وڃي هنڌ ڪنداسين.”
سچ ته نه فقط ٻلديو پر ڪيترن واپارين کي مون پرديس ۾ عرش تان فرش تي ڪرندي ڏٺو. هو ڏيوالا ٿي ويا پر محنت، وڏي دل ۽ عقل کان ڪم وٺي وري وڏي مان مرتبي تي پهچي ويا – جن مان هڪ مثال هانگ ڪانگ جي ڊاڪٽر هري ليلا جو پنهنجي سفرنامي ”وايون وڻجارن جون“ ۾ ڏئي چڪو آهيان.

زئنزيبار جو هڪ مشهور بوهري- ڪريمجي جيوانجي

“ڪريمجي جيوانجي” جنهن جي نالي دارالسلام ۾ سامونڊي ڪناري وٽ “ڪريمجي هال” آهي، ڪير هو؟
ڪريمجي جيوانجي فئملي وارن جو تنزانيا سان واسطو 150 سال پراڻو آهي. هي انڊيا جا بوهري آهن جن جو اصل ڳوٺ ڪڇ جو هڪ ڪناري وارو شهر “مانڊوي” هو ۽ اڄ به سندن مائٽ مٽ اتي رهن ٿا. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ به ڪيترائي هن ڳوٺ جا بوهري رهن ٿا، جن مان ڪيترا ته پاڪستان ٿيڻ کان به اڳ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا ۽ “مانڊوي والا” سڏرائين ٿا. هاڻ پاڻ هنن جي ننڍي ٽهي سنڌي نٿي ڳالهائي پر ننڍي هوندي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ کان اڳ جڏهن آئون ڪراچي شپ يارڊ ۾ اپرينٽشپ ڪري رهيو هوس ته ڪيترن پوڙهن بوهرين کي خاص ڪري ”ايورشائين پينٽ“ ٺاهڻ وارن مانڊوي والا مالڪن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌندو هوس.
مانڊوي بندرگاهه واري شهر جا بوهري ننڍا ننڍا واپاري هئا ۽ سندن ڪجهه واسطو کيتي ٻاڙيءَ سان به هو. اوڻهين صديءَ جي شروعات ۾ انڊيا ۾ سخت ڏڪاري حالتون پيدا ٿي پيون ۽ روزگار جي ڏکين حالتن کان بچڻ لاءِ هو ڪمائڻ جون نيون راهون ڳولڻ لڳا. هنن لاءِ هڪ آپشن زئنزيبار ڏي رخ رکڻ هو، جتان کان ٻيڙا انڊيا ايندا رهيا ٿي ۽ هر هڪ جي زبان تي اتي جي خوشحاليءَ جون ڳالهيون هيون.
انهن ڏينهن ۾ ماندوي بندرگاهه انڊيا جي اولهه وارين رياستن گجرات ۽ مهاراشترا جي بندرگاهن پوربندر، سورت ۽ بمبئي سان ڳنڍيل هو. ان کان علاوه اهو بندرگاهه عرب دنيا جي بندرگاهن عدن ۽ مسقط سان ۽ آفريڪي ڪناري جي ڪمرشل بندرگاهن مغديشو، زئنزيبار، ممباسا ۽ ميلنديءَ سان به ڳنڍيل هو. اتان جا ٻيڙا انڊيا آيا ٿي ته انهن پوربندر ۽ سورت سان گڏ ماندويءَ ۾ به لنگر ڪيرايو ٿي.
هن ڪريمجي جيوانجي گهراڻي جو سربراهه “جيوانجي ٻوڌ ڀائي” هو جيڪو 1818ع ۾ زئنزيبار ۾ آيو. انهن ڏينهن ۾ سڄي ڏکڻ ايشيا جا ڪي هڪ هزار ماڻهو -تقريبن سڀ نوجوان، هن ٻيٽ زئنزيبار تي رهيا ٿي. هن بوهري فئمليءَ کي زئنزيبار وڃڻ جو ڪيئن خيال ٿيو. يعني کين اوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪنهن رهنمائي ڪئي؟
شروع جي ڏينهن کان بوهرين جو گهڻو واپار هارڊ ويئر ۾ رهيو آهي. اڄ به توهان ڏسندائو ته سنگاپور هجي يا ملائيشيا، پاڪستان هجي يا انڊيا، هارڊ ويئر شاپ هميشه بوهرين کي هلائيندو ڏسندئو. هارڊ ويئر معنى ڪوڪا ڪليون، پانا، پيچ ڪش، درن درين جا ڪنڍا، ڪڙا، ڪلف ۽ رنگ روغن جهڙيون شيون. ڪريمجي ڏاڏي ”ٻوڌ ڀائي نور محمد“ جو به ماندوي شهر ۾ هارڊويئر جو ڪاروبار هو. انهن ڏينهن ۾ ماندوي اهو بندرگاهه هو جنهن جا دنيا سان تعلق وڌي رهيا هئا. زئنزيبار عماني سلطانن جي اثر هيٺ هو جنهن تي پنهنجو ڪنٽرول رکڻ لاءِ هنن پنهنجا نمائندا ۽ آفيسر رکيا هئا. انهن مان هڪ جيرام سيوجي (Jairam Sewji) نالي انڊيا جي مشهور شخصيت پڻ هئي، جنهن کي عماني حاڪمن زئنزيبار جو چيف ڪسٽم ماسٽر ڪري رکيو هو. جئرام جو هندي وڏي سمنڊ جي بندرگاهن ۾ وڏو نالو ۽ ناموس هئي. هو وڏي پئسي وارو هو ۽ طاقتور عهدو هوس. هن جو هر وقت گهمڻ ڦرڻ ۾ وقت گذريو ٿي. هو زئنزيبار کان عدن ويو ٿي جتان هندوستان جي هنن اولهه ڪناري جي بندرگاهن ۾ آيو ٿي. ماندوي اچڻ تي هن هر دفعي هن بوهري دڪاندار ٻوڌ ڀائي نور محمد سان خبرچار ڪئي ٿي ۽ کيس اوڀر آفريڪي ڪناري جي خوشحاليءَ جي ڄاڻ ڏني ٿي ته ممباسا، زئنزيبار، مَلندي ۽ دارالسلام پاسي ڪمائڻ جا ڏينهون ڏينهن سٺا ذريعا پيدا ٿي رهيا آهن. هن ڀيري به ماندوي اچڻ تي جيرام سيوجي ٻوڌ ڀائي بوهريءَ سان مليو ۽ کيس زئنزيبار ۾ واپار جي بهتر حالتن بابت ٻڌايو. نتيجي ۾ ٻوڌ ڀائيءَ پنهنجي پٽ جيوانجيءَ کي زئنزيبار موڪلڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هو اتي وڃي کوج لڳائي ته خاندان جي ڪاروبار لاءِ واقعي ڪو موقعو يا آساني آهي يا نه.
هن خاندان (“ڪريمجي” جي خاندان) تي سائوٿ آفريڪا جي يونيورسٽي جي ڪنهن شاگرد پنهنجي راٽرڊم جي ڊچ پروفيسر گسبرٽ جي نظرداريءَ ۾ ٿيسز پڻ لکي آهي جنهن ۾ هُن هن بوهري فئملي جي ٻن صدين 1800ع کان 2000ع تائين جي ڪاروبار جو احوال لکيو آهي. ان کان علاوه ٻين به ڪيترن ليکڪن هن فئملي تي مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ ته ڪريمجي فئملي جي احوال کان اسان جا ڪراچيءَ جا بوهرا به چڱي طرح واقف هوندا. آئون به گذريل اڌ صدي کان ايسٽ آفريڪا ۾ رهندڙ هن قسم جي بوهري، آغا خاني، سنڌي هندن ۽ پارسين جون ڳالهيون ٻڌندو ۽ پڙهندو اچان. جيوانجيءَ زئنزيبار پهچي هارڊ ويئر شاپ کوليو ۽ ان سان گڏ هن Jivanjee Buddhaboy & Company نالي هڪ ٽريڊنگ ڪمپني قائم ڪئي، جنهن زئنزيبار کان انڊيا ڏي لونگ ۽ کوپرو (ڏونگهيون) ايڪسپورٽ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ 1825ع تائين آمريڪن ۽ جرمن ڪپڙو امپورٽ شروع ڪري ورتو.
انڊيا کان زئنزيبار جيڪي آيا ٿي اهي هٿين خالي يا معمولي پئسي سان آيا ٿي. هي جيوانجي به پاڻ سان ڪا دولت کڻي نه آيو پر هن جي پيءُ جي جئرام سيوجي سان ڄاڻ هجڻ ڪري هن کي زئنزيبار ۾ گهٽ ۾ گهٽ وڏي اخلاقي سپورٽ هئي ۽ جئرام هن جو واقعي خيال ڪيو ٿي. سو ڪجهه روڪڙ ته ڪجهه اوڌر تي نوجوان جيوانجي پنهنجو ڪاروبار وڌائيندو رهيو.
پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن ڪاروبار ۽ بوهري فئمليءَ جي نه فقط ٻين تعريف ڪئي آهي پر اسان سنڌين جي دلپسند انگريز شخصيت سربارٽل فريئر پڻ تعريف ڪئي آهي، جيڪو ”انگريز راڄ“ ۾ 1851ع کان 1859ع تائين سنڌ جو چيف ڪمشنر ٿي رهيو. هن کي اسان جا ماڻهو بهتر انسان ان ڪري ٿا سمجهن جو هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بهتريءَ لاءِ وڏي دلچسپي ورتي. سر فريئر (سڄو نالو: Sir Henry Bartle Edward Frere) انگلينڊ ۾ 1815ع ۾ ڄائو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ 1850ع ۾ 36 ورهين جي بارٽل فريئر کي سنڌ جو چيف ڪمشنر ڪري رکيو ويو. هن چارج وٺڻ سان سنڌ جو پوسٽل سسٽم انگلينڊ جهڙو بهتر ۽ سستو قائم ڪيو. هن کان اڳ سنڌ ۾ فارسي ٻولي هلي ٿي. سر فريئر آرڊر ڪڍيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ٿيندي ... ويندي اهي ڌاريان آفيسر جيڪي انڊيا جي ٻين صوبن کان اچن ٿا اهي ۽ انگريزن کي، سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ جو اهل ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ جو امتحان ڏيڻو پوندو. هن 1853ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ تعليم کاتي جي سربراهيءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي برابر تعداد جي ڪاميٽي ٺاهي، جنهن يڪراءِ اهو فيصلو ڏنو ته سنڌي ٻوليءَ جي لکڻي هندي، گرمکي يا بنگالي طرز بدران عربي ۽ فارسي نموني ٺاهي ويندي. سر فريئر نه فقط ان موجب سنڌي ٻولي جي لکڻي ٺهرائي پر ڪتاب به ڇپرايا ۽ سنڌي ليکڪن جي همٿ افزائي ڪئي.
اهوئي سبب آهي جو ٻين ڪيترن انگريزن جون يادگار شيون اسان جي ماڻهن ڊاهي ۽ ضايع ڪري ڇڏيون پر ڪراچيءَ ۾ سر فريئر جي ياد ۾ عوام طرفان 1865ع ۾ ٺهرايل فريئر هال اڄ به سر فريئر جي نالي سان قائم آهي. اهڙي طرح ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ، فريئر اسٽريٽ ۽ فريئر ٽائون آهن. ڪراچي گرامر اسڪول ۾ هڪ هائوس جو نالو “فريئر هائوس” به آهي. آسٽريليا جي ڪئينس لئنڊ جي سڀ کان اتاهين جبل (1622 ميٽر) جو نالو مائونٽ بارٽل فريئر پڻ هن جي ياد ۾ آهي. ويندي ممباسا شهر جي هڪ ضلعي جو نالو فريئر ٽائون آهي.
پڙهندڙ ضرور اهو سوچيندا ته زئنزيبار ۾ ڪريمجي بوهرين جي ڪمپنيءَ سان سر فريئر بارٽل جو ڪهڙو واسطو، جنهن انهن بابت پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته انگريز راڄ ۾ نه فقط انڊيا آيو ٿي پر عدن، ملايا (هاڻوڪو ملائيشيا)، سنگاپور، برونائي، ايسٽ آفريڪا (ڪينيا، يوگنڊا وغيره)، سائوٿ آفريڪا، آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ نيوزيلينڊ وغيره اچي ويا ٿي. انگلينڊ ۾ ويهي انگريز حاڪم پنهنجن ماڻهن کي مختلف ملڪن ۾ مختلف پوسٽن تي رکندا رهيا ٿي. سر فريئر کي ڏهاڪو کن سال سنڌ جو چيف ڪمشنر رکڻ بعد هن کي بمبئي موڪليو ويو، جتي هن کي ٻه ٽي سال مختلف پوسٽنگ تي رکي ان بعد 1862ع ۾ بمبئي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن پوسٽنگ تي هو 1867ع تائين رهيو. انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ جي حاڪم مهاراڻي وڪٽوريا هئي. پوني جو ڊيڪن ڪاليج ۽ سول انجنيئرنگ جو ڪاليج سرفريئر انهن ڏينهن ۾ ٺهرايو هو ۽ ممبئيءَ ۾ جيڪو دادا ڀائي نائوروجي روڊ تي هتاتما چوڪ وٽ فلورا فائونٽين آهي اهو به سر فريئر جي ياد ۾ ٺهرايو ويو. بهرحال سرفريئر 1867ع تائين گورنر رهيو ان بعد هو پنهنجي وطن انگلينڊ روانو ٿي ويو. ان بعد 1872ع ۾ انگلينڊ جي فارين آفيس سر فريئر کي زئنزيبار موڪليو ته اتي جي عماني سلطان برغش بن سعيد کي سمجهائي ته هو غلامن جي وڪري کي بند ڪري. آفريڪا جي مختلف هنڌن تان جيڪي شيدي ڦاسايا ويا ٿي انهن کي زئنزيبار آندو ويو ٿي جتي وڪري لاءِ واڪ لڳو ٿي. اهي غلام- عورتون، مرد، ٻار ترڪي، مصر ۽ انڊيا موڪليا ويا ٿي. هي ڪاروبار عربن ڪيو ٿي. سنڌ فتح ڪرڻ بعد انگريزن 1843ع ۾ غلام رکڻ تي بندش هنئي ۽ سنڌ ۾ جن جن وٽ غلام هئا انهن کي آزاد ڪرڻو پيو. سو ان سلسلي ۾ سر بارٽل فريئر کي ڪجهه سال زئنزيبار ۾ رهڻو پيو، جتان پوءِ هن کي 1877ع ۾ هاءِ ڪمشنر جي پوسٽ تي سائوٿ آفريڪا رکيو ويو. زئنزيبار ۾ رهڻ دوران سر فريئر جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي ۽ هو ڪريمجي جهڙن بوهري سوداگرن مان بيحد متاثر ٿو ڏسجي جن مختلف شين جي امپورٽ ايڪسپورٽ ڪئي ٿي پر غلامن جي هرگز نه. تڏهن ته سرفريئر سال کن زئنزيبار ۾ رهڻ بعد 1873ع ۾ ڪريمجي وارن لاءِ لکي ٿو ته:
Arriving at his future scene of business with little beyond the credentials of his fellow castemen, after perhaps a brief apprenticeship in some older firms, he starts a shop of his own with goods advanced on credit by some large house, and after a few years, when he has made a little money, generally returns home to marry, to make fresh business connections, and then comes back to Africa to repeat, on a large scale...
گجرات (برٽش انڊيا) جي شهر ماندويءَ مان اتي جي بوهري دڪاندار ٻڌڀائي جو پٽ جيوانجي انهن شروع جي انڊين واپارين مان هو، جيڪي زئنزيبار پهتا هئا. هن کي چار پٽ هئا جن مان وڏو ابراهيم ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويو. ان بعد ٽيون نمبر پٽ پيرڀائي به جلد وفات ڪري ويو. باقي ٻه اسماعيلجي ۽ ننڍو ڪريمجي رهيا. (آفريڪا پاسي رهندڙ بوهري پنهنجي نالي پويان ”جي“ يا ”ڀائي“ به لڳائين ٿا ۽ اهو نالي سان گڏي لکن ٿا، جيئن ته: ڪريمجي، اسماعيلجي، پيرڀائي، جيوانجي وغيره. ان ڪري هتي مون به سندن نالا اهڙي طرح لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڪجهه سالن بعد 1861ع ۾ جڏهن ڪريمجي 35 سالن جو هو ته هنن ڀائرن پنهنجو بزنيس الڳ ڪيو. اسماعيلجي ڪجهه سال پنهنجو اباڻو ڌنڌو هارڊ ويئر جو ڪندو رهيو ان بعد 1880ع ۾ هو زئنزيبار ڇڏي ممباسا لڏي ويو ۽ اتي مختلف ڪاروبار آزمائيندو رهيو. ممباسا ۾ جيڪي بوهري خاندان رهن ٿا انهن ۾ “اسماعيلجي” شروعاتي بوهرين مان هو. نه رڳو هو پاڻ ممباسا ۾ رهي پيو پر سندس اولاد ۽ ان جو اولاد ڪينيا، يوگنڊا، ويندي سيشلز ۽ موريشس ٻيٽن تي ۽ پوءِ واريون ٽهيون انگلينڊ، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ رهيون. پر هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي آهي ته هي بوهري، سک، هندو يا ٻيا انڊين ڀلي ولائت جي ڪنهن ملڪ ۾ Settle ٿيا پر هنن پنهنجي اصل ڳوٺ يا شهر کي به نه وساريو ۽ هنن پنهنجي حيثيت سارو پنهنجي اصل ڳوٺ جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ اتي ڪا اسپتال، اسڪول، پارڪ ضرور ٺهرايو. پئسو آني جاني شيءِ آهي پر ان کي جيڪو ماڻهن جي ڀلي لاءِ لڳائي ٿو اهو هميشه ياد رهي ٿو جيئن اسان جي ڳوٺ ۾ 1944ع ۾ مخدوم غلام حيدر صاحب انگريزي اسڪول ٺهرايو ته اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو مخدوم خاندان جي عزت ڪن ٿا. ان اسڪول ڪري نه فقط هالا جا ماڻهو پڙهي ويا پر ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻارن به ان مان فيض حاصل ڪيو. منهنجي ڪيترن سنڌي آفيسرن سان ملاقات ٿي هوندي جن ننڍي هوندي اسانجي ڳوٺ ۾ اچي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان تعليم حاصل ڪئي هوندي - جيئن ايئر فورس جو هڪ آرٿو پيڊڪ سرجن ايئرڪموڊور (برگيڊيئر) نظام الدين ڏنور ٻڌايو ته هو پير جي ڳوٺ جو رهاڪو آهي پر هو انٽر پڙهڻ لاءِ هالا ۾ رهيو هو.
ممباسا جي هن بوهري بزنيس مئن اسماعيلجيءَ ڪاروبار هلڻ تي پنهنجي ڳوٺ مانڊوي ۾ 1902ع ۾ گرلس اسڪول کوليو. آفريڪا ۾ رهندڙ انڊين جا پنهنجي ملڪ جي شهرن ۾ ڪيترائي خيراتي ادارا آهن پر هن اسڪول لاءِ اهو چيو وڃي ٿو اهو ايشين آفريڪن جو انڊيا ۾ پهريون فلاحي ادارو هو. اڄ ان اسڪول کي 120 سال ٿي ويا آهن ۽ اندازو لڳايو ته هن اسڪول مان ڪيتريون ڇوڪريون پڙهي نڪتيون هونديون. اسان جي شهرن جي مقابلي ۾، خاص ڪري سنڌ جي شهرن جي مقابلي ۾ بارڊر جي ٻئي پاسي ڪڇ، گجرات، راجستان جي شهرن ۾ ڏٺو وڃي ته نه رڳو اسڪولن ۽ اسپتالن جو تعداد تمام وڏو آهي پر سندن معيار پڻ اعليٰ آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ جي دور ۾ يورپ ۽ ولايت جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين امير ماڻهو پنهنجا ٻار ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون انڊيا جي تعليمي ادارن ۾ موڪلين ٿا جنهن بابت آئون پوني، بنارس ۽ ممبئي وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته انڊيا جي ڪاليجن ۽ رهائش لاءِ هاسٽلن جو معيار تمام مٿاهون آهي. تعليم سان گڏ ڊسيپلين به سخت آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽيون باقاعدگي سان هلن ٿيون. ايتري قدر جو انڊيا جي ڪيترن تعليمي ادارن ۾ ايران ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جا اسٽوڊنٽس زير تعليم آهن جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سندن ملڪن جي تعليم جو معيار به ڪو گهٽ ناهي پر ڪيترن ئي يورپي، آمريڪي ۽ عرب ملڪن ۾ انڊيا جي ڊگري واري کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ولايت ۾ رهندڙ ويندي اسان جا پاڪستاني ڪارخانيدار، هوٽل ۽ جهازن جا مالڪ پنهنجي ملڪ جي گريجوئيٽ کان وڌيڪ انڊين کي ترجيح ڏين ٿا. اهو اسان لاءِ هڪ اهم خاموش نياپو آهي ته اسان پنهنجي تعليم جو معيار بلند ڪيون. وڏي تعداد ۾ گرئجوئيٽ پيدا ڪرڻ سان گڏ هنن کي اعليٰ قسم جي ڄاڻ به ڏيون جيئن دنيا جي فئڪٽرين ۽ اسپتالن ۾ هو اعتماد سان ڪم ڪري سگهن.
پاڻ مانڊوي جي جيوانجي بوهري جي ٻي نمبر پٽ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هو زئنزيبار مان لڏي ممباسا- جيڪو اڄ ڪينيا ملڪ ۾ آهي پر تن ڏينهن ۾ ايسٽ آفريڪا سڏبو هو، ۾ اچي رهيو. سندس ننڍو ڀاءُ ڪريمجي - جنهن جي ”ڪريمجي ڪمپني“ اڄ تائين دنيا ۾ مشهور آهي، اهو زئنزيبار ٻيٽ تي ئي رهي پيو. هن ڪيتريون ئي شيون انڊيا، ايران ۽ عرب ملڪن مان امپورٽ ڪيون ٿي پر خاص شيون اناج ۽ گاسليٽ هو. اليڪٽرسٽي اڃان عام نه ٿي هئي ان ڪري ڪيترن ڪمن ۾ گاسليٽ ڪم آيو ٿي. هيءَ ته 1880ع ۽ 1890ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي پر مون ويندي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ دبئي جي هڪ سنڌي واپاري مورج منگهناڻيءَ وٽ ريفريجريٽر ڏٺو، جيڪو هو عدن مان کڻي آيو هو، اهو گاسليٽ تي هليو ٿي. الائي ڪيئن ٿي هليو؟ مون کي تڏهن معلوم ڪرڻ کتو ٿي. سندس وفات کان ڪجهه سال اڳ منهنجي ساڻس وري ملاقات ٿي هئي پر پڇڻ رهجي ويو. ٿي سگهي ٿو دبئي ۾ هن سان ڪم ڪندڙ اسان جو اديب دوست رام بخشاڻي ان کان واقف هجي. لڳي ٿو ته گاسليٽ تي فرج سان ڳنڍيل جنريٽر هلندو هجي جيڪو فرج ۾ موجود امونيا يا فريان گئس کي ڪمپريسر ذريعي ٿڌو ڪندو هجي. بهرحال گاسليٽ آفريڪا کنڊ جي هڪ اهم ضرورت رهي آهي ۽ اتي جي ڪهاڻين ۾ به اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ماڻهو هر وقت گاسليٽ لاءِ پريشان رهيا ٿي. هو ڇا اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “جنهن جي گهر ۾ ان جا داڻا، ان جا چريا به سياڻا”. سو آفريڪا ۾ به سمجهو ته مڇي ماني وارو اهو سمجهيو ويندو هو جنهن وٽ گهر ۾ گاسليٽ هوندو هو.
”ڪريمجي ڪمپنيءَ “ انڊيا ۽ ٻين ملڪن جي بندرگاهن ڏي جيڪي شيون ايڪسپورٽ ڪيون ٿي اهي هيون.: عاج، کوپرو، بوهي مڱ (peanuts)، ماکيءَ جو ميڻ (bees wax) لونگ وغيره. سيٺ ڪريمجي جي ڪمپني هڪ بين الاقوامي ڪمپنيءَ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي. هن يورپ جي ملڪن ڏي به سامان موڪليو ٿي، جتي خريداري ۽ وڪري لاءِ هنن جا ڪيترائي ايجنٽ مقرر هئا. هنن موريشس، مئڊاگاسڪر، سيشلز، انڊيا ۽ سلون ۾ به ڪاروبار هلايو ٿي. ساڳي وقت ڪريمجيءَ پنهنجي گهر جي مسئلن ۽ رسمن رواجن کي به منهن ڏنو ٿي.خاص ڪري هن جي اڳيان سندس پٽ علي ڀائيءَ جي شاديءَ جو مسئلو هو. انهن ڏينهن ۾ بوهري ڪنوارون پنهنجي ڳوٺ مان ئي آنديون ويون ٿي، سو ڪريمجي پنهنجي پٽ جي شاديءَ لاءِ انڊيا روانو ٿيو. پنهنجي پٽ جي مانڊويءَ ۾ ڌوم ڌام سان شادي ڪرائي زئنزيبار موٽڻ مهل هن باقي بچيل سڀ پئسو انڊيا مان مختلف مال خريد ڪرڻ تي لڳايو. هن جو ارادو هو ته هو اهي شيون زئنزيبار ۾ وڪرو ڪري وڏو نفعو ڪمائي سگهندو. ان ڪري هن پنهنجو پئسو ته سڀ لڳايو پر قرض کڻي سامان وٺڻ جو به جوکم کنيو، جنهن کي پاڻ Calculated Risk چئي سگهون ٿا. ڇو جو زئنزيبار ۾ وڏو عرصو رهڻ ڪري هن کي آئيڊيا هئي ته اتي انڊيا جو ڪهڙو سامان جلد وڪرو ٿئي ٿو ۽ سٺو اگهه ڪري ٿو. پر افسوس جو ڪريمجي بوهريءَ جو الهه تلهه ناس ٿي ويو.
اهو سال 1861 هو. ڪريمجي جو جهاز هاڻ زئنزيبار جي ويجهو اچي پهتو هو ته سخت طوفان جي گهيري ۾ اچي ويو. جهاز کي هلڪو ڪرڻ ۽ ان جي Stability قائم رکڻ لاءِ جهاز وارن مسافرن گڏجي هڪ هڪ سامان جيٽيسن (Jettision) ڪيو. يعني سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو پر نه ختم ٿيندڙ طوفان ۾ جهاز ڦٿڪي ڦٿڪي ٻڏي ويو. مسافر ڪريمجي سميت هٿ پير هڻي اچي ڪناري کي لڳا. جان سو بچي وئي باقي سامان مان ڪنهن کي سُئي به نه ملي. ڪريمجي جو ته سڀ ڪجهه اهو هو.
هتي مون جيٽيسن لفظ استعمال ڪيو آهي جنهن کي سنڌي ۾ ڇا ٿا چون، اها مونکي خبر ناهي پر دنيا جي تقريبن هر ٻولي: بنگالي، ملئي، جپاني، ويندي عربي ۽ فارسيءَ ۾ اهوئي بين الاقوامي لفظ Jettison استعمال ٿئي ٿو. جهاز کي بچائڻ لاءِ جيئن ان تي سوار انسانن جي جان بچي سگهي، اڄ به اهو قانون آهي ته سامان کي ڦٽو ڪيو وڃي. ان عمل کي جيٽيسن سڏجي ٿو. جنهن سامان کي سمنڊ تي پاڻي جي جهاز مان (توڙي هوائي جهاز مان) ڦٽو ڪيو وڃي ٿو ان سامان کي جيٽسم (Jetsam) سڏجي ٿو. سمنڊ تي اڪثر مختلف سامان ترندو نظر ايندو آهي، جنهن لاءِ سمجهي وڃبو آهي ته ڪنهن بدنصيب جهاز جو جيٽسم هوندو.
دراصل طوفان ۾ سمنڊ جي وڏين ڇولين جو پاڻي جهاز ۾ ڌوڪيو پوي ۽ سامان کي آلو ڪريو ڇڏي. سامان ۾ جي اناج، ڪپڙي، ڪاٺ جهڙي شيءِ آهي ته اهو پاڻي چُهي ڳرو ٿيو پوي ۽ جهاز جي ٻڏڻ جو خطرو وڌيو وڃي. شروع جي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ دفعي پينانگ مان اسان کي هيروشيما (جپان) لاءِ ڪاٺ کڻڻو پيو. ڪاٺ تمام گهڻو هو. اڄ جي ماڊرن جهازن جي ايئرٽائيٽ Hatches (گدامن) ۾ ڀرڻ کانپوءِ به ڪافي بچي پيو جنهن کي کڻڻ لاءِ اسان انڪار ڪيو پر ملائيشيا جي چيني توڪئي (سيٺ) چيو ته باقي ڪاٺ جهاز جي ڊيڪ تي رکي وڃو. جي خراب ٿيو ته اسان جهاز وارن جي ذميواري نه ٿيندي. هو هر صورت ۾ ڀاڙو فل ڏيندو. اهو ڪاٺ ملائيشيا جي ٿلهن وڻن کي چورس شڪل ۾ چيري ٺاهيو ويو هو. يعني هڪ هڪ 8 انچ چورس ۽ ڏهه ٻارهن فوٽ کن ڊگهو هو. جهاز جي لوڏن ۾ ڪاٺ کي ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ ان جي چڱي طرح Lashing ڪئي وئي يعني ٻڌو ويو. هئچ (گدام) اندر به جيڪا شيءِ رکي وڃي ٿي ان کي چڱي طرح Secure ڪيو وڃي ٿو يعني رسن، ڪوڪن ڪلين، ڪاٺ جي چپرن ذريعي سوگهو ڪيو وڃي ٿو. اهو هڪ خاص سبجيڪٽ “ڪارگو ورڪ” ٿئي ٿو جيڪو ناٽيڪل ڪئڊٽ مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم دوران پڙهن ٿا ۽ پريڪٽيڪلي سکن ٿا.
پينانگ (ملائيشيا) کان هيروشيما تائين اٺ نو ڏينهن جو سفر آهي. رستي تي هانگ ڪانگ ۾ ڏينهن اڌ ترسي جهاز جي ٻارڻ لاءِ تيل به ورتوسين جو انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ هر شيءِ ڊيوٽي فري (سستي) ملي ٿي. پينانگ کان هانگ ڪانگ تائين ڇا ماٺو سمنڊ ۽ سٺي موسم ملي، جواب ناهي. ڪٿي ڪا مينهن ڦڙي به نه وسي پر بدنصيبي اچي اچي هيروشيما جي ڀرسان پهچڻ تي ٿي. ڪو ڏينهن اڌ جو سفر هو ته پهرين طوفاني بارش شروع ٿي ۽ پوءِ سمنڊ اهڙو بگڙيو جو ڇوليون جهاز کي ڍڪيو ڇڏين. پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري ڪاٺ ويو ڳرو ٿيندو ماڳهين Stability خطري ۾ پئجي وئي. يعني جهاز بئلنس مان نڪرڻ لڳو. جهاز ۽ ان ۾ سوار جهاز هلائڻ وارن کي بچائڻ لاءِ مجبورن ڊيڪ تي رکيل سمورو ڪاٺ جيٽيسن ڪرڻو پيو.
ڪڏهن ڪڏهن جهاز تي رکيل سامان، ڀلي کڻي اندر هئچ ۾ رکيل هجي، سامونڊي جهانڪن ۽ جهاز جي لڏڻ ڪري، ان جي Lashing ٽٽي پوي ٿي. ان صورت ۾ ڇا ٿو ٿئي جو جهاز جنهن پاسي جهڪي ٿو، سامان به ان طرف وڌي ٿو ۽ جهاز کي وڌيڪ جهڪائي ٻوڙيو ڇڏي. پراڻي زماني جي انهن سڙهن تي هلندڙ ٻيڙن ۾ اهو وڏو مسئلو هو ۽ ان وقت جا جهاز طوفانن جي سَٽ سهي نٿي سگهيا. ڪريمجي جي جهاز ۾ به هڪ ته سامان آلو ٿي ڳرو ٿيو هوندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ ڪري Stability خراب ٿي هوندي ۽ هنن مجبوريءَ جي حالت ۾ سامان جيٽيسن ڪيو هوندو.
سيٺ ڪريمجي جيڪو راتو رات امير ٿيڻ جا خواب ڏسندو زئنزيبار ڏي اچي رهيو هو اهو جڏهن زئنزيبار پهتو ته هن وٽ پائي به نه هئي. هن وٽ جيڪو پئسو هو اهو ته لڙهي ويو پر ماڳهين ٻين جو قرضي ٿي پيو. ماڻهن جا قرض موٽائڻ لاءِ هن ٻين سيٺين جي دڪانن تي سيلزمئن ٿي ڪم ڪيو. ان سان گڏ هو پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن کان وڌيڪ قرض وٺي پنهنجو ڪاروبار به ڪرڻ لڳو. هوشيار ۽ ايماندار ماڻهو هو ان ڪري هر هڪ جو هن تي ڀروسو هو ۽ هن جي مدد ڪرڻ لڳا. خاص ڪري ممباسا ۾ رهندڙ بوهري ڪميونٽي جا ماڻهو.
ڳالهه اها آهي ته بزنيس لاءِ فقط پئسو ضروري ناهي. تجربو ۽ تعلقات به ضروري آهن ۽ بزنيس ۾ هر وقت فائدو به نه آهي ڪڏهن ڪڏهن قدرتي يا سياسي مصيبتن ۾ وڏا وڏا سيٺ ترپَٽ ٿيو وڃن. هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا پاسي جي ڪيترن سنڌي هندو سيٺين بابت لکيو اٿم ته هو ڪيئن ڏيوالا ٿي ويا جو هو مٿي تي کارو رکي هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻڻ لڳا يا پيٽ گذر لاءِ ٻين دڪاندارن وٽ سيلزمئن ۽ نوڪر ٿي ڪم ڪرڻ لڳا، پر واپاري تجربي ۽ عقل کان ڪم وٺي هو وري امير ٿي ويا. زئنزيبار جو هي بوهري ڪريمجي به ڪجهه سالن جي محنت بعد وري پاڻ ڀريو ٿي ويو. هو هڪ دفعو وري هر سال پاڻ سفر جون تڪليفون ڪري مانڊوي ويو ٿي جتان گراهڪن لاءِ سٺو اناج ۽ ٻيو سامان خريد ڪري زئنزيبار آيو ٿي. هن هر حالت ۾ اهو خيال رکيو ٿي ته گراهڪ کي صاف سٿري شيءِ ڏني وڃي ۽ نفعو گهٽ رکيو وڃي جيئن گراهڪ جو اعتماد برقرار رهي.
هن اڳتي هلي انڊسٽري ۾ اچڻ چاهيو ٿي پر هن ڏٺو ته آفريڪا ۾ فئڪٽريون ۽ ڪارخانا نه هلي سگهندا. ان ڪري هن امپورٽ ايڪسپورٽ سان گڏ ٻيو ائگريڪلچر جو ڪم ڪيو. هن اهو فيصلو ڪيو ته هارين جي بهتريءَ جو به خيال رکيو وڃي. ان ڪري هن خريد ڪيل جاگيرن تي ڪم ڪندڙ هارين لاءِ ڪلينڪون ۽ اسپتالون کوليون. سندن عبادت لاءِ مسجد ۽ سستي خريداريءَ وارا دڪان کوليا. يعني هن اهي ڪم ڪيا، جيڪي لئبر جي خوشحاليءَ لاءِ اڄ ٽنڊو سومرو جو زميندار رئيس امداد نظاماڻي ڪري رهيو آهي.
ڪريمجي جو اڪيلو پٽ علي ڀائي هن جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو. پاڻ اڪيلي سر هر قسم جي ڌنڌي کي منهن ڏيندو رهيو. 1898ع ۾ سندس وفات تي سندس ڪمپني “ڪريمجي” مشهور ۽ بين الاقوامي ٿي چڪي هئي. ائگريڪلچر سان گڏ اها ڪمپني انشورنس، شپنگ ايجنسي ۽ موٽر وهيڪل جو ڪاروبار به ڪندي اچي. ڪريمجي جي وفات بعد هن جا پوٽا حسن علي، محمد علي ۽ يوسف علي ۽ انهن جو ڪزن طيب علي “ڪريمجي ڪمپني” جي ڪاروبار کي ڏسڻ لڳا. پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ هارايو ۽ انهن جون ٽانگانيڪا (هاڻوڪي تنزانيا) ۾ جيڪي جاگيرون هيون، انگريزن نيلام ڪيون، جن مان ڪجهه ڪريمجي ڪمپنيءَ به خريد ڪيون ۽ انهن کي ٺاهي خوب ترقي ڪئي پر 1967ع ۾ تنزانيا حڪومت جي سوشلسٽ پاليسيءَ جي ڪري ڪريمجي وارن کان سڀ ڪجهه کسجي ويو ۽ ڪاروبار پٽ سان وڃي لڳو. پر ڪريمجي وارن همت نه هاري. ان دوران يوسف علي جي ڪارن جي بزنيس فئملي کي بچائي ورتو ۽ اڄ ڏينهن تائين هو “ٽويوٽا تنزانيا لميٽيڊ” جا مالڪ آهن. يوسف علي جو پٽ عبدالڪريم دارالسلام جو ميئر به ٿيو ۽ بعد ۾ تنزانيا جي پارليامينٽ جو اسپيڪر ٿي رهيو. هو 1961ع کان 1970ع تائين- يعني جن ڏينهن ۾ اسان دارالسلام اچڻ شروع ڪيو ته هو دارالسلام يونيورسٽي جو وي سي هو. پاڻ ٽانگانيڪا مان تنزانيا ٿيڻ واري ملڪ جي صدر جوليس نائريري جو سٺو دوست پڻ هو. سندس پيءُ يوسف ڪريم کي “Lion of Zanzibar” به سڏيندا هئا. پاڻ محمد علي جناح کان 6 سال ننڍو ۽ نهروءَ کان 7 سال وڏو هو.
سڄي اوڀر آفريڪا ۾ ڪريمجي فئملي خير خيرات کان مشهور رهي آهي. هنن نه فقط مختلف شهرن ۾ اسپتالون، تعليمي درسگاهه، پارڪ وغيره ٺهرايا پر ڪيترن آفريڪي نوجوانن کي اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرون به ڏيندا رهن ٿا. ان کان علاوه هنن ڪيترن ئي شهرن ۾ لائبريريون ۽ مسجدون ٺهرايون آهن. هن جي ڪزن طيب علي ڪريمجي (ڄم جو سال 1897ع ۽ وفات 1987ع) لاءِ ته مشهور آهي ته هن ڪمپني جي نفعي جو 60 سيڪڙو خيرات جي ڪمن لاءِ ٿي ڏنو.
دارالسلام جي سڀ کان وڏي عمارت ڪريمجي هال جيڪو 1955ع ۾ ٺهي راس ٿيو اهو “يوسف ڪريمجي” ڪريمجي جي پوٽي دارالسلام سٽي ڪائونسل کي تحفي طور ڏنو، جيڪو 1960ع کان 1999ع تائين تنزانيا جي پارليامينٽ هائوس طور استعمال ٿيندو رهيو. ان بعد تنزانيا جي گاديءَ جو شهر دارالسلام مان دودوما (Dodoma) ٿيو. يوسف علي جي پٽ امير يوسف علي ۽ ان جي زال ڪلثوم جو به هن ڪمپني جي ڪاروبار ۽ خيرات ۾ وڏو هٿ رهيو. کين ٽي ٻار هئا. وڏو حاتم امير اسان جو همعمر هو ۽ منهنجي لنڊن ۾ ٻين بوهري دوستن سان گڏ حاتم سان روٽري ڪلب جي هڪ ڊنر ۾ ملاقات ٿي هئي. هو بوهري ته نٿي لڳو گورو انگريز ٿي لڳو. پاڻ گذريل سال 2019ع ۾ لنڊن ۾ گذاري ويو. پاڻ ”ٽويوٽا تنزانيا لميٽيڊ” جو 31 سال چيئرمين ٿي رهيو. سندس وفات بعد ”ڪريمجي ڪمپني“ جو ڪاروبار هن جا پٽ ۽ پوٽا ڪليم ۽ دانيال هلائين ٿا. هنن جي هر هڪ ماڻهوءَ جي ڪاروبار، ڪم ڪار، خير خيرات ۽ سماجي زندگي وغيره جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي تنزانيا پاسي اچڻ تي اسانجي ماڻهن ۽ هتي جي مقامي شيدين کان ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. هتي ته مون “ڪريمجي هال” جي سامهون اچڻ تي هن بوهري فئملي کي ياد ڪري مختصر احوال لکيو آهي نه ته هنن بوهرين تي سڄو ڪتاب لکي سگهجي ٿو.

آفريڪا ۾ آيل تبديلي

آخر ۾ ڪڇ جي هن شهر مانڊوي بابت لکندو هلان، ٻاڦ تي هلندڙ جهازن کان اڳ هندي وڏي سمنڊ ۾ مانڊوي شهر جهاز سازيءَ کان مشهور هو، جتي ڪاٺ جون سڙهن واريون ٻيڙيون ۽ ڌائو 400 سالن کان ٺهي رهيون هيون. اڄ به جهاز سازيءَ جي ڪم ۾ مانڊوي شهر خوب ڪمائي ٿو ۽ هتي جا ماڻهو جهاز رانيءَ ۾ به قابل رهيا آهن. ڪيترن جو ته اهو چوڻ آهي ته واسڪوڊا گاما کي آفريڪا جي ڪناري (ميلنديءَ) کان انڊيا جي ڪناري تائين وٺي آڻڻ وارو سونهون (Pilot) مانڊويءَ جو گجراتي هو. پر اها ڳالهه بحث جوڳي آهي. ٻي ڳالهه اها ته اسان جي ملڪ جي ڪيترن نوجوان بوهرين کي اها خبر ئي نه آهي ته مانڊوي ۾ هنن جو زيارتگاهه آهي، جتي دنيا جا بوهري هر سال اچن ٿا. آئون ڪراچي جي بوهرين ۽ ڪڇي ميمڻن کان اڪثر مانڊوي، انجار، مُندرا، ڀوڄ، راجڪوٽ، باٽوا، پوربندر جهڙن ڪڇ ۽ گجرات جي شهرن جو پڇندو رهان ٿو ته آيا هنن پنهنجي وڏن جي پيدائش وارا اهي شهر ڏٺا آهن يا نه. پر لڳي ٿو ته پاڪستان ۽ انڊيا جا سياسي تعلقات صحيح نه هجڻ ڪري هر هڪ کي آساني سان ويزا نٿي ملي ۽ ماڻهو انڊيا وڃڻ کان گريز ڪن ٿا، جو ڪيترا اهڙا ڪيس ٿيا آهن، جن ۾ اسان جي ماڻهن کي بي ڏوهو جيل حوالي ڪيو وڃي ٿو. باقي منهنجو اهو مشاهدو آهي ته گجرات- خاص ڪري ڪڇ جا ماڻهو، چاهي بوهري، آغا خاني، شيعا، سني- يعني مسلمان هجن يا هندو يا عيسائي... هو ٻين رياستن جي ماڻهن کان وڌيڪ تحمل وارا ۽ پڙهيل ڳڙهيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. منجهن جهيڙو جهٽو گهٽ آهي. اهو شايد ان ڪري به جو هنن جو واپار ورڙي- يعني دوڪانداريءَ سان تعلق آهي.
مانڊويءَ ۾ بوهرين جي 37 هين داعي نور محمد نور الدين جي مزار آهي، جيڪا مزار نورانيءَ جي نالي سان مشهور آهي. هن مزار جي مقبري (گنبذ) جي رونمائي بوهرين جي 52 هين داعي سيدنا محمد برهان الدين 1999ع ۾ ڪئي هئي. نور محمد نورالدين 1718ع ۾ وفات ڪئي هئي... يعني ڪريمجي فئملي وارا هن داعيءَ جي وفات کان پوءِ سئو سال رکي مانڊويءَ کان زئنزيبار لاءِ روانا ٿيا هئا. بوهرين جي 52 هين داعيءَ جي 2014ع ۾ وفات ٿي. اڄ ڪلهه هن جو فرزند سيدنا مفضل سيف الدين 53 هون داعي آهي جيڪو بوهرين جي ممبئي واري آفيس ۾ رهي ٿو.
هونءَ مانڊوي بندرگاهه اسان کان ڪو پري ناهي. اسان ڪراچيءَ مان صبح جو لنگر کڻندا آهيون ته ٺٽي، بدين واري ڪناري بعد منجهند جو مانڊويءَ جي بلڪل سامهون هوندا آهيون ۽ جي بدين يا ڏيپلي کان باءِ روڊ نڪرجي ته مانڊويءَ تائين سفر 150 ڪلوميٽر به ڪو مس ٿو ٿئي يعني ڪراچي کان حيدرآباد جيترو ڪو فاصلو ٿيو. شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ جڏهن نه ويزا جو چڪر هو نه هوائي جهاز ۽ ريل گاڏيون هيون. سفر اٺن، ڍڳي گاڏين ذريعي پيرين پنڌ ٿيو ٿي، ان وقت اسان جي ماڻهن لاءِ لاهور ۽ ملتان کان ويجهو: ڀوڄ، مانڊوي، لکپت، نَوَ لکي، ڄام نگر، دوارڪا، پوربندر، ڌوراجي، راجڪوٽ، پالنپور ۽ گجرات جا ٻيا شهر هئا.
دارالسلام ۾ فيريءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ بعد آئون اتي ئي سمنڊ جي ڪناري واري روڊ سوڪوئني ڊرائيو تي اڌ ڪلاڪ کن واڪ ڪندو رهيس. روڊ جي پوڇڙ وٽ ڪريمجي هال هو. اتي پهچي ٽئڪسيءَ جو سوچيم جيئن وقت پاس ڪرڻ لاءِ شهر جو سير ڪري وٺان ۽ ان سان گڏ ڪٿي پنهنجي پسند جي شيءِ آئيس ڪريم به کائي سگهان. شگر جو مريض هجڻ ڪري مون کي آئيس ڪريم جهڙي مٺي شيءِ نه کائڻ کپي پر ميل ڏيڍ جي واڪ بعد هاڻ مون پاڻ کي آئيس ڪريم کائڻ لاءِ اهل ٿي سمجهيو. “سمورا” ايونيو ۽ “سوڪواني” ڊرائيور جي وچ ۾ وهندڙ “شابان رابرٽ” اسٽريٽ وٽ ٽئڪسي نظر آئي. هٿ جي اشاري سان بيهاري آئون خاموشيءَ سان ويهي رهيس. ڊرائيور سامورا ايونيو تان هلڻ لڳو... رستي تي ميرامبو اسٽريٽ آئي، ان بعد آمريڪن رياست ohio جي نالي واري اسٽريٽ، پوءِ پمباروڊ... ٽئڪسي ڊرائيور منجهي پيو ته آخر مون کي هلڻو ڪٿي آهي. هن مونکي مقامي انڊين سمجهي سواحليءَ ۾ پڇيو پر پوءِ يڪدم ٽوئرسٽ سمجهي صاف انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ڪيڏانهن هلڻو آهي. مون کيس ٻڌايو ته آئون ڏهاڪو کن سالن بعد سندس شهر دارالسلام ۾ آيو آهيان ۽ ان عرصي ۾ آيل تبديلين جو جائزو وٺڻ ٿو چاهيان ته شهر ۾ ڪهڙي ڦيرگير آئي آهي. هو منهنجي ڳالهه سمجهي ويو ۽ مون کي خاص خاص علائقن جي اهم روڊن تي گهمائڻ لڳو. ٽئڪسيءَ ۾ ويٺي ڪٿي فوٽو ٿي ڪڍيم ته هن ڪار کي سلو ٿي ڪيو يا پاسي تي ڪري بيهاريو ٿي. مون هيڏانهن هوڏانهن لوڻا گهمائي يڪدم جائزو ورتو ته اڄ جو ممباسا وڌيڪ سهڻو ۽ صاف سٿرو ٿي پيو آهي نه ته 1960 جي ڏهاڪي ۾ مون کي ڪراچي هر ايشيائي ۽ آفريڪي شهر کان سهڻو لڳندو هو. آمريڪن به اسان جي ڪراچيءَ جي تعريف ڪندا هئا. اڄ ڪراچيءَ جي حال جي سڀني کي خبر آهي ۽ هي دارالسلام جهڙا شهر ڪيڏو ته ماڊرن ٿي ويا آهن! ڇا روڊ رستا ۽ انهن تان هلندڙ بسيون ٽئڪسيون ۽ ڇا چوڌاري خوبصورت عمارتون ۽ پارڪ! هر ڳالهه قانون مطابق ٿي رهي آهي. هر موٽر سائيڪل سوار جي مٿي تي هيلمٽ (بچاءَ وارو ٽوپلو)، سگنل جي ڳاڙهي ٿيڻ تي پجارو جيڏيون وڏيون گاڏيون، ويندي پوليس آفيسرن جون سرڪاري ڪارون بيهو رهن! عوام ان وقت رستو ڪراس پئي ڪري جڏهن ٽرئفڪ بيهي ٿي. ڪير چوندو ته شيدي جاهل ۽ اڻ سڌريل آهن؟ اسان وٽ ته ڪو بي اي پاس به اهڙي سٺي انگريزي نه ڳالهائي سگهي جهڙي هي مئٽرڪ پاس هڪ ڳوٺاڻو ٽئڪسي ڊرائيور شيدي ڳالهائي رهيو آهي!
آئون روڊن ۽ گهٽين جا نالا پڙهان ٿو. هوٽلن جا نالا پڙهان ٿو. رکي رکي ڪنهن مسجد، مندر، گرجا گهر وٽان گذر ٿئي ٿو. رستن جا ڪي نالا مختلف ملڪن ۽ انهن جي صوبن ۽ شهرن جا آهن ته ڪي هن ملڪ جي شهرن نالي آهن. ڪن روڊن جا نالا اهم ماڻهن نالي آهن، مثال طور:
بارڪ اوباما روڊ- جيسين اوباما آمريڪا جو صدر نه ٿيو هو آفريڪا وارن کي ياد پاد به نه هو. سندس پيءُ ڪينيا جو هو جنهن هن جي ماءُ کي موچڙا هڻي ڪڍي ڇڏيو هو.
علي حسن ونيي (Mwinyi) روڊ- نالي مان پهرين لڳم ته هي روڊ ڪنهن بوهري يا آغا خاني نالي ٿي سگهي ٿو پر Mwinyi ذات ڏسي تنزانيا جو ٻيو صدر ياد آيو جيڪو 1985ع کان 1995ع تائين هن ملڪ جو صدر ٿيو. هونءَ به ڪنهن نالي اڳيان M آهي ۽ اها اُچاري نٿي وڃي ته معنيٰ ان جو واسطو تنزانيا سان آهي. مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تنزانيا جو هڪ جهازران هو جنهن جون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون “ملير کان مالمو” ۽ “اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا” ڪتابن ۾ لکيون اٿم، ان جو نالو دوبيلو هو. يعني هو پاڻ به پڇڻ تي اهو نالو اچاريندو هو ۽ اسان به هن کي ان نالي سان سڏيندا هئاسين پر پنهنجي نالي جي اسپيلنگ Mdobelo لکندو هو. اها ڳالهه مون کي اڄ ڏينهن تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي ته جڏهن M (ميم) اچاريو نٿو وڃي ته پوءِ لکجي ڇو ٿو؟ تنزانيا جي ڪيترن ئي شهرن جي نالن ۾ به توهان کي اهو M اکر اڳيان نظر ايندو. جيئن ته:
Mkuranga- Masata- Msoga- Mzinga- Mkata- Mlandizi- Msolwa وغيره وغيره.
ڪلوتا اسٽريٽ، ان بعد زناڪي اسٽريٽ ۽ ان ڀرسان بوهرين جي سيفي مسجد ۽ پوءِ دائودي بوهري جماعت خانو. ڪلوتا اسٽريٽ وٽ بوهرين جي خيراتي اسپتال “برهاني چئريٽبل هاسپيٽل” به آهي.
ڪلاڪ ٽاور واري چوراهي وٽان هڪ طرف Uhurea اسٽريٽ نڪري ٿي ته ٻئي طرف نڪروما اسٽريٽ. ٽئي طرف ريلوي اسٽيشن ۽ چوٿين طرف انڊيا اسٽريٽ جنهن جي بلڪل شروعات ۾ “عيساجي هائوس هولڊ اسٽور” نالي هارڊويئر جو اسٽور، پڪ هتي جي رهاڪو ڪنهن بوهري واپاريءَ جو هوندو. اتي ئي موروگورو روڊ ۽ ماسق اسٽريٽ انڊيا اسٽريٽ کي ڪراس ڪن ٿيون. اڳيان حاتمي سوئيٽ ائنڊ بيڪري به ڪنهن آغا خاني يا بوهري جي لڳي ٿي.
اتي ئي اندرا گانڌي نالي به اسٽريٽ آهي. مسجد غازيجي، ساهاني سٽي ريسٽورنٽ، حبيب آفريڪن بئنڪ- جيڪا ٿي سگهي ٿو اسان جي حبيب بئنڪ وارن مالڪن جي هجي. ماما ڪِي لوڪل ريسٽورنٽ، Alcove ريسٽورنٽ ۽ رايل اوون ريسٽورنٽ به انڊيا اسٽريٽ تي نظر اچن ٿيون.
مڪتب اسٽريٽ ڪراس ڪرڻ بعد YMCA ۽ هاسٽل، سينٽ الباس چرچ ۽ هاليڊي اِن هوٽل نظر اچن ٿا. هڪ گهانا اسٽريٽ نالي به رستو اچي ٿو. اگگري اسٽريٽ تي مسجد قبلتين اچي ٿي ۽ لِنڊي روڊ تي مسجد لِنڊي آهي. اڳتي مافيا اسٽريٽ تي بڙودا بئنڪ ۽ منيما مسجد آهي. مافيا هن پاسي جو مشهور ٻيٽ آهي. بيبي تيتي محمد اسٽريٽ تي Al- Rawdha مسجد ۽ ان ڀرسان اعظم آئيس ڪريم ڪيفي آهي.
ان ٿوري جهلڪ مان ئي ڏٺو وڃي ته انڊيا جو هن پاسي وڏو اثر آهي. انهن جا ماڻهو، بئنڪون، آفيسون هن پاسي جام آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته تلهار ۽ ٺٽي پاسي جا آغا خاني يا سنڌي هندو به پاڻ کي انڊين سڏائين ٿا. اهو ان ڪري جو هو جڏهن هن پاسي آيا پاڪستان اڃان نه ٿيو هو ۽ هنن وٽ برٽش انڊيا جو پاسپورٽ هو. هونءَ به هن پاسي وري به انڊيا جو اسان کان وڌيڪ اثر رسوخ آهي.
هڪ مٿرداس نالي به گهٽي آهي، جيڪا اڳيان UN روڊ سان ملي ٿي. ٿورو اڳيان شوارما پلس نالي عرب اسٽائيل کاڌي جي ريسٽورنٽ آهي ۽ ٿورو اڳيان مِندو اسٽريٽ تي انڊين چاٽ ريسٽورنٽ آهي. اتي فيس فوڊ ڪيفي ۽ شري ستيا سائين سوسائٽي جي عمارت آهي ۽ اڳيان فلسطيني سفارتخانو، مسجد تامبازا ۽ ٻڌن جو مندر به ڀر ۾ آهي. مزيدار ڪيڪن بسڪيٽن جي هڪ بيڪريءَ جو نالو ئي آهي. “لذيذ”.

اڄ جو دارالسلام...

دارالسلام شهر جا چڪر هڻندي هڪ ڳالهه جيڪا مون نوٽ ڪئي ۽ مون کي پڪ آهي ته منهنجي ملڪ جو هتي ايندڙ هر ماڻهو محسوس ڪندو ته ممباسا شهر ۾ وڏين هوٽلن جي ڄار وڇائي پئي آهي. انهن کان علاوه جتي ڪٿي نيون هوٽلون به ٺهي رهيون آهن. اهو ئي حال انڊيا ۾ آهي، سعودي عرب ۽ ايران ۾ آهي، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ آهي. ڀلا اهي ته ٿيا امير ملڪ پر نيپال، سريلنڪا، مالديپ جهڙن غريب ملڪن کي ڏسو ته اتي جي شهرن ۾ به جتي ڪٿي هوٽلون اڀري رهيون آهن، جتي ڪٿي ٽوئرسٽن جي پيهه نظر اچي ٿي. هڪ اسانجو ملڪ آهي. خاص ڪري سنڌ صوبو جتي موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي، مڪلي، گورک هل، منڇر ڍنڍ جهڙين انيڪ آڳاٽين ۽ اعليٰ شين جي باوجود ڪو ٽوئرسٽ نظر نٿو اچي. ڪراچي جهڙي شهر ۾ جيڪي چار پنج فائو اسٽار هوٽلون اڄ کان 50 سال اڳ ٺهيون هيون اڄ به اهي ئي آهن. جيتوڻيڪ ٽوئرزم اهڙي شيءِ آهي جنهن ٿائلينڊ، سريلنڪا، ڪينيا جهڙن غريب ملڪن کي به امير بڻائي ڇڏيو. سعودي عرب ۽ ايران جهڙا امير ملڪ به اڃان وڌيڪ پئسو ڪمائڻ لاءِ ٽوئرزم جي همٿ افزائي ڪري رهيا آهن. جنهن به ملڪ ۾ جيڪا ٿي هوٽل کلي اها فل ٿي وڃي. ان هوندي به هتي جي هوٽلن وارا آيل مسافرن جي ڀلي لاءِ هوٽل جي مسواڙي اگهه ۾ ڇوٽ ڏين ٿا. ڪراچي يا حيدرآباد جي هوٽلن ۾ هڪ ته رهڻ لاءِ ڪو ورلي اچي، ٻيو مسواڙون وڏيون ۽ ڊسڪائونٽ کان آڱوٺو! هوٽلن جا ويچارا مالڪ اهي ئي دانهون ڪندا وتن ته ڪا ڪمائي ناهي، پوليس ۽ انڪم ٽئڪس کاتي جي پَٽِ پَٽان ماري ڇڏيو آهي – ان کان علاوه سياسي پارٽين ۽ مقامي غنڊن کي ڀتو الڳ ڏيڻو ٿو پوي.
هيڏانهن آفريڪا جي شهر دارالسلام ۾ ٿو ڏسان ته ويهه سال اڳ تائين به ايتريون هوٽلون نه هيون پر هاڻ ننڍيون ننڍيون هوٽلون ته ڇا فائِو ۽ فور اسٽار هوٽلون به جام ٿي ويون آهن. سنگاپور ۽ ملائيشيا جون حڪومتون پاڻ ۾ کڻي نه ٺهن پر آيل مسافرن (ٽوئرسٽن) جي سهولت لاءِ ٻئي هڪ ٿيو وڃن ۽ قاعدا قانون اهڙا آسان ٺاهين ٿا جو سياحن کي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ وڃڻ ۽ واپس موٽڻ ۾ ڪا دقت يا بي جا خرچ نٿو ٿئي. اهو ئي حال ترڪي ايران ۾ آهي ۽ هتي دارالسلام ۽ زئنزيبار جي وچ ۾ ايندڙ ويندڙ مسافرن لاءِ آهي. دارالسلام جي گهٽين ۾ گهمندي ڪجهه وڏين هوٽلن جا نالا ۽ انهن جي روز جي مسواڙ نوٽ ڪئي اٿم. توهان به جائزو وٺو.
پاڪستاني 24000 کان 000، 30 روپين تائين فائيو اسٽار هوٽلون: جوهري رتنا، حيات ريجنسي، اونومو، سيرينا، سي ڪلف، سدرن سن، پروٽيا هوٽل وغيره. اهڙي طرح 18000 روپين کان گهٽ واريون: شيريٽن، ميڊيٽرينين، پيننشولا، سفائر، سي شيلس ملينيم وغيره. ريجنسي هوٽل پنجاه سيڪڙو ڇوٽ تي 8000 روپيه ايڪونو لاج 6000 روپيه ۽ جئرو مئڪس پئلس 4000 روپيه. ان کان علاوه ٻيون ٿري اسٽار نموني جون ۽ ان کان گهٽ مسواڙ واريون هوٽلون به جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون. هڪ ٻه هوٽلون پيهه پيهان وارن علائقن ۾ ائين هيون جيئن جبيس ۽ يونائيٽيڊ هوٽلون ڪراچي جي صدر ۽ بوهري بازار وارن علائقن ۾ آهن. ڪراچي وارين اهڙي هوٽلن ۾ توهان شايد رهڻ پسند نه ڪريو جو اسان وٽ مسواڙ گهڻي آهي ان کان علاوه گندگي ۽ بجلي وڃڻ جي مصيبت آهي پر ملائيشيا جي ننڍين هوٽلن وانگر دارالسلام جون هوٽلون به بهتر ۽ اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ فائدي واريون آهن جو گهٽ مسواڙ ڪري توهان وڏي بچت ڪري سگهو ٿا جيڪا بچت توهان وڌيڪ گهمڻ ۾ لڳائي سگهو ٿا... آخر بهتر رهائش لاءِ توهان ڪهڙي شيءِ جي توقع رکو ٿا؟ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو، اٽئچڊ باٿ روم، صاف ڪمرو ۽ ڌوتل چادرون، شهر جو نظارو ڪرڻ لاءِ وڏي دري، 24 ڪلاڪ بجلي ۽ باٿ روم ۾ ايندڙ پريشر سان پاڻي... اهي سڀ شيون، توهان کي دارالسلام ۽ ممباسا جي ننڍين هوٽلن ۾ به ملن ٿيون. ملڪ ۾ امن امان وارو ماحول آهي... پوءِ ڇو نه ڪنهن ننڍي هوٽل ۾ رهجي. اهڙيون ٽي هوٽلون کوجن جي جماعت خاني وٽ به نظر آيون: ٽفانيي ڊائمنڊ هوٽل، رينبو هوٽل ۽ اربن روز هوٽل. مون کي خيال آيو ته زئنزيبار وڃڻ بدران هتي دارالسلام جي ئي ڪنهن هوٽل ۾ رهي پوان ها جو تقريبن هر هوٽل ڊسڪائونٽ آفر ڪري رهي هئي. پر هڪ ته آئون فيريءَ جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي چڪو هوس ٻيو ته منهنجو سامان (بئگ) مون سان گڏ نه هئي اها زئنزيبار ڏي ويندڙ فيريءَ جي آفيس وٽ رکرائي هتي پهتو هوس. هونءَ هتي جي هوٽل وارن ٻڌايو ته اڄڪلهه دارالسلام ۾ اعليٰ پئماني جو 450 کن هوٽلون آهن ۽ ننڍيون ننڍيون حيدرآباد ناڪي جهڙيون ته انيڪ آهن، جن ۾ ڳوٺن کان آيل گهٽ آمدني وارا مڪاني شيدي رهن ٿا، جيڪي مختلف ڪمن ڪارين لاءِ هن علائقي جي وڏي شهر دارالسلام ۾ اچن ٿا. بهرحال مون لاءِ حيرت جي ڳالهه آهي ته اهو دارالسلام جيڪو 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن پهريون دفعو جهاز ۾ آيو هوس ته ان وقت اهو اسان جي ان وقت جي حيدرآباد جهڙو هو جنهن ۾ انڊس، سائينجيز، اورينٽ، فاران ۽ ڪراچي هوٽل جهڙيون چند رهائشي ۽ کاڌي پيتي جون هوٽلون هيون. ان وقت اسانجو ڪراچي ماڊرن شهرن مان هو جتي جا روڊ رستا، ٽئڪسيون بسون ۽ شهر ۾ گهمندڙ فارينرس کي ڏسبو هو ته دل خوش ٿي ويندي هئي. جتي جون هوٽلون: تاج، ميٽروپول، ڪانٽيننٽل، ملير پاسي گرائڊ ملير هوٽل، برسٽل هوٽل، اواري ٽاور، بيچ لگرزي، مئرٽ هوٽل فارينرن سان فل رهيون ٿي. پر اڄ اڌ صديءَ بعد ڏسون ٿا ته اسان ڄڻ اتي ئي بيٺا آهيون ۽ دارالسلام جهڙا شهر ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتا آهن. هي ائين آهي جو ڪراچيءَ جي سهڻي علائقي ڪلفٽن، نرسري يا محمد علي سوسائٽي جي ته ڀينگ ٿي وئي هجي جهڙي اڄڪلهه آهي... اٿلندڙ گٽر، ڀڳل رستا، دڪانن اڳيان انڪروچمينٽ، ڀڳل بسون جن مٿان ڇت تي اسان شهري ڀولڙن وانگر ويهي سفر پيا ڪريون ۽ مٿان کنڀن مان اليڪٽرڪ جون تارون پيون لڙڪن... سڄي ڪراچيءَ جو اهو حال آهي... پر اهو سوچيو ته توهان چاڪيواڙي، بغدادي ۽ لي مارڪيٽ ٿا هليا وڃو، جيڪو علائقو هونءَ ته سڀ کان پٺتي پيل هو... پر اڄ توهان اتي پهچي ڏسو ٿا ته مار! هتي ته روڊ رستا چلڪن پيا، فوٽ پاٿ پيدل هلندڙن لاءِ خالي، ٽڪر ٽڪر تي پارڪ ۽ گلڪاريون، رستن تي هلندڙ خوبصورت بسون وغيره... ته مون کي ٻڌايو توهان کي حيرت نه ٿيندي؟ اهڙي ئي حيرت مون کي اڄڪلهه جي دارالسلام، ممباسا ۽ زئنزيبار جهڙن آفريڪي شهرن کي ڏسي ٿئي ٿي، جيڪي 1970ع تائين به ڪراچي شهر جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئا.
دارالسلام تنزانيا جو ڪناري وارو شهر آهي. دارالسلام کان زئنزيبار ٻيٽ تي پهرين به منهنجو اچڻ وڃڻ ٿيو آهي. انهن جي وچ ۾ هلندڙ مسافر جهاز (فيري) توڙي فيري اسٽيشن (جتي مسافر فيري جي اچڻ ۽ وڃڻ جو انتظار ڪن ٿا) هر دفعي مون کي بهتر کان بهتر ٿيندي نظر آيا ٿي ۽ هاڻ ته ائين لڳي ٿي ڄڻ اسان يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ آيا هجون ۽ هر سهولت ان معيار جي ئي آهي. دارالسلام کان زئنزيبار ٻيٽ 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي يعني سمجهو ته ڪراچيءَ کان نوري آباد، يا کڻي چئو ته هالا کان حيدرآباد. دارالسلام ۽ زئنزيبار جي وچ ۾ هوائي سروس به آهي پر هالا کان حيدرآباد هوائي جهاز ۾ وڃڻ خواري ۽ پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ ئي وجهڻ آهي. پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي سکر کان لاڙڪاڻي به هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ چاهين ٿا. فيريءَ ۾ سفر ڪرڻ ۾ مزو ئي ٻيو آهي جيئن ڪوالالمپور کان سنگاپور هوائي جهاز بدران ٽرين ۾ سفر ڪجي ۽ قدرتي سونهن جو مزو وٺجي. دارالسلام ۽ زئنزيبار جي وچ ۾ ڏينهن ۾ هر طرف کان چار فيريون هلن ٿيون. صبح جو ستين بجي، ٻي ساڍي نائين ان بعد منجهند جو ٻارهين ۽ شام جو چئين بجي. هونءَ ڪوشش ڪري منجهند واري فيريءَ ۾ سفر کان گريز ڪجي جو ان وقت سمنڊ ٿورو بگڙيل رهي ٿو ۽ سامونڊي سفر جو مزو ڪِرڪرو ٿيو پوي. خراب سمنڊ ۽ ٻيڙيءَ جي لوڏن ڪري سي سڪنيس ٿيو پوي جنهن ۾ انسان کي مايوسي محسوس ٿئي ٿي. ان کان علاوه دل ڪچي ۽ الٽيون به ٿين ٿيون. يعني enjoy ڪرڻ بدران توهان کي پريشاني ٿيو پوي. بهرحال هيءَ ڪا اهڙي بيماري ناهي جو ٻن ڪلاڪن جي سفر ۾ ٿيڻ بعد توهان ٻه ٽي ڏينهن بستر تي ڪري پئو. فيري يا جهاز جيئن ئي بندرگاهه ۾ پهچي ٿو ته ان ئي وقت توهان نارمل محسوس ڪريو ٿا. ڪڏهن ته اڌ رستي تي ئي سمنڊ ۾ ڦيرو اچڻ سان- يعني بهتري ٿيڻ سان، توهان اتي ئي نارمل ٿيو وڃو ۽ سمنڊ جي سونهن جي واکاڻ ڪرڻ لڳو ٿا جنهن کي ڪجهه وقت اڳ، سي سڪنيس جي حالت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا!
زئنزيبار هاڻ تنزانيا ملڪ جو حصو آهي جيئن صباح ۽ سراواڪ رياستون ملائيشيا جو حصو آهن نه ته اهي ٻئي رياستون برونائيءَ وانگر الڳ ملڪ هئا. زئنزيبار به الڳ ملڪ هو ۽ تنزانيا ”ٽانگا نائيڪا“ هو جيئن صباح ۽ سراواڪ سان ملڻ کان اڳ ملائيشيا “ملايا” نالي ملڪ هو. زئنزيبار ٻيٽ جو بندرگاهه اسٽون ٽائون تنزانيا جي بندرگاهه دارالسلام کان 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. پراڻي زماني کان مسافر ۽ سامان کي کڻڻ لاءِ ڪئين قسمن جون ٻيڙيون: عرب دنيا جون ڌائو (dhow) ۽ موٽر بوٽون ۽ لانچون انهن جي وچ ۾ هلنديون رهن ٿيون. دارالسلام ۽ زئنزيبارڏسڻ وٽان هجڻ ڪري سڄي دنيا جا ٽوئرسٽ سڄو سال هن پاسي ايندا رهن ٿا. انهن جي اعليٰ معيار کي ڌيان ۾ رکي مسافرن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ بهتر سواري فيريون آهن جيڪي تيز رفتار، آرامده ۽ پابنديءَ سان هلن ٿيون. اهي اهو مفاصلو ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ڪن ٿيون. پر ڪڏهن ڪڏهن سامهون جي سمنڊ (ڇولين) يا تيز هوائن ڪري اڌ ڪلاڪ کن وڌيڪ به لڳيو وڃي.

زئنزيبار ٻيٽ تي فيريءَ ذريعي وڃجي . . .

هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه تائين هلندڙ فيريون ڪيترن ئي قسمن جون ٿين ٿيون. هڪ ته تمام وڏيون پئسينجر جهازن جيڏيون ٿين ٿيون، جيڪي سئيڊن، پولينڊ، فن لينڊ، جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ هلن ٿيون جن ۾ ماڻهو پنهنجين سوارين موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن سميت سوار ٿين ٿا. ڪي ته ايڏيون وڏيون ٿين ٿيون جن ۾ نه رڳو اٺ ڏهه بسون اچيو وڃن پر هڪ يا ٻه ريل گاڏيون به چڙهيو وڃن جيئن يورپ جي سفرنامن ۾ لکيو اٿم ته تعليم دوران اسان سئيڊن جي شهر مالمو مان جرمني جي شهر فليزنبرگ ٽرين ۾ ويندا هئاسين. سئيڊن ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ بالٽڪ نالي سمنڊ آهي. اسان مالمو شهر جي سينٽرل اسٽيشن تان جرمني ويندڙ ٽرين ۾ سوار ٿيندا هئاسين، جيڪا ڪجهه ڪلوميٽر مالمو شهر جي خشڪيءَ جا هلي مالمو جي بندرگاهه جي جيٽي تي اچي فيريءَ وٽ بيهندي هئي. فيريءَ جا دروازا کلڻ تي فيريءَ جي هيٺين ڊيڪ تي ٺهيل ريل جا پٽا مالمو بندرگاهه جي پٽن سان ڀچي پون ٿا ۽ سڄي ريل گاڏي آهستي آهستي ٿي فيريءَ اندر داخل ٿيو وڃي. فيري هلڻ مهل مسافرن کي وڻي ته ريل ۾ پنهنجين سيٽن تي ئي ويٺا رهن يا فيريءَ جي مٿئين ڊيڪ تي ٺهيل هوٽلن ۾ اچي کائين پيئن. جرمنيءَ جو ڪنارو اچڻ تي ريل گاڏي فيريءَ مان نڪري خشڪيءَ جي ٺهيل پٽن تي اچيو وڃي جتان پوءِ اها ٽرين جرمنيءَ جي مختلف ريلوي اسٽيشنن تان ٿيندي فرانس تائين هليو وڃي ٿي.
يورپ جي ڪن فيرين ۾ مسافرن لاءِ ڪمرا به ٿين ٿا، جيئن ڪو آرام ڪرڻ چاهي، ته اهو ڪجهه وڌيڪ ڀاڙو ڏئي سڄي رات ڪرسيءَ تي ويهي سفر ڪرڻ بدران ڪمري ۾ بيڊ تي سمهي سگهي ٿو. دارالسلام ۽ زئنزيبار ۾ هلندڙ فيريون ننڍيون آهن ۽ اهي مسافرن جون سواريون نه پر فقط مسافر ڍوئين ٿيون. هنن فيرين ۾ مسافرن لاءِ مٿئين ۽ هيٺين ڊيڪ تي مختلف ڪلاس آهن جن جي ٽڪيٽ انهن مطابق آهي. مقامي ماڻهن يعني جيڪي هن ملڪ جا آهن انهن لاءِ هر ڪلاس جي ٽڪيٽ فارين جي مسافرن کان سستي رکي وئي آهي.
سستو ڪلاس “ايڪانامي ڪلاس” سڏجي ٿو جنهن جي ٽڪيٽ اسان ڌارين لاءِ 35 آمريڪن ڊالر آهي يعني 5 هزار روپيه کن. ان بعد ان کان بهتر سهولتن وارو “بزنيس ڪلاس” آهي جنهن جي ٽڪيٽ 40 ڊالر آهي. ان کان بهتر “وي آءِ پي ڪلاس” آهي جنهن جي ٽڪيٽ 50 ڊالر آهي ۽ سڀ ۾ مهانگو 60 ڊالرن وارو “رايل ڪلاس” آهي. يعني ان جي ٽڪيٽ ڏهه هزار روپيه ٿي. منهنجي خيال ۾ اسان جهڙن ماڻهن لاءِ 35 ڊالرن وارو ايڪانامي ڪلاس ئي بهتر آهي، جو اسان جو هي ٻن ڪلاڪن جو سفر ڪرسيءَ تي وهڻ بدران ٻاهر بيهي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ۾ گذريو وڃي. مٿيان ڪلاس ايئرڪنڊيشن آهن ۽ وهڻ لاءِ وڌيڪ آرامده ڪرسيون آهن ۽ VIP ڪلاس ۽ رايل ڪلاس وارن کي چانهه پاڻي به فيريءَ وارن طرفان سَروِ ڪيو وڃي ٿو. ايڪانامي ڪلاس وارا فيريءَ جي ريسٽورنٽ مان پنهنجا پئسا ڏئي چانهه يا ڪافي ۽ بسڪٽ خريد ڪري سگهن ٿا. تنزانيا ۾ ٻه فيري ڪمپنيون مشهور آهن، جن جون فيريون دارالسلام ۽ زئنزيبار جي وچ ۾ هلن ٿيون. هڪ اعظم مئرين ڪِلِمانجارو فيري ڪمپني ۽ ٻي فاسٽ فيري ڪمپني.
فيريءَ ۾ سوارا ٿيڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ اڳ اچڻ کپي ۽ پاسپورٽ پاڻ سان رکجي جو زئنزيبار جيتوڻيڪ تنزانيا جو حصو آهي پر زئنزيبار وڃڻ وقت زئنزيبار وارا پاسپورٽ چيڪ ڪن ٿا. زئنزيبار وارا اسان ڌارين کي ته پاڻ وٽ رهائڻ نٿا چاهين پر تنزانيا پاسي کان ڪو اچي ٿو ته ان تي به نظر رکن ٿا جو هنن جو ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ هو نٿا چاهين ته ٻيا ان تي قبضو ڪن. جيئن برونائيءَ جي ڀر واريون ملائيشيا جون رياستون صباح ۽ سراواڪ هرگز نٿيون چاهين ته مغربي ملائيشيا (پراڻي ملايا) جو ڪو ماڻهو صباح يا سراواڪ ۾ زمين خريد ڪري اتي رهي پوي. هو پنهنجي ڌرتي پنهنجي ڌرتي ڄاولن لاءِ ئي رکن چاهين ٿا.
زئنزيبار ۾ لهڻ وقت توهانجي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ سان گڏ ييلو فيور جو سرٽيفڪيٽ به ڏسن ٿا ته آيا توهان کي ييلو فيور کان بچاءَ جي سُئي لڳل آهي يا نه. Yellow Fever مڇرن ۾ موجود وائرس مان لڳي ٿو. صحارا رڻ پٽ کان هيٺ وارن آفريڪي ملڪن ۾ تمام گهڻو آهي جنهن لاءِ بچاءُ ضروري آهي. اسانجي جهاز کي يورپ يا آمريڪا ويندي آفريڪا ۾ ترسڻ جو پروگرام هوندو هو ته اهڙي حالت ۾ اسان ڪراچيءَ کان ييلو فيور جي سئي هڻائي پوءِ جهاز کي وٺي ويندا هئاسين. ان ۾ اسان جو ئي ڀلو هوندو هو.
زئنزيبار آفريڪا جي ڪناري کان فقط 7 کن ڪلوميٽر آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته ڪو وڏو فاصلو ناهي ۽ ان کي ڪناري جو ئي سمنڊ چئي سگهون ٿا، جو ڪراچيءَ کان جڏهن ممباسا يا دارالسلام ايندا آهيون ته زئنزيبار جيتري فاصلي تي پهچڻ تي سمنڊ جو اونهائيءَ وارو رنگ نيرو آسماني بدلجي سائو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي يعني اونهو سمنڊ ختم ٿي ويو آهي ۽ هاڻ ڪنارو ويجهو آهي. هونءَ به فيريءَ جو هي سفر دلچسپ رهندو آهي جو سمنڊ گهڻو ڪري ماٺو ملندو آهي. منجهند ڌاري- شايد سج جي تپش ۽ هاءِ ٽائيڊ (وڏي وير) ڪري سمنڊ ۾ ولوڙ پيدا ٿئي ٿي، جنهن اٿلندڙ پٿلندڙ سمنڊ کي اسان چاپي (Choppy) سڏيون ٿا ۽ فيريءَ جي لُڏڻ ڪري مٿي ۾ گهوماٽ، دل ڪچي، غشيپڻو ۽ اڃان وڌيڪ حالت ۾ سي سڪنيس به ٿيو پوي. پر هڪ مسافر کي ڪهڙو ڪم ڪار ڪرڻو آهي. هو اکيون پوري ننڊون ڪري سگهي ٿو... بلڪه اهڙي هلڪي رف سي ۽ جهاز جي لوڏن ۾ واهه جي گهاٽي ننڊ اچي ٿي. فيري ڪمپني وارن طرفان به هڪ ته آرمده فيريون آهن ۽ ٻيو ان جي رفتار ۽ طرف ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار آڻي مسافرن کي گهڻي تڪليف کان بچايو وڃن ٿا. پر مسافرن کي سئو سيڪڙو گئرنٽي محسوس نه ڪرڻ کپي. ڪڏهن اهو سفر تڪليف ده به ثابت ٿئي ٿو جو رکي رکي هن انڊين اوشن (هندي وڏي سمنڊ) جي موڊ خراب ٿيو پوي ۽ سر زمين کان 80 ڪلوميٽر ته ڇا پنج ڪلوميٽر پري هجڻ تي به سمنڊ خبرون وٺيو ڇڏي. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ به جون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ ڪنهن ڪنهن ڏينهن سمنڊ ۽ هوائون اهڙو مخالف ٿيو وڃن، جو رڳو منهوڙو مٽڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ وچ سمنڊ ۾ پهچي ويا آهيون. جيتوڻيڪ اڄڪلهه اسان جا جهاز آفتن جيڏا آهن پر اسان جو عربي سمنڊ رلايو رکي. ڏٺو وڃي ته هي زئنزيبا وارو سمنڊ به ڪهڙو آهي؟ اهو به اهوئي هندي وڏو سمنڊ آهي، جنهن جو عربي سمنڊ، خليج بنگال، ايراني نار وارو سمنڊ هڪ حصو آهي. سو ائين نٿو چئي سگهجي ته هن ننڍڙي سفر ۾ All is well آهي. هن ننڍڙي سفر ۾ به ڪڏهن ڪڏهن وڏا طوفان اچي سگهن ٿا. سامونڊي ڇوليون اڀامي سگهن ٿيون ۽ جهاز ٻڏي سگهن ٿا. آخر ڪريمجي بوهريءَ جو جهاز به سڄو هندي سمنڊ لتاڙي هتي زئنزيبار وٽ اچي ٻڏو هو! هتي هلندڙ فيريون جيتوڻيڪ هر خيال کان Sea worthy آهن ۽ اهي سلامتيءَ جي اعليٰ اصولن تي ٺهيل آهن پر قدرتي آفتن اڳيان ڇا ٿو ڪري سگهجي. گذريل ڏهاڪو سالن ۾ هنن ٻيڙين (فيرين) جي ٻڏڻ جا ٻه ٽي واقعا ٿي گذريا آهن. هڪ ته سال 2012ع ۾ درپيش آيو هو.
18 جولاءِ 2012ع تي Mv Skagit نالي فيري دارالسلام کان مسافر کڻي زئنزيبار وڃي رهي هئي ته خراب موسم ۽ سمنڊ جي بگڙيل صورت جي سَٽَ نه جهلي فيري زئنزيبار بندرگاهه کان 10 ڪلوميٽر اڳ ڇمبي (Chumbe) ٻيٽ وٽ اٿلي پئي. ڇمبي هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي، جيڪو مڇين جي انيڪ جنسن کان مشهور آهي ۽ هي ٻيٽ ڪنهن پرائيويٽ مالڪ جو آهي. هن ٻيٽ تي ٻه تاريخي شيون اڄ به موجود آهن. هڪ مسجد ۽ ٻي لائيٽ هائوس. ڇمبي جهڙا ٻيا به انيڪ ٻيٽ زئنزيبار جي آس پاس ۾ آهن جيئن سنگاپور ٻيٽ پاڻ ئي هڪ ننڍو ٻيٽ آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ آهن جن مان سنتوسا به هڪ آهي پر ٻيا ته ان کان به ننڍا آهن.
مٿئين حادثي ۾ 146 ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچايو ويو پر ان هوندي به 150 ماڻهو مري ويا. هن فيريءَ ۾ 250 کان مٿي مسافر کڻڻ جي گنجائش نه هئي. پر ههڙين حالتن ۾ جڏهن هر مسافر کي ٻي پار پهچڻ لاءِ ضد هوندو آهي ۽ پتڻ ٽپائڻ وارا وڌيڪ ڏوڪڙ ڪمائڻ جي چڪر ۾! هنن سمجهيو ته اهڙي خراب موسم نه آهي ۽ ٻيڙي ٻي پار پهچي ويندي. بنا شڪ جي ٻيڙيءَ ڏکيو سکيو لڏندي لڏندي، ٿڙندي ٿاٻڙندي 64 ڪلوميٽرن جو رستو پار ڪري ورتو. هاڻ باقي ڪي ڏهه ڪلوميٽر هئا ته مٿين ننڍي ٻيٽ ڇمبي وٽ فيري اٿلي وئي ۽ ٻڏڻ لڳي. جن مسافرن هٿ پير هڻي پاڻ کي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ مان ٻاهر ڪڍي ورتو انهن مان ڪيترن کي بچايو ويو.
هيءَ فيري جنهن جي ڊيگهه 112 فوٽ ۽ ويڪر (وچيون گارڊر beam) 25 فوٽ ۽ ڊرافٽ (يعني سمنڊ اندر وارو حصو) 8 فوٽ هو، واشنگٽن رياست جي سيئٽل شهر ۾ 1989ع ۾ ٺهي هئي ۽ ڏهاڪو سال آمريڪا ۾ مسافر ڍوئڻ بعد زئنزيبار جي “سي گل سي ٽرانسپورٽ” ڪمپنيءَ 2011ع ۾ 5 ملين ڊالرن يعني 80 ڪروڙ روپين ۾ خريد ڪئي جنهن جو سال بعد حادثو ٿيو.
دارالسلام کان زئنزيبار مسافر ڍوئڻ واري هن فيري m.v. Skagit کي چئن ڊيزل انجڻين هلايو ٿي جن جو پاور 2840 هارس پاور (يعني 2120 ڪلو واٽ) ٿيو ٿي. ان پاور سان هوءَ 25 ناٽ (Knot) اسپيڊ رکي سگهي ٿي. سمنڊ تي اسان رفتار لاءِ ناٽ يعني “ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ” يونٽ استعمال ڪريون ٿا. يعني 25 ناٽيڪل ميل جيڪي اسانجي زمين جا 29 ميل في ڪلاڪ ٿيا ۽ جي ڪلوميٽرن ۾ سارجي ته 46 کن ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿيا. هن حادثي جي اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اها حيرت واري ڳالهه آهي ته حادثي ٿيڻ تي هتي جي وزير ٽرانسپورٽ يڪدم استعيفا ڏني ۽ نه رڳو انڪوائري ڪميٽي ٺهي پر ڏهن ڏينهن ۾ فيصلو ڏنو ته اهو حادثو موسم جي خراب ٿيڻ ۽ گهڻا مسافر کڻڻ ڪري ٿيو. ان بعد اهو فيصلو ڪيو ويو ته موسميات کاتي جي رپورٽ موجب فيري هلندي. زئنزيبار وارن ان ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جهڙي هڪ ٻي فيري MV Kalama به آمريڪا وارن کان ورتي هئي. هن حادثي بعد هتي جي حڪومت احتياط خاطر ان ٻي فيريءَ (Sister ship) جي هلڻ تي به بندش هڻي ڇڏي. انهن ڳالهين مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته نه رڳو يورپ جا ملڪ پر آفريڪا جا ملڪ به ڪيڏو Civilized ۽ غيرتمند ٿي ويا آهن. اسان وٽ هڪ ٻئي پويان ريل جا حادثا پيا ٿين، شارٽ سرڪٽ ڪري جيئريون جانيون ريل جي دٻن ۾ سڙي ڪوئلو پيون ٿين، ڀريل هوائي جهاز شهري آباديءَ مٿان سڀني مسافرن سميت سڙيو وڃن... پر مجال آهي جو ڪو واسطو رکندڙ وزير استعيفا ڏئي!

فيرين جو سفر...!

هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ تنزانيا وارن دارالسلام کان زئنزيبار هلائڻ لاءِ جيڪي فيريون ورتيون آهن اهي ڪئٽاماران نوعيت جا جهاز آهن، جن جا ٻٽا پاسا (Double Hull) هجڻ ڪري وڌيڪ حفاظت وارا آهن ۽ آسانيءَ سان نٿا ٻڏن. ٻارن کي پني مان ٻيڙي ٺاهڻ سيکاريو ويندو آهي. ان ٻيڙيءَ سان گڏ هڪ ٻي ٻيڙي ٺاهبي هئي، جيڪا ڪنڊي واري ٻيڙي سڏجي ٿي. توهان جي اها ڪنڊي واري پني جي ٻيڙي ڏٺي آهي ته پوءِ سمجهو ته ڪئٽاماران Catamaran ٻن ڪنڊي وارين ٻيڙين جو جوڙ آهي. ننڍي هوندي آئون هميشه اهو سوچيندو هوس ته اسان ته اهڙي ڪَنڊي واري ٻيڙي نه ڏٺي ۽ حقيقت ۾ هالا ۽ ڄامشورو ۾ آهي به ڪانه، پر سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ مون کي جن ٻن قسمن جي جهازن بابت فيلڊ ورڪ ڪرڻو هو اهي هئا: هُووَر ڪرافٽ ۽ ڪئٽا ماران. مون ڏٺو ته ڪئٽا ماران ائين آهي جيئن ننڍي هوندي پني مان ٺاهيل ٻن ڪنڊي وارين ٻيڙين کي ڳنڍيو وڃي. يعني جهاز جو مٿيون حصو عام جهازن وانگر ٿئي ٿو پر هيٺ اچي اهو ڪنڊي وانگر ٻن حصن ۾ ٿئي ٿو. هن طريقي سان جهاز جي Stability بهتر رهي ٿي ۽ خراب سمنڊ جي جهڙن تهڙن لوڏن ۾ ٻڏي نٿو. هن قسم جي جهاز کي عرب “قطمران” سڏين ٿا ۽ فارسي ڳالهائڻ وارا سندس ٻٽي جسم ڪري هن کي “دوبدنه” چون ٿا. دراصل هن قسم جا ٻيڙا ڪئٽاماران (Catamaran) آسٽريليا پاسي پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن وارن ماڻهن ايجاد ڪيا جن ۾ عام ٻيڙيءَ جي مقابلي ۾ Hull Volume گهٽ رهي ٿو. يعني جهاز جو اهو حصو، جيڪو سمنڊ ۾ اندر وڃي جهاز جي ترڻ لاءِ displacement پيدا ڪري ٿو اهو هن ۾ گهٽ ٿئي ٿو ۽ هئڊرو ڊائنامڪ resistance به گهٽ ٿئي ٿو... نتيجي ۾ سڙهن تي يا جهاز جي انجڻ تي بار گهٽ پوي ٿو. ٻين لفظن ۾ پيٽرول (Fuel) جي به بچت ٿئي ٿي.
ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن: فِجي، سَموئا، ٽونگا، تووالو، ڪُڪُ آئلينڊ جا رهاڪو صدين کان هن قسم جون ٻن ڪاٺن کي ڳنڍي ٻيڙيون استعمال ڪندا رهيا ٿي، جن تان انڊيا جي ڏکڻ واري حصي جي تامل ۽ مالديپ ۽ لکديپ ٻيٽن جي رهاڪن ڪاپي ڪيو. اهو انگريزي نالو ڪاٽا ماران دراصل تامل ٻوليءَ جو “ڪاتو مارام” آهي. سترهين صديءَ ۾ وليم ڊامپيئر نالي هڪ رولاڪ انگريز ڏکڻ هندوستان وٽان لنگهندي تاملن کي هن قسم جون ٻيڙيون هلائيندي ڏٺو جن هن کي اهو نالو ٻڌايو. هن پنهنجي 1697ع جي ان سامونڊي سفر جو احوال A New Voyage Round the World سفرنامي ۾ ڪيو آهي. هن جي ان لکت مان دنيا کي پهريون دفعو هن قسم جي ٻيڙين جي خبر پئي ۽ هن جو انگريزيءَ ۾ لکيل Catamaran نالو مشهور ٿيو.
دارالسلام کان زئنزيبار اڄڪلهه جيڪي فيريون هلن ٿيون، انهن ۾ “زئن فاسٽ فيريز ڪمپني، تنزانيا” وارن جون ٻه هڪ جهڙيون فيريون (سسٽر شپ) آهن جن مان هڪ جو نالو “زئنزيبار ون” ته ٻيءَ جو “زئنزيبار ٽو” آهي. هنن فيرين جي ڊيگهه 50 ميٽر ۽ رفتار 35 ناٽ آهي ۽ هر فيري 450 مسافر کڻي سگهي ٿي. هي فيريون ڊگهيون هجڻ ڪري ۽ ان سان گڏ منجهن ACR (آٽوميٽڪ رائيڊ ڪنٽرول) لڳل هجڻ ڪري مسافرن کي سي سڪنيس گهٽ ٿئي ٿي. ACR ڪري فيري لهرن تي آرام سان سوار ٿئي ٿي ۽ ان کي گهڻا لوڏا نٿا اچن. هي فيريون ڪاٽا ماران ڊيزائين جو آهن ۽ چين وارن ٺاهيون آهن. جهاز جو پنکو هلائڻ لاءِ ٻه MTU انجڻ آهن. هر هڪ 2240 ڪلو واٽ پاور جي آهي ۽ 1800 آر پي ايم تي هلن ٿيون. اهڙي طرح ٻه جنريٽر وولوو ڪمپنيءَ جا آهن. اهي مشينون ڊيزل تيل تي هلن ٿيون. فيري هلائڻ وارن لاءِ ٻه ڪئبنون به آهن، جن مان هر هڪ ۾ چار بسترا آهن.
زئنزيبار ۾ رهڻ دوران هن فيري ڪمپنيءَ جي آفيسرن ۽ سندس مالڪن جي نمائندي سان ملاقات به ٿي جنهن جو تنزانيا جي مئريٽائيم ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن بندوبست ڪيو هو. هو مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي “ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي” ۾ رهي چڪا هئا. ڪمپنيءَ جي مالڪن هن ميٽنگ ۾ مون کان دارالسلام کان زئنزيبار جي وچ ۾ عام فيري هلائڻ بدران هوور ڪرافٽ هلائڻ لاءِ Opinion ٿي ورتو. هوور ڪرافٽ (Hoover Craft) جهاز جيڪو تعليم دوران منهنجو سبجيڪٽ هو، هڪ اهڙو جهاز آهي جنهن لاءِ آئون پنهنجي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته گڏهه ۽ گهوڙي جي وچ ۾ “خچر” نما شيءِ آهي. اهو هوائي جهاز ۽ پاڻي واري جهاز جي وچ واري شيءِ آهي. اهو پاڻيءَ ۾ به هلي ٿو ته خشڪيءَ تي به. دراصل هو ٻنهي هنڌن تي اڏامي ٿو پر هيٺاهين ليول تي. منجهس هوائي جهاز وانگر جيٽ انجڻيون ٿين ٿيون جنهن ڪري ان جي رفتار عام فيريءَ کان وڌيڪ ٿئي ٿي. هن جا طاقتور ايئرڪمپريسر وڏي پريشر سان جهاز هيٺان هوا خارج ڪن ٿا، جنهن ڪري هي جهاز پاڻي يا خشڪيءَ کي ڇهڻ بدران ٻه ٽي فوٽ مٿي کڄي هلي ٿو ۽ پاڻيءَ جون ڇوليون هن کي ڌونڌاڙي نٿيون سگهن، جنهن ڪري خراب موسم ۽ سمنڊ ۾ به مسافر کي سي سِڪ نيس (Sea Sickness) نٿي ٿئي.
هونءَ خوشي جي ڳالهه آهي جو تنزانيا ۾ زين جهڙيون امير ڪمپنيون آهن جيڪي هوور ڪرافٽ جهڙا جهاز مسافرن لاءِ هلائڻ چاهين ٿيون ۽ بنا شڪ جي مسافر هوور ڪرافٽ ۾ سواري ڪرڻ پسند ڪندا پر مون کين ٻڌايو ته هوور ڪرافٽ هلائڻ تي وڏو خرچ اچي ٿو. هنن جي عام فيريءَ جي رايل ڪلاس جي ٽڪيٽ 60 آمريڪن ڊالر آهي ته هوور ڪرافٽ جي ايڪانامي ڪلاس جي ٽڪيٽ ٽيڻي چئوڻي رکڻي پوندي – يعني 200 کان 250 ڊالر. مڪاني امير ماڻهو ته شوق پورو ڪرڻ لاءِ هوور ڪرافٽ جو ڀاڙو ڀري ويندا پر ٽوئرسٽ ڀلي آمريڪن هجن يا ڪنهن ٻئي ملڪ جا، هو سفر دوران هميشه پئسو بچائڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا. دارالسلام کان زئنزيبار 80 ڪلوميٽرن جو فاصلو هوور ڪرافٽ عام لانچ يا ڪاٽا ماران فيريءَ کان کڻي اڌ وقت يعني هڪ ڪلاڪ ۾ ڪندو پر ٽوئرسٽن کي ڪهڙي وقت بچائڻ جي لڳي آهي. وٽن ته وقت ئي وقت آهي، واندڪائي ئي واندڪائي آهي. رهيو سوال خراب موسم ۾ هوور ڪرافٽ جو سفر آرام بخش آهي سو ڪهڙي روز روز خراب موسم لڳي پئي آهي. نتيجي ۾ هوور ڪرافٽ خالي پيا هلندا. هر ڪو عام فيرين ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو. ٻي ڳالهه ته دارالسلام کان زئنزيبار پهچڻ لاءِ 200 ڊالر يعني 30 هزار روپيه ڀاڙو ڏيڻ کان بهتر آهي ته اڌ جيتري ڀاڙي ۾ ممباسا يا نئروبيءَ کان هوائي جهاز ۾ ڊائريڪٽ زئنزيبار ڇو نه اچجي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن عام فيريءَ ۾ به امير ملڪن جا مسافر 60 ڊالر ڏئي رايل ڪلاس يا VIP ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ بدران هنن جي ايڪانامي ڪلاس لاءِ 35 ڊالر ڏيندي به دل ٿي ڪيٻائي. يورپ ۽ آمريڪا جا شهري ڪارا ٽوئرسٽ ته ان ڪوشش ۾ رهن ٿا ته هو مقامي ماڻهن وانگر 15 ڊالر ٽڪيٽ ڏئي سفر ڪن!
بهرحال مون ڏٺو ته منهنجي ڳالهه هنن کي پسند نه آئي. هو ذهني طور هوور ڪرافٽ جهاز خريد ڪرڻ ۽ دارالسلام ۽ زئنزيبار جي وچ ۾ هلائڻ لاءِ تيار هئا. پر وڏو عرصو گذرڻ بعد به ڏسان پيو ته هو هووور ڪرافٽ هلائي نه سگهيا آهن. شايد بعد ۾ سوچڻ تي هنن جي دماغ ۾ ڳالهه اچي وئي هجي ته ان هنڌ تي هوور ڪرافٽ هلائڻ ۾ فائدو نه رهندو.
سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ دوران اسان هر وقت خريداريءَ لاءِ پنهنجي شهر مالمو کان فيريءَ ذريعي ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ويندا هئاسين. مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ هوور ڪرافٽ به هليو ٿي پر آئون ڏسندو هوس ته هوور ڪرافٽ خالي هلندو هو. امير ماڻهو به عام فيرين ۾ سفر ڪندا هئا جو ڀاڙي جو وڏو فرق هو. بعد ۾ پولينڊ وارن پنهنجيون فيريون هلائڻ جي سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ حڪومت کان اجازت ورتي. انهن جون فيريون اهڙيون اوچن رنگن ۽ عاليشان ڪرسين ۽ ڪوچن واريون نه هيون. اسان سمجهيو ته هي سئيڊن يا ڊئنمارڪ جا امير ماڻهو ۽ نازڪ ڇوڪريون اهڙين فيرين ۾ ته ڪڏهن به سفر نه ڪنديون. پر پوءِ ڏٺوسين ته پولينڊ جون فيريون ته مسافرن سان ٽٻ پيون هلن. پولينڊ وارن ڇا ڪيو جو هنن پنهنجين فيرين ۾ سفر فري ڪري ڇڏيو ۽ هر امير ماڻهو به فطرتن ٻه ڊالر بچائڻ لڳو ۽ پولينڊ جي ٻيڙين ۾ مفت سفر ڪرڻ لڳو. اسان حيرت کائڻ لڳاسين ته پولش ماڻهو جيڪي غريب ۽ ڪنگلا سمجهيا وڃن ٿا، مسافرن کي پنهنجين فيرين ۾ مفت ۾ وهاري ڪيئن ڪمائي رهيا هوندا؟ پوءِ خبر پئي ته هو مالمو کان ڪوپن هيگن واري ڪلاڪ جي سفر ۾ پنهنجي ملڪ جون شيون وڪڻي رهيا هئا جيڪي مهانگيون وڪڻڻ جي باوجود سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي ماڻهن لاءِ سستيون هيون. ويندي سگريٽ ۽ شراب به وڪڻي رهيا هئا جيڪو سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ، ٻنهي ملڪن ۾ وڏي ٽئڪس ڪري تمام مهانگو آهي. اهڙي طرح هو فيريءَ جي ڀاڙي کان گهڻو ڪمائي رهيا هئا.
شراب تان مون کي ياد آيو ته دارالسلام کان زئنزيبار هلندڙ فيريءَ ۾ نه بيئر ۽ وسڪي (شراب) Serve ٿئي ٿو ۽ نه فيريءَ جي ريسٽورنٽ ۾ وڪامي ٿو. اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان جو اسان جا ماڻهو هونءَ ته گهڻو مذهبي ٿيڻ جو ڏيک ڏيندا آهن پر هوائي جهاز يا پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهڻ سان شراب جي سڀ کان گهڻي ولوڙ انهن کي هوندي آهي. دبئيءَ جي ايئرپورٽ تي به لهي پهرين هو ٻاهرين گيٽ وٽ ڊيوٽي فري شاپ تان بيئر جو ڪريٽ ۽ وسڪي جي بوتل وٺندا آهن، پوءِ ٽئڪسيءَ ۾ هوٽل جو رخ ڪندا آهن.
زئنزيبار جي بندرگاهه ۾ فيريءَ مان لهڻ وقت پاڻ سان پين رکجي جو اتي اميگريشن ڪارڊ ڏنو وڃي ٿو جيڪو ڀري اڳيان بيٺل اميگريشن آفيسر کي ڏيڻو پوي ٿو جيڪو زئنزيبار ڇڏڻ وقت ٺپو هڻي واپس ڪندو ته توهان هنن جي ملڪ مان ٽريائو. ٻي صورت ۾ ان ڪارڊ تي لکيل توهان جي رهائش واري هوٽل تي پهچيو وڃن ۽ توهان کي ويزا کان وڌيڪ ڏينهن رهڻ کان باز رکن ٿا. ڪارڊ سان گڏ پاسپورٽ به ڏيکارڻو پوي ٿو ۽ هو اڪثر Yellow Fever جي سُئيءَ جو سرٽيفڪيٽ به گهرن ٿا. اهو خاص انهن لاءِ ضروري آهي جيڪي انهن آفريڪي ملڪن ۾ ڪجهه ڏينهن رهي پوءِ زئنزيبار اچن ٿا، جن ۾ ييلو فيور جو آزار آهي. جيڪڏهن توهان يورپ، آمريڪا يا ايشيا جي ملڪ مان سڌو اچي رهيا آهيو ته ان لاءِ توهان کي ٻڌائڻو پوندو ۽ ان صورت ۾ ييلو فيور جو سرٽيفڪيٽ ضروري ناهي.
زئنزيبار ٻيٽ جي بندرگاهه وارو علائقو “اسٽون ٽائون” سڏجي ٿو، جنهن کي هتي جا ماڻهو پنهنجي سواحلي ٻوليءَ ۾ “مدينه” پڻ سڏين ٿا، جيڪو عربي لفظ مان آهي ۽ جنهن جي معنيٰ “شهر” آهي. بندرگاهه جي گيٽ کان ٻاهر نڪرڻ تي توهان کي قلي (Porters) ۽ ٽئڪسي وارا ورائي ويندا. قُلي هڪ ننگ (بئگ کڻڻ) جا ٻه ڊالر وٺي ٿو ۽ جي توهان مديني ۾- يعني مالاوي روڊ جي هوٽلن مان ڪنهن ۾ رهو ٿا ته توهان بندرگاهه کان واڪ ڪري پنهنجي هوٽل تي پهچي سگهو ٿا. پر مالاوي روڊ کان ٿورو پرٻهرو وڃڻو آهي ته اسٽون ٽائون جي ڪنهن به حصي ۾ پهچڻ لاءِ ٽئڪسي وارو 5 ڊالرن کان گهٽ ئي وٺي ٿو. يعني هتي جا يارهن هزار تنازاني شِلنگ، پر جي توهان کي هن ٻيٽ جي ڪنهن ڏورانهين حصي: ڪينڊوا، نن گوي، جا مبياني وغيره وڃڻو آهي ته پوءِ ٽئڪسي وارو ٽيهه کن ڊالر به گهري سگهي ٿو. ان کان علاوه شيئر واريون ٽئڪسيون به هلن ٿيون جيڪي ٽي يا چار مسافر کڻن ۽ بسون ته تمام سستيون آهن، جيڪي داراجاني مارڪيٽ کان هلن ٿيون.
بندرگاهه وٽ يعني مالاوي روڊ ۽ نائريري ۽ بينجمن مڪاپا روڊن جي وچ واري علائقي ۾ ڪجهه عمارتون ايندي ويندي نظر اچن ٿيون، اهي هن ريت آهن: پاڪ حايات هوٽل، هلٽن هوٽل، المينار هوٽل... مامبو ميسيج مسجد، ماڪوتي مسجد، چنگاني (Mchangani) مسجد، ائنگليڪن ڪئٿيڊرل، پزل ڪافي شاپ، 6 ڊگريون سائوٿ ريسٽورنٽ، اسٽون ٽائون ڪيفي، لقمان ريسٽورنٽ، گرين گارڊن ريسٽورنٽ.
بندرگاهه جي آسپاس ڪجهه ٻيون هوٽلون، ريسٽورنٽون ۽ دڪان جن جا نالا آفريڪن کان وڌيڪ ايشيائي، عرب ۽ ايراني نموني جا لڳن ٿا، ڪي ته دلچسپ به آهن جيئن ته : پاسنگ شو ريسٽورنٽ، القديمي حلوه ريسٽورنٽ، روماسه هوٽل، Tasty Bite Take Away ريسٽورنٽ، حلوه ياويتي ڪيفي، ارونا فارميسي، آغا خان جماعت خانه مسجد، ڀر ۾ مسجد جبرائيل ۽ گو فُو مسجد ۽ ٿورو اڳيان شيعه اثنا عشري مسجد، ڀر ۾ بابو چاءِ ڪيفي، Mistress of Spices ريسٽورنٽ، زعفراني فوڊ ريسٽورنٽ، مرحبا ڪلاٿ شاپ، ڊاڪٽر مهتا اسپتال، البحر هوٽل، ٿورو اڳيان حنفي سني مسجد، بيتي جمعا مسجد، سني مدرسه، مسجد برزخ ۽ شاودا مسجد، وغيره.

زئنزيبار جي پوزيشن

هتي پنهنجي پڙهندڙن کي سمجهائڻ ٿو چاهيان ته زئنزيبار ڇا آهي. يعني زئنزيبار ڪنهن کي سڏيون ٿا؟
دراصل اسان جي جهازن جا جونيئر آفيسر به اهڙن ملڪن جي نالن ۾ منجهيل هوندا آهن، جيسين سندن جهاز ان ملڪ ۾ پهچي ۽ کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي. مثال طور برمودا هڪ الڳ ٿلڳ ملڪ آهي، جنهن تي انگريزن جي حڪومت آهي. سندس ٽوٽل ايراضي يعني برمودا ملڪ جي پکيڙ، جملي 53 چورس ڪلوميٽر آهي يعني سکر شهر جيتري – سکر جو به سڄو ضلعو نه پر فقط سکر جي شهر (City) جيتري. سو سکر شهر جي پکيڙ (جيڪا 85 چورس ڪلوميٽر آهي) سڄي ملڪ برمودا کان گهڻي آهي. ٻي ڳالهه ته برمودا ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ سندس پکيڙ موجب دنيا جي نقشي تي جي ڏنو وڃي ٿو ته سڄو ملڪ فقط هڪ ننڍڙي ٽٻڪي برابر ڏيکاريو وڃي ٿو. پر جي ان ٽٻڪي کي وڏو ڪندئو يا گوگل نقشي ذريعي زوم ڪندائو ته توهان کي ڪيترن ئي ننڍن ٻيٽن جو جهڳٽو نظر ايندو. اسان جي جهاز هلائڻ واري نقشي يعني “نيويگيشنل چارٽ” تي ننڍو وڏو هر ٻيٽ ڏنل ٿئي ٿو. ڇو جو ائين نه هجي ۽ ڪو ٻيٽ رهجي وڃي ته اسان سمنڊ جي ان حصي مان جهاز هلائڻ وقت جهاز کي ان ٻيٽ مٿان چاڙهي ڇڏيون. توهان کي حيرت ٿيندي ته برمودا ڏهه ويهه ٻيٽن جو نه پر 181 ٻيٽن جو جهڳٽو آهي ۽ انهن سڀني ٻيٽن جي پکيڙ ٽوٽل ڪجي ٿي ته به سکر جي شهر کان گهٽ ٿئي ٿي. سکر جو سڄو ضلعو ته تمام وڏو آهي، 5200 چورس ڪلوميٽر. يعني سکر جي سڄي ضلعي مان ته برمودا جهڙا هڪ سئو ملڪ ٺهن! انهن سڀني ٻيٽن جا الڳ الڳ نالا آهن. اسان ان ٻيٽ وٽ اچي لنگرانداز ٿيندا آهيون، جنهن تي هئملٽن نالي هن ملڪ جي گاديءَ جو شهر آهي. هونءَ ته هر ٻيٽ جو رهاڪو پاڻ کي برمودي سڏائي ٿو ۽ واقعي هر هڪ جو ٻيٽ برمودا ملڪ جو حصو آهي، پر اسان ان هئملٽن شهر واري وڏي ٻيٽ کي “برمودا” سڏيون ٿا.
اهڙي طرح جپان، فلپين، مالديپ ملڪ به سوين بلڪه هزارين ٻيٽن جا مجموعا آهن. مثال طور جپان جي جڏهن اسان ڳالهه ڪيون ٿا ته اسان ان جي هزارين ٻيٽن کي ڇڏي فقط چئن وڏن ٻيٽن: هُڪئدو، هونشو، شِڪاڪو ۽ ڪِيوشو جي ڳالهه ڪيون ٿا يا وڌ ۾ وڌ اوڪيناوا جي! ٻي ڳالهه ته جيئن خيرپور آهي. خيرپور معنيٰ خيرپورجو شهر پر خيرپور رياست ۾ ته ڪيترائي شهر ۽ علائقا اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح زئنزيبار ملڪ ٻيٽن جو هڪ جهڳٽو آهي. هي ٻيٽ هندي وڏي سمنڊ ۾، آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي ويجهو تنزانيا وٽ آهن. انهن ٻيٽن جي جهڳٽي (Archipelago) ۾ ٻه ته وڏا ٻيٽ آهن جن مان هڪ انگوجا (Unguja) آهي، جيڪو 85 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. يعني سعيدآباد کان موري جيترو ۽ 40 ڪلوميٽر ويڪرو آهي، يعني سعيدآباد کان مٽياري جيترو، سندس ٽوٽل پکيڙ 1465 چورس ڪلوميٽر آهي. يعني سکر ضلعي جي چوٿين حصي جيڏو آهي. ٻيو ٻيٽ انگوجا کان ڪجهه ننڍو 985 چورس ڪلوميٽر پکيڙ جو پيمبا (Pemba) آهي.
انگوجا ٻيٽ جيڪو وڏو آهي، جيڪو پيمبا کان وڌيڪ ترقي يافته آهي ۽ منجهس عماني حاڪمن جا محل محلاتون آهن ۽ جتي جو “اسٽون ٽائون” نالي بندرگاهه آهي، اهو زئنزيبار به سڏجي ٿو. يعني زئنزيبار ملڪ ۾ پيمبا ٻيٽ به شامل آهي پر توهان تنزانيا مان ڪنهن ٻيڙيءَ واري کي چوندئو ته زئنزيبار وڃڻو آهي ته هو توهان کي پيمبا ٻيٽ تي وٺي وڃڻ بدران انگوجا وٺي ويندو. زئنزيبار ملڪ ۾ نه فقط اهي ٻه ٻيٽ اچن ٿا پر توهان ڏسندئو ته انگوجا واري ٻيٽ جي چوڌاري ته ڪئين ننڍا ٻيٽ آهن پر انهن مان فقط ٻه ٻيٽ تمباتو (Tumbatu) ۽ اوزي (Uzi) اهڙا ٻيٽ آهن، جيڪي وري به ڪجهه وڏيرڙا آهن ۽ ماڻهو به رهن ٿا باقي ٻيا ننڍا ننڍا ٻيٽ سامونڊي ساهوارا ۽ پکي پالڻ جي ڪم اچن ٿا. هنن تي چار سئو مختلف جنسن جون مڇيون نظر اچن ٿيون. هنن ٻيٽن مان ڪجهه حڪومت جي ملڪيت آهن ته ڪجهه ماڻهن جي ذاتي ملڪيت آهن. انهن مان ڪجهه ٻيٽن تي تواريخي يادگار به آهن جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ڇمبي (Chumbe) ٻيٽ تي هڪ آڳاٽي مسجد ۽ ٻيڙين جي رهنمائيءَ لاءِ لائيٽ هائوس پڻ آهي. انهن ٻيٽن جا نالا گهڻو ڪري مقامي ٻولي سواحليءَ جا آهن، جيڪي مون لاءِ اچارڻ ڏکيا آهن آئون انهن مان ڪجهه جا نالا نقشي ۾ لکيل مطابق ڏيان ٿو. توهان ڏسندئو ته تنزانيا جي شهرن وانگر زئنزيبار جي هنن ٻيٽن جي به ڪن نالن اڳيان فالتو M لڳل آهي، جيڪا اچاري نٿي وڃي. بهرحال زئنزيبار ملڪ جي وڏي ٻيٽ “انگوجا” جي چوڌاري جيڪي ننڍا ننڍا انيڪ ٻيٽ آهن، انهن مان ڪجهه مشهور ٻيٽن جا نالا هن ريت آهن: Bawe- Kizingo- Kwale, Mwana: Pungume، پوپو، چاپواڻي، چَنگو (Changu)، لاٿام، موتاڻي، Nianembe، اوڪانگا (Ukanga) وغيره.
انگوجا ٻيٽ جيڪو سکر ضلعي جي چوٿين حصي جيترو مس آهي، اهو زئنزيبار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. يعني هر ڪو ڌاريون توڙي مقامي ماڻهو پيمبا ٻيٽ کي ته “پيمبا” سڏي ٿو، پر انگوجا ٻيٽ کي زئنزيبار يا زنجبار سڏي ٿو. وري ان زئنزيبار ٻيٽ جا به انتظاميا جي حساب سان ٽي حصا ٿيل آهن جيئن ڪراچي سائوٿ، ڪراچي ايسٽ، ڪراچي ويسٽ- تيئن زئنزيبار سائوٿ، زئنزيبار نارٿ ۽ هن ٻيٽ جو شهري (Urban) حصو زئنزيبار ويسٽ آهي. سڄي ٻيٽ تي ڪيترائي ننڍا ننڍا شهر آهن. مٿين ٽن حصن مان هر هڪ جو وري پنهنجو گاديءَ جو شهر آهي. زئنزيبار ويسٽ جي گاديءَ جو شهر زئنزيبار سٽي ٿو سڏجي. جيئن سکر يا خيرپور جو ضلعو پنهنجي جاءِ تي پر انهن ۾ سکر ۽ خيرپور جي نالي سان شهر به آهن. هتي جو مشهور شهر “اسٽون ٽائون” به زئنزيبار سٽي ۾ آهي.
زئنزيبار ملڪ- يعني انگوجا، پيمبا ۽ ٻيا ننڍا ننڍا ٻيٽ، جيڪي هڪ الڳ ملڪ زئنزيبار هئا، اهي ٽانگانيڪا ملڪ سان ملي هاڻ پاڻ کي “تنزانيا” سڏرائين ٿا. يعني زئنزيبار هاڻ تنزانيا ملڪ جو حصو ضرور آهي پر زئنزيبار ڪافي حد تائين خودمختيار به آهي يعني ائين ناهي ته تنزانيا جي گادي واري شهر کي جيئن وڻي زئنزيبار کي هلائيندو رهي. هي ائين آهي ته 1843ع کان اڳ سنڌ هڪ الڳ ملڪ هو، جنهن کي انگريزن فتح ڪري انڊيا سان ملائي ڇڏيو. سئو کن سالن کانپوءِ جڏهن انگريز ننڍو کنڊ ڇڏي رهيا هئا ته سنڌ وارا زئنزيبار وانگر انگريزن کان گُهر ڪري سگهيا ٿي ته سنڌ کي ساڳي صورت يعني الڳ ٿلڳ ملڪ جي حالت ۾ سنڌين کي واپس ڪن ۽ پوءِ هو زئنزيبار وانگر پاڪستان جو حصو بڻجي سگهيا ٿي ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ خودمختيار به رهي سگهيا ٿي. جيئن صباح ۽ سراواڪ ملائيشيا سان ملي ان ملڪ جو حصو ضرور ٿيا آهن، پر ڪيترين ڳالهين ۾ هو خودمختيار آهن. ويسٽ ملائيشيا يعني ڪوالالمپور پاسي جا صباح ۽ سراواڪ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ته ڇا پئسن سان به خريد ڪري نٿا سگهن. اهو ئي حال ۽ خودمختياري زئنزيبار پاڻ وٽ رکي آهي. ايتري قدر جو تنزانيا ۾ ته شراب، شباب ۽ ناچ گهر کلئي عام آهن پر زئنزيبار ۾ شرعي قانون آهي ۽ مون کي هتي شراب ۽ سوئر جو واهپو به نظر نٿو اچي. ان ڪري ته آئون شراب جي عادي ٽوئرسٽن کي بار بار اهو چتاءُ ڏئي رهيو آهيان ته زئنزيبار ۾ هو ان ڪم کان خبردار رهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته تنزانيا ۾ 62 سيڪڙو عيسائي آهن ۽ 35 سيڪڙو مسلمان پر زئنزيبار ۾ 98 سيڪڙو مسلمان آهن ۽ 2 سيڪڙو عيسائي آهن. زئنزيبار لونگن (Cloves) کان مشهور آهي. ڪنهن زماني ۾ ته هتان ايترا لونگ ايڪسپورٽ ٿيا ٿي جو انڊونيشيا وانگر زئنزيبار جي هنن ٻيٽن کي مصالحي جا ٻيٽ سڏيو ويو ٿي. هتي جي حاڪمن (عماني سلطانن) انڊونيشيا مان لونگن جا ٻوٽا گهرائي هتي پوکرايا هئا. ان کان علاوه هي ٻيٽ غلامن جي واپار کان ته عروج تي هو. آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي اندروني حصن مان ڦاسايل شيدين جو غلام طور وڪرو ۽ واڪ هن ٻيٽ انگوجا تي هلندو هو. ان بابت پاڻ اڳتي هلي لکنداسين. زئنزيبار انگريزن جو رکيل نالو آهي، جيڪو هنن عربي نالي زنجبار تان کنيو. عربن اهو نالو فارسي نالي زنگبار تان نقل ڪيو. جيئن ته عربي ٻوليءَ ۾ گ جو اچار ناهي ان ڪري عرب گ کي ج اچارڻ لڳا جيئن اهي ايران جي صوبي گيلان جي ماڻهن کي گيلاني بدران جيلاني سڏين ٿا. فارسي نالي زنگبار مان زنگ جي معنيٰ ڪارو آهي ۽ بار معنيٰ ڪنارو- يعني ڪارن ماڻهن جي ڌرتي. اسان جي ايشيا جا ڪي ماڻهوءَ هن ملڪ کي چنگبار به سڏين ٿا ۽ اسان وٽ زئنزيبار کان آيل غلام اهو ئي چوندا آهن ته هو “جهنگ ٻار” ۾ وڪرو ٿي هتي سنڌ ۾ پهتا.
زئنزيبار کي ڪل پنج بندرگاهه آهن. مَلِندي (Malindi) بندرگاهه مان ملڪ جو 90 سيڪڙو سامان اچي وڃي ٿو. بهرحال هي به ڪو اهڙو اهم ۽ وڏو بندرگاهه ناهي، جتي وڏا جهاز بيهي سگهن. اسان جو جهاز جڏهن به آيو ٿي ته دارالسلام ۾ لنگر انداز ٿيو ٿي ۽ زئنزيبار جو سامان به اتي لاٿو ٿي، جيڪو پوءِ بارجن (تانگهين ٻيڙين) ذريعي پيمبا يا انگوجا ٻيٽن تي پهچايو ويو ٿي. هتي جي بندرگاهه ”ملندي“ جو ذڪر ڪندي اها ڳالهه صاف ڪندو هلان ته هي اهو بندرگاهه ملندي (Malindi) ناهي، جيڪو ڪينيا ۾ آهي ۽ جيڪو ممباسا سان گڏ تاريخ ۾ مشهور آهي، جتي “واسڪوڊا گاما” جهڙو پورچو گالي نيويگيٽر ۽ “زهينگ هي” جهڙو چيني سياح آيا هئا.

هندي وڏي سمنڊ ۾ يورپين جي آمد...

يورپين جي اچڻ کان اڳ هندي وڏي سمنڊ جي واپاري دنيا تي عربن، ايرانين، انڊين، عمانين جو راڄ هو ۽ انهن جا ئي ٻيڙا انڊيا جي اولهه واري ڪناري ۽ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن ۾ نظر آيا ٿي. يورپ پاسي جا ماڻهو هيڏانهن هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ اڃان داخل نه ٿي سگهيا هئا، جو هڪ ته هنن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ کان هن پاسي اچڻ جي رستي جي خبر نٿي پئي ٻيو ته انهن ڏينهن ۾ سڙهن وارا ڪاٺ جا جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ واري مڇريل سمنڊ جي سَٽَ جهلي نٿي سگهيا – جيڪو سمنڊ جو حصو هندي وڏي سمنڊ ۾ پهچڻ لاءِ عبور ڪرڻ ضروري رهي ٿو. آخرڪار پورچوگال جو جهازران واسڪو ڊاگاما پهريون يورپي هو، جيڪو 1499ع ۾ آفريڪا جو مغربي ڪنارو ڏئي آفريڪا کنڊ جي هيٺين پوڇڙ تائين پهتو ۽ ڪيپ آف گڊهوپ جو سمنڊ ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿي آفريڪا جي اڀرندي ڪناري تي پهچي ويو، جنهن ڪناري کي هندي وڏو سمنڊ ڇهي ٿو.
واسڪو ڊاگاما جي ڪاميابيءَ جي تاريخ پڙهڻ وارن جو هن بندرگاهه ملندي (Malindi) سان واسطو پوي ٿو. واسڪو ڊاگاما لاءِ ڪنهن هنڌ تي فرحت وٺڻ ۽ انڊيا وٺي هلڻ لاءِ ڪو سونهون حاصل ڪرڻ ضروري هو. هن کي اها ته خبر هئي ته انڊيا جو ڪنارو سامهون اوڀر ڏي آهي پر انهن ڏينهن ۾ ڪل وارا جهاز اڃان ايجاد نه ٿيا هئا، جو هلائڻ واري جي مرضي مطابق هر طرف وڃي سگهن. انهن ڏينهن ۾ سڙهن واريون ٻيڙيون هوائن جي رخ تي هليون ٿي ۽ واسڪو ڊاگاما هندي وڏي سمنڊ ۾ سال جي مختلف مهينن ۾ مختلف طرفن کان لڳندڙ هوائن کان اڻ ڄاڻ هو. هو موزمبق مان ڌڪا کائي ممباسا پهتو پر اتي جا مسلمان عرب ۽ مقامي سواحلي شيدي سمجهي ويا ته هيءَ قوم بدنيت آهي هن کان پاسو ڪجي سو ممباسا جي حاڪمن واسڪو ڊاگاما کي ڀڄائي ڪڍيو. ان بعد هو پنهنجا ٻيڙا هاڪاري ڪجهه اڳتي اتر ڏي ملندي بندرگاهه ۾ پهتو، جيڪو ممباسا کان 120 ڪلوميٽر آهي. ملنديءَ ۾ به مسلمان اميرن جي حڪومت هئي. هنن جي ممباسا وارن سان نٿي ٺهي سو پنهنجي دشمني پارڻ ۽ ممباسا وارن کي ساڙڻ لاءِ واسڪو ڊاگاما کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون جو پورچوگالين وٽ بم ۽ بندوقون هيون. ملنديءَ وارن هن کي انڊيا پهچڻ لاءِ سونهون به ڏنو. انڊيا کان واپسي تي به واسڪو ڊاگا مَلندي ۾ اچي مهينو ٻه فرحت ورتي ۽ ملنديءَ ۾ انهن ڏينهن (1499ع) جو ٺاهيل يادگار طور ٺلهه (منارو) اڄ به قائم آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. پورچوگال جي بادشاهه جي حڪم تي مَلنديءَ کي پورچوگال حڪومت جو حصو قرار ڏنو ويو ۽ مَلندي جيڪو ڀر وارين سلطنتن ممباسا ۽ ڪِلوا کان پٺتي پيل هو اهو معاشي ترقيءَ ۾ اڳتي وڌي ويو. هنن ممباسا تي قبضو ڪرڻ لاءِ پورچوگالين جي مدد ڪئي ۽ پورچوگالي ممباسا کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. يعني هيءَ اهائي اسان جي تاريخ ۽ ڪلچر آهي، جيڪو انڊيا ۾ ٿيندو رهيو. انڊيا ۾ به پورچوگالي ۽ بعد ۾ انگريز ٻن نوابن، راجائن، حاڪمن مان هڪ جو پاسو وٺي پنهنجي بارود ۽ اصلح جي طاقت سان مخالف ڌر واري کي موچڙا ٿي هنيا ۽ پوءِ پهرين ۾ به ڪٽڪا وجهي پاڻ حاڪم ٿي ويٺا ٿي.
ملندي 1593ع تائين پورچوگالين جو مرڪز رهيو ان بعد هنن ممباسا کي مرڪز بڻايو ۽ سترهين صديءَ جي آخر تائين ملنديءَ جي حيثيت نه برابر وڃي رهي. 1542ع ۾ پورچوگالين جو ٺهرايل مندر (Chapel) ۽ قبرستان اڄ به ملندي ۾ قائم آهي ۽ سواحلي عمارتسازيءَ جي عمارتن ۾ هڪ مسجد به آهي جيڪا جمعا مسجد سڏجي ٿي ۽ اها سمنڊ جي ڪناري تي آهي.
1861ع ۾ زئنزيبار جي عماني سلطان ماجد مَلندي فتح ڪيو ۽ اوڻهين صديءَ جي آخر تائين هي بندرگاهه غلامن جي خريد و فروخت جو مرڪز رهيو. 1890ع ۾ ملندي انگريزن جي قبضي ۾ آيو جن غلامي ۽ غلامن جي وڪري تي بندش لڳائي.يعني اها ڳالهه غور ڪرڻ جي آهي ته هندي وڏي سمنڊ ۾ يورپين جي اچڻ کان اڳ ئي عربن غلامن جو واپار ڪيو ٿي، جيتوڻيڪ اسلام غلام آزاد ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. ڪينيا جو هي بندرگاهه مَلندي ۽ ممباسا ۽ ان کان به وڌيڪ زئنزيبار غلامن جي وڪري جو مرڪز هئا ۽ اهو ڪم عربن جي هٿ ۾ هو. سنڌ ۾ به غلامي ۽ غلامن جي خريداري عام هئي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ شرط انگريزن سنڌ ۾ به غلاميءَ تي پابندي هنئي ۽ سڀني سنڌي مالڪن کي پنهنجا غلام آزاد ڪرڻ لاءِ چيو.
اها ڳالهه پڻ قابل غور آهي ته غلامن جو وڪرو بعد ۾ آفريڪا جي اولهه واري ڪناري کان آمريڪا، يورپين ضرور ڪيو پر عربن به گهٽ ڀينگ نه ڪئي بلڪه انهن ته گهڻو گهڻو اڳ کان پئي ڪيو – اسلام جي آمد کان به اڳ – جنهن جو مثال حضرت بلال حبشي آهي. اسلام ڪڏهن به غلامي يا غلامن جي وڪري لاءِ نه چيو پر اسان جا مسلمان ان کان باز نٿي آيا جيسين انگريزن سختي نه ڪئي. جيئن اسلام ۾ شراب تي منع هجڻ جي باوجود به اسان وٽ ڏسو ته ڇا حال آهي! سو ڳالهه اها آهي ته اسان رڳو انگريزن ۽ يورپين کي گهٽ وڌ ٿا ڳالهايون، گهٽ ته اسان جي ماڻهن ۾ به نه هئي.
ڪينيا جو هي مشهور بندرگاهه مَلندي ۽ 220 ڪلوميٽر اڳيان لامو (Lamu) بندرگاهه اڄڪلهه ٽوئرزم کان مشهور آهن. مَلندي ۾ سڀ کان گهڻا اٽليءَ جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ٻي جنگ عظيم ۾ اٽلي وارن جن ٻن شهرن تي بم ڪيرايا هئا، مَلندي انهن مان هڪ آهي. روسي ليکڪ ۽ جرنسلٽ ائنڊري (Andrei Gusev) جو هڪ ناول آهي: Our Wild Sex in Malindi. هن ناول جا ڪيترا حصا ملندي ۽ لامو جي پس منظر ۾ ڏنل آهن. لامو بندرگاهه ۾ سئو سال پراڻي مسجد رياضه آهي جيڪا حاضرالموت (يمن) جي هڪ مذهبي عالم حبيب صالح ٺهرائي هئي ۽ هن “حبشي مولودين” جو تعارف ڪرايو، جيڪي حضور صلعم جن جي تعريف ۾ مولود پڙهندا هئا. جيئن ته هن ٻيٽ Lamu تي ڪا موٽرڪار يا موٽر سائيڪل ناهي سو سواري ۽ بار ڍوئڻ لاءِ گڏهن جو استعمال ٿئي ٿو. منهوڙي جيڏي هن ننڍڙي ٻيٽ تي 3000 کان مٿي گڏهه آهن. انگلينڊ ۾ گڏهن جي پرگهور ۽ دوا درمل لاءِ هڪ The Donkeey Sanctuary آهي ان جي انچارج عورت سئيڊن جي ڊاڪٽر ايلزبيٿ سوينڊسين 1985ع ۾ جڏهن لامو ٻيٽ گهميو ته هن کي هتي جي گڏهن جو فڪر ٿيو ۽ 1987ع ۾ هن پنهنجي خرچ تي هتي گڏهن جي ”جاءِ امن“ يعني Sanctuary ٺهرائي. هاڻ هن ٻيٽ تي رهندڙ گڏهن جو علاج مفت ۾ ٿئي ٿو. اها ڳالهه ٻڌي منهنجو سنڌي جهازران جونيئر ٿڌو ساهه کڻي چوندو آهي ته ”ڪاش اسان جا حاڪم سنڌ جي غريب ماڻهن کي ٻيو نه ته ڀلا گڏهه ئي سمجهي گهٽ ۾ گهٽ ايلزبيٿ وانگر دوا درمل جي سهولت ته مهيا ڪن.“
زئنزيبار جي تاريخ کي ڏٺو وڃي ته نائين صديءَ کان آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي سواحلي سوداگرن هندي وڏي سمنڊ جي ڏورانهن بندرگاهن کان ايندڙ عرب، ايراني، انڊين واپارين لاءِ بروڪر (دلال) جو ڪم ڪيو ٿي. يعني انهن کان آندل مال خريد ڪيو ٿي ۽ کين آفريڪا جو مال: لونگ، عاج، سون، عنبر ويندي غلام وڪرو ڪيو ٿي. هوڏانهن وري آفريڪا جي اندرين حصي کان جيڪي قافلا آيا ٿي انهن کي انڊيا، پرشيا، چين ۽ عرب ملڪن کان آيل ڪپڙو، چينيءَ جو سامان ۽ ٻيو مال وڪرو ڪيو ويو ٿي. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ سڙهن وارا جهاز هوائن جي آڌار تي هليا ٿي سو پنهنجي ملڪ موٽڻ لاءِ هنن کي زئنزيبار ۾ ڇهه مهينا کن هوائن جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي. ان دوران ڪيترن زئنزيبار جي مقامي عورتن سان شادي ڪئي ٿي. جيئن ته زئنزيبار ايندڙ گهڻي ڀاڱي سوداگر مسلمان هئا ان ڪري انهن جو اولاد مسلمان ٿيو ٿي ۽ مقامي ٻولي سواحليءَ ۾ ڪيترائي عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ شامل ٿي ويا... ويندي زئنزيبار جو نالو به فارسي زبان زنگبار مان آهي. معنيٰ ڪارن ماڻهن جو ملڪ.
1498ع ۾ واسڪو ڊاگاما پهريون يورپي جهازران هو، جيڪو هندي وڏي سمنڊ ۾ پهتو. 5 سال کن اڳ ڪولمبس پهريون هو جيڪو آمريڪا تائين پهتو. واسڪو ڊاگاما پنهنجي پهرين سفر ۾ ئي مَلندي آيو ۽ مقامي حاڪم سان دوستي ڪيائين ۽ پورچوگالين جو هندي سمنڊ ۾ ايندڙ هر جهاز، انڊيا ويندي يا انڊيا کان موٽندي ملنديءَ ترسيو ٿي. 1503ع ۾ ڪئپٽن لارينزو مارڪس جڏهن زئنزيبار آيو ته هن اتي جي سلطان کان امن جي بدلي ۾ ڏن tribute حاصل ڪرڻ جي گهر ڪئي ۽ زئنزيبار هن جي حوالي ڪيو ويو. بلڪه سلطان کي اهو مجبورن قبول ڪرڻو پيو جو زور اڳيان ڪهڙي زاري! هن ڏٺو پئي ته موزمبق جيڏا وڏا ملڪ به پورچوگالين جي بمن بارودن اڳيان گوڏا ٽيڪي ويهي رهيا ۽ هنن انڊيا جو به حال ٻڌو ته اتي جي ننڍين سلطنتن جن پورچوگالين جي ڳالهه نه مڃي انهن کي پورچوگالين ڪيئن ساڙي ٻاري ڇڏيو، سو زئنزيبار ماٺ ميٺ ۾ پورچوگالين حوالي ٿي ويو ۽ اهو پورچوگال حڪومت جو حصو سڏجڻ لڳو.
پورچوگالين جي اها ڳالهه آهي ته هنن جنهن ملڪ، رياست يا ٻيٽ کي پنهنجو ڪيو ٿي ان جي شهريءَ کي اهي سهولتون ڏنيون ٿي جيڪي پورچوگال جي شهريءَ لاءِ هيون. جيئن گوا جي رهاڪن کي اڄ تائين آهن يا ملاڪا (ملائيشيا) جي پورچوگالي ڪميونٽي کي آهن. ٻي ڳالهه اها ته مٿيون ڪئپٽن لارينزو مارڪس اهو آهي جنهن جي نالي موزمبق ۾ اتي جي گاديءَ جو شهر ۽ بندرگاهه آهي. موزمبق جو اهو بندرگاهه “لارينزو مارڪس”، موزمبق کي آزادي ملڻ بعد به ڪيترا سال اسان ويندا هئاسين ته ان ئي نالي سان سڏيو ويو ٿي. جيئن اسان وٽ جيمس آباد، جيڪب آباد، مانٽگومري، لايل پور وغيره پر ڪجهه سالن بعد ان جو مقامي نالو “موپوتو” رکيو ويو. جيئن جيمس آباد هاڻ ڪوٽ غلام محمد سڏجي ٿو.
بهرحال زئنزيبار پورچوگالين حوالي ٻه صديون رهيو. 1698ع ۾ زئنزيبار عمان جي سلطنت جي اثر هيٺ آيو. 1840ع ڌاري مسقط ۽ عمان جي سلطان پنهنجو تخت مسقط (عمان) مان شفٽ ڪري زئنزيبار ٻيٽ تي، جتي اسٽون ٽائون آهي، اتي آندو. 1856ع ۾ سلطان “سعيد بن سلطان” جي وفات بعد هن جي ٻن پٽن: ثوويني بن سعيد ۽ ماجد بن سعيد جو تخت نشينيءَ تان ڦڏو ٿيو. مرحوم سلطان جي وصيت مطابق عمان جي سلطنت جو والي ثووينيءَ کي ٿيڻو هو ۽ زئنزيبار جو سلطان ماجد کي. ٻنهي ڀائرن جو ان تي جهيڙو هليو جنهن جو آخر انڊيا جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل چارلس ڪئننگ صلحنامو ڪرائي پيءُ جي وصيت کي قائم ڪرايو. ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ توڙي عرب دنيا ۽ آفريڪا ۾ مقامي حاڪم- خاص ڪري مسلمان، تخت ۽ تاج خاطر ائين وڙهندا رهيا. ڀائر ڀائرن سان، پوءِ ڌارين قومن : انگريزن، فرينچن، پورچوگالين ۽ ٻين ٺڳ يورپين کي انهن جي وچ ۾ ٽپي داداگيري ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو. جيئن ملندي جي سلطنت ممباسا ۽ ڪلوا جي مسلمان سلطنتن سان دشمني پارڻ لاءِ ڌارين آيل پورچوگالين جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هنن جي مدد ڪري، ممباسا ۽ ڪلوا پورچوگالين کي ڏياريو. بعد ۾ پورچوگالي ملندي کي به سندن ملڪ جو حصو قرار ڏئي ان تي قبضو ڪري ويهي رهيا. انڊيا ۾ به ڏسندئو ته اهو ئي ڪم پئي هليو ۽ يورپي قومون ويون ٿي قبضو ڪنديون. ان کان علاوه حاڪم ته سڀ عيش ڪندا ٿي رهيا چاهي يورپي ۽ انگريز هجن پر اسان جا حاڪم عياشي ۽ مواليپڻي ۾ اهڙو ته غلطان رهيا ٿي جو عوام بک ۽ بيروزگاريءَ کان پريشان ٿي وئي ٿي. پوءِ انگريزن يا ٻين يورپين ايشيا توڙي آفريڪا جي ملڪن ۾ عوام لاءِ صحت، تعليم، روزگار ۽ امن امان ۽ انصاف مهيا ڪرڻ جو سک مهيا ڪيو ٿي ته مقامي ماڻهن به پنهنجن کان وڌيڪ هنن گورن کي پسند ڪيو ٿي ۽ چيو ٿي ته انهن پنهنجن مسلمان حاڪمن کان ته هي ڌاريان ڪافر حاڪم بهتر آهن. پر قسمت جي بدنصيبي ڏسو! اسان جي حاڪمن اڄ به تاريخ مان سبق حاصل نه ڪيو آهي! تڏهن ته اسان جهڙن ملڪن جو عوام اڄ به اهو چوي ٿو ته “ان کان ته انگريز بهتر هئا”. پر اهي جملا، توهان ملائيشيا ۽ سنگاپور جي عوام واتان نه ٻڌندئو ڇو جو انهن جي پنهنجن حاڪمن پنهنجي عوام لاءِ ڌارين کان به وڌيڪ سُک مهيا ڪيا. انهن وٽ انصاف ۽ سزا و جزا جو عمل غريب توڙي امير لاءِ ايڏو ترت آهي جو نجيب عبدالرزاق جهڙي وزيراعظم (جنهن جو پيءُ به وزيراعظم ٿي رهيو ۽ کيس عوام پير ڪري ٿي پوڄيو، پر ان جي فرزند) جيئن ئي ڪرپشن ڪئي ته هن کي حڪومت مان تڙي ٻارهن سال جيل ڏئي ڇڏيو. ان جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جي حاڪمن جي ڪرپشن جا قصا ٿا ٻڌجن ته ڏندين آڱريون ٿيون اچن! ملڪ کي لُٽي ملڪيتون ٻاهر کڻي ويا آهن ته واپس آڻڻ جو نالو نٿا کڻن.
عمان ۽ زئنزيبار جي ڀائر سلطانن جو ٺاهه ڪرائڻ وارو انگريز چارلس ڪئننگ 1856ع کان 1862ع تائين انڊيا جو گورنر جنرل ٿي رهيو ۽ هن جي ڏينهن ۾ 1857ع ۾ انڊيا ۾ انگريزن خلاف بغاوت ٿي هئي. هن انگريز هندستان جي ماڻهن بابت زندگيءَ جو احوال فوٽن ۽ لکت ذريعي شروع ڪيو جيڪو آخرڪار سندس وفات بعد 1870ع ڌاري “دي پيپل آف انڊيا” جي نالي سان، اٺن جلدن جي صورت ۾ ڇپيو. هن انگريز چارلس ڪئننگ نالي انگلينڊ ۾ “ڪئننگ ٽائون” به آهي. انڊيا جي مغربي بنگال صوبي “چوويهه پرڳڻا” ۾ متلا نديءَ جي ڪناري تي پڻ ڪئننگ نالي شهر آهي.

زئنزيبار ٻيٽ جو احوال...

زئنزيبار جي سلطان حاڪمن، عرب واپارين سان گڏ زئنزيبار جي ايڪانامي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن لونگ جهڙن مصالحن جي پوک جاري ڪئي ان کان علاوه عاج جي وڪري کي به وڌايو. اهڙي طرح هن پاسي واپار تي عربن جي هڪ هٽي هئي پر پوءِ آهستي آهستي ٿي ڪامرس انڊيا کان آيل واپارين حوالي ٿي وئي، جن جي زئنزيبار ۾ آمد جي همٿ افزائي هتي جي ئي حاڪم سعيد بن سلطان ڪئي هئي.
سلطان ماجد بن سعيد (مٿئين سلطان جي فرزند) پنهنجي 14 سال دور حڪومت ۾ هن ملڪ جون واڳون مضبوط ڪيون ۽ غلامن جي واپار کي وڌايو، جنهن مان هن کي وڏي آمدني رسي ٿي. آفريڪا کنڊ جي اندروني علائقن مان هڪڙا شيدين کي سوگهو ڪري هن ٻيٽ زئنزيبار تي وٺي آيا ٿي، جتي هندي وڏي سمنڊ جي مختلف بندرگاهن کان آيل سوداگرن انهن غلامن جي نيلام ۾ واڪ ڏنو ٿي ۽ خريد ڪيل غلام هند، سنڌ، ايران، عرب ملڪن- ويندي ترڪيءَ تائين وڏي اگهه تي وڪيا ٿي. تاريخ نويس لکن ٿا ته اوڻهين صديءَ جي اڌ واري عرصي ۾ زئنزيبار مان هر سال 50000 شيدي غلام مختلف بندرگاهن ڏي ايڪسپورٽ ٿيا ٿي. ڪيترا شيدي جيڪي زئنزيبار ۾ وڪرو ٿي ٻاهر موڪليا ويندا هئا، اهي تيبو تيب (Tippu Tib) نالي هڪ بدنام ۽ ظالم عرب جا ڦاسايل هوندا هئا، جنهن جو غلامن جو واپار ڪرڻ ۽ آفريڪا جي جهنگلن جا هاٿي ماري انهن جا ڏند عاج طور وڪرو ڪرڻ خاص ڌنڌو هو. هن جي هٿ ۾ 40 هزار پهلوان شيدي ڪم وارا هئا، جيڪي آفريڪا کنڊ جي اندروني حصن ۾ وڃي مقامي وڏيرن کان ڦلن مٺ ۾ نوجوان شيدي مرد توڙي عورتون خريد ڪري ايندا هئا. انهن کان عاج کڻائي ٻنهي جو يعني عاج ۽ غلامن جو زئنزيبار ۾ وڪرو ڪيو ٿي. تيبو تيب غلامن جي وڪري مان وڏي دولت ڪمائي ۽ وڏو طاقتور ٿي پيو. هو زئنزيبار جو امير ترين ماڻهو ليکيو ويو ٿي، جنهن وٽ وڏيون جاگيرون هيون جن ۾ فقط پوک ڪرڻ لاءِ هن وٽ ڏهه هزار کان مٿي ذاتي غلام هئا.
تيبو تيب 1832ع ۾ زئنزيبار ۾ ڄائو. سندس اصل نالو ”حمد بن محمد بن جمعه المرجبي“ هو. پاڻ عاج ۽ خاص ڪري غلامن جي وڪري مان زمينون خريد ڪري پنهنجن غلامن ذريعي انهن تي لونگن جي پوک ڪرائي ان مان به خوب پئسو ڪمايو. تيبو تيب جي ماءُ بنت حبيب بن بشير جو مسقط جي شاهي خاندان جي عربن سان تعلق هو. هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو انهن عربن مان هو، جيڪي سالن کان آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي اچي رهيا هئا. حمد بن محمد بن جمعه المرجبي نالي هي عرب سڄي عمر تيبو تيب جي نالي سان سڏيو ويو. تيبو تيب جا وقت جي عماني سلطان ۽ يورپي حاڪمن سان هميشه سٺا تعلقات رهيا. يورپ کان جيڪي گورا سياح ۽ کوجنا ڪرڻ وارا وچ آفريڪا وڃڻ چاهيندا هئا، انهن جي هن مدد ڪئي ٿي. بيلجم جي بادشاهه بيلجم جي قبضي ۾ آيل ڪانگو جو هن (تيبوءَ) کي 1887ع ۾ گورنر به مقرر ڪيو. 1890ع ڌاري ان پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيڻ تي هو زئنزيبار جي اسٽون ٽائون ۾ اچي رهيو جنهن کي عرب “مدينته زنجبار الحجريته” ۽ مقامي سواحلي Mji Mkongwe سڏين ٿا. سڀني لفظن جي معنيٰ ساڳي آهي. يعني “پٿرن جو شهر”. تيبو تيب سٺو ليکڪ به هو. هن پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکڻ شروع ڪيو جيڪو بنتو سواحلي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين آٽو بايوگرافي آهي ۽ جنهن جو جرمن ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهرين ترجمو ٿيو بعد ۾ جرمن ٻوليءَ مان انگريزيءَ ۾ ڪيو ويو، جيڪو 1907ع ۾ برطانيا ۾ ڇپيو. ياد رهي ته بيلجم وارن کي پنهنجي ڪا ٻولي ناهي. بيلجم جي قومي زبان جرمن، ڊچ ۽ فرينچ آهي. جيئن سئٽزرلئنڊ جي جرمن، فرينچ ۽ اطالوي آهي. 13 جون 1905ع تي تيبو مليريا وگهي وفات ڪئي. سندس محل جهڙو گهر اڄ به زئنزيبار ۾ ٽوئرسٽن جي ڏسڻ لاءِ قائم آهي ۽ اسٽون ٽائون ۾ موجود House of wonders ميوزيم ۾ تيبوءَ جو رنگين پورٽريٽ نمائش لاءِ رکيل آهي. ان ۾ انگلينڊ مان نڪرندڙ اخبار “دي السٽريٽيڊ لنڊن نيوز” جي 7 ڊسمبر 1889ع جي ڪاپي به رکيل آهي، جنهن ۾ تيبو تيب جي پهرين صفحي تي پاسپورٽ سائيز تصوير آهي. دنيا جي هيءَ خبرن ۽ تصويرن واري السٽريٽيڊ پهرين مئگزين آهي، جيڪا 1842ع کان شروع ٿي. هيءَ مئگزين پهرين هفتيوار هئي. 130 سالن بعد 1971ع کان 1989ع تائين ماهوار ٿي ۽ ان بعد 1994ع تائين سال ۾ ان جا چار پرچا ڇپجڻ لڳا. يعني سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي وانگر سماهي ٿي. ان بعد سال ۾ ٻه دفعا ڇپجڻ لڳي. 2003ع کان بند آهي. مطلب اهو آهي ته زئنزيبار جو هي غلامن جو وڪرو ڪندڙ عرب سوداگر تيبو تيب ايڏو ته مشهور هو، جو هن جون تصويرون ۽ ڳالهيون لنڊن جي اخبارن ۽ رسالن ۾ آيون ٿي. دنيا غلامن جي خريد و فروخت جي خلاف ٿيندي وئي پر هي همراهه توڙي زئنزيبار جا عماني سلطان کلئي عام آفريڪا جي انسانن کي ائين سوگهو ڪري وڪڻڻ لڳا، ڄڻ اهي اسان جهڙا ساهوارا نه پر ڪاٺيون ۽ ڇوڏا هجن. ان ڪڌي ڪم کي هو هر وقت سٺو ڪم قرار ڏيندا هئا. هڪ هنڌ پڙهيو هوم ته گهڻي نقط چيني ٿيڻ تي جواب ۾ تيبو تيب چيو ته آئون ته هنن شيدين جي ڀلي لاءِ هي ڪم ڪريان ٿو ۽ هو ٻڌائي ٿو ته آفريڪا جي گهاٽن جهنگلن ۾ اهڙا قبيلا رهن ٿا، جن جا پاڻ ۾ هر وقت جهيڙا ٿيندا رهن ٿا. پوءِ ويڙهه ۾ هارايل قبيلي جي ماڻهن کي هتي جي رسم موجب کٽي ويندڙ قبيلي جا ماڻهو رڌي کائين ٿا. سو هي عرب همراهه ان قسم جي ماڻهن کي مرڻ کان بچائڻ لاءِ کين کٽي ويندڙ قبيلن کان ڏوڪڙن ۾ خريد ڪري ٿو.
سلطان ماجد بن سعيد بعد زئنزيبار جو ٻيو سلطان ان جو ڀاءُ برغش بن سعيد ٿيو جنهن تي انگريزن غلامن جي وڪري تي بندش وجهڻ لاءِ زور ڀريو. سلطان برغش زئنزيبار کي چڱو ٺاهيو، جوڙيو ۽ خوشحال ڪيو. ان بعد هنن جو ٽيون ڀاءُ خليفا بن سعيد زئنزيبار جو سلطان ٿيو، جنهن انگريزن سان سٺا تعلقات قائم ڪيا ۽ غلامن جي وڪري کي ٻنجو ڏنو ۽ زئنزيبار جو ڪنٽرول انگريزن وٽ اچي ويو. 1890ع ۾ سرڪاري طرح اهو معاهدو قبول ڪيو ويو ته زئنزيبار برطانيا حڪومت جو Protectorate ٿي رهندو يعني انهن جي حفاظت هيٺ رهندو (ڪالوني نه). هن Status مطابق زئنزيبار جو حاڪم عماني سلطان ئي رهندو باقي ٻيو عمل دخل ۽ صلاح مشورو انگريزن طرفان رهندو. پر پوءِ بعد جي سلطانن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٺاهه نه ٿي سگهيو ۽ 1913ع کان انگريز زئنزيبار تي سنئون سڌو حڪومت ڪرڻ لڳا. ان کان اڳ انگريزن ۽ زئنزيبار جي سلطانن جي 1896ع ۾ Anglo- Zanzibar War لڙائي لڳي جنهن ۾ انگريزن جي نيوي جي جهازن سلطان جي محلات “بيت الحڪم” کي بارود سان تباهه ڪري ڇڏيو. زئنزيبار جي سلطانن 38 منٽن بعد آڻ مڃي ۽ هيءَ لڙائي اڄ ڏينهن تائين دنيا جي مختصر لڙائي قرار ڏني وڃي ٿي.
انگريزن جو زئنزيبار تي 1890ع کان 1963ع تائين protectorate وارو راڄ رهيو، ان بعد هنن زئنزيبار سلطان جمشيد بن عبدالله حوالي ڪيو پر سال اندر هن کي تخت تان لهڻو پيو. زئنزيبار جي عوام کي پنهنجي سلطان جي ڪارڪردگي پسند نه آئي ۽ انقلاب آندو ۽ سلطان ملڪ ڇڏي جلاوطنيءَ ۾ هليو ويو. زئنزيبار هاڻ سلطنت بدران “پيپلز ريپبلڪ آف زئنزيبار ۽ پيما” سڏجڻ لڳو. انقلاب ۾ ٻه هزار کن ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترن عرب، ايراني ۽ انڊين ٻيٽ ڇڏي آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ۾ وڃي پناهه ورتي.
1964ع ۾ ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار جي ريپبلڪ گڏجي “تنزانيا” نالي نئون ملڪ ٺاهيو جنهن ۾ زئنزيبار کي نيم Autonomous علائقو قرار ڏنو ويو. يعني هن کي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ تنزانيا جو پابند رهڻ بدران آزاد ڇڏيو ويو. اڄڪلهه سڄي زئنزيبار جي آدم شماري 10 لک کان مٿي آهي، جنهن مان زئنزيبار شهر جي 2 لک کن آهي. مٿين آدمشماريءَ مان ڇهه لک عوام وڏي ٻيٽ انگوجا ۾ رهي ٿو ۽ چار لک ان کان ننڍي ٻيٽ پيمبا ۾. انگوجا ٻيٽ تي زئنزيبار شهر (اسٽون ٽائون) کان علاوه ٻيا ذڪر جوڳا شهر آهن: چا آني، Mbweni، منگاپواني، چواڪا ۽ ننگوي. پيمبا ٻيٽ تي وڏو شهر چاڪي چاڪي آهي. ان کان علاوه ٻه ننڍا شهر Wete ۽ Mkoani آهن.
زئنزيبار ٻيٽن جي جهڳٽي (Archipelago) ۾ انگوجا ۽ پيمبا ٻيٽن کان علاوه هڪ ٻيٽ مافيا (Mafia) نالي پڻ آهي جنهن جي آدم شماري اڌ لک آهي. هي ٻيٽ مڪمل طرح تنزانيا (ٽانگانيڪا) جي انتظاميا هيٺ آهي.
زئنزيبار جي ٻيٽن تي مقامي سواحلي (آفريڪي) ماڻهن کان علاوه عرب، ايراني ۽ انڊين نسل جا ماڻهو پڻ رهن ٿا، جيڪي سواحلي ٻولي ڳالهائين ٿا. هتي جا ڪيترائي شهري عربي، فرينچ ۽ اطالوي به ڳالهائين ٿا ۽ اسان جي پاسي جا انڊين (بوهري، آغا خاني، ڪڇي، سنڌي) پاڻ ۾ گجراتي به ڳالهائين. زئنزيبار جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي مسلمان آهن. ڪو هڪ يا ٻه سيڪڙو عيسائي، هندو، جين ۽ سک پڻ آهن جن جا “اسٽون ٽائون” ۾ گرجا گهر ۽ مندر به نظر اچن ٿا. ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون به آهن، جن مان چماچا (CCM) ۽ سوڪ يونائيٽيڊ فرنٽ (CUF) وڌيڪ مشهور آهن.
سکر ضلعي جي چوٿي جيڏي هن زئنزيبار ٻيٽ تي 207 سرڪاري ۽ 118 پرائيويٽ اسڪول آهن. هتي جا سرڪاري اسڪول به ٺيڪ ٺاڪ معيار جا آهن. اسان وانگر گهوسٽ اسڪول يا واڙا نه آهن. اهوئي سبب آهي جو آفريڪا جي ملڪن جا ٻار، خاص ڪري ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا، نائيجيريا وغيره جا، جن تي انگريزن جو راڄ هو، تمام هوشيار آهن. سٺا اسڪول ۽ هوشيار ٻار ته ٿائلينڊ، ويٽنام، سريلنڪا جهڙن ملڪن جا به آهن. اها نظر فقط اسانجي ملڪ- خاص ڪري سنڌ صوبي جي اسڪولن کي لڳل آهي. زئنزيبار جهڙي ٻيٽ جي اسڪولن يا ممباسا کان دارالسلام باءِ روڊ ايندي ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن مان گذرندي اتي جي اسڪولن جون سهڻيون عمارتون ۽ وڻندڙ يونيفارمن ۾ مرڪندڙ ٻار ڏسي اندر مان ٿڌو ساهه ٿي نڪتو ته آفريڪا به هيڏو ترقي يافته ٿي ويو آهي! اسانجي سنڌ جا اسڪول ۽ تعليمي نظام اهو به نه رهيو آهي، جيڪو انگريز ڇڏي ويا. هن سکر ضلعي جي چوٿين حصي جيڏي ٻيٽ زئنزيبار تي ٽي ته مڪمل ۽ اعليٰ قسم جون يونيورسٽيون آهن: زئنزيبار يونيورسٽي (ZU)، اسٽيٽ يونيورسٽي آف زئنزيبار (SUZA) ۽ سُميت يونيورسٽي، چُڪواني. SUZA يونيورسٽي زئنزيبار جي صدر (مرڪزي) علائقي “اسٽون ٽائون”) (Mji Mkongwe ۾ آهي. ڏينهن ٻن لاءِ زئنزيبار ايندڙ ٽوئرسٽ کي اهائي صلاح ڏيندس ته هو ڪوشش ڪري اسٽون ٽائون جي ڪنهن هوٽل ۾ رهائش اختيار ڪري جو زئنزيبار ۾ ڏسڻ جهڙين شين مان 90 سيڪڙو هن علائقي ۾ آهن. جيئن ته: لِونگ اسٽون هائوس، پراڻي ڊسپينسري، گولياني پل (Guliani Bridge)، پراڻو قلعو (Ngome Kongwe)، بيت العجائب (House of Wonders)، وغيره وغيره، ڪڊيچي (Kidichi) شهر ۾ حمامني ايراني غسلخانا آهن، جيڪي ايران جي شهر شيراز کان آيل ايرانين ٺاهيا هئا. هي ايراني زئنزيبار جي ٻئي عماني سلطان برغش بن سعيد جي ڏينهن ۾ آيا هئا. اسٽون ٽائون جي بڪ اسٽال تان هڪ انگريزي ناول By the Sea خريد ڪرڻ وقت ياد آيو ته هن جو ليکڪ عبدالرزاق گرناهه (Gurnah) جيڪو پاڻ کي تنزانيا جو شهري سڏائي ٿو دراصل هن ٻيٽ زئنزيبار تي بلڪه هن ٻيٽ جي هن شهر اسٽون ٽائون ۾ 1948ع ۾ ڄائو هو. هو انگلينڊ پڙهڻ لاءِ ويو ته پوءِ اتي ئي رهي پيو. هن انگلينڊ جي ڪينٽ يونيورسٽي مان انگريزءَ ۾ Ph.D ڪئي ۽ اتي ئي پروفيسر ٿي رهيو. وچ ۾ ٻه سال نائيجيريا جي يونيورسٽي ۾ به پڙهائيائين. ڪتابن جي دڪاندار مون کي هن جا ٻه ٻيا ناول 1994ع جو Paradise ۽ Memory of Departure به خريد ڪرڻ لاءِ چيو پر مون پرديس ۾ پئسو خرچڻ نٿي چاهيو. بعد ۾ ملائيشيا مان خريد ڪرڻ به وسري ويو. اڄ هتي انهن ناولن جا نالا ان ڪري لکي رهيو آهيان جيئن ڪو شوقين چاهي ته انهن ڪتابن جو ضرور مطالعو ڪري جو عبدالرزاق صاحب جي انگريزي پڙهڻ وٽان آهي ۽ ادب جي شاگردن لاءِ فائديمند آهي.

عمان جي هندي سمنڊ ۾ حيثيت ...

هن پاسي جي آفريڪا جون وڌيڪ ڳالهيون لکڻ کان اڳ ڪجهه خبرون ايشيا جي ملڪ عمان ۽ ان جي سلطانن جون ڪرڻ چاهيندس جن جو پنهنجي ملڪ کان هزارين ميل ڏور هڪ ٻئي کنڊ (آفريڪا) جي علائقي زئنزيبار، دارالسلام ۽ اوڀر آفريڪا جي ساحلي پٽيءَ تي حڪومت ۽ اثر رسوخ رهيو. اها ڳالهه منهنجي پڙهندڙن کي به منجهائيندي هوندي ته هيترن عرب ملڪن مان عمان جي عربن کي ايڏي همت ڪيئن ٿي ۽ هيڏو ڏور ڪيئن پهتا؟ ڪراچيءَ کان عربي سمنڊ ۽ پوءِ سڄو هندي وڏو سمنڊ (Indian Ocean) لتاڙي، اسان آفريڪا جي هنن بندرگاهن: ممباسا، ملندي، زئنزيبار، دارالسلام وغيره پهچون ٿا ته اسان جا هن پاسي پهريون دفعو آيل جهازران ساٿي پڻ ان قسم جي حيرت جو اظهار ڪن ٿا ته هيڏي وڏي طاقت واري انجڻ تي اسان جو لوهي جهاز به سڄي واٽ لڏي لمي مس مس مباسا يا دارالسلام پهچي ٿو اتي عمان ۽ ان جي آس پاس جا عرب، پراڻي زماني ۾ جڏهن ڪاٺ جون ٻيڙيون، هوا جي زور تي سڙهن ذريعي هليون ٿي، هتي ڪيئن آيا ويا پئي ۽ آفريڪا جي هن ڪناري وارن ننڍن وڏن بندرگاهن تي حڪومت ڪندا رهيا!
دراصل ڏٺو وڃي ته عمان جي جاگرافيائي اهڙي پوزيشن آهي جو هن جي هڪ پاسي عرب امارات، سعودي عرب ۽ يمن آهي ته ٻئي پاسي عمان نار جو سمنڊ ۽ عربي سمنڊ آهي. هو هڪ طرف بيابانن ۽ رڻ پٽن ۾ رهڻ جا عادي هئا ته ٻئي پاسي سٺا سامونڊي هئا. سترهين صديءَ کان ته عماني سلطنت ايڏي طاقتور ٿي پئي جو هنن پورچوگالي حڪومت ۽ برطانوي سلطنت سان همسري (برابري) ٿي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ اڄ واري سعودي عرب جهڙي ملڪ به ڪا حيثيت نٿي رکي جو اهو هڪ بيحد غريب ملڪ هو ۽ سلطنت عثمانيه جي قبضي ۾ هو. اهوئي حال ڪويت يا عرب امارات جهڙن عرب ملڪن جو هو. ڏٺو وڃي ته اهي سڀ ملڪ 1970ع بعد پاڻ ڀرا ٿيا آهن جڏهن انهن ملڪن مان پيٽرول نڪتو.
جيستائين مسقط پاسي کان ممباسا ڏي اچڻ وڃڻ جو سفر هو سو ڪل جا جهاز نه هجڻ جي باوجود سڙهن وارين ٻيڙين ۾ به آسان هو ڇو جو انهن ڏينهن ۾ انهن سڙهن وارين ڪاٺ جي ٻيڙين جو هلڻ چلڻ هوا جي لڳڻ ۽ ان جي رخ مطابق ٿيو ٿي. هوا جنهن طرف ڏي لڳي ٿي ان طرف هنن ٻيڙين کي ڌڪي وئي ٿي ۽ جيئن اسان واري پاسي، يعني عربي سمنڊ جي بندرگاهن وارا سياري ۾ اتر کان لڳندڙ هوا جي زور تي ڏکڻ طرف ممبئي ۽ سريلنڪا کان وڃي نڪرندا هئا ۽ ڇهن مهينن بعد هوا جو رخ بدلجڻ تي يعني چوماسي جي هوائن لڳڻ تي اهي ٻيڙا سريلنڪا، مالديپ، لکديپ ۽ ممبئي پاسي کان واپس ڀوڄ، ڪڇ ۽ سنڌ جي بندرگاهن ڏي موٽيا ٿي. بلڪه ايران ۽ عربستان کان وڃي نڪتا ٿي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڇا ته قدرت جو نظام آهي. جيڪڏهن هي تيز هوائون نه هجن ۽ ٻي ڳالهه ته هوائن جو رخ نه بدلجي ته انجڻ وارن جهاز جي ايجاد کان اڳ اسان جي هندي وڏي سمنڊ ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪرڻ ناممڪن ٿي پوي ها. مثال طور هوا هجي ها پر هن جو سڄو سال رخ اتر کان ڏکڻ هجي ها ته ان صورت ۾ ايران ۽ عرب ملڪن جا جهاز اسان جي سنڌ جي بندرگاهن ۽ اڳتي ڪڇ ملبار ڪناري ۽ سريلنڪا تائين پهچي ته وڃن ها، پر پنهنجي وطن واپس ڪيئن اچي سگهن ها؟ سو قدرت جو اهڙو نظام آهي جو دنيا جي هر سمنڊ ۾ موسم جي بدلجڻ تي هوا جو رخ ابتو ٿيو وڃي جيئن ٻيڙيون واپس وري سگهن. پيٽرول، ڊيزل ۽ انجڻيون ته هاڻ هڪ ڏيڍ صديءَ کان ايجاد ٿيون آهن نه ته حضرت نوح نبي عه کان سمنڊن تي ٻيڙيون سڙهن ذريعي هوا جي زور تي هليون ٿي. سو سياري جي موسم ۾ اتر جي هوائن جي زور تي ايران ۽ عرب پاسي جا جهازران ممباسا، دارالسلام ۽ اڳيان موزمبق پهتا ٿي ۽ موسم ۽ هوا جي رخ بدلجڻ تي واپس وريا ٿي. اسان جي آفت جهڙي لوهي ۽ طاقتور انجڻ واري جهاز ۾ حالت ان ڪري خراب ٿئي ٿي جو اسان ڪنارو ڪنارو وٺي هلڻ بدران وچ سمنڊ کي چيريندا هلون ٿا جيئن گهڻو وقت ۽ تيل خرچ نه ٿئي. پر پراڻي زماني ۾ سڙهن واريون ٻيڙيون ڪنارو ڪنارو ڏئي ايراني نار ۽ بحر احمر ٽپي سوماليا جو ڪنارو وٺي اڄ واري ڪينيا ۽ پوءِ تنزانيا ۽ موزمبق جي بندرگاهن ۾ پهتيون ٿي. انهن ڏينهن ۾ ٻيڙين جو هجڻ ۽ رستي ۽ هوائن جي ڄاڻ هجڻ ڪافي هو. عمان سڀني عرب ملڪن کان وڌيڪ امير ۽ ائڊوينچر وارو ملڪ هو. يورپي ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪري اڃان هندي سمنڊ ۾ داخل نه ٿيا هئا ان ڪري هندي سمنڊ ۾ انڊيا توڙي آفريڪا ڪناري تي عماني ماڻهن جو اثر رسوخ هو. ويندي پاڪستان واري گوادر تي به عمانين جو قبضو هو. عمانين جي فوج ۾ اسان پاسي جا بلوچ ۽ مڪران ڪناري جا رهاڪو هئا جن عمانين سان گڏ پورچوگالين جو ممباسا ۽ دارالسلام ۾ به مقابلو ڪيو. آفريڪا جي ڪناري تي ڪجهه ڪجهه ايرانين، بلڪه شيرازين جو به اثر ضرور هو، جيڪي ڪناري وارن بندرگاهن ۾ Settle ٿيل هئا.
هندي وڏي سمنڊ جو ڪمرشل نقشو يورپين جي اچڻ بعد بدليو آهي، جو هنن وٽ جهاز راني ته ساڳي هئي پر بمن، بارودن جي ٽيڪنالاجي هئي. اسان جي درويش عربن، ايرانين ۽ انڊين ۾ ڪا تبديلي نه آئي هئي. هنن وٽ صدين کان اها ئي شعرو شاعري ۽ پراڻي زماني جا تيرڪمان، ڀالا ۽ ڪهاڙيون ۽ انڌا منڊا زنگ لڳل پستول ۽ بندوقچيون هيون.
عمان جي تاريخ تي جي نظر ڪجي ته صديون اڳ يمن، عربستان ۽ ٻين ڏورانهن علائقن جا ماڻهو هتي عمان ۾ رهائش اختيار ڪندا ويا. هنن جو گذر سفر مڇيون مارڻ، ٻني ٻاري، مال پالڻ تي رهيو ٿي. اڄ به عمان جا ماڻهو پنهنجو پنهنجو اصل نسل انهن ڀر وارن علائقن سان جوڙين ٿا، جن تان هنن جا وڏا آيا. انهن ٻاهران آيلن ۾ ”آزاد“ قبيلي جا ماڻهو اهم چئي سگهون ٿا جن مان اڳتي هلي هن ملڪ جا حاڪم، امام ۽ سلطان ٿيا. عمان ڏي هيءَ لڏپلاڻ اسلام کان به گهڻو اڳ ٿي هئي. ستين صديءَ ۾ عمانين جو اسلام سان واسطو ٿيو ۽ هو مسلمان ٿيا. عمانين کي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ جو ڪريڊٽ مشهور عرب ڪمانڊر عمرو بن العاص کي ڏنو وڃي ٿو جنهن جي تبليغ جي نتيجي ۾ عماني يڪدم مسلمان ٿيا. عمرو بن العاص اسلامي دنيا جي هڪ بيحد اهم شخصيت ٿي گذري آهي ۽ هن اسلام خاطر ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتو ۽ سوڀ حاصل ڪئي. پاڻ قريش قبيلي جي هڪ امير سوداگر جو فرزند هو. پاڻ 573ع ۾ مڪي ۾ ڄائو هو ۽ 664ع ۾ مصر ۾ وفات ڪيائين. 56 ورهين جي ڄمار ۾ (629ع ۾) هن اسلام قبول ڪيو هو. حضرت عمر جي ڏينهن ۾ هن مصر فتح ڪيو ۽ کيس اتي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. پاڻ الفسطاط نالي هڪ نئين شهر جو بنياد رکيو ۽ ان کي گاديءَ جو شهر بڻايو. هن شهر فسطاط ۾ اڄ به سندس نالي واري مسسجد “مسجد عمرو بن العاص” موجود آهي. اها مسجد آفريڪا کنڊ جي پهرين مسجد چئي سگهجي ٿي، ڇو جو مصر اهو ملڪ آهي جيڪو ايشيا ۾ به اچي ٿو ته آفريڪا کنڊ ۾ پڻ! مسجد کان علاوه عمرو بن العاص نالي مسجد جو هڪ فنڪشن هال “دار مناسبات مسجد عمرو بن العاص” پڻ آهي ۽ اتي ئي عمرو بن العاص نالي روڊ آهي جيڪو نيل ندي واري پل “ڪورنيش نيل” سان وڃي ملي ٿو. حضرت عمرو بن العاص ٻه دفعا مصر جو گورنر ٿيو. هڪ دفعو حضرت عمر رضه ۽ حضرت عثمان غني رضه جي ڏينهن ۾ 640ع کان 646ع تائين ۽ ٻيو دفعو امير معاويه جي ڏينهن ۾ 658ع کان 664ع تائين.
بهرحال پاڻ عمان جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسون جنهن جي گاديءَ جو شهر مسقط آهي جيڪو دبئي، ڪويت، عدن ۽ سعودي عرب کان به اسان جي شهر ڪراچيءَ کي ويجهو آهي. اموي گهراڻي جي ختم ٿيڻ بعد سگهوئي هتي امام چونڊڻ لاءِ اليڪشن ٿي. عباسي گهراڻي جي دور ۾ هتي جي عماني امامن جو، “گلف ۽ مشرقي آفريڪا” پاسن تي ڪنٽرول قائم ٿيو. بعد ۾ پورچوگالين جي هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي 1507ع ۾ مسقط تي قبضو ڪري ورتو ۽ 1650ع تائين 143 سال مسقط تي حڪومت ڪئي. پورچوگالين کي پنهنجي ڪاروبار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن علائقي جي سامونڊي گسن تي نظر رکڻ لاءِ مسقط بهترين جڳهه لڳي، جتي هنن پنهنجن ماڻهن لاءِ قلعو به اڏرايو جنهن جي باقيات اڄ به موجود آهي.
سلطنتِ عثمانيه جي ترڪن عارضي طور 1581ع ۾ مسقط تي قبضو ڪيو جيڪو هنن وٽ 1588ع تائين رهيو. سترهين صديءَ ۾ عمانين پاڻ ۾ گڏ ٿي پاڻ کي هڪ طاقتور قوم ٺاهيو ۽ 1650ع ۾ پورچوگالين کي نه فقط پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو پر اوڀر آفريڪا مان پڻ جيڪي علائقا پوءِ عمان وارن جا ڪالوني طور رهيا. عمان جي مختلف امامن جن پاڻ کي پوءِ سلطان سڏرايو، حڪومت ڪندا رهيا. 1806ع ۾ سعيد بن سلطان عمان ۽ زئنزيبار ۽ اوڀر آفريڪا جي ڪناري واري پٽيءَ جو ۽ مڪران ڪوسٽ جي علائقي گوادر جو آخري حاڪم ٿيو. 1856ع ۾ سلطان ”سعيد بن سلطان الابوسعيد” جي وفات بعد عمان ۽ زئنزيبار سلطنتون الڳ الڳ ڪيون ويون. سندس هڪ پُٽُ ثويني ابن سعيد عمان جو سلطان ٿيو ۽ ٻيو پُٽُ ماجد ابن سعيد زئنزيبار جو.

سلطنت عمان ۽ سلطنت زنجبار

ڏٺو وڃي ته وڏي عرصي لاءِ عمان سلطنت تي ڌارين جو قبضو رهيو خاص ڪري پورچوگالين جو. هنن 1515ع ۾ مسقط حاصل ڪيو، 1650ع تائين 135 سال کن حڪومت ڪئي. ان جي وچ ۾ ٻه دفعا ٻن ۽ ستن سالن لاءِ سلطنت عثمانيه جو به مسقط تي ڪنٽرول رهيو. ان بعد ايرانين جو رهيو. عمانين 1743ع ۾ نادر شاهه کي پنهنجي مدد لاءِ ايران کان گهرايو پر پوءِ هو سندن ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. بهرحال هي چور پوليس جي راند هلندي رهي. عماني به ڇڏڻ وارا نه هئا. ڪڏهن گڏ ٿيا ٿي، ڪڏهن پاڻ ۾ ئي وڙهي پيا ٿي. آخرڪار ڏٺو وڃي ته احمد بن سعيد البوسعيدي (Al- Busaidi) اهو شخص نڪتو جنهن ايرانين کي به ڀڄائي ڪڍيو ۽ پنهنجن جو به ٺاهه ڪري عمان جو سلطان ٿيو ۽ پنهنجي گهراڻي السعيد جو بنياد رکيو.
احمد بن سعيد البوسعيدي 1710ع ۾ عمان جي شهر آدم ۾ ڄائو ۽ 1783ع ۾ رستاق ۾ وفات ڪئي. احمد بن سعيد عمان جو 1744ع ۾ ان وقت حاڪم ٿيو، جڏهن عمان خانه جنگيءَ جو شڪار هو ۽ ملڪ مختلف ٽولن ۾ ورهائجي چڪو هو. ملڪ جي وڏي حصي تي پرشن (ايرانين) جو قبضو هو. احمد بن سعيد نه رڳو پنهنجن کي جوڙيو پر ڌارين (ايرانين) کي ڀڄائي ڪڍيو. هن جي حڪومت ۾ ملڪ ۾ خوشحالي رهي ۽ ايراني نار جي علائقي ۾ عمان جي مٿاهين پوزيشن ٿي.
احمد بن سعيد ننڍپڻ ۾ ڪاٺين جي وڪري جو ڪم ڪيو بعد ۾ هو عمان جي بندرگاهه واري وڏي هي شهر صُحار (Suhar) جو وڏو واپاري ٿيو. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي لکندو هلان ته عمان جو شهر صحار اهو شهر آهي، جيڪو سندباد جهازيءَ جي جنم جو شهر چيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترا سندباد کي سنڌ باد لکن ٿا ۽ هن کي سنڌ جو جهازران سمجهن ٿا پر ائين ناهي. سندباد هڪ خيالي (Mythical) ڪردار آهي، جنهن لاءِ تصور ڪيو وڃي ٿو ته هو عباسي گهراڻي جي حڪومت ۾ خليفي هارون رشيد جي ڏينهن ۾ بغداد ۾ رهيو ٿي. سندباد جهازي (السندباد البحري) جي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي ستن سفرن جو احوال عربيءَ جي الف ليليٰ ڪتاب ۾ ڏنل آهي، جيڪو دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿيو آهي. هن جي سفرن مطابق هو مال سان جهاز ڀري بصري کان جيئن ئي نڪري ٿو ته هن جو جهاز هر دفعي طوفان جي ور چڙهي وڃي ٿو. هو مختلف ملڪن ۾ ڀٽڪي خطرن کي منهن ڏئي ٿو، جنهن ۾ هن جي همٿ ۽ ڀاڳ جو ڪم ڏيکاريو ويو آهي.
بهرحال سندباد جي هن جنم واري شهر صحار جو هي عماني سلطان احمد بن سعيد نه فقط وڏو واپاري ٿي ويو پر پوءِ 1737ع ۾ هن کي هن شهر صحار جو گورنر بڻايو ويو. ان دوران 1743ع ۾ ايران جي نادر شاهه به عمان تي حملو ڪري ان کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو پر 1744ع ۾ احمد بن سعيد آخرڪار عمان جو مضبوط حاڪم ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ زئنزيبار ۽ آفريڪا جي اوڀر ڪناري واري علائقي ۾ به احمد بن سعيد کي حاڪم تسليم ڪيو ويو.
احمد بن سعيد پنهنجي دور حڪومت ۾ زراعت ۽ سامونڊي واپار جي واڌاري ۽ بهتري لاءِ ڪوششون ورتيون. عمان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو مستقل طور آرمي ۽ نيوي قائم ڪئي ۽ عمان ملڪ خليج فارس، خليج عمان ۽ عربستان واري علائقي ۾ طاقتور ملڪ ٿي پيو. نتيجي ۾ اوسي پاسي جي ڪنهن ملڪ عمان تي حملي ڪرڻ کان ته گريز ڪئي ٿي پر پورچوگالي ۽ انگريز به پري ڀڄڻ لڳا. ڏٺو وڃي ته احمد بن سعيد عقل کان ڪم وٺي هڪ مضبوط فوج قائم ڪئي جنهن ڪري نه فقط عمان جي سلامتي قائم رهي پر سندس گهراڻي جي حڪومت مضبوط رهي. اها ڳالهه اهڙي آهي، جيڪا نه اسان جي مغل بادشاهن کي ڌيان ۾ رهي ۽ نه ميرن کي- جن جي پاڙي ۾ يعني ڪڇ، گجرات، راجستان (انڊيا) ۾ انگريزن جهڙا مڪار حاڪم موجود هئا. انهن جي ڪنهن وقت به حملي کي روڪڻ لاءِ هڪ مضبوط فوج ۽ هٿيارن رکڻ جي ضرورت هئي. تڏهن ته هلاڪو خان بغداد کي ساڙڻ ٻارڻ بعد عباسي گهراڻي جي آخري خليفي کي سندس سون ۽ هيرن جواهرن سان ڀريل اسٽور ڏي اشارو ڪري چيو ته ان سون کان ته هٿيار رکين ها ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪجهه فوج تي خرچ ڪرين ها. مغلن جي آخري پوڙهي بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي به زالون ۽ ڳهه ڳٺا ته جام هئا پر انگريزن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪا عسڪري طاقت نه هئي.
احمد بن سعيد کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيون ٿيون سندس وڏو پٽ نابين هو. سندس وفات بعد حڪومت جون واڳون سندس ٻئي نمبر پٽ سعيد بن احمد حوالي ڪيون ويون. هن 1783ع کان 1786ع تائين حڪومت ڪئي. ان بعد سعيد جي پٽ حماد بن سعيد 1786ع کان 1792ع تائين حڪومت ڪئي، جنهن جو موت ماتا ڪري ٿيو، جنهن جي جاءِ تي سندس چاچو سلطان بن احمد 1792ع کان 1804ع تائين عمان جو سلطان ٿيو. ان بعد سليم بن سلطان 1804ع کان 1806ع تائين سلطان ٿيو. ان کانپوءِ سعيد بن سلطان 1806ع کان 1856ع تائين عمان جو آخري سلطان ٿيو، جو ان بعد عماني سلطنت ٻن سلطنتن ۾ ورهائجي وئي: سلطنته زنجبار ۽ ٻي سلطنته مسقط و عمان جنهن ۾ پاڪستان وارو گوادر ۽ بلوچستان جو ڪجهه حصو به اچي ٿي ويو.

ڪجهه ضروري سَنَ...

آئون نه تاريخ جو ٽيچر آهيان ۽ نه تاريخ منهنجو سبجيڪٽ رهيو آهي پر آئون ان ڳالهه جو قائل آهيان، ته هر ماڻهوءَ کي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکڻ گهرجي. هنن سفرنامن، سامونڊي ڳالهين ۽ ڪالمن ۾ جيڪي تاريخ جون ڳالهيون لکان ٿو اهي منهنجي محدود ڄاڻ مطابق آهن، جيڪي آئون پنهنجي دماغ ۾ رکان ٿو يا جهاز تي مون سان جيڪي ڪم ڪن ٿا، انهن کي ٻڌائڻ لاءِ آهن جيئن جهاز جڏهن ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ پهچي ته هنن کي اهو گهمڻ ڦرڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ ۾ مزو اچي. عمان ۽ زئنزيبار جي سلطانن جي حڪومت وانگر مون وٽ هر جهاز تي ٻين ملڪن جي به حاڪمن جي دورِ حڪومت جا مختلف سن رهيا ٿي، جيئن مثال طور ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ چڪر هڻندي شهر جي پراڻي آباديءَ ۾ ڦوهاري تي ان جي ٺهڻ جو سن ڏسي سمجهي سگهجي ته هيءُ انگريزن ٺهرايو يا ملاڪا ۾ هيءَ بلڊنگ ڊچن يا پورچوگالين جي دور حڪومت جي آهي. يا زئنزيبار ۾ غلامن جي قيدخاني جو سن ڏسي آئيڊيا ٿئي ٿي ته هي ڪهڙي سلطان جي ڏينهن ۾ ڪم ٿيو... يا سن ڏسي چئي سگهجي ٿو ته فلاڻي سلطان جي حڪومت ۾ سڀ کان گهڻا آفريڪي غلام سنڌ ڏي وڪري لاءِ موڪليا ويا. هتي عمان ۽ زئنزيبار جي عماني سلطانن جي لسٽ ڏيان ٿو جيڪا مون لاءِ هميشه دلچسپ ثابت ٿي آهي، جو ان تي هڪ نظر وجهڻ سان آئيڊيا ٿيو وڃي ته ڪهڙي سال ۾ ڪهڙو سلطان عمان يا زئنزيبار جو سلطان رهيو. منهنجي خيال ۾ پڙهندڙن کي به انهن ملڪن ۾ رهندي، يا هي ڪتاب پڙهڻ وقت ان لسٽ تي نظر وجهڻ تي بهتر نموني سان ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهندي.

عمان ۽ زئنزيبار سلطنت جا ڪجهه حاڪم

احمد بن سعيد (حڪومت: 1744ع کان 1783ع) السعيد گهراڻي جو پهريون حاڪم جنهن پورچوگالين ۽ ايرانين کي ڀڄائي هڪ دفعو وري عمانين جي مضبوط سلطنت ٺاهي.

سعيد بن احمد
السعيد گهراڻي جو ٻيو حاڪم، جيڪو 1783ع کان 1786ع تائين عمان جو امام ۽ سلطان ٿي رهيو.
حماد بن سعيد (حڪومت 1786ع کان 1792ع) ماتا ۾ گذاري وڃڻ تي هن جو چاچو سلطان بن احمد تخت تي ويٺو
سلطان بن احمد (حڪومت 1792 کان 1804ع)
سليم بن سلطان (حڪومت: 1804ع کان 1806ع
سعيد بن سلطان (حڪومت 1806ع کان 1856ع)
سعيد بن سلطان عماني سلطنت جو آخري حاڪم هو، جنهن جي وفات بعد عماني سلطنت ٻن سلطنتن ۾ ورهائجي وئي. سلطنته زنجبار ۽ سلطنت مسقط و عمان جنهن ۾ پاڪستاني بلوچستان جو ڪجهه حصو ۽ گوادر به آيو ٿي.

(عماني سلطنت جا سلطان)

1- ثوويني بن سعيد
1856 کان 1866
2- سليم بن ثوويني
1866ع کان 1868ع
3- اذان بن قيس
1868ع کان 1871ع
4- ترڪي بن سعيد
1871ع کان 1888ع
5- فيصل بن ترڪي
1888ع کان 1913ع
6- تيمور بن فيصل
1913ع کان 1932ع
انڊيا جلاوطن ڪيو ويو
جتي وفات ڪيائين
7- سعيد بن تيمور
1932ع کان 1970ع
جلاوطني جي حالت
8- قبوس بن سعيد
1970ع کان 2020ع
برٽش پروٽيڪٽوريٽ هن جي ڏينهن ۾ (1971ع ۾) ختم ٿي.
9- هئشام بن طارق
2020ع کان موجوده سلطان

(سلطنت زنجبار جا سلطان)

1- ماجد بن سعيد
1856ع کان 1870ع
2- برغش بن سعيد
1870ع کان 1888ع
3- خليفا بن سعيد
1888ع کان 1890ع
4- علي بن سعيد
1890ع کان 1893ع
5- حامد بن ثوويني
1893ع کان 1896ع
6- خالد بن برغش
1896ع کان 1896ع
هن جي ڏينهن ۾ ائنگلو- زئنزيبار جنگ لڳي
7- حمود بن محمود
1896ع کان 1902ع
8- علي بن حمود
1902ع کان 1911ع
9- خليفه بن هاروب
1911ع کان 1960ع
10- عبدالله بن خليفه
1960ع کان 1963ع
11- جمشيد بن عبدالله
1963ع کان 1964ع
(1963ع ۾ زئنزيبار کي انگلينڊ طرفان خودمختياري ملي).

عماني سلطنت جي سلطانن جو ذڪر ڪيو وڃي ته سعيد بن سلطان جنهن 1806ع کان 1856ع تائين حڪومت ڪئي بيحد مشهور ۽ بهترين سلطان مڃيو ٿو وڃي. پاڻ عمان جي سلطانن ۾ آخري سلطان هو جيڪو مسقط عمان توڙي زنجبار جو سلطان ٿي رهيو. ان بعد 1856ع ۾ عمان جي سلطنت ۽ زنجبار جي سلطنت الڳ الڳ ڪئي وئي ۽ سعيد بن سلطان جي وفات بعد سندس هڪ پٽ مسقط ۾ رهي عمان سلطنت جو حاڪم ٿيو ته ٻيو پٽ زئنزيبار ٻيٽ جي Mji- Mkongwe شهر (Stone Town) ۾ رهي زئنزيبار، ممباسا ۽ آفريڪا جي اوڀر ڪناري واري پٽيءَ جو حاڪم ٿيو.
سلطان “سعيد بن سلطان” پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي، 1837ع ۾ ڪينيا جو بندرگاهه ممباسا فتح ڪرڻ بعد 1940ع ۾ پنهنجي سلطنت جي گاديءَ جو شهر مسقط (عمان) مان زئنزيبار جي اسٽون ٽائون ۾ شفٽ ڪيو.
1856ع ۾ وفات بعد سندس ٽيون نمبر پٽ عمان جو سلطان ٿيو ۽ ڇهون نمبر پٽ جيڪو زئنزيبار ۾ رهيل هو اهو سلطنت زنجبار جو حاڪم (سلطان) ٿيو. سعيد بن سلطان کي 36 ٻار هئا. وڏو پٽ چرسي موالي هو. ان کان علاوه ڪي ننڍي عمر ۾ گذاري ويا. باقي مان ڪجهه پٽ ۽ پوٽا عمان جا ۽ ڪجهه زنجبار جا سلطان ٿيا. ڌيئرن مان به ڪيترين ذهانت ۾ ته ڪيترين سونهن سوڀيا ۾ نالو ڪڍيو، جن جو احوال سندس سڀ کان ننڍي ڌيءَ سيده سالمه جيڪا (Emily Ruete) اميلي روئيتي جي نالي سان مشهور ٿي، پنهنجي يادگيرين Memoirs of an Arbian Princess ۾ ڏنو آهي. هوءَ لکي ٿي ته سندس وڏي ڀيڻ شريفان سڀ ۾ سهڻي هئي، جنهن جي ماءُ يورپي نسل جي هئي. هن جو چهرو بلونڊ جرمن عورتن جهڙو هو. هڪ ٻي ڀيڻ سيده خوالا جنهن جي ماءُ ميسوپوٽاميه جي هئي خوش مزاج ۽ پرڪشش هئي. هڪ ڀيڻ سيده شيواني جنهن جي ماءُ حبش (Abyssinia) جي هئي. بقول شهزادي سالمه جي
“ “She was of classical beauty... endowed with a keen mind. . .
سڀ کان دلچسپ ۽ ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ کنڊ ۾ مشهور ڪهاڻي خود سيده سالمه (اميلي روئيتي) جي آهي، جنهن هڪ جرمن سان ڀڄي شادي ڪئي ۽ پنهنجو دين اسلام ڇڏي عيسائڻ ٿي.
1856ع ۾ عمان ۽ زئنزيبار جي سلطنت ڌار ڌار ٿيڻ بعد عمان جو پهريون سلطان ثوويني بن سعيد ٿيو (۽ هينئر هئشام بن طارق آهي، جيڪو ڪجهه مهينا اڳ تخت تي ويٺو. ان کان اڳ قبوس بن سعيد 1970ع کان 2020ع تائين اڌ صدي عمان جو حاڪم رهيو.) اسان هتي عمان جي سلطانن بدران هنن جي سوٽن، سوٽاڻي سوٽن جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي زئنزيبار سلطنت جا سلطان رهيا. زئنزيبار جو پهرين سلطان “ماجد بن سلطان” 1856ع ۾ ٿيو. زئنزيبار سلطنت 1964ع تائين هلي جنهن دوران يارهن سلطان ٿيا. ڪي ته تمام مختصر عرصي لاءِ ٿيا. هتي ڪجهه سلطانن جون هڪ ٻه ڳالهيون لکان ٿو جنهن مان پڙهندڙ مون وانگر idea لڳائي سگهن ٿا – خاص ڪري اهي ته تمام گهڻو جيڪي هن پاسي يعني آفريڪا ڏي رهيا آهن، ته هر اهو حاڪم جيڪو پنهنجي عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه ڪري ٿو ان جو اڄ به نالو ڳائجي رهيو آهي ۽ ماڻهو ان کي ياد ڪن ٿا. وري ڪن ڳالهيين جو ٿو سوچجي ته ملڪ جا حاڪم چاهي مغل بادشاهه هجن، ترڪ سلطنت (عثمانيه) جا سلطان، خليفه يا اموي ۽ عباسي حاڪم يا ٻيا بادشاهه، شاهه، سلطان هجن ۽ ڀلي اهي مسلمان هئا، دين جي تعليم کان واقف هئا، زئنزيبار جي سلطانن وانگر شاهه سيد هئا پر حڪومت ۽ دولت خاطر هنن پنهنجي ڀائرن ۽ پيئرن کي به قتل ڪرڻ ۾ ويرم نٿي ڪئي. شراب، جوا، زنا جهڙين شين جي اسلام ۾ منع هجڻ جي باوجود هنن ان ڳالهه جي پرواهه نٿي ڪئي. وري هر دور ۾ هنن حاڪمن کي اهڙا مولوي ۽ قاضي مليا ٿي جن هنن جي هر غلط عمل کي به درست قرار ڏنو ٿي ۽ واهه واهه ڪئي ٿي. غلامن کي آزاد ڪرڻ لاءِ اسانجي نبي ڪريم صلعم جن تلقين ڪئي، پر هنن سيد سلطانن غلامن سان ظلم ڪيا ۽ هنن جي وڪري تي اهڙو ته لهي پيا جو انگريز هنن کي روڪيندا رهيا ته هاڻ اهو ظلم بند ڪريو. هو انهن سان به ها ڪري وري لڪچوريءَ ان ڌنڌي کي لڳا رهيا. توهان هڪ هڪ غلام جي زندگيءَ جي غمن جا داستان ته ٻڌو يا تصور ڪيو ته ڪيئن انسانن (اشرف المخلوقات) کي پنهنجن گهروارن کان ڇني، جانورن کان بدتر حالت ۾ بيل گاڏين ۽ جهازن ۾ اڃيو بکيو ڀري ڏورانهن ڏيهن ڏي موڪليو ويو ٿي، جتي نيلام ذريعي وڪرو ڪيو ويو ٿي ۽ خريدارن هنن سان اڄ جي Bonded Labour کان به وڏا ظلم ڪيا ٿي پر زئنزيبار جي حاڪمن کي نه قياس ٿيو ٿي ۽ نه وري خدا جو خوف، هنن کي بس پئسي جي لوڙ هئي جيڪو هنن کي شيدين جي وڪري مان مليو ٿي. عمان ۽ زئنزيبار سلطنت جي به جڏهن علحدگي ٿي هئي ته جنهن پٽ کي عمان واري سلطنت ملي اهو عمان سلطنت بدران سلطنت زنجبار ان ڪري چاهي ٿي جو اتي غلامن جي وڪري مان وڏو انڪم هو. پوءِ جڏهن انگريزن فيصلو ڪرايو ته به عمان جو سلطان ثوويني بن سعيد ان شرط تي راضي ٿيو ته زئنزيبار جو سلطان ماجد بن سعيد غلامن جي ڪمائيءَ مان ڪجهه ڏوڪڙ هن کي عمان موڪليندو رهندو. جيڪي هو ڪجهه سال ڏئي آڱوٺو ڪڍي ويهي رهيو ۽ عمان جو سلطان ڪجهه نه ڪري سگهيو! سو هتي گهڻو نه پر مڙيئي ٻه چار ڳالهيون انهن زئنزيبار جي سيد سلطانن جون لکان ٿو، جيئن توهان مان ڪنهن جو هتي اچڻ ٿئي ۽ هنن جي نالي ڪا عمارت ڏسو يا ڳالهه ٻڌو ته توهان جي ياد تازي ٿي وڃي. انهن سلطانن ۽ انهن جي بيگماتن جا محل محلات زئنزيبار ٻيٽ جي هن حصي ۾ هئا، جتي اسان کي فيري اچي ٿي لاهي ۽ جتي آئون هڪ ٿري اسٽار هوٽل ۾ رهيل آهيان ۽ هر ڌاريون ٽوئرسٽ شهر جي هن حصي ۾ رهڻ چاهي ٿو جو هتي آڳاٽيون ۽ تاريخي جايون آهن ۽ هن علائقي ۾ سامونڊي پٿر (Coral) مان ٺهيل عمارتن ڪري زئنزيبار جي هن شهر جو نالو پٿرن جو شهر (Stone Town) پئجي ويو جنهن کي مقامي شيدي پنهنجي سواحلي ٻويلءَ ۾ Mji- Mkongwe سڏين ٿا ۽ عرب ”مدينته زنجبار الحجريه“، معني اها ئي آهي پٿرن جو شهر. تنزانيا جي بندرگاهه دارالسلام، جتان زئنزيبار لاءِ فيري هلي ٿي اتي فيريءَ وارا به اهو ئي هوڪو ڏين ٿا ته “هلندو ڪو زئنزيبار” يا وري “هلندو ڪو اسٽون ٽائون”. زئنزيبار ٻيٽ جي باقي اندروني حصي ۾ لونگن ۽ ٻين پوکن جا ٻني ٻارا آهن ته ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ شهر به آهن، جتي سنڌ جهڙا ڪچا گهر آهن يعني جيڪي اسان ننڍي هوندي، سٺ ستر سال اڳ ڏٺا. 1960 ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ته زئنزيبار ٻيٽ تي ڪجهه گهر اهڙا به هئا، جن جا ٻاهريان دروازا وڏي سائيز جا ۽ ٽڪ جي ڪم جا هئا، جن جا ڪڙا، ڪنڍا، تاڙيون بلڪل اهڙيون، جهڙيون اسان وٽ پيرن، ميرن ۽ وڏن ماڻهن جي گهر جون هيون. بهرحال زئنزيبار ٻيٽ جي ٻهراڙي گهمڻ وڃبو آهي ته واپسي تي بس وارو مسافر کڻڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ “اسٽون ٽائون” (يا سواحليءَ ۾ جي ڪونگوي) جو هوڪو ڏيندو آهي ته اسٽون ٽائون هلڻ وارا هن بس ۾ وهن.

زئنزيبار جا سلطان:

سلطنت زنجبار جو پهريون سلطان “ماجد بن سعيد” (سعيد بن سلطان جو ڇهون نمبر پٽ) 1856ع کان 1870ع تائين ٿيو. هنن سڀني سلطانن جي نالي اڳيان سيد به اچي ٿو ۽ آخر ۾ البوسعيد (Al- Busaid)، جو هي سڀ السعيد گهراڻي جا هئا. هتي اهي ٻئي لفظ اڳيان پويان ڳنڍي سلطان، سيد ماجد بن سعيد البوسعيد” لکڻ بدران فقط “ماجد بن سعيد” لکان ٿو. ماجد بن سعيد 1834ع ۾ هتي زئنزيبار جي اسٽون ٽائون ۾ ڄائو هو. دراصل ماجد بن سعيد جو والد “سعيد بن سلطان” ته ٻنهي سلطنتن (عمان مسقط ۽ زئنزيبار) جو والي وارث هو ۽ هو پنهنجي 50 سال حڪومت دوران ڪڏهن زئنزيبار ۽ ممباسا پئي آيو ته ڪڏهن مسقط (عمان) ۾ رهي ٿي پيو. ڪجهه زالون عمان ۾ رکيون هئائين ته ڪجهه زئنزيبار ۾ جيئن سندس ننڍي ڌيءَ سالمه (روئيتي) جي زباني لکي چڪو آهيان ته هن جا ٻار مختلف نسلن ۽ ملڪن جي زالن ڪري بيحد سهڻا هئا. زئنزيبار جي هن پهرين سلطان “ماجد بن سعيد” جي والده اٿوپيا جي هئي ۽ زئنزيبار ٻيٽ جي اسٽون ٽائون واري شاهي محل ۾ رهي ٿي جتي “ماجد بن سعيد” جنم ورتو. ماجد بن سعيد پاڻ هڪ ئي شادي ڪئي، جنهن مان کيس فقط هڪ ڌيءَ سيده خانفوره ٿي، جنهن جو مڙس- يعني ماجد بن سعيد جو ناٺي حمود زئنزيبار جو ستون سلطان ٿيو ۽ ان جو پٽ علي بن حمود اٺون سلطان ٿيو.
ماجد بن سعيد کي پٽ نه هجڻ ڪري هن جي وفات تي هن جو ڀاءُ برغش بن سعيد (سعيد بن سلطان جو اٺون پٽ) 1870ع ۾ زئنزيبار جو سلطان ٿيو. يعني هيءَ ڳالهه محمد علي جناح جي ڄمڻ کان به 6 سال اڳ جي ٿي، جو جناح صاحب 1876ع ۾ جهرڪن ۾ ڄائو.
زئنزيبار جي هن ٻئي سلطان “برغش بن سعيد” کي ان ڳالهه جو هر هڪ ڪريڊٽ ٿو ڏئي ته هن اسٽون ٽائون ۾ روڊ، گهٽيون، پارڪ، اسپتالون، وڏيون انتظاميه عمارتون، پبلڪ باٿ، پوليس کاتو، ويندي گهرن ۾ نلڪن ذريعي پاڻي سپلاءِ ڪرڻ جو بندوبست ڪيو. اسٽون ٽائون جي بيت العجائب (House of Wonders) به سلطان برغش ٺهرايو ۽ صلاح مشوري لاءِ هن انگريز آفيسر رکيا.
هتي اهو به لکندو هلان ته برغش بن سعيد کي شروع کان سلطان ٿيڻ جي وڏي لوڙ هئي. هن چاهيو ٿي ته هن جو پيءُ هن کي پهريون سلطان بڻائي پر پوءِ وصيت مطابق جڏهن هن جو وڏو ڀاءُ ماجد ٿيو ته هن جو سُک ڦٽي پيو ۽ پنهنجي ڀاءُ کان حڪومت کسڻ لاءِ کڏون کوٽڻ لڳو پر ڪاميابي حاصل نه ٿيس. 1860ع ۾ ڳڄهه ڳوهه ۾ پنهنجو سپاهه ٺاهي سلطان ماجد تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪيائين پر سلطان ماجد انگريزن جي خواهش ۽ هنن جي جنگي ٻيڙيءَ ذريعي برغش جو حملو پشپا ڪري ڇڏيو ۽ برغش کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ٻن سالن لاءِ بمبئي موڪليو، جتي هو انگريز راڄ جي نظر هيٺ رهيو.
پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته اسان جي حاڪمن ڪيئن ٿي بيوقوفيون ڪيون. صلح سانت ۾ ويهي حڪومت ڪرڻ بدران پنهنجي ئي خاندان جا ڀاتي هڪ ٻئي جي پويان لڳا رهيا ۽ پوءِ مدد لاءِ يورپين: انگريزن، پورچوگالين، ڊچن، فرينچن کي التجا ڪئي ٿي، جيڪي ان ڪم لاءِ هر وقت تيار ويٺا هئا. انهن وٽ بندوقون ۽ بم بارود هئا. پوءِ هنن هڪڙن کي موچڙا هڻي ٻئي کي ٿي کٽرايو. کٽڻ واري کي هر وقت هنن گورن جو ٿورائتو ٿيڻو پيو ٿي ۽ هنن جو حڪم مڃڻو پيو ٿي.... نه به مڃي ڏسن. هنن کي خبر هئي ته هنن لاءِ به هنن گورن وٽ موچڙا پسيا رکيا آهن جو طاقتور آهن. اسان جي حاڪمن: مغلن، اميرن، خليفن، عماني سلطانن وغيره وٽ وڏا حَرم، وڏا محل، وڏيون ڳالهيون ضرور هيون پر نه ماڊرن ٽيڪنالاجي هئي نه ائڊمنسٽريشن ۽ نه وري قابل فوج. ماجد بن سعيد جي وفات بعد سندس هي ڀاءُ برغش بن سعيد 1870ع ۾ زئنزيبار جو سلطان ٿيو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته برغش زئنزيبار ۾ ڪيترائي چڱا ڪم ڪيا. لڳي ٿو ته ڏيهه نيڪالي وارا ٻه سال بمبئي ۾ رهڻ دوران هن انگريزن کي بمبئي کي ٺاهيندو ڏسي پاڻ به سکيو ۽ سلطان ٿيڻ بعد زئنزيبار ۾ ان طرز جا ڪم ڪيائين. ويندي پنهنجا صلاحڪار به انگريز رکيائين. يا ٿي سگهي ٿو انگريز سرڪار اک ڏيکاري هجيس ته اسان جي ماڻهن کي ائڊوائيزر طور رک ۽ هر ڳالهه انهن جي صلاح مشوري سان ڪرڻي اٿئي نه ته سمجهي سگهين ٿو. جيئن انگريزن ملايا جي هر رياست جو حاڪم اتي جي سلطان کي ئي رهڻ ڏنو، پر ان کي هر ڳالهه لاءِ صلاح مشورو انگريز ريزيڊنٽ کان وٺڻ لاءِ چيو ويو - يعني ٿيندو اهو ئي هو جيڪو انگريز سرڪار چاهيندي هئي بس مٿان مٿان نالو ملئي حاڪم جو هوندو هو، جيڪو ان ۾ ئي خوش هو ته هن جي عوام ۾ لئه آهي ته آئون حاڪم (سلطان) آهيان. يعني انڌي بجي ۾ خوش وارو حساب هو.
ماجد بن سعيد جي 1870ع ۾ وفات تي هن ڇهين نمبر ڀاءُ برغش بن سعيد زئنزيبار جو سلطان ٿي ٻيا ته سٺا ڪم ڪيا پر ڏني نه ورتي هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ خليفه بن سعيد - جيڪو سندس پيءُ جو پنڌرهون نمبر پٽ هو ۽ پيءُ جي وصيت موجب برغش بعد خليفه بن سعيد کي ئي زئنزيبار جو سلطان ٿيڻو هو، ان کي کڻي جيل ۾ وڌو. هنن جي ننڍي ڀيڻ اميلي روئيتي (سيده سالمه) پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿي ته “اسان جي سلطان ڀاءَ برغش ننڍي ڀاءَ خليفه کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ٽي سال هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون هڻي جيل جي ان ڪمري ۾ جتي ڍڳين مينهن جي غلاظت پئي هئي ان ۾ رکيو. اهو ڇو ڪيو ويو؟ ان ڳالهه جو سبب ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿي آيو. منهنجي خيال ۾ اسانجي ڀاءُ برغش کي اهو خوف هو ته هن جو هي ڀاءُ خليفا ڪٿي بغاوت ڪري برغش کي تخت تان نه لاهي ڇڏي. پر اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي. برغش کي اجايو شڪ ۽ وسوسو هو. شايد ان ڪري به جو هن پاڻ اهڙو غلط ڪم ڪيو هو جڏهن اسانجو وڏو ڀاءُ ماجد بن سعيد زئنزيبار جو پهريون سلطان ٿيو هو.” (روئيتي جون يادگيريون- سال 1886، صفحو 398).
بقول روئيتي جي برغش پنهنجي ولي عهد ڀاءُ خليفا کي جيل مان هرگز نه ڪڍي ها پر پوءِ هنن جي ڀيڻن مان هڪ ڀيڻ حج لاءِ مڪي رواني ٿيڻ جي تيار ڪئي. چون ٿا ته اهو ٻڌي سلطان برغش ڊڄي ويو ته هوءَ الله جي گهر ۾ هن کي پٽون پاراتا ڏيندي. هن ڀيڻ به برغش کي تيسين معاف نه ڪيو جيسين برغش پنهنجي ننڍي ڀاءُ خليفا کي آزاد نه ڪيو. ان بعد هوءَ حج لاءِ رواني ٿي.
سلطان برغش غلامن جو وڪرو بند ڪرڻ وارو انگريزن سان ڪيل عهدنامو (Treaty) جيتوڻيڪ ظاهري طرح قبول ڪيو پر لڪ چوريءَ هتان هُتان شيدين کي ڦاسرائي انهن جو وڪرو جاري رکيو جو هن جي ان ڌنڌي مان وڏي ڪمائي ٿي ٿِي. هڪ ٻه دفعو هو غلامن جو واپار ڪندڙ سوداگرن کان ڪميشن وٺي هنن کي وڪري لاءِ همٿائيندي ظاهر به ٿي پيو هو. هڪ دفعو ته انگريزن جي جنگي جهاز HMS-Daphne زئنزيبار مان وڪري لاءِ نڪتل 2000 غلام، هندي وڏي سمنڊ ۾ ڏسي ورتا ۽ کين آزاد ڪيو. آخر سندس حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ انگلينڊ طرفان هن کي سختيءَ سان چتاءُ ڏنو ويو ته ”هاڻ اهو ظلم بند ڪر نه ته پاڻ ٿو ڄاڻين ...“ پوءِ وڃي مس مس ان ڪم ۾ ٺاپر آئي.
پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ههڙي پرسڪون ٻيٽ زئنزيبار تي جتي وصيت موجب هر هڪ سلطان کي اها خبر هئي ته حڪومت ڪرڻ لاءِ هن جو وارو ايندو ان هوندي به شڪ ۽ هٻڇ جي بنياد تي ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن ٿي پيو ۽ ڌارين قومن کي وچ ۾ آڻي پاڻ کي ڪمزور بڻايائون. انگريز، جرمن، پورچوگالي يا ٻيا يورپي به گهٽ بدمعاش نه هئا پر وري به هو غلامن جي وڪري جهڙي ڪاروبار تي بندش لڳائين پيا پر اسان جا مسلمان حاڪم پئسي جي لالچ ۾ غلط ڪم جي پچر نه پيا ڇڏين. مسلمان هجڻ جي ناتي هنن کي ڪنهن جو اولاد ڦري، زنجيرن ۾ ٻڌي وڪري لاءِ نيلام ڪرڻ ته ڇا پر پنهنجي گهر جي ڪم ڪار لاءِ به ڪو غلام مرد يا عورت رکڻ نٿي جڳايو. پر هنن اهو نٿي ڏٺو ته ڇا اسلامي ڪم آهي ڇا غير اسلامي! بس هنن وٽ ڪنهن ريت پئسو اچڻ کپي جنهن ذريعي هو پنهنجيون عياشيون پوريون ڪري سگهن. ڇا اهو سلسلو اڄ بند ٿي ويو آهي؟ هرگز نه. اڄ به ڪيترن ملڪن جا حاڪم، وزير، مشير، وڏيرا سردار، انهن جا مائٽ مٽ، سرڪاري ڪامورا ڇاڇا نه پيا ڪن! غنڊن کي پالي چوريون ۽ اغوائون ڪرائڻ، رشوت خوري، شراب ۽ چرس جو وڪرو ڪرڻ - جنهن سان ڀلي کڻي ڪنهن غريب جو ٻار نشي پتي جو عادي ٿي تباهه ٿي وڃي، جوا جون ٽِڪريون ۽ چڪلا هلائڻ- ڪنهن جي آشيرواد سان هي سڀ ڪجهه پيو ٿئي؟ ڇا اسان جي مسلمان حاڪمن کي خبر ناهي ته هي ڪم اسلام ۾ حرام آهن؟ اسان جي ملڪ ۾ ته ڪرپشن جي انتها ٿي وئي آهي. ڪو زمانو هو جو ڪو کوٽو ٽونگر پئسو اٽڪل ڪري هلائيندو هو ته ان کي به سختيءَ سان ننديو ويندو هو ۽ هو شرمسار ٿيو ٿي ۽ هاڻ اهو زمانو اچي ويو آهي جو هڪ معمولي پوليس وارو، تپيدار يا ڪلارڪ جهڙي ننڍي پوسٽ وارو به وڏي دليريءَ سان رشوت جي گُهر ڪري ٿو... چي بنا رشوت جي ان ڪري ڪم نه ڪندس جو هيترا لک ڏئي ته هيءَ نوڪري حاصل ڪئي اٿم. آخر ڪٿان اهو قرض لاهيان. يا اڃان به حيرت واري ڳالهه ته هو پنهنجي اعليٰ عملدار يا وزير جو نالو وٺي چوي ٿو ته سائين ان کي هر هفتي رشوت جو هيترو پئسو پهچائڻو اٿم! وڏي ديده دليري چئبي جو هو ناليوارن باعزت سمجهڻ وارن ۽ زميندار جاگيردار وزيرن، سيڪريٽرين نالي ائين پيا چون ۽ جي اها حقيقت آهي ته ٻڏي مرڻ جي جاءِ آ. ٻنهي صورتن ۾ اسان جي مسلمانن جا ڇا حال آهن جيڪي ترقياتي فنڊن جا پئسا به کايو وڃن ۽ غريب عوام کي نه آهي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، نه تعليم، نه دوا درمل.... اهوئي حال سلطان برغش جي آخري ڏينهن ۾ ٿيو. عوام نيٺ سلطان مان بيزار ٿي پئي. جرمنن هنن جي آفريڪي ڪناري وارن ڪيترن شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ هنن جي حوالي فقط موزمبق کان ڪينيا (۽ ڪجهه حصو سوماليه) واري پٽيءَ جو وڃي بچيو.
1888ع ۾ سلطان برغش جي وفات بعد سندس ننڍو ڀاءُ خليفا بن سعيد زئنزيبار جي تخت تي ويٺو. هي اهو ڀاءُ هو جنهن کي سلطان برغش سلطان ٿيڻ تي زنجيرن سان ٻڌي کڻي جيل جي هڪ گندي ڪوٺڙيءَ ۾ ڦٽو ڪيو هو جتي هو ٽي سال کن رهيو. سلطان خليفا بن سعيد ٻه سال سلطان رهيو. 1890ع ۾ کانئس وڏو ڀاءُ علي بن سعيد، جيڪو سندن پيءُ سعيد بن سلطان جو پنڌرهون نمبر پٽ هو اهو زئنزيبار جو چوٿون سلطان ٿيو. علي بن سعيد 1890ع کان 1893ع تائين سلطان رهيو ان بعد سندس ڀائٽيو حمد بن ثوويني (عمان جي پهرين سلطان ثوويني بن سعيد جو پٽ) زئنزيبار جو 1893ع کان 1896ع تائين پنجون سلطان ٿيو. هن جي اوچتي وفات ٿي جنهن لاءِ هتي مشهور آهي ته هن کي برغش جو پٽ خالد زهر ڏئي پاڻ زئنزيبار جو ستون سلطان ٿيو.
سلطان خالد بن برغش کي ٽي ڏينهن به ڪا مس حڪومت نصيب ٿي، جو انگريزن هن کي تسليم نه ڪيو. يعني پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته زئنزيبار جا سلطان جيڪي ڪنهن زماني ۾ آفريڪا جي آس پاس جا طاقتور حاڪم سمجهيا ويا ٿي، انهن جي حالت هندوستان جي آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر واري وڃي ٿي. حڪومت وڃڻ تي سلطان خالد جي ماڻهن انگريزن سان مهاڏو ڪيو، جيڪو هتي جي تاريخ ۾ “ائنگلو زئنزيبار جنگ” جي نالي سان مشهور آهي. سلطان خالد جي ماڻهن ويڙهاند ڇا ڪئي؟ هن جي ماڻهن کي اڳهين اهو هو ته سلطان خالد ڪو چڱو مڙس ناهي، جنهن تخت جي لالچ ۾ پنهنجي سوٽ کي زهر ڏئي ڇڏيو. نه فقط سلطان خالد پر ان کان اڳ وارن سلطانن لاءِ به عوام کي هاڻ همدردي ۽ عزت گهٽجي وئي هئي ته هو عوام جي ڀلي لاءِ ته ڪجهه نٿا ڪن رڳو غلامن وڪڻڻ ۽ هاٿي مارائي ان جو عاج وڪڻي عياشي پيا ڪن. ويندي زئنزيبار، دارالسلام، ممباسا پاسي جيڪي ايران پاسي جا شيرازي، انڊيا جا بوهري، خوجا، گجراتي، ڪڇي، سنڌي هندو هئا ۽ يمن ۽ عربستان جا سوداگر ۽ پورهيت هئا، اهي پڻ هنن سلطانن مان بيزار ٿيڻ لڳا هئا. انگريز ڀلي هنن لاءِ ڪافر هئا پر هنن ڏٺو پئي ته عدن هجي يا ڪمپالا، سلون هجي يا سنڌ، هند۽ ملايا سنگاپور - جتي جتي به انگريزن جي حڪومت ٿئي ٿي اتي عوام لاءِ وري به بهتر حالتون ٿين ٿيون، ڪجهه نه ڪجهه عدل انصاف رهي ٿو، تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو، روزگار جا بندوبست ٿين ٿا. سو اندروني طرح زئنزيبار جي ماڻهن کي انگريزن سان اهڙي نفرت نه هئي جهڙي هڪ ڏوهاري سلطان لاءِ (ڀلي کڻي سلطان پاڻ کي اعليٰ ذات جو مسلمان ٿي سڏرايو پر هن جا ڪم ته جڏا هئا. هن جي عوام سان ته ڪجهه به همدردي نه هئي، ان لاءِ) مقامي ماڻهو ڪهڙو ويهي وڙهن ۽ پنهنجو سر قربان ڪن.
بهرحال سلطان جي زور ڀرڻ تي ڪجهه هن جا چمچا جن سلطان سان گڏ عيش پئي ڪيا ۽ ڪجهه عوام به جيڪا ان ڊپ ۾ هئي ته نه اٿنداسين ته سلطان جي وري حڪومت ٿي ته اسان کي موچڙا ملندا، سي انگريزن خلاف ۽ پنهنجي سلطان جي حق ۾ زئنزيبار جي گهٽين ۾ ميڙن جي حالت ۾ نعرن جا ٺڪاءَ ڪندا رهيا ته، ”اسان جو سلطان، جڳ جو سلطان”، “اسان جو سلطان، پهلوان سلطان” وغيره ۽ شهر جي چونڪن ۾ ڌرڻا ڏيندا رهيا. پر يارو تڏهن يعني اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ يا اڄ نعرن ۽ ڌرڻن سان ڪڏهن ڪا سوڀ حاصل ٿي آهي؟ زئنزيبار جي سلطانن وٽ ڪا هزار ماڻهن جي تربيت يافته فوج به ڪا نه هئي جو ڏکئي وقت ۾ سندن ۽ سندن محلاتن جي نگهباني ڪري سگهي. سئو کن ماڊرن قسم جو بندوقون به نه هين. چوڌاري سمنڊ هو پر ڪا اهڙي گن بوٽ به نه هئي جو هنگامي حالتن ۾ زئنزيبار ٻيٽ جي گادي واري شهر “اسٽون ٽائون” جو بچاءُ ڪري سگهي. انگريز سالن کان پلاننگ مطابق جتي ڪٿي تربيت يافته فوج ۽ چوڌاري جنگي جهاز رکيو ويٺا هئا. مزي جي اها ڳالهه ته هنن اها فوج ڪا پنهنجي ملڪ مان ڪا نه ٿي آندي. هنن مقامي ماڻهن، سردارن، وڏيرن ۽ پيرن جي مٿي تي اهڙو ٿي هٿ گهمايو جو انعام جي لالچ ۾ هنن انگريزن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان ٿي ڏني. 1857ع واري انڊيا جي فسادن ۾ هنن لاءِ گورکا، سک، مرهٺا ۽ ننڍي کنڊ جا ٻيا ماڻهو وڙهيا. اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪيترن پيرن، سردارن، نوابن انگريزن جي بچاءَ لاءِ پنهنجا مريد موڪليا. هوڏانهن بهادر شاهه ظفر دهليءَ جي گهٽين ۾ ڌوڙ پئي پاتي ۽ هن پوڙهي ۽ ضعيف بادشاهه جي اکين اڳيان انگريزن هن جي ٻارن جو قتل ڪري ڇڏيو. جن مسلمان حاڪمن خلاف پيرن سردارن انگريزن جي مدد ڪئي انهن کان اڄ جو عوام اڻ ڄاڻ ناهي... اڄ هو وڏا وڏا درگاهه نشين ۽ اسيمبلين جا ميمبر ٿيو ويٺا آهن. انهن مان ڪجهه جو احوال ڊاڪٽر مبارڪ، حامد مير، حسن نثار ۽ اوريا مقبول جان جهڙا ليکڪ پنهنجن مضمونن ۾ ڏيندا رهن ٿا.
زئنزيبار جي هن Anglo Zanzibar War کٽڻ ۾ انگريزن کي ڪا دير نه لڳي. “گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ” ڪتاب ۾ ڏسندائو ته انگريزن کي هيءَ جنگ کٽڻ ۾ سڀ کان گهٽ وقت- فقط 38 منٽ لڳا. هن ۾ انگريزن سلطان جي محل تي بمباري ڪئي. سلطان محل جي پوئين دروازي کان ڀڄي ويو. سندس بچاءُ ڪندڙ نوڪر چاڪر ۽ مريدن مان 500 ڄڻا مارجي ويا ٻين آڻ مڃي. سلطان خالد بن برغش جرمنيءَ جي قونصل خاني ۾ وڃي پناهه ورتي جتان پوءِ هن کي آفريڪا جي ان سر زمين ڏي سمگل ڪيو ويو، جيڪا جرمنيءَ جي قبضي ۾ هئي. اتي هن کي سياسي پناهه ڏني وئي. بعد ۾ ويهن سالن بعد انگريز فوجين 1916ع ۾ هن کي دارالسلام ۾ گرفتار ڪري سيشلز ٻيٽ تي موڪلي ڇڏيو. ڪجهه سال اتي ۽ ڪجهه سال سينٽ هيلينا ٻيٽ تي رکڻ بعد هن کي اوڀر آفريڪا موٽڻ جي اجازت ڏني وئي، جتي هن 1927ع ۾ ممباسا ۾ وفات ڪئي.
1896ع ۾ حمد بن ثوويني جي وفات ۽ سلطان خالد بن برغش کي ڀڄائڻ بعد انگريز قونصلر حمود بن محمد کي زئنزيبار جو سلطان بنايو، جيڪو زئنزيبار جي پهرين سلطان ماجد بن سعيد جو ناٺي هو. هي نئون سلطان “حمود بن محمد” سلطان ٿيڻ تي انگريزن جو حد کان وڌيڪ ٿورائتو رهيو جو هو سمجهي ويو ته طاقت جو سرچشمو انگريز آهن، جن وٽ بم ۽ بندوقون آهن. توبون ۽ بارود آهن. جنگي جهاز ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي آهي. ٻَڌي ۽ اٽڪلون سٽڪلون آهن. انگريز به پنهنجي حڪومت کي روان بنائڻ لاءِ نالي ماتر هن گهراڻي جا ئي سلطان ٺاهيندو رهيو، جن کي رڳو عيش ڪرڻ تائين ڇڏي ڏنو هو باقي واپار وڙي ۽ ملڪ تي حڪومت پنهنجي مرضيءَ مطابق ٿي ڪئي. سلطان حمود بن محمد کي ڏهه ٻار ٿيا، جن مان علي بن حمود 1902ع کان 1911ع تائين زئنزيبار جو اٺون سلطان ٿيو. ان بعد خليفا بن هاروب 1911ع کان 1960ع تائين وڏي عرصي لاءِ زئنزيبار جو سلطان ٿيو. پر هڪ دفعو وري لکندس ته هنن عماني عربن جي زئنزيبار تي ڪا اها اصلي حڪومت ڪا نه ٿي هلي. اصل ۾ حڪومت ۽ دٻدٻو انگريزن جي هٿ ۾ هو. هي بس نالي ماتر سلطان ٿيو ويٺا هئا. اسٽون ٽائون جي سلطاني محل جو ميوزيم هن سلطان خليفا کي منسوب ٿيل آهي.
1960ع ۾ سلطان خليفا جي وفات بعد هن جو وڏو پٽ عبدالله بن خليفا زئنزيبار جو ڏهون سلطان ٿيو. هن سلطان بابت هڪ دلچسپ ڳالهه لکندو هلان ته انهن ڏينهن ۾ آمريڪا (USA) جي صدر جان ايف ڪينڊيءَ 1963ع ۾ هن سلطان کي تحفي ۾ سوني شيلڊ (Plaque) ڏيڻ لاءِ ان جو آرڊر واشنگٽن جي اعليٰ سونارن گالٽ ۽ برادرس (Galt & Bros) کي ڏنو. ان جو اطلاع سلطان عبداالله بن خليفا کي به ڪيو ويو پر افسوس جو ان ئي سال ڪينڊيءَ جي قتل ڪري سلطان کي ملندڙ گفٽ سونارن وٽ ئي رهجي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ سلطان به گذاري ويو. هن وقت مون کي ڌيان ۾ نٿو اچي ته هن سلطان جي وفات کان اڳ هن جون ٻئي ٽنگون ڇو ڪپيون ويون هيون. بهرحال هن جي وفات بعد سندس پٽ جمشيد بن عبدالله جنهن کي انگريز سرڪار طرفان سَر جو به خطاب مليو، پهرين جولاءِ 1963ع تي زئنزيبار جي سلطان بنجڻ لاءِ تاجپوشي ٿي. پر افسوس جو هي سلطان زئنزيبار جو ڪو ڇهه مهينا به مس حاڪم رهيو. 10 ڊسمبر 1963ع تي زئنزيبار کي انگريزن خودمختياري ڏئي ملڪ هن سلطان “جمشيد بن عبدالله” حوالي ضرور ڪيو، پر زئنزيبار جي عوام کي هي شاهي راڄ بنهه پسند نه آيو ۽ مهيني اندر 12 جنوري 1964ع تي عوام انقلاب آڻي سلطان جمشيد کي ڀڄائي ڪڍيو. هو زندگيءَ جا باقي ڏينهن پنهنجن وڏن جي ديس عمان ۾ رهڻ لاءِ پهتو پر عمان جي سلطان هن کي عمان ۾ هميشه لاءِ رهڻ کان منع ڪئي. نتيجي ۾ هو هڪ زال ۽ ڇهن ٻارن کي وٺي انگلينڊ هليو ويو. هن وقت هو 91 سالن جو آهي پورٽس مائوٿ شهر ۾ رهي ٿو.
زئنزيبار ۾ 1964ع واري هن انقلاب ۾ زئنزيبار ۽ آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن جي مقامي سواحلي شيدين حصو ورتو هو. هنن هاڻ نٿي چاهيو ته ڪو ڌاريان عرب هنن مٿان حڪومت ڪن. هن انقلاب ۾ نه فقط عمان کان آيل سلطان ۽ انهن جو اولاد پر ٻيا به ڪيترائي عرب سوداگر زئنزيبار ۽ پيمبا ٻيٽ ڇڏي آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ڏي ڀڄي ويا. اهڙي طرح هن انقلاب بعد زئنزيبار تي عربن جي 200 سالن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. زئنزيبار ۾ هن ڏينهن تي هر سال موڪل ٿئي ٿي ۽ جشن ملهايو وڃي ٿو.
هن انقلاب بعد يعني زئنزيبار جي آخري سلطان جمشيد عبدالله جي ڀڄي وڃڻ بعد، هتي جو مقامي سياستدان عبيد ڪرومي ملڪ جو نئون صدر ٿيو، جنهن جي ڪوشش سان زئنزيبار ۽ آفريڪا جي ملڪ ٽانگانيڪا گڏجي هڪ نئون ملڪ تنزانيا ٺاهيو.

