سنڌسلامت پاران
ھن ڪتاب ۾ دنيا جي انھن املھ شخصيتن متعلق ڀرپور معلومات شامل آھي، جن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگي، شاعري ۽ فڪري اڏام جي مختلف پھلوئن کي وس آھر قلمي پورھيي سان نوازيو آھي. شاھ جي شيداين جي ڊگهي قطار مان راھب لاڙڪ ھن ڪتاب (پھرين حصي) ۾ جن شخصيتن جي چونڊ ڪئي آھي انھن مان اڪثر ھن وقت دنيا ۾ موجود ناھن، پر سندن خدمتن تي کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي آھي. ڪتاب ۾ رنيسٽ ٽرمپ، ايڇ ٽي سورلي، ايلسا قاضي، اينيميري شمل کان ڀيرومل، رام پنجواڻي عبدالغفور الستيءَ تائين ڪيترن ئي محققن جي ڪم کي سھيڙيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي راھب علي لاڙڪ جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي