ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جڳ مشھور روسي اديب دوستو وسڪيءَ جو ناول ”ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار احسان بدوي آھي.
دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

ڇپائيندڙ پاران

ادب جي دُنيا ۾ ناول نويسي انتهائي مقبول پر محنت طلب صنف آهي، ڇاڪاڻ جو ناول لکندي هڪ ليکڪ نه رڳو فني ۽ ٽيڪنيڪي نزاڪتن کي نظر ۾ رکي ٿو، پر گهري ادراڪ، مشاهدي، مطالعي ۽ انساني نفسيات بابت گهڻ رُخي ڄاڻ رکڻ سان گڏ هڪ منفرد تصوراتي دُنيا جي اُڻت به ڪري ٿو. ان ننڍي دُنيا ۾ ڪي ڪردار چـُـرندي پـُـرندي، ساهه کڻندي، احساساتي ڀائيچارو ڪندي، مرندي نظر اچن ٿا- ۽ مري ٻيهر زندهه ٿيندي بلڪه ڪن مرحلن تي اُهي اَمـَـر به ٿي وڃن ٿا! رڳو ڪردار ئي ڇو، انهن تحريرن جي ڀاڪرن ۾ آيل جايون، جڳهون، جهلڪون، ادائون، صورتحالون (Situations) ۽ ناتا به ياد جي ڦرهيءَ تي اُڪرجي وڃن ٿا.
ادب ۾ ناول نگاريءَ جو اهو مقام هوندي به ضروري ناهي ته دُنيا ۾ لکيل/ لکجندڙ سڀ ناول انهيءَ پـَـدَ تي پـُـورا لهن. انساني لکت جي تاريخ ۾ بيشمار ناولن جي عـُـمر چند هفتن، مهينن ۽ سالن تي به محيط رهي آهي. بلڪه ادب جي دُنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ناول به لکيا ويا، جن کي ڇپجڻ ته نصيب ضرور ٿيو، پر اُهي پڙهندڙن جو ڪو خاص ڌيان نه ڇڪائي سگهيا ۽ آخرڪار ڪٻاڙ خانن، ڊرائنگ رومن ۽ رديءَ جي ٽوڪرين جو بـَـکُ بڻجي ويا. تنهن ڪري اها حقيقت سمجهڻ گهرجي، ته اُهي ناول جن انساني دل ۽ ذهن تي صدين ۽ ڏهاڪن تائين حـُـڪمراني ڪئي، سي چند درجنن کان مٿي هرگز به نه آهن. ڇاڪاڻ جو مٿي ڪيل گذارش مطابق ناول لکڻ لاءِ نه رڳو انساني حواسن، تجربن جو َتتُ پيش ڪرڻو ٿو پوي، پر اهڙي ڪنهن لافاني تحرير لاءِ قدرت جي ڪرم نوازيءَ جو هـُـجڻ به بيحد ضروري آهي. يعني انساني جستجو ۽ فطرت جي مهربانيءَ سان عطا ٿيل ڏات جو لاڳاپو، جڏهن پورڻتا جي حد تائين هڪ ٻئي سان سنجوڳ ڪري ٿو، تڏهن ڪو غير معمولي ناول جنم وٺي ٿو.
انهيءَ حوالي سان ناول جي صنف ۾ دُنيا جي عظيم ترين ناول نگارن ۾ جن ڪلاڪارن کي امتيازي حيثيت حاصل آهي، تن مان روس جو فيودور دوستو وسڪي پهرين قطار ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. موضوعن جي نـُـدرت، فڪر جي گهرائي ۽ انساني سڀاءَ جو گهرو ادراڪ رکندڙ هيءُ ناميارو ليکڪ فقط ناول نويسيءَ ۾ ئي نه، پر نثر جي دُنيا جو به اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن جي قلم جي جولان سان هن سرشتيءَ جو شايد ئي ڪو ٻيو قلمڪار بـَـرُميچي سگهي. انتهائي سادن پلاٽن کي بيشمار ڪردارن سان ٽمٽار ڪندي، جنهن تـُـز طريقي سان دوستو وسڪي زندگيءَ جي جيڪا سچي ۽ ايذائيندڙ منظر ڪشي ڪئي آهي، سا عام پڙهندڙ کي ”خاص شخص“ ۽ خاص شخص کي هڪ شاندار ليکڪ بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. دوستو وسڪي پنهنجين تحريرن جي ابتدا ۾ هڪ عام قصه گو وانگر انتهائي آسان ۽ روايتي ڪهاڻيون بيان ڪرڻ لڳي ٿو، پر وقت گـُـذرندي هـُـو پڙهندڙ کي فني سحر ۾ جڪڙي ۽ انساني نفسيات جي پيچيدگين تان پردو کڻندي، کيس پنهنجين تحريرن جو ديوانو بڻائي ڇڏي ٿو. اهوئي سبب آهي جو گـُـذريل سوا صديءَ دوران ناول نگاريءَ جي دُنيا ۾ جيترا سندس مداح پيدا ٿيا، ايترا شايد ئي ڪنهن ٻئي ليکڪ کي ميسر ٿيا هـُـجن!
دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي-- ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن. هڪ ننڍڙي روسي ڪـُـٽنب سان لاڳاپيل فردن جي روزاني زندگيءَ کي بحث ۾ آڻيندي، هـُـن دراصل انساني دل ۽ دماغ جي وچ ۾ ٿيندڙ تضادن کي چٽو ڪري، اُنهن تضادن جا حل ڏَسيا آهن- ۽ ائين ڪندي هڪ ’ڪامل راهه‘ جو تصور عطا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.
”ڪرامازوف ڀائر“ اڻويهين صديءَ جي روس ۾ فئشني مادي پرستي، ڪٽر يسوعي اعتقاد پرستي ۽ لذت پسنديءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ جو مجموعو آهي، جن ٽڪرائن جي نمائندگي ڪرامازوف خاندان جا فرد ترتيبوار ايوان، اليوشا ۽ دمتريءَ جا ڪردار ڪندي نظر اچن ٿا. روس جي تاريخ جو هيءُ اهڙو دور آهي، جنهن ۾ عيسائي مذهبي ڌريون، روسي شهنشاهيت ۽ لبرل قوتون هڪٻئي خلاف جاکوڙيندي ۽ پاڻ کي مضبوط ڪندي نظر اچن ٿيون. ڪرامازوف ڀائرن جي وچ ۾ ٿيندڙ خيالن جي رساڪشي دراصل ان دور جي روسي سماج ۾ ٿيندڙ فڪري ۽ اختياراتي تضادن جو اولڙو آهي. ناول اندر انهيءَ ويڙهه ۾ ڪاميابي بهرحال ڪرامازوف ڀائرن جي پيءُ جهوني فيودور کي حاصل ٿئي ٿي، جيڪو پنهنجي اندر تمام تر بشري بـُـرايون رکندي به هڪ صوفي منش آهي. هـُـو انساني ڪمزورين جو مجموعو هوندي به نظرين، فرقن ۽ روايتي فڪر جو داعي نه پر ڌرتي ۽ اُن جي روايتن جو امين ۽ اعليٰ انساني قدرن ۾ يقين رکندڙ هڪ گنهگار شخص آهي. دوستو وسڪي پاڻ پراڻ پسند مسيحي هوندي به سڄي عمر ڪئين بـُـرين عادتن ۾ ڦاٿل رهيو، پر هـُـن ڪڏهن به انسانيت لاءِ دل ۾ موجود احترام ۽ پيار کي پنهنجي اندر مان هڪالڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته ”ڪرامازوف ڀائر“ هن عظيم ليکڪ جي آخري تحرير ئي نه پر سڄي عـُـمر جي علم، مشاهدي ۽ تفڪر جو تـَـتُ آهي، جنهن کي هـُـن انتهائي شاندار طريقي سان عام پڙهندڙ تائين پـُـڄائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
”ڪرامازوف ڀائر“ جو پهريون ڇاپو سن1880ع ۾ روسي ٻوليءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ اُن ڪتاب ٿوري ئي عرصي ۾ عالمي سطح تي شـُـهرت حاصل ڪري ورتي. ويهين صدي شروع ٿيندي ئي هيءُ ناول دُنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو ۽ اُن يورپ سميت دُنيا جي مڙني لکندڙن، پڙهندڙن ۽ سوچيندڙن جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ”ڪرامازوف ڀائر“ جو انگريزي ترجمو 1915ع ۾ Constance Carnett جي هٿان ٿيو، نتيجي ۾ هيءُ ناول ننڍي کنڊ جي علمي ۽ ادبي حلقن تائين پهچي ويو. ۽ اهڙي طرح وقت گذرندي ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. ڪتاب جو سنڌي ترجمو نامياري ليکڪ مرحوم احسان بدويءَ هٿان سن1965ع ۾ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 1978ع ۾ مڪمل ٿي سنڌي ادبي بورڊ تائين پهتو. پر افسوس جي ڳالهه آهي، ته ايترو عرصو اڳ بورڊ کي سونپيل هن ڪتاب جي سنڌي مسودي کي موجوده روپ ۾ توهان جي هٿن تائين پهچڻ ۾ ٽيهن سالن جو وڏو عرصو لڳي ويو.
ظاهر آهي ته ايترو وقت گذرندي، ڪنهن به تحرير جي ٻولي، لهجي، بلڪه مـُـحاورن ۾ ڪافي فرق پئجي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ حقيقت پسنديءَ جي تقاضا اها هئي ته موجوده دور نسل تائين پهچائڻ کان اڳ ان شاهڪار جو نئين سر ترجمو ٿئي ها، پر محنت، معيار ۽ صبر کان پري ڀڄندڙ اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اهو مـُـمڪن نظر نه آيو، ته ڪو علم جو صاحب گوڏو ڀڃي هزار صفحن تي ڦهليل هن تحرير کي ٻيهر ترجمو ڪرڻ جو ڪشٽ پنهنجي سر تي کڻي سگهندو. تنهن ڪري عافيت انهيءَ ڳالهه ۾ سمجهي وئي، ته بورڊ جي لائبرريءَ ۾ پيل مسودي کي ادب جي ڪنهن ڪـُـل وقتي عاشق وٽان سنواري سـُـڌاري شايع ڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ ڪشالو ڪرڻ جو ڪـُـڻو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ جناب نصير مرزا جي نالي تي نڪتو، جنهن صاحب ڪيترا مهينا ڪتاب جي مسودي تي نظر ثانيءَ جو پورهيو ڪندي، اُن کي ڇپائيءَ جي لائق بنائڻ ۾ اداري جي سهائتا ڪئي ۽ ڪتاب کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ هٿ ونڊايو. مرزاصاحب ان کان علاوه ڪتاب توڙي مصنف بابت تفصيلي ۽ معلومات نوٽس لکي، ڪتاب کي خوبصورت بنائڻ لاءِ پڻ جستجو ڪئي. ادارو سندس ۽ بورڊ جي ٻين مڙني ورڪرن جا ٿورا مڃيندي ”ڪرامازوف ڀائر“ کي سنڌ واسين تائين پهچائيندي انتهائي مـُـسرت محسوس ڪري ٿو. اُميد اٿئون، ته هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن توڙي لکندڙن لاءِ املهه سوکڙي ثابت ٿيندو.

انعام الله شيخ
سيڪريٽري
ڄام شورو، سنڌ
اربع - 12 جمادي الثاني 1426هه
بمطابق 20- جولاءِ 2005ع سنڌي ادبي بورڊ

ٻه اکر

هي جيڪو آءٌ آهيان نه .... ناچيز نصير علي بيگ مرزا .... پرڏيهي ادب جي عظيم سنڌي مترجم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ننڍيءَ ڀيڻ جو پوٽو ... دعوا ڪونه ٿو ڪريان، ته دنيا ۾ حاضر يا ڌرتيءَ تان اَلوپُ ٿي ويل عظيم ليکڪن جي لکيل بهترين افسانوي ادب کي پڙهيو ويٺو آهيان.
ها! سنڌ کان پنجاب، پنجاب کان سرحد بلوچستان ۽ اُتان ويندي اسلام آباد جي وڏين وڏين لائبريرين، يا اُتان جي شهرن جي مشهور بڪ اسٽالن جي شيلفن آڏو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ آءٌ اُڀـَـي پـَـيرُ، بيٺو وڃي ضرور آهيان، ۽ اُتي بيهي دنيا جي ڪـِـن ادبي شاهڪارن کي، پـُـورو کڻي نه، پر اُٿلائي پٿلائي ته ضرور ڏٺو هوندم. ته بس اِن آڌار تي، سمجهو ته دعوا سان ٿو عرض ڪريان ته، دنيا جي عظيم ۽ ڪلاسيڪل افسانوي ادب تخليق ڪندڙن منجهان، هي آهي نه جيڪو حضرت فيودور دوستووسڪي، مون کي ايئن وڏو ۽ ڀاري ڀـَـرڪم ناول نگار لڳو آهي، جيئن سمجهو ته دنيا جي جبلن ۾ هماليا جبل! يا جيئن دنيا جي ڪوٽن ۾ هيءُ پنهنجو رني ڪوٽ جو قلعو يا اڃا به ايئن چوان ته دنيا جي عظيم ناول نگارن جا، ادبي قد-ڪاٺ جاچڻ لاءِ، انهن کي هڪ صـِـف ۾ کڙو ڪنداسين، ته اُنهن ۾ به (باوجود ’وار اَينڊ پـِـيس‘ واري مصنف ٽالسٽاءِ کي بيهارڻ جي) هـِـي پنهنجو فيودور دوستووسڪي صاحب، پـُـوريءَ اهڙيءَ قطار ۾، سڀني کان نروار ۽ قداور بيٺل نظر ايندو.
۽ ڀلا ڪو سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب جو مترجم ۽ پڙهاڪو، هتي مون کي ٻڌائي، ته اهڙي اهم ناول نگار جي اهم ناولن، مثال طور: ’جـُـرم ۽ سزا‘ يا ’ڪرامازوف ڀائر‘ وغيره کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ ۽ انهن کي ڇپائڻ لاءِ ڪوشش ڇو ڪانه ورتي ويئي؟
معافيءَ جو طلبگار آهيان، ان موضوع تي آءٌ ٿوريءَ دير کان پوءِ ٿو اوهان سان بحث مباحثو ڪريان ۽ پهرين اوهان جي خدمت ۾ اطلاعن هي عرض ڪرڻ ٿو چاهيان، ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي، هيءَ جيڪا جديد صورتخطي آهي ... اُن جي Formation ٿي آهي 1853 عيسويءَ ڌاري، ۽ بس سمجهو ته، اُن سنَ سان گڏ ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر لکجڻ جو چالامان (رواج) به شروع ٿي ويو ۽ نصاب سان گڏ، ادب ۽ اُن سان گڏ پرڏيهي افسانوي ادب ترجمي ٿيڻ جو سلسلو به باقاعده شروع ٿي ويو.
تڏهن کان هاڻي تائين، اُنهن سڀني سالن جو هتي شمار ويهي ڪريون، ته اُهي ڪي ٿيندا ڏيڍ سؤ کن ورهيه!
۽ اُنهن ڏيڍ سـَـو ورهين دوران، دنيا جي عظيم افسانوي ادب جا، حساب لڳايون ته، ڪيترا مترجم، سنڌي ٻوليءَ کي هن وقت تائين ميسر ٿي سگهيا آهن ۽ ان سوال جو جواب آهي ته، اِهي ئي ڪي ويهه پنجويهه مترجم ۽ بس!
خير، قصو ڪوتاهه .... اُنهن سڀني ۾به، اهم ترين ۽ عظيم ترين مترجم ثابت ٿيو: مرزا قليچ بيگ! ۽ کانئن پوءِ خاص طرح سان حاضر دَور ۾، افسانوي ادب جي جن مترجمن جي هاڪ هـُـلي، اُهي آهن: مراد علي مرزا، قاضي خادم، مقبول صديقي، رشيد ڀٽي، فضل احمد بچاڻي، يوسف سنڌي ۽ ان سلسلي جو آخري وڏو مترجم ثابت ٿيو، جنابِ من، ولي رام ولڀ!
نالا ته خير، ٻين به ڪيترن ئي جا، هن وقت منهنجي ذهن ۾ هـُـرن پيا، پر ڳالهه دراصل هي آهي، ته اُنهن ته بس شوقيه ئي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ افسانا وغيره ترجما ڪيا آهن ۽ اُهي به ڪڏهن ڪنهن رسالي جي ايڊيٽر جي زور ڀرڻ تي، يا وري انهيءَ عرصي دوران، جڏهن کين پنهنجو تخليقي ڪم وغيره ڪرڻ لاءِ موڊ نه پئي ٿيو هوندو ۽ هـُـنن اهي افسانا ترجمو ڪري ورتا هوندا. ته بس هتي اِهو ته ثابت ئي ٿيو ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي بهترين تخليقي ۽ افسانوي ادب کي، صادق جذبي ۽ مستقل مزاجيءَ سان، ماضيءَ ۾ يا مرزا قليچ بيگ ترجمو ڪيو آهي يا حاضر دور ۾ جناب ولي رام ولڀ!
منهنجي ادبي ڄمار هن وقت ٽيهه ورهيه کن ٿيندي، ۽ اڄ ٽـِـيهن ورهين جي طئه ٿيل اُن ادبي سفر ڏي مـُـڙي ڏسان ٿو، ته ڪن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ترجمو ٿيل افسانوي مجموعن ۽ ڪن بنهه ٿورن ناولن جي ئي مون کي يادگيري اچي ٿي، ۽ اِجهو اُنهن جي تلاش ۾ گهران نڪري، ڪـِـن وڏين لائبريرين ڏانهن اُنهن کي ڳولڻ لاءِ وڃان ٿو، ته برابر ته ڪي ٿورا افسانوي مجموعا، اُتي دزَ ۾ لٽيل مون کي نظر به اچن ٿا، پر جڏهن اُنهن کي خريد ڪرڻ جي خيال سان بازار ۾ پهچي، بڪ شاپ ٽو بڪ شاپ وڃي پڇايان ٿو ته پتو پوي ٿو، ته اِهي سڀ جا سڀ، اڄڪلهه آئوٽ آف اسٽاڪ ئي آهن!
خير، گهڻو هٿ پيرُ هڻبو ته، ڪنهن نه ڪنهن سنڌ جي شهر مان، پرڏيهي افسانوي ادب جا اهڙا هڪ اڌ مجموعا، متان هٿ چڙهي به وڃن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ پرڏيهي شاهڪار ناولن جا ترجما ....!؟
۽ ڀلا اُهي، منهنجي انهيءَ ٽيهن سالن جي ادبي سانڀر دوران، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي، شايع ٿيا ئي ڪيترا آهن!
بس، اِهي ئي ڪي اٺ يا وڌ ۾ وڌ ڏهه پندرنهن!
ها ورهاڱي کان اڳي يا ٿورو پوءِ، پرڏيهي ٻولين جا ڪي ٿورا گهڻا شاهڪار ناول، ضرور سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل ملن ٿا. جيئن مثال طور: شرت چندر ... ٽئگور، ۽ ڪن ٻين يورپي ۽ بنگالي ليکڪن جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ناول، پر چوڻ جو مقصد هتي هي به، ته ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ، جن جن ناولن جو ذڪر سنڌي ادب جي تاريخ ۾رقم آهي ... اُهي ننڍا وڏا ناول اصل ۾ هن وقت آهن الاءِ ڪهڙي گنگوءَ واري گوڙ ۾...؟
۽ آءٌ ته ڀانئيان ٿو، ته اُهي اڄ ڪٿي به موجود ڪونه آهن ۽ اُڏوهيءَ کائي خلاص ڪري ڇڏيا آهن. اڄ اسين فخر سان چوندا آهيون، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر جي ڄمار، هن وقت ڏيڍ سؤ ورهيه ٿي چڪي آهي، پر هيڏانهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن ملڪ ۾ اردو ٻوليءَ جي عمر ڏسنداسين، ته اُها اڃا سٺ ورهين جي به ڪانه ٿي آهي. ۽ مون کي هتي اعتراف آهي ته انگريزي ٻولي آءٌ پوري روانيءَ سان نه پڙهي سگهندو آهيان، اِن ڪري دنيا جا بهترين ناول... ’يوليسز‘، اسپينش ناول ’ڊان ڪـِـخاٽي‘، جان اسٽين بيڪ جو ’دي پرل‘، گورڪيءَ جو ناول ’ماءُ‘، لارينس جو ’ليڊي چـيٽرلي لورز‘، ٽالسٽاءِ جو ’وار اينڊ پيس‘، هـَـرمن ميلوِل جو ’موبي ڊَڪ‘، ۽ ٻيا به ڪيترائي ناول اردو ترجمي سان مون پڙهيا آهن ۽ اطلاعن عرض آهي، ته ڪيئي ورهيه اڳ ترجمو ٿيل ۽ شايع ٿيل اهي سڀئي ناول خوش قسمتيءَ سان اڄ به اردوءَ ۾ وري وري شايع ٿيندا، ۽ هر عام خاص بوڪ شاپ تان ملندا رهن ٿا.
۽ هيڏانهن اجهو اسان، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ جائزو وٺنداسين ته، روسي ناول ’ماءُ‘ ، گبرئيل گارشيا مارڪئيز جو ناول ’اڪيلائي جا سؤ سال‘، ارون دتي راءِ جو ’گاڊ آف سمال ٿنگس‘، ڪافڪا جو ناوليٽ ’سسيفس‘، ڪاميو جو ’آئوٽ سائيڊر‘، يا اردو ٻوليءَ مان ترجمو ٿيل قرة العين حيدر، امرتا پريتم ۽ ڪرشن چندر وغيره جي ناولن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ته، اڃا ڄڻ جهڙوڪر ڪالهه ڪالهوڻي ئي ڳالهه ٿي محسوس ٿئي.
۽ اي ڪاش ... اي ڪاش ... جنهن ’اسپرٽ‘ سان (هتي مون کي ان انگريزي لفظ جو تـُـز سنڌي ترجمو سـُـجهي ئي نٿو) مرزا قليچ بيگ، پرڏيهي افسانوي ادب، ناولن ۽ ناٽڪن کي سنڌيءَ ۾ جيئن منتقل ڪرڻ جو جيڪو سلسلو ماضيءَ ۾ شروع ڪيو هو اُهو، جيڪر تسلسل سان هن وقت تائين به جي سنڌي ٻوليءَ ۾ هلندو اچي ها، ته ناول لکڻ جي ڏس ۾ تخليقي لکڻ وارن کي اتساهه هڪ پاسي ملندو رهي ها ۽