زئنزيبار ٻيٽ جي شهر ”اسٽون ٽائون“ جا چڪر

دارالسلام کان فيريءَ ذريعي زئنزيبار پهتس. فيريءَ زئنزيبار ٻيٽ جي ”اسٽون ٽائون“ جي جيٽيءَ تي اچي لاٿو. زئنزيبار جو هي شهر جنهن کي عربيءَ ۾ ”مدينته زنجبارالحجره“ سڏين ٿا، اهو دارالسلام، ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نئروبي توڙي ملائيشيا جي پينانگ، ڪوالالمپور، پاڪستان جي اسلام آباد ۽ سنگاپور کان به آڳاٽو آهي، جتي 1964ع تائين 200 سال عمان جي عربن جي حڪومت رهي. انهن مان ڪجهه عرب سلطانن جو مختصر احوال هن کان اڳ واري حصي ۾ لکي چڪو آهيان. هن ٻيٽ-خاص ڪري هن شهر ”اسٽون ٽائون“ سان ڪيتريون ئي تاريخي شيون وابسته آهن. آئون ته هتي جي گهٽين ۾ چڪر هڻندو آهيان ته پنهنجي يادگيري مطابق (جيڪو مون تاريخ جي صفحن ۾ پڙهيو آهي، ان جو سوچي) دماغ چڪرائجي ويندو آهي. اهو ئي حال مون سان قاهري، دهلي، بنارس ۽ ملاڪا جي گهٽين ۾ ٿيندو آهي. هي ائين آهي جيئن ڪو سنڌ جي تاريخ جو واقف ٺٽي ۽ روهڙيءَ جي گهٽين ۾ هلي، يا خيرپور ۽ شڪارپور جا چڪر هڻي.
بندرگاهه کان ٻاهر نڪتس ته ٽئڪسين وارا ورائي ويا. يورپ پاسي جا سياح گهڻو ڪري ٻهراڙي پاسي، سمنڊ جي ڪناري تي رهڻ پسند ڪن ٿا. هنن کي مرڪزي شهر کان پرڀرو رهڻ ۾ مزو اچي ٿو. هونءَ ته سڄو زئنزيبار ٻيٽ شهر ئي شهر آهي ۽ چوڌاري سمنڊ آهي. ڪنهن به هوٽل ۾ رهو ته ان جي درين مان سمنڊ يا لونگن جا فصل نظر اچن ٿا ۽ هوٽلن جي ته ڄڻ سڄي ٻيٽ تي ڄار وڇايل آهي! فائو ۽ فور اسٽال هوٽلن کان وٺي ٽي ۽ ساڍن ٽن اسٽارن واريون هوٽلون، گيسٽ هائوس، بِيچ هائوس، هاسٽلون ۽ ان کان به تمام سستي اگهه واريون هوٽلون پڻ آهن، جهڙيون دهليءَ جي ريلوي اسٽيشن جي آس پاس وارين گهٽين ۾ نظر اچن ٿيون.
آئون گهڻو ڪري شهر جي مرڪزي- يعني صدر واري علائقي ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيان ٿو ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي به اها ئي صلاح ڏيندس ته هو دنيا جو ڪو به شهر گهمڻ وڃن ته ان شهر جي آڳاٽي حصي ۾ رهن. اتي جي وڏين هوٽلن جو اگهه ضرور وڏو آهي پر اتي ننڍيون هوٽلون به ٿين ٿيون ۽ جي ملڪ ۾ امن امان آهي ۽ موسم سٺي آهي ته اهي ننڍيون هوٽلون سڀ بهتر آهن. شهر جي مرڪزي ۽ آڳاٽي حصي ۾ جتي توهان ان شهر جا ماڻهو، مزاج، ڪلچر، کاڌا پيتا، مختلف ويس وڳا ۽ مختلف شين جا دڪان ڏسي سگهو ٿا. مثال طور ڪراچي جي شيرٽن (Move & Pick) هوٽل يا پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ رهڻ ۾ ماڻهو اڪيلائي ۽ دنيا کان ڪٽيل محسوس ڪري ٿو. پر صدر جهڙي علائقي جي جبيس يا يونائيٽيڊ جهڙي هوٽل ۾ رهڻ سان توهان ڄڻ ميلي ۾ موجود محسوس ڪندئو. هوٽل جي دريءَ مان ڏسو يا ان جي گيٽ کان ٻاهر نڪري ڏسندئو ته ماڻهن جا انبار، دڪان، فٽ پاٿ تي شيون وڪڻڻ وارا ۽ انهن جا هوڪا، گاڏين تي کاڌن جون شيون ۽ انهن جون خوشبوئون جيڪي ان شهر جي ڪلچر ۽ ثقافت جي عڪاسي ڪن ٿيون اهي نظر اينديون. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ امن امان جي خراب حالت، گندگي ۽ مضر صحت (Unhygenic) کاڌا هجڻ ڪري اسان وٽ ٽوئرسٽ ننڍين هوٽلن ۾ ته ڇا پر وڏين ۾ به رهڻ کان ڪيٻائين ٿا. ٻين ملڪن جي شهرن ۾ ته ڇا پر مون دهلي ۽ ممبئيءَ ۾ انگريزن ۽ آمريڪن کي به پئسو بچائڻ خاطر يا شهر جي گوڙ گهمسان جو لطف وٺڻ خاطر اهڙين سستين ۽ ننڍين هوٽلن ۾ رهندو ڏٺو آهي.
هوٽلون ته دارالسلام جي به گهٽي گهٽيءَ ۾ ڏٺم پر لڳي ٿو زئنزيبار ۾ ممباسا ۽ دارالسلام کان به وڌيڪ ٽوئرسٽ اچن ٿا، جو هتي تمام گهڻيون هوٽلون آهن ۽ مون سان گڏ فيريءَ ۾ به اڌ کان وڌيڪ گورا ٽوئرسٽ هئا. مون اتي فيريءَ جي اسٽيشن وٽ يعني ”اسٽون ٽائون“ ۾ ئي رهڻ چاهيو ٿي، جيڪو سمجهو ته زئنزيبار جي لي مارڪيٽ ۽ کارادر آهي - يعني وقت جي ماضيءَ جي خيال کان، سونهن ۽ ماڊرن هجڻ کان نه. جيتوڻيڪ اڄ کان 50 سال اڳ به لي مارڪيٽ، کارادر، موسيٰ لين، چاڪيواڙو، بغدادي وغيره به بلي بلي هئا، جتي سنڌ ۽ بلوچستان جا امير خريد و فروخت لاءِ ايندا هئا. هاڻ ته سڄو ڪراچي ملڪ منصور ٿي پيو آهي. مون 1960ع ۽ اڄ جي زئنزيبار تي نظر وجهي ٿڌو ساهه کنيو ۽ افسوس ڪيم ته لڳي ٿو دنيا ۾ فقط اسان جو ملڪ، خاص ڪري سنڌ صوبو پٺتي ٿيندو وڃي. مون ڪنهن ٽئڪسيءَ ۾ ويهي ٿورو اوسي پاسي جي روڊن جو جائزو وٺڻ ٿي چاهيو.
بنا شڪ جي زئنزيبار- خاص ڪري ان جي هن مرڪزي ۽ آڳاٽي شهر اسٽون ٽائون (سواحلي نالو: (Mji Mkongwe جي هوٽلن جو اگهه دارالسلام ۾ ڏسي آيل هوٽلن جي اگهه کان وڌيڪ لڳو پر وري به جنهن معيار جون هي هوٽلون آهن ان حساب سان هنن جي يورپ، آمريڪا، جپان ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽلن کان مسواڙ گهٽ چئبي. زئنزيبار ۾ رهڻ دوران مون ڪجهه هوٽلن جي مسواڙ نوٽ ڪئي جيڪا هن ريت آهي، ۽ هي هوٽلون فقط اسٽون ٽائون شهر جي ڪجهه گهٽين جون آهن.
بيت السلام هوٽل، مَلندي هوٽل، فليمنگلو گيسٽ هائوس، ڊريمرس هوٽل، زنج هوٽل، فنگوني هوٽل، ٽين ٽ ٽين هوٽل وغيره ٽن ۽ ساڍن ٽن اسٽارن واريون آهن جن جي پاڪستاني رپين ۾ مسواڙ (جي هڪ ڊالر 160 رپيا ٻڌجي) ته پنج هزار کان ساڍا اٺ هزار رپيا هئي. ان کان علاوه چئن ۽ پنجن اسٽارن وارين هوٽلن جي ويهن هزارن کان پنجاهه هزار رپيا روز جي مسواڙ هئي جيئن ته: زئنزيبار پئلس هوٽل، مارو مارو هوٽل، Spice Palace هوٽل، پروٽيا هوٽل، وردي زئنزيبار هوٽل، زئنزيبار سيرينا، پارڪ حيات هوٽل، مدينته البحر هوٽل وغيره.
انهن ڏينهن ۾ ڪيترين ئي هوٽلن ٽيهن کان پنجاهه سيڪڙو ڊسڪائونٽ پئي ڏنو جو اونهاري جي موسم هجڻ ڪري سياحن (ٽورسٽن) جي آمد گهٽ هئي ۽ هوٽلون خالي پئي ويون ۽ هوٽلن وارن اهو ئي پئي چاهيو ته هوٽلن جا ڪمرا خالي پيا آهن ان کان بهتر آهي گهٽ مسواڙ تي ئي ڪو گراهڪ لڳي وڃي ته هوٽل جي بئرن،، بورچين ۽ چوڪيدارن جو مَن پگهار ته نڪري پوي! اونهاري ۾ يورپ پاسي جا ٽوئرسٽ نه برابر ان ڪري اچن ٿا جو اونهاري جي موسم ۾ هو پنهنجي ملڪن ۾ ئي خوش آهن. هو سيءَ کان ڀڄڻ لاءِ سياري ۾ اسان جي ملڪن جو رخ ڪن ٿا. جيئن سکر، شڪارپور، جيڪب آباد جا ماڻهو اونهاري جون گرميون گذارڻ لاءِ ڪوئيٽا وڃن ٿا. سياري ۾ ته ڪوه مري ۽ ڪوئيٽا جون هوٽلون خالي پيون هونديون آهن.
بهرحال هتي زئنزيبار ۾ ٽڪسي ڊرائيور مون کي ”اسٽون ٽائون“ جي روڊن تي گهمائيندو هليو. اسٽون ٽائون ۾ زئنزيبار جي سلطانن، انگريزن ۽ جرمنن جون ٺهرايل عمارتون جام آهن. آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري جي پٽي سوماليه کان موزمبق تائين تي هنن عمان جي عرب سلطانن جو راڄ هو، پر ڪينيا، تنزانيا (ٽانگانيڪا) يوگنڊا وارن اندروني علائقن تي انگريزن جو راڄ هو يا جرمنن جو. هنن جا ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار جي اسٽون ٽائون ۾ قونصل خانا به هئا. تڏهن ته زئنزيبار جو ڇهون خليفو خالد بن برغش، موچڙن جي ڊپ کان، محلات جي پوئين دروازي کان لڪي وڃي جرمن قونصل خاني ۾ پناهه ورتي! جن هن کي اتان ٻيڙيءَ ۾ لڪائي آفريڪا کنڊ جي ان علائقي ٽانگانيڪا ۾ پهچايو جتي جرمنن جو راڄ هو.
زئنزيبار جي اسٽون ٽائون شهر جي گهٽين ۾ ٽئڪسيءَ ۾ چڪر هڻندي ڪن ڪن پراڻين عمارتن وٽ ٽئڪسي بيهاري ڊرائيور کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيم. ڊرائيور مڪس نسل جو ۽ ڪجهه پڙهيل ڳڙهيل ٿي لڳو. يعني سندس پيءُ سواحلي ڪناري جو عرب ۽ ماءُ ڪينيا جي حبشڻ هئي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مون کي ڪهڙي قسم جي هوٽل جي ڳولا آهي. دراصل منهنجو خرچ پکو ڪمپنيءَ ذمي هو ۽ آئون چئن کان پنجن اسٽارن واري هوٽل ۾ رهڻ جو حقدار هوس پر آئون پنهنجي طبيعت جي خيال کان ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ رهڻ لاءِ خوش هوس، جيڪا هجي ڀلي ننڍي پر هجي شهر جي ڪنهن مشغول هنڌ تي. ان لاءِ مون اڃا شهر جا چڪر پئي هنيا. ڊرائيور سمجهيو ته ڪو آئون هوٽل جي ڳولا ۾ آهيان. آخر ڊرائيور چيو ته ”سائين! آئون سمجهي ويو آهيان ته توهان ڪهڙي قسم جي هوٽل جي ڳولا ۾ آهيو.“
”ڪهڙي قسم جي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”اهڙي جيڪا تاريخي هنڌ تي هجي.“ ڊرائيور وراڻيو. هن شايد مون کي تاريخي جاين اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائيندو ڏسي اها آئيڊيا لڳائي، جيتوڻيڪ منهنجي لاءِ زئنزيبار جو سڄو اسٽون ٽائون (مدينته زنجبار الحجرين) تاريخي حيثيت رکي ٿو. اسٽون ٽائون جي گهٽيءَ گهٽيءَ سان ڪهاڻيون ۽ قصا وابسته آهن.
”سر! هڪ هوٽل آئون ٻڌايان جيڪا شهزادي سيده سالمه ۽ ان جي جرمن يار جي گهر جي سامهون آهي.“ ڊرائيور چيو. آئون ان وقت دري کولي ٻاهر ڏسي رهيو هوس. بلڪه ڪنهن گهٽيءَ جو فوٽو ڪڍي رهيو هوس.
”سر“ توهان ٻڌو؟“ ڊرائيور پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو.
”ها بلڪل. ائين ته فيري اسٽيشن وٽ مِزنگاني Mizingani روڊ تي شهزادي سالمه نالي مسافر خانو “Princess Salme Inn” به آهي.“ مون ٻڌايومانس. دراصل هن مسافر خاني کي آئون گذريل دفعي به ڏسي چڪو هوس جيڪو ايئن کڻي چئجي ته ”ڪم خرچ بالا نشين“ آهي. ڪيترن ملڪن ۾، يعني اهي ملڪ جيڪي ٽوئرزم وڌائڻ چاهين ٿا اهي هر قسم جي فائدي لاءِ سُک مهيا ڪرڻ چاهين ٿا. مهمانن لاءِ هاسٽلون ۽ مسافر خانا به ان مان آهن جتي هڪ هڪ ڪمري کي ڊارميٽري بڻايو وڃي ٿو. يعني ان ۾ چار پنج بسترا لڳايا وڃن ٿا جيئن سڄي ڪمري جو خرچ ان ۾ رهندڙ ٽي چار يا وڌيڪ مسافر پاڻ ۾ ڦوڙي ڪري سگهن ۽ سندن به فائدو ٿئي ته هوٽل جي مالڪ جا به ڪمرا مسواڙين سان ڀريل رهن. انڊيا واري سفر نامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته اتي جي شهرن جي ريلوي اسٽيشنن جي ڀر وارين سوڙهين گهٽين ۾ ان قسم جون ڪئين هوٽلون نظر اينديون، جن جي هال نما ڪمرن ۾ چار چار پنج پنج کٽون هونديون. ڪن ۾ ته ايئر ڪنڊيشنڊ به نه هوندو پر مون ڏٺو ته سياري جي موسم ۾ ته اهڙين هوٽلن ۾ يورپي گورا به رهيا پيا هئا ۽ هو فائو اسٽار هوٽل جي ويهه ٽيهه هزار مسواڙ ڏيڻ بدران ههڙين هوٽلن ۾ في کٽولو ٻه يا ٽي سئو رپيا ڏئي پئسو بچائي رهيا هئا. سڄو ڏينهن ٽنگون هڻڻ بعد هنن کي رات جا ٻه پهر سمهڻو ئي ته پوي ٿو. ۽ جيستائين چادر صاف آهي، وهنجڻ لاءِ گرم پاڻي آهي ته ٻيو ڇا کپي. مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ کڻي هنن کي روپئي ٻن جي Coil (چرخي) خريد ڪرڻي پوي ٿي. صبح جو هوٽل مان نڪر ته ڪيتريون ئي چانهه، سموسن ۽ آلو پراٺن جا ڌاٻا نظر ايندا. ۽ هتي زئنزيبار جي هن مسافر خاني ۾ ته مهمانن کي يورپي (ڪانٽيننٽل) نيرن به ملي ٿي ته هر ڪمرو ايئرڪنڊيشنڊ به آهي. بس ڪمرا ننڍا هجڻ ڪري ڪاٺ جا بيڊ هڪ ٻئي مٿان آهن جيئن ريل گاڏي جي دٻن ۾ ٿين ٿا. مٿئين بيڊ تي سمهڻ واري لاءِ ڏاڪڻ لڳل آهي. ڏٺو وڃي ته اسان جي 6000 رپين ۾ سودو برو ناهي. زئنزيبار ۾ ڏسڻ جون خاص خاص جايون سڀ هن علائقي ”اسٽون ٽائون“ ۾ آهن سو ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو به بچيو وڃي. هي مسافر خانو ”پرنسيز سالمه اِن“ جنهن عمارت ۾ آهي اها گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو کان مٿي سال پراڻي آهي. ڀر وارين عمارتن ۾ به ڪي ماڊرن آهن ته ڪي پراڻي زماني جون، جيڪي هتي رهندڙ امير عرب سوداگرن، جرمن ۽ فرينچ ڊپلومئٽن، انگريز ۽ آمريڪن Explorers ، ايراني واپاري ۽ جهازرانن ۽ انڊيا جي بوهري، کوجن، ڪڇي، گجراتين جي ڪلچر جي عڪاسي ڪن ٿيون. هتي ۽ هن پراڻي علائقي جي ٻين گهٽين جي ريسٽورنٽن ۾ ايراني چلو ڪباب ۽ انڊين برياني ۽ اڊلي ڊوسا عام ملن ٿا. هتي جي ڏسڻ جهڙيون شيون: بيت العجائب House of Wonders، سلطاني محل (جيڪو هاڻي ميوزيم آهي)، غلامن جي وڪري جي آڳاٽي مارڪيٽ- جتي آفريڪا کنڊ مان ڦاسايل غلام نيلام ٿي مختلف ملڪن: ايران، عربستان، عمان، انڊيا، ترڪي ڏي روانا ٿيا ٿي، پراڻو قلعو، هاءِ ڪورٽ جي عمارت، خوبصورت ڪاٺ جي ٺهيل عمارت جيڪا آڳاٽي زماني ۾ ڊسپينسري هئي، آفريڪا هائوس جيڪو اڳ ۾ انگريزن جو ڪلب هو، جيئن اسان وٽ پاڪستان ۽ انڊيا ۾ انگريزن جا ٺهيل جيم خانا آهن، سبزي مارڪيٽ، غلامن کي رکڻ لاءِ ان وقت جا ٺهيل واڙا (Slave Chambers) سڀ هن هوٽل واري علائقي کان ميل اڌ جي رينج ۾ آهن. يعني توهان هن علائقي جي هوٽل ۾ رهندئو ته توهان هتي جون ڪافي تاريخي شيون پنڌ ئي پنڌ ڏسي سگهندئو. ۽ مون به اهو ئي سوچيو هو ته ”شهزادي سالمه مسافرخاني“ ۾ ته نه پر ڪنهن ٻي ان جي آس پاس واري ٽن اسٽارن واري ئي هوٽل ۾ رهندس، جنهن ۾ آئون به خوش ته منهنجي مالڪن يعني جن جو پگهار آئون کڻان ٿو ۽ جن مون کي هيڏانهن موڪليو آهي انهن جي به بچت ٿي ويندي. مون کي پنهنجن پُورن ۾ ڏسي ٽئڪسي واري وري شهزادي سالمه جي ياد ڏياري.
”سائين توهان شايد هتي جي تاريخ کان واقف نه آهيو ۽ شهزادي سالمه جهڙي اهم شخصيت کي نٿا سڃاڻو.“
”تاريخ جي کڻي گهڻي ڄاڻ ناهي پر توهان جي شهزادي سيده سالمه کان چڱيءَ طرح واقف آهيان جو اسان ٻنهي جي ڄم جو سال ساڳيو آهي.“ مون وراڻيو جنهن تي هن نوجوان ۽ قد بت ۾ مون کان ڊگهي ڊرائيور ٽهڪ ڏيندي چيو:
”سر! توهان الائي ڪهڙي شهزاديءَ جو پيا سوچيو. پوڙها ته توهان به آهيو پر هن جا ته ڪڏهوڪا هڏا به ڳري سڙي ويا هوندا.“
آئون به ڪچهري ۽ چرچي ڀوڳ جي موڊ ۾ هوس. ڊرائيور سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ منهنجي به سمجهي ٿي. چيومانس: ”مون اهو ته نه چيو ته آئون هن جيڏو آهيان. مون چيو ته اسان هڪ ئي سال ۾ ڄاوا آهيون. يعني چوئيتاليهين ۾. باقي هوءَ اوڻهين صديءَ ۾ ڄائي هئي - يعني 1844ع ۾ ۽ آئون ويهين صديءَ ۾ 1944ع ۾.“
ڳاڙهي سگنل ٿيڻ تي ڊرائيور ٽئڪسي بيهاري مون کي غور سان ڏٺو.“ لڳي ٿو توهان ٽيچر آهيو؟“
”جي ها. صحيح اندازو لڳايو اٿو.“ مون چيو.
”تاريخ جا.؟“
”نه. هي کاٻي پاسي هندي سمنڊ ۾ جهاز ڏسي رهيو آهين نه؟ انهن مان ڪي لنگر انداز آهن ته ڪي اتر طرف ممباسا پيا وڃن ته ڪي ڏکڻ طرف موپوتو. انهن جهازن کي هلائڻ وارن انجنيئرن کي پڙهائڻ وارو استاد آهيان.“
”پر سر، توهان کي تاريخ جا سن ياد آهن.“
”سڀ کان گهڻو ڪچو انهن ۾ آهيان. فقط ٻن ڄڻن جا ياد اٿم. هڪ جپاني شاعر ماتسو باشو جو جيڪو 1644ع ۾ ڄائو، هڪ توهان جي شهزادي صاحبه سالمه عرف اميلي روئيتي جو جيڪا 1844ع ۾ ڄائي.“ مون چيومانس.
”پر سائين توهان کي هن جي ڪهاڻيءَ جي خبر نه هوندي ته هن ڪيڏو غلط ڪم ڪيو. هيڏي اعليٰ ذات جي ٿي ڪري، سلطانن جي ڀيڻ ٿي ڪري هڪ عام ماڻهوءَ جي محبوبا ٿي رهي ۽ پيٽ سان ٿي پئي. سندس شاهي خاندان جي ماڻهن لاءِ ته ٻُڏي مرڻ هو. هنن هن کي قتل ٿي ڪيو پر بچي وئي. سڀني کي هن تي باهيون هيون ۽ هئڻ به گهرجن.“ ڊرائيور چيو. منهنجي خاموش رهڻ تي هن منهنجو رايو پڇيو. ان تي چيومانس:
”قدرت جا راز قدرت ئي ڄاڻي ته هن شهزاديءَ ڪهڙين مجبورين هيٺ اهي قدم کنيا. مون ته فقط سندس آٽو بايوگرافي جو ڪتاب “Memoirs of an Arabian Princess from Zanzibar” پڙهيو آهي جنهن جي پڙهڻ سان هن لاءِ همدردي ٿئي ٿي ته ڇا هڪ محلن ۾ پليل نپيل شهزادي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي وئي ۽ هن شديد غربت جي زندگي گذاري.“
منهنجي خيال ۾ مون ٽئڪسي واري کي زئنزيبار جي هيرآباد جهڙي پراڻي علائقي اسٽون ٽائون جي روڊن ۽ گهٽين ۾ ڪافي ڊوڙايو. رستي تي نظر ايندڙ ڪجهه عمارتن ۽ روڊ رستن جا نالا پنهنجي ننڍڙي ٽيپ رڪارڊر تي ٽيپ ڪندو ويس: ڪينياتا روڊ (جيڪو ڪينيا جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ شخص ’جومو ڪينياٽا‘ نالي آهي)، ان ڀرسان Lazuli ڪيفي ۽ تقويٰ مسجد، سوڪَوڪُو اسٽريٽ، ماسا جاپاني ڪيفي، الحديث مسجد، Mtizamemi (سواحلي نالي واري) مسجد، شنگاني اسٽريٽ، البحر ترڪش ريسٽورنٽ، Puzzle ڪافي شاپ، تيبو تيب هائوس جنهن جي ڀرسان بارڪليز بئنڪ ،سن رائيز ريسٽورنٽ ائنڊبار، لبنان مسجد ۽ Barkii مسجدآهي. ٿورو اڳيان ”زئنزيبارڪئب ٽئڪسي“ ڪمپنيءَ جي آفيس.
”ٽئڪسي لاءِ توهان هنن کي به فون ڪري سگهو ٿا.“ ڊرائيور ٻڌايو.
”تون جي سڀاڻي واندو هجين ته مون وٽ ڏهين بجي ڌاري هليو اچجانءِ مون کي هتي جي يونيورسٽي ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي هلڻو آهي.“ مون چيو.
”پر توهان جي رهائش ڪٿي هوندي؟“
”بس هاڻ اوڏانهن ئي هلون پيا.“
اسان هتي جي اهم روڊ ملاوي تان ٿي سوڪو مُوهوگو اسٽريٽ تي آياسين. رستي تي پيپا والدي اسٽريٽ وٽ انڊين زئنزيبار ريسٽورنٽ، بواواني مسجد، بئنڪاڪ شاپنگ مال آيو، ان بعد Felix Moumie روڊ، سئيڊن قونصل خانو ۽ المينار هوٽل. جماتني روڊ تان ٿي مليندي اسٽريٽ تي آياسين ته اتي ڪرائون هوٽل وٽ ٽئڪسي واري کي بيهاري، بئگ کڻي هيٺ لٿس. سامهون داراجاني اسٽريٽ هئي جنهن تي Mchangani مسجد، ڪوڪوني مسجد ۽ سيف اپارٽمينٽ نظر اچي رهيا هئا. ڊرائيور کي سندس ميٽر مطابق پئسا ڏئي هوٽل ۾ آيس. هن ٿري اسٽار هوٽل جي مسواڙ 45 ڊالر هئي.

عرب شهزاديءَ جي ڪهاڻي

منهنجي خيال ۾ پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هتي صفحو ٻه هن زئنزيبار جي عرب شهزادي سيده سالمه (Emily Ruete) بابت ضرور لکان.
عرب شهزادي سالمه بنا شڪ جي نه فقط اڄ جي دنيا ۾ پر ڏيڍ صدي اڳ، جڏهن هوءَ ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي ته عرب ۽ آفريڪا دنيا ۾ مشهور هئي. شهزادي سالمه ڪير هئي؟
مٿي تفصيل سان لکي آيو آهيان ته هي زئنزيبار جيڪو اڄ ڪلهه تنزانيا جو حصو آهي، اهو سترهين صديءَ جي آخر وارن سالن ۾ عرب رياست مسقط ۽ عمان جي قبضي ۾ هو. ڪيترن سالن تائين مسقط جو سلطان زئنزيبار جو به سلطان سمجهيو ويو ٿي. انهن سلطانن زئنزيبار ۽ ڀر واري پيمبا ٻيٽ کان علاوه آفريڪا جي ڪناري واري ڳپل حصي تي به قبضو ڪري ورتو هو جنهن ۾ لامو، ملندي، ممباسا جهڙا بندرگاهه ۽ مافيا ٻيٽ به اچي ويو ٿي.
آفريڪا جي مٿئين حصي ۽ عمان جو هڪ ئي سلطان ٿيندو پئي آيو پوءِ سعيد بن سلطان جيڪو 1791ع ۾ ڄائو ۽ 1806ع کان 1856ع تائين اڌ صدي زئنزيبار ۽ عمان جو سلطان رهيو تنهن اهو فيصلو ڪيو ته هن جي وفات بعد عمان جي سلطنت الڳ ٿيندي ۽ زئنزيبار جي الڳ. هو وصيت ۾ به اهو لکي ويو ته سندس وفات بعد سندس ڪهڙو پُٽ عمان جو سلطان ٿيندو ۽ ڪهڙو زئنزيبار جو. هن پنهنجي جيئري ئي مسقط سان گڏ زئنزيبار جي شهر اسٽون ٽائون ۾ پنهنجا محل ماڙيون ۽ تختگاهه ٺاهي ڇڏيا هئا، جتي پڻ هن پنهنجيون ڪجهه زالون ۽ ڪنيزائون (Concubines) رکيون هيون. هن کي انهن مڙني مان ڪيترائي ٻار ٿيا جن مان 36 تمام مشهور ٿيا، جن مان هر هڪ جو ذڪر تاريخ ۾ آهي. ڪي ٻار اسٽون ٽائون (زئنزيبار) ۾ ڄاوا ۽ اتي ئي رهيا ته ڪي مسقط ۾. سندس وفات تي سندس ڇهون نمبر پٽ سيد ماجد بن سعيد وصيت موجب زئنزيبار جو سلطان ٿيو جيڪو 1834ع ۾ سندس والد جي اٿوپين زال مان زئنزيبار ۾ ڄائو هو. ان بعد اٺون نمبر پٽ برغش بن سعيد، ان بعد پنڌرهون نمبر پٽ خليفا بن سعيد، ۽ پوءِ ستون نمبر پٽ علي بن سعيد ۽ پوءِ انهن جا ٻار زئنزيبار جا سلطان ٿيندا رهيا. هوڏانهن عمان ۾ سعيد بن سلطان جي وفات تي (1856ع) ۾ سندس ٽيون نمبر پٽ ثوويني بن سعيد پهريون سلطان ٿيو. ان بعد ٻيا ٿيا جن ۾ هڪ ثووينيءَ جو ڀاءُ (سعيد بن سلطان جو پنجون نمبر پُٽُ) ترڪي بن سعيد به سلطان ٿيو ۽ پوءِ انهن جا ٻار سلطان ٿيندا رهيا ۽ اڃا تائين ان جو سلسلو هلندو اچي.
اهو ته پهرين به لکي چڪو آهيان ته سلطان ”سعيد بن سلطان“ جي 36 ٻارن مان ڪجهه ڀائر ۽ ڀينرون عمان ۾ ئي رهيا ته ڪجهه زئنزيبار ۾. شهزادي سلما جيڪا سالمه ئي سڏي وئي ٿي سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ ننڍي هئي. هنجي ماءُ Circassian (چرڪس) روس پاسي کان آندل ڪنيزه هئي. سالمه 1844ع ۾ زئنزيبار ۾ ڄائي. زئنزيبار جي هن اسٽون ٽائون ۽ اوسي پاسي جي علائقي ۾ توهان کي ڪيترائي سلطانن جا آڳاٽا محل يا انهن جا نشان ملندا، جيڪي هنن عرب سلطانن ٺهرايا. انهن مان هڪ اسٽون ٽائون کان 8 ڪلوميٽر اتر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي بيت المتوني محل به آهي، جنهن ۾ شهزادي سالمه ننڍپڻ گذاريو. بقول سالمه جي هي هڪ تمام وڏو محل هو جنهن ۾ هر قسم جا پکي: بدڪون، مور ويندي اٺ پکي (شتر مرغ) ۽ هرڻين، رڍن، ٻڪرين جهڙا جانور آزاد ڦرندا رهيا ٿي. هن محل جو وڏو حصو 1914ع ۾ برباد ٿي ويو هو. شهزادي سالمه کي ننڍي هوندي کان ٻه زبانون: عمان جي عربي ۽ آفريڪا جي سواحلي سيکاري وئي. 1851ع ۾ جڏهن هوءَ ستن سالن جي ٿي ته هن کي ٻي ڀاءُ ماجد بن سعيد جي محلات ”بيت الوتورو“ ۾ رکيو ويو. سندس والد سعيد بن سلطان جي 1956ع ۾ وفات ٿي سالمه جو هي ڀاءُ ماجد زئنزيبار جو سلطان ٿيو. هن ڀاءُ سالمه کي بندوق بازي ۽ گهوڙي سواري پڻ سيکاري. ٻن سالن بعد 1853ع ۾ هوءَ پنهنجي والده (جلفدان) سان گڏ هڪ ٻئي شاهي محل بيت التانيءَ ۾ اچي رهي، جتي هن لڪ چوريءَ لکڻ به سکي ورتو. انهن ڏينهن ۾ عورتن کي لکڻ جي اجازت نه هوندي هئي بلڪه سخت معيوب سمجهيو ويو ٿي. 1856ع ۾ جڏهن هن جي والد سعيد بن سلطان جي وفات ٿي ته هوءَ ٻارهن سالن جي صغير هئي ۽ هن کي پيءُ جي ورثي مان جاگير ۽ ڪئش جي صورت ۾ 5000 کن برٽش پائونڊ مليا. ان ملڪيت جو اندازو ان مان لڳايو ته انهن ڏينهن ۾ هڪ پائونڊ ۾ ڏيڍ تولو سون مليو ٿي. پيءُ جي وفات بعد سندس هڪ ڀاءُ ثوويني بن سعيد مسقط ۽ عمان جو سلطان ٿيو ۽ ٻيو ڀاءُ ماجد بن سعيد زئنزيبار جو. ٽن سالن بعد 1859ع ۾ شهزادي سالمه جي والده جي وفات ٿي ۽ ماءُ جي طرفان هن کي ورثي ۾ ٽي جاگيرون مليون. توهان سوچي سگهو ٿا ته زئنزيبار ۾ هن پنڌرهن ورهين جي شهزاديءَ جو ڇا شان ۽ لاڏ ڪوڏ هوندو. هوءَ سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ ننڍي هئي، سندس هڪ ڀاءُ زئنزيبار جو ته ٻيو ڀاءُ عمان جو حاڪم هو. ورثي ۾ کيس وڏي دولت مليل هئي. خرچ ڪجهه نه هوس. سندس هر فرمائش ملڪ جو سلطان ۽ ٻيا ڀائر کنيو ويٺا هئا. عمان جو سلطان ڀاءُ ۽ اتي رهندڙ سندس ٻيا ڀائر به هن کي هر وقت تحفا سوغاتون موڪليندا رهيا ٿي.
اهو سال 1859ع هو. سندس ڀاءُ ماجد بن سعيد کي زئنزبار جو حاڪم ٿئي اڃا ٽي سال ٿيا هئا جو سندس ٻئي ڀاءُ برغش بن سعيد جو ڀاءُ سان ڦڏو ٿي پيو. سالمه جي همدردي جيتوڻيڪ وڏي ڀاءُ ماجد سان هئي پر سندس هڪ دلپسند ڀيڻ خوالا (Khwala) بنت سعيد هن کي ريهي ريڀي برغش پاسي ڪرايو جو ٻيا ڀائر ۽ ڀينرون به هن پاسي هيون. جيئن ته شهزادي سالمه کي لکڻ پڙهڻ آيو ٿي سو هوءَ پنهنجي ڀاءُ برغش جي پارٽيءَ جي سيڪريٽري مقرر ڪئي وئي.
ڀائرن جي جهيڙي وڌڻ تي وچ ۾ انگريز ڪاهي آيا ۽ هنن گن بوٽ (جنگي جهاز) ذريعي برغش کي خاموش ٿي وڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. برغش جو پاسو وٺندڙ پارٽيءَ جا ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا ۽ وقت جي حاڪم- يعني سلطان ماجد بن سعيد سڪون سان حڪومت هلائڻ خاطر پنهنجي باغي ڀاءُ برغش کي بمبئيءَ ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. ڏٺو وڃي ته اسان جي ديسي حاڪمن جون اهي ئي غلطيون ۽ بدنصيبون هيون، جن جي ڪري هيءَ عمان يا زئنزيبار جي سلطنت هجي يا مغلن جي بادشاهت، يا سلطنت عثمانيه هنن هٿ وٺي ڌارين کي پاڻ تي غالب ڪيو ٿي. پيءُ جي وفات بعد هن جي وصيت موجب ماجد بن سعيد زئنزيبار جو سلطان ٿيو ويٺو هو جنهن بعد برغش بن سعيد سلطان ٿيڻو هو، جيڪو چپ ڪري پنهنجي واري جو انتظار ڪري ها. هونءَ به سلطان جي ڀاءُ جي حيثيت ۾ ۽ پيءُ جي ورثي مان مليل ملڪيت ڪري وڏي عيش ۾ رهيو پيو هو پر هن جلدي سلطان ٿيڻ جي چڪر ۾ زئنزيبار ۾ رهندڙ باقي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن کي ملائي پارٽي ٺاهي پنهنجي سلطان ڀاءُ جي خلاف بغاوت ڪئي. سلطان ڪجهه گهٻرايو ته انگريزن اچي پاسو کنيس. هنن فوجي اصلح جي زور تي برغش کي ته چپ ڪرائي ڇڏي پر سلطان کي به پنهنجو مطيع ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ کيس هڪ قسم جو نياپو ملي ويو ته جيڪي ڪرڻو اٿئي اهو ڪر پر انگريزن جي آشيرواد سان.
هوڏانهن ماحول ۾ ٺاپر ٿيڻ تي شهزادي سالمه پنهنجي ماءُ جي جاگير ڪِسمباني (Kisimbani) ۾ اچي رهي جيڪو زئنزيبار ٻيٽ جو الهندو علائقو آهي، جيڪو دال چيني، ڪارين مرين (Pepper)، ادرڪ، ليمن گراس ، آيوڊين، لونگن، ڪوڪا ۽ جائفل جي پوک کان مشهور آهي. ڪجهه عرصو ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ بعد هوءَ واپس ”اسٽون ٽائون“ شهر واري پنهنجي محل ۾ آئي ۽ پنهنجي سلطان ڀاءُ ماجد بن سعيد سان ٺاهه ڪيائين. ٺاهه ڪرڻ تي ماڳهين بمبئيءَ ۾ ملڪ بدر ڀاءُ برغش ۽ زئنزيبار ۾ رهندڙ ٻيا ڀائر ڀينرون هن سان به رسي ويون ۽ هن کي اڪيلو ڪري ڇڏيائون.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته زئنزيبار تي ظاهري طرح حڪومت عمان جي عرب سلطانن جي هئي پر زئنزيبار ٻيٽ تي عماني ۽ ٻين عرب ملڪن جي عربن، ايرانين، انڊين ۽ سواحلي آفريڪن کان علاوه ڪيترائي يورپي، خاص ڪري انگريز ۽ جرمن به رهيا ٿي. انهن مان ڪي پنهنجي ملڪ جي سفارتخانن سان لاڳاپيل هئا ته ٻيا سندن ملڪ جي مختلف پرائيوٽ ڪمپنين طرفان رهيل هئا. خاص ڪري انگريزن ۽ جرمنن ته وڏي طاقت رکي ٿي جو سڏ پنڌ تي موجود اڄ واري ڪينيا، تنزانيا، يوگنڊا واري ڌرتي جرمنن ۽ انگريزن پاڻ ۾ ورهائي رکي هئي ۽ اها برٽش پروٽيڪٽوريٽ ۽ جرمن ”پروٽيڪٽوريٽ آفريڪا“ جي نالن سان سڏي وئي ٿي. عماني سلطانن جي حوالي فقط آفريڪا جي مٿين ملڪن جي ساحلي پَٽِي هئي. منو صدي کن پوءِ جڏهن پهرين جنگ عظيم لڳي ۽ ان ۾ جرمنيءَ هارايو ته پوءِ ان جو زور ختم ٿيو ۽ جرمني وارن جي قبضي واري آفريڪا انگريزن جي هٿ ۾ آئي. جن ڏينهن جي پاڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جڏهن زئنزيبار جو سلطان سيد ماجد بن سعيد هو اهو 1860ع وارو ڏهاڪو هو. شهزادي سالمه ڪجهه عرصو پنهنجي جاگير تي رهي 1861ع يا 1862ع ڌاري پنهنجي اسٽون ٽائون واري بنگلي ۾ موٽي آئي هئي. منهنجي خيال ۾ سالمه جي هن گهر جي لوڪيشن اها آهي جتي اڄ ڪلهه ”بئنڪ زئنزيبار“ آهي. شهزاديءَ جي ڀر واري بنگلي ۾ رڊولف (سڄو نالو: (Rudolf Heinrich Ruete نالي هڪ جرمن واپاري رهيو ٿي، جيڪو شهزادي سالمه کان پنج سال وڏو هو. شهزاديءَ جون هن سان لڪ چوريءَ ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ 1866ع ۾ هن جو پيٽ سان ٿيڻ ظاهر ٿي پيو. انهن ڏينهن ۾ عدن تي انگريزن جي حڪومت هئي. بس سمجهو ته 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان ڇهه سال کن اڳ 1837ع ۾ انگريزن جو عدن تي قبضو ٿيو ۽ ٻئي: سنڌ ۽ عدن ”بمبئي پريزيڊنسي“ ۾ ملايا ويا هئا، جيئن سنگاپور ”مدراس پريزيڊنسي“ ذريعي هلايو ويو ٿي. انگريزن جا هڪڙا جهاز بمبئي ۽ ڪراچي کان عدن ۽ ٻيا زئنزيبار کان عدن آيا ويا پئي. اهڙو ئي هڪ انگريزن جو جهاز HMS Highflyer زئنزيبار کان عدن وڃي رهيو هو. شهزادي سالمه گهران ڀڄي اچي هن جهاز تي پاڻ کي لڪايو. جهاز وارن هن جي چوڻ مطابق کيس عدن ۾ لاٿو جتي سندس يار رڊولف به پهچي ويو هو.
چون ٿا ته جڏهن سلطان ماجد بن سعيد پنهنجي ڀيڻ جي هڪ يورپين عيسائي سان معاشقي جون ڳالهيون ٻڌيون ته هو تپي باهه ٿي ويو ۽ هن کيس قتل ڪرڻ جو به بندوبست ڪري ورتو پر زئنزيبار ۾ رهندڙ سندس هڪ ويڳي ماءُ سمجهايو ته ائين تڪڙ کان ڪم نه وٺ متان اهي افواهه هجن. پر جڏهن شهزادي سالمه جو پيٽ ظاهر ٿي پيو ته سلطان هن کي حج لاءِ مڪي روانو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شهزادي سالمه سياڻي هئي. هوءَ پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب “Memoirs of an Arabian Princess from Zanzibar” ۾ لکي ٿي ته اهو حج تي موڪلڻ فقط بهانو هو ۽ هُن چڱي طرح ڄاتو ٿي ته اهڙي حج جي سفر تي وڃڻ وارن جو رستي تي هميشه قتل ڪيو ويو ٿي. ان ڪري هن انگريز رهاڪن سان ملي انگريزن جي جنگي جهاز ذريعي عدن پهچڻ جو بندوبست ڪيو.
عدن پهچڻ تي هن کي عيسائيت بابت سبق ڏنا ويا ۽ هن جو نالو اميلي (Emily) رکيو ويو ۽ هوءَ پنهنجي مڙس جي ذات Ruete (روئيتي) سان ايملي روئيتي سڏجڻ لڳي. هوءَ ظاهري طرح ( يا شايد مجبوريءَ ۾) مسلمان مان عيسائي ٿي پر بعد ۾ هن جيڪي خط پنهنجي ڀيڻ ڏي لکيا انهن ۾ هن هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هوءَ اندروني طرح مسلمان رهڻ چاهي ٿي ۽ هوءَ نه گرجا گهر وڃي ٿي ۽ نه پورڪ (سوئر جو گوشت) کائي ٿي. 1867ع ۾ هن جي عيسائي رسم و رواج مطابق جرمن همراهه سان شادي ٿي. پر ڇهه مهينا ان کان اڳ پهريون ٻار ڄڻيو هو. شاديءَ بعد هو جرمنيءَ روانا ٿيا ته واٽ تي سندن اهو پٽ گذاري ويو. جرمنيءَ ۾ هنن هئمبرگ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي هن کي ٻيو پٽ ۽ ٻه ڌيئون ڄايون. ان بعد سندس مڙس 1870ع ۾ ٽرام حادثي ۾ گذاري ويو، جنهن ڪري شهزادي سالمه پئسي ڏوڪڙ جي تنگيءَ ۾ اچي وئي. هوءَ زئنزيبار ۾ ڇڏيل پنهنجي ملڪيت به گهرائي نه سگهي. ابتڙ معاشي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هن پنهنجي يادگيرين جو ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن زئنزيبار جي 1850ع کان 1865ع واري عرصي جو احوال ۽ پنهنجي فئملي - خاص ڪري پنهنجي ڀائرن ماجد بن سعيد ۽ برغش بن سعيد (جيڪو پوءِ بعد ۾ سلطان ٿيو انهن) جو تفصيلي احوال لکيو. هي ڪتاب پهرين جرمن ٻولي ۾ 1886ع ۾ ڇپيو ان بعد سگهو ئي ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو Memoirs of an Arabian Princess from Zanzibar آمريڪا، انگلينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اڄ به وڏي اهميت رکي ٿو جو اها ڪنهن عرب عورت جي پهرين آٽو بايوگرافي آهي. سندس وفات بعد 1992ع ۾ سندس پنهنجي گهر ڏي موڪليل خطن جو مجموعو An Arabian Princess between two worlds پڻ ڇپيو. مڙس جي وفات بعد هوءَ جرمن شهريءَ جي حيثيت ۾ ٻه دفعا زئنزيبار به آئي. هن کي يورپ ۾ رهڻ ۾ گهڻو مزو نه آيو ان ڪري 1889ع کان 1914ع تائين 25 سال بيروت (لبنان) ۾ اچي رهي. ان بعد وري جرمني آئي جتي 1924ع ۾ کيس نمونيا ٿي پئي ۽ گذاري وئي.

زئنزيبار جي حبشڻ جو اڦراٽو...

زئنزيبار ٻيٽ جي آڳاٽي ۽ تاريخي شهر ”اسٽون ٽائون“ جي ڪرائون نالي هڪ هوٽل ۾ مون رهڻ ۾ بهتري سمجهي، جنهن علائقي جي ماڻهن جي چهل پهل ۽ تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. اسٽون ٽائون جي هوٽلن ۽ رستن تي نوي سيڪڙو يورپي گورا نظر اچن ٿا. زئنزيبار جي اڄ ڪلهه ٽوئرزم مان وڏي ڪمائي آهي. اڳ ۾ به هتي ماڻهن جي پيهه پيهان هئي پر اهي آفريڪا کنڊ جا کنڀيل شيدي هئا، جيڪي غلامن طور وڪرو ٿيا ٿي. اڄ ڌارين جي اچڻ جي پيهه پيهان آهي، جيڪي يورپ ۽ آمريڪا کنڊ جا ۽ ڪجهه ايشيا جا ٽوئرسٽ آهن. ملڪ جو مذهب اسلام آهي. ٽوئرسٽن ۾ ڪيترائي نوجوان مرد توڙي عورتون، گنجين ۽ چڊين ۾ شهر جي گهٽين ۾ پيا هلن پر ڪنهن به مقامي ماڻهوءَ کي نه اعتراض آهي ۽ نه ڦڏي بازي. ان جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ امن امان آهي ۽ ڌاريون ٽوئرسٽ سُڪون ۽ آزاديءَ سان گهمندو ڦرندو رهي ٿو. ڪي ٽوئرسٽ فائو اسٽار هوٽلن ۾ ماني کائي رهيا آهن ته ڪي ننڍين ريسٽورنٽن ۽ ڪيفيز ۾. ڪي ته گاڏن تي وڪڻڻ واري کان بوهي مڱ، بهه، ڇولا يا پڪوڙن جهڙيون تريل شيون ڪاغذ جي پليٽن ۽ پيالن ۾ وٺي کائي رهيا آهن. ٻن دڪانن جي وچ ۾ بچيل ٿوري جاءِ تي هڪ شيدياڻي چلهه تي تئو رکيو ويٺي آهي ۽ سندس اڳيان ڪاٺ جي ٽيبل تي اٽي جا پيڙا (چاڻا) آهن. آئون هن کي حيرت مان ڏسان ٿو ته هوءَ صاف انگريزيءَ ۾ پڇي ٿي ته “Want to buy?”
الائي ڇا پئي وڪڻي... آئون دل ۾ سوچيان ٿو...شايد اهي اٽي جا پيڙا... جن ۾ ڪو فروٽ يا بادام ڪشمش پيل هجن يا اهي پيڙا ٻاڦ ۾ پڪل هجن جيڪي ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ عام ٿين ٿا، جن کي هو پَف بريڊ سڏين ٿا ... مون کي ڪجهه ڪو وٺڻو ناهي نه بک اٿم. نيرن ڪري شهر جي چڪر تي نڪتو آهيان. هينئر منجهند جا يارهن پيا ٿين. آئون ته هن مڪاني شيدياڻيءَ جو ننڍڙو دڪان ۽ سندس پرڪشش چهرو ۽ پهريل ڪپڙا ڏسي رهيو هوس.. ۽ ظاهر آهي اهو به سوچي رهيو هوس ته هيءَ وڪڻي ڇا پئي هن کان خريداري ڪير ٿو ڪري...؟ مڪاني ماڻهو يا فارين ٽوئرسٽ؟
اتي هڪ اڪيلي ٽوئرسٽ عورت چڍي ۽ چمپل ۾ آئي ۽ تنزانيا جو ڪو نوٽ هن کي ڏئي هڪ جو آرڊر ڪيو. شيدياڻيءَ کيس باقي پئسا ڏئي ٻه پيڙا کنيا ۽ ٽيبل تي پيالي مان ٻه چمچا کن تيل جا کڻي ان تيل سان پيڙن کي مَکُ ڏئي ان کي چپاتي وانگر گول ڪري پوءِ اهي ٻئي مانيون هڪ ٻئي سان ملائي تئي جي باهه گرم ڪري مکڻ تي اها ماني پچائي. واهه جو گرم گرم ۽ سوڪ اڦراٽو ٿي پيو ۽ واهه جي منجهائس خوشبوءِ اچڻ لڳي. مون ڏٺو ته شيدياڻيءَ هي اڦراٽو ٺاهڻ کان اڳ هٿن تي نيلان جا دستانا پهريا ۽ پراٺي کي اٿلائڻ ۽ تئي تان لاهي ڪاغذ تي رکڻ لاءِ اليومنيم جو چمڪندڙ چمٽو استعمال ڪندي رهي. يعني هتي جو ماڻهو سمجهي ٿو ته هائيجن ضروري آهي نه ته هن وٽ ڪير ايندو. اڦراٽي کي پني تي رکي، گول ويڙهي ان ٽوئرسٽ عورت کي ڏنو، جيڪا ان ئي وقت ان جا ٽڪرا ڀڃي کائيندي وئي. مون کي اهو به لڳو ته هن شيدياڻيءَ جا نه فقط هي اڦراٽا جنهن کي هوءَ چپاتي سڏي رهي هئي، لذيذ آهن پر هتي جا ايندڙ ٽوئرسٽ ان کان واقف به آهن، تڏهن ته هن ٽوئرسٽ اچڻ سان پنهنجي لاءِ هڪ جو آرڊر ڏنو. اڦراٽي جي خوشبوءِ ۽ انگريز عورت کي چشڪا ڏئي کائيندو ڏسي منهنجو به وات پاڻي ٿيو ۽ بُک نه هوندي به کائڻ تي دل چيو سو مون به هن کان هڪ اڦراٽو يعني چپاتي ٺهرائي ۽ دل ۾ سوچيم ته ڪنهن هوٽل تي ماني کائڻ بدران ههڙو گرم گرم مکڻ ۾ تريل اڦراٽو کائڻ کپي. هن ٻيٽ زئنزيبار تي صدين کان عرب، ايراني، سواحلي، انڊين رهندا اچن، سو هن ٻيٽ تي هر ڪلچر جو مڪسچر ملندو. وڪڻڻ واري کڻي حبشڻ آهي پر هوءَ هتي رهي انڊين کان هيءَ شيءِ – يعني اڦراٽو پچائڻ سکي وئي آهي ۽ هوءَ ان جو نالو به اسان جي اردو ۽ هنديءَ جو ”چپاتي“ ٻڌائي رهي آهي.
پهرين به لکي چڪو آهيان ته زئنزيبار ۾ ڀلي کڻي مقامي سواحلي شيدين جو ريسٽورنٽون يا ڌاٻا هجن پر هنن وٽ اسان جا انڊين پاڪستاني کاڌا برياني، سموسا، ڪباب آهن ته ايراني چلو ڪباب جهڙا ڊش ۽ عربي شووارما وغيره پڻ. جيئن ملائيشيا جي چيني ريسٽورنٽن ۾ به توهان کي ملئي ۽ انڊين حلال کاڌا ملندا.

انگوجا جا احوال.....

پنهنجي پڙهندڙن کي هڪ دفعو وري سبق پڪو ڪرائڻ لاءِ مختصر طور لکندو هلان ته هن ملڪ جي جاگرافي ڇا آهي، جنهن لاءِ اسان جهاز وارن کي به هر وقت مونجهارو ٿيو ٿي ۽ اڄ به سالن بعد اسپين جي ڪَناري (Canary) ٻيٽن تي جي وڃڻ ٿئي ته سمجهه ۾ نه ايندو ته اصل ڪَناري ٻيٽ لاس پاماس آهي يا ڪو ٻيو. ڇو جو ڪَناري ٻيٺ به هڪ ناهي پر ڪيترائي آهن. اهڙي طرح زئنزيبار جيڪو آهي اهو ٽن نمونن سان استعمال ٿئي ٿو: هڪ ملڪ، هڪ ٻيٽ ۽ هڪ شهر جي حيثيت ۾، ۽ هن قسم جو سفرنامو پڙهندڙ يا اتي ايندڙ ٽوئرسٽن کي اڪثر مونجهارو ٿئي ٿو پر منهنجي اها ڪوشش رهي ٿي ته ان قسم جي بنيادي ڳالهين کان منهنجا پڙهندڙ توڙي مون سان گڏ جهاز تي سفر ڪندڙ منهنجا ساٿي چڱي طرح واقف رهن. ان ڪري ڪجهه ڪجهه ڳالهيون پڙهندڙن جي يادداشت لاءِ Repeat ڪندو رهان ٿو.
زئنزيبار هونءَ الڳ ٿلڳ ملڪ هو پر 1964ع کان آفريڪا کنڊ جي ملڪ ٽانگانيڪا سان ملي هي ٻئي ملڪ هاڻ ”تنزانيا“ سڏجن ٿا. گڏ ٿيڻ جي باوجود زئنزيبار پنهنجي نيم آزاد حيثيت پڻ رکي ٿو. توهان ڪراچيءَ کان تنزانيا ڏي ايندئو ته تنزانيا جي ڪناري اچڻ کان اڳ، يعني آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي سر زمين نظر اچڻ کان 40 ڪلوميٽر کن اڳ ٻه وڏيرا ۽ ٻيا انهن جي چوڌاري ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽ نقشي ۾ به ته اکين سان به ڏسڻ ۾ ايندا. انهن مان سڀ کان وڏي جو نالو اُنگوجا (Unguja) ٻيٽ آهي، ان کان 60 ڪلوميٽر اتر ۾ هڪ ٻيو پيمبا ٻيٽ آهي. ان کان علاوه انهن جي چوڌاري ٻيا به انيڪ ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن. نقشي ۾ ته اسان وٽ هڪ هڪ جو نالو آهي جو اسان کي هن علائقي مان لنگهڻ وقت هڪ هڪ ٻيٽ جو خيال رکڻو پوي ٿو جيئن ائين نه ٿئي ته اسان ڪنهن ٻيٽ، ڀلي اهو کٽ جيڏو هجي، ان مٿان جهاز کي چاڙهي وڃون. انهن ننڍن ننڍن ٻيٽن مان ڪجهه جا نالا لکان ٿو، جيئن پڙهندڙن کي آئيڊيا ٿئي ته انهن جا نالا ڪهڙي قسم جا آهن. اهي گهڻو ڪري آفريڪا پاسي جي سواحلي زبان جا آهن. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ عربي نالي سان به آهي. هنن ٻيٽن تي ڪا رهائش ناهي پر ٽوئرسٽ ٻيڙين ذريعي هنن تي مڇين جي شڪار، ڪمين ۽ گانگٽن جي پيدائش ۽ سمنڊ اندر Scuba لاءِ ويندا رهن ٿا. انگوجا ٻيٽ جي آس پاس ٻيٽن مان ڪجهه جا نالا آهن: Bawe، چنگو، ڇمبي، Mnemba تمباتو، اووزي، وندوي، وغيره وغيره. ۽ پيمبا ٻيٽ جي آس پاس ٻيٽن مان ڪجهه جا نالا آهن: فُندو، ڪاشاني، Njao، سمتاما، پاناني، مثالي، ڪُوجِي ڪوڪوتا... وغيره.
اسان لاءِ يا دنيا لاءِ اهي سڀ ٻيٽ زئنزيبار آهن. پيمبا ٻيٽ تي رهندڙ ماڻهو به پاڻ کي زئنزيباري سڏرائين ٿا - جيئن ملير، منهوڙي، منگهوپير يا ماڙيپور جا ماڻهو پاڻ کي ڪراچيءَ جو سڏرائين ٿا. پر ڏٺو وڃي ته انگوجا ٻيٽ زئنزيبار جي نمائندگي ٿو ڪري، جو هن علائقي جا حاڪم انگوجا ۾ محل ماڙيون ٺاهي رهيا، ڌارين ملڪن جا سفارتخانا وغيره به انگوجا ٻيٽ تي آهن ۽ هو پنهنجي ائڊريس ۾ انگوجا بدران فقط زئنزيبار لکندا آهن ته ٽپالي هنن جي ٽپال ٻئي ڪنهن ٻيٽ تي پهچائڻ بدران هن ٻيٽ انگوجا تي آڻيندو آهي بلڪ ڪيترائي ماڻهو هن ٻيٽ جو نالو انگوجا وٺڻ بدران زئنزيبار وٺن ٿا. مون به سڀني کي چيو ته آئون رهندس زئنزيبار ٻيٽ تي پوءِ موٽر لانچ ذريعي هڪ ڏينهن لاءِ پيمبا گهمڻ ويندس. جيئن ڪو چوي ته ”آئون ڪراچي پيو وڃان وقت مليو ته ڪورنگي يا اورنگيءَ جو به چڪر هڻندس.“
هاڻ جڏهن انگوجا (Unguja) ٻيٽ زئنزيبار جي نمائندگي ڪري ٿو ته هي ٻيٽ انگوجا ڪو منهوڙي جيڏو ننڍو ته نه آهي. سنگاپور ٻيٽ جي ٻيڻ کان به وڏو آهي. سنگاپور جي پکيڙ 722 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ هن زئنزيبار ٻيٽ (يعني فقط انگوجا ٻيٽ) جي پکيڙ 1670 چورس ڪلوميٽر آهي. سنگاپور ملڪ به اڪيلو هڪ ٻيٽ ناهي. سنگاپور وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آهي جنهن کان علاوه 63 کن ٻيا به ٻيٽ آهن اهي پڻ سنگاپور ٿيا. انهن مان مشهور ۽ ڪجهه وڏيرا آهن: جرونگ، پلائو تيڪانگ، پلائو ابين (ملئي ٻوليءَ ۾ پلائو معنيٰ ٻيٽ) ۽ سنتوسا وغيره.
سنگاپور جو ٻيٽ هڪ ڇيڙي کان ٻئي تائين - يعني اوڀر کان اولهه تائين ڊيگهه ۾ 50 ڪلوميٽر آهي. اهڙي طرح ويڪر ۾ 27 ڪلوميٽر آهي. ان پکيڙ ۾ ڏسو ته ڪيترا ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شهر آهن. هاڻ ته اهي ڳوٺ به ماڊرن شهر ٿي ويا آهن. اهڙي طرح زئنزيبار جو هي ٻيٽ انگوجا- جيڪو حرف عام ۾ زئنزيبار تصور ڪيو ٿو وڃي، سنگاپور کان به وڏو آهي ۽ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سندس ڊيگهه 85 ڪلوميٽر آهي ۽ ويڪر 30 ڪلوميٽر آهي. سمجهو ته سکر کان لاڙڪاڻي تائين وايا مديجي باءِ روڊ ٿيو... يا موري کان سعيد آباد تائين سمجهو. سو ان ۾ ڪيترائي ڳوٺ، ڍنڍون ۽ پوکون - خاص ڪري لونگن، جائڦل، کوپري، ڪارين مرين وغيره جون اچن ٿيون.
هڪ ٻي ڳالهه! ڪنهن به ٻيٽ يا ملڪ ۾ جڏهن آبادي شروع ٿئي ٿي ۽ هتان هُتان ٻيڙين ذريعي ماڻهو اچن ٿا، ته اهي ان هنڌ تي آباد ٿين ٿا، جتي هنن جون ٻيڙيون سلامتيءَ سان لنگر انداز ٿي سگهن،جتي هنن جون ٻيڙيون سامونڊي لهرن ۽ هوائن کان حفاظت ۾ هجن ۽ جتي ڪناري تائين سمنڊ اونهو هجي ۽ ٻيڙيءَ جو ترو سمنڊ جي تر سان نه لڳي. اهڙي هنڌ کي قدرتي بندرگاهه سڏي سگهجي ٿو جيئن اسان جو ڪراچي وارو بندرگاهه به قدرتي نوعيت جو هو. عربي سمنڊ ته نه فقط ڪراچي کي ڇهي ٿو پر سڄي هاڪس بي ۽ سئنڊس پٽ واري علائقي کي به ڇهي ٿو ۽ هوڏانهن بدين تائين هليو وڃي ٿو پر ڪياماڙيءَ واري علائقي کان علاوه باقي هاڪس بي، سئنڊس پٽ ۽ ڪلفٽن پاسي فقط بيچز آهن. يعني تانگها ڪنارا آهن جتي سمنڊ مان ايندڙ سامان سان ڀريل ڪا وڏي ٻيڙي ڪناري کان ميل ٻه اڳ ئي تَري ۾ ڦاسي سگهي ٿي ۽ پوءِ سامان ۽ ماڻهو ميل ٻه سمنڊ ۾ هلي ڪناري تائين ته نه ايندا.
ڪراچي ڪياماڙيءَ وارو حصو قدرتي بندرگاهه هو. هِتان هُتان ٻيڙيون ڪراچي ۾ لنگر انداز ٿيون ٿي. پوءِ جيئن ئي ڪاٺ جا جهاز وڏا ٿيا ۽ آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ) ايجاد ٿيا ته ڪراچي بندرگاهه کي وڌيڪ اونهو ۽ ماڊرن ڪيو ويو. هوڏانهن نديءَ تي موجود سورت بندرگاهه بدران بمبئي مشهور ٿيڻ لڳو، جتي وڏا جهاز بيهي سگهيا ٿي. انگريزن جڏهن 1819ع ۾ سنگاپور ٻيٽ خريد ڪيو ۽ ان جي چوڌاري ڦري ڏٺو ته ان هنڌ تي جتي سنگاپور ندي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ان هنڌ جهازن کي لنگرانداز ڪرڻ جي لاءِ سٺي جاءِ لڳن ۽ هرڪو ڪناري تي ان جي آسپاس رهائش اختيار ڪرڻ لڳو. بعد ۾ سنگاپور ۾ ٻيا ڳوٺ ۽ بستيون ٺهي ويون پر اڄ به اهو هاءِ اسٽريٽ وارو پراڻو علائقو اصل سنگاپور سڏجي ٿو.
اهڙي طرح انگوجا ٻيٽ ته سنگاپور کان به ٻيڻو آهي، جتي اٺين نائين صديءَ کان اوسي پاسي جا مهاڻا ۽ بعد ۾ ڏهين يارهين صديءَ کان ڏورانهن ڏيهن، سوماليه، جبوتي، ايران، عربستان ۽ انڊيا کان ناکئا/ وڻجارا ايندا رهيا ۽ هن ٻيٽ انگوجا تي ساهي پٽڻ لاءِ هنن کي پنهنجا ٻيڙا لنگر انداز ڪرڻ لاءِ اهو هنڌ بهتر ٿي لڳو، جتي هينئر اسٽون ٽائون آهي. جيتوڻيڪ زنجبار جي هن سڄي ٻيٽ کي ان جي چوڌاري هندي وڏي سمنڊ جون لهرون ڇهن ٿيون.
سورهين صديءَ ۾ پورچوگالي هتي آيا ۽ ٻه صديون رهيا، اهي به هن ٻيٽ انگوجا جي هن علائقي اسٽون ٽائون ۾ رهڻ لڳا. هنن پنهنجا گهر، عبادت گاهه، قلعا وغيره ”اسٽون ٽائون“ ۾ ئي ٺاهيا ۽ اسٽون ٽائون تڏهن به ۽ هاڻ به زئنزيبار سڏيو وڃي ٿو جيئن انگريزن جي ڏينهن ۾ توڙي اڄ به ڪراچيءَ جو صدر وارو علائقو ئي ڪراچي سڏيو وڃي ٿو. توهان کي حيدرآباد کان بس ڪراچي اچي ڇڏيندي معنيٰ صدر واري علائقي ۾. صدر جي علائقن وانگر زئنزيبار جي اسٽون ٽائون جي ڀر ۾ شان گاني، Ukua، ڪِزيم قاضي ۽ تمباتو شهر آهن. زئنزيبار ۾ پهريان يورپي پورچوگالي هئا، جن جو اسٽون ٽائون ۾ يادگار قلعو آهي. مڪاني ماڻهن بغاوت ڪري پورچوگالين کي ڀڄايو ۽ عمان جي حاڪمن کي زئنزيبار تي حڪومت ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي پورچوگالين کان جان ڇڏائڻ لاءِ دعوت ڏني. سترهين صديءَ جي آخري سالن تائين عمانين جو زئنزيبار تي قبضو ٿي ويو ۽ هنن پورچوگالين کي تڙي ڪڍيو. پورچوگالين جو اسٽون ٽائون ۾ عبادت گهر ۽ واپاري ڪوٺي هئي اتي عمانين يڪدم قلعو ٺهرايو، جيڪو اڄ ڪلهه اولڊ فورٽ (سواحلي ٻوليءَ ۾ Ngome Kongwe) سڏجي ٿو ۽ پڻ عرب فورٽ ۽ ٻين نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو زئنزيبار ۾ ايندڙ سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. اهو قلعو سمنڊ جي ڪناري تي فورو ڌاني باغ جي سامهون جيڪا ٽوئرسٽ لاءِ ٻي اهم بلڊنگ بيت العجائب (House of Wonders) آهي، ان جي ڀرسان آهي.

راڻي فاطمه جي ڪهاڻي

هتي اهو لکندو هلان ته زئنزيبار ۾ جنهن عمارت ۾ هائوس آف ونڊرس وارو ”عجائب گهر“ آهي اهو دراصل زئنزيبار جي ٻئي نمبر حاڪم (سلطان) برغش بن سعيد جي ٺهرايل ڇهن محلن مان هڪ آهي، جيڪو هُن پنهنجي دور حڪومت (1870ع کان 1888ع) ۾ سن 1883ع ۾ ٺهرايو هو. اهو پڻ ٻڌائيندو هلان ته هي محلات (بيت العجائب) ان هنڌ (Site) تي سلطان برغش ٺهرايون، جتي ان کان ٻه صديون اڳ سترهين صديءَ ۾ زئنزيبار جي راڻي ”فاطمه بنت يوسف“ جو محل هو.
اهو به لکندو هلان ته مختلف عرب علائقن جا عرب نه فقط جهاز راني (Navigation) جا ماهر هئا پر واپار وڙي ۾ به هوشيار هئا ۽ جتي هي عرب اسلام کان به اڳ اڳ، اسان واري پاسي ديبل، مانڊوي، ڪاليڪٽ، ڪوچين، ڪولمبو ۽ ملاڪا ۽ ڪئنٽن کان وڃي نڪتا هئا، اتي هنن جو ڪاروبار آفريڪا جي هن اڀرندي ڪناري جي بندرگاهن سان به هليو ٿي. عمان جي عربن وانگر يمن جا عرب به گهٽ نه هئا. خاص ڪري يمن جي علائقي حَضرالموت جا سوداگر! انهن جو سنگاپور ۾ به شروع کان وٺي اڄ تائين واپار، درسگاهن ۽ خيراتي ڪمن ۾ مٿانهون هٿ آهي، جن بابت آئون مختلف سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان... خاص ڪري پراڻي وقتن ۾ حج بابت سفرن جي ڪتاب ”پهتا ات پانڌيئڙا“ ۾. ان ڪتاب ۾ هنن جي هڪ حاجين جي جهاز ٻُڏڻ جو احوال پڻ ڏنو اٿم.
زئنزيبار جي سترهين صديءَ جي راڻي فاطمه بنت يوسف العلوي (ڄم جو سال 1650ع ۽ وفات 1750ع) جي وڏن جو تعلق حضرالموت جي سيدن سان هو، جيتوڻيڪ هن پاڻ کي ايراني نسل جو به سڏرايو ٿي جو ڪيترائي يمني سيد ايران ۾ به رهيا ٿي. فاطمه جو والد سيد يوسف سترهين صديءَ ۾ زئنزيبار جو بادشاهه هو جڏهن زئنزيبار پورچوگالين جي اثر هيٺ هو. فاطمه جي پيءُ جي وفات بعد زئنزيبار- يعني انگوجا ٻيٽ جا ٻه حصا ڪيا ويا. ڏاکڻي حصي جو بادشاهه سندس ڀاءُ ”بقري بن يوسف“ ٿيو ۽ باقي حصي يعني جيڪو اڄ وارو ماڊرن انگوجا آهي جنهن ۾ ”اسٽون ٽائون“ اچي ٿو، ان جي راڻي- يعني حاڪم ”فاطمه بنت يوسف“ ٿي. زئنزيبار ٻيٽ جي سامهون واري آفريڪي ڪناري وارن علائقن تي به مختلف عربن جون حڪومتون هيون، جن مان هڪ Utondwe نالي رياست هئي، جنهن جو بادشاهه زئنزيبار جي راڻي فاطمه جو سوٽ عبدالله هو، جنهن سان فاطمه جي شادي ٿي، جنهن مان هن کي حسن نالي هڪ پُٽ هو.
هاڻ جن ڏينهن ۾ (سترهين صديءَ جي آخري سالن ۾) انگوجا ۽ پيمبا جي ماڻهن پورچوگالين کي زئنزيبار مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ عمان جي حاڪمن کي زئنزيبار تي اچي حڪومت ڪرڻ جي دعوت ڏني جيئن هو باقي بچيل کچيل پورچوگالين کي ڀڄائي، مقامي ماڻهن کي انهن جي آزار کان آجو ڪن. ان وقت فاطمه بنت يوسف زئنزيبار جي راڻي هئي. هُن مقامي ماڻهن ۽ عمانين جو پاسو کڻڻ بدران سنئون سڌو پورچوگالين جو کنيو ۽ انهن جي مدد ڪئي. پر هن ويڙهه ۾ عمان وارن جي 1698ع ۾ مڪمل ڪاميابي ٿي وئي ۽ هنن جو نه فقط زئنزيبار تي، پر آفريڪي ڪناري وارن علائقن ۽ بندرگاهن تي پڻ قبضو ٿي ويو. هن لڙائيءَ ۾ عمان وارن راڻي فاطمه جي محل تي به بارود بازي ڪري ان جو نقشو بگاڙي ڇڏيو (جنهن جاءِ تي بعد ۾ اٽڪل ٻه صديون کن پوءِ، عماني سلطان ”برغش بن سعيد“ محلات ٺهرايو، جيڪو هاڻ عجائب گهر طور استعمال ٿي رهيو آهي.)
عمانين جي مڪمل قبضي بعد هنن راڻي فاطمه ۽ سندس مڙس بادشاهه عبدالله کي گرفتار ڪري ڏيهه نيڪالي ڏئي عمان روانو ڪري ڇڏيو. ڪجهه سالن بعد 1709ع ڌاري راڻي فاطمه کي زئنزيبار گهرائي کيس Client State جي حيثيت ۾ زئنزيبار جي نالي ماتر راڻي بڻايو - يعني هوءَ زئنزيبار جي راڻي ضرور بڻائي وئي پر زئنزيبار ملڪ هن جي نه پر عمان رياست جي ملڪيت رهيو. ڇهن سالن بعد 1715ع ۾ راڻي فاطمه وفات ڪئي. سندس قبر اسٽون ٽآئون جي هن پراڻي قلعي جي پاسي واري قبرستان۾ ڏسي سگهو ٿا.

ننڍي کنڊ جي واپارين مان آفريڪا کي فائدو

1744ع ڌاري عمان تي- يعني زئنزيبار تي پڻ، عمان جي البوسعيدي (Al-Busaidi) گهراڻي جي حڪومت ٿي ۽ احمد بن سعيد، ان بعد ان جو پُٽ سلطان بن احمد تخت تي ويٺا. يعني هو عمان توڙي زئنزيبار جا سلطان ٿيندا رهيا. البوسعيدي جي گهراڻي جي ”سعيد بن سلطان“ جنهن 1806ع کان 1856ع تائين حڪومت ڪئي، اهو آخري حاڪم هو، جيڪو عمان سلطنت ۽ زنجبار سلطنت جو حاڪم ٿي رهيو. هن پنهنجي جيئري ئي اعلان ڪيو ته هاڻ عمان ۾ ويهي زئنزيبار ۽ آفريڪي علائقن تي حڪومت نه ڪبي. سندس مرڻ بعد سندس هڪ پُٽ مسقط ۾ رهي ”سلطنت عمان“ تي حڪومت ڪندو ته ٻيو اسٽون ٽائون (انگوجا) ٻيٽ واري محل ۾ رهي ”سلطنت زنجبار“ تي حڪومت ڪندو. هن وفات کان 16 سال اڳ 1840ع ۾ ئي پنهنجو تختگاهه مسقط (عمان) مان هٽرائي اسٽون ٽائون ۾ قائم ڪيو هو. اتي محل ٺهرائي ڪجهه زالن ۽ ڪنيزن کي رکيو ۽ سندس 36 ٻارن مان ڪيترائي اتي به ڄاوا. جيئن ته 1856ع ۾ سندس وفات بعد زئنزيبار سلطنت جو ٿيڻ وارو پهريون سلطان ”ماجد بن سعيد“ 1834ع ۾ انگوجا ٻيٽ تي ڄائو جنهن جي اٿوپين ماءُ کي سعيد بن سلطان 1840ع ۾ تخت منتقل ڪرڻ کان اڳ ئي اتي (زنجبار ۾) رکيو هو. اهڙي طرح سندس جارجيا (روس پاسي) جي ڪنيز جِلفدان کي به اسٽون ٽائون ۾ رکيائين، جنهن 1844ع ۾ شهزادي سالمه (Emily Ruete) کي جنم ڏنو. اوڻهين صديءَ ۾، هن عماني البوسعيد گهراڻي جي سلطانن جي ڏينهن ۾ زئنزيبار ٻيٽ جو هي شهر ”اسٽون ٽائون“ واپار وڙي ۾ اوج تي وڃي پهتو هو. ڪجهه ڪجهه عرب ۽ ايراني سوداگر ته اڳئين هئا پر انڊيا کان آيل پارسي، بوهري، کوجن (اسماعيلي ۽ اثنا عشري)، گجراتين ۽ سنڌي سوداگرن جي اچڻ ڪري هن شهر (اسٽون ٽائون) ۽ هن ٻيٽ (انگوجا) معاشي طرح وڏي ترقي ڪئي. انڊين جي زئنزيبار ۾ اچي واپار ڪرڻ جي همٿ افزائي سلطان ”سعيد بن سلطان“ ڪئي، جيڪو عمان ۽ زئنزيبار ٻنهي گڏيل سلطنتن جو آخري سلطان هو ۽ هو 1805ع کان 1856ع تائين حاڪم رهيو.
هڪڙي ڳالهه آئون پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي لکندو هلان ته اسان جي ننڍي کنڊ جا واپاري چاهي گجراتي ۽ سنڌي هندو هجن، پارسي ۽ سِک يا بوهري ۽ کوجا وغيره. هو واپار ۾ وڏا قابل آهن. آئون به پنجاهه سٺ سالن کان آفريڪا، ملائيشيا، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، سنگاپور، ويندي جپان ۽ فجي، برمودا، لاس پاماس، ڪيپ وردي ٻيٽن ۽ هن ٻيٽ زنجبار تي ڏسندو اچان ته هو پنهنجي قائم ڪيل بزنيس ذريعي پاڻ کي ته خوشحال بڻائين ٿا پر ان ملڪ کي به سکيو ستابو بڻايو ڇڏين، جنهن ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. هنن کي ڄاڻ رهي ٿي ته ڪٿي ڪهڙي شيءِ جي ڊمانڊ آهي ۽ اها ڪٿان گهرائجي ۽ ڪهڙي طريقي سان گهرائجي، جيئن ٽرانسپورٽ تي گهڻي خرچ اچڻ ڪري ان شيءِ جي قيمت نه وڌي ۽ اها شيءِ ڪيئن گهٽ فائدي تي گهڻي تعداد ۾ وڪڻي پنهنجو ۽ خريدار جو ڀلو ڪجي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقامي حڪومتن ۽ اتي جي مقامي ماڻهن کي ننڍي کنڊ (گڏيل انڊيا) جي ماڻهن کي پئسو ڪمائيندو ڏسي انهن سان ساڙ ۽ حسد ٿيو ۽ يوگنڊا، ڪينيا جهڙن ملڪن هنن ڌارين واپارين کي واپار ڪرڻ تي بندش به وڌي يا کين پنهنجي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو، پر نتيجو ڇا نڪتو؟ مقامي شيدي يا مختلف ٻيٽن جا رهاڪو ڪاروبار هلائي نه سگهيا ۽ ملڪ جي ايڪاناميءَ جي ڀينگ ٿي وئي. پوءِ انهن انڊين کي وري پنهنجي ملڪ ۾ واپس موٽڻ لاءِ چيو پر اهي نه آيا. جيڪي آيا اهي به هر وقت خبردار رهڻ لڳا.
ٻي ڳالهه ته اسان جي پاسي جا واپاري، بوهري توڙي خوجا، سنڌي توڙي پارسي، سک توڙي گجراتي جنهن به ملڪ ۾ رهيا اتي نه فقط ڪاروبار ڪري ان ملڪ کي خوشحال ڪيائون ٿي پر ان ملڪ جي مقامي ماڻهن جي صحت، تعليم ۽ عام بهتريءَ لاءِ ڪيترائي خير جا ڪم به ڪيائون ٿي. ان جو مثال توهان کي هن ٻيٽ زئنزيبار توڙي ممباسا، دارالسلام ويندي سنگاپور ۾ به ملندو ته مڪاني شيدين يا مڪاني ملئي ماڻهن پنهنجن لاءِ ايترو نه ڪيو، جيترو ننڍي کنڊ جي واپارين ڪيو. ان معاملي ۾ سڄو انڊيا به خيراتي درسگاهن، شفاخانن، پارڪن سان ڀريو پيو آهي. اهي فلاحي شيون نه رڳو بوهرين، آغا خانين، سکن، سنڌين ٺهرايون پر عيسائي ۽ يهودين پڻ ٺاهيون. هنن ڪاروبار ۽ ڪارخانا هلائي مقامي ماڻهن کي روزگار سان لڳايو. اسان وٽ ابتو سسٽم آهي. جيڪو ڪاروبار ڪري چار پئسا ڪمائي ٿو ان کي ملڪ مان ئي ڀڄايو ڪڍون... ان ڪري اسان وٽان عيسائي ۽ يهودي ته هليا ويا پر اسان سکن ۽ قاديانين کي به ڀڄائي ڪڍيو. هن ڌرتي جي رهاڪن سنڌي هندن کي ته ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪريون ٿا پر پارسي ۽ ڀاڀڙن (جين مت جي واپارين) کي به سُک جو ساهه پٽڻ نٿا ڏيون. نتيجي ۾ هو ٻين ملڪن ۾ هليا وڃن ۽ انهن ملڪن جي خوشحالي پئي ٿئي. دنيا آهي جو هڪ ٻئي سان ڳنڍجي رهي آهي. اسان شيعا ۽ سني ته پاڻ ۾ نٿا ٺهون پر سُني به پاڻ ۾ اٽڪيا پيا آهيون.
اوڻهين صديءَ ۾ هي شهر Stone Town، جنهن جي ڪرائون هوٽل ۾ اچي رهيو آهيان، وڏي اوج تي رهيو. سلطان ”سعيد بن سلطان“، ان جي 1856ع ۾ وفات بعد ان جي پٽَ ”ماجد بن سعيد“ ۽ پوءِ ٻئي پُٽ ”برغش بن سعيد“ اسٽون ٽائون کي خوب ٺاهيو، عمارتون ۽ محل توڙي روڊ ۽ رستا... ٻاهران ايندڙن کي هن شهر ۾ اچڻ سان خوشحالي نظر آئي ٿي. دنيا ۾ لونگ ۽ ٻين مصالحن جو اگهه به چوٽ تي چڙهيل هو، جيڪي مصالحا هن ٻيٽ تي بهترين ٿيا ٿي، جن کي ايڪسپورٽ ڪري زئنزيبار وارن خوب ناڻو ڪمايو ٿي. پر سڀ کان وڏي ڪمائي هاٿيءَ جي ڏندن (عاج) مان ۽ ان کان به تمام گهڻي ڪمائي غلامن جي وڪري مان ٿي رهي هئي - جنهن ڪم تي نه فقط زئنزيبار جا هي مسلمان حاڪم لاهي پائي بيٺا هئا پر چوڌاري - ممباسا، ڪِلوا، دارالسلام کان مسقط، ايران، انڊيا- اهو ڌنڌو زور تي هو ۽ اسان جي مسلمان حاڪمن هن وڪري کي عيب يا گناهه نٿي سمجهيو. هنن کي هر صورت ۾ پئسي جي هٻڇ هئي. ڪنهن به نموني سان هنن دولت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. هنن شيدين کي انسان يا اشرف المخلوقات نٿي سمجهيو. هنن ڪنهن جا ٻچڙا، ڪنهن جا ڀائر، ڪنهن جا گهر وارا کسڻ تي قياس نٿي محسوس ڪيو. وڏا ته وڏا، ٿڃ تي ٻار به کسي ٿي ورتا. شادي شدهه توڙي ڪنواريون ڇوڪريون کنڀي زئنزيبار جي وڪري گهر ۾ اگهاڙو ڪري نيلام ڪيون ٿي ۽ خريد ڪرڻ وارن هنن کي هٿن پيرن ۾ زنجيرون هڻي جهازن تي ائين سَٿي ڏورانهن ملڪن ڏي موڪليو ٿي، ڄڻ اهي انسان نه پر جانورن کان به بدتر هجن. پر اسان جا حاڪم خوش هئا جو هنن کي پئسو پئي مليو. ان جهڙا نظارا اڄ به اسان جي ذهن ۾ ڦرن ٿا. جڏهن سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۾ اتي جا وڏيرا ۽ سردار، ڀوتار ۽ اثر رسوخ رکڻ وارا، پوليس سان ملي نوجوان ٽهيءَ کي شراب ۽ چرس جهڙيون نشيدار شيون وڪڻي تباهه ڪن ٿا. بي ڏوهي مسڪينن کي ٿاڻن ۾ بند ڪن ٿا. باندي بنائي هنن کان بنا پگهار ڏيڻ جي هنن کان پورهيو وٺن ٿا، رشوتون وٺن ٿا ... ۽ ڇا ڇا نه اسان وٽ ظلم ٿين ٿا. ٻيو نه ته سنڌي اخبار ته پڙهندا هوندئو.... اسان وٽ طاقت رکڻ واري کي بس پئسو کپي ڀلي نسلن جا نسل تباهه ٿي وڃن.
غلامن جي وڪرو مان ڪمائيءَ جي هٻڇ جو اندازو ان مان لڳايو ته سلطان سعيد بن سلطان جي 1856ع ۾ وفات تي هن جي جنهن پٽ کي اباڻي گادي مسقط (عمان) ملي اهو ان ۾ خوش ٿيڻ بدران پنهنجي ٻئي ڀاءُ سان چرين وانگر وڙهڻ لڳو جنهن کي ”سلطنت زنجبار“ جي گادي ملي. هن عمان جو سلطان ٿيڻ بدران زنجبار (زئنزيبار) جو سلطان ٿيڻ ٿي چاهيو. ان جو ڇا سبب هو؟ عمان ته پاڻ سهڻو ۽ وڏو ملڪ هو، ان جي مقابلي ۾ زئنزيبار ٻيٽ ڪهڙي ٿي حيثيت رکي! پر نه. هن جي زئنزيبار جي گادي ان ڪري ٿي بهتر لڳي جو اتي غلامن جو وڪرو هليو ٿي، جنهن مان سلطان کي وڏو حصو ۽ ڪميشن ملي ٿي. آخرڪار هنن ڀائرن جو انگريزن ٺاهه ڪرايو ۽ پيءُ جي وصيت موجب عمل ڪرايو پوءِ به عمان جو سلطان ان تي راضي ٿيو ته زئنزيبار وارو سندس سلطان ڀاءُ کيس هر سال شيدين جي وڪري مان ڪجهه ڏن موڪليندو، ڇو جو هن جي غلامن مان وڏي ڪمائي آهي.

انقلاب زنجبار

زئنزيبار ٻيٽ جو ”اسٽون ٽائون“ شهر سڄي اوڻهين صدي شان ۽ ٺاٺ ۾ رهيو. هن شهر ۾ خوب پئسو ڏوڪڙ ايندو رهيو، خوب ترقي ٿيندي رهي پر پوءِ صدي جي آخري ڏهاڪن ۾ هي شهر- بلڪه ”سلطنت زنجبار“ وئي پٺتي پوندي. سلطانن جا تخت نشينيءَ تي جهيڙا، حد کان وڌيڪ عياشي ۽ خرچ، کين ڪنگلو بنائڻ لڳا. مٿان انگريزن طرفان غلامن جي وڪري تي بندش هنن لاءِ مصيبت ٿي پئي. انگريزن وٽ فوجي جهاز ۽ بم بارود هجڻ ڪري اهي طاقتور هئا ۽ انهن ئي پئي هنن سلطانن جا جهيڙا نبيريا. آخر هڪ سلطان ٻئي سلطان کي تخت تي ويهڻ نه ڏنو ۽ اٽڪي پيا. انگريزن جي وچ ۾ پوڻ تي انهن جي نافرماني ڪرڻ تي انگريزن ساڻن جهيڙي جو اعلان ڪيو. اها لڙائي Anglo Zanzibar War سڏجي ٿي، جنهن لاءِ شروع ۾ لکي آيو آهيان ته 1896ع ۾ لڳي ۽ دنيا جي مختصر لڙائي سڏي وڃي ٿي. انگريزن پنهنجي فوجي گن بوٽ ذريعي سلطان جي محل تي بمباري ڪئي ۽ سلطان اڌ ڪلاڪ اندر آڻ مڃي، محل جي پوئين دروازي کان ڀڄي وڃي جرمنيءَ جي قونصل خاني ۾ لِڪو، جن مٿس اَڇا ٻاجهه ڪري ڪنهن دٻي ۾ بند ڪري ٻيڙي ذريعي آفريڪا کنڊ ڏي ڀڄائي ڪڍيو.
بهرحال اوڻهين صديءَ جي آخري سالن تائين زئنزيبار جا هي عماني عرب سلطان پنهنجو رعب تاب وڃائي چڪا هئا. هندستان جي مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر وانگر هو فقط نالي جا بادشاهه (سلطان) وڃي رهيا هئا ۽ سندن جيڪي ڪجهه آفريڪا کنڊجي ڪناري وارن علائقن ۾ راڄ هو اها سڀ ڌرتي (ڪينيا، ٽانگانيڪا، نياسالئنڊ (مالاوي) وغيره ته 1890ع ۾ ئي انگريزن ۽ جرمنن Heligoland-Zanzibar معاهدي تحت پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري ورهائي ڇڏي هئي ۽ زئنزيبار به هاڻ انگريزن جي هٿن ۾ اچي ويو ۽ برٽش پروٽيڪٽوريٽ سڏجڻ لڳو. هونءَ ظاهري طرح انگريزن ڪو نه ڪو عماني عربن جو پوٽو، پڙپوٽو نالي ماتر سلطان پئي رکيو، جيئن ٻه سئو سال کن اڳ هنن عماني سلطانن ”فاطمه بنت يوسف“ کي مرڻ تائين نالي ماتر راڻي ڪري رکيو هو.
انگريزن غلاميءَ تي ته سخت بندش هڻي ڇڏي هئي، سو سلطانن جي ڪمائي جو ذريعو وڃي لونگ ڦوٽن تي رهيو هو. ان کان علاوه انگريزن زئنزيبار بدران ممباسا ۽ دارالسلام کي پنهنجي ڪاروبار ۽ جهازرانيءَ جو مرڪز ٺاهيو. 1963ع ڌاري انگريزن زئنزيبار وارن کي آزادي ڏني ۽ ملڪ ان وقت جي وارث سلطان ”جمشيد بن عبدالله“ حوالي ڪيو.
عوام خوش ٿيڻ بدران ماڳهين کڻي هنگامو ڪيو، ته اسان کي اهڙا سلطان نه کپن جيڪي عوام جي ڀلائي ڪرڻ بدران انهن جو رت چوسين. 1964ع ۾ هي شهر ”اسٽون ٽائون“ جنگ جو ميدان ٿي ويو جيڪو ”انقلاب زنجبار“ سڏجي ٿو جنهن ۾ سلطان کي ڀڄايو ويو. ٿورا ٿورا ته به 20 هزار کن ماڻهن جو قتل ٿي ويو. ٻيٽ تي رهندڙ رفيوجي - خاص ڪري انڊين ۽ عرب، ٻيٽ ڇڏي آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ڏي هليا ويا. سالن تائين هن خوبصورت ۽ امير ٻيٽ جو هلندڙ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو. عماني سلطان پنهنجي ملڪ عمان ڏي هليا ويا. انهن مان ڪن کي ان وقت جي عماني سلطان رهڻ ڏنو ٻيا انگلنڊ ۽ فرانس هليا ويا. زئنزيبار جي سياسي پارٽي ASP (افرو- شيرازي پارٽي) سوشلسٽ حڪومت ٺاهي ۽ پنهنجي ملڪ زئنزيبار کي ٽانگانيڪا سان ملائي هڪ نئون ملڪ ”تنزانيا“ بنايو.

زئنزيبار جي ريل گاڏي ۽ بُوبُوبُوءَ جا چشما

پاڻ زئنزيبار جي اهم ٻيٽ ”انگوجا“ جي ڳالهه ڪيون، جنهن تي هن ٻيٽ جو آڳاٽو شهر ”اسٽون ٽائون“ آهي. اهو اڄ به زئنزيبار جي گاديءَ جو شهر سڏجي ٿو، جيتوڻيڪ زئنزيبار هاڻ تنزانيا جو حصو آهي، جنهن جو شروع کان دارالسلام گاديءَ وارو شهر رهيو. دارالسلام اڄ به وڏي ۾ وڏو شهر آهي پر هاڻ 1996ع کان تنزانيا جي گاديءَ جو شهر دودوما (Dodoma) آهي، جيڪو ملڪ جي وچ ۾ ائين آهي، جيئن اسان وٽ ملتان. نه ته دارالسلام ملڪ جي ڇيڙي وٽ ائين هو، جيئن اسان وٽ هڪ ڇيڙي تي ڪراچي ۽ ٻئي تي چترال آهي.
زئنزيبار جي ٻن وڏن ٻيٽن مان ”انگوجا“ جيڪو عام طرح زئنزيبار ئي سڏجي ٿو ڪجهه انب جي شڪل وانگر ڊگهو آهي. اهو آفريڪا جي اڀرندي ڪناري کان 35 کن ڪلوميٽر پري آهي. يعني آفريڪا جي اڀرندي ڪناري ۽ هن ٻيٽ جي الهندي ڪناري جي وچ مان جهاز لنگهي سگهن ٿا. ٻنهي ڪنارن جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ آهي اهو ”زئنزيبار چئنل“ سڏجي ٿو. هي چئنل 120 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. هونءَ ته ٻن ڪنارن جي وچ وارو سمنڊ ماٺو رهي ٿو ۽ اهڙن هنڌن تان گذرڻ مهل اسان جهاز وارا سڪون جو ساهه کڻندا آهيون. هي چئنل 120 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ٻيو نه ته ٽي چار ڪلاڪ هندي سمنڊ يا ٻين بگڙيلَ سمنڊن کان اسان جو بچاءُ ٿيو وڃي. پرهن زئنزيبار چئنل توڙي هيٺ ڏکڻ ڏي ”موزمبق چئنل“ تي ڪو ڀروسو ناهي، جو اهي ملاڪا ڳچي سمنڊ جهڙا سوڙها نه آهن. ويڪرا هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن هي چئنل به اهڙي ئي اٿل پٿل ۾ رهن ٿا جهڙو پاسي وارو هندي وڏو سمنڊ. بلڪه منهنجي ته اهڙي قسمت رهي آهي، جو جنهن جهاز تي منهنجو هتان لنگهه ٿيو آهي ان کي موزمبق چئنل به اهڙو ملندو رهيو آهي جهڙو ڪيپ آف گڊ هوپ. تڏهن ته ماندوي شهر کان ايندڙ بوهري ڪريمجيءَ جو مال سوڌو جهاز سڄو هندي سمنڊ لتاڙي اچي زئنزيبار چئنل ۾ ٻڏي ويو. اهو ته وري به سڙهن وارو ڪاٺ جو Sailing Ship هو. هن چئنل ۾ ته هن دور جي انجڻ واري هڪ ماڊرن فيري به ٻُڏي وئي هئي جنهن جو احوال مٿي لکي چڪو آهيان.
اسان واري پاسي کان - يعني ممبئي، ڪراچي (عربي سمنڊ) کان آفريڪا جي ڪناري ڏي وڃبو ته هفتي کن کانپوءِ ممباسا يا دارالسلام بندرگاهه اچڻ کان ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ زئنزيبار ٻيٽ جو اوڀر وارو ڪنارو نظر ايندو پر اسان کي زئنزيبار ٻيٽ جي بندرگاهه اسٽون ٽائون ۾ پهچڻ لاءِ زئنزيبار ٻيٽ جي هيٺيان يا مٿان ڦري زئنزيبار چئنل ۾ اچڻو پوندو جو اسٽون ٽائون زئنزيبار چئنل ۾ زئنزيبار ٻيٽ جي اولهه ڪناري تي آهي.
زئنزيبار ٻيٽ جو هي حصو ”اسٽون ٽائون“ جتي شروع کان قدرتي بندرگاهه هو ۽ شروع کان آيل شروعاتي ماڻهن جي رهائش ٿي، باقي ٻيٽ جي ليول کان مٿاهون حصو آهي. سلطانن ۽ ان کان اڳ جي حاڪمن ۽ يورپين ۽ امير عربن، ايرانين ۽ انڊين جا محل محلات، بنگلا، واپاري ڪوٺيون، باغ بستان سڀ اسٽون ٽائون ۾ آهن. هاڻ مڙيئي بحريا ٽائون يا ڊفينس سٽي وانگر ڀر ۾ نئين شهر جي به اڏاوت ٿي آهي، جيئن ته Ngambo شهر، جيڪو ڪافي اندر، ٻيٽ تي هليو وڃي، جيئن بحريا ٽائون دادو ۽ ڄامشوري ضلعي اندر گهڙي ويو آهي.
بُوبُوبُو (Bububu) شهر جو نالو وٺڻ پڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪو ”اسٽون ٽائون“ شهر کان ڏهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هي شهر ڪارخانن ۽ فئڪٽرين کان علاوه سامونڊي تانگهن ڪنارن (Beaches) کان به مشهور آهي. يورپ جي ٿڌن ملڪن جا ٽوئرسٽ هميشه هن پاسي جو رخ ڪن ٿا، جو هو سامونڊي ڪنارن تي ليٽڻ ۽ ترڻ چاهين ٿا. هتي جو ڪناري وارو سمنڊ اسان جي ڪلفٽن ۽ هاڪس بي وانگر خطرناڪ ناهي، جيڪو ماڻهن کي ڇڪيو وڃي يا پيرن هيٺيان ريتي ڪڍيو ڇڏي ۽ نه وري ڪو گدلو آهي. سمنڊ ۾ ڪچري اڇلڻ تي حڪومت جي سختي هڪ طرف آهي ته ٻئي طرف سامونڊي ڪنارن کي صاف سٿرو رکڻ جو بندوبست آهي. تڏهن ته اسان جهڙن کي هتي اچي ٿڌا شوڪارا ڀرڻا پون ٿا ته ”مار! آفريڪا جا شيدي به اسان کان سڌري ويا!“ اسان جا ماڻهو سمنڊ جي ڪناري تي بيهي گند ڪچرو ڦٽو هڪ طرف ڪن ٿا ته ٻئي طرف شهر جي ميونسپالٽيءَ شهر جي گٽر سسٽم کي سمنڊ حوالي ڪريو ڇڏيو! اهڙو ظلم ته ممبئي، مدراس، ڪلڪتي ۽ چٽگانگ ۾ به نظر نه ايندو.
بوبوبو ڳوٺ جو ذڪر ڪندي اهو به ٻڌائيندو هلان ته 1905ع ۾ هڪ آمريڪن ڪمپنيءَ عرب قلعي يعني اولڊ فورٽ (اسٽون ٽائون جي علائقي) کان 36 انچ گيج واري ريل گاڏي بُوبُوبُو ڳوٺ تائين هلائي هئي، جيڪا سڄو رستو سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلي ٿي. يعني هن جي هڪ پاسي سمنڊ جون ڇوليون ۽ ايندڙ ويندڙ جهازن ۽ ٻيڙين جو نظارو هو ته ٻئي طرف زئنزيبار ٻيٽ جا نظارا... کيت، فصل، گهر دڪان ۽ مينهوڳيءَ واري موسم. هن ٽرين ۾ مقامي ماڻهن سفر ڪيو ٿي. بعد ۾ هن سان گڏ هڪ فرسٽ ڪلاس ڪوچ انهن ٽوئرسٽن لاءِ شامل ڪيو ويو، جيڪي اسٽيمر ذريعي زئنزيبار گهمڻ آيا ٿي. اهي ان ڪوچ ۾ آرام سان ويهي ملڪ جي ٻهراڙي ۽ سمنڊ جو ديدار ڪري سگهيا ٿي ۽ هنن جي ڳري ٽڪيٽ مان حڪومت جي ڪمائي به ٿي ٿي.
بعد ۾ روڊ رستن وڌڻ ۽ ڪارن جي اچڻ ڪري ريل ۾ سوار ٿيڻ گهٽجي ويو. اها ريل 1928ع ۾ بند ڪئي وئي پر اسٽون ٽائون کان بس ذريعي بُوبُوبُو ڳوٺ ويندڙ اڄ به اهي ريل جا پٽا ۽ پليون ڏسي سگهجن ٿيون جو بُوبُوبُو ڏي ويندڙ هي نئون روڊ ريلوي لائين جي بلڪل سڌائيءَ ۾ ٺاهيو ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته ان لائين مٿان آهي. هتي هڪ دلچسپ ڳالهه لکندو هلان ته سڄي اوڀر آفريڪا ۾ يعني ڪينيا، موزمبق، يوگنڊا، مالاوي، سوماليه وغيره ۾ زئنزيبار پهريون ملڪ آهي، جتي ٻاڦ گاڏي هلڻ شروع ٿي. مٿين بُوبُوبُو شهر تائين هلڻ واري ريل گاڏيءَ کان 25 سال کن اڳ، زئنزيبار جي ٻئي سلطان برغش بن سعيد (جنهن زئنزيبار تي 1870ع کان 1888ع مرڻ تائين حڪومت ڪئي)، 1879ع ۾ پنهنجي اسٽون ٽائون واري محلات کان چُڪواني (Chukwani) تائين ست ميل ريلوي لائين وڇرائي، ٻن گاڏن واري ريل پڻ هلرائي. هن ريل گاڏيءَ کي شروع شروع ۾ ٻه خچر ڇڪيندا هئا، پوءِ 1881ع ۾ سلطان برغش انگلينڊ جي Bagnall ڪمپنيءَ کان ٻاڦ تي هلندڙ (Locomotive) انجڻ گهرائي، خچرن کي فارغ ڪيو.
پڙهندرن جي دلچسپيءَ لاءِ اِهو به لکندو هلان، ته جن ڏينهن ۾ سلطان ”برغش بن سعيد“ زئنزيبار ۾ 1880ع واري ڏهاڪي ۾ هيءَ ٽرين هلائي، انهيءَ ڏهاڪي ۾ 1885ع ۾، ڪراچي شهر ۾، صدر کان ڪياماڙيءَ تائين ٽرام هلڻ شروع ٿي هئي، جنهن ۾ 46 ماڻهو ويهي سگهيا ٿي. هن کي شروع وارا ويهه سال کن گهوڙن ڇڪيو ٿي. بعد ۾ 1905ع ۾ اهي ٽرامون پيٽرول انجڻ تي هلڻ لڳيون ۽ 40 سالن بعد 1945ع کان هڪ هڪ ٿي اهي ڊيزل انجڻ تي هلڻ واريون ٿيون. مٿين روٽ کان علاوه اهي سولجر بازار کان چاڪيواڙي تائين به هلڻ لڳيون. 1969ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سرڪيولر ريل گاڏي شروع ٿيڻ تي مسافرن ۽ مالڪن جي ٽرامن ۾ دلچسپي گهٽجڻ لڳي ۽ 1975ع ۾ هي بلڪل بندٿي ويون. هونءَ جيستائين سنڌ ۽ پنجاب ۾ ريل گاڏي هلڻ جو سوال آهي ته اها ريل زئنزيبار جي هن سلطان واري ريل گاڏيءَ کان ڏهه سال کن اڳ 1870ع ڌاري شروع ٿي وئي هئي.
سلطان برغش بن سعيد جي هيءَ ٻن دٻن واري ست ميل هلندڙ ريل گاڏي گهڻو وقت نه هلي سگهي. 1888ع ۾ سلطان جي وفات بعد هن ريل جو حال اهو ڪيو ويو، جيڪو اسان وٽ ٽنڊو آدم کان پڊعيدن هلندڙ ريل جو ڪيو ويو. ماڻهن زمين تي قبضو ڪري ريل جا پٽا ۽ سليپر به وڪڻي ڇڏيا.
زئنزيبار جي هن ڳوٺ بُوبُوبُو جي هڪ ٻي اها ڳالهه ته هتي مٺي پاڻيءَ جا چشما جام آهن. سڄي اسٽون ٽائون شهر کي هنن چشمن مان پاڻي سپلاءِ ڪيو وڃي ٿو.

رچرڊ برٽن سنڌ بعد زئنزيبار ۾

زئنزيبار جي وڏي ٻيٽ انگوجا ۽ ان جي شهرن جو ذڪر ڪندي هڪ شهر ”باگامويو“ (Bagamoyo) جو احوال لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيئن ڪو هالا پراڻا ۾ رهي ڄام شوري جي ڳالهه ڪري. هالا ڄام شوري ضلعي ۾ نه آهي پر اهي ٻئي شهر هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ۽ آمهون سامهون آهن. يعني سنڌو درياهه جي مختلف ڪنارن تي آهن.
اهڙي طرح باگامويو شهر زئنزيبار ٻيٽ تي ناهي پر زئنزيبار چئنل جي ٻئي پار، بلڪ سامهون آفريڪا کنڊ جي اڀرندي ڪناري تي آهي. باگامويو ”جرمن ايسٽ آفريڪا“ جي گاديءَ جو شهر ۽ ”هندي وڏي سمنڊ“ ۾ هڪ اهم بندرگاهه رهيو آهي. نه فقط هندي وڏو سمنڊ لتاڙي ايندڙ جهازن پر خشڪيءَ رستي آفريڪا جي اندروني حصن کان ايندڙ قافلن پڻ هن شهر ”باگا مويو“ ۾ ترسي ٿڪ ٿي ڀڳو. باگامويو سواحلي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ئي آهي ”بار لاهه ۽ آرام ڪر.“ هونءَ ته باگامويو هڪ ننڍڙو مهاڻن جو ڳوٺ هو، جتي ٻين شين سان گڏ مڇي، لوڻ ۽ کونئر جو وڪرو ٿيو ٿي. باگا مويو اوڻهين صديءَ ۾ اوڀر آفريڪا جو اهم بندرگاهه ۽ واپار جو وڏو مرڪز بڻيو، جڏهن هاٿي ڏندن (عاج) ۽ غلامن جو وڪرو عروج تي هو. آفريڪا کنڊ جي اندروني علائقن مان سوگها ڪيل انسان، زنجيرن ۾ جڪڙي هتي پهچايا ويا ٿي، جتي هتي جي عرب سردارن، وڏيرن انهن تي ٽئڪس ۽ ڪميشن وٺي اڳتي زئنزيبار موڪليا ٿي. اتي هنن جي وڪري ۽ نيلام جي وڏي مَنڊي هئي ۽ جتان اهي جهازن ۾ ڀرجي ترڪي، عمان، يمن، هند، سنڌ، ايران ۽ ٻين هنڌن تي وڌيڪ وڪري لاءِ موڪليا ويا ٿي. هن غلامن جي واپار تي جيتوڻيڪ 1873ع ۾ سختيءَ سان بندش وڌي وئي ته به اوڻهين صديءَ جي آخر تائين ڪجهه ظاهر ظهور ڪجهه لڪ چوريءَ اهو ڌنڌو هلندو رهيو جو ان ۾ هر حاڪم/ سلطان، سرڪاري ڪاموري، وڏيري سردار کان واپاري، جهازن جي مالڪن ۽ چوڪيدارن، ڪلارڪن ڪمايو ٿي.
باگا مويو (Bagamoyo) ڳوٺ نه فقط کوپري (ڏونگهين)، مصالحي ۽ عاج جي واپار جو مرڪز هو پر يورپي Explorers لاءِ به - جن آفريڪا کنڊ جي اندروني حصن ۾ داخل ٿي نيل نديءَ جو Source ٿي معلوم ڪيو، آفريڪا ۾ موجود ڍنڍن، جبلن، جهڙوڪ ٽانگانيڪا ڍنڍ، ڪليمنجارو جبل ۽ ٻين شين جي کوجنا ٿي ڪرڻ چاهي. انهن پنهنجي سفر جي شروعات هن شهر باگامويو کان ڪئي ٿي. يعني هنن کي ان ”مُهم جُوئيءَ“ لاءِ جيڪو سامان ۽ ان سامان کي کڻڻ لاءِ ماڻهو کتا ٿي، اهي باگا مويو مان مليا ٿي. انهن کوجنا ڪندڙن (explorers) مان ڪجهه زئنزيبار ۾ کڻي رهيا ٿي پر هنن کي سفر شروع ڪرڻ لاءِ باگا مويو وڃڻو پيو ٿي. انهن مان ڪجهه مشهور مُهم جُو Explorers هن ريت آهن: رچرڊ برٽن، جان اسپيڪ، هينري مورٽن اسٽينلي ۽ جيمس آگسٽس گرانٽ وغيره.
منهنجي خيال ۾ ته منهنجا پڙهندڙ ٻين کوجنا ڪندڙن Explorers کي سڃاڻندا هجن يا نه پر رچرڊ برٽن (سڄو نالو: Richard Francis Burton) کي ضرور سڃاڻندا هوندا، جنهن کي سنڌيءَ سميت 29 ٻوليون آيون ٿي. هو سنڌ ۾ به ڪافي آيو ويو ۽ رهيو ۽ هن جا سنڌ تي به ڪجهه ڪتاب لکيل آهن جيڪي روشني پبليڪيشن، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن ترجمو ڪيا آهن. انهن مان ٻه يا ٽي ته مون وٽ به هئا، جيئن ته:
1. Scinde or the Unhappy Valey-1851
2. Scinde & The Races Inhabit Valley of Indus-1851
3. Falconry in Valley of Indus.
رچرڊ برٽن هتي زئنزيبار جي شهر ”اسٽون ٽائون“ ۾ به اچي رهيو هو. بعد ۾ هو ”باگامويو“ ويو جتان پوءِ هن آفريڪا کنڊ جي اندرين حصن ڏي سفر ڪيو. رچرڊ برٽن پهريون يورپي هو جيڪو ٽانگانيڪا ڍنڍ تائين پهتو. هن زئنزيبار تي پڻ پنهنجي رهائش ۽ سفر نامي جو احوال لکيو آهي، جنهن ڪتاب جو نالو آهي: Zanzibar : City, Island and Coast هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1872ع ۾ ڇپيو. رچرڊ برٽن 1821ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ 1890ع ۾ وفات ڪيائين. هو جاگرافي دان، کوجنا ڪندڙ، برٽش راڄ ۾ ڪامورو ۽ ڊپلومئٽ، ليکڪ، جاسوس ۽ سٺو ترجميڪار هو. هن جو عربي ڪتاب ”الف ليليٰ“ ۽ هندي ڪتاب ”ڪماسترا“ جو انگريزي ترجمو مشهور آهي. هو ويس بدلائي، پاڻ کي عرب سڏرائي مڪي ۽ مديني پڻ ويو، جنهن جو سفر نامو لکيائين. هن آفريڪا، آمريڪا ۽ ايشيا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو ۽ ڪٿي ڪٿي هن نه فقط ويس وڳو ۽ پنهنجو حليو بدلايو پر نالو پڻ نئون نئون رکيو سندس ڪجهه نالا هن ريت آهن:
حاجي عبداليزيد
مرزا عبدالله بشري ۽
فرئنڪ بيڪر، وغيره.

سر مارٽن اسٽينلي ۽ ”باگامويو“ شهر...

مٿي لکيل يورپي Explorers مان هڪ ٻيو اسٽينلي (سڄو نالو: Sir Henry Morton Stanely) به مشهور آهي، جيڪو پڻ لڳ ڀڳ ان ئي ڏهاڪي ۾ زئنزيبار ۾ هو، جنهن ۾ رچرڊ برٽن رهيو. هو به هڪ ليکڪ، جرنلسٽ ۽ Explorer (کوجنائون ڪندڙ) کان علاوه فوجي ۽ سياستدان به هو. هو بيلجم جي بادشاهه جي چوڻ ۽ هن جي خرچ پکي تي نيل نديءَ جو Source معلوم ڪرڻ لاءِ هتي زئنزيبار ۾ آيو هو. هاڻ ته خشڪي توڙي سمنڊن جي چپي چپي جا نقشا آهن، وائرليس ۽ ٽيليفون آهن. ويندي وچ سمنڊ تي بيمار جي مدد لاءِ ويجهي ملڪ کان هيليڪاپٽر اچيو ٿو وڃي جيئن ”بوتلن جي سفر“ واري ڪتاب ۾ لکيو اٿم ته سکر جي ڪئپٽن عالم شيخ جي پٽ جو جهاز تي هٿ ڪپجي ويو ته هن کي ۽ هن جي والده کي ڪناري جي ڪنهن اسپتال ۾ پهچائڻ لاءِ ڪيپ ٽائون (سائوٿ آفريڪا) کان هيليڪاپٽر اچي ويو ۽ سمنڊ ۾ هلندڙ اسان جي جهاز تان هنن کي هيليڪاپٽر کڻي ويو. پر اڄ کان ڏيڍ ٻه صديون اڳ، جڏهن هي گورا اندروني آفريڪا جي خبر چار لاءِ مهم لاءِ نڪتا ٿي، ته هنن کي اها به خبر نه هئي، ته اڳتي بيابان هوندا يا جهنگل ۽ انهن ۾ ڪيترا ميل هلڻو پوندو. انهن جهنگلن ۾ ڪهڙا خطرناڪ جانور ۽ نانگ بلائون هونديون، ڪهڙا زهريلا ۽ ڏنگيندڙ جيت هوندا، ڪهڙيون وبائون ۽ بيماريون هونديون.... ۽ آفريڪا جي اندروني حصن ۾ جتي اهڙا گهاٽا جهنگل ۽ ڊگها گاهه هئا، جو اڳتي وڌڻ لاءِ درياهه ۾ ئي سفر ڪرڻو پيو ٿي، اتي جيڪي ماڻهو رهيا ٿي انهن مان ڪن قبيلن ته سندن مدد ڪئي ٿي، گهڻن ته خوف کان هنن کي ماري ڇڏيو ٿي ۽ ڪي قبيلا ته آدم خور به هئا، جن هنن گورن مُهم جُو انگريزن کي ڪچو کائي ڇڏيو ٿي يا ديڳ ۾ پاڻي ۽ لپ لوڻ جي وجهي ٽهڪائي کاڌو ٿي. اهو به شڪر جو ڪيترن جهنگلي قبيلن جي وهم ۾ اها ڳالهه هئي ته ڪنهن به گوري يعني اڇي چمڙيءَ واري ماڻهوءَ کي کائڻ سان بادي ٿي ٿئي. هنن کي دماغ ۾ اها ڳالهه هئي ته صحتمند ماڻهو ڪارو ئي ٿئي ٿو، اڇي کل بيماريءَ جي ڪري آهي، ان ڪري انهن بيمار ماڻهن کي نه ڪچو کائجي نه رڌي کائجي. سو اهڙين حالتن ۾ جن به آفريڪا جي اندرين حصن جي کوجنا ڪري اتي جا نقشا ٺاهيا ۽ احوال لکيا انهن کي Credit ڏئي سگهجي ٿو.
سر هينري مارٽن اسٽينلي به انهن بهادر ۽ وڏي دل وارن Explorers مان هو، جنهن وچ آفريڪا جي گهاٽن جهنگلن ۾ گهڙي اهو معلوم ڪيوته نيل ندي ٽانگانيڪا ڍنڍ وٽان شروع نٿي ٿئي جيئن ڪيترن کي اهو گمان هو. هو 1871ع ۾ زئنزيبار ٻيٽ کان باگامويو بندرگاهه تي آيو، جتان هن پاڻ سان 192 شيدي مزور سامان ڍوئڻ لاءِ کڻي سفر جي شروعات ڪئي. سندس جرمن ڪتو ته ڪجهه ڏينهن جي سفر بعد مري ويو. شايد ان کي هتي جي زهريلي مک Tse Tse (زي زيءَ) چڪ هنيو. مهيني اندر ڪيترائي شيدي مزور جهنگلن ۾ هلڻ جي تڪليف برداشت نه ڪري ڀڄي ويا ۽ باقي به هڪ هڪ ڪري هتي جي وچڙندڙ بيمارين ۾ مري کپي ويا. 8 مهينن جي سفر بعد هو ٽانگانيڪا ڍنڍ تائين پهچي ويو جتي هن جي گم ٿي ويل هڪ ٻئي ”مُهم جُو“ ڊئوڊ لونگ اسٽون (David Living Stone) سان به ملاقات ٿي. لِونگ اسٽون اڄ به زئنزيبار توڙي آفريڪا جي ڪناري واري شهر باگامويو جي ماڻهن جو ڄاتل سڃاتل سمجهيو وڃي ٿو - جتي اهي يادگار تاريخي گهر موجود آهن، جن ۾ هو رهيو. بهرحال سر هينري مارٽن اسٽينليءَ پنهنجي هن تاريخي سفر جو تفصيلي احوال پنهنجي سفرنامي:
How I found Livingstone: Travels, Adventures & Discoveries in Central Africa”
۾ لکيو آهي. سر مارٽن اسٽينلي 1841ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو ۽ 1904ع ۾ وفات ڪيائين.
سو آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري وارن بندرگاهن ۽ شهرن ۾ ”باگامويو“ اهم حيثيت رکي ٿو، جيڪو واپاري مرڪز هجڻ کان علاوه، هن شهر مان يورپي کوجنائون ڪندڙن (Explorers) پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو ٿي. هي شهر دارالسلام کان به پراڻو آهي - جنهن جو بنياد سلطان ماجد بن سعيد 1866ع ۾ رکيو. جرمن ايسٽ آفريڪا ڪمپني وارن جو باگامويو پهريون گاديءَ جو شهر هو. بعد ۾ دارالسلام جي وڌڻ تي جرمنن 1887ع ۾ جڏهن دارالسلام ۾ ريلوي اسٽيشن ٺاهي ته باگامويو جي اها اهميت گهٽجي وئي. هونءَ ته جرمنن، ڊچن، پورچوگالين پنهنجي ايشيائي ۽ آفريڪي قبضي ۾ آيل ملڪن ۾ ريلوي جهڙين شين تي خرچ ڪرڻ پسند نٿي ڪيو پر هتي آفريڪا جي ملڪ ٽانگانيڪا ۾ جرمن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن وڏو خرچ ڪري 1905ع ۾ دارالسلام کان ٽانگانيڪا ڍنڍ تائين ريلوي لائين وڇائي، ريل گاڏي هلائي جيڪا رستي تي پراڻي قافلي واري رستي تي ايندڙ شهرن تابورا، موروگورو، ڪلوسا ۽ ڪِيگوما ۾ ترسي ٿي. پهرين جنگِ عظيم جيڪا 1914ع کان 1918ع تائين هلي، ان ۾ جرمنيءَ هارايو ۽ انهن جو آفريڪا ۾ قبضي ۾ آيل ٽانگانيڪا ۽ ٻيو علائقو انگريزن حوالي ٿي ويو.
بهرحال باگامويو جي تاريخي حيثيت دارالسلام جهڙن بندرگاهن کان به وڌيڪ آهي ۽ دارلاسلام وانگر باگامويو تنزانيا ۾ آهي. جيڪي ماڻهو دارالسلام يا زئنزيبار ۾ رهن ٿا يا اهي شهر ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا، انهن کي آئون اهائي صلاح ڏيندس ته آفريڪا جو هي جهونو ۽ پنهنجي وقت جو بلي بلي شهر ”باگامويو“ ضرور وڃن، جيڪو دارالسلام کان باءِ روڊ 63 ڪلوميٽر آهي - يعني ڪراچيءَ کان ٺٽي جيترو پري آهي. هتي جون بسون ڏيڍ ڪلاڪ وٺن ٿيون ۽ رستي تي اهي مختلف شهرن ۾ ترسن ٿيون. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسانجو جهاز دارالسلام ۾ لنگرانداز ٿيو هو ته هڪ دفعو هڪ ڏينهن لاءِ آئون به باگامويو ويو هوس. هن پاسي جي دنيا ئي نرالي آهي. باگامويو شهر توڙي ٻهراڙيءَ جا گهر، دڪان، مختلف ويس وڳن ۾ هتي جا ماڻهو جن ۾ نج آفريڪي شيدي به آهن ته عرب ۽ انڊين نسل جا به، جيڪي ڪجهه گهٽ ڪارا ۽ ڪڻڪ رنگا آهن، ته ناسي ڪارن شيڊن جا به شيدي آهن.

باگامويو شهر جو هڪ سخي مرد کوجو...

تنزانيا جي تاريخي شهر باگامويو (Bagamoyo) جي ڳالهه نڪتي آهي، ته هتي جي هڪ اهم آغا خاني کوجي همراهه سيوا حاجي پارو (Sewa Haji Paroo) بابت چند سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو. اهو ان ڪري نه ته باگامويو ۾ هي ئي هڪ ننڍي کنڊ جو ماڻهو رهيو ٿي. هرگز نه. زئنزيبار وانگر اڄ به باگامويو ۾ بوهري، کوجا، ڪڇي، سنڌي، گجراتي، سک رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ اهي ايترا نه آهن، جيترا 1970ع واري ڏهاڪي ۾ يا اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ هتي رهيا ٿي. ۽ اها پڻ حقيقت آهي ته ڪيترن ئي هندن توڙي مسلمانن خاص ڪري بوهرين ۽ آغا خانين هتي خير جا ڪم به ڪيا - جيئن ته عام ماڻهن لاءِ اسڪول، اسپتالون، مسافر خانا، روڊ رستا ۽ پارڪ وغيره ٺهرايا. پر سيوا حاجي پارو هن سڄي اوڀر آفريڪا واري بيلٽ (ڪينيا، تنزانيا، موزمبق، نياسالئنڊ، يوگنڊا) ۾ پهريون ننڍي کَنڊ جو مخير Philanthropist هو، جنهن عوام جي ڀلي لاءِ پنهنجو پئسو خرچ ڪيو. هن دارالسلام۾ پنهنجي خرچ تي ”سيوا حاجي پارو هاسپيٽل“ ٺهرائي. انهن ڏينهن ۾ دارالسلام (ٽانگانيڪا) جرمنن جي قبضي ۾ هو. پهرين جنگ عظيم بعد اهو جڏهن انگريزن جي ڪالوني ٿي ته هنن 1956ع ۾ Sewa Haji اسپتال جو نالو بدلائي مارگريٽ اسپتال رکيو ۽ پوءِ 1961ع ۾ ٽانگانيڪا کي آزادي ملي ته هنن هن اسپتال جو نالو Muhimbili Hospital رکيو. 1259 بسترن جي هيءَ اسپتال Muhas يونيورسٽي (موهيم بلي يونيورسٽي هيلٿ ائنڊ الائيڊ سائنسز) سان منسلڪ آهي، جنهن جو هڪ حصو سيوا حاجي پارو نالي آهي.
سيوا حاجي پارو شروع کان مذهبي طبيعت جو واپاري هو. مرڻ وقت به هو وصيت ڪري ويو ته هن جا باگامويو ۽ دارالسلام ۾ سمورا گهر جرمن حڪومت حوالي ڪيا وڃن، جيڪا پنهنجي نظرداريءَ ۾ انهن مان مليل مسواڙ مان ڪوڙه جي مريضن کي کاڌو مهيا ڪري ۽ باقي رقم باگامويو اسپتال تي لڳائي وڃي. 1880ع ۾ هن باگامويو ۾ پٿر جا ڪجهه پڪا گهر خريد ڪري ورتا هئا، جتي هن چاهيو ٿي ته غريبن، يتيمن ۽ بي وارثن جي علاج لاءِ اسپتال ٺاهي وڃي. هن کي تعليم لاءِ به وڏو فڪر هو. هن سمجهيو ٿي ته جهالت خراب شيءِ آهي، جيڪا انسان کي جذباتي بڻائي ٿي ۽ پوءِ اهو ماڻهو آسانيءَ سان غلط ڪمن تي لڳي سگهي ٿو. سو مقامي شيدي ٻارن ۽ باگامويو ۾ رهندر ننڍي کنڊ جي واپارين ۽ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم لاءِ هڪ گهڻ ماڙ عمارت (Multi-storey Building)خيرات ۾ ڏني. سيوا حاجي پارو جي سخاوت جون ڳالهيون سڄي اوڀر آفريڪا ۾ مشهور آهن، ايتري قدر جو عيسائي تبليغي جماعت جا جرمن به هن اسماعيلي سخي مرد کي Our generous friend (اسان جو سخي دوست) جي خطاب سان مخاطب ٿيندا هئا. لڳي ٿو هن شهر ۾ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهيا ٿي انهن ۾ سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات پاسي جا آغا خاني (اسماعيلي) واپاري گهڻا هئا، جو باگامويو شهر ۾ هڪ تمام آڳاٽو جماعت خانو به آهي، جنهن جي بالڪنيءَ مان سمنڊ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سيوا حاجي ۽ ٻين جو اولاد جن سان منهنجي باگامويو ۾ ملاقات ٿي، ممباسا جي کوجن، بوهرين ۽ ڪڇين وانگر سنڌي به ڳالهائي ٿي جيڪا ڪڇي ۽ گجراتي لفظن سان ڀرپور هئي.
سيوا حاجي پارو (جنهن کي سيوا پٽ حاجي پارو ڪري لکان ته پڙهندرن کي مونجهارو گهٽ ٿيندو) جو پيءُ حاجي پارو پراڌان (يعني حاجي پارو پٽ پراڌان) ۽ چاچو جعفر 1950ع ۾ ڀوڄ (ڪڇ) کان زئنزيبار آيا هئا ۽ هنن 1952ع ۾ هڪ ننڍڙو جنرل اسٽور قائم ڪيو جنهن مان هنن جي گهڻي کڻي نه پر چڱي خاصي ڪمائي شروع ٿي ۽ ڏهه سالن بعد 1860ع ۾ هنن باگامويو ۾ ان اسٽور جي شاخ کولي. حاجي پارو کي چار پٽ ٿيا، جن مان وڏو سيوا هو، جيڪو 1851ع ۾ زئنزيبار ۾ ڄائو. هن پنهنجي پيءُ کان واپار سکيو ۽ هن سان ئي گڏ رهيو ٿي. 1869ع ۾ هن جا ٻه ڀائر گذاري ويا ۽ هاڻ هن کي اڪيلي سر ان وقت جي مشهور ڪمپني Haji Kanj & Co جو ڪاروبار هلائڻو پيو.
سيوا حاجي پارو ننڍي هوندي کان محنتي ۽ ذهين بزنيس مئن ثابت ٿيو. هن باگامويو مان گذرندڙ قافلن سان سامان جي خريد و فروخت ڪئي ٿي. هن ٻاهران هند، سنڌ، ايران، چين ۽ عربستان کان ايندڙن کان ريشمي ڪپڙو، موتي، پتل جون تارون ۽ ٽامي جا ٿانوَ خريد ڪيا ٿي ۽ کين عاج، گينڊي جي سڱن ۽ دريائي گهوڙن (Hippos) جي ڏندن جو وڪرو ڪيو ٿي. بهرحال سيوا کي ان واپار مان وڏو فائدو ٿيو ٿي. ايتريقدر جو زئنزيبار جي انهن ڏينهن جي سلطان (پنجين سلطان) حامد بن ثووينيءَ (جيڪو 1893ع کان 1896ع تائين سلطان رهيو) سيوا کي پنهنجي ملڪ جو واپاري نمائندو مقرر ڪيو ته هو زئنزيبار جي ٻنهي ٻيٽن: انگوجا ۽ پيمبا تي ٿيندڙ لونگن ۽ ڏونگهين (ناريلن) جي وڪري جو بندوبست ڪري، جنهن تي سلطان هن کي 5 سيڪڙو ڪميشن جي آڇ ڪئي هئي.
سيوا حاجي پارو يا ننڍي کنڊ جي ڪنهن واپاريءَ (هندو توڙي مسلمان) پاڻ کي سنئون سڌو غلامن جي وڪري ۾ نه لڳايو. سيوا ۽ ڪجهه بوهرين هارڊويئر سان گڏ هٿيارن جو وڪرو ضرور ڪيو ٿي، جيڪو اڄ به بوهري جتي ڪٿي ڪندا رهن ٿا. حيدرآباد سنڌ ۾ به ڪنهن زماني ۾ بندوقن ۽ گولين جا دڪان صدر جي علائقي ۾ بوهرين جا هئا. هينئر جي خبر نه اٿم.
آفريڪا جي ڏاکڻي ڪناري يا اندروني آفريڪا ۾ هتان باگامويو مان ئي بندوقون، بارود ۽ اسلح ويو ٿي. هڪ اندازي مطابق هر سال ڏهه هزار کان مٿي بندوقون وڪرو ٿيون ٿي. بهرحال سيوا جا وڏا کڻي انڊيا کان آيا پر هو صحيح معنيٰ ۾ آفريڪا جي ڌرتيءَ جو فرزند هو. هن آفريڪا جي ماڻهن لاءِ دل ۽ جان سان هتي جو ڪمايل پئسو هتي ئي خرچ ڪيو. هن جي سخاوت جون ڳالهيون يورپي به ڪن ٿا، جنهن جو ذڪر رابرٽ گريگري نالي هڪ انگريز پنهنجي ڪتاب “The Rise and Fall of Philanthropy in East Africa” ۾ پڻ ڪيو آهي. سيوا حاجي پارو 1891ع ۾ زئنزيبار ۾ گذاري ويو.
سيوا حاجي پارو بابت هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو باگامويو جي ڪئٿولڪ ميوزيم ۾ ڏٺم، وليم ڪاديليا ۽ فيلڪس دنگورو جو لکيل آهي. ڪتاب جو نالو آهي:
1851-1897 Sewa Haji Paroo in Bagamoyo: Once Important, Now Forgotten.

