لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)
موضوع: تاريخ
ليکڪ: عنايت کٽياڻ
ڇاپو پهريون: 2021ع
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي
سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم
C-50 سچل ڳوٺ، سپارڪو روڊ/
ڪراچي يونيورسٽي روڊ، اسڪيم 33 ڪراچي. 03453343003
ملهه: 300 رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Published By: Murk publication,
Room No:. 305 rd Floor Sabir Manzil 98
Near Gul Plaza, Marston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtazalaghari64@gmail.com
cell:03005182494

ڪـتـاب ملـڻ جـا هـنـڌ:
ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي، ٿامس ڪتاب گهر ڪراچي
دانيال ڪتاب گھر حيدرآباد، ڪنول ڪتاب گهر، سمبارا ڪتاب گهر حيدر آباد
رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، سنڌيڪا ڪتاب گهر لاڙڪاڻو،
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر، تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس،
مهراڻ ڪتاب گهر سانگهڙ، ٿر ڪتاب گهر مٺي،
پريتم قاضي نواب شاهه، مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ارپنا

هي ڪتاب پنهنجي پياري دوست عبدالحڪيم ميمڻ جي نانءِ ڪيان ٿو، جنهن کان مليل محبتون ۽ مانُ ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، ڪتاب ۾ لکيل سڀني ماڳن تي هُو منهنجو همسفر ۽ مددگار رهيو، جنهن جو ذڪر ڪتاب ۾ به آھي. عبدالحڪيم ميمڻ نظرياتي قومي ڪارڪن، انساني برابري جو علمبردار، هر ھڪ جو همدرد ۽ مخلص انسان هو، هُو 11 سپٽمبر 2020ع جي ڏينهن اوچتو الوداع ڪري مون کي اداس ڪري ويو، ڇو ته آئون سندس ساٿ ۽ محبتن جو عادي بڻجي ويو هئس.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيو)“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ تاريخي ماڳ مڪانن بابت لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نہ ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران سنڌ ھسٽري اويئرنيس فورم، ڪراچي جي سھڪار سان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عنايت کٽياڻ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

عنايت کٽياڻ جو بنيادي تعلق ضلعي خيرپورميرس جي شهر ”پِير جو ڳوٺ“ سان آهي. هو 80 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجو اباڻو شهر ڇڏي ڪراچي پهتو، هن پنهنجي گذر سفر ۽ ٻارڙن جي تعليم کي ترجيح ڏني ۽ ڪراچيءَ جي سنڌي وسندي ”سچل ڳوٺ“ ۾ رهائش اختيار ڪئي. توڙي جو اُهو سچل ڳوٺ جي اڏاوت وارو دور هو. هو ان ڳوٺ جي بنيادي رهاڪن ۽ ڳوٺ جي بنياد رکڻ کان ان جي تحفظ ۽ ترقي ڏيارڻ وارن مک ڪردارن منجهان هڪ آهي. سچل ڳوٺ جي آبادي ۽ اُتي رهائش اختيار ڪندڙن جي حقن لاءِ هن شخص دوستن سان گڏجي خوب جدوجهد ڪئي، جيتوڻيڪ ڀرپاسي جا زور آواز ماڻهو سندن ذاتي دشمن ٿي بيٺا، ان سلسلي ۾ کين جيل جو منهن به ڏسڻو پيو، پر هنن جدوجهد جاري رکي. اڄ سچل ڳوٺ جون روشنيون ان جاکوڙ جو نتيجو آهن.
عنايت کٽياڻ ذاتي طور تي خاموش طبع، ڪم سان ڪم رکندڙ، سادي طبيعت ۽ وڏي دل وارو ماڻهو آهي. هي جاکوڙ ڪردار سکڻي واهه واهه کي پاسي تي رکي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو عادي آهي.
عنايت کٽياڻ توڙي جو هڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر رهيو آهي، پر هن مختلف پارٽين، تنظيمن ۽ ادارن ۾ وڏن عهدن تي به خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اُن جي باوجود سندس شخصيت ۾ ڪو انا وارو تاثر نظر نه ٿو اچي. هو يارن جو يار، ميل جول جو معتبر، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، مهمان نواز ۽ کل مُک شخصيت جو مالڪ آهي. هو قومي سوچ رکندڙ ڪردارن منجهان هڪ آهي، کيس سنڌ، سنڌي قوم، قومي ٻولي ۽ ورثن، ماڳن مڪانن جي تحفظ جو اونو آهي. سندس ٻيو سگهارو تعارف سندس لکڻيون آهن.
عنايت کٽياڻ جو شوق سير سفر آهي، ان ۾ ترجيح سنڌ جا اهم ماڳ ۽ هيروز آهن. هن جڏهن به قلم کنيو آهي، قومي ورثن کي اهميت ڏني آهي. سندس لکڻ وارو ڪم تاريخ آهي. پر تاريخ ۾ به منفرد لکڻي سندس قلم منجهان سرجي ٿي. سندس تاريخي ليکن تي آڌاريل هڪڙو سلسلو جيڪو مسلسل ”سنڌ سڀيتا“ جي نالي سان منظر عام تي ايندو رهيو آهي. سندس تاريخي ليک سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ به شايع ٿيا آهن. انهن جو پهريون ڀاڱو ”سنڌ سڀيتا“ جي نالي سان پهرين شايع ٿي چڪو آهي، ان ڪتاب جو اردو ترجمو پڻ ڪجهه وقت اڳ ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. سندس ان سلسلي جو ڪم مسلسل جاري رهيو آهي. هو تاريخي ماڳن جا مشاهداتي دورا ڪندو رهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس قلم کي نئين قوت ملي ٿي ۽ پوءِ اُن ماڳ تي ڀرپور ليک لکي وٺي ٿو.
عنايت کٽياڻ جي لکڻي عام محقق کان مختلف آهي، هو تحقيق به ڪري ٿو ۽ تاريخ جو تحفظ به ڪرڻ چاهي ٿو، پر پڙهندڙ کي به مايوس نه ٿو ڪري. اڪثر تحقيقي ليک ڇسا ۽ خشڪ نظر اچن ٿا، پر عنايت کٽياڻ جي ليک ۾ رس چس به آهي ته رواني به آهي، تاريخ به آهي ته تهذيب به آهي. ان کان علاوه سندس لکڻي سگهارو آواز به آهي، ڪافي لکڻين جي منظر عام تي اچڻ بعد سرڪاري طور تي انهن ماڳن مڪانن تي ترقياتي ڪم پڻ شروع ڪيا ويا آهن. اهڙا تاريخي مضمون ۽ مقالا گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري ”سنڌ سڀيتا“ ٻي ڀاڱي جي صورت ۾ پڙهندڙ آڏو پيش ڪيون ٿا.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جو اشاعتي پورهيو يقينن پڙهندڙ جي قبوليت جي بنياد تي اڳتي وڌي ٿو، اُهو ئي سبب آهي جو مسلسل نئين جذبي ۽ منفرد ڪتاب سان گڏ پڙهندڙن جي عدالت ۾ پيش ٿيون ٿا. عنايت کٽياڻ جو هي تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ ٻيو ڀاڱو پڻ اهڙي جاکوڙ جو حصو ۽ نتيجو آهي.


مرتضيٰ لغاري
03005182494

مھاڳ

تاريخ لکڻ ذميدار، ايماندار، جرئتمند، علم، عمل، شوق، لگن، ڪمٽمينٽ واري مستقل مزاج محنتي ماڻھوءَ جو ڪم آھي.
تاريخ منجمد نه ٿيندي آھي، ھي مسلسل لکبي رھبي آھي. ان جي مختلف پهلوئن تي ھر مورخ پنھنجي سوچ سمجھ ۽ تحقيق مطابق راءِ رکندو آھي. جيئن سائنس گذريل ٿيورين کي غلط ثابت ڪري نيون ٿيوريون ڏيندي رھي ٿي، اھڙي طرح تاريخ ۾ به ڪيترين پراڻين ڳالھين جي جاءِ تي نئين سائنسي تحقيق سبب نيون ٿيوريون اچن ٿيون.
تاريخ فرد کان وٺي قبيلي ۽ قوم تائين ماضي جي واقعن کي مدنظر رکي حال ۽ مستقبل ۾ جيئڻ جا سبق ۽ ڏس ڏيندي آھي، جن ۾ ڄاڻ سان گڏ ڪجھ صلاحون حڪم جي حيثيت رکنديون آھن، جن تي عمل ڪرڻ ۾ بقا ۽ انڪار ۾ فنا آھي.
قومون جڏھن پنھنجي شاندار ماضيءَ کي وسارينديون آھن ته پوءِ غلاميءَ جي ھر شڪل تي راضي ٿي وينديون آھن. اھو رضا تي راضي رھڻ جو عمل غير فطري آھي، ڇاڪاڻ ته جيڪي قومون تاريخ وسارينديون آھن، انھن جي جاگرافي به محفوظ نه رھندي آھي. اھڙين حالتن ۾ قوم جا سمجھدار ۽ لائق فرزند پنھنجي تاريخ جا خوبصورت ڪارناما ۽ حاصلات پڙھي ۽ پڙهائي قوم کي روشن راهه ڏيکاريندا آھن.
عنايت کٽياڻ اھو اھم ڪم پنھنجي ذمي کنيو آھي. هو، سنڌ جي وساريل ماڳن کي ڳولي ھٿ ڪري ڇنڊي ڇاڻي پيش ٿو ڪري ۽ ان سان گڏ ڌرتيءَ سان محبت جو درس به ڏي ٿو. لکڻ جو انداز اھڙو ته سادو ۽ سٺو اٿس جو پڙھندڙ کي ان دور ۾ وٺي وڃي، انھن جاين ۽ ماڳن ۾ نئون ساهه ڦوڪي جيئرو ڪري ڏيکاري ٿو؛ جتي وڃي ھو نيون نيون ڳالھيون سکي خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ ماضيءَ جي عظيم ماڻھن جي ڪيل ڪمال جھڙن ڪمن ڪرڻ تي آماده ٿئي ٿو.
ھي ڪتاب سنڌ سڀيتا (ڀاڱو ٻيون) تسلسل آھي، عنايت جي ان عزم جو جنھن ۾ ھن تاريخ جي تحريڪ شروع ڪئي آھي. سندس ھن کان پھريان لکيل ڪتاب سنڌ سڀيتا (ڀاڱو پھريون) به انتهائي اھميت جو حامل آھي. ان ڪتاب ۾ ليکڪ (عنايت) بابت تعارف ۾ مون سندس خانداني پسمنظر سان گڏ ھن جي لياقتن متعلق لکيو ھو. ان ڪري هاڻي سندس لاءِ ڪجھ لکڻ بجاءِ ڪتاب بابت پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندس.
ھن ڪتاب ۾ شامل سڀ مضمون ايڪتا اخبار ۾ ڇپجي چڪا آھن، جن کي وڏي پذيرائي ملي ۽ کيس ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ مون سميت گھڻن دوستن مٿس زور ڀريو. ھن انهن مضمونن تي وڌيڪ ريسرچ ڪري ضرور اضافن سان ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيا آھن. ھن ڪتاب ۾ ڪُل تيرھن مضمون آھن. ھر مضمون تي وڏي محنت ۽ ريسرچ ٿيل آھي. خاص ڪري پھرئين مضمون ”ديبل/ڀنڀور“ تي ڪيل تحقيق ۽ يڪجاءِ تفصيل ته اڄ تائين ڪنھن به نه ڄاڻايا آھن. ان مضمون ۾ عنايت ڪافي اھم سوال اٿاريا آھن، جيئن: 1. ديبل بندر ۽ ڀنڀور جا نالا ڪيئن پيا، ھڪ شھر آھي يا الڳ الڳ شھر آھن؟
2. ديبل بندر ھڪ ھو يا ٻن مختلف جاين تي ھو (ھڪ سمنڊ تي ٻيو درياهه تي)؟
3. ساساني دور ۾ جڏھن مڪران ۽ سنڌ الڳ ضلعا (صوبا) هئا ته ان وقت ديبل الڳ ضلعو(صوبو) ھو.
4. سنڌ جو حصو ھو يا ھڪ شھر، بندر ۽ علائقو ھو؟
5. ابن قاسم جنھن بندر کي پھرين فتح ڪيو، اھو ديبل بندر ڀنڀور واري جاءِ تي ھو يا ڪنھن ٻِي جاءِ تي ھو؟
6. ديبل/ ڀنڀور جي عروج ۽ زوال جا ڪھڙا سبب هئا؟
اھڙا ڪيئي سوال آھن، جن جا جواب هن، سائنسي ۽ منطقي انداز سان پيش ڪيا آھن. پنھنجي موقف جي سپورٽ ۾ دنيا جي مڃيل تاريخدانن، جاگرافيدانن ۽ سياحن جا، ديبل بندر متعلق لکيل ڪتابن ۽ مضمونن مان حوالا ڏنا آھن، جن ۾، البيروني، موسيٰ خوريني، پاٽنجر ڪننگھام، رچرڊ برٽن، ڪيپٽن مئڪمرڊو، دلا روشي، رينيل ڊبليو، ھيملٽن، ھنري ڪزنس، ايليٽ، چيني سياح ڪياتان، ابن بطوطا، ڪئنٽن، بشاري مقدسي وغيره اچي وڃن ٿا. اھي معتبر حوالا مصدق ۽ وڏي اھميت وارا آھن.
اقتصادي لحاظ کان ھن بندر جي اھميت کي اجاڳر ڪندي تاريخي طرح اسباب بيان ڪيا اٿس.
سڪندر يوناني جو اميرالبحر اسڪائلس (514 - 517 ق-م) سنڌو دريا رستي پشاور کان ديبل آيو ھو. ان ئي دور ۾ يوناني سلطنت توڙي اڀرندڙ رومي سلطنت جا واپاري ناتا ننڍي کنڊ سان شروع ٿي چڪا هئا.
جيئن ته جھازن کي سمنڊ ڪناري سفر ڪرڻو ھوندو ھو، ان ڪري ننڍي کنڊ ۾ ويجھي ۾ ويجھو بندر ديبل ھو. ان ڪري ھي بندر ترقي ڪري ايشيائي واپاري شين جو ھڪ اھم تجارتي گذرگاھ بڻجي پيو.
وچ ايشيا، چين ۽ سنڪيانگ جي شھر خوتن (Khotan) مان (جيڪو ان وقت چيني ريشمي ڪپڙي جو مرڪز ھو) ريشمي ڪپڙو خشڪي ۽ دريائي رستي ديبل آندو ويندو ھو. ان ڪري ان رستي کي ريشمي سڙڪ يعني سلڪ روٽ چيو ويندو ھو. چين ۽ پاڪستان کي ملائيندڙ روڊ کي به شاھراهه ريشم چوندا آھن. چائنا پاڪستان ڪاريڊور (CPEC) به ساڳيو سِلڪ روٽ آھي.
مان چين جي آٽانامس ريجن سنڪيانگ ۾ مختلف وقتن تي ويندو رھيو آھيان.
سنڪيانگ چين جي ايريا جو ڇھون حصو آھي، ھي قدرتي وسيلن سان مالامال چين جو ڇھون وڏو فري انڊسٽريل زون آھي، ھن سان نَون ملڪن جون سرحدون ملن ٿيون، جنھن ۾ منگوليا، رشيا، ڪزاڪستان، ڪرگستان، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان، انڊيا ۽ تبت اچي وڃن ٿا.
اتان جو ڪلچر، زبان، رھڻ ڪهڻ جا طور طريقا، اسان سنڌ وارن سان ڪافي ملن ٿا. اڪثريت مسلمانن جي آھي. اتي جا اصل رھندڙ باشندا اشغر، ترڪ نسل جا مسلمان آھن. اشغر زبان جي الفابيٽ عربيءَ ۾ آھي. سنڪيانگ جا ٽي وڏا ۽ تاريخي شھر آھن: 1. ارمچي، 2. ڪاشگر ۽ 3. خوتن. ارمچي سنڪيانگ صوبي جي گادي جو ھنڌ آھي. خوتن ريشم جي ڪپڙي جو قديم وقت کان مرڪز آھي ۽ ڪاشگر سڀ کان وڌيڪ پراڻو شھر ۽ ماضيءَ ۾ گاديءَ جو ھنڌ به رھيو آھي. عباسي دور جي کوٽائي (892ع - 750ع) ۽ ٻين دورن ڏھين کان ٻارھين عيسوي صديءَ ۾ ڪاشيءَ جا جيڪي ٿانوَ ۽ سرون مليون آھن، اھي دراصل ڪاشگر کان آيل هئا. ڪاشگر کي اتان جا ماڻھو ڪاشي چوندا آھن. ان ڪري ھالا ۾ ٺھندڙ نيري رنگ جي گلڪاريءَ واريون سرون جنھن کي ڪاشيءَ جون سرون چوندا آھن؛ اھو ھنر اتان جو ھجڻ ڪري اڄ سوڌو ان کي ڪاشي جون سرون سڏيو ويندو آھي. اھي نشانيون ٻڌائين ٿيون ته سنڌ جا ڪيڏا وسيع واپاري ناتا هئا ۽ اڄ ڪيترو محدود ۽ بي وس ٿي پيا آھيون.
مصنف مختلف وقتن تي ٿيل کوٽائين جو تفصيل محفوظ ڪندي ٻڌايو آهي ته ڀنڀور جي پھرين کوٽائي 1929 ۾ مسٽر مجمدار صاحب ڪرائي.
ٻِي کوٽائي 1951 ۾ مسٽر الڪاڪ ڪرائي. ٽِين کوٽائي 1958 کان 1965 تائين آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر ايف اي خان سائنسي بنيادن تي ڪرائي. ان جي نتيجي ۾ مختلف وقتن جي ڇھن دورن جي ڄاڻ ملي.
پھرين تھ، ڏھين کان ٻارھين عيسوي صدِي عرب عباسين سان متعلق آھي، جنھن مان ڪاشيءَ جون سرون ۽ ٿانو مليا.
ٻين تھ مان ابتدائي عباسي دور (892ع - 750ع) جون نشانيون مليون آھن، جنھن ۾ قلعي جي مرمت ٿي آھي ۽ چمڪندڙ ڪاشيءَ جون شيون مليون آھن. عباسين جي ٻنھي دورن جا وڏي تعداد ۾ سڪا مليا آھن.
ٽيون تھ اموي دور(750ع - 711ع) جو آھي. جنهن مان شامي طرز جي قلعي جي ڀت ۽ مسجد ۾ لکيل ڪوفي رسم الخط وارا ڪتبا مليا آھن.
چوٿين تھ مان ھندو ۽ ٻڌ ڌرم جا آثار مليا آھن، جن ۾ وڏي تعداد ۾ مندر ۽ شولنگ شامل آھن.
پنجون تھ ساساني دور (پنجين صدي عيسوي) جو آھي؛ جڏھن ساسانين مڪران کان ديبل تائين سنڌ جو حصو فتح ڪيو ھو.
ڇھون تھ سٿين پارسين جو دور آھي، جنھن مان ٺڪر جا يوناني ٿانون جھڙا ٿانو مليا آھن. ٽيڪسلا مان به اھڙا ٿانوَ مليا آھن.
ان طرح ڊاڪٽر ايف اي خان سائنسي بنيادن تي ثابت ڪيو آھي ته ڀنڀور ئي اصل ۾ ديبل بندر آھي، جنھن کي ابن قاسم فتح ڪيو ھو.
ديبل/ڀنڀور ھڪ وڏو انڊسٽريل شھر هو. ان جي ثبوت لاءِ تازو اٽليءَ جي آرڪيالاجسٽ مسٽر سائمون ڀنڀور جي کوٽائيءَ دوران ھاٿي جي ڏندن (عاج) جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو ھٿ ڪيو آھي. ھتي جي ڪارخانن ۾ ھاٿيءَ جي ڏندن مان مختلف شيون ٺاھيون وينديون ھيون.
ديبل جي تباھي تيرھين صدي عيسويءَ ۾ ٿي. ان جا ٽي سبب چيا وڃن ٿا:
1. درياهه جي وھڪري جو مَٽجڻ.
2. ٻاھرين حملا آورن جي يلغار، جنھن ۾ ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪري شھر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.
3. ڌرتيءَ جو ڌٻڻ.
ديبل بندر جي تباھ ٿيڻ کانپوءِ ”لاھري بندر“ اوج ورتو. ابن بطوطه 1334ع ۾ سنڌ آيو ته ھن لاھري بندر جي اوج جو ذڪر ڪيو آھي. ان مان ظاھر آھي ته ديبل بندر اٽڪل ڇھ سؤ سال سنڌ ۾ مکيه بندر رھيو.
اھي سڀ ڳالھيون ٻڌائين ٿيون ته ھي ھڪ وڏي قديم شھر جا آثار آھن، جيڪو ديبل ئي ٿي سگھي ٿو، ڇو ته قديم تاريخن ۾ ديبل جو ذڪر بار بار اچي ٿو، ليڪن ڀنڀور جو نالو سومرا دور جي آخري ڏينھن ۾ ملي ٿو، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ديبل عربن جي آخري دور ۾ تباهه ٿيو، جيڪو ٻيھر وڏي عرصي کانپوءِ وري آباد ٿيو، جنھن کي ڀنڀور سڏيو ويو.
ڀنڀور جي کوٽائيءَ دوران قلعي جي اندران ۽ ٻاھران ھر دور جون نشانيون مليون آھن، جيڪي ھن کي اوائلي ديبل بندر ثابت ڪن ٿيون. انھن سڀني سميت ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ظاھر ٿيل ديبل ھڪ سائنسي حقيقت آھي، جنھن کي اجايا شڪ شبھا غلط ثابت نٿا ڪري سگھن. بهرحال هي هڪ تفصيلي ۽ تحقيقي مضمون آھي، جنهن ۾ ديبل جي تاريخ تي واضح موقف اختيار ڪيو ويو آھي.
ڀنڀور شھر جي سڃاڻپ واري پيار ڪھاڻي ”سسئي پنھون“ جو تاريخي حوالن سان دلپزير ذڪر ڪيل آھي. ھن، تفصيل سان سسئيءَ جي قصي جو ذڪر ڪندي آخر ۾ ٻڌايو آھي ته ٻنھي جون قبرون وندر ۾ پٻ جبل جي ويجھو آھن ۽ ڀٽائي صاحب انھن لافاني ڪردارن کي پنھنجي آفاقي شاعري ذريعي امر بڻائي ڇڏيو آھي. عنايت ھن محبت جي ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي عظمت ۽ استقامت سان پنھنجي ڳالھ تي بيھڻ، مقصد جي حاصلات لاءِ ھر قسم جون سور ۽ سختيون سھڻ، اڪيلي سر، بي سر و سامان، بغير وسيلن جي، اڻ سونھي خطرناڪ رستي تي فقط جذبي ۽ ھمت سان منزل ڏانھن روان دوان ٿيڻ جا بي مثال سبق ڏنا آھن. عنايت ديبل/ ڀنڀور جي تاريخي مضمون ۾ ھي قصو آڻي خشڪ مضمون کي معطر ڪري ڇڏيو آھي.
* ٻئي مضمون ”جھم ڪوٽ“ ۾ اھم ۽ نئين معلومات فراھم ڪئي اٿس. ھن ڪوٽ/قلعي جي بناوٽ جو ھنڌ نھايت خوبصورت ۽ دفاعي لحاظ کان اھم جاءِ تي آھي، جيڪو راجا راءِ سھاسي ٺهرايو. ان (ھن ڪوٽ کي ”ھيم ڪوٽ“ به لکيو ويو آھي.) ان وقت درياھ ٺٽي جي اولھ کان وھندو ھو؛ جتي ڪوٽ آھي اتي پھاڙن کان لاھي هئي، ان ڪري ھن جاءِ کي جھم چيو ويندو ھو. جھم ھجڻ ڪري مختلف ندين، نالن ۽ چشمن جي پاڻيءَ جا وھڪرا ھت اچي ڇوڙ ڪندا هئا، جنھن ڪري ھت ڍنڍ ٺھي وئي هئي. درياهه جڏھن رخ موڙيو ته پوءِ ٻه ڍنڍون ڪينجھر ۽ سنھري ٺھيون. ھي ڪوٽ ڪينجھر ڪناري آھي. عنايت ٻه دفعا جھم ڪوٽ ويو آھي. ھڪ دفعو سنڌ جي يگاني اديب علي بابا سان گڏ، جتي اشتياق انصاريءَ جي ڪتاب جي مھورت ٿي. آريسر صاحب ۽ رسول بخش درس سان رات جو شفيع فقير جو راڳ ٻڌو(جنھن جو ذڪر دلگداز انداز سان ڪيو اٿس). پھرين دفعي علي بابا سان گڏ جنھن مندر، شو لنگ ۽ قلعي جا بچيل آثار ڏٺا هئا، سي ٻئي دفعي ڏسڻ لاءِ ارڙھن سالن کانپوءِ 2019ع ۾ جڏھن عبدالحڪيم ميمڻ سان گڏ جھم ڪوٽ پهتو ته اھي ناپيد هئا.
چيو وڃي ٿو ته ابن قاسم جڏھن سنڌ جا ڪيئي ڪوٽ قلعا فتح ڪندو سيوستان (سيوھڻ) اچي ٿاڪ ڪيو ته، پٺيان راجا ڏاھر جي پٽ جئسين جھم ڪوٽ ۾ اچي ويٺو. ابن قاسم فوراً پنھنجي سپھ سالار حسين شاھ کي چڙاھي ڪري موڪليو. حسين شاھ جنگ ۾ جئسين ھٿان شڪست کائي مارجي ويو. ان کان پوءِ ابن قاسم پاڻ اچي چڙهائي ڪئي، پر جئسين درياهه ٽپي راوڙ جي قلعي تي وڃي ويٺو. ابن قاسم ھت ڪيمپ ھڻي ويٺو، تان جو حجاج جي حڪم تي ٻيڙين رستي ھتان درياهه ڪراس ڪيو.
جيئن ته حسين شاهه جي قبر جھم ڪوٽ وٽ آھي، ان ڪري ھن کي جھمپير چيو ويندو آھي.
بھرحال ھن تي سائنسي تاريخي تحقيق جي ضرورت آھي. هن، مضمون ۾ ڪينجهر جي قدرتي ڪناري جي حسناڪين جي منظرڪشي خوبصورت لفظن ۾ پيش ڪندي قومي تحريڪ جي اڳواڻن، شھيدن ۽ همعصر دوستن جون يادگيريون قلمبند ڪري هن مضمون ۾ ماضي ۽ حال جي تاريخ کي ڳنڍي ڇڏيو آھي. جهم تي گهاريل راتين ۾ سندس ملاقاتن ۽ ڪچھرين جا بيان پڻ اهم ۽ خاص ڪيفيتن جا مظھر آھن، جنهن ڪري هي مضمون انتهائي دلچسپ ٿي پيو آھي. جهم پير (جهپير) جو نالو ڪيئن وجود ۾ آيو؟قديمي دور جو شِو مندر ۽ علائقي جا تفصيل به بيان ٿيل آھن.
* ٽيون مضمون ”حيدر آباد جو ڪچو قلعو“ بابت آهي، هيءُ قلعو شھر جي وچ ۾ هئڻ جي باوجود ڌرتي ڌڻين کان وسريل ھو. هن تاريخي ماڳ جي لاوارثي ۽ زبون حاليءَ تي عنايت احتجاج ڪندي ان جي اھميت کي اجاڳر ڪري پيش ڪيو آھي.

* چوٿون مضمون ”نئو ڪوٽ“ بابت آهي.
ان مضمونن مان مون فقط ستين مضمون ”نئون ڪوٽ“ جو مختصر ذڪر ڪيو آھي.
ھن قلعي متعلق عنايت جو لکيل مضمون ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪنھن ماھر آرڪيالاجسٽ وڏي مھارت سان رپورٽ تيار ڪئي آھي، جو جنھن طرح سان ھن ڀتين، مورچن، بارود خانن، توپن رکڻ جي برجن، سپاھين جي رھڻ جي جاين، ميرن ۽ اميرن جي رھڻ جي محلن، حفاظتي دمدمن ۽ ٻين دفاعي لحاظ کان اھم ترين جاين جو پيمائش سان گڏ ذڪر ڪيو آهي، اھو ڪنھن عام ليکڪ جو ڪم نه آھي.
مختصر ۽ جامع تاريخ ڏني اٿس.
مير ڪرم علي خان ٽالپر 1812ع ۾ حڪومت سنڀالي .
1813 ۾ جوڌپور جي راجا کان عمر ڪوٽ جو قلعو فتح ڪري سنڌ جو حصو بڻايو.
1814 ۾ نئون ڪوٽ/ قلعو ٺھرايو.
پھريون قلعو مير فتح علي خان 1785ع ۾ مٺيءَ ۾ ٺھرايو ۽ ان جو نالو فتح ڳڙھ رکيو.
1795 ۾ اسلام ڳڙهه جو قلعو ٺھرايو (اسلام ڪوٽ).
1800 ۾ چيلھار، سينگار ۽ کڏي ۾ قلعا ٺھرايا.
نئون ڪوٽ جو قلعو ٿر جي ٻين قلعن کان وڏو ۽ مضبوط آھي ۽ ھڪ بھترين قلعي جون سڀ سھولتون ۽ ضرورتون پوريون ٿيل اٿس.
نئون ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏجيءَ جا قلعا سنڌ جا تعمير ٿيل آخري قلعا آھن. لڳي ٿو ان کانپوءِ دنيا ۾ قلعن ٺاھڻ جي ضرورت نه رھي.

* پنجون مضمون ”شھيد ھوش محمد شيدي“ سنڌ جي بھادر جنرل تي لکيل آھي، جنهن ۾ تفصيلي بيان ڪيل آھي ته ڪيئن سازش ڪري سنڌ جي لشڪر کي شڪست ڏياري وئي. ان جو ذڪر عنايت منفرد انداز سان پيش ڪيو آھي. جيئن سنڌ تي حملي کان پھريان انگريزن نواب آف بھاولپور، خان آف قلات ۽ جوڌپور جي راجا سان دوستان تعلقات رکيا.
خيرپور جي مير مراد علي خان، لاڙ مان مير فتح علي خان جي پٽ مير صوبدار خان کي پاڻ سان ملايو. فوج ۾ ڌارين اھلڪارن جنھن ۾ توبخاني جي انچارج ”جان ھاويل“ ۽ فوجي آفيسر ”سائمن“ کي به پاڻ سان ملايو ته جيئن اندران ٻاھران ماحول سندن فائدي ۾ ھجي ۽ هڪ وڏي سازش ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو. هن مضمون ۾ سنڌ جي سپاھ جا تفصيل ذاتيون ۽ قبيلا به لکيل آھن.

* ڇهون مضمون ”حر تحريڪ تي ھڪ نظر“ سياسي ۽ تاريخي حوالي سان انتهائي اھم آھي. ھن مضمون ۾ حر تحريڪ جي ٺھڻ جي مقصد، سبب، نتيجي، مذھبي ۽ سياسي پھلوئن تي پرمغز تحقيق ڪيل آھي.
حر تحريڪ ڪھڙي مذھبي فلسفي جي تڪميل لاء جوڙي وئي، ان متعلق بھتر ڄاڻ ملي ٿي.
حر تحريڪ متعلق ائين ته گهڻو ڪجھ لکيو ويو آھي، پر اڃا سوڌو ڪافي سوالن جا جواب اڻ پورا ۽ منجھيل آھن.
مان ليکڪ جي اجازت سان ڪتاب ۾ لکيل ڳالھين کان سواءِ به ڪجھ ڳالھيون ڄاڻايون آھن، جنھن مطابق، حر تحريڪ سيد محمد راشد شاهه جي، مذھبي فلاسافي جي تڪميل جو اھم حصو هئي، جنھنجو بنياد جھاد في سبيل اللہ تي ھو. ھو مريدن کان جھاد لاءِ بيعت وٺندا هئا ته.،
1. ھي جھاد ھر قسم جي سماجي، اخلاقي ۽ معاشرتي براين، نا انصافين، ظلم ۽ زيادتين خلاف ڪيو ويندو.
2. ھي جھاد اللہ تعاليٰ جي وحدانيت ۽ حاڪميت تسليم ڪرڻ کانپوءِ، ٻئي ڪنھن به قوت آڏو سر جهڪائڻ جي خلاف ھوندو.
3. مخفي ۽ ظاھري، اندرين ۽ ٻاھرين دشمن جي خلاف پوري ڪوشش ۽ قوت سان جھاد ڪبو.
4. ھر قسم جي جاني، مالي قرباني ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھڻو پوندو.
جيئن ته انگريزن طاقت جي زور تي قبضو ڪيو ھو، ان ڪري انھن جي خلاف جھاد ڪرڻ فرض ۾ شامل ھو.
سيد محمد راشد شاهه 6 جون 1818ع تي وفات ڪئي، کيس ٻه پٽ هئا: سيد صبغت اللہ شاهه (اول) ۽ سيد محمد ياسين شاهه.
سيد صبغت اللہ شاهه کي صاحب دستار هئڻ ڪري پڳ ملي ۽ سيد محمد ياسين شاهه کي صاحبِ علم هئڻ ڪري جھنڊو مليو.
ان ڪري پڳ واري سبب صبغت الله شاهه کي پاڳارو ۽ ياسين شاھ کي جھنڊي وارو چيو ويو.
”پير پاڳاري“ جو ٽائيٽل پير صبغت الله کان شروع ٿيو. پير صبغت الله پنھنجي والد جي اجازت سان 1916ع ۾ مريدن جي جماعت کي منظم ڪري جھاد لاءِ تيار ڪيو، خاص ڪري انگريزن جي خلاف. ان ڪري حر تحريڪ جو باني صبغت الله شاهه اول عرف تجر ڌڻي آھي.
عنايت کٽياڻ پاڻ پير ڳوٺ جو آھي ۽ تمام لائق فائق آھي. کيس ڄاڻ آھي ته دنيا جو ھر ڪم ضرور ڪنھن نه ڪنھن مقصد ۽ مراد سان ٿيندو آھي ۽ اھي مقصد ۽ مرادون مقرر ڪرڻيون پونديون آھن. مان سمجھان ٿو ھن جون مرادون ۽ مقصد واضح آھن ته سنڌ جي وساريل ماضيءَ کي جدت سان پيش ڪرڻو آھي. اميد ٿي ڪجي ته پاڻ پير ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جي ماڻھن کان وڏن جون سينا به سينا سانڍيل ڳالھيون ھٿ ڪري ۽ پير ڳوٺ لائبريري ۾ رکيل نادر نسخن ۽ ٻي قيمتي مواد کي ڏسي حر تحريڪ تي مزيد تحقيق ڪندا.
* ستون مضمون دولھ ”دريا خان جي اوطاق“ متعلق آهي. هن تي مان پڻ ھڪ مضمون لکي چڪو آھيان. ھي انتهائي اھم ماڳ آھي. عنايت هن جي تاريخي اهميت تي تفصيلي لکيو آھي ۽ ھن تاريخي اوطاق جي سار سنڀال حقيقت ۾ عنايت ۽ اسان جي پياري دوست حڪيم ميمڻ لڌي؛ ۽ پوءِ عنايت ڀرپور ڪوششون وٺي ثقافت کاتي وارن کي ان جي مرمت واري ڪم جي ڪم لاءِ راضي ڪيو ۽ کين اوطاق بابت تاريخي مواد ۽ اڏاوت جي ماپ سميت نقشا به مھيا ڪري ڏنا ۽ ڪم جي نگھداشت لاء به ويندو رهيو آھي، ان لاءِ کيس مبارڪون ڏجن ٿيون. سندس هي جاکوڙ انتھائي ساراهه جوڳي آھي.
ڪتاب ۾ شامل ٻيا ليک
”وسڪاري ۾ ٿر جو سير“،
”ڪارونجهر ۾ تاريخي ماڳ“،
”ڪاسبو ۽ ڀوڏيسر تلاء“،
”پارڪر ۽ پاري ننگر“،
”مٺي ۾ منفرد مندر“ ۽
”تاريخ جو گلدستو ڪارونجهر بچايو“ ٿر تي لکيل بھترين مضمون آھن جن تي مھاڳ جي طوالت ۽ وقت گھٽ هئڻ سبب، جو عنايت کي به ڪجهه جلدي آھي؛ ڪنهن ٻئي موقعي تي تفصيل سان لکڻ لاءِ پاڻ کي آماده ڪيو آھي. هنن مضمونن ۾ ٿر جي مختلف موسمن ۾ خوبصورتي، سماجي، سياسي، معاشي، مذھبي، ڪلچرل ۽ تاريخ جو بھترين اڀياس ٿيل آھي. ان سان گڏ پڙھندي مارئي جي ملير جي سڳنڌ به متواتر ايندي رھي ٿي. هنن مضمونن ۾ پارڪر جي مختلف ماڳن مڪانن، هتي جي قدرتي نظارن، جين ڌرم ۽ هندن جي تيرٿن ۽ آستانن جو ذڪر آھي. عنايت جو سفرنامي وارو انداز بيان جنهن ۾ سنگت جي گڏ هجڻ، دوستن سان ملاقاتن، مختلف محفلن ۽ ڪچھرين جا خوبصورت لفظن ۾ بيان ٿيل آھن ۽ هنن مضمونن ۾ تاريخي ڄاڻ به تمام بهترين انداز ۾ ڀرپور ڏنل آھي، جيئن جين ڌرم جا مندر ۽ پرچارڪ آستان ۽ جين ڌرم جي نيتائن جا نالا ۽ تفصيل، هندو ڌرم جي قديمي تيرٿن، ماڳن ۽ مندرن، ساڙڌڙو ڌام، گئومکي، ڀيم ڪُن، جهرڻو، ٻائن جو ٻيسڻو ۽ چندن گڊ وغيره جي تاريخي ڄاڻ سان گڏ ڪارونجهر جا حسين نظارا ۽ جبل جي چوڌاري موجود وسندين جو سفرنامو خوبصورت لفظن ۾ بيان ٿيل آھي ۽ انهن جي تاريخي ڄاڻ به ڏني اٿائين، جن ۾ خاص طور ننگرپارڪر شھر ۽ ٻيون وسنديون ڀوڏيسر، موندرو، مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو وغيره اچي وڃن ٿا، ان کان علاوه پاڻيءَ جي تلائن، قديمي اجڙيل بندر ۽ بستين ۽ ٿرپارڪر جي رهواسين جي زاتين ۽ راڄ، مختلف دورن جي حاڪمن ۽ راڻن جا تفصيل لکيا اٿائين جن کان عام و خاص واقف ئي نه آھي. عنايت انهن سڀن جي ڄاڻ ڏئي انهن جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿو ته جيئن انهن سڀن تاريخي ماڳن مڪانن جي اهميت کي ھر پڙھندڙ سمجهي سگهي ۽ انهن جي بچاءُ لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن. خاص طور تي آخري مضمون ”تاريخ جو گلدستو ڪارونجهر بچايو“ ان وقت لکيو ۽ اخبارن ۾ ڇپيو ويو آھي جنهن وقت ڪارونجهر کي وڏي مشينري ذريعي ڪٽيو پيو وڃي، جنهن کي بچائڻ لاءِ ھي مضمون لکڻ هڪ وڏو احتجاج هو، جيڪو سنڌ سان سندس وفاداري ۽ سچائي ثابت ڪري ٿو. وطن جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۽ ثابت قدم ٿي بيھڻ بھادر قومي ڪارڪن جي نشاني آھي.
عنايت هڪ سينئر قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجي جاکوڙ جاري رکي آھي، ڪنهن وقت به قومي فرض کان غافل نه آھي ۽ ھر وقت قوم کي به سجاڳيءَ لاءِ جاڳرتا ڏيندو رهي ٿو ته جيئن تاريخي ماڳن مڪانن ۽ قومي وسيلن جي مالڪي ۽ بچاءَ ڪري سگهجي. دعاڳو آھيون ته سنڌ جي تاريخي ورثي کي روشناس ڪرائڻ لاءِ سندس هيءَ جاکوڙ سڦلتا ماڻي، سندس خواب ساڀيا ٿين ۽ عنايت جو هي تحقيقي سفر جاري رهي ۽ ڪاميابين جون منزلون سر ڪري.
آخر ۾ خواجه احمد زمان لواريءَ جو قومن جي تنزل ۽ تباھي جي سببن تي عالمانه آفاقي راءِ پڙهندڙن آڏو رکان ٿو:
”قومون تڏھن تباهه ٿينديون آھن، جڏھن منجھانئن انساني محبت گم ٿي ويندي آهي ۽ پئسي جي پوڄا ڪرڻ لڳنديون آھن. ماڻھو ماڻھوءَ کان نفرت ڪندا آھن. ھڪ ٻي سان بطور انسان جي محبت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن ۽ پئسي پٺيان ائين ڪاھي پوندا آھن، گويا پئسو سندن معبود آھي. شرڪ جو اھو بدترين قسم آھي ۽ شرڪ الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀ کان وڏو گناهه آھي. بادشاھ بغاوت کي ۽ الله تعاليٰ شرڪ کي ناپسند ڪندو آھي .“

سيد غلام شاهه
چيئرمين
آئيڊيالاجيڪل فورم سنڌ يونائٽيڊ پارٽي
ڪراچي 18 اپريل 2021

قومي قافلي جو هم سفر

محترم عنايت کٽياڻ، اسان جي قومي قافلي جو سينيئر هم سفر آهي. هڪ مستقل مزاج، سٻاجهو اڳواڻ ۽ ڪارڪن جنهن پنهنجي جدوجهد ۽ مسلسل جاکوڙ وسيلي تاريخ جهڙي انتهائي اهم، بنيادي ۽ ڏکئي موضوع تي ڪم ڪري پنهنجو هڪ نرالو ۽ منفرد مقام پيدا ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب جو نالو به ”سنڌ سڀيتا“ چونڊيو، جيڪو پڻ خوبصورت، شاندار ۽ وڻندڙ آهي ۽ سنڌ وطن جي هزارين سالن جي شاندار تهذيب ۽ تمدن جو ڀرپور تاثر ڏئي ٿو.
”سنڌ سڀيتا“ ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو آهي، جنهن ۾ سندس تحقيقي مضمونن، مقالن ۽ ڪالمن جو سٽاءُ ۽ موضوعن جي چونڊ نهايت ئي شاندار آهي.
ديبل بندر/ ڀنڀور، جهم ڪوٽ، وسڪاري ۾ ٿر جو سير، تاريخ جو گلدستو ڪارونجهر بچايو، جهڙا اهم مضمون لکي هن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. خاص طور تي سنڌ جي عظيم سپهه سالار دولهه دريا خان جي اوطاق جي نئين سِر تعمير ۽ بحاليءَ (Renovation) ۾ سندس ذاتي جستجو ۽ جاکوڙ سچ پچ ته هڪ تاريخي ڪارنامو آهي. ان ڪم ۾ سندس اڻٿڪ جدوجهد ڏسي هڪ وڏو اُتساهه ملي ٿو. هن مضمون پڙهڻ سان سنڌ وطن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ وارو پورو دؤر نئين سر اکين اڳيان نروار ٿي بيهي ٿو.
بهرحال سنڌ جي سياسي قبلي ۽ مرڪز ”سن“ ڏانهن ايندي ويندي، سنڌ جي هن تاريخي ڪردار دولهه دريا خان جي اوطاق جي سلامي ڀرڻ سنڌ جي سڀني مُحب وطن قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو فرض بڻجي ٿو.
توڻي جو محترم عنايت کٽياڻ کان اڳ ۾ انهن موضوعن تي سنڌ ۾ تمام وڏن ۽ ناليوارن تاريخدانن پنهنجا تمام بهترين تحقيقي، تنقيدي ۽ تخليقي مضمون ۽ مقالا لِکيا آهن، پر پوءِ به اسان جي هن سادي ۽ سٻاجهي ليکڪ جي نئين انداز، عوامي لهجي ۽ روانيءَ سان لکيل هن ڪتاب جي پنهنجي خصوصيت، ڪيفيت ۽ نرالپ آهي. منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ وڏو سبب هي به آهي ته هن شخص فِڪر سيد جي پر ڪيف پيالي مان سُرڪي پيتي آهي.
ته ڪر ڪيئن سئي؟ جي سير نه گھڙي سهڻي،
هِت حياتي ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي،
چُڪي تنهن چري ڪئي، جا ڏِنس ان ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي،
هُهِين منڌ مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
(شاهه سائين)
سنڌ وطن جي وڻن ٽڻن، جيت جڻن، پکين جانورن، جبلن، پٽن، جهنگ جهرن، واهڻ وستين، ڍنڍن ڍورن، درياهه بادشاهه ۽ سنڌي سمونڊ جي ساهه کڻندڙ لهرن ۽ موجن سان ليکڪ جو ساهه ڳنڍيل آهي ۽ هي دوست سنڌ جي سڳي ۾ پويل آهي. پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان عشق ۾ عجب ٿئي ٿو؛ بلڪل سائين طالب الموليٰ جي هن سٽ وانگر:
عجب عشق آهي اسان جو الستي،
ڪڏهن بت پرستي، ڪڏهن خود پرستي.

هونئن به هي سارو سنسار سهڻو آهي. سڄو ڌرتيءَ جو گولو خوبصورت آهي. دنيا جون سڀ قومون ۽ سندن وطن ۽ مُلڪ شاندار آهن. ها، دنيا جي هن حسين ترين ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن جي رنگبرنگي گلدستي ۾ اسان جو وطن سنڌ ۽ ان جي سڀيتا جو گُل به ڏاڍو حُسناڪ ۽ خوشبودار آهي.
ڀاءُ عنايت کٽياڻ جي هن ڪتابي گلدستي کي کوليو ۽ ورق ورق تي پنهنجي وطن، پنهنجي مِٽي ۽ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي سُرهاڻ توهان کي واسي ڇڏيندي.

آصف بالادي
27 جولاءِ 2021ع

هڪ قومي ڪردار

سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ جي تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ پياري دوست عنايت کٽياڻ سان منهنجي پهرين ملاقت 1997ع ۾ ٿي. جنهن وقت هو قومي سياست ۾ متحرڪ ڪردار نڀائيندي پنهنجي ساٿين سميت سچل ڳوٺ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سماجي اڳواڻي پڻ ڪري رهيو هو. اڳتي هلي اسان سچل ڳوٺ جي ايڪشن ڪميٽي ۽ سچل ڳوٺ ڊولپميٽ ڪميٽي ۾ گڏجي ڪم ڪيوسين ۽ اجتمائي طور تي وڏيون ڪاميابيون ماڻيون سين.
خاص طور تي سچل ڳوٺ ۾ هن وقت جيڪي راندين جو ميدان/ عيدگاھ، پارڪ موجوده لائبريري، مسجد ۽ اسپتال واري زمين تي وڏو مٽيءَ جو دڙو هو، جنهن تي ڪجھ قبائلي سردارن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان 99 /1998ع ۾ مٽي کڻائي، ان تي قبضو ڪيو ته انهن سان مھاڏو اٽڪايوسين ته تمام وڏا جهيڙا ٿيا، جنهن دوران عنايت کٽياڻ تي مختلف وقتن تي ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا، پر سندس گرفتاري کان اڳ ضمانتون ڪرايون ويون، پوءِ پارڪ تي سرڪاري ڪم ٿيڻ دوران ٽيون ڪيس داخل ڪري عنايت کٽياڻ ۽ گل محمد سومري کي پوليس وڏي اٽالي سان اچي يونين آفيس تان گرفتار به ڪري ويئي. ان وقت سچل ڳوٺ جون سڀ سياسي ۽ سماجي تنظيمون سچل ڳوٺ جي ايڪشن ڪميٽي ۽ سچل ڳوٺ ڊولپميٽ ڪميٽي ۾ گڏ هيون، جنهن ڪري ايس پي آفيس تي وڏو احتجاج ڪيو ويو ۽ سينئر دوستن جو وفد گورنر ھائوس تي پهتو ته گورنر صاحب ترت ايڪشن ورتو جنهن ڪري پوليس عنايت ۽ گل محمد کان معافي وٺي ساڳئي رات واپس سچل ڳوٺ پھچايو. سچل ڳوٺ جو مثالي دور هو. جنهن ۾ قومي ٻڌي جي طاقت سان فلاحي پلاٽ بچايا ويا.
عنايت کٽياڻ سان گڏ سائين زين شاهه جي اڳواڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ان دوران به عنايت سان گهڻي هم آهنگي رهي. ان وقت آئون محاذ ضلعي اوڀر ڪراچي جو صدر ۽ عنايت کٽياڻ ڪراچي ڊويزن جو صدر هيو.
ان کانپوءِ جڏهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو بنياد پيو ته آئون محاذ ڇڏي ايس يو پي ۾ شامل ٿيس ۽ ڪجهه عرصي بعد سائين زين شاهه سان گڏ عنايت به ايس يو پي ۾ شامل ٿيو. هڪ دفعو وري گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. SUP جي شروعاتي دور ۾ آئون ضلعي صدر ۽ عنايت ڊويزنل صدر رهيو ۽ پوءِ 2013ع کان 2019ع تائين آئون ڊويزنل صدر رهيس ۽ عنايت مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر رهيو. ان سڄي عرصي ۾ پارٽي جي سمورن پروگرامن ۾ هميشه ٻانهن ٻيلي رهياسين.
آئون 2008ع، 2013ع ۽ 2018ع جي اليڪشن ۾ سچل ڳوٺ ڪراچي جي علائقي مان صوبائي سيٽ لاءِ پارٽي جي حڪم تي بيهندو رهيس. انهن ٽنهي اليڪشنن ۾ به عنايت کٽياڻ پاڻ ملهايو، هو ڏينهن رات گڏ مدد ۾ رهيو.
عنايت کٽياڻ تمام بهترين انسان، خلوص ڏيڻ وارو ماڻهو، يارن جو يار، خوش مذاج، ڪمٽمينٽ وارو، سٺو دوست آهي. منهنجو اڄ هن سان سياسي ۽ سماجي ڪمن سان گڏ ذاتي دوستي وارو تعلق به جڙي چڪو آهي. اڄ تائين سياسي ۽ سماجي طور تي به گڏ آهيون، عنايت هينئر به ڪراچي سوشل فورم (KSF) ۾ سينيئر نائب صدر جي حيثيت سان مون سميت سيد غلام شاهه، آصف بالادي، ڊاڪٽر حميد سبزوئي، محمد سچل وڌو، پنهل لاڙڪ ۽ ٻين دوستن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي.
مانواري دوست عنايت کٽياڻ جي قومي سوچ هن کي سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي وڌائي ۽ هن 2001ع ۾ ”سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم“ جوڙي سنڌ جي تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ ۽ سھيڙڻ جو ڪم به شروع ڪيو، فورم پاران مختلف محققن کان ڪراچي جي مختلف آبادين ۾ ليڪچر ڪرايا ۽ ”سنڌ سڀيتا“ جي نالي سان ٽماهي رسالو به ڪڍندو رهيو، جيڪو ڪجھ سالن کان پوءِ ڪن مجبورين سبب بند ٿي ويو، پر سندس مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آھن. سندس ٻه ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آھن، هي سندس ٽيون ڪتاب آھي. هي سڀ مضمون ”روزاني ايڪتا“ ۾ ڇپيا آھن، جن کي گهڻو ساراهيو ويو هو، ۽ مون به پڙھندي محسوس ڪيو آھي ته عنايت هرهڪ ماڳ تي وڃي مشاهدو ڪري ٿو ۽ پوءِ باريڪ بينيءَ سان ڪتابن جو مطالعو ڪري مختلف ليکڪن جا حوالا ڏئي ماڳن جي تاريخ ۽ تحقيق کي گهڻي ڊريگھ کان پاسو ڪري مختصر ۽ پُر اثر سفرنامي طور دلچسپ ڪري لکي ٿو، جنهن ڪري پڙھندڙ بور نه ٿو ٿئي ۽ سندس پڙھڻ لاءِ دلچسپي وڌي ٿي ۽ کيس تاريخي معلومات سان گڏ ان ماڳ تي وڃڻ جو رستو ۽ پتو به معلوم ٿئي ٿو. هي ڪتاب 13 مضمون تي مشتمل آھي.
1. ديبل ڀنڀور 2. جهم ڪوٽ 3. حيدر آباد جو ڪچو قلعو، 4. نئون ڪوٽ 5. شھيد هوش محمد شيدي 6. حر تحريڪ 7. دولھ دريا خان جي اوطاق 8. وسڪاري ۾ ٿر جو سير 9. ڪارونجهر ۾ تاريخي ماڳ 10. ڪاسبو ۽ ڀوڏيسر تلاءَ 11. پارڪر ۽ پاري ننگر 12. مٺي ۾ منفرد مندر 13. تاريخ جو گلدستو ڪارونجهر بچايو.
ڪجهه وڏا مضمون آھن، جيڪي اخبار ۾ قست وار ڇپيا، پهرين مضمون ڀنڀور/ ديبل، تفيصيلي تحقيق وارو آھي. ڇو ته هن لاءِ ليکڪن جا مختلف ۽ گهڻا رايا آھن، سڀن کي عنايت کٽياڻ وڏي محنت سان سھيڙي ڇيد ڪڍيو آھي، هن جديد تحقيق جون رپورٽو سڀن جي سامهون آڻي پنهنجي راءِ قائم ڪئي آھي. جنهن ڪري هي وڏو تحقيقي مضمون آھي. هن ۾ ڪافي ڪتابن جو وچور آھي. ٻيا به سڀ مضمون سنڌ جي سوين سالن جي تاريخ کي اجاڳر ڪن ٿا. جن مان اڪثر ماڳن جي عام طور تي ڪا سڃاڻپ ئي نه ٿي سگهي آھي. عنايت تحقيق ڪري انهن جي اصليت ۽ اهميت جي ڄاڻ ڏئي ڌرتيءَ سان پنهنجو عشق نڀائي ٿو. دعاڳو آھيون ته شال سدائين صحتمند رهي ۽ قومي جدوجھد سان ڳڏ سنڌ ڌرتي جي تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهي.

محبوب علي عباسي
سي اي او
”ايڪتا“ ميڊيا گروپ

پنهنجي پاران

اَلَستُ بِرَبڪُم، جَڏهِ ڪَنِ پِيَومِ،
قَالُو بَلَي' قَلِبَ سِين، تَڏهِ تِتِ چَيَومِ،
تِھين وَيرَ ڪِئَومِ, وَچَنُ وَيڙِيچَنِ سِين.
(شاھ لطيف)

مانوارا دوستو، ننڍپڻ کان ئي ويڙيچن ۽ وطن سان وچن ٿي وڃڻ ڪري قومي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ئي زندگي جو اولين مقصد رهيو آھي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي ڌرتي جي چپي چپي سان عشق آھي ۽ روح ۾ سنڌ جي سونهن، ثقافت ۽ تاريخ سمايل آھي. منهنجو مقصد سنڌ جي تاريخ کي عام ۽ خاص سان متعارف ڪرائڻ آهي ته جيئن سنڌي قوم ۾ پنهنجي تاريخي ورثي کي پرکي پروڙي ۽ پنهنجي تباهه ٿيندڙ تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري، ۽ ويران پيل ماڳن سان سندس دلچسپي وڌي ۽ اتي وڃي انهن ماڳن مڪانن کي ڏسي ته جيئن انهن جي مالڪي ٿي سگهي.
منهنجو هي ڪتاب به تاريخي ماڳن ۽ شخصيتن تي لکيل آهي. 2001ع کان سنڌ جي تاريخ بابت لکندو رهيو آهيان ۽ دوستن سان گڏجي ”سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم“ قائم ڪري ان پليٽ فارم تان سنڌ جي تاريخي ماڳن جا تحقيقي ٽوئر ڪيا آھن ۽ تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آھن، جن ۾ ڪجھ ڪاميابي به حاصل ٿي آھي، ڪجھ وقت هن فورم پاران ٽماهي رسالو ”سنڌ سڀيتا“ به ڇپرائي نوجوانن ۾ ورهايو ويو ۽ ليڪچر پروگرام به منعقد ڪيا ويا، جيڪو سلسلو ڪجھ سالن کان پوءِ مالي وسيلن جي کوٽ ۽ دوستن جي سستيءَ سبب انهن کي جاري نه رکي سگهياسين، اهو سلسلو وڌيڪ هلي نه سگهيو ۽ بند ٿي ويو، پر سنڌ جي تاريخي ماڳن تي وڃي موجوده صورت حال ۽ انهن جي تاريخي اھميت بابت، منهنجا مضمون اخبارن ۾ ڇپبا رهيا، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. محدود وسيلن هوندي به سنڌ جي تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ پنهجو ڪم جاري رکيو آھي. جيڪي مضمون اخبارن ۾ ڇپيل آهن، انهن کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ ۽ هر خاص و عام تائين تاريخي ڄاڻ پهچائڻ لاءِ انهن کي سهيڙي پهريون ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ ڀاڱو پهريون 2017ع ۾ ”سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم“ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. 2019ع ۾ ان ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو ڪرائي ”سنڌوتھذيب“ جي نالي سان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. ته جيئن اردو ڳالهائيندڙن ۽ پڙهندڙن کي به سنڌ جي تاريخ سان روشناس ڪرائي سگهجي، ان ڪتاب کي به اردو ادب جي حلقن ۾ پسند ڪيو ويو ۽ تمام گهڻو ساراهيو ويو.
موجوده ڪتاب به پهرين ڪتاب جيان مختلف تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن تي لکيل مضمونن تي مشتمل آھي، هي سڀ مضمون ”روزاني ايڪتا“ اخبار ۾ ڇپيل آھن. ايڪتا ميڊيا گروپ پاران ايڪتا TV تي ڊجيٽل آرٽيڪل جي نالي سان لکيل هنن مضمونن جون وڊيوز ٺاهي ھلايون ويون آھن، انهن کي پڻ گهڻو سارهيو ويو ۽ اهي ويڊيوز يو ٽيوب تان هزارن جي تعداد ۾ شيئر ٿيون.
ھن ڪتاب ۾ سڀ نوان مضمون آھن، پر پهرين ڪتاب جيان هن ۾ به سڀ مضمون لاڙ پرڳڻي جي تاريخي ماڳن ۽ ٿرپارڪر جي خوبصورت تاريخي ماڳن متعلق لکيل آھن. انڪري هن ڪتاب کي به ساڳيو نالو ”سنڌ سڀيتا (ڀانڱو ٻيو)“ ڏنو وڃي ٿو.
آئون سمجهان ٿو ته تاريخ بابت لکڻ تمام ڏکيو ۽ ذميواري وارو ڪم آهي، تاريخي ماڳن تي وڃي انهن جي موجوده صورتحال کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ گرمين ۽ سردين ۾ ڏينهن جون رولاڪيون ڪرڻ کان پوءِ تحقيق لاءِ تاريخ جا مختلف ڪتاب خريد ڪري ۽ انهن وڏن ڪتابن کي پڙھي ان ماڳ بابت تاريخن جا حوالا ڳولھي لکڻا پون ٿا. جنهن لاءِ راتين جا اوجاڳا به ڪرڻا پون ٿا. آئون هر ماڳ متعلق پهريان پڙهندو آهيان، پوِءِ ان ماڳ تي وڃي ڏسندو آهيان ۽ اتي جي مقامي ماڻهن جي راءِ حاصل ڪندو آهيان، جنهن لاءِ ڪجهه ماڳن تي ته بار بار به وڃڻو پيو آهي. پوءِ انهن جي راءِ ۽ مشاهدي کي نظر ۾ رکي، ان ماڳ بابت ناياب ڪتابن کي ٻيهر پڙهي پوِء لکندو آهيان، جنهن ۾ مختلف ليکڪن جا مختلف رايا سامهون رکي انهن جا حوالا لکي پوءِ پنهجي راءِ ۽ ويچار به پڙھندڙن لاءِ مختصر ۽ جامع جي اصول تي پيش ڪيان ٿو، جنهن لاءِ ڪوشش ڪندو آھيان ته ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ ۽ اجائي ڊگهي تمھيد نه هجي، پر تاريخي ماڳن بابت اھم معلومات پڙھندڙن تائين ضرور پھچي. اميد آھي ته منهنجو ھي ذھني ۽ جسماني پگهر جو پورهيو اوهان کي پسند ايندو ۽ اوهان جي تاريخ بابت ڄاڻ ۾ ضرور اضافو ڪندو ۽ اوهان جي سير تفريح لاءِ به لاڀائتو ثابت ٿيندو.
قومي تحريڪ سينئر سياسي اڳواڻ ۽ تاريخ جي عالم سيد غلام شاھ پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي هن ڪتاب لاءِ تفصيلي مھاڳ لکيو آھي، جنهن لاءِ سائين جن جو انتھائي ٿورائتو آھيان. قومي تحريڪ جي ڪيترن اڳواڻن جي نظرياتي استاد محترم آصف بالادي صاحب ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي مون ۽ منهنجي لکڻين بابت پنهنجي خيالن جو اظھار ڪري مون کي مان بخشيو آھي، جنهن لاءِ سندس نھايت احسان مند آھيان.
ايڪتا ميڊيا گروپ جي سرواڻ مانواري دوست محبوب علي عباسيءَ جو ٿورائتو آھيان، جنهن منھنجي هن قلمي پورهئي بابت ۽ منهنجي سياسي سماجي خدمتن متعلق پنهنجا ويچار قلمبند ڪري پنهنجي محبت جو اظھار ڪيو آھي.
ٿورائتو آھيان محبتي انسان، مرڪ پبليڪيشن جي مالڪ مرتضا لغاري جو جنهن محنت ۽ محبت سان هي ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو. اوهان سڀن پڙھندڙن جا لک لائق جو منهنجي قلمي پورهئي کي پڙھڻ جو مان بخشيو ٿا ۽ پنهنجيون ھي ٻه سٽون اوهان جي نظر ڪيان ٿو.
سونھن سنڌ لاءِ لکان ٿو هڪ قلمڪار آھيان،
ڌرتيءَ جي دنگن جو محافظ ۽ سالار آھيان.


عنايت کٽياڻ
چيئرمين
سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم

سنڌ سڀيتا

---

ديبل / ڀنڀور

ڀنڀور جي قلعي جي آثارن تي گذريل چاليهن سالن کان ويندو رهيو آهيان. پھريان تفريحي طور بعد ۾ تحقيقي طور ويندو رهيو آهيان. اڄ ڏينهن کان اڳ هن قلعي بابت ڪجهه لکيو نه آهي جنهن جو سبب هن اهم تاريخي ماڳ جنهن کي تاريخ جي محققن ۽ سرڪاري رپورٽن ديبل جو قلعو ڄاڻايو آهي، جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو. ٻئي طرف ڪجهه تاريخ جي محققن جو خيال آهي ته ديبل جو قلعو هن وقت سمنڊ اندر اچي ويو آهي، ان ڪري وڏي مونجهاري واري صورتحال آهي، جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪجهه مکيه رايا ۽ ڀنڀور جي قلعي جي موجوده آثارن جو احوال اوهان جي سامهون رکجي ٿو.
ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندي ڌاٻيجي شهر کان سڄي هٿ تي آثار قديمه جي بورڊ سان گڏ هڪ ننڍو روڊ نڪري ٿو جنهن تي پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڀنڀور جي قلعي جا آثار آهن. هن قلعي مان هٿ آيل نوادرات ۽ قلعي جي اندر ٿيل کوٽائي مان مليل مختلف دورن جي تهذيبن بابت معلومات کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هتي هڪ سٺو معياري ميوزم پڻ ٺهيل آهي، جنهن جي گيلرين ۾ نوادرات، تصويرون ۽ ماڊل رکيل آهن. سرڪاري گائيڊ به مقرر ٿيل آھن جيڪي هتي ايندڙ سياحن کي هن قلعي جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏين ٿا ۽ سياحن جي سهولت لاءِ ريسٽ هائوس ۽ ريسٽورنٽ به موجود آهي. جن کان اڳتي هلي مٿاهين تي قلعي جا آثار آهن.
هي قلعو هڪ ٽڪريءَ تي آهي. قلعي جي ٻاهرين ديوارين جي آثارن کان قلعي جي اندر وارو حصو ڪيئي فوٽ اونچو آهي. ايراضي ۾ به وڏو قلعو آهي. قلعي اندر اتر کان ڏکڻ هڪ ٻِي مضبوط ديوارآهي، جيڪا قلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي ۽ اوڀر واري حصي کي وڌيڪ محفوظ ڪري ٿي. ٻاهرين ديوارن ۽ اندرين ديوار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اڌ گول جي شڪل وارا 56 شاندار مضبوط مورچا آهن. هن قلعي جو مُک دروازو ڏکڻ طرف آهي، جنهن طرف اوائلي سنڌو درياهه جو وڏو ڇوڙ هو، جنهن رستي سمنڊ کان ٻيڙا ديبل جي بندر تي ايندا هئا ۽ پوءِ هتان کان اروڙ ۽ ملتان تائين دنيا جو واپار هلندو هو. هن وقت ان درياهه واري وهڪري ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي صبح مهل مٿاهين تي وهي اچي ٿو ۽ منجهند کان پوءِ وري واپس سمنڊ ڏي موٽي وڃي ٿو. هن وهڪري کي گهارو ڪريڪ چيو وڃي ٿو. قلعي کي ٻيو وڏو دروازو اتر ۾ آهي جنهن جي ٻاهران ديبل جو صنعتي علائقو هو، جيڪو هاڻي وڏو ميدان آهي. ان جي کوٽائيءَ مان اوائلي ڪارخانا ظاهر ٿيا آهن ۽ هاٿيءَ جي عاج مان مختلف شيون ٺاهڻ جو ڪارخانو سال کن اڳ ظاهر ٿيو آهي، جنهن مان ڪيئي ٽن عاج به مليو آهي ۽ هن پاسي کان سرڪاري ميوزم ۽ ريسٽ هائوس به ٺهيل آهي. ٽيون دروازو اوڀر پاسي آهي جنهن طرف ڍنڍ هوندي هئي ۽ انهن دروازن رستي ڍنڍ مان پاڻي ڀري جانورن تي ڍوئي قلعي اندر پهچايو ويندو هو.
ڀنڀور جي کنڊرن جي کوٽائي سڀ کان پهرين مجمدار صاحب 1929ع ۾ڪرائي. انهيءَ مختصر کوٽائيءَ ۾ عرب دور جا سڪا ۽ ڪاشيءَ جا ٿانو مليا. ان کان پوءِ ٻيو ڀيرو کوٽائي مسٽر الڪاڪ 1951ع ۾ڪرائي جنهن جي نتيجي ۾ هن کي عرب دور جو شهر چيو ويو. ان کان پوءِ ٽيهر 1958ع کان 1965ع تائين پاڪستان آرڪيالاجي کاتي پاران ايف اي خان جي اڳواڻيءَ ۾ کوٽائي ٿي جنهن جي سائنسي بنيادن تحت چڪاس جي نتيجي ۾ ٻڌايو ويو ته گهرائيءَ ۾ ٿيل کوٽائي ۾ مختلف دورن جي تاريخ ۽ تهذيب ملي آهي جيڪا ترتيبوار هيئن آهي ته مٿي کان هيٺ پهرين تهه ڏهين ٻارهين صدي عيسوي عرب عباسي دور جو تهه آھي جنهن ۾ ان دور جا ڪاشي ۽ چينيءَ جا ٿانوَ ملن ٿا.
ٻيو تهه ابتدائي عباسي دور (892 -750ع) جو آهي، جنهن ۾ قلعي جي مرمت ٿي ۽ چمڪندڙ ڪاشيءَ جو رواج پيو. عباسين جي ٻنهي دورن جي تهن مان وڏي تعداد ۾ سڪا به مليا آهن.
ٽيون تهه اُميه دور (750ع – 711ع) بابت آهي. هن دور ۾ شامي طرز جي قلعي جي ڀت جي اڏاوت ۽ ڀنڀور جي مسجد مان ڪوفي رسم الخط وارا 14 ڪتبا مليا ۽ اميه دور جا سفيد ٿانوَ به مليا جيڪي شام مان آندا ويا هئا.
چوٿين تهه مان هندو ۽ ٻڌ دور جا نشان مليا آهن جنهن ۾ شِو مندر ۽ شولنگ گهڻي تعداد ۾مليا آهن.
پنجين تهه مان ساساني دور جي پنجين صدي عيسويءَ جا آثار مليا آهن، جڏهن ساسانين مڪران کان ديبل تائين سنڌ جو حصو فتح ڪيو هو.
ڇهين تهه مان سٿيون پارسي دور جون نشانيون ملن ٿيون ان دور جا ٿانو ڀوري لسي سطح جا ٺڪر جا ٿانوَ آهن جيڪي يوناني ٿانوَن جهڙا آهن، جيڪي ٽيڪسيلا مان بن مليا آهن. (صفحو 457 ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ڀاڱو 2، اشتياق انصاري).
ڊاڪٽر ايف اي خان مٿين تهن جي وچور سان گڏ ڀنڀور واري قلعي جي وڏي پئماني تي ٿيل کوٽائين جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيل نشانن جي تحقيق سائنسي بنياد تي ڪري ٻڌايو ته ڀنڀور ساڳيوئي ديبل جو بندر وارو قلعو آهي، جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو. هن راءِ سان سنڌ جا مشهور محقق به متفق آهن جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به ڊاڪٽر ايف اي خان سان متفق آهي.
ڪجهه ٻين محققن ۽ اديبن جو خيال آهي ته ڀنڀور هڪ الڳ ٻيو شهر آهي، هي ديبل نه آهي. ديبل ڪٿي آهي؟ ان لاءِ انهن جا رايا مختلف آهن جنهن لاءِ دليل به مختلف ۽ اندازن تي مبني آهن. جيئن چيو وڃي ٿو ته برهمڻ آباد کان هيترن ڏينهن جي مسافريءَ تي ديبل هو. ڪنهن جو خيال آهي ته نيروڪوٽ کان هيترين منزلن جي مسافريءَ تي ديبل بندر هو. هڪ راءِ اها به آهي ته ديبل جي قلعي جا آثار سمنڊ اندر رڙي ٻيٽ تي آهن جتي پهرين خشڪي هئي، پوءِ گذريل سالن ۾ سمنڊ زمين کي ڪٽيندي اڳتي وڌي آيو آهي، ديبل قلعي واري زمين ٻيٽ بڻجي وئي آهي.
ولي محمد طاهر زادو ڪتاب ”ڀنڀور ۽ ديبل“ (انٽرنيشنل سيمينار 1983ع) جي صفحي 60 تي لکي ٿو ته ڀنڀور در اصل پراڻو ديبل آهي، عربن جي سنڌ تي حڪومت جي پهرين صدي پوري ٿيڻ تي ديبل تي قهاري ڪرپ ڪريو، ان ڀون ديبل کي دٻي ڇڏيو. ڪي مئا، ڪي بچيا، ڪي رنا، ڪي پليا، ڪي ڪيڏانهن ويا ڪي ڪيڏانهن ويا؛ ديبل اوندهه انڌوڪار ٿي ويو. عباسي خليفن جي دور ۾ ديبل زمين دوز ٿي چڪو هو، ان کان پوءِ ماڻهو چوندا هئا ته ”ڀنڀاڙ“ يا ڀون ڀوڙ ٿي ويو يعني زلزلي هيٺ اچي ويو. ان پون ڀوڙ کي وري ٻيهر آباد ڪرڻ کان پوءِ عوامي زبان ۾ پون ڀور ۽ اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ ڀنڀور سڏيو ويو جيڪو سسئي ۽ پنهونءَ جي عشق سان وڌيڪ مشهور ٿيو. (سسئي پنهونءَ جو واقعو سومرا دور جي آخري ڏينهن ۾ ٿيو).
موجوده وقت ۾ ڪراچي کان ٺٽي ويندڙ نيشنل هاءِ وي تي ڪراچيءَ جي آخري ڇيڙي گهگهر پل کان 20-15 منٽن جي ڊرائيو تي شاهراهه جي ساڄي هٿ تي آثار قديمه ڀنڀور جو بورڊ نظر اچي ٿو ۽ ان سان ئي گڏ هڪ پڪو روڊ نڪري ٿو جيڪو پنجن ڪلوميٽر کان پوءِ ٻه موڙ ڪاٽي ڀنڀور جي آرڪيالاجي سائيٽ جي در تي پهچي ٿو، جتي انٽري ٽڪيٽ حاصل ڪري اندر وڃبو ته سڄي هٿ تي وڏو خوبصورت پارڪ ۽ ان جي پريان آخر ۾ ريسٽورنٽ ۽ آسائشي ڪمرا آهن. ٻئي پاسي رستي جي کٻي هٿ تي خوبصورت ميوزم ٺهيل آهي جنهن جي هڪ وڏي هال جي شوڪيس ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل مختلف دورن جا تاريخي نوادرات موجود آهن.
ڪجهه ڏينهن پهريان ڀنڀور تي ديبل جي طلسماتي تاريخ ڇڪ ڪئي ته پياري دوست منظور ڪلهوڙي سان صلاح ۽ سنگت ڪري وڃي ڀنڀور جي ڀونءِ تي پهتاسين. آچر جو ڏينهن هو ان ڪري ڪافي تعداد ۾ سياح تفريح لاءِ آيل هئا ۽ سٺي رونق نظر پئي آئي. جڏهن ته عام ڏينهن ۾ اتي مختصر ماڻهو نظر ايندا آهن. ميوزم جو جائزو وٺڻ کان پوءِ قلعي ڏانهن رخ ڪيوسين جنهن تي ڪجهه فوٽوگرافي ڪري واپس اچي ڀنڀور جي ٻاهران ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مقامي ماڻهن سان ڀنڀور بابت ڪچهري ڪري راءِ ورتي ۽ قلعي جي اوڀر واري ڍنڍ کان پريان هڪ ننڍي ٽڪري آهي، جتي هڪ ننڍو قديمي قبرستان آهي، اتي هڪ بزرگ نور شاهه جي قبر به آهي جنهن ڪري هن کي نور شاهه جي بُٺي سڏيو وڃي ٿو. اتي به وياسين. رستو ڪچو ۽ ڪافي ڏکيو هو، جنهن کان پوءِ به گاڏي ڍنڍ ڪناري بيهاري اڌ ڪلوميٽر کن هلڪي وهندڙ پاڻيءَ ۾ پيل پٿرن مٿان پنڌ ڪري اهو ننڍو وهڪرو پار ڪري نور شاهه جي بٺيءَ تي مٿي چڙهي وياسين. پنڌ ڏکيو هو پر ٽڪريءَ جي اونچائي تي پهچي نور شاهه سميت سڀن لاءِ فاتحه پڙهي سون. هتي وڏي وڻڪاري آهي جنهن کان هڪ پاسي ڀنڀور قلعي جي اوڀارين ديوار ۽ مورچن جو مڪمل نظارو پسي سگهجي ٿو جيڪو تمام دلڪش نظر اچي ٿو.
نور شاهه جي بٺي ۽ قلعي وچ ۾ اوائلي ڍنڍ جي هيٺاهين زمين آهي، جيڪا هاڻي به برساتي پاڻيءَ جي ڍورن ۽ ساوڪ سان ڀري پئي آهي.
ڀنڀور جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ وڃي مقامي ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون سين جيڪي سڀ ڀنڀور ۽ سسئيءَ جي داستان سان گڏ ڀنڀور کي ديبل سڏين ٿا ۽ هنن جي چوڻ مطابق محمد بن قاسم هي قلعو فتح ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ زلزلي جي ڪري تباهه ٿي ويو ۽ پوءِ ڀنڀور جي نالي سان مشهور ٿيو جنهن جو خاص سبب سسئيءَ جو داستان آهي.
ديبل ۽ ڀنڀور جي تاريخ کي سمجھڻ لاءِ مختلف ڪتابن جا حوالا اوهان جي سامھون رکجن ٿا جن جو جائزو وٺي حقيقت کي سمجهي ۽ پروڙي سگهجي ٿو.

* ديبل اصل سنسڪرت ٻوليءَ جي ديول ٻول تان ورتل آھي ۽ ديول جي معنيٰ آھي مندر (ٽيمپل). ديبل ڪراچي کان 37 ميل پري ڀنڀور جي هنڌ تي قديم بندرگاهه آهي. مسلمانن هندوستان ۾ سڀ کان پهريان ان ئي بندرگاهه تي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪايو. هتي هندن جا مندر گهڻا هئا ۽ هو هن شهر کي ديول چوندا هئا. 1912ع جي کوٽائيءَ ۾ هتي اهڙا آثار مليا آهن، جيڪي اسلامي دور سان تعلق رکن ٿا. اهو به امڪان آهي ته، ديبل بندر، سنڌو درياءَ جي بگهاڙ واري وهڪري تي هجي جيڪو ان وقت سنڌو نديءَ جو مرڪزي وهڪرو هو. اها ڳالهه هيملٽن 1699ع ۾ چئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ديبلي يا ديبل وارو وهڪرو لاڙي بندر تائين ويندو هو، جيڪو پير پٺو جي ڏکڻ اولهه ۾ هو. ديبل، سنڌ جي قديم ۽ مشهور واپاري بندرگاهه هئي. ديبل کي چوگرد قلعو هو. فتح نامي مان هن شهر جي قدامت جو احوال ملي ٿو. ڇهين صدي عيسويءَ کان وٺي تقريبن تيرهين عيسوي صدي جي اڌ تائين ديبل بندر زبون حالت ۾ سنڌ پرڳڻي ۾ قائم هو. ڏهين صديءَ ۾ جيئن سنڌ اندر عرب دور اقتدار جو زور هوريان هوريان ختم ٿي ويو، تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت پڻ گهٽجي ويئي. سنڌو درياءَ جي موج ۽ مستين ڪري هڪ ٻئي نئين بندرگاهه جنم ورتو، جيڪو ”لوهاراني“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن نئين بندرگاهه جي اسرڻ ڪري پڻ قديم بندر ديبل جو اوج گهٽ ٿي ويو. سن 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه (Ibn-e-Batoota) سنڌ ۾ آيو ته هن ”لاهري“ بندر (Laahiri Bandar) کي وڏي اوج تي ڏٺو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ديبل بندر اٽڪل ڇهه سؤ ورهيه سنڌ جو مکيه بندر ٿي رهيو ۽ ان سان سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ جو لاڳاپو هو. (وڪيپيڊيا).
** ڪن تاريخن موجب هن شهر کي ديبل به سڏيو ويو آهي، پر تاريخدانن وٽان اڄ تائين ان ڳالهه جو تسلي بخش يا طئي ٿيل جواب نه ملي سگهيو آهي ته اهو شهر واقعي ڪنهن دور ۾ ديبل به هو يا نه. چچ نامو جي جلد 2 موجب جتي هن وقت ميرپور ساڪرو ۽ گهوڙا ٻاري تعلقا آهن، اتي هڪڙي قديم هندو رياست هئي، جيڪا محمد بن قاسم کي جزيه ڀري ڏيڻ سان قائم رهندي آئي. انهيءَ رياست جو مشهور حاڪم راجا ڀنڀو راءِ هو، جنهن ڀنڀور جو شهر پنهنجي نالي پٺيان ٻڌايو هو. ڀنڀور شهر خليفي هارون رشيد عباسيءَ جي خلافت وارن ڏينهن ۾، سن 171 هه (سنه 787ع) ۾ زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿي ويو.
حوالو: ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ پنج ڀاڱا گڏ، مصنف: مولوي نور محمد نظاماڻي، عبدالغني عبدالله، محمد صديق ”مسافر“، ڇاپو؛ پهريون 2006ع، ڇپيندڙ مهراڻ اڪيڊمي.
** ڦٽل شهر جي حالت ڏسڻ مان ثابت ٿئي ٿو، ته ڀنڀور تمام وڏو ۽ وسندڙ شهر، سنڌو نديءَ جي هڪڙيءَ شاخ تي بندر هو.
(حوالو(1) ڪتاب: ”ايليٽ صاحب جي تاريخ هندستان“، جلد پھريون.)
(حوالو (2) ڪتاب: ”تاريخ سنڌ“ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف: مولوي نور محمد نظاماڻي، عبدالغني عبدالله، محمد صديق ”مسافر“، ڇاپو پهريون 2006ع، ڇپيندڙ مهراڻ اڪيڊمي.
** مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ڀنڀور هڪڙو جهونو شهر ڦٽل گهاري جي ڪناري تي اتر پاسي آهي، جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. هڪڙو ڦٽل قلعو به آهي. شڪ ناهي ته سڪندر بادشاهه جي ڏينهن ۾ سندس سردار جهازن تي درياهه جي رستي اتي آيو هو. شايد قديم ديبل بندر به اتي هو، جنهن تي محمد بن قاسم ثقفي ڪاهه ڪئي هئي. هيءُ شهر به زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿيو، جيئن برهمڻ آباد ٿيو هو. سسئي پنهونءَ جي قصي ۾ جو ڀنڀور چيل آهي، سو به اهو آهي، جنهن ۾ اهو ڌوٻي رهندو هو، جنهن وٽ سسئي پلجي وڏي ٿي هئي.
(حوالو: ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“. مصنف: مرزا قليچ بيگ، ڇاپو: چوٿون 1999ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.)
** اميرالبحر اسڪائلس (514-517 ق.م) جي پشاور کان سنڌو درياءَ جي منهن تائين سامونڊي سفر ۽ اُتان کان ڳاڙهي سمنڊ جي سري تائين سامونڊي سفر، سڪندر جي اميرالبحر (524-525 ق.م) جو پٽالا کان فرات درياءَ تائين سفر، مصر جي بادشاهه ٽالمي I سارٽر (285-3177 ق.م) جي فرعون نيڪو II جي واهه کي ٻيهر جاري ڪري نيل نديءَ کي ڳاڙهي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ سندس زماني جي جهازران فلپ جي ڳاڙهي سمنڊ ۾ جاچ ڪرڻ، ٽالمي II فلاڊيلفس جي طرفان آرسنس ۽ برنس جا بندر ٺهرائڻ ۽ ٽالمي III يوريجيٽس II II (246-1777 ق.م) جي حڪم مطابق يوڊڪسز جي مصر کان ننڍي کنڊ تائين سفر ڪرڻ جي ڪري، يوناني سلطنت توڙي اڀرندڙ رومي سلطنت جا واپاري ناتا ننڍي کنڊ سان شروع ٿي ويا. جيئن ته جهازن کي سمنڊ جي ڪناري سان لڳ سفر ڪرڻو پوندو هو، تنهن ڪري ننڍي کنڊ جي ويجهي ۾ ويجهو بندر باربريڪان (ڀنڀور) ترقي ڪري سڄي ايشيا جي واپاري شين جو هڪ تمام اهم تجارتي گذرگاهه ٿي پيو، جتي وچ ايشيا، چين (سنڪيانگ جي رستي) ۽ اتر- اولهه ننڍي کنڊ مان سامان جا ڀريل جهاز اچي لنگر هڻندا هئا. گنگا نديءَ جي ماٿر مان پڻ تجارتي سامان خشڪيءَ رستي ستلج نديءَ مان پار ڪري جهازن ۾ سنڌو درياءَ جي رستي باربريڪان ڏانهن آندو ويندو هو، باربريڪان ۾ گرم مصالحو ملبار بندر تان آندو ويندو هو، جتي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ان شهر کي پرديسين جو شهر سڏيو ويندو هو، جيئن ان جي نالي مان ظاهر ٿئي ٿو. ان زماني ۾ سنڪيانگ جو شهر کوٽان (Khotan) خاص ڪري چيني ريشمي ڪپڙي جو هڪ اهم تجارتي مرڪز ٿي پيو هو. کوٽان مان واپاري سامان بڪٽيريا (بلخ) اُماڻبو هو، جتان اهو اليگزينڊرو پولس (قنڌار) مان ٿيندو، خشڪيءَ رستي باربريڪان ايندو هو. اهو رستو سنڌ جي ڪاڇي مان ٿي جهانگارا کان جبل جو رستو وٺي جهمپير رستي ڀنڀور تائين رائج هو.
(حوالو: ”رسالو مهراڻ رني ڪوٽ نمبر“ 2006ع، مضمون وسيع ترين ۽ دنيا جو قديم ترين قلعو راڻي ڪوٽ، ليکڪ: ايم.ايڇ. پنهور، ڇپيندڙ سنڌي ادبي بورڊ.)
** ميڪمرڊو لکي ٿو گهاري واري وهڪري، جنهن تي ڀنڀور آباد هو، اهو سُڪي وڃڻ کان پهرين جهاز هلائڻ جي لائق نه رهيو هو. 1250 تائين ڀنڀور ۽ ديبل ويران ٿي چڪا هئا ڇو جو سنڌو درياءَ جي لَٽَ ان کي ڀري ڇڏيو هو. جڏهن 1336 ۾ ابن بطوطه لاڙي بندر ڏسڻ آيو ته اهو هڪ وڏو بندر هو، جيڪو ديبل جي ويران ٿيڻ کان پوءِ آباد ٿيو هو.
(حوالو: پير پٺو ڪي وادي: موجون سي ميلون تڪ)
تاريخي ڪتابن مطابق ديبل جو زوال تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ٿيو. هن شهر جي تباهيءَ جا ٻه سبب بيان ڪيا ويا آهن. هڪ سبب درياهه جو رخ مٽائڻ ۽ ٻيو اهو ته انهيءَ زماني ۾ هتي تمام وڏي لشڪر ڪشي ٿي، جنهن جا نشان ڀنڀور جي کنڊرن مان ملن ٿا. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان کوڙ انساني ڍانچا بي ترتيب پيل مليا آهن، ان کانسواءِ سڙيل عمارتون ڪوئلن جا تھ به ڪنهن وڏي حملي، ڦرلٽ ۽ غارت گريءَ کان پوءِ ڏنل باهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هينري ڪزنس ۽ ڪننگهم لکن ٿا ته ڀنڀور 1250ع ڌاري تباهه ٿيو. هتي منهنجي سمجھه مطابق راءِ جڙي ٿي ته شھر تي حملو ۽ ڦرلٽ لازماً وسندڙ ۽ آباد شھر تي ئي ٿي هوندي ۽ پوءِ زلزلي ۾ شھر دٻجي ملياميٽ ٿي ويو هوندو، ڇو ته زلزلي ۾ دٻجي ويل شھر تي حملو ڪري ڪھڙي ڦرلٽ ٿي سگهي ٿي ۽ انساني لاشن جا بي ترتيب ڍانچا به حملي کان پوءِ شھر ۾ رهندڙن جا ئي ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته حملي جي خبر ته پھرين به پئجي سگھي ٿي پر قدرتي آفت زلزلو ته اوچتو ئي ايندو جنهن ڪري جيڪو جتي هوندو اهو اتي ئي دٻجي ويو هوندو.
** جيتوڻيڪ ديبل تباهه ۽ برباد ٿي ويو، پر سنڌ وارن نئين بندرگاهه کي به ديبل ئي سڏيو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڇهه سو ورهين جي عرصي ۾ ”بندر“ ۽ ”ديبل“ جا لفظَ لازم ملزوم بڻجي ويا هئا. پوئين زماني جي تاريخ هن عام رواج جي تصديق ڪري ٿي. سورهين عيسوي صديءَ ۾ پورچوگيزن هن ساڳئي لاهري بندر کي لاهري بندر، دربل، ديوئل ۽ ديوئلسند ڪري لکيو آهي. ابوالفضل آئين اڪبريءَ ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي. مير معصوم لاهري بندر خواهه ٺٽي کي ”ديبل بندر“ ڪري لکيو آهي.
(حوالو: نزهة الخواطر ص35، ڇاپو حيدرآباد دکن.)
** انهن احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اصل ۾ ديبل، جنهن کي بن قاسم فتح ڪيو هو، اهو زماني جي انقلابن ڪارڻ تباهه و برباد ٿي ويو، تڏهن به ان جو اهو نالو هلندو رهيو ۽ پوءِ لوهاراني يا لاهري بندر خواهه ٺٽي کي ديبل بندر سڏڻ لڳا. سنڌ جو مشهور تذڪري نگار مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لاهري بندر کي پراڻو ديبل سڏي ٿو. ساڳيءَ طرح بگهاڙ شاخ تي هڪ بندرگاهه کي به ديبل ڪري سڏيو ويو آهي. اتي دفن ٿيل شيخ حسين عرف پير پٺي کي ديبلي ڪري سڏيو آهي.
(حوالو: مخدوم امير احمد ”تاريخ معصومي“ (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، دفعو اول 1953ع، ص6.)
** محقق بيرونيءَ جو چوڻ آهي ته ديبل هڪ سامونڊي بندر هو ۽ لوهاراني کان اڀرندي ڏانهن سنڌو نديءَ جي شاخ جو هڪ بندر هو.
(حوالو: البيروني، ڪتاب الهند، ص102)
** ان ڪري پاٽنجر ۽ ڪيننگهام لاهري بندر کي اصلي ديبل سمجهن ٿا. رچرڊ برٽن، ڪئپٽن مئڪمرڊو، دلاروشي، رينيل ڊبليو، همئلٽن ۽ هينري ڪزنس وري ٺٽي کي قديم ديبل ڪري لکن ٿا، جيڪا ڳالهه بي بنياد لڳي ٿي. ايليٽ صاحب ڪراچيءَ کي ديبل ٺهرايو آهي. پر ٻئي پاسي ڪجهه ٻين محققن جو خيال آهي ته ڪراچي بندر طور سن 1729ع ڌاري ڪتب اچڻ شروع ٿيو هو، تنهن ڪري ڪراچيءَ جي ديبل بندر هئڻ واري ڳالهه تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي. آرميني جاگرافيدان ۽ تاريخ نويس موسيٰ خوريني (Mosses Chorenazi) چوٿين يا پنجين عيسويءَ ۾ جاگرافيءَ بابت هڪ ڪتاب لکيو. ايراني حڪومت ساسانيءَ جي سياسي ورهاست جو ذڪر ڪندي هن ڏاکڻين ضلعن ۾ مڪوران (مڪران) ۽ سنڌ سان گڏ ”دي بول“ جو ذڪر ڪيو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”ديبل“ جي نالي سان ٻه بندر هئا: هڪ دريائي بندر ۽ ٻيو سامونڊي ۽ ٻئي هڪ ئي نالي سان سڏبا هئا. ان مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته ديبل شهر به هو، ته علائقو به. چيني سياح ڪياتان جاگرافيدان ۽ سياح‎ ڪئنٽن کان ايراني نار تائين جڳهن ۽ بندرن جا نالا ڄاڻايا آهن. هن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو درياهه ”مي لان“ آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي”مي لان“ ”مهراڻ“جو چيني اچار آهي ۽ ”تي يو“ ”دي بول“ جو چيني اچار آهي.
(حوالو: ”سنڌ سياحن جي نظر ۾“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط 1)؛ رسالو، مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ.)
** سنڌ جي مشهور بندرگاهه ديبل بابت بشاري مقدسي پنھنجي ڪتاب احسن التقاسيم ۾ لکي ٿو: ”سامونڊي ڪناري تي واقع آهي. ان جي چوڌاري لڳ ڀڳ سؤ ڳوٺ آهن، جن جي آبادي گهڻو ڪري هندو آهي. سمنڊ جون لهرون شهر جي فصيل سان اچي ٽڪرائجن ٿيون. سمورا رهاڪو واپاري آهن. سنڌي ۽ عربي ڳالهائي وڃي ٿي. هي سنڌ جو بندرگاهه آهي. حڪومت کي ان مان تمام گهڻي آمدني ٿئي ٿي. ان جي لڳ مهراڻ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ماڻهو سليقي وارا ۽ خوش آهن.
(حوالو: ”سنڌ سياحن جي نظر ۾“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط 1)، رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ)
** ديبل جي جاءِ جو نالو قديم دور ۾ پھرين آرميني تاريخ نويس ۽ جاگرافيءَ جي ماھر موسيٰ خوريني (Moses Chorenaz) جي جاگرافيءَ بابت لکيل ھڪ رسالي ۾ ملي ٿو، جيڪو چوٿين يا پنجين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آھي. ساساني حڪومت جي سياسي ورھاست جو بيان ڪندي ھن ڏاکڻين ضلعن ۾ ’مڪوران‘ (مڪران) ۽ سنڌ سان گڏ ’دي بول‘ جو به ذڪر ڪيو آھي.
(حوالو: ”ايرانشھر“ بحوال حسن پيرينيا ”ايران باستائي“ تھران 1304 ھجري ص520؛ پڻ ”ايران – باستان“ تھران 1311 ھجري ص93)
** انھيءَ مان اھو نتيجو نڪري ٿو ته اھو نالو عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان گھڻو اڳ مشھور ھو. ان جي عربي اچار سان گھري ھڪجھڙائي ٻڌائي ٿي ته اھو نالو عربن پنھنجن پاڙيسري ايرانين کان ورتو ۽ نه مڪاني ماڻھن کان؛ جيئن شڪ ڪيو وڃي ٿو ته ان جو اشتقاق سنسڪرت لفظ ”ديواله “ (يعني بتن جو مندر) مان ورتل آھي. اھا به اھم ڳالھ آھي ته آرميني جاگرافيدان جو ’دي بول‘ ڪنھن شھر يا بندر جو نالو ڪونھي، پر ھڪ ضلعي جو نالو آھي، جيڪو مڪران ۽ سنڌ ٻنھي کان ڌار ھو. انھيءَ مان راجا ڏاھر جي انھيءَ حجت جي تصديق ٿئي ٿي ته سامونڊي ڦورو ميد، جن جو صدر مقام ديبل ھو، سندس رعيت نه ھئا. ٻيو غير عرب مصنف، جنھن ھن جاءِ جي نالي جو ذڪر ڪيو آھي، اھو آھي چيني جاگرافيدان ’ڪياتان‘، جنھن جا سفرناما 785ع ۽ 805ع جي وچ ڌاري مرتب ڪيا ويا ھئا. ڪئنٽن کان وٺي ايراني نار تائين جاين ۽ بندرن جي ڳڻپ ڪندي، ھن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ملڪ ۾ ھڪ وڏو درياءَ ”مي لان“ (مھراڻ) آھي.
(حوالو: Quoted and commented upon ھرٿ ۽ راخيل، چاؤ جو ڪُوا، سينٽ پيٽرس برگ، 1911ع ص9.)
** چيني اُچار پڻ آرميني جاگرافيدان جي ڏنل نالي جي ويجهو آهي ۽ سندس ان بيان جي ته اھو ھڪ ”ملڪ“ آھي، پڻ تصديق ڪري ٿو. ھاڻي وري عربن ڏانھن اچون ٿا، جن جي ٽن شاعرن سڀني کان پھرين انھيءَ نالي کي پنھنجي ڪلام ۾ آندو آھي. پھريون مشھور معروف شاعر ’جرير‘ (740-827ع) آھي، جنھن قبيلي بنو تميم جي ھجو ڪندي لکيو آھي: ’شريف انسان جو ڌڪ ديبل (الدبيلة) جي ڍڳيءَ جي ڌڪ جھڙو ھوندو آھي، پر بنو تميم جو ڌڪ ٻڪريءَ جي ڌڪ جھڙو آھي؛ ھن جي ھمعصر خالد القناس پڻ ديبل جي ڍڳين جو ذڪر ڪيو آھي. انھن ٻن حوالن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ديبل ھڪ چڱي چراگاھ واري سرزمين ۾ واقع ھو. پر ديبل بابت وڌيڪ اھم حوالو ابن العربي (767-845ع) جي ھڪ شعر ۾ ملي ٿو، جنھن پاڻيءَ جي پخال کي ديبلان (الديبلان) يعني ”ٻه ديبل“ جي ھڪ ٿلھي ۽ ڪاري شخص سان تشبيھ ڏني آھي. اھو ٻن ’ديبلن‘ جو قديم ۽ واضح ذڪر آھي. ديبل جي باري ۾ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ کان پھرين، اسين مٿي ڄاڻايل قديم حوالن جي آڌار تي چئي سگھون ٿا ته اصل ۾ اھو نالو ھڪ ’ضلعي‘، ’بادشاھت‘، ’ملڪ‘ جو نالو ھو، جتي سٺا چراگاھ ھوندا ھئا ۽ جتي ٻه ھنڌ (بندر يا شھر) ’ملڪ‘ جي نالي پٺيان سڏبا ھئا. جيتوڻيڪ ائين به ٿي سگھي ٿو ته اھا بادشاھت يا ضلعو پنھنجي مکيه شھر يا شھرن جي نالي پٺيان سڏبو ھجي. جن عرب ليکڪن ديبل جو حوالو ڏنو آھي، انھن ۾ سڀني کان وڌيڪ صحيح ۽ ڄاڻو عالم البيروني (وفات 1048ع) ھو. ھڪ کاري، ھڪ نار (الغب) ۽ ’کاري مٺي جو سَنڌو‘ (الخور) ۾ جيڪو فرق آھي، ان کي ھو سائنسي طريقي تي ھن ريت ٻڌائي ٿو: ”ھڪ نار (الغب) ھڪ اھڙي ڪنڊ يا پاڻيءَ جي ڪن وانگر ھوندي آھي، جيڪو سمنڊ مان کليل ميدان ۾ گھارو ڪندو آھي ۽ خاص ڪري وير جي لھڻ ۽ چڙھڻ سبب ان ۾ جھاز راني ڪرڻ خطرناڪ آھي. کاري مٺي جو سَنڌو (الخور) به نار وانگر ھوندو آھي پر اھو سمنڊ جي کليل ميدان ۾ گھاري ڪرڻ سببان نه ٺھندو آھي، بلڪ وھندڙ پاڻيءَ جي ڦھلاءَ جي ڪري ٺھندو آھي، جيڪو اتي پھچي بيھي رھندو آھي ۽ سمنڊ سان ملي ويندو آھي. اھي کاري مٺي جا سَنڌا به جھازن لاءِ خطرناڪ ھوندا آھن، ڇاڪاڻ ته ڳرن غورابن کي مٺي پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ کارو پاڻي چڱيءَ طرح کڻي سگھي ٿو.
(حوالو: ”سنڌ صدين کان“ ممتاز مھر 1982ع، ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ/ ديبل جا ٻه بندر، قدرت الله فاطمي)
** سنڌو درياءَ جي ڪيٽيءَ جي بلڪل ڏاکڻي طرف کي مغرب وارا (يعني ايراني ۽ شايد سندن پاڙيسري آرميني ۽ عرب، پنجين صدي عيسويءَ کان ديبل ڪري سمجھندا ھئا. انھيءَ ملڪ جي مخصوص ضرورتن جي ڪري اتي ٻه بندر ھوندا ھئا: ھڪ سامونڊي بندر، جيڪو درمياني بندر جو ڪم ڏيندو ھو ۽ ٻيو دريائي بندر، جيڪو واپار جو مرڪز ھوندو ھو. درياءُ جي لٽ جي ڪري انھن بندرن جي اصل جاءِ ۾ فرق ھو. الديبل جي علائقي تي عربن جا پھريان حملا سامونڊي ساحل ۽ انھيءَ جي بندر تائين محدود ھئا، جنھن ڪري ھنن کي گھڻو نقصان پھتو، ڇاڪاڻ ته بچاءُ ڪندڙن جي اصل طاقت ملڪ اندر يعني بندر ۾ موجود ھئي، جيڪو الديبل جي کاري مٺي جي سنڌي (خوار الديبل) وٽ واقع ھو. ٽيون حملو کاري مٺي جي سنڌي (خور) تي واقع بندر تي ٿيو ھو.
(حوالو: البلاذري ”فتوح البلدان“ ليڊن ص436.)
ڄاڻايل سڀني حوالن کان سواءِ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اٽلي ۽ فرانس جِي آرڪيالاجسٽن جي ٽيم سان گڏ سنڌ جي ماهرن ڀنڀور تي کوٽائيءَ جو ڪم ڪيو آھي. ان مان مليل شين جي ڪاربان ڊيٽنگ ٿي آهي، جنهن جي بنياد تي ٽيم جي اڳواڻ اٽليءَ جي تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ وليريا فيوراني پياسينٽيني پنهنجي ٽيم جي پاران ڪاربان ڊيٽنگ ذريعي ڪڍيل نتيجن جي آڌار تي 2016ع ۾ رپورٽ ڪيو ته هي ئي ديبل بندرگاهه آهي ۽ هن جو وجود پارٿين جي دور ۾ پيو آهي، جنهن جي ثابتي طور ان مان نڪتل ٿانون، شيشن، تيرن ۽ ٻين شين جي ڪاربان ڊيٽنگ جي ڪڍيل نتيجن کي محفوظ ڪيو ويو آھي.
ٻيو ته گذريل سال ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ڀنڀور جي ٿيل کوٽائيءَ ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو هاٿيءَ جي ڏندن (عاج) جو ڪارخانو ظاهر ٿيو آهي. رپورٽ موجب ڀنڀور ۾ هن مهل تائين رڳو 15 ڏينهن جي کوٽائي دوران 6675 هاٿيءَ جا ڏند هٿ آيا آهن. سنڌ جي آثارِ قديمه واري کاتي ۽ اٽليءَ جي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته هاٿيءَ جي ڏندن (عاج) جو ايڏو وڏو تعداد هن وقت تائين دنيا جي ڪنهن به هنڌان کوٽائي دوران هٿ نه آيو آهي. نيشنل ميوزم ۾ تاريخي ماڳن بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي اٽليءَ سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجيڪل ماهر ڊاڪٽر سائمون مان تيليني چيو ته ڀنڀور ۾ رڳو 15 ڏينهن جي کوٽائيءَ دوران وڏي تعداد ۾ هاٿيءَ جا ڏند (عاج ) ملڻ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته هتي هاٿيءَ جي ڏندن (عاج) جي تمام وڏي فيڪٽري هئي، جنهن ۾ هاٿي جي ڏندن (عاج) مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون هيون.
هن وڏي ڪارخاني جو ظاهر ٿيڻ به اسان کي ٻڌائي ٿو ته هي هڪ وڏي ۽ قديمي شهر جا آثار آھن. جيڪو ديبل ئي ٿي سگهي ٿو ڇو ته قديمي تاريخن ۾ ديبل جو ذڪر بار بار آھي ليڪن ڀنڀور جو نالو سومرا دور جي آخري ڏينهن ۾ ملي ٿو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ديبل عربن جي آخري دور ۾ حملي کان پوءِ زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو جيڪو سوين سالن کان پوءِ وري آباد ٿيو ته ان کي ڀنڀور سڏيو ويو.
ديبل ۽ ڀنڀور متعلق مٿي ڏنل حوالن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا حوالا به آھن جيڪي هتي مضمون جي گهڻو ڊگهو ٿيڻ ڪري نه ٿا لکي سگهجن، جن سڀن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اهو ئي سمجھه ۾ اچي ٿو ته ڀنڀور ئي اوئلي ديبل جو قلعو آھي جنهن جا ڪجھه سبب هيٺ ڏجن ٿا:
1. هر ليکڪ ديبل جي اوج ۽ اجڙڻ جو وقت ساڳيو ئي لکي ٿو ۽ کوٽائيءَ مان به اهو ئي ثابت ٿئي ٿو.
2. سڀئي ليکڪ ديبل جي قلعي جو ان ئي علائقي ۾ ۽ مٿاهين جابلو ٽڪريءَ تي موجود هجڻ جو لکن ٿا، جيڪو اهوئي آھي ٻئي ڪنهن جو وجود ئي نه آھي.
3. ڪي ليکڪ چون ٿا ته ديبل سمنڊ اندر ڪنهن جزيري تي آھي جيڪو هاڻي هفتي ۾ ٻه ڏينهن ظاهر ٿئي ٿو، ان لاء ھڪ ميرين انجنيئر ۽ جاگرافيءَ جي ماهر عبدالحفيظ لغاري ٻڌايو ته "رپورٽن موجب گذريل 2000 سالن ۾ پوري ايشيا کنڊ جي ڏکڻ ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ جي سطح گهٽي آھي يعني هيٺ ٿي آھي جنهن ۾ جزيرا وڌيڪ نمايان ٿيا آھن ۽ سمنڊ پوئتي ٿيو آھي.“ سندس ڳالھ وزنائتي محسوس ٿي، ڇو ته ھڪ مثال رڻ ڪڇ آھي جيڪو اڳ سمنڊ ھوندو هو بلڪ ٿرپارڪر جو پاري ننگر سامونڊي بندر هو جيڪو عيسوي پهرين صديءَ ۾ به وڏي آبادي وارو شھر هو، پوءِ سمنڊ پوئتي هٽندو ويو ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ انگريز دور ۾ ڪلفٽن ٺھيو جنهن جي هاڻوڪي مک دروازي کان ٿورو اندر هيٺ لهڻ لاءِ پٿر جي خوبصورت ڏاڪڻ آھي جنهن لاءِ مشهور آھي ان جي هيٺين ڏاڪن تائين سمنڊ هوندو هو ۽ عبدالله شاھ غازيءَ جي مزار پويان به سمنڊ ڇوليون ھڻندو رهندو هو، جنهن جا فوٽو به سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندا رهن ٿا. جتان هاڻي سمنڊ ڏيڍ ڪلوميٽر پري آهي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته سمنڊ جي سطح ڏينهون ڏينهن گهٽجي ٿي جنهن ڪري پاڻي پوئتي هٽي ٿو، ان ڪري سمجھڻ گهرجي ته جزيري تي بعد جي ڪا ٻِي اڏاوت هوندي ڇو ته ديبل لاءِ ھر تاريخدان لکي ٿو ته ديبل اونچي پهاڙيءَ تي هو ۽ اهو مسئلو الڳ آھي ته سنڌو درياھ تي بئراجون ۽ ڊيم ٺھڻ ڪري مٺو پاڻي سمنڊ ۾ نٿو وڃي جنهن ڪري سنڌوءَ جي ڇوڙن ۾ کارو پاڻي وهي اچي ٿو. ان ڪري ٺٽي ۽ بدين جي زمين خراب ۽ ختم ٿي رهي آهي.
4. ماهرن جي کوٽائي مان ثابت ٿيو آھي ته هي شھر عيسوي سن کان اوائلي آھي ۽ اوائلي دور جي هر تاريخ ۾ ديبل وڏي شھر ۽ ديبل بندر جو ذڪر ملي ٿو پر ڀنڀور جو ذڪر نٿو ملي سواءِ ھڪ ٻن ڪمزور حوالن جي، جيڪي به شڪ جي انداز ۾ ڄاڻايل آھن.
5. کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل مضبوط قلعي جا آثار ۽ قلعي ٻاهران به شھري آبادي ۽ ڪارخانن جو هجڻ هن کي وڏي اهميت وارو شھر ثابت ڪن ٿا. جيڪي ليکڪ ڀنڀور کي ديبل نٿا سمجهن ته اهي به لکن ٿا ته ديبل ان ئي علائقي ۾ آسپاس آھي ته پوءِ سمجهڻ جي ڳالھه اها آھي ته هڪ هيڏي وڏي شھر ۽ مضبوط قلعي جي موجود هجڻ باوجود ساڳئي دور ۾ ڀر پاسي ۾ ٻيو قلعو ڇو اڏيو ويندو جڏهن ته اوائلي تاريخ ۽ ويجهي تاريخ ٻڌائي ٿي ته قلعو پوري علائقي جو حڪومتي مرڪز هوندو هو.
جيڪڏهن ديبل ڪو ٻيو هنڌ آھي ته اتي ايڏو ڪو وڏو دڙو يا آثار نظر ڇو نٿا اچن. ڀنڀور جي قلعي اندران ۽ ٻاهران کوٽائين مان هر دور جون نشانيون مليون جيڪي هن کي اوائلي ديبل بندر ثابت ڪن ٿيون. انهن سڀن سببن سميت ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل ديبل هڪ سائنسي حقيقت آھي جنهن کي وهم گمان ۽ اجايا شڪ شبھا اوستائين غلط ثابت نٿا ڪري سگهن، جيستائين ڪا ان کان به وڌيڪ طاقتور سائنسي تحقيق ان کي غلط ثابت نٿي ڪري.

سسئي پنهونءَ جو داستان

لفظ سسئيءَ جي معني آهي چنڊ. راجا دلو راءِ جي زماني ۾ نانيا/ نايون نالي ھڪ ٻانڀڻ پنهنجي گھر واريءَ منڌر سان گڏ ڀانڀر واھ جي ڀر تي رھندو ھو، جيڪي ٻئي اولاد لاءِ سڪايل ھئا. نيٺ پيريءَ ۾ کين ھڪ سهڻي نياڻي ڄائي پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو ته سندس انگ ڪنھن مسلمان سان اڙيل آھي. سو نايون ۽ سندس ناري منڌر پاڻ کي اھڙي بدناميءَ کان بچڻ لاءِ، ان خوبصورت نياڻيءَ کي وڏي افسوس سان هڪ صندوق (پيتيءَ) ۾ بند ڪري درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. اِها صندوق درياهه جي لھرن ۾ لڙھندي، قضا سان اچي ڀنڀور جي ڀرسان ڪناري تي نڪتي. اُن وقت ڀنڀور شھر ۾ محمد نالي ھڪ ڌوٻي رھندو ھو، جنھن کي ”لال“ جي نالي سان به سڏيندا ھئا. محمد ڌوٻي چڱيءَ پونجيءَ (پيسن) وارو ماڻهو ھو ۽ سندس ھٿ ھيٺ پنج سؤ ڪاريگر ڪم ڪندا ھئا، پر ويچاري کي اولاد نصيب ۾ ڪونه ھو. جڏھن ڪاريگرن جي نظر ان پيتيءَ تي پئي، ته ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي پنھنجي استاد وٽ کڻي آيا. جنهن صندوق کي کوليو ته منجھس ھڪ سدا سھڻي ٻارڙي سُتل هئي، جنهن کي صندوق مان ڪڍي پنھجي گود لاتائين ۽ مٿس سسئي (ششي) نالو رکيائين.
سندس زال، سسئيءَ کي گھڻي لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳي، محمد کٽيءَ جون اکيون به سسئيءَ کي ڏسي پيون ٺرنديون ھيون. ھن سندس سک ۽ آرام لاءِ ھڪ عاليشان محلات اڏائي ان جي چوڌاري ھڪ وڏو باغ رکايو هو، جنهن ۾ هُوءَ پنھنجي سھيلين سان گڏجي وقت گذاريندي هئي.
”تاريخ سنڌ“ جو ليکڪ مولانا نور محمد نظاماڻي لکي ٿو ته راجا دلوراءِ جي رياست ۾ ڀامبرا واهه نالي ڳوٺ هو، جنهن ۾ نانيو نالي برهمڻ پنهنجيءَ زال نالي منڌر سميت رهندو هو، جن کي اولاد جي تمام گهڻي سڪ هئي. هنن کي ڪنهن الله لوڪ دعا ڪئي، ته اوهان کي چنڊ جهڙي ڌيءَ ٿيندي، پر ان جي شاديءَ جو انگ هڪڙي مسلمان ساڻ لکيل آهي. اها ڳالهه ٻڌي ٻئي زال مڙس ڏاڍي جهوريءَ ۾ پئجي ويا، پر ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي!“ نانئي کي ڌيءَ ڄائي. اها سندن اکين ڏسندي ڪنهن مسلمان سان پرڻجي، سا ڳالهه ٻنهي زال مڙس کي ڏکي پئي لڳي. تنهن ڪري دل جو سور دل ۾ رکي پنهنجي پياري سڪيلڌي ڌيءَ کي هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪري کڻي سنڌو درياءَ ۾ وڌائون. اها پيتي لڙهندي لڙهندي اچي ڀنڀور بندر کان نڪتي. ڀنڀور شهر ۾ محمد نالي هڪڙو وڏو مالدار ڌوٻي رهندو هو، جنهن وٽ پنج سؤ مزدور ۽ سيکڙاٽ ڪم ڪندڙ هئا، مگر اولاد ڪونه هوس. ان جي هڪڙي ڪميءَ کي اها پيتي درياءَ ۾ لڙهندي نظر آئي، جنهن اها ڪڍي آڻي پنهنجي اُستي ناهيئي جي اڳيان رکي. ناهيو جان کڻي پيتي کولي، ته منجهس چنڊ کي شرمائيندڙ جيئري جاڳندي معصوم نياڻي پيئي آهي. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ”سسئي“ (چنڊ) رکي پنهنجي ڌيءَ ڪري وڃي نپايائينس.
جيئن سسئي وڏي ٿيندي ويئي. تيئن سندس حسن جي هاڪ پکڙجندي وئي. انهن ڏينهن ۾ ڪيچ ۽ مڪران کان واپاري قافلا ڀنڀور ۾ ايندا ويندا هئا. ڪيچ جي والي آري ڄام جو نوجوان پٽ پنهون پنهنجي ڳوٺ جي سوداگرن کان سسئيءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، سوداگر جي ويس ۾ اچي ڀنڀور پھتو ۽ سسئيءَ کي ڏسڻ شرط دل ڦرائي ويهي رهيو. سسئيءَ کي به پهرين نظر ۾ پنهون پسند اچي ويو ۽ پوءِ پنهون محمد ڌوٻي وٽ نوڪر ٿي بيٺو ۽ ٻين نوڪرن سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. نيٺ ڪجھ وقت ۾ پنهونءَ جي سسئيءَ سان شادي ٿي وئي.
پنھون جو ڀاءُ چنرو جيڪو ڪيچ کان ساڻس گڏ آيو ھو سو سندس انھيءَ روش تي گھڻو ئي ڪاوڙيو پر جڏھن ڏٺائين ته ڪو چارو ڪونھي تڏھن ساري ڳالھ وڃي آري ڄام جي اڳيان پيش ڪيائين. آري ڄام کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پنهنجي دادلي پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو ۽ ھڪ قاصد جي ھٿان پنھونءَ کي چوائي موڪليائين ته ”جيڪڏھن ھڪدم اچي حاضر نه ٿيندين ته منھنجو جيئڻ محال آھي“. قاصد ڀنڀور ۾ پھچي پنهونءَ کي آري ڄام جو پيغام پهچايو پر پنھون پوئتي ھلڻ کان انڪار ڪيو ۽ قاصد نااميد ٿي موٽي وڃي آري ڄام کي سمورو احوال ٻڌايو. آري ڄام پنهنجي پٽ کي ساريندي اھڙو ته ڪمزور ۽ ضعيف ٿي ويو جو سندس ٽن پٽن چنري، ھوتي ۽ نوتيءَ کيس آٿت ڏيئي چيو ته ”بابا سائين! اوهان پريشان نه ٿيو اسان ڪو حيلو وسيلو ڪري پنھونءَ کي ساڻ وٺي اچي ٿا توھان وٽ رسايون.“ پوءِ ٽيئي ڄڻا اٺن تي سوار ٿي سگھوئي اچي ڀنڀور پھتا. سسئيءَ ۽ پنھونءَ کين گھڻو آڌرڀاءُ ڏنو ۽ پاڻ وٽ مھمان ڪري سندن گھڻي خاطر مدارت ۾ جشن ڪيائون. ھڪ رات جو گهڻي دير تائين مجلس ۾ مشغول رھيا. سسئي ويچاريءَ کي پنھونءَ جي اوسيئڙي ۾ جاڳندي جاڳندي ننڊ کڻي وئي. ھوڏانھن وري ڀائر پنھونءَ کي غافل ڏسي کيس شراب جا پٽ پياريندا رهيا، تان جو نشي ۾ اھڙو الوٽ ٿي ويو جو پنھنجي وجود جو ڪو سماءُ نه رھيس. آڌيءَ رات کان پوءِ سندس ڀائر اٺ ڪاهي کيس بي خبريءَ جي حالت ۾ کڻي پنهنجي مُلڪ روانا ٿيا. رات جي پوئين پهر جڏهن سسئيءَ جي اک کلي ته ڏٺائين پنھون پلنگ تي آهي ئي ڪونه. سو حيرت ۾ پئجي ھيڏانهن ھوڏانھن نهاريائين ته اوطاقون ۽ اوتارا سڀ خالي پيا آھن. معلوم ڪيائين ته ڏير ويساهه گهاتي ڪري پنھونءَ کي زوريءَ ڀڄائي وٺي ويا آھن، پوءِ وٺي گھوڙا گھوڙا ڪيائين، جنھن تي ھن جا مائٽ ۽ پاڙيسري اچي مِڙيا پر ھن ڪنھن جي ڪين مَڃي ۽ اڪيلي اٺن جا پير کڻندي پنھونءَ جي پٺيان ڪاھيندي ويئي. چاليھن ڪوھن جي پنڌ بعد اچي پٻ جبل جي ويجھو پھتي ته اڃ ۽ ٿڪ سبب ماندي ٿي ڪِري پيئي ۽ ڇڙھيون ھڻڻ لڳي. قدرت خدا جي جو انھيءَ ھنڌان ھڪ صاف پاڻيءَ جو چشمو ڀڙڪو ڏيئي ڦٽي نڪتو. تحفة الڪرام وارو چوي ٿو ته ”مون معتبر ماڻھن کان ٻڌو آھي ته اھو چشمو اڃا تائين جاري آھي ۽ ڪڏھن به سڪي نٿو. ساڳيو تحفة الڪرام جو راوي هڪ ٻِي روايت ڪندي لکي ٿو ته سسئيءَ وٽ مينديءَ جي وڻ جي هڪ ٽاري هئي جيڪا دستور موجب پرڻي رات ھٿ ۾ ڪري ستي ھئي، اُها اِن سفر ۾ ساڻس ھمراھ ھئي جنهن کي هن انھيءَ چشمي جي ڀر تي زمين ۾ ٽنبيو هو، جنهن مان ھڪ سرسبز مينديءَ جو وڻ اڀري پيو هو، جيڪو اڃا تائين سندس نشانيءَ طور موجود آھي.
بهرحال سسئي اُتي ٿوري ساعت آرام ڪري، وري اڳتي وڃڻ لڳي ۽ پٻ جبل وارو مشھور لڪ ”پٻوڻي ناڪو“ لنگھي اچي ھاڙي جبل جي پاڙ وٽ ڦوڙنديءَ جي ڀر ۾ پھتي پر اُڃ سبب اڳتي وڃي نه سگھي. نھايت نااميد ٿي پوئتي ھٽي ۽ ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي ماباڙ نَئي جي ويجھو رَسي. ھاڻ واھيري جي ويل اچي ٿي ھئي. پريان پھاڙ تي ھڪ پنھوار جي جھوپڙي ڏسي وڌي وڃي کانئس پنهون بابت پڇيائين. چاليهه ڪوھ پيرين پنڌ ڪرڻ ۽ جبل جهاڳڻ ڪري سندس پير ڇلجي پيا هئا.
سسئيءَ جي سھڻي صورت ڏسي پنھوار جي دل ھرکجي پئي ۽ سندس نظرن کي پرکيندي سسئيءَ پاڻ کي جوکي ۾ ڏسي پنھونءَ جي سار ۾ زارو قطار روئڻ لڳي. سندس سوز وارين صدائن ڏونگر به ڏاري وڌو پر ھن ڪٺور تي ڪوبه اثر نه ٿيو. نيٺ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي پنھوار کي پاڻ وٽان ٽارڻ جي بھاني سان آزي ڪري چيائينس ته آءٌ ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل آھيان، ڀلائي ڪري پھريائين ڪو کير چڪو پيار. اهو ٻڌي پنھوار خوش ٿي ڌڻ ڏانھن ڊوڙيو ته سسئيءَ ٻئي ھٿ کڻي ڌڻي کي سوال ڪندي چيو ته اي رب! مون بي وسيليءَ جو وسليو ٿيءُ. ھن اڃا دعا مس پوري ڪئي ته پھاڙ ڦاٽي پيو ۽ هوءَ ان اندر گھڙي وئي، تنهن کانپوءِ جبل ٻيهر ڳنڍجي هڪ ٿي ويو پر سسئيءَ جي چُنيءَ جو پاند ٻاھر رھجي ويو. پنھوار جڏھن کير ڏھي پوئتي موٽيو تڏھن ھي رنگ ڏسي تعجب ۾ پيو ۽ الاھي قدرت جو اھڙو اھڃاڻ پسي توبھ تائب ٿيو ۽ انھيءَ ھنڌ ھڪ پٿرن جو ميڙ ڪري قبر جو لوڙھ ٺاھي ڇڏيائين.
ٻئي پاسي رستي تي جڏھن پنھون نشي جي خمار مان سجاڳ ٿيو تڏھن پاڻ کي اٺ تي جڪڙيل ڏسي ڏاڍي ڪاوڙ کاڌائين. ڀائرن کي ڀڄي وڃڻ لاءِ گھڻو ئي واجھايائين پر ھنن سان پڄي نه سگھيو. نيٺ ڀائرن آڻي سندس ٻانھن آري ڄام جي حوالي ڪئي. پر پنھون سسئيءَ جي وڇوڙي ۾ اھڙو ته ڳرندو ۽ سڙندو ويو جو پڻس کي سندس مرڻ جو خوف ٿي پيو. لاچار ٿي کيس موڪل ڏنائين ته ڀنڀور موٽي وڃ ۽ سسئيءَ کي به ساڻ وٺي اچ پوءِ ھو ڀنڀور ڏانھن راھي ٿيو. جڏھن سسئيءَ جي قبر وٽان لانگھائو ٿيو ته سندس روح کي ھڪ ازغيبي اڌمو آيو. اھڙي رڻ پٽ ۾ نئين قبر ۽ ان مان چنيءَ جو پاند ٻاھر نڪتل ڏسي دل ۾ خيال پيدا ٿيس ته ڇا ھيءَ سسئيءَ جي قبر آھي. اتفاقا اُھو پنھوار به اتي اچي سھڙيو جنھن سڄي ڳالھ کيس بيان ڪئي. پنهون اِهو ٻڌندي شرط، اٺ تان لھي پيو ۽ قبر جي ڀر ۾ زارو قطار روئي خدا جي در عرض ڪرڻ لڳو ته ”اي وڇوڙين کي ملائيندڙ سچا ڌڻي! مون کي پنھنجي محبوب سان ملائي.“ سندس عرض اگھاڻو، وري به جبل ڦاٽي پيو ۽ پنھون به وڃي سسئيءَ سان مليو سندن قبرون اڄ به ڪراچي منگهوپير ۽ همدرد يونيورسٽيءَ کان شاھ بلاول نوراني جي درگاھ تي ويندڙ رستي کان ڪجھ ڪلوميٽر اندر پٻ جبل تي موجود آھن.
شاهه لطيف به پٻ جبل رستي لاهوت لامڪان جو سفر ڪيو ۽ جبل جي ڏکئي سفر جو تجربو پسي سسئيءَ تي سڄا سارا پنج سر چيا آهن: سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني. سڀني سرن ۾ سسئيءَ جي ڏکن ڏاکڙن جو احوال آهي.

جهم ڪوٽ

سنڌ سونهاري پوري هيرن کاڻ آهي، ان جي هر منظر ۽ خوبصورتيءَ جي تعريف ڪرڻ فرض بڻجي وڃي ٿو. هڪ اهڙو ئي منظر ريل گاڏيءَ ذريعي ڪراچي ايندي ويندي جهمپير اسٽيشن کان گذرندي نظر ايندو هو. ڪينجهر ڪناري کجين جا ڊگها وڻ انهن جي وچ ۾ اونچائي تي پٿر جو جڙيل ڊگهي گنبذ وارو مندر ۽ پري پري تائين ڪينجهر جي نيري پاڻيءَ جو منظر ڏاڍو دلڪش لڳندو هو ۽ دل گهرندي هئي ته اُتي وڃي ان نظاري جو ڀرپور مزو وٺجي ليڪن هڪ پاسي قوم جو ڪاڍو ٻئي پاسي فڪر معاش، نه وقت مليو نه موقعو. نيٺ 24 آگسٽ 2002ع تي سنڌ جي عظيم ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ تاريخ جي ڄاڻو علي بابا سان گڏ جهمپير وڃڻ ٿيو، جتي محقق اشتياق انصاري صاحب جي هڪ ڪتاب (ڌرتي ماتا) جي مهورت جو پروگرام مانواري رسول بخش درس رکرايو هو. سندس اڳوڻي اوطاق تي پهتاسين ته محترم عبدالواحد آريسر ۽ رسول بخش پليجي صاحب سان ملاقات ٿي ۽ ڪجھ دير کان پوءِ پروگرام لاءِ سڀ پنڊال تي پهتاسين. پروگرام شروع ٿيڻ ۾ دير هئي ان ڪري آريسر صاحب ڪرسين تي ويهڻ بجاءِ پنڊال کان پرڀرو ڪينجهر ڪناري کجين جي ڀرسان هڪ کٽ رکرائي، جنهن تي ويهي علي بابا ۽ مون آريسر صاحب سان ڪافي دير تائين ڪچهري ڪئي. پوءِ پروگرام شروع ٿيو جنهن ۾ تقريرن کان پوءِ سڄي رات راڳ جو پروگرام هليو جنهن ۾ ٻين فنڪارن کان پوءِ صبح تائين شفيع فقير کي ٻڌوسين، مسجد مان اذان جو آواز بلند ٿيو ۽ پوءِ وري مندر جا گهنڊ وڄندا رهيا. شفيع فقير جي آواز ۽ آلاپ ۾ سڀ مست هئا، راڳ بند ٿيڻ تي ڪو به راضي نه هو. پنڊال ڀريو پيو هو. سج اڀري آيو. صبح اٺين تائين راڳ هلندو رهيو. جھمپير ۾ ڪينجهر ڪناري هي 24 ۽ 25 آگسٽ 2002ع جي وچ واري يادگار رات هئي جا زندگي ڀر وسري نه سگهندي. سائين رسول بخش سان چانھ بسڪيٽن جي نيرن ڪري وري علي بابا سان گڏ ڪينجهر ڪناري جو سير ڪيوسين. مندر جي صحن کان ڪينجهر جي پاڻيءَ تائين ڪشادي ڏاڪڻ ٺھيل هئي جنهن تي ويھي ڪينجهر جو نظارو ڪري سگهجي پيو ۽ هيٺ لهي ٻيڙين تي چڙھي ڪينجهر جو سير به ڪري سگهجي پيو. علي بابا ٻڌايو ته هي جِهم ڪوٽ آهي جيڪو سڄو مالڪي نه هجڻ ڪري ڊھي ويو آھي جنهن تي مندر به ٺهيل آهي ۽ ان جي مک دروازي جي هڪ برج جا بنياد به ڏٺاسين. علي بابا ٻڌايو ته هن ڪوٽ ۾ رهي ڪري راجا ڏاهر جي پٽ جئسينه عرب لشڪر سان مقابلو ڪيو هو، جنهن ڪري هي ڪوٽ تاريخي طور وڏي اهميت رکندڙ آھي.
ان ڏينهن کان هن ڪوٽ کي وري تفصيلي ڏسڻ جو شوق ستائيندو رهيو. تاريخ جي تلاش ۾ 18 جولاءِ 2019ع تي پيارو دوست عبدالحڪيم ميمڻ ۽ آئونُ جهمپير لاءِ روانا ٿياسين. روزاني ڪلياڻ اخبار جي بيورو چيف بيرو مانواري دوست اڪبر دلواڻيءَ محبت سان چانھ جي دعوت ڏني هئي. کيس فون تي اطلاع ڪري مڪلي پريس ڪلب تي پهتاسين. اڪبر دلواڻيءَ دوستن سميت اسان جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ اجرڪ اوڍايا. سندس لکين محبتون. پوءِ هڪ پياري دوست ۽ ان وقت ٺٽي ضلعي جي اينٽي ڪرپشن آفيسر غلام علي بوزدار سان سندس آفيس تي ملاقات ڪئي جنهن محبت سان رات رهڻ لاءِ زور ڀريو ته ڪينجهر جي ريسٽ ھائوس تي هلي ٿا ڪچھري ڪيون، پر مون معذرت ڪندي کيس ٻڌايو ته رات جهمپير ۾ رهڻ جو پروگرام آھي ۽ کانئس موڪلايو سين ته ڪجھ کائڻ پيئڻ جو سامان اسان جي گاڏي ۾ رکرايائين ته اوهان کي سفر ۾ ڪم ايندو. محبتن جا جهول ڀري اسين جهمپير لاءِ روانا ٿياسين. مانواري رسول بخش درس وٽ پهچي ساڻس ملياسون ۽ جلد ئي کيس ساڻ ڪري جهم ڪوٽ جا آثار ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين ڇو ته شام ٿي چڪي هئي ۽ سج جي روشنيءَ ۾ آثار ڏسڻا ھئا، پر اتي پهتاسين ته منظر ئي مٽيل نظر آيو. ڪوٽ جو هڪ وڏو حصو قبرستان جي والار ۾ اچي ويو آهي ۽ مختصر مندر جي بدران وڏا هال ۽ جايون ٺهي ويون آهن. 18 سال اڳ جيڪو برج جو بنياد نمايان نظر پئي آيو اُتي به هڪ قبر ٺهي ويئي آهي ۽ برج جي بنيادن جا پٿر قبرن ۾ استعمال ٿي ويا آهن. اهڙو منظر ڏسي ڏاڍو ڏکارو ٿيس. هاڻي ڪوٽ جي ديوار ۽ برج صرف دڙي ۽ قبرستان جي صورت ۾ موجود آهن. انهن دڙن جون تصويرون ورتيون ۽ ڪينجهر واري پاسي کان ڪجهه ديوار جا بنياد نظر آيا، انهن جون به تصويرون ورتيون سين ليڪن اڳ وارو منظر تمام خوبصورت هو: ڪشادي صحن تي چٽساليءَ وارن پٿرن سان تعمير ٿيل خوبصورت مندر جنهن ۾ مورتي رکيل هئي ۽ صحن کان ڪينجهر جو نظارو منهنجي تصور تي تري آيو، جنهن جي ختم ٿي وڃڻ جو تمام گهڻو افسوس ٿيو، ڇو ته جنهن منظر جي حسن جو عشق ڪيئي سالن کان اندر ۾ سمايل هو. اهو محبوب منظر نه پسڻ تي وقتي طور ڏاڍو پريشان ٿيو هئس.
* جهم ڪوٽ جي تاريخ
اڳئين دؤر ۾ ڪوٽ ۽ قلعا درياهن جي ڪناري تي ٺاهيا ويندا هئا. هي ڪوٽ راجا راءِ سھاسيءَ جي دور ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي ٺاهيو ويو هو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان دؤر ۾ سنڌو درياهه ٺٽي شهر جي الهندي پاسي کان ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍ وٽان وَهندو هو ۽ هن هنڌ تي ھيٺاهينءَ ڪري جبلن جي مٿاهينءَ تان گهڻا نديون نالا ۽ وهڪرا اچي سنڌو درياهه ۾ شامل ٿيندا هئا. ڪيئي صديون گذرڻ کان پوءِ سنڌو درياهه پنهنجو وهڪرو مٽائي ويو ته ان جي جاءِ هنن ڍنڍن والاري جن ۾ ٻيا وهڪرا اچي پاڻي گڏ ڪندا هئا. جنهن ڪري هتي ڪينجهر ۽ سنهري ڍنڍ وجود ۾ اچي ويون. هاڻي به هي ڪوٽ ڪينجهر ڍنڍ جي بلڪل ڪناري تي تمام خوبصورت جڳهه تي آهي جتان ڪينجهر جو تمام خوبصورت نظارو نظر اچي ٿو.
جهم ڪوٽ جو نقشو اشتياق انصاري صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جلد ٻيو جي صفحي 318 تي ڏنو آهي ۽ هن ڪوٽ بابت لکيو اٿائون ته: ”هن ڪوٽ جي اڏاوت ٽڪريءَ جي بيهڪ مطابق تقريبن چورس آهي. ڪوٽ جون ديوارون بنيادن مطابق سڌيون ۽ 8 فوٽ ويڪريون آهن ۽ چئني ڪنڊن تي برج آهن جن کان سواءِ 2 برج مک دروازي جا هئا ۽ هڪ برج قدرتي چشمن وٽان ديوار جي وڪڙ ۾ ڏنو ويو هو.“
موجوده وقت ۾ مٿي ڄاڻايل آثارن مان هاڻي ڪجهه به ثابت نه بچيو آهي. 20 سال اڳ مک دروازي واري هڪ برج جا بنياد جيڪي مون کي علي بابا ڏيکاريا هئا، هاڻي اهي به مٽجي ويا آهن. هن ڪوٽ کي ليکڪن هيم ڪوٽ به لکيو آهي، عربن جي ڪاھ جو احوال ڏيندي رحيمداد خان مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ ۾ صفحي 218 تي لکي ٿو ته: ”هيم ڪوٽ رياست جو حاڪم جيو ولد درياھ ھو ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ جهم ڪوٽ ھو“ اصل ۾ جابلو علائقي ۾ هن جاءِ تي هيٺاهين هئي جنهن کي جهم سڏيو ويندو هو ۽ ڪيئي نديون نالا هتي اچي درياهه ۾ ڇوڙ ڪندا هئا ۽ هتي قدرتي چشما هئا. هڪ چشمي جي مٿان پٿرن مان پاڻي آبشار ٿي وهندو هو جنهن جي هيٺان ”شِوَ“ جو هڪ پٿر به رکيل هو جنهن ڪري اتي ياتري پوڄا پاٽ لاءِ ايندا هئا. تاريخي طور چيو وڃي ٿو ته “شِوَ” جي پوڄا هندو ڌرم جي اچڻ کان به اڳيئي ٿيندي هئي. پوءِ راءِ سهاسيءَ جي دور ۾ هتي ڪوٽ اڏيو ويو ته ان تي جهم جو ڪوٽ ئي نالو پئجي ويو. هتي شِوَ جو مندر به ٺاهيو ويو. پراڻو مندر تمام خوبصورت هو جيڪو مون اڳ ڏٺو هو. هڪ ننڍو ڪمرو هو جنهن ۾ ”شِوَ“ مھراج جي مورتي ۽ ”شِوَ لنگ“ رکيل هئا ۽ مٿي اونچو گنبذ هو، جنهن تي سڄي چٽسالي پٿر سان ٿيل هئي ۽ ھن کان سواءِ ٻاهر ڪنهن به پاسي کان ڪا ديوار نه هئي، جنهن ڪري ڪينجهر جو خوبصورت نظارو ۽ ڪناري تي کجين جا وڏا وڻ ڏاڍا دلڪش لڳندا هئا، جيڪو نظارو هاڻي پسي نٿو سگهجي.
محمد بن قاسم ديبل بندر فتح ڪرڻ کان پوءِ جهم ڪوٽ فتح ڪري رني ڪوٽ پهتو، جتي رني ڪوٽ جي ٻڌن سندس آجيان ڪئي ۽ ڪوٽ اندر وٺي اچي رهايائونس، جنهن کان پوءِ سيوستان (سيوهڻ) فتح ڪري اتي رهيل هو ته پويان راجا ڏاهر جي پٽ جئسينه اچي جهم ڪوٽ تي ويٺو ۽ هن قلعي تان عرب فوجين کي ماري ۽ ڀڄائي ڪڍيائين. اها خبر ٻڌي محمد بن قاسم حسين شاهه جي سالاريءَ ۾ ڪجهه عرب لشڪر جهم ڪوٽ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو جن سان جئسينه مقابلو ڪيو. حسين شاهه ۽ سندس ساٿي مارجي ويا، جيڪي اتي ئي پوريل آهن. ان کان پوءِ محمد بن قاسم پاڻ وڏو لشڪر وٺي اچي جهم ڪوٽ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ جئسينه درياهه ٽپي راوڙ جي قلعي طرف هليو ويو ۽ محمد بن قاسم فتح حاصل ڪري هتي ڪيمپ ڪري ويٺو رهيو ۽ حجاج جي چوڻ تي هتان ئي سنڌو درياهه کي پار ڪرڻ جي تياري ڪيائين. هتان درياهه جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ به هو جنهن ڪري ٻن مرحلن ۾ درياهه پار ڪرڻ سولو هو، پوءِ هتي محمد بن قاسم ٻيڙيون گڏ ڪري انهن کي هڪٻئي سان ٻڌرايو ۽ وڏي حڪمت عمليءَ سان انهن ٻيڙين جي پل کي درياھ جي وهڪري مطابق ڇڏيو ويو ته وڃي ٻئي ڪناري تائين پهتيون ۽ پوءِ هن ٻيڙين جي پل رستي سنڌو درياهه کي پار ڪري عرب لشڪر راوڙ طرف روانو ٿيو. (تحفته الڪرام ۾ صفحو 454 تي مير علي شير قانع لکيو آھي ته حجاج جي تاڪيد تي محمد بن قاسم جهم جي سرزمين پهچي درياھ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون هٿ ڪيون ۽ انهن کي واريءَ ۽ پٿرن سان ڀري مضبوط ميخن ۽ رسن سان ڳنڍيائون)
هتي ڪافي وقت رهڻ، کارڪون کائڻ ۽ سندن ٻج اڇلائڻ ڪري هتي کجيون ڦٽي پيون جيڪي پوءِ وڏي نخلستان جو ڏيک ڏينديون هيون. حسين شاهه شهيد جي مزار ٺهڻ کان پوءِ جهم سان پير جڙي ويو ۽ هن جو نالو جهمپير ٿي ويو. هاڻي به حسين شاهه جي وڏي مزار آهي ۽ پوري علائقي مان عقيدتمند هتي اچن ٿا.
ٻئي پاسي مندر جنهن کي پڻ گهڻو وڌايو ويو آهي ۽ ڪينجهر جو ڪنارو ڍڪجي ويو آهي سواءِ قدرتي چشمن واريءَ جاءِ جي، جتان ڪوٽ جي بنيادن کي ڏسي سگهجي ٿو. چشمن جي هڪ پاسي ڪوٽ جي اصل ديوار آهي جنهن کي ڏسي سندس اڏاوت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، پهريان هن پاسي کان مندر کان هيٺ ڪينجهر جي پاڻيءَ تائين وڏيون ويڪريون ڏاڪڻيون هونديون هيون جنهن تان پاڻيءَ ۾ وڃي سگهبو هو يا ڏاڪڻين تي ويهي ڪينجهر جو نظارو ڪبو هو جيڪو نه ڏسي ڏاڍي مايوسي ٿي. هي هڪ تاريخي ڪوٽ ۽ ڪينجهر جو خوبصورت منظر آهي جنهن جي اصليت کي نروار ڪري هن کي تفريح لاءِ کوليو وڃي ۽ هن جي اهميت ۽ تاريخ تي تحقيق ڪرائي وڃي ته سنڌ حڪومت جو قوم تي احسان ٿيندو. ڪو ننڍو ئي ميوزيم ٺهرايو وڃي جنهن ۾ هن ڪوٽ مان مختلف وقتن تي مليل ڪجهه سامان جيڪو قبرن جي کوٽائيءَ دوران نڪرندو رهي ٿو ان کي محفوظ ڪيو وڃي. اڄ به هتي صفائي ڪرائي ۽ ڪوٽ جي کوٽائي ڪرائي وڃي ته هن ڪوٽ جا بنياد ۽ برج نمايان ٿي سگهن ٿا ۽ هتي تمام سٺو تفريح گاهه ٺھي سگهي ٿو. جهمپير نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي جي سنگم تي آھي ۽ هاڻي هنن ٻنھي شاهراهن کي هڪ نئين شاهراهه ٺاهي ملايو ويو آھي جيڪا جهمپير کي ڇهندي گذري ٿي، جنهن ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سولائيءَ سان سياح اچي سگهن جيڪي هن تاريخي ماڳ ۽ دلڪش منظرن مان لطف حاصل ڪري سگهن ٿا.
انبا رام ديوراجاڻي جون لکيل سٽون ياد اچي ويون ته:

اسان جي ماڳن مڪانن جون
اڃان ڪهاڻيون لڪل آھن
تاريخ دان هئا درٻاري
اصل حقيقتون لڪل آھن،
ڪالهوڪيون محل ماڙيون
اڄ بڻيون کنڊراتيون
انهن راڄن ڀاڳن جا راڻا
۽ راڄ راڻيون لڪل آھن.

ساروڻيون سنگت جون
ڪينجهر ڪناري مندر تي گهمندي سج لٿو ۽ رات ٿي ويئي ته اسان به سائين رسول بخش درس سان گڏجي سندس نئين اوطاق تي آياسين. منهنجو ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“، روچي رام صاحب جو ڪتاب ”نئين سياسي سوچ“ ۽ هڪ اجرڪ مون درس صاحب لاءِ سوکڙي طور آندا هئا جيڪي کيس پيش ڪيا. اوطاق جي آڳر تي ڪرسيون پيل هيون. هي اوطاق نئين هاءِ وي جي ويجهو آھي اوطاق جي سامهون روڊ تائين اڃا ڪائي اڏاوت نه ٿي هئي جنهن ڪري شاهي روڊ ۽ پريان ڪينجهر جو قدرتي ڪنارو ۽ مٿان وري ستارن ڀريو وشال آسمان جنهن تي چوڏينھنءَ جو چنڊ نمودار ٿي آيو ته هي سڀ خوبصورت منظر پسندي من ۾ ھزارين يادن اچي ديرو ڄمايو. اسان ٽيئي سنڌ جا سنجيده عاشق، اسان جي ڪچھريءَ جي هر موضوع ۾ قومي تحريڪ جا مختلف دور ۽ مختلف ساٿين سان گڏ ڪيل عملي جدوجهد ۽ ان ۾ وفائن ۽ جفائن جا قصا، وڇڙي ويل ساٿين جون يادگيريون هيون. اسان ٽنھي ۾ سينئر درس صاحب هو، ان ڪري حڪيم ۽ آئون گهڻو ان کي ٻڌي رهيا هئاسين ۽ وچ ڪچھريءَ ۾ سائين جا فرزند ماني کڻي آيا ته مانيءَ کائڻ جو وقفو ڪيوسين. وري ساڳيا قصا رات دير تائين هلندا رهيا. جن دوستن سان درس صاحب جو رابطو نه رهيو هو، انهن ۾ رسول بخش ٿيٻو ۽ ٻين دوستن سان فون ڪري گڏيل حال احوال ڪيوسين. هن قومي ڪچھريءَ ۾ سائين جي ايم سيد سان ملاقاتن ۾ مليل آدرش ورجايا سون ۽ شھيد بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر صاحب، شھيد شفيع محمد ڪرناڻي، شھيد سرائي قربان کهاوڙ ۽ ٻين قومي شھيدن جون ساروڻيون ساريوسين.
موجوده دور ۾ فڪري استقامت سان جدوجھد ۾ ھلندڙ سينئر سياسي دوستن سيد غلام شاھ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، نورالدين جمالي ۽ ٻين دوستن سميت ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي جي شھيدن ۽ اسيرن نظير تنيو، سليمان جتوئي، سڪندر ميراڻي ۽ ٻِي موجوده قومي قيادت ۽ ڪارڪنن جون قربانيون ۽ انهن جا حال احوال اورياسين، مطلب ته ڪينجهر ڪناري 18 سال اڳ واري رات جيان 18 ۽ 19 جولاءِ 2019ع جي وچ واري هن چانڊوڪي رات جنهن ۾ چوڏينهنءَ جو چنڊ آسمان تي پوري جوڀن سان جلوه گر هو ۽ وشال ڪينجهر جي پاڻيءَ تي چنڊ جو عڪس ۽ لهرن جي ترورن ڏاڍو رومانس وارو ماحول ٺاهي ڇڏيو هو. پيارن جون يادگيريون ورجائيندي منهنجون نظرون بار بار چنڊ طرف کڄي پئي ويون ڇو ته چوڏينهن جي چنڊ ۾ مون کي سدائين سنڌ جو نقشو نظر ايندو آھي. ان رات چنڊ اندر سنڌ جو نقشو ۽ نقشي اندر محبوبن جا چمڪندڙ چھرا به واري واري سان نظر ٿي آيا ۽ محسوس پي ٿيو ته چنڊ اسان جي ڪچھري ۾ شامل آھي ۽ اسان جون سڀ ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هجي ۽ چئي رهيو هجي ته اهي سڀ منهنجا به پرين پيارا آھن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي عاشقن جو آئون به شاهد آھيان ۽ رهندس ته هنن ڌرتيءَ ماتا جي ٿڃ ملاهئي آھي. ڪينجهر ڪناري جي هي ڪچھري به منھنجي دل تي نه مٽجندڙ نقش چٽي ڇڏيا.
رات رقصان هئي بادلن پئي چميو
عڪس تنهنجو پرين هو پاڻي مٿان
لھر لوڏي رکيا احساس پيار جا
ڇير ڇمڪي وڳي راڳ ڇڙجي ويا
تو مٿان مون مٿان تارن پئي گهور ڪئي
هاءِ صدقي ٿيا منظرن جي ڪيئي مٿان
سج جي لالڙي ۽ چنڊ جو اولڙو
ٻئي مرڪي پيا ، تو جيان مون جيان.
رات جي پوئين پهر ننڊ ڪئي سون ۽ صبح جو ناشتو ڪري سائين رسول بخش کان موڪلائي ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿياسين. موڪلائڻ وقت درس صاحب مون کي ۽ حڪيم صاحب کي اجرڪ پارايا ۽ مون کي پنهنجا لکيل چار ڪتاب عنايت ڪيائون. سندس محبتن جا جھول ڀري روانا ٿياسون ته حڪيم صاحب ڊرائيونگ ڪندي چيو ته سائين آئون ڪينجهر جي تفريحي مرڪز تي به نه ويو آھيان، رستو ٻڌائجو ته ٿيندا هلون. مون کيس رستو ٻڌايو ۽ ڪينجهر ڪناري جي هن جديد تفريح گاھ تي ڪجھ گهمي ڦري ۽ ڪناري واري رسٽورينٽ تي چانھ پيتي سون، ليڪن منهنجي دل اداس هئي جنهن کي حڪيم صاحب محسوس ڪندي پڇا ڪئي ته مون چيو: حڪيم سائين جِهم ڪوٽ جي آثارن جي ڏسڻ جو وڏو شوق هو، انهن جو مٽجي وڃڻ وڏو افسوسناڪ آھي، جنهن ڪري آئون اداس آھيان. هن به اداس ٿيندي چيو سائين ڇا ٿو ڪري سگهجي. مون وراڻيو ته رستي ۾ ڀنڀور آھي اتي هلون ٿا ۽ ديبل جا آثار هلي ڏسون ٿا ۽ پوءِ سڌو ڀنڀور اچي پهتاسين، جتي به حڪيم صاحب پھريون ڀيرو آيو هو، انڪري مون کيس پهريائين ميوزيم ۾ ديبل جو نقشو ۽ ماڊل ڏيکاريا ۽ کيس ڪجھ آثارن بابت ٻڌايو ۽ پوءِ قلعي جي آثارن تي سخت گرميءَ باوجود ڪافي وقت گهمندا رهياسين ۽ حڪيم صاحب کي مختلف آثارن بابت ٻڌائيندو رهيس ۽ ايئن جهم ڪوٽ واري اداسي ۽ پياس جو ڪجھ پورائو ڪيو سون.
روزاني ايڪتا 25 - جولاء 2019ع

حوالا
1-جنت السنڌ - رحيمداد خان مولائي شيدائي
2- تحفته الڪرام - مير علي شير قانع
3- سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۔ اشتياق انصاري
4- نيري پاڻي جي ڪينجهر ڍنڍ ۔ رسول بخش درس

حيدر آباد جو ڪچو قلعو

ڪجهه ڏينهن اڳ حيدر آباد وڃڻ ٿيو ته مون هڪ دوست منور خاصخيليءَ کي چيو ته حيدر آباد جا ڪجهه تاريخي ماڳ ڏسڻ هلون. هن به خوش ٿي هائوڪار ڪئي ۽ اسين ٻئي ڪچي قلعي ڏانهن روانا ٿيا سين.
هي قلعو حيدر آباد ريلوي اسٽيشن واري علائقي ۾ ڪچو قلعو روڊ تي آهي.
سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جي دور ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي حيدر آباد جو پڪو قلعو ٺهرايو ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڏکڻ ۾ پير محمد شاهه مڪيءَ جي مزار واري دڙي تي هي ڪچو قلعو ۽ پڪي قلعي جي اتر ۾ به هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن کي هاڻي ميان غلام شاهه جو ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو، (ڇو ته هن ڪوٽ جي وچ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو به ٺهيل آهي) هي ٻئي ننڍا قلعا وڏي پڪي قلعي جي حفاظتي چوڪين طور ٺهرايا ويا هئا.
ڪچي قلعي جي هڪ ديوار ۾ لڳل ڪتبي مطابق 1083 هجري جنهن جو عيسوي سن 1671 چيو وڃي ٿو، ليڪن هن قلعي بابت مرزا قليچ بيگ تعمير جو سن 1772ع ٻڌائي ٿو، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومتي دور مطابق صحيح لڳي ٿو، ڇو ته هر تاريخ لکندڙ ان تي متفق آهي ته هي قلعو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ئي ٺهرايو آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي والد ميان نور محمد ڪلهوڙي 1168 هه مطابق 1754ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ ميان محمد مراد ياب تخت تي ويٺو، ليڪن جلد ئي سندس ٻين ڀائرن کيس هٽائي ميان غلام شاهه کي تخت تي ويهاريو، جنهن جو حڪومتي دور 1168 هجري مطابق 1754ع کان 1186 هه مطابق 1772ع تائين رهيو.
ڪچو قلعو ايراضيءَ ۾ ننڍو ۽ ٽڪنڊو آهي. هن قلعي جو مک دروازو آهي ۽ ٻيو پير محمد مڪيءَ جي مزار وارو ننڍو دروازو آهي، قلعو مٿاهينءَ تي آهي، ان ڪري ٻنهي دروازن کان ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، قلعي کي اڌ گول شڪل وارا 8 برج آهن، جن مان مڪي شاهه جي مزار واري ڪنڊ وارو برج ٻين برجن کان وڏو برج آهي. ڪوٽ جو مک دروازو، ديوارون ۽ برجن جا بنياد پڪين سرن جا آهن، باقي مٿي ڪچين سرن واري ديوار ۽ برج آهن، جيڪي تمام زبون حال آهن، سندن ڪنگرا ۽ پلوڙا به ڊهي ختم ٿي ويا آهن. هن وقت هن قلعي جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇو ته هي تاريخي ماڳ وچ شهر ۾ هجڻ باوجود لاوارث آهي. قلعي جي مک دروازي تي پهتاسين ته ان جي آس پاس ڪٻاڙين جا دڪان ٺهي ويا آهن. مک دروازي واري ڏاڪڻ تي به ڀڳل ٽٽل گاڏين جا ڍانچا ۽ ٻيو ڪٻاڙ پيل هو. مون ۽ منور ڪافي ڪوشش ڪئي ته مک دروازي تائين پهچجي ليڪن ڪٿان به رستو نه مليو، نه وري ڪو سٺو ڦوٽو نڪري سگهيو، ڇو ته شاهي دروازي واري ويڪري شاندار ڏاڪڻ تي ديوار ٺاهي دروازو بند ڪيو ويو آهي. هن خوبصورت دروازي جو ٻاهران پورو منظر ڏسڻ ۾ نٿو اچي. دڪاندارن ٻڌايو ته قلعي ۾ وڃڻ لاءِ مڪي شاهه جي مزار واري پاسي کان وڃي سگهو ٿا، مک در سرڪاري طور تي بند ڪيو ويو آهي. دروازي جي اهڙي حال تي مون کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ڇو ته سڄي قلعي جي ديوار ۾ هي مک دروازو ئي پورو پڪين سرن جو ٺهيل هجڻ ڪري اصل شڪل صورت ۾ موجود آهي ۽ مٿي ويندڙ ويڪري ڏاڪڻ ان کي وڌيڪ شانائتو ڪري رهي آهي، ليڪن ان ڏاڪڻ تي پيل ڪاٺ ڪٻاڙ ۽ آس پاس ڳريل سڙيل گاڏين جا ڍانچا ۽ رڪشن جو سامان اسان جي هن تاريخي ماڳ جي سونهن سوڀيا کي ناس ڪري رهيو آهي. بهرحال غم ۽ غصي جي حالت ۾ پير محمد شاهه مڪيءَ جي مزار کان وڃي قلعي ۾ داخل ٿياسين، هڪ مزار کان ٻي مزار بعد ان کان ٻاهر نڪري بيٺاسين ته ڪچي قلعي جي ديوار نظر آئي. اندر سڄو ميدان قبرن، آستانن ، تڪين سان ڀريو پيو آهي، اڻوندڙ ماحول ۾ اسان مجاورن ۽ موالين جي وچان گذرندي وڃي مک دروازي تي پهتاسين، جنهن جي اندرين اڏاوت ٻاهرين اڏاوت جهڙي خوبصورت ته نه آهي، ليڪن پوءِ به ان جون ديوارون ۽ برجن جون اندرين پاسي کان ڪجهه تصويرون ڪڍيون سين ۽ ڏک ۽ پيڙا جي حالت ۾ واپس اچي مڪي شاهه جي مجاور سان ويهي ڪجهه معلومات ورتي سين، جنهن ٻڌايو ته درگاهه جي بچاءُ لاءِ مک دروازو بند ڪيو ويو آهي. هن کي قلعي بابت ڪابه خبر نه هئي. قلعي جي ديوار جو مزار وارو حصو اندران مزار جي ڪري پڪو ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڪتبو به ان ۾ لڳل آهي، جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. مڪي شاهه جي مزار جي ڪري هي قلعو به اوقاف کاتي وارن جي حوالي آهي.
سنڌ حڪومت جي قديمي آثارن واري کاتي کي اپيل ڪجي ٿي ته هن اهم قديمي ماڳ جي سارسنڀال ڪري، ڇو ته هي اسان جو تاريخي ورثو آهي. مڪي شاهه جي مزار کان سواءِ ٻين جعلي پيرن ( تعويذ مافيا) ۽ موالين کان قلعو خالي ڪرايو وڃي ۽ قلعي جي ٻاهران ڪٻاڙين جا قبضا ختم ڪرايا وڃن، اهي قلعي جي ديوار کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. مک دروازي جي اڳ وارو حصو به قبضا گيرن کان خالي ڪرائي قلعي جي سونهن ۽ سوڀيا کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن ڪوبه اسان جي هن قومي ورثي کي ڏسڻ وڃي ته ان کي ڏسي اتساهه وٺي سگهي.


(روزاني ايڪتا 30 مئي 2019ع)

مددي ڪتاب

1. ڪتاب: ”جنت السنڌ“، ليکڪ: رحميد داد خان مولائي شيدائي.
2. ڪتاب: ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ليکڪ: اشتياق انصاري.

نئون ڪوٽ

اسين مٺيءَ کان سڌو نئون ڪوٽ پھتاسين. پري کان ئي ڪوٽ جي مک دروازي وارا ٻئي وڏا برج خوبصورت ۽ شاندار نظر اچي رهيا هئا. وسڪاري جي موسم هجڻ ڪري ڪوٽ تي به ڄڻ ڪي ميلو لڳو پيو هو. اسان پهريان ڪوٽ جي ٻاهران فوٽوگرافي ڪئي ۽ پوءِ مک دروازي اندر گهڙي دمدمي جو جائزو ورتو جنهن ۾ سپاهه جي رھڻ جو بدوبست ٿيل آھي. پوءِ اندرين دروازي کان ڪوٽ اندر پهتاسين.
نئون ڪوٽ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي مٺيءَ جي مھاڙي ۾ ميرپورخاص کان 64 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر مٺيءَ ويندڙ نئين شاهراھ تي آهي. هي ڪوٽ مير ڪرم علي خان ٽالپر سن 1814ع ۾ ٺهرايو. سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ دوران ٿر تي مقامي سوڍا ئي راڄ ڪندا هئا، ليڪن ڪلهوڙن کي ڏن ڏيندا هئا ۽ عمر ڪوٽ جو قلعو جوڌپور جي مھاراجا جي قبضي ۾ هو. ڪلهوڙن کان بعد ٽالپرن سنڌ جون واڳون سنڀاليون ته ٿر وارن ٽالپرن کي ڏن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن تي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان طئي ڪيو ته ٿر جا سوڍا قابوءَ ۾ ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ ڪوٽ ٺهرايا وڃن ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مٺيءَ ۾ سن 1785ع ۾ قلعو ٺهرايو ويو ۽ مٺيءَ تي فتح ڳڙهه نالو رکيو ويو. ڪجهه سپاهه اتي رکيو ويو ۽ ڪاردار مقرر ڪري سوڍن کان پيداوار مان پنج حصا ڪري ٻه حصا ٽالپر ڍل طور وٺندا هئا ۽ ٽي حصا سوڍن جا هوندا هئا. ان کان پوءِ شهر ٻاهران ڀٽ تي مورچي طور سن 1789ع ۾ ننڍو قلعو ٺهرايو ويو، جنهن جا آثار اڄ به مٺيءَ واري ڀٽ تي موجود آهن.
چيو وڃي ٿو ته هي ٻئي ڪوٽ سن 1844ع ۾ زلزلي اچڻ ڪري ڊهي ويا، هاڻي شهر واري ڪوٽ جي جاءِ تي اسپتال آهي جيڪا ڪشمير چوڪ جي ڀر ۾ ٻڌائي وڃي ٿي. مٺيءَ کانسواءِ سن 1795ع ۾ اسلام ڳڙهه جو قلعو ٺهرايو ويو جيڪو هاڻي اسلام ڪوٽ سڏجي ٿو. هي به فتح ڳڙهه جيترو ئي ڪوٽ هو. هن جون ديوارون 30 فوٽ اونچيون ۽ چئني ڪنڊن تي برج هئا، اوڀر پاسي کان دروازو هئس ۽ ان لاءِ به هڪ برج ٺهيل هو. هي قلعو به ڊهي ويو آهي ۽ ان جاءِ تي اسڪول ٺهيل آهي. هن ڪوٽ جي ٺهرائڻ کانپوءِ سن 1800ع ۾ چيلهار، سينگاري ۽ کُڏي ۾ قلعا ٺهرايا ويا. هنن سڀن قلعن جي تعمير هڪ جهڙي هئي جيڪي هاڻي سڀ ڊهي ويا آهن. چيو وڃي ٿو ته انگريزن پنهنجي دور ۾ هنن قلعن کي پاڻ تباهه ڪيو ته جيئن باغين جي ڪم نه اچي سگهن، ڇو ته مياڻي ۽ دٻيءَ جي جنگ هارائڻ کانپوءِ مير شير محمد خان ٽالپر ٿر جي هنن ڪوٽن ۾ پنهنجو سپاهه گڏ ڪرڻ لاءِ ڦيرا لڳائيندو هو. ٿر ۾ ننڍن قلعن کي گڍ سڏيو ويندو آهي، ان ڪري مٺي جي ڀٽ جتي هاڻي تفريح گاهه ٺاهي ويئي آهي، ان جي هڪ پاسي تي ننڍو قلعو ٺهيل هو جيڪو مورچي طور ڪم ايندو هو، ان ڪري ئي هن ڀٽ کي گڍي ڀٽ سڏيو وڃي ٿو.
هن وقت نئين ڪوٽ جو قلعو ميرپورخاص کان مٺي ويندڙ نئين شاهراهه تي نئون ڪوٽ شهر کان ٻاهر نڪرندي کٻي هٿ تي موجود آهي. ڪوٽ جي دروازي وارا ٻيا شاندار برج ٿر جي هن هنڌ واري سڌي زمين تي اونچي ڳاٽ سان پري کان ئي نظر اچن ٿا ۽ سندسن اونچائي ۽ مضبوطي پهرين نظر ۾ ئي ڏسندڙ کي قائل ڪري ٿي ته هي ڪوٽ پوري ٿر جو رکوال ۽ محافظ قلعو آهي.
نئون ڪوٽ مير ڪرم علي خان ٽالپر سن 1814ع ۾ ٺهرايو. مير ڪرم علي خان 1812ع ۾ حڪومت جي مسند سنڀالي ۽ سن 1813ع ۾ جوڌپور جي راجا کان عمر ڪوٽ فتح ڪيو ۽ پوري ٿر تي پنهنجو ڪنٽرول پڪو ڪرڻ لاءِ سن 1814ع ۾ نئون ڪوٽ ٺهرايو. هي ڪوٽ ٿر جي ٻين قلعن کان وڏو ۽ مضبوط قلعو آهي. ڪوٽ چورس نظر اچي ٿو جنهن جي ماپ اڪثر ڪتابن ۾ ويڪر 600 فوٽ ۽ ڊيگهه 640 فوٽ لکي آهي، ليڪن اشتياق انصاري صاحب 366 فوٽ ۽ 318 فوٽ لکي ٿو، جيڪو تمام وڏو فرق آھي. ڀتين ۽ برجن جي زمين کان اونچائي 30 فوٽ آهي جنهن ۾ مٿي مارا به ٺهيل آهن ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نيسارا ٺهيل آهن، جيڪي برجن ۽ ڀتين جي خوبصورتيءَ کي واڌائين ٿا. ڪوٽ ۾ ٽوٽل 9 عدد برج آهن، چئني ڪنڊن تي برج آهن ۽ ٽن ڀتين کي وچ ۾ به برج آهن. هنن برجن ۾ ٻاهرين دروازي جي حفاظت لاءِ هڪ وڏو برج آهي جنهن جي ٿولهه 140 فوٽ آهي. هي برج مک دروازي کي لڪايون بيٺو آهي. هن برج کان سواءِ ٻيا برج به مضبوط برج آهن پر هي سڀن کان سگهارو آهي. ڪوٽ جي اندران 12 فوٽ ويڪري فصيل ڏنل آهي، جيڪا ڪوٽ ۽ برجن کي وڏي طاقت بخشي ٿي. هن ڪوٽ جي برجن جي اڏاوت تمام خوبصورت ۽ مضبوط ٿيل آهي! سڀ برج زمين تي اٺ جي پير وانگر تراکڙا ڪجهه فوٽن کان پوءِ لهوارا ٿي مٿي اونچا ٿين ٿا. ڪوٽ جو اندريون دروازو اوڀر ڀت ۾ آهي، پر هن جي ٻاهران چورس دمدمو آهي جيڪو اندران 48 باءِ 40 فوٽ آهي، جيڪو اندرين دروازي جي حفاظت ڪري ٿو، جيڪو پاڻ هڪ ننڍو قلعو آهي. ٻاهريون مک دروازو هن دمدمي جي ڏکڻ ڀت ۾ آهي جنهن جي حفاظت لاءِ ٻاهران هڪ مک وڏو برج ۽ ٻيو ڪجهه ننڍو برج آهن. هن دمدمي کي هڪ ٻيو برج اوڀر واري پاسي آهي جيڪو دمدمي سان گڏ اوڀر ڀت جي نظرداري به ڪري ٿو. مک دروازي کان اندر ايندي ٻنهي پاسن کان چوڪيدارن لاءِ ڪوٺڙيون ٺهيل آهن. دروازي جي ويڪر 12 فوٽ ۽ گهٽي 20 فوٽ ڊگهي آهي جنهن مان گذري اچي دمدمي ۾ پهچجي ٿو، جنهن جي اندرين فصيل 20 فوٽ ويڪري آهي ۽ ٻن پاسن کان فصيل هيٺ سپاهين لاءِ بيرڪون ٺهيل آهن. بهرحال ڪوٽ جي حفاظت لاءِ جي هڪ مضبوط دمدمو آهي جنهن جهڙو سنڌ جي ڪنهن ٻي ڪوٽ ۾ نظر نٿو اچي. نئين ڪوٽ جو اندريون در به 12 فوٽ ويڪرو آهي ۽ هن واري گهٽي به ٻاهرين دورازي واري گهٽيءَ جيتري آهي. هن ۾ به ٻنهي پاسن کان چوڪيدارن لاءِ ڪوٺڙيون ٺهيل آهن. گهٽيءَ کان ڪوٽ ۾ داخل ٿبو ته ڪوٽ تي مٿي چڙهڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان ويڪريون ڏاڪڻيون آهن، جن تان مٿي چڙهي 12 فوٽ ويڪري فصيل ۽ برجن تي وڃي سگهجي ٿو. ڪوٽ اندر وڏو خالي ميدان آهي. منڍ ۾ ڪجهه وڻن جو ڇانورو آهي. اندرين در کان ڪوٽ ۾ داخل ٿبو ته سڄي هٿ تي ڀت جي ڀرسان رهائشي جاين جا کنڊر آهن جيڪي ٻڌائين ٿا ته هتي مير صاحبن جي رهائش هوندي هئي، ڇو ته ويڪرا ويڪرا ڪمرا ۽ ڀتين ۾ ونگ ۽ دريون خوبصورت جاءِ جي آثارن جي نشاندهي ڪن ٿيون. ٻئي پاسي ڪوٽ جي ڏاکڻي ڀت جي ڀرسان بارود خانو ٺهيل آهي جيڪو هڪ وڏو چورس ڪمرو آهي جنهن جي مٿان گنبذ ٺهيل آهي ۽ هڪ پاسي کان ننڍو محرابدار دروازو آهي جنهن کان سواءِ ڪا به دري يا روشندان نه آهي. هتي بارود رکيو ويندو هوندو. انهيءَ پاسي هڪ ٻيو بارود خانو به آهي جنهن جي ڇت ڊهي وئي آهي. بهرحال نئون ڪوٽ ۽ ڏجيءَ جو قلعو سنڌ جا آخري تعمير ٿيل قلعا آهن جن کان پوءِ قلعن جي تعمير سڄي دنيا ۾ رڪجي وئي ڇو ته انهن جي اهيمت ختم ٿي وئي. نئين ڪوٽ جي برجن ۾ به توبون رکيل هونديون هيون جن لاءِ مارا ٺهيل آهن. هڪ ڀيري جو ذڪر ملي ٿو ته انهن توبن سان مير ڪرم علي خان کي سلامي پيش ڪئي وئي هئي.
ويجهي ماضيءَ ۾ نئون ڪوٽ زبون حال ٿي ويو هو، ڀتين ۽ مورچن جا پلوڙا ڪري پيا هئا ۽ مک ٻئي دروازا به ڀڄي ڀري ويا هئا. ڪوٽ جي اها حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو پر هاڻي ٻه مهينا اڳ نئون ڪوٽ تي وياسين ته خوشي ٿي. ڇو ته اتي مرمت جو ڪم هلي رهيو هو. ڀتين ۽ برجن جا پلوڙا مورچن سوڌو ٺهي ويا آهن. مک دروازي جي مورچن تي توب به رکجي وئي آھي ۽ پراڻي طرز وارا مک دروازا به لڳي ويا آهن، بنيادن جي مرمت به ٿي چڪي آهي. ڪوٽ جي اندرين رهائشي جاين ۽ بارود خانن جو ڪم هلندڙ آهي جيڪو اميد آهي ته مڪمل ٿي ويندو. هاڻي نئون ڪوٽ وري اصل حالت ۾ اچي ويو آهي جنهن کي ڏسي سرهائي ٿئي ٿي، جنهن لاءِ سنڌ جي ثقافت کاتي، آرڪيالاجي ڊپارٽمنٽ ۽ خاص ڪري سيد سردار شاهه ۽ اڪبر لغاري صاحب کي جس ڏجي ٿو جن سنڌ جي ٻين ماڳن جي سار سنڀال سان گڏ هن اهم ماڳ کي به بچائي ورتو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ويجهن ۽ ڏوراهن علائقن کان سياح اچن ٿا جيڪو اسان لاءِ انتهائي خوشي جو باعث آھي. اسان به ڪوٽ جي ٻاهران ۽ اندران فوٽوگرافي ڪري واپس روانا ٿياسين.

روزاني ايڪتا 10 آڪٽوبر 2019ع

حوالا
1. ڪتاب: ”تاريخ ريگستان“، رائچند هريجن
2. ڪتاب: ”پراڻو پارڪر“، منگھارام اوجها
3. ڪتاب: ”تاريخ تمدن سنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي
4. ڪتاب: ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي
5. ڪتاب: ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“، اشتياق انصاري

شهيد هوش محمد شيدي

سنڌ سونهاريءَ جي تاريخ ۾ ڪيئي بهادر پٽ، سرويچ ۽ سالار ٿي گذريا آهن جن سنڌ جي آزاديءَ جي عَلم کي اونچو رکڻ لاءِ حملا آورن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪيو آهي، جن مان ڪن سوڀون ماڻيون آهن. ڪي وري سر گهوري سرخرو ٿيا آهن. اهڙن ارڏن ۽ اڙٻنگ جوڌن جي مک ناليوارن مان هڪ شهيد هوش محمد شيدي (قمبراڻي) به آهي.
هوش محمد قمبراڻيءَ جو والد ايراني نار جي علائقي مان غلام بڻائي اچي ڪراچي بندر تي وڪرو ڪيو ويو هو جنهن کي مير فتح علي ٽالپر پاڻ وٽ ملازم طور رکيو. مير فتح علي خان ٽالپر جو پٽ مير صوبدار خان 1791ع ۾ پيدا ٿيو ۽ چيو وڃي ٿو ته هوش محمد سندس هم عمر دوست ۽ ساٿي هو. وڏو ٿيو ته کيس فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو جتي هن بندوق جي نشاني بازيءَ جي تربيت ورتي ۽ بهترين نشاني باز هئڻ ڪري کيس توبخاني جو انچارج مقرر ڪيو ويو. مير فتح علي خان جي وفات کان پوءِ سندس پڳدار پٽ مير صوبدار خان جا پنهنجن چاچن سان اختلاف ٿي پيا. هوش محمد به توبخانو ڇڏي سندس اطاليق/مشير بڻجي ويو. صوبدار خان هوش محمد جي مدد سان پنهنجو فوجي جٿو تيار ڪيو ليڪن مير مراد علي خان ساڻس جنگ ڪري کيس شڪست ڏيئي قيد ڪري وٺي اچي نظربند ڪيو ۽ هوش محمد به حڪومتي ۽ فوجي معاملن کان پاسيرو ٿي ويهي رهيو.
ٽالپر حڪمرانن جي هڪ ٻئي سان اختلافن جو فائدو وٺندي انگريزن بهاولپور جي نواب، قلات جي نواب ۽ جوڌپور جي راجا کي جابلو علائقا تحفي ۾ ڏيئي پنهنجو ڪيو ۽ اتر سنڌ ۾ مير مراد علي خان ۽ لاڙ ۾ مير صوبدار خان کي به خريد ڪري پاڻ سان ملايو ته جيئن سنڌ تي ڪاهه ڪجي ته ٽالپرن کي ٻاهرين مدد به نه ملي سگهي. اندران به غداري ڪرائي وڃي. ٽالپرن جي فوج مان ڌاريا اهلڪار توبخاني جو انچارج جان هاويل ۽ ٻئي فوجي آفيسر سائمن کي به خريد ڪري پاڻ سان ملائي ڇڏيو. (دادا سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب: سنڌين جي فوجي مهارت صفحو 78-79)
1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته خيرپورميرس جي حڪمرانن ساڻن معاهدو ڪري پنهنجي جان ڇڏائي ۽ انگريز فوج جيڪا بمبئيءَ جي ڇانوڻيءَ مان چارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ ۾ آئي، اها اچي سنڌ جي مرڪز حيدرآباد ٻاهران مياڻيءَ جي ميدان تي پهتي. انگريز فوج جو تعداد 2800 هو ۽ هنن وٽ 12 توبون هيون ۽ سندن مدد لاءِ ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي چانڊين جو سردار پنهنجي 10000 ويڙهاڪن جي لشڪر سميت اچي پهتو ۽ ڇانوڻي هڻي ويٺو.
حيدرآباد جو ٽالپر حڪمران مير نصير خان شهداداڻي پنهنجي لشڪر سميت 16 فيبروريءَ تي اچي مياڻيءَ جي ميدان تي پهتو جنهن جي لشڪر ۾ سپاهه جو تعداد 22000 هو ۽ هنن وٽ 15 عدد توبون هيون. 17 فيبروريءَ تي جنگ لڳي جنهن جي شروعات ۾ ئي توبخاني جو انچارج جان هاويل توبن سان انگريزن جي فوج تي گولا هلائڻ بجاءِ توبن جا منهن مٿي ڪرائي هوا ۾ فائر ڪرائيندو رهيو. سندس اها چال بازي ظاهر ٿي پئي ته هن بارودخاني کي باهه لڳرائي ڇڏي، ڇو ته هو اندروني طور انگريزن سان مليل هو، هن غداري ڪري انگريزن کي توبخاني تي قبضو ڪرايو. سنڌي فوج جا گهوڙي سوار ۽ پيادا بهادريءَ سان وڙهندا رهيا ۽ انگريزن جي بندوقن ۽ توبن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندا رهيا. اهڙي صورتحال ڏسي سنڌي فوج جو سالار مير نصير خان شهداداڻي هلندڙ جنگ مان 1100 سپاهي وٺي ميدان مان کسڪي ويو، جنهن کان پوءِ انگريز فوج بيدرديءَ سان سنڌي سپاهه کي قتل ڪيو، جيڪي سج لهڻ تائين بهادريءَ سان وڙهندا رهيا.
ٻئي ڏينهن 18 فيبروريءَ تي مير نصير خان پنجن ميرن سميت پيش پئي پنهنجون تلوارون انگريز جرنيل جي اڳيان زمين تي رکيون ۽ کيس ساٿين سميت قيد ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح انگريزن چالبازي ۽ مڪاريءَ سان سنڌ جو مرڪز فتح ڪيو.
ميرپور جو ٽالپر حڪمران مير شير محمد ماڻڪاڻي پنهنجو لشڪر گڏ ڪري حيدرآباد کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي دٻي (دو آبو) وٽ اچي ڇانوڻي هڻي ويٺو. مياڻيءَ جي جنگ هارائڻ کان پوءِ جيڪي سنڌي سپاهي بچيا اهي به اتي اچي ساڻس مليا. نواب احمد خان لغاري به پنهنجي سپاهه سميت اچي پهتو. هوش محمد قمبراڻي به سنڌ جي آزادي ۽ ناموس جي بچاءَ لاءِ پنهنجي ساٿين سميت اچي مير شير محمد خان سان گڏيو. هن بهادر سپاهيءَ کي سنڌ تي انگريزن جو قبضو برداشت نه پئي ٿي سگهيو.
مير شير محمد جي وڌندڙ طاقت ڏسندي انگريز 5000 فوج وٺي اچي دٻي وٽ پهتا. مير شير محمد وٽ 25000 سپاهي موجود هو. 24 مارچ 1843ع تي جنگ لڳي جيڪا 3 کان 4 ڪلاڪ جاري رهي. هن جنگ ۾ هوش محمد توبخاني جو سالار هو ۽ هن وڏي بهادري ۽ حڪمت عمليءَ سان جنگ وڙهي. انگريزن جو سنڌي توبخاني تي گهڻو توجھ هو، ڇو ته هوش محمد سندن گهڻو نقصان ڪري رهيو هو. نيٺ انگريزن ڇتي گولا باري ڪري هوش محمد جي بارودخاني کي باهه لڳائي ڇڏي. سنڌي فوج دوبدو تمام بهادريءَ سان وڙهي رهي هئي. بارود خاني سڙي وڃڻ کان پوءِ به هوش محمد وڙهندو رهيو ۽ مير شير محمد کي ٻِي جنگ جي تياريءَ لاءِ ميدان مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو ويو ۽ پوءِ سنڌي فوج جي سڌي طرح سالاري هوش محمد ڪئي. سنڌي سپاهه بهادريءَ ۽ بيخوفيءَ سان سنڌ وطن لاءِ ويڙهه ڪئي ۽ هوش محمد به آخر ۾ تلوار سنڀالي ڇو ته سندس بارود سڙي تباهه ٿي ويو هو ۽ انگريزن جون توبون سنڌي سپاهين کي ناس ڪري رهيون هيون. هوش محمد ”مر ويسون مر ويسون سنڌ نه ڏيسون“ جا نعرا هڻندي هڻندي نيٺ هڪ آئرش سپاهيءَ هٿان شهيد ٿيو، جنهن کان پوءِ جنگ ختم ٿي ويئي ۽ سنڌ انگريزن جي غلاميءَ ۾ اچي ويئي. ٻنهي جنگين ۾ سنڌ جي هارائڻ جو سبب اندروني مخالفتون، گڏيل حڪمت عمليءَ جي اڻهوند، پنهنجن ۽ خاص ڪري ڌارين فوجي آفيسرن جي غداري هو، باقي طاقت ۽ بهادريءَ ۾ سنڌي گهٽ ڪونه هئا.
ٻنهي جنگين ۾ ٽالپرن جي فوج ۾ جيڪي ذاتيون ۽ قيبلا هئا، انهن ۾ ٽالپرن مان شهداڻي، ماڻڪاڻي، خاناڻي، شھواڻي ۽ ٻين ذاتين مان نظاماڻي، لغاري، جوکيا، کٽياڻ، پتافي، جمالي، بوزدار، مري، چانگ، لاشاري، ڪپري ۽ شيدي شامل هئا. (صفحو 74. سنڌين جي فوجي مهارت دادا سنڌي)
مياڻيءَ جي جنگ ۾ سنڌي شهيدن جو تعداد 2000 انگريز فوجي مارجي ويل جو تعداد صرف 39 هو، دٻي جي جنگ ۾ سنڌي شهيدن جو تعداد 5000 هو.
شهيد هوش محمد جي پونئيرن ۾ سندس پٽ داد ڪريم، پوٽو بچل ۽ ٻيا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ آباد آهن. (ڪتاب قديم سنڌ، ليکڪ مرزا قليج بيگ)
شهيد هوش محمد جي شهادت کان پوءِ سندس ساٿين ۽ پرستارن لاش کڻائي اچي مياڻيءَ جي ميدان ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ٻاهران دفنايو ۽ قبر مٿان هڪ ڪچو ڪمرو به ٺهرايو، جتي هاڻي سنڌ ثقافتي کاتي پاران خوبصورت مقبرو ٺهرايو ويو آهي جنهن لاءِ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه صاحب خاص اُپاءَ ورتا؛ کيس جس هجي ته هن سنڌ جي بهادر سالار هوش محمد شيديءَ (قمبراڻي) جو شانائتو مقبرو جوڙايو، جتي سنڌ جا عاشق هن بهادر سالار کي سلام پيش ڪندا رهندا آهن.
ڪيئي سال اڳ آئون شھيد هوشو شيديءَ جي مزار تي ويو هوس ته سندس مزار مٿان هڪ ڪچو چورس ڪمرو اڏيل هو، جنهن وچ تي شھيد جي مزار ۽ هڪ پاسي تي هڪ ٻِي ننڍي قبر به هئي جنهن لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته هن ڳوٺ جي وڏيري جي آھي، هن وصيت ڪئي هئي ته کيس شھيد جي ڀرسان دفنايو وڃي. هاڻ ويجهڙ ۾ پياري دوست منور خاصخيلي سان گڏ حيدرآباد جو ڪچو قلعو گهمڻ کان پوءِ ميرپورخاص واري ھاءِ وي تي اچي ٽول پلازا کان کاٻي هٿ تي هڪ لنڪ روڊ تان هلندي سڌو مياڻيءَ جي تاريخي قبرستان جنهن ۾ مياڻيءَ جي جنگ ۾ شھيد ٿيل سنڌ جي سرويچن سان گڏ انگريز سپاهين جون به اجتماعي قبرون آھن، جن تي انگريزن پاران هڪ پٿر جو پڪو يادگار ٺھيل آھي، جنهن تي دفن ٿيل انگريز سپاهين جا نالا به لکيل آھن، (جن تي اسان واپسيءَ ۾ آياسين) هن قبرستان کان ٿورو اڳتي شھيد هوشو شيدي جي مزار آھي جنهن تي حاضري ڀري سون.

(روزاني ايڪتا - 13 جون 2019ع)

مددي ڪتاب

1. ڪتاب: ”سنڌين جي فوجي مهارت“، ليکڪ: دادا سنڌي
2. ڪتاب: ”قديم سنڌ“، ليکڪ: مرزا قليج بيگ.

حر تحريڪ تي هڪ نظر

شهيد صبغت الله شاهه ثاني عرف سورهيه بادشاهه ۽ سندس حر تحريڪ کان ته هر ڪوئي واقف آهي پر هن قومي هيري ۽ قومي تحريڪ جي پوري حقيقت اڃا تائين عام نه ٿي سگهي آهي. هيءَ تحريڪ سنڌ جي انگريز سامراج خلاف مڪمل آزاديءَ جي تحريڪ هئي ۽ هن تحريڪ بابت اهو چوڻ ته هيءَ تحريڪ هڪ گروهي تحريڪ هئي ۽ سورهيه بادشاهه کي سنڌ جو بادشاهه بڻائڻ لاءِ هلائي ويئي هئي يا هن تحريڪ کي ڇڙواڳ ڌاڙيلن جي تحريڪ چوڻ سراسر غلط آهي ۽ اها غلط پروپيگنڊا انگريزن پاران هلائي ويئي هئي ۽ ان لاءِ سنڌ جا سوين وڏيرا ۽ هزارين پروپيگنڊا جا ماهر ايجنٽ انگريز سرڪار پاران مقرر ڪيا ويا هئا.
راشدي خاندان پير محمد راشد (روضي ڌڻي) صاحب کان شروع ٿئي ٿو، جنهن سنڌ جي هڪ وڏي حصي ناري، ٿرپارڪر، سانگهڙ، اڇڙي ٿر، جيسلمير، ڪڇ ڀڄ، راجسٿان ۽ ڪاٺياواڙ تائين واهڻ، وستي، جهنگ، جهر، ٿر ۽ بر جهاڳي توحيد جي دعوت ڏني ۽ وڏي جماعت قائم ڪئي. پير صاحب جن جو فلسفو هو ته ”انسان آزاد آهي ۽ الله پاڪ کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو غلام نه آهي ۽ انسان کي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جو شعور هئڻ کپي ته هو هن دنيا ۾ اشرف المخلوقات بڻجي آيو آهي ۽ الله پاڪ جو نائب بڻجي آيو آهي، انسان کي ڪنهن ٻي انسان جو غلام ٿيڻ لاءِ نه پيدا ڪيو ويو آهي.“ هن جماعت ٺاهڻ لاءِ پير صاحب (محمد راشد روضي ڌڻي) جهر جهنگ وڃي عوام ۾ آزاديءَ لاءِ، انسانيت لاءِ، جاني، مالي قرباني ڏيڻ جو جذبو پيدا ڪيو، جنهن جي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان هيءَ جماعت جڙي ۽ هن جماعت ايثار ۽ قربانيءَ جا ڪيئي مثال قائم ڪيا ۽ سندس نالي جي نسبت سان سندس اولاد راشدي خاندان سان مشهور ٿيو. سنڌ جو هي سيد خاندان 200 سالن کان سنڌ جي آزاديءَ ۽ ناموس لاءِ سڌي طرح ويڙهه وڙهندو رهيو آهي پر سنڌي قوم کي ان کان بيخبر رکيو ويو آهي ۽ سنڌي نصابي ڪتابن ۾ اورنگزيب عالمگير ۽ ٽيپو سلطان جا قصا ته پڙهايا پيا وڃن پر حر جماعت، راشدي خاندان ۽ انهن کان اڳ جي سنڌ جي سورمن جي بهادري ۽ جرئتمنديءَ کي ڄاڻي واڻي لڪايو پيو وڃي.
راشدي خاندان جو شجرو امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو، جنهن جي پشت مان ”سيد علي مڪي شاهه“ سنڌ ۾ آيو ۽ اڄ جي ”لڪي شاهه صدر“ واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن صاحب کي سنڌ ۾ وڏو اولياءُ مڃيو وڃي ٿو. سيد علي مڪي شاهه جي پشت مان شاهه صدرالدين پيدا ٿيو جنهن جي نالي جي نسبت سان هن ڳوٺ جو نالو ”لڪي شاهه صدر“ مشهور ٿي ويو ۽ سندس ئي خاندان مان سيد محمد بقا شاهه ”شهيد“ هو، جنهن کي پَٽَ ڌڻي به چيو ويندو هو ۽ پوءِ سيد محمد راشد شاهه ”روضي ڌڻي“ جنهن جي اولاد راشدي سڏجڻ لڳي ۽ ٻن حصن ۾ ورهائجي ھڪ پير پاڳارو خاندان ۽ ٻيو پير جھنڊي وارا سڏجڻ لڳا.
پاڳاري خاندان جي گادي نشينن جي ترتيب هن ريت آهي:
1. سيد صبغت الله شاهه راشدي (پهريون) ”تجر ڌڻي“
2. سيد علي گوهر شاهه (پهريون) ”بنگلي ڌڻي“
3. سيد حزب الله شاهه ”تخت ڌڻي“
4. سيد علي گوهر شاهه (ٻيو) ”معفي ڌڻي“
5. سيد شاهه مردان شاهه (پهريون) ”ڪوٽ ڌڻي“
6. سيد صبغت الله شاهه (ٻيو) ”شهيد سورهيه بادشاهه“
7. سيد شاهه مردان شاهه ”ڇَٽَ ڌڻي“
7. سيد صبغت الله شاهه (ٽيون) موجوده پير پاڳارو.
حر جي معنيٰ آزاد ۽ حر تحريڪ جنهن جو بنياد سيد صبغت الله شاهه راشدي (پهريون) رکيو ۽ هن پنهنجي فڪر ۽ فلسفي سان اهڙا ته حُرَ تيار ڪيا جيڪي مرشد جي حڪم تي جان ڏيڻ لاءِ تيار هوندا هئا. اهڙو جذبو اڃا تائين به حرن ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ ئي جذبي هن جماعت کي هڪ اهڙي جماعت بڻائي ڇڏيو جنهن جي بهادري، سچائي، قرباني، وفاداري ۽ اڳواڻ جي حڪم جي تعميل ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو مثال پوري برِصغير ۾ مثال طور پيش ڪيو وڃي ٿو. هن جماعت وارا تحريڪن دوران اهڙي ته جنگي حڪمت عمليءَ جو مظاهرو ڪندا رهيا جو انگريز فوج اعليٰ تربيت يافته هجڻ جي باوجود حرن کان هارائي ويهندي هئي.
ان وقت پوري پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي اڪثر علائقن تي سکن جي حڪومت هئي ۽ رنجيت سنگهه اتان جو بادشاهه هو، جيڪو مسلمانن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو ۽ هن جي ساٿين ۽ ٻين سکن کان مسلمان مرد توڙي عورتون ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندا رهندا هئا ۽ کين ڪوبه انصاف ڏيارڻ وارو ڪونه هو. اهڙي صورتِحال ۾ ”سيد احمد شهيد“ انهن مظلوم مسلمانن کي سکن جي ظلمن کان نجات ڏيارڻ جو فيصلو ڪري موجوده ”پختونخواهه“ واري علائقي کي پنهنجو مرڪز بڻائي هڪ تحريڪ شروع ڪئي ۽ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ آيو. سيد احمد شهيد 24 جون 1826ع تي پيرجوڳوٺ اچي پير صبغت الله شاهه (پهرين) تجر ڌڻيءَ سان ملاقات ڪئي. پير صاحب سنڌ جي روايتي انداز ۾ سندس پرجوش آجيان ڪئي ۽ سندس هلايل تحريڪ جي مڪمل حمايت ۽ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪندي چيو ته پنجاب جي مسلمانن کي سکن کان نجات ڏيارڻ لاء اوهان جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. پوءِ جڏهن سيد احمد شهيد سکن سان ويڙهه شروع ڪئي ته 1829ع ۾ پير صاحب ٽي سَؤ حر مجاهد پنجابي مسلمانن کي سکن کان نجات ڏيارڻ لاءِ موڪليا جيڪي سکن خلاف بالاڪوٽ ۽ اڪوڙهه جي جنگي محاذن تي دليريءَ سان وڙهندا رهيا ۽ وڙهندي وڙهندي سڀئي شهيد ٿي ويا. سندن جرئت ۽ بهادريءَ جي ڌاڪ پوري برِصغير ۾ ويهجي ويئي جنهن جا مثال ڏنا وڃن ٿا. حر مجاهدن جي بھادري وڏي شهرت ماڻي. ان پهرين تحريڪ جي سرواڻ سيد صبغت الله شاهه راشدي (پهريون) تجر ڌڻيءَ 1831ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مسند تي سيد علي گوهر شاهه (پهريون) بنگلي ڌڻي گادي نشين ٿيو جنهن جي مسند نشينيءَ ۾ حر تحريڪ ماٺي رهي.
ٻيهر حر تحريڪ 1890ع ۾ ان وقت جي پير پاڳاري سيد حزب الله شاهه ”تخت ڌڻيءَ“ جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ٿي جيڪا سڌي طرح انگريز حڪومت جي خلاف هئي. هن تحريڪ دوران به حر مجاهدن دليري ۽ جرئت منديءَ سان انگريزن کي للڪاريو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ همت ۽ بهادريءَ سان انگريز فوجن سان وڙهندا رهيا، ليڪن رابطي جي کوٽ هجڻ ڪري هيءَ تحريڪ ڇڙوڇڙ هئي ۽ ان جي مقابلي ۾ انگريز فوج منظم هئي، حڪومت وٽ وسيلا هئا ۽ جديد هٿيار هئا. جڏهن ته حر مجاهد پنهنجي سادن هٿيارن سان پنهنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ ۽ ناموس لاءِ جذبي جي آڌار تي وڙهندا رهيا. هن تحريڪ ۾ حر تحريڪ جو ڪمانڊر حر مجاهد دريا خان نظاماڻي هو جنهن ڪيترن ئي هنڌن تي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ انگريز فوج سان وڙهندي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. تحريڪ جي هن مرحلي ۾ به حر جماعت جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، جنهن ۾ ڪيئي ڪونڌر شهيد ٿي ويا جن جو تفصيل ملي نه سگهيو آهي، ڇو ته ان کان پوءِ به حر جماعت حالتِ جنگ ۾ رهي ۽ ليکڪ به گهٽ هئا جيڪي انگريزن جي ڀَوَ کان هنن سنڌ جي سپوتن جا انگ اکر به رڪارڊ تي نه آڻي سگهيا.
ٽيون ڀيرو حر تحريڪ ڇهين پيرپاڳاري سيد علي گوهر شاهه (ٻيو) ”معفي ڌڻي“ جي دور ۾ 96-1895ع ۾ شروع ٿي. هن تحريڪ جا سرواڻ بچو بادشاهه ۽ پير وزير هئا ۽ هنن سان ٻارهن ٻيا بهادر ساٿي به هئا جن کي ”ٻهروٽيا“ چيو ويندو هو. هيءَ تحريڪ اڳين ٻن تحريڪن کان وڌيڪ سگهاري تحريڪ هئي. بچو بادشاهه ذات جو خاصخيلي هو ۽ پيرو وزير وساڻ هو، هنن ٿرپارڪر ضلعي جي ڪجهه حصي تي آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو جيڪو انگريزن لاءِ وڏو چئلينج هو.
بچو بادشاهه پنهنجي ٻارهن ساٿين سميت جيڪا تحريڪ هلائي، ان جو هيڊڪوارٽر موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ مکي ٻيلي، خاص طور تي مکي ڍنڍ کي بڻايو. هن ڍنڍ ۾ ڪيئي ٻيٽاريون هيون جن ۾ گهاٽا ٻيلا هئا جيڪي حر مجاهدن جي پناهه گاهه هئا. بچو بادشاهه پنهنجي آزاد حڪومت کي سانگهڙ سرڪار جو نالو ڏنو ۽ اعلان ڪيو ته جيڪو به انگريز سرڪار جي مدد ڪندو يا حر مجاهدن جي جاسوسي ڪندو ان کي قتل ڪيو ويندو. هن اعلان جنگ کانپوءِ سانگهڙ جي هن علائقي مان انگريزن جون پوليس چوڪيون خالي ٿي ويون، سندن سپاهي ٿاڻا ۽ چونڪيون ڇڏي ڀڄي ويا ۽ بچو بادشاهه خوف ۽ دهشت جي علامت بڻجي ويو پر بچو بادشاهه ۽ سندس ساٿين ڪڏهن به ڪنهن غريب سان ظلم نه ڪيو. سندن ڪارروايون هميشه انگريزن جي جاسوسن ۽ انهن وڏيرن خلاف هونديون هيون جيڪي انگريزن جا ساٿاري هوندا هئا، پر انگريزن جا ڇاڙتا ڌاڙا ۽ ڦرون ڪري حرن کي بدنام ڪرڻ ۽ انهن خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو جواز پيدا ڪندا رهندا هئا.

بچو بادشاهه جي والد جو نالو وريام خاصخيلي هو ۽ بچو بادشاهه 1860ع ۾ سانگهڙ جي علائقي مٺڙائو ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڳوٺ انگريزن جي ڪارروائي ۾ تباهه ٿي ويو ۽ اهي زمينون انگريزن پنهنجن وفادار فوجين کي انعام طور ڏنيون ۽ هن هنڌ تي هاڻي چڪ نمبر 39 جو واٽر ڪورس قائم آهي.
بچو بادشاهه انگريزن خلاف هلايل هن تحريڪ ۾ انگريزن جي وفادار ان وقت جي رياست خيرپور تي به ڪيئي حملا ڪيا، جن مان هڪ وڏي حملي ۾ واليءِ رياست مير مراد علي ٽالپر ڀڄي جان بچائي ۽ هڪ ٻي حملي ۾ مير مراد علي ٽالپر جو خاص منظور نظر ۽ انگريز جو وفادار وڏيرو ڇٽل خان ڀرڳڙي مارجي ويو. اهڙي ئي ٻي حملي ۾ انگريزن جو خاص جاسوس جوالا سنگهه به مارجي ويو. بچو بادشاهه جي اهڙين ڪاررواين جي ڪري انگريزن پنهنجي وفادارن کي بچائڻ لئه بچو بادشاهه کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پهريان سندس والد کي گرفتار ڪيو جيڪو جيل ۾ انگريزي فوج جي تشدد ۾ شهيد ٿي ويو پر بچو بادشاهه پيءُ جي شهادت کانپوءِ هيڻو ٿيڻ جي بجاءِ انگريز فوجن تي حملا وڌائي ڇڏيا ۽ انگريز فوج مکيءَ جي ٻيلي ۾ لهي بچو بادشاهه خلاف ڪارروائي ۾ ڪاميابي حاصل نه پئي ڪري سگهي. مکي ٻيلي تي جڏهن به انگريز فوج چڙهائي ڪئي ته سندن تعداد هزارن ۾ هوندو هو ۽ مقابلي ۾ چند حر مجاهد هوندا هئا، پوءِ به فوج سوين سپاهي مارائي ناڪام واپس ٿيندي هئي ته ٻي طرف بچو بادشاهه جا ٻه ٽي حر مجاهد شهيد ٿيندا هئا.
ان ڪري انگريز فوج سانگهڙ جي علائقي ۾ وڃڻ کان ڪيٻائڻ لڳي ته انگريزن وري سنڌ کان ٻاهر جي فوج حر تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ گهرائي بمبئي، بڙودي ۽ ٻين علائقن جا ڪمشنر ۽ ٻيا وڏا آفيسر اچي سنڌ ۾ گڏ ٿي. هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ لڳا. بچو بادشاهه تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سندس مرشد ڇهين پير پاڳاري سيد علي گوهر شاهه ٻئي معفي ڌڻيءَ کي گهرائي گرفتار ڪيو ويو ۽ پير صاحب تي زور ڀريو ويو ته هو پنهنجي مريد بچو بادشاهه ۽ سندس ساٿين کي گرفتاري ڏيڻ لاءِ راضي ڪري پر پير پاڳاري مجبور هوندي به هڪ تاريخي فيصلو ڪري حر مجاهدن ڏانهن پنهنجي هڪ ملازم هٿان نياپو ڪيو ته ”آءٌ اوهان سمورن فقيرن کي آزاد ٿو ڇڏيان ته وڙهي سر ڏيو يا چاهيو ته انگريزن آڏو پيش پئو.“ مرشد جو حڪم پيرو وزير تائين پهتو ته هن جهوڙي لئي واري ماڳ تي اچي پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪيو ۽ مرشد جو فيصلو ٻڌائي هڪ ليڪو پَٽَ تي ڪڍي چيائين ته سر ڏئي سرها ٿيڻ وارا هن پاسي ٿين ۽ پيش پوڻ وارا ٻئي پاسي بيهن، ليڪن هنن سڀن ساٿين انگريزن سان ويڙهه وڙهي سنڌ تان سر گهورڻ جو وچن ڪيو ۽ پوءِ ڌار ڌار ماڳن تي انگريزن سان وڙهندي ڪي شهيد ٿيا ته ڪي گرفتار ٿي ڦاهيءَ چڙهي مرشد سان وفاداري نڀائيندي سنڌ ڌرتيءَ تان قربان ٿيا.
بچو بادشاهه لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندس خلاف ٻاهران ڪمانڊو گهرائي خاص فوجي آپريشن ڪيو ويو. هن جا ساٿي ”ٻهروٽيا“ مقابلن ۾ شهيد ٿيندا ويا ۽ سندس گهر واريءَ کي به گرفتار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 7 مئي 1898ع تي بچو بادشاهه خيرپور رياست جي وزير سردار محمد يعقوب جي سامهون گرفتاري ڏني ۽ سندس هڪ ٻهروٽيو ساٿي عيسيٰ ڏاهري به هالا ٿاڻي تي پيش پيو ۽ پوءِ هنن ٻنهي حر مجاهد ساٿين کي اسپيشل ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي انگريز فوجي جج مسٽر هارٽ ڊيويز پاران موت جي سزا جو فيصلو ڏنو ويو ۽ ٻنهي ڄڻن کي سانگهڙ ۾ عام ماڻهن سامهون ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڄڻن جا لاش سانگهڙ کان جهول ويندڙ رستي جي وچ ۾ دفنايا ويا ته جيئن هر انسان ۽ جانور جي لتاڙ ۾ رهن ليڪن پوءِ حر مجاهدن سندن لاش اتان ڪڍي ڪنهن ٻئي هنڌ دفنايا، جنهن جي خبر پئجي نه سگهي آهي.
بچو بادشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ هلايل هن تحريڪ جا به خاص انگ اکر يا صحيح سن ۽ تاريخون نٿيون ملن، جنهن ڪري ليکڪن مختلف تاريخون ۽ سن لکيا آهن. بچو بادشاهه جي تحريڪ دوران ۽ سندس شهادت کانپوءِ به حر جماعت ۽ هن علائقي تي انگريز سرڪار جو ظلم ۽ ڏاڍ جاري رهيو جنهن ڪري هنن سنڌ جي سپوتن جي ڪا به يادگار نه آهي، ڇو ته سندن ڳوٺ به انگريز فوج جي ڪاررواين ۾ تباهه ٿي ويا ۽ سندن مائٽن تي به ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، تنهن هوندي به ”ٻهروٽين“ کي بھادريءَ جي علامت طور ياد ڪيو وڃي ٿو. (هاڻوڪي دور ۾ ايم پي اي فقير وريام خاصخيلي شھيد بچو بادشاھ جي اولاد مان آھي) هي ته ”ٻهروٽيا“ هئا ليڪن هنن سان ٻيا ڪيئي حر مجاهد گڏ هئا جيڪي آزاديءَ جي جنگ وڙهندي تاريخ جي اونداهين ۾ گم ٿي ويا.

سيد صبغت الله شاهه ثاني (سورهيه بادشاهه)
بچو بادشاهه جي شهادت کانپوءِ حر تحريڪ کي سختيءَ سان ڪچليو ويو ۽ اها ڪيئي سال ماٺي رهي. سيد صبغت الله شاهه ثاني (سورهيه بادشاهه) سندن ولادت 13 صفر سن 1327هه ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ 12 سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد شاهه مردان شاهه جي وفات بعد 1922ع ۾ پير پاڳارو ٿيو. سندن ننڍي عمر هئڻ ڪري، هڪ طرف سندس ويجهن ۽ وڏن عزيزن کي اميد ٿي ته هيءُ ننڍڙو پير پاڳارو سندن صلاح سان اُٿندو ويهندو ۽ انهيءَ ڪري سندن ذاتي اثر رسوخ ۾ پڻ واڌارو ٿيندو. ٻئي طرف انگريز حڪومت جي هوشيار ڪارپردازن سوچيو ته هن ننڍي پير تي اثر وجهي سندس نشونما اهڙي نموني سان ڪجي، جيئن هو خانداني روايات کان منهن موڙي انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي رهي. ٽئين طرف دربار جي جهونن خدمتگارن ۽ جماعت جي ڪن وڏن خليفن کي آسرو ٿيو ته هو پير صاحب کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائيندا مگر، ننڍي هوندي کان ئي صبغت الله شاهه جي شخصيت ۾ هڪ خاص انفراديت هئي: هو هڪ آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن خلاف نفرت هئي؛ هو پنهنجو پاڻ سوچيندڙ هو، انهيءَ ڪري مشورن کي محض مشورا ڪري ٿي ڄاتائين ۽ ٻين جي صلاحن کي جيئن جو تيئن مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ذاتي طور هو هڪ جرائتمند، جفاڪش ۽ محڪم ارادي جو مالڪ هو. سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح خوداعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو. ٻئي ڪنهن شخص جي حالت ۾ ننڍي وهيءَ ۾ انهن وصفن جو هجڻ باعث غنيمت بنجي ها پر پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه لاءِ اهي خوبيون آزمائش جو سامان کڻي آيون. خدمتگار ۽ خليفا کڻي خاموش رهيا پر ويجهن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي ڪارپردازن جون اُميدون پوريون نه ٿيون. پير صاحب پنهنجن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي آفيسرن جي اشارن موجب هلڻ کان صاف انڪار ڪيو. انهيءَ ڪري اهي ٻِئي طرف هن ننڍي پير پاڳاري جا مخالف ۽ هڪ ٻئي جا دوست بڻجي پيا. پير پاڳاري ٿيڻ بعد سيد صبغت الله شاهه هڪ ڀيري سندن چاچي مرحوم پيرپاڳاري جناب علي گوهر شاهه ثانيءَ جي نالي انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامو فريم ۾ بنگلي جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺو. چيائون ته ’اسان جا وڏا ڪهڙا نه سادا هئا: خدا تعاليٰ سندن ذاتي عزت ايترو بلند ڪئي، پر تنهن هوندي به هي رکي ڇڏيا اٿن،‘ ائين چئي، اُهو آفرين نامو ۽ فريم لهرائي ڀڃائي ڇڏيائون.
اها ڳالهه به انگريز سرڪار تائين وڃي پهتي ۽ پوءِ هڪ سازش ٺاهي 1929ع ۾ پير صاحب کي پيرڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو. الزام لڳايو ويو ته هن هڪ نوجوان کي اغوا ڪري پنهنجي ڪوٽ ۾ رکيو ۽ غيرقانوني هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ آيا آهن. اهو ڪيس روهڙيءَ جي سول ڪورٽ ۾ هليو. پير صاحب پاران وڪيل محمد علي جناح صاحب هو، جنهن ٻن شنوائين کان پوء ورتل في واپس ڪري ڪيس وڙھڻ ڇڏي ڏنو ۽ سرڪار پير صاحب کي هيسائڻ لاءِ 8 سالن جي سزا ڏيئي هندستان جي رتناگري جيل موڪلي ڇڏيو ۽ حر مجاهدن کي سخت سزائون ڏنيون ويون. پير صاحب جي گرفتاريءَ ۽ سزا ڏيڻ ۽ حرن تي ظلم ڪرڻ ڪري نفرت وڌي ويئي.
پير صاحب کي رتناگري جيل مان مدناپور مرڪزي جيل ۾ موڪليو ويو. ان دوران پير صاحب جون بنگال جي قومپرست اڳواڻ سڀاش چندربوس ۽ ٻين آزاديءَ جي اڳواڻن سان رابطا ۽ ملاقاتون به ٿيون ۽ پير صاحب جن پاڻ انگريزن کان پنهنجو ملڪ آزاد ڪرائڻ لاء گوريلا ويڙهه وڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو.
پير صاحب 25 نومبر 1936ع تي سزا ڪاٽي آزاد ٿي آيو ۽ هن حر مجاهدن کي منظم ڪري هڪ جماعت ٺاهي، جنهن کي ”فرق وارا“ ڪوٺيو ويندو هو. هنن جو نعرو هو وطن يا ڪفن، آزادي يا موت، هن جماعت جي غازين کي گوريلا ويڙھ وڙھڻ لاء تربيت به ڏياري ويئي ۽ راجپوتانا رياست جي حڪمرانن حرن جي تحريڪ لاءِ هٿيار ڏيڻ جي به مدد ڪئي. (ص 73 حر گوريلا تحريڪ)
جماعت کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو ته جماعت جي اندر ان يا ٻاهريون ڪوبه دشمن لاءِ مخبري ڪري ته اهو موت جو حقدار هوندو. اهڙا سخت فيصلا ڪري پير صاحب حر مجاهدن کي پورو پروگرام ڏيئي هدايتون ڪيون ته تحريڪ منهنجي گرفتار ٿيڻ تي رڪجي نه بلڪ پنهنجي پروگرام موجب هلندي رهي. حر مجاهد غازين انگريز فوج ۽ پوليس جي چوڪين تي حملا شروع ڪري ڇڏيا ۽ ان سان گڏ مخبرن کي سيکت ڏيڻ شروع ٿي ويئي. انگريز ٻي مهاڀاري جنگ ۾ مصروف هو ۽ سنڌ ۾ حر مجاهدن جون ڪارروايون کين گهڻو پريشان ڪري رهيون هيون جنهن ڪري وڏي پئماني تي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ پير صاحب کي ڪراچيءَ ۾ 1941ع ۾ نظر بند ڪيو ويو ليڪن پير صاحب خيرپور نڪري ويو ۽ پوءِ کيس خيرپور رياست جي مدد سان گرفتار ڪري صوبي کان ٻاهر جيل موڪليو ويو ليڪن پير صاحب پنهنجي جماعت کي هدايتون ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ حر تحريڪ وڌيڪ تيزيءَ سان وڏي جذبي سان ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. مجاهدن پاران پاڻيءَ جا ڪئنال ٽوڙيا ويا، ريلوي اسٽيشن تي حملا شروع ٿي ويا، سرڪاري دلالن ۽ مخبرن کي قتل ڪرڻ سان گڏ سرڪاري مال متاع ڦرڻ ۽ تباهه ڪرڻ جون ڪارروايون زور وٺي ويون.
ٻئي طرف سرڪار عام حرن جون گرفتاريون ڪري جڙتو ڪيسن ۾ سخت سزائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون ليڪن مجاهدن به سخت گوريلا ڪارروايون شروع ڪري سرڪار کي اپاهچ ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ ريت 20 مئي 1942ع تي ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ فوجي ريل گاڏي لاهور ميل کي حيدرآباد اسٽيشن کان اڳتي پٽڙيون اکيڙي ڪيرايو ويو ۽ ڪريل ريل گاڏيءَ ۾ مسافرن ۽ فوجين کي قتل ڪيو ويو. هن حملي ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 کن زخمي ٿيا. هي حر مجاهدن جي وڏي ڪارروائي هئي جنهن کانپوءِ ٻه ڀيرا ٻين ريل گاڏين تي حملا ٿيا پر اهي ڪِرڻ کان بچي ويون. پوري سنڌ ۾ مارشل لا لڳايو ويو. ويڙهاڪ حر مجاهدن جي خاص علائقن ۾ ڪرفيو لڳائي سرڪار پاران ڪارروائي ڪئي ويندي هئي ۽ مجاهدن تي هوائي حملا ڪري کين شهيد ڪيو ويندو هو. عام فقيرن (مريدن) کي گرفتار ڪري انهن جي گهرڀاتين کي هزارن جي تعداد ۾ لوڙهن ۾ قيد ڪيو ويو.
سانگهڙ ۾ پير صاحب جي گڙنگ واري بنگلي، جيڪو مجاهدن جو مرڪز هو، ان کي بارود سان اڏايو ويو. آس پاس گهرن کي باهيون ڏيئي ساڙيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي آزاديءَ جي هن تحريڪ کي وڏو نقصان پهچائي حر مجاهدن کي هيسائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي ويئي. پير صاحب جو پير جو ڳوٺ وارو پڪو ڪوٽ بارودي سرنگهن سان ڪيرايو ويو ۽ حويليءَ کي پڻ بارود سان تباهه ڪيو ويو ۽ اتي خزانو هٿ ڪرڻ لاءِ کوٽايون ڪرايون ويون ليڪن کين ڪوبه خزانو هٿ نه آيو.
درگاھ جي مسجد، مقبرو ۽ ڪوٽ جو اڳيون حصو ڇڏي ڪري باقي هر هنڌ تباهي ڪئي ويئي ۽ پوءِ پير صاحب کي هندستان کان جهاز ذريعي حيدرآباد آندو ويو، جتي جيل اندر مارشل لا ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ پردي پويان هٿرادو شاهديون ڏياريون ويون ۽ پير صاحب کي معافي نامي لاءِ چيو ويو، جنهن کان پير صاحب سڌو جواب ڏيندي چيو ته ”وطن جي آزاديءَ جا عاشق معافي نامن تي دستخط نه ڪندا آهن، مون ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو.“
پوءِ کيس 20 مارچ 1943ع تي مارشل لا ڪورٽ پاران سزاءِ موت ٻڌائي شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ جو سورهيه بادشاهه هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو. سندس دفن ٿيڻ واري جاءِ کي راز ۾ رکيو ويو ته جيئن سندس جماعت کي هن جي مزار تي گڏ ٿيڻ جو موقعو نه ملي جنهن جي اڄ تائين ڪابه ثابتيءَ واري خبر پئجي نه سگهي آهي. حر مجاهدن سورهيه بادشاھ جي شھادت کي قبول نه ڪيو ۽ چوندا رهيا ته اسان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن جي هيءَ چال آھي، سورهيه بادشاھ زندھ آھي، اسان انگريزن کان سنڌ آزاد ڪرائڻ لاءِ وڙھندا رهنداسين ۽ هنن پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون.
پير صاحب جي ٻنهي فرزندن کي جيڪي اڳيئي نظربند هئا، انهيءَ حيثيت ۾ تعليم لاءِ برطانيا موڪليو ويو جيڪي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هتي جي حڪومت جي گهر تي واپس آندا ويا. گادي بحال ٿي، حر مجاهدن تي ڪيس هلائي ختم ڪيا ويا.
اصل ۾ ٻِي مھاڀاري جنگ سان گڏ حر تحريڪ پوري برصغير ۾ انگريزن خلاف سڀن کان وڏي گوريلا جنگ هئي جنهن انگريزن کي هن خطي ۾ گهڻو ڪمزور ڪيو ۽ هنن پوري برصغير مان هٿ پٽي پاڻ کي آجو ڪيو. هندستان ۽ پاڪستان جي انگريزن کان آزاديءَ ۾ حر تحريڪ جو مک ڪردار ۽ وڏي قرباني آھي.
انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به پاڪستان ۽ هندستان جي 1965ع يا 1971ع وارين جنگين ۾ حر مجاهدن هندستان پاران ٿيل حملن ۾ سنڌ جي سرحدن جي بهادريءَ سان حفاظت ڪندا رهيا آھن.
تاريخ شاهد آھي ته 1965ع واري جنگ ۾ ڀارتي فوج سنڌ جي ٿر واري سرحد کان وڏو حملو ڪري گهڻو اندر عمر ڪوٽ تائين اچي پهتي هئي، ته پير سائين پاڳاري شاھ مردان شاھ جي حڪم تي حر مجاهدن هندستاني فوجن سان سخت مقابلو ڪري نه صرف پنهنجي وطن جي حدن مان تڙي ڪڍيو بلڪه سرحدن کي پار ڪري وڃي هندستان جي شھرن ۽ قلعن کي فتح ڪيو ۽ انهن تي پنهنجو قبضو قائم رکيو جيستائين ٺاهه ٿيو.
هن جنگ ۾ ڪيئي حر مجاهدن پنهنجي سورهيائيءَ جو ثبوت ڏيندي شھادت ماڻي، جن جي بھادريءَ جا داستان ۽ شھادتن جا نشان ۽ يادگار ٿر ۾ موجود آھن ۽ عمر ڪوٽ قلعي ۾ به هنڱورا معرڪه نالي شاندار يادگار ٺھيل آھي.
سنڌ جي هنن سورمن حر مجاهدن جي بهادري ۽ قربانين جا تمام گهڻا واقعا آھن جيڪي عوام کان اوجهل آھن، جن کي سرڪاري طور تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ گهرجن ۽ وطن جي جنگ وڙھندڙ سورهين ۽ شھيدن جا سبق نصاب جي ڪتابن ۾ ڇپرائي نئين نسل کي پڙھايا وڃن ته اسان جو نسل ۽ عوام پنهنجي حقيقي هيرن ۽ سورهين کان واقف ٿي سگهي.

(روزاني ايڪتا، 27 جون 2019ع)

مددي ڪتاب
1. ”حر گوريلا تحريڪ“
2. ”پاڪستانجي آزاديءَ ۾ سنڌ جو حصو“، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
3. ”تاريخ لبِ سنڌ“، ڊاڪٽر نبي بخش خان
4. ”سنڌ جا عوامي ڪردار“، دادا سنڌي

دولهه دريا خان جي اوطاق

سن ۾ سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي ويٺا هئاسون ته سائينءَ جي تمام ويجهي ۽ بااعتماد ساٿي سيد غلام شاھ مون کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”عنايت، ٽوڙي ڦاٽڪ واري پل کان ٿورو پري دولھ دريا خان جي جوڙايل اوطاق آھي جيڪا روڊ کان ئي نظر ايندي آھي، ان تي ٻه ٽي ڀيرا سائين جي ايم سيد اسان کي وٺي هليو هو، انهن وقتن ۾ زبون حال هئي ليڪن هاڻي ته بلڪل ڍير ٿيڻ واري آھي، اوهان هن تاريخي اوطاق کي ڏسو ۽ ڪو مضمون لکي ان کي تاريخ ۾ محفوظ ڪيو ته ڏاڍو سٺو ڪم ٿيندو.“ ٻئي ڏينهن 25 آگسٽ 2019ع تي واپس ايندي آئون ۽ عبدالحڪيم ميمڻ وڃي ان زبون حال قديمي آثار تي پھچي ان جي فوٽوگرافي ڪئي، وڊيو ٺاهي ۽ ڀرسان رهندڙ ڳوٺاڻن سان به ملياسين جيڪي ذات جا کوسا هئا. انهن ۾ ھڪ شعور وند سماجي ورڪر هو، جنهن سان اوطاق بابت ڪچھري ٿي. اوطاق جا آثار ان جي شاندار ماضيءَ جي گواهي ڏيندي نظر آيا ۽ مون ان جي عروج واري دور بابت اخبارن ۾ هڪ مضمون لکيو.
دولهه دريا خان جنهن جي بهادري ۽ وطن دوستيءَ لاءِ سنڌ جي هر ساڃاهه وند کي خبر آهي، سنڌ جي سومرا دور کان پوءِ سمان دور ۾ ڄام نظام الدين عرف ”ڄام نندو“ جڏهن سنڌ جو حڪمران ٿيو ته هن سنڌ کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي. مڪليءَ جي ڀرسان ساموئي آهي، سمان حڪمران جي گادي جو هنڌ هئي. ڄام نظام الدين 896هه بمطابق 1440ع ۾ حڪومت سنڀالي. هو هڪ ذهين، فرض شناس، مخلص شفيق ۽ نيڪ نام سلطان هو. هن پنهنجي حڪومت 900هه – 1494ع دوران ٺٽو شهر آباد ڪرايو ۽ ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون درسگاهون قائم ڪري ٻاهرين ملڪن کان تعليم جا ماهر گهرايا ۽ انهن جي علم کان سنڌ جي عوام کي روشناس ڪرايو ۽ تعليم عام ڪئي.
ڄام صاحب هنرمنديءَ کي ترقي ڏياري ۽ ان وقت جي حساب سان وڏا وڏا ڪارخانا قائم ڪرايا ۽ عوام کي روزگار ۽ هنرمندي حاصل ٿي. سنڌ جي واپار کي ترقي ملي. ڄام صاحب زراعت جي ترقيءَ لاءِ کوهه کوٽايا ۽ سنڌ ۾ پهريون آبپاشي نظام قائم ڪيو، جنهن ڪري سنڌ کي خوشحالي نصيب ٿي، جيڪا ان کي عربن جي دور کان اڳ حاصل هئي. ۽ پوءِ ڦرلٽ ۽ برباديءَ جي ور چڙهي وئي هئي، اها سنڌ ٻيهر ڄام نظام الدين جي دور ۾ مڪمل آزاد ۽ خوشحال وطن ٿي اڀري، جنهن ۾ مسلم ۽ غير مسلم امن ۽ شانتيءَ سان خوشحال زندگي گذارڻ لڳا. حڪومت ۾ هندو به وزارتن تي مامور هئا، جنهن ڪري قومي وحدت پروان چڙھي، علم، ادب، هنر ۽ فن جو بي مثال دور تاريخ ۾ سنڌ جو سونھري دور ليکيو وڃي ٿو.
ڄام نظام الدين جي حڪومت ۾ سندس هڪ وزير لکمير جو هڪ ملازم نوجوان ڇوڪرو هو، جنهن جي ڏاهپ ڄام صاحب کي نظر اچي وئي ۽ کيس پاڻ وٽ ملازم رکي کيس قبوليو نانءُ ڏنائين ۽ کيس تعليم ۽ تربيت ڏياري فوج ۾ موڪليائين، جتي هو ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري سپهه سالار جي عهدي تي فائز ٿيو. سندس بهادري، ايمانداري، ڏاهپ، وطن پرستي ۽ وفاداري عيوض دولهه دريا خان، نواب مبارڪ خان، نواب خان اعظم ۽ فرزند خاص جي لقبن سان نوازيو ويو ۽ سنڌ جي وزير اعظم جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. هي دور سنڌ جو سونهري دور هو، جنهن ۾ ڄام نظام الدين سنڌ جو بادشاهه ۽ دولهه دريا خان سندس سپهه سالار ۽ وزير اعظم رهيو. هن دور ۾ عربن جي ڪالهه کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جي منظم فوج ٺهي جنهن سنڌ جي سرحدن جي ڪاميابي سان حفاظت ڪئي. هن دور ۾ بهاولپور، ملتان، سبي، مڪران ۽ ڪڇ سنڌ ملڪ جا حصا هئا. 890ھ ۔ 1485ع ۾ ارغونن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سبيءَ جي قلعي تي سندن ڪاهه ۽ فتح کي دولهه دريا خان شڪست ڏئي سندن سردار کي ماري ۽ ارغونن جي لشڪر کي ڀڄائي اهڙو سبق سيکاريو جو ڄام نظام الدين جي دور ۾ وري ڪڏهن سنڌ جي ويجهو نه آيا. ان دور ۾ ارغونن جي لشڪر جي وڏي هاڪ هوندي هئي، جتي ويندا هئا ته اتي جون فوجون جنگ کان پهريائين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏينديون هيون. انهن کي ماري ڀڄائڻ دولھ دريا خان جو وڏو ڪارنامو هو. ان جنگ کان سواءِ دولهه دريا خان جا ڪيترائي ڪارناما هئا جن جي ڪري کيس ٻه جاگيرون به انعام طور ڏنيون ويون: هڪ جاگير ڳاها جيڪا هن وقت جي ضلعي دادوءَ ۾ هئي ۽ ٻِي ڄام شوري جي تعلقي مانجهند جي علائقي ۾ هئي. هتي دولهه دريا خان پنهنجي اوطاق ٺهرائي جيڪا موجوده ديهه کاسائي ۾ گوپانگ اسٽيشن ڀرسان آهي، هن وقت هن شاندار اوطاق جا کنڊر ۽ هڪ زبون حال گنبذ جي صورت ۾ موجود آهن.
جيئن ته ڄام نظام الدين ۽ دولھ دريا خان جي وقت ۾ سنڌ جو سونھري دور هو، جنهن ۾ هنر کي ترقي ملي ۽ سنڌ ۾ مذهبي عمارتن کان سواءِ پهريون ڀيرو رهائشي عمارت سازيءَ کي به ترقي ملي ۽ هن دور ۾ ئي رهائشي جاين تي گنبذ جوڙيا ويا، ان ڪري بهادر سپهه سالار ۽ ذهين وزير اعظم جي اوطاق به هڪ شاندار طرز تعمير جو نمونو آهي، جيڪا ونگن وارن دروازن ۽ گنبذن جي اڏاوت سان سينگاريل هئي. هن ۾ اڳيان ورانڊو وچ ۾ هال ۽ اولهه پاسي کان 3 ڪوٺيون ( ڪمرا) ٺهيل هيون جن ۾ وچين ڪوٺي وڌيڪ بند ۽ محفوظ هئي جنهن ۾ دريا خان جي رهائش هوندي هئي. ڇت تي نَو (9) گنبذ ٺهيل هئا، ٽي اڳيان ورانڊي مٿان، ٽي وچين هال ۾مٿان ۽ ٽي پوئين ٽن ڪوٺين مٿان. وچين هال وارو وچون گنبذ جيڪو سڀن گنبذن جي وچ ۾ هو ۽ اهو ٻين گنبذن کان ٿورو اونچو هو ۽ هن کي اٺڪنڊو ٺاهيو ويو هو، جيڪو ٻين سڀنن ۾ نمايان هو، ٻيا سڀ گنبذ اڌ گول شڪل وارا هئا. ورانڊي ۽ هال کي هوادار رکڻ لاءِ ونگدار دروازا هئا جن مان ڪجهه اڄ به موجود آهن. هن عمارت جي سڄي تعمير پڪين سرن سان ٿيل آهي جن جي خوبصورتي اڄ به نمايان نظر اچي ٿي. عمارت ٻاهران ڪوٽ هو، جنهن جي چئني ڪنڊن تي مورچا ٺهيل هئا جنهن مان هڪ جا ڪجهه بنياد آهن، باقي سڀ مٽجي ويو آهي. اوطاق اونچي پٿرائين درڙي تي آهي. هن دڙي تي اوطاق کان 100 قدمن جي پنڌ تي وڏي ايراضيءَ ۾ ٻين جاين جا آثار به نظر اچن ٿا جيڪي صرف پڪين سرن جي ٽوٽن ٽڪرن جا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي ٻيا گهر به ٺهيل هئا جيڪي آباد هوندا. هتي هڪ وڏو گول پٿر به پيل آهي جنهن لاءِ مقامي ماڻهو چون ٿا ته اوطاق جي ڪوٽ اندر ٺهيل هڪ چبوتري جو آهي. بهرحال هي هڪ تاريخي يادگار آهي جيڪا سن کان ڄامشوري ايندي ٽوڙي ڦاٽڪ واري پل کان پوءِ روڊ تي کاسائي اسٽاپ کان ٿورو پهريان کٻي هٿ تي گوپانگ اسٽيشن ڀرسان پٿرائين وڏي دڙي تي روڊ کان ئي نظر اچي ٿي.
دولهه دريا خان هتي اوطاق ٺهرائڻ کان سواءِ ٻين هنڌن تي مسجدون به ٺهرايون ۽ کوهه به کوٽرايا هئا. ٺٽي پرڳڻي ۾ آبپاشي نظام لاءِ ٻن وڏن واهن جي کوٽرائڻ جو ڄام نظام الدين کي مشورو به دولهه دريا خان ڏنو هو ۽ ان کان سواءِ منڇر مان هڪ واهه پڻ کوٽرايو جنهن جو نالو ”ساوه“ ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو ” ڳاها“ پرڳڻي جي ماڻهن جي مدد سان کوٽرايو ويو هو مطلب ته دولهه دريا خان بهادر سان گڏ اعليٰ پائي جو منتظم ۽ سڌارڪ ذهن رکندڙ داناءَ شخص هو، جنهن پنهنجي وطن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ غير معمولي ڪارناما سرانجام ڏنا.
تاريخي ڪتابن مان ڄاڻ ملي ٿي ته دولهه دريا خان پاران هتي اوطاق جوڙائڻ جا به ڪجهه مقصد هئا. هڪ ته سيوهڻ جي قلعي ۽ ٺٽي ننگر جي وچ تي هي اوطاق هڪ مضبوط مورچو به هئي جنهن جي اڏاوت لاءِ جيڪو هنڌ طئي ٿيو، ان دڙي جي اوڀر ۾ برساتي درياهه هو ۽ ٽن پاسن کان پري پري تائين کليل ميدان هئا جن تي نظرداري ٿيندي هئي ۽ ڪجهه پنڌ تي اوڀر ۾ سنڌو درياءَ به هو جنهن تي ويجهو هئڻ ڪري نظرداري رهندي هئي. ان دور ۾ مانجهند ۽ ڪوٽڙي جي علائقي ۾ چانگ قبلي وارا وڏي پئماني تي بدامني ۽ فساد برپا ڪندا هئا، انهن جي سرڪوبيءَ لاءِ ڄام نظام الدين جي حڪم تي دولهه دريا خان هن علائقي ۾ آيو ۽ معتبر ترين شخصيت ۽ ڄام صاحب جي ويجهي دوست سيد سخي شاهه ابراهيم (حيدر شاهه سنائي جو ڏاڏو سائين جي ايم سيد جو پڙ ڏاڏو) کي ڄام صاحب کان مدد لاءِ چورايو ۽ شاهه صاحب دريا خان جي پرڀرو مدد ڪئي. چانگن کي علائقي مان تڙي ڪڍي ڇڏيو پر هن جنگ ۾ سيد ابراهيم شاهه شهيد ٿي ويو، جنهن جي مزار خانوٺ ڀرسان آهي. اڳتي هلي دولهه دريا خان جي شاهه ابراهيم جي پوٽي سيد شاهه حيدر سنائي ۽ سيد عبدالرزاق لڪياريءَ سان دوستي ٿي وئي ۽ سيد محمد جونپوريءَ جي سازش کي روڪڻ لاءِ مخدوم بلاول ۽ شاهه حيدر سنائي جي صلاح ۽ مدد سان سندس ٻيڙا سن وٽ سنڌو درياءَ ۾ ساڙايا ۽ کيس سڌ مان تڙي ڪڍيو ويو. پوءِ دولھ دريا خان هتي هي شاندار قبائين اوطاق جوڙائي (سندس هڪ اوطاق ۽ حويلي مڪلي جي اوڀر ۾ به آهي) ۽ اڪثر هتي اچي رهندو هو ۽ هن اوطاق تي راڄن جا فيصلا، دوستن احبابن سان ڪچهريون ۽ راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون.
ڄام نظام الدين 914هه -1508ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ ڄام فيروز ننڍي عمر ۾ تخت نشين ٿيو ۽ جلد ئي عياشن ۽ ناسمجهيءَ ڪري سازِشن ۽ مسخرن جي ور چڙهي ويو جيڪي دريا خان کان برداشت نه پئي ٿيو ۽ ڄام فيروز سندس ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ئي نه هو. ان ڪري پاڻ سپهه سالاري ۽ وزير اعظم جي عهدي کان استعيفيٰ ڏئي اچي هن اوطاق تي رهيو. سندس پٽ ڄام سارنگ، علاؤالدين، محمود خان، احمد خان ۽ موٽڻ خان وڏي جاگير ”ڳاها“ تي رهندا هئا. پاڻ هن کاسائي جاگير جي اوطاق تي سنگت ساٿ ۽ سپاهه سان رهندو رهيو. جلد ئي ڄام صلاح الدين ڪڇ مان ڪاهي اچي ٺٽي تي حملو ڪيو. ڄام فيروز سندس مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ ڀڄي اچي کاسائين واري اوطاق تي دولهه دريا خان وٽ پهتو ته منھنجي مدد ڪر. دولهه دريا خان پنهنجو سپاهه ساڻ ڪري ٺٽي روانو ٿيو، پر پاڻ ڏاهپ ۽ حڪمت عمليءَ سان ڪجهه نياپو ڄام صلاح کي پهچرايائين جنهن ڪري دولهه دريا خان جي ٺٽي پهچڻ کان اڳ ئي ڄام صلاح ٺٽو ڇڏي وري ڪڇ هليو ويو ۽ دولهه دريا خان ڄام فيروز کي ٻيھر ٺٽي جي تخت تي ويهاريو ۽ سندس والده جي اصرار ڪرڻ ته ڄام فيروز اڪيلو آهي ۽ ناسمجهه آهي، تون ساڻس گڏ هج، پوءِ دريا خان ٻيهر وزير اعظم ۽ سپهه سالار جو عهدو سنڀاليو پر ڪجهه وقت کان پوءِ وري ڄام فيروز ساڳي روش اختيار ڪئي ته وري دولهه دريا خان واپس اچي کاسائي پهتو ۽ ڄام فيروز مغلن ۽ ارغونن جي ڇاڙتن جي ور چڙهي ويو، جن هن کي غافل ڏسي شاهه بيگ ارغون کي نياپو اماڻيو، جنهن پهريان بکر ۽ ٻيا علائقا فتح ڪيا ۽ ٽلٽيءَ وٽ دولھ دريا خان پٽن ۽ سپاھ سان گڏ ارغونن جي رستا روڪ ڪئي ليڪن هنن جي مقابلي ۾ ارغونن جو تمام وڏو لشڪر هو، جنهن هنن کي شڪست ڏني ۽ شاهه بيگ ارغون نيٺ 926ھ ۔ 1519ع تي اچي ٺٽي ٻاهران دنگ ڪيو. اها صورتحال دولهه دريا خان کان برداشت نه ٿي ته اچي، ساٿين سوڌو ٺٽي پهتو ۽ ڄام فيروز سان مليو پر ڄام فيروز جنگ لاءِ تيار نه ٿيو ته دولهه دريا خان پنهنجي ساٿين سوڌو وڃي، ارغونن جو مقابو ڪيو ۽ سنڌ جي آزادي ۽ ناموس لاءِ وڙهندي وڙهندي پنهنجي پٽن ۽ ساٿين سوڌو شهيد ٿي ويو پر پنهنجي جيئري ارغونن کي ٺٽي ۾ پير پائڻ نه ڏنائين. سندس مزار مڪليءَ ۾ ڄام نظام الدين جي مقبري سامهون آهي. ڄام فيروز ٺٽي مان نڪري ڀڄي ويو ۽ ٺٽي تي ارغونن قبضو ڪري ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڄام فيروز اچي پيش پيو ۽ ڪجهه زمين ٽڪرو وٺي ويهي رهيو ۽ سنڌ جا وري سور شروع ٿي ويا ۽ ارغونن ۽ ترخانن اهڙا ڪِيس ڪيا جو ڌرتي ڌڻين جو هميشه ساهه مٺ ۾ رهيو.
سنڌ جي تاريخي ڪردار جنهن انتهائي جُرئت ۽ بهادريءَ سان سنڌ وطن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري آهي، ان شهيد دولهه دريا خان جي تاريخي يادگار اوطاق سن کان ڄامشورو ايندي گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان ”درياخان جي ماڙي“ طور مشھور آهي جيڪا ھاڻي جهري ڀري پوئين پساهن ۾ آھي. بهادر سنڌ جي سورمي جي هن اهم يادگار، جتي سندس آخري وقت گذريو، ان کي بچائڻ لاءِ سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پاران سنڌ ثقافت کاتي کان گهر ڪجي ٿي ته هن قومي ورثي جي جلد مالڪي ڪري بچايو ۽ اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي، نه ته هي تاريخي يادگار بلڪل ميسارجي ويندو.
نوٽ: هي مضمون ڇپجڻ کان پوءِ اسان عملي طور هن قومي ورثي بچائڻ لاءِ ڪوشش ورتي ۽ ڪامياب ٿياسين. ياد رهي ته هن تاريخي ورثي لاءِ سيد غلام شاھ جي ڏنل تجويز تي سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پاران اسان 25 آگسٽ 2019ع تي وڃي، هن زبون حال قديمي آثار تي پھچي ان جي فوٽوگرافي ڪئي ۽ سنڌ ثقافت کاتي سان رابطو ڪري هن ماڳ جي رنوويشن لاءِ ڳالهيون ڪري آماده ڪيو. ڳالھين ۾ پروفيسر ناگپال صاحب به مدد ڪئي ۽ مون منظور ڪناسرو صاحب کي ڪيس پٽ اپ ڪرڻ لاءِ نيون تصويرن ۽ وڊيوز سان گڏ پراڻن تاريخي ڪتابن ۾ ڏنل هن اوطاق جون پراڻيون تصويرون، نقشا، ماپ وغيره سميت اوطاق بابت مختلف ليکڪن جو لکيل سمورو تاريخي مواد پهچايو. مواد جي حاصلات ۾ مانواري علي نواز ٻٽ به منهنجي مدد ڪئي. اسان جون گڏيل ڪوششون ڪامياب ٿيون، جنهن سبب آرڪيالاجي ڊپارٽمنٽ جي ڪوششن سان انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران سنڌ جي هڪ بھادر قومي هيرو دولھ دريا خان جي اوطاق، سنڌ جو تاريخي ورثو اصلوڪي حالت ۾ بحال ٿي رهيو آھي، جيڪو سنڌ جي تاريخ سان پيار ڪندڙ سڀن دوستن لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھ آھي. دولهه دريا خان جي اوطاق تي تعميري ڪم هلندڙ ھو، جنھن جو سيد غلام شاھ سان گڏجي فيبروري 2020ع ۾ ٻيهر معائنو ڪيو۽ ڏٺوسين ته ڪم نھايت نفاست ۽ محنت سان سائيٽ سپروائيزر شاهد حسين جعفري ۽ آرڪيالاجي جي ماهر اشتياق انصاري صاحب جي نگرانيءَ ۾ جاري ھو.

ان کان پوءِ 18 جون 2021ع تي جڏهن دولهه درياخان جي اوطاق تي، محبوب علي عباسي، سچل وڌو ۽ آئون گڏجي وياسين ته اُهو اوطاق وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو هو. جنهن لاءِ انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ جا ٿورائتا آھيون ۽ هن ڪاميابي تي سڀن سنڌ دوستن کي مبارڪون ڏجن ٿيون.