ممباسا جو ”عليڏنو وسرام اسڪول“

هونءَ خير جي ڪمن لاءِ ڪريڊٽ فقط ”سيوا حاجي پارو“ نالي آغا خاني خوجي کي نٿو ڏئي سگهجي، آفريڪا جي ملڪن: ڪينيا، يوگينڊا، تنزانيا، زئنزيبار وغيره ۾ بوهرين ۽ خوجن (اسماعيلي ۽ اثنا عشري) ۽ ڪڇين جون عوام لاءِ ڪيتريون ئي اسپتالون، اسڪول ۽ پارڪ نظر اچن ٿا. دارالسلام ۾ ”سيوا حاجي پارو“ جي اسپتال کان علاوه آغا خان اسپتال به آهي، جيڪا 1929ع ۾ پهرين ڊسپينسري جي صورت ۾ کلي ان بعد اها 64 بسترن جي اسپتال ٿي ۽ هاڻ ٻه سئو بسترن جي هڪ ماڊرن اسپتال آهي، جتي ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ٿئي ٿو ۽ اسپتال وارا اهو ئي بانور ڪن ٿا ته هيءَ اسپتال بنا فائدو ڪمائڻ جي ڪم ڪري رهي آهي.
هونءَ تنزانيا جي مٿي بيان ڪيل شهر باگامويو ۾ خوجن (آغا خانين) جي آمد جي تاريخ تي نظر وجهجي ته هو انڊيا کان يعني سنڌ، ڪڇ، گجرات کان اوڻهين صدي جي شروعات ۾ هن طرف يعني زئنزيبار، ممباسا ۽ باگامويو اچڻ شروع ٿيا هئا. 1840ع تائين اڍائي هزار کن آغا خاني هتي اچي ويا هئا، جن ۾ 26 ڄڻا زالن سان آيا هئا. هتي اها ڳالهه به لکندو هلان ته انڊيا مان هندو واپاري هميشه اڪيلا نڪتا ٿي. خاص ڪري گجراتي هندن عورت جي سمنڊ ذريعي سفر ڪرڻ کي پاپ جهڙو ڪم سمجهيو ٿي. يعني انهن شروعاتي سالن ۾. سنڌي هندو جيتوڻيڪ نه سمجهندا هئا پر شروعات ۾ اهي به اڪيلا نڪتا هئا. پر آغا خاني شروع کان فئملين سان گڏ رهيا ٿي ۽ هنن جي عورت نه فقط سٺي زال پر هن جي بزنيس پارٽنر به هئي. مرد پاڻ هول سيل جو ڪم ڪيو ٿي ته هن جي زال دڪان تي ويهي ريزڪي ڌنڌي کي منهن ڏنو ٿي. 1865ع ڌاري سڀ کان گهڻا آغاخاني اٽڪل 2100 زئنزيبار ۾ رهيا ٿي ۽ ٻئي نبر تي باگامويو ۽ ڪِلوا (Kilwa) ۾.
پروفيسر برائون لکي ٿو ته ڪيترا خوجا 1840ع کان به اڳ زئنزيبار اچي ويا هئا. انهن مان هڪ اسماعيلي سومجي خاخوئاني (Somji Khakhuani) هو، جنهن جي مٽي مائٽي ممباسا جي مشهور خوجا واپاري امير سومجي ۽ وئنڪوئر جي نوردين سومجيءَ سان ملي ٿي. هن جي فئملي ”قاسمعلي اسماعيل ائنڊ ڪمپنيءَ“ جي نالي سان مشهور هئي. 1850ع ڌاري هنس راج برادرس (ڪانجي ۽ جان محمد) باگامويو ۾ Settle ٿيا. باگامويو ۾ جيڪو خوجن جو جماعت خانو آهي، اهو انهن ڪانجي ۽ جان محمد وارن ٺهرايو ۽ ٻئي واري واري سان ان جا مُکي مقرر ٿيا.
پروفيسر برائون وڌيڪ لکي ٿو ته 19 صديءَ ۾ باگامويو شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ ساک وارا ۽ ناليرا ٻه خوجا هئا؛ هڪ سيوا حاجي پارو ۽ ٻيو عليڏنا وسرام (Alidina Visram). سيوا حاجي پارو جي پاڻ ڳالهه ڪري چڪا آهيون. هتي عليڏني جي ڳالهه ڪنداسين، جيڪو هن پاسي عليڊنو سڏيو وڃي ٿو جو هن جو انگريزيءَ ۾ نالو ائين “D” سان لکيو ويو ٿي. مون کان به اهڙا نالا ڪڏهن ڏنو ته ڪڏهن ڊنو لکجيو وڃن. ٻي ڳالهه ته هي سومجي، وسرام، پارو، سيوا جهڙا نالا ۽ ذاتيون اڄ به ڪڇين، گجراتين ۽ ٿر پاسي جي ماڻهن ۾ عام آهن.
”عليڊنو وسرام“ جنهن جو نالو پڻ خير جي ڪمن ڪري سڄي اوڀر آفريڪا ۾ مشهور آهي ۽ ”سيوا حاجي پارو“ وانگر هن جو به خوجا اسماعيلي ڪميونٽي سان تعلق هو. هو آفريڪا جو وڏي ساک وارو ۽ امير واپاري ۽ عاج جو بادشاهه سڏيو ويو ٿي. 1916ع ۾ جڏهن هو گذاري ويو ته ذري گهٽ اوڀر آفريڪا جي سڀني ملڪن (ڪينيا، يوگنڊا، ڪانگو، تنزانيا، زئنزيبار وغيره) جي دڪاندارن عليڊني جي وفات جي ڏک ۾ هڪ ڏينهن لاءِ دڪان بند ڪري ڇڏيا. (انهن ڏينهن ۾ پهرين وڏي لڙائي به هلي رهي هئي). سندس دفن وقت يوگنڊا جو ڪباڪا (بادشاهه) ۽ يوگنڊا جو گورنر لاش کي هيٺ قبر ۾ لاهڻ لاءِ حاظر ٿيا هئا. بوگنڊا (Buganda) يوگنڊا جي اندر بنٽو قبيلي جي بادشاهت آهي، جنهن جو بادشاهه ڪباڪا (Kabaka) سڏيو وڃي ٿو. انهن ڏينهن ۾ ”دائودي چوا ٻيو“ 1897ع کان 1939ع تائين بادشاهه هو. يوگنڊا جي گادي واري شهر ڪمپالا ۾ ڪولولو ٽڪريءَ تي جيڪو مسلمانن جو قبرستان آهي، عليڊنا وسرام جو ان ۾ وڏي گنبذ وارو مقبرو آهي.
عليڊنا وسرام نالي ڪٿي پڙهيو هوم ته هن جي ڪمپالا ۾ يوگنڊا جي ڪباڪا (بادشاهه) Daudi Chwa سان جيڪا آخري ملاقات ٿي هئي، ان ۾ جڏهن بادشاهه چيو هوس ته ”عليڊنا توکي ته غريب غربو سڀ هميشه ياد رکندا“ ته جواب ۾ عليڊنا چيس:
“Everybody eventually gets forgotten” (آخرڪار هرڪو دل تان لهيو وڃي.)
بلڪل. عليڊنا وسرام جي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. هو ماڻهن جي دلين تان ڪڏهوڪو ميسارجي چڪو هجي ها پر سندس هڪ ڪم ڪري هو ڪينيا جي ماڻهن جي دل تي اڄ به زندهه آهي. اهو سندس نالي واري هاءِ اسڪول ”عليڊنا وسرام هاءِ اسڪول، ممباسا“ جي ڪري - جيڪو هن جي پٽ عبدالرسول ٺهرايو)، جنهن مان اڄ تائين هزارين ٻار پڙهي چڪا آهن ۽ اهي آفريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين ۾ پڙهائي رهيا آهن. واقعي اهو اهڙو ڪم آهي، جنهن ڪري اسان وٽ به اڄ تائين نور محمد، مخدوم غلام حيدر، حسن علي آفندي، واڌومل گوڪلاڻي، چيلا سنگهه، سيتل داس ۽ ڏيارام ڄيٺمل جهڙا ماڻهو ياد ڪيا وڃن ٿا. عليڊنا وسرام جي هن اسڪول بابت آئون ممباسا واري سفرنامي ”ممباسا، شيدي باڇا همباشا“ ۾ 20 سال کن اڳ لکي چڪو آهيان ته بوهرين ۽ اسماعيلي خوجن جي عوامي ڀلي لاءِ ڪيل ڪمن ڪري، هنن کي هر ملڪ جا رهاڪو پسند ڪن ٿا. ممباسا ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙن کي صلاح ڏيندس ته هو هن اسڪول کي ضرور ڏسن. عبدالناصر روڊ جتي ختم ٿئي ٿو اتي مسجد الفرقان ۽ الفرقان ڪيفي جي ڀرسان هي اسڪول سمنڊ جي ڪناري تي آهي. اسڪول جي ميدان توڙي ڪلاس روم مان هندي وڏي سمنڊ جو نظارو پسي سگهجي ٿو... نيلي آسمان جي هيٺيان بلو رنگ جي سمنڊ تي هر وقت مختلف ملڪن جا وڏا جهاز ۽ ٻيڙيون نظر اچن ٿيون. اسڪول جي هڪ عمارت جي ڀت تي وڏن اکرن ۾ انگريزيءَ ۾ هن اسڪول جي Mission لکيل آهي:
“To provide quality all round education by offering efficient and effective teaching and other instructions in a conducive environment.”
هن اسڪول جي ٽن پاسن کان سمجهو ته هندي سمنڊ نظر اچي ٿو پٺئين پاسي زمين آهي، جتي روڊ جي ٻئي پاسي هتي جي هڪ پراڻي اسپتال ليڊي گرگ (Grigg) مئٽرنٽي اسپتال آهي، جنهن کان ٿورو اڳيان مسجد علي آهي.
عليڊنا وسرام نالي هي اسڪول هن جي پٽ سيٺ عبدالرسول پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ 1820ع ۾ ٺهرايو. عليڊنا جو پٽ عبدالرسول سڄي آفريڪا ۾ هندي لفظ ”سيٺ“ سان سڏيو ويو ٿي. هن اسڪول جي بهترين سائيٽ جي ڳولا ۽ ان جي عمارت جي سونهن سوڀيا تي سيٺ عبدالرسول ڪا ڪسر نه ڇڏي. اسڪول جي ڊزائين توڙي هئڊي رنگ جي خاص پٿر، لوهه ۽ اسڪول جي ڏاڪڻين ۽ درن درين لاءِ ٽِيڪ جو ڪاٺ انڊيا مان گهرايو. هن اسڪول ٺهڻ بابت هتي جي ماڻهن ٻڌايو ته هڪ مشڪل درپيش آيو هو. اهو هي ته اسڪول مسلمانن جي پراڻي ۽ ڊٺل قبرستان ڀرسان هجڻ ڪري اسڪول جون ڀتيون ڪيترائي دفعا ڪِري پيون. رازا مستري وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان ڊڄي ويا ته شايد گذاري ويل ماڻهن جا روح هن اسڪول جي ٺهڻ مان خوش نه آهن. ٺهرائڻ وارا مالڪ به منجهي پيا. پوءِ مقامي ماڻهن جي صلاح سان هو هتي جو شيدي ڀوپو وٺي آيا جنهن لاءِ هنن جو اهو ئي اعتقاد هو ته هن جو روحن سان واسطو رهي ٿو ۽ هن کي ان معاملي جو علم آهي. اهڙي عالم، جادوگر، پير کي هتي جا ماڻهو سواحلي ٻوليءَ ۾ ذِمو (Mzimu) سڏين ٿا . هن ڪجهه جادو منتر پڙهڻ بعد مالڪن کي ڪجهه قرباني (Offering) ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن سان ناراض روح راضي ٿي سگهن. مالڪن جي ”ڪجهه“- يعني Cash، ذمو معرفت ڏيڻ بعد اسڪول جو ڪم بنا رنڊڪ جي هلڻ لڳو.
مٿين ڳالهه مون نموني خاطر لکي آهي ته سنڌ وانگر آفريڪا ۾ ان قسم جا وهم وسوسا انيڪ ٻڌندئو پر هاڻ اهي سڀ ماضيءَ جون ڳالهيون آهن. اڄ تعليم آفريڪا کي مختلف بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي اتي اها پيري مريدي، قبر پرستي، مڪار ڀوپو ۽ تعويذ لکڻ يا ڌاڳو وٽي ڏيڻ واريون بيبيون ۽ بزرگ نه رهيا آهن، جيڪي ڳالهيون اسان جي سنڌ ۾ اڃا جاري آهن. اسان وٽ ان جو واحد سبب تعليم جي کوٽ ۽ مذهب کان اڻ ڄاڻائي آهي.
1923ع ۾ هي اسڪول ٺهي راس ٿيو ۽ اسڪول جا دروازا شاگردن لاءِ کوليا ويا. هن اسڪول ۾ 500 شاگردن جي گنجائش رکي وئي ۽ پهرين سال ئي 300 کان مٿي شاگردن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) داخلا ورتي. هن اسڪول ۾ شروع جا سال مخلوتي تعليم (ڪو ايڊيوڪيشن) رهي پر پوءِ 1985ع ۾ هي اسڪول فقط ڇوڪرن (Boys) لاءِ مقرر ڪيو ويو. ڇوڪرين لاءِ الڳ اسڪول ٺاهيو ويو. اڄ ڪلهه هن اسڪول ۾ شهر جي 600 ٽاپ شاگردن کي داخلا ڏني وڃي ٿي ۽ هن اسڪول جي شروع ٿيڻ کي لڳ ڀڳ هڪ صدي ٿي وئي آهي. هيڊ ماسٽر جي آفيس ۾ لڳل بورڊ تي نظر ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هيستائين هن اسڪول جا 22 پرنسپال ٿي گذريا آهن. هن اسڪول جي شاگردن مان ڪيترائي هن ملڪ ڪينيا ۽ اوسي پاسي جي ملڪن ۾ اهم عهدن تي رهي چڪا آهن. اڄ ڪلهه ملڪ جو چيف جسٽسWilly Mutunga ۽ ٽي چار موجوده M. P پڻ ننڍپڻ ۾ هن اسڪول جا شاگرد هئا.

سيٺ عليڏني وسرام خوجي جي ڪهاڻي

سيٺ عليڏنو وسرام سال 1851ع ۾ ڪڇ جي ڪيرا ڳوٺ ۾ ”وسرام لعلجي“ نالي اسماعيلي خوجي جي گهر ۾ ڄائو. عليڏنو ٻارهن سالن جو هو ته هن جي والد 1863ع ۾ ڌائو (Dhow) ٻيڙيءَ ذريعي هن کي سيوا جي پيءُ ”حاجي پارو پراڌان“ ڏي زئنزيبار موڪليو.
انهن ڏينهن ۾ اڃا ڪَلَ تي هلندڙ جهاز (آگبوٽ) ايجاد نه ٿيا هئا. ماڻهن هوا جي رخ تي هلندڙ سڙهه وارين ٻيڙين ۾ سفر ڪيو ٿي، جن جا مختلف قسم هئا. هڪ يا ٻن ٽڪنڊي سڙهن واريون هي ٻيڙيون جيڪي ڌائو سڏيون ويون ٿي گلف، بحر احمر، عمان ۽ ممباسا جي وچ ۾ هليون ٿي. انهن لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڄاڻ نه ٿي سگهي آهي ته اهي عربن ايجاد ڪيون يا انڊين. وڏن سڙهن وارين ٻيڙين (Sailing Boats) ۾ گوادر، ڇابهار يا ديٻل ٺٽي کان ڪنارو ڪنارو ڏئي مُندرا، مانڊوي، اوکا، لکديپ يا ڪولمبو پهچڻ ۾ ئي دل گردي جي ڳالهه هئي، اتي انڊيا جي اولهه واري ڪناري (ڪوچين، ڀوڄ، سورت، ٺٽي) کان وچ هندي سمنڊ اُڪري ٽن يا چئن هفتن بعد زئنزيبار پهچڻ ۾ سر جو سانگو کڻي نڪرڻو پيو ٿي. سوچيو ته سيٺ عليڏني جهڙي ٻارهن سالن جي ٻار جڏهن انڊيا جو ڪنارو ڇڏيو هوندو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا سندس ماءُ پيءُ جو ساهه هيٺ مٿي رهيو هوندو. اڄ ڪلهه ڪنهن جو ٻار هوائي جهاز ۾ نيو يارڪ يا لنڊن ٿو وڃي ته هن جي مائٽن لاءِ فقط اهو ڏينهن ڳرو ٿيو پوي ۽ هر وقت هن جي خيريت سان پهچڻ جي فون ذريعي خبر اچڻ جو انتظار ٿو رهي. جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه ٽي وي ۽ انٽرنيٽ دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ آئون ته اهو چوندو آهيان ته هن جي فون جو به ڇو ٿا انتظار ڪريو؟ فون ته هو منزل تي پهچڻ کان پنج ڇهه ڪلاڪ رکي پوءِ ڪندو جيسين هو ايئر پورٽ جي اميگريشن ۽ ڪسٽمس مان فارغ ٿي ٻاهر نڪري ۽ ٽئڪسي ڪري پنهنجي هاسٽل يا مائٽن وٽ پهچي. بيسٽ ته اهو آهي ته ٽي وي کي آن رکو. منزل تي پهچڻ کان اڳ اهو جهاز ڪٿي تباهه ٿي ويو ته يڪدم خبر ايندي پر جي هن جي Arrival ٽائيم تائين هن جي PIA، عرب اميريٽ يا KLM جهاز جي ڪا خراب خبر نه آئي ته معنيٰ جهاز منزل تي پهچي ويو ۽ توهان جو ڇوڪرو پاسپورٽ تي ٺپو هڻائڻ لاءِ ايئرپورٽ تي ڊگهي قطار ۾ بيٺو آهي. واندو ٿي پاڻهي فون ڪندو.
پر عليڏني وسرام يا سيوا حاجي پارو جي ڏينهن ۾ ائين نه هو. نه هيون سلامتي واريون ٻيڙيون ۽ نه موبائيل فون. ڀوڄ (ڪڇ ضلعي) يا ديبل کان باگامويو يا زئنزيبار (اوڀر آفريڪا) ۾ پهچڻ لاءِ مهينو کن ڏينهن راتين جو لڳو ٿي، سو به تڏهن جڏهن موسم ۽ سمنڊ صحيح هجي نه ته خراب سمنڊ ۽ خراب موسم ڪري واسڪو ڊاگاما کي ڪوچين (انڊيا جي ڪناري) کان ممباسا پهچڻ ۾ ٽي مهينا لڳي ويا هئا. سو هر ڳالهه صحيح هجڻ تي ٻارهن سالن جي عليڏني کي يا ڪنهن ٻئي کي زئنزيبار پهچڻ ۾ مهينو ته لڳو ٿي پر اتي پهچڻ سان هڪ غريب جو ٻار پنهنجي ملڪ پهچڻ جو اطلاع ته نٿو ڪري سگهي. انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جهڙي شهر ۾ به فون نه هئا. ڪجهه سالن بعد اطلاع لاءِ مورس ڪوڊ وارو ٽيليگرام سسٽم ايجاد ٿيو هو سو به دنيا جي فقط وڏن شهرن جي ڪن پوسٽ آفيسن ۾. عليڏني ته انهن ڏينهن جي وهنوار مطابق پنهنجي پهچ جو اطلاع ڪنهن ٻئي انڊين هٿان موڪليو هوندو، جيڪو واپس انڊيا وڃي رهيو هوندو. يعني هن جي مائٽن کي ٻن مهينن جو انتظار ڪرڻو پيو هوندو. ان جو مطلب اهو ته سگهو سگهو ته به ٻن مهينن بعد عليڏني جهڙي مسافر جو مائٽن کي اطلاع مليو هوندو ته سندن نينگر زئنزيبار پهچي ويو. جنهن بعد هنن جي پيٽ ۾ ساهه پيو هوندو ته سندن نينگر رستي تي ٻُڏي وڃڻ يا شارڪ مڇيءَ جي پيٽ حوالي ٿيڻ يا قزاقن جي ڦرلٽ تي مارجي وڃڻ بدران سلامتيءَ سان زئنزيبار، ممباسا يا باگامويو پهچي ويو.
پر پڙهندڙن کي اها پڻ حقيقت ٻڌائيندو هلان ته ڪنهن کي به ٻن مهينن اندر پهچ جو اطلاع نٿي مليو. ان زماني ۾ جڏهن سڙهن واريون ٻيڙيون هوا جي رُخ مطابق هلنديون هيون، اڄ وانگر نه هو ته اسان جو جهاز ڪراچيءَ مان سامان کڻي ڪولمبو ۾ لاهي وري اتان سامان کڻي يڪدم ڪراچيءَ لاءِ نڪري. انهن ڏينهن ۾ جيڪي ٻيڙيون ڪراچيءَ کان ڪولمبو وينديون هيون يا ڪوچين (ملبار ڪناري) کان ممباسا وينديون هيون، اهي اتي گڏ ٿينديون وينديون هيون ۽ پوءِ اٽڪل چار پنج مهينن بعد، هوائن جو رُخ بدلجڻ تي اهي هڪ هڪ ٿي موٽنديون هيون. سو هنن بوهرين، خوجن يا اسان جي سنڌي هندن- جن به انهن ڏينهن ۾ سفر ڪيو ٿي، انهن سر جو سانگهو لاهي ڪيو ٿي مائٽن پنهنجن پيارن لاءِ اکا باسي انتظار ڪيو ٿي ته جلد خير جي خبر اچي. ايڏا وڏا سفر خطري کان خالي نه هوندا هئا. هن قسم جون ڪمزور ڪاٺ جون ٻيڙيون ته ڪراچي يا زئنزيبار جي ڪناري وٽ پهچي به تيز هوائن يا وڏين طوفاني لهرن جو مقابلو نه ڪري، ٻڏي ويون ٿي.
1863ع ۾ عليڏنو وسرام ”ڪيرا“ ڳوٺ کان زئنزيبار پهچي سيوا جي پيءُ حاجي پارو پراڌان وٽ پهتو، جنهن هن کي باگامويو شهر ۾ سندس پٽ سيوا جي دڪان تي، هن جو اسسٽنٽ ڪري رکيو.
گذريل دفعي ممباسا آيو هوس ته اتي جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ کان مون پڇيو هو ته عليڏنا وسرام جو هي ”ڪيرا“ ڳوٺ ڪٿي آهي. دراصل هو پاڻ به ان ڳوٺ جو هو. هن ٻڌايو ته اهو ڪيرا ڪڇ ضلعي ۾ آهي ۽ ڀوڄ کان ڏکڻ طرف 22 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ڀوڄ کان اڀرندي طرف انجار ڳوٺ 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جتي پڻ بوهري ۽ خوجا رهن ٿا. ڪراچيءَ ۾ به ڪيترائي ماڻهو انجار جا رهن ٿا ۽ ڪلفٽن تي بلاول چورنگيءَ کان اڳ ”انجار والا“ نالي مٺائي ۽ ڪيڪ بسڪٽن جو دڪان به آهي. ممباسا ۾ رهندڙ سنڌي هندو دڪاندار (هن وقت نالو ياد نه اٿم) جنهن کي اسين سندس ذات دادلاڻيءَ سان سڏيندا هئاسين، ان ٻڌايو ته هن جو ڏاڏو هندوستان جي ورهاڱي کان اڳ ڀوڄ شهر ۾ انگريزن جي پوسٽ کاتي ۾ ڪلارڪ هو. اتان رٽائرمينت حاصل ڪرڻ بعد هو فئملي سان ڪيرا ۾ رهي پيو، جتي شِوَ جو آڳاٽو مندر آهي، جيڪو بعد ۾ 1819ع ۾ رڻ ڪڇ ۾ لڳل زلزلي ۾ زبون ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته ”ڪيرا هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو پر ان ۾ خوجا مسلمان جام رهيا ٿي.“
”ڇو ڀلا؟ شِوَ جي مندر ڪري؟“ مون پڇيو هئو مانس.
”نه. ڪيرا ۾ هنن جي هڪ پير غلام علي شاهه جي درگاهه آهي، جيڪو پير صدرالدين جي اولاد مان چيو وڃي ٿو،“ دادلاڻيءَ ٻڌايو.
بعد ۾ اتي جي ڪنهن اسماعيلي خوجي ٻڌايو ته پير صدرالدين چوڏهين صديءَ جو نزاري اسماعيلي داعي هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن نزاري خوجا ڪميونٽيءَ جو بنياد رکيو. هو ايران ۾ 1290ع ۾ ڄائو هو. پوءِ ننڍي کنڊ ڏي سفر ڪندي سنڌ ۾ ٺٽي پاسي Settle ٿيو. هن ڪڇ ۽ گجرات جا ڪيترا هندو مسلمان (خواجا اسماعيلي شيعا) ڪيا. 1367ع ۾ سندس وفات ٿي.
پير غلام علي شاهه ڪدوال جيڪو پير صدرالدين جي اولاد مان چيو وڃي ٿو، 1792ع ۾ ڪڇ مان گذرندي ڪِيرا پهتو ته هن کي هي ڳوٺ بيحد پرسڪون لڳو ۽ اتي رهي پيو. هو اتان تبليغي ڪمن لاءِ ڪڇ، سنڌ، گجرات سفر ڪندو رهيو. 1796ع ۾ هو ڪراچي ۾ هو ته هن جي اتي وفات ٿي. ڪراچي جي خوجن هن کي اتي ئي دفن ڪرڻ چاهيو ٿي پر چون ٿا - يعني جيئن مون ٻڌو آهي ته، ڪنهن کي خواب ۾ هن بزرگ اهو چيو ته هو ڪيرا ۾ دفن ٿيڻ چاهي ٿو. چون ٿا ته دفن کان اڳ هنن پيتي کولي ته ان ۾ لاش موجود نه هو. فقط گلاب جي گلن جا پن هئا. ان بعد اها پيتي ڪيرا (ڀوڄ) موڪلي وئي.
پاڻ ڪِيرا کان زئنزيبار آيل ٻارهن سالن جي اسماعيلي خوجي عليڏني وسرام جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن هڪ روپئي روز جي پگهار تي سيوا حاجي پارو سان گڏ انهن جي دڪان تي ڪم شروع ڪيو. هتي پڙهندڙن جي يادگيري لاءِ لکندو هلان ته سيوا جو پيءُ حاجي پارو پِراڌان عليڏني وسرام کان تيرهن سال اڳ 1850ع ۾ زئنزيبار آيو هو، جتي ٻئي سال هن کي هي پُٽ سيوا (Sewa) ڄائو. يعني ڏٺو وڃي ته سيوا حاجي پارو ۽ عليڏنو وسرام هڪ جيڏا هئا. ٻئي ڄڻا سخاوت ۾ مشهور ٿيا پر جيئن ته سيوا حاجي پارو وارا اڳواٽ ڪاروبار ۾ لڳي ويا هئا، سو هنن وٽ پئسو اچي ويو هو ۽ هنن جي دارالسلام ۾ ٺهرايل اسپتال لاءِ چيو وڃي ٿو ته اوڀر آفريڪا ۾ پهرين خيراتي عمارت هئي، جيڪا انڊيا کان آيل ڪنهن واپاريءَ عوام جي ڀلي لاءِ ٺهرائي.
عليڏنو بيحد ذهين ۽ محنتي واپاري ثابت ٿيو ۽ ڪجهه سال حاجي پارو وارن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن پنهنجي راهه اختيار ڪئي. انهن ڏينهن ۾ آفريڪا کنڊ جي اندروني حصن ۾ پهچڻ لاءِ ڪي روڊ رستا ۽ ريل گاڏيون نه هيون. پئسي وارا عرب واپاري سوين مزورن سان پيرين پنڌ يا گڏهن خچرن ذريعي وت ۽ ڄاڻ آهر هفتن جا هفتا سفر ڪري اندروني علائقن ۾ ويا ٿي جتي جانورن ۽ زهريلن جيت جڻين ۽ نانگن بلائن وارا جهنگل هئا ۽ ڪٿي ڪٿي آدم خور قسم جا خوفناڪ شيدين جا قبيلا هئا. انهن سان هنن واپار ڪيو ٿي ۽ آندل مال جي وڪري ۽ جهنگلن ۾ رهندڙ شيدين ۽ انهن جي سردارن جي ضرورت ۽ پسند جي سامان جي خريداري باگامويو ۾ ڪئي ٿي، جتي سيوا حاجي پارو، عليڏنا وسرام جهڙا انڊيا جا خوجا، بوهري، سنڌي ۽ گجراتي هول سيل ۽ ريزڪي واپاري رهيا ٿي. عليڏني وسرام آفريڪا جي جهنگلن مان ايندڙ قافلن کان لونگ، ماکي، ميڻ (wax)، عاج، جڙيون ٻوٽيون خريد ڪيون ٿي ۽ هنن کي ڪپڙو، موتي، پتل جا ٿانوَ، لوڻ ۽ اناج جو وڪرو ڪيو ٿي، جيڪو هن ايران، انڊيا ۽ عمان پاسي کان گهرايو ٿي. بعد ۾ هن عاج جي خريداريءَ ۽ وڪري تي وڏو ڌيان ڏنو ۽ هن وٽ ڪافي پري پري کان بيلجم ڪانگو (جيڪو ملڪ هاڻ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ڪانگو سڏجي ٿو) جي جهنگلن مان عاج آيو ٿي. انهيءَ ڪري جيئن شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته آفريڪا توڙي هند سنڌ ۾ هو عاج جو بادشاهه سڏيو ويو ٿي.
عليڏني وسرام بعد ۾ ٻيا به ڪيترائي نوان نوان ڌنڌا شروع ڪيا. ويندي ٻي پار عربستان، انڊيا يا يوگنڊا ۽ ٽانگانيڪا جي ڍنڍن ۾ سامان ڍوئڻ لاءِ هن پنهنجيون ڌائو ٻيڙيون ٺهرايون. آفريڪا جي جهنگلن ۾ کوجنائن يا شڪار لاءِ ويندڙ يورپين لاءِ هن دٻن ۾ بند کاڌا تيار ڪرايا. آخر ۾ ته يعني 1901ع ڌاري ته هن يوگنڊا ۾ ست وڏيون جاگيرون خريد ڪيون، جن تي مختلف فصل: ڪپهه، ڳني، رٻڙ، چانهه جهڙا ۽ ميون جا باغات رکيا، جنهن ڪم لاءِ هن وٽ 3000 مزورن ڪم ڪيو ٿي. هن جي ڪاروبار وڌڻ تي، هن انڊيا مان ڪيترن کي بهتر واپار ۽ سکي زندگي گذارڻ لاءِ آفريڪا اچڻ لاءِ همٿايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ۾ نوي سيڪڙو سندس پنهنجي ڪميونٽي جا اسماعيلي خواجا هئا پر اهو آهي ته هن ڪڇ ضلعي جي ڪيترن شهرن ڀوڄ، ڪيرا، انجار وغيره کي خوشحال بڻائي ڇڏيو، جو آفريڪا ۾ آيل اتي جي واپارين ۽ پورهيتن هر مهيني پنهنجي بچت جو وڏو حصو پنهنجي وطن موڪليو ٿي. ان سان گڏ عليڏني وسرام پنهنجي ڪمائي ڪينيا، ٽانگانيڪا، يوگنڊا وغيره جي عوام جي ڀلي لاءِ خرچ ڪئي ٿي. ايتري قدر جو هن لاءِ مشهور هو ته عليڏنو پنهنجي لاءِ نه پر آفريڪا جي ڌرتيءَ جي غريب عوام لاءِ ٿو ڪمائي. چوڌاري نظر ٿو ڊوڙايان ته آفريڪا جي ملڪن ۾ جتي انڊين واپاري هئا - هندو توڙي مسلمان، اتي خوب خوشحالي آئي ۽ يوگنڊا، ڪينيا، تنزانيا جهڙا ملڪ اڃا الائي ڪيڏي ترقي ڪن ها پر عيدي امين جهڙن ڪرپٽ حاڪمن بيوقوفي ڪري هنن انڊين جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ ڪارڻ پنهنجي ملڪ يوگنڊا مان رات اندر سڀني انڊين کي ڀڄائي ڪڍيو. هو ته وڃي انگلينڊ، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ Settle ٿيا، پر آفريڪا جا شهر معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا. خوف کان نه فقط يوگنڊا ۾ رهندڙ انڊين واپاري پر ٻين ملڪن جا به گهڻي ڀاڱي لڏي ويا ۽ عيدي امين هنن سان ايڏي نفرت ڪئي ٿي، جو هن کي عليڏنا وسرام جهڙو نيڪ ماڻهو به پسند نه آيو. ڪمپالا ۾ سالن کان هن جي ياد ۾ هڪ گهٽيءَ جو نالو ”عليڏنا وسرام اسٽريٽ“ هو. عيدي امين اهو نالي وارو بورڊ به ڊهرائي ڇڏيو. 1903ع ۾ عليڏنا وسرام هن گهٽيءَ ۾ پنهنجو دڪان کوليو هو ۽ ان وقت کان هيءَ گهٽيءَ هن جي نالي سان سڏجڻ لڳي هئي. جرمن توڙي انگريز هن گهٽيءَ ۾ وسرام جي اسٽور تان خريداري ڪندا هئا ۽ هنن کي ضرورت جي هر شيءِ هن دڪان تان ملي ويندي هئي. بعد ۾ هن گهٽيءَ جو نالو سرڪاري طرح ”عليڊنا وسرام اسٽريٽ“ رکيو ويو. 1962ع ۾ يوگنڊا کي انگريزن طرفان آزادي ملي. آزاد ٿيڻ بعد به انڊيا جي واپارين جو يوگينڊا ۾ ڪاروبار هلندو رهيو. هو قابل واپاري هئا ۽ هنن جي ڪري يوگنڊا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن جي معاشي حالت ۽ واپار دنيا سان هلندو رهيو. پوءِ 1971ع ۾ ملڪ جو فوجي ڊڪٽيٽر ”عيدي امين دادا“ يوگنڊا جو صدر ٿي ويٺو. هن ملڪ ۾ وڏي ڪرپشن ۽ خونريزي پکيڙي. ايتري قدر جو دنيا هن کي قاصائي سڏڻ لڳي. ٻين ڪمن سان گڏ هن آرڊر ڪڍي سڀني انڊين کي يوگنڊا مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ انهن جي ملڪيتن تي پاڻ قبضو ڪري ويٺو. عيدي امين 1979ع تائين صدر رهيو. هي اهو زمانو هو، جنهن ۾ اسان جو جهاز يوگنڊا ۾ ته نه، جو يوگنڊا افغانستان وانگر Land Locked ملڪ آهي، باقي ان جي پاڙي وارن ملڪن ڪينيا، تنزانيا وغيره ۾ ايندو رهيو ٿي. هر دفعي اسان هن جي نون ظلمن، بيوقوفين ۽ ڪرپشن جون خبرون ٻڌندا هئاسين جن جو تفصيلي احوال ”وري ياد آيا“ ڪتاب ۾ لکيو اٿم.
1976ع ڌاري ”سينٽرل آفريڪا ريپبلڪ“ ملڪ جو بادشاهه بوڪاسا (سڄو نالو Jean Bedel Bokassa) ڪمپالا ۾ عيدي امين وٽ گهمڻ لاءِ آيو. هو ٻئي عليڏنا وسرام روڊ تان گذري رهيا هئا ته عيديءَ جي نظر گهٽيءَ جي نالي واري بورڊ تي پئي. هن گاڏي بيهاري چڙ مان پڇيو ته ”هي نالو ڪهڙي ڌوڙ پيو پائي. هينئر جو هينئر بورڊ تان هن انڊين جو نالو ڊهرائي منهنجي دوست بوڪاسا جو لکيو وڃي“. اهڙي طرح سالن کان عليڏنا وسرام روڊ ”بوڪاسا جين بيڊل روڊ“ ٿي ويو. سينٽرل آفريڪا ريپبلڪ ملڪ C. A. R (سي اي آر) به سڏجي ٿو ۽ آفريڪا کنڊ جي وچ ۾ يوگنڊا وانگر ”لئنڊ لاڪڊ“ ملڪ آهي يعني هن کي به سمنڊ ناهي. CAR ملڪ جي چوڌاري چاڊ، ڪئمرون، ريپبلڪ ڪانگو، ڊيموڪرئٽڪ ريپبلڪ ڪانگو، سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان ملڪ آهن. سوڊان وانگر ڪانگو جا به ٻه حصا آهن، جيڪي الڳ الڳ ملڪ آهن.

آفريڪا جي ڀينگ ڪرڻ وارا...

مٿي بيان ڪيل شهنشاهه بوڪاسو دراصل ڪو خانداني بادشاهه نه هو. هو فوج ۾ سپاهي هو. 1960ع ۾ فرينچن جڏهن CAR (سينٽرل آفريڪا ريپبلڪ) ملڪ کي آزادي ڏني ته هو ليفٽيننٽ ڪرنل هو. ملڪ کي آزادي ملڻ بعد اليڪشن موجب ڊئوڊ (David Dacko) ملڪ جو صدر ٿيو ۽ ملڪ جو ڪم صحيح پئي هليو ته هن بوڪاسا فوجي هجڻ جي ناتي ملڪ ۾ انقلاب آڻي ملڪ جو آئين معطل ڪرايو ۽ قومي اسيمبلي کي ختم ڪري پاڻ حاڪم ٿي ويٺو ۽ فوج جي رئنڪ به قائم رکي. 1966ع ۾ فوج مان رٽائرڊ ٿي پاڻ کي ملڪ جو صدر سڏرايو ۽ 10 سال صدر رهيو. ڇاجيون اليڪشنون ڇا جا ٻيا ڪم. 1976ع ۾ ماڳهين پاڻ کي شهنشاهه سڏرائي پنهنجي تخت نشيني جو فنڪشن وڏي پئماني تي ڪرايو، جنهن ۾ ملڪ جي دولت ڀينگ ڪري ڇڏي ۽ ملڪ جو نالو سينٽرل آفريڪا ريپبلڪ مان بدلائي ”سلطنت سينٽرل آفريڪا“ رکيو. آخرڪار 1979ع ۾ فرانس وارن کيس موچڙا هڻي تخت تان لاهي ماڻهو بڻايو. 1976ع ۾ پاڻ کي شهنشاهه سڏرائڻ بعدهو يوگنڊا ۾ پاڻ جهڙي ٺڳ حاڪم عيدي امين دادا وٽ گهمڻ ويو هو جو عيدي امين ”عليڊنا وسرام روڊ“ جو نالو پنهنجي هن دوست بوڪاسا نالي ڪري ڇڏيو.
1979ع ۾ عيدي امين دادا جي ڏيهه نيڪاليءَ بعد يوگنڊا جو صدر اوبوتي (سڄو نالو: (Appolo Milton Obote ٿيو. هن بوڪاسا روڊ جو نالو ”جاناني لووم روڊ“ رکيو. لووم (Janani Luwum) 1974ع کان 1977ع تائين يوگنڊا جي چرچ جو آرچ بشپ رهيو. پاڻ هڪ بااثر اڳواڻ ۽ حق جي ڳالهه ڪرڻ وارو هو. عيدي امين جي ظلمن جي خلاف به آواز اٿاريندو رهيو - ان جي نتيجي ۾ ئي عيدي امين هن کي به قتل ڪرائي ڇڏيو هو.
يارو! هي ڳالهيون 1970ع واري ڏهاڪي جون آهن ۽ اهي سال منهنجو هر جهاز تي آفريڪا پاسي اچڻ ٿيندو رهيو ٿي. ڪجهه سال ته (1970ع جي ڏهاڪي جا شروع وارا ۽ 1960ع واري ڏهاڪي جا آخري سال ته) سُئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري ڪراچيءَ کان UK، يورپ يا آمريڪا ويندا هئاسين، تڏهن به آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ اُهي ئي سال اُهي هئا، جيڪي آفريڪا کنڊ جي قومپرستن: جومو ڪينياتا، ميسا علي حاجي، پئٽرس لممبا، عمر مختار ۽ ڪوامي نڪرما جهڙن اسان جي قائد اعظم، مهاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نهروءَ وانگر ڪوششون ڪري يورپين (انگريزن، پورچو گالين، فرينچن، ڊچن وغيره) سان مهاڏا ڪري پنهنجي پنهنجي ملڪ ڪينيا ، الجيريا، ڪانگو، لبيا ۽ گهانا وغيره کي آزاد ڪرايو. ڇا ته اهي نيڪ ۽ حب الوطن ماڻهو هئا. ڊاڪٽر علامه اقبال جهڙي مشهور شاعر ۽ سياستدان ائنٽونيو اگوسٽينهو ائنگولا کي پورچوگالين کان آزاد ڪرايو. هر هڪ سمجهيو ٿي ته آفريڪا جا ملڪ پنهنجن جي حوالي ٿيندا ته هر ملڪ الائي ڇا ٿي ويندو! پر هاءِ ڙي قسمت! ملڪ آزاد ڪرڻ وارا قائداعظم وانگر جلدي الله کي پيارا ٿي ويا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ عيدي امين دادا، بوڪاسا، موبوتو سيسي سيڪو، ساني اباچا جهڙن فوجين حوالي ٿي ويا، جيڪي پاڻ کي ملڪ جا صدر يا وزيراعظم سڏرائي مفت جي مال تي ويهي رهيا ته جان ڇڏڻ جو نالو نٿي کنيائون - بلڪه هو پاڻ کي عوامي نمائندو سمجهي عوام جي خدمت ڪرڻ بدران پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ لڳا... سمجهڻ ته ڇا جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سينٽرل آفريڪا ريپبلڪ جو فوجي ڊڪٽيٽر ته پاڻ کي سچ پچ جو بادشاهه سڏرائي تاجپوشيءَ تي وڏو خرچ ڪرايو. مطلب ته ملڪ ۽ عوام کي خوشحال بڻائڻ بدران ان جي دولت لٽي ان کي تباهه ڪري ڇڏيو. زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود انهن جي عوام اَنَ ڪَڻن لاءِ يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ڏي خيرات لاءِ واجهائڻ لڳي. هي ڪرپٽ ۽ ظالم ليڊر ڄئور وانگر غريب عوام جو رت چوسڻ لڳا. گذريل دفعي مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ آفريڪي ملڪن جي آفيسرن مان ڪجهه سان ان ٽاپڪ تي ڳالهيون ڪندي چيم ”يارو معاف ڪجو! توهان جي موبوتو، Jose Eduardo، رابرٽ موگابي، عيدي امين، بڪاسو جهڙن ظالم ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي گهٽ وڌ پيو ڳالهايان جن ڪانگو، زائر، ائنگولا، زمبابوي، يوگينڊا جهڙن خوبصورت ملڪن کي فقير بڻائي ڇڏيو. منهنجي هن گلا يا پٽ پاراتي کي دل ۾ نه ڪجو.“
انهن مان هڪ جيڪا شايد ڊڪار (سينگال) جي پورٽ مئنيجر مئڊم ايمي هئي، تاڙي ملائيندي چيو ”مڙيئي خير آهي سر! اسان به توهان جي سياستدانن کي ڇڏيندا نه آهيون جن وارو وٽي ڪري ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو! ڪراچي اسان جو ته ڇا يورپي جهاز رانن جو به دلپسند شهر هو. اڄ اهو ڪچري ۽ ڪرائيم کان مشهور آهي. اسان جو ڊڪار، موپوتو ۽ ممباسا بندرگاهه وري به ڪراچيءَ کان سئو دفعا بهتر آهن.“
هتي اهو به لکندو هلان ته عيدي امين کي انڊيا جي واپارين جا وڏا ڪاروبار ۽ بنگلا ڪارخانا ڏسي ڳالهه نٿي وڻي. هن چاهيو ٿي هر ملڪيت تي پاڻ قابض هجي. ٻيو ڪو امير يا سکيو نه هجي. جيتوڻيڪ هڪ صديءَ کان مٿي انڊيا کان آيل هي بوهري، خواجا، ميمڻ، پارسي، سنڌي ۽ گجراتي هندو پاڻ سان گڏ مڪاني آبادي ۽ ملڪ کي به خوشحال ڪري رهيا هئا. هنن کي بزنيس ڪرڻ جو آرٽ يا اٽڪلون آيون ٿي. انهن کي لوڌي ڪڍڻ ۽ انهن جون جايون جاگيرون ۽ دڪان ڪارخانا پنهنجي هٿ ۾ ڪرڻ سان عيدي امين ۽ ان جو خاندان في الحال ته امير ٿي ويو پر ڪاروبار ويو گهٽبو ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان جي اکين اڳيان ٿيندو رهيو. اسان جا جهاز يورپ جي بندرگاهن ۾ هوندا هئا ته اسان اتي جون ٺهيل شيون اتان وٺڻ بدران آفريڪا جي هنن بندرگاهن مان هنن بوهرين، خوجن جي دڪانن تان اچي خريد ڪندا هئاسين جو هو اهي شيون ڪنهن طريقي سان سستي اگهه تي، گهڻي تعداد ۾ خريد ڪري اسان جهاز وارن کي ڊيوٽي فري ريٽ تي وڪڻندا هئا. اسان جهاز وارن توڙي ٽوئرسٽ به خوش هئاسين ته اهڙي طرح ان شهر ۽ ملڪ جون معاشي حالتون به بهتر پئي ٿيون. انڊين واپارين، (دراصل هي پراڻا واپاري اڄ به انڊين سڏرائين ٿا. انهن ۾ ڪيترا بوهري، خوجا ۽ سنڌي هندو سنڌ جي شهرن کان آفريڪا يا دنيا جي ڏورانهن ٻيٽن تي ويا پر هو ”انڊين“ سڏجن ٿا، بلڪه هو پاڻ به پاڻ کي انڊين سڏرائين ٿا جو هو جڏهن ٺٽي، بدين، تلهار، ڍاڪا، چٽگانگ يا ڀوڄ ۽ مانڊوي کان آفريڪا آيا هئا ته ان وقت پاڪستان يا بنگلاديش نه هو هنن وٽ ”برٽش انڊيا“ جو پاسپورٽ هو). بهرحال عيدي امين واپارين کي تڙي ڪڍڻ بعد يوگنڊا جي ٽن چئن سالن ۾ معاشي حالت بدترين ٿي وئي. عيدي امين بعد جيڪو نئون حاڪم آيو، تنهن لڏي ويل واپارين کي موٽي اچڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ميڙيون ڪيون پر سواءِ ڪجهه جي اڄ تائين ڪو نٿو اچي. اچن به ڇو؟ انگلينڊ، يورپ ۽ آمريڪا جي سياڻن ملڪن هنن کي پنهنجن ملڪن ۾ رهائش لاءِ پاسپورٽ ڏئي ڇڏيو ۽ هو اتي خوش آهن.
ملائيشيا ۾ رهائش وارن ڏينهن جي اها ڳالهه لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني هوشيار واپاري آهن. هو پئسو پئسو بچائي دڪان خريد ڪن ٿا ۽ انهن ۾ مال جو وڪرو ڪن ٿا. انهن جي ڀيٽ ۾ ملئي مسلمان پئسو بچائڻ بدران خرچڻ ۾ هوشيار آهن. هو هر وقت قرض کڻي عيش ڪرڻ ۾ لڳا رهن ٿا. هاڻ مڙيئي آهستي آهستي ڪجهه ڪجهه ملئي پنهنجي ڳوٺ جي چيني واپارين سان گڏ رهي بزنيس سکي ويا آهن ۽ اڄ هنن جا به وڏا ڪاروبار آهن. پر اڄ کان 35 سال کن اڳ 1985ع ۾، ملئي ماڻهو چينين وٽ پئسو، دڪان، بنگلا، ڪارخانا ڏسي سڙڻ لڳا ته هي پوءِ جا آيل غريب چيني ايڏو امير ڇو ٿي ويا آهن؟ هنن چينين جي خلاف مهم هلائي، جنهن گوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ جي وزيراعظم قوم کي خطاب ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اسان سمجهيو ته هاڻ اجهو ٿو هو چينين خلاف ڪجهه ٻڌائي ۽ پنهنجن ملئي مسلمانن جي پٺي ٺپري ته توهان صحيح آهيو ... ٻاهران آيل چينين کي اسان هرگز نه چاهينداسين ته هو ڪارخانن، فئڪٽرين ۽ زمينن جا مالڪ ٿين... پر پوءِ جڏهن شام جو مهاتير قوم کي خطاب ڪيو ته ملئي ماڻهن جا ٺپ ٺري ويا. مهاتير چيو ته چيني ماڻهو بکون ڪاٽي، پئسو بچائي، ڪاروبار ڪن ٿا... مختلف هنر سکي ڏينهن رات مڪينڪ، اليڪٽريشن، پلمبر، ويلڊر، حجام وغيره جو ڪم ڪن ٿا. هو پاڻ به پئسو ڪمائين ٿا ۽ سندن ادا ڪيل ٽئڪس مان اسان روڊ رستا، اسڪول اسپتالون وغيره ٺهرايون ٿا. هي ته هاڻ اسان جي ملڪ جا باشندا آهن پر ڪو ڌاريون به اچي اسان جي ملڪ ۾ Invest ڪندو ته اسان ان جي آڌرڀاءُ ڪنداسين. ها، البت اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ٽئڪس جي چوري ڪندو يا ڪو ٻيو ڏوهه جو ڪم ڪندو ته ان کي سزا ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ جوڊيشري کاتا آهن.
مهاتير جي ان تقرير بعد مون ڏٺو ته ملڪ مان ان سان واسطو رکندڙ ٽينشن ختم ٿي وئي ۽ نه فقط چيني ماڻهو پر ڌارين ملڪن جا به ملائيشيا ۾ دل لڳائي ڪاروبار ڪرڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي، منهنجي ملائيشيا ۾ هوندي ئي، ڪيترائي جپاني پئسي وارا به ملائيشيا جي شهرن ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ مختلف اليڪٽرڪ ۽ ڪارن جا ڪارخانا ٺاهڻ لڳا، جنهن سان حڪومت کي به پئسو ملڻ لڳو ته مقامي ملئي ماڻهو جن جو گهڻو تڻو روزگار ٻني ٻاري مان هو، اهي ڪارخانن، هوٽلن ۽ سپر مارڪيٽن ۾ ڪم ڪري گهڻو پئسو ڪمائڻ لڳا.
سو دنيا ۾ خوشحاليءَ جو اهو اصول آهي، ته ڪنهن واپار ڪندڙ کي جيئڻ ڏجي. کيس ڊوڙائي نه ڪڍجي. حالتون پُرامن رکڻ کپن نه ته ٻي صورت ۾ جيئن اسان وٽ ڪاروباري حضرات حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جهڙا شهر به ڇڏي پنجاب جي شهرن ڏي وڃن پيا يا ته ماڳهين ملڪ کان ٻاهر. ٻيا ته ٺهيو پر هن ڌرتيءَ جا رهاڪو هندو به اندروني سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪاروبار کي قائم رکڻ يا وڌائڻ بدران ڪراچي ڏي لڏين پيا يا ملڪ ڇڏين پيا. نتيجي ۾ سنڌ ۾ غربت ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي. هڪ ماڻهو پنهنجو پئسو - يعني ڪاروبار/ ڪارخانو اتي ڇو لڳائي، جتي پوليس به هن کي ڦري ته سياستدان ۽ ڳوٺ جا غنڊا به هن کي لٽين. مٿان چوري ۽ اغوا جو خوف الڳ! نه صحيح روڊ رستا نه بجلي گئس جي سهولت. هر طرف کان ايڏي لٽ ڪئي وڃي ٿي جو ٽئڪس ۾ ٽڪو به داخل نٿو ٿئي. جيڪو ٽئڪس ۾ گڏ ٿئي به ٿو اهو ترقي جي ڪمن نالي سياستدانن وزيرن مشيرن جي کيسي ۾ هليو وڃي. غريب عوام لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ نه پيٽ جي سور جي دوا آهي ۽ نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي! اهو آهي فرق اسان جي ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾.

زئنزيبار جي ايسٽيلا مارڪيٽ

پاڻ زئنزيبار ٻيٽ (انگوجا) جي آڳاٽي ۽ پراڻي علائقي ”اسٽون ٽائون“ جي ڳالهه ڪريون، جتي وقت جون راڻيون، عمان جا سلطان، عرب، ايراني ۽ انڊين واپاري رهيا، جتي جرمن ڪمپنين جا مالڪ ۽ ڊپلوميٽ رهيا، انگريز فوجي، ڪامورا ۽ حاڪم رهيا... هاڻ مون جهڙا دنيا جا ٽوئرسٽ هتي جي ننڍين، وڏين هوٽلن، مسافرخانن ۽ هاسٽلن ۾ رهي شهر جي گهٽين ۽ روڊ رستن تي ڦرندي، آڳاٽيون عمارتون، مسجدون، گرجا گهر ۽ قبرون وغيره ڏسي تاريخ کي ياد ڪن ٿا.
زئنزيبار هڪ صاف سٿرو شهر آهي، جنهن جي رستن ۽ عمارتن کي هر وقت وسندڙ مينهن ڌوئيندا رهن ٿا، چوڌاري موجود هندي سمنڊ جون هوائون هتي جي ڪارخانن ۽ گاڏين جي دونهين کي ڀڄائينديون رهن ٿيون ۽ زئنزيبار خط استوا واري علائقي ۾ هجڻ جي باوجود گرم هجڻ بدران ٿڌڪار وارو رهي ٿو جيئن سنگاپور ۽ ملائيشيا مينهوڳيءَ ڪري ايترو گرم نٿو رهي جيترو ڪانگو، يوگنڊا، ڪينيا، گبون ۽ سوماليه وغيره رهن ٿا ۽ رهڻ به کپن جو اهي خط استوائي علائقي جا ملڪ آهن، جتي سج جا ڪرڻا ٻارهوئي ڌرتيءَ تي سڌا پون ٿا، جيئن اسان وٽ اونهاري جا ڪجهه مهينا سج چوٽ تي هوندو آهي ته گهڻي گرمي ٿيندي آهي.
خط استوا (Equitor) دنيا جي گولي تي اها خيالي ليڪ آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي وچ مان لنگهي ٿي ۽ ڌرتيءَ کي اتر اڌ گول ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ ورهائي ٿي ۽ اها ليڪ (خط استوا) زيرو ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) سڏرائي ٿي. ان (خطِ استوائي ويڪرائي ڦاڪ) جي اتر پاسي يا ڏکڻ پاسي وڃبو ته ويڪرائي ڦاڪ وڌندا ويندا جيئن اسان جي حيدرآباد دنيا جي اتر اڌ گول ۾ 25 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي يا آمريڪا جو شهر ميامي به 25 ڊگريون اتر ۾ آهي، جتي جي موسم به حيدرآباد جهڙي آهي پر اونهاري ۾ حيدرآباد کان مڙيئي گهٽ گرمي رهي ٿي، جو مياميءَ جي چوڌاري ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. سياري جي موسم ۾ ٻنهي هنڌن تي سخت سيءُ پوي ٿو. 25 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آفريڪا کنڊ جي ملڪ بوٽسوانا جي گاديءَ جو شهر گابورون (Gaborone) به آهي پر اهو خط استوا جي ڏکڻ پاسي آهي. يعني ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي، جنهن ۾ سائوٿ آفريڪا، چلي، آسٽريليا، نيوزيلينڊ جهڙا ملڪ آهن. گابورون خط استوا جي ٻئي پاسي هجڻ ڪري جڏهن نومبر ڊسمبر ۾ اسان وٽ حيدرآباد يا ميامي (USA) ۾ سخت سيارو ٿئي ٿو ته گابورون ۾ اهي مهينا اونهاري جا يعني سخت گرمي وارا هجن ٿا. ٻي ڳالهه ته جيڪو ملڪ خط استوا کان جيترو گهڻو پري اوترو گهڻو سيءُ.
زئنزيبار خط استوا کان گهڻو پري ناهي. اهو فقط 6 ڊگريون ڏکڻ اڌ گول جي ويڪرائي ڦاڪ تي آهي تڏهن به سياري جا ٻه مهينا يعني جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ سئيٽر پائڻ جهڙو سيءُ ٿئي ٿو. اهو ئي حال جڪارتا جو آهي، جيڪو پڻ 6 ڊگريون ڏکڻ ۾ آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جي اتر اڌ گول ۾ اونهارو هوندو آهي. زئنزيبار جهڙو سيءُ ڊسمبر جهڙن مهينن ۾ گهانا جي گادي واري شهر اڪرا، نائيجيريا جي گادي واري شهر لاگوس ۽ ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ پوي ٿو جو اهي شهر پڻ 6 ڊگرين تي آهن پر دنيا جي اتر اڌ گول ۾.
هڪ ٻي ڳالهه ته زئنزيبار جهڙن ٻيٽن جي موسم (هوا) ۾ هڪ خمار رهي ٿو. هاڻ مڙيئي دنيا تيز ٿي وئي آهي نه ته 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به مون زئنزيبار، پينانگ ۽ ڪولمبو جهڙن ٻيٽن تي گهرن اڳيان ويٺي ويٺي ماڻهن کي جهوٽا کائيندي ڏٺو. اسان کي به اهڙي موسم وارن بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي اتي جي هوا ۾ خمار محسوس ٿيندو آهي. زئنزيبار جون سڌيون، صاف سٿريون ۽ ناجائز قبضي (Encroachment) کان خالي گهٽيون ڏسي اڄ به مون کي پنهنجي ڳوٺ هالا جون ننڍپڻ ۾ ڏٺل گهٽيون ياد اچن ٿيون. يعني 1940ع واري ڏهاڪي جون. خاص ڪري عالياڻي گهٽي، ڀُٽن جي گهٽي، ڪڪن جي محلي جون ٻه اوڀر اولهه واريون ۽ هڪ پاسي واري اتر اولهه واري گهٽي، مهاڻن جي گهٽي، گاجڻين ۽ انصارين جي گهٽي وغيره جيڪي پڻ ائين سڌيون ۽ صاف سٿريون هونديون هيون. سنڌ جي ٻين شهرن جون به اهڙيون صاف گهٽيون هونديون، جيڪي هاڻ نه رهيون آهن جو ماڻهن گهٽين تي قبضو ڪرڻ لاءِ پهرين در اڳيان وڏيون ڌڪيون، پوءِ غسل خانا ۽ پاڻي ڇڪڻ جا پمپ هڻي انهن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهٽين ۾ موجود مينهن جي پاڻيءَ لاءِ ٺهيل نالين کي گٽر بڻائي سنڌ جي سونهن ختم ڪري ڇڏي آهي. سو هاڻ اهو ته نٿو لکي سگهان ته توهان هالا، پنجمورو، ڪنڊيارو يا جهمپير ۽ جنگشاهيءَ جون گهٽيون ڏسي زئنزيبار جي گهٽين جو نقشو ۽ صفائي سٿرائي دماغ ۾ آڻي سگهو ٿا. البت اهو چئي سگهان ٿو ته منهنجي پڙهندڙن مان جيڪڏهن ڪنهن جو زئنزيبار جي گهٽين ۾ اچڻ ٿئي ته هو زئنزيبار جون گهٽيون ڏسي اڄ کان ستر پنجهتر سال اڳ سنڌ جي صاف سٿرين گهٽين جو اندازو لڳائي سگهي ٿو.
زئنزيبار جي آڳاٽي شهر اسٽون ٽائون جون گهٽيون به شروع کان سوڙهيون ٺاهيون ويون هيون جو ڏيڍ ٻه صديون اڳ ڪٿي هيون موٽر ڪارون؟ ماڻهو هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ ۾ پيرين پنڌ ويا ٿي. سلطانن جا محل عوام جي رهائش کان پري ۽ الڳ ٿلڳ هئا، جن جا پتل ۽ اسٽيل جي ڪڙن ڪنڍن وارا ڪاٺ جا دروازا وڏا رکيا ويا ٿي، جو هنن هاٿيءَ تي سواري ڪئي ٿي. بعد ۾ زئنزيبار ۾ سائيڪلون آيون. هينئر به اهي سائيڪلون ۽ وڌ ۾ وڌ انڊيا جي ”بجاج ڪمپنيءَ“ جو موٽر سائيڪلون اسٽون ٽائون جي گهٽين ۾ نظر اچن ٿيون. باقي اسٽون ٽائون کان ٻاهر ايئرپورٽ، بُوبُوبُو شهر، امان اسٽيڊيم، جانگومبي ۽ ٻين ڳوٺن، شهرن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ وڃڻ لاءِ دالا دالا (Dala Dala) نالي ”شيئر ٽئڪسيون“ آهن، جن ۾ سفر ڪندڙ مسافر ڀاڙو حصا پتيون ڪري ڊرائيور کي ڏين ٿا. دراصل هي ڊالا ڊالا ٽئڪسيون ته نه چئجن پر مني بسون ئي آهن، جن تي اهو نالو ڪنڊيڪٽر جي ڀاڙي جي هوڪي ”ڊالر ڊالر“ تان پيو آهي. ان کان علاوه ڀاڙي تي نه رڳو زئنزيبار ۾ پرڪينيا ۽ تنزانيا ۾ موٽر سائيڪل به مسافر ۽ سامان کڻي ٿي. اها بودا بودا (Boda Boda) سڏجي ٿي. چون ٿا ته ان تي به اهو نالو موٽر سائيڪل هلائڻ واري جي هوڪي ”بارڊر ٽ بارڊر“ تان پيو جنهن تي سوار ڀاڙو ڏئي ان علائقي جي هڪ ڪنڊ (بارڊر) کان ٻئي تائين سفر ڪري سگهيو ٿي يا سامان موڪلي سگهيو ٿي.
ڊالا ڊالا ٽئڪسين جو مرڪزي اڏو اسٽون ٽائون جي مرڪزي (صدر) مارڪيٽ دارا جاني (Dara Jani) ۾ آهي، جتي پهچي توهان هن Share Taxi ۾ سوار ٿي شهر يا ٻهراڙيءَ جي مختلف علائقن ۾ وڃي سگهو ٿا. هن مارڪيٽ جو اصل نالو ايسٽيلا (Estella) مارڪيٽ هو. اڄ به اها ان نالي سان وڌيڪ سڃاتي وڃي ٿي، جيئن ڪراچي صدر جي ”ايمپريس مارڪيٽ“ جنهن جو جيتوڻيڪ سالن کان نالو بدلائي ”ڪي ايم سي مارڪيٽ“ رکيو ويو آهي ۽ ان جي ٻاهران ڀتين تي به اهو نالو وڏن اکرن ۾ لکيو ويو آهي پر اڄ به هرڪو ان مارڪيٽ کي ”ايمپريس مارڪيٽ“ سڏي ٿو، جيڪا برٽش راڄ ۾ 1884ع ۾ مهاراڻي وڪٽوريا جي مان ۾ ٺهرائي وئي هئي.
زئنزيبار جي هن ايسٽيلا مارڪيٽ لاءِ هتي جي همراهه کان پڇيم ته اها ايسٽيلا محترما ڪير هئي جنهن جي ياد ۾ ٺهرائي وئي؟ هيءَ مارڪيٽ 1904ع ۾ يعني ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ کان 20 سال پوءِ ٺهرائي وئي، جڏهن زئنزيبار جو اٺون سلطان علي بن حمود هو؟
دل ۾ چيم ته اهو سوال ڪرڻ اجايو آهي، جو برٽش راڄ ۾ اسان وٽ يعني انڊيا، پاڪستان، بنگلا ديش ۾ يا ملايا (ملائيشيا)، سلون ( سري لنڪا) هانگ ڪانگ ۽ ڪينيا، نائيجيريا ۽ گهانا توڙي نيوزيلينڊ، آسٽريليا، ڪئناڊا جهڙن ٽي درجن کن ملڪن ۾جتي جتي برطانيا (انگريزن) جو راڄ هو، يعني جيڪي ملڪ هنن جي قبضن ۾ هئا انهن جي اهم روڊن، رستن، پارڪن، شهر ۾ لڳل ڦوهارن، مارڪيٽن، اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالن تي نالا انگلينڊ جي ان وقت جي مهاراڻي وڪٽوريا يا ڪنگ (بادشاهه) نالي (ايمپريس، ڪئين، وڪٽوريا، جارج، ڪنگ،مئري، مارگريٽ، ايلزبيٿ وغيره) رکيا ويا ٿي يا وري برطانيا راڄ جي اهم ڪامورن، وائسرائن، گورنرن، ڪمشنرن ۽ انهن جي زالن تي هوندا هئا. سو هن مارڪيٽ داراجاني واري ايسٽيلا به ٿي سگهي ٿو، انڊيا جي ڪنهن اهڙي گورنر يا ڪمشنر جي زال هجي، جيڪو هتي زئنزيبار به بدلي ٿي آيو هجي ۽ اسان جو به سڃاڻو هجي. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر جنهن جي نالي ڪراچيءَ ۾ فريئر هال، فريئر مارڪيٽ، فريئر روڊ آهي، بعد ۾ بمبئي ٽرانسفر ڪيو ويو هو ان بعد برطانيه جي حڪومت هن کي هيڏانهن زئنزيبار بدلي ڪيو، ان بعدسائوٿ آفريڪا. انهن هنڌن تي پڻ سر فريئر نالي پارڪ ۽ روڊ آهن. برطانيا جي حڪومت پنهنجن ڪامورن کي ڪڏهن انڊيا ته ڪڏهن ملائيشيا، سلون، نائجيريا، ڪئناڊا، ويندي فجي، زئنزيبار، برمودا، جئميڪا وغيره ايئن ٽرانسفر ڪندي رهندي هئي، جيئن اسان وٽ صوبي جو چيف سيڪريٽري يا چيف منسٽرڊپٽي ڪمشنرن يا پوليس آفيسرن کي خيرپور مان دادو، لاڙڪاڻي کان بدين، يا تلهار کان جوهي ۽ مديجي کان ٺُلهه بدلي ڪري - جو سنڌ جي سڀني شهرن تي سنڌ جي وزيراعليٰ جو راڄ آهي. ايشيا، آفريڪا، آمريڪا توڙي پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊن جي قابض ملڪن ۽ ٻيٽن تي به انگلينڊ وارن جو ايئن راڄ هو. سنڌ جو چيف منسٽر ته وري به عوام جو نمائندو ٿيو. انگلينڊ جي مهاراڻي وڪٽوريا صاحبه ته انهن ملڪن جي ڄڻ مالڪياڻي هئي.
بهرحال منهنجي پڇڻ تي ”محترمه ايسٽيلا ڪير هئي جنهنجي نالي زئنزيبار جي هيءَ مارڪيٽ آهي؟“ هتي جي هڪ عرب نسل جي رهواسيءَ ٻڌايو ته ”هوءَ مئٿيوءَ جي ڀيڻ هئي.“
هن مون کي اهڙي انداز سان ٻڌايو ڄڻ ان ڳالهه کان ته ٻچو ٻچو واقف آهي - ۽ مون کي اها به خبر ناهي! اهو ئي سبب آهي، يا کڻي چئجي ته هو اهو ئي سوچي نه وڌيڪ ترسيو ۽ نه مون کي سمجهائين ته مئٿيو ڪهڙو صاحب ٿي گذريو آهي ۽ اهو زئنزيبار ۾ ڪڏهن ۽ ڪهڙي پوسٽ تي رهيو.
هڪ مئٿيو- سڄو نالو: Sir Matthew Nathan مون کي به هُريو جنهنجي نالي سائوٿ آفريڪا جي شهر اسڪاٽبرگ ۾ هڪ گهٽي آهي. هي مئٿيو سائوٿ آفريڪا کان علاوه سيريا ليون، گولڊ ڪوسٽ ۽ هانگ ڪانگ ۾ ته چار سال گورنر رهي چڪو هو، جنهن ڪولون کان ڪئنٽن تائين ريلوي لائين وڇرائي ريل گاڏي هلرائي ۽ هن سر مئٿيو ناٿن نالي ڪولون ۾ ”ناٿن روڊ“ هڪ بيحد ڊگهو ۽ اهم ڪمرشل روڊ آهي، جتي جا چڪر هڻڻ اسان جو خاص مشغلو هوندو هو - جڏهن به جهاز هانگ ڪانگ ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو. ياد رهي ته هانگ ڪانگ ملڪ ٻن حصن ۾آهي. هڪ وڪٽوريا ٻيٽ (جنهن کي ڌاريان ماڻهو هانگ ڪانگ سڏين ٿا) ۽ ٻيو چين جي سرزمين (Main Land) جو ڪجهه حصو جيڪو ڪولون سڏجي ٿو. هونءَ ته هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) ۽ ڪولون جي وچ ۾ اسٽار ڪمپنيءَ جي فيري هلندي هئي پر هاڻ ”وڪٽوريا ٻيٽ“ سمنڊ هيٺيان سرنگهه (Tunnel) ٺاهي ”ڪولون جي ڌرتي“ سان ملايو ويو آهي. ٻنهي جي وچ مان جهاز پهرين وانگر لنگهندا رهن ٿا، جو سرنگهه سمنڊ جي تري کان به ڪافي هيٺ آهي.
زئنزيبار ۾ ٻه ٽي ڏينهن رهڻ بعد خبر پئي ته هيءَ زئنزيبار جي ايسٽيلا (Estella) مارڪيٽ - يعني دارا جاني مارڪيٽ واري هي انگريز مائي هن هانگ ڪانگ واري گورنر ”سر مئٿيو ناٿن“ جي ڀيڻ نه پر هڪ ٻئي انگريز مئٿيو جي ڀيڻ هئي جنهن جو سڄو نالو Sir Lloyd William Mathews هو.
هي همراهه زئنزيبار جي سلطانن جي چڱو مٿي ۾ لڳي ويو هو. ظاهري طرح ته عوام ۽ دنيا کي اهو ئي ڏيک ڏياريو ويو ته زئنزيبار جي سلطانن جي مدد لاءِ سلطان پاڻ هن همراهه لاءِ انگريزن کي منٿ ميڙ ڪئي آهي پر اندروني طرح انگريزن سلطانن کي اک ڏيکاري ۽ مجبور ڪيو ته هن انگريز فوجي آفيسر کي پاڻ وٽ نوڪري ڏين. دراصل انگريز سياڻي جي جتي ڪٿي اها پاليسي رهي. ملڪ ۽ قوم تي يڪدم ۽ ڊئريڪٽ قبضو ڪرڻ بدران هنن ملائيشيا ۾ به ائين ڪيو. ملايا جي مختلف رياستن جي سلطانن کي مارڻ يا ڀڄائي ڪڍڻ بدران هنن کي اهو ئي چيو ته نه بابا هن ڌرتيءَ جا توهان ئي حاڪم ۽ سلطان آهيو. اسان جو انگريز ريزيڊنٽ توهان جي مدد لاءِ توهان وٽ صلاحڪار ٿي رهندو. ۽ پوءِ ان ريزيڊنٽ پنهنجي هڪ ٻن ٻين گورن نائبن ذريعي هر رياست جي ملئي سلطان ۽ ان جي ڪمن تي نظر رکي ٿي يعني جاسوسي ڪئي ٿي ته ڪٿي هو يا هن جي رعيت انگريزن جي خلاف ڪو سَٽل ته نٿي سَٽي. ساڳي وقت انگريزن جيڪي ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي انجي لاءِ سلطان هنن کي پنهنجي پاران اهڙي طرح اجازت ڏني ٿي ڄڻ سلطان جي خوشي ۽ مدد لاءِ انگريزن تي ڪم رکيو ويو هجي ۽ هو ڪم (جنهن ۾ فائدو انگريزن جو هوندو هو، اهو) ڪري سلطان ۽ ان جي رياست جي ماڻهن تي ٿورو ڪري رهيا هجن. ان سسٽم ذريعي انگريزن ٿوري تعداد سان مقامي ماڻهن کي ڪنٽرول ۾ رکيو ٿي. ساڳي وقت هنن ٻه ٻيا به ڪم ڪيا ٿي. هنن مقامي ماڻهن اندر لساني، مذهبي يا قبيلائي بنيادن تي ٻه ٽولا ٺاهي اندروني طرح ٻنهي سان همدردي جتائي ٿي ۽ ٻنهي کي مالي مدد فراهم ڪئي ٿي. ڪنهن به وقت سلطان کي ڊئريڪٽ اک ڏيکارڻ بدران هنن عوام ۾ وڳوڙ پيدا ڪري سلطان جون وايون بتال ڪيون ٿي ۽ سلطان انگريزن کي منٿ ميڙ ڪئي ٿي جن وٽ جديد بندوقون، بم، بارود هئا. ساڳي وقت سلطان کي به اهو ميسيج ڏنو ٿي ته سڌو ٿي رهجانءِ نه ته توکي به چٽڻي ڪري ڇڏينداسين. ان کان علاوه انگريزن انهن سلطانن، حاڪمن، گادي نشين پيرن، نوابن کي ولايتي شراب ۽ ولايتي رنن جي سپلاءِ جا رستا کولي کين عياش، جگر ۽ جنسي بيمارين جو کوکو، ڪمزور ۽ کٽل بنايو ٿي. ايتري قدر جو هنن جا ماڻهو، مريد، پوئلڳ پنهنجي پير، نواب، حاڪم سان نفرت ڪرڻ لڳا ٿي. انگريزن اها ئي پاليسي ننڍي کنڊ ۾ به قائم رکي. سواءِ هڪ ٻن پير پاڳاري جهڙن جوڌن هنن کي اکيون ڏيکاريون باقي ٻيا نواب، پير انگريزن پويان پڇ لٽڪائي پئي هليا. 1857ع واري جنگ آزادي ۾ ڇا ايترا انگريز هئا جو مقامي آزادي جي متوالن جو مقابلو ڪري سگهن؟ پر پوءِ اسان جي ئي ننڍي کنڊ جي نوابن ۽ پيرن پنهنجا ماڻهو انگريزن جي مدد لاءِ دهليءَ موڪليا. ايتريقدر جو ملتان کان به هڪ پير موڪليا جنهن جي بدلي ۾ انگريزن هن کي ڍائي ڇڏيو. اڄ ان پير جا پڙپوٽا مسلمانن ۽ هن ملڪ جا وڏا همدرد ۽ حاڪم ٿيو پيا هلن. نالن لکڻ جي ضرورت نٿو سمجهان. هر ڪو چار اکر پڙهيل آهي، تاريخ پڙهي سگهي ٿو. حامد مير جهڙن ڪيترن صحافين به ان جو تفصيلي احوال جنگ اخبار ۾ لکيو آهي.
بهرحال انگريزن جي اسان سان ڪهڙي همدردي! هنن کي ته ٿيو دنيا تي قبضو ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي خوش حال بڻائڻو. زئنزيبار جي سلطانن جي هٿن ۾ زئنزيبار وارا ٻيٽ ۽ سامهون واري آفريڪا کنڊجي ڌرتي جي اوڀر ڪناري جا به ڪجهه علائقا هئا – يعني اڄ واري ڪينيا، تنزانيا، سوماليا جا ڪجهه حصا - انهن کان پري انگريزن ۽ جرمنن آفريڪي کنڊجي بندر بانٽ ڪري رکي هئي. موقعو ۽ مهل ڏسي انهن پنهنجي طاقت جي زور تي هنن سلطانن جي حصي جي ڌرتيءَ تي به پئي قبضو وڌايو. ظاهر آهي ٻنهي يورپي قومن وٽ ماڊرن بندوقون ۽ بارود هئا، جن سان هو سڄا شهر تباهه ڪري سگهيا ٿي. ان کان علاوه ٻنهي يورپي قومن کي گن بوٽون ۽ جنگي جهاز هئا، جيڪي زئنزيبار چئنل ۾ هر وقت بيٺا رهيا ٿي. هوڏانهن اصل حاڪمن (سلطانن) وٽ پئسو ۽ مال ملڪيت ته جام هو، جيڪو هنن آفريڪا جي شيدين کي ڦاسائي، وڪرو ڪري خوب ٺاهيو هو پر هنن وٽ پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪا انڌي منڊي جنگي ٻيڙي به نه هئي، جنهن تي ڊزن کن بندوقون فٽ هجن. هنن جو سڄو زور محل محلاتون ٺهرائڻ، حرم وڌائڻ ۽ ٻي عياشيءَ پويان هو. ان کان علاوه هنن وٽ پنهنجي حقدار ڀاءُ، سوٽ، يا چاچي کي تخت تي نه ويهڻ ۽ پاڻ کي تخت و تاج جو مالڪ بڻائڻ لاءِ محلاتي سازشون هيون. هنن جي ويڙه جي فيصلن لاءِ هو انگريزن وٽ ڀڳا ٿي. جيئن سلطان خالد بن برغش زوريءَ تخت تي ويٺو ته حقدار جي شڪايت تي انگريزن جي ٽن گن بوٽن ذريعي ان سلطان جي محل کي ڊاهي کيس ڀڄائي ڪڍيو. پوءِ جنهن کي انگريزن سلطان بڻايو اهو انگريزن جي سڄي عمر ”جي حضوري“ ڪندو رهيو. ۽ هو، جيڪو تخت ڇڏي ڀڳو اهو وري وڃي جرمنن جي قدمن ۾ ڪريو، جن هن کي پنهنجي زئنزيبار ۾ موجود جرمن قونصل خاني ۾ لڪائي رکيو، جتان پوءِ هن کي آفريڪا کنڊ ڏي موڪليو. يعني اها ئي ڪهاڻي اسان جي مغل بادشاهن، عباسي خليفن، سلطنت عثمانيه جي سلطانن، ايراني شاهن ۽ ٻين حاڪمن جي آهي، جن پنهنجي عوام کي غريب ۽ بکيو رکي پنهنجي لاءِ مال ملڪيت ۽ سون چاندي ته خوب ميڙيو پر پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجهه ماڊرن هٿيار يا منظم فوج نه ٺاهي، جيڪا سندن بچاءُ ڪري سگهي. ٻي ڳالهه ته پنهنجي خاندان جا جهيڙا پاڻ ۾ نبيرڻ بدران هو يورپي قومن وٽ پهچي ويا ٿي. ڪانگ کي لڙ ۾ مزو. هو ته ان ڳالهه جي انتظار ۾ رهيا ٿي جيئن ڪنهن هڪ کي کٽائي فائدو حاصل ڪجي ۽ اسان جي حاڪمن هنن جي مدد جي بدلي ۾ نه رڳو سون چاندي پر پنهنجي ڌرتيءَ جو حصو به ڏئي ڇڏيو ٿي. جيئن ڏسو برونائي جو تخت حاصل ڪرڻ جي بدلي ۾ هنن هڪ انگريز جهازران فوجيءَ کي سڄي ”سراواڪ رياست“ گفٽ ۾ ڏئي ڇڏي. نه فقط ايترو پر هن کي ”راجا“ جو به خطاب ڏنو. ان بعد هو پاڻ ۽ بعد ۾ هن جا ڀائيٽيا ڀاڻيجا جيڪي بعد ۾ سراواڪ جا حاڪم ٿيا پاڻ کي “White Raja of Sarwak” سڏائڻ لڳا. انهن جو تفصيلي احوال مون پنهنجي تازي ڪتاب ”وري ياد آيا“ ۾ ”سرواڪ جو سفيد راجا“ جي عنوان سان ڏنو آهي.
سر لائيڊ مئٿيو برطانيا جي رايل نيويءَ ۾ نيول آفيسر هو. اوڀر آفريڪا ۾ اتي جي شيدين کي غلام طور وڪڻڻ جو واپار اوج تي هو. انگريز سرڪار مئٿيو کي ان واپار کي ختم ڪرڻ لاءِ 1874ع ۾ ايسٽ آفريڪا ۾ مقرر ڪيو، جيئن هو جنگي جهاز ۽ گن بوٽن ذريعي ممباسا، ميلندي، زئنزيبار، دارالسلام، ڪِلوا، ويندي مافيا ٻيٽن تائين نظر رکي، جو آفريڪا جي اندروني حصن مان جن شيدي مردن توڙي عورتن ۽ ٻارن کي ماري ڪٽي، بيهوش ڪري يا انهن جي وڏيرن، قبيلائي سردارن کي پئسا يا تحفا ڏئي غلام خريد ڪيا ويا ٿي، انهن کي زنجيرن ۾ جڪڙي آفريڪا جي سامونڊي ڪناري وارن مٿين شهرن ۾ پهچايو ويو ٿي. اتان پوءِ عرب اسٽائيل جي ٽڪنڊي سڙهن وارين ٻيڙين ذريعي زئنزيبار ٻيٽ تي ”اسٽون ٽائون“ شهر ۾ پهچايو ويو ٿي جيڪو غلامن جي وڪري جي وڏي منڊي هئي. سلطانن ۽ امير عرب، ايراني ۽ انڊين جا محل محلاتون، بنگلا، مسجد، مندر به اتي هئا. انگريز جي ان ڪم تي انهن کي اسان جي دل ڪريڊٽ ڏيڻ چاهي ٿي، جو هنن اوڻهين صديءَ جي اڌ کان وٺي جتي جتي هنن جي هلي ٿي، هنن غلامن جي واپار ۽ غلامن کي رکڻ لاءِ ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد سنڌ ۾ به هنن غلامن جي وڪري تي يڪدم پابندي وڌي ۽ جن جن ميرن پيرن، جاگيردارن، سردارن نوابن وٽ غلام هئا انهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا.
آفريڪا پاسي به خاص ڪري زئنزيبار ڏي جتان هند، سنڌ، ايران، عربستان ۽ ترڪيءَ ڏي غلام سپلاءِ ٿيا ٿي، اتي پهرين اتي جي سلطانن، حاڪمن سان معاهدا ڪري، انهن کي ان ڪاروبار لاءِ روڪيائون. ان تي به باز نه آيا ته پوءِ انگريزن پنهنجي جنگي ٻيڙين (Gun Boats) ۽ نيول جهازن ذريعي زئنزيبار جي چوڌاري ۽ آفريڪا جي سڄي اوڀر ڪناري، سوماليه کان موزمبق تائين پهرو لڳرايو ۽ جتي جتي هنن کي ڪا ڌائو (ٻيڙي) غلامن کي ڍوئيندي نظر آئي ٿي ته ان کي جهلي غلامن کي آزاد ڪيو ٿي، جيئن هو جنهن جو اولاد آهن يا جن جا ڀائر ۽ پيئرآهن، انهن سان واپس وڃي ملن. غلامن جي ان ڪاروبار کي بند ڪرڻ يا دلشڪستو ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. اهو سڄو ڪاروبار اسان جي سلطانن ۽ عرب واپارين ڪيو ٿي ۽ هنن کي ان ڪاروبار مان پئسو ڪمائڻ جي اهڙي چوس پيدا ٿي چڪي هئي، جو جهلڻ تي وت آهر انگريزن جي بندوقن ۽ جنگي ٻيڙين جو به مقابلو ڪيو ٿي ۽ ان روڪ ٿام ۾ ڪيترائي انگريز سپاهي ۽ هڪ ته وڏي جهاز جو ڪئپٽن غلامن جو وڪرو ڪندڙن ماري رکيو هو. پر انگريز به ان تي پختا هئا ته انسان ذات تي ٿيندڙ هن ظلم کي بند ڪرايو وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 1493ع ڌاري آمريڪا کنڊ جي ايجاد ۽ ان تي قبضو ڪري پوک جهڙن ڪمن لاءِ يورپين کي مزورن جي ضرورت پئي ٿي (جيڪي هارپو ۽ ٻيا پورهيا ڪن) ۽ پورچوگالي پهريان يورپي هئا، جن آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تان ”شيدي“ غلامن طور خريد ڪري آمريڪا آندا. پر ڏٺو وڃي ته اسان واري پاسي يعني هندي وڏي سمنڊ تي هي ڪم ان کان اڳ کان عرب مسلمانن وڏي زور شور سان پئي هلايو ۽ غلامن کي اوسي پاسي جي ملڪن ڏي وڪري لاءِ موڪليو. اوڀر آفريڪا پاسي جا زئنزيبار مان موڪليل غلام خاص ٽن ڪمن لاءِ استعمال ٿيا ٿي. هڪ ته اتي زئنزيبار ۽ ممباسا، دارالسلام پاسي ئي لونگن، دال چيني، کوپري ۽ ٻين مصالحن جي پوک لاءِ، ٻيو انڊيا، ترڪي ۽ عرب دنيا ۾ رئيسن، سلطانن، نوابن جي محلاتن۾ هنن کي کدڙو ڪري حرم جي سارسنڀال ۽ نظرداريءَ لاءِ رکيو ويو ٿي، ان کان علاوه ٽيون جتي ڪٿي Sex طور به خريدا ويا ٿي. پوءِ ڪن خريدارن انهن کي ٻانهيون ڪري رکيو ٿي ته ڪن ڪنيزائون ۽ زالون به ڪري رکيو. ويندي زئنزيبار جو پهريون سلطان ماجد بن سعيد جي والد سعيد بن سلطان جيڪو عمان ۽ زئنزيبار گڏيل ملڪن جو آخري سلطان هو، ان وٽ به هڪ اٿوپين ڪنيز هئي. موراڪو جو سلطان جنهن کي دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ٻار ٿيا، ان جي ماءُ به هڪ حبشڻ غلام هئي. جنهن بابت آئون پنهنجي ڪتاب ”دنيا رنگ رنگيلي“ ۾ تفصيل سان لکي چڪوآهيان.
بهرحال 1860ع واري ڏهاڪي ۾ انگريزن جي رايل نيويءَ اوڀر آفريڪا ۾ هلندڙ غلامن جي واپار کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پڪو عزم ڪيو، جيڪو زئنزيبار مان هلايو ويو ٿي. هِتان هُتان کان شيدي ڦاسائي عرب ۽ ايراني غلامن جا واپاري زئنزيبار پهتا ٿي، جتي خريدار سون ۽ چانديءَ جي سڪن سان ٿيلهيون ڀري پهتا ٿي. اسٽون ٽائون ۾ جتي عيسائين جو گرجا گهر (The Anglican Cathedral Church of Christ) آهي ان هنڌ تي ڦاسايل شيدين کي خريدارن اڳيان اگهاڙو ڪري ائين نيلام ڪيو ويو ٿي، ڄڻ اهي انسان نه پر وهٽ هجن. وڏو واڪ ڏيڻ واري حوالي اهو شيدي مرد، عورت يا ٻار ڪيو ويو ٿي ۽ پوءِ هر هڪ خريدار پنهنجا خريد ڪيل غلام ڌئو ٻيڙين ۾ سٿي انڊيا، عمان، ترڪي، ايران يا ٻي ڪنهن ملڪ جتان کين سٺي اگهه جي آفر ٿي ٿي، اوڏانهن موڪليا ٿي. رستي تي طوفان يا خراب سمنڊ ملڻ تي سٿيلن ٻيڙين کي بچائڻ ۽ انهن جي Stability صحيح ڪرڻ لاءِ ڪجهه غلامن کي سمنڊ ۾ اڇلايو پڻ ويو ٿي - خاص ڪري انهن کي جيڪي ڪمزور ۽ گهٽ اگهه تي خريد ڪيل هوندا هئا يا رستي تي سامونڊي سفر دوران بيمار ٿي پيا ٿي ۽ جن جي بچڻ جي اميد گهٽ هئي، انهن کي سمنڊ اندر اُڇلايو ويو ٿي. هر سال زئنزيبار ۾ ويهه هزار غلامن جو وڪرو ٿيو ٿي، جن مان نه رڳو وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ وارن ڪمايو ٿي پر زئنزيبار جي سلطان ۽ ان جي اهلڪارن کي به هر غلام تي ڪميشن ملي ٿي.
1874ع ۾ سر لائيڊ مئٿيو کي هڪ فوجي آفيسر طور آفريڪا جي اوڀر ڪناري جي سنڀال لاءِ موڪليو ويو پر ان کان سال اڳ 1873ع ۾ سر بارٽل فريئر کي غلامن جي واپار کي روڪڻ لاءِ هڪ ڊپلومئٽ جي حيثيت ۾ زئنزيبار موڪليو ويو هو. هي اهو ئي سر بارٽل فريئر آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪمشنر رهي ويو هو ۽ هن سنڌي ٻوليءَ کي اڄوڪي لکڻي ڏياري. هو پاڻ به سنڌي سکي آيو هو ۽ سنڌ ۾ نوڪري لاءِ ايندڙ هر انڊين توڙي انگريز آفيسر لاءِ سنڌي سکڻ ۽ ان جو امتحان ڏيڻ لازمي قرار ڏنو هو.
هن زئنزيبار جي ان وقت جي سلطان برغش بن سعيد کي سمجهايو ته هن غلامن جي وڪري تي پابندي واري معاهدي تي صحيح ڪئي آهي، ان ڪري نه فقط هو پاڻ پر پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ واپارين کي ان تجارت جي منع ڪري. پر سلطان برغش بن سعيد ان تي عمل نه ڪيو. ان بعد سر بارٽل فريئر سلطان کي دڙڪو ڏياريو ته هاڻ جي اهو ڌنڌو بند نه ڪندين ته رايل نيوي تنهنجي زئنزيبار جي ٻيٽ (انگوجا) کي بلاڪ ڪري ڇڏيندي پوءِ نه ڪو هتان نڪري سگهندو نه وڃي سگهندو. ان دوران سر بارٽل فريئر جي انگلنڊ لکپڙهه تي هي فوجي مئٿيو جيڪو پوءِ برگيڊيئر جنرل ٿيو، غلامن جي وڪري جي روڪٿام لاءِ انگلينڊ کان پهچي ويو ۽ انهن ٻيڙين جي وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني، جن تي غلام زئنزيبار آندا ويا ٿي يا وڪري بعد انڊيا، عربستان وغيره ڏي روانا ٿيا ٿي.
سلطان برغش ڊڄي ويو ۽ زئنزيبار جي ان ٻيٽ انگوجا تي جتي پاڻ رهيل هو غلامن جو وڪرو بند ڪرائي زئنزيبار جي ڀر واري ٻئي ٻيٽ پيمبا تي اهو ڌنڌو جاري رکيائين. ان وقت زئنزيبار چئنل ۾ بيٺل جهازن ۾ HMS London سڀني ۾ وڏو هو. سر مئٿيوءَ ان جهاز کي آڻي پيمبا بندرگاهه ۾ لنگر انداز ڪيو ته هاڻ ڏسان ته غلامن جي وڪري لاءِ ڪير سوداگر شيدي آڻي ٿو يا ٻاهر وٺي وڃي ٿو. انکان علاوه انگريزن زئنزيبار جي وڏي ٻيٽ انگوجا ڀرسان ٻن ننڍن ٻيٽن: فِنزي ۽ مثاليءَ تي زوريءَ قبضو ڪري انهن تي نيول بيس ٺاهيا، جتان هِن علائقي جي نظرداري ڪندا رهيا، جيسين 1890ع ۾ غلامن جي وڪري جو ڪم مڪمل طور ختم ٿيو. ان کان پوءِ مثالي ٻيٽ کي مئرين پارڪ ٺاهيو ويو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ان کان علاوه سلطان کي چئي سر لائيڊ مئٿيو کي پڪي نوڪري وٺرائي ڏني وئي ته هو سلطانن جي بچاءَ لاءِ هڪ انگريز نموني جي فوج ٺاهي، جيڪا جرمنن جي وڌڻ کي به روڪي، جيڪي ٽانگانيڪا ملڪ جي ڳپل حصي تي قبضو ڪري ويا هئا. مئٿيو جي زئنزيبار ۾ اهڙي ته پڪي ۽ اهم نوڪري ٿي وئي جو هو Strong man of Zanzibar سڏجڻ لڳو هو. هو واقعي پاڻ لاءِ اهو چئي سگهيو ٿي ته I am the State (آئون ئي رياست آهيان.)
سر بارٽل فريئر جي ته پوءِ بدلي ٿي وئي پر سر مئٿيو 1889ع تائين غلامن جي وڪري تي مڪمل طور بندش ڪرائي ان وقت جي سلطان خليفه بن سعيد کي چيو ته هو ڊڪري ڪڍي ته جتي جتي هُن جي حڪومت آهي، اتي اتي جي ڪڏهن ڪنهن وٽ غلام آهي ته هو ان کي به آزاد ڪري ڇڏي.
1901ع ۾ مئٿيو مليريا وگهي گذاري ويو. سندس قبر زئنزيبار جي گورا قبرستان British Cemetery ۾ آهي. سندس گهر پڻ هتي اسٽون ٽائون جي اولهه واري ڪنڊ تي سندس نالي يادگار طور قائم رکيو ويو آهي. زئنزيبار جو هڪ ٻيو ننڍڙو ٻيٽ چانگو جتي مئٿيوءَ جيل ٺهرايو هو، اتي جي هڪ هوٽل جو نالو پڻ سندس مانَ ۾ ”مئٿيو ريسٽورنٽ“ رکيل آهي. سو توهان کي هنن مان ڪابه شيءِ نظر اچي ته سمجهي وڃجو ته اهو مئٿيو ڪير آهي ۽ اسانجي ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ جهڙي زئنزيبار جي ايسٽيلا مارڪيٽ مان انناس، ناريل يا مڇي وٺڻي پوي ته سمجهي وڃجو ته ان مارڪيٽ جي نالي واري ايسٽيلا ڪنهن داداگير رايل نيول آفيسر جي ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو مئٿيو هو ۽ جيڪو مليريا وگهي مري ويو.

هڪ مڇر پهلوانن کي ماري رکيو

اسان وٽ اڪثر اها ڳالهه بحث هيٺ ايندي آهي، ته قدرت هر شيءِ انسان جي ڀلي لاءِ ٺاهي آهي ته پوءِ مڇر مان ڪهڙو فائدو آهي؟ اهڙن سوالن جا جواب ته ڪو مولوي يا عالم دين ئي ڏئي سگهي پر هتي Lighter note تي يعني چرچي طور، آئون اهو ئي چوندس ته اهو مڇر ئي هو، جنهن نه فقط نمرود جو موت آندو پر ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۽ انهن جي عوام کي قبضه گروپ يورپين کان جان ڇڏرائي. ڏٺو وڃي ته مليريا جي ڪا دوا ايجاد نه ٿيڻ ڪري ڪيترا يورپي اسان وٽ هند سنڌ يا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ مڇرن جي چڪ جي دٻ نه جهلي سگهيا ۽ مليريا سندن موت جو سبب ٿي. جيئن مٿي بيان ڪيل زئنزيبار جي ڏاڍي مڙس سر لائيد مئٿيوز جو موت ٿيو. اهڙي طرح هڪ ٻيو انگريز، سنگاپور جو سر اسٽئمفورڊ رئفلس ۽ ٻيا به ڪيترا مليريا وگهي نه فقط آفريڪا يا ايشيا کنڊ ۾ قبضو ڪيل ملڪ پر هيءَ دنيائي ڇڏي ٻي جهان روانا ٿي ويا.
يورپ کان خشڪي رستي ترڪي ۽ ايران مان ٿيندا، چين ۽ انڊيا ته پهچي ويا ٿي پر هنن کي سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ جي خبر نٿي پيئي. آخر هڪ پورچوگالي واسڪو ڊاگاما تي الله مهربان ٿيو. هو پنهنجي ملڪ پورچوگال اڳيان وهندڙ ائٽلانٽڪ سمنڊمان هندي وڏي سمنڊ ۾ پهچي ويو، جنهن سمنڊ اوڀر آفريڪا جو ڪنارو ڇهيو ٿي ۽ جنهن ۾ انڊيا، ملايا، انڊونيشيا جهڙا ملڪ پڻ آهن. واسڪو ڊاگاما اتي پهچي اتي جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ لاءِ مار ڌاڙ شروع ڪري ڏني ان ڪري جو هن وٽ بم ۽ بارود هئا. انڊيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا حاڪم توڙي عوام ان معاملي ۾ ڪمزور هئا. هن هڪ ڏورانهين ڏيهه کان اچي ممباسا، مليندي خاص ڪري انڊيا جي ملبار ڪناري جي بندرگاهن تي بمباري ڪري نه فقط شهرن کي تباهه ڪيو پر ماڻهن جو به قتل عام ڪيو. هُن هِن علائقن ۾ هلندڙ مال بردار جهازن جي ته ڦرلٽ ڪئي پر حاجين جي جهازن کي به نه ڇڏيو. ايتري قدر جو حاجين جي هڪ جهاز تي چڙهيل سڀ سامان کسي ان تي موجود اٽڪل 400 حاجين کي جن ۾ ٻار ۽ عورتون به هيون انهن کي ساڙڻ جو حڪم ڏنو. جهاز تي موجود عورتون پنهنجيون جهوليون جهلي واسڪو کي ٻارن جي بچاءُ لاءِ منٿون ڪنديون رهيون پر هن ڪنهن جي نه ٻڌي. هو وڏي طاقت جو مالڪ هو جنهن کي ڪير نٿي روڪي سگهيو. بعد ۾ هو گوا ۾ گورنر جنرل ۽ وائسراءِ مقرر ٿيو. اتي هن کي هڪ مڇر جي چڪ مليريا ڏئي ڇڏي. سيئي تپ هن کي ڦٿڪائي رکيو. انهن ڏينهن تائين ته مليريا جي دوا ڪوئينن به ايجاد نه ٿي هئي. اها به خبر نه هئي ته اها بيماري مليريا هڪ مڇر جي چڪ سان ٿئي ٿي! ڪاش اهي سڙندڙ ٻرندڙ عورتون اها خوش خبري ٻڌي سگهن ها ته هيڏي وڏي ۽ طاقتور شخص کان سندن بدلو هڪ مڇر ورتو. واسڪو ڊاگاما واپس پنهنجي وطن به پهچي نه سگهيو ۽ اتي انڊيا ۾ ئي دفن ڪيو ويو.
ملائيشيا جي ٻيٽ تي قبضو ڪندڙ انگريز فوجي ”ڪئپٽن فرانسز لائيٽ“ 1794ع ۾ مليريا وگهي پينانگ ۾ ئي مري ويو. سندس قبر نارٿم روڊ تي آهي، جيڪو هاڻ ”جالان سلطان احمد شاهه“ سڏجي ٿو. (ملئي ٻوليءَ ۾ جالان معنيٰ شاهراهه، روڊ، رستو.)
ڊچ فوجي هرمن وليم جنهن کي لوئيس بونا پارٽ ڊچ ايسٽ انڊيز جو گورنر جنرل مقرر ڪيو ۽ هن کي 1808ع ۾ انگريزن جي قبضي ۾ آيل باٽا ويا (اڄ واري جڪارتا) شهر کي قبضي ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو اهو پڻ 1818ع ۾ مليريا وگهي انڊونيشيا ۾ ئي مري ويو. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي جن بابت پڙهي حيرت ٿيندي اٿم ته هڪ مڇر نه فقط نمرود کي رلائي رکيو پر ٻين به ڪيترن اهڙن کي جن پاڻ کي هن ڌرتيءَ تي وڏو طاقتور ٿي سمجهيو.

بيت العجائب

پاڻ زئنزيبار ٻيٽ جي اهم ۽ آڳاٽي شهر اسٽون ٽائون جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪو هڪ تاريخي شهر آهي، جتي ماضيءَ جون راڻيون ۽ سلطان رهيا. عرب، ايراني ۽ انڊين وڏا واپاري سيٺ رهيا. انگريز ۽ جرمن ڊپلومئٽ رهيا، جن مان ڪيترن جا گهر، دڪان يا ايسٽيلا جهڙيون يادگار مارڪيٽون اڄ به موجود آهن. اتي جي ڪرائون نالي هڪ هوٽل ۾ آئون به پنهنجي بئگ کڻي اچي ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽِڪيس، جيسين منهنجي ملائيشيا جي ڪمپنيءَ جو بحري جهاز دارالسلام ۾ سامان لاهي ملائيشيا روانو ٿئي ۽ مون کي ملائيشيا جي پينانگ يا پورٽ ڪلانگ بندرگاهه ۾ لاهي، جتان ٽئڪسي ڪري ملاڪا هليو وڃان. تيستائين مون کي زئنزيبار هڪ دفعو وري گهمڻ جو موقعو ملي ويو آهي. جنهن جي گهٽين ۾ گهمندي آئون ان جي، ماضيءَ جي زئنزيبار سان ڀيٽ ٿو ڪريان ته ڪڏهن پنهنجي شهر ڪراچيءَ سان ڀيٽ ٿو ڪريان. جيئن مٿي بيان ڪيل دارجاني مارڪيٽ (ايسٽيلا مارڪيٽ) کي صاف سٿرو ڏسي دل ئي دل ۾ پئي چيم ته اهو ڀلا ڇو آهي ته اسان جي ايمپريس مارڪيٽ ڇو ايڏي گدلي آهي! اهو ڀلا ڇو آهي جو اسان کي هتي جي شيدين جيترو به هائيجن ۽ صفائيءَ جو خيال ناهي! ايسٽيلا مارڪيٽ ته ڇا سڄي زئنزيبار جون گهٽيون، ڇا ته صاف سٿريون آهن! سڄو ڏينهن مينهن پيو پوي پر نه ڪٿي پاڻي ٿو گڏ ٿئي ۽ نه ڪٿي رستا ڀڳل آهن. ايسٽيلا مارڪيٽ ۾ اسان جي ايمپريس مارڪيٽ کان وڌيڪ ڪڪڙين، بدڪن ۽ مڇين جا دڪان آهن پر هر ڪلاڪ ٻن بعد اهڙي صفائي ٿيو وڃي جو دڪان توڙي رستا چمڪن پيا. زئنزيبار ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ هتي جو House of wonder جيڪو Palace of wonders ۽ بيت العجائب پڻ سڏجي ٿو، ضرور ڏسن ٿا. زئنزيبار ۾ عربن، ايرانين ۽ انڊين جو ايڏو اثر رهيو آهي جو هتي جي ڪيترين شين جا نالا عربي، ايراني ۽ هندي ٻولين جا آهن. بلڪه انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ هتي جي مقامي ٻولي سواحليءَ جو حصو بڻجي چُڪا آهن.
هائوس آف ونڊرس (بيت العجائب) جي عمارت زئنزيبار ۾ ايندڙ هر هڪ جي نظرن جو مرڪز رهي ٿي جو هيءَ عمارت اسٽون ٽائون ۾ خاص هنڌ تي سمنڊ جي ڪناري تي فوروڌني (Forodhani) پارڪ (جيڪو جوبلي پارڪ به سڏجي ٿو) جي سامهون آهي. هن پارڪ ۾ شام جي وقت مقامي ماڻهو ۽ ٽوئرسٽ اچي گڏ ٿين ٿا. سير تفريح کان علاوه هي پارڪ کاڌي جي اسٽالن کان به مشهور آهي جتي توهان کي سواحلي، عربي ۽ انڊين کاڌا وڪامندي نظر ايندا. هي باغيچو انگريزن جي ڏينهن جو هڪ صدي کن پراڻو آهي، جيڪو بعد ۾ بنهه برباد ۽ ويران ٿي ويو هو. آفريڪا ۾ ٻين ڪيترين پراڻين عمارتن جي مرمت ۽ ديک بال ڪرڻ لاءِ هن پارڪ جي به اسماعيلي امام آغا خان جي جوڙيل ٽرسٽ ”آغا خان ٽرسٽ فار ڪلچر“ (AKTC) ٻه ملين ڊالرن جي خرچ سان هن کي بهتر شڪل ۾ آندو آهي ۽ هن پارڪ جون رونقون وري موٽي آيون آهن. بيت العجائب واري عمارت جيڪا ميزين گاني (Mizingani) روڊ تي آهي هن ٻيٽ جي وڏي ۾ وڏي ۽ سڀ ۾ اتاهين (ٽي ماڙ) عمارت آهي. زئنزيبار جي ٻئي سلطان برغش بن سعيد جيڪي هن ٻيٽ تي ڇهه محلات ٺهرايا، انهن مان هي هڪ آهي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته هي اهو هنڌ آهي، جتي زئنزيبار جي اصل راڻي فاطمه (Fatuma) جو سترهين صديءَ وارو محل هو. ان ڊٺل محل تي سلطان برغش بن سعيد هي محل ٺهرايو، جيڪو 1883ع ۾ ٺهڻ وقت دنيا جي ماڊرن محلن مان هڪ هو، ان ڪري هن جو نالو ئي بيت العجائب رکيو ويو. سڄي زئنزيبار ۾ هيءَ پهرين عمارت هئي، جنهن ۾ سڀ کان اڳ اليڪٽرسٽي جو بندوبست ڪيو ويو ۽ سڄي اوڀر آفريڪا ۾ هي محل هو جنهن ۾ سڀ کان اڳ Elevator لڳايو ويو.
هن محل (بيت العجائب) جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها هئي، جو سلطان جي ڀروارن ٻن محلاتن: بيت الحڪم ۽ بيت الساحل سان مٿان ئي مٿان ڍڪيل گهٽين سان ڳنڍيو ويو جيئن شاهي خاندان جي عورتن جي اچڻ وڃڻ تي ٻاهر جي ماڻهن جي نظر نه پوي. محل ۾ استعمال ٿيل پٿر ۽ ٻيون سينگار جون شيون يورپ مان گهرايون ويون هيون. محل جي دروازن تي ٽُڪَ جو ڪم، گل ڦل ٺاهڻ ۽ قرآن جو آيتون لکڻ لاءِ ترڪي ۽ انڊيا کان ڪاريگر گهرايا ويا هئا. ماڻهن جي نظاري لاءِ سلطان مختلف جهنگلي جانور گَهرَ جي ٻاهران زنجيرن سان ٻڌي رکيا هئا. گهر جو ٻاهريون گيٽ وڏي سائيز جو رکيو ويو، جو سلطان ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو هاٿيءَ تي سوار ٿي ٻاهر نڪتا ٿي.
1896ع واري انگريزن سان لڳل لڙائيءَ ۾ انگريزن بم گولن سان بيت الحڪم محل کي ٿورو گهڻو پر بيت الساحل محل کي ٽوٽل تباهه ڪري ڇڏيو. بيت العجائب کي به نقصان رسيو پر پوءِ 1897ع ۾ ان جي مرمت ڪئي وئي. ان سان گڏ ڪِلاڪ ٽاور به ان وقت لڳرايو ويو. انگريزن جي 1896ع واري بمباري بعد زئنزيبار جو سلطان ۽ ان جو حرم هن بيت العجائب ۾ رهڻ لڳو. 1911ع ۾ هي محل انگريزن پنهنجي سيڪريٽريٽ ۽ سرڪاري آفيس لاءِ وقف ڪيو. 1964ع ۾ هي محل (بيت العجائب) اسڪول ۽ حڪومتي سياسي پارٽي ”ائفرو شيرازي پارٽي“ جي ميوزيم حوالي ڪيو ويو. 1994ع ڌاري هي مڪمل طور ميوزيم بڻايو ويو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. هي ميوزيم زئنزيبار ۽ هتي جي سواحلي ڪلچرجي عڪاسي ڪري ٿو. هتي مختلف دورن جي ٻيڙين جي ماڊلن کان هن پاسي استعمال ٿيندڙ مڇين ڦاسائڻ جا اوزار، شادين مرادين جا ڪَنگا (وڳا Kangas)، غلامن جو وڪرو ڪندڙ تيبو تيب جهڙن وڏن سوداگرن جون قدِ آدم تصويرون، سلطانن جي محلن ۾ استعمال ٿيندڙ فرنيچر، زئنزيبار ۾ هلندر پراڻي ڪار، جهڙيون تاريخي شيون رکيل آهن.

ڪنگا- آفريڪا جي اجرڪ

هن کان اڳ ڪن هنڌن تي هتي جي ٻولي سواحليءَ جو هڪ لفط ڪَنگا (Kanga) استعمال ڪيو اٿم، جنهن تي ڪجهه سِٽون لکڻ چاهيان ٿو. اهو لفط آفريڪا جي ڪيترن ملڪن: ڪينيا، تنزانيا، يوگنڊا، زئنزيبار، مئڊاگاسڪر وغيره ۾ - جتي جتي سواحلي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندو.
ڪَنگا ڇا آهي؟
آفريڪا ۾ گلن واري ڪپڙي جي زناني ڊريس ”ڪنگا“ سڏجي ٿي جيئن ملائيشيا ۾ اتي جي عورتن جو مقامي لباس باجو ڪرونگ آهي ۽ جپان ۾ ڪمونو. يا کڻي چئجي ته اسان وٽ مرد توڙي عورتون ”شلوار قميص“ پائين ٿيون ۽ سعودي عرب ۾ مردن جو لباس ثوب (جبو) سڏجي ٿو. ڪَنگا ميٽر باءِ ڏيڍ ميٽر جو رنگين ڪپرو ٿئي ٿو، جنهن کي هتي جون شيدي عورتون ڳنڍيون ڏئي مٿي تي پٽڪي وانگر ٻڌن يا سينو ڍڪين ٿيون. ڪي ان ئي هڪ ڪپڙي کي گوڏ طور استعمال ڪن ٿيون يا ڇاتي ڍڪڻ لاءِ هڪ ڊيزائين جو ۽ هيٺ لاءِ ٻي ڊيزائين جو ڪپڙو استعمال ڪن ٿيون. هو ٻار کي کڻڻ لاءِ ڪَنگا کي ڇِڪي طور پٺيان ٻڌن يا ٻار کي ٿڃ پيارڻ لاءِ اڳيان ٻڌن. مختلف سامان کڻڻ لاءِ هن ڪپڙي کي هڙ طور استعمال ڪن. ان کان علاوه شادين مرادين ۾ هن ڪپڙي Kanga کي تحفي طور ڏين - ويندي موتي فوتيءَ تي هي ڪپڙو ۽ ان ۾ پاسي کان ڳنڍ ٻڌي ان ۾ نوٽ وجهي ڏکويل خاندن کي مدد طور ڏين - جيئن اسان وٽ اجرڪ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن ڪنهن فنڪشن تي هي رنگين ڪنگا ڊيڪوريشن خاطر ڀتين تي به لڙڪايا وڃن ٿا. سمنڊ جي ڪناري تي باٿ سوٽ ۾ ايندڙ عورتون فضيلت خاطر پنهنجي چوڌاري هي ڪنگا ٻڌي اچن ٿيون.
ڪنگا- يعني جسم ڍڪڻ جون هي چادرون هميشه مستطيل هجڻ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه هر ڪنگا کي ويڪرو بارڊر ٿئي ٿو، جنهن کي آفريڪي ماڻهو پِنڊو (Pindo) سڏين ٿا، وچ ۾ ڪا تصوير ٿئي ٿي جيڪا Mji سڏجي ٿي ۽ هڪ سِٽ جو پيغام پڻ لکيل هوندو آهي، جيڪو Jina سڏجي ٿو. هي پيغام جيڪو ڳجهارت، پرولي، شعر جي سٽ يا پهاڪي جي صورت ۾ عربي يا سواحلي (رومن) ۾ لکيل ٿئي ٿو. جنهن دڪاندار مون کي اهو سمجهايو پئي ان مون کي بار بار تاڪيد ڪئي ته ”ڪنهن کي ڪو ڪَنگا تحفي ۾ ڏيو ته رڳو ان جا رنگ ۽ آرٽ ورڪ پسند ڪري نه ڏجو. ان تي ”جينا“ (ميسيج) جي معنيٰ معلوم ڪري پوءِ ان مطابق ڏجو.“ ائين به ٿيندو آهي ته ڪو ڪنهن نئين پرڻيل جوڙي کي اهو ڪنگا گفٽ ۾ ڏئي ويندو آهي، جنهن تي هن قسم جي دعا لکيل هوندي آهي ته ”شل تنهنجي هن مصيبت مان جان ڇٽي.“ ان قسم جو ڪنگا اسپتال ۾ داخل ٿيل ڪنهن دوست کي ڏبو آهي، ته هن جي هن بيماريءَ مان جان ڇٽي. ظاهر آهي ڪنهن گهوٽ کي اها ڪنگا ڏيڻ سان ماڳهين هو بيعزتي محسوس ڪندو.
بلڪل صحيح ڳالهه ڪيائين. ڪيترائي ٽوئرسٽ ٻئي ملڪ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کان اڻ واقف هجڻ ڪري، ان قسم جون غلطيون ڪندا رهن ٿا. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن شاديءَ جي سرگس ۾ گاني جي معنا کان اڻ واقف بئنڊ ماسٽر ”دوگز ڪفن ڪا ٽڪرا تيرا لباس هوگا“ گاني جي ڌن وڄائيندو هليو. ڪجهه ڪنگا ڏٺم جن تي هتي جي سواحلي ٻوليءَ ۾ هن قسم جا پيغام (Jina) لکيل هئا:
Majivuno hayafai.
(شو بازيءَ مان ڪجهه نٿو وَري)
Mkipendana mambo huwa sawa
(پيار آهي ته هر شي وڻي پئي)
Wazazi ni dhahabu kuwatunza ni thawabu
(والدين سون آهن جن جي خذمت ڪرڻ رحمت آهي).
Mwanamke mazingira tunataka usawa, amani maendelo
اسان (عورتون) برابري، امن ۽ خوشحالي چاهيون ٿيون ... وغيره.
مزي جي ڳالهه اها ته هن قسم جي ڪنگا لاءِ اجرڪ جي ڇُرَ جهڙو ڪپڙو جيڪو 1950ع کانپوءِ هتي تنزانيا، ڪينيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ ڇُرجڻ شروع ٿيو آهي، اهو ڪپڙو انڊيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن مان گهرايو ويو ٿي يا آرڊر تي اتان ان ڊيزائين ۽ ميسيج واري سٽ (عربي، سواحلي يا هتي جي ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾) لکرايو ويو ٿي. ڪنگا (Kanga) وانگر ڪيٽينگي (Kitenge) ڪپڙو آهي، جيڪو ڪَنگا کان ٿورو ٿلهو ۽ اوچو آهي، جيڪو خاص موقعن تي اوڍيو وڃي ٿو. هنن ٻنهي قسمن جي ڪپڙن جو آفريڪا ۾ سڀ کان وڏو سپلائر قادر ڏنو حاجي اسحاق (Kaderdina Hajee Essak) هو، جيڪو ممباسا (اڄ واري ڪينيا) ۾ رهيو ٿي، جيڪو علائقو انهن ڏينهن ۾ East Africa Protectorate سڏبو هو ۽ انگريزن جي هٿ ۾ هو. هن جو اولاد اڄ به ڪپڙي جو واپاري آهي جن جي هيڊ آفيس ممباسا جي بيا شارا (Biashara) اسٽريٽ تي آهي (فون نمبر 041-2221587) قادر ڏنو حاجي اسحاقجي ڪمپني “Abdulla” جي نالي سان به مشهور آهي ۽ هنن جي تيار ڪيل ڪنگا تي K. H. A- Mali ya Abdulla برانڊ نالو لکيل رهي ٿو. ان نالي بعد سواحلي ٻوليءَ جو ڪو پهاڪو، چوڻي يا ڪنهن شعر جي هڪ سٽ لکيل هوندي آهي. جنهن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هتي جي ٻوليءَ ۾ ان کي Jina (جينا) سڏين ٿا.

قادر ڏني ڪمپنيءَ جي ڪهاڻي

مانڊوي (ڪڇ) جي هيءَ گجراتي فئملي ”قادر ڏنو حاجي اسحاق“ ٽيڪسٽائيل ۽ Lesso بزنيس ۾ ممباسا- بلڪه سڄي ڪينيا ۽ اوڀر آفريڪا ۾ شروعاتي ڪمپنين مان اوچي ۽ امير ڪمپني آهي. هن ڪمپني (Kaderdina Hajee Essak) جي وجود ۾ اچڻ جي به عجب ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ جي شروعات اوڻهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي جي اوائلي سالن ۾ ٿي، جنهن جو بنياد رکڻ واري حاجي اسحاق جي جنم جو هنڌ ڪڇ جو هڪ شهر مانڊوي هو، جيڪو ان وقت مشهور بندرگاهه هو.
جيسين اڳتي هلي بمبئي مشهور بندرگاهه ٿئي، تيسين صدين کان ”مانڊوي“ ڪڇ ۽ گجرات جو اهم ۽ مشغول بندرگاهه هو جتي انڊيا ۽ ڌارين ملڪن جا جهاز لنگر انداز ٿيا ٿي. مانڊوي شهر جي مٿئين نوجوان نينگر اڪثر سمنڊ جي ڪناري تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي سمنڊ ڏي گهوري ڏٺو ٿي. ان بعد هو مانڊوي بندرگاهه جي ٽاور واري عمارت ۾ اچي بيٺو ٿي، جتي مئي جي مهيني ۾ جهازن جا امير مالڪ اچي گڏ ٿيا ٿي ۽ سامهون اولهه ڏي افق کي چتائي ڏٺو ٿي. هنن کي آفريڪا جي اوڀر ڪناري کان مال کڻي پنهنجي پنهنجي جهاز جي موٽڻ جو انتظار رهيو ٿي. مئي اهو مهينو آهي، جڏهن آفريڪا کان انڊيا طرف سفر ڪندڙ جهازن لاءِ هوائن جو رخ سڻائو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. هن طرف واري هوا شروع ٿيڻ سان آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ انتظار ڪندڙ جهازن انڊيا ڏي سفر شروع ڪيو ٿي.
مانڊويءَ ۾ رهندڙ جهازن جي مالڪن ۽ انهن جهازن ۾ ايندڙ سامان جي سوداگرن پاڻ ۾ شرطون هنيون ٿي ته هنن مان پهرين ڪنهن جو جهاز نموندار ٿيندو. هنن واپارين ۽ سوداگرن جي انهن ڳالهين، هن نوجوان نينگر کي بيحد گهڻو مزو ڏنو ٿي ۽ هن جي دل سامونڊي سفر لاءِ اڇلون کاڌيون ٿي. ان وقت هن يارهن ٻارهن سالن جي ٻار کي ڪهڙي خبر هئي ته هن جو اهو خواب نه فقط پورو ٿيندو ۽ هو انهن مان هڪ جهاز تي سامونڊي سفر ڪندو، پر هو سندس سامهون ڳالهيون ڪندڙ مانڊوي جي انهن سوداگرن کان به وڏو واپاري ثابت ٿيندو ۽ جنهن اڻ ڏٺل دنيا ڏي هو وڃڻ جو سوچي رهيو آهي، اها هن جي ۽ هن جي خاندان جي سخاوت مان فيض حاصل ڪندي. هي ٻار ڪو ٻيو نه هو پر مٿي بيان ڪيل سيٺ قادر ڏنا حاجي اسحاق (ايساڪ) جو والد ”ايساڪ ڀاراديا“ هو. هتي آئون صحيح نالو اسحاق جيڪو هجڻ کپي، لکي رهيو آهيان پر هن پاڻ کي اسحاق بدران ”ايساڪ“ Essak ٿي سڏرايو ۽ ڪاغذ پٽن تي به ائين ٿي لکرايو. دراصل ڪڇ جا ماڻهو اڄ به ڪيترن نالن کي ٿورو گهڻي ڦيرڦار سان اچارين ٿا ۽ نه فقط ڪڇي پر اسان جا ڪيترائي سنڌي به عام طرح ذواليخا نالي واريءَ کي، جُهلي، خديجه کي کتيجان يا کتو، جنت کي جَنُو بيبي اميد علي کي ميدالي ۽ اهڙي طرح اسحاق کي ايساڪ ۽ عبدالله کي عبدل سڏين ٿا.
هن نوجوان گجراتي ڇوڪري ايساڪ (اسحاق) کي سمنڊ جون ڇوليون ۽ ڪاٺ جا سڙهن وارا جهاز ڏسي ڏسي ۽ انهن ۾ ايندڙ ويندڙ ناکئن ۽ تاجرن جون ڳالهيون ٻڌي، هن کي ٻي پار وڃڻ جو شدت سان شوق ٿيو. اهو سال 1843ع هو جو ايساڪ مانڊويءَ کان اوڀر آفريڪا ويندڙ هڪ ڌائو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جنهن اچي کيس زئنزيبار جي ٻيٽ انگوجا ۾ لاٿو. زئنزيبار ۾ هن کي ڪڇ جي ڀاٽيا ڪميونٽيءَ جي هڪ هندو واپاريءَ پاڻ وٽ ڪم ۾ لڳايو. ايساڪ هن وٽ ٻه ٽي سال زئنزيبار ۾ ڪم ڪري ممباسا هليو ويو، جتي هن پنجاهه سٺ کن مزور هٿ ڪري پنهنجو قافلو ٺاهيو ۽ مزور شيدين کان سامان کڻارائي اندروني آفريڪا ڏي سفر تي روانو ٿيو.
انهن ڏينهن ۾ مال جي خريد و فروخت جا سوداگر پيرين پنڌ يا گڏهن خچرن تي سامان، جهڙوڪ: لوڻ، کنڊ، موتي، سوٽي ڪپڙو ۽ بلاڪيٽن جهڙيون شيون مزورن کان کڻائي اندروني آفريڪا جي گهاٽن جهنگلن ۾ داخل ٿيا ٿي، جتي مختلف آبادين ۽ انهن جي سردان کان ان سامان جي بدلي ۾ عاج، گينڊي جا سِڱ، جانورن جون کلون ۽ ٻيو اهڙو سامان حاصل ڪيو ٿي، جنهن جو ڏورانهن ملڪن ۾ وڏو اگهه هو. هي سڀ ڪاروبار بارٽر سسٽم يا (مال جي بدلي ۾ مال ڏيڻ) ذريعي هليو ٿي. يعني نوٽ، سڪن، يا ڪنهن به ڪرنسيءَ ۾ ڏيتي ليتيءَ جو رواج نه هو.
هن ٽرپ ۾ ايساڪ کي چار مهينا کن لڳي ويا. اندروني آفريڪا مان مال بدلي حاصل ڪيل مال هن زئنزيبار ڏياري موڪليو، جتان پاڻيءَ جي جهازن (سڙهن تي هلندڙ ڌائو ٻيڙين) ذريعن انڊيا ۽ چين روانو ڪيو ويو. ايساڪ کي ان پهرين ئي واپاري مهم ۾ وڏو فائدو رسيو. ان بعد هو هميشه لاءِ ممباسا ۾ ٽِڪي پيو، جتي جي هڪ گهٽي ۾ دڪان ۽ آفيس ٺاهي ان کي پنهنجي واپار جو مرڪز بڻايو.
ڪجهه سالن بعد ايساڪ شاديءَ لاءِ پنهنجي وطن مانڊوي (انڊيا) روانو ٿيو، جتي شادي رچائي پنهنجي زال ۽ ماءُ پيءُ کي ساڻ وٺي ممباسا موٽيو. 1863ع ۾ کيس قادر ڏنو پٽ ڄائو جيڪو پڻ وڏو ٿي ساڻس ٻانهه ٻيلي ٿيو ۽ واپاري ڪمن ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. 1887ع ۾ چوويهه سالن جي قادر ڏني ممباسا ۾ ان ساڳي گهٽيءَ ۾ جنهن ۾ سندس پيءُ ايساڪ جو دڪان هو، اتي پنهنجو الڳ دڪان کوليو ۽ ڪمپنيءَ جو نالو Kaderdina Hajee Essak رکيو. بعد ۾ اهو دڪان 1907ع ۾ بياشارا اسٽريٽ جي هڪ عمارت ۾ شفٽ ڪيو ويو، جيڪو دڪان (ڊپارٽمينٽل اسٽور) ۽ آفيس “Mali Ya Abdulla” ڪلوٿنگ اسٽور جي نالي سان سڏجي ٿو. اهو سندس وڏي پٽ عبدالله جي نالي سان آهي، جيڪو هن بياشرا اسٽريٽ ۾ شفٽ ٿيڻ کان ٻه سال اڳ 1905ع ۾ ڄائو. هن علائقي ۾ فئشني ڪپڙن، بوٽن ۽ پرسن جا پڻ دڪان آهن... هي علائقو سمجهو ته لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ جهڙو آهي. هنن قادرڏنو حاجي ايساڪ وارن جي مٿئين اسٽور ”مالي يا عبدالله “ کان علاوه ٻيا ڪجهه اسٽور هن ريت آهن: سُميع يا فئشن، امپالا شاپنگ مال، اسڪاءِ ويئر بئگ شاپ، مبارڪ شاپ، ان کان علاوه هڪ سنڌي هندوءَ جو مٺواني شاپنگ مال، بوهرين جو سيفي گلاس ويئر شاپ، برهاني سولر شاپ، ۽ شايد سيف حلوه شاپ به ڪنهن بوهريءَ جو آهي.
مٿئين روڊ جي ٻئي پاسي به قادر ڏني جي پٽن، پوٽن ۽ ڏهٽن جا ٻيا دڪان - يعني ماڊرن سپر اسٽور آهن، جيئن ته: Mtoto Wa Abdullah ڪپڙي جو اسٽور، محمد نذير عبدالقادر ائنڊ برادرس ڪپڙي جو دڪان، وغيره. اتي ئي شِيبو مسجد ۽ Birikau مسجد آهي ۽ ٿورو اڳيان انيسا مسجد ۽ گجراتين جي حسين بيڪري ۽ دلبهار ڪولڊ اسٽور آهي.
قادرڏني مقامي ٻولي سواحلي ۽ مادري زبان گجراتي کان علاوه انگريزي ۽ عربي ڳالهائڻ ۾ به مهارت رکي ٿي. هن ٻه شاديون ڪيون. پهرين زال مان فقط ٽي ڌيئرون ٿيس. پهرين زال جي وفات بعد هن ٻي شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ ڌيءَ ۽ ٻه پُٽ: عبدالله ۽ محمد حسين ٿيا.
عبدالله به ٽيڪسٽائيل فئبرڪس - يعني ڪپڙي ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ سندس ڪمپنيءَ جي ٺهيل ڪپڙن تي برانڊ نالو “Abdulla” لکيل نظر اچي ٿو.
قادر ڏنو جنهن 1863ع ۾ مانڊوي (انڊيا) کان ممباسا آيل گجراتيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو اهو ممباسا ۾ ئي 1926ع ۾ گذاري ويو. سندس وڏو پٽ عبدالله پڻ ٽيوويهه چوويهه سال کن ٿيندا ته 1997ع ۾ 92 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. اڄ ڪلهه سندن ڪپڙي جي ڪمپني ”قادر ڏنو حاجي اسحاق“ جا دڪان “Duka ya Abdullah” يا Mali ya Abdullah Leso سيٺ عبدالله قادرڏنو جو اولاد هلائي ٿو. قادرڏني جي ٻئي پٽ محمد حسين کي پٽ ٻار جو اولاد نه ٿيو. هن کي چار ڌيئرون ٿيون. البت انهن ڌيئن جو اولاد به ڪپڙن وڳن جي ڪاروبار ۾ آهي ۽ سڄي آفريڪا ۾ آهن. هن آفريڪي ڊريس ليسو يا ڪَنگا جي نه فقط ڪينيا ۾ پر سڄي آفريڪا ۾ ڊمانڊ آهي خاص ڪري ڪينيا ۽ تنزانيا جهڙن ملڪن ۾ جتي جي سرڪار خانگي توڙي سرڪاري آفيسن ۾ اهو ضروري ڪري ڇڏيو آهي، ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن سڀني کي مقامي آفريڪي پوشاڪ پهري اچڻي آهي، جيئن ملائيشيا ۾ اهو لازمي آهي ته هر ڇنڇر تي ملائيشيا جي ٺهيل باتڪ ڪپڙي جي گلن واري قميص پائڻ ضروري آهي ۽ اسان ڌارين ملڪن جي جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر به باتڪ جي قميص اوڍيندا هئاسين.
بهرحال پاڪستان ۾ ”ٽي جيز“ سان قادرڏنو حاجي اسحاق ڪمپنيءَ جي آفريڪي وڳن (ڪنگا) جو مقابلو ناهي. TJs ته فقط ٻه ڏهاڪا سال هليو پر هن ڪمپني کي ڊريسون ٺاهيندي خاص ڪري عورتن جون رنگ برنگي ۽ اوچي ڪپڙي جون پوشاڪون ٺاهيندي هڪ صديءَ کان مٿي ٿي ويو آهي. آفريڪا جي شايد ئي ڪا شوقين شيدياڻي هجي ،جيڪا هن مانڊوي خاندان ”دُڪا يا عبدالله“ يا ”مالي يا عبدالله“ جي فئبرڪس کان واقف نه هجي.
اسان جي ڏينهن ۾ - خاص ڪري 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان کي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪندي جهاز کي ممباسا بيهارڻو پيوٿي، قادر ڏني جو هي پُٽ عبدالله توڙي ٻيو ننڍو پُٽ محمد حسين (ڄم جو سال 1912ع) ڪافي Active نظر آيا ٿي. اسان جي عمر 30 سالن جي لڳ ڀڳ هوندي هئي ۽ هي ڀائر سٺ ستر سالن جي پيٽي ۾ هئا.

قادرڏني جي فئمليءَ جو مختصر شجرو

Esaak Bharadia ايساڪ ڀاراديا
ڄم جو سال: 1830ع مانڊوي (ڪڇ)، وفات: 1898ع ممباسا 1843ع ۾ زئنزيبار آيو.
Kaderdina قادرڏنو
ڄم جو سال: 1863ع ممباسا، وفات: 1926ع ممباسا
محمد حسين عبدالله
ڄم 1912ع ڄم: 1905ع، وفات 1997ع
نوٽ: قادر ڏني کي محمد ڀائي ۽ عبدالرحيم نالي ٻه ڀائر به هئا. اهي به انهيءَ واپار سان واڳيل هئا.

حيدرآباد ۽ زئنزيبار جو قلعو، اثنا عشري ڊسپينسري

زئنزيبار ٻيٽ (انگوجا) جو اولهه وارو پاسو ”اسٽون ٽائون“ سڏجي ٿو، جيڪو هڪ پراڻو علائقو آهي ۽ آڳاٽي وقت کان آباد آهي. هتي جي راڻي فاطمه، سلطان، عرب، ايراني ۽ انڊين امير واپاري ۽ ٻيا اهم ماڻهو هن علائقي ۾ رهيا. اڄ جو ٽوئرسٽ جيڪو زئنزيبار گهمڻ اچي ٿو اهو هن ٻيٽ جي هن شهر ”اسٽون ٽائون“ ۾ ضرور اچي ٿو، جيڪو هن ٻيٽ جي گاديءَ جو شهر به سڏيو وڃي ٿو. اسٽون ٽائون ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون ڏسي سگهجن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو آئون هتي ئي هڪ ننڍي ٿري اسٽار هوٽل جي ڪمري ۾ رهي پيس، جيتوڻيڪ ايترن پئسن ۾ پري جي علائقن ۾ ڪنهن اوچي هوٽل ۾ ڪمرو ملي سگهيو ٿي پر پوءِ ”اسٽون ٽائون“ يعني ڪراچيءَ جي هن صدر واري علائقي ۾ پهچڻ لاءِ گلستان جوهر، سرجاني ٽائون، ڪورنگي يا گلشن حديد جهڙن ڏورانهن علائقن مان پهچڻ لاءِ ڪير پيو ٽئڪسين جا ڀاڙا ڀري ۽ وقت وڃائي!
مٿي بيت العجائب (House of Wonders) جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، جنهن کي ڏسڻ لاءِ هرڪو اچي ٿو ۽ آئون به چڪر هڻي آيس. اهو ميز نگاني روڊ تي آهي، جنهن تي ان ڀرسان ئي پراڻو قلعو Old Fort آهي. بس وچ ۾ سوڪوڪو اسٽريٽ آهي. ٿورو اڳيان جومو ڪينياتا روڊ تي ”تيبو تيب“ جو گهر آهي، جنهن همراهه جو ذڪر شروع ۾ ڪري چڪو آهيان. ٿورو اندرين طرف زئنزيبار جي پهرين عماني سلطان ماجد بن سعيد جي ننڍي ڀيڻ شهزادي سالمه جي نالي ميوزيم به آهي. شهزادي سالمه جو هڪ جرمن سان ڀڄي وڃڻ ۽ عيسائي ٿيڻ بابت پڻ لکي چڪو آهيان.
مٿيون سڄو علائقو سمنڊ جي ڪناري جي ويجهو، ڪلفٽن وانگر خوبصورت ۽ پاش علائقو چئي سگهجي ٿو، جتي چپي چپي تي اوچيون هوٽلون، ريسٽورنٽون، ڪيفي هائوس ۽ ملٽي نيشنل آفيسون ۽ بئنڪون آهن. ڪجهه جا نالا هن وقت به ڌيان ۾ پيا اچن: تيمبو بحري ريسٽورنٽ، دي سلڪ روٽ انڊين ريسٽورنٽ، مون سون ريسٽورنٽ، بُوني ڪيفي، ڪرشنا ريسٽورنٽ، سامهون سامونڊي ڪناري وارو حصو Living stone بيچ سڏجي ٿو.
ڪجهه اڳيان آغاخاني جماعت خانو آهي، جنهن جي ڀرسان لنگهندڙ روڊ جو نالو Jamatini روڊ آهي. شيعا اثنا عشري مسجد ۽ شِوَ شڪتي مندر به اتي ئي آهن. بهرحال ٿوري گهڻي تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ ٽوئرسٽ هتي جي هن جهوني قلعي (old Fort) ۽ ڀر ۾ هڪ جهوني ڊسپينسري جيڪا پڻ اولڊ ڊسپينسري سڏجي ٿي ضرور ڏسن ٿا. هي قلعو old Fort جيڪو هتي جي سواحلي ٻوليءَ ۾ Ngome Kongwe سڏجي ٿو ۽ هتي جا ڪيترا عربي ڄاڻندڙ ۽ عربي نسل جا ماڻهو هن قلعي کي ”عربي قلعو“ به سڏين ٿا، جو اهو عماني عربن پورچوگالين کي زئنزيبار مان 1699ع ۾ تڙي ڪڍي يڪدم ٺاهي ورتو، جيئن ان ۾ عماني ۽ بلوچ سپاهي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن - جيڪڏهن پورچوگالي يا ٻي ڪا يورپي قوم حملي لاءِ موٽي اچي ته! هي قلعو ڏسي مون کي حيدرآباد جو پڪو قلعو ياد ايندو آهي جيڪو پورا 70 سال بعد ۾ سن 1769ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد ۾ ٺهرايو - جيڪو شهر (يعني حيدرآباد) محمد قاسم جي ڏينهن ۾ (711ع ۾) نيرون ڪوٽ سڏبو هو.
زئنزيبار جو هي عربي قلعو اڄ ڪلهه ”زئنزيبار انٽرنيشنل فلم فيسٽيول“ طور استعمال ٿئي ٿو. زئنزيبار ۾ جيڪا پهرين ريل گاڏي هلي هئي، اها اسٽون ٽائون جي هن قلعي کان وٺي بُوبُوبُو (Bububu) ڳوٺ تائين ٺهي هئي. بعد ۾ روڊ رستا ۽ ڪارن جي اچڻ ڪري اها ريلوي سروس آهستي آهستي ٿي ختم ٿي وئي. هن قلعي ۾ پورچوگالين جو ٺهرايل هنن جي وقت جو گرجا گهر به موجود آهي، جيتوڻيڪ اهو ڪافي ڊٺل حالت ۾ آهي.
اهڙي طرح هتي جي جهوني ڊسپينسري به عمارت سازي ۽ ڪاٺ جي ڪم ڪري ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جي اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ هر وقت سياحن جي رش نظر اچي ٿي. هيءَ ڊسپينسري ”اثنا عشري ڊسپينسري“ پڻ سڏجي ٿي، جيڪا 1887ع ۾ - يعني سوا صدي اڳ فاروق محمد حسين نالي هڪ امير انڊين اسماعيلي واپاريءَ ٺهرائي هئي. هو عام طرح ٿاريا ٽوپڻ (Tharia Topan) جي نالي سان اڄ به دنيا ۾ مشهور آهي. هن هيءَ عمارت مهاراڻي وڪٽوريا جي تاج پوشيءَ جي گولڊن جوبلي ملهائڻ لاءِ ٺهرائي هئي. هن جو ارادو ان کي خيراتي اسپتال ٺاهڻ جو هو. 1891ع ۾ جڏهن هن وفات ڪئي، ته هيءَ عمارت نامڪمل حالت ۾ هئي. هن جي زال هن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر 1893ع ۾ پئسن جي کوٽ ڪري ڪم بيهي ويو. خانداني جهيڙن ڪري هن عمارت کي وڪيو ويو ۽ نئين خريدار 1894ع ۾ هن کي مڪمل ڪرايو. 1900ع ۾ زئنزيبار جي هڪ ٻئي انڊين مسلمان سوداگر حاجي نصير نور محمد هن عمارت کي خريد ڪيو ۽ هُن هِن عمارت جي هيٺين فلور کي ڊسپينسري بڻايو ۽ مٿين فلورن کي ڀتيون ڏئي رهائش لاءِ فلئٽ ٺاهيا. 1964ع ۾ جڏهن زئنزيبار جي عوام سلطان خلاف انقلاب برپا ڪيو ته زئنزيبار ۾ رهندڙ ڪيترا انڊين، هن ڊسپينسري واري عمارت ۾ رهندڙن سميت زئنزيبار ڇڏي آفريڪا کنڊ ۽ ٻين ملڪن ڏي هليا ويا ۽ هيءَ عمارت سرڪار جي قبضي ۾ آئي، جيڪا ڪيترا سال ائين ويران حالت ۾ وڌيڪ تباهه ٿيندي رهي. وري به آغا خان پرنس ڪريم کي خيال آيو جنهن جي چوڻ تي سندن ڪميٽيءَ ”آغا خان ٽرسٽ آف ڪلچر“ اسٽون ٽائون جي ٻين آڳاٽين ۽ تاريخي عمارتن سان گڏ هن عمارت جي به مرمت ۽ رنگ روغن ڪرائي اصلي حالت ۾ آندو. هاڻ هن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا.

ٺٽي جي خوجي ”ٿاريا ٽوپڻ“ جي ڪهاڻي

هن کان اڳ زئنزيبار جي تاريخي عمارتن مان ”اولڊ ڊسپينسري“ جي ڳالهه ڪندي هڪ امير آغاخاني خوجي ”ٿاريا ٽوپڻ“ جو نالو آيو هو، جنهن 1887ع ۾ هيءَ خوبصورت عمارت ٺهرائڻ جي شروعات ڪئي هئي. ٿوريا ٽوپڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي وڏن جو تعلق سنڌ جي شهر ٺٽي سان هو.اهي واپار خاطر ڪڇ ۾ آيا هئا ۽ پاڻ هڪ غريب جي حيثيت ۾ کيسي خالي 12 سالن جي عمر ۾ زئنزيبار پهتو ۽ هو اتي جو امير ترين ماڻهو بڻجي ويو. ايتريقدر جو هن جا ملڪ جي سلطان سان ذاتي تعلقات ٿي ويا ۽ هي پهريون ماڻهو آهي، جنهن کي ان وقت جي انگلنڊجي مهاراڻي وڪٽوريا طرفان هڪ نه پر ٻه دفعا Sir جو خطاب مليو... هڪ آفريڪا کنڊجو انگلنڊ ۽ ٻيو ايشيا کنڊ جو انڊيا ۾. هن شخص - ٿاريا ٽوپڻ (Tharia Topan) جي واقعي سڀ ۾ دلچسپ ڪهاڻي آهي، جيڪا هن وقت پنهنجي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. دراصل ٿاريا ٽوپڻ جي ڪهاڻي مون ٽيهه چاليهه سال اڳ لکڻ ٿي چاهي جڏهن 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جو جهاز ٻيو دفعو ممباسا ۽ دارالسلام لنگرانداز ٿيو هو ۽ اسان گهمڻ لاءِ زئنزيبار آيا هئاسين.
زئنزيبار جي هڪ گهٽي ”ٿاريا اسٽريٽ“ جيڪا اتي ئي اسٽون ٽائون ۾ آهي ۽ جنهن گهٽيءَ تي جبرائيل مسجد ۽ ٿورو اڳيان دائودي بوهرا مسجد، زئنزيبار اسٽون ٽائون هوٽل، ماما هوئا ويٽنام ريسٽورنٽ ۽ اپيندو وومين ڊپارٽمينٽل اسٽور آهي، اتي جي هڪ ڪيفي ”زئنزيبار ڪافي هائوس“ ۾ اچي چانهه پيتي هئيسين. ڪيفي مان نڪرڻ مهل، ڪيفي جي در وٽ ٻه پير مرد ڪڇي يا شايد گجراتيءَ ۾ خبر چار ڪري رهيا هئا. آفريڪا جي سر زمين تي ڪنهن کي پنهنجي تَرَ جي ٻولي ٻڌي مون کي به حيرت ٿي. خير حيرت ته نه جو ان کان چڱي طرف واقف ٿي چڪو هوس ته هن پاسي اسان جي ننڍي کنڊ جا ڪيترائي ڪڇي، گجراتي، سنڌي، ملباري واپاري رهن ٿا، جن جا وڏا ڪئين سال اڳ هتي آيا جڏهن اڃا جهاز ڪَلَ تي نه پر سڙهن تي هوا جي رخ مطابق هليا ٿي. سو هنن کي ان قسم جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي مون کي حيرت نه پر پنهنجائپ جو احساس ٿيو ۽ مون هنن پوڙهن کي ”هيلو“ چئي اڙدو ۾ سندن حال احوال پُڇيو. هو ستر ۽ اسي سالن جي وچ عمر جا هئا ۽ آئون اڃا ٽيهه سالن کان ننڍو هوس. هنن خوش اخلاقيءَ سان اسان جهاز وارن ٻن ٽن دوستن سان ڳالهايو. موڪلائڻ وقت مون ائين ئي کڻي روڊ جو پڇيو ته هي ٿاريا اسٽريٽ وارو ڪير آهي. مون ته سمجهيو ته هو هتي جي يا ڪينيا، تنزانيا يا يوگنڊا جي ڪنهن آفريڪن جو نالو کڻندا، پرهنن کِلي چيو ته ”اپنا هي سنڌي ڪڇي ڀائي ٿا جس ڪو پوري دنيا جانتي هي.“
بعد ۾ ٻئي ٽئي ڏينهن زئنزيبار ۽ دارالسلام جي انڊين واپارين کان جڏهن خبر پئي ته ٿاريا ٽوپڻ هن تَرَ - يعني اوڀر آفريڪا جو امير ۽ وڏي ساک وارو آغا خاني واپاري آهي، جنهن جو اصل نالو فاروق محمد حسين هو پر هو ننڍپڻ کان ٿاريا ٽوپڻ جي نالي سان مشهور آهي. ٽوپڻ سندس ذات هئي، جيڪا سندس وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان آهي ۽ ٿاريا ائين قرب ۽ پيار جو يا عزت جو نالو چئي سگهجي ٿو.
ٿاريا ٽوپڻ جي ڪهاڻيءَ جو واسطو ڪجهه تاريخ سان به آهي، سو پڙهندڙ جيڪڏهن غور سان پڙهندا ته هنن کي ضرور دلچسپ لڳندي ۽ اهو احساس ٿيندن ته اسان جو علائقو سنڌ ۽ ڪڇ وغيره گذريل وقتن ۾ جهازراني توڙي واپار ۾ دنيا ۾ مشهور هو جتان جا جهاز ۽ بوهري، خوجا، ميمڻ، سنڌي هندو واپاري اسان واري پاسي مالابار ڪناري، سري لنڪا، جاوا سماترا توڙي عرب ملڪن ۽ آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن شهرن ۾ پکڙيا پيا هئا.
اسان جي ”سر ٿاريا ٽوپڻ“ جو احوال لکڻ کان اڳ ڪڇ جي حاڪم مهارائو خينگر اول (Maharao Khengar I) (ڄم جو سال 1510ع ۽ وفات 1585ع) کي ڪريڊٽ ڏيندس، جنهن پنهنجي دور حڪومت (1538ع کان 1585ع) ۾ ڪڇ جي مانڊوي شهر کي هڪ سهڻو ۽ آسودو بندرگاهه بڻائڻ چاهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ ڀاٽيا قوم جا مشهور هندو واپاري ۽ ڪاريگر رهيا ٿي. ڪڇ ۾ واپار وڙي کي وڌائڻ لاءِ ڪڇ جي هن حاڪم ”مهارائو خينگر اول“ ٺٽي مان ڀاٽيا سيٺ ٽوپڻ کي ڀوڄ ۾ گهرايو جيئن هن کان ان معاملي تي صلاح ورتي وڃي. سيٺ ٽوپڻ جي اچڻ ۽ هن جي هدايتن موجب مانڊوي کي سٺو شهر ۽ سهوليت وارو بندرگاهه بڻائڻ لاءِ مهارائو خوب پئسو لڳايو. سيٺ ٽوپڻ سنڌ جا بهترين واڍا جيڪي جهاز ٺاهڻ جا ڪاريگر هئا، انهن کي مانڊويءَ ۾ گهرايو. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ان پنڌرهين سورهين صديءَ ۾ ڇا ٺٽي جو شان هو، جتي جا ٺهيل جهاز ۽ ٻيڙا عرب ۽ ايران کان اوڀر آفريڪا تائين مشهور هئا. ۽ هيءَ ڳالهه فقط آئون نه پيو ڪريان پر جتي ڪٿي توهان پڙهي سگهو ٿا ۽ جنهن جو ذڪر ڪيترن يورپي تاريخدانن ۽ ليکڪن به ڪيو آهي. هنن سر ٿاريا ٽوپڻ بابت پڻ لکيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته انهن ڏينهن ۾ جهاز- يعني سڙهن تي هلڻ وارا ٻيڙا ڪاٺ جا هوندا هئا، جن کي ڪاٺ جي چپرن سان ملايو ويو ٿي. پر ٺٽي جا هي جهاز ساز انهن ڏينهن ۾ ايترو هوشيار هئا، جو هنن لوهه کي کوري ۾ ڳاري ان مان ڪوڪا ڪِليون ٺاهي ورتا ٿي ۽ هو جڏهن مانڊويءَ ۾ جهاز ٺاهڻ لاءِ آيا ته سيٺ ٽوپڻ هنن کي مالابار مان ڪاٺ گهرائي ڏنو ٿي ۽ ڀر واري شهر باچائو ۾ کورا هجڻ ڪري هو لوهه جا ڪوڪا اتان ٺاهي آيا ٿي. بهرحال سنڌ جي واڍن ڪڇ جي مانڊوي بندرگاهه کي جهاز سازيءَ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. سو مانڊوي (ڪڇ) ۾ واپار وڌائڻ ۽ جهاز سازيءَ جي ڪاروبار جو بنياد ٺٽي جي سيٺ ٽوپڻ ڀاٽيا رکيو چئجي ته غلط نه ٿيندو. هن مانڊويءَ ۾ ڪجهه مندر به ٺهرايا جن مان هڪ، بندرگاهه جي ڀر واري لاءِ چون ٿا ته اڄ به قائم آهي.
هڪ ٻي ڳالهه ته اڄ ڪلهه ويزا ۽ پاسپورٽن جي چڪر ڪري اسان جو انڊيا وڃڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ روڊ رستا ۽ ڪارون ٿيڻ ڪري اسان ملتان لاهور پاسي جو رخ رکون ٿا نه ته پراڻي زماني ۾ جڏهن اهي ڪارون، بسيون ريل گاڏيون ايجاد نه ٿيون هيون ته ماڻهن هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ پيرين پنڌ سفر ڪيو ٿي يا وڌ ۾ وڌ گڏهه، خچر جهڙي ڪنهن جانور تي يا بيل گاڏين ۾! اسان سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪار يا گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪڇ ۽ گجرات جا مٿيان شهر: مانڊوي، مندريا، ڀوڄ، باچائو، لکپت، ڪوٺاڙا، انجار، ڪنڊلي وغيره سڀ کان ويجها هئا، جتي خُشڪي رستي به وڃي سگهياسين ٿي ته ٺٽي پاسي کان ٻيڙين ۾ چڙهي به. شاهه لطيف جي بيتن مان به صاف لڳي ٿو ته هن خشڪي رستي ۽ سامونڊي رستي جاوا سماترا تائين نه ته ڪڇ گجرات تائين تمام گهڻو سفر ڪيو ۽ سفر ڪندڙ سامونڊين سان خوب خبرون چارون به ڪيون جو هن کي نه فقط جاگرافي ۽ موسمن جي ڄاڻ هئي پر ٻيڙيون هلائڻ وارن ناکئن ۽ هنن جي گهر وارن جي احساسن جي به پروڙ هئي.
سيٺ ٽوپڻ مانڊويءَ ۾ رهيو پيو هو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ کان هڪ اسماعيلي وڪيل سيد پير دادو (ڄم جو سال 1474ع وفات 1595ع) سال 1587ع ۾ ڪڇ ۾ آيو، جتي هن سيٺ ٽوپڻ سميت وڏي تعداد ۾ هندن کي مسلمان بڻايو. ڪڇ جي جنهن حاڪم مهارائو خينگر سيٺ ٽوپڻ کي گهرايو هو، ان جو 1585ع ۾ انتقال ٿي چڪو هو ۽ ڪڇ جو حاڪم هاڻ رائو ڀارمل اول هو. هو 1585ع کان 1631ع تائين حاڪم رهيو. (هن جي حڪومت جي آخري سالن ۾ دهليءَ تي مغلن جي حڪومت شروع ٿي هئي.)
سيٺ ٽوپڻ ٺٽي موٽڻ بدران مانڊوي ۾ ئي رهي پيو، جتي ٻيا به ڪيترائي نو مسلم اسماعيلي ۽ اڳ جا اسماعيلي باشندا رهيا ٿي ۽ جلد ئي اتي جماعت خانو پڻ ٺهيو. سيٺ ٽوپڻ ڀاٽيا جو اولاد به اٽڪل ٻه صديون واپار ۾ رهيو ۽ خوب پئسو ڪمايو. مانڊويءَ جا اسماعيلي وڏي ساک وارا واپاري ليکيا ويا ٿي ۽ هنن جو واپار انڊيا جي پري پري شهرن تائين هليو ٿي. پر هو ڇا چوندا آهن ته هڪ سج ٻه پاڇا- هڪ اهڙو وقت آيو، جو ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون خراب ٿي ويون جو هنن جو بزنس زوال ۾ هليو ويو. بعد ۾ سڪار به آيو پر هي ڀاٽيا وارا- يعني ٺٽي جي ٽوپڻ جو خاندان وري چڙهي نه سگهيو ۽ هن قوم جا اسماعيلي سخت غربت جي زندگي گذارڻ لڳا. اهو سلسلو هلندو رهيو تان جو انهن مان هڪ ٿاريا ٽوپڻ نالي ننڍڙي ڇوڪري زئنزيبار آفريڪا ۾ اچي واپار ۾ اهڙو ته نالو پيدا ڪيو جو هو ”عاج جو بي تاج بادشاهه“ سڏجڻ لڳو.
ٺٽي (سنڌ) کان ڪڇ ۾ اچي ٻيڙين جو ڪم ڪرڻ وارو ڀاٽيا ذات جو هي هندو واپاري سيٺ ٽوپڻ جيڪو ڪڇ ۾ رهڻ دوران اسماعيلي مسلمان ٿيو، ان جي اولاد مان ”ٿاريا ٽوپڻ“ 1823ع ۾ ڪڇ جي شهر لکپت ۾ ڄائو. يعني سيٺ ٽوپڻ ڀاٽيا جو ٺٽي ۾ ڄمڻ جو سال 1530ع سارجي ته هي نينگر ٿاريا ٽوپڻ جيڪو لکپت ۾ 1823ع ۾ يعني ٽن صدين بعد ڄائو. هن جو پيءُ هڪ غريب سبزي فروش هو، جنهن گاڏي تي ڀاڄي رکي لکپت شهر جي گهٽين ۾ هوڪا ڏئي اها وڪڻي ٿي. لکپت ۾ ڪا سرڪاري طرح غريبن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سهولت نه هئي سو ٿاريا ٻارهن سالن جو ٿي ويو پر اڻ پڙهيل ئي رهيو. هو پنهنجي پيءُ کي ڀاڄي صاف ڪرائڻ ۽ گراهڪن کي توري ڏيڻ ۾ مدد ڪندو رهيو ٿي. هن جو اهو ئي وڏو خواب هو ته هڪ ڏينهن هن جو پيءُ پئسو گڏ ڪري هن کي الڳ گاڏو وٺي ڏيندو ۽ هو ان ۾ ڀاڄي يا فروٽ رکي پنهنجي مرضيءَ جي گهٽين ۾ وڪڻندو.
هڪ ڏينهن هن ڏٺو ته هن جي گهٽيءَ جو ڪو ڇوڪرو هڪ دڪاندار کان روپئي جو سِڪو ڪرڻ تي تِرڳائي وٺي ڀڳو. ٿاريا کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هُن هن ڇوڪري جي پويان ڊوڙي هن کان روپيو ورتو ۽ هاڻ دوڪاندار کي واپس ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هو ته هن ڏٺو ته سامهون دڪاندار ۽ ان جا ساٿي هن ڏي اچي رهيا هئا. ٿاريا دڪاندار کي هن جو ڪِريل روپيو ڏنو پر دوڪاندار ۽ ٻيا پُڇا ڳاڇا ڪرڻ بدران ته اهو ڪنهن کنيو ۽ ڪير پيو موٽرائي ڏي، ماڳهين ٿاريا پٺيان رڙيون ڪري ڊوڙڻ لڳا. غريب ٿاريا ماڻهن جي رڙين ۽ هن کي چور چور چوڻ تي ڏڪي ويو ۽ هن کي خوف ورائي ويو ته هو هن کي قتل ڪري ڇڏيندا ۽ جي بچي به ويو ته هن جو پيءُ هنن جي واتان ٻڌايل ڪوڙي ڳالهه کي سچ سمجهي هن کي دڙڪا ڏيندو ته تو اسان جي خاندان جي بي عزتي ڪرائي ڇڏي. ان خوف کان هن کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو ۽ اڳيان بيٺل جهازن مان هڪ تي چڙهي ويو. ان جي گدام ۾ جتي سامان جون ڳوڻيون، دٻا ۽ کوکا رکيا هئا اتي انهن جي هيٺيان ٿوري جاءِ ڏسي هو سوڙهو سنگهورو ٿي سمهي رهيو. ٿڪل ته اڳهين هو، سمهڻ سان اک لڳي ويس. ڪيترا ڪلاڪ هو ستو رهيو اها ته هن کي خبر ناهي پر جڏهن اک کليس ته هن ڏٺو ته اهو جهاز کلئي سمنڊ ۾ هو ۽ هي هڪ اسٽو اوي (Stowaway) جي صورت ۾ هو. Stowaway ان ماڻهوءَ کي سڏجي ٿو جيڪو بنا سفر جي ڪاغذن ۽ ڀاڙي ڏيڻ بنا پاڻيءَ جي يا هوائي جهاز ۾ لڪچوريءَ سفر ڪري. اسان جو به جهاز جڏهن ڪنهن بندرگاهه مان لنگر کڻڻ وارو هوندو آهي ته ان کان اڳ اسان جهاز جي ڪنڊ ڪنڊ جاچڻي پوندي آهي ته ڪو Stoway - يعني لڪل ماڻهو ته نه آهي. ڇو جو لڪ چوري سفر ڪرڻ وارو ٻئي بندرگاهه ۾ پهچڻ تي جهاز وارن لاءِ مسئلو ٿو پيدا ڪرائي جو ان ملڪ جي اميگريشن جهاز وارن تي الزام ٿي هڻي ته هو غير قانوني طور ماڻهو هنن جي ملڪ ۾ سمگل ڪري رهيا آهن. ٻي ڳالهه ته هو اهڙي هنڌ لڪل هجي جتي هوا جو به بندوبست نه هجي يا اهو ڪمرو سڄو سفر، تالي هيٺ هجڻ ڪري ماني ٽِڪي نه ملڻ ڪري هو اڃ ۽ بُک وگهي مري وڃي ۽ ٻئي ملڪ ۾ سامان لاهڻ مهل هڪ مئل ماڻهو ملڻ تي ان ملڪ جي پوليس جهاز وارن تي ڪيس ڪري سگهي ٿي. سو اسان کي جي ڏينهن اڌ جي سفر بعد به ڪنهن اسٽو اَوي جي خبر پئجي ويندي آهي ته ان غير قانوني مسافر (Stowaway) کي پنهنجي ملڪ واپس لاهڻ لاءِ جهاز کي موٽائي ايندا آهيون. اهي هاڻ جا سخت قائدا قانون آهن. جن ڏينهن ۾ ٿاريا جهاز ۾ لڪل نظر آيو يعني ٻه صديون اڳ 1835ع ۾، ان وقت ويزائن ۽ پاسپورٽن جو گهڻو کٽراڳ نه هو ۽ نه ڪنهن ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ تي ڪا ايڏي سختي هئي. خاص ڪري جيڪڏهن انهن ٻنهي ملڪن تي ساڳي يورپي ملڪ جو راڄ هو ته. ها البت بنا ڀاڙي جي جهاز تي سفر ڪرڻ واري مسافر کان ڀاڙي ۽ ماني ٽِڪي جا پئسا وصول ڪرڻ لاءِ هن کان سڄو ڏينهن سخت پورهيو ڪرايو ويو ٿي. پر هتي ٿاريا جي ننڍي عمر (ٻارهن سال) ڏسي ۽ سندس ڏک جهڙي ڪهاڻي ٻڌي جهاز وارن هن کي ڪجهه نه چيو ۽ هن کي مفت ۾ ماني ٽڪي ڏيندا رهيا. دراصل جتي هي لڪيو ويٺو هو اتي ڪير به نه آيو هو ۽ هن به سمجهيو ته شايد هي جهاز مانڊوي کان مُندرا يا ڪڇ جي ڪنهن ڀر واري بندرگاهه ۾، چند ڪلاڪن اندر پهچي ويندو پر جڏهن هن کي سڄو ڏينهن گذري رات ٿيڻ لڳي ته هن کي اُڃ ۽ بک ڏاڍو ستايو ۽ ان لڪل جاءِ مان نڪري ظاهر ٿيو ته جهاز جي ٽنڊيل (Tindal) جيڪو خلاصين جو انچارج ٿئي ٿو ان ڏسي ورتس ۽ پوءِ ٿوري گهڻي دڙڪي دهمان بعد کيس مفت ۾ سفر ڪرڻ ڏنو ويو.
ٻن ٽن هفتن بعدهن جهاز زئنزيبار ۾ اچي لنگر ڪيرايو، جتي هڪ اڪائونٽنٽ جنهن اتي مُندرا (ڪڇ) جي هڪ انڊين فرم ”جيرام شِوَجِي ڪمپني“ ۾ ڪم ٿي ڪيو، ان ٿاريا جي پيءُ کي سڃاتو ٿي جو هو به ان ئي ڳوٺ لکپت يا شايد مانڊوي جو رهاڪو هو، هن جو دوست ٿي ويو ۽ هن کي پنهنجي ڪمپنيءَ جي مالڪ ”لڌا ڌامجي“ جي گهر ۾ ٺهيل باغيچي جي ٻهاري ڪرڻ لاءِ ڀنگيءَ طور 6 شلنگ مهيني جي پگهار تي رکرايو. اها ڳالهه آهي ته - بلڪه منهنجو ذاتي تجربو به آهي ته اسماعيلي يعني آغا خان جا مريد، جتي به ڪم ڪن ٿا ۽ جيڪو به ڪم ڪن ٿا اهو محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪن ٿا. اجايو شوبازيءَ تي پئسو وڃائڻ بدران سادگيءَ ۾ رهي بچت ڪن ٿا ۽ پنهنجي ڪاروبار کي پِرايل تجربي ۽ گڏ ڪيل پئسي جي آڌار تي وڌائين ٿا. آئون ڪنهن زماني ۾ شايد 1970ع ۾ سال ٻه نارٿ ناظم آباد جي C بلاڪ ۾ رهيس، جتي نئين آبادي ٿي هئي ۽ گهڻي ڀاڱي فليٽن ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۽ اندروني سنڌجي ڳوٺن کان آيل خوجا (اسماعيلي) انهن سادن فليٽن ۾ مسواڙ تي رهيا ٿي، جيڪي آغا خان طرفان هنن جي سهولت لاءِ ٺهرايا ويا هئا، جيئن هن کان اڳ ڪريم آباد ۽ ٻين هنڌن تي به ٺهرايا ويا هئا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بوهرين ۽ کوجن جي رهائش ڪري ”بلاڪ سي“ پرامن علائقو ليکيو ويو ٿي. هتي اهو سال ٻه رهڻ کان اڳ آئون ان خيال ۾ هوس ته اسماعيلي سئو سيڪڙو دولتمند ٿين ٿا پر هتي رهڻ تي مون ڏٺو ته هتي هنن ننڍڙن فليٽن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو غريب ۽ ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ ڪلاس سان تعلق رکيو ٿي. هنن فٽ پاٿ تي ويهي ڀاڄيون ۽ فروٽ وڪيو ٿي، اليڪٽريشن، واڍو ۽ پلمبر ٿي ڪم ڪيو ٿي، رڪشا هلائي ٿي، فٽ پاٿ تي ويهي موٽر سائيڪلن جو تيل بدلايو ٿي يا دٻي ۾ سموسا رکي وڪيا ٿي... وغيره. پر مون ڏٺو ته هنن ڪنهن به ڪم ۾ پنهنجي بي عزتي نٿي سمجهي جيتوڻيڪ هڪ ٻن کان ته خبر پئي ته هنن جا ويجها مائٽ ڪراچيءَ ۾ وڏا سيٺ آهن. ٻي ڳالهه ته هنن جيڪو به ڪم ڪيو ٿي ان جي هنن کي چڱي طرح ڄاڻ هئي ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو ٿي. اهي ڳالهيون ڏسي آئون اهوئي چوندو هوس ته جيڪي فٽ پاٿ تي بوڇڻ وڇائي ڀاڄيون پيا وڪڻن يا پلاسٽڪ جا ٿانوَ سائيڪل تي رکي پيا وڪڻن، هڪ ڏينهن پڪ دڪانن جا به مالڪ ٿي ويندا ۽ واقعي ڏهه پنڌرهن سالن بعد منهنجو ان علائقي ۾ اچڻ ٿيو ته مون ٻن ٽن کي سڃاتو ته هو دڪانن جا مالڪ هئا ۽ ٽيهه چاليهه سالن بعد ته هنن مان ڪيترا ننڍن ننڍن ڪارخانن جا مالڪ ٿي ويا ۽ ڪيترن جا ٻار تعليم ۾ اعليٰ ڊگريون ۽ اعليٰ پوزيشنون کڻي ملڪ جا قابل سرجن، انجنيئر، پروفيسر ٿي ويا.
ٻاهر ولايت ۾ به - خاص ڪري سنگاپور، ملائيشيا، انگلنڊ ۽ آفريڪا جي شهرن ۾ به مون ڪيترن اسماعيلين (خوجن) کي ڏٺو يا هنن جون ڪهاڻيون پڙهيون ته هو ماتلي، تلهار، ٺٽي، مانڊوي، مندرا، ڀوڄ، لکپت کان هٿين خالي ولايت جي شهرن ۾ پهتا، جتي هنن فقط ۽ فقط محنت، عقل، ڄاڻ ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪري پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ پنهنجيون ۽ پنهنجي خاندان جون معاشي حالتون بهتر ڪيون. زئنزيبار ۾ به آيل ٻارهن سالن جي غريب نينگر ٿاريا ٽوپڻ جي اها ئي ڪهاڻي آهي. ٿاريا ٽوپڻ تي ڪيترن ئي پنهنجن ۽ يورپي ليکڪن ڪتاب، مونوگراف ۽ مضمون لکيا آهن. آئون به انهن مان ڪجهه پڙهي هن جي ڪهاڻي لکي رهيو آهيان. انهن مان هڪ جنهن جو هن وقت نالو ياد نه پيو اچي پر هن جو اسماعيلين بابت لکيل هي رمارڪ ڌيان ۾ اچي رهيو آهي ته:
“It is an admitted fact that most of the Indian Ismailis came in Africa with industry in their blood, business in their brains and immense caliber to labour in their muscles, but with empty pockets…. This illustration richly emanated in the personage of Tharia Topan….”
ٿاريا ”سيٺ لڌي“ جي گهر جي ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ سان گڏ سرڪار کان ڪجهه قرض ورتو ۽ هڪ گڏهه گاڏي خريد ڪئي. هو گڏهه گاڏيءَ تي چڙهي روزانو مختلف ڳوٺن ۾ ويو ٿي ۽ اتي جي هارين نارين کان لونگ ۽ ناريل خريد ڪري شهر (اسٽون ٽائون) جي دڪاندارن کي وڪرو ڪيو ٿي. پڙهندڙ شايد اهو سوچين جيڪو مون به پهرين سوچيو ته ٿاريا گڏهه وٺڻ بدران موٽر سائيڪل ڇو نه ورتي؟ اڄ به گڏهه جي قيمت کان موٽر سائيڪل سستي آهي جيڪا ٻه ڏينهن نٿي هلائجي ته پيٽرول خرچ نٿو ٿئي. گڏهه رکڻ ۾ چاهي هن کان ڪم وٺجي يا نه پر هن کي گاهه پٺو ته روز ڏيڻو پوي ٿو... پر پوءِ ڌيان ۾ آيو ته اهو سال 1835ع هو جنهن ۾ هي نينگر ٿاريا ٽوپڻ زئنزيبار آيو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ ته انڊيا ۾ به موٽر ڪارون يا موٽر سائيڪلون ۽ پڪا روڊ نه هئا. مغل بادشاهه هاٿيءَ تي سفر ڪندا هئا. 22 سالن بعد انڊيا ۾ 1857ع ۾ ٿيل بغاوت بعد جڏهن انگريزن مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي رنگون موڪليو ته هنن بادشاهه سلامت کي به ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڪلڪتي تائين موڪليو، جتان پوءِ پاڻيءَ جي جهاز ۾ رنگون روانو ڪيو هو.
ٿاريا ٽوپڻ جڏهن 1835ع ۾ زئنزيبار پهتو هو ته ان وقت عماني حاڪم ”سعيد بن سلطان“ عمان ۽ زئنزيبار- ٻنهي سلطنتن جو سلطان هو، جيڪي 1856ع ۾ سندس وفات تي سندس وصيت موجب الڳ الڳ ڪيون ويون ۽ سندس ڇهون نمبر پٽ ماجد بن سعيد فقط زئنزيبار سلطنت جو سلطان ٿيو. 1870ع ۾ هن جي وفات بعد جڏهن هن جو ڀاءُ برغش بن سعيد زئنزيبار جو سلطان ٿيو ته هن پنج ڇهه وڏا محل ٺهرايا. يعني ان وقت ٿاريا 50 سال ٽپي چڪو هو. سلطان برغش هڪ محل - جنهن ۾ پاڻ رهيو ان جو ٻاهريون گيٽ وڏو ڪري ٺهرايو جو هو يا ان جي فئملي هاٿيءَ تي چڙهي ٻاهر نڪرندي هئي. انهن ڏينهن تائين ته ٿاريا ٽوپڻ به وڏي ڳالهه ٿي چڪو هو، جنهن سان دوستي ڪندي سلطان برغش به فخر ٿي محسوس ڪيو. سو جن ڏينهن ۾ ٿاريا گڏهه گاڏي ورتي انهن ڏينهن ۾ ملڪ جي حاڪمن سلطانن به لڳي ٿو ته گڏهه گاڏيءَ تي ئي سفر ٿي ڪيو، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ انگريزن جي 1843ع ۾ اچڻ کان اڳ سنڌ جي حاڪمن ميرن خدآباد کان نيرون ڪوٽ وغيره اچڻ لاءِ گهوڙن ۽ اُٺن تي سفر ٿي ڪيو.
ٿاريا گڏهه گاڏيءَ ڪري لونگن ۽ ناريلن جي وڪري مان سٺو ڪمايو ۽ هن يڪدم سرڪار کان ورتل قرض به لاٿو. البت ”جئرام شِوَجِي ڪمپني“ وارن وٽ هن نوڪري قائم رکي. هڪ ٻي ڳالهه ته هو جڏهن زئنزيبار آيو هو ته هو اڻ پڙهيل هو. هن الف ب جا اکر به نٿي سڃاتا پر هاڻ سال اندر 13 سالن جي ڄمار ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي صحيح ڪرڻ سکي ويو ۽ پوءِ نه فقط اي بي سي ڊي لکڻ سکيو پر بيحد سهڻي نموني سان لکڻ اچي ويس جنهن ڪري هن کي آفيس جي ڪم ڪار ۾ لڳايو ويو. محنت ۽ ايمانداريءَ ڪري هن کي 22 سالن جي ڄمار ۾ ”ڪريڊٽ ڊپارٽمينٽ“ جو انچارج بڻايو ويو. انگريزي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۽ هر ڪم وقت تي ۽ صحيح طرح ڪرڻ ڪري هن ڪمپنيءَ جي باس لڌي ڌامجيءَ جي دل جيتي ورتي، جيڪو هن کي هڪ بعد ٻي تڪڙي تڪڙي پروموشن ڏيڻ لڳو. جڏهن کان هو زئنزيبار آيو هو، هُو لڌي ڌامجي صاحب وٽ ئي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هاڻ ڏهه سال نوڪري ڪرڻ بعد هو 22 سالن جو ٿي ويو هو. هو پنهنجي صاحب کان موڪل وٺي والدين کي ڏسڻ لاءِ انڊيا روانو ٿيو. سندس ماءُ پيءُ کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ته هنن جو پُٽ نه فقط جيئرو آهي پر پئسي وارو به ٿي ويو آهي. هن جي والدين هن لاءِ هن جي مناسبت سان هن لاءِ ڪنوار ڳولي ۽ ڌوم ڌام سان شاديءَ جو ڪاڄ ڪيو. ان بعدهو زال سان گڏ زئنزيبار موٽي آيو. اهي سال 1845ع جا آخري مهينا هئا.
ٻن سالن بعد هنجي زال 1847ع ۾ گذاري وئي ۽ هن جي مائٽن ٿاريا تي زور ڀريو ته هو ٻي شادي ڪرڻ لاءِ ڪڇ اچي. پڙهندڙن جي يادداشت لاءِ هڪ ٻه ڳالهيون لکندو هلان ته بعد ۾ انڊين مسلمانن توڙي هندو واپارين آفريڪا ۾ رهندڙ سواحلي، عرب، ايراني عورتن سان شادي ضرور ڪئي پر اوڻهين صدي توڙي ويهين صديءَ جي اڌ تائين سنڌي هندن توڙي بوهرين، آغا خانين ۽ گجراتين پنهنجي وطن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ٿي جنهن لاءِ هنن کي انڊيا وڃڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته اوڻهين صديءَ جي آخر تائين ته ورلي ڪو زال سان گڏ رهيو ٿي. آغا خاني کوجا ئي هئا جيڪي زئنزيبار، ممباسا، ڪمپالا يا آفريڪا جي ٻين شهرن ۾ زال ۽ ٻارن سان گڏ رهيا ٿي. ٽي ڳالهه ته آفريڪا ۾ ڪجهه بيمارين جي وڌيڪ هجڻ ۽ دوائن جي ايجاد نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي مرد توڙي عورتون ننڍي عمر ۾ گذاري ويا ٿي - خاص ڪري عورتن جو ڊليواري ۾ ڪافي موت ٿيو ٿي ۽ اسان جي انڊيا کان آيل واپارين کي ٻي زال آڻڻ لاءِ وري وري پنهنجي وطن وڃڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ ظاهر آهي پاڪستان اڃا نه ٿيو هو سو شڪارپور توڙي ٺٽي يا حيدرآباد جا سنڌي هندو، بوهري ۽ آغا خاني واپاري به انڊين ئي سڏبا هئا ۽ اڄ تائين هنن جو اولاد انڊين سڏجي ٿو توڙي هنن مان ڪيترن اسماعيلي ۽ سنڌي هندن جا ڏوراهان سوٽ ماسات سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ ڪي ته اڄ به هنن وٽ گهمڻ لاءِ پاڪستان ايندا رهن ٿا.
1948ع ۾ ٿاريا ٻي شاديءَ لاءِ وري انڊيا ويو ۽ زال سان گڏ هُو پنهنجن ڪيترن ئي اسماعيلي مائٽن ۽ ڳوٺائين کي پنهنجي خرچ تي زئنزيبار وٺي آيو ۽ کين مختلف نوڪرين سان لڳرائي ڇڏيو.
ٿاريا ٽوپڻ لاءِ ٻڌائين ٿا ته هو انهن آغا خانين مان هو، جيڪي جماعت خاني ۾ باقاعدگيءَ سان ويندا رهيا ٿي. 1852ع ۾ هن کي جماعت خاني جو پنڌرهون مُکي مقرر ڪيو ويو هو. زئنزيبار جو هي جماعت خانو 1838ع ۾ ٺهيو هو يعني ان وقت جڏهن ٿاريا کي زئنزيبار آئي ٽي سال ٿيا هئا ۽ هو 15 سالن جو ڇوڪرو هو.
لڌا ڌامجي جي جئرام شِوَجي ڪمپنيءَ ڪسٽمس جي قاعدي قانون سان Deal ٿي ڪيو. ان معاملي ۾ هن ڪمپنيءَ زئنزيبار سرڪار ۽ سلطان جي پئسي ڏوڪڙ جي به مدد ڪئي ٿي. لڌا ڌامجيءَ هاڻ ٿاريا ٽوپڻ جي ترقي ڪري هن کي اسسٽنٽ ڪسٽمس ماسٽر ڪري رکيو، جنهن پوسٽ جي ڪري ٿاريا کي ان وقت جي سلطان ”ماجد بن سعيد“ ۽ يورپي سفارتڪارن سان ملڻ جا موقعا ميسر ٿي پيا.
1870ع ۾ جڏهن ٿاريا 47 سالن جو هو ته زئنزيبار جو اهو پهريون سلطان ماجد بن سعيد گذاري ويو ۽ ان جي جاءِ تي هنجو ڀاءُ ”برغش بن سعيد“ جيڪو ڏيهه نيڪاليءَ سبب ٻه سال بمبئيءَ ۾ گذاري آيو هو، اهو تخت تي ويٺو. بمبئي ۾ رهڻ دوران هو انگريزن ۽ انڊين جي ڪم ڪرڻ جي نموني مان بيحد متاثر هو. هن تخت تي ويهڻ سان ٿاريا ٽوپڻ کي اعزازي (آنرري) وزير اعظم مقرر ڪيو. زئنزيبار ۾ جيڪا عمارتسازيءَ جي ترقي ٿي ان ۾ هن سلطان ۽ ٿاريا جو وڏو هٿ آهي. هڪ ڳالهه اها ته 1870ع ۾ جڏهن سلطان برغش بن سعيد تخت تي ويٺو ته هو مسٽر لڌي (Ladha Damji) ۽ هن جي ڪمپني جئرام شِوَجِي (Jairam Shivji) مان خوش نه هو. انڪري سلطان لڌي جي ڪسٽمس تي هڪ هَٽي ختم ڪري 1876ع ۾ ٿاريا ٽوپڻ کي ”چيف آف ڪسٽمس“ بڻايو. ان وقت ٿاريا جي عمر 53 سال هئي ۽ هن وٽ هيءَ پوسٽ ٽي سال رهي. ملڪ جي ڪسٽمس کاتي سرڪار کي، يعني سلطان کي سڀ کان گهڻو روينيو مهيا ٿي ڪيو، ان ڪري ٿاريا ٽوپڻ سلطان جو خاص رازدار دوست ٿي پيو. ڪسٽمس جي هن اهم ۽ اعليٰ پوسٽ ڪري ٿاريا جو يورپي آفيسرن سان به ميل ميلاپ رهيو ٿي، جن ملڪ جي حاڪم سلطان برغش سان ملڻ لاءِ يا واپار جي معاملي ۾ سفارتي تعلقات رکڻ لاءِ، ٿاريا کان مدد ۽ صلاح ورتي ٿي. جنهن گهر نما آفيس ۾ ٿاريا ٽوپڻ ويهي هنن يورپي عملدارن ۽ اعليٰ مهمانن سان گفتگو ڪئي ٿي اهو اڄ تائين قائم رکيو ويو آهي ۽ برزا ٿاريا (Barza Tharia) سڏجي ٿو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٿاريا ٽوپڻ زئنزيبار جو مشهور ترين ۽ امير ماڻهو ليکجڻ ۾ آيو، جنهن کي نه فقط زئنزيبار ٻيٽ جي ماڻهن پر يورپي سفارتڪارن، واپارين ۽ ٽوئرسٽن به ڄاتو ٿي. انگريز ليکڪ اسٽينليءَ پنهنجي ڪتاب “Through the Dark Continent” ۾ ٿاريا لاءِ لکيو آهي ته ”هي هن ٻيٽ (زئنزيبار) جو امير ترين ماڻهو آهي.“
ٿاريا سلطانن جي نوڪريءَ سان گڏ پنهنجو خانگي واپار به قائم رکيو. هن پنهنجي واپار جي واڌاري لاءِ بمبئي ۾ به آفيس کولي ۽ يورپ جي هر بندرگاهه ۾ پنهنجو ايجنٽ مقرر ڪيو، جنهن جي معرفت هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سامان موڪلي ۽ گهرائي سگهجي.
ٿاريا جي ٻي زال 1864ع ۾ گذاري وئي جڏهن هو 41 سالن جو هو. کيس ان مان به ڪو ٻار نه ٿيو. ان بعد هن ٽيون دفعو ليڊي جان ٻائي سان شادي ڪئي، جيڪا ڇهن ٻارن جي ماءُ هئي. ٿاريا ٽوپڻ جون پنهنجي اسماعيلي ڪميونٽيءَ لاءِ به ڪيتريون ئي خدمتون آهن. هن زئنزيبار ۾ انڊيا کان ايندڙ اسماعيلين لاءِ سلطان کان ڪافي سهولتون وٺي ڏنيون ۽ کين آفريڪا جي مختلف شهرن ۾ نوڪري يا ڌنڌي سان لڳرايو. هن مقامي ۽ يورپي واپارين جي به وڏي مالي مدد ڪئي.
مشهور ”آغا خان بمبئي واري 1866ع واري ڪيس“ ۾ به ٿاريا ٽوپڻ ممبئي ۾ موجود هو ۽ هن ان ڪيس ۾ وڏي مدد ڪئي، جنهن تي آغا خان اول کيس وارث (Varas) جو خطاب ڏنو هو. اسماعيلين جو 46 هون امام حسن علي شاهه آغا خان اول سڏجي ٿو. هو ايران ۾ 1804ع ۾ ڄائو، 40 سالن جي ڄمار ۾ 1844ع ۾ هو سنڌ ۾ آيو. سال کن اڳ نيپيئر سنڌ فتح ڪئي هئي. اتان پوءِ پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن سان ڪڇ جي شهرن ۾ ملندو 1846ع ۾ بمبئي پهتو، جتي 1881ع ۾ سندس وفات ٿي. ان وقت ٿاريا ٽوپڻ جي عمر 58 سال هئي. آغا خان اول جو مقبرو بمبئي جي علائقي حسن آباد ۾ آهي. آغا خان اول جي وفات بعد سندس فرزند آقا علي شاهه ”آغا خان دوم“ ٿيو. اڄڪلهه پرنس ڪريم خان ”آغا خان چوٿون“ آهي ۽ هو اسماعيلين جو 49-هون امام آهي.
يورپي ماڻهو ٿاريا ٽوپڻ جي ان ڪري به تعريف ڪن ٿا ته هن مشهور انگريز فزيشن ۽ آفريڪا جي اندروني حصن جي کوجنا ڪندڙ ڊاڪٽر ڊئوڊ لِوِنگ اسٽون جي زخمي ٿيڻ تي هن زئنزيبار پنهنجي گهر ۾ ڪيترا مهينا هن جي خدمت ڪئي، جنهن جو ذڪر H. M. Stanley پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. ٿاريا جو اهو گهر اڄ تائين موجود آهي ۽ “House of Living Stone” سڏجي ٿو.
زئنزيبار شيدي غلامن جي خريد و فروخت جي وڏي مارڪيٽ هئي. فقط هن ٻيٽ تي آفريڪا کنڊ جي مختلف شهرن مان ڏهن کان پندرهن هزار غلام امپورٽ ڪيا ويا ٿي، جيڪي پوءِ وڏي اگهه تي انڊيا ۽ عرب دنيا ۾ موڪليا ويا ٿي. انگريزن هن ڪم کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ۽ زئنزيبار جي سلطانن تي به دٻاءُ وڌو. غلامن جي وڪري کي ختم ڪرڻ جو ڪريڊٽ به ٿاريا ٽوپڻ کي ڏنو وڃي ٿو، جنهن اٽڪل سٽڪل ڪري ان وقت جي سلطان ”برغش بن سعيد“ کي اهو ڪم ختم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ ساڳي وقت کيس انگريزن جي ڪاوڙ کان به بچايو، جيڪي هاڻ جنگي جهازن ذريعي سندس محل ۽ بندرگاهه کي ڊاهڻ وارا هئا.
زئنزيبار ۾ غلامن جو وڪرو ختم ڪرائڻ تي انگلنڊ جي مهاراڻي وڪٽوريا به ٿاريا ٽوپڻ جون خدمتون تسليم ڪيون ۽ هو جڏهن سلطان برغش بن سعيد سان گڏ 1875ع ۾ انگلنڊ ويو ته مهاراڻي وڪٽوريا کيس Sir جي خطاب سان نوازيو. کيس 1890ع ۾ هڪ دفعو وري راڻيءَ طرفان انڊيا ۾Sir جو خطاب ڏنو ويو. اهڙي طرح آفريڪا ۽ ايشيا جو هي اڪيلو ماڻهو آهي جنهن کي ٻه دفعا ”نائيٽ هڊ“ جو اعزاز ڏنو ويو.
انگلنڊ ۾ خطاب ملڻ ۽ انگريزن جو ٿاريا ٽوپڻ مان بيحد گهڻو مرعوب ٿيڻ جو احوال H. B. E. Frere نالي هڪ انگريز ليکڪ پنهنجي ڪتاب: The Khojas: The Disciples of the Old Man of Mountain ۾ ڪيو آهي. ٿاريا ٽوپڻ 68 ورهين جي ڄمار ۾ 1891ع ۾ بمبئيءَ ۾ گذاري ويو. هو زئنزيبار ۾ ڊسپينسري جي فائنل ٺاهه جوڙ لاءِ ڪڇ مان ڪجهه ڪاريگر ۽ رنگ روغن جو سامان وٺڻ ويو هو.

زئنزيبار جو بيت الساحل محل ۽ حمام خانو

زئنزيبار ٻيٽ جي جنهن علائقي ”اسٽون ٽائون“ جي هوٽل ۾ مون رهائش اختيار ڪئي اهو هن ٻيٽ جو هڪ آڳاٽو ۽ تاريخي شهر آهي، جتي جون جهونيون عمارتون ڏسڻ ۽ تاريخ جي ڳڙکين ۾ جاچڻ لاءِ دنيا جا سياح اچن ٿا. آئون به ان علائقي جي هوٽل ۾ رهي پيرين پنڌ پراڻيون عمارتون ڏسي ۽ گهٽين مان عربن، ايرانين، عمانين، يورپين ۽ انڊين جي دڪانن ۽ ريسٽورنٽن اڳيان لنگهي حيرت جو اظهار ڪندو رهيس. هتي جي سهڻي ۽ ڪاٺ جي ڪم واري عمارت ”اولڊ ڊسپينسري“ جو احوال لکندي ان جي ٺاهڻ واري ٿاريا ٽوپڻ اسماعيليءَ جو احوال پڻ لکيم. اهڙي طرح اسٽون ٽائون ۽ سڄي زئنزيبار ۾ ڏسڻ وٽان جايون کوڙ آهن. اهڙين ئي يادگار عمارتن مان ”بيت الساحل“ ميوزيم به هڪ آهي، جيڪو دراصل هتي جي سلطان جو محلات آهي. هي ٽِماڙ عمارت مزينگاني روڊ تي ”بيت العجائب“ ۽ اولڊ ڊسپينسري جي وچ ۾ آهي. هي محل اوڻهين صديءَ ۾ يعني اڄ کان ٻه صديون اڳ سلطانن جي رهائش لاءِ ٺهرايو ويو هو. 1994ع کان هن محل کي زئنزيبار جي شاهي خاندان جي مختلف شين جو ميوزيم بڻايو ويو آهي. ميوزيم جو هڪ فلور فقط سلطان ”خليفا بن حارب“ جي يادگار شين لاءِ وقف آهي. هي سلطان سڀ کان وڏو عرصو 49 سال يعني اڌ صدي 1911ع کان 1960ع تائين زئنزيبار جو نائون سلطان رهيو. اهڙي طرح هڪ فلور تي سلطان ”سعيد بن سلطان“ جي آخري ڌيءَ (ڇٽيهون ٻار، ۽ سلطان ماجد، سلطان برغش، سلطان خليفا جهڙن جي ننڍي ڀيڻ) شهزادي سالما جيڪا هڪ جرمن سان شادي ڪرڻ بعد پنهنجي نئين عيسائي نالي اميلي روئيتي (Emily Ruete) سان سڏي وڃي ٿي، ان جون يادگار شيون آهن. انهن ۾ هن جون لکڻيون، ڪپڙا ۽ روز مرهه جون استعمال ۾ ايندڙ شيون رکيل آهن. مختلف سلطانن جي استعمال جو ان زماني جو فرنيچر پڻ رکيل آهي، جنهن مان ڏسندڙن کي آئيڊيا ٿي سگهي ٿي ته ان زماني ۾ زئنزيبار ۾ زندگيءَ جو معيار ۽ ان جي گذارڻ جو اسٽائيل ڇا هو.
هتي زئنزيبار ۾ جيڪي گهمڻ ڦرڻ ۽ موڪلون گذارڻ لاءِ ٽوئرسٽ اچن ٿا، اهي هتي جا ٺهيل ڏيڍ سئو سال پراڻا پبلڪ باٿ (غسلخانا) به ڏسڻ اچن ٿا، جيڪي ”حمامني پرشن باٿ“ سڏجن ٿا. حمام فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو اسان وٽ به عام طرح استعمال ٿئي ٿو. خاص ڪري اڙدوءَ ۾.... هوءَ چوڻي ته توهان ٻڌي هوندي ته ”اس حمام مين ساري ننگي هين“ جيڪا گهڻو ڪري ان اداري لاءِ چئي وڃي ٿي، جتي جا اڪثر ڪامورا رشوتخور يا ظالم ٿين ٿا. هتي جي هڪ شيرازي (ايراني) رهاڪوءَ ٻڌايو ته حمامني لفظ جي معنيٰ آهي ”غسلخانن جي جاءِ“، بقول هن جي، هتي جي مقامي ٻولي سواحليءَ ۾ نه فقط عربي ۽ انڊين (گجراتي هندي/ اڙدو، ڪڇي) جالفظ آهن پر فارسي جا پڻ آهن، جو فارسي ڳالهائڻ وارا ايراني، خاص ڪري شيراز صوبي جا آفريڪا جي هن اوڀر واري ڪناري، سوماليا کان موزمبق تائين، جي اهم بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي نائين صديءَ کان موجود هئا. ويندي هن پاسي جي ماڻهن کي مسلمان ٿيڻ جي گهڻي ترغيب ۽ رهنمائي به شيرازين ڪئي. هن سواحلي ٻوليءَ جا ٻيا به ڪيترائي لفظ ٻڌايا، جيڪي فارسيءَ جا آهن، جيئن ته ميز (ٽيبل) جنهن کي هتي جا ماڻهو ‏Meza سڏين ٿا، جاميا (ڪميونٽي) جنهن کي سواحلي Jumuiya، بندرگاهه کي Bandari، برف کي Barafu، ڪارن مرچن (Peppers) کي فارسيءَ ۾ پيلپيل ۽ سواحليءَ ۾ Pili Pili، چانهه (Tea) کي Chai، سرڪاري (حڪومت) کي Serikali.... وغيره سڏين ٿا.
زئنزيبار جي گادي واري شهر ”اسٽون ٽائون“ ۾ جنهن علائقي ۾ حمامني (Public Baths) آهن، ان علائقي جو نالو ئي ”حمامني“ ٿي ويو آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ منگهوپير، ڪياماڙي، پاپوش نگر، کارادر يا حيدرآباد ۾ گنجو ٽڪر، ڦليلي، پريٽ آباد وغيره.
هن پاسي يعني آفريڪا ڏي شيرازين جو گهڻو هجڻ ان ڪري به رهيو، جو ايران جو شهر شيراز جيڪو فارس صوبي جي گاديءَ جو شهر آهي ۽ هي صوبو خليج فارس سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري شيراز جا ماڻهو سامونڊي سفر ۽ اوسي پاسي جي بندرگاهن سان تجارت ۾ اڳيان اڳيان رهيا آهن. نه فقط آفريڪي ڪنارن جي بندرگاهن ۾ شيرازي نظر اچن ٿا، پر اسان واري عربي سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن ٺٽي، بمبئي تائين شيرازي پراڻي وقت کان رهاڪو آهن.
زئنزيبار جا هي غسلخانا ڪي اسان جي حجامن جي دڪانن وارا عام رواجي حمام نه آهن پر هڪ محل نما ڪمرا آهن، جن ۾ داخل ٿيڻ واري ڪمري جي فرنيچر کان وٺي ڦوهارن واري نموني جو وهنجڻ وارو تالاب ۽ ٽوائليٽن ۾ استعمال ٿيل اٽلي جا مهانگا ڪموڊ، نلڪا، واش بئسن ۽ ٻيون شيون اڄ جي دور ۾ به اهي State of Art لڳن ٿيون. هن حمامني ۾ ان وقت هڪ ريسٽورنٽ به هئي، جيڪا هاڻ بند ٿي وئي آهي، جنهن ۾ وهنجڻ وارن ويهي چانهه ڪافي يا پڪوڙا، سموسا، سئنڊوچون کاڌيون ٿي.
هي پبلڪ باٿ (غسلخانا) زئنزيبار جي ٻئي سلطان برغش بن سعيد جي دورِ حڪومت (1870ع کان 1888ع) ۾ 1880ع ۾ حاجي غلام حسين شيراز جي آرڪيٽيڪچرن کي گهرائي ٺهرايا هئا. منهنجي خيال ۾ حاجي غلام حسين اسماعيلي يا بوهري واپاري هو، جنهن سلطان جي خواهش تي هي ٺهرايا. هنن ۾ هيٺيان ئي هيٺيان گرم پاڻيءَ کي نلڪن ذريعي ڇڪي پهچايو ويو ٿي ۽ هر هنڌ گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو بندوبست ڪيو ويو هو. هي پبلڪ باٿ جيتوڻيڪ عوام لاءِ هئا پر هنن جي ٽڪيٽ ايڏي رکي وئي هئي جو فقط ڏا وڏا امير ماڻهو هڪ ٻئي سان ملڻ جلڻ ۽ دوستي ڪرڻ لاءِ آيا ٿي. هي مردن توڙي عورتن لاءِ هئا. عورتون صبح پهر اچي سگهيون ٿي ۽ مرد منجهند کانپوءِ. هي پبلڪ باٿ 1920ع تائين زور شور سان هلندا رهيا، ان بعد هاڻ رڳو نمائش طور رهيا
آهن. سندن ريسٽورنٽ ۽ حجامن جي دڪانن واري وڏي حصي ۾ رهائش جا گهر ٺهي ويا آهن.

انگريزن جو گرجا گهر ۽ غلامن جي وڪري جي مارڪيٽ

زئنزيبار ۾ ايندڙ سياح هنAnglican Cathedral (گرجا گهر) ۽ غلامن کي وڪري کان اڳ انهن کي بند رکڻ وارا ڪمرا Slave Chambers ۽ غلامن جو نيلام ذريعي وڪرو ڪرڻ واري مارڪيٽ (Slave Market) ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
زئنزيبار ٻيٽ جي گاديءَ جو شهر ۽ بندرگاهه ”اسٽون ٽائون“ هتي جو سڀ کان آڳاٽو شهرآهي، جتي هتي جي راڻين، ان بعد عمان جي سلطانن ۽ يورپي سفارتڪارن ۽ امير عرب، ايراني ۽ انڊين واپارين جا محل محلاتون، بنگلا آفيسون ۽ دڪان مارڪيٽون آهن. هن شهرجي وچ ۾ Mkunazini نالي اهم روڊ آهي، جيڪو ٿورو اڳيان ”سينٽ مونيڪا هاسٽل لاج“ بعد ٿاريا اسٽريٽ سڏجي ٿو. ٿاريا اسٽريٽ ننڍي کنڊ جي امير اسماعيلي خوجي واپاري ”ٿاريا ٽوپڻ“ نالي آهي، جنهن انگريزن سان گڏ ملي زئنزيبار جي سلطانن کي شيدي ماڻهن کي قيد ڪري غلام طور وڪرو ڪرڻ واري ظلم کي بندڪرايو.
”سينٽ مونيڪا هاسٽل“ هڪ هوٽل آهي، جيڪا گهڻي ٽون ڦان واري نه هجڻ ڪري ٻين هوٽلن کان سستي آهي... سندس ڀرسان ڪجهه قدمن تي Slave Chambers ۽ مٿيون بيان ڪيل گرجا گهر آهي، ان ڪري ڪيترائي سياح هن هوٽل ۾ رهن ٿا، جيئن هو پيرين پنڌ هيڏانهن هوڏانهن گهمي سگهن. اتي ئي ڀر ۾ Riverman نالي هڪ ٻي به هوٽل آهي ۽ مونيڪا هاسٽل (جيڪا لاج به سڏجي ٿي) جي آس پاس ۾ مسجد جبرائيل، الجابري ريسٽورنٽ ۽ دائودي بوهرا مسجد به آهي. اها نه فقط بوهرين جي مسجدآهي پر ان جو نالوئي ”دائودي بوهرا مسجد“ آهي، جيڪو هن مسجد جي ٻاهران به لکيل آهي.
ڪرائسٽ چرچ يا ائنگليڪن ڪئٿيڊرل سڏجڻ وارو هي گرجا گهر، جيڪوهن ٻيٽ تي نه فقط آڳاٽو آهي پر يورپي نموني جي پهرين عمارت آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي سياح اچن ٿا. يورپي سياحن لاءِ هن قسم جا گرجا گهر نه فقط سڄي يورپ ۽ انگلنڊ ۾ آهن پر هرسياح جي پنهنجي شهر ۾ به هوندا جتان هو اچن ٿا پر هن گرجا گهر جي اهميت هن جي عمارت کان وڌيڪ ڏسندڙن جي دل ۾ احساس پيدا ڪري ٿي ته هتي بي وس ۽ بي گناه انسانن جو وڪرو ٿيو ٿي، جنهن کي انگريزن بند ڪرائي ان جاءِ تي هي گرجا گهر ٺهرايو. انگريزن هتي جي سلطان کي آخرڪار 1873ع ۾ هن ظلم جي خلاف معاهدو قبول ڪرائي صحيحون ورتيون ۽ ان ئي سال ڪرسمس ڊي تي هن گرجا گهر جو هتي جي Slave Market (جتي غلامن جي وڪري لاءِ واڪ ڏنو ويو ٿي ۽ انسانيت جي تذليل ٿي ٿي) ۾ سنگ بيناد رکي گرجا گهر جي ٺهڻ جوڪم شروع ڪرايو جيڪو ڇهه سال هليو ۽ سال 1879ع جي ڪرسمس ڊي تي هن گرجا گهر جا عوام لاءِ دروازا کوليا ويا.
هي گرجا گهر ۽ غلامن کي رکڻ جا بُهرا (Chambers) وغيره ڏيکارڻ ۽ انهن جي تاريخ ٻڌائڻ واسطي هتي ڪيترائي گائيڊ نظر اچن ٿا، جيڪي ٻه اڍائي ڊالرن جي في تي توهان کي هنن عمارتن بابت انگريزي، عربي يا فرينچ جهڙين ٻولين ۾ ٻڌائين ٿا. مون کي مونيڪا هاسٽل وٽ هڪ گائيڊ ملي ويو، جيڪو اڳيان Slave Chambers وٽ وٺي آيو. آفريڪا کنڊ جي مختلف علائقن مان سوگها ڪيل مقامي باشندا (شيدي) زنجيرن ۾ ٻڌجي وڪري لاءِ زئنزيبار پهتا ٿي. هنن کي ڀڄڻ کان روڪڻ لاءِ خاص قسمن جو ڊگهيون زنجيرون هيون جن ۾ ٻن ٽن فوٽن جي فاصلي تي گول لوهي ڇلا هئا جيڪي انهن ڦاسايل شيدين جي ڳچين ۾ وجهي انهن کي تالو لڳايو ويو ٿي، جيئن اهو طوق هو کولي ڀڄي نه وڃن. انهن ڦاسايل شيدين کي ويهه ويهه ٽيهه ٽيهه ڄڻن جي قطار ۾ هڪ ئي زنجير ذريعي هلڻو پيو ٿي. اهو سفر اندروني جهنگلن مان هنن کي ڏينهن جا ڏينهن ڪري باگامويو، ممباسا يا دارالسلام يا ڪنهن ٻئي بندرگاهه تائين پهچڻو پيو ٿي، جتان پوءِ هنن کي ڌائو ٻيڙين ۾ ويهاري وڪري لاءِ زئنزيبار ٻيٽ تي پهچايو ويو ٿي.
جهنگلن مان بندرگاهه تائين آڻڻ مهل رستي تي ڪو بيمار ٿي ٿي پيو يا هلڻ ۾ ڪنهن سستي ڪئي ٿي ته هن جي ڳچيءَ جي ڳٽ جو تالو کولي آزاد ڪرڻ بدران هن جو تلوار سان سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو ٿي جيئن ٻين کي هلڻ ۾ رنڊڪ نه ٿئي، جو سڀ هڪ زنجير ذريعي ٻڌل هئا. ان کان علاوه هر غلام کي ڪلهن تي هاٿيءَ جو هڪ ڏند (Tusk) کڻي هلڻ لاءِ چيو ويو ٿي. دراصل جن عرب، ايراني يا مقامي سواحلي واپارين غلامن جو وڪرو ڪيو ٿي، انهن عاج جو به واپار ڪيو ٿي. آفريڪا جي اندروني جهنگلن ۾ رهندڙ سردارن هاٿين کي ماري انهن جا ڏند ۽ گينڊن Rhinoceros جا سڱ هنن کي وڪڻڻ لاءِ ڏنا ٿي. ويندي غلامن طور شيدين جو وڏو تعداد به هنن سردارن ئي مهيا ڪيو ٿي. هنن پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي سزا طور هنن واپارين کي وڪڻي ڏنو ٿي. يا ٻن قبيلن جو جهيڙو ٿيو ٿي ته کٽي ويندڙ قبيلي هارايل قبيلي جي ماڻهن کي سوگهو ڪري رکيو ٿي. زئنزيبار پاسي کان ايندڙ هنن واپارين کي اهي قيدي ۽ هاٿين جا ڏند وغيره وڪرو ڪري ڏنا ٿي. انهن ڏينهن ۾، خاص ڪري جهنگلن ۾ نه هئا رستا نه ڍڳي گاڏيون جن تي سامان ڍوئجي. وڌ ۾ وڌ واپارين گڏهن يا خچرن تي سواري ڪئي ٿي ٻين سڀني کي ميلن جا ميل پنڌهلڻو پيو ٿي. وڪري لاءِ خريد ڪيل غلامن نه فقط پنهنجي ڳٽ ۽ زنجير جو وزن برداشت ڪيو ٿي پر هاٿيءَ جي ڏند جو بار به کنيو ٿي، جن ڏندن جي هڪ هڪ جو وزن پنجاهه کان سٺ ستر ڪلو ٿئي ٿو. سمجهو ته وزن جي حساب سان هاٿيءَ جو هڪ ڏند (Tusk) ڏيڍ کان ٻه مڻ وزني چانورن جي ڳوڻ ٿي.
زئنزيبار ۾ رهندڙ اسان جي ننڍي کنڊ جي بوهري، خوجن، گجراتي ۽ سنڌي هندو سوداگرن ٻيو واپار ڪيو ٿي پر غلامن جو نه. جيئن ٿاريا ٽوپڻ، ڪريمجي، ۽ ٻين بوهري ۽ اسماعيلي سوداگرن بابت لکي چڪو آهيان ته هو پاڻ سان هڪ هڪ سئو تائين مزور کڻي آفريڪا جي اندروني حصي ۾ عاج ۽ گينڊي جي سِڱن ۽ ٻئي سامان جي خريداريءَ لاءِ نڪرندا هئا، جن مان ڪيترائي ٿڪ، بُک ۽ اڃ ۽ جيتن جانورن جي زهريلي چَڪن ڪري مري به ويا ٿي. انهن شين جو سودو پئسن تي نٿي ٿيو جو اندروني آفريڪا جي جهنگلن ۾ رهندڙ ڪرنسي نوٽن مان ڇا ڄاڻن. انهن ڏينهن ۾ آفريڪا جي گهاٽن جهنگلن ۾ بارٽر سسٽم هليو ٿي. شيدي ڀوتارن کان عاج، سڱ، جانورن جون کلون ۽ غلام حاصل ڪري اسان جي تاجرن انهن کي انڊيا ۽ چين کان گهرايل ڪپڙو، انڊيا جا ٺهيل پتل ۽ ٽامي جا ٿانوَ، آرسيون، کنڊ، لوڻ، گهيتلا (جوتا) وغيره ڏنا ٿي...يعني بارٽر سسٽم هليو ٿي.
سودو ڪري غلامن کي زنجيرون ٻڌي، سامان مٿي تي کڻائي، پاڻ گڏهن خچرن تي ۽ غلامن کي لئيءَ جهڙي وڻ جي چَهن سان پٺين تي وسڪارو ڪري، اڌ بُک اڌ ڍءُ جي حالت ۾ آفريڪا جي ڪناري واري ڪنهن شهر - خاص ڪري (Bagamoya) بندرگاهه پهچايو ٿي، جنهن لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هن شهر باگامويو ۾ قافلن لاءِ وڏيون سرائيون هونديون هيون، جتي قافلا اچي منزل انداز ٿيندا هئا. جڏهن ڪو واپاري قافلو ٺاهي اندروني آفريڪا ويندو هو ته به هو باگامويو جهڙي شهرمان غلام يا پگهار تي مزور، اٺ يا گڏهه خچر ۽ رستي تي کائڻ پيئڻ لاءِ کاڌي جو سامان خريد ڪري سفر جي هتان شروعات ڪندو هو. قافلي جي واپسي به هتي ئي ٿي ٿي. عاج، سون، جانورن جي کلن ۽ ٻئي اهڙي سامان جو وڪِرو به هتي ئي ڪيو ويو ٿي. باقي غلامن جي وڪري جي وڏي منڊي ڪناري کان 80 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي زئنزيبار ٻيٽ تي هئي، جتي هِتان هُتان کان آيل غلامن جي خريداري جا سوداگر جيڪي گهڻي ڀاڱي عرب هئا، وڏن گهرن ۽ حويلين ۾ زئنزيبار جي ”اسٽون ٽائون“ شهر ۾ رهيل هئا. توهان سوچيندا هوندئو ته اندروني آفريڪا مان آندل غلامن کي ايڏي تڪليف سان ڇو آندو ويو ٿي جو هو بُکن اُڃن، چهبڪ کائڻ ۽ گهڻو بار کڻڻ ڪري رستي تي مري به ويا ٿي؟ ان لاءِ غلام خريد ڪرڻ وارا سيٺ به زور ڀريندا هئا ۽ غلامن کي آڻڻ وارن قافلن جي ماڻهن کان لڪچوريءَ پڇا به ڪندا هئا ته هي آيل غلام سختيون سهي آيا آهن يا نه؟ معنيٰ هي سگهاري قسم جا آهن؟ نازڪ جسم وارا غلام رستي تي مري ويا يا ماريا ويا يا نه؟
مٿي آئون اهو لکندو اچان ته انڊين ۽ عرب واپارين اندروني آفريڪا مان عاج، گينڍي جا سنڱ ۽ جانورن جون کلون به آنديون ٿي. پڙهندر شايد اهو سوچين ته کلن جي ڪهڙي ضرورت آهي. جڏهن هند سنڌ توڙي ايران ۽ عرب ملڪن ۾ ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون ويندي اُٺ ذبح ٿين ٿا سو مختلف جانورن جون کلون ته اسان وٽ ئي جام هيون! دراصل هي کلون ڪن خاص جانورن: شينهن، بگهڙ، چيتي ۽ گينڊي جهڙن جانورن جون خريد ڪيون ويون ٿي، جيڪي سنڌ، هند، عرب ملڪن ۽ ترڪيءَ جي امير حاڪمن پنهنجن محلن ۾ پٽ تي يا ڀتين تي سجائي رکيون ٿي. ان کان علاوه ڪيترن جانورن جون کلون يوناني دوائن ۽ پسارڪي سامان ۾ استعمال ٿيڻ ۾ وڪرو ٿيون ٿي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان واقعي فائدو ٿيو ٿي يا نه. ڇو جو انهن ڏينهن ۾ اڄ واريون تجربن بعد ٺهيل انگريزي يعني ايلوپٿي دوائون نه هيون. مختلف جانورن جون کلون مختلف ساٺ سوڻن ۽ وهم وسوسن ۾ به ڪم آيون ٿي جن ڳالهين تي هندن توڙي مسلمانن شرڪ جي حد تائين اعتماد ڪيو ٿي.
مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ هوس - يعني هيءَ ڳالهه 1954ع جي هوندي ته اسان جي ڪلاس ۾ هڪ ٻار تعويذ طور ڪنهن جانورجي کل جو ٻن آڱرين جيڏو ٽڪرو ڌاڳي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ وجهي آيو هو. اسانجي پُڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن جي مائٽن هن کي بگهڙ جي اها کل انڪري ٻڌي آهي، جيئن هن تي جِنَن جو اثر نه ٿئي. جِنَ ڀوتَ بگهڙ جي کل کان ڊڄن ٿا. مون جڏهن اها ڳالهه گهر اچي پنهنجي ڏاڏيءَ سان ڪئي ته هوءَ به ويچاري بنهه اڻ پڙهيل، مون کي چيائين ته ”هائو. سڀ ائين چون ٿا.“ ٽن سالن بعد ستون پاس ڪري ڪئڊٽ ڪاليج ويس ته هن مون کي جيڪو سامان ٻڌي ڏنو هو ان ۾ تيل، سرمي سان گڏ بگهڙ جي کل جو به ذرو هو ته متان ڪمري ۾ جِنَ هجن! بهرحال اهي هيون انهن ڏينهن جي ماڻهن جون سوچون ۽ وسوسا. اها به خبر ناهي ته اها کل واقعي بگهڙ جي هئي يا نه، وڪڻڻ وارن ٿي سگهي ٿو ڪنهن ڪتي ٻلي يا ڪنهن ٻئي جانور جي کل جا ٽڪرا ڪري بگهڙ جي نالي ۾ سادن ۽ وسوڙيل ماڻهن کي وڪڻي پئسو ڪمايو ٿي.
حيرت جي ڳالهه اها ته ڏهاڪو سالن بعد جڏهن منهنجي جهاز هلائڻ جي نوڪري شروع ٿي رهي هئي ته اسان جي ناناڻن ۾ هڪ پڙهيل ڳڙهيل فئمليءَ مون کي زئنزيبار يا ممباسا مان شينهن جي کَل آڻڻ لاءِ چيو. مون ته ان ڳالهه کي سنجيدو نه ورتو پر جڏهن منهنجي واپسي تي هنن کي خبر پئي ته آئون اتان ٿي آيو آهيان، ته هنن ڏاڍو دل ۾ ڪيو ۽ مون کي ٻي دفعي آڻڻ لاءِ چيو ته ڪيترو به خرچ اچي اهو هو مون کي ڏيندا. ٻئي دفعي ممباسا ۾ مون شينهن جي کل جو پڇايو ته ان جو اگهه ايڏو وڏو ٻڌايو ويو، جو اسان جي جهاز جي چرچائي ريفريجريشن انجنيئر کلي چيو ته ”ڇڏ کڻي. ٻئي سفر ۾ برما ۽ بنگال ميا هلون، ان جي اڌ جيترا پئسا تون ڪنهن بنگاليءَ کي ڏيندين ته هو ”سندر بن“ جي ٻيلي مان جيئرو جاڳندو شينهن جهلي اچي اڳيان بيهاريندءِ.“
ممباسا جي مقامي ماڻهن ٻڌايو ته ”اڄ ڪلهه هتي قانون ايڏو سخت ٿي ويو آهي، جو هاٿيءَ جا ڏند يا ڪنهن اهڙي جانور جي کل ملڻ ناممڪن آهي.“
اڄ ٿو سوچيان ته گذريل وقتن ۾ آفريڪا کان غلامن کان علاوه عاج ۽ جانورن جون کلون به سنڌ ۾ آيون ٿي، تڏهن ته ماڻهن کي ڄاڻ رهي ٿي ته اهي شيون ممباسا ۽ زئنزيبار کان اچن ٿيون.
پاڻ غلامن جي ڳالهه پئي ڪئي ته آفريڪا جي اندرين وستين مان شيدي مرد توڙي عورتون جهلي، انهن کي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري مهينو ٻه پيرين پنڌ هلائي باگامويو جهڙي ڪنهن سامونڊي بندرگاهه تي پهچايو ويو ٿي. اتان ٻيڙين ۾ ڀري زئنزيبار ٻيٽ تي آندو ويو ٿي، جتي مٿي ٻُڌايل هوٽل سينٽ مونيڪا هاسٽل جي اڳيان انهن غلامن کي رکڻ لاءِ Basement يعني زمين کان ٿورو هيٺ ڀرو ڪمرا Slave Chambers ٺهيل هئا، جتي هنن غلامن کي سنگهرن (زنجيرن) سميت ڦٽو ڪيو ويو ٿي. هي ڪم سمجهو ته 1800ع کان اڳ ۽ پوءِ جا هئا. انهن ڏينهن ۾ ته نه هي مونيڪا نموني جون هوٽلون هيون ۽ نه گرجا گهر .... جيڪي هي غلامن جي وڪري جو ڪاروبار بند ٿيڻ تي انهن جاين تي ٺهيا آهن.
منهنجي گائيڊ هي اونداها هال (Slave Chambers) ڏيکاريندي چيو ته ”هن وقت ته هنن کي ٽي ٽي دريون آهن ۽ روشنيءَ لاءِ بلب به ٻري رهيا آهن، پرانهن ڏينهن ۾ هتي فقط هڪ دري ٻه فوٽ اتاهين ۽ چار انچ ويڪري هوندي هئي، جيڪا ڪنهن به حالت ۾ نه روشنيءَ لاءِ پوري هئي ۽ نه ساهه کڻڻ لاءِ هوا جي گذر لاءِ. ٻوساٽ ۽ ڌپ ۾ ساهه نڪرندو هو. هر ڪمري ۾ ڊزن ٻه غلام، جانورن وانگر هڪ ٻئي جي ڀرسان سٿيا ويا ٿي.“ هنن چئمبرن جي اوچائي يعني ڇت چار فوٽ مس هئي يعني ڪوبه بيهي نٿي سگهيو. غلام عورتن کي به سڄو وقت اوڪڙون ٿي ويهڻو پيو ٿي يا ليٽڻو پيو ٿي. کين اڻ پوري کاڌي پيتي تي هتي ٽي چار ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ رکيو ويو ٿي. چئمبر جي وچ مان هڪ موري (Drain) لنگهي ٻاهر سمنڊ ڏي نڪتي ٿي.
چيمبر ۾ موجود ماڻهن هن ۾ هَنگيو مُٽيو ٿي. گائيڊ ٻڌايو ته. ”پوءِ ڏينهن ٻن اندر سمنڊ جي پاڻيءَ جي ڪا وڏي ڇول آئي ٿي ته ان ڪاڪوس کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته وڏي لهر اچڻ ۾ دير ٿيڻ تي هيءَ موري گند سان ڀرجي وئي ٿي ۽ سڄو گند مٿي فرش تي اچي هنن قيدين کي ڀري ڇڏيو ٿي. اهڙي ٻوساٽ، هوا ۽ کاڌي پيتي جي کوٽ ۽ ڌپ۾ هڪ ٻه ڄڻا مري به ويا ٿي پر باقي بچيلن مان مالڪ ۽ خريدار خوش ٿيا ٿي ته اهي سخت جان آهن، جو ههڙين ڏکين حالتن ۾ به هو بچي ويا آهن ۽ انهن جي قيمت عام غلامن کان وڌيڪ ئي رکي وئي ٿي. اهڙي طرح چيمبرن ۾ يا رستي جي مسافريءَ ۾ مري ويلن جو حساب باقي بچيلن جو اگهه وڌائي برابر ڪيو ويو ٿي“
ٻه چار ڏينهن انهن ڪال ڪوٺڙين ۾ رکڻ بعد غلامن کي Slave Market (وڪِري ۽ نيلام گهر) ڏي نيو ويو ٿي، جيڪا مارڪيٽ Slave Chambers کان 50 کن وال اڳيان هئي جنهن هنڌ تي هاڻ هي ڪئٿيڊرل (گرجا گهر) آهي. منهنجي گائيڊ ٻڌايو ته ”هن وڪِري جي مارڪيٽ ۾ غلامن کي سندن قد بت مطابق قطار ۾ مارڪيٽ تائين پهچايو ويو ٿي. انهن مان هرهڪ کي اتي موجود وڻ سان ٻڌي خريدارن اڳيان هن کي ڪنڊن واري چهي (وڻ جي شاخ) سان ڪُٽيو ويو ٿي، جيئن هن جي برداشت جي خبر پئجي سگهي ته هن ۾ ڪيتري سگهه آهي. اهي غلام جن سور کان دانهون نٿي ڪيون يا بيهوش نٿي ٿيا اهي مهانگا وڪيا ويا ٿي ۽ انهن کي ڦاسائي اچڻ وارن واپارين جي واهه واهه ٿي وئي ٿي ۽ انهن خوب پئسو ڪمايو ٿي.“
آفريڪا ۾ ٿيندڙ هن ظلم ۽ بربريت جون ڪهاڻيون انسان جي ضمير کي ڌونڌاڙين ٿيون، ته هن ڌرتيءَ تي ڇا ڇا نه ظلم ٿيا ۽ هن آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري - زئنزيبار، ممباسا، باگامويو پاسي ته اسان جا مسلمان ئي زياده متحرڪ هئا ۽ هنن جيڪي هي ظلم جا ڪم ڪري پئسو ڪمايو ٿي ان لاءِ ته اسلام هرگز اجازت نٿو ڏئي. مون کي ته هن پاسي اچي انهن غمن جي داستان جو احوال معلوم ڪري ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. اهو به سوچيندو آهيان ته هتي ته وري به اهو ظلم ختم ٿي ويو آهي. ممباسا، زئنزيبار، دارالسلام اڄ پرسڪون شهر آهن. مقامي شيدي توڙي ڌاريا خوشحال ۽ امن امان واري زندگي گذارين ٿا... ڇا مون کي جڳائي ته آئون هنن جي انهن ڪمن تي تنقيد ڪريان، جيڪي هنن جي وڏن هڪ صدي اڳ تائين ڪيا. هاڻ ته ائين ناهي. آئون پنهنجي وطن کي ڏسان جتي اڄ به اسان جا مسلمان رشوت جي پئسي مان عيش جي زندگي گذارين ٿا، غريبن جي لاءِ اسڪول، اسپتالون ۽ رستا ٺهرائڻ بدران پئسو کايو وڃن، وڏين ڏاڙهين وارا دڪاندار به تور ۾ کوٽ، مال ۾ ملاوٽ، مردار جانورن جو گوشت وڪڻڻ يا گوشت ۾ پاڻي ڀري ڳرو ڪري وڪڻڻ، کير ۾ پاڻي ملائڻ ته ڇا، سڄو کير سرف صابڻ ۽ ٻين ڪيميڪلن مان ٺاهي نسلن جا نسل تباهه ڪري رهيا آهن.
زئنزيبار ۾ پهرين رات شهر جو چڪر هڻندي تازي کير پيئڻ تي دل چيو، جيڪو ڪيترن ئي دڪانن تي گرم توڙي ٿڌو وڪامي رهيو هو. هتي جي هڪ بوهريءَ کي اتان لنگهندو ڏسي پڇيم ته ڪنهن وٽ نج کير آهي، جنهن کان وٺان. منهنجي ان سوال تي هو حيرت ۾ پئجي ويو. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته آئون ڇا پڇي رهيو آهيان. بعد ۾ خبر پئي ته هتي ڪوبه ملاوٽ واري شيءِ نٿو وڪڻي، چاهي هو مسلمان هجي يا عيسائي ۽ نه ڪو وزن ۾ گهپلو ٿو ڪري ۽ واقعي کير پيئڻ سان ننڍپڻ جو ڳوٺ ياد اچي ويو جتي ۽ جڏهن اهڙو نج کير پيئبو هو. ڏٺو وڃي ته ان معاملي ۾ يورپي به ائين سچار آهن. اسان جا ماڻهو اهو سوچين ٿا ته هو ڪافر آهن، بي حيا آهن، وغيره وغيره، ڪجهه به هجي پر هو کاڌي پيتي جي شين ۾ ٺڳيون نٿا ڪن. انهن جا نمائندا ۽ وزير مشير عوام جو پئسو کائي پنهنجي لاءِ محل ۽ بئنڪ اڪائونٽ نٿا ٺاهين. هڪ گوري کي توهان ڀلي ماءُ تي گار ڏيو... سَن آف اي بِچ، پر توهان ان کي اهو ته چئو ته تون کير ۾ پاڻي ٿو ملائين، مدي خارج دوائون ٿو وڪڻين يا ڪوڙ ٿو ڳالهائين... هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي. هو ان قسم جي ظلم جو سوچي به نٿو سگهي ته ڪنهن ٻار، مريض يا غريب جو حق کائجي. پر اسان وٽ ته اڄ به اهي ظلم عام ٿي رهيا آهن.
زئنزيبار جي اها مارڪيٽ جتي هن ڌرتي جي رهواسين کي اسٽيج تي اگهاڙو بيهاري نيلام ڪيو ويو ٿي، جتي هنن مان هڪ هڪ کي وڻ سان ٻڌي ڪنڊن واري چهبڪ سان ماري هن جي مضبوطي معلوم ڪئي وئي ٿي، اتي غلامن جي وڪري تي پابندي هڻڻ بعد يورپين گرجا گهر ٺاهيو ۽ اهو وڻ جنهن سان غلامن کي ٻڌي ماريو ويو ٿي اهو به يادگار طور اتي ئي موجود آهي ۽ ان کي گرجا گهر جو Altar بنايو ويو آهي جنهنجي چوڌاري سنگ مرمر جو ٻنو ڏئي اندرين حصي کي ڳاڙهو ڪيو ويو آهي، جيڪو ان وهندڙ رت جي ياد ٿو ڏياري، جيڪو غلامن جي پٺن تي ڪنڊن وارا چهبڪ هڻڻ سان نڪتو ٿي.
هي گرجا گهر ان ڏکوئيندڙ جاءِ Slave Market تي ٺاهي هن مارڪيٽ کي تقدس بخشيو ويو آهي، جتي انسانن ٻين پاڻ جهڙن انسانن سان ظلم ڪيا. هنن سان جانورن وارو رويو رکيو ۽ کين وهٽن وانگر وڪيو ويو - بلڪه ان کان به بدتر حالت ۾. هن هنڌ تي گرجا گهر ٺاهي هن هنڌکي عزت بخشي وئي آهي، انسانن جي دلين ۾ هروقت ياد تازي ڪئي وئي آهي... هي ائين آهي جيئن آمريڪا نيويارڪ ۾ گرائونڊ زيرو تي مسجد پڻ ٺاهي وئي آهي. پارڪ 51 وٽ جتي پهرين قرطبه هائوس هو، اتي هاڻ تيرهن ماڙ عمارت ۾ اسلامڪ ڪميونٽي سينٽر آهي. اتي ٺهيل مسجد ”گرائونڊ زيرو مسجد“ سڏجي ٿي.
سائوٿ آفريڪا جي آئيني ڪورٽ، مثال طور، ان بدنام جيل جي مٿان ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ انگريزن رنگ جي بنياد تي هزارين مقامي ڪارن کي قيد رکيو ۽ انهن تي سخت ظلم ۽ بيدردي ڪئي. هن جيل کي ڊاهي هن جيل جون ڏيڍ لک سرون هن ڪورٽ جي ٺهڻ ۾ لڳايون ويون. ان کان علاوه اهو رستو جيڪو ڪورٽ ۽ هن جيل نمبر 4 کي ڳنڍي ٿو ان جي ٺهڻ ۾ لڳايون، جنهن رستي کي African Steps سڏجي ٿو ۽ انهن ڏاڪن تي لکيل آهي: “A Walkway between the past and the future.” باءِ دي وي هي جيل نمبر چار اهو بدنام زمانا جيل آهي، جيڪو 1893ع ۾ جهانسبرگ ۾ ٺاهيو ويو ۽ هن جونالو نمبر 4 ان قانوني سيڪشن ڪري رکيو ويو، جنهن ذريعي هتي جي ڪارن (شيدين) کي قيد ڪيو ويو ٿي. هن جيل ۾ لکها ماڻهو قيد رکيا ويا، جنهن ۾ ڪيترا جڳ مشهور به آهن جيئن ته نيلسن منڊيلا، البرٽ لوٿولي ۽ مهاتما گانڌي وغيره. هي جيل 1983ع ۾ بند ڪيو ويو پر اڄ به اهو ظلم جي داستانن جي ياد ڏياري ٿو ته ڪيئن ڌرتيءَ جي ڌڻين کي ڌارين اچي قيد ڪيو، ڦاهيون ڏنيون ۽ شوٽ ڪيو. سندن فقط اهو ڏوهه هو جو قدرت هنن جي جسم جي کل جو رنگ ڪارو رکيو هو. سائوٿ آفريڪا ۾ انگريزن جي هن ظلم جي جڏهن زئنزيبار ۾ عربن جي هتي جي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ٿيل ظلمن جي ڀيٽ ٿي ڪجي ته انجي مقابلي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ انسان ذات سان ٿيل ظلم ڄڻ ڪجهه به نه هئا!
غلامن کي قيد رکڻ وارا ڪمرا (Slave Chambers) ڏيکارڻ وقت، گائيڊ جي ٻڌايل مٿين ڳالهين مان هڪ ٻه لکڻ وسري وئي... اها هيءَ ته غلامن کي قيد رکڻ لاءِ هي جيڪي ٻه ڪمرا اسان کي ڏيکاريا ويا انهن ۾ هڪ وڏو عورتن ۽ ٻارن لاءِ هو ۽ ننڍو مردن لاءِ. وڏي ۾ 75 عورتن ۽ ٻارن کي سوڙهو ڪري رکيو ويو ٿي ۽ ننڍي ۾ 50 مردن کي هڪ ٻئي سان ملائي ويهاريو ويو ٿي. انهن ڪمرن جي مٿان هڪ وڏو سوراخ هو جنهن جي مٿان چوڪيدارن جي رهائش لاءِ جهوپڙي ٺهيل هئي. بعد ۾ ڪو هڪ ٻه ٻيو غلام اچي ويو ٿي ته ڇت تي ٺهيل ان سوراخ جو ڍڪ کولي انهن نون آيل غلامن کي مٿان اڇلايو ويو ٿي. چون ٿا ته انهن ڪمرن ۾ گونهه مُٽ جي ايڏي ڌپ هوندي هئي، جو ان جو ڍَڪُ کولڻ واري کي اُٻڙاڪَ ايندا هئا. ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته انهن چئمبرن ۾ موجود مردن توڙي عورتن جي ڇا حالت رهي ٿي.
سڀني غلامن کي هن بدبودار قيد ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن رکيو ويو ٿي جيئن خبر پئجي سگهي ته ڪهڙو غلام مضبوط جان جو آهي، جيڪو اهڙين حالتن ۾ به جيئرو رهي سگهي ٿو ۽ ڪهڙو ڪمزور جسم جو آهي، جيڪو انهن ٽن ڏينهن ۾ مري وڃي ٿو. مٿي لکي آيو آهيان ته سمنڊ جي ڪا وڏي ڇول آئي ٿي ته اها هيٺ ٺهيل ناليءَ ذريعي غلامن جي ڪرفتي کڻي وئي ٿي نه ته هي غلام ان ڪرفتي ۾ ٽي ٽي ڏينهن ٻوساٽبا رهيا ٿي ۽ ڪيترا مرد توڙي عورتون، خاص ڪري ٻار ان ڌپ ۾ مري ويا ٿي.
ان Slave Chambers بعد وڪري لاءِ غلامن کي وهنجاري وڪري لاءِ غلام منڊي (Slave Market) ۾ مقرر وڻ وٽ آندو ويو ٿي، جتي هڪ هڪ غلام کي ان وڻ سان ٻڌي چهبڪن سان ايترو ڪُٽيو ويو ٿي، جو هو رتوڇاڻ ٿي ويا ٿي ۽ هنن جي پيرن وٽ هنن جو رت گڏ ٿي ويو ٿي جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته هن مارڪيٽ جي جاءِ تي جيڪو گرجا گهر ٺهيل آهي ان جو Altar ان وڻ جو ٿڙ آهي، جنهن جي چوڌاري سنگ مرمر جي پٿر جو ٻنو آهي، جتي غلامن کي بيهاري ڪنڊن وارن چهن سان پٺا ڪٽيا ويا ٿي. انهيءَ سنگ مرمر جي ٻَني اندر فرش کي ڳاڙهو رنگ ڏنل آهي، جيڪو انهن غلامن جي جسمن مان نڪتل رت جي ياد ٿو تازي ڪري ته ڪيئن انسانن پاڻ جهڙن انسانن تي ظلم ڪيا. هتي جي ڌرتيءَ جي ڌڻين - يعني شيدين جو فقط اهو ڏوهه هو ته هو اڃا ان ليول تي نه پهتا هئا، جو پنهنجي بچاءَ لاءِ بم بارود ۽ آرگنائيزڊ فوجون ٺاهي وٺن. اهو ئي ڪم اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ٿيو. اسان جا حاڪم ۽ عوام جي وڌيڪ سلجهيل هجن ها ته ڇا هڪ ڏورانهين ڏيهه کان آيل پورچوگالي يا انگريز ائين اچي اسان جي ماڻهن کي مارين ها ۽ اسانجي ڌرتيءَ تي قبضو ڪن ها؟ واسڪو ڊا گاما ڇا، کڻي ان جو بابو هڪ ڇا ڏهه جنگي جهاز ڪاهي اچي ها... هو ڪجهه نه ڪري سگهي ها. پر ڪاليڪٽ، ڪوچين، ڪنوئر جي راجائن کي فقط ڪبوتر پالڻ، پتي ۽ چني چوسر رند کيڏڻ، راڳ جو محفلون رچائڻ ۽ شراب جا پيالا چاڙهڻ تي زور هو. ان سان گڏ ڪا مضبوط فوج ٺاهين ها، ڪا ٽيڪنالاجي حاصل ڪن ها - وڌيڪ نه پر پورچوگالين جهڙيون بندوقون ۽ بم ئي هجن ها ته يورپين جا سڀ ماڻهو ۽ جهاز الٽو اسان جي راجائن وٽ قيد هجن ها ۽ کين ڇڏائڻ لاءِ پورچوگال جو بادشاهه مئنوئل لسبن مان اچي ڪوچين ۽ ڪاليڪٽ جي گهٽين ۾ اچي گيسيون ڪري ها. پر اسانجا ماڻهو تاج ۽ تخت تان ئي وڙهندا رهيا، هڪ ٻئي سان دشمنيون پاڙيندا رهيا، بالين ۽ نورجهانين سان معاشقا ڪندا رهيا، اجايا بحث مباحثا ڪندا رهيا. چين کان هلاڪو خان اچي بغداد ڪڙڪيو ۽ بغداد وارا پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي بچاءَ جي سوچڻ بدران ان بحث ۾ ئي مبتلا رهيا ته ڪانگ حلال آهي يا حرام! اهو ئي حال آفريڪا جي شيدين جو هو، جن جي سردارن نه پاڻ کي ٿي سڌاريو نه پنهنجي عوام کي! جي دماغ ۽ همٿ هجين ها ته انهن انگريزن، عربن وغيره کي جن هنن کي کنڀي غلام ڪري پورهئي وٺڻ لاءِ وڪرو ڪيو ٿي، انهن ئي عربن ۽ انگريزن کي سوگهو ڪري هنن کان پورهيو وٺن ها.
وري به ڊاڪٽر لِونگ اسٽون جهڙن انگريزن کي شاباس هجي جن زئنزيبار ۾ اچي جڏهن شيدين سان هي ظلم ڏٺا، ته هنن پنهنجي ملڪ پهچي مضمون لکيا، تقريرون ڪيون ۽ انگريز حڪومت کي آگاهه ڪيو ۽ دنيا جي ماڻهن جو ضمير سجاڳ ڪيو ته هن ظلم ۽ گناهه کان باز اچو. انگريز حڪومت ڪجهه چَٽَ ڪجهه لٺ جي اشاري سان زئنزيبار جي مقامي سلطانن کي آخرڪار غلامن جي وڪري تي بندش وجهڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ ان ڳالهه تي عمل ڪرايو.
ڊاڪٽر لِونگ اسٽون مليريا ڪري ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. سندس قبر زئمبيا ۾ آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته زئنزيبار ۾ Slave Chambers (جتي غلامن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن لاءِ رکيو ويو ٿي) اتي اڄڪلهه توهان کي غلام شيدين جا ڪجهه مجسما زنجيرن ۾جڪڙيل نظر ايندا. اهي مجسما سئيڊن جي هڪ ٽوئرسٽ عورت طرفان ٺهرايل ۽ هتي جي حڪومت کي تحفي ۾ ڏنل آهن. انهن مجسمن جي چوڌاري ۽ ڳچين ۾ جيڪي ڪٽ لڳل زنجيرون آهن، انهن لاءِ هتي جي گائيڊ ٻڌايو ته اهي اصلي آهن، جيڪي ان وقت استعمال ٿيون ٿي. غلامن جي وڪري ۽ نيلام بابت هڪ ٻي ڳالهه ياد آئي آهي ته هر غلام کي مارڻ ڪُٽڻ تي سامهون ويٺل عرب خريدارن کي معلوم ٿي ٿي ويو ته ڪهڙو غلام سگهارو آهي، يعني اهو گهڻو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ ڪهڙو ڪمزور! طاقتور غلامن لاءِ وڏو واڪ آيو ٿي ۽ اهي وڏي اگهه تي وڪاميا ٿي. پوءِ جنهن پنج کن مهانگا غلام خريد ڪيا ٿي، ان کي تحفي ۾ هڪ يا ٻه ٻار مفت ڏنا ويا ٿي.
غلامن جو وڪرو مڪمل ٿيڻ تي هر خريدار سيٺ پنهنجي ڌائو ٻيڙيءَ ۾ انهن کي سامان وانگر سٿي انڊيا، ايران، عرب ملڪن ڏي روانو ڪيو ٿي جيئن اتي انهن غلامن کي وڏي اگهه تي وڪرو ڪري پئسو ڪمائي سگهجي. ڪجهه غلام ته زئنزيبار ۾ رهندڙ سيٺين جاگيردارن ئي خريد ڪيا ٿي، جو هنن کي لونگن جي فصل لاءِ پورهيت کتا ٿي. لونگن جي پوک لاءِ چون ٿا ته تمام گهڻي محنت جي ضرورت پوي ٿي، جيڪا اتي جي سيٺين غلامن کان ڪرائي ٿي. زئنزيبار مان غلامن سان ٻيڙيون ڀرجي گهڻو ڪري عمان روانو ٿيون ٿي، جتي کپت مطابق غلامن جي وڪري بعد ٻيا غلام ترڪي، عربستان، ايران ۽ هند سنڌ ڏي موڪليا ويا ٿي. سنڌ ۾ جيڪي آفريڪي نسل جا شيدي نظر اچن ٿا انهن جا وڏا ٻيڙين ذريعي زئنزيبار کان سڌو ٺٽي آيا يا ٻه چار ڏينهن عمان ۾ ترسي پوءِ سنڌ ۾ آيا. انهن جڏهن سنڌي سکي ٿي ته هنن کان يا هنن جي اولاد کان پڇڻ تي ته ڪٿان آيا ته جواب ۾ هو ”زنجبار“ يا ان لفظ جي کار ”جهنگٻار“ ئي چوندا هئا.

غلامن جي وڪِري بابت تاريخي ڳالهيون

زئنزيبار ۾ موجود غلامن جي وڪِري جي منڊي (Slave Market) ۽ غلامن کي قيد رکڻ وارا بُهرا (Slave Chambers) ڏيکاريندي اسان واري گائيڊ زئنزيبار ۾ غلامن جي وڪِري بابت جيڪي تاريخي ڳالهيون ٻڌايون، انهن مان ڪجهه مختصر طور هن ريت آهن، جيڪي آئون هلندي چلندي پنن جي ٽڪرن تي لکندو ويس. توهان به جي هتي اچي ڪنهن گائيڊ معرفت گهمندئو ته هو اهي ئي رَٽيل جملا توهان کي ٻڌائيندو، جيڪي مون ٻڌا ۽ هتي لکي رهيو آهيان...
• اسان جو ملڪ، هي زئنزيبار ٻيٽ، جنهن شيءِ کان سڀ کان گهڻو مشهور آهي، اهومصالحي جو واپار آهي - خاص ڪري لونگن جو.
• افسوس جو ماضي قريب ۾ هي ٻيٽ هڪ قبيح ۽ بدنام ڪم کان به خوار ۽ خراب رهيو. اهو هو غلامي ۽ غلامن جو وڪِرو.
• غلامن جو وڪِرو هينئر جي ڪا ڳالهه ناهي پر هي ڪم هن علائقي ۾ پهرين صديءَ کان هلي رهيو هو جڏهن يمن پاسي کان ”سلطنت شيبا“ جا جهاز موتي (Beads) ۽ چيني ريشمي ڪپڙو کڻي هتي آيا ٿي ۽ ان جي بدلي ۾ هتان سون، گُلي (Indigo)، مصالحو، عاج ۽ غلام کڻي ويا ٿي.
(سلطنتِ شيبا لاءِ ڪي چون ٿا ته اٿوپيا ۾ هئي، جنهن جي راڻيءَ جو ذڪر قرآن مجيد ۽ بائيبل ۾ به آهي پر سندس نالو ڪٿي به ناهي. عرب بلقيس ٻڌائين ٿا جيئن حضرت يوسف عليه السلام واري قصي جي عورت جو نالو ذوليخا چون ٿا.)
• مون سوچيو ته گائيڊ کان پڇان ته هوڏانهن سلطنت شيبا (يا صبا) جي راڻي بلقيس هئي پر هيڏانهن زئنزيبار پاسي ڪنهن جي حڪومت هئي؟ پر مون ڏٺو آهي ته ورلي ڪو گائيڊ پڙهيل ڳڙهيل يا تاريخ جو شاگرد ٿئي ٿو البت بنارس يا شايد دهليءَ ۾ مون کي هڪڙو اهڙو گائيڊ ضرور ملي ويو هو نه ته گهڻي ڀاڱي گائيڊ اهي ٿين ٿا، جيڪي طوطي وانگر رٽيل ڳالهين سان ئي مسافرن کي مطمئن ڪندا رهن.
• 1498ع ۾ پورچوگالي Explorer واسڪو ڊاگاما زئنزيبار ۾ آيو، جنهن ڪري هتي جي ڪيترين ڳالهين تي يورپي اثر رسوخ ٿيو. ڪجهه سالن جي مختصر عرصي ۾ هن زئنزيبار کي پورچو گالي سلطنت جو حصو بڻائي ڇڏيو.
• پورچوگالي آفريڪا جي اندروني حصن مان سون، عاج، آبنوس (Ebony) ۽ غلام حاصل ڪري پورچوگال ۽ پورچو گالي ڪالونين (موزمبق، ائنگولا، نميبيا) وغيره ڏي موڪلڻ لڳا.
• پورچوگالين جي زئنزيبار تي 200 کن سال حڪومت رهي. ان دوران عماني عربن ۽ پورچوگالين جا رکي رکي هڪ ٻئي سان حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ جهيڙا هلندا رهيا.
• 1652ع ۾ عماني عربن زئنزيبار تي حملو ڪيو ۽ 1698ع ڌاري عمانين جو زئنزيبار تي مڪمل قبضو ٿي ويو.
• عمانين جي حڪومت سان گڏو گڏ زئنزيبار ۾ غلامن جو واپار اوج اختيار ڪندو ويو. عمان جو حاڪم ”سعيد بن سلطان“ جيڪو عمان سان گڏ زئنزيبار سلطنت جو به حاڪم هو ان زئنزيبار ۾ اڄ واري هيءَ غلامن جي مارڪيٽ ٺهرائي، جتي غلامن جي وڪري سان گڏ هنن جي همت ۽ طاقت پڻ آزمائي وئي ٿي. خريد ڪرڻ لاءِ واڪ ڏنو ويو ٿي ۽ غلامن جو وڪِرو ٿيو ٿي. ايندڙ 60 سالن ۾ اٽڪل ڏهه لک غلامن جو هن مارڪيٽ ۾ وڪِرو ٿيو. اهڙا ڏهه لک کن آفريڪا جي اندروني جهنگلن مان پيرين پنڌ، اڃ بُک ۾ هفتن جا هفتا سفر ڪرڻ ڪري، يا زئنزيبار جي Slave Chambers ۾ يا مختلف ملڪن ڏي ٻيڙين ۾ سوڙهو سنگهوڙو ٿي سفر ڪرڻ ۾ مري ويا.
• زئنزيبار ۾ لونگن جي پوک 1800ع ۽ 1820ع جي وچ ۾ شروع ٿي، جنهن ڪري پورهئي لاءِ غلامن جي ضرورت وڌي وئي. لونگن جو دنيا ۾ سون برابر اگهه هو يعني انهن مان وڏي ڪمائي هئي پر انهن کي پوکڻ لاءِ پورهئي جي ضرورت پئي ٿي جيڪو هنن غلامن کان ورتو ويو ٿي.
• لونگن ۽ غلامن مان وڏي ڪمائي ڏسي سلطان ”سعيد بن سلطان“ مسقط (عمان) ڇڏي هتي ”اسٽون ٽائون“ (زئنزيبار) ۾ محل ٺهرائي مستقل طور رهي پيو.
• 1834ع ۾ انگريزن - جتي جتي هنن جون ڪالونيون هيون - يعني جنهن جنهن ملڪ تي هنن جو قبضو هو - انڊيا، ملايا کان ڪينيا، تنزانيا تائين، هنن اتي غلامن جي وڪِري تي پابندي هنئي ۽ جن وٽ غلام هئا، انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
• 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ تي انگريزن طرفان سنڌ ۾ به اهو قانون لاڳو ڪيو ويو ۽ غلامن جي آمد تي بندش هنئي. جن جن وٽ غلام هئا انهن کي پنهنجا غلام آزاد ڪرڻ لاءِ سختي ڪئي وئي.
• زئنزيبار جو سلطان ٽال مٽول ڪرڻ لڳو جو غلامن جي وڪِري مان هن کي گهر ويٺي وڏو پئسو مليو ٿي، جنهن مان سڄي شاهي خاندان جون عياشيون ٿيون ٿي.
• 1873ع ۾ انگريزن جي زور بار تي ان وقت جي حاڪم سلطان برغش بن سعيد کان ڊڪري صحيح ڪرائي وئي جنهن موجب سلطان جي قبضي ۾ آيل سڀني علائقن ۾ غلامن جي واپار کي ٻنجو اچي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کان پوءِ به ڪجهه سالن تائين لڪچوريءَ غلامن جو واپار هلندو رهيو پر ظاهري طرح اهو ڪم 1873ع ڌاري ختم ٿي ويو.
• ان ئي سال کان غلامن جي منڊيءَ (Slave Market) ۾ غلامن جو نيلام ۽ وڪِرو بند ڪيو ويو. انگريزن ان جاءِ تي ائنگليڪن ڪئٿيڊرل (گرجا گهر) ٺهرايو.
اسان ان وقت هن گرجا گهر جي اڳيان بيٺا هئاسين. اسان يارهن ٻارهن ٽوئرسٽ هئاسين، جن ۾ اڌ کان وڌيڪ گوري کل وارا يورپي مرد ۽ عورتون هيون ۽ ٽي چار کن اوسي پاسي جي ڪنهن آفريڪي ملڪ (ڪينيا يا يوگنڊا) جا هئا. مقامي ڪارن ۾ هڪ مرد ۽ ٻه نوجوان شيدي عورتون هيون جن مان هڪ سان گڏ ست اٺ سالن جو پُٽ ٻار هو. آئون ڪڏهن گورن سان ته ڪڏهن گهنڊي وارن وارن هنن ڪارن سان پئي هليس. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ هتي ايندو هوس ته سڀني ٽوئرسٽن ۾ آئون ننڍو هوندو هوس ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو وتندو هوس. اڄ آئون سڀني ۾ پوڙهو آهيان بلڪه تمام گهڻو پوڙهو وک وک سنڀالي کڻي رهيو هوس. کپندو ته مون کي اهو هو ته گهمڻ لاءِ نڪرڻ بدران پنهنجي هوٽل جي بالڪنيءَ ۾ ئي ڪرسي رکي، ان تي ويهي سامهون هندي سمنڊ جون ڇوليون ڏسي وقت گذاريان ها. پر ٺهيو، هاڻ اچي ويو آهيان ته هن گائيد ۽ نوجوان ٽوئرسٽن جون ڳالهيون ٻڌان... هونءَ به آئون اهو سوچي نڪتو آهيان ته منهنجو هي تاريخي جايون ڏسڻ جو آخري دفعو آهي. بلڪه زئنزيبار ۽ آفريڪا جي سرزمين تي هي آخري دفعو آهي. ايڏو پري نڪرڻ تي هاڻ دل نٿي چاهي. جيتوڻيڪ هيڏانهن اچڻ لاءِ هاڻ مون کي ڪو پورهيو نٿو ڪرڻو پوي. يعني ڏينهن رات جهاز هلائڻو نٿو پوي. هوائي جهاز ذريعي ئي اچڻو پوي ٿو يا هتان کان واپس ملائيشيا جي پاڻي واري جهاز ۾ ويندس ته هلائڻ وارا ٻيا هوندا. امان جي پڦاٽ حليم بروهيءَ جي ڳالهه ياد ٿي اچي. هو چوندو هو ته شادي سٺي شيءِ آهي پر هجي ڪنهن ٻئي جي. اسان فقط دعوتي ڀَتَ کائڻ وارا هجون. سو يارو سامونڊي سفر واهه جو آهي پر جهاز هلائڻ وارو ڪو ٻيو هجي. اسان فقط ڪئبن (ڪمري) ۾ ننڊون ڪندا بندرگاهه ۾ پهچي وڃون... بهرحال هاڻ هنن پَٽَن تي آئون وري اچان يا نه پر پڪ اٿم ته منهنجي پڙهندڙن مان ڪو نه ڪو ته هن پاسي نوڪري، گهمڻ يا واپار خاطر ايندو رهندو ۽ منهنجو هن پاسي جو لکيل هي احوال هن لاءِ رهنمائي ثابت ٿيندو، معلومات مهيا ڪندو ۽ ماضي جي ڄاڻ ڏيندو.
زئنزيبار جي هن گرجا گهر ۾ گهڙڻ کان اڳ ان جي ڀت تي لڳل بورد تي هن جاءِ بابت لکيل معلومات آئون ۽ اسان جي ٽولي جو هڪ ٻه ٻيو ڄڻو پڙهڻ لڳو. شيدي ٽوئرسٽن مان به هڪ عورت پڙهڻ لڳي... ان جي معنيٰ ته هوءَ واقعي ڪينيا، يوگينڊا، تنزانيا، نائيجيريا يا گهانا جهڙي ملڪ سان واسطو رکندڙ هوندي، جتي اسان جي ننڍي کنڊ وانگر انگريزن جو راڄ هو ۽ اها عورت انگريزي پڙهي آهي. موزمبق ۽ ائنگولا جا پورچوگالي ۽ ڪانگو پاسي جا شيدي فرينچ ٻولي ڄاڻن ٿا. گرجا گهر جي ٻاهران لڳل بورڊ تي سواحلي يا ٻي ڪنهن يورپي ٻوليءَ بدران فقط انگريزيءَ ۾ ئي لکيل هو:
Welcome to The Anglican Christ church cathedral
(The former slave market site)
You are now standing at the former slave market site. The world’s last open slave market and notorious place, where slaves from east and central Africa regions were brought and sold.
هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان. اسان جا ماڻهو - خاص ڪري يورپ پاسي جا اهو ئي سوچين ٿا ته آفريڪا مان جيڪي ماڻهو ڦاسائي کين غلامن طور وڪرو ڪيو ويو ٿي اهي سڀ جهنگلي هئا، جن کي سڌمت نه هئي. انهن غلامن بابت ڌارين کي اهوئي تصور آهي ته هو جانورن برابر هئا، جن کي ڪا سوچ نه هئي. پر حقيت اها آهي ته هو جهنگلن ۾ ضرور رهيا ٿي - هنن وٽ ان وقت جي دور جون موجود سهولتون نه هيون، پڪن گهرن بدران ڪکائين جهوپڙين ۾ رهيا ٿي، هنن جي جسم تي پورو پنو ڪپڙو نه هو پر ڳالهه اها آهي ته اهي هئا ته انسان. هنن وٽ اهي ئي سوچون، احساس، قرب محبتون ۽ نفرتون هيون، جيڪي انسانن ۾ ٿين ٿيون. انسان ته ڇا، هڪ جانور جا ٻچا توهان کڻو يا انهن کي تڪليف ڏيو ته اهو جانور به ٻاڪاري ٿو ۽ پنهنجن ٻچن کي حاصل ڪرڻ ڪارڻ توهان سان وڙهي ٿو. سو هنن شيدين کي ڏُک نه رسندو، جن جا ٻار Slave Hunters (غلامن جو شڪار ڪندڙ) کسي ٿي ويا. انهن پوڙهن ماءُ پيئرن جي دل درد کان دانهون نه ڪندي جن کي بندوقن جي زور تي زخمي ڪري، سندن جوان پُٽن ۽ ڌيئرن جي ڳچيءَ ۾ لوهي ڳٽ وجهي سندن گهرن مان ڇڪيو ويو ٿي. نائين ڏهين صديءَ تائين ته آفريڪا ۾ ايتري سجاڳي اچي وئي هئي، جو ڪيترائي اسلامي عالم پئدا ٿي ويا هئا. ڪيترن ئي هنڌن تي مسجدون ۽ مدرسا هئا. آئون ته هن انساني وڪِري کي عالمي جنگين، وبائن، ۽ ٻين ظلمن کان به وڏو ظلم ٿو سمجهان، جنهن ۾ پئسو ڪمائڻ خاطر ڪجهه انسان بيگناهه ۽ بي وس عورتن، مردن ۽ ٻارن کي رڍن ٻڪرين کان به بدتر حالت ۾ واڙي پورهئي وٺڻ لاءِ وڪِرو ڪيو ٿي. هڪ ته هنن کي پنهنجن مائٽن کان ڌار ڪيو ٿي ۽ ٻيو هنن کي غلام بڻايو ٿي، جن کي خريد ڪرڻ وارن اهو ئي سمجهيو ٿي، ته جيئن ته هي اسان جا زرخريد ٻانها آهن، ان ڪري انهن کان هر ڪم وٺڻو آهي. هنن انهن ٻانهن جي خيال رکڻ جي ڪابه جوابداري نٿي کنئي.
آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن غلامن کي ڏسجي ٿو ته اهي وچ آفريڪا ۽ اولهه آفريڪا جي غلامن کان وڌيڪ علم ۽ ڄاڻ رکڻ وارا هئا. 1500 ڌاري جڏهن پورچوگالين انڊيا جي ملبار ڪناري جي شهرن ڪوچين، ڪاليڪٽ، مندرا، ڪئمبي وغيره تي بمباريون ڪري بيگناهه ماڻهو ماري رکيا، ڪيترن جا ڪن ۽ نڪ ڪٽي ڇڏيا، واسڪو ڊاگاما ته حاجين جو سڄو جهاز ڦري ان ۾ موجود 500 کن حاجي مردن، عورتن، ٻارن کي جيئرو ساڙي ڇڏيو ته اسان کي ڪيڏو ڏک ٿيو هو. منهنجو مطلب اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي! پر اسان سڀ عوام توڙي حاڪم، راجا نواب سڀ مجبور هئاسين، جو پنهنجي ملڪ جي ڌرتيءَ تي چند ڌارين جو مقابلو نه ڪري سگهياسين، ڇو جو ڌارين وٽ اهي بم ۽ بندوقون هيون، جيڪي اسان وٽ نه هيون. اسان وٽ ائين بنا ڏوهه جي ماڻهن جي مرڻ تي ڇا اسان جي ماڻهن جي والدين، اولاد، ڀائر ڀينرن کي ڏُک نه ٿيو هوندو؟ ڇا انهن پورچوگالين کي پٽيو نه هوندو؟ پر پورچوگالين کي ڪَکَ جي به پرواهه نٿي ٿي ۽ سندن ملڪ جي ماڻهن توڙي انهن جي بادشاهه اهو ئي چئي پنهنجي هن ڪڌي عمل کي Justify ڪيو ٿي ته اهو چڱو ٿيو. انهن جاهل انڊين، انهن ڄٽ مسلمانن جو قتل عام ٿيو. ۽ ٻين ايندڙ پورچوگالين کي به اهو چيو ويو ته اڃا کين ماريو ۽ کانئن ڌرتي کسي پنهنجي حوالي ڪريو.
مون کي ته حيرت آهي ته اهي مٿيان ڪم سورهين صديءَ ۾ ٿيا پر 300 سال گذرڻ بعد به جڏهن يورپين غلامن جي وڪري کي ننديو پئي ۽ بندش پئي وڌي ته به اسان جي مسلمان حاڪمن اهو ڪم بند نٿي ڪيو! اوڀر آفريڪا ۾ شيدين کي ڦاسائڻ ۽ وڪرو ڪرڻ پويان اسان جي مسلمان عربن جو ئي ته هٿ هو! زئنزيبار جي سلطانن پنهنجي عياشيءَ جي پورت لاءِ هن ڪم جي خاتمي جو نالو نٿي ورتو. 1873ع ۾ غلامن جي وڪري جو چڱي طرح معاهدو ڪرڻ بعد به ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن تائين اهو ڪم لڪچوريءَ ۾ هلندو رهيو. ويندي انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ تي غلامن جي وڪري ۽ غلامن کي رکڻ تي پابندي هڻي ڇڏي، تڏهن به ڳجهه ڳوهه ۾ غلامن جي اچڻ، وڪري ۽ انهن کان ڪم وٺڻ جو سلسلو هلندو رهيو.

زهريلي مَکِ ۽ ماڻهن کي کنڀڻ جا طريقا

غلامن جي هن وڪري جي ڪاروبار ۾ هتي اها ڳالهه به لکندو هلان ته غلامن جو شڪار ڪرڻ لاءِ سئو ڏيڍ سئو کن ماڻهن جو قافلو ڪنهن سامونڊي ڪناري واري شهر، خاص ڪري باگامويو جهڙي بندرگاهه مان نڪتو ٿي ۽ آفريڪا جي اندروني حصن جو رخ ڪيو ٿي. مختلف هنڌن تان مختلف طريقن سان هنن واٽ ويندڙ شيدي مردن، عورتن ۽ ٻارن کي سوگهو ڪري زنجيرن ۾ قابو ڪيو ٿي. هي قافلا خرچ پکي مطابق ٽانگانيڪا ڍنڍ واري شهر اُجيجي (Ujiji) تائين هليا ويا ٿي، جيڪو شهر باگامويو کان 1250 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. اڄڪلهه پڪا رستا ۽ ڪارون بسون هجڻ ڪري 18 کان 20 ڪلاڪ لڳن ٿا پر اڄ کان ٻه صديون اڳ جڏهن هي قافلا نڪرندا هئا ته هنن کي پنڌ ۾ مهينو مهينو به لڳي ويندو هو.
قافلو ٺاهي سفر لاءِ نڪرڻ ته جتي ڪٿي عام هو. شاهراهه ريشم ذريعي يورپ کان ترڪي ۽ چين تائين قافلا هليا ٿي يا اتر آفريڪا جي ملڪن مصر، لبيا وغيره کان صحارا رڻ پٽ لتاڙي، مالي ۽ موريطانيا مان ٿيندي وچ آفريڪاجي ملڪن ۾ پهتا ٿي. انهن قافلن ۽ هيڏانهن اوڀر آفريڪا جي بندرگاهن: باگامويو، ميلندي، ممباسا ۽ دارالسلام کان اندروني آفريڪا ويندڙ قافلن ۾ اهو فرق هو جو شاهراهه ريشم تي ته ماڻهن گڏهن، خچرن، گهوڙن يا ڍڳي گاڏين ۾ سفر ڪيو ٿي يا صحرا ٽپڻ ۾ اٺن تي سواري ڪئي ٿي پر هيڏانهن اوڀر آفريڪا ڏي تسي تسي (Tsetse) مکين ڪري ماڻهن جانورن تي سواري ڪرڻ کان گريز ڪئي ٿي. هنن مکين جي زهريلي ڏنگ جانورن کي اڦٽ ماري ڇڏيو ٿي، ان ڪري هن پاسي سفر ڪندڙن کي ميلن جا ميل پنڌ هلڻو پيو ٿي. وڪڻڻ وارو سامان يا اندروني آفريڪا مان هاٿي جي ڏندن جهڙي ڳري سامان لاءِ سفر جي شروع واري شهر مان ڀاڙي تي مزور کڻي نڪرڻو پيو ٿي يا غلامن جي خريد ڪرڻ تي اهو سامان غلامن کان کڻائڻو پيو ٿي. شروع ۾ هي قافلا فقط عاج جهڙي وکر جي خريداريءَ ۾ سرگردان رهيا ٿي پر پوءِ غلامن جي وڪري جي اهڙي پِٽ پئي جو هر هڪ جي دلچسپي ان ۾ ٿي پئي. غلامن جي ڪاروبار مان ايڏي ڪمائي ٿيڻ لڳي جو خود شيدي وڏيرا ۽ سردار پنهنجي يا پرائي ڳوٺ جا ماڻهو جهلي هنن (غلامن جي واپارين) کي ڏنا ٿي. هن ڌنڌي ۾ آفريڪن، عربن، سواحلين (سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن ۾ رهندڙ عرب نسل جي شيدين) ۽ انڊين واپارين حصو ورتو ٿي. آفريڪي ماڻهن مزورن ۽ غلامن کي ڦاسائڻ جو ڪم ڪيو ٿي، اسان جي انڊين واپارين، سڀني کڻي نه ته به ڪيترن ئي ويندي اسماعيلين ۽ بوهرين به قافلي جو خرچ پکو مهيا ڪيو ٿي. يعني هن قافلي ۾ شامل ماڻهن جي کاڌي پيتي ۽ مزورن جي مزوريءَ ۾ Investment ڪئي ٿي ۽ پوءِ کين ان پئسو لڳائڻ تي فائدو يا نقصان نصيب ٿيو ٿي. سو اهو چئي سگهون ٿا ته انڊين Financiers هئا. عربن ۽ سواحلي ماڻهن اهو سڄو ڪاروبار هلايو ٿي يعني هو Organizers هئا... غلام خريد ڪري زئنزيبار جي غلام مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پهچايا ٿي ۽ خريدارن کي هنن جي ملڪن هند، سنڌ، ايران، عربستان ۽ ترڪي وغيره پنهنجين ٻيڙين ذريعي پهچائي ڏنا ٿي.
غلامن کي کنڀڻ لاءِ ڪيترائي طريقا استعمال ڪيا ويا ٿي. هنن کي واٽ ويندي جهليو ويو ٿي. سندن گهرن مان زوريءَ ڪڍيو ويو ٿي. ڪنهن شادي يا محفل ۾ بندوقن جي ٺڪا ٺوڪي ڪري ڊيڄاري سوگهو ڪيو ويو ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته قبيلن جي سردارن پنهنجي قبيلي يا دشمن قبيلي جي ماڻهن کي هنن واپارين حوالي ڪيو ٿي. ڪٿي ته هنن عرب واپارين رات جي پوئين پهر ۾ سڄي ڳوٺ تي حملو ڪري مرد توڙي عورتون ويندي ٻار، جيڪو جيڪو هٿ چڙهيو ٿي، ان کي سنگهرن ۾ سوگهو ڪيو ٿي. ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي بچي ويا ٿي اهي به سڄي عمر پنهنجن پيارن کي ياد ڪري رئندا رهيا ٿي. کنڀيل شيدي زئنزيبار پهچڻ تائين رستي تي مري ويا ٿي، يا زئنزيبار جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي پورهئي لاءِ ٻيڙين ۾ سٿجي مختلف ملڪن ڏي روانا ڪيا ويا ٿي.

غلامن جو وڪرو ۽ انساني احساس

عماني سلطان، سيد سعيد بن سلطان (جيڪو عمان توڙي زئنزيبار سلطنت جو 1806ع کان 1856ع تائين سلطان رهيو)، تنهن غلامن ذريعي زئنزيبار ٻيٽ تي 1820ع کان لونگن جي پوک جي شروعات ڪئي. هن کان اڳ لونگن ۽ ٻين مصالحن لاءِ يورپين کي انڊونيشيا ڏي وڃڻو پيو ٿي. سلطان کي لونگن جي فصل مان هر سال ايڏو ته ناڻو حاصل ٿيڻ لڳو، جو هن 1840ع ۾ پنهنجي سلطنت جي گادي مسقط (عمان) مان بدلائي زئنزيبار جي اسٽون ٽائون ۾ قائم ڪئي.
• واسڪو ڊاگاما پهريون يورپي هو، جيڪو پنهنجي ملڪ پورچوگال مان 1498ع ۾ نڪتو ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ آيو. ان بعد ڪئين سال رڳو پورچوگالي ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي آفريڪا جي اوڀر ڪناري پهچندا رهيا. هنن ائٽلانٽڪ سمنڊ مان هندي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جو رستو راز ۾ رکيو. پر اڌ صديءَ جي وڌيڪ جدوجهد بعد انگريز، ڊچ ۽ ٻيا يورپي به هن پاسي اچڻ جو رستو ۽ ڏانءُ سمجهي ويا. هنن به هن طرف جي موسمن، هوائن ۽ سامونڊي لهرن جي ڦيري گيري کي ڄاڻي ورتو.
• اوڀر آفريڪا جي بندرگاهن: ماپوتو، بيئرا، مئڊا گاسڪر، ممباسا، ميلندي، واتامو، مغديشو، ڪيسمايو لامو، باگامويو، ڪِل وا (Kilwa)، پيمبا، متوارا (Mtwara) وغيره ۾ يورپي داخل ٿيا. ان کان اڳ اتي غلامن جي خريد و فروخت جو سلسلو جاري هو. اهو ڪم مشرق واسطيٰ جي مختلف سلطنتن قائم رکيو هو.
• ان وقت ايرانين کي هي شيدي غلام پنهنجن جهازن تي خلاصين طور کتا ٿي، جيڪي انهن سڙهن تي هلندڙ ٻيڙن جا رسا ڇڪين، ضرورت وقت چپون هلائين، ٻيڙين جي ڪاٺائين جسم کي تيل مَلين، وغيره. ان کان علاوه ايراني نار سمنڊ مان موتي ڪڍڻ لاءِ هنن کان غوطا خورن جو ڪم ورتو ويو ٿي. عمان سلطنت وارن هنن شيدي غلامن کي پنهنجي فوج ۾ سولجر ڪري رکيو ٿي ۽ ڪنهن سان جنگ ٿيڻ جي موقعي تي هنن کي فرنٽ لائين ۾ ڌڪيو ويو ٿي. ميسوپوٽوميا (اڄ واري عراق) ۾ لوڻ جي کاڻين (Salt Pans) ۾ڪم ڪرڻ لاءِ هنن شيدي غلامن جي ضرورت پئي ٿي. گهر جي ڪم ڪارين لاءِ هنن غلامن کي کدڙو ڪري، لڳايو ويو ٿي. وڏن ماڻهن جنسي هوس پورو ڪرڻ لاءِ عورت غلامن کي خريد ڪيو ٿي.
• عاج، سون ۽ غلامن جي چڪر ۾ عرب سوداگر ڪنارو ڪنارو ڏئي سوماليه کان موزمبق وڃي نڪتا ٿي ۽ پوءِ آهستي آهستي هو هن اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لڳا ۽ مقامي حبشي (ڪارن) ماڻهن سان تعلق رکڻ لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪو ڪلچر ۽ ماڻهو پيدا ٿيا اهي سواحلي (Swahili) سڏجڻ لڳا. سواحلي عربي جي لفظ ساحل (يعني ڪنارو) مان جڙيو آهي. هنن جي سواحلي ٻوليءَ ۾ بنتو ۽ عربي ٻولين جا لفط جام آهن. زئنزيبار ٻيٽ تي ته جيڪا سواحلي ڳالهائجي ٿي ان ۾ ته هندي ۽ گجراتيءَ جا به ڪيترائي لفظ آهن جيئن ملئي ۾ سنسڪرت ۽ تامل جا لفظ آهن.
• ارڙهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ - يعني 1750ع کانپوءِ غلامن جي وڪري جو ڪاروبار نه رڳو وڌي ويو پر Organise نموني سان هلڻ لڳو. عاج (هاٿيءَ جي ڏندن) جي به وڏي ڊمانڊ هئي، جنهن لاءِ پڻ غلامن جي ضرورت پئي ٿي، جيڪي اهي ڏند (Tusks) جهنگلن مان ڪلهن تي کڻي سمنڊ جي ڪناري واري بندرگاهه - خاص ڪري باگامويو، ممباسا، يا ميلندي ۽ ڪيسمايو ۾ پهچائين.
• ان بابت ته پهرين ئي لکي چڪو آهيان، ته آفريڪا جي هن حصي ۾ Tse Tse زهريلي مک ڪري جانورن کي استعمال ڪرڻ کان گريز ڪئي وئي ٿي. هن مک جو خاص شڪار جانور ٿين ٿا. ان ڪري ڪوشش ڪري هرهڪ کي بنا ڪنهن سواريءَ جي پنڌ هلڻو پيو ٿي ۽ هنن مکين جي چڪ کان پاڻ بچائڻو پيو ٿي.
• زئنزيبار جي سلطان جاوا سماترا ۾ لونگن جي اگهه جو ٻڌي زئنزيبار ۽ پيمبا ٻيٽن تي لونگن جي پوک شروع ڪئي، جنهن جي سارسنڀال لاءِ وڏي محنت ۽ پورهيو ٿو کپي، جيڪو غلامن کان ورتو وڃڻ لڳو.
• آمريڪا کنڊ جي خبر پئجي چڪي هئي، جتي جي ڌرتيءَ تي يورپي قبضو ڪري جهنگل کي صاف ڪري مختلف فصل پوکڻ ۽ کاڻين مان مختلف ڌاتو هٿ ڪري پنهنجي ملڪ موڪلي رهيا هئا. ان ڪم لاءِ هنن کي مفت جيِ ۽ طاقتور مزورن جي ضرورت پئي. هو اها ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ آفريڪا جي اولهه واري ڪناري کان غلام گهرائڻ لڳا. اهو سلسلو جڏهن ڊگهو هليو ته برطانيا وارن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هنن غلامن جي جهازن کي آفريڪا جي اولهه ڪناري کان آمريڪا وڃڻ کان رستا روڪ ڪئي. برٽش نيول (جنگي) جهاز آفريڪا جي ملڪن نميبئا ۽ ائنگولا وٽ ڦرندا رهيا جيئن پورچوگالين جي هنن ڪالوني ملڪن کان جن تي پڻ پورچوگالين جو قبضو هو غلام برازيل ڏي نه وڃن.
اها ڳالهه ڌيان ۾ رکي برازيل جي پورچوگالي جاگيردارن ۽ واپارين ڪيپ آف گڊ هوپ جي ٻئي پاسي آفريڪا جي اوڀر ڪناري کان، خاص ڪري موزمبق کان، جنهن تي پورچوگالين جو 1500ع کان قبضو هو، غلام گهرائڻ شروع ڪيا، جنهن ڪري آفريڪاجي اوڀر ڪناري تي غلامن جو وڪرو ايترو ته وڌي ويو، جو زئنزيبار ۽ ممباسا کان ماپوتو ۽ بيئرا تائين هر سال 50 کان 60 هزار شيدي غلام ايڪسپورٽ ٿيڻ لڳا.
• انهيءَ دوران فرينچن پنهنجي قبضي ۾ آندل ٻيٽن موريشس ۽ ري يونين (Reunion) تي ڪمند (کنڊ لاءِ) ۽ ڪافيءَ جي پوک شروع ڪئي. هن ڪم لاءِ يعني جهنگ صاف ڪرڻ ۽ پوک لاءِ هنن کي غلامن جي ضرورت پئي ٿي، جيئن انهن کان مفت ۾ پورهيو ورتو وڃي. مٿيان ٻيٽ اوڀر آفريڪا پاسي آهن ۽ هنن به زئنزيبار مان غلام گهرايا ٿي.
• ڪجهه مقامي حبشي ۽ عرب سوداگر غلام ڦاسائڻ ۽ سپلاءِ ڪرڻ لاءِ بيحد مشهور ٿيا جن غلامن جي وڪري ۽ مقامي ماڻهن تي حملو ڪري انهن کي غلام بڻائڻ لاءِ ڪجهه رياستون ٺاهي رکيون هيون. انهن سڀني ۾ غلامن جو وڏو سوداگر حامد بن محمد هو، جيڪو ”تيبو تيب“ جي نالي سان مشهور هو. تيبو تيب سواحلي عرب سوداگر جو پٽ هو ۽ سندس ڏاڏو شيدي غلام هو، جنهن بعد ۾ عرب عورت سان شادي ڪئي.
• تيبو تيب جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان. هو زئنزيبار ۾ ڄائو هو ۽ زئنزيبار جو امير ترين ۽ طاقتور سوداگر ٿي گذريو آهي، جنهنجي بزنيس جو علائقو سمنڊجي ڪناري کان هڪ هزار ميل کن اندروني جهنگلي علائقن تائين هليو ٿي.
• گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن کي اغوا ڪري جڏهن هنن جي ڳچين ۾ لوهي ڳٽ (ڇلا) وجهي سنگهرن سان قابو ڪيو ويو ٿي ته ان وقت ئي ڪيترا ئي آزاد انسان غلام بڻجڻ جي خوف کان ۽ ڳچيءَ ۾ پيل لوهي ڳٽ جي تڪليف کان مري ويا ٿي. زندهه بچيلن کي اتان پوءِ سمنڊ جي ڪناري تائين سوين ميل پنڌ ڪرائي اچڻ ۾ به ڪيترا مري ويا ٿي، جو هنن کي ميلن جا ميل اڌ بک اڌ ڍءُ تي پيرين پنڌ هلڻو پيو ٿي.
• زئنزيبار ڇڏڻ وقت ڪيترا پنهنجي ڌرتيءَ کان ڏور ٿيڻ تي مايوس ٿي ويا ٿي ۽ سخت مايوسيءَ جي حالت ۾ ڪيترن خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي ٿي. زئنزيبار کان انڊيا يا ايران ۽ عمان پهچڻ وارا ٽي چار هفتا هنن کي ٻيڙين ۾ هنن لاءِ وقف ڪيل جاءِ ۾ سوڙهو ٿي ويهڻو پيو ٿي. هنن جو اتي ئي هنگڻ مُٽڻ ٿيو ٿي. گندگي ۽ پاروٿي ماني کائڻ ڪري ڪيترا بيمار ٿي رستي تي ئي مري ويا ٿي. هڪ انسان ڀلي کڻي پڙهيل ڳڙهيل نه هجي پر هو سوچڻ جي طاقت ته رکي ٿو ته آخر هن کي ڪهڙي ڏوهه ۾ مائٽن مٽن کان ڇني، ڏيهه نيڪال ڪيو پيو وڃي ۽ منزل تي پهچڻ تي هن سان جانور کان به خراب سلوڪ ڪيو ويندو!
ظاهري طرح ته 1873ع ۾ کڻي طاقت رکندڙ سلطانن، امير سوداگرن ۽ عرب واپارين معاهدن تي صحيحون ڪيون ته هاڻ ڪنهن کي غلام نه بڻائينداسين - يعني ڪنهن ڪمزور سان ظلم ڪرڻ کان گريز ڪنداسين پر حقيقت ۾ ڇا ائين ٿي چڪو آهي يا نه؟ هن ڪتاب جون هي سٽون پنهنجي وطن مان لکي رهيو آهيان.... چند منٽ اڳ ٽي وي تان خبرون ٻڌي رهيو هوس ته ڳوٺن ۾ چوڌاري بارش جو گندو پاڻي هفتو گذرڻ بعد به موجود آهي ۽ ماڻهو صاف پاڻيءَ لاءِ سڪي رهيا آهن. ان بعد شايد بدين جي هڪ وڊيو ڪلپ ڏيکاري وئي جتي گهرن اڳيان بيٺل گندي پاڻيءَ ۾ هڪ ست اٺ سالن جو ڇوڪرو پنهنجي خوبصورت ڪڪڙ کي پيار مان ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو آهي. ڪڪڙ مري چڪو آهي جو هن جي ڳچي لڙڪي رهي آهي. ننڍڙو نينگر وقت جي حاڪمن کي روئڻهارڪي لهجي ۾ چئي رهيو آهي ته اسان جي پيئڻ لاءِ ڇو ههڙو گندو پاڻي آهي؟ هي پاڻي ڪڍي اسان کي ڪو ڀلو پاڻي ڏيو. منهنجو ڪڪڙ هي بدبودار پاڻي پي مري ويو آهي... ڇا توهان چاهيو ٿا ته توهان بوتلن وارو پاڻي پيو ۽ اسان جا ڍور ۽ اسين غريب هي ردي پاڻي پي مري وڃون - جيئن منهنجو دلبر ڪڪڙ مري ويو آهي... !
ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي ڳوٺن جهڙا بدنصيب ڳوٺ ۽ اسان جهڙا بي حس حاڪم اڄ جي دور ۾ آفريڪا ۾ به نه هوندا، جتي سئو سال اڳ تائين اتي جي عماني سلطانن انسان ذات سان ظلم ۽ ناانصافيون ڪيون ٿي.

ظلم جا داستان

ڏيڍ سئو سال کن اڳ تائين زئنزيبار ۾ غلامن جي وڪري جي هيءَ مارڪيٽ (Slave Market) جنهن جي مٿان هاڻي يعني 1873ع کان ڪيٿيڊرل (گرجا گھر) ٺهيل آهي، اها ڏسڻ بعد اسان جي گائيڊ جو ٻارهن ڄڻن جو ٽولو اچي هُن جي مِني بس اڳيان بيٺو. گائيڊ اسان کي ٻي ڪا تاريخي جاءِ ڏيکارڻ کان اڳ چانهه يا ڪافي پيارڻ ٿي چاهي. دل ۾ چيم اهو واهه جو نيڪ ڪم ٿو ڪرين. اسان جهڙين مسترين موالين لاءِ چانهه کان ڀلا ٻي ڪهڙي شيءِ ٿي سگھي ٿي! صبح کان هلي هلي ٿڪجي پيا آهيون، ڪجهه دير آرام به ٿي ويندو. هو اسان کي پنهنجي مِني بس ۾ حيدرآباد جي ”ڪيفي جارج“ جهڙي هڪ ريسٽورنٽ ۾ وٺي آيو، جيڪا هڪ ٻه ماڙ بلڊنگ جي ڪنڊ تي هئي. خبر ناهي حيدرآباد ۾ ڪيفي جارج ۽ اي ون ريسٽورنٽ جهڙيون ٻيون ايراني هوٽلون اڃا آهن يا نه پر زئنزيبار ٻيٽ جي هن گادي واري شهر “اسٽون ٽائون” جو هي حصو مون کي حيدرآباد جو هيرآباد وارو علائقو لڳندو آهي - يعني اهو هير آباد جيڪو مون اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ ننڍي هوندي ڏٺو هو. آخري دفعو آئون دادي ليلان سان ملڻ لاءِ هن جي هيرآباد واري گھر ويو هئس.
ريسٽورنٽ ۾ گراهڪن جي ويهڻ لاءِ وڪٽورين اسٽائل جا چار وڏا ٽيبل هئا، جنهن مان هر هڪ جي چوڌاري ڇهه ڄڻا پر جي ٻه ٻيون ڪرسيون رکجن ته اَٺَ ڄڻا ويهي سگھن. اسان يارهن ڄڻا هئاسين، ڇهه ڄڻا يورپ جي ڪنهن هڪ يا ٻن ملڪن جا گورا هئا، جن هڪڙو ٽيبل والاريو. ٻئي تي هن تر جا شيدي ويٺا جن ۾ ٻه ڄڻا نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري دوست ڪينيا يا يوگنڊا جا هئا ۽ هڪ پنجويهه ٽيهه ورهين جي تنزانيا جي ماءُ پنهنجي ستن ورهن جي پٽ سان هئي. مون هوٽل ۾ گھڙڻ سان واش روم جو پڇرايو. تڏهن ته چوندو آهيان ته وڏي عمر ۾ سفر تي نه نڪرجي جو باوجود ڪوشش جي هن عمر ۾ ڊائبٽيز ٿيو پوي. ان کان سواءِ Prostate Gland جي وڌڻ ڪري به هر هر پيشاب لاءِ وڃڻو پوي ٿو. شيدين جي پراڻي هوٽل هئي، پر هر شيءِ ڇا صاف سٿري هئي... صاف سٿرا واش بيسن ۽ يورينر، صاف سٿرا سفيد ٽوال... سفيد ٽائيلن وارو فرش ۽ ڀتيون... هر شيءِ سفيد نظر اچي رهي هئي، سواءِ گھنڊي وارن واري ڪاري حبشڻ جي جيڪا واش روم کي فنائل جي پاڻيءَ سان پوچو ڏئي رهي هئي.
هٿ منهن ڌوئي ٻاهر آيس. هونءَ ته منهنجو ارادو هو ته ان يورپي ٽولي سان گڏ ويهي انهن کان خبر چار وٺجي ته هو ڪٿي جا آهن ۽ هنن جا هن ٻيٽ زينريبار ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ ڇا خيال آهن؟
هتي جي شيدي ٽوئرسٽن سان ته هن ٽوئر دوران هڪ ٻه دفعو ”هيلو هاءِ“ ڪري چڪو هئس. هاڻ گورن سان خبرچار ڪرڻ ٿي چاهيم. پر هڪ ته گورن جو ٽيبل فل هو ٻيو ته منهنجي ٽولي وارا ٽئي شيدي چوٿون ٻار چانهه جي ڪوپ ۾ بسڪيٽ ٻوڙي کائي رهيا هئا. مون کي اها ڳالهه وڻي ۽ وڃي سندس پاسو ورتم. جڳ جيڏي ڪٽليءَ مان پنهنجو مڳ جيڏو ڪوپ ڀري آئون به پنهنجي پليٽ ۾ رکيل ڇهه ميري بسڪيٽن مان هڪ هڪ ڪري چانهه ۾ ٻوڙي ڇهه ئي چٽ ڪري ويس. نينگر جي ماءُ جيڪا منهنجي ڀرواري ڪرسيءَ تي ويٺي هئي، تنهن پڇيو ته ڪهڙي ملڪ کان آيو آهيان؟“
آئون ڏاڍو شڪي ٿيس. مون کي اوچتو اهو لڳو ته هن مون کي چانهه ۾ بسڪيٽ ٻوڙي کائيندو ڏسي پڇيو آهي ته هي بد افعالو ڪهڙي ملڪ جو آهي. پر پوءِ هڪدم محسوس ڪيم ته هن ان خيال کان نه پڇيو آهي. اهو ساڳيو ڪم ته هنن به پئي ڪيو. بلڪه گھڻي دير ٻوڙڻ ڪري هن جو هڪ بسڪيٽ ته آلو ٿي ڪوپ ۾ به ڪري پيو هو، جنهن جا ٽڪرا هن چمچي سان ڪڍي کاڌا. هن درويش مون کان ائين ئي خير عافيت خاطر پڇيو آهي جو هو ته ٿيا هتي جا، آئون مهمان ٿيس.
مون هنن کي ٻڌايو ته ”ملائشيا کان آيو آهيان. سڀاڻي يا پرينءَ دارالسلام ۾ ملائشيا ڏي ويندڙ جهاز لنگرانداز ٿيندو جنهن ۾ آئون واپس هليو ويندس.“
هن ٽوئر دوران پني تي نوٽس لکندو ڏسي هن ٻيو سوال ڪيو ته آيا آئون آرڪالاجسٽ آهيان؟
”نه. ٽيچر آهيان” وراڻيم.
“زئنزيبار ۾ پهريون دفعو آيا آهيو؟”
“نه هي چوٿون دفعو آهي”.
“پهريون دفعو ڪڏهن آيائو” نينگر جي ماءُ پڇيو.
“تڏهن تنهنجو پٽ ته ڇا پر تون به نه ڄائي هوندينءَ. اهو سال 1970 جي لڳ ڀڳ هو”.
“لڳي ٿو زئنزيبار ٻيٽ توهان کي وڻي ٿو”. هن پڇيو.
سڀ واندا ته ويٺا هئاسين. اسان وارو گائيڊ اسان کي چانهه تي ويهاري پاڻ وري ڪنهن ٻئي گروپ کي Slave Chambers يا Slave Market ڏيکارڻ هليو ويو هو. سو اسان سندس اچڻ تائين وقت پاس ڪرڻ لاءِ خبرون چارون ڪندا رهياسين. ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا ۾ انگريزن جي حڪومت هئي، ان ڪري هنن ملڪن جا ماڻهو سواءِ ايدي امين جي سٺي انگريزي ڳالهائين ٿا. ڇوڪري جي ماءُ ٻڌايو ته هوءَ بئنڪ ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ ويڪ اينڊ جون موڪلون گذارڻ لاءِ دارالسلام کان آئي آهي. سندس مڙس کي ڪجھه ڪم ٿي پيو سو شام واري فيريءَ ۾ هتي پهچي ويندو.
هن جي پڇڻ تي ته آيا مون کي زئنزيبار ٻيٽ وڻي ٿو يا نه؟ مون جواب ۾ ها ۽ نه چيومانس. يعني وڻي به ٿو ته نه به وڻي ٿو.
“ڇو ڀلا؟” هن حيرت مان پڇيو.
“هتي جي موسم، ثقافت، ماحول، کاڌا پيتا ۽ چوڌاري سمنڊ جو ڪنارو، هر گھٽي ۾ نظر ايندڙ دنيا جا ٽوئرسٽ، هن ٻيٽ کي بين الاقوامي ٽچ ڏين ٿا. ماڊرن هوندي به پرسڪون ۽ خاموش آهي. پنهنجي کنڊ جا ماڻهو، ريسٽورنٽون، مسجدون ۽ مدرسا ڏسي ’هوملي‘ محسوس ڪريان ٿو پر.... ” آئون چپ ٿي ويس.
“پر ڇا؟ چئو. توهان ڪجھه چوڻ چاهيو ٿا...”
“ها، شروع ۾ آئون ايندو هئس ته آئون تاريخ ۽ ماضي کان اڻ ڄاڻ هئس. هتي جي گھٽين ۽ پارڪن ۾ چڪر هڻي، سينيما هالن ۾ انڊين فلمون ڏسي، انڊين ريسٽورنٽن ۾ ماني کائي ٽهڪ ڏيندو هليو ويندو هئس... مون کي هتي جي تاريخي جاين سان نه دلچسپي هئي ۽ نه ان سان واسطو رکندڙ ڪهاڻين جي ڄاڻ....”
“ ۽ هاڻ ڪهڙي ڳالهه ڊسٽرب ڪري ٿي؟“ ٻار سان گڏ ويٺل حبشي نوجوان عورت پڇيو.
“هاڻ هي غلامن جي وڪري جي مارڪيٽ يا غلامن کي قيد رکڻ جا چئمبر، غلامن جي وڪري مان حاصل ڪيل پيسي مان سلطانن جا هي محل ڏسي مون کي هتي جي مقامي شيدين سان ٿيل ظلمن ۽ برباديءَ جو احساس ٿئي ٿو... مون کي احساسِ جرم ستائي ٿو...”
“پر انهن ظلمن ۾ توهان ته ڀاڱي ڀائيوار نه هئائو. هي انسانن کي وهٽن وانگر وڪڻڻ ۽ انهن کان پورهيو وٺڻ جو ظلم ته اسان جي مسلمان سلطانن ۽ عرب ۽ انڊين سوداگرن ٿي ڪيو، جن کي هي جهان ڇڏيندي به هڪ ڏيڍ صديءَ کان مٿي ٿي ويو”. هن چيو.
“صحيح ٿيون چئو، پر ڪي ڏوهه اهڙا هوندا آهن، جن ۾ ماڻهو کڻي سنئون سڌو Involved نه هوندو آهي پر اڻ سڌيءَ طرح هو احساسِ جرم محسوس ڪندو آهي...”
مون هنن کان مذهب پڇيو ته هنن ٻڌايو ته هو به مسلمان آهن. ”ڇا مون لاءِ اها شرم جي ۽ ڏک جي ڳالهه ناهي ته هن ظلم ۾ اسان جا مسلمان عرب حاڪم توڙي اسان جي ننڍي کنڊ جا واپاري جن هونءَ ته مدرسا ۽ مسجدون ٺهرائي پنهنجي نيڪ هجڻ جو ڏيک ٿي ڏنو ۽ پنهنجا عياشيءَ سان پُر محل ۽ بنگلا، ڪارخانا ۽ ڪوٺيون ڏيکاري پنهنجي شان جو اظهار ٿي ڪيو پر ان لاءِ پيسو هنن ڪيئن ٿي هٿ ڪيو؟ ٻين جا ٻچا، ٻين جا والدين، ٻين جون ڀينرون ڀائر کسي هنن کي رڍن ٻڪرين وانگر وڪڻي، حاصل ٿي ڪيو. جانورن کي ڇڪڻ لاءِ به انهن جي ڳچيءَ ۾ نرم رسو ٻڌجي ٿو، هتي اهو سوچي ته متان هي ڀڄي نه وڃن هنن کي ڳچين ۾ ڇا لوهي Wrought Iron جا ڪڙا چاڙهيا ويا ٿي ۽ هنن کي ڪيڏي بي شرميءَ سان اگھاڙو ڪري سندن جسم سان ڪريل قسم جون حرڪتون ڪري خريدارن کي مال جي بهتر هجڻ جي ساک ڏني وئي ٿي. ٻيو ته ٺهيو ننڍن ٻارن کي به نٿي بخشيو ويو...”
آئون سوچيندو آهيان ته بازار جي رش ۾ رڳو ڪجھه منٽن لاءِ ٻار هيڏانهن هوڏانهن ٿئي ٿو ته مائٽ ڪيڏو پريشان ٿيو وڃي. هتي مائٽن اڳيان ننڍن ٻارن جو وڪرو ٿيو ٿي، ان بعد ماءُ کي ڪنهن عرب سوداگر خريد ڪري ترڪيءَ ويندڙ جهاز ۾ چاڙهيو ٿي ته پيءُ کي عمان ته ٻار ڪن ٻين غلامن سان انڊيا يا ايران هليا ويا ٿي! هرڪو پنهنجي دل تي هٿ رکي پنهنجي ٻچن جو سوچي. آئون ته پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن شيديءَ کي ڏسندو آهيان ته ڏک ٿيندو آهي ته هن جي ڏاڏي، پڙ ڏاڏي ۽ ان جي ٻين مائٽن ڇا ڇا ظلم سٺا! Peak ٽائيم ۾ چون ٿا ته هر سال 50 هزار کان مٿي غلام زئنزيبار مان ايڪسپورٽ ڪيا ويا ٿي ۽ اهي به انگ اکر موجود آهن ته آفريڪا جي اندروني حصن مان جيترا اغوا ڪيا ويا ٿي يا مال جي بدلي مال ۾ آفريڪي قبيلن جي سردارن کان خريد ڪيا ويا ٿي انهن کي سامونڊي ڪناري تائين پهچائڻ ۾، ان بعد زئنزيبار جي Slave Chambers ۾ بک، اڃ بدبوءِ ۾ ٽي ڏينهن کن رهڻ ۾ ۽ ان بعد نيلام ٿيڻ تي مختلف جهازن ۾ انڊيا، ايران، عمان پهچڻ تائين اڌ کان به گھٽ وڃي بچندا هئا ۽ پوءِ وري اتي وڪرو ٿيڻ لاءِ ڇا ته بي شرميءَ جو اشتهار لڳايو ويو ٿي يا شهر ۾ پڙهو گهمايو ويو ٿي ته فلاڻي ڏينهن تي زئنزيبار کان آيل ڪارگو، جنهن ۾ پنجاهه سٺ صحتمند ۽ ڪم جا شيدي غلام آهن، انهن جو وڪرو ٿيندو. انهن غلامن ۾ هيترا مرد، هيتريون عورتون ۽ هيترا ٻار آهن. پنهنجي پسند سان اچي خريد ڪجو. خريداريءَ بعد مال جي واپسي هرگز نه ٿيندي...
”انسان ذات جي ان کان وڌيڪ تذليل ٻي ڇا ٿيندي؟ ان ذلالت ۽ حرام جي پئسي ڪمائڻ ۾ اسان جا مسلمان سلطان، عرب ۽ انڊين سوداگر ۽ توهان جا شيدي سردار سڀ شامل هئا، جن پنهنجن گھرن کي محل بڻائڻ لاءِ ڪنهن جا معصوم ٻچا به بخش نٿي ڪيا... “
مون ڏٺو ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل ماءُ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هن پنهنجي ڇهن ستن سالن جي پٽ کي زور سان ائين کڻي ڀاڪر پاتو ڄڻ هن کان ڪو کسي ٿو.
“تنهن جي پٽ جيڏو هڪ ٻار سڃاڻان، جيڪو هتان زئنزيبار مان 1806ع ڌاري روانو ڪيو ويو هو ۽ هن جي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ان علائقي يعني سنڌ ۾ گذريا، جتي منهنجو به ڳوٺ آهي...”
هوءَ ۽ ٻيا ساٿي منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي رهيا هئا ۽ انهن شايد ان ڇهن سالن جي شيدي ڇوڪري بابت به ٻڌڻ چاهيو ٿي پر ايتري ۾ اسان جو گائيڊ اچي ويو ۽ اسان کي تڪڙو تڪڙو بس ۾ ويهڻ لاءِ چيو جو ڪافي دير ٿي چڪي هئي...
گائيڊ اسان کي لونگن جي پوک ڏيکارڻ لاءِ شهر کان ٻهراڙي واري علائقي ڏي وٺي هلڻ ٿي چاهيو پر آئون پنهنجي طبيعت ۾ مزو نه سمجھي پنهنجي هوٽل وٽ لهي پيس. مون ڏٺو ته منهنجي جدا ٿيڻ تي شيدي سياح افسوس ڪندا رهيا ۽ مون کي آخرتائين چوندا رهيا ته “Sir, why Don’t you accompany us….”

مسافر جي ڪهاڻي، سندس زباني

پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ ڇهين يا شايد ستين ڪلاس ۾ هوس ته سنڌيءَ ۾ لکيل جاگرافيءَ جو ڪتاب پڙهيو هئم. ان سال بعد ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ويس جتي پڻ جاگرافي منهنجو دلپسند سبجيڪٽ هو. ايتري قدر جو ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ آپشنل طور اهو سبجيڪٽ کنيو هئم. پيٽارو جي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسان جي ڏينهن ۾ سڄي پاڪستان مان چونڊيل شاگرد هئا، ويندي هڪ ٻه مشرقي پاڪستان جا به هئا، جيڪو هاڻي بنگلاديش آهي. اتي هر سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهايو ويو ٿي، ويندي جاگرافي به.
ميرين انجنيئرنگ بعد جيئن ئي جهاز جي نوڪري ڪيم ته مون سنڌيءَ ۾ سفرناما لکڻ شروع ڪيا، پر مون لاءِ مختلف جاگرافيائي شين جا سنڌيءَ ۾ نالا لکڻ مشڪل ٿي پيو، جيئن ته پرشن گلف، بي آف بنگال، ملاڪا اسٽرئٽ وغيره وغيره. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مون کي هڪ حل سمجھه ۾ اچي ويو. جهاز ڪراچيءَ لنگر انداز ٿيو ۽ ڳوٺ ويس ته پهريون ڪم ڇهين ڪلاس جو جاگرافيءَ جو ڪتاب ورتم، جيڪو 1956ع ۾ هالا ۾ پڙهيو هئم. مون هن ڪتاب کي سامونڊي سفر دوران وري پڙهيو ۽ مختلف شين جا نالا ۽ وصفون چڱي طرح ياد ڪيم. قمر شهباز ۽ شمشير الحيدري جهڙن اديب دوستن کي چيم ته يار هن جاگرافي ڪتاب جي مصنف محمد صديق “مسافر” واهه جا سنڌيءَ جا ٺيٺ لفظ استعمال ڪيا آهن ۽ واهه جو سهڻي نموني سان سمجھايو اٿس. مون کي ياد آهي هنن کِلندي چيو هو ... “جيتوڻيڪ سندس مادري ٻولي سنڌي نه هئي... هن جا وڏا آفريڪا جي خبر ناهي ڪهڙي جھنگلي ملڪ مان آيا هئا...”.
پڙهندڙن لاءِ هتي نموني خاطر ڪجھه جاگرافيائي ٽرمس لکان ٿو، جيئن هنن کي محمد صديق صاحب جي قابليت جي ڄاڻ ٿي سگھي.
جبل، ٽڪر، ماٿري، ندي، ٻيٽ، ڍنڍ، ان بعد ڦاٽ ۽ واهه لاءِ لکي ٿو ته: “ڦاٽ” ندي يا درياءَ مان ڪا پاڻيءَ جي شاخ پاڻهي ڦاٽي نڪري وهندي رهي ته اهڙي شاخ کي ڦاٽ چئبو آهي، جيئن ڦليلي ڦاٽ. واهه: ڪنهن درياءَ يا ڦاٽ مان پاڻيءَ جي شاخ ماڻهو کوٽائي وهائين، ته اهڙي شاخ کي واهه چئجي، جيئن واڌو واهه.
اهڙي طرح ميدان يا ماٿري ۽ جبل جي چوٽي سمجھائڻ بعد “ڀِٽ” لاءِ واريءَ جو قدرتي ڍڳ لکي ٿو ۽ “ڏهر” ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿري مثل هيٺاهين زمين کي ڏهر سڏجي. نديءَ جي منهن، پيٽ ۽ ڇوڙ بابت لکڻ بعد ٻيٽ، اپ ٻيٽ ۽ اپسمنڊ بابت لکي ٿو. ٻيٽ کان ته هر ڪو واقف آهي، اپ ٻيٽ لاءِ محمد صديق صاحب لکي ٿو ته “اپٻيٽ زمين جو وڏو ڀاڱو آهي، جنهن کي ٽن پاسن کان پاڻي ۽ چوٿين پاسي کان زمين هجي ته ان کي اپٻيٽ سڏجي ٿو”. ان جو مثال آئون هميشه منهوڙي جو ڏيندو آهيان، جيڪو ٻيٽ سڏجي ٿو پر آهي اپٻيٽ، ڇو جو هن جي هڪ پاسي خشڪي پڻ آهي. توهان منهوڙي کان باءِ روڊ سئنڊس پٽ ۽ ماڙي پور پهچي سگھو ٿا.
اهڙي طرح اپسمنڊ، راس، نار، ڳچي سمنڊ ۽ ڳچي ڌرتي سمجھائي آهي. راس لاءِ لکي ٿو ته زمين جو سوڙهو ڀاڱو جيڪو سمنڊ ۾ پيهي وڃي ان کي راس سڏجي ٿو. ۽ پاڻي جو سوڙهو ڀاڱو جيڪو زمين ۾ داخل ٿي وڃي ته ان کي نار سڏجي ٿو. پاڻيءَ جو سوڙهو ڀاڱو جيڪو پاڻيءَ جي ٻن وڏن ڀاڱن کي پاڻ ۾ ڳنڍي تنهن کي چئجي ڳچي سمنڊ. ان سلسلي ۾ آئون هميشه ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) جو مثال ڏيندو آهيان. هي سوڙهو ڳچي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي ملائي ٿو. هن ڳچي سمنڊ جي هڪ پاسي ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ آهي ته ٻئي پاسي سماترا - انڊونيشيا جي زمين.
مون سان گڏ ڪيترن ئي جهازن تي منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مختلف پوسٽن تي Sail ڪيو آهي. هو اڪثر مختلف هنڌن تي مثال طور هرمز ڳچي سمنڊ (جيڪو ايراني نار ۽ عمان نار کي ڳنڍي ٿو) يا جبرالٽر ڳچي سمنڊ مان لنگھندي جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ميڊيٽرينن سمنڊن کي ملائي ٿو، يا انگلينڊ ويندي Bay of Biscoy سمنڊ ۾ يا ڪڇ گجرات وٽ Gulf of Khanbat واري سمنڊ ۾ يا آمريڪا پهچندي گلف آف ميڪسيڪو ۾ داخل ٿيندي مون کان Peninsula, Isthmus, Gulf, Bay يا Strait جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ پڇندو هو ته آئون چوندو هوسانس ته ان جو ڪريڊٽ مون کي نه پر سواحلي / حبشي محمد صديق کي ڏي جنهن جي جاگرافي واري ڪتاب مان مون ڄاڻ حاصل ڪئي آهي.
هڪ دفعي اسان جو جهاز ناروي وڃي رهيو هو. اتي جي هڪ فيورڊ Lyse Fjord وٽان لنگھندي ڪئپٽن مخدوم چيو: “سرڪار! توهان جو محمد صديق مسافرصاحب Fjord لاءِ سنڌيءَ جو ڪهڙو لفظ ٻڌائي ٿو”.
“ڳالهه اها آهي ته خليج، نار، راس، ڳچي سمنڊ وانگر ڪا فيورڊ Fjord به پنهنجي تر ۾ هجي ها ته هو ان لاءِ سنڌي لفظ ٻڌائي ها. هي فيورڊ جنهن کي پاڻ جهازي مڪراني اسٽائل ۾ کاڙي سڏيون ٿا، هتي ناروي ۾ ئي آهن”.
Fjord در اصل برفاني جبلن جي وچ ۾ گھڙي ويندڙ سامونڊي رستو آهي. ناروي جو اتراهون ڪنارو، اهڙين کاڙيلن (Fjords) سان ڀريو پيو آهي.
محمد صديق صاحب جنهن جي نالي سان گڏ “مسافر” به لکندو اچان، در اصل اهو هن جو تخلص هو، محمد صديق صاحب شاعر به هو ۽ هن ٻارن لاءِ شاعري به ڪئي آهي جنهن مان هڪ نظم اسان ننڍا هئاسين - يعني ٻاراڻي يا پهرئين ٻئي ڪلاس ۾ ته وڏي شوق سان پڙهندا هئاسين:

ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي،
سدا ادب ۾ تن جي رهجي.
نت استاد کي مان ڏجي،
جيئن هو چوي تيئن ڪجي.
ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان رکجي پيار،
تن سان نه ڪجي ڪو تڪرار.
ڪوڙ نه چئجي، ڏجي نه گار،
شيءَ چورائي ٿجي نه خوار.
هن نصيحت تي جوئي هلندو،
مائٽ مٽ کي سوئي وڻندو.

نه رڳو اهو نظم پر ٻيا به ڪيترائي غزل شوق سان پڙهندا هئاسين، جيئن ته:

ڪم جي وقت ڌيان ڪم تي ڌريو،
راند جي وقت راند روند ڪريو...
يا
جڏهن ڳالهه ڪهڙي به ڪنهن سان ڪجي،
خدا جو رکي خوف، سچ چئي ڏجي....
يا
ٻڌ هيءَ ڳالهه هڪ هرڻيءَ جي ٻارو،
ڪريان هت رحم جو ٿو ذڪر سارو...
۽ اهڙي طرح ٻيا ڪيترائي غزل جيڪي ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڏينهن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي وارن ڇپرايا هئا.
اسان فرسٽ ييئر ۾ هئاسين، يعني 1961ع ۾ ته محمد صديق مسافر صاحب 82 ورهين جي ڄمار ۾ ٽنڊي باگي ۾ گذاري ويو. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو تعليمي ماهر، مفڪر، عالم، اديب ۽ شاعر هو. هن جو تعلق غلام گھراڻي سان هو. هن جي والد جو نالو گلاب خان عرف بلال هو.
حيدرآباد جي ڪيفي جارج جهڙي زئنزيبار جي ريسٽورنٽ جنهن ۾ اسان ٽوئرسٽ، گائيڊ جي خرچ تي چانهه ۾ بسڪيٽ ٻوڙي کائي رهيا هئاسين ۽ جتي مون واري ٽيبل تي ويٺل جوان مرد ۽ ٻن جوان عورتن - جن مان هڪ ڇهه ست سالن جي پاڻ جهڙي گھنڊي وارن ۽ ڪاري رنگ واري پٽ سان هئي، انهن کي آئون جنهن ڇهه سالن جي غلام بابت ٻڌائي رهيو هئس ته هو عرب سوداگر جي هٿ ۾ وڪرو ٿي هتان پنهنجي وطن زئنزيبار (آفريڪا) مان ايشيا جي عرب ملڪ عمان ڏي پورهئي لاءِ روانو ڪيو ويو هو، اهو هِن محمد صديق ”مسافر“ جو پيءُ گلاب خان هو. قبيلائي جھيڙن ۾ شيدين جي مخالف طاقتور قبيلي هن ڪمزور قبيلي جي ماڻهن کي غلام بڻائي هڪ عرب سوداگر وٽ مال جي بدلي مال ۾ وڪڻي ڇڏيو هو. هن ٻين اغوا ڪيل ۽ ڦاسايل غلامن سان گڏ زئنزيبار جي Slave Market ۾ نيلام ڪري ڇڏيو. هو ڪنڊن وارا چَها (چهبڪ کائڻ) ۽ پنهنجي همٿ ۽ سهپ جو مادو ڏيکارڻ بعد گلاب خان جي قبيلي جو ڪو مائٽ ڪنهن خريدار حوالي ٿي ويو ته ڪو ڪنهن حوالي. گلاب خان ٻار هجڻ ڪري هن جي مٽاسٽا کنڊ جي اڌ ڳوڻ تي ٿي هوندي يا ڪپڙي جي تاڪئي اڌ تي يا ائين به ٿيو هجي جيئن وڪري جو دستور عام هو ته ڪنهن عرب يا ايراني سوداگر پنج کن مضبوظ / سگھارا يعني مهانگا غلام خريد ڪيا هوندا ان کي چونگ ۾ هي هڪ عدد ٻار مفت ۾ ڏنو ويو هجي.
جنهن سيٺ حوالي گلاب خان ٿيو ان کي پنهنجي ڪارگو يعني غلامن جي اسائنمينٽ مسقط (عمان) موڪلڻي هئي. نيلام بعد مختلف غلام مختلف ملڪن ڏي موڪلڻ لاءِ زئنزيبار جي اسٽون ٽائون بندرگاهه مان ڌائو (ٽڪنڊي سڙهن وارين) ٻيڙين ۾ سٿيا ويا. گلاب خان ان ٻيڙيءَ ۾ هو، جيڪا عمان وڃي رهي هئي. هڪ ٻار جي حيثيت ۾ هو گھڻو ڪجھه Visualize نٿي ڪري سگھيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي يا اڳتي هلي ڇا ٿيڻو آهي. هو ته اهو به تصور نه ڪري سگھيو هوندو ته هاڻي هو گھٽيءَ جي ٻارن سان نه کيڏي سگھندو، نه هو ڪنهن مائٽ مٽ جي جھوپڙيءَ ۾ وڃي سگهندو، جيڪو هن کي ڀاڪر پائي پيار ڪري. فقط حيرتزده اکين سان پنهنجي ڪجھه مائٽن کي (جيڪي ان ٻيڙيءَ ۾ هئا) ٻين ڳوٺن ۽ علائقن جي انگ اگھاڙن پاڻ جهڙن شيدين کي زنجيرن ۾ ٻڌل ڏسندو رهيو يا پنهنجي ٻيٽ زئنزيبار کي گهوريندو رهيو، جيڪو ٻيڙيءَ جي وڌڻ تي هر منٽ منٽ تي نظرن کان ڏُور ٿيندو پئي ويو. ٻار هجڻ ڪري هن کي ڪنهن زنجير سان سوگھو ڪرڻ بدران ٽنگ ۽ ٻانهن ۾ سوٽي رسو ٻڌي ٻيڙيءَ جي اَندِ (Gunwale) ۾ کتل ڪُنڍيءَ ۾ ٻن ڳنڍين سان مضبوط ڪري ڇڏيو ويو هو ته متان ڇوڪرو خوف ۾ اچي سمنڊ ۾ نه ٽپو ڏئي. ٻار هجڻ ڪري هن کي ۽ اهي غلام جيڪي عورتون هيون انهن کي ٻيڙيءَ جي پٺئين ڇيڙي تي ڪاٺ جي ٺهيل ڪاڪوس ۾ رسي ذريعي وٺي ويا ٿي، باقي مرد غلام جن کي ڳچيءَ ۾ به لوهي پٽا چڙهيل هئا، سفر جا سمورا ڏينهن هڪ هنڌ ئي ويٺل رهيا ٿي. هنن جو هنگڻ مٽڻ به اتي ئي ٿيو ٿي.
غلامن جو هي ٻيڙو (ڪاٺ جو سڙهن ذريعي هلندڙ جھاز) عمان جي بندرگاهه مسقط ۾ پهتو ته هي غلام ٻارستن سالن جو هو. مسقط ۾ شيخ حسين نالي هڪ امير عماني عرب سوداگر رهيو ٿي، جنهن جو خاص واپار غلامن جي خريد و فروخت هو. زئنزيبار مان غلامن جو ڪو ٻيڙو آيو ٿي ته هن ضرورت موجب ان ٻيڙي واري سيٺ کان ڪجھه غلام خريد ڪيا ٿي، جيڪي پوءِ آيل آرڊرن مطابق يعني ڊمانڊ موجب هند، سنڌ، ترڪي، ايران ۽ عرب ملڪن ڏانهن موڪليا ٿي يا پنهنجي ملڪ عمان جي مختلف شهرن ڏي خريدارن کي پهچايا ٿي. هي تازو آيل غلامن جو سڄو ٻيڙو مسقط جي هن واپاري شيخ حسين سڄو خريد ڪيو، جنهن ۾ هن ستن سالن جي ٻار سان گڏ ڪيترائي مرد ۽ عورتون هيون. هن غلام ٻار جي ڪا قسمت سٺي هئي، جو شيخ حسين هن کي پنهنجي گھر ۾ هاج ڪم لاءِ گھرو ملازم ڪري رکيو. سندس طهر به ڪرايائين ۽ نالو رکيائينس بلال.
هي نينگر بلال مسقط ۾ شيخ حسين جي گھر ۾ ٻه سال مس رهيو ته سنڌ کان غلامن جو وڏو آرڊر اچڻ تي هن غلامن جو وڏو ٽولو سنڌ ڏانهن روانو ڪيو، جنهن ۾ بلال به شامل ڪري ڇڏيو. غلامن جي ان ٽولي مان ڪي ڪٿي نيڪال ٿيا ته ڪي ڪٿي. بلال کي ننگر ٺٽي شهر ۾ غلام علي نالي هڪ سنگتراش خريد ڪيو، جنهن پڻ بلال کي گھرو ڪم ڪار لاءِ پنهنجي گھر ۾ رکيو. ان وقت سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت هئي. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو 80 سال کن راڄ رهيو. 1783ع کان ميرن جي حڪومت رهي، جنهن جو پهريون حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر هو، جنهن 1801ع ۾ وفات ڪئي. يعني سمجهو ته هي اهو سال هو، جنهن جي آس پاس اسان واري بلال زئنزيبار جي انگوجا يا پيمبا ٻيٽ تي جنم ورتو.
مير فتح علي خان ٽالپر جي وفات بعد هن جو پٽ مير غلام علي ٽالپر تخت تي ويٺو جنهن 1811ع ۾ وفات تائين حڪومت ڪئي. بلال ٺٽي ۾ 1809ع ڌاري پهتو ۽ وڪرو ٿيو هو. يعني ان وقت سنڌ تي مير غلام علي ٽالپر جي حڪومت هئي ۽ بلال جي ڄم وارن ڏينهن ۾ يعني سال 1800ع ڌاري زئنزيبار سلطنت توڙي عمان سلطنت جو حاڪم السعيد گھراڻي جو چوٿو ن سلطان “سيد سلطان بن احمد بن سعيدي” هو، جنهن 1792ع کان 1804ع تائين حڪومت ڪئي. هو مسقط ۾ ئي رهيو ٿي. هن جي وفات بعد هن جو وڏو پٽ سليم بن سلطان حاڪم ٿيو. ان بعد 1806ع کان 1856ع تائين ٻيو پٽ سعيد بن سلطان حاڪم ٿيو ۽ جنهن سال هي حاڪم ٿيو ان سال ننڍي بلال جو زئنزيبار ۾ وڪرو ٿيو هو. هي حاڪم “سعيد بن سلطان” آخري عماني عرب سلطان هو، جنهن تائين عماني سلطان عمان ۽ زئنزيبار ٻنهي سلطنتن جا حاڪم رهيا ٿي، پر هن حاڪم سعيد بن سلطان جيئري ئي اها وصيت ڪري ڇڏي، ته سندس وفات بعد سندس فلاڻو پٽ فقط عمان جو ۽ فلاڻو پُٽُ زئنزيبار جو سلطان ٿيندو.
هونءَ ته زئنزيبار جي مقابلي ۾ عمان سکيو ستابو ملڪ سمجھيو ويو ٿي پر 1820ع ڌاري سلطان “سعيد بن سلطان” جاوا سماتر (انڊونيشيا) پاسي لونگن جي پوک جو وڏو اگھه ۽ ڪمائي ڏسي زئنزيبار ۾ به لونگ پوکيا ۽ هن جي هڪ ته لونگن مان ۽ ٻيو غلامن جي وڪري مان ايڏي ته ڪمائي ٿيڻ لڳي، جو هن پنهنجو تخت مسقط مان شفٽ ڪرائي زئنزيبار جي ٻيٽ اسٽون ٽائون ۾ قائم ڪيو ۽ هڪ محل ٺاهي هڪ ٻن نين زالن ۽ ڪنيزائن سان اسٽون ٽائون ۾ رهي پيو. لونگن ۽ غلامن جي وڪري مان ايڏي ته ڪمائي ٿيڻ لڳي جو هاڻ زئنزيبار جي مقابلي ۾ عمان غريب نظر اچڻ لڳو. ايتري قدر جو سعيد بن سلطان جي 1856ع ۾ وفات تي سندس اهو پٽ جنهن کي عمان جو سلطان ٿيڻو هو، پنهنجي ٻئي ڀاءُ سان اٽڪي پيو ته هو عمان جو نه پر زئنزيبار جو ٿيندو. نيٺ پوءِ ان تي صلح ٿيو ته زئنزيبار وارو سندس سلطان ڀاءُ هن کي هر سال زئنزيبار مان ڪجھه خرچو پاڻي موڪليندو... مون کي ته ان ڳالهه تان ئي ڏک ٿيندو آهي ته “مروان موت، ملوڪان شڪار”. ڪنهن جي گھر جا ڀاتي کنڀجي وڃن، اوڻي پوڻي ۾ غلام طور وڪرو ٿي وڃن ته ڀلي ٿين پر هنن حاڪمن کي پنهنجي عياشين لاءِ ڪنهن به طرح پئسو ملڻ کپي. سندن والد سلطان “سعيد بن سلطان” به غلامن ذريعي لونگن جو فصل پوکيو ۽ غلامن جي وڪري ۽ قيد خاني لاءِ Slave Market ۽ Slave Chamber ٺهرايا. ٻيو ٿيو سڀ خير... عوام جي سک لاءِ ڪو اسڪول، مدرسو، ڪا مسجد، مسافر خانو، ڪو شفا خانو ٺهرائڻ - اهو هرگز نه. اهي ڪم انڊيا کان آيل بوهري، کوجا، جيڪي وڏا سيٺ ٿي ويا اهي ڪندا رهيا.
اسان جي هندي وڏي سمنڊ ۾ ته عربن غلامن جي وڪري تي ڪڏهوڪو لاهي پاهي رکيو پر ٻئي پاسي آمريڪا جي دريافت ٿيڻ بعد يورپين به آفريڪا جي اولهه ڪناري پاسي جي شيدين کي ڦاسائي غلام طور آمريڪا ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ کين ائٽلانٽڪ سمنڊ ٿي ٽپايو. اتر توڙي ڏکڻ آمريڪا ۾ جيڪي توهان کي اڄ ڪارا نظر اچن ٿا، انهن جا وڏا گھڻو ڪري آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ملڪن مان کنڀجي اتي پهتا. جيئن هڪ آمريڪي شيديءَ پنهنجي وڏن جو اصل نسل ۽ وطن معلوم ڪرڻ لاءِ نيٺ اولهه ڪناري جي ان ملڪ تائين اچي نڪتو، جتان سندس وڏن کي کنڀيو ويو هو، سندس ان ڳولا جو تفصيلي احوال هن The Roots نالي ڪتاب ۾ لکيو آهي. ان نالي سان فلم ۽ ڊراما سيريل به ٺهي آهي.
هتي هڪ ڳالهه پنهنجي مطالعي مان ورتل پنهنجي پڙهندڙ سان شيئر ڪريان. اها هيءَ ته آمريڪا کنڊ جي ڳولا بعد جڏهن يورپي قومن اتي جي زمين تي قبضو ڪيو ته اتي جھنگ ڪٽرائي پوکون ڪرڻ ۽ کاڻين جي کوٽائي ڪري ڌاتو هٿ ڪرڻ لاءِ هنن کي سستن مزدورن جي ضرورت پئي - خاص ڪري پورچوگالين کي. هنن ان ڪم لاءِ آفريڪا جي رهاڪن کي غلام بڻائي آمريڪا گھرائڻ شروع ڪيو. اهي غلام آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي بندرگاهن مان، خاص ڪري پورچوگالين جي قبضي هيٺ آيل ملڪن نميبيا ۽ ائنگولا جي بندرگاهن مان وڪرو ٿي آمريڪا پهتا ٿي. هوڏانهن آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري کان خاص ڪري زئنزيبار کان جيڪي غلام وڪرو ٿيا ٿي، سي هند، سنڌ، ايران، عربستان ۽ ترڪي_ ويندي چين جهڙن ملڪن ڏي روانا ٿيا ٿي. انهن ٻن قسمن جي غلامن جي زندگيءَ جو تجزيو ڪيو وڃي، ته آمريڪا ويندڙ غلامن کي تمام گھڻيون تڪليفون ڏسڻيون پيون ٿي... آمريڪا تائين سفر کان وٺي اتي آمريڪا ۾ پورهئي تائين. آمريڪا ۾ هنن کي گھرن يا درٻارن ۾ ڪم ڪرڻ بدران زهريلن جيتن ۽ جھنگلي جانورن وارن جھنگلن ۾ ڪم ڪرڻو پيو ٿي ۽ مٿاهن هر وقت يورپي مالڪن جي موچڙي جو زِيپٽ رهيو ٿي. ان جي مقابلي ۾ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري کان هندستان يا ترڪي وغيره جيڪي غلام آيا ٿي اهي ڪجھه بهتر هئا. خير مصيبتون ته انهن جي به مٿان هيون. ڇا ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم ٿيندو ته کين سندن وطن جون گھٽيون ۽ مٽيون مائٽيون ڇڏي اڻ ڏٺل ڏيهن ۾ ڌارين وٽ پورهئي لاءِ پهچڻو پيو ٿي. پر اهو آهي ته هنن ۾ ڪيترا اهڙا به خوش نصيب هئا، جن کي گھرن جي ڪمن ۾ لڳايو ويو ٿي ۽ ويندي هند سنڌ ۾ پوک جو ڪم ورتو ويو ٿي ته به اتي جون زميون صاف سٿريون هيون. آمريڪا وانگر جھنگل نه هئا، جن کي صاف ڪرڻ به وڏو مسئلو هو ۽ هنن تي ايڏو مار موچڙو ٿيو ٿي جو هو ان ۾ ئي مري ويا ٿي ۽ بيمار ٿيڻ تي ڪنهن دوا درمل جو به بندوبست نه هو. اسان وٽ سنڌ ۾ يا ايران، ترڪي، عرب ملڪن ۾ ٻيو نه ته حڪيم ۽ پنساري ته هئا. مسجدون ۽ مندر ته هئا، جتي ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ ڀَت جي ديڳ خيرات ڪئي ٿي! ڪنهن پنهنجي غلام سان ظلم ڪيو ٿي يا اجايو مار موچڙو ڪيو ٿي ته پاڙي وارن به هن کي سمجھايو ته ٿي.
هن غلام ڇوڪري بلال کي ٺٽي جي سنگتراش غلام عليءَ ضرور اهو سوچي خريد ڪيو، جيئن هو هن جي گھر جا ڪم ڪار ڪري ۽ وڏو ٿي سندس ڪاروبار ۾ مدد ڪري سگھي. ان ڳالهه بابت توهان به ضرور سوچي رهيا هوندا ته آفريڪا کان ايندڙ هن غلام شيدي انسانن جي قيمت رڍ يا ڇيلي برابر به ڪا مس هئي، جو اهي غلام نه صرف وڏن ماڻهن پنهنجي خدمت چاڪريءَ لاءِ رکيا ٿي ۽ هنن کان پورهيو ڪرايو ٿي پر هڪ سنگتراش يا واڍو رازو به افورڊ ڪري سگھيو ٿي.
پگھار تي بيٺل نوڪر جي به ڪجھه هلي ٿي ۽ مالڪ کي ان جو خيال رکڻو پوي ٿو پر هڪ غلام جي مالڪ تي ڪا جوابداري نٿي آئي... جيڪا وڻيس هن کي رکي سکي ماني ڏئي، جيئن وڻيس هن کي سمهاري ۽ جڏهن وڻيس هن کي اٿاري.
جن ڏينهن ۾ بلال شيدي ٺٽي ۾ وڪرو ٿيو انهن ڏينهن ۾ سنڌ تي ٽالپرن (ميرن) جي نئين نئين حڪومت شروع ٿي هئي. ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪرڻ وقت چئن سپهه سالارن مان مير باگو خان ٽالپر به هڪ هو. هو حڪومت ۾ حصيدار رهڻ بدران جاگيردار ٿي رهڻ تي راضي رهيو ۽ ٽنڊو باگو شهر ٻَڌائَي اتي پنهنجي خاندان سان اچي رهي پيو. هن جي وفات بعد سندس وڏي پٽ مير وليه خان ٽالپر ٽنڊي باگي ۾ پنهنجي نئين ڪوٽ ۽ ديري ٺهرائڻ لاءِ ننگر ٺٽي مان سنگتراش گھرايا جن ۾ ميان غلام علي سنگتراش به هو، جيڪو پڻ ٻين آيل رازن واڍن وانگر پنهنجي ٻارن سان باگي واهه جي ڪناري تي تنبو اڏي رهي پيو. هن پنهنجي ٻارن سان گڏ بلال غلام کي به پاڻ سان آندو هو، جنهن جي ان وقت عمر ڏهه يارهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي.
باءِ دي وي مير وليهه خان ٽالپر جو هي اڏرايل ڪوٽ ان هنڌ تي هو، جتي هينئر مير غلام محمد ائنڊ لارينس مدرسه هاءِ اسڪول جي بلڊنگ آهي. ٻي ڳالهه ته اڄ کان ٻه صديون مٿي جون هي ڳالهيون اسان تائين ڪيئن پهتيون؟
ان لاءِ آئون اهو ئي چوندس ته ان جو ڪريڊٽ بلال شيدي جي پٽ محمد صديق “مسافر” کي آهي، جيڪو هڪ غلام جو ٻار ٿي ڪري پڙهي پيو ۽ هن پنهنجي پيءُ جي واتان ٻڌل هي ڳالهيون قلمبند ڪيون. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ آفريڪا جو فقط هڪ شيدي بلال ته غلام نه ٿي آيو، سنڌ ۾ ان کان اڳ ۽ پوءِ به هزارين غلام آيا، جن مان هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي هئي. انهن غلامن به پنهنجي غم جا داستان پنهنجي اولاد ۽ ٻين کي ٻڌايا هوندا، جن کان ٻين ٻڌا هوندا... پر ٻڌل ڳالهه نه گھڻو وقت هلي ٿي ۽ نه گھڻن تائين پهچي ٿي. زئنزيبار کان آيل سنڌجي بلال شيدي غلام جي ڪهاڻي اڄ تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان ڪري قائم آهي، جو هن جي فرزند محمد صديق مسافر ان کي ڪتابي صورت ڏني. اها ڳالهه ائين آهي جيئن خشڪي رستي، مارڪو پولو کان اڳ به ڪيترائي يورپي چين ويا ۽ انهن اتان موٽي پنهنجي چين جي سفر جون ڳالهيون پنهنجي مائٽن ۽ دوستن يارن سان ڪيون پر سڄو يورپ چين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ڪريڊٽ مارڪوپولو کي ڏئي ٿو، ڇو جو هن پنهنجي ان داستان کي ڪتابي صورت ڏني ۽ هن جون ٻڌايل ڳالهيون اڄ به پڙهي حيرت کائون ٿا ته ان وقت جون حالتون ڇا هيون ۽ انسانن تي ڇا گذري رهيو هو. سو هتي زئنزيبار کان آيل سنڌ ۾ رهندڙ هن شيدي غلام جون جيڪي ڳالهيون Quote ڪري رهيو آهيان، اهي هن جون ئي ٻڌايل آهن، جيڪي هن جي پٽ Print Form ۾ آنديون ۽ اڄ هن ٻيٽ زئنزيبار جون گھٽيون ۽ غلامن جا قيدخانا ۽ وڪرو گھاٽ ڏسي مون کي پنهنجي سنڌ جو شيدي غلام بلال ۽ ان جهڙا ٻيا ياد ٿا اچن.
ٽنڊي باگي ۾ رهندي، گھر جو ڪم ڪندي، هڪ ڏينهن مڇيءَ کي واهه تي صاف ڪندي بلال کان اها ڇڏائي وئي هئي. ان تي گھر جو مالڪ غلام علي هن تي ڏاڍو ڪاوڙيو. هن جي زال جي منٿن آزين باوجود هن نڪا ڪئي هم نڪا تم، بلال کي ٻه ٽي ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين ۽ ڪن کان جھلي وڪڻڻ لاءِ بازار روانو ٿيو.
رنگريزن جي محلي واري شاهي گھٽي جنهن جي وچ ۾ کٽين واري جامع مسجد آهي، اتي مخدوم حر علي نالي هڪ نيڪ انسان گھر جي ٻاهران ڪنهن ماڻهوءَ سان ڳالهائي رهيو هو. هن ميان غلام علي سنگتراش کي پنهنجي حبشي غلام کي ڪن کان جھلي ڇڪي ويندو ڏسي ۽ ڇوڪري کي رڙيون ڪندو ڏسي غلام علي کان سبب پڇيو ته هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو ڏينهن تتي جو هن کي ائين گھليندو وڃين؟ هن ٻڌايس ته هن نڪمي غلام کي وڪڻڻ ٿو وڃان. مخدوم صاحب کي هن نينگر تي قياس اچي ويو ۽ هونءَ به مخدوم صاحب کي به ڪنهن غلام ڇوڪري جي ضرورت هئي، سو غلام علي سنگتراش جيڪي پيسا چيا اهي ان ئي وقت تي ان کي ڏئي بلال ڇوڪري کي پنهنجي گھر وٺي آيو.
هتي پڙهندڙن جي ڌيان تي ٻه ڳالهيون آڻيندس. هڪ ته اسان کي - مسلمانن کي ته خاص ڪري، ڪنهن به انسان سان ظلم نه ڪرڻ کپي ۽ نه ڪنهن جي آزادي کسي ان جي خريد و فروخت ڪرڻ کپي ۽ نه هن جي مرضيءَ خلاف پورهيو وٺڻ کپي. پر هي زمانو اهڙو هو جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان، عام ماڻهن ته ڇا پر عالمِ دين ۽ مولوين به ان ڪم جي دلشڪني نٿي ڪئي. ڪنهن به ان جي خلاف تحريڪ نٿي هلائي ته ٻين جي اولاد کي توهان چند ٽڪا ڏئي خريد ڪري هنن سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڇو ٿا ڪريو؟ ٺٽي جو سنگتراش (پٿر تي ٽُڪ جو ڪم ڪندڙ) غلام علي سڄي واٽ معصوم ۽ يتيم نينگر کي پيرين اگھاڙو وٺي پئي ويو، سو به ڪن کان ڇڪيندو ته ان کي هر ماڻهوءَ هڪ نارمل ڳالهه ٿي سمجھي.... يعني غلام رکڻ ۾ ڪهڙو عيب ۽ غلامن کي مارڻ ڪُٽڻ ۾ ڪهڙو گناهه؟ اهو به مخدوم حر علي جهڙي هڪ خدا لوڪ انسان کي ڇوڪري جي رڙين تي قياس اچي ويو، جو غلام عليءَ کان کڻي پڇيائين ته هو هن کي ڇو دڙڪا ڏئي رهيو آهي، پر جيستائين هڪ آزاد انسان کي پنهنجو باندي (غلام) رکڻ جو رواج هو ان جو ڪنهن کي به احساس جرم نٿي ٿيو ۽ افورڊ ڪرڻ واري گھر جي ڪم لاءِ يا پنهنجي ڪاروبار ۾ مدد وٺڻ لاءِ چند رپيا ڏئي غلام خريد ڪيا ٿي. تڏهن ته مخدوم حر عليءَ به گھر جي ڪم لاءِ هي نينگر غلام طور خريد ڪري ورتو. ان معاملي ۾ انگريزن جي بئلنس شيٽ ۾ اها ڳالهه ڪريڊٽ طور ڏئي سگھجي ٿي ته هنن نه رڳو ائٽلانٽڪ سمنڊ توڙي هندي وڏي سمنڊ جي علائقن ۾ غلامي بند ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ سان پهرئين سال ئي حڪم نامو ڪڍيو ته سنڌ ۾ غلامن جو وڪرو بند ڪيو وڃي ۽ جن جن وٽ غلام آهن، انهن کي هڪدم آزاد ڪيو وڃي. هنن ان معاملي ۾ اهڙي سختي ڪئي جو عام ماڻهن ته ڇا پر پيرن، ميرن، رئيسن، سردارن پنهنجا غلام آزاد ڪرڻ شروع ڪري ڏنا نه ته اسان وٽ ايترا ته آفريڪي غلام اچي رهيا هئا، جو سنڌ جا ڪجھه ضلعا اڄ زئنزيبار، ڪينيا يا ٽانگانيڪا (تنزانيا) جا حصا لڳن ها. اسان جي هند، سنڌ توڙي عمان، ايران ۽ عرب ملڪن جي ماڻهن جي دماغ ۾ رڳو پنهنجو سک حاصل ڪرڻ رهيو ٿي. چي “الله جو شڪر آهي، ٻه شيدي خريد ڪري ڇڏيا اٿم، گھر توڙي دڪان جو ڪم اهي ئي ڪن ٿا”. هنن جي دماغ ۾ انهن غلامن جي مائٽن يا اولادن جون پِٽون ۽ پاراتا ڌيان ۾ نٿي آيا، جن جي گھرن مان هي وڏا ۽ ٻار بندوقن جي زور تي اغوا ڪري چند ٽڪن ۾ ڏورانهن ملڪن ڏي سخت پورهئي لاءِ موڪليا ٿي ويا.
ٻي ڳالهه اها غور طلب آهي ته انهن غلامن کي خريد ڪرڻ وارن ۾ ڪي نيڪ انسان به هئا، جن هنن جو هر قسم جو خيال رکيو ٿي. هنن کي اهو ئي کارايو پياريو ۽ پهرايو ٿي، جيڪو هنن پاڻ لاءِ استعمال ڪيو ٿي. هنن کي پنهنجو اولاد سمجھي هنن کي تعليم ڏني ٿي. اسان وارو هي غلام بلال شيدي به ان معاملي ۾ خوش نصيب چئبو ته هو مخدوم حر علي وٽ غلام ٿي آيو. جيتوڻيڪ ان کان پهريان وارا هن جا مالڪ: ٺٽي جو غلام علي توڙي عمان جو شيخ حسين به ڪي اهڙا خراب ۽ ظالم نه هئا، پر مخدوم حر عليءَ هن جو وڏو خيال رکيو.
بدين ضلعي جا - خاص ڪري ماتلي وارا، ڳوٺ اگھاماڻي جي زيارت گاهه (مخدوم اسماعيل سومرو جي قبي) کان واقف هوندا جنهن بزرگ جو احوال تحفته الڪرام ۾ به لکيل آهي. مٿي بيان ڪيل مخدوم حر علي ان جي اولاد مان هو. مخدوم حر عليءَ کي ڪو اولاد نه هو سو مخدوم صاحب ۽ هن جي بيبيءَ بلال شيديءَ کي پنهنجو ٻچو ڪري سمجهيو ۽ هن کي ذڪر ۽ نماز جي تعليم جي عادت ان وقت کان وڌي ، جيڪا وفات تائين منجھس قائم رهي. تنهن کانسواءِ اٿ ويهه جا ادب ۽ اخلاق به تمام چڱيءَ طرح سيکاريائونس.
هڪ ڀيري بلال سخت بيمار ٿي پيو. ان جي صحت لاءِ ٻين حيلن سان گڏ بيبي صاحبه مخدوم صاحب کي بلال جو نالو مٽائڻ جي به صلاح ڏني ۽ سندس نالو گلاب رکيو ويو.
گلاب سچي دل سان مخدوم صاحب جن جي خدمت ڪندو رهيو. هو جڏهن جوان ٿيو ته مخدوم صاحب هڪ نوجوان حبشياڻي خريد ڪري ان سان گلاب جو نڪاح ڪرايو. ان مائيءَ جو نالو سليمت هو. مخدوم صاحب جي اوطاق جو ڪم ۽ حويليءَ جو ٻاهريون ڪم ڪار گلاب جي حوالي هوندو هو ۽ حويليءَ جو اندريون ڪم مائي سليمت جي بلي هو.
سن 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن انگريز سرڪار طرفان عام اعلان ٿيو ته غلامن جي خريد و فروخت قانوني ڏوهه آهي، تنهن ڪري جن جن ماڻهن وٽ ٻانها ۽ ٻانهيون هجن، سي هڪدم انهن کي آزاد ڪن. انهيءَ اعلان موجب سڄي ملڪ جا حبشي غلام آزاد ٿي ويا ۽ سڀ ڪو حبشي پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجي منهن پيٽ گذران لاءِ ڪونه ڪو ڌنڌو ڪندو رهيو.
انهيءَ سرڪاري اعلان موجب مخدوم حُر علي صاحب گلاب کي غلاميءَ کان آزاد ڪيو پر ان سان پنهنجي همدرديءَ جو ناتو قائم رکيائين. پنهنجي گھر جي ڀرسان هن گلاب کي جدا جاءِ ٺهرائي ڏني، جنهن ۾ هو پنهنجي زال ۽ ٻارن سان رهڻ لڳو. پنهنجي گذران لاءِ هن جاين راڳڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ وقت به وقت مخدوم صاحب کي هڪ نمڪ حلال نوڪر وانگر ضرورت ۾ سڏ تي سڏ ڏيندو رهيو.
سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت شروع ٿيڻ ۽ غلاميءَ جو سلسلو بند ٿيڻ بعد ٻين شهرن وانگر ٽنڊي باگي ۾ آزاد ٿيل شيدين به پنهنجي جماعت قائم ڪئي ۽ پاڻ مان هڪ شخص چونڊي ان کي پنهنجو اڳواڻ مقرر ڪيائون، جنهن کي هو جمعدار يا مکي سڏڻ لڳا.
هونءَ هتي پنهنجي طرفان هڪ Comment لکندو هلان ته انتظاميا (Administration) ۽ آئيندي جي سوچ (Vision) ۾ انگريز تيز هئا، جن جو مقابلو جرمن، فرينچ، پورچوگالي يا ٻيا يورپي به نٿي ڪري سگھيا. هنن هڪ طرف غلامن جي آزاديءَ جو اعلان ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هنن اهو وڏو خير جو ڪم ڪيو آهي ۽ هو انسان ذات سان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف آهن. جيتوڻيڪ پاڻ جيڪي ڪُڌا ڪم پئي ڪيائون انهن جي ڳالهه به نه. ٻئي جي خرچ تي هي ڪم - غلامن کي آزاد ڪرائڻ وارو ڪري، هنن گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ موجود سڀني شيدين جي دل کٽي ورتي ۽ جن وٽ انگريزن جي جئه جئه ٿي وئي. ٻي ڳالهه اها ته هنن پنهنجي حڪومت سڪون سان هلائڻ لاءِ سنڌ جي جنگجو ماڻهن کي Disarm ڪري ڪمزور هڪ طرف ڪيو ته ٻئي پاسي جن وٽ هنن جو پاسو کڻڻ ۽ مدد لاءِ شيدي غلام هئا انهن کي ان سپاهه کان خالي ڪري ڇڏيو. انگريزن کي هر وقت اهو انديشو هو ته ڪنهن وقت به مقامي ماڻهو هنن خلاف بغاوت ڪن ته گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ موجود لکين دلير ۽ سگھارا شيدي ته انگريزن جو پاسو کڻن. هنن مياڻيءَ جي لڙائيءَ ۾ هوشو شيديءَ کي پنهنجي مالڪن طرفان وڙهندي ڏٺو هو، سو هنن ٻيا هوشو پيدا نٿي ڪرڻ چاهيا، بلڪه انهن کي پنهنجي پاسي رکڻ ٿي چاهيو. انگريزن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت گلاب جي عمر 45 سال هئي. پورن ڏهن سالن بعد يعني 1853ع ڌاري سندس پهرين زال سليمت وفات ڪئي. سليمت مان گلاب کي ارڙهن ٻار ڄاوا پر سڀ ڌيئرون توڙي پٽ ننڍي عمر ۾ گذاري ويا. سليمت جو موت به سوانجي (Delivery) ۾ ٿيو.
سليمت جي وفات بعد گلاب اتي جي هڪ ٻي حبشي عورت ”مائي بيگم“ سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي ڪُل ٻارهن ٻار ٿيا، پر انهن ٻارهن مان فقط هڪ ٻار محمد صديق وڏو ٿيو ۽ ٻچن ٻارن وارو ٿيو. محمد صديق هڪ اهم ٻار ثابت ٿيو. هو پڙهيو لکيو، اهم سرڪاري عهدن تي رهيو. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. پنهنجي والد کان ٻڌل هن جي زندگيءَ جو احوال هن قلمبند ڪيو. هو جي پڙهي نه ها ته اسان کي آفريڪا کان آيل ٻين شيدي غلامن وانگر هن گلاب جي ڪهاڻي جي به خبر نه پوي ها.
محمد صديق لکي ٿو ته “آزادي ملڻ کانپوءِ جيئن هر هڪ حبشي ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳي ويو، تيئن والد مرحوم پهريائين جاين راڳڻ جي ڌنڌي ۾ مشغول رهيو. پر جلد ئي پيهون ڪُٽڻ جي ڌنڌي کي لڳو، جنهن ڌنڌي ۾ پڇاڙي تائين لڳو رهيو...”
محمد صديق مسافر پنهنجي والد صاحب جي آخري ڏينهن بابت لکي ٿو ته “والد مرحوم روز مره فجر جو اٿي ذڪر ڪندو هو ۽ نماز پنج ئي وقت پڙهندو هو. اها جا سُتي ننڍي هوندي کان ئي مخدوم حُر صاحب کان مليل هئي. سندس نهٺائي، سادگي ۽ همدرديءَ جون ڳالهيون شهر جا ماڻهو ڳائيندا رهيا ٿي. والد مرحوم سن 1205ع هجري (برابر 1888ع) جمعي جي ڏينهن فجر وقت وفات ڪئي. وفات ڪرڻ وقت ست ٻار ڇڏيائين. پنج نيانيون (جن مان هڪ نياڻي شادي ڪيل) ۽ ٻه پٽ جن مان هڪڙو راقم نيازمند (مسافر) ۽ ٻيو ابراهيم. والد مرحوم جي وفات وقت عمر اسي سالن کان مٿي هئي (اٽڪل 88 سال). ان وقت منهنجي عمر نَوَ سال ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ جي عمر ٻه سال هئي. پنجن ڀينرن مان چار مون کان وڏيون هيون ۽ پنجين منهنجي پٺ جي هئي. هن وقت انهن ستن ٻارن مان فقط آئون پنهنجي اولاد سميت حياتيءَ جون منزلون طئه ڪري رهيو آهيان....”
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان، ته سنڌ ۾ 1843ع ۾ انگريزن جي حڪم تي غلامن جو سلسلو ختم ڪيو ويو، نه ته اسان وٽ توڙي آفريڪا ڏي اهو سلسلو هو ته ڪنهن وٽ عورتون ۽ مرد غلام هئا، ته انهن جي شاديءَ مان جيڪي ٻار ٿيا ٿي، انهن جا مالڪ غلام ماءُ پيءُ نه پر اهو ئي مالڪ ٿيو ٿي، جنهن وٽ هنن ٻارن جا ماءُ پيءُ غلام هوندا هئا. اهو مالڪ جنهن وقت به چاهي ته انهن جي اولاد کي سندن والدين کان ڇنائي وڪرو ڪري سگھيو ٿي. بلڪه غلامن جي اولاد جو اگھه سنڌ ۾ توڙي آفريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ گھڻو هوندو هو، جو اهي گھڻو چئيوان، مقامي ٻولي سمجھندڙ ۽ ڪم ڪار جا ڄاڻو ٿيا ٿي. گلاب جي مالڪ مخدوم صاحب گلاب جي شاديءَ لاءِ جيڪا ڪنوار سليمت خريد ڪئي اها به لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ڪنهن وٽ غلام مڙس ۽ غلام زال مان ڄائي هئي. اها تازي آفريڪا کان Raw آيل نٿي لڳي، جو شاديءَ بعد سليمت هڪدم گھر جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو. هن کي سنڌي آئي ٿي، جو هن بيبيءَ صاحبه سان Communicate ڪيو ٿي.
هڪ ڳالهه غور طلب آهي ته آفريڪا جا شيدي جن کي ٻين ماڻهن جانور سمجھي جانورن وانگر ڦاسائي انهن جو وڪرو ڪيو ٿي ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي، ته ان ڪڌي ڪم ۾ اسان جا مسلمان عرب اڳيان هئا، حقيقت ۾ جانور نه پر اهي به اشرف المخلوقات هئا، جنهن جو اندازو توهان محمد صديق مسافر جي والد گلاب شيديءَ مان لڳائي سگھو ٿا، جنهن کي هڪ جانور جو ٻچو سمجھي وڪرو ڪيو ويو ۽ هن کي جانورن وانگر ٻيڙيءَ ۾ سٿي عمان ۽ ان بعد سنڌ موڪليو ويو پر هن کي هڪ نيڪ مالڪ ملڻ ڪري هو اسان کان بهتر مسلمان، نيڪ انسان ۽ ايماندار پورهيت ثابت ٿيو. سڄي دنيا ۾ غلامن سان اهو ئي وهنوار ٿيو، جن کي مالڪ جنهن نموني بڻائڻ چاهيو هو ائين ٿيا. هو جسماني طرح سگھارا هئا ته پختي ارادي جا مالڪ به هئا. دنيا ۾ ڪيترائي آفريڪي غلام، عالم، استاد، مولوي، ٻاوا، پادري ۽ تعليمدان ٿيا ۽ ڪيترا سندن مالڪن جي رهنمائيءَ هيٺ وڏا وڏا بشني ۽ ڪاٽڪو به ٿيا.
ڀلو ٿئي ٽنڊي باگي جي مخدوم حر علي صاحب جو، جنهن پنهنجي غلام سان سٺو ورتاءُ ڪيو ۽ هن کي دين جي تعليم، قرآن، نماز، ذڪر جهڙين شين ڏي راغب ڪيو، نتيجي ۾ هن غلام گلاب پنهنجي پٽ کي به ننڍي هوندي کان ئي قرآن پڙهايو، ان بعد هن جي ته وفات ٿي وئي پر سندس گھر واريءَ مائي بيگم ۽ ان جي ڀاءُ محمد صديق کي سنڌي اسڪول ۾ ويهاريو. محمد صديق کي پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هو ۽ نه رڳو سنڌي پر عربي ۽ فارسي به پڙهيو. هو سٺو شاعر ۽ سٺو ماستر به ٿي رهيو ۽ سندس ڪيترائي شاگرد پڻ سٺا ٽيچر ٿيا، جن جا شاگرد ۽ انهن جي شاگردن جو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي. محمد صديق _تخلص “مسافر” ڪيترائي نثر، شعر شاعري ۽ اسڪولي تعليم جا ڪتاب لکيا، جن مان ڪيترا ته اڄ ڪلهه ناپيد آهن. انهن مان هڪ جنهن ۾ هن پنهنجي ۽ پنهنجي والد گلاب خان شيديءَ جو احوال ڏنو آهي، اهو “غلاميءَ ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ نظارا ۽ مسافر جي ڪهاڻي سندس زباني” ڪتاب ڪيترائي دفعا ڇپجي چڪو آهي جنهن جا ٻه ٽي مختلف ڇاپا ته مون وٽ به آهن. جن ۾ تازو وارو روشني پبليڪيشن وارن جو آهي، جيڪو 2009ع ۾ ڇپيو آهي. نئين طرح ترتيب مشتاق “مسرور” باريچو ڏني آهي، جنهن جو مهاڳ اسان جي اديب دوست خورشيد قائم خانيءَ وڏي تفصيل سان لکيو آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي. بهرحال محمد صديق “مسافر” ڪريڊٽ لهي، جنهن ڏکين حالتن ۾ به تعليم حاصل ڪري هن قسم جا ڪتاب لکيا، نه ته هن غلاميءَ واري پهلوءَ کان اسان جا ماڻهو اڻڄاڻ ۽ بي حس هئا. بقول مسرور باريچو “محمد صديق مسافر هڪ اهڙو استاد هو، جنهن پنهنجي استاد هئڻ جو فرض ڀرپور نموني ادا ڪيو. شاعر جي حيثيت ۾ پاڻ هڪ عمدو شاعر هو. اديب جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي خزاني کي مالا مال ڪيو. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ هڪ قابل ايڊيٽر ثابت ٿيو. اهي لفظ ناهن جيڪي هن عظيم انسان جي ساراهه جو حق ادا ڪري سگھن...”
واقعي محمد صديق “مسافر” سنڌ جو ناميارو استاد، اديب، شاعر ۽ محقق هو. هي پهريون شخص هو، جنهن شيدين جي تاريخي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن تي قلم کنيو ۽ هن شيدين جي غلاميءَ ۽ آزاديءَ بابت نهايت سچائيءَ سان واقعن کي قلمبند ڪيو. پنهنجي فڪر ۽ جذبي جي لحاظ کان هو هڪ عظيم انسان هو.
بهرحال هن عنوان تي ڪنهن کي پڙهڻ يا ٿيسز وغيره لکڻ جو شوق ٿئي ته هو خورشيد قائم خاني صاحب جو هن ڪتاب ۾ لکيل ڏهن صفحن جو مهاڳ پڻ ضرور نظر مان ڪڍي. هتي آئون هن جي مهاڳ مان ڪجھه نقطا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏيان ٿو. پنهنجي طرفان ڪا Comment آهي ته اها ڏنگين ۾ لکان ٿو.
• آفريڪا جي اوڀرندي سامونڊي ڪناري تي غلامن جي ان واپار تي مڪمل طور عرب واپارين جي اجاريداري هئي. زنجبار ۾ آفريڪي غلامن جي وڏي منڊي هئي جتان عرب واپاري غلامن جي خريداري ڪري هندوستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿوڪ جي حساب سان وڪڻندا هئا. هندوستان ۾ انهن غلامن جا خريدار گھڻو ڪري سلطان، نواب، راجا، رئيس ۽ جاگيردار هئا.
(خورشيد صاحب هيءَ ڳالهه 1800ع کان اڳ جي ڪري ٿو، جڏهن سنڌ الڳ ملڪ هو. غلامن جو اگھه ڪجھه وڌيڪ هجڻ ڪري انهن کي فقط وڏن ماڻهن خريد ڪيو ٿي پر اوڻويهين صديءَ جي شروع کان آفريڪا جي شيدي غلامن جو وڪرو ايترو وڌي ويو ۽ انهن انسانن جي قيمت ٻڪريءَ کان به گھٽ ٿي وئي جو ڏسو ٺٽي جو هڪ سنگتراش به غلام افورڊ ڪري سگھيو ٿي ۽ واقعي زنجبار ۽ مسقط غلامن جون وڏيون منڊيون هيون جيڪي عرب واپارين هلايون ٿي. محمد صديق مسافر جي والد گلاب خان (بلال) به ڏسو ته زئنزيبار مان وڪرو ٿي مسقط (عمان) آيو، جتان پوءِ سنڌ مان غلامن جو آرڊر اچڻ تي ٻين وڏي عمر جي غلامن سان گڏ هن ٻار کي به اتي جي عرب سيٺ شيخ حسين ٺٽي روانو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اهو ٻار هن وٽ ٻه سال رهيو ۽ هڪ ٻلي يا رڍ ٻڪريءَ کي به گھر ۾ ٻه ٽي مهينا رکجي ٿو ته ان کي ڇڏڻ تي دل نٿي چوي پر هي ڪهڙا احساس هئا، هيءَ ڪهڙي ناڻي ڪمائڻ جي چمڪ هئي، جو هن عرب سيٺ کي هڪ ننڍي ٻار جو به خيال نه ٿيو ۽ هن کي اڳيان سنڌ ڏي ڌڪي ڇڏيو - جتي هو ڀلي ڪنهن جي به حوالي ٿي وڃي، هن کي ڪهڙو به پورهيو ڪرڻو پوي پر هن جي هٿ ۾ ڏوڪڙ اچڻ کپن. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اهو ڪهڙو بي حس دور هو، جنهن ۾ اسان مسلمانن کي - عربن، ايرانين، ترڪن توڙي هند سنڌ جي مسلمانن کي، اهو گناهه يا ڏوهه جو ڪم نٿي محسوس ٿيو ته انسانن جو هينئن پئي وڪرو ٿيو ۽ کانئن گڏهن، خچرن کان به وڌيڪ ڪم پئي ورتو ويو، پر اسان کي پاڻ جهڙن انسان جو خيال نٿي ٿيو. شايد هي ڪم ائين هو جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ غريب حقدار جو ڪم ڪرڻ لاءِ رشوت ورتي وڃي ٿي، جيڪا ڳالهه ڀلي ملائشيا جهڙن ملڪن جا مسلمان خراب سمجھن پر اسان وٽ ان جو ڪنهن کي احساس ئي نٿو ٿئي ته اهو ڪم قانوني توڙي اسلامي طرح هڪ گناهه جو ڪم آهي ۽ حرام جي پئسي مان ته حج ۽ عمرو به نٿو ٿئي. اسان جي ملڪ جو مسلمان سوئر جي گوشت کي ته حرام سمجھي ٿو پر افسوس جو رشوت جي پيسي مان آندل کنڊ، کير، اٽي کي هرگز نه!)
• ڪئپٽن چارلس موجب ڪراچي بندرگاهه جو 1794ع ۾ (يعني گلاب شيديءَ جي ڄم کان 6 سال کن اڳ جي ڳالهه سمجهو) ساليانو محصول 21 لک رپيا هوندو هو، جيڪو سمورو محصول آفريڪي غلامن جي وڪري مان ڪمايو ويو ٿي. ڪراچيءَ ۽ بمبئيءَ جي غلام منڊين ۾ عرب جهازن وسيلي آندل انهن اڀاڳن انسانن کي مقامي واپارين وٽ وڪيو ويو ٿي، جن کين هندوستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ پهچائيو ٿي.
• رچرڊ برٽن جي ڪتاب “سنڌ ۾ وسندڙ قومون” موجب ٽالپر اميرن جي حڪومتي دور ۾ هر سال ڇهه ست سئو شيدي غلام سنڌ ۾ وڪري لاءِ آيا ٿي، جن کي زنجباري يا ممباسي سڏيو ويو ٿي. عام طور انهن جي قيمت چاليهه روپين کان ڏيڍ سئو روپين تائين في غلام هوندي هئي. جيئن ته ڇوڪرين جي کپت گھڻي هئي، تنهن ڪري کين گھڻي تعداد ۾ آندو ويو ٿي ۽ سندن قيمت به ٿوري وڌيڪ هئي.
• البرٽ موراويا، زنجبار جو نقشو هيئن ڇڪيو آهي:
وچ آفريڪا جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ پُر امن وسندين ۾ عرب واپارين هٿان جھليل حبشين کي هڪڙي ڊگھي ۽ ڀوائتي سفر مان لنگھڻو پوندو هو، جنهن ۾ کين جانورن جيان هڪڙي ڊگهي قطار ۾ سنگھرن سان ٻڌي هڪليو ويندو هو. پوءِ جڏهن اهي زنجبار جي غلام منڊيءَ ۾ پهچندا هئا ته خريدار هر هڪ غلام جو ائين جائزو وٺندا هئا جيئن گھوڙن يا رڍن ٻڪرين وٺڻ مهل گراهڪ جانورن جي پڙيءَ ۾ ڪن ٿا. يعني خريدار پنهنجي هٿن سان هنن جي هرعضوو: هٿ، پير، ڏند ۽ سندن بدن جا ڳجھا حصا به چڪاسيندا هئا.
(سڀ کان وڌيڪ حيرت ان ڳالهه جي اٿم ته هي ظلم ۽ بي غيرتيءَ جو ڪم صديون هلندو رهيو پر ڪنهن به يوسف بن حجاز يا محمد بن قاسم نروار ٿي زئنزيبار تي حملو نه ڪيو يا شايد پوسٽل سسٽم خراب هجڻ ڪري آفريڪا مان لکين نياڻيون اغوا ٿي وڪرو ٿيڻ وارن مان ڪنهن هڪ جو هنن کي خط نه مليو. يا شايد زنجبار جا حاڪم اڳهين مسلمان هئا، سو انهن تي حملو ڪري وڌيڪ مسلمان بڻائڻ جي ضرورت نه هئي....!)
• محمد صديق مسافر پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي غلام شيدين جي حالت وضاحت سان ٻڌائي آهي. مسافر اهي ڳالهيون پنهنجي والد ۽ سندس ساٿين کان ٻڌل ساروڻين جي آڌار تي ڪيون آهن، جن کي ننڍپڻ ۾ غلام بڻائي سنڌ ۾ آندو ويو هو. سنڌ ۾ رهندڙ هڪڙي شيدي غلام پنهنجي حالت هن طرح ڄاڻائي:
• “جنهن عرب جهاز اسان کي جھنگ بار (زنجبار) جي غلام منڊيءَ کان آندو سو مسقط جي بندرگاهه تي بيٺو، رستي ۾ جيڪي غلام شيدي اَگھا ٿي پيا هئا، تن کي ان حالت ۾ سمنڊ ۾ اڇلايو ويو. اسان بچي ويلن کي هڪڙي وڏي ڪوٽ ۾ آندو ويو، جتي هڪڙو داٻي وارو عرب واپاري ريشمي وهاڻن ۽ گاديلن جي ٽيڪ ڏئي ويٺل هو سندس حڪم تي اسان سڀني کي هڪڙي قطار ۾ بيهاريو ويو ۽ اسان جي طبي چڪاس ڪئي وئي. اسان منجھه جيڪي ٿلها ٿنڀرا هئا، تن کي ڌار ڪري هڪڙي ٻئي اڱڻ ۾ وٺي ويا جتي سندن هٿ ۽ پير ٻڌي هڪڙي قطار ۾ اوڪڙُو ويهاريو ويو. پوءِ ڪجھه جلاد جهڙا نوڪر آيا، جن جي هٿن ۾ لوهه جون ڳريون تيز ڌار واريون ڀالي جهڙيون شِيخُون هيون، پوءِ واري واري سان هنن اهي شِيخُون غلامن جي مٿي ۾ ايڏيءَ سگھه سان هنيون جو اهي بدن جي آر پار ٿي ويون ۽ غلام انهن شِيخن ۾ ڪباب جيان چنبڙي ويا.
“اڱڻ جي هڪڙي ڪُنڊ ۾ وڏيون ڪڙهايون باهه تي چڙهيل پاڻيءَ يا تيل سان ٽهڪيون پئي. غلامن کي انهن ٽهڪندڙ ڪڙهاين تي ڪبابن جيان ٽنگيو ويو، جن جي جسمن مان چرٻي پگھرجي انهن ڪڙهائين ۾ ڪرڻ لڳي. ان انساني چرٻيءَ مان عرب واپاري شهوتي سگھه لاءِ هڪڙي موميا يا ڪُشتو ٺاهيندا هئا، جيڪو سون جي اگھه ۾ وڪامندو هو، جنهن سان اُهي وڏو نفعو ڪمائيندا هئا ۽ ان اڀاڳن غلامن جوبچيل گوشت پوءِ ٻين غلام قيدين کي کارائيندا هئا. ائين انساني گوشت ۽ ڪجھه کجور ۽ پاڻي اسان جي خوراڪ هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو ڪو رحمدل محافظ ڪنهن خاص صورت ۾ غلام کي بيمار ڄاڻائي کيس موت جي منهن مان ڪڍي وٺندو هو، پر ان کان هڪدم پوءِ اهي جيئري بچندڙ غلام کي وهنجاري سهنجاري، سٺا ڪپڙا ۽ خوشبودار تيل مهٽي کيس غلام منڊيءَ ۾ وڃي وڪڻندا هئا”.
مقصد اهو ته نصيبو نالي هڪڙو غلام ائين جيئرو بچي ويو، جيڪو ڪيترن ئي هٿن مان وڪامجندو نيٺ آزاد ٿي ٽنڊي باگي پهتو ۽ اُتي ئي رهي پيو. هُن اُتي شادي ڪئي ۽ سندس ٻار ٿيا. محمد صديق مسافر موجب: هُن جا پوٽا پوٽيون ٽنڊي باگي ۾ رهندا هئا.
مسافر، هڪڙو ٻيو واقعو لکيو آهي، جيڪو 1841ع ۾ نينگھه ڳوٺ ۾ ٿيو، جيڪو ٽنڊي باگي کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هو. اُن ڳوٺ ۾ نصير نالي هڪڙو شيدي غلام رهندو هو. نصير ڏاڍو طاقتور پهلوان هو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي بگڙندو هو ته مالڪن لاءِ کيس ضابطي ۾ آڻڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. هڪڙي ڀيري جڏهن نصير ڪنهن ڳالهه تي ڪاڙويو هو ته مالڪ اٽڪل هڪ درجن ماڻهن جي مدد سان کيس سُمهڻ مهل جھلرائي زنجيرن سان ٻڌرايو. پوءِ ڳوٺ جي وچ ۾ هڪڙي وڏي کڏ کوٽي ان ۾ هڪڙي ٿُوڻِيءَ جي سهاري نصير شيديءَ کي ٻڌي، جيئرو سنگسار ڪيو ويو. روايت موجب: انهيءَ واقعي کان هڪ سال پوءِ اُن ڳوٺ ۾ وبا ڦهلجي وئي ۽ ماڻهو بيمار ٿي مرڻ لڳا. ڳوٺ جا ماڻهو ان وبا کي نصير شيديءَ جو پاراتو سمجھي ايڏو ڊنا جو ڳوٺ ڇڏي هليا ويا. هاڻي اتي کنڊر ۽ سرن جا ڍير آهن، جتي ڪنهن وقت نينگھه ڳوٺ آباد هو. نصير شيديءَ جي قتل کان ٻه سال پوءِ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ انگريزن هڪدم غلامن جي واپار کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، ڇو ته آمريڪا ۽ ٻين انگريزي بيٺڪن ۾ غلامن جي بغاوت کانپوءِ اڳ ۾ ئي انتي روڪ وڌي وئي هئي.
محمد صديق مسافر هڪڙيءَ پوڙهي شيدياڻيءَ کان ٻڌل داستان به بيان ڪيو آهي.
“آءٌ جنهن رئيس جي غلام هيس تنهن کي هڪڙي اُٺ سان ڏاڍو پيار هو. جڏهن اُٺ کي چاري ڏيڻ جي مهل ٿيندي ئي ته منهنجي لاءِ مالڪ جو اهو حڪم هو ته آءٌ اٺ جو اڌ مڻ جيترو چارو مٿي تي رکي سندس سامهون بيهي کيس کارايان ۽ اٺ منهنجي مٿي تي رکيل کاري مان گاهه چري، ڇو ته زمين تان چارو چرڻ ۾ اُٺ کي ڳچي هيٺ جھڪائڻي پوندي هئي ۽ کيس تڪليف ٿيندي هئي. ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اڌ مڻ چارو کاري سميت مٿي تي رکي آءٌ اٺ کي چارو چاريندي هيس ۽ ان دوران منهنجي ڳچيءُ جي حالت ڇا ٿيندي هئي، تنهن جي رئيس کي بلڪل پرواهه نه هئي. مقصد ته اونهاري ۾ ساڙيندڙ اس هوندي هئي، يا سياري جي ٿڌي رات، روزانو ڪلاڪن تائين مون کي ان پِيڙا مان لنگھڻو پوندو هو.” مسافر موجب: ان عورت جا ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون به ٽنڊي باگي جي ڀرسان رهندا هئا.
جيتوڻيڪ تنهن زماني ۾ سنڌ جي وڏن جاگيردارن، وڏيرن، رئيسن ۽ سردار جي گھرن ۾ شيدي غلام رکڻ جو رواج هو، پر اڪثر شيدي پيرن سيدن ۽ بلوچ رئيسن جي گھرن ۾ غلام هئا ۽ انهن غلامن ۾ رڳو ڪلدار قسم جي غلامن سان جيڪي گھڻو ڪري باز پالڻ، تتر تاتڻ يا وري ويڙهو ڪڪڙن ۽ ڪتن توڙي گهوڙن جا رکوال هوندا هئا، تن سان ڪنهن قدر سٺو سلوڪ ڪيو ويندو هو. ٻين شيدي غلامن جي حالت انتهائي ڪريل هئي. گھريلو غلامن جي ٻارن کي به غلام سمجھيو ويندو هو ۽ انتهائي محنت ۽ جاکوڙ واري غير انساني ٻانهپ واري زندگيءَ عيوض کين رڳو ماني ۽ ڪپڙا ئي ڏنا ويندا هئا ۽ انهن لاءِ ڪو باقاعدي پگھار جو رواج نه هو. گھران ڀڄندڙ غلام کي ڏوهاري سمجھيو ويندو هو ۽ وٽس مالڪ جي هٿ اکرن جو آزاديءَ وارو پروانو نه هئڻ تائين ڪنهن کي به کيس پناهه ڏيڻ يا کاڌو پيتو ڏيڻ جي اجازت نه هئي. ڪجھه رپورٽن موجب: هندو مالڪن جو شيدي غلامن سان ورتاءُ ڪنهن حد تائين بهتر هو.
خورشيد قائمخاني، جنهن جو محمد صديق مسافر جي هن ڪتاب ۾ مهاڳ آهي ان سان منهنجي پهريون دفعو ملاقات علي نواز گھانگھرو صاحب پنهنجي ڪتابن جي دڪان تي ڪرائي. افسوس جو ان بعد هو سگھو ئي وفات ڪري ويو. هو پاڪستاني فوج ۾ ميجر ٿي رهيو هو ۽ هن جي ڳالهين مان لڳو ٿي ته هن ڪافي دنيا ڏٺي آهي - خاص ڪري آفريڪا وارو پاسو. هن پنهنجي مهاڳ جي آخر ۾ شيدي قوم بابت واهه جو لکيو آهي جيڪو آئون هتي Quote ڪريان ٿو:
“ڏٺو وڃي ته انيڪ شيدين هندستان جي تاريخ ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي پر متعصب ۽ نسل پرست مورخن ڪڏهن به کين مناسب مقام نه ڏنو ۽ مٿن گمناميءَ جو پوچو ڪندا رهيا آهن.“
1843ع ۾ انگريزن طرفان سنڌ تي قبضي مهل هوش محمد شيدي دُٻِي جي جنگ ۾ مير شير محمد جي ڀاڄ کائيندڙ فوج کي سهارو ڏيڻ لاءِ چارلس نيپيئر جي فوجن جو رستو روڪيو ۽ شاندار ڪارنامي کانپوءِ بهادريءَ سان جان نڇاور ڪيائين.
ڏيٿا ريلوي اسٽيشن کان هڪ ميل اُتر ۾ سيال ڳوٺ ويجھو دُٻي جي جنگي ميدان ۾، انگريزن جي قبرستان جي سامهون، هوش محمد شيديءَ جي ٽُٽل ڀُريل قبر موجود آهي. سنڌي اڏاوت واري نموني جي ان ٺاهوڪيءَ ۽ سهڻي قبر کي شاندار نموني سان ٺاهيو ويو هو. پاڪستان ٺهڻ وقت اها قبر سُٺي حالت ۾ هئي ۽ ماڻهو مٿس گُل چاڙهڻ ايندا هئا، پر پنجاهه واري ڏهاڪي کانپوءِ شايد ڪنهن سياسي مصلحت هيٺ سنڌ جي اِن تاريخي قبر کي وساريو ويو، جيتوڻيڪ نعرا هڻڻ لاءِ هوش محمد شيديءَ جو نالو ته گھڻو ورتو وڃي ٿو پر نه ته ڪو وطن پرست سندس قبر مزار تي سلامي ڀرڻ اچي ٿو نه ئي ڪو انگريز دشمن مومن ئي سندس قبر تي ڪو دُورود ڪا فاتحه پڙهڻ ٿو اچي. جيتوڻيڪ هندستان جي شيدين تي ديوان لکي سگھجن ٿا، پر اهي ديوان انساني گناهه جي ان ڪارٺ کي ڪڏهن به ڌوئي نٿا سگھن، جيڪا هڪ انسان ٻئي انسان کي جانورن جيان وڪڻي پنهنجي منهن تي ملي آهي”.
• محمد صديق “مسافر” کي شروع کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هو، جنهن بابت ماتلي ڊگري ڪاليج جو ليڪچرر عبدالجبار قاسم نظاماڻي لکي ٿو ته هن باقاعدگيءَ سان لکڻ جي شروعات ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ رهندي اخبار “تعليم” ۾ لکڻ سان ڪئي. هن ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي مقالا ۽ مضمون ۽ ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا آهن. ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما ڪيا اٿس. محمد صديق “مسافر” شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو وڏو پارکو هو. هي ئي پهريون شاعر آهي جنهن شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو مڪمل احوال نظم ۾ لکيو.
• ٽنڊي باگي جي جاگيردار مرحوم خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر کي گھڻي وقت کان وٺي ٽنڊي باگي ۾ انگريزي اسڪول کولرائڻ جو ارادو هو، تنهن ٻه جايون وٺي “مسافر ” جي حوالي ڪيون. هڪڙي اسڪول لاءِ ۽ ٻي بورڊنگ هائوس لاءِ. 1920ع کان اهو اسڪول کوليو ويو جنهن جو نالو “لارينس مدرسه” رکيو ويو ۽ بورڊنگ هائوس تي “گبسن بورڊنگ هائوس.” مسافر جو ٽنڊي باگي ۾ اڄ کان هڪ سئو سال اڳ شروع ڪيل هي اسڪول اڄ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٿي هلندو اچي. مسافر هن اسڪول جو 1925ع تائين هيڊ ماستر ٿي رهيو.
• زئنزيبار ۾ تلهار پاسي جي هڪ کوجي سان غلامن جي وڪري ۽ زئنزيبار جي “غلام منڊي” Slave Market بابت خبر چار ڪرڻ دوران محمد صديق مسافر جي به ڳالهه نڪتي. مون کلندي چيومانس ته ڪنهن کي خبر هئي ته 1806ع ڌاري هتان هڪ بي نام غلام نينگر عمان پهچي بلال ٿيندو، جتان پوءِ ٻن سالن بعد سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ وڪرو ٿي ٽنڊي باگي پهچندو... جتي وري وڪرو ٿي “گلاب” سڏبو ۽ مائي سليمت بعد مائي بيگم سان شادي ڪندو، جنهن مان ٿيندڙ پٽ پنهنجي والد جي ٽنڊي باگي ۾ پهچڻ کان هڪ صدي پوءِ 1920ع ۾ انگريزي اسڪول ٺاهي پنهنجي شيدي قبيلي توڙي اسان جي سنڌ واسين کي انگريزي، سنڌي، فارسي ۽ عربي پڙهائيندو. اڄ 2020 ۾ جڏهن ان کي به هڪ صدي گذري وئي آهي ته به ان لياقت جو ڪو ٽيچر ۽ نه مير غلام محمد خان ٽالپر جهڙو مخير ۽ تعليم لاءِ اونو ڪندڙ نظر اچي ٿو. بقول ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جي “مير غلام محمد خان ٽالپر لاڙ جو سرسيد هو، جنهن هن علائقي جي غريب ماڻهن جي اولاد لاءِ مفت تعليم جو بندوبست ڪيو”.
مرحوم خان بهادر مير غلام محمد صاحب مسافر کي هميشه چوندو هو ته “مسافر. خرچ منهنجو ۽ محنت تنهنجي، ڪڏهن به دل سست نه ڪج! اميد ته لاڙ کي علمي گلستان بڻائينداسون.“ بقول عبدالباري قمبراڻيءَ جي “انهن ٻن مردن جي گڏيل ڪوششن ۽ تدبير جو نتيجو اهو نڪتو جو اها عام چوڻي : اتر جو ڍڳو ۽ لاڙ جو ماڻهو، رد ٿي وئي”.
ان اتر ۽ لاڙ جي تعليم ۽ علمي awareness تي آئون پنهنجي Comment لکڻ ٿو چاهيان. ضروري ناهي ته منهنجي اها Comment صحيح هجي. ان ڪري ڪو به دل ۾ نه ڪري. مون کان ڪو اڄ جي حالتن مطابق پڇي ته آئون ته اهو ئي چوندس ته اڄ به اتر جا ماڻهو وڌيڪ محنتي ۽ پڙهيل نظر اچن ٿا. خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ٻين کي به فالو ڪرڻ کپي. مون کي اتر جا ڇوڪرا ته ڇا پر ڇوڪريون به گھڻي تعداد ۾ ٻاهر اعليٰ تعليم حاصل ڪندي ۽ نوڪريون ڪندي نظر اچن ٿيون. ملائشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ ته ڇا پر فنلئنڊ ۽ ناروَي جهڙن ملڪن ۾ به - جتي چار پنج مهينا سخت سيءُ سان گڏ لڳاتار رات (اونداهه) رهي ٿي.
ڪجھه سال اڳ انگلنڊ ۾ مون ان ڳالهه جو ذڪر اتي جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر فريده پنهور سان ڪئي، ته هن به ان ڳالهه جي تائيد ڪئي ته هن وٽ آڪسفورڊ ۾ به اتر پاسي جا اسٽوڊنٽس محنتي ۽ سخت جان ليکيا وڃن ٿا. هو اڃ، بک يا سرديءَ جي به پرواهه نٿا ڪن ۽ ڏکين حالتن ۾ گذارو ڪريو وڃن. هنن کي پنهنجي پروفيسر سان ملڻو هوندو ته به ائين ئي هليا ويندا پر اسان جي وچولي ۽ لاڙ جون ڇوڪريون جيسين تيار نه ٿين هو ان کي عيب سمجھنديون ۽ شرمائينديون پيون. هنن ۾ رومانٽسزم گھڻو آهي... بهرحال جن کي محنت ۽ ڏکين حالتن ۾ رهڻ جو شوق ناهي انهن کي ٻين کان سکڻ کپي. مون ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو احوال وقت به وقت ڪاوش اخبار ۾ لکيو آهي ته هنن ڪيڏي محنت سان تعليم حاصل ڪئي ۽ وڏي ايمانداري ۽ جذبي سان نوڪري ڪري رهيون آهن.
• محمد صديق مسافر ننڍو (نَوَ سالن کن جو مس) هو ته هن جو والد گذاري ويو، پر هو پنهنجي والده مائي بيگم لاءِ لکي ٿو ته هوءَ وڏي همٿ واري عورت هئي. جنهن هن کي پڙهايو ۽ ڏکين حالتن هوندي به هن جي صحيح طرح پرگھور لڌي. “مسافر” پاڻ به پنهنجي شاعريءَ ذريعي ماءُ جي ان پيار ۽ تڪليفن جي مڃتا ڪئي آهي. سندس هڪ شعر آهي:

مڃان ماءُ پنهنجيءَ جا ٿورا هزار،
ڪئي جنهن چڱي پالنا ۽ پيار.
چوان هينءَ ته اي منهنجي پياري امان،
مڃيو تنهنجا ٿورا ادب سان نمان.
آخر ۾ چوي ٿو:
پياري نه گڻ تنهنجا وسرن اڃان،
گھڻا تنهنجا ٿورا“مسافر” مڃان.

اهو پڙهي مون کي آفريڪا ۾ هڪ غلام شيدياڻيءَ جا ٻول ٿا ياد اچن، جيڪو نظم ڇهين ڪلاس جا ٻار “آڪسفورڊ ماڊرن انگلش” ڪتاب ۾ پڙهن ٿا جنهن ۾ هڪ غلام حبشياڻي پنهنجي پٽ کي محنت ۽ جدوجهد قائم رکڻ لاءِ نصيحت ڪري ٿي ته ڪيئن هن ڏکين حالتن ۾ مشڪلات جي چاڙهي چڙهي، جنهن جي هڪ هڪ ڏاڪي تي ڪِلا ۽ ڪوڪا کُتل هئا، ڏاڪا ڀڳل هئا پر هوءَ ڪٿي ترسڻ بدران اڳتي وڌندي وئي ۽ هن پنهنجي پٽ جي پرورش ڪئي... وغيره. هي نظم هڪ شيدي غلام لئنگسٽن لکيو آهي، جيڪو ڊراما نويس ۽ ناول نويس آهي. هن پنهنجي هن شعر ۾ هڪ بي وس غلام ماءُ جي احساسن جي ترجماني ڪئي آهي. هيءُ نظم لئنگسٽن 1922ع ۾ لکيو هو، جن ڏينهن ۾ سمجھو ته اسان جو “مسافر” صاحب ٽنڊي باگي جي لارينس اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو. هي نظم هن ريت آهي:

MOTHER TO SON…
Well, son, I,ll tell you:
Life for me has not been no crystal stair.
It’s had tacks in it,
And splinters,
And boards torn up,
And places with no carpet on the floor.
Bare.
But all the time
I have been climbing on,
And reaching landing’s,
And turning corners,
And sometimes going in the dark
Where there has not been not light.
So boy, don’t you turn back.
Don’t you set down on the steps,
Cause you find it’s kind of hard.
Don’t you fall now__
For I have still going, honey,
I have still climbing,
And life for me has not been no crystal stair.

(by: Langston Hughes)

محمد صديق “مسافر” کي عورتن جي تعليم جو به ڏاڍو اونو هوندو هو. ان جي لاءِ هن ڪيترائي مضمون لکيا. سندس هڪ مشهور شعر آهي:

ڏک ڀري هڪ ڀيڻ پڇيو، دل مان ڪڍي ٿڌڙو پساهه،
علم مردن کي ملي، زالن ڪيو ڪهڙو گناهه.

مون چيو منهنجي امي ڪونهي اوهان جو ڪو قصور،
اي مڙئي غفلت اسان مردن جي ڄاڻي ٿو الله.

مسافر 24 سيپٽمبر 1961ع تي ٽنڊي باگي ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اتي ئي آهي. سندس ئي هڪ شعر آهي ته:

زندگي جون منزلون سڀ طئي ڪري،
هاءِ! اڄ حضرت “مسافر” ويو لڏي.

سنڌ يونيورسٽي جو مرحوم پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جيڪو مسافر جي ضلعي جو هو اهو ٻڌائيندو هو ته مسافر هڪ ٻئي پويان ٽي شاديون ڪيون. سندس هڪ پٽ عطاءُ الله ۽ ڏوهٽو عبدالباري سائين جوڻيجو صاحب جن جا ڪلاس ڀائي هئا ۽ هڪ ڏوهٽي مس محموده بدين جي اقراءَ اسڪول ۾ ٽيچر آهي. مسافر 1879ع کان 1961ع تائين، 82 سال حيات رهيو.

هڪ عالم دين عمر اِبنِ سعيد جي ڪهاڻي

جيئن گلاب خان شيديءَ جي زندگيءَ کان اسان جا ماڻهو واقف آهن، جنهن جو احوال هن جي فرزند محمد صديق “مسافر” پيءُ جون ڳالهيون ٻڌي لکيو ته هو ڪيئن ڇهن ستن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي وطن ۾ “غلام شڪار ڪرڻ” (Slave hunters) جي ور چڙهي ويو ۽ زئنزيبار جي غلام منڊي (Slave Market) ۾ وڪرو ٿي مسقط (عمان) موڪليو ويو، جتي جي خريدار عرب شيخ حسين هن کي ٻه سال پاڻ وٽ رکي پوءِ ٻين غلامن سان گڏ هن کي به سنڌ جي ڪنهن هول سيل مرچنٽ ڏي روانو ڪري ڇڏيو. اتي گلاب خان کي ٺٽي جي هڪ سنگتراش خريد ڪيو. ان بعد ٽنڊو باگو ۾ هو اتفاق سان هڪ نيڪ انسان حر علي مخدوم وٽ وڪرو ٿيو، جنهن هن کي دين جي تعليم ڏني، شادي ڪرايائينس ۽ هن جو پٽ محمد صديق مسافر سنڌ جو قابل ٽيچر، مشهور ليکڪ ۽ شاعر ٿيو. هو جي پڙهيل لکيل نه ٿئي ها ته اڄ اسان جا ماڻهو هن جي والد ۽ ٻين شيدي غلامن جي حال احوالن کان اڻواقف رهن ها.
هڪ اهڙي ئي آفريڪا جي شيدي غلام عمر بن سعيد جي آتم ڪٿا آمريڪا توڙي عرب دنيا ۾ مشهور آهي ۽ عجيب اتفاق آهي ته هن غلام جو وڪرو به ان ئي سال 1807ع ڌاري ٿيو ۽ کيس پنهنجي وطن مان دربدر ڪيو ويو. فرق فقط اهو آهي ته سنڌ ايندڙ هي غلام شيدي گلاب خان آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جو رهاڪو هو ۽ زئنزيبار ٻيٽ کان هندي وڏو سمنڊ لتاڙي مسقط ۽ ان بعد سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ پهتو هو ۽ هوڏانهن آفريڪا جي اولهه ڪناري وارو رهواسي عمر ابن سعيد کي اڄ واري ملڪ سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار کان ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙائي آمريڪا موڪليو ويو، جتي هن جو وڪرو آمريڪا جي رياست ڏکڻ ڪئرولينا جي بندرگاهه چارلسٽن ۾ هڪ يورپيءَ وٽ ٿيو.
ٿي سگھي ٿو ته اسان واري گلاب شيديءَ جو تعلق به هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان هجي. هن جي فئملي پنهنجي علائقي جي هڪ باعزت فئملي هجي. ڇو ته ائين ناهي ته اسان واري پاسي عرب واپارين ۽ هوڏانهن ائٽلانٽڪ سمنڊ پاسي يورپين آفريڪا جي جھنگلن مان رڳو ڪي خانه بدوشن ۽ ڏوهاري ماڻهو ٿي ڦاسايا. هنن کي جيڪو سڻائو حبشي ماڻهو مليو ٿي، ان کي کنڀي، وڪري لاءِ ويجھي بندرگاهه ڏي موڪليو ٿي جتان پوءِ هنن کي هڪ طرف هند سنڌ، عمان، عربستان، ترڪي، ايران ڏي ته ٻئي طرف برازيل (ڏکڻ آمريڪا) ۽ اتر آمريڪا ڏي وڏي اگھه تي وڪرو ڪرڻ لاءِ موڪليو ٿي. هي غلام عربي ٻوليءَ جو ليکڪ ۽ عالمِ دين عمر بن سعيد 37 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ڳوٺ مان کنڀيو ويو هو. هنن جي ڳوٺ ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جيئن سمجهو ته اسان وٽ جيڪب آباد ۽ گھوٽڪي پاسي مختلف قبيلن جا جھيڙا ٿيندا رهن ٿا ۽ پوءِ اهي جھيڙا پوليس، وڪيلن ۽ ويندي انهن قبيلن جي وڏيرن، سردارن، ڀوتارن لاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو پڻ بڻجن ٿا.
سو آفريڪا ۾ مقامي شيدي ماڻهن کي غلام بنائڻ جا جيڪي طريقا هئا انهن مان ڪجھه شروع وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان، انهن کان سواءِ هي به هئا ته غلام ڦاسائڻ وارا شڪاري (Slave hunters) رات جي پوئين پهر ۾ ڪنهن ڳوٺ کي وٺي باهه ڏيندا هئا. ڳوٺ جا رهواسي پريشان حال ۾ ننڊ مان اٿي، جان بچائڻ لاءِ گھرن کان ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته چوڌاري انتظار ۾ بيٺل “غلامن جا شڪاري” هڪ هڪ شيديءَ کي سنگھرن ۾ سوگھو ڪري وٺندا هئا ۽ کين ماري ڪٽي پنڌ ئي پنڌ سمنڊ جي ڪناري ڏي وٺي ايندا هئا، جتي ٺهيل مشهور غلام منڊين ۾ نيلام ٿيڻ بعد هنن کي ان وقت جي ڪاٺاڻن جهازن ۾ هندي وڏو سمنڊ يا ٻئي پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپائي آمريڪا موڪليو ويو ٿي.
غلامن هٿ ڪرڻ جو ٻيو طريقو اهو به هو ته خود شيدي سردارن پنهنجي قوم يا قبيلن جي ماڻهن کي عربن يا يورپي واپارين وٽ وڪڻي پئسو ڪمايو ٿي. اڪثر ٻن قبيلن جي ماڻهن ۾ ڪنهن ڳالهه تان جھيڙو ٿيو ٿي ته فيصلو ڪندڙ سردارن ڏوهاري ڌر جي سڀني مردن ۽ عورتن ٻارن کي وڪرو ڪري مليل پئسي مان حصو پتي ڪيو ٿي. هنن جو وڏو زور عورتن تي هوندو هو، جنهن جو اگھه وڌيڪ ڪٿيو ويو ٿي. اهو ته اڳهين لکي چڪو آهيان ته انهن ڏينهن ۾ آفريڪا جي اندروني علائقن ۾ اڃا ڪرنسي نوٽن يا سڪن جو رواج شروع نه ٿيو هو. سڄو ڪم بارٽرسسٽم تي هليو ٿي - يعني مال جي بدلي ۾ مال جو وڪرو ٿيو ٿي. انهن غلامن جي بدلي عرب يا يورپي خريدارن شيدي سردارن کي ڪپڙو، ٽامي جا برتن، موتي، مڻيا، آرسيون، ڇرا ۽ بندوقون ۽ بارود ڏنو ٿي.
شيدين کي ڦاسائي غلام بڻائڻ جو هڪ هي به طريقو هو جنهن ذريعي عمر بن سعيد پڻ غلام بڻجي ويو. هنن جي علائقي ۾ ٻن ڌرين جي ماڻهن جو گوڙ فساد ٿيو، جنهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ فرينچ سپاهي پهچي ويا - جن جو انهن ڏينهن ۾ سينيگال تي قبضو هو. هنن بندوقن ۽ بارود جي زور تي جيڪو ننڍو وڏو سامهون آيو پئي يا گهرن، مدرسن ۽ مسجدن ۾ داخل ٿي لِڪو ٿي ان کي رسيون ٻڌي هنن جي شهر فوتا تورو (Futa Toro) مان سمنڊ جي ڪناري واري شهر گوري (Goree) جي غلام منڊيءَ ۾ پهچايو ٿي، جتان هنن کي جهازن ۾ ڀري وڪري لاءِ آمريڪا موڪليو ويو ٿي. اڄ وارو سينيگال جي گاديءَ وارو شهر ڊڪار ان گوري شهر ڀرسان بعد ۾ آباد ٿيو. انهن ڏينهن ۾ گوري (يعني اڄ واري ڊڪار) مان غلام آمريڪا جي شهر چارلسٽن ۾ پهچايا ويا ٿي، جو آمريڪا جو اهو بندرگاهه آفريڪا جي ڊڪار جي سامهون پوي ٿو. جيئن هيٺ ڏاکڻن ملڪن نميبيا ۽ ائنگولا جي غلام مارڪيٽن جا غلام برازيل موڪليا ويا ٿي جو هڪ ته انهن ٽنهي ملڪن تي قبضو پورچو گالين جو هو ۽ ٻيو ته ائنگولا کان نڪرڻ تي سامهون ۽ ويجھو برازيل ٿو پوي. اڄ به اسان ڪيپ آف گڊ هوپ سمنڊ ٽپڻ بعد ائنگولا کان سڌو برازيل جو رخ رکون ٿا. پوءِ جي اتر آمريڪا يا ڪئناڊا وڃڻو هوندو اٿئون ته سرينام، وينزوئلا، ويسٽ انڊيز، ڪيوبا وٽان ٿيندا ميامي، نيو اورلينس ۽ هوسٽن ويندا آهيون يا مياميءَ وٽان مٿي اتر ڏي هوانا، چارلسٽن، نورفوڪ، فلڊلفيا، نيوارڪ ۽ اڃا مٿي ڪئناڊا هليا ويندا آهيون. ان جي مقابلي ۾ ڊڪار کان چارلسٽن ته ڏاڍو اچڻ وڃڻ رهيو ٿي. چارلسٽن ڏکڻ ڪئرولينا جو وڏو شهر ۽ بندرگاهه آهي. جيتوڻيڪ ان جي گاديءَ جو شهر ڪولمبيا آهي. (ياد رهي ته هڪ ڪولمبيا ملڪ به آهي جيڪو ڏکڻ آمريڪا ۾ آهي). هي ٻئي ڪولمبيائون (شهر ۽ ملڪ) ڪرسٽافر ڪولمبس نالي آهن. آمريڪا ۾ ڪئرولينا نالي ٻه رياستون آهن: هڪ ڏکڻ ڪئرولينا ۽ ٻي ان جي اتر ۾ نارٿ ڪئرولينا آهي، جنهن جو شارلوٽ وڏو شهر آهي ۽ ولمنگٽن بندرگاهه آهي. انهن رياستن جي ڏکڻ ۾ جارجيا ۽ فلوريڊا رياستون آهن، جن جي اتر ۾ ميريلئنڊ، نيوجرسي، نيو يارڪ ۽ پينسلوانيا وغيره آهن.
سينيگال جي هن حبشي غلام جي ڄاڻ مون کي پهريون دفعو اتر ڪيرولينا جي شهر فائي ٽي ويل (Fayetteville) ۾ ٿي، جتي حيدرآباد جي هڪ رهاڪو دوست “محمد رفيق شيخ” جو فرزند اعجاز شيخ واشنگٽن کان فلڊلفيا وٺي وڃڻ دوران منجھند جي ماني ۽ نماز لاءِ ترسيو هو. مون نٿي سمجھيو ته هن شهر فائٽي ويل ۾ ڪا مسجد هوندي پر يادڪين (Yadkin) روڊ ۽ فائٽي ويل اسٽيٽ يونيورسٽي وٽ نه فقط اسلامڪ سينٽر (روز هل روڊ تي) نظر آيو پر هڪ ٻئي پويان ٻه ٽي مسجدون به ڏٺيونسين. جيئن ته “مسجد رسول الله”، مسجد اهلِ سنه ۽ بٽمن چرچ روڊ تي “ مسجد المدينه” هئي. اعجاز انهن مسجدن جي وچ ۾ مُرچي سن (Murchision) روڊ وٽ جنهن مسجد ۾ وٺي آيو، ان جو نالو ئي هو Masjid Omar Ibn Sayyid. اعجاز ٻڌايو ته هيءَ مسجد سينيگال جي ان حبشي عالم عمر ابن سعيد جي آهي، جيڪو مرڻ گھڙيءَ (1864ع تائين) اٽڪل 57 سال هن شهر Fayettevile ۾ غلام جي حيثيت ۾ رهيو. هي غلاميءَ جي حالت ۾ به صبر و شڪر سان رهيو ۽ پنهنجو لکڻ پڙهڻ قائم رکيو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب “The Life of Omar Ibn Said” نه فقط مشهور آهي پر واحد آٽو بايو گرافي آهي، جيڪا ڪنهن آفريڪي آمريڪن غلام لکي. عمر بن سعيد اهو ڪتاب سوره الملڪ سان شروع ڪيو آهي ته ”وڏي برڪت وارو آهي اهو رب جنهن جي قبضي ۾ سڄو جهان آهي ۽ جيڪو هر شيءِ تي قادر آهي...“
عمر بن سعيد 1770ع ۾ اڄ واري سينيگال ملڪ جي شهر فوتا تورو (Futa Toro) ۾ ڄائو. يعني اهو سمجھو شاهه لطيف جي وفات کان 18 سال پوءِ جي زماني ۾! فوتاتورو شهر ماريطانيا جي بلڪل بارڊر وٽ سينيگال نديءَ جي ڪناري تي ائين آهي، جيئن روهڙي ۽ سکر سنڌو نديءَ جي ڪناري تي هڪ ٻئي سان مليل آهن. پر اهو آهي ته سکر ۽ روهڙي شهر جي الڳ الڳ حيثيت ۽ تاريخ آهي ۽ جيتوڻيڪ اهي ٻئي شهر درياهه سان مليا پيا آهن پر ادل سومري ۽ اياز گل کان پڇبو ته هو ڪٿي جا آهن ته هو سکر جا ٻڌائيندا. ائين هرگز نه چوندا ته “روهڙي سکر” جا آهيون. اهڙي طرح سينيگال نديءَ جي هڪ پاسي جو علائقو فوتا ضرور سڏجي ٿو ۽ ٻيو پاسو تورو (Toro) پر توهان ڪنهن به پاسي جي ماڻهوءَ کان پڇندئو ته هن جو ڪهڙي شهر سان تعلق آهي ته هو توهان کي “فوتا تورو” ٻڌائيندو - يعني “سکر روهڙي” چوندو. درياهه جي ويجھو هجڻ ڪري هي علائقو ڪجھه سرسبز آهي نه ته باقي اڳيان پويان رڻ پٽ صحرا آهي. قافلن جي گذرڻ ڪري هن پاسي اسلام شروعاتي سالن ۾ ئي اچي ويو. عمر ابن سعيد به ديني تعليم هتي جي مسجدن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. پنجن سالن جو هو ته هن قرآن ۽ عربي سکڻ شروع ڪئي. مختلف مفتي مولوين کان 25 سال دين جي تعليم ورتي.
جيئن اسان جو ملڪ (گڏيل هندوستان) پهرين پورچو گالين حوالي ۽ پوءِ انگريزن جي ڪالوني ٿي رهيو. تيئن سينيگال تي 1677ع کان فرينچن جو قبضو رهيو، جن 1960ع ۾ سندس جان ڇڏي - يعني سينيگال آزاد ٿيو. پورچوگالين، هسپانين، ڊچن، انگريزن وانگر فرينچن به نئين مليل کنڊ آمريڪا ۾ لوزيانا ۽ ڪئرولينيا رياستن جهڙا ڪيترائي علائقا قبضي ۾ ڪري رکيا هئا ۽ اتي رهندڙ فرينچ جاگيردارن ۽ واپارين کي ٻني ٻاري، کاڻين جي ڪم ۽ ٻين ڏکين پورهين لاءِ مزدورن جي ضرورت پوڻ لڳي، جنهن لاءِ هنن وٽ هڪ ئي حل هو ته آفريڪا جي شيدين کي سوگھو ڪري غلام بڻائجي ۽ آمريڪا موڪلجي. هونءَ هي شيدي جسماني طاقت ۾ يورپين کان تمام گھڻا سگھارا هئا پر ٽيڪنالاجي ۾يورپي مٿاهان هئا. يورپين وٽ بندوقون ۽ بم هئا، جن جي اڳيان شيدين جي ڪجھه نٿي هلي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڏورانهن ڏيهن کان آيل يورپين (توڙي آفريڪا جي ٻي پاسي عربن) هنن ڌرتيءَ ڌڻين کي سوگھو ڪري غلام ٿي بڻايو. هنن “غلامن جي شڪارين” يعني Slave hunters اڳيان آفريڪا جو هر حبشي - چاهي مرد هجي يا عورت يا ٻار، هنرمند هجي يا پڙهيل ڳڙهيل، هڪ گڏهه خچر وانگر جانور هو، جنهن کان پورهيو وٺڻ لاءِ هن کي غلام بڻائي وڪرو ڪرڻو هو ۽ ان وڪري مان مليل پئسي مان فرانس، پورچوگال، انگلينڊ يا عمان ۽ عربستان ۾ پنهنجي عياشيءَ لاءِ محل ٺهرائڻا هئا... ڪجھه ڪجھه اڄ جو زمانو به اهڙو ئي ٿو نظر اچي، جنهن ۾ اسان جا حاڪم عوام جو پئسو لنڊن، دبئي، قطر، اسپين ڏي کڻي اتي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجين ستن پيڙهين جي عياشيءَ لاءِ محل ماڙيون اڏين ٿا، ڪاروبار ۽ بئنڪ بئلنس ٺاهين ٿا... پٺيان غريب عوام پيئڻ لاءِ صاف پاڻي لاءِ به سڪندو رهي ٿو... عورتون سهانجن ۾ ۽ ٻار اڻپوري خوراڪ ڪري تڙپيو تڙپيو مريو وڃن...
فوتا تورو ۾ ٻن قبيلن جي جھيڙي ۾ فرينچن وٺ پڪڙ ڪري ڪيترنئي مقامي شيدين کي سوگھو ڪري اڄ واري ڊڪار بندرگاهه ۾ موڪليو، جتي تيار بيٺل جهاز ذريعي هنن کي آمريڪا موڪليو ويو. انهن جهازن ۾ (جيڪي “غلام کڻندڙ جهاز” يعني Slave Ships سڏبا هئا) هر هڪ تي سوڙها سنگهوڙا ڪري اٽڪل ٻه سئو کان اڍائي سئو غلام سوار ڪيا ويندا هئا. ان وقت ڊڪار مان روانا ٿيندڙ جهازن مان هڪ ۾ فوتا تورو جو هي عالم دين ۽ ٽيچر عمر ابن سعيد به هو، جنهن جي ان وقت عمر 37 سال هئي ۽ سال 1807ع هو. سچل سرمست جي پارکن ۽ پرستارن لاءِ لکندو هلان ته ان وقت سچل 68 سالن جو هو، جنهن 88 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي يعني 1827ع ۾.
عمر ابن سعيد پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته آمريڪا جي بندرگاهه چارلسٽن پهچڻ لاءِ هنن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ ۾ ڏيڍ مهينو لڳي ويو، جنهن ۾ هن کي ۽ ٻين غلامن کي اهڙو اڃيو بکيو رکيو ويو جو هو مرندي مرندي بچيا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ سڙهه تي هلندڙ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪرڻ ڪو سولو ڪم ته نه هوندو جڏهن ته اسان جو اڄ جي طاقتور انجڻ وارن ماڊرن جهازن ۾ به پگھر جاري ٿيو وڃي ۽ ٻه ٽي ڏينهن جي Sea Sickness ٿي ٿئي ته آمريڪا جي ڪناري تائين پهچندي لوڪڙ ٿيو وڃون. اسان کي تيز رفتار انجڻ وارن جهازن تي به ڊڪار کان چارلسٽن پهچڻ ۾ هفتو ڏهه ڏينهن لڳيو وڃن. 1807ع واري زماني ۾ جڏهن عمر بن سعيد هڪ غلام جي حيثيت ۾ انهن ڏينهن جي سڙهن واري ٻيڙي ۾ (جيڪي هلائڻ واري جي مرضي سان نه پر هوائن جي زور ۽ رخ تي هلندا هئا)، ڏيڍ مهينو سمنڊ جي ڇولين سان مقابلو ڪرڻ ۽ نه هئڻ برابر کاڌي تي گذر ڪري جيئرو رهڻ ڪو سولو ڪم ته نه هو.
ڏکڻ ڪئرولينا جي بندرگاهه چارلسٽن ۾ پهچڻ سان آفريڪا کان آيل غلامن جي هن کيپ جو وڪرو ٿيو. جنهن جاگيردار يورپي همراهه عمر بن سعيد کي خريد ڪيو ان لاءِ عمر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته اهڙو وڏو ظالم شخص هو، جنهن غلامن کي جانورن کان به بدتر سمجھيو ٿي. بهرحال عمر ابن سعيد کي هن جي قيد مان فرار ٿيڻ جو سگھو ئي موقعو ملي ويو. هو پنڌ ئي پنڌ اتر طرف فائيٽي ويلي روانو ٿي ويو، جيڪو اڄ ڪلهه اتر ڪيرولينا رياست جو شهر آهي. چارلسٽن کان Fayetteville اٽڪل 360 ڪلوميٽر فاصلو آهي جيڪو ڪار ۾ به ساڍا ٽي ڪلاڪ ٿو وٺي. فائٽي ويلي ۾ پهچي هو پڪڙجي پيو. ماڻهن ۽ پوليس کي شڪ پئجي ويو ته هي حبشي اڪيلو اڪيلو پيو هلي، ضرور ڪنهن مالڪ وٽان ڀڳو آهي. عمر بن سعيد به خطرو سونگھي هڪ گرجا گھر ۾ وڃي لڪو پر گرفتار ٿي ويو ۽ کيس قيد ڪيو ويو.
قيد بعد جنهن همراهه جيمس اوون (James Oven) وٽ وڪرو ٿيو اهو هن جو وڏو خيال ڪرڻ لڳو. اهو قيد ئي هو جنهن ۾ رهڻ ڪري ماڻهن کي خبر پئي ته عمر ابن سعيد عربيءَ جو ڄاڻو ۽ مذهبي ڄاڻ رکي ٿو. قيد دوران هن قيد جي ڀتين تي پنهنجي ڊائري لکي جيڪا کيس جيل مان ڪڍڻ بعد ڏٺي وئي. زندگيءَ جا باقي ڏينهن هو جيمس اوون جو ئي غلام ٿي رهيو. جيمس اوون آمريڪا جو سياستدان، جاگيردار، بزنس مئن ۽ فوج ۾ ميجر جنرل ٿي رهيو. سندس ڀاءُ جان اوون نارٿ ڪئرولينا جو گورنر ٿيو هو. عمر ابن سعيد 1864ع ۾ وفات ڪئي ۽ پوري سال بعد 1865ع ۾ سندس مالڪ جيمس اوون گذاري ويو.
عمر ابن سعيد آمريڪا ۾ 57 سال رهڻ دوران 14 قلمي نسخا لکيا، جن مان هن جي آتم ڪهاڻي سڀ کان گھڻي مشهور آهي، جيڪا ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. انگريزيءَ وارو ترجمو The life of Omer Ibn Said بيحد عام آهي. آمريڪا ۾ ڪنهن شيدي غلام جي اها پهرين آٽو گرافي چئي وڃي ٿي. سندس قلمي نسخا اڄ به اتر ڪئرولينا جي يونيورسٽي جي ولسن لئبريريءَ ۾ موجود آهن. انهن ۾ گھڻي ڀاڱي ۾ اسلام تي لکيل آهي.
آفريڪا جو هي سفر نامو لکڻ وقت مون کي عمر ابن سعيد بابت لکڻ جو خيال بلڪل نه هو. بس هينئر آخر ۾ پنهنجي ديس ۾ وڪرو ٿي آيل آفريڪي غلام بلال عرف گلاب خان شيدي ۽ ان جي تعليم يافته فرزند محمد صديق “مسافر” جنهن کي شروع جي ڏينهن ۾ پيار مان سڀني ”جھنڊو“ ٿي سڏيو، انهن جو احوال پئي لکيم ته انهن ڏينهن ۾ ڪنهن انگريزي اخبار، شايد “الجزيره” ۾ عمر ابن سعيد بابت هن عنوان سان مضمون آيو:
How Omar Ibn Said Persevered Even in Captivity.
ان ۾ هو ته هڪ مسلمان لاءِ ان ۾ ڪيترائي سبق موجود آهن جن مان هڪ ثابت قدميءَ جو آهي. مسلمان مان اها ئي اميد رکي سگھجي ٿي ته هو ڏکئي وقت ۾ به ثابت قدم رهي، جيتوڻيڪ اهو ڪم هر وقت ڪو آسان ناهي.
عمر بن سعيد هڪ خوشحال گھراڻي جو باشندو هو، جيڪو ان وقت اعليٰ عالمن ۽ مفتين کان 25 سال تعليم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي علائقي جو باعزت ۽ وڏي ڄاڻ رکندڙ عالم دين ٿيو. کيس نه فقط اسلام جي تعليم هئي پر مئٿس، فلسفي ۽ ٻين سبجيڪٽن جي به. هن جي علائقي جي قبيلن جي لڙائيءَ ۾ وڏو ٻڙڌڪ مچي ويو ۽ فرينچن موقعو غنيمت ڏسي جنهن تنهن کي کنڀي غلام طور وڪڻي ڇڏيو. هو 1807ع کان (جڏهن37 سالن جو هو) مرڻ تائين (جڏهن هو 94 سالن جو وڃي ٿيو) غلام ٿي رهيو. ٿورو سوچيو! هڪ امير گھراڻي جو فرد ٿي جنهن کي نه فقط هر مادي سک هو پر عزت ۽ شهرت به هئي، اک ڇنڀ ۾ هر شيءِ وڃائي نوڪر يا خادم به نه پر غلام بڻجي ويو. يعني ٻين جي نظرن ۾ ڪمتر ۽ نفرت جي لائق سمجھيو وڃڻ لڳو پر هن ڪڏهن به پنهنجي مذهب کي ان لاءِ ذميوار نه سمجهيو. هن ڪڏهن به پنهنجي رب سان شڪايت نه ڪئي ته هن کي ڇو سڄي زندگي غلام ٿي رهڻو پيو. غلام ٿي رهڻ جي حالت ۾ به هن ڪڏهن علم پرائڻ نه ڇڏيو ۽ ڪڏهن به پنهنجي رب جو بي شڪر نه ٿيو. آمريڪا ۾ جڏهن به اسلام جي ڳالهه نڪري ٿي ته عمر ابن سعيد جي زندگي ۽ هن جي ڪهاڻيءَ جو هميشه ذڪر ڪيو وڃي ٿو. هن جي زندگيءَ تي ڳوڙهي نظر ٿي وجھجي ته اسان کي سبق ملي ٿو ته رب پاڪ اسان کي اهو ئي چيو آهي ته اسان تي هن دنيا ۾ ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ منزلون اچي سگھن ٿيون پر هڪ سٺي مسلمان جي حيثِيت ۾ اسان کي صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺڻ کپي.
“Allah (SWT) has a reason for everything that happens to us in this world”.

شيدين ئي شيدين کي کنڀي وڪرو ڪيو ٿي ...

ڏٺو وڃي ته آفريڪا جا لکين ماڻهو سندن گھرن مان اغوا ڪري مختلف ملڪن ڏي غلامن طور موڪليا ويا ٿي. سورهين سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ ته هن کنڊ آفريڪا جي رهواسين کي کنڀي هندي وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پار، جهازن ۾ جانورن وانگر ڦُسي غلامن طور وڪڻڻ جو ڪاروبار عروج تي هو. تمام خراب حالتن ۾ هنن کي گھران اغوا ڪري سنگھرن ۾ جڪڙي پيرين پنڌ بندرگاهن جي “غلام منڊين” تائين پهچايو ويو ٿي. اتي انهن جو نيلام ٿيڻ بعد جهازن تي ڏکين حالتن ۾ سوار ڪري ڏورانهن ڏيهن ڏي موڪليو ويو ٿي، جتي وري وڪري بعد نئين مالڪ وٽ سڄي عمر خراب حالتن ۾ کانئن سخت پورهيو وٺڻ جا قصا ۽ ڏک جا داستان ٻڌي لڱ ڪانڊارجيو وڃن.
هن ڪاروبار ۾ هڪڙا غلامن جو شڪار ڪرڻ وارا (Slave Hunters) هوندا هئا، جن جو ڪم مقامي ماڻهن يعني شيدين کي گھرن، رستن، شادي مرادين جي فنڪشنن يا جھنگلن مان ڪنهن طريقي سان - ڪا نشي جي شيءِ کارائي، ڳوٺن کي باهيون ڏئي يا بندوقن جي زور تي قابو ڪرڻو هوندو هو. ٻيا هوندا هئا غلامن جا واپاري يعني Slave Traders جيڪي شڪارين کان غلام خريد ڪري، جتي جتي ضرورت هوندي هئي يا جنهن جنهن هنڌ تان آرڊر ملندو هو، اوڏانهن جهاز ڀري موڪليندا هئا. غلامن جي خريد و فروخت ڪرڻ وارا اسان واري پاسي يعني آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي گھڻو تڻو عرب هئا، جيڪي زئنزيبار جي غلام منڊيءَ مان خريد ڪيل شيدين کي غلامن طور هند، سنڌ، ايران، عمان، عربستان، ترڪي ويندي چين تائين موڪليندا هئا. ٻيا هئا يورپي واپاري جن ۾ اڳيان اڳيان فرينچ، پورچوگالي، ڊچ ويندي انگريز به هئا. جيتوڻيڪ بعد ۾ اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ انگريزن کي سڀ کان گھڻو احساس ٿيو، ته اهو غلاميءَ وارو چڪر وڏو ڏوهه ۽ انسانيت سان ظلم آهي ۽ هنن پنهنجي يورپين ۽ عربين کي پهرين پيار محبت ۾ ۽ بعد ۾ ڏنڊي جي زور تي، ان ڪم کي آخر وڃي ختم ڪرايو. يورپي واپارين گھڻو ڪري آفريڪا جي اولهه ڪناري جي ملڪن مان آفريڪي ڪارا ماڻهو ڦاسائي غلامن طور آمريڪا کنڊ جي بندرگاهن ڏي موڪليا ٿي، جتي هنن جي ماڻهن انهن کي خريد ڪري، اتي جي حاصل ڪيل زمينن تي هنن کان پوک جو سخت ڪم ورتو ٿي. جيئن هن کان اڳئين مضمون ۾ “عمر بن سعيد” غلام جو احوال لکيو اٿم، جنهن کي فرينچن ٻين شيدين سان گڏ سينيگال جي ڊڪار بندرگاهه مان آمريڪا جي ڪئرولينا رياست موڪليو هو. آفريڪا جي ملڪ سينيگال تي فرينچن جو قبضو هو، جتي جا کنڀيل شيدي هنن آمريڪا (USA) جي لوزيانا ۽ ڀروارين ڏاکڻين رياستن الباما، جارجيا کان ڪئررولينا ۽ ورجينيا تائين موڪليا ٿي، جيئن ان پاسي رهندڙ سندن فرينچ جاگيردار انهن شيدي غلامن کي خريد ڪري سگھن. اهڙي طرح ائنگولا ۽ نميبيا آفريڪي ملڪن تي پورچوگالين جو قبضو هو. انهن ملڪن يا انهنجي ڀروارن اندروني علائقن مان ڦاسايل آفريڪي ماڻهن کي هنن ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل ڏي موڪليو ٿي، جتي پورچوگالين جو قبضو هو.
آفريڪي شيدين کي جانورن وانگر ڦاسائڻ وارا يعني Slave Hunter اتي جا مقامي ماڻهو هئا، جيڪي عربن ۽ يورپين وٽ پگھار تي بيٺل هئا يا هنن غلام شڪار ڪرڻ جي تعداد مطابق انهن واپارين کان ڪميشن ورتي ٿي، جن جهازن ذريعي هندي يا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پار موڪليا ٿي.
اڄ جي پڙهندڙن کي ان ڳالهه تي ضرور تعجب ٿيندو هجي ته ڪمال آهي آفريڪا جي شيدين کي پنهنجن ئي شيدين کنڀي وڪرو پئي ڪيو. ٻي ان ڳالهه تي حيرت لڳندي هجي ته يورپي ماڻهو هيڏو سڌريل هجڻ باوجود هڪ طرف عيسائيت جي پرچار ڪري انسانيت جو قدر ٿي ڪرايو ته ٻئي پاسي انسانن سان ههڙو ظلم ٿي ڪيو ۽ انسانيت کي ذليل ٿي ڪيو! ساڳي ڳالهه هر ڪو عربن لاءِ سوچيندو هوندو ته عرب واپاري توڙي عرب سلطان مسلمان صوم ۽ صلوات جا پابند ٿي ڪري هڪ طرف ته هنن مسجدون پئي ٺهرايائون ته ٻي طرف هي ڪهڙا ڪُڌا ڪم ڪري رهيا هئا! ڪنهن پکي يا ڪتي ٻلي جا ٻچا کڻو ته اهو به دانهون ٿو ڪري ۽ کڻڻ واري کي قياس ٿو اچي، هي ته انسانن جا ٻچا هئا، جن کي سندن مائٽن کان، يا وڏن کي سندن ٻچن کان بنا ڪنهن ڏوهه سبب جي، سندن جھوپڙين مان زوريءَ کنڀيو ويو ٿي. سندن ڳچين ۽ ٽنگن ۾ ڳريون لوهي سنگھرون هڻي، مارڪٽ ڪري هنن کي ميلن جا ميل پنڌ ڪرائي بندرگاهن جي غلام منڊين ۾ شرمناڪ حالتن ۾ وڪرو ڪيو ويو ٿي.
جيستائين عام شيدي شڪارين کي پنهنجي قوم، زبان ڳالهائيندڙن ۽ ذات ڀاين کي کنڀڻ ۾ قياس يا غيرت نٿي آئي ته ان جا مثال اڄ به اسان وٽ موجود آهن. هي اسان وٽ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۾ موجود ڌاڙيل ۽ پاٿاريدار پنهنجي زبان ڳالهائڻ وارن، پنهنجي ئي مذهب وارن ۽ قوم جي ماڻهن کي چند ٽڪن ۾ اغوا پيا ڪن! جيتوڻيڪ انهن جي ان ڪمائيءَ جو وڏو حصو ته پوليس، وڪيلن ۽ پيرن، سردارن ٻين سهولتڪارن حوالي ٿيو وڃي. ٻي ڳالهه ته اڄ اسان وٽ وري به فوج آهي ۽ پوليس ۾ به ڪيترائي ايماندار آفيسر آهن، جن جو ڌاڙيلن توڙي انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ ڀوتارن کي ٿورو گهڻو ڊپ رهي ٿو ته به اسان جا ڌاڙيل ڪي مُڙن ٿا؟ پراڻن ڏينهن ۾ ته اڃا به ڪم سولو هو. اسان وٽ توڙي آفريڪا ۾ داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪير هو؟ هڪڙا شيدي ٻين شيدين کي جھلي عربن يا يورپين کي وڪرو ڪندا هئا، جيڪي پاڻ ئي ملڪ جا حاڪم، يعني پوليس هئا. جيئن گذريل ڪهاڻيءَ ۾ “عمر ابن سعيد” کي فرينچن وٽ وڪرو ڪيو ويو ۽ اهي ئي سينيگال ملڪ جا مالڪ هئا. هوڏانهن اسان واري (اوڀر آفريڪا) پاسي عماني سلطان ئي زئنزيبار جا مالڪ هئا ۽ انهن جي ئي آشيرواد سان آزاد ماڻهن کي غلام بڻائي هنن جي ٺهرايل غلامن جي قيدخانن (Slave Chambers) ۾ قيد ڪيو ويو ٿي ۽ غلام منڊين ۾ وڪرو ڪرائي کين ڪميشن ڏني وئي ٿي، جنهن مان اسان جي عرب سلطانن ۽ واپارين عياشي ڪئي ٿي - هوڏانهن پرايا ٻار ۽ وڏا ڀلي سڄي عمر غلاميءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙهجندا رهن.
اڄ جي دور ۾ ويندي اغوا جو ڪم ڪو سولو ناهي. ڀنگ حاصل ڪرڻ لاءِ جهد پٽڻا پون ٿا ۽ جهنگلن ۾ پاڻ کي ۽ مغويءَ کي لڪائڻو پوي ٿو، پر آفريڪي ماڻهو وڪڻڻ جي ان دورر ۾ نه پوليس جو ڊپ هو نه فوج جو. انسانن کي سوگھو ڪري اتي ئي عربن ۽ يورپين کي ڏنو ٿي ۽ اتي ئي پئسا روڪ ۾ مليا ٿي. يعني مال جي بدلي مال مليو ٿي... يعني ڪپڙي جو تاڪيو، پتل جا ٿانو، موتي مڻيا يا ٻيو ڪجھه. جيئن اڳيان هڪ قصي ۾ “عبدالرحمان سوريءَ” جو لکيو اٿم ته هن جي ئي شيدي ماڻهن هن کي جھلي فرينچن کي وڪڻي ڇڏيو، جن ان شهزادي غلام جي بدلي 3 بوتلون ولائتي شراب جون ۽ ٻه سادي قسم جون بندوقون کين ڏنيون ۽ حاصل ڪيل غلام کي ان ئي وقت ٻين غلامن سان گڏ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپرائي آمريڪا موڪلي ڇڏيو. فرينچن جي سينيگال تي، يا ٻين يورپين جي آفريڪا جي مختلف ملڪن تي حڪومت هئي، انهن ان ڳالهه کي (غلامن جي وڪري کي ) خراب سمجھيو ئي ڪونه ٿي، جو ڪنهن کي منع ڪن. بلڪه هنن مقامي ماڻهن جي همٿ افزائي ڪئي ٿي ته وڪري لاءِ ٻين کي ڦاسائي اچو. يا ڪنهن سردار جي ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪاوڙ ٿي ٿي ته اڌ بوتل ولائتي شراب جي بدلي ۾ فرينچن يا جنهن به يورپ جي قوم جو هن جي ملڪ تي قبضو هو ان حوالي ان ماڻهوءَ کي غلام طور وڪڻي ڇڏيو ٿي.
جيڪب آباد يا گھوٽڪي پاسي جيئن مختلف قبيلن ۾ جھيڙا ٿين ٿا اهڙي طرح آفريڪا جي ٻن قبيلن ۾ جهيڙا ٿيا ٿي ته مخالف ڌر جي ماڻهن ٻين کي کنڀي يورپين يا عرب سوداگرن حوالي غلام طور وڪرو ڪيو ٿي ۽ اهي غلام ٻيڙين ۾ جانورن وانگر سٿي سمنڊ جي ٻئي پار موڪليا ويا ٿي. يعني سين تان ئي غائب ڪيا ويا ٿي.

ڪارن کي نيچ سمجھڻ غلط آهي

رات ٽي وي تي خبرن ۾ هڪ اهم سياسي جماعت جو نمائندو اسپتال ۾ ڏيکاري رهيا هئا ته هن ڪنهن سياسي عورت ميمبر سان هٿ چراند ڪئي ته ان عورت جي ٻن ڀائرن هن جا هڏا ڀڃي رکيا ۽ هاڻ هو اسپتال ۾ پٽا ٻڌرايو ويٺو هو، پر بقول اسان جي هڪ جهاز ران دوست جي اهڙو ڪم آفريڪا ۾ غلامي واري دور ۾ ٿئي ها ته عورت جا ڀائر هن جا هڏ گُڏ ڀڃي معذور ڪرڻ بدران هن کي ڪنهن فرينچ يا پورچوگاليءَ کي وڪڻي اڌ تاڪيو ولائتي ڪپڙي جو وٺن ها. هڏگُڏ هرگز نه ڀڃن ها ڇو جو پوءِ کين ٻه وال ڪپڙو به نه ملي ها، جو عذر واري غلام جو وڪرو مشڪل ٿيو ٿي.
ٻي ڳالهه ته اڄ ڪلهه اغوا جي ڪيسن ۾ جيڪو پڻ هڪ قسم جو وڪرو ٿيو، غريب ۽ ڪمزور ته سورن ۾ آهي پر پير، مير، وڏيرو، يعني پاٿاريدار بچيل آهي. هو بلڪه اهڙن ڌاڙيلن مان پئسو ٿو اوڳاڙي پر غلامي واري دور ۾ شيدي شڪارين ڪمزور ۽ غريب ماڻهن کي ته سوگھو ڪري وڪڻي ڇڏيو ٿي پر پنهنجن پيرن، مرشدن، ويندي نوابن اميرن کي به نٿي ڇڏيو. جيئن عمر بن سعيد به ته هڪ وڏو عالم ۽ ٽيچر هو جنهن 25 سال مدرسن مان علم حاصل ڪيو ان بعد ماڻهن کي دين جي تعليم ڏني. اهڙي طرح ايندڙ چئپٽر ۾ “عبدالرحمان ابن ابراهيم سوري” غلام جي ڳالهه لکي رهيو آهيان، جيڪو آفريڪا جي گيني ملڪ جي امير ۽ خوبصورت علائقي جي امير المومنين جو پٽ شهزادو هو. 20 هزار فوج جو ڪمانڊر هو، ان کي ئي سندس ملڪ جي شيدين انگريزن کي وڪڻي ڏنو. ٻن بندقن ۽ ٽن شراب جي بوتلن ۾. ۽ هن کي ان ئي وقت آمريڪا موڪليو ويو، جتي 40 سال غلام رهڻ بعد هن کي مس مس آزاد ڪيو ويو، جڏهن ان وقت جي موراڪو جي سلطان آمريڪا جي صدر کي سفارش ڪئي جنهن شهزادي عبدالرحمان جي مالڪ کي منٿ ميڙ ڪئي، تڏهن شرطن شروطن تي مالڪ آزاد ڪيو. ان هوندي به هن جي ٻارن کي نه ڇڏيو ويو، جيڪي اتي شادي ڪرڻ بعد هن کي ٿيا هئا.
ٻي ڳالهه جيڪا پاڻ پئي سوچي ته يورپين ته پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ Civilized ٿي سمجھيو، هنن ته انسانن لاءِ وڌيڪ همدردي ٿي جتائي، هنن ته عيسائيت جي پرچار ٿي ڪئي ۽ گرجا گھر پئي ٺهرايا، انهن کي انسانن خلاف ههڙا ظلم ڪندي ڪا ڪهل نٿي آئي؟ هنن جي ضمير هنن تي ڪا ڦٽڪار نٿي ڪئي؟ نه، هرگز نه. ان جو مثال ائين آهي جيئن اسان وٽ وڏين ڏاڙهين وارا پنج وقت نمازي آفيسر غريبن جو رت چوسين ٿا ۽ رشوتون وٺن ٿا، دڪاندار گراهڪن کي ملاوٽ واريون شيون ڏين ٿا يا تور ۾ ڏنڊي هڻن ٿا. يا اسان جا ڪيترا چڱن جو اولاد وڏيرا، زميندار، سردار ۽ ٻيا طاقتور ماڻهو باگڙي، ڀيل، ڪولهين کي گھٽ ذات، بلڪه ڪمتر انسان سمجھي هنن سان ظلم ڪن ٿا. هنن کي باندي بڻائين ٿا... ٻيو ته ٺهيو اسان تي حڪومت ڪرڻ وارا جن کي اسان ووٽ ڏئي پنهنجو نمائندو بڻايون ٿا، جن مان پوءِ عوام جي خدمت لاءِ وزير مشير بڻجن ٿا، اهي غريب جو ڀلو ڪرڻ بدران، هنن لاءِ مقرر ڪيل ترقياتي فنڊ ئي کايو وڃن ۽ غريب عوام اسڪولن بنا جاهل ٿيو پئي هلي. بيمار بنا اسپتالن ۽ دوائن جي ڦٿڪيو ڦٿڪيو مريو وڃن پر آهي ڪو انهن کي قياس ته غريبن جي پئسي مان هو پنهنجا ڀڀ پيا ڀرين! اهو ئي حال ۽ اها ئي سوچ يورپي قبضي خورن ۽ عرب سلطانن ۽ Slave Traders جي هئي. هنن آفريڪا کنڊ جي ماڻهن کي انسان ئي نٿي سمجھيو. هنن شيدين کي جھنگلي جانورن کان به بدتر ٿي سمجھيو... هنن اهو ئي سمجهيو ٿي ته هي ڪارا ماڻهو بنا ميڄالي جي آهن ۽ هنن کي Green Monkeys ۽ نِگر جهڙن لفظن سان نوازيو ٿي. جيتوڻيڪ هر انسان اشرف المخلوقات آهي. آفريڪا جا ماڻهو يورپين وانگر سئو سيڪڙو پڙهيل ڳڙهيل کڻي نه هئا پر انهن ۾ ڪيترائي ماڻهو خانداني، وڏي اخلاق وارا، عالم دين پڻ هئا جو اسلام توڙي عيسائيت ته ستين صديءَ کان آفريڪا جي ڏوُرانهن هنڌن تائين پهچي وئي هئي. توهان هن کان اڳ واري چئپٽر ۾ عمر ابن سعيد غلام بابت کڻي پڙهو ته هو ڪيڏو پڙهيل ڳڙهيل ۽ عالم دين هو. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي هوندا - جن بابت يورپين کي خبر پئي ٿي تڏهن به هنن کي غلام بڻائي رکيو ٿي ۽ غلامن وارو وهنوار ڪيو ٿي ۽ هنن جي زندگي تباهه ڪري رکي ٿي. جيئن ايندڙ چئپٽر ۾ عبدالرحمان ابراهيم سوريءَ جي ڪهاڻي لکي رهيو آهيان ته هو هڪ شاهي خاندان جو شهزادو، وڏن مدرسن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪيل ۽ عالم دين هو جيڪو پيءُ جي وفات بعد بادشاهه ٿيڻ وارو هو، تنهن کي اغوا ڪري آمريڪا ۾ غلامن واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
اهڙي طرح جيڪي اسان وٽ سنڌ ۾ شيدي غلام بڻجي آيا ٿي، اهي ضروري ته نه آهي ته سڀ ائين هئا جن اتي به مزوري پئي ڪئي. محمد صديق مسافر جو والد بلال (گلاب) هڪ ٻار جي حيثيت ۾ آيو، جيڪو ٻڌائي نه سگھيو ته هن جا والدين يا ٻيا مائٽ آفريڪا ۾ ڇا هئا پر آئون اهو ئي چوندس ته ٿي سگھي ٿو اهي قابل هنرمند يا عالم دين هجن،ماستر يا حڪيم طبيب هجن، جن جو رت هن ۾ هو. هن جا والدين ضرور ذهين هوندا تڏهن ته هي هڪدم قرآن پڙهي ويو ۽ ٻيون دين جون ڳالهيون سکي ويو ۽ سندس فرزند جنهن کي کڻي اسان شيدي، حبشي، آفريڪي يعني گھٽ دماغ واري قوم جو ماڻهو سمجھون پر ڏسو ته هو ڪيڏو قابل، ذهين، محنتي ۽ علم جو ڄاڻو ثابت ٿيو - جنهن جو مقابلو اسان جي نوابن، سردار، پيرن، مخدومن جا ٻار به ڪري نٿي سگھيا.
آفريڪا جي ڪارن کي اڄ به اسان جا ڪيترائي ماڻهو خاص ڪري يورپي ۽ آمريڪي گورا - ويندي اسان جا ايشيائي عرب، گھٽ درجي جا ۽ جاهل سمجھن ٿا پر ائين ناهي. آئون جڏهن سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ته ان ۾ هڪ سئو کان مٿي ملڪن جا شاگرد هئا. آفريڪا جي به انيڪ ملڪن جا جهازران مرد ۽ بندرگاهن ۽ مئرين تعليمي ادارن سان واسطو رکندڙ عورتون آفيسرياڻيون هيون. ماني جي ٽيبل تي، ليڪچر دوران، رسيسن ۾ يا يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ آئون مڙئي سڀني سان هيلو هاءِ وارا لاڳاپا رکي ساڻن ڪچهري ڪندو رهندو هوس. مون ڏٺو ته آفريڪا کنڊ جا هي ڪارا جن کي ٻيا ڪجهه گھٽ ئي سمجھندا هئا، حقيقت ۾ مون کي بي حد قابل ۽ ذهين لڳا ٿي ۽ هنن جون ڳالهيون ڇا ته دليلن سان ڀرپور هونديون هيون. مون اتان جيڪي پنج سفرناما لکيا: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، مالمو کان ملير، جت برف پوي ٿي جام، ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ۽ يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون، انهن ۾ مون انهن آفريڪي شاگردن جون ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ حيرت انگيز ڳالهيون لکيون آهن جيئن اسان جي نوجوان ٽهي آفريڪي شاگردن جو قدر ڪري ۽ يورپي گورن وانگر هنن کي نيچ نه سمجھي. اسان وٽ اهو به آهي ته شيڊول ڪاسٽ وارن کي اسان جا ماڻهو گھٽ سمجھن ٿا پر آئون ته گذريل ٽيهارو سالن کان ملائيشيا، جپان، جرمني کان انگلينڊ، آمريڪا تائين ڏسي رهيو آهيان ته ميگھواڙ، ڀيل، اوڏ جھڙيون ذاتيون پڙهائي توڙي هنر ۾ نالو پيدا ڪري رهيون آهن - نه فقط ڇوڪرا پر ڇوڪريون پڻ! پر اسان وٽ اهڙي سوچ آهي جو ان قسم جي حقيقت کي قبول ڪرڻ ۾ به اسان کي تڪليف ٿي محسوس ٿئي. جيئن يورپي گورا اڄ به آفريڪا ۽ ان جي ماڻهن کي اهو ئي سمجھن ٿا جيڪو اميج هنن جي دماغ ۾ 500 سال اڳ ويٺل هو.

گھانا جي وزيرِ تعليم جون ڳالهيون.....

اما اتا (سڄو نالو (Christina Ama Ata Aidoo جي ان سوچ جي نفي ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن کان هڪ يورپي عورت جو پراڻو ورتل انٽرويو اڄ ڪلهه اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تمام گھڻو وائرل آهي. هن واهه جي اسٽائل ۾ ڳالهه ڪئي آهي ۽ يورپ جي گورن کي سڌيون ٻڌايون آهن. مون به ٻه ٽي دفعا اها ڳالهه ٻول ٻڌي آهي ۽ پنهنجي فيس بڪ تي ڏنو آهي ... اما اتا يورپي جرنلسٽ عورت کي چوي ٿي:
“پنج سئو سال ٿيا جو اسان آفريڪن توهان يورپين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ايندو ڏٺو... تڏهن کان وٺي اسان توهان کي سڀ ڪجھه ڏيندا اچون ....
ٿورو سوچيو ته اسان جي آفريڪا بنا توهان وٽ اڄ ڇا هجي ها....؟
اسان جي ڪوڪو (Cocoa) ، اسان جو ڪاٺ، اسان جو اناج، سون ۽ هيرا جواهر سڀ توهان کڻي ويائو... هر شيءِ جيڪي ڪجھه توهان وٽ آهي، اها اسان وٽان آهي... ۽ هيڏي ڪجھه ڏيڻ بعد موٽ ۾ اسان کي ڇا مليو آهي؟ ڪجھه به نه... نٿنگ!
اهو فقط آئون نه پئي چوان... اها حقيقت آهي. سڀ ڪجهه ڏيڻ بعد اسان کي ڇا مليو آهي؟
Anti-personal indoctrination against ourselves.
توهان آهيو جو ائڊز جهڙيون بيماريون پيدا ڪري پوءِ اسان تي ٿا هڻو ته اهي اسان جي غلط ڪمن ڪري ٿيون آهن. اسان تي ڏوهه هڻو ٿا ته اهڙين خطرناڪ بيمارين جا ذميوار اسان آهيون.
توهان اسان جي آفريڪا کنڊ تي ٽي بيءَ جهڙو موذي مرض آندو. اسان وٽ اها وڏي ۽ ڪاري کنگھه نه هئي - جيسين اسان جي کنڊ تي توهان گورا ماڻهو نه آيائو.
آفريڪا توهان کي زندگيءَ جا سڄا سارا 500 سال ڏنا.. منهنجو مطلب آهي نه فقط يورپ کي پر مغربي دنيا کي... جنهن ۾ اسان جي ماڻهن توهان لاءِ ڳنو (Sugar cane) پوکي پيڙيو، توهان کي سون ڏيارڻ لاءِ کاڻيون کوٽيون...
توهان اسان کان نه فقط سون کڻي ويائو، ڊائمنڊس، رُبي، منهنجو مطلب آهي توهان کي خبر آهي ته توهان هتان ڇا ڇا نه کڻي ويائو؟ اسان جي مڇي، Peanut ، پام آئل، هر شيءِ! ان جي بدلي ۾ اسان کي ڪجھه نه مليو. انجي بدلي ۾ توهان اسان کي ڪهڙين نظرن سان ٿا ڏسو... منهنجو مطلب آهي ته توهان اڇي کل وارا يورپي اسان کي باندر ۽ ڀولڙو سمجھو ٿا...
اهو ڪو ڪوڙ نٿي چوان... نسورو سچ آهي.. اهو توهان جي نصاب ۾ به آهي...
ڇا توهان ان کان اڻ واقف آهيو ته توهان جا اعليٰ مفڪر اسان آفريڪن لاءِ ڇا ٿا سوچين... ڇا ٿا چون... ڇا توهان اهو نه ٻڌو آهي... لارڊ برٽن اسان لاءِ ڇا ٿو چوي ته اسان کي جانورن جهڙو به ميڄالو ناهي... يعني اسان جانورن کان به ڪمتر آهيون! توهان گورن طرفان اسان کي اجھو اهي رمارڪ ملن ٿا...”
انٽرويو وٺندڙ اها يورپي عورت قصي کي ختم ڪرڻ لاءِ هن کي چوي ٿي : “پر ڇا توهان اهو نٿا سمجھو ته اهي سڀ ماضيءَ جون ڳالهيون آهن جيڪي هاڻ ختم سمجھڻ کپن؟”
“ختم سمجھڻ کپن؟
ڪٿي آهن ختم ٿيون؟
تازو هينئر توهان مان ڪنهن چيو ته ايڊس جي بيماري اسان ڀولڙن يعني شيدين مان آ هي!
ڇا ان هوندي به اسان سمجھون ته سڀ ڪجھه هاڻ ختم ٿي ويو؟
هرگز نه.”
“مئڊم اها جيڪڏهن توهان جي سوچ آهي ته اسان يورپين کي معاف ڪريو”: انٽرويو وٺندڙ يورپي عورت هن حبشڻ ڪِرسٽينا اما اتا کي چيو...
“سوال ڪو معاف ڪرڻ جو نه آهي... مون کي ذاتي طور توسان ڪا شڪايت ناهي.. منهنجو مطلب اهو آهي ته، توهان سڀ ڪجهه ڪيو ۽ توهان اڄ به ڪري رهيا آهيو...”
مٿيون انٽرويو ڏيندڙ حبشي عورت اما اتا ايڊو 1942ع ۾ گھانا ۾ ڄائي... هوءَ هڪ ليکڪ، شاعر، ڊراما نويس ۽ تعليمدان آهي. هوءَ گھانا جي وزير تعليم پڻ ٿي رهي. هوءَ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ آهي جن مان ڪجھه واقعي پڙهڻ وٽان آهن، جيئن ته:
• The Dilemma of a ghost (1965)
• Our Sister killing (1977)
• Changes: A love story (1993)
وغيره.
ڪرسٽينا جي ڏاڏي کي يورپي قبضي خورن قتل ڪيو هو. ان واقعي کان پوءِ ڪرسٽينا جي پيءُ محسوس ڪيو ته شيدين جي ترقيءَ جو واحد ذريعو تعليم آهي. ان بعد هن پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول کوليو، جنهن مان سندس ڌيءُ اما اتا (ڪرسٽينا) به پڙهي.
ڳوٺ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪرسٽينا گھانا يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. ان بعد آمريڪا جي اسٽانفورڊ يونيورسٽي (ڪئليفورنيا) مان تخليقي لکڻين (Creative writings) ۾ فيلو شپ ڪئي ۽ ڪيپ ڪوسٽ يونيورسٽيءَ ۾ هن ليڪچرارشپ شروع ڪئي، جتان هن آخر ۾ پروفيسر ٿي رٽائرڊ ڪيو. ان وچ ۾ هن سياست ۾ به حصو ورتو ۽ گھانا جي وزير تعليم به ٿي رهي.

فوتا جلعون- آفريڪا جو سئٽزرلئنڊ

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آفريڪا جي ماڻهن کي يورپين ، ويندي اسان جي ايشيا جي ماڻهن، جانورن کان به گھٽ ٿي سمجھيو... تڏهن ته هنن آفريڪا جي ماڻهن کي غلام بڻائي انهن جو رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ٿي ڪيو. هنن کي ان ڳالهه جي به ڄاڻ ٿي ٿي ته انهن ۾ ڪيترائي کانئن به وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل آهن، هنن جو سماجي مرتبو هنن کان به مٿانهون آهي، هو عالم دين ۽ اخلاق وارا آهن پرهنن ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نٿي ڪئي جو بندوقون ۽ بارود سندن هٿن ۾ هو. ان ڪم ۾ سندن مقامي ماڻهن به مدد ڪئي ٿي، جن نه فقط جھنگلن ۽ رستن تان پر گھرن، مسجدن ، مدرسن مان به شيدي کنڀي شراب جي بوتل يا ڪپڙي جي تاڪئي تي گورن کي وڪرو ڪيو ٿي. انهن شيدي غلامن ۾ ”شهزادو عبدالرحمان ابن ابراهيم سوري“ پڻ هڪ هو، جيڪو نه فقط شاهي خاندان جو ماڻهو هو پر هڪ عالمِ دين پڻ هو، جنهن پنهنجي ملڪ (اڄ واري گِيني) ۽ ماريطانيا جي مدرسن مان ڪئين سال وڏن عالمن کان عربي ۽ دين جي تعليم حاصل ڪئي...
عبدالرحمان ابن ابراهيم سوري اڄ جي گيني ملڪ جي فوتا جلون (Fouta Jallon) علائقي جو شهزادو ۽ گورنر پڻ هو. پاڻ 1763ع ۾ ”ٽمبو“ شهر ۾ ڄائو هو، جيڪو پڻ اڄ واري گيني ملڪ ۾ ئي آهي. هي “اڄ وارو” محاورو يا لفظ ڇو استعمال ڪري رهيو آهيان جو انهن ڏينهن ۾ يعني 1762ع ۾ جڏهن عبدالرحمان سوري ڄائو هو ڪيترن ئي ملڪن جون سرحدون واضح نه هيون. ڪيترن جا ته نالا ئي نه هئا - جيڪي اڄ اسان ٻڌون پيا. ائين کڻي سمجھو ته اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ انڊيا، چين يا اوڀر آفريڪا جو نالو ته کڻي ماڻهن ٻڌو هو پر ڪٿي هو پاڪستان، بنگلاديش، ملائشيا، ڪينيا يا تنزانيا وغيره؟ زئنزيبار، ممباسا، ملاڪا، لاهور شهر ته کڻي هئا پر ڪٿي هو نئروبي، دارالسلام، ڪوالالمپور، پينانگ، سنگاپور يا اسلام آباد؟ وري ڪن ملڪن جا ته نالا به بدلبا رهيا آهن. اسان ننڍا هئاسين ته جن ملڪن جا نالا ملايا، سيام، ٽانگانيڪا، نياسالئنڊ، برما، ڪمپوچيا، روڊيشيا، گولڊ ڪوسٽ، سلون، داهومي ۽ اپر وولٽا ٻڌاسين، اهي اڄ ملائشيا، ٿائلنڊ، تنزانيا، ملاوي، ميانمار، ڪمبوڊيا، زمبابوي، گهانا، سري لنڪا، بينن ۽ برڪينا فاسو سڏجن ٿا. ڪيترن ملڪن جا ته ٻه حصا ٿي ويا آهن، جيئن اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا، سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان، ڪانگو ۽ DRC ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو... ۽ اهڙي طرح آفريڪا جو ملڪ گني آهي، جنهن جي پاڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ڪيترن کي هن ملڪ جو نالو “گني” اچارڻ ۾ مونجھارو ٿئي ٿو، جو ان جي اسپيلنگ Guinea لکي وڃي ٿي. گني نالي به ٻه ملڪ آهن. هڪ گني بسائو ٻيو فقط گني. جيئن هڪ ڏکڻ سوڊان سڏجي ٿو ٻيو فقط سوڊان.
گني ملڪن ۾ جيڪو فقط گني سڏجي ٿو، گني بسائو کان تمام گھڻو وڏو آهي. اهو ڪنهن زماني ۾ فرينچ گني به سڏبو هو، جو هن ملڪ تي فرينچن جو قبضو هو. پکيڙ ۾ ڏيڍ لک کن چورس ڪلوميٽر ٿيندو. اسان جو هن ملڪ جي بندرگاهه ڪوناڪري (Conakry) تمام گھڻو وڃڻ ٿيندو هو... ان سان گڏ ڀر وارن ملڪن جي بندرگاهن بسائو، عابد جان ۽ ڊڪار پڻ جهاز وٺي ويندا هئاسين. اسان کي هي ملڪ ٻين ڀر وارن ملڪن کان عجيب لڳندو هو. زبانون ته آفريڪا جي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهايون وڃن ٿيون. ويندي انڊيا ۾ به ڪافي آهن پر پاڪستان جي پنجين حصي جيڏي هن ننڍي ملڪ گنيءَ ۾ فرينچ، عربي، انگريزيءَ کان علاوه 26 کن مختلف آفريڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. سرڪاري لکپڙهه فرينچ ۾ هلي ٿي، جو هن ملڪ تي فرينچن جو قبضو رهيو. 85 سيڪڙو مسلمان آهن، ان ڪري عربي به عام آهي - خاص ڪري مدرسن ۾. هونءَ زرعي پوک ڪري خوشحال ملڪ آهي. باڪسائيٽ، سون ۽ ڊائمنڊ جهڙا ڌاتو پڻ هن ملڪ ۾ جام آهن. هي ملڪ پڻ عورتن جي طهر ڪري دنيا ۾ ڪجھه بدنام آهي. آفريڪا جون ٽي وڏيون نديون هن ملڪ جي جابلو علائقن مان نڪرن ٿيون جيئن سينيگال ندي، گئمبيا ندي ۽ نائيجر ندي. ندين ۽ جبلن جا نالا ملڪن جي نالن جهڙا پڙهي ڪي پڙهندڙ شايد اهو سوچين ته اهي نالا مثال طور گئمبيا نديءَ جو نالو گئمبيا ملڪ تان رکيو ويو آهي، جنهن مان اها وهي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. پر ائين ناهي. قصو ويتر ابتڙ آهي. انهن ملڪن جا نالا ندين تان رکيا ويا آهن. جيئن ڪينيا ملڪ تي ڪو نالو نه هو. ڀر وارن علائقن سان گڏ ”برٽيش ايسٽ آفريڪا“ سڏبو هو، جنهن تي پوءِ ڪينيا جبل تان هن ملڪ جو نالو ڪينيا رکيو ويو. يا نائيجر نديءَ تان نائيجر ۽ نائيجيريا ملڪن جا نالا ٿيا يا سينيگال نديءَ تان سينيگال ملڪ تي نالو پيو، جيئن سنڌو ندي تان سنڌ ۽ پنجن ندين تان پنجاب نالو جڙيو.
پاڻ جنهن آفريڪي آمريڪن غلام “عبدالرحمان ابن ابراهيم سوري” جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون اهو اڄ واري گني جي جنهن علائقي جو شهزادو هو اهو ”فوتا جالان“ جي نالي سان سڏبو اچي. جالان Jallan به لکيو وڃي ٿو ته Djallan اسپيلنگ سان پڻ، جيئن جڪارتا Jakarta به لکيو وڃي ٿو ته ڊچ اسٽائل سان Djakarta به لکيو وڃي ٿي. بهرحال “فوتا جلون” وارو علائقو گني ملڪ جي وچ ۾ مٿاهين ليول، اٽڪل 3000 فوٽن جي بلنديءَ تي آهي. سرسبز زمين آهي، برسات تمام گھڻي پوي ٿي. هونءَ ته هن علائقي جو ٻهراڙيءَ وارو حصو ته رڻ پٽ بيابان آهي پر هتي فوتا جلون ۾ نه رڳو مينهوڳي رهي ٿي پر هتي جي جابلو علائقن مان ڪيتريون ئي نديون شروع ٿين ٿيون ته اوسي پاسي جي ملڪن مان ٿينديون وڃيو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن. ان ڪري ”فوتا جلون“ جيڪو اسان جي هنزه، چترال، ڪولام جهڙي بيهڪ وارو آهي، آفريڪا جو بيحد سرسبز ۽ خوبصورت علائقو آهي... ايتري قدر جو فوتا جلون کي سرسبز جبلن، ساوڪ ۽ سٺي موسم ڪري ”اولهه آفريڪا جو سئٽزرلينڊ“ سڏيو وڃي ٿو. هن علائقي جي ماڻهن جي ٻولي پُولار (Pular) آهي، جيڪا آفريڪا جي ٻين ملڪن: نائجيريا، ڪئمرون، سينيگال، مالي، نائيجر، سوڊان، چاڊ وغيره ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي.

شهزادي عبدالرحمان کي غلام ٿي رهڻو پيو

سترهين صديءَ کان فوتاجلون اسلام جو مضبوط قلعو بڻجي ويو. ڪرموخو نالي هڪ دين جي عالم ۽ عبدالرحمان جي والد ابراهيم سوريءَ جهڙن جهادين هن علائقي جي مختلف صوبن ۽ قبيلن کي ڳنڍي هڪ فيڊريشن ٺاهي، جنهن کي نون صوبن ۾ ورهايو. هتي جي مسلمان عالمن عربيءَ کي زور وٺرايو ۽ هتي جي مدرسن ۾ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جا کٿابي اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهي آيا ٿي. ايتري قدر جو هتي جي هڪ مشهور ليکڪ ۽ تاريخ نويس “امادؤ” فوتا جلون کي ”اولهه آفريڪا جو تبت“ پڻ سڏيو آهي. تبت ۾ ٻڌ ڀڪشو ٻڌ ڌرم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اتي جي پهاڙين تي ٺهيل خانقاهن ۾ اچي رهن ٿا ۽ هتي فوتا جلون ۾ مسلمان کٿابي.
شهزادي عبدالرحمان سوريءَ 1762ع ۾، مٿئين علائقي جي ٽمبو (Timbo) شهر ۾ جنم ورتو، جيڪو شهر اڄ به مسجدن کان مشهور آهي. هن جو پيءُ ابراهيم سوري شهر جو المامي، يعني امير المومنين/خليفو هو. ٽمبو شهر فوتا جلون جي گاديءِ جو شهر سڏيو ويو ٿي. عبدالرحمان عربي ۽ دين جي بنيادي تعليم هن شهر مان حاصل ڪئي. هن عربي ۽ انگريزيءَ کان سواءِ ٻيون به چار آفريڪي ٻوليون ۽ اسلامي سائنس جهڙا سبجيڪٽ پڙهيا. ان بعد وڌيڪ تعليم لاءِ هن جي والد هن کي پنهنجي شهر ٽِمبو کان ڏيڍ هزار ڪلوميٽر پري ڀر واري ملڪ مالي جي شهر ٽمبڪٽو موڪليو. جيتوڻيڪ مدرسا ته سندس ملڪ گني، خاص ڪري ٽمبو ۾ به هئا پر ٽمبڪٽو منسا موسيٰ شهنشاهه جي ڏينهن کان اسلامي مدرسن ۽ مسجدن کان آفريڪا ۾ مشهور ۽ تعليم جو مرڪز رهيو آهي. هي اهو شهنشاهه آهي، جيڪو وڏي شان و شوڪت سان حج تي نڪتو هو. ٽمبڪٽو اڄ به اتي جي سنڪوري (Sankore) يونيورسٽي ۽ مسجد جينيه کان مشهور آهي، جيڪي تيرهين صديءَ ۾ ٺهيون هيون ۽ هتي وڏا وڏا عالم رهيا ٿي. مسجد جينيه دراصل جينيه شهر ۾ آهي، پر ٽمبڪٽو ۽ جينيه شهر سمجھو ته ائين هئا، جيئن روهڙي ۽ ڪوٽڙي ريلوي جنڪشنون، جتي مختلف واٽن کان ايندڙ صحرا رڻ پٽ اڪرڻ وارن قافلن ساهي پٽي ٿي.
1781ع ۾ شهزادو عبدالرحمان جڏهن ٽمبڪٽو (مالي) مان تعليم حاصل ڪري موٽيو ته هو ماڻهن کي دين جي تعليم ڏيڻ سان گڏ، پنهنجي والد ابراهيم سوريءَ جي فوج ۾ پڻ ڀرتي ٿيو. سندس والد لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان، ته هو هن علائقي فوتا جلون جو امير المومنين يعني بادشاهه / خليفو هو. هن جي وفات بعد سندس هن ولي عهد فرزند عبدالرحمان سوريءَ کي پڳ ٻڌڻي هئي. 26 سالن جي ڄمار ۾ يعني 1787ع ۾ هن جي والد هن کي فوج جي ڪنهن دستي (Regiments) جو امير (ڪمانڊر) بڻايو ۽ ٻئي سال 1788ع ۾ هن کي ٻه هزار فوجي سپاهي ڏنا ته جيئن هو ڪناري وارن علائقن تي نظر رکي جيئن واپار وڙي ۾ واڌارو رهي. ڪناري وارن شهرن ۾ يورپي قومن جي به دلچسپي هئي، جن جا جهازي يورپ کان مختلف شيون هتي جي شيدين کي ڏئي عاج، سون ۽ غلام خريد ڪري يورپ ۽ آمريڪا موڪليا ٿي. آمريڪا ۾ رهندڙ يورپين کي غلام شيدين جي سخت ضرورت هئي، جيڪي هنن جي زمينن تي هارپو ۽ سخت پورهيو ڪن. هنن يورپين آفريڪا مان ڦاسايل شيدين کان جانورن کان وڌيڪ پورهيو ورتو ٿي. سندن خريدار مالڪ پاڻ سان وڏا چهبڪ ۽ بندوقچيون کڻي هليا ٿي ۽ غلامن جي ٻڙڪ ڪڇڻ تي کين چهبڪن سان اهڙو ڪٽيو ٿي جو ٻين غلامن لاءِ به سبق ٿيو ٿي. ڪا پوليس، ڪو جج ڪو داد فرياد نٿي ٿيو. هر جاگير جو ڊچ، انگريز، پورچوگالي يا فرينچ مالڪ ان علائقي جو بادشاهه هو. آفريڪي غلام ڪنهن هڪ مالڪ وٽان ڀڄي نڪتو ٿي ته هو رنگ جي ڪري هڪدم جھلجي ٿي ويو ته هي غلام آهي. بنا مالڪ جي هيڏانهن هوڏانهن ڇا پيو ڪري. جنهن به يورپيءَ کي ڪنهن وٽان ڀڄي نڪتل غلام نظر آيو ٿي ته ان هن کي پاڻ وٽ غلام ڪري رکيو ٿي يا ڳچيءَ ۾ ڦاٿل لوهي چين تي هن جي مالڪ جو نالو ڏسي ان ڏي واپس ڪيو ٿي. ڪيترن شيدي غلامن جي ٻانهن يا پٺن تي مالڪن تتل لوهي شِيخ سان پنهنجو نالو يا پنهنجي ڪمپنيءَ جو نالو به ڏنڀي Branding) ڪري) ٿي ڇڏيو. آفريڪا کان آمريڪا پهتل غلامن جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 1525ع کان 1866ع تائين اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ آفريڪا جا باشندا مرد، عورتون، ٻار سندن گھرن مان اغوا ڪرائي يا خريد ڪري غلاميءَ لاءِ آمريڪا آندا ويا هئا، جن مان بدقمستيءَ سان فوتا جلون (گني) جي شاهي خاندان جو شهزادو جيڪو بادشاهه ٿيڻ وارو هو، اهو به هڪ هو.

شهزادو عبدالرحمان (جيڪو غلام بڻجڻ بعد به آمريڪا ۾ پنهنجي مالڪ ۽ ٻين طرفان پرنس سڏيو ويو ٿي) جيئن گھران موڪلائي سامونڊي ڪناري واري علائقي ۾ پهتو ته اتي جي مقامي شيدين کيس سوگھو ڪري غلامن جي انگريز واپاريءَ کي ٽن چئن رَمَ (شراب) جي بوتلن ۽ ٻن ٽن بندوقن جي عيوض وڪڻي ڇڏيو. آمريڪا ڏي غلام موڪلڻ جي ڌُم لڳي پئي هئي. روز غلامن سان ڀريل جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پار آمريڪا روانا ٿيا ٿي. پرنس عبدالرحمان کي به موڪلڻ ۾ ڪا ويرم نه لڳي. سندس پيءُ جيڪو سمجھو ته ملڪ جو سياسي طرح حاڪم به هو ته مذهبي طرح امام ۽ خليفو به، ان کي پٽ جي اغوا ۽ وڪرو ٿيڻ جي خبر پوي ان کان اڳ هو زنجيرن ۾ ٻڌل ٻين غلامن وانگر آمريڪا جي سفر تي هو.
ڏيڍ مهيني بعد آمريڪا جي ڪناري تي پهتو ۽ اڄ جي مسي سپي رياست جي شهر نچيز (Natchez) جي جاگيردار ٿامس فاسٽر (Thomas Faster) هن کي خريد ڪيو. اڄ آمريڪا جو نچيز سميت هر شهر ماڊرن نظر اچي ٿو پر جن ڏينهن ۾ پرنس عبدالرحمان سوري غلام ٿي نچيز پهتو ته ان شهر ۽ عبدالرحمان جي شهر ٽمبو ۾ زمين آسمان جو فرق هو. پرنس عبدالرحمان سوريءَ تي ٺهيل ڊاڪيومينٽري فلم “Price Among Slaves” ۾ ان جو ليکڪ اسلامي اسڪالر حمزه (Hamza Yousif Hassan) ٻڌائي ٿو ته ”فوتاجلون جي سلطنت هڪ سلجھيل قسم جي سوسائٽي هئي، جتي ذهين ماڻهو ۽ تعليم يافته عالم رهيا ٿي، جنهن کي پنهنجو آئين به هو. هنن وٽ قانون هئا. عبدالرحمان سوري نچيز شهر جون بيڪار حالتون ۽ ماڻهن جي جاهليت ڏسي ڊڄي ويو هو...”
ٿامس فاسٽر هن نئين غلام عبدالرحمان جي وارن جي ڊگهين چڳن کي ڪپڻ ۾ دير ئي نه ڪئي جيڪا فوتا جلون ۾ شاهي خاندان جي نشاني سمجھي وئي ٿي. پرنس عبدالرحمان ماضيءَ ۾ ڇا هو ان سان ٻين مالڪن وانگر ٿامس فاسٽر کي به ڪو سروڪار نه هو. هن ٻين غلامن وانگر هن کي به سخت جسماني پورهئي سان لڳائي ڇڏيو. معمولي معمولي ڳالهه تي مالڪ جي موچڙي جو زِيپٽ ۽ گار جي رَئي هئي. عبدالرحمان جهڙي شاهي خاندان جي ماڻهوءَ ۽ هڪ اعليٰ تعليم يافته ۽ ڄاڻو نوجوان لاءِ جڏهن هي سڀ ڪجھه برداشت کان ٻاهر ٿي ويو ته هن به ٻين غلامن وانگر ڀڄڻ جي ڪئي - جنهن جي مالڪن کي پرواهه نه هوندي هئي، جو سڀ يورپي گورا هڪ هئا... سڀ مالڪ ۽ رئيس هئا. ڪارا ماڻهو غلام هئا، اهي آزاد گھمي ڦري نٿي سگھيا. جنهن گوري کي ڪٿي ڪو اڪيلو شيدي نظر آيو ٿي، ته ان کي سوگھو ڪيو ويو ٿي. ڪو اهڙو شيدي نه هو، جيڪو آزاد هجي، جنهن کي گھر گھاٽ هجي، جنهن وٽ ڪو غلام وڃي پناهه وٺي ۽ لڪي وڃي. ۽ نه وري ڪي روڊ رستا ۽ ڪارون بسون هيون، جو هڪ شهر مان ڀڄي ٻئي ڏورانهين ڏيهه هليو وڃي. ان جو اندازو توهان ان مان به لڳائي سگھو ٿا، ته بعد ۾ جڏهن غلاميءَ تي بندش پئجي وئي ته به يورپ جي گورن جو آفريڪا جي شيدي ڪارن ۽ اسان ڪڻڪ رنگن ايشين سان نفرت جو حال سائوٿ آفريڪا مان لڳائي سگھو ٿا، جتي ڪارن لاءِ ٽوائليٽ به الڳ هئا. عبادت گاهه ته الڳ هئا پر ريل ۾ سفر ڪرڻ لاءِ دٻا ئي الڳ هئا. شيدي ته ڇا اسان ايشين به ڀلي ڪو پئسي وارو ۽ پڙهيل ڳڙهيل هجي، ڀلي هن مٿاهين ڪلاس جي دٻي جي ٽڪيٽ خريد ڪئي هجي پر هو ان ۾ سفر نٿي ڪري سگھيو جو اهي فقط گورن لاءِ هئا. ضد ڪرڻ يا بحث ڪرڻ تي ان جو حال اهو ڪيو ويو ٿي، جيڪو مهاتما گانڌيءَ جو ڪيو ويو. جنهن کي دٻي مان کڻي هيٺ پليٽ فارم تي اڇلايو ويو هو.
پرنس عبدالرحمان ڀڄي وڃڻ کانپوءِ ٻه ٽي هفتا آمريڪا جي جھنگلن ۾ رلندو، لڪندو رهيو. پٺيان سندس مالڪ ڳولائون ڪندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن عبدالرحمان بيزار ٿي پيو ۽ سمجهي ويو ته هتي ڀڄڻ جي ڪا واهه ناهي. ڪٿي رهي، ڪٿي کائي پيئي، ڪٿي لڪي... ڪا واهه واٽ هن کي نظر نه آئي.
هنن ڏينهن ۾، جنهن ۾ هو اڪيلائيءَ ۾ اڌ ڍئو اڌ بک ۾ گذاريندو رهيو، هن ڏينهن رات سوچيو ۽ آخر ان ڳالهه تي پهتو، جيڪا مٿين ڊاڪيومينٽري فلم ۾ هڪ ٻيو اسلامي اسڪالر زيد شاڪر امام ٿو ٻڌائي ته: “هاڻ هو نه پاڻ کي شهزادو سمجھي ۽ نه سپاهين جو سردار ۽ ٽمبڪٽو جهڙن مدرسن مان علم حاصل ڪندڙ، عالم. هاڻ هن جي زندگيءَ جو مدار هن جي محنت ۽ قابليت تي آهي ته هو حالتن کي ڪهڙي ريت ٿو منهن ڏئي”.
هي اهو وقت هو جڏهن هن محسوس ڪيو ته هاڻ هن جو پنهنجي وطن “فوتا جلون” واپس پهچڻ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي... هڪ ناممڪن خواهش آهي. هن کي هاڻ زندگيءَ جا باقي ڏينهن غلاميءَ ۾ ئي گذارڻا پوندا. اها ئي رب جي منشا آهي، اهو ئي هن جي قسمت ۾ لکيل آهي. اهو سڀ هڪ خواب هو ته هو هڪ ڏينهن شهزادي مان بادشاهه ٿيندو. بهرحال ٻيو ڪو آپشن نه ڏسي هو موٽي پنهنجي مالڪ وٽ آيو ۽ هن وٽ اهڙو ته ايمانداري وارو ۽ مالڪ لاءِ فائدي وارو ڪم شروع ڪيو جو ٿامس فاسٽر جو هن غلام بنا گذارو مشڪل ٿي پيو.
در اصل فاسٽر ٻين يورپين وانگر جاهل قسم جو زميندار يا کڻي چئجي ته وڏيرو رئيس هو، جنهن کي سواءِ ڳني (Sugar cane) ۽ تماڪ جي پوک ۽ ڍورن جي پالڻ کان علاوه ٻي ڪا معلومات نه هئي. اتر آمريڪا کنڊ جون زمينون خاص ڪري مسي سپي نديءَ واريون ڪپهه جي پوک لاءِ ڀليون هيون. پرنس عبدالرحمان کي ڪپهه جي پوک جي ڄاڻ هئي جو هن جي وطن فوتا جلون ۾ ڪپهه پوکي وئي ٿي. سو هن پنهنجي مالڪ کي نچيز ۾ ڪپهه پوکڻ جي صلاح ڏني، جنهن مان فاسٽر هر سال امير کان امير ۽ تر جو مشهور “ڪاٽن گروئر” ٿي ويو. مالڪ جي ڪمائي وڌڻ تي عبدالرحمان سوري به نهايت اهم غلام ٿي پيو ۽ کيس فاسٽر پنهنجو فورمئن يعني ڪمدار ڪري رکيو جيئن هن جي صلاحن مطابق ٻيا غلام به ڪم ڪن.
ٿامس فاسٽر وٽ رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ ٻيا غلام ته فقر جي ماني کائيندا هئا پر پرنس عبدالرحمان مان فائدو ملڻ ڪري سندس مالڪ کيس زمين ٽڪرو ڏنو ته ان تي ڀلي هو پنهنجي کائڻ ۽ وڪري لاءِ ڀاڄيون پوکي. انهيءَ دوران 1794ع ۾ جڏهن هو 32 سالن جو هو، يعني هن کي فاسٽر وٽ ڪم ڪندي ڇهه سال ٿي ويا هئا ۽ هاڻ هو ٻين غلامن مٿان فورمئن هو ته هن پنهنجي مالڪ جي اجازت سان هن جي هڪ 25 سالن جي هڪ ٻانهي (غلام) آئسا بيلا (Isabella) سان شادي ڪئي، جيڪا دائي پڻ هئي.
هتي پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته ان غلاميءَ جي دور ۾ ائين نه هو جيئن اڄ ڪلهه ڪنهن جاگيردار، وڏيري، پير وٽ ڪم ڪندڙ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون هڪ ٻئي تي دل اچڻ تي شادي ڪن ٿا. شاديءَ بعد هنن کي اجازت آهي ته پنهنجي ٻارن کي ننڍي هوندي ئي ڪنهن پورهئي تي لڳائين يا پڙهائين. هنن جو ڪمايل پيسو هنن جي والدين کي ملي ٿو. پر غلامي وارن ڏينهن ۾ ائين نه هو. غلامن جي مالڪن جي مرضي هوندي هئي ته هو ڪنهن جي ڪنهن سان شادي ڪرائي، يا نه به ڪرائي. غلام مرد ۽ عورت جو عشق هوندي به هنن کي شاديءَ جي اجازت نه ڏئي، ويندي هو چاهي ته جنهن غلام کي خصي (کدڙو) ڪري ڇڏي. نه رڳو آمريڪا ۾ پر چين، انڊيا يا ترڪيءَ ۾ جن غلامن شاهي درٻارن يا وڏن ماڻهن جي ڏيڍين تي ڪم ٿي ڪيو، يا جن سلطانن حاڪمن پنهنجي ڌڻ زالن ۽ ڪنيزائن جي نظرداري، چوڪيداري يا ويندي جاسوسي ٿي ڪرائي ان ڪم لاءِ هنن حبشي غلامن کي خَصي - يعني Castration ڪرائي پوءِ محلاتن اندر رکيو ٿي.
ٻي ڳالهه ڪنهن مالڪ پنهنجي غلامن مان ڪنهن مرد ۽ عورت کي شاديءَ جي اجازت ڏني به ٿي ته انهن مان پيدا ٿيل ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ ضرور رهيا ٿي، جن کي هنن نپايو ٿي پر اهي ٻار مالڪ جي ملڪيت سمجھيا ويا ٿي. جيڪو ڪنهن به وقت سندن ماءُ پيءُ جي اجازت يا صلاح مشوري بنا وڪڻي سگھيو ٿي. بلڪه Slave Traders يعني غلام رکندڙن پنهنجي غلامن جي شادي ئي ان ڪري ٿي ڪرائي جيئن هو گھڻي کان گھڻا ٻار ڄڻي ڏين، جن کي وڪڻي هو وڌيڪ پئسو ڪمائي سگهن ... هونءَ به هڪ سنئين سڌي ڦاسايل غلام کان غلامن جي اولاد جو اگھه جتي ڪٿي وڌيڪ رهيو ٿي، جو اهي باغي هجڻ بدران ٽرينڊ رهيا ٿي. هنن کي ماءُ پيءُ کان سبق مليو ٿي ته مالڪ وٽان ڀڄڻ جي ڪا واهه ناهي... ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ معنيٰ موت کي دعوت ڏيڻ آهي. سو هو وڪري بعد نئين مالڪ وٽ ائين ڪم ۾ لڳي ويا ٿي، جيئن هنن پنهنجي والدين کي ڏٺو. آفريڪا کان ايندڙ نون غلامن مان ڪيترن ئي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي جيئن هن غلام پرنس عبدالرحمان يا اڳ واري چيپٽر ۾ عمر ابن سعيد ڪئي. پوءِ نتيجي ۾ وريو ڪجهه ڪونه ٿي جو غلامن جو ڀڄڻ آسان نه هو پر في الحال مالڪ پريشان ٿيو ٿي. ان ڪري غلامن جو اولاد تازي اغوا ٿيل آفريڪي همراهه کان مهانگو وڪرو ٿيو ٿي.
جتي مالڪ چاهيو ٿي هن غلام جي شادي ڪرائي ٿي، پوءِ ان خيال کان ته ان مان ٻار ٿين جيئن انهن جو وڪرو ڪري پئسو ڪمائجي يا سنڌ جي غلام (بلال) گلاب وانگر هن جي نيڪ مالڪ مخدوم حر عليءَ پنهنجي فرمانبردار غلام سان مهرباني ڪرڻ خاطر هن جي شادي ڪرڻ چاهي، پر هن وٽ جيئن ته ڪا غلام عورت نه هئي ته هن گلاب شيديءَ لاءِ هڪ شيدياڻي خريد ڪئي، جيڪا حالتن مان لڳي ٿو ته ان وقت ڊائريڪٽ زئنزيبار کان آيل نٿي لڳي پر ڪنهن مير، پير، جاگيردار وٽ پهرين جي رهيل غلامن جو اولاد هئي، جنهن کي گھر جو ڪم به آيو ٿي ته سنڌي به ڳالهائي سگھي ٿي. نه ته ممباسا يا زئنزيبار کان نون آيل شيدين کي سنڌي يا ٻي ڪا مقامي ٻولي سکڻ ۾ ڪجھه سال لڳي ويا ٿي.
آمريڪا ۾ رهندڙ هن غلام پرنس عبدالرحمان کي 38 سال غلامي ڪرڻ بعد آزادي ضرور ملي پر هن جي مالڪ هن جي ٻارن کي پاڻ وٽ سوگھو رکيو، جن کي هن وڏي ملهه تي وڪڻڻ چاهيو ٿي. انهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ عبدالرحمان سوريءَ آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن جي ڪيترن ئي اميرن کان چندا گڏ ڪيا پر پوءِ به نو ٻارن مان هو فقط ٽي يا چار خريد ڪري سگھيو. ان دوران غلامن جو مالڪ فاسٽر گذاري ويو ته هن جي اولاد ۾ نه فقط هن جون زمينون ۽ ڍور ڍڳا ورهايا ويا پر غلام پڻ. اهڙي طرح عبدالرحمان سوريءَ جي باقي پنجن ٻارن مان ڪو پٽ ڪنهن حوالي ٿي ويو ته ڪا ڌيءُ ڪنهن حوالي ۽ ساڳئي وقت فاسٽر جي اولاد مان ڪو ڪنهن رياست ۾ وڃي رهيو ته ڪو ڪنهن ۾. اهڙي طرح عبدالرحمان جو اولاد به ٽڙي پکڙي ويو.

عبدالرحمان آزادي ڪيئن حاصل ڪئي

آمريڪا جي جاگيردار وٽ قيد ٿيل آفريڪا جو شهزادو غلام عبدالرحمان ڪهڙي طرح آزادي حاصل ڪري سگهيو؟ اها هن ريت: گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته مالڪ جي اجازت سان عبدالرحمان ڪجھه ڀاڄيون پوکيون هيون، جن مان ڪجھه روزانو هو مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ ويندو هو. هڪ ڏينهن هو آمريڪا جي هن شهر نچيز جي مارڪيٽ ۾ ڀاڄيون وڪڻي رهيو هو ته هن کي هڪ اجنبي پوڙهو گورو انگريز نظر آيو، جيڪو ڀاڄي خريد ڪرڻ دوران هن کي حيرت مان چتائي ڏسي رهيو هو - ڄڻ ته هن کان ڪا ڳالهه وسري وئي هجي. ائين لڳو ڄڻ هو ڪو پراڻي وقت جي ڪا ڳالهه ياد ڪري رهيو هجي. ڪجھه دير سوچڻ بعد هن عبدالرحمان جي ٻانهن ۾ هٿ وجھي رڙ ڪئي: “پرنس!” ۽ ڦاٽل اکين سان هن هڪ دفعو وري پڪ ڪئي، ”آر يو پرنس عبدالرحمان؟“
ان دوران عبدالرحمان به سڃاڻي ورتو ته هي ڊاڪٽر جان ڪاڪس (John Cox) آهي.
جان ڪاڪس ڪير هو؟
جان ڪاڪس پهريون گورو يعني اڇِي کَل وارو ماڻهو هو، جيڪو آفريڪا جي هن علائقي فوتا جلون ۾ نظر آيو هو ۽ مقامي ماڻهن پهريون دفعو ڪنهن ٻئي کنڊ جي ماڻهوءَ کي ڏٺو. هي 1785ع جي ڳالهه آهي - يعني پرنس عبدالرحمان سوريءَ جي اغوا ٿيڻ کان ٽي سال اڳ جي. ان سال آفريڪا جي ڪناري وٽ هڪ جهاز سمنڊ ۾ موجود ٽڪريءَ سان يا ڪنهن اڳ جي ٻڏل جهاز سان ٽڪرائي پاش پاش ٿي ويو. ان ۾ موجود ماڻهن مان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو جهاز جي ڀڳل تختن ذريعي اڌ مئا ٿي ڪناري تي پهتا، باقي سڀ ٻڏي ويا هئا. ڪناري تي پهتل باقي بچيلن جو ڇا ٿيو، اهي ڪناري جي ڪهڙي حصي تي پهتا، ڪنهن ويراني ۾ يا جھنگ ۾ ان جي خبر ناهي باقي جان ڪاڪس جيڪو ان جهاز تي انگلينڊ جو سرجن هو، بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪناري جي هڪ اهڙي هنڌ تي اچي پيو، جتي آبادي هئي ۽ اهو علائقو فوتا جلون جي سلطنت ۾ آيو ٿي، جتي جو حاڪم (امير المومنين) هن آمريڪي غلام عبدالرحمان سوريءَ جو پيءُ ابراهيم سوري هو. فوتا جلون جا ماڻهو سمنڊ مان لڙهي آيل هن نيم هوش زخمي گوري کي فوتا جلون جي گادي واري شهر ٽمبو (Timbo) ۾ کڻي آيا، جتي شهزادي عبدالرحمان هن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ ڇهه مهينا لڳاتار هن جي خدمت ڪئي ۽ وندرايو. بلڪل چاق چڱو ڀلو ٿي پوءِ هن پنهنجي ميزبان يعني ملڪ جي حاڪم ابراهيم سوري ۽ سندس پٽ شهزادي عبدالرحمان جا موڪلائڻ مهل ٿورا مڃيا ۽ ساڳئي وقت عبدالرحمان به سرجن جان ڪاڪس جون مهربانيون مڃيون جو اهو زخمي حالت وارو عرصو شهزادي عبدالرحمان جو ٽيچر ٿي رهيو ۽ شهزادي کي انگريزي سيکاريندو رهيو. اهو ئي ته سبب آهي جو عبدالرحمان جو مالڪ ٿامس فاسٽر حيرت ۾ رهيو ٿي ته هي ڪهڙو غلام آفريڪا مان اغوا ٿي آيو آهي، جيڪو پهرئين ڏينهن کان نه فقط هڪ کان وڌيڪ آفريڪي ٻوليون ۽ عربي ڳالهائي ٿو پر انگريزي به سمجھي ٿو. ان کان سواءِ هي زراعت ۽ سائنس جي به ڄاڻ رکي ٿو جو هن نه فقط ڀاڄيون پوکڻ جي ڄاڻ رکي ٿي پر ڪپهه جي پڻ ، جنهن ذريعي ٿامس فاسٽر مسي سپي رياست جو ڪاٽن ڪنگ ٿي ويو. مسي سپي رياست اڄ به موجود آهي، جنهن تي اهو نالو وهندڙ ندي مسي سپي تان پيو آهي. اها ندي مسي سپي رياست بعد ليوزيانا رياست مان گذري هيٺ ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو نار واري سمنڊ (Gulf of Mexico) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪو سمنڊ ۾ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو ائين حصو آهي، جيئن اسان وٽ ايراني نار يا عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ جا حصا آهن. مسي سپي ندي 4000 کن ڪلوميٽر ڊگھي آهي ۽ اڄ به جهازراني (Navigation) جي لائق آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ پنهنجا ۽ ڌارين جا جهاز سمنڊ لتاڙي سنڌو نديءَ ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ ڪوٽڙي ۽ روهڙيءَ تائين ته ڇا ملتان تائين هليا ويندا هئا، جو ان وقت سنڌو نديءَ جو پاڻي تارو تار وهيو ٿي ۽ ڪا به پل يا بئراج نه هئي، جو جهاز جي لنگھڻ لاءِ آڏ ڪري. مسي سپي ندي اڄ به جهڙو مٺي پاڻيءَ جو سمنڊ لڳو پيو آهي ۽ ان جي مٿان ٽريفڪ لاءِ ٺهيل پليون ايترو مٿاهيون آهن، جن جي هيٺان اسان جا وڏا ۽ اتاهان جهاز آرام سان لنگھيو وڃن. اسان ڪيترائي دفعا جهاز کي مسي سپي نديءَ جي ڪوٽڙي ۽ روهڙي جهڙن بندرگاهن ۾ وٺي ويا هونداسين. سڀ کان گھڻو اسان جو نيو اورلينس بندرگاهه ۾ وڃڻ ٿيندو هو، جيڪو سمجھو ته مسي سپي نديءَ جي ڇوڙ وٽ شهر آهي. ويجھو ويجھو تڏهن به نديءَ ۾ جهاز کي 160 کن ڪلوميٽر هلائڻو پيو ٿي. يعني سمجھو ته ڪوٽڙيءَ جيترو پري ٿيو. ان کان ٿورو اڳتي بئٽن روج بندرگاهه آيو ٿي ۽ پوءِ نچيز، جتي عبدالرحمان سوري غلام هو. عبدالرحمان کي ڊڪار (آفريڪا)کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپائي گلف آف ميڪسيڪو ۾ آندو ويو هوندو، جتان پوءِ مسي سپي نديءَ ۾ داخل ٿي جهاز (Slave Ship) وارن رستي تي مختلف شهرن يعني بندرگاهن تي اتي جي جاگيردارن جي ڏنل ڊمانڊ موجب، بقول هنن جي “بلئڪ ڪارگو” ڊليور ڪيو هوندو.
آئون جن ڏينهن ۾ نيو اورلينس، بئٽن روج يا نچيز ويندو هوس ته انهن ڏينهن ۾ پرنس عبدالرحمان جي ڪهاڻيءَ کان واقف نه هئس پر منهنجي پڙهندڙن مان ڪنهن جو جهاز هاڻ مسي سپيءَ ۾ داخل ٿي، يا اسان جي ملڪ جو، خاص ڪري صوبي سنڌ جو ڪو رهاڪو نچيز شهر ۾ وڃي ته اتي جي مارڪيٽ يا ٻهراڙي جي زمين کي ڏسي اهو سوچي سگھي ٿو ته اڄ کان ٻه يا سوا ٻه کن صديون اڳ جڏهن آفريڪا جو هڪ غلام بلال (گلاب) شيدي اسان جي سنڌ جي ٽنڊي باگي شهر ۾ پورهيو ڪري رهيو هو، ته ٺيڪ انهن ئي ڏينهن ۾ آفريڪا جي ٻئي ڪناري يعني اولهه پاسي جو شيدي غلام عبدالرحمان سوري آمريڪا جي هن شهر نچيز ۾ غلامي ڪري رهيو هو.
نچيز جي ڀاڄي مارڪيٽ ۾ عبدالرحمان سان ملاقات بعد انگريز سرجن جان ڪاڪس پريشان ٿي ويو. هو چڱي ريت واقف هو ته عبدالرحمان هڪ شهزادو هو، هو ڪهڙي سک سان رهيو ٿي، هو هڪ بادشاهه ۽ عالم دين جو پٽ هو، جنهن جو درجو هڪ پير و مرشد کان مٿي هو ۽ هي عبدالرحمان هڪ وڏي ماڻهوءَ جو کريل پٽ نه پر هڪ اعليٰ تعليم يافته ۽ با اخلاق انسان هو، جنهن ڏکئي وقت ۾ هن جي دل سان خدمت ڪئي هئي. اهو سوچي سرجن جان ڪاڪس پڪو پهه ڪيو ته ڪيڏو به خرچ اچي ته هن کي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻو آهي. سرجن ڪاڪس عبدالرحمان کان سندس مالڪ جو پڇيو ۽ ٻئي ڏينهن ان وٽ پهچي ويو. عبدالرحمان به ڏهاڪو سال هن وٽ غلام رهي چڪو هو ۽ سرجن کي پڪ هئي ته هو وڏي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ راضي ٿي ويندو پر ٿامس فاسٽر ڪنهن به صورت ۾ مڃڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو. زندگيءَ جا باقي سال 1816ع ۾ وفات ڪرڻ تائين سرجن ڪاڪس ڪوشش ڪندو رهيو پر ڪامياب نه ٿيو. پر هن هڪ ڪم ڪيو ته مقامي اخبار وارن کي عبدالرحمان بابت ٻڌايو ته هو آفريڪا جي هڪ سلطنت جو شهزادو ۽ پڙهيل ڳڙهيل انسان آهي، جنهن کي اغوا ڪري هتي غلاميءَ ۾ رکيو ويو آهي. اخبار وارن جلد ئي هن کي اهم ماڻهو بڻائي ڇڏيو ۽ هن لاءِ مشهور ڪيو ته هي مراڪش جو آهي ۽ هن طرفان لکيل والدين ڏي عربيءَ ۾ خط مراڪش ۾ موجود آمريڪي سفير ذريعي موراڪو جي سلطان کي پهچايو ويو.
انهن ڏينهن ۾ علويان گھراڻي (Alaouite Dynasty) جو مولي عبدالرحمان ابو هشام، ملڪ جو سلطان هو. هي اهو گھراڻو آهي، جنهن جو اڄ وارو سلطان آهي. مولي(Moulay) عبدالرحمان 1778ع ۾ مراڪش ۾ ڄائو ۽ 1822ع کان 1859ع وفات تائين 37 سال موراڪو جو سلطان رهيو. هن جي دور حڪومت ۾ آفريڪا جي ملڪن تي يورپي قومن جو قبضو ٿيندو رهيو پر هي بهترين ڊپلوميسي ۽ ذهانت سان پنهنجي ملڪ موراڪو کي خودمختيار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ اندروني ملڪي مشڪلن کي به منهن ڏيندو رهيو. نچيز آمريڪا مان عبدالرحمان سوريءَ جو عربيءَ ۾ خط پڙهڻ بعد هن آمريڪا جي صدر کي خط ذريعي هن غلام جي پارت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا جو ڇهون صدر جان ڪنسي آڊمس (John Quincy Adams) هو، جيڪو 1825ع کان 1829ع تائين صدر رهيو. آمريڪا جي صدر جي دلچسپي وٺڻ تي عبدالرحمان سوريءَ جو مالڪ پئسا وٺي هن کي آزاد ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو پر ان شرط تي ته هو هتان سڌو پنهنجي ملڪ آفريڪا هليو ويندو. عبدالرحمان سوريءَ آزادي حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي زال ۽ ٻارن جي آزاديءِ لاءِ چندا گڏ ڪيا ۽ واشنگٽن ۾ جتان هن کي آفريڪا لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻو هو، صدر آدمس سان به مليو ۽ هن کان مالي مدد گھري پر هن انڪار ڪيو. پرنس عبدالرحمان کي اڃا آمريڪا ۾ ڦرندو ۽ چندو گڏ ڪندو ٻڌي غلامن جو مالڪ ٿامس فاسٽر چڙي پيو ۽ هن چتاءُ موڪليو ته اهڙي حالت ۾ هو پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ چاهيندو ۽ عبدالرحمان کي وري غلام ڪري رکندو. عبدالرحمان فقط ايترا پيسا گڏ ڪري سگھيو جو جنهن سان پنهنجي زال آئيسابيلا خريد ڪري سگھيو باقي چار پٽ ۽ پنج ڌيئرون ٿامس پنهنجي ئي قبضي ۾ رکيون.
عبدالرحمان سوري 40 سالن جي غلامي بعد هڪ دفعو وري ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرڻ لاءِ جهاز تي قدم رکيو. ساڻس گڏ زال به هئي. هو جيڪي ڪجھه وڌيڪ پئسا بچائي سگھيو اهي سڀ اتي جي ڪنهن چڱي مڙس کي ڏئي آيو، جنهن واعدو ڪيو ته هو سندس ٻارن جي آزاديءِ لاءِ پوري ڪوشش ڪندو ۽ جيئن هن کي ڪاميابي نصيب ٿيندي ته ٻارن کي فوتاجلون موڪليندو.
عبدالرحمان جو جهاز ٻن مهينن جي سفر بعد لائيبيريا ملڪ جي ”مونروويا“ بندرگاهه ۾ مارچ 1829ع ۾ اچي لنگر ڪيرايو. جهاز مان لهي ڪناري تي قدم رکڻ مهل عبدالرحمان سوريءَ پهريون ڪم اهو ڪيو ته مصلو کولي ان کي پٽ تي وڇايو ۽ ڪعبي ڏي منهن ڪري سجدو ڪيو ۽ رب جا شڪر ادا ڪيا. عبدالرحمان جو زندگيءَ ۾ هميشه اهو فلسفو رهيو ته انسان کي رب جي رضا تي راضي رهڻ کپي. انسان پاڻ ڪجھه نٿو ڪري سگھي. قدرت پنهنجي حساب سان ڪنهن کي ڏئي ۽ ڪنهن کان کسي آزمائي ٿي...
“Sometimes God breaks our spirit to save our soul. Sometimes He breaks our heart to make us whole. Sometimes God send us pain so we can be stronger. Sometimes He send us failure so we can be humble. Sometimes He take away everything from us so we can learn the “value” of everything He gave us…...”
سوچجي ته عبدالرحمان سوري هڪ وڏي پير ۽ آفريڪا جي خوبصورت ۽ سرسبز مير علائقي فوتاجلون جي بادشاهه جو پٽ هو ۽ ان بادشاهه جو ولي عهد شهزادو ۽ 20 هزار سپاهين جو ڪمانڊر هو پر هو اک ڇنڀ ۾ غلام ٿي ويو هو. سو به ڏينهن ٻن لاءِ نه پر 40 سالن لاءِ! باقي سڄي زندگيءَ لاءِ! ڇو جو 1828ع ۾ 66 سالن جي ڄمار ۾ هو آزاد ٿيو ۽ 1829ع ۾ جڏهن هن پنهنجي ڌرتي آفريڪا جي ڪناري تي قدم رکيو ته قدرت هن کان زندگي کسي ورتي ۽ هو پنهنجي وطن فوتا جلون، پنهنجي ڳوٺ ٽمبو (Timbo) تائين به نه پهچي سگھيو. سامونڊي ڊگھي ۽ تڪليف واري سفر هن مڙس کي جيڪو هاڻ جوان نه پر 67 سالن جو پوڙهو ٿي چڪو هو، ڪمزور ۽ بيمار بڻائي ڇڏيو هو. ڪناري تي لهڻ سان هن کي بخار ٿي پيو ۽ هو اتي مونورويا ۾ ئي گذاري ويو. هو نه پنهنجي پيءُ جي گادي واري شهر ٽمبو ۾ پهچي سگھيو ۽ نه پنهنجي ٻارن کي ڏسي سگھيو.
انهيءَ ئي سال سندس زال گذاري وئي ۽ هوڏانهن آمريڪا ۾ سندس اڳوڻو مالڪ ٿامس فراسٽ گذاري ويو. عبدالرحمان سوري ۽ سندس زال آئسابيلا ٻارن جي آزاديءَ لاءِ جيڪي پيسا ڇڏي آيا ان مان فقط ٻن پٽن کي آزادي ملي سگھي. باقي 3 پٽ ۽ 4 ڌيئون ٿامس جي مرڻ بعد هن جي جائداد سان گڏ سندس پٽن ۽ پوٽن ۾ ورهايا ويا. عبدالرحمان جا آزاد ٿيل پٽ مونورويا (لائبيريا) آيا ۽ اتي ئي رهي پيا. باقي 7 ٻارن جو اولاد بعد ۾ آمريڪا ۾ غلامي ختم ٿيڻ تي سڀ آزاد ٿيا، جيڪي پڻ وڏي عيال وارا ٿيا. 2006ع ۾ عبدالرحمان سوري جي اولاد جي نچيز شهر ۾ هڪ وڏي گڏجاڻي ٿي هئي، جيڪا اخبارن ۽ ٽي وي تي پڻ ڏيکاري وئي هئي.

شهزادي سوريءَ جو اولاد ۽ هن بابت ڪتاب

شيدي شهزادي عبدالرحمان سوريءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. آئون نٿو سمجھان ته هن کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي آفريڪي غلام تي لکيو ويو هجي ۽ هن وانگر ڪنهن ٻئي غلام جو اولاد آفريڪا ۽ آمريڪا ٻن کنڊن جي مختلف شهرن ۾ ٽڙيل پکڙيل هجي. ظاهر آهي پاڻ ۽ سندس زال مونورويا (آفريڪا) موٽي آيا. پنهنجي پنج پٽن ۽ چئن ڌيئرن مان ملهه ملڻ تي ٻن پٽن کي آزاد ڪيو ويو، جيڪي ”مونورويا“ ماءُ پيءُ وٽ پهتا، باقي 3 پٽ ۽ ڌيئرون ڪرنل ٿامس فراسٽ وٽ غلام ئي رهيا، جنهن جي وفات کانپوءِ سندس ٻي جائيداد ۽ ڍور ڍڳن سان گڏ پرنس سوري جي انهن ستن ٻارن کي ٻين غلامن سان گڏ ٿامس فراسٽ جي پٽن ۽ پوٽن ۾ ورهايو ويو. انهن پنهنجي حصي جي غلامن جون شاديون ڪرائي پنهنجي غلامن جو تعداد وڌايو. اهي سڀ ان وقت آزاد ڪيا ويا جڏهن آمريڪا ۾ غلام رکڻ تي بندش لڳائي وئي. ان بعد آفريڪا جا سڀ شيدي غلام پنهنجي اولاد سميت آزاد ڪيا ويا. پرنس سوريءَ جو آفريڪا توڙي آمريڪا وارو اولاد ان وقت کان هڪٻئي سان Contact ۾ رهيو ته اڄ ڏينهن تائين آهي. ڊي اين اي ٽيسٽ جي ايجاد بعد ته اڃا به وڌيڪ سهولت ٿي پئي ته ڪير ڪير پرنس سوريءَ جي اولاد مان آهي. اڄ ڪلهه شهزادي ڪئرن (Keran Chitman) آمريڪا ۾ مشهور آهي ۽ ڊاڪٽر ارتمس (Dr. Artemus Gaya) آفريڪا جي اهم شخصيت آهي، جيڪي ٻئي سؤٽاڻي سوٽ آهن يعني پرنس عبدالرحمان سوري جي آمريڪا ۾ ڇڏيل اولاد ۽ آفريڪا ۾ آيل پٽن مان هڪ جو اولاد آهن ۽ انهن جي ستين پيڙهي سڏجي ٿو. سو پرنس سوريءَ تي نه فقط ڌارين پر سندس اولاد به گھڻو ڪجھه لکيو آهي. هن جون پنهنجون لکيل ٻه آتم ڪٿائون به موجود آهن، جيڪي هن عربيءَ ۾ لکيون بعد ۾ انگريزيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن ۽ نيٽ تي به موجود آهن. مون به گوگل تي پڙهيون. آمريڪا جي “لئبريري آف ڪانگريس” ۾ سندس تصوير به رکيل آهي ۽ سندس خاندان جي حسب نصب جو شجرو پڻ، جيئن سندس اولاد ان مان ڄاڻ حاصل ڪري سگھي ۽ ضرورت پوڻ تي ٻڌائي سگھي ته سندن وڏن جو تعلق شاهي خاندان سان هو. اهو ئي سبب آهي، جو آمريڪا ۽ آفريڪا جون حڪومتون هنن کي پنهنجي نالي اڳيان شهزادو يا شهزادي لکڻ جي اجازت ڏين ٿيون. شهزادي ڪرين ته ڪيترين ئي اين جي اوز ۾ انسان ذات جي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، جن مان اوباما فائونڊيشن ۽ بِل گيٽس فائونڊيشن پڻ آهن.
نچيز شهر جتي پرنس عبدالرحمان سوري 40 سال اڳ غلام هو اتي جي هڪ همراهه “جيمز رجسٽر” پرنس سوري جي زندگيءَ جو مڪمل 40 سالن جو قصو لکيو، جيڪو 1968ع ۾ هن نالي واري ڪتاب ۾ ڇپيو آهي:
Jallon: Arabic Prince of Old Natchez, (1788-1828).
مٿئين ڪتاب کان سواءِ 1977ع ۾ هڪ تاريخ جي پروفيسر ٽيري الفورڊ پڻ عبدالرحمان سوريءَ جي زندگيءَ تي ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي:
“Prince Among Slaves”
2007ع ۾ ڊائريڪٽر “ائنڊريا ڪالن” مٿين ڪتاب تي فلم به ٺاهي، جنهن ۾ هن عبدالرحمان سوريءَ جي غلاميءَ واري زندگي ڏيکاري آهي. بقول پروڊيويسر اليڪس ڪرونيم جي:
“It’s a universal story. It’s paradise lost. We all wonder what would happen if we lost of all. Here’s a story about someone who lost an entire empire and emerged intact. At the time of his capture in 1788, Abdul-Rehman commanded an army bigger than George Washington’s in a country larger than the 13 original U.S. states.”
هڪ ڳالهه آهي ته ٽيري الفورڊ (Terry Alford) جو پرنس عبدالرحمان جي غلامي واري زندگيءَ تي لکيل ڪتاب Prince Among Slaves مان دنيا کي اها ڄاڻ پئي ته آفريڪا کان جيڪي غلام آمريڪا آيا ٿي، انهن ۾ سڀ اڻ پڙهيل ۽ بي گهر نه هئا. حقيقت ته اها هئي ته انهن غلامن ۾ ڪيترائي ان وقت جي اعليٰ مدرسن جا پڙهيل هئا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جو انڊيا، ايشيا، وچ اوڀر ۽ يورپ سان واپار وڙو هليو ٿي. انهن غلامن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽيهه سيڪڙو مسلمان هئا.
پرنس عبدالرحمان سوري جا ٻه پٽ، جيڪي آزاد ڪري آفريڪا موٽايا ويا، انهن مان هڪ جو ستين پيڙهيءَ ۾ تڙ پوٽو ڊاڪٽر ارتيمس گائي جيڪو لائبيريا جي هڪ اهم شخصيت آهي، جنهن جو ڪتاب “Rooted Beyond Boundaries” پڻ ان سلسلي ۾ مشهور ڪتاب آهي ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڇاتيءَ جي ڪئنسر جي آرگنائزيشن Think Pink Qatar ۽ Think Pink International جي باني شهزادي ڪٿرين چئٽمن آهي.

غلامي ۽ غلامن جي وڪري بابت ڪتاب

مٿئين عنوان تي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارن ۽ ان عنوان تي کوجنا ڪندڙ شاگردن لاءِ ڪجھه ڪتاب تجويز ڪرڻ چاهيندس، جيڪي مون مختلف ملڪن ۾ سامونڊي سفر دوران پڙهيا. هونءَ ته هڪ نئين پڙهندڙ کي محمد صديق مسافر جو لکيل ڪتاب “غلامي ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ نظارا ۽ مسافر جي ڪهاڻي سندس زباني” مان ئي ڄاڻ ٿي سگھندي ته غلامي ڇا شئي آهي ۽ دولت ۽ طاقت جي زور تي ٻاهر جي ماڻهن آفريڪا جي غريب ۽ سادن ماڻهن سان ڇا ڇا ظلم ڪيا! هي ڪتاب نئين ترتيب سان مشتاق “مسرور” باريچو، روشني پبليڪيشن معرفت ڇپرايو آهي. هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي نوجوانن کي ضرور پڙهڻ کپي، جيئن هنن جي اسان جي ديس ۾ رهندڙ شيدي ڀائرن جي وڏن بابت ڄاڻ ٿي سگھي ته هنن ڇا ڇا ظلم سَٺا... هنن کي پنهنجن گھرن ۽ عزيزن کان الڳ ڪري جانورن وانگر وڪرو ڪيو ويو. نه فقط هنن پنهنجي زندگي پر هنن جي اولاد به غلاميءَ ۾ گذاري.
غلامن جي واپار ۽ غلاميءَ تي تمام گھڻا ڪتاب ۽ فلمون ٺهيل آهن. هتي آئون ڪجھه ڪتابن جا نالا لکان ٿو، جيڪي سامونڊي نوڪري وارن سالن ۾ مون مختلف بندرگاهن ۽ سمنڊ تي پڙهيا.
The Exploitation of East Africa: The Slave Trade & the Scramble
by Sir Reginald Coupland
هي 500 کن صفحن جو ڪتاب آهي، جيڪو پهريون دفعو 1939ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ليکڪ ريگنالڊ ڪوپلنڊ انگريز سلطنت جو انگريز تاريخدان آهي. هو 1920ع کان 1948ع تائين آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڪالونيل هسٽري جو پروفيسر ٿي رهيو.
سندس ان عنوان تي ٻيا به ڪتاب آهن، جيئن ته :
East Africa & Its Invaders.
هي ڪتاب به ڪافي ٿلهو 530 صفحن جو آهي، جنهن ۾ مٿئين ليکڪ ريگنالڊ ڪوپلنڊ شروع جي وقت کان سلطان سيد سعيد جي 1856ع ۾ وفات تائين زئنزيبار ۽ آفريڪا جي اوس پاس هلندڙ غلامن جي واپار بابت لکيو آهي. ليکڪ (ڄم 1884ع ۽ وفات 1952ع) آفريڪي تاريخ جو وڏو ڄاڻو رهيو آهي. هو هن ڪتاب ۾ زئنزيبار جي عرب سلطانن جي ڪردار بابت لکي ٿو ته انهن جو اوڀر آفريڪا جي ملڪن تي ڪهڙو اثر رهيو. خاص ڪري غلامن جي وڪري جي سلسلي ۾. ان کان سواءِ يورپ جي ملڪن جو هنن عرب سلطانن تي ڇا اثر رهيو، جڏهن هنن آفريڪا جي سر زمين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري پاڻ ۾ ورهايو. هنن کي پنهنجيون ڪالونيون ۽ پروٽيڪٽوريٽ بڻائي ويهي رهيا. ريگنالڊ ڪوپلنڊ جو ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو ڪتاب پڻ پڙهڻ جوڳو آهي جنهن جو نالو آهي:
Livingstone’s Last Journey.
هي 271 صفحن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ انگلينڊ جو تاريخدان ريگنالڊ هڪ ٻئي انگريز لِوِنگ اسٽون جي جدوجهد بابت لکي ٿو ته اهو غلامي ختم ڪرڻ جي حق ۾ هو. لِوِنگ اسٽون (Living Stone) هڪ تبليغي عيسائي ۽ ڊاڪٽر هو. هو غلاميءَ جي سخت خلاف هو. هن آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري: زئنزيبار، ڪينيا کان آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تائين پيرين پنڌ سفر ڪيو . تن ڏينهن ۾ آفريڪا جي اندروني حصن ۾ نه هئا روڊ رستا نه گاڏيون. گڏهه خچر يا ٻئي جانور تي سفر ڪرڻ وڌيڪ خطرناڪ هو، جنهن جا سبب شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هتي جي زهريلي مَک تسي تسي جانورن کي ڏنگي ٿي. هن سفر دوران هن غلامن جي وڪري جا ڪئين ڏک ڀريا واقعا ڏٺا. خاص ڪري نيانگوي (Nayangwe) ڳوٺ ۾ جتي هڪ عرب واپاري (Slave Trader) کلئي عام پنهنجا سوين غلام قتل ڪري ڇڏيا. هن ڪتاب ۾ ان قسم جون ڪيتريون ڳالهيون آهن. لِونگ اسٽون آفريڪا کنڊ جي ٽئين سفر ۾ سن 1873ع ۾ زئمبيا جي بنگ وييولو (Bang weulu) ڍنڍ تي 60 سالن جي ڄمار ۾ مليريا ۽ دستن جي ڪري گذاري ويو.
مٿئين ليکڪ ريگنالڊ جو ان سلسلي ۾ 163 صفحن جو هڪ تاريخي ڪتاب پڻ آهي، جنهن جونالو آهي:
The British Anti Slavery Movement.
هونءَ غلامن جي خريد و فروخت ۾ انگريزن به خوب حصو ورتو. پرنس عبدالرحمان سوري جهڙن غلامن کي انگريزن ئي آفريڪا مان خريد ڪري آمريڪا پنهنجن انگريزن کي وڪڻي ڏنو. پر پوءِ سگھو ئي سندن ماڻهن جي آواز اٿارڻ تي نه فقط پاڻ غلامن جو وڪرو بند ڪيائون پر ٻين ملڪن ۾ به بندش لڳرايائون. غلامن جي چرپر روڪڻ لاءِ برطانيا جا جنگي جهاز هندي وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ ۾ پهرا ڏيندا رهيا ۽ ڪيترائي غلامن جا جهاز (Slave Ships) جهلي منجھن موجود سنگھرن ۾ ٻڌل غلام آزاد ڪرايائون، جيئن سنڌ تي به 1843ع ۾ قبضو ڪرڻ سان انگريزن غلاميءَ تي بندش وڌي ۽ غلامن کي آزاد ڪرايو.
Memories of an Arabian Princess from Zanzibar by Emily Ruete.
257 صفحن جي هيءَ آٽو بايو گرافي عمان ۽ زئنزيبار سلطنت جي شاهي خاندان جي شهزادي سالمه بنت سعيد لکي آهي. هوءَ 1844ع ۾ زئنزيبار ۾ ڄائي. سندس زندگيءَ جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هوءَ سلطان سعيد بن سلطان جي ڇهٽيهه ٻارن ۾ آخري هئي ۽ سندس ماءُ سلطان جي روس پاسي Circassian جي ڪنيز هئي جنهن جو زئنزيبار جي مختلف محلن ۾ ننڍپڻ گذريو. هن پنهنجي زندگيءَ جو هي احوال هڪ جرمن همراهه سان شاديءِ جي ارادي سان ڀڄي وڃڻ بعد جرمنيءَ مان لکيو، جتي هوءَ سالمه بدران اميلي روئتي (Emily Ruete) جي نالي سان پاڻ کي سڏائڻ لڳي.
زئنزيبار ۾ هن ننڍي هوندي کان وٺي محلاتي سازشون ۽ تخت تان ڀائرن جا جھيڙا ۽ ڏيهه نيڪاليون ڏٺيون، بغاوتون، جھيڙا ۽ عياشيون ڏٺيون. سندس هيءَ آتم ڪٿا ان وقت جي زئنزيبار جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جو عڪس آهي. ان کان سواءِ سالمه (اميليءَ) هن ڪتاب ۾ ٻين به ڪيترن ئي عنوانن تي لکيو آهي. حقيقت ۾ اسڪول جي زندگيءَ کان فئشن تائين، ان وقت جي طبيبن جي علاج، ڦڪين، ستين کان غلاميءَ جي عروج تائين، هيءُ ڪنهن عرب عورت جي پهرين آٽو بايو گرافي آهي جيڪا پوءِ عربيءَ مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي.
Zanzibar: City, Island & Coast
By Richard Francis Burton.
542 صفحن جو هي يادگيرين جو ڪتاب پهرين 1872ع ۾ ٻن جلدن ۾ ڇپيو هو. هن جو مصنف رچرڊ برٽن اهو شخص آهي، جنهن کان اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو خاص ڪري سنڌ جا چڱي طرح واقف آهن. هن جا سنڌ بابت لکيل هيٺيان ڪتاب اڄ ڏينهن تائين انگريزي ۾ ترجمو پيا ٿين ۽ اسان جي نوجوانن کي ضرور پڙهڻ کپن.
• Falconry in the Valley of the Indus.
• Sind Revisited.
• Sind & the Races that Inhabit the Valley of the Indus.
• Scinde: or the Unhappy valley.
رچرڊ برٽن کي ٽيهارو کن ٻوليون آيون ٿي ۽ هو ويس بدلائي مڪي ۽ مديني مان به ٿي آيو - جنهن جو احوال هن پنهنجي ڪتاب:
Personal Narrative of a Pilgnmage to Al-Madinah & Maccah
۾ لکيو آهي. 1856ع ۾ هو زئنزيبار آيو ۽ آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن علائقن ۾ خوب رليو ۽ اتي جو احوال لکيو. مٿئين ڪتاب “زئنزيبار” کان سواءِ هن جو اوڀر آفريڪا بابت هڪ ٻيو ڪتاب به پڙهڻ وٽان آهي، جنهن جو نالو آهي:
First Footsteps of East Africa.
زئنزيبار ۽ تنزانيا بابت هڪ ٻيو ڪتاب ڊئوڊ واٽس جو Tanzania and Zanzibar به پڙهڻ وٽان آهي. دنيا جو ملڪ تنزانيا هڪ عجيب ملڪ آهي، جتي آفريڪا جو وڏي ۾ وڏو جبل ڪِليمانجارو (Kilimanjaro) آهي ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو Crater (کڏو) نگورو نگورو (Ngorongoro) آهي، جيڪو مڪمل گھٻ ( Crater) چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح تنزانيا جي ”ٽانگانيڪا ڍنڍ“ دنيا جي سڀ ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ مڃي وڃي ٿي. ان کان سواءِ اهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ تنزانيا وانگر 20 لک مختلف جھنگلي جانور ۽ زيبرا هر سال لڏ پلاڻ Immigration ڪن ٿا.
آفريڪا جي هن اوڀر ڪناري واري علائقي ۾ اسان جو پسنديده ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي به خوب گھميو ڦريو آهي. جنهن جو هن جبل جي نالي سان مشهور سفر نامو آهي: “Under Kilimanjaro” ان کان سواءِ ارنيسٽ هيمنگوي The Snows of Kilimanjaro نالي ناول به لکيو آهي جنهن تي ان نالي سان 1952ع ۾ فلم به ٺهي هئي.
هونءَ زئنزيبار ايڏو مشهور يا کڻي چئجي ته بدنام رهيو آهي جو ڪيترن ئي ليکڪن ٿورو گھڻو هن ٻيٽ جي پس منظر ۾ ڪو ناول لکيو آهي ته ان جي عنوان ۾ لفظ زئنزيبار ضرور ٽنبيو آهي. انهن ۾ ڪي ڪي ڪجھه دلچسپ آهن، باقي گھڻا تڻا هوائي قسم جا آهن. اسان ته سمنڊ تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪتاب ملندو هو پڙهندا هئاسين، جو انهن ڏينهن ۾ نه هئي ٽي وي نه وڊيو، نه ڪمپيوٽر نه يوٽيوب. ريڊيو به تڏهن وڄندو هو، جڏهن ڪنهن ملڪ جو ڪنارو ڏئي هلندا هئاسين نه ته آمريڪا کان انگلنڊ يا آفريڪا ايندي ويندي فقط ائٽلانٽڪ سمنڊ جون ڇوليون هونديون هيون. يا جپان کان لاس اينجلس (آمريڪا) يا وئنڪوئر (ڪئناڊا) ايندي ويندي پئسفڪ سمنڊ لتاڙڻ لاءِ ڏهه پندرهن ڏينهن راتيون لڳيون ٿي. چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو جهاز هلائڻ بعد هر ڪو باقي 16 ڪلاڪ واندو رهيو ٿي، جنهن ۾ ننڊون ڪرڻ ۽ ناول پڙهڻ هوندو هو. سو منهنجي پڙهندڙن کي جي وقت آهي ته ڪجھه ضرور پڙهن، جيئن هڪ ناول Zanzibar by Giles Foden آهي. هي ناول زئنزيبار جي پس منظر ۾ 400 صفحن جو آهي. هاڻ اڄ جي دور ۾ واٽس ائيپ ۽ ميسنجر ۾ آيل اهم پيغام پڙهڻ لاءِ وقت نٿو ملي سو ڪير ايڏا ٿلها ناول پڙهندو! خبر ناهي ڪيئن اسان مئٽرڪ ۽ انٽر تائين نسيم حجازي جا قيصر و ڪسرا، قافلهِ حجاز، شاهين، آخري چٽان، خاڪ و خون، اور تلوار ٽوٽ گئي جهڙا ۽ رضيه بٽ جا ناول پڙهياسين!
هڪ ٻيو 272 صفحن جو ناول آهي.
Death in Zanzibar by M.M. Kaye.
هي ناول ائين آهي جيئن ابن صفي جا جاسوسي ناول يا عمران ۽ ڪامران سيريز جا ناول. ڊئني ڇوڪري وئڪيشن ۾ پنهنجي ويڳي پيءُ وٽ ٿي وڃي، جيڪو زئنزيبار ۾ ٿو رهي. زئنزيبار ۾ هي اتي جي مشهور علائقي Kivulimi ۾ جنهن گھر ۾ رهيا ٿي، ان ۾ ٻيا مهمان به ٽِڪيل آهن ۽ هنن کي خبر پوي ٿي ته انهن ۾ هڪ قاتل آهي... وغيره.
هيٺيان ڪتاب جيڪي ناولن واري ڪئٽيگريءَ ۾ نه آهن، سي پڙهڻ جوڳا آهن. خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي شيدي غلامن جي واپار بابت ڄاڻ رکڻ چاهين ٿا يا رچرڊ برٽن جي ڪتابن وانگر انهن کي سنڌي يا اردوءَ ۾ ترجمو ڪرڻ چاهين ٿا. اهي ڪتاب هن ريت آهن.
Slaves, Spices & Ivory in Zanzibar (by Abdul Shariff)
320 صفحن جو هي ڪتاب “يونيورسٽي آف دارالسلام” جي هسٽري پروفيسر عبدل شريف لکيو آهي. شريف 1939ع ۾ هن ٻيٽ زئنزيبار تي ڄائو. يعني هن وقت هو اسان جي سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ليکڪ ۽ مفڪر امر جليل جيڏو ٿيندو.
هتي جو هڪ ٻيو مشهور مسلمان ليکڪ عبدالرزاق غرناهه آهي، جيڪو 1948ع ۾ زئنزيبار ۾ ڄائو. آفريڪا جي اوڀر ڪناري جي پسمنظر ۾ لکيل هي ناول Memory of Departure ليکڪ جو پهريون ڪتاب آهي. سندس لکيل ناولن مان سڀ کان گھڻو مشهور paradise آهي. ڪجھه ٻيا ڪتاب آهن.
The Slave ship (by Marcus Rediker)
The Slave trade: the story of the Atlantic Slave trade: 1440 – 1870
by Hugh Thomas
Abolition of Slaves in Indian Ocean, Africa & Asia by Gwyn Campbell.

آفريڪا بابت ڪجھه دلچسپ معلوماتي حقيقتون

آفريڪا کنڊ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي وڏو کنڊ آهي. ايراضيءَ ۾ به ته پکيڙ ۾ به.
آفريڪا کنڊ ۾ 55 ملڪ اچي وڃن ٿا، جن مان هڪ ويسٽرن صحارا جيڪو 1884ع کان 1975ع تائين اسپيني صحرا سڏيو ويو ٿي، Non Self Governing Territory آهي. يعني هن کي پنهنجي حڪومت ناهي، ڀر واري ملڪ موراڪو ۽ صحروائي عربن جو ان تي جھيڙو آهي. هي ملڪ پکيڙ ۾ ته اسپين جي اڌ جيترو، اڍائي لک کن چورس ڪلوميٽر آهي پر سڄو واري ۽ رڻ پٽ آهي. ان ڪري آدمشماري ڇهه لک مس اٿس، جنهن مان به 3 لک العيون (Loayoune) شهر ۾ رهن ٿا، جيڪو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. هتي جا ماڻهو مسلمان آهن ۽ عربي ۽ اسپيني ٻوليون ڳالهائين ٿا.
آفريڪا کنڊ جي 55 ملڪن مان 9 ٻيٽ آهن، جن مان مئڊاگاسڪر سڀ کان وڏو آهي ۽ موريشس، ڪوموروز، سيشلر، ري يونين ۽ مايوتي ٻيٽن وانگر هندي وڏي سمنڊ ۾ آهي. ائين ته زئنزيبار ٻيٽ به هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت رکي ٿو پر 1960ع ڌاري زئنزيبار ۽ ٽانگانيڪا ملڪن کي خودمختياري ملڻ تي هي ٻه ملڪ گڏجي هاڻي هڪ ملڪ تنزانيا سڏرائين ٿا.
سينٽ هيلينا ۽ ڪيپ وردي ٻيٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهن. يعني آفريڪا جي اولهه ڪناري پاسي آهن.
ائين ناهي ته آفريڪا کنڊ جي چوڌاري فقط مٿيان نَوَ ڏهه ٻيٽ آهن. هي ٻيٽ ته اهي آهن جيڪي بذات خود ملڪن جي حيثيت رکن ٿا. ان کان سواءِ آفريڪا جي ٻنهي پاسي هندي وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪيترائي ٻيٽ آهن، جن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ هزار کن ته اهڙا آهن، جن جا نالا آهن ۽ جن وٽان اسان جي جهازن جو لنگھه ٿئي ٿو، بلڪه ڪيترن ئي ٻيٽن تي جهازن جي بيهارڻ، مرمت ۽ تيل پاڻي ۽ راشن خريد ڪرڻ جون به سهولتون آهن. هي ٻيٽ انهن ملڪن جي ملڪيت سڏيا وڃن ٿا، جن جي سامهون آهن. جيئن اسان وٽ سنڌ جي سامونڊي ڪناري (عربي سمنڊ) ۾ ڏنگي، بڊو، بنڊل، چرنا ۽ منهوڙي جهڙا ٻيٽ آهن. آفريڪا جا ڪي ٻيٽ اهڙا ضرور آهن، جيڪي آفريڪا کنڊ جي حدن ۾ اچن ٿا پر آفريڪي ملڪن کي آزادي ڏيڻ وقت يورپين اهي ٻيٽ پنهنجي قبضي ۾ ئي رکيا ۽ اڄ تائين انهن جي حوالي آهن. جيئن موراڪو ۽ سينيگال جي ڪناري کان 100 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ”ڪَناري ٻيٽن“ تي اڄ تائين اسپين جو قبضو آهي. موراڪو يا سينيگال جا غريب ماڻهو انهن ٻيٽن تي ڪلارڪي به حاصل نٿا ڪريو سگھن.
آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ٻيٽن مان ڪجھه جا نالا دلچسپ ضرور آهن... جيئن ته :
موهيلي، لي ماميليس، ماهي، برڊ آئلينڊ، بيڪن آئلينڊ، گرين راڪ، لي هيرون، لاس پاماس، قبو ٻيٽ، مسڪالي، فاطمه، حليب، لامو، مرڪري، پينگئن، شارڪ، لانگ آئلينڊ، بنانا، ٽرٽل، ساد دين، روبن، مافيا، پيمبا وغيره.
يورپ جي ملڪن آفريڪا جي تقريباً سڀني ملڪن تي قبضو ڪري انهن کي پنهنجي ڪالوني، پروٽيڪٽوريٽ يا فري ٽريڊ ايريا بڻايو - سواءِ اٿوپيا ۽ لائبيريا جي.
يورپين جي قبضي کان اڳ آفريڪا تي مختلف قبيلن، سردارن، بادشاهن جي حڪومت هئي ۽ هڪ اندازي موجب آفريڪا ڏهه هزار کن مختلف رياستن ۾ ورهايل هو ۽ هر رياست ۽ آزاد قبيلي جو پنهنجو رسم و رواج ۽ لباس هو.
مصر جي آڳاٽي فرعوني تهذيب سڀ کان پراڻي ۽ ڊگهو عرصو رهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته مصر اهو ملڪ آهي، جنهن جو ڪجھه حصو آفريڪا کنڊ ۾ اچي ٿو ته ڪجھه ايشيا کنڊ ۾، جيئن ترڪي ايشيا کنڊ ۾ به آهي ته يورپ ۾ به. آفريڪا اهو کنڊ آهي جنهن ۾ سڀ کان اڳ انسانن جي هجڻ جا آثار ملن ٿا.
آفريڪا کنڊ ۾ سڀ کان گھڻو عربي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، ان بعد انگريزي، سواحلي، فرينچ، بربر، هاسا (Hausa) ، پورچوگالي ۽ هسپانوي ٻوليون مشهور آهن.
مٿين ٻولين کان سواءِ اٽڪل 2000 ٻوليون سڄي کنڊ ۾ ڳالهيون وڃن ٿيون، جيڪي تسليم ٿيل آهن.
آفريڪا دنيا جي کنڊن ۾ ٻئي نمبر تي گھڻي آدمشماريءَ وارو آهي، جتي هڪ ارب کان مٿي ماڻهو رهن ٿا. يعني دنيا جي 16 سيڪڙو آدمشماري هتي آهي.
آفريڪا کنڊ پکيڙ ۾ ٻئي نمبر تي 30 ملين چورس ڪلوميٽر آهي.
آفريڪا دنيا جو گرم ترين کنڊ آهي. سندس 60 سيڪڙو زمين رڻ پٽ (Desert) ۽ سوڪڙ (Dry lands) آهي، جيئن ته صحارا، ڪلهاري ۽ نيمب.
آفريڪا جي ملڪن مان نائيجيريا مان سڀ کان گھڻو تيل نڪري ٿو. اٽڪل 20 لک بئرل هر روز! ان بعد الجيريا، ائنگولا، لبيا، مصر، سوڊان، گني، ڪانگو، گئبان ۽ سائوٿ آفريڪا آهي.
واپار ۾ آفريڪا جو سڀ کان وڏو ڀائيوار چين آهي، توهان کي جتي ڪٿي چيني ماڻهو نظر ايندا. 10 لک کان مٿي چيني آفريڪا ۾ ڪم ڪن ٿا. فقط ائنگولا ۾ ساڍا ٽي لک چيني رهن ٿا.
آفريڪا ۾ ڪٿي تمام گھڻو مينهن پوي ٿو ته ڪٿي نه برابر، جيئن صحرائي علائقن ۾ سال ۾ زيرو ملي ميٽر برسات پوي ٿي ۽ ڪئمرون جبلن ڏي 9500 ملي ميٽر - ٻئي ڳالهيون نقصان واريون آهن.
آفريڪا کنڊ ۾ پاڻيءَ جي وڏي کوٽ آهي ۽ پيئڻ لاءِ ماڻهو جر جي پاڻي (Ground water) تي ڀاڙين ٿا.
دنيا جو سڀ کان وڏو جانور “ آفريڪي هاٿي” هن کنڊ تي رهي ٿو، جنهن جي تور 7 ٽن تائين ٿئي ٿي، يعني 175 مڻ.
آفريڪا کنڊ جو سڀ کان وڏو ملڪ الجيريا آهي، سندس ايراضي 2382000 چورس ڪلوميٽر آهي. يعني پاڪستان کان تقريباً ٽيڻ تي جو پاڪستان جي پکيڙ 881913 چورس ڪلوميٽر آهي. هونءَ آفريڪا جي ملڪن ۾ گھڻي آدمشماري وارو ملڪ نائيجيريا آهي، جنهن ۾ 185 ملين کان مٿي ماڻهو رهن ٿا پر سائيز ۾ الجيريا جي ٽئين حصي جيترو آهي.
آفريڪا کنڊ جو وڏي ۾ وڏو شهر نائيجيريا ۾ لاگوس آهي، جنهن جي آدمشماري ٻن ڪروڙن کان مٿي آهي.
آفريڪا جو ننڍي ۾ ننڍو ملڪ سيشلز آهي، جيڪو هندي وڏي سمنڊ ۾ ٻيٽن جو جھڳٽو آهي. آفريڪا جي سر زمين تي ننڍي ۾ ننڍو ملڪ گئمبيا آهي، جيڪو آفريڪا جي اولهه ڪناري تي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي آهي. سندس چوڌاري سينيگال آهي. سندس پکيڙ 11 هزار چورس ڪلوميٽر آهي يعني اسان جي ڄامشوري يا سانگھڙ ضلعي جيڏو آهي.
سيشلز 115 ٻيٽن جو جھڳٽو آهي. انهن سڀني ٻيٽن جي پکيڙ 460 چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي.
آفريڪا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ مئڊاگاسڪر آهي، جيڪو آفريڪا جي اوڀر پاسي موزمبق جي سامهون هندي وڏي سمنڊ ۾ آهي. مئڊاگاسڪر دنيا ۾ چوٿون نمبر وڏو ٻيٽ آهي. يعني گرين لئنڊ. نيوگيني ۽ بورنيو بعد.
6650 ڪلوميٽر نيل ندي دنيا جي ڊگھي ۾ ڊگھي ندي آهي، جيڪا آفريڪا جي يارهن ملڪن مان گذري ٿي، تنزانيا، يوگنڊا، روانڊا، برنڊي، ڊي آر ڪانگو، ڪينيا، اٿوپيا، اريٽيريا، سائوٿ سوڊان، ريپبلڪ سوڊان ۽ آخر ۾ مصر جتي اها ٽڪور (ڊيلٽا) ٺاهي ڀونچ (Mediterranean) سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. نيل نديءَ جي شروعات سفيد نيل ۽ نيري نيل ندين سان ٿئي ٿي، جيڪي سوڊان جي گادي واري شهر خارطوم ۾ ملي هڪ ندي نيل ٺاهين ٿيون، جيئن گنگا ۽ جمنا نديون الله آباد ۾ ملن ٿيون، جنهن جو انڊيا سرڪار نئون نالو “پرياگراج” رکيو آهي. ندين جي هن ميلاپ واري هنڌ کي اسين سنگم يعني ميلاپ سڏيون ٿا، جيڪو سڄو نالو “تري ويني سنگم” آهي. يعني ٽن ندين جو ميلاپ. ٻه نديون گنگا ۽ جمنا ته نظر اچن ٿيون، ٽين ندي سراسوتي خيالي تصور ڪئي وڃي ٿي.
تنزانيا جو جبل ڪِيليمانجارو آفريڪا جو وڏي ۾ وڏو جبل آهي، جيڪو 5895 ميٽر اتاهون آهي. ائين ته ايورسٽ جبل دنيا جو اتاهون جبل آهي - 8850 ميٽر. ويندي ڪي ٽو جبل 8611 ميٽر آهي، پر آفريڪا جي هن جبل ڪيليمانجارو جي جپان جي فيوجي جبل وانگر پنهنجي سونهن آهي، جو فيوجي يا هي جبل ڌرتيءَ جي سيني تي اڪيلا بيٺل آهن، جن کي جاگرافيائي محاوري ۾ Single Free-Standing Mountain سڏجي ٿو. ايورسٽ يا ڪنچن چنگا جبل اڪيلا نه آهن. انهن جي ڀرسان گڏ گڏ ٻيا به جبل ۽ ٽڪريون آهن، جن کي Ranges (جبلن جي قطار سڏيو وڃي ٿو). جيئن هماليا جبلن جي قطار يا ڪاراڪوروم، لداخ، زنسڪار جبلن جون قطارون. ان حساب سان يعني اڪيلي سر هجڻ جي خيال کان ڪيليمانجارو جبل دنيا جو وڏي ۾ وڏو جبل آهي، جنهن جي مقابلي ۾ جپان جو فيوجي جبل به ننڍو (فقط 3776 ميٽر) آهي.
آفريڪا جي وڪٽوريا ڍنڍ جنهن جي چوڌاري يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا آهي، آفريڪا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻي جي ڍنڍ آهي. هيءَ ڍنڍ دنيا جي ڍنڍن ۾ ٻئي نمبر تي وڏي آهي. پهرين نمبر تي اتر آمريڪا جي “لَيڪ سُپيريئر” آهي. سفيد نيل ندي وڪٽوريا ڍنڍ مان شروع ٿئي ٿي. ڍنڍ جي پکيڙ 60،000 چورس ڪلوميٽر آهي. يعني سنڌ صوبي جي تقريباً اڌ جيڏي آهي. اسان جي منڇر ڍنڍ وڏي ۾ وڏي ته به 220 کان 250 چورس ڪلوميٽر آهي، سو ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته آفريڪا جي وڪٽوريا ڍنڍ ڪيڏي وڏي آهي. ايتري قدر جو ان جي چوڌاري ملڪن جي ماڻهن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ هن ڍنڍ ۾ جهاز ۽ فيريون هلن ٿيون. انجڻ واريون فيريون 1900ع کان هلڻ شروع ٿيون هيون، نه ته ان کان اڳ سڙهن واريون ٻيڙيون هليون ٿي. ڍنڍ ۾ ننڍن بندرگاهن کان سواءِ ست وڏا بندرگاهه آهن، جيئن ته ڪينيا جو ڪسومو، يوگنڊا جو انتيبي، ڪمپالا ۽ جنجا ۽ تنزانيا جو مُسوما ۽ مواترا آهي.
ڪمومو، ڪمپالا ۽ جنجا ته ڪراچي جيڏا کڻي نه پر ڪراچيءَ وانگر ڪمرشل شهر آهن جن ۾ ڪيترائي اسان جي ننڍي کنڊ جا گجراتي، سنڌي هندو، ڪڇي ۽ خاص ڪري بوهري ۽ آغاخاني واپاري سالن کان رهن ٿا. جيتوڻيڪ ايدي امين جي گوڙ فساد ڪري ننڍي کنڊ جا ڪيترائي واپاري آمريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيا لڏي ويا.
آفريڪا کنڊ جا 16 ملڪ اهڙا آهن، جن کي سمنڊ ناهي. يعني اهي Land Locked آهن، جيئن اسان وٽ ڀوٽان، نيپال، افغانستان وغيره آهن. آفريڪا جا اهي 16 ملڪ آهن: اٿوپيا، مالاوي، ڏکڻ سوڊان، چاڊ، سينٽرل آفريڪا ريپبلڪ، برنڊي، برڪينا فاسو، بوٽيسوانا، مالي، نائيجر، روانڊا، سوازيلئنڊ، يوگنڊا، زئمبيا ۽ زمبابوي. انهن مان ٻه ننڍڙا ملڪ سوازيلئنڊ ۽ ليسوٿو ته سائوٿ آفريڪا جي اندر آهن، يعني انهن ملڪن جي چوڌاري سائوٿ آفريڪا جي سر زمين آهي. ڀوٽان جيڏي ليسوٿو ۽ ڀوتان جي اڌ جيڏي سوازيلئنڊ (پکيڙ 17000 چورس ڪلوميٽر) جهڙن ننڍن ۽ ڪمزور ملڪن کي پاڻ کان طاقتور ملڪ سان ٺاهي هلڻو پوندو هوندو.
پنجين ۽ پندرهين صديءَ جي وچ وارو عرصو عربن آفريڪا جي ماڻهن کي غلام بڻائي انهن جي خريد و فروخت ڪئي ٿي. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ يورپين آفريڪي ملڪن تي قبضو ڪيو. ان ڪم ۾ اڳيان اڳيان انگريز، پورچوگالي ۽ فرينچ هئا. گھٽ ڊچ، اطالوي ۽ جرمن به نه هئا.
گئمبيا، گھانا، نائيجيريا، ڏکڻ ڪئمرون، سيرياليون، ڪينيا، يوگنڊا، ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار، سائوٿ آفريڪا ۽ روڊيشيا (زئمبيا) انگريزن جي هٿ ۾ رهيا. انهن کي 1960ع ڌاري خودمختياري ملي.
سينيگال، ماريطانيا، نائيجر، برڪينافاسو، مالي، بينن، آئيوري ڪوسٽ، موراڪو، ٽيونيشيا، الجيريا، مئڊاگاسڪر، جبوتي، مايوٽي، سيشلز، ڪوموروس، گئبن، ڪانگو ريپبلڪ، سائو ٽومي ۽ پرنسيپي ۽ چاڊ جهڙا ملڪ فرينچن جي قبضي ۾ رهيا.
ائنگولا، نميبيا، موزمبق، گني بسائو، ڪيپ وردي وغيره آفريڪي ملڪن تي پورچوگالين جو قبضو هو.
برنڊي، ڪئمرون، نميبيا، روانڊا، تنزانيا ۽ ٽوگو تي جرمني جو قبضو ٿيو پر پهرين جنگ عظيم هارائڻ بعد هنن جي قبضي هيٺ آيل آفريڪي ملڪن تي ٻين يورپي ملڪن قبضو ڪري ورتو. جيئن تنزانيا تي انگريزن، نميبيا تي پورچوگالين وغيره.
آفريڪا کنڊ ۾ ٽن هزارن کان به مٿي آفريڪي قومون رهن ٿيون، جن کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت آهي. سڀ کان غريب ترين ملڪ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ڪانگو ۽ زمبابوي آهن ۽ سڀ ۾ امير ترين ۽ ترقي يافته ملڪ سيشلز، لبيا، موريشس، آلجيريا، مصر، بوٽسوانا، نميبيا ۽ سائوٿ آفريڪا آهن.
آفريڪا کنڊ جي ملڪن ۾ اٽڪل 2000 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ڪيترن ملڪن ۾ واپار ۽ ڪميونيڪيشن جي سلسلي ۾ مقامي ٻوليءَ سان گڏ انگريزي، فرينچ يا پورچوگالي استعمال ٿئي ٿي. انگريزي ته تقريباً هر هنڌ سمجھي وڃي ٿي، جو آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن تي انگريزن جو راڄ رهيو. اتر آفريڪا جي ملڪن ۾ عربي گھڻي هلي ٿي، جيڪا سرڪاري ٻولي پڻ تسليم ڪئي وڃي ٿي.
100 کن ٻوليون اهڙيون آهن جيڪي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهن، جيئن ته عربي، سومالي، بربر، امحارڪ، اورومو، سواحلي، هاسا، يوزوبا، فولاني، جُولا، منڊنگ، لگبو وغيرهه. اهي ٻوليون لکين نه پر ڪروڙين ماڻهو ڳالهائين ٿا.
جيئن اسان وٽ اڙدو کان سواءِ انگريزي به هلي ٿي. بلڪه ڪورٽ، سرڪاري آفيسن، واپار وڙي جي معاملي ۾ انگريزي هلي ٿي. اهڙي طرح آفريڪا جي ملڪن ۾ عربي، انگريزي، فرينچ، پورچوگالي سرڪاري ٻوليون آهن، جيئن ته:
عربي: الجيريا، چاڊ، ڪوموروس، جبوتي، لبيا، مصر، سوڊان، موريطانيا، موراڪو، سوماليا، ٽيونيشيا، زئنزيبار ۾ سرڪاري ٻولي آهي.
فرينچ سيشلز ۾ آهي، يعني اتي جي سرڪاري ٻولي آهي. هونءَ سيشلز کان سواءِ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ آهن، جتي فرينچ ڳالهائي ۽ اسڪولن ڪاليجن ۾ لکائي پڙهائي وڃي ٿي پر ان کي آفيشل درجو ناهي. جيئن موراڪو ۾ فرينچ عام آهي پر هتي سرڪاري درجو عربيءَ کي آهي.
پورچوگالي: ائنگولا، سائوٽومي، موزمبق ۾.
انگريزي: ڪينيا، يوگنڊا، زمبابوي، زئمبيا، گھانا، بوٽسوانا، لائيبيريا، سيرياليون، نائيجيريا ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ سرڪاري (Official) ٻولي آهي.
اهو به لکندو هلان ته آفريڪا کنڊ ۾ عربي ۽ انگريزي ڳالهائڻ وارا ايترا گهڻا آهن، جو عرب ملڪن ۽ انگلنڊ ۾ به ايترا ناهن. فقط ائنگولا ملڪ ۾ پورچو گالي ڳالهائڻ وارا ايترا آهن، جو سڄي پورچوگال ۾ به ايترا نه آهن. اهڙي طرح اڌ کان وڌيڪ فرينچ ڳالهائڻ وارا آفريڪا ۾ آهن.
آفريڪا جي سڀني ملڪن (ٻيٽن سميت) جي ايراضي ٽن ڪروڙ چورس ڪلوميٽرن کان به مٿي آهي.( 30221532 چورس ڪلو ميٽر ۽ آدمشماري هڪ ارب کان به مٿي 1216200000 آهي. )

تڙ خواجا ڳوٺ جو غلام مصطفيٰ هاشماڻي

زئنزيبار جو هيءُ سفرنامو/ يادگيريون/ خبرون چارون مڪمل ڪيم ته سنڌ جي هڪ ڳوٺ “تڙ خواجه” جي هڪ خواجه (آغاخانيءَ) سان ملاقات ٿي. هو گذريل چئن پنجن مهينن کان فون ۽ ميسيجز ذريعي مون سان ملڻ جي خواهش ڪري رهيو هو. منهنجي هڪ ته طبيعت صحيح نه هجڻ ڪري، ٻيو ته ملڻ لاءِ جڏهن به ڪو آيو آهي ته هن کي اسان جو گھر يا گھٽي نه ملڻ ڪري ايڏي پريشاني ٿي آهي، جو مون کي ئي افسوس پيو ٿيندو آهي. اسان جي علائقي جي گھرن ۽ گھٽين جو نمبر سسٽم ئي اهڙو منجھيل آهي! هن همراهه سان ڳالهه ڪيم ته چيائين ته هو ڊفينس واري علائقي کان واقف آهي ۽ هو بنا تڪليف جي پهچي ويندو. هن پنهنجو نالو غلام مصطفيٰ هاشماڻي ٻڌايو. سندس عمر 65 سال ٿيندي جو ڪجھه سال اڳ هو پاڪ مشين ٽول فيڪٽري ڪراچيءَ مان رٽائرڊ ٿيو آهي، جتي هو فورمئن هو.
غلام مصطفيٰ ٻڌايو ته هو ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي نه رڳو منهنجي سفرنامن جا ڪتاب پڙهندو اچي پر ڪاوش ۽ عبرت ۾ ايندڙ ڪالمن جون ڪٽنگز به هن وٽ آهن. مون کي پهرين حيرت ٿي. حيرت ان ڳالهه جي ته منهنجي ڌيان ۾ اهو هو ته خواجه (کوجا) فقط بزنس مين ٿين ٿا ۽ هنن جو بزنس سان واسطو رهي ٿو. پر پوءِ مون کي هڪدم ياد اچي ويو ته اسان جو پيارو ڊاڪٽر غلام علي الانا پڙهيل لکيل هو، ان کان سواءِ ادي پروفيسر نور افروز يا اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو سياستدان ڊاڪٽر ڪريم خواجه به ته پڙهيل ڳڙهيل آهن - بلڪه خواجن (اسماعيلين توڙي اثنا عشرين) ۾ پڙهڻ توڙي ايمانداري سان نوڪري ڪرڻ جو تمام گھڻو رويو ۽ رجحان آهي. تعليم هجي يا واپار، هو ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪن ٿا.
مون وٽ آيل منهنجي پڙهندڙ مهمان غلام مصطفيٰ هاشماڻي صاحب جي زندگي به هڪ لڳاتار محنت جي ڪهاڻي آهي. هن جي زندگي اسان جي ان نوجوان لاءِ مثالي ڪهاڻي آهي، جيڪو هر وقت غربت کي بهانو بڻائي هٿ تي هٿ رکيو ويٺو آهي، جيڪو ڳوٺ ۾ هجڻ ڪري پاڻ ۾ احساس ڪمتري محسوس ڪري ٿو، جيڪو خود ترسيءَ جو شڪار آهي ۽ هو پنهنجي ناڪاميءَ جو سبب اهو ئي سمجھي ٿو ته هن جو مامو چاچو ڪو وزير مشير ناهي، هن وٽ ڪنهن پير، مير، رئيس جي سفارش ناهي.
غلام مصطفيٰ کي ٻڌايم ته مون خواجن بابت تمام گھڻو لکيو آهي. پوءِ مون هن کي باگامويو، زئنزيبار، ممباسا، پيمبا، دارالسلام جي مسجدن، امام بارگاهن ۽ خيراتي اسڪولن، اسپتالن ۽ مسافر خانن بابت ٻڌايو، جيڪي اتي رهندڙ اسان جي ننڍي کنڊ جي کوجن ٺهرايا آهن. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ يا کڻي چئجي ته هنن کي مونجھاري مان ڪڍڻ لاءِ هتي لکندو هلان ته خواجا يا اسان وٽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ جن کي کوجا به سڏين ٿا، اهي سڀ آغا خاني کڻي چئجي ته اسماعيلي هئا. يعني اهي سڀ آغا خان جا مريد سڏيا وڃن ٿا. هو اهل تشيعه وانگر محرم ۾ ماتم به ڪندا هئا پر پوءِ ڏيڍ سئو سال کن اڳ ان وقت جي آغا خان هنن کي سندن مرضيءَ تي ڇڏيو. پوءِ ڪجھه خواجا اسماعيلي سڏائڻ لڳا ۽ آغا خان کي موجوده امام مڃي ماتم وغيره ڇڏي ڏنائون، ته ڪي اهي پراڻيون ڳالهيون جاري رکندا اچن ۽ هو اهل تشيعه وانگر ٻارهن امامن کي مڃين ٿا. يعني هو به پاڻ کي خواجا سڏائين ٿا پر هو ”اثنا عشري خواجه“ آهن، ”اسماعيلي خواجا“ نه آهن. جيئن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب اسماعيلي خواجا آهن پر شمشير الحيدري شاعر مرحوم اثنا عشري خواجا آهي. ڪيترين خواجا فئملين ۾ ڪي خواجا اسماعيلي آهن جيئن پيپلز پارٽي جو ڊاڪٽر ڪريم خواجا آهي، ته سندس سوٽاڻي سوٽ اثنا عشري خواجا آهن. آفريڪا ڏي به ائين آهي، مُندرا ۽ مانڊوي (انڊيا) کان زئنزيبار آيل خواجا (اسماعيلي) واپارين مان بعد ۾ ڪي اثنا عشري ٿي ويا ته ڪي اسماعيلي ئي رهيا.
غلام مصطفيٰ هاشماڻيءَ منهنجي ڪتاب جي مختلف عنوانن تي نظر وجهي چيو ته “سائين اسان جي ڳوٺ جا به ڪيترائي خواجا اوڀر آفريڪا جي ملڪن ۾ رهن ٿا.”
“بلڪل صحيح ٿا چئو” ، مون وراڻيومانس، “1960ع واري ڏهاڪي ۾ ته مون کي ڪيترائي خواجا سجاول، جاتي، ماتلي، تلهار، ٽنڊو الهيار پاسي جا ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار ۾ مليا، جيڪي پوڙها ۽ بعد ۾ انهن جو اولاد به سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هو پر پوءِ مُندرا، ڪڇ ۽ مانڊوي پاسي جي خواجن ۽ بوهرين سان گڏ اڄ جي ننڍي ٽهي گجراتي ڳالهائڻ لڳي”.
“اسان جا وڏا ٻڌائين ٿا ته اسان جي ڳوٺ تڙ خواجا جو پهريون ماڻهو، جيڪو زئنزيبار ويو اهو محمد سليمان خواجا هو”، غلام مصطفيٰ ٻڌايو، “پر اسان جڏهن وڏا ٿياسين ته ڳوٺ جي ماڻهن کان ٻڌوسين ته هن جو ڪجهه اولاد زئنزيبار ٻيٽ ڇڏي ڏکڻ آفريڪا طرف هڪ ٻيو ٻيٽ ڪِلوا آهي، اتي هليو ويو جو اتي هنن لاءِ سٺو واپار هو. چون ٿا ته اتي به ڪيترائي خواجا اسماعيلي ۽ اثنا عشري رهيا ٿي ۽ هنن جو اتي وڏو جماعت خانو ۽ مسجد به هئي”.
غلام مصطفيٰ هاشماڻيءَ جي ان ڳالهه تي مون کي هڪدم ڌيان ۾ آيو ته مون جتي زئنزيبار، دارالسلام، پيمبا ۽ باگامويو جهڙن اوڀر آفريڪا جي بندرگاهن ۽ ٻيٽن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن سان اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو واسطو رهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين انهن جون ٺهرايل عمارتون ۽ ڳالهيون ياد اينديون رهن ٿيون، اتي ڪِلوا (Kilwa) ٻيٽ بابت ڪجھه سٽون لکڻ پڻ ضروري آهن. اهو ئي سبب آهي جو هتي ان ٻيٽ بابت آخر ۾ ئي سهي، لکي رهيو آهيان، پر ان کان اڳ ڪجھه سٽون هن شخصيت غلام مصطفيٰ تي لکڻ اهم سمجھان ٿو، جيڪا ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساهه (Inspiration) پيدا ڪري سگھي ٿي ۽ اسان جو شاگرد هن کي رول ماڊل بڻائي سگھي ٿو.
مصطفيٰ ٻڌايو ته هن ٺٽي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ تڙ خواجا ۾ 1953ع ۾ جنم ورتو. تڙ خواجه تعلقي جاتي (سجاول) ۾ آهي، جتي گھڻي ڀاڱي خواجا (اسماعيلي) رهن ٿا، جيئن ٽنڊوالهيار پاسي سلطان آباد ڳوٺ ۾ رهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هيءَ ڪميونٽي جتي به رهي ٿي امن امان قائم رکي ٿي ۽ تعليم جو معيار پڻ بلند ڏٺو ويو آهي. مصطفيٰ ٻڌايو ته هن جي والد وٽ ڪجھه زرعي زمين هئي ۽ کيتي ٻاڙيءَ جي ڪمن ۾ رهيو. هن جو ڏاڏو مجيب علي هاشماڻي انگريزن جي حڪومت ۾ بيلدار به هو ته ٽيچر به، جنهن پنهنجي ٻين پٽن يعني مصطفيٰ جي چاچن کي ڳوٺ جي حساب سان ٿورو گھڻو ضرور پڙهايو.
غلام مصطفيٰ پرائمري اسڪول جا ٻه چار درجا ڳوٺان پڙهڻ بعد مئٽرڪ سجاول مان ڪئي ۽ انٽر ۽ بي اي ٺٽي ڪاليج مان ڪئي. ماسٽرس لاءِ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. “منهنجو شوق سوشل سائنس پڙهڻ جو هو پر پروفيسر خان محمد پنهور مون کي مشورو ڏنو ته جيئن آئون سياسي ڪارڪن آهيان، ان ڪري مون کي پوليٽيڪل سائنس کڻڻ کپي.” مصطفيٰ ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ ان ڊپارٽمينٽ جو هيڊ خاصخيلي صاحب هو، هن وقت مصطفيٰ کي پروفيسر خاصخيلي صاحب جو نالو ياد نه اچي رهيو هو. منهنجي خيال ۾ هي اهو ئي صاحب هوندو، جنهن سان اسان جون 1970ع واري ڏهاڪي ۾ انگلنڊ ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. ٻن ٽن سالن لاءِ جڏهن آئون يوڪي ۽ يورپ واري رُوٽ تي هلندڙ جهازن تي هئس ته انگلينڊ جي مختلف بندرگاهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرارن سان ملاقات ٿيندي هئي، جيڪي اتي ڊاڪٽوريٽ لاءِ آيل هئا. انهن ۾ اعجاز قريشي، قاسم ٻگھيو ۽ هڪ خاصخيلي صاحب به هو. ٿي سگھي ٿو هي اهو ئي صاحب مصطفيٰ جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هجي.
غلام مصطفيٰ کان پڇيم ته هو ڇو ڳوٺ ڇڏي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو؟ ان تي هن ٻڌايو ته هو پنهنجي ڀائرن ۾ وڏو ڀاءُ هو ۽ هن چاهيو ٿي ته هن جا ننڍا ڀائر به تعليم حاصل ڪن. ڳوٺن ۾ ايتريون سهولتون نه هجڻ ڪري هن ڪراچيءَ ۾ رهڻ چاهيو ٿي، ان ڪري هو ڪراچيءَ ۾ مختلف نوڪريون ڪندو آخرڪار پاڪستان مشين ٽول فيڪٽريءَ ۾ لڳي ويو. هن غربت ۽ سادگيءَ ۾ رهي، اوورٽائيم ۽ ٻه ٻه نوڪريون ڪري نه فقط پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي پڙهايو پر شاديءَ بعد پنهنجي اولاد کي به. غلام مصطفيٰ صاحب سٺو ليکڪ به آهي ۽ هن جا لکيل ڪالم ۽ فيس بڪ تي ڏنل يادگيريون اسان جو دلپسند ليکڪ ذوالفقار قادري صاحب به پسند ڪري ٿو. منهنجي اها ئي خواهش رهندي ته هو پنهنجي ڏکوئيندڙ زندگي ۽ گھر جي ڀاتين کي تعليم ڏيڻ جي جدوجهد بابت يادگيريون يا آتم ڪٿا جو ڪتاب لکي جيئن اسان جي نوجوانن کي اتساهه ملي ۽ همٿ افزائي ٿئي.
غلام مصطفيٰ هاشماڻي جي Vision ۽ سوچ جي ڪري هن جي ڀائرن، ڀينرن مان غلام مرتضيٰ مڪينيڪل انجنيئر ٿيو. هو اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ آهي.
• غلام شبير سول انجنيئرنگ ڪئي ۽ اڄ ڪلهه لاهور ۾ چيف انجنيئر آهي.
• غلام حسين اليڪٽرڪ انجنيئرنگ ۾ بي اِي ڪئي ۽ هو ڪيترن ئي سالن کان سعودي عرب ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي.
• غلام حيدر ٽيڪنيڪل ڪاليج بٺورو (سجاول) جو پرنسپال آهي ۽ سڀني کان ننڍو ڀاءُ غلام اڪبر پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري ۾ سپرنٽينڊنٽ آهي.
• ڀينرن ۾ وڏي ڀيڻ نجمه ڊاڪٽر آهي ۽ ٻي ڀيڻ مهرالنساء آرڪيٽيڪٽ انجنيئر آهي. هوءَ پوزيشن هولڊر رهي ۽ ڪئناڊا مان ماسٽرس به ڪئي. ٽي ڀيڻ ملڪ سلطانه حيدرآباد ۾ رهي ٿي. اڄ ڪلهه آغا خان بورڊ ۾ مئنيجر آهي. اسان جي غلام مصطفيٰ هاشماڻيءَ کي ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئرون آهن.
• سليم مصطفيٰ: ماسٽرس هوم ايڪانامس. (فيروز ٽيڪسٽائيل ملز جو سي اِي او آهي)
• امين مصطفيٰ : مڪينيڪل انجنيئر آهي. ڪَي اِي ۾ نوڪري ڪري ٿو.
• عزيز مصطفيٰ، ايم اَي اڪنامڪس آهي ۽ سعودي عرب جي شهر دمام ۾ نوڪري ڪري ٿو.
غلام مصطفيٰ هاشماڻيءَ جي ڌيئرن مان
• ڊاڪٽر امينا مصطفيٰ سعودي عرب ۾ آهي.
• زهرا مصطفيٰ هوم ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ميلبورن (آسٽريليا) ۾ ليڪچرار آهي ۽
• بختاور مصطفيٰ اوڪلوهاما (USA) ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪري ٿي.

آفريڪا جي ڪِلوا ڪسواڻي شهر ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو

اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارو شهر ڪِلوا (Kilwa) جنهن بابت منهنجي تڙ خواجه (سجاول) جي مهمان غلام مصطفيٰ هاشماڻي ڳالهه ڪئي، اهو تنزانيا جي ڪناري وٽ، دارالسلام بندرگاهه کان 300 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. ڪِل وا سڄو نالو Kilwa Kiswani در اصل زئنزيبار وانگر نه فقط هڪ ٻيٽ آهي پر ڪنهن زماني ۾ هن جي زئنزيبار جهڙي ئي حيثيت هئي. هن ٻيٽ ڪِلوا ۽ ان جي ڀر واري سائيز ۾ ڪجھه ننڍي ٻيٽ سونگو منارا (Songo Manara) جي واپارين سون، چاندي، سچن موتين، عطريات، عربي ڪراڪري، ايراني ٿانون ۽ چيني ڪپڙي ۽ چيني ٿانون جو واپار ٿي ڪيو. آفريڪا جي اندروني حصن مان عاج، گينڊي جا سنڱ، ماکي ۽ ٻيو سامان به هتي آيو ٿي ۽ هندي وڏي سمنڊ جي انڊين، ايرانين ۽ عرب سوداگرن پنهنجي مٿئين سامان جي مٽا سٽا ڪئي ٿي. هن ٻيٽ ڪِلوا تي اوسي پاسي جي علائقن کان، خاص ڪري مقامي شيدين جي زمبابوي سلطنت مان سون سوفالا ٻيٽ تي آيو ٿي، جتان پوءِ هن ٻيٽ ڪِلوا تي پهتو ٿي. ڪِلوا ٻيٽ تي سون جو ايترو ته ڪاروبار هليو ٿي، جو يارهين صديءَ کان چوڏهين صديءَ تائين ڪِلوا ٻيٽ تي هنن جي پنهنجي ڪرنسي هلي ٿي، جيڪا هنن سون کي ڳاري سڪن جي شڪل ۾ ٺاهي هئي. تيرهين کان سورهين صديءَ تائين ڪِلوا ٻيٽ واپار جو مرڪز رهيو. ابنِ بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ هن ٻيٽ ڪِلوا (Kilwa Kiswani) جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هو هتي 1331ع کان 1332ع جي وچ واري عرصي ۾ آيو هو ۽ ڪِلوا لاءِ لکي ٿو ته “دنيا جي بهترين شهرن مان هڪ آهي”. ان کان علاوه “زهينگ هي” نالي هڪ چيني ائڊمرل، جنهن پنهنجي ستن سامونڊي سفرن مان هڪ اوڀر آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ڏي ڪيو، 1417ع ۾ هتي ڪِلوا ۾ به آيو ۽ هن جي سفرنامي ۾ پڻ ڪِلوا بندرگاهه/ٻيٽ جي واکاڻ لکيل آهي. “زهينگ هي” هتان چين موٽڻ وقت پاڻ سان ان وقت جون حيرت انگيز شيون کڻي ويو جيئن ته زراف جانور، هيرا موتي، مصالحا وغيره.
ڪِلوا جي واپارين آفريڪا جي ڏاکڻن علائقن مان مال گھرائڻ لاءِ ڏکڻ ۾ سوفالا (Sofala) نالي هڪ ٽريڊنگ پوسٽ ٺاهي. سوفالا هيٺ ڏکڻ ۾ موزمبق نالي ملڪ جو هڪ ٻيٽ آهي. زمبابوي ۽ موزمبق جي اندرين علائقن مان کوٽيل سون سوفالا پهتو ٿي، جتان اهو ڪِلوا ۽ ڪجھه ممباسا ۽ زئنزيبار پڻ آيو ٿي... مطلب ته اوڀر آفريڪا جي ڪيترن ئي بندرگاهن جي خوشحاليءَ جو سبب ۽ دارومدار هن سون جي ڪاروبار تي هو. سوفالا ٻيٽ تي لوهه ۽ ٽامي کي رجائڻ جو پڻ بندوبست هو، جتي پٿر سان مليل لوهه ۽ ٽامي کي ڳاري صاف ڪري پوءِ ٻاهر جي دنيا کي وڪرو ڪيو ويو ٿي. ڪِلوا ۾ وري ڪپڙي ٺاهڻ جا آڏاڻا هئا ۽ ان کان علاوه ڪارخانا هئا، جن ۾ عاج ۽ ٽامي جون شيون ٺاهيون ويون ٿي. سون ۽ عاج کان علاوه ڪِلوا مان ڪُمين جا مٿيان پُڙ (Shells) ، خوشبوءِ (Incense) جيئن ته Frankincense ۽ Myrrh، عمارتي ڪاٺ، گينڊي جا سڱ ۽ ماکي به انڊيا، ايران، عربستان ايڪسپورٽ ڪئي وئي ٿي، پر پوءِ سورهين صديءَ ۾ پورچوگالي هتي پهچي ويا ۽ هنن پنهنجي بچاءُ لاءِ قلعو به ٺاهيو. بس سمجھو ته پوءِ ڪِلوا جو اهو شان شوڪت ۽ واپار وڙو ويو ڏينهون ڏينهن گھٽبو. اڄ واپاري ۽ سوداگر نه پر ٽوئرسٽ ۽ تاريخ جا شاگرد هن ٻيٽ ڪِلوا تي يارهين صديءَ جي ٺهيل مسجد (جيڪا تيرهين صديءَ ۾ وڏي ڪئي وئي) 1310ع کان 1333ع واري عرصي ۾ ٺهيل حسني قُبوا محل، گيريزا (قيد خانو)، پورچوگالي قلعو، قبرستان ۽ انيڪ مسجدون ڏسڻ اچن ٿا. ان کان سواءِ چاليهه کن پراڻي زماني جا گھر آهن، جيڪي سامونڊي پٿر (Coral Stone) مان ٺهيل آهن، اهي ڏسڻ لاءِ دنيا جا سياح اچن ٿا.
هن ٻيٽ ڪِلوا تي اٺين صديءَ کان عربستان ۽ مصر جا مسلمان واپاري اچي رهيا ۽ پنهنجي واپار جون ڪوٺيون ٺاهيائون. هتي رهندڙ بنتو قبيلي جي شيدين ۽ هنن عربن جا هڪ ٻئي سان ڳانڍاپا ٿيا. پاڻ ۾ شاديون ٿيون، بنتو ۽ عربي زبانن ملي هڪ نئين زبان سواحلي پيدا ڪئي. اهڙي طرح هتي جي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ رسم و رواج گڏ وچڙ ٿيو. ٻارهين صديءَ ۾ ايراني نار کان شيرازي سوداگر به هتي ڪِلوا ۾ اچي رهڻ لڳا. اسان جي ننڍي کنڊ جا سنڌي ۽ گجراتي خواجا، بوهري ۽ ڪڇي گھڻو پوءِ ارڙهين اوڻيهين صديءَ ۾ زئنزيبار اچي، اتان پوءِ هيڏانهن ڪِلوا (Kilwa) ۽ 8 ڪلوميٽر اتر ۾ سونگومنارا (Songo Manara) ٻيٽن تي settle ٿيا.
ڪِلوا ٻيٽ تي ڪيتريون ئي خواجا فئمليون رهيون ٿي - يعني اسماعيلي ته اثنا عشري به، پر زئنزيبار پاسي رهندڙ اسان جي ننڍي کنڊ جا سنڌي (ٺٽي سجاول پاسي جا) ۽ گجراتي (مندرا ۽ مانڊوي پاسي جا) گھڻو ذڪر نور محمد مانيڪيا (Manekia) جو ڪن ٿا. هو اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن، يعني 1970ع واري ڏهاڪي جي مشهور فلم ائڪٽريس آشا پاريک جي ڳوٺ ماهووا ۾ ڄائو. هي ڳوٺ بلڪه بندرگاهه گجرات رياست جي ضلعي ڀائو نگر ۾ آهي ۽ اسان جا مهاڻا چڱي طرح واقف هوندا، جو ڪراچي، ڪيٽي بندر، بدين ڇڏڻ تي کارو ڇاڻ بعد هڪدم مانڊوي، مُندرا ۽ ماهووا (Mahuva) اچيو وڃي. 1864ع ۾ مانيڪيا زئنزيبار آيو، جتي ڀائو نگر جي هڪ همراهه حسن غلام حسين هن کي “حسن ٽاور ائنڊ ڪمپنيءَ” ۾ نوڪري وٺرائي ڏني. 1883ع ۾ نور محمد مانيڪيا پنهنجي ٽن خواجا دوستن: لاکو ڪانجي، سچي ڏنو پيراڻي (سچو) ۽ عاليه جماڻيءَ سان گڏجي ڪِلوا ۾ اچي دڪان کوليو. هو مجلس ۽ ماتم لاءِ ڪِلوا جي جماعت خاني ۾ ايندا هئا، جتي جا گھڻا تڻا ميمبر ڪڇ ۽ سنڌ جا هئا، ڪي ڄام نگر ۽ جھونا ڳڙهه جا به هئا.
زئنزيبار جا خواجا ٻڌائين ٿا ته نور محمد مانيڪيا ڪجھه سالن بعد پنهنجي هڪ زئنزيباري دوست ”محمد والجي هارجي“ مان متاثر ٿي پنهنجو اصل مذهب اسماعيلي بدلائي “سبحانيا” ٿيو. هن پاسي، يعني زئنزيبار، ممباسا ڏي اثنا عشري خواجن کي سبحانيا به سڏين ٿا. اثنا عشري ٿيڻ بعد نور محمد مانيڪيا ڪِلوا ٻيٽ جي هن جماعت لاءِ اڃا به وڌيڪ چندو ڏيڻ لڳو.
1899ع ۾ ڪِلوا ۾ 40 اسماعيلي ۽ 22 اثنا عشري ڪٽنب رهيا ٿي ۽ هنن گھرن جا ڀاتي ڪِلوا جي جماعت خاني ۽ امام باڙي ۾ ويا ٿي. ڪِلوا جا خواجا ٻڌائين ٿا ته هنن جي ڪميونٽي جي تاريخ ۾ اهو اهم واقعو پيش آيو، جڏهن 1905ع ۾ هزهائينس آغا خان سوم جي ڪِلوا آمد ٿي ۽ نور محمد مانيڪا جي پٽ شريف نور محمد کي هن سان جهاز تي ملڻ جو موقعو مليو. آغا خان ڪِلوا ۾ 24 ڪلاڪ رهڻ دوران ڪِلوا جماعت خانو ڏٺو ۽ سرڪاري آفيسرن سان ملاقات ڪئي. ان وقت جي رسم موجب کيس شال، پڳڙي (پغرامني) ۽ مڪاني جبو (Kangwa) پيش ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ خواجا ڪميونٽي جون جيڪي مخزنون نڪتيون ٿي انهن مان راههِ نجات، رفيق ۽ باغِ نجات عام هيون. خواجا ڪميونٽيءَ جون خبرون نه فقط انهن رسالن ۾ ڇپيون ٿي پر اهي ممبئي، زئنزيبار، ممباسا، ڀائو نگر، ماهووا، جام نگر، دارالسلام، باگامويو ۽ لِنڊي (Lindi) سميت سڀني جماعت خانن ڏي موڪليون ويون ٿي. شريف نور محمد ٻڌائي ٿو ته هن جو چاچو حسن علي مولجي گجراتي جو تمام سٺو شاعر هو، جنهن جي شاعري مٿين رسالن ۾ پڻ ڇپي ٿي. حسن علي کان سواءِ شريف جا ٻه ٻيا به چاچا زئنزيبار ۽ ڪِلوا ۾ رهيا ٿي. هڪ جو نالو اسماعيل هو ۽ ٻئي جو گانگجي.
شريف جي شادي ڪلثوم سان ٿي، جنهن جو اصل نالو نانجي ڪارا هو. سندس پٽ حبيب مانيڪا هن پاسي بيحد مشهور ٿيو. حبيب 1909ع ۾ ڪِلوا ۾ ڄائو ۽ 1980ع ۾ وفات ڪيائين. سندس زال جو نالو ڪنيز زهرا هو.
ڪِلوا امام باڙي جو سنگِ بنياد 1899ع ۾ رکيو ويو. هن جي خرچ لاءِ مهم هلائي چندو گڏ ڪيو ويو ۽ 7500 رپيا خرچ آيو. پڙهندڙ ڀلي حيرت کائين پر ياد رهي ته ان وقت برٽش انڊيا جو هڪ روپيو جيڪو پاڻ به هڪ تولي چانديءَ مان ٺهيو ٿي پنج تولا چانديءَ جيتري Value رکي ٿي. ٻي ڳالهه جنهن تي پڙهندڙ حيرت کائيندا هوندا ته ڇا آفريڪا جي هنن ڏورانهن ڏيهن، زئنزبار، ممباسا، ڪِلوا وغيره ۾ اسان جو روپيو هليو ٿي ڇا؟ بلڪل! مقامي ناڻي سان گڏ برٽش انڊيا جي ڪرنسي روپيا، آنا، پايون ائين مضبوط ڪرنسي هئي، جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ ڊالر پائونڊ آهن - ٻهراڙيءَ جا اڻ پڙهيل ماڻهو به پنهنجي روپئي کان وڌيڪ ڊالر کي اهميت ڏين ٿا ۽ سمجھن ٿا ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سان ٽماٽي، بصر سان گڏ لنڊا جو سامان به مهانگو ٿيو وڃي.
امام باڙي لاءِ چار متولي (ٽرسٽي) مقرر ڪيا ويا، جن ۾ نور محمد مولجي به هڪ هو ۽ جنهن جي وفات بعد هن جو پٽ شريف نور محمد متولي ٿيو. ڪِلوا ٻيٽ تي هن امام باڙي جي پويان جيڪو خواجن جو قبرستان آهي، ان لاءِ 1905ع ڌاري زمين خريد ڪئي وئي. 1914ع ڌاري هن ڪميونٽيءَ وڌيڪ زمين حاصل ڪري امام بارگاهه سان باغيچو، مسجد، وڏو صحن، حوض ۽ مسافر خانو ٺهرايو. ان کان سواءِ مدرسو به ٺهرايو ويو. امام بارگاهه ۽ مسجد جي خرچ پکي لاءِ هڪ فارم هائوس به جنهن مان ٿيندڙ ڪمائي ان لاءِ استعمال ٿي ٿي. مدرسي جي خرچ لاءِ هر خواجه کان هر مهيني ٻه آنا ورتا ويا ٿي.
ڪِلوا جون مٿيون ڳالهيون مون “ڪِلوا نا سوال جواب” مضمون مان کنيون آهن - جيڪي شريف نور محمد پنهنجي پيءُ جي وصيت موجب لکيون ۽ 1920 ۾ ڪتاب ڇپيو.
نور محمد مانيڪا پٽ کي اهو به چيو هو ته ڪِلوا بابت لکين ته ان جون ڳالهيون ڀائو نگر جي مئجسٽريٽ سيٺ محمد عليءَ جي پٽ کي ضرور پهچائجانءِ جو مئجسٽريٽ صاحب کي هر وقت ان ڳالهه ۾ دلچسپي هئي ته خواجا ڪميونٽي جي حوالي سان ڪِلوا ٻيٽ جي تاريخ مرتب ڪئي وڃي.
نور محمد مانيڪا ۽ هن جا ڀائر گانگجي ۽ اسماعيل، هن جو پٽ شريف ۽ ٻيو هنن جو اولاد هن ٻيٽ ڪِلوا ڪسواني (Kilwa Kiswani) ۾ ئي دفن ٿيل آهن. نور محمد مانيڪا جو هڪ ڀاءُ حسن علي ڪِلوا ڀرسان مُوهورو (Muhoro) ۾ دفن آهي. ڪِلوا زئنزيبار، دارالسلام ۾ جيڪي خواجا (اسماعيلي ۽ اثنا عشري) ۽ بوهري ڪميونٽي جا رهن ٿا انهن جو اولاد اتان، ۽ ورهاڱي کان اڳ ڪڇ ۽ گجرات کان ڪراچيءَ ۾ به اچي رهيو. انهن ۾ ڪجھه هنن ذاتين جا آهن: ڀوڄاڻي، لاکاڻي، ڏوساڻي، لڌو ڀائي، ڪرجاٽ والا، مانڊوي والا، مرچنٽ، بادامي وغيره. انهن کان توهان پڇندائو ته هو ضرور ٻڌائيندا ته هنن جا مائٽ ڪمپالا، جانجي، ممباسا، دارالسلام، زئنزيبار ۾ به رهن ٿا. ٻي ڳالهه ته گجراتي، ڪڇين ۽ سنڌين جون ڪي ذاتيون اهڙيون آهن، جيڪي مسلمانن جون آهن ته هندن جون به، جيئن جماڻي، راجپوت، ويندي آڏواڻي وغيره. ذاتين سان گڏ نالا به، جيئن سدورو مل آهي. سدورو خان، يا گلشن، روشن، طالب وغيره اهڙا نالا آهن، جيڪي هندن، مسلمانن ويندي عيسائين جا به آهن، جيئن روشن آرا، روشن ٻائي ۽ روشن مسيح. چٽاگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ منهنجي هڪ بنگالي مسلمان ڪلاس ميٽ جو نالو پرديپ بسواس هو. ”بسواس“ بنگال ۾ هندن ۽ مسلمانن جي مشهور ذات آهي ۽ پرديپ بنگالي لفظ ڏيئي،شمع، بتي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيئن اسان وٽ ڪيترن جو نالو چراغ علي، آفتاب احمد يا ڇوڪرين جو شمع آهي جيڪي نالا فارسي کان اڻ واقف هڪ ملئي، برونائي يا انڊونيشي مسلمان لاءِ حيرت جو سبب ٿيندا. سو منهنجي هن ڪتاب ۾ بوهرين، خواجن ۽ ڪڇين جا عجيب نالا پڙهي تعجب نه کائڻ کپي، جو انهن مان ڪي ڪوڏاڻي جا نالا ٿي سگھن ٿا، ته ڪي گجراتي، ڪڇي يا مرهٺي اسمن ۽ صفتن جا يا اتي جي ذاتين جا. جيئن اسان وٽ آهن: انب گوپانگ، رکيل مورائي، مرليڌر گنگواڻي، ڌڱاڻو بوزدار، لڇو هاٿيراماڻي، جيڪي اسان لاءِ ته سولا آهن پر سنڌيءَ کان اڻ واقف انگريز، فرينچ يا عربن لاءِ اچارڻ يا مطلب سمجھڻ سولو ڪم ناهي.
ڀائو نگر (گجرات) جي خواجي واپاري نور محمد مانيڪا جو مختصر شجرو.

مانيڪا
مولجي مانيڪ
نور محمد مانيڪا
1838ع ۾ ڀائو نگر ضلعي جي ڳوٺ ماهُووا ۾ ڄائو کيس ٽي ڀائر هئا: گانگجي، حسن علي ۽ اسماعيل 1864ع ۾ زئنزيبار ۾ آيو
1883ع ۾ زئنزيبار کان ڪِلوا ٻيٽ تي آيو
شريف مانيڪا
زال: ڪلثوم (نانجي ڪارا)
حبيب مانيڪا
زال: ڪنيز زهرا
حسن علي (۽ ٻه ڀائر: امير علي ۽ انور)
زال رحمت ٻائي
عبدالحسين علي
زال: شيرين
ٻه ڌيئرون
1- فضا بي (مڙس: اڪبر قاسم علي ڀيمجي)
2- بتول مولجي(مڙس جيراج)، ٻار: افروز ۽ شميم

هڪ سنڌي خوجو ۽ سندس هزار کان مٿي پوٽاڻ ڏوهٽاڻ

گذريل مضمون ۾ پاڻ ڳالهه ڪئي ته اسان وٽ (گھٽ ۾ گھٽ سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ پنجاب ۾) ڪيتريون ئي ذاتيون اهڙيون آهن، جيڪي هندن ۽ مسلمانن، ٻنهي ۾ آهن. جيئن ته راجپوت، بجير، جوڳي، (خيرپور جو اهم عالم صبغت الله جوڳي)، ڪنڀار، باجوا، (رڳو اسان جو آرمي چيف قمر جاويد ۽ انفارميشن جو مشير عاصم سليم باجوا نه آهن، پر انڊيا جو پارليامينٽ ميمبر پرتاب سنگهه باجوا، مشهور رائيٽر روپا باجوا ۽ فلمي اداڪارا سونم به باجوا آهي). اهڙيءَ طرح کتري، نائڪ ۽ سيٺي ذاتيون آهن. جنجوعه ذات جا ته مسلمان، هندو ۽ سک به آهن. ڪيترن ئي هندن جي نالن پويان پير، ولي، شاهه يا شا ۽ جلالي به لڳل هجي ٿو.
ٿي سگھي ٿو منهنجي ڪيترن ئي پڙهندڙن کي مٿين ڳالهه جي خبر هجي پر آئون ان کان اڻ واقف هئس. يا شايد مون ڌيان نه پئي ڏنو. مون کي ڪجھه سال اڳ پوني (انڊيا) ۾ هلندڙ هڪ سيمينار ۾ ان جو پهريون دفعو احساس ٿيو، جڏهن جگديش لڇاڻيءَ مون کي سنڌيءَ جي هڪ مشهور ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر سان ملائي هن جو نالو مدن جماڻي ٻڌايو. جماڻي ذات ٻڌي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ مون کي پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا ڪلاس ميٽ خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ پير جي ڳوٺ جو بخت علي ياد اچي ويو. ٿوري دير بعد جگديش کي اڪيلو ڏسي مون پنهنجي حيرت جو اظهار ڪيو ته هن ٻڌايو ته “سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون هندن توڙي مسلمانن جون به ساڳيون آهن”.
ان کانپوءِ مون کي ڌيان ۾ آيو ته زئنزيبار، ممباسا، دارالسلام، مطلب ته ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا پاسي ته اسان جي ڪيترن ئي مسلمانن (خوجن، بوهرين، گجراتين، ڪڇين) جون ذاتيون اهڙيون آهن، جيڪي اسان هندن ۾ به ٻڌيون آهن. انهن مان هڪ ته آڏواڻي به آهي. زئنزيبار، ممباسا، ماليندي، ڪِلوا، لِنڊي ٻيٽن ۽ بندرگاهن تي ته ڪيترائي مشهور واپاري ۽ ٻيا نالي وارا پروفيسر، ڪرڪيٽ رانديگر، سرڪاري ڪامورا اسماعيلي ۽ اثنا عشري خواجا ملندا، جن جو وڏو سنڌ جو (ٺٽي پاسي جو) هڪ ورثي آڏواڻي هو، جيڪو 1835ع ۾ زئنزيبار آيو هو. هن وقت سندس ڇهين يا ستين ٽهي هلي رهي آهي ۽ سندس 1000 کن پوٽا، پڙ پوٽا، تڙ پوٽا وغيره وغيره آفريڪا جي هن اوڀر پاسي واري ڪناري جي شهرن ۾ پکڙيا پيا آهن.
چون ٿا ته ورثي آڏواڻيءَ جي ڀوڄ جي ڪنهن ڪَڇي ڇوڪريءَ سان شادي ٿي، جنهن جي مائٽن جو آفريڪا پاسي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. هنن کان آفريڪا پاسي بهتر واپار هجڻ جون ڳالهيون ٻڌي هن کي به شوق ٿيو ۽ هو پنهنجي ٽن ڀائرن: خلفان، عبدالرسول ۽ غلام حسين سان سامونڊي ٻيڙي ڌائو ۾ سوار ٿي اچي زئنزيبار کان نڪتو. بعد ۾ سندس باقي ٻه ڀائر محمد ۽ کٽائو به زئنزيبار اچي ويا. ڪجھه سال زئنزيبار ۽ ڀر واري ٻيٽ پيمبا تي واپار، خاص ڪري ڪريانا مرچنٽ جو دڪان هلائڻ بعد هو پنهنجي ننڍي پٽ غلام حسين سان گڏ لِنڊي (Lindi) شهر ۾ اچي رهيا.
غلام حسين کي به پنج پٽ هڪ ڌيءُ رقعيه ٿي هئي. پاڻ نالي جي مونجھاري ۾ نٿا پئون رڳو ٻه چار دلچسپ ڳالهيون ڪريون ٿا، جيئن پڙهندڙن کي Idea ٿئي ته جڏهن اسان وٽ اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ به نه ايڏي تعليم آهي ۽ نه ڊسپلين ۽ تنظيم، اسان جو نوجوان سڀ سهولتون هوندي به نه ايترو محنتي آهي ۽ نه پڪو عزم اٿس، اتي هنن ماڻهن ڌارين ڏيهن ۾ ڪيئن محنتون ڪري واپار، تعليم ۽ ٻين فيلڊن ۾ نالو پيدا ڪيو!
ورثي آڏواڻيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي زئنزيبار جي شروعاتي اسماعيلي خوجن مان آهي جيڪي اثنا عشري ٿيا ۽ ناصر ليلاڻي ۽ صالح سچيڏنو به انهن ۾ شامل هئا، جن لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته اهي پڻ سجاول ۽ جاتي پاسي جا آفريڪا ۾ رهندڙ سنڌي هئا. انهن ۽ ڪجھه ٻين (جملي ٻارهن ڄڻن) گڏجي 1881ع ۾ زئنزيبار جي شيعه مسجد “قوتِ اسلام مسجد” رجسٽرڊ ڪرائي. هنن جا نالا زئنزيبار Archivesآرڪيوز ۾ محفوظ آهن.
ورثي آڏواڻي ۽ صالح سچيڏني لاءِ زئنزيبار جا جھونا ٻڌائين ٿا ته هو وڏي اثر رسوخ وارا هئا. ايتري قدر جو دارالسلام ۾ رهندڙ جرمنن، جن چند ماڻهن کي پنهنجي گھر تي جرمنيءَ جو جھنڊو هڻڻ جي اجازت ڏني هئي، هي ٻه انهن مان هئا. هيءَ ڳالهه سمجھو ته پهرين جنگِ عظيم کان اڳ جي آهي، جڏهن تنزانيا ملڪ ٽانگانيڪا سڏبو هو ۽ ٽانگانيڪا ملڪ جي وڏي حصي تي جرمنن جي حڪومت هئي.
جنگِ عظيم هارائڻ بعد جرمني وارن کي آفريڪا مان ٽپڙ گول ڪرڻا پيا ۽ سندن زمينن، ڪارخانن، گھرن، جاين تي انگريزن قبضو ڄمايو. بهرحال ورثي آڏواڻيءَ مذهب جي وڏي خدمت ڪئي. چون ٿا ته دارالسلام ۾ جيڪو پراڻو امام بارگاهه آهي، اهو ورثي آڏواڻيءَ جي ڪوششن جو نتيجو آهي. دارالسلام ۾ شهر جي پهرين اثنا عشري مسجد جيڪا انڊيا اسٽريٽ وٽ آهي اها ورثي آڏواڻي، ناصر ليلاڻي ۽ سچو پيرا گڏجي 1907ع ۾ جماعت لاءِ ٺهرائي.
ورثي آڏواڻي جيڪو 1835ع ۾ زئنزيبار آيو، ان کي ڪيترائي ٻار ٿيا. سڀ ۾ ننڍو غلام حسين جيڪو 1868ع ۾ ڄائو، ان جي چئن پٽن مان ٻه پٽ (عبدالحسين ۽ يوسف) تمام سٺا ڪرڪيٽر ٿيا، جيڪي “زئنزيبار نيشنل ٽيم” ۾ به چونڊيا ۽ 1926ع ۾ برٽش نيوي جي خلاف پڻ کيڏيا هئا. عبدالحسين جو پٽ جعفر به زئنزيبار جو سٺو رانديگر ثابت ٿيو هو. هو بعد ۾ زئنزيبار مان لڏي لِنڊي (Lindi) ۾ پنهنجي ڏاڏي غلام حسين جي ڀاءُ سليمان جي جاگيرن تي اتي پوکيل سيسل جي فصل جو مئنيجر ٿيو. سليمان ورثي آڏواڻي جو پٽ، غلام حسين کان 12 سال اڳ، 1856ع ۾ زئنزيبار ۾ ڄائو هو.
لِنڊي ڪٿي آهي؟
ان زماني ۾ جڏهن ورثي آڏواڻي 1835ع ڌاري زئنزيبار آيو، ته انهن ڏينهن ۾ نه ڪينيا جو نالو هو ۽ نه تنزانيا جو! اڄ جيڪو ڪينيا آهي، ان ملڪ جي ختم ٿيڻ تي ڏکڻ تنزانيا آهي. ممباسا مليندي وغيره ڪينيا جا بندرگاهه آهن. زئنزيبار، پيمبا ۽ پوءِ دارالسلام تنزانيا ۾ اچي ٿو. وڌيڪ ڏکڻ ۾ جتي تنزانيا جون حدون ختم ٿين ٿيون ۽ موزمبق ملڪ شروع ٿئي ٿو، اتي موزمبق جو ڪناري وارو شهر لِنڊي (Lindi) آهي، جتي اڄ به اسان جي ننڍي کنڊ جا ڪيترائي گجراتي، ڪڇي ۽ اڙدو ڳالهائڻ وارا کوجا، بوهري، ميمڻ واپاري رهن ٿا. هنن جون پراڻيون مسجدون، مدرسا، امام بارگاهه، انڊين اسڪول (جيڪي برٽش انڊيا جي ڏينهن ۾ ٺهيا)، مسافر خانا موجود آهن. لنڊي بندرگاهه دارالسلام کان خشڪي رستي 450 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڏکڻ ۾ آهي ۽ پورچوگالين جو اڏرايل شهر متوارا (Mtwara) کان 105 ڪلوميٽر جي فاصلي تي اتر ۾ آهي. لنڊي وارو علائقو سيسل جي پوک کان مشهور آهي، جنهن جو باٽني نالو Agave Sislana آهي. هن جي فائبر رسيون ۽ نوڙ ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي. اهي بي حد مضبوط ٿين ٿيون. اسان وٽ جهازن کي ٻڌڻ وغيره لاءِ به اهي ڪم اچن ٿيون. لنڊي بندرگاهه به آهي پر وڏا جهاز نٿا اچي سگھن. هڪ ئي وقت ٻه کن ننڍا جهاز بيهي سگھن ٿا پر سليمان جي ڏينهن ۾ هي مشغول بندرگاهه هو، جو انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جا سڙهن وارا ٻيڙا ۽ ڌائو ٻيڙيون هليون ٿي جيڪي ننڍيون هيون.
پاڻ ورثي آڏواڻي جي پٽ سليمان ورثي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪو هن علائقي (آفريڪا جي اوڀر ڪناري) جو نه فقط امير واپاري هو پر سياسي ماڻهو ۽ ڪامورو به سمجهيو ويو ٿي، جنهن جي ان وقت جي زئنزيبار جي سلطان برغش بن سعيد سان سٺي ۽ ذاتي دوستي هئي. سلطان برغش 1870ع کان 1888ع تائين زئنزيبار جو سلطان رهيو. ان بعد سندس ننڍا ڀائر خليفا بن سعيد ۽ پوءِ علي بن سعيد زئنزيبار جا سلطان ٿيا. سليمان کوجو سلطان برغش جي ڏينهن ۾ وزير به ٿي رهيو. ٽانگانيڪا (جيڪو اڄ ڪلهه تنزانيا سڏجي ٿو) جي ڪناري واري علائقي ۾ جاگيردارن کان سواءِ سليمان جو مڊل ايسٽ، انڊيا ۽ ٻين ملڪن سان امپورٽ ايڪسپورٽ ۽ ٽريڊنگ جو ڪاروبار به هو. سليمان ورثي لاءِ چون ٿا ته هو ايڏو امير واپاري هو، جو هن جي گھر ۾ برطانيا جي رايل ڊولٽن Dauliton ڪمپنيءَ جي ٺهيل ڪراڪري استعمال ٿي ٿي، جيڪا دنيا ۾ مهانگي ترين سمجھي وڃي ٿي. اها ڪمپني خاص آرڊر تي فقط شاهي خاندان جي ماڻهن ۽ امير واپارين لاءِ ڪراڪري ٺاهي ٿي، جنهن جي هر پليٽ، پيالي ۽ ڊش جي هيٺان سونهري اکرن ۾ لکيل هو: “Made for the family of Suleman Varsi” هن جي گھر جي ڀاتين ۽ مهمانن کي يونيفارم پهريل بيرن وڏن ڊائننگ ٽيبلن تي Serve ڪيو ٿي.
هيءَ سڀ معلومات هتي لکڻ لاءِ مون ڪٿان حاصل ڪئي؟
در اصل ورثي آڏواڻيءَ جي وڏي فئملي آهي ۽ هينئر هن پاسي آفريڪا ۾ هن جي ڇهين ستين پيڙهي پئي هلي، جن مان ڪي آفريڪا جي مختلف شهرن ۾ آهن ته ڪيترائي ڪئناڊا، آمريڪا، انگلنڊ ۽ انڊيا ۾ به آهن ۽ هر فيلڊ ۾ آهن. هن جي ڏوهٽاڻ ۾ هڪ همراهه جيڪو سمجھو ته مون جيڏو ٿيندو. بلڪه ننڍو ئي هوندو. هن جو نالو مصطفيٰ پير محمد آهي. يعني پير محمد جو پٽ آهي. مصطفيٰ جا وڏا، جن جو ڏوساڻي فئمليءَ سان تعلق هو، مُندرا (ڪڇ) کان ڪمائڻ لاءِ سڌو هتي لِنڊي آيا هئا ۽ هتي ئي رهيا. فقط ٻي وڏي لڙائيءَ جي ڏينهن ۾ هو ٻيڙين ۾ چڙهي ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ وڃي رهيا هئا پر پوءِ حالتن ۾ ٺاپر اچڻ تي موٽي آيا هئا. مصطفيٰ پنهنجي خوجن جي انڊين اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد دارالسلام يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد مصطفيٰ تنزانيا ۾ ڪيتريون ئي خانگي ۽ سرڪاري نوڪريون ڪيون ۽ ڪيترن ئي ادارن جا عهدا حاصل ڪيا. بعض ۾ هو فلوريڊا (آمريڪا) جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پروفيسر ٿي رهيو. هن پنهنجي آفريڪي ڳوٺ لِنڊيءَ جون يادگيريون لکيون آهن. جنهن ۾ هن زئنزيبار، ممباسا، لِنڊي وغيره ۾ رهندڙ ڪجھه خوجا فئملين جو احوال لکيو آهي، جنهن ۾ مون به ورثي آڏواڻيءَ ۽ هن جي اولاد بابت پڙهيو.
هونءَ سليمان ورثي جي بدبختيءَ جي به هن ڳالهه لکي آهي ته هڪ دفعي سليمان جو مال سان ڀريل جهاز زئنزيبار اچي رهيو هو ته رستي تي ٻڏي ويو ۽ سليمان کي وڏو نقصان رسيو. اهو به ته ممبئي ۾ هن جي بي خياليءَ جي ڪري بگي سميت گھوڙي ٽڪريءَ تان ترڪي هيٺ وڃي ڦهڪو ڪيو. سليمان بچي ويو. هتي اهو به لکندو هلان ته هن پاسي جي ماڻهن پنهنجو واپار ممبئي ۾ به قائم رکيو ٿي ۽ موقعي ملڻ تي پنهنجي وڏن جو وطن، ڀوڄ، مُندرا، مانڊوي، سورت، ٺٽو، سجاول، گھمڻ به هليا ويا ٿي.
دارالسلام جي باگامويو روڊ کان جيڪا Mwenda اسٽريٽ وڃي ٿي، اتي اسماعيلين جو قبرستان آهي. ان جي ٺهرائڻ ۾ به سليمان وڏي مدد ڪئي هئي. ان کان سواءِ زئنزيبار واري “رحمت الله تيجاني مسافر خاني” جي ٺهڻ ۾ به وڏي مدد ڪئي هئي. هي مسافر خانو 1901ع ۾ ٺهي راس ٿيو هو.
سليمان وارثي 1910ع ۾ ممبئيءَ ۾ بزنس ٽرپ تي هو ته گذاري ويو. هن کي ممبئي آرام باغ واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. (اڳتي جناح جي گهر واري رتي جناح جي به قبر آهي، جيڪا 1929ع ۾ گذاري وئي). سندس قبر جي ڪُتبي تي سندس نالي مٿان لکيل آهي: “Jangbarwalla” جنگبار والا. ياد رهي ته زئنزيبار کان جيڪي انڊيا گھمڻ ايندا هئا، انهن لاءِ چيو ويندو هو ته هي جنگبار کان آيا آهن. يعني زنجبار کان.
سليمان ورثيءَ جون زئنزيبار کان سواءِ لِنڊيءَ ۾ به بزنس هو جنهن بابت “جرمن ڪالونيل هئنڊ بڪ 1908” ۾ “سليمان ورثي ائنڊ ڪمپني” لکيل آهي. هي هڪ اسٽور هو جنهن ۾ تازي ميوي ۽ ڀاڄين سان گڏ خشڪ ميواجات، مصالحا، داليون، اٽو، چانور ۽ ولايت جو سامان مليو ٿي. هي دڪان سليمان جي ٽيون نمبر زال ڄيٺ ٻائي (زيتون ٻائيءَ) هلايو ٿي جيڪا اتي پنهنجن ٽن پٽن: عبدالرسول، رضا ۽ صالح سان گڏ رهي ٿي. هن کي شهربانو ۽ زينب نالي ٻه ڌيئرون پڻ هيون.
سليمان جي پهرين زال مريم مٺاڻي هئي جنهن مان کيس قاسمعلي، محمدعلي، سڪينه ۽ رحمت الله ٻار هئا. ٻي زال جو نالو سڪينه ريمتولا هو جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ فاطمه هئي.
سليمان جي سڀني ٻارن ۽ انهن جي ٻارن ۽ ايندڙ ٽهين وڏو نالو پيدا ڪيو. ڪيترن ئي اعليٰ ڊگريون ۽ ولايت ۾ به نوڪريون حاصل ڪيون. ڪي انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ وڪيل ٿيا پر گھڻا تڻا - سليمان توڙي هن جي ننڍي ڀاءُ غلام حسين ورثي جو اولاد، بزنيس ۾ رهيا.
سليمان کي پهرين زال مريم مٺاڻيءَ مان پٽ قاسم عليءَ کي چار ٻار ٿيا: يوسف، محمد تقي، محمد حسين ۽ ڌيءَ نرگس ڀالو (يعني نرگس جي مڙس جي ذات Bhalloo هئي). مرحوم يوسف قانوني معاملن جو ماهر وڪيل هو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي قانوني مدد ڪندو هو. هو انگلينڊ جي وڪيلن جي ڪمپني Wiggins & Stevens Co سان لاڳاپيل هو. يوسف جون ٻه ڌيئرون: مسز مرزيا ۽ مسز بتول دارالسلام جي يونين نرسري اسڪول ۾ پرنسپال به ٿي رهيون. قاسمعلي جو پٽ محمد تقي سي ايس ايس ٽائيپ امتحان پاس ڪري 1925ع ۾ زئنزيبار جي سول سروس ۾ سرڪاري ڪامورو ٿيو. فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر “مصطفيٰ پير محمد” جنهن پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ ورثي آڏواڻيءَ جي فئمليءَ جو احوال لکيو آهي، اهو هن محمد تقي (يعني سليمان جي پوٽي ۽ ورثي آڏواڻيءَ جي پڙ پوٽي) لاءِ لکي ٿو ته محمد تقي منهنجي والده جو نانو هو، جنهن هن (مصطفيٰ) تي پيار مان ڪوڏاڻي جو نالو “ابو لُولُو” رکيو هو. محمد تقي جي ڀيڻ نرگس لاءِ مصطفيٰ لکي ٿو ته هن جي هڪ پٽ غلام عباس پاڪستان ۾ بيحد ڪاميابيءَ سان اسڪول هلايو ٿي. هو زيارت دوران عراق ۾ گذاري ويو. مصطفيٰ وڌيڪ تفصيل نه لکيوآهي ته اهو اسڪول پاڪستان جي ڪهڙي شهر ۾ هو پر ڪراچي جي خوجن کان معلوم ٿي سگھي ٿو جن وٽ اهڙو رڪارڊ ضرور هوندو. آخر ۾ مصطفيٰ لکي ٿو ته:

Among more than 1070 decendants of the Versi Advani family, there are zakirs, philanthropists, servants to humanity and community, businessmen, professionals and sportsmen who are spread out all over the globe.

پُڄاڻي

هن ڪتاب جي شروع ۾ لکيو اٿم ته زئنزيبار يا ممباسا کان وڪري لاءِ آيل شيدي غلامن کي صحيح طرح سنڌي يا ٻي ڪا مقامي ٻولي ڳالهائڻ ۾ ڪجهه سال لڳي ويا ٿي. سنڌ ۾ آيل آفريڪا جا شيدي غلام، شروع جي ڏينهن ۾ زنجبار (زئنزيبار) کي جھنگبار يا جھنگٻار سڏيندا رهيا ٿي.
آفريڪا کان سنڌ ايندڙ شيدي غلام شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌي ڳالهائڻ ۾ ڪچا ضرور هئا پر ٽنڊو قيصر ۾ مون انهن جي اولاد کي تمام سٺي اچار سان سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو. سنڌ ۾ ٿي سگھي ٿو ته شيدين جو وڏو تعداد بدين، ماتلي، تلهار پاسي هجي پر منهنجو پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪلاس ميٽ نور احمد نظاماڻي، ڪِٽِ نمبر 7 (رئيس شير محمد نظاماڻيءَ جي فرزند) وٽ سندس ڳوٺ ٽنڊو قيصر گھڻو وڃڻ ٿيو ٿي، جتي رستي تي لنگھندڙ يا دڪانن تي ويٺل ڪيترن ئي شيدين سان خبرون چارون ڪري مون کي ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار جا ڏينهن ياد ايندا هئا. فرق فقط اهو هو ته هُنن سواحلي ڳالهائي ٿي ۽ هِنن سنڌي_ ۽ ڇا صاف ۽ صحيح سنڌي ڳالهائي ٿي.
آفريڪا جو هي سفر نامو پڄاڻيءَ تي پهچائڻ مهل مون کي ٽنڊو قيصر جو هڪ حاجي شيدي (اصل نالو هوشو شيدي) ياد اچي رهيو آهي، جنهن جو راڳ نور احمد نظاماڻيءَ سان گڏ ٽنڊو قيصر ۾ ٻڌو هو. حاجي شيدي اڄ اسان سان نه آهي پر سندس مٺو سُر ۽ صاف سنڌي لهجو اڄ به دماغ ۾ تازو آهي. هن ٽنڊو قيصر جي ئي هڪ مشهور شاعر جناب آسي زميني (نظاماڻيءَ) جو گيت ڳائي ٻڌايو هو. آسي صاحب جي ان غزل جو به جواب ناهي جنهن جا ٻول هتي لکي رهيو آهيان، جيئن منهنجا پڙهندڙ ان جو قدر ڪري سگھن. باقي حاجي شيديءَ جي مٺي سر کي ڪاغذ تي ته پلٽي نٿو سگھان پر منهنجا پڙهندڙ منهنجي فيس بڪ وال يا يوٽيوب چئنل تان ان راڳ جو حِظ حاصل ڪري سگھن ٿا.....

آءُ گھڙي کن هيٺ لهي آءُ
پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ
مونکان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ
منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
آءُ گھڙي کن...

هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو
هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو
ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو
پنهنجي تي نشان هڻي وڃ
آءُ گھڙي کن ....

ليڙون لوئي، ڇنل چولو
انگ اگھاڙي ڪنهن جي ڄائي
غيرن آڏو جھول جھلي آ
پنهنجيءَ کي خيرات ڏئي وڃ
آءُ گھڙي کن ....

نيراني ۽ پير اگھاڙي،
نٽهڻ ڌُپ ۾ هرهلائي
ڪاري ڳڙ سان سڪل ڀورا
هڪڙو ويلو تون ته چکي وڃ
آءُ گھڙي کن ....

آسيءَ کي جا ڏات ڏني تو،
سائي لڇي ٿي، سائي پڇي ٿي
پوءِ ڇو دهريو ڪافر سڏجان
مون کان پنهنجي ڏات وٺي وڃ
آءُ گھڙي کن ....