وسڪاري جي موسم ۾ ٿر جو سير

پياري دوست حڪيم ميمڻ سان پروگرام طئي ٿيو ته هن سال (2019ع) جي وسڪاري واري موسم ۾ ٿر هلبو. پوءِ 15 آگسٽ تي ننگر پارڪر ٿر لاءِ روانا ٿياسين. ساٿ ۾ پراڻو دوست ڊاڪٽر مشتاق ابڙو ۽ سندس مائٽ ممتاز ابڙو به گڏ هئا.
اسين صبح جو ڏهين وڳي ڪراچيءَ کان نڪري ٺٽي واري قومي شاهراهه رستي مڪلي باءِ پاس کان سجاول جي ٻاهران ئي بدين شهر کان کٻي هٿ تي مٺيءَ لاءِ نڪرندڙ رستي جي موڙ تي هڪ ننڍي هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ 20 منٽ ترسياسين. چانهه ڏاڍي سٺي ملي جنهن ڪري جسم ۾ چستي اچي وئي، خاص ڪري حڪيم صاحب لاءِ، ڇو ته ڊرائيونگ حڪيم صاحب ڪري رهيو هو. گاڏي به سندس هئي. ڪچهري ڪندي سفر جي خبر ئي نه پئي، اسين مٺي اچي پهتاسين ۽ ٻاهرين پيٽرول پمپ کان گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائي باءِ پاس کان ئي اسلام ڪوٽ ۽ پوءِ ننگر پارڪر کان پهرين گوڙي مندر تي پهتاسين ته هلڪي بارش شروع ٿي ويئي، جنهن جي باوجود دوستن کي مندر اندران ۽ ٻاهران گهمايو ۽ ان جي اڏاوت ۽ عبادت جي هجرن بابت به ٻڌايو ۽ فوٽو گرافي به ڪئي سون. مندر جي ٻاهران مقامي فقيرن کان ٿري راڳ به ٻڌوسين ۽ اتي مندر ۾ دادو شھر جو پراڻو دوست محمد چنو به ملي ويو جيڪو پڻ پنهنجي دوستن سان ننگرپارڪر لاءِ نڪتل هو. ٿر جي پهرين ماڳ تي ئي وسڪاري ۽ محمد چني جي اچانڪ ملاقات ۾ مزو اچي ويو.
مندر کان ٻاهر نڪري گوڙيءَ جي هن ننڍي ڳوٺ ۾ هڪ پيارو دوست ڌنراج جنهن سڄي عمر ڪراچيءَ ۾ سرڪاري ملازمت ڪئي ۽ پنهنجي اولاد کي به ڪراچيءَ ۾ پڙهايائين، ڪجهه وقت کان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهيو پيو هيو ۽ ان اسان لاءِ انتظار پئي ڪيو، سو ان وٽ پهتاسين ته وسڪارو به تيز ٿي ويو. اسان سڀن جو ڌنراج وٽ پهچڻ تي پاڻ ڏاڍو خوش هو. سندس اوطاق ۾ جيڪا ٿر جي روايتي هڪ وڏي چؤنري واري اوطاق هئي اتي وڃي چانهه به پيتي، سندس شاعري تي به گفتگو ڪئي. هن اسان کي رات رهڻ لاءِ گهڻو زور ڀريو پر وسڪارو بند ٿيو ته کائنس موڪلائي روانا ٿياسين. ڌنراج موڪلائيندي پنهنجو شعر ٻڌايو:
سڄڻ آيا سڪ لٿي جتي ديدن ڪيا درشن
منٽ نه ٽڪيا مون وٽ سڄڻ وري سنبرن
الا آندا اوطاق تي، ھي قسمت ميڙيا قربن
رب راضي راج چئي ٿي ملاقات مھمانن
ٿورائتو تن، جن ميھوگي ۾ ملاقات ڪئي.
(ڌنراج واگھيلا)

وري اچي ننگر پارڪر واري روڊ تي چڙهياسين ۽ ڀالوا ۾ مارئي جي کوهه تان ٿيندا ننگر پهتاسين. ننگر شهر ۾ وقفي وقفي سان هلڪي بوندا باندي هلندي رهي.
ننگر پارڪر پهچڻ کان پهرين روپلو ڪولهي ريسٽ هائوس پهتاسين، جتي رهائش جو بندوبست ٿيل هو. هي ننگر پارڪر ۾ نئون ۽ خوبصورت ريسٽورنٽ ٺهيو آهي پر عيد جي موڪل تي ويل ملازم اڃا نه موٽيا هئا. ان ڪري کاڌي پيتي جو ڪو بندوبست نه هو. ٻيو ته ننگر شهر 7 ڪلوميٽر پهرين آهي، ان ڪري شهر واري ريسٽ هائوس تي رهڻ جو فيصلو ڪيو سين، اتي به بورچي ڪو نه هو ليڪن شهر ۾ هجڻ ڪري سامهون ئي هوٽل هو جنهن تان ماني کائي سمهي رهياسين. ٽائيم اڃا رات جا 9 ٿيا هئا، جنهن ڪري عبدالحڪيم ۽ آئون دير تائين جاڳڻ وارا، ننڊ نه پئي اچي ۽ ٻئي ٻاهر نڪري اچي هوٽل تي چانهه پيئڻ ويٺاسين. هوٽل تي پير سائين پاڳاري جي تصوير لڳل هئي جنهن بابت مون هوٽل جي ڇوڪري کان پڇيو ته اوهان فنڪشنل ليگ جا آهيو يا پير سائين جا مريد آهيو. هن ٻڌايو ته اسين مريد آهيون. مون کانئس سندس ذات پڇي ته ٻڌايائين راڄڙ آهيون ۽ ننگر شهر ٻاهران اسان جا ڪيترائي ڳوٺ آهن. حڪيم ميمڻ کيس مون لاءِ ٻڌايو ته پير جي ڳوٺ جو آهي. پوءِ ته ڇوڪرو وڃي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي وٺي آيو ۽ مون لاءِ چيائين ته پير سائين جي ڳوٺ جو آهي. هنن ٻنهي ڀائرن اسان کي وڏي عزت ڏني. وڏي ڀاءُ اسان کان رهائش جو پڇيو ته مون ٻڌايو ته سامهون ريسٽ هائوس ۾ ترسيل آهيون. ماني لاءِ زور ڀريائين ليڪن اسان ماني پهريان ئي کاڌي هئي ۽ چانهه جا پئسا زور ڀرڻ باوجود نه ورتائين ۽ قسم ڏنائين ته صبح جو ناشتو مون وٽ ڪندؤ ته مون چيو ته جيترو وقت ننگر ۾ آهيون ته ماني اوهان وٽ کائينداسين ليڪن هڪ شرط آهي ته پئسا وٺندؤ جي نه ته پوءِ اسان ٻئي هوٽل تي هليا وينداسين. همراهه مايوس ٿي ويو چيائين ته جيڪا اوهان جي مرضي ليڪن اوهان ديدار ڪرائيندا رهو. ايتري ۾ هڪ وڏو ٽولو نوجوانن جو موٽر سائيڪلن تي اچي هوٽل تي پهتو. اسان کان ٿورو پرڀرو ٿي ويٺا ۽ ڪجهه دير کان پوءِ انهن مان ٻه ڄڻا اچي اسان سان مليا ۽ مون کي چيائون ته اوهان عنايت کٽياڻ آهيو، اسين اوهان کي سڃاڻون ٿا ۽ اسين ٽنڊو ڄام کان آيا آهيون، اوهان کي ڏٺو سين ته ملڻ تي دل چيو. اسان اوهان جا مضمون پڙهيا آهن. پوءِ ڪچهري ڪندي ٻڌايائون ته هو سڀ دوست آهن ۽ هتي ايندا رهندا آهن. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته اسان جا نوجوان پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪندي سنڌ جي تاريخ پڙهن ٿا ۽ تاريخي ماڳ ڏسڻ وڃن ٿا. مون کانئن پڇيو ته رهائش جو بندوبست آهي اوهان جو؟ هنن ٻڌايو ته اسان جو ارادو واپس وڃڻ جو هو پر رستي ۾ وسڪاري جي ڪري دير ٿي وئي ۽ ٿڪجي به پيا آهيون ليڪن هتي ڪا رهائش نه آهي ان ڪري واپس وينداسين. مون کين چيو ته رات آھي ۽ وسڪارو به ان ڪري ڏکيو سکيو رات هتي گذاريو ۽ مون ڪائونٽر تي وڃي هوٽل جي مالڪ سان ڳالهه ڪئي. هن خوش ٿي چيو ته حاضر سائين هوٽل جا صندل آهن رليون ۽ وهاڻا به ڪري ڏيان ٿو، ڀلي آرام ڪن ته مون سندس ٿورا مڃيا ته وراڻيائين ته سائين مون کي خوشي ٿي آهي جو اوهان ڪو ڪم چيو. ائين ٽنڊو ڄام جي مهمانن جو بندوبست ٿي ويو جيڪي تعداد ۾ 22 ڄڻا هئا.
ننگرپارڪر ۾ پهتا هئاسين ته اسان ڊگهي سفر ڪري ٿڪجي پيا هئاسين ڇو ته سفر ۾ ڪٿي به آرام نه ڪيو هيوسين ليڪن حر مجاهد راڄڙ جي هوٽل تي جيڪي ٻه ڪلاڪ ويٺاسين ته هنن ڀائرن جي ڪچهري ۽ وري ٽنڊي ڄام جي نوجوانن جي ملاقات ۽ ڪچهري ننگرپارڪر جي تاريخي شھر ۾ وسڪاري جي ھلڪي ڦوهار ماحول ۾ مستي آڻي ڇڏي هئي، جنهن اسان جا سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيا ۽ هي رات هڪ يادگار رات بڻجي ويئي. پوءِ سڀن دوستن کان موڪلائي اچي ريسٽ هائوس واري ڪمري تي پهتاسين، جتي ڊاڪٽر مشتاق ابڙو ۽ ممتاز ابڙو گهري ننڊ ستا پيا هئا.

* ننگر پارڪر
هي شهر ضلعي ٿرپارڪر ۾ هڪ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هي ننڍڙو شهر تاريخي طور تي تمام مشهور آهي هتي اوائلي دؤر کان هندو ڌرم جا مندر، آسٿان ۽ جين ڌرم جا مندر آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس مشهوري ڪارونجهر جبل جي ڪري آهي جنهن جي دامن ۾ هي شهر آباد آهي. ڪارونجهر جبل ٿر جي وارياسي علائقي ۾ وڏو جبل ليکيو وڃي ٿو. هونئن به ڪارونجهر سنڌ جي ٻين جبلن کان منفرد ۽ تمام وڌيڪ خوبصورت جبل آهي. وڏا وڏا گول ۽ لسا پهڻ هڪ ٻئي مٿان سٿيل نظر اچن ٿا ۽ برسات جي پوڻ سان هڪ ٻئي مٿان سٿيل پهڻن (پٿرن) جي پاڙن مان سائو گاهه ڦٽي پئي ٿو ته هر هڪ پهڻ نئين لباس ۾ نمايان نظر اچڻ لڳي ٿو، ان ڪري سندس خوبصورتي تي شاعري ڪئي وڃي ٿي. هن جبل ۾ ڪيئي چوٽيون آهن جن جي قطار جي ڊيگهه 19 ڪلوميٽر آهي ۽ اوچائي سامونڊي سطح کان 305 ميٽر آهي. هن جون چوٽيون بيضوي شڪل ۾ ڦري اچن ٿيون. هنن ٽڪرين جي ٻاهرين گولائي اٽڪل 32/30 ڪلوميٽر آهي ۽ وڏي ۾ وڏي چوٽيءَ جي اوچائي هڪ هزار فوٽ آهي جنهن کي ”صاحب چڱا“ چيو وڃي ٿو جتي ”تڙوٽ“ ٿلهو ٺهرايو هو. هن جبل ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت ماٿريون آهن ۽ برساتي ندين ۽ آبشارن جا خوبصورت قدرتي نظارا پسي سگهجن ٿا. هن جبل ۾ برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ڊيم به ٺاهيو ويو آهي. هن جبل جي شروعات ۾ جين ڌرم جو مندر ۽ ان کان اڳتي هڪ پرچاري آسٿان آهي. جبل جي اندر هندو ڌرم جا مندر، تيرٿ ۽ آسٿان آهن جن ۾ ساڙ ڌرو، گئو مکي، آنچليسور، ڀيم ڪن، جهرڻو، چندن گڊ مشهور آهن. جبل جي ٻاهران ننگر شهر کان پهريان ڀوڏيسر تلاءَ ۽ ٻئي پاسي ڪاسبو آهي جيڪو حسين ماڻهن ۽ مورن جي حوالي سان مشهور آهي.

ننگر شهر اصل ۾ پارڪر جو مرڪزي شهر آهي. هن علائقي تي پارڪر جو نالو پوڻ جو سبب هن علائقي جي ڀر ۾ رڻ ڪڇ آهي جيڪو اڳي سامونڊي کاري هو ۽ ماڻهو ان کاري کي پار ڪري ايندا ويندا هئا، ان ڪري ان کي ”پار اڪر“ چوندا هئا جيڪو اڳتي هلي پارڪر سڏجڻ لڳو. ننگر شھر سڀ کان پهرين سوڍي آسراءَ اچي آباد ڪيو. تعلقي ننگر پارڪر جي هن وقت آبادي هڪ لک ويهه هزار آهي جنهن ۾ ٽيهه هزار مسلمان ۽ نوي هزار ٻين ڌرمن وارا آهن ۽ ويجهي وقت ۾ هتي جي ڪجهه شيڊول ڪاسٽ وارن عيسائيت به اختيار ڪئي آهي.
صبح جو تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين ۽ سڌو راڄڙن جي هوٽل تي پهتاسين جن اسان جو گرم جوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. ناشتي کان پوءِ ننگر شهر کان ڪارونجهر جبل تي وياسين. رستي ۾ جين ڌرم جو شهر وارو مندر ۽ ان کان اڳتي جين ڌرم جي پرچارڪ مرڪز آھي، هي ٻئي اهم تاريخي ماڳ ڏسڻ به ضروري آھن.

* جين ڌرم جو مندر

موجوده وقت ۾ ننگر پارڪر شهر جي بازار مان ڪارونجهر جبل تي وڃڻ جو رستو آهي جنهن تي ويندي بازار جي پڄاڻيءَ تي جين ڌرم جو هڪ پراڻو خوبصورت مندر آهي. هي مندر پٿر جي نقش نگاريءَ جو هڪ شاهڪار نمونو آهي. سڄي مندر جي سڄي اڏاوت پٿر جي آهي جنهن تي خوبصورت مورتيون اڪريل آھن ۽ ٻيو به خوبصورت نقش نگاري جو ڪم ٿيل آهي. هن مندر جو مک دروازو تمام خوبصورت ٺھيل آھي. ننڍي ورانڊي مان هال ۾ داخل ٿجي ٿو، جنهن جي ڇت تي گول گنبذ آھي. هال مان آخري چورس ڪمري جو در آھي جنهن ۾ اڳ بت رکيل هوندو هو هن ڪمري جي مٿان ڊگهو چوٽيارو گنبذ آھي جنهن جي چئني پاسن تي به مورتيون، شينهن ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جا ننڍا ننڍا مجسما ٺهيل آهن. جنهن ڪري هي ڊگهي چوٽيءَ وارو گنبذ تمام خوبصورت نظر اچي ٿو ۽ پٿر تي نقش نگاريءَ جي ڪاريگريءَ جو هڪ نادر نمونو آهي.

* جين ڌرم جو پرچارڪ مرڪز

هن مندر کان مٿي جبل تي هلبو ته ٿوري ئي مفاصلي تي نديءَ کي پار ڪرڻ کان پهريان کٻي هٿ تي ڪجهه اونچائيءَ تي جين ڌرم جي هڪ ٻئي مندر ۽ آسٿان جا آثار نظر اچن ٿا، روڊ جي ويجهو آھن جتي پنڌ وڃي سگهجي ٿو. هتي به پٿر جي اُڪر جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. هتي هڪ وڏو پٿر جو ٿلهو آهي جنهن تي هڪ ننڍي مندر جا آثار آهن ۽ رستي واري پاسي کان ديوار جي وڏن وڏن پٿرن تي وڏيون مورتيون اُڪريل آهن ۽ ٻين سڀني پٿرن تي به خوبصورت ڊزائنيون ۽ شاهڪار چٽسالي جو ڪم ٿيل آهي. هنن آثارن لاءِ منگها رام اوجها پنهنجي ڪتاب ”پراڻو پارڪر“ ۾ لکي ٿو ته هي جين ڌرم وارن جو خاص ۽ وڏو مرڪز هو، جتان جين ڌرم جي نظرياتي پرچار ڪئي ويندي هئي ۽ اتي جيڪي وڏن پٿرن تي وڏيون مورتيون اڪريل آهن، اهي جين ڌرم جي نيتائن جون آهن جن مان ڪجهه اڄ به موجود آهن. جين ڌرم جا ڪل چوويهه (24) ڌرم نيتا ٿي گذريا آهن جن جا نالا ۽ ترتيب هيءَ آهي:
(1) رشپ ناٿ، (2) اجيت ناٿ، (3) ساميو، (4) اڀيندن، (5) سُمتي، (6) پدم پريا، (7) سپرشو، (8) چندر پرڀا، (9) پشپ دلت، (10) سيتل، (11) شري انشاناٿ، (12) واسو پوئجيه، (13) وِمل، (14) اننت، (15) ڌرم، (16) شانتي، (17) ڪنٿو، (18) ارا، (19) مَلي، (20) مُني سورت، (21) نِمي، (22) نيمي، (23) پارسو ناٿ، (24) وڌمان جيڪو مهاوير جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن جين ڌرم هن پوري علائقي ۾ ڦهلايو ۽ سندس ديهانت عيسوي سن کان 536 سال اڳ ٿيو ۽ هن جي دور ۾ ئي گوتم ٻُڌ پنهنجي ٻُڌ ڌرم جو بنياد وجهي پرچار شروع ڪئي. پارڪر جو علائقو جين ڌرم جو مرڪز هو ۽ جين ڌرم وارا ٻين کان وڌيڪ مالدار هئا جنهن ڪري انهن جا مندر مضبوط ۽ خوبصورت ٺھيل آھن. هي پرچار جو مک مرڪز بهترين هنڌ تي تمام خوبصورت تاريخي يادگار آھي، جنهن جي پويان ڪارونجهر جي هڪ خوبصورت اونچي ٽڪري ڪر کنيون بيٺي آھي ۽ هڪ پاسي کان پھاڙيءَ جي دامن ۾ برساتي ننديءَ جو خوبصورت منظر آهي. هتي هر طرف کان مختلف ۽ حسين نظارا نظر اچن ٿا.
اڄ به هلڪي بوندن واري رم جهم جاري هئي، جنهن ڪري ٿر جي وسڪاري جو پورو لطف ملي رهيو هو. ٻه وسڪارا اڳ ئي ٿي چڪا هئا جنهن ڪري ڀٽن ۽ ڪارونجهر تي ساوڪ هئي جنهن مان ڪارونجهر جا خوبصورت پهڻ جهاتيون پائيندي خوبصورت لڳي رهيا هئا. اسان 6 ڪلوميٽر گاڏيءَ تي سفر ڪندي ڪارونجهر تراين ۽ مٿاهن جبلن جي وچان ٺهيل پڪي روڊ سان وڃي نَئين ٺهيل تفريحي مرڪز تي پهتاسين، جنهن جي ڀر ۾ وڏي ڪار پارڪنگ ٺهيل آهي. اتي ڪار بيهاري هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي ٺهيل هڪ ننڍو پليٽ فارم آهي، جنهن تي پهچڻ لاءِ ڪشادي ۽ پڪي ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جنهن تي سئو کان وڌيڪ ڏاڪا آهن. اسان انهن ڏانهن رخ ڪيوسين ته ممتاز ابڙي چيو ته آئونُ هيٺ ئي بيهندس اوهان ٿي اچو. مشتاق به ساڻس اتي گڏ بيٺو رهيو. حڪيم ۽ آئون ڏاڪڻ رستي مٿي وياسين جتي ڪارونجهر جي واديءَ جو چؤطرف خوبصورت نظارو پسي ڏاڪڻ تي چڙهڻ وارو ٿڪ ئي لهي ويو. هن هنڌ تان ڪاروجهر جبل جي وڏي حصي کي ڏسي سگهجي ٿو. ڪجهه دير ويٺا رهياسين ۽ پوءِ هيٺ لهي اچي ٻنهي دوستن سان گڏجي ساڙڌڙي مندر روانا ٿياسين، جيڪو هن تفريحي ماڳ کان ڏيڍ ڪلوميٽر اڳتي آهي ۽ اوڏانهن پنڌ ئي وڃي سگهجي ٿو، ڪار يا موٽرسائيڪل لاءِ رستو نه آهي.
بوندا باندي جاري هئي ۽ ڪارونجهر جي چوٽين ۽ وادين جا نظارا ڪندي اسان ساڙ ڌڙي تي پهتاسين.

ڪارونجهر ۾ تاريخي ماڳ

ننگر پارڪر شهر کان ڪارونجهر جبل تي وڃبو ته شروع ۾ جين ڌرم جو مندر ۽ جين ڌرم جي پرچار مرڪز جا آثار آهن، انهن کان اڳتي پڪو رستو هيٺاهين مٿاهين جبل جي ننڍين ٽڪرين مان ور وڪڙ کائيندو ساڙ ڌڙو مندر ٿي پهچي ٿو. هي پڪو رستو تقريبن 6 کان 7 ڪلوميٽر آهي. هن رستي جي پاسي ۾ هڪ ننڍي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هاڻي هڪ تفريح گاهه به ٺاهيو ويو آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ پڪي ڏاڪڻ پڻ ٺاهي ويئي آهي جنهن ذريعي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پهچي ڪارونجهر جبل جي گهڻي حصي تي نظر ڦيرائي خوبصورت منظر پسي سگهجن ٿا. هن تفريح گاهه کان اڳتي هلبو ته رستي جي ساڄي هٿ تي ڪار پارڪنگ ٺاهي ويئي آهي جتي گاڏيون بيهاري اڳتي ساڙ ڌڙي تائين ڪجهه پنڌ ڪرڻو پئي ٿو.

* ساڙ ڌڙو (مرگهه ڪنڊ)
جنهن کي اصل ۾ ساڙ ڌڙو ڌام چيو وڃي ٿو، هي هڪ پهاڙن جي ڪنڊ ۾ اونھي ڪن وارو چشمو آهي، جنهن ۾ سال جا ٻارهن ئي مهينا پاڻي موجود رهي ٿو. هن پاڻيءَ کي هندو ڌرم موجب پويتر جل (پاڻي) سمجهيو وڃي ٿو جيئن گنگا نديءَ کي سمجهيو ويندو آهي. هتي به مري ويلن جا هڏا وڌا وڃن ٿا ته جيئن انهن کي شانتي ملي سگهي. هندو ڌرم جي ويدن ۾ به ساڙ ڌڙي جو ذڪر ٿيل آهي. هن کي وڌائي بھتر ڪري ٺاهيو ويو آهي، جنهن ڪري ياتري هتي اچي تلاءُ ۾ اشنان ڪري پاڻ کي پاڪ پويتر ڪن ٿا. هتي هر سال مارچ مهيني ۾ شِوِ راتڙي جو ميلو ڌام ڌوم سان لڳندو آهي جنهن ۾ پري پري جا ياتري زيارت لاءِ اچن ٿا.
ھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اوائلي دور ۾ هندو ڌرم جي هڪ وڏي گياني ۽ تپسيا ڪندڙ مهاتما جنهن جو نالو پاراسر برهمڻ هو، ان کان ڪا غلطي ٿي ويئي جنهن جي معافي لاءِ کيس مها گياني رشين چيو ته 68 تيرٿن جو جل (پاڻي) کڻي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ان ۾ اشنان ڪر ته تنهنجو پاپ ڌوپي ويندو؛ جنهن کان پوءِ پاراسر هن هنڌ تي 68 تيرٿن جو پاڻي گڏ ڪيو ۽ ان ۾ اشنان ڪري پويتر ٿيو هو، جنهن روايت موجب اڄ به هتي اشنان ڪري پنهنجي پاپن کي ختم ڪيو وڃي ٿو ۽ مري ويلن جي لاشن جو اگني سنسڪار ڪرڻ کانپوءِ سندن هڏين کي هتي اڇلڻ سان سندن روح کي مڪتي ۽ شانتي ملي ٿي.
ساڙ ڌڙو ڌام جنهن کي مرگهه ڪنڊ به چيو وڃي ٿو، هن جي آس پاس مختلف ديوتائن جا مندر آهن ۽ چئن خاص ٻاون جون سماڌيون پڻ موجود آهن. ساڙ ڌڙو ڌام کان ڪجهه مٿي مهاديو شِوِ جو مندر آهي ۽ ڀر ۾ ڀولوناٿ جو مندر آهي، جتي ياترين کي رهائڻ ۽ ڀڄن ڀاؤ جو به بندوبست ٿيل آهي.

* گئو مُکي
هي ماڳ به ڪارونجهر جبل ۾ تمام اهم سمجهيو وڃي ٿو جيڪو ساڙ ڌڙي کان ڏکڻ طرف تقريبن چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي جنهن تائين صرف پنڌ ئي وڃي سگهجي ٿو. هن ماڳ تي ڳئون جي مُنهن شڪل ٺهي پئي آهي، جنهن جي وات مان پاڻي وهندو رهي ٿو. هتي به هندو ڌرم وارا درشن ۽ پوڄا پاٽ لاءِ ويندا آهن ۽ ٻيا عام ماڻهو هتي هي منظر پسڻ لاءِ پهچن ٿا.

* چندن گڍ
هي هڪ ننڍو قلعو هو جيڪو ڪارونجهر جي هڪ اونچي چوٽيءَ تي راڻي چندن ٺهرايو هو. پارڪر تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته راڻو چندن ۽ سندس ساٿي روپلو ڪولهي ۽ ٻيا هتي اچي رهيا ۽ هن قلعي مان انگريزن خلاف ڪارروايون ڪندا رهندا هئا. جنگ جي آخري مرحلي ۾ ڪرنل ايونس هن قلعي کي 1859ع جي مئي مهيني ۾ توبن سان اڏائي ڇڏيو ليڪن قلعي جا آثار اڄ به موجود آهن.

* ڀيم گوڏا
هندو ڌرم ۾ چيو وڃي ٿو پانڊوئن ۽ ڪوروئن جي تاريخي جنگ دوران ڪوروئن جڏهن پانڊوئن کي 13 سال ڏيهه نيڪالي ڏني هئي ته پنج ئي پانڊو ڪجهه وقت لاءِ ڪارونجهر ۾ به اچي رهيا هئا، جن جا يادگار هتي موجود آهن، جن ۾ مکيه ڀيم گوڏا، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ ۽ ڪجهه ٻيا به نشان هتي موجود آهن. ڀيم گوڏا گئو مکيءَ کان به مٿي آهي. هي به هڪ چشمي وارو ڪن آهي، جتي هر وقت پاڻي موجود رهي ٿو. هن لاءِ روايت آهي ته هتي پاڻي نه ملڻ ڪري پانڊو جي ڀاءُ ڀيم لت هنئي هئي ته پاڻي نڪري پيو، تنهن ڪري هن کي ڀيم ڪن به چوندا آهن.

* ڀونئرو (بهرو)
ڪارونجهر جبل ۾ هڪ ڀونئرو به مشهور آهي جيڪو هاڻي زبون حالت ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارڪر تي سوڍن جي حڪومت دوران حڪومتي خزانو ۽ بارود هن ڀونئري ۾ لڪايو ويندو هو ۽ هن ڀونئري لاءِ چيو وڃي ٿو ته گوڙي مندر واري ڀونئري سان مليل هو جيڪو زيرِ زمين سرنگهه رستي محفوظ چرپر لاءِ ڪم ايندو هو. انگريزن جڏهن پارڪر تي قبضو ڪيو ته خزاني جي تلاش ۾ هن ڀونئري جي کوٽائي ڪرائي ويئي ليڪن ڪو خزانو نه ملڻ ڪري ڪم بند ڪرائي ڇڏيائون.
ڪارونجهر جبل ۾ ڪيئي ٻيا يادگار ۽ تيرٿ آهن، ان کان سواءِ جبل جي چوٽين، ماٿرين، ندين ۽ ابشارن جي پنهنجي هڪ وڏي خوبصورتي آهي، جيڪا پسڻ سان ذهن تروتازه ۽ پرسڪون ٿئي ٿو. ڪارونجهر جبل جي هڪ وڏي خاصيت اها آھي ته جبل مان قدرتي طور هر وقت مختلف هنڌن تان هلڪو هلڪو دونھون نڪرندو رهي ٿو جنهن جو منظر دلڪش هوندو آھي. اگر هتي وڌيڪ تفرح گاھ ٺاهيا وڃن، روڊ رستن کي بهتر ڪيو وڃي ۽ عام ماڻھن جي لاءِ رهائش جو انتظام هجي ته هي جبل پوري ملڪ جي ماڻهن ۽ غير ملڪي سياحن جي لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو.


روزاني ايڪتا 13 سپٽمبر 2019ع

حوالا.
1- ڪتاب ۔ پراڻو پارڪر (ليکڪ ۔ منگھارام اوجها)
2- ڪتاب - تاريخ ريگستان (ليکڪ ۔ رائچند هريجن)

ڪاسبو ۽ ڀوڏيسر تلاءَ

ڪاسبو ۾ راما پير جو مندر

اسان ڪارونجهر تان لهي اچي ننگر پارڪر شهر واري حر مجاهد هوٽل تي مانجهاندو ڪيو ۽ ننگر شھر کان ڪاسبو ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي انگريزن سان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مقابلو ڪندڙ بھادر سالار امر روپلو ڪولھيءَ جي ڦاسي واري هنڌ تي ٺھيل يادگار تي سلامي ڀري پوءِ ڪاسبو لاءِ روانا ٿياسين. ننگر پارڪر شهر کان 7 ڪلوميٽر اڳتي ڪاسبو آهي جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته هتي جا ماڻهو ٿر جي پوري علائقي ۾ تمام خوبصورت ٿين ٿا. مرد جانٺا جوان ۽ ڪاسبي جون عورتون خوبصورت ٿين ٿيون جن جي ڊگهين ڳيچين کي ڪونجن سان تشبيھ ڏني ويندي آھي، جيڪي جڏهن پاڻي ڀرڻ لاءِ گهاگهرون چيلهه ۽ مٿي تي کڻي ٽولي جي صورت ۾ هلن ٿيون ته ڪونجن جون قطارون محسوس ٿينديون آهن، ليڪن هاڻي اهڙا نظارا نظر نٿا اچن ۽ ڪاسبو ننڍو پسمانده ڳوٺ ٿي ويو آهي.
ڪاسبو ڪارونجهر جبل جي ويجهو آهي، جنهن ڪري برساتي پاڻي جبل تان هيٺ اچي ٿو ته هتي جا تلاءَ ۽ ڍورا پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن ٿا، جن مان زمينون آباد ٿين ٿيون ۽ جانورن لاءِ گاهه به جام ٿئي ٿو، ان ڪري هتي خوشحالي رهي ٿي. هڪ وسڪارو ٿي چڪو هو ۽ ٻيو وسڪارو هلندڙ ھئو جنهن ڪري هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي، جنهن جي وچ مان هي پڪو روڊ سڌو ڪاسبو تائين آھي. ڪاسبو ۾ ٻه وڏا مندر آهن، هڪ راما پير جو مندر ۽ ٻيو ڳوٺ جي ٻئي پاسي شِوِ مندر آهي. هنن ٻنهي مندرن تي وڃڻ لاءِ ڳوٺ جي وچ مان گذرڻو پوي ٿو، جتي ڪچا گهر ۽ گهٽيون سوڙهيون آهن. اسين پهرين راما پير مندر وياسين.

* راما پير مندر
صوفي سنت شري راما پير جو مندر وڏي احاطي اندر ٺهيل آهي جتي تمام گهڻي وڻڪاري آهي جنهن جي وچ ۾ وڏي ۽ اونچي ٿلهي تي مندر ٺهيل آهي. هن مندر بابت هتي جي ڀڳت گيان چند (ميگهواڙ) جيڪو مندر جو رکوالو آهي، ان ٻڌايو ته هي مندر اڄ کان 435 سال اڳ ٺهرايو ويو هو، جنهن کان اڳ هتان سنت شري راما پير جو گذر ٿيو هو جيڪو اصل راجسٿان کان آيو هو ۽ هتي اسان جي وڏن جي مرندڙ ڍڳن کي ڪرشمي سان کڙو ڪري بيهاريائين ۽ ڪجهه وقت هتي رهي گيان به ڏيندو رهيو، هتان ان جي وڃڻ کان پوءِ هي مندر قائم ڪيو ويو. هن مندر تي مسلمان به وڏي تعداد ۾ حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا. هن مندر تي ميلي جو منظر لڳي رهيو هو. ڪجھ صوفي فقير راڳ ويراڳ ڪري رهيا هئا ته ٻئي پاسي ڀڳتين جي محفل جاري هئي ۽ ٻنهي طرفن ماڻھن جا وڏا ميڙ ھئا جيڪي پٽ تي ويٺي محفل ۾ مگن هئا، حالانڪ ڪو خاص ڏڻ يا ميلو نه هو ليڪن وسڪاري جي خوبصورت موسم ۾ مقامي ماڻھو به سير تفريح ۽ پوڄا پاٽ لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري اچن ٿا، جنهن ڪري هتي هر هنڌ ڄڻ ڪو ميلو لڳو پيو آھي. هتي به بدين جو دوست احمد خان چانڊيو اچي وڏي پاٻوهه سان مليو ۽ چيائين ته آئون فيس بوڪ تي اوهان جا تاريخي ماڳن بابت مضمون پڙھندو آھيان، هتي اوهان کي پري کان ڏسي سڃاتو آھي، ڪجھ پل بيٺي ڪچھري ڪئي سون ۽ اسان کي دعوت ڏنائين ته واپسيءَ ۾ بدين مون وٽ ضرور اچجو.

* شِوِ مندر
مها ديو شِوِ جو مندر ڳوٺ جي ٻئي پاسي آهي. هي مندر به وڏي ايراضيءَ تي ٺهيل آهي، هتي 800 سال پراڻا وڻ لڳل آهن ۽ مندر انهن کان به اڳ جو چيو وڃي ٿو. هتي مور پکي تمام گهڻا آهن ۽ ننڍي قد وارا خوبصورت گهوڙا به هتي نظر ايندا آهن. هتي مندر ۾ مها ديو شِوِ جي لنگ سان گڏ نانگ ديوتا، گڻيش ديوتا ۽ هنومان جون مورتيون پڻ رکيل آهن. هتي جي برهمڻ سان پڻ ڪچھري ڪئي سون.

* ٻاين جو ٻيسڻو
ڪاسبو کان 4 ڪلوميٽر پري کاڙوئي جي ويجهو پراڻو ڪاسبو ۾ ٻاين جو ٻيسڻو (عورتن جي پناهه گاهه) به مشھور تاريخي ماڳ آھي جيڪو جتي هڪ وڏو پٿر آھي جنهن جي هيٺان هڪ وڏي سرنگھ آھي جيڪا سامهون کان کليل باقي ٽن پاسن کان بند آھي ان لاءِ مشھور آھي ته هتي جڏهن به ڌاڙي ڦر لاءِ گجرات وارا حملي آور ٿيندا هئا ته مقامي طور دهل وڄايو ويندو هو، ڳوٺ جون سڀ عورتون سرنگھ ۾ لڪنديون هيون، مرد سرنگھ جي ٻاهران مھاڙي تي وڏو پٿر ڏيئي، پوءِ پاڻ وڃي دشمن جو مقابلو ڪندا هئا. پراڻو ڪاسبو جي ڀرسان هڪ جھرڻو به مشھور آھي جيڪو گامپرو تلاءُ جي پاسي ۾ آھي. ڪاسبو کان واپسيءَ تي روڊ ڀرسان ڪارونجھر جي دامن ۾ ھڪ وڏي تلاءُ ڪناري هڪ ٿري فنڪار پنهنجي وطن جو ورد ڪري رهيو هو ته اسان به ڪجھ دير لاءِ هن خوبصورت منظر ۾ سندس محبتي ٻول ٻڌندي روح کي ريجهايوسين. هتي به ماڻھن جو وڏو ميڙ ھو جيڪو رمجهم واري موسم جو مزو وٺي رهيو هو. اسين به هن خوبصورت منظر مان مسرور ٿي واپس ننگر شھر آياسين ۽ ٿر جي مشھور سماجي تنظيم ٻانهن ٻيلي جي آفيس تي وڃي انچارج سان ملياسين، کيس پنهنجي فورم جو ساٿين سميت تعارف ڪرايو. هن اسانجي گرمجوشيءَ سان ڀليڪار ڪئي ۽ پنهنجي پوري آفيس جو معائنو ڪرايائين، اسٽاف سان به ملايائين ۽ اسان جي چانهه بسڪيٽن سان خاطر مدارت ڪيائين. ڪچھري ڪندي معلوم ڪيوسين ته سندن تنظيم جا هتي ڪهڙا سماجي ڀلائي جا پراجيڪٽ آھن جنهن جو هنن وٽ ڪو به خاطرخواه جواب نه هو. سماجي ڀلائيءَ جي نالي تي صرف ڪاروبار جاري آھي جنهن تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. اسان آفيس کان نڪري ڀوڏيسر لاءِ روانا ٿياسين.

* ڀوڏيسر تلاءُ

هيءُ تلاءُ ننگر پارڪر شهر کان 3 ڪلوميٽر پهريان سڄي هٿ تي روڊ کان اڌ ڪلو ميٽر اندر آهي. هي تمام وڏو تلاءُ آهي جنهن ۾ پورو سال پاڻي رهي ٿو. هي تلاءُ ڪارونجهر جبل جي دامن ۾ آهي، جبل مان ايندڙ برساتي نالن جي پاڻيءَ سان هيءُ تلاءُ ڀرجي وڃي ٿو.
پارڪر تي ”پرمارن“ جي حڪومت ۾ هي تلاءُ ٺهرايو ويو هو. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هتي هانسي راڻي جي حڪومت هئي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر هو. سندس ڀاءُ ڀوڏي ڀوڏيسر آباد ڪيو، جتي هي هڪ وڏو تلاءُ ٺهرايائين جنهن جي تري ۾ ٽامون لڳرايائين ته جيئن پاڻي زمين ۾ جذب نه ٿئي. پوءِ هڪ وڏو شهر آباد ٿي ويو جنهن ۾ ٻين ڌرمن وارن کان علاوه جين ڌرم جي اوسواڙن جا 3 هزار گهر هئا جيڪي وڏا دولتمند واپاري هئا ۽ ڀوڏي کي ڪافي رقم خراج طور ڏيندا هئا. سندن پڪن ۽ شاندار گهرن جا آثار بنيادن جي صورت ۾ هاڻي به اُتي نمايان نظر ايندا، جين ڌرم جي مندر ”پوڻي ڏهرو“ جي آسپاس نظر اچن ٿا. هتي سندن ٺهيل مندر جنهن کي پوڻي ڏهرو چيو وڃي ٿو، اهو به پوين پساهن ۾ موجود آهي.

* پوڻي ڏهرو
هي مندر مٿاهين هنڌ تي هڪ وڏي ٿلهي مٿان ٺھيل آھي. ٿلھي سميت پورو مندر پٿر جو جڙيل آھي جنهن جي هر هڪ پٿر تي شاندار اڪر جو ڪم ٿيل آهي.
هن جي اڏاوت سڄي پٿر جي آهي ۽ بهترين چٽساليءَ ۽ ڪاريگريءَ جو هڪ نادر نمونو آهي. مندر جي چوٽي ڊٿل آھي جنهن لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪيئي سال اڳ مندر جي چوٽي خزاني هجڻ جي شڪ ۾ ڊاٿي ويئي هئي.
هن شاندار شهر جي زوال اچڻ جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته جين ڌرم وارن سان سوڍن راڻن جو رويو سخت ٿيندو ويو ۽ ان اڻبڻت ڪري جين ڌرم وارا هتان لڏي گجرات هليا ويا. هنن جي شاهوڪاري ۽ واپار جي پئسي تي شهر هلندو هو. سندن پڪن ۽ شاندار گهرن جا آثار بنيادن جي صورت ۾ هاڻي به اُتي نمايان نظر اچن ٿا، هي شھر پوءِ ڦٽندو ويو، اڄ هتي صرف ڪجهه بنياد ۽ کنڊر وڃي بچيا آهن.

* ڀوڏيسر مسجد

ڀوڏيسر تلاءَ جي ٻئي پاسي تي هڪ خوبصورت مسجد آهي. هي پوري پٿر جي چورس ٺهيل تمام خوبصورت مسجد آهي جنهن جي ڊيگهه 30 فوٽ ۽ ويڪر به 30 فوٽ آهي. ٽن پاسن کان ديوارون اٿس، اڳيان ۽ وچ ۾ پٿر جا ٿنڀا اٿس ۽ ڇت تي هڪ گنبذ ٺهيل آهي. هن مسجد جي اڏاوت ۾ سنگِ مرمر جهڙو هلڪي ڳاڙهي رنگ جو پٿر استعمال ٿيل آهي. ديوارن، ٿنڀن ۽ اڳياڙيءَ تي تمام سهڻو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي، ٻاهران ڪشادو صحن آهي، ننڍي چوديواري ۽ در پڻ ٺهيل آهي.
هي مسجد گجرات جي سلطان محمود بيگڙو ٺهرائي، جنهن جي نالي سان تختي مسجد جي محراب ڀرسان لڳل آهي جنهن تي فارسي ۽ گجراتيءَ ۾ نالو محمود شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين ۽ سن 1505ع ۽ نسبت 1562 لکيل آهي. جنهن موجب 880 هجري سن ٿيندو. چيو وڃي ٿو ته ان وقت ۾ پارڪر جي سوڍن ۽ کوسن کي ڏاڍو زور هوندو هو. پارڪر مان گذرندڙ قافلن جي مسافرن کان ٽيڪس به وصول ڪندا هئا ۽ پوءِ انهن جو مال ۽ دولت به ڦري وٺندا هئا، جنهن ڪري ٻه ڀيرا سلطان محمود بيگڙو هتي اچي هنن سان جنگيون ڪري ويو هو ليڪن پوءِ به سوڍا ۽ کوسا ساڳيون ئي وارداتون ڪندا رهيا ۽ دهليءَ جي سلطان جي ڪوٽوال ۽ ٻئي قافلي ۾ سلطان محمود بيگڙو جي والده کي به ڦريائون جنهن ڪري سلطان محمود بيگڙو وڏي لشڪر ۽ تياريءَ سان اچي ڀوڏيسر تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سلطان جا سپاهي ۽ سوڍا وڏي تعداد ۾ مارجي ويا. سلطان جي سوڀ ٿي ۽ ڪجهه وقت اتي ئي رهي پيو جنهن دوران هيءَ مسجد به ٺهرايائين ۽ پنهنجو هڪ ڪوٽوال هتي ڇڏي ۽ ڏن مقرر ڪري واپس ويو هليو. تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو ته سلطان محمود بيگڙو جو پڙڏاڏو راجپوت هو ۽ مسلمان ٿيو جنهن ڪري گجرات جو پهريون مسلمان حاڪم سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي پوٽي احمد شاهه نئون شهر احمد آباد نالي ٺهرايو ۽ سندس پٽ محمود شاهه بيگڙو جڏهن تخت نشين ٿيو ته هن گرنار ۽ پاوا گڊ جا ٻه قلعا راجپوتن کان فتح ڪيا ۽ اتي به مسجدون ٺهرايائين. سلطان محمود بيگڙو 1459ع ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ 1511ع تائين حاڪم رهيو ۽ وفات ڪيائين.
مسجد جي ڀرسان ڪجھ قبرون آهن جيڪي سلطان جي خاص سپاهين جون چيون وڃن ٿيون. تلاءَ جي ڀرسان پٿرن تي بهادر راجپوتن جا نقش ٺهيل آهن جيڪي گهوڙن تي سوار هٿ ۾ تلوارون ۽ ڀالا کنيو بيٺا آهن. هي نقش انهن بهادر راجپوتن جا چيا وڃن ٿا جيڪي محمود شاهه بيگڙو سان جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهندي ”جهونجهار“ ٿيا. سندن نالا گجراتي ۾ لکيل آهن.
ڀوڏيسر تلاءَ جي ڀر ۾ هڪ ننڍو شِوِ جو مندر پڻ آهي جيڪو تمام آڳاٽي زماني جو لڳي ٿو جنهن جي تاريخ نٿي ملي.
هن تلاءَ جي ويڪر 200 فوٽ ۽ ڊيگهه 400 فوٽ هئي ليڪن هاڻي ان کي ٻاهران نئون بند ٻڌي ڪجهه وڌايو ويو آهي. بهرحال ڀوڏيسر تلاءَ جنهن جي پسمنظر ۾ ڪارونجهر جبل آهي، جنهن جي دامن ۾ پوڻي ڏھرو ۽ سڌي ميدان تي هي تاريخي مسجد تمام خوبصورت لڳي ٿي. ڀرپاسي زمينون آباد آهن، جنهن جي ساوڪ جو خوبصورت نظارو پڻ ڏاڍو دلڪش آهي، جنهن کي پسڻ لاء ھتي ڪافي تعداد ۾ عوام اچي ٿو. اسان کي هتان جي نظارن کي پسندي سج لهي ويو ۽ واپس ريسٽ ھائوس پهچي سامان سهيڙي واپس مٺيءَ روانا ٿياسين.

روزاني ايڪتا 26 سپٽمبر 2019ع

حوالا.
1. ڪتاب: ”پراڻو پارڪر“، ليکڪ: منگھارام اوجها
2. ڪتاب: ”تاريخ ريگستان“، ليکڪ: رائچند هريجن

پارڪر ۽ پاري ننگر

ٿرپارڪر ٻن علائقن جو جڙيل نالو آھي ٿر+ پارڪر= ٿرپارڪر. هي ٻئي مختلف قسم جون زمينون آھن ٿر جي زمين نرم ۽ وارياسي آھي، جڏهن ته پارڪر جي زمين سخت پٿريلي آھي جنهن جي وڏي حصي تي ننڍا وڏا پهاڙ آھن. هن علائقي تي پارڪر جو نالو پوڻ جو سبب هن علائقي جي ڀر ۾ رڻ ڪڇ آهي جيڪو اڳي سامونڊي کاري هو ۽ ماڻهو ان کاريءَ کي پار ڪري ايندا ويندا هئا، ان ڪري ان کي ”پار اڪر“ چوندا هئا، جيڪو اڳتي هلي پارڪر سڏجڻ لڳو.
پارڪر جي موجوده پٽن ۽ رڻ ڪڇ بابت تاريخ ٻڌائي ٿي ته اوائلي دور ۾ هي سڄو علائقو سمنڊ هو جيڪو مختلف وقتن تي زلزن ۽ زمين جي اٿل پٿل جي ڪري آيل تبديلين سبب پوئتي ڌڪجي ويو آهي.
پهرين صدي عيسويءَ ۾ به پاري ننگر تائين سمنڊ هو، ان وقت پاري ننگر وڏو شهر هو، جنهن جي آبادي چاليهه هزار کان مٿي هئي ۽ هتي وڏو بندرگاهه هو، جنهن ڪري هتان ملڪان ملڪ سامونڊي جهازن ذريعي واپار ٿيندو هو ۽ واپاري اڪثريت ۾ جين ڌرم جا اوسواڙ هئا. ان وقت ۾ هاڪڙو درياهه امرڪوٽ جي ڀرسان گذري اچي ننگر پارڪر جي ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
پاري ننگر جي بندر کان سواءِ ننگر پارڪر ڀرسان اڌيگام بندر، پڪو بندر، ڪاسبو بندر، بڙ بندر، ووڙائو بندر ۽ راهمڪي بازار ان وقت مشهور بندر هئا. ان کان پوءِ به رڻ ڪڇ وارو علائقو چوٿين صدي عيسويءَ تائين سمنڊ رهيو، جنهن کان پوءِ وڏي زلزلي ۽ ڌرتي ڌڏڻ سبب سمنڊ جي جاءِ خشڪ ٿي ويئي ۽ هي رڻ بڻجي ويو.
اڄ به ويرا واهه جي ڀرسان پاري ننگر شهر جا کنڊر ۽ آثار نظر اچن ٿا. جنهن وقت هي شهر آباد هو ان وقت هتي پنج هزار ٻه سؤ گهر جين ڌرم وارن اوسواڙن جا هئا، جن جي هتي اڪثريت هئي، انهن کانسواءِ نوَ سَؤ گهر لوهارن جا، ست سَؤ گهر راجپوتن جا، تيرهن سَؤ گهر لوهاڻن جا ۽ ٻارهن سَؤ گهر ٻين ذاتين جا هئا، جن ۾ ڍاٽي، وورا، گانڌي، گرڍيرا، تيمان، مدار، ڪل، ڪٻڙيا، لالڻ، وڏيرا، مهنتا، ويڳڙ، ڪانٽيا ۽ ٻيا هتي جا رهواسي هئا. چيو وڃي ٿو ته موهن لال ڪرمچند گانڌي (مهاتما گانڌي) جا وڏا به پاري ننگر جا رهواسي هئا.
پارڪر جي علائقي ۾ اوائلي دور کان سوڍن ۽ راڻن جو راڄ هلندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ سدائين سنڌ جي حاڪميت ۾ رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مختصر وقت لاءِ گجرات جي اثر هيٺ به رهيو آهي ليڪن مقامي راڄداري هميشه پرمارن، سوڍن ۽ راڻن راجپوتن وٽ ئي رهي آهي.
پاري ننگر ۾ سندس اوج واري دور ۾ ان وقت جي هڪ ارب پتي اوسواڙ ڪاجل شاهه هڪ خوبصورت ۽ شاندار تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن کي ”ڪاجلا سر“ چيو ويندو هو ان جا به آثار موجود آهن.
ٿرپارڪر ۾ تلاءَ کي سَرِ چيو وڃي ٿو. ڪارونجهر جبل جي چوڌاري ڪيئي تلاءَ آهن جن مان مکيه تلئان جا نالا هي آهن: (1) ڀوڏيسر تلاءُ، (2) نرياسر تلاءُ، (3) ڀاڻيسر تلاءُ، (4) راڻا سر، (5) آڌي گام جو تلاءُ، (6) گڍڙي چارڻ جو تلاءُ ۽ ان کان سواءِ ويرا واهه جي ڀرسان ”سنگها تلاءُ“ چوڙهئي جبل واري رستي تي بڙ تلاءُ ۽ ٻيا ڪيترائي تلاءَ آهن.
پارڪر جي راڻن جو جيڪو تفصيل ملي ٿو سو (1) راڻي آسراءَ کان شروع ٿئي ٿو (2) راڻو ڏيوراج، (3) راڻو سڙڪجي، (4) راڻو کنگهار، (5) راڻو ارڻجي، (6) راڻو ڀيمجي، (7) راڻو باکرجي، (8) راڻو گانگوجي، (9) راڻو اکوجي، (10) راڻو ماڻڪ راءِ، (11) راڻو ڏيپار ڏيو، (12) راڻو رامسنگهه، (13) راڻو وڻيور جي، (14) راڻو رائڌڻجي، (15) راڻو گجسي، (16) راڻو ڪائجي (ڪرڻ) جنهن جي انگريزن سان جنگ ٿي، (17) راڻو رتنجي، (18) راڻو همير جي، (19) راڻو رڻڇور جي، (20) راڻو اچل سنگهه، جنهن کان پوء جاگيرون ختم ٿيون ليڪن هاڻي به انهن جا پوئنير راڻا ئي سڏجن ٿا ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جي مهنداري ڪن ٿا.
پارڪر جي علائقي ۾ رهندڙ مسلمان قبيلن ۾ کوسا، سيد، سما، سومرا، چانڊيا، موندر، ٻورلي، ساند، پيلو، خاصخيلي، حجام، اُتر، کوکر، رند، راهما، نهڙيا، شورا، کاڙڪ، شيدي، ڪنڀار، منگريا، مڱڻهار، لنجا، جوڻيجا، سنگراسي، هاليپوٽا، راڄڙ، سميجا، جيسر، ڀٽي، جهنجهي، ٿيٻا، ديدار، ڏيٿا، اوٺا، چنا، ڪيريا، ڏوهٽ، ڪيلهڻ، گجو، شيدي، لنگها وغيره شامل آهن.
هندو ذاتين ۾ شرمالهه، راجگر، سارسوت، جيڪي بيهمڻ آهن ۽ ٻيا لوهاڻا، جين، راجپوت، ريٻاري، سوٽهڙ، چارڻ، جاٽ، مالهي، سونارا، کٽي، نائي، سامي، لوهار، بجير، ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، ڀنگي ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون.
ننگر پارڪر تعلقي جي هاڻوڪي آباديءَ موجب 85 سيڪڙو هندو ۽ ٻيا رهن ٿا، 15 سيڪڙو مسلمان آباد آهن.
پارڪر جي علائقي ۾ ڪنهن به دور ۾ ڪو به وڏو قلعو نه ٺهيو. ڪارونجهر جبل تي ”چندن گڍ“ راڻي چند ٺهرايو. ٿرپارڪر ۾ ننڍي قلعي کي ”گڍ“ چيو وڃي ٿو.”چندن گڍ“ جا آثار اڄ به موجود آهن. ننگر پارڪر جا راڻا ڏکئي وقت ۾ ڪارونجهر جي اونچائيءَ تي چندن گڍ ۾ پناهه وٺندا هئا. انگريزن جي پارڪر تي ڪاهه ٿي ته راڻو ڪرڻ به روپلو ڪولهي ۽ ٻين ساٿين سميت هتي اچي رهيو، جتان روپلو ۽ سندس ساٿي انگريزن تي گوريلا ڪارروايون ڪندا رهندا هئا. 1859ع ۾ ڪرنل ايونس ”چندن گڍ“ کي توبن سان ڪيرايو جنهن کان پوءِ هاڻي ڪوٽ جا صرف آثار موجود آهن. ان کان سواءِ ڪڇ جي راجا راهمڪي بازار ۽ اوکا ۾ ننڍا ”گڍ“ ٺهرايا هئا جن کي ڪڇي گڍ چيو ويندو هو.
پارڪر جي علائقي تي هر حڪمران امر ڪوٽ جي قلعي مان ئي پنهنجو راڄ هلايو. ٽالپرن ٿر جي علائقي ۾ گڍ ۽ قلعا ٺاهيا، ليڪن پارڪر ۾ هنن به ڪو گڍ يا ڪوٽ نه ٺهرايو.

* پاري ننگر

ننگر پارڪر ويندي رستي تي پهريان ويرا واھ آھي جيڪو پڻ پراڻو شھر آھي ليڪن هن جي ڀرسان ھڪ قديمي شھر ”پاري ننگر“ جا کنڊر موجود آھن. هي شھر پنھنجي دؤر جو ھڪ وڏو سکيو ستابو ۽ مشھور شھر ھو. ڪيئي صديون اڳ اتي جھاز رانيءَ لائق پاڻي موجود ھو ۽ پاري ننگر ھڪ بندر ھو. پاري ننگر جي تباھي ان حقيقت ڏانھن منسوب ڪئي ويندي آھي، ته هڪ زلزلي ۾ زمين سمنڊ کي ڌڪي پوئتي ھٽائي ڇڏيو، ڪڇ ھڪ رڻ بڻجي ويو ۽ پاري ننگر جو مشھور معروف بندر برباد ٿي ويو. پاري ننگر جو بندر پھرين عيسوي صديءَ ۾ قائم ٿيو ۽ پوءِ وڌندو ويجھندو رھيو.
ڪن روايتن موجب سندس آدمشماري 40,000 ھئي. پوئين دؤر ۾ مٿس پرمار سوڍن جي حڪمراني رھي. ان کان پوءِ، دھليءَ جي ڪنھن شھنشاهه ھن خوبصورت شھر کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. ھي واقعو 1226ع جو چيو وڃي ٿو. پاري ننگر جي کنڊرن ۾ جين ڌرم سان لاڳاپيل پنج ڇھ وڏا مندر آھن، انھن مان گھڻا سنگ مرمر سان تعمير ٿيل آھن. وڏي وقت گذرڻ باوجود به انهن جا ڪجھ حصا باقي بچيل آھن جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي شاھدي ڏين ٿا. مندرن تي موجود اڪريل تصويرون يا خوبصورت بت ۽ ٻيون ڪي اھڙيون لاڳاپيل شيون تمام خوبصورت آھن. پاري ننگر جي خوشحال ماضيءَ جون ڪيتريون ئي شاھديون موجود آھن. سمنڊ پوئتي ڌڪجڻ ڪري پاري ننگر جا واپاري ۽ شاهوڪار ڀوڏيسر پھتا ۽ اتان کان پوءِ ڪجهه عرصو ڄام ننگر ۾ رھيا ۽ اتان کان وري مانڊو پھتا. لڏپلاڻ جو سبب معاشي ترقي ٻڌايو وڃي ٿو. ٻيو سبب اھو به ٿي سگهي ٿو ته ڪڇ وارو سمنڊ سڪي پوئتي ھٽي ويو ۽ بندر ۽ بازاريون ڦٽي ويران ٿي ويا، ان ڪري سندن لڏپلاڻ جاري رهي ۽ پوءِ سمنڊ آھستي آھستي پوئتي ھٽندو ويو ته ھو به ان سان گڏ اڳتي وڌندا ويا ۽ اچي ڪڇ جي سامونڊي ڪناري وٽ مانڊو پھتا.
ويرا واھ جي ڀرسان هن ڦٽل شهر جا نشان موجود آهن، جيڪي اٽڪل ٽي ڪلوميٽر ڊيگهي ۽ هڪ ڪلوميٽر ويڪري ميدان تي ڦھليل آھن، جتي اڃا تائين، پراڻن مندرن ۽ جاين جون پيڙهيون موجود آهن. ڪئپٽن ريڪس جي تحقيق آهي ته هي شهر 512 قبل مسيح آباد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هڪ لک گهر هئا. اهو شهر 1200ع ڌاري مسلمان حاڪمن سان مقابلن ۽ لڙاين جي ڪري ناس ٿي ويو. هن شهر جي ڀرسان سمنڊ هو. حقيقت اها آهي ته هن شهر جو زوال ان دور ۾ شروع ٿيو جڏهن سمنڊ پوئتي هٽڻ شروع ڪيو. ”پاري ننگر“ کان ٽن يا چئن ميلن جي پنڌ تي ”ڏوتڙ“ نالي هڪ وسندڙ بندر هو. ان بندر لاءِ هتان جا وڏڙا سينه به سينه ڳالهيون ڪندا اچن ٿا ته هن بندر تي جهازن کي جهلڻ لاءِ وڏا لوها زنجير ۽ ڪڙا پيل هوندا هئا. پنڊت نهرو پنهنجي جڳ مشهور تاريخ ۾ لکي ٿو ته: ”پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾، گجرات جي لڳ ڀڳ ڪن ڪنارن وارن بندرن کي سمنڊ ڇڏي ويو، جنهن ڪري ڪيترا هندو واپاري، واپار جي سانگي لڏي جاوا ۽ بالي ٻيٽن ۾ وڃي آباد ٿيا.“ (جي هن وقت انڊونيشيا ۾ آهن). اهو به چيو وڃي ٿو ته گانڌيءَ جا وڏا به اصل هتي جا رهواسي هئا.
افسوس اهو آهي ته اڄ تائين، ههڙي تاريخي شهر جي کوٽائيءَ ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو ويو آهي، بلڪ انگريزن جي دور ۾ هن ڦٽل شهر مان سنگمرمر جون ڪي چيزون ڪراچي جي عجائبخاني ۾ رکايون ويون هيون. مسٽر ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ پڻ هن ڦٽل شهر جو ذڪر ڪيو آهي. اها به روايت آهي ته هن شهر جا ڪيترائي عجائبات بمبئيءَ جي ميوزيم ۾ موجود آهن.

روزاني ايڪتا 03 اڪٽوبر 2019ع

حوالا.
1- ڪتاب ۔ پراڻو پارڪر (ليکڪ ۔ منگھارام اوجها)
2- ڪتاب - تاريخ ريگستان (ليکڪ ۔ رائچند هريجن)

مٺيءَ ۾ هڪ منفرد مندر

اسين حڪيم ميمڻ جي گاڏيءَ ۾ سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پاران ٿر جي سير تي نڪتل هئاسين. ٿر ياترا دوران پياري دوست نندلال مينگهواڙ جي قربائتي ڪوٺ تي مٺيءَ پهتاسين، جتي باءِ پاس واري روڊ ڀرسان نئين آباد ٿيل ڌرماڻي ڪالوني ۾ سندس گهر پهتاسين ته نندلال، سندس والد مرچومل، سينئر صحافي مينڌرو ڪاجهروي ۽ ننڍن ڀائرن اسان سڀن دوستن کي وڏي پاٻوهه سان ڀليڪار ڪئي. حال احوال کان پوءِ ڪچھري ڪئي سون ته خبر پئي ته هي سڀئي وڏي ڄاڻ رکندڙ ۽ صوفي خيال وارا محبتي انسان آھن جن سان صوفي سنت ڪبير ڀڳت بابت سٺي ڄاڻ واري ڪچھري ٿي. رات جي ماني کائي فارغ ٿياسين ته نند لال اسان جي لاءِ جهوني ڀڳت تاراچند کي گهرايو هو جيڪو به سازندن سميت اچي پهتو ته ساڻس ڪجھ ڪچھري ڪري پوءِ حڪيم ميمڻ، ڊاڪٽر مشتاق ابڙو، ممتاز ابڙو، نندلال ۽ مينڌري جي سڀن ڀائرن سميت سنگت سان گڏجي ڀڳت تاراچند کان شاھ لطيف ڀٽائي ۽ ڀڳت ڪبير جا ڪلام ٻڌاسون. ڀڳت تاراچند جو آواز ۽ آلاپ زبردست هو، جنهن اسان سڀني جا ٿڪ لاهي ڇڏيا ۽ اسان کي سڪون ۽ سرور بخشيو، ڇو ته هي راڳ جو نرالو انداز هو.

* الک مندر
نندلال ايڪسائيز آفيسر آھي ۽ مينڌرو ڪاجهروي جو مٺيءَ ۾ ايونٽ مينيجمنٽ ۽ ڊيڪوريشن ڪاروبار آھي ۽ سينئر صحافي پڻ آھي. هنن جي خاندان جو اصل ڳوٺ ڪلوئي آھي ليڪن مٺي ضلعي هيڊڪواٽر ٺھڻ کان پوءِ ھن شھر جي آباديءَ ۾ واڌارو ٿيو آھي ۽ نيون سوسائٽيون ۽ ڪالونيون پڻ ٺھيون آھن جن مان هڪ ڌرماڻي ڪالوني آھي، جنهن ۾ نند لال وارن جو خاندان ۽ برادريءَ وارا اچي آباد ٿيا آھن جن جي اڪثريت ڪبير ڀڳت جي پوئلڳ آھي جنهن ڪري صوفيت جو عملي مثال هنن جو پنهنجي برادري لاءِ قائم ڪيل الک مندر آھي.
صبح جي نيرن مينڌري ڪاجهروي ڪرائي جنهن ۾ ھنن جي خاندان جا بزرگ به شامل ٿيا ۽ اسان کي سڀن وڏو مان ڏنو. ان کان پوءِ الک مندر تي وياسين. هن مندر کي اسان اندران ۽ ٻاهران غور سان ڏٺو. هڪ ته هن منفرد مندر جي اڏاوت اسلامي مسجد۔ مقبري يا درگاهن جھڙي هئي، ٻيو ته مندر اندر ۽ ٻاهران ڪنهن به ديوي يا ديوتا جي ڪا به مورتي رکيل نه آھي ۽ نه وري ڪا تصوير ٺھيل يا لڳل موجود آھي. صرف شاھ لطيف ۽ ڀڳت ڪير جا بيت ديوارن تي خوبصورت انداز ۾ پينٽ ٿيل آھن. ان تي مون حيران ٿي هنن دوستن کان پڇيو ته هي ڇا ماجرا آھي، هي مندر آھي ليڪن نه مورتي نه ئي تصوير! هي ڪهڙو ۽ ڪنهن جو مندر آھي؟ منهنجي حيرت ۽ سوال تي صحافي مينڌري ڪاجهروي ٻڌايو ته هي ”الک مندر“ آھي (صوفين الله پاڪ کي اڪثر الک جي نالي سان پڪاريو آھي) جيڪو اسان پنهنجي سڀن عزيزن لاءِ جوڙايو آھي ۽ طئي ڪيو آھي ته هتي ڪا به مورتي يا تصوير نه هوندي ۽ هتي هر مذھب وارو پنهنجي دين ۽ فرقي تي قائم رهندي ڪا به عبادت يا پوجا ڪري سگهي ٿو. هي اسان پنهنجي صوفي خيال موجب ته سڀ جو مالڪ هڪ الک آھي اسان سڀ برابري ۽ سراسري موجب گڏ هونداسين.
سچي ڳالھ ته آئون سندن سان ڪچھريءَ وارين ڳالهين مان ئي تمام گهڻو متاثر هئس ليڪن اڄوڪي نفسانفسي، نفرت ۽ منافقي جي دور ۾ هن پريوار جي هي عملي صوفيت اسان کي حوصلو بخشي ٿي ۽ يقين ٿي ڏياري ته اسان سنڌين وٽ بلڪل ڀينگ نه ٿي آھي، اسان وٽ اڃا انسانيت موجود آھي. جيڪا سنڌ جي اصل سڃاڻپ آھي جنهن ڪري ويساھ پختو ٿو ٿئي ته يقينن... يقينن... سنڌ جيئندي سدا، سنڌ جيئندي سدا.
نندلال ۽ ٻين کان موڪلائي اسين صوفي مينڌري جي اڳواڻيءَ ۾ مٺي شھر مان گهر ڀاتين لاءِ ٿر جون ڪجھ سوکڙيون خريد ڪري پوءِ مشھور مٺي گڍ تي وياسين جتي مينڌري اسان کي وڏي ڀٽ تي پراڻي ڪوٽ (گڍ) جا آثار ڏيکاريا، اسان انهن جي فوٽو گرافي ڪئي. هنن آثارن جو تفصيلي ذڪر نئوڪوٽ واري مضمون ۾ ڏنو آھي. گڍ تان هيٺ اچي مينڌري ڪاجهروي کان موڪلائي نئوڪوٽ روانا ٿياسين.

تاريخ جو گلدستو ڪارونجھربچايو

سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ليڪن ڪارونجهر جي ڪٽائي سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سان هٿ چراند آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ نه صرف ٿر جي عوام بلڪه سنڌ جي هر شعور وند ۽ غيرتمند کي قبول نه آهي. ڪارونجهر قدرتي ۽ فطرتي طور خوبصورت ۽ تاريخ جو گلدستو آهي، جنهن ۾ هزارين سالن جي تاريخ اونچي ڳاٽ سان نروار نظر اچي ٿي. سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا جو هي اهم اهڃاڻ جنهن ۾ ڪيئي منفرد منظر ۽ دلڪش آبشار، نديون ۽ برساتي نالا آهن، تاريخي طور هن خطي جي اوائلي دور جي رهاڪن ڪڏهن به وطن پرستيءَ جو پاند نه ڇڏيو آهي. هن ڪارونجهر جي سونهن سوڀيا بچائڻ لاءِ سنڌ جي هيري امر روپلي ڪولهيءَ ۽ ڪيئي راڻن راجپوتن پنهنجي سرن جا نذرانا ڏيئي ڪارونجهر جو ڳاٽ اونچو رکيو آهي.
تاريخي طور ڪارونجھر ۽ پارڪر جو مختصر تعارف هي آھي ته ٿرپارڪر اصل ۾ ٻن الڳ الڳ لفظن ۽ علائقن ٿر ۽ پارڪر جي ميلاپ مان جڙيل آھي. ٿر نرم وارياسي سرزمين جو نالو آھي ۽ پارڪر ٿر جي ڀيٽ ۾ ڪجھ سخت وارياسي زمين ۽ ان تي اڀريل ننڍين وڏين جابلو ٽڪرين تي مشتمل علائقي جو نالو آھي جيڪو هن وقت انتظامي طور تعلقو ننگرپارڪر آھي. هن علائقي ۾ چوڙيو جبل، ووڙائو جبل ۽ کارسر جبل به وڏا جبل ليکيا وڃن ٿا ليڪن سڀن کان ڪارونجھر گهڻو وڏو جبل آھي ۽ سڀن کان منفرد ۽ خوبصورت آھي. ڪارونجھر جي دامن ۾ ننگرپارڪر شهر آباد آهي. هي جبل ٿرپارڪر جي علائقي ۾ وڏو جبل آھي، هونئن به ڪارونجهر سنڌ جي ٻين جبلن کان منفرد ۽ وڌيڪ خوبصورت آهي. وڏا وڏا گول ۽ لسا پهڻ هڪ ٻئي مٿان سٿيل نظر اچن ٿا ۽ برسات جي پوڻ سان هڪ ٻئي مٿان سٿيل پهڻ (پٿر) جي پاڙن مان سائو گاهه ڦٽي سڄي جبل کي چهچ سائو لباس ڍڪي ڇڏي ٿو، ان ڪري سندس خوبصورتي تي شاعري ڪئي وڃي ٿي. ڪارونجھر جبل جي ايراضي 20 هزار ايڪڙ آھي. هن جبل ۾ ڪيئي چوٽيون آهن جن جي قطار جي ڊيگهه 19 ڪلوميٽر آهي ۽ اوچائي سامونڊي سطح کان 305 ميٽر آهي. هن جون چوٽيون بيضوي شڪل ۾ ڦري اچن ٿيون. هنن ٽڪرين جي ٻاهرين گولائي اٽڪل 32/30 ڪلوميٽر آهي ۽ وڏي ۾ وڏي چوٽيءَ جي اوچائي هڪ هزار فوٽ آهي جنهن کي ”صاحب چڱا“ چيو وڃي ٿو، جتي ”تروٽ“ ٿلهو ٺهرايو هو. هن جبل ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت ماٿريون آهن ۽ برساتي ندين ۽ آبشارن جا خوبصورت قدرتي نظارا پسي سگهجن ٿا. هن جبل ۾ برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ڊيم به ٺاهيو ويو آهي.

* جين ڌرم جا مندر
هن جبل جي شروعات ۾ جين ڌرم جو مندر ۽ ان کان اڳتي هڪ پرچاري آسٿان آهي جنهن تي هڪ ننڍي مندر جا آثار آهن ۽ رستي واري پاسي کان ديوار جي وڏن وڏن پٿرن تي وڏيون مورتيون اُڪريل آهن ۽ ٻين سڀني پٿرن تي به خوبصورت ڊزائنيون ۽ شاهڪار چٽسالي جو ڪم ٿيل آهي. هنن آثارن لاءِ منگها رام اوجها پنهنجي ڪتاب ”پراڻو پارڪر“ ۾ لکي ٿو ته هي جين ڌرم وارن جو خاص ۽ وڏو مرڪز هو، جتان جين ڌرم جي نظرياتي پرچار ڪئي ويندي هئي. جبل جي اندر هندو ڌرم جا مندر، تيرٿ ۽ آسٿان آهن جن ۾ ساڙڌرو، گئومکي، انچليسور، ڀيم ڪن، جهرڻو، چندن گڍ مشهور آهن جيڪي سڀ اهم تاريخي ماڳ آھن.

* ساڙ ڌڙو
(مرگهه ڪنڊ) جنهن کي اصل ۾ ساڙ ڌڙو ڌام چيو وڃي ٿو. هي هڪ پهاڙن جي ڪنڊ ۾ اونھي ڪن وارو چشمو آهي، جنهن ۾ سال جا ٻارهن ئي مهينا پاڻي موجود رهي ٿو. هن پاڻيءَ کي هندو ڌرم موجب پويتر جل (پاڻي) سمجهيو وڃي ٿو جيئن گنگا نديءَ کي سمجهيو ويندو آهي. هتي به مري ويلن جا هڏا وڌا وڃن ٿا ته جيئن انهن کي شانتي ملي سگهي. هندو ڌرم جي ويدن ۾ به ساڙ ڌڙي جو ذڪر ٿيل آھي.

* گئو مکي
هي ماڳ به ڪارونجهر جبل ۾ تمام اهم سمجهيو وڃي ٿو جيڪو ساڙڌڙي کان ڏکڻ طرف تقريبن چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي جنهن تائين صرف پنڌ ئي وڃي سگهجي ٿو. هن ماڳ تي ڳئون جي منهن جي شڪل ٺهيل نظر اچي ٿي، جنهن جي ٿڻن مان پاڻي وهندو رهي ٿو. هتي هندو ڌرم وارا درشن ۽ پوڄا پاٽ لاءِ ايندا آھن ۽ پري پري کان سياح ھي دلڪش منظر پسڻ ھتي پهچن ٿا.

* چندن گڊ
هي ننڍو قلعو آهي جيڪو ڪارونجهر جي اونچي چوٽيءَ تي راڻي چندن ٺهرايو هو. پارڪر تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته راڻو چندن ۽ سندس ساٿي روپلو ڪولهي ۽ ٻيا هتي اچي رهيا ۽ هن قلعي مان انگريزن تي ڪارروايون ڪندا رهندا هئا. جنگ جي آخري مرحلي ۾ ڪرنل ايونس هن قلعي کي 1859ع جي مئي مهيني ۾ توبن سان اڏائي ڇڏيو، ليڪن قلعي جا آثار اڄ به موجود آهن.

* ڀيم ڳوڏا
چيو وڃي ٿو پانڊوئن ۽ ڪوروئن جي تاريخي جنگ دوران ڪوروئن جڏهن پانڊوئن کي 13 سال ڏيهه نيڪالي ڏني هئي ته پنج ئي پانڊو ڪجهه وقت لاءِ ڪارونجهر ۾ به اچي رهيا هئا. جن جا يادگار هتي موجود آهن، جن ۾ مکيه ڀيم گوڏا، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ ۽ ڪجهه ٻيا به نشان هتي موجود آھن.

* ڀونئرو (بهرو)
ڪارونجهر جبل ۾ هڪ ڀونئرو به مشهور آهي جيڪو هاڻي زبون حالت ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارڪر تي سوڍن جي حڪومت دوران حڪومتي خزانو هت رکيل هوندو هو. هن ڪارونجهر جبل ۾ ڪيئي ٻيا يادگار ۽ تيرٿ آهن ان کان سواءِ جبل جي چوٽين ماٿرين، ندين ۽ آبشارن جي پنهنجي هڪ وڏي خوبصورتي آهي، جيڪا پسڻ سان ذهن تروتازه ۽ پرسڪون ٿئي ٿو. ڪارونجهر جبل جي هڪ وڏي خاصيت اها آھي ته جبل مان قدرتي طور هر وقت مختلف هنڌن تان هلڪو هلڪو دونھون نڪرندو رهي ٿو جنهن جو منظر دلڪش هوندو آھي. جيڪڏهن هتي وڌيڪ تفريح گاهه ٺاهيا وڃن. روڊ رستن کي بهتر ڪيو وڃي ۽ عام ماڻھن جي لاءِ رهائش جو انتظام هجي ته هي جبل پوري ملڪ جي ماڻهن ۽ غير ملڪي سياحن جي لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. وزيراعليٰ سنڌ جو خاص معاون ويرجي ڪولهي چئي ٿو ته سنڌ حڪومت جي قانون مائيننگ ڪنسيشن آرڊر جي شق 25 موجب ڪارونجهر جون سموريون ليزون رد ڪيل آهن. 1980 ۾ وفاقي حڪومت ڪوهه نور ڪمپني کي ليز ڪئي ھئي جنھن وري سب ليز ڪري WFO کي ڏني. مارچ 2011 ۾ جڏهن غير قانوني طور تي ڪوهه نور ڪمپني چوڙيو ماتا مندر واري جبل کي ٽوڙڻ شروع ڪيو ته آئون اڪيلو ھوس، جنهن نه صرف احتجاج ڪيو، پر سپريم ڪورٽ تائين پھتاسين. 2015ع ۾ مانواري سپريم ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي حڪم ڪيو ته جبل کي ٽوڙڻ وارو ڪم فوري طور روڪيو وڃي ۽ پوءِ ان حڪم تحت ڪم رڪجي ويوهو. هاڻ وري غيرقانوني طور جبلن جي ڪٽائيءَ جو ڪم تيزيءَ سان شروع ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ڪيئي ننڍيون ننڍيون ٽڪريون آهن جنهن کي هاڻي تقريبن ٽوڙي ۽ ڪٽي چڪا آهن.
ڪارونجهر هزارين سالن کان آباد آهي ۽ هاڻ به ان کي صدين تائين آباد رکڻو آهي، جنھن لاءِ اسان سڀن کي سوچڻو پوندو ڇو جو اڃا به وقت ويو ناهي، اسان ڪارونجھر ۽ پوري پارڪر جي حُسن جي حفاظت ڪري سگهون ٿا. اچو ته سنڌ جي قدرتي حسن جي حفاظت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيون. سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پاران محترم ويرجي ڪولهي (خاص معاون وزيراعليٰ سنڌ)، محترم ڪرشنا ڪولهي، ارباب صاحبان، محترم سردار خان کوسو، ٿر سميت پوري سنڌ جي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ حڪومتي ڌر جي عهديدارن، عوامي نمائندن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪجي ٿي ته پنهنجي علائقي جي وارثي ڪئي وڃي. هتي پارڪر جون ننڍيون ننڍيون ٽَڪريون راڻپور، ڏونگري، موڪڙيو، آسالڙي، مئو، چڻيندا، ڌنا گام، چوڙيو جبل جو ڪجھ حصو ۽ ڀوڏيسر جو ڪجهه حصو ٽوڙيو ويو آهي، مٿي ڏنل ننڍيون ٽَڪريون پوريون ختم ٿي ويون آهن ۽ هاڻي اچي غيرقانوني طور ڪارونجهر کي ڪٽيو پيو وڃي. اوهان سڀ راڻن، راجپوتن ۽ روپلو ڪولهيءَ جي تاريخ جو تسلسل آهيو. ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچو، سڄي سنڌ اوهان سان گڏ بيهندي. اوهان جو ايوانن ۾ آواز اڃان تائين ڇو نه آيو آهي. هن غيرقانوني ۽ غيرفطري عمل خلاف اوهان جي گجگوڙ ايوانن ۾ گونجڻ کپي ها، اوهان پارڪر جا وارث ۽ والي آهيو. سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم پوري سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اپيل ٿو ڪري ته ڪارونجهر جي قدرتي، فطرتي ۽ تاريخي گلدستي کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن اهم مسئلي تي سنڌ جي هر وڏي شهر ۾ سيمينار ڪرايا وڃن. سنڌ جي هن خوبصورت تاريخي گلدستي کي بچائڻ لاءِ اسان سڀن کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت کي هن اهم مسئلي تي خصوصي توجهه ڏيئي سنڌ جي سونهن ۽ تاريخ کي بچائڻ لاءِ تڪڙو قدم کڻي هن غيرقانوني عمل کي فوري طور روڪرائڻ گهرجي، ورنه تاريخ اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

روزاني ايڪتا 14 نومبر 2019ع

نظم

شھر هجن يا ٻيلا هجن،
محبوبن جا ميلا هجن.

فڪر شعور جي ڳالھ ٿئي،
روح رچيندڙ راڳ هجن.

نيھن جا نغارا وڄندا رهن،
سرندا مرليون ساز هجن.

سنڌ جي سونھن جو ورد ٿئي،
حق حق جا آلاپ هجن.

جت ماروئڙن لاءِ درد هجي،
حق وٺڻ ڄڻ فرض ھجي.

ڪين ٿين ”ضمير“ جا سودا،
واهڻ وسنديون آباد هجن.

(عنايت کٽياڻ ۔ ضمير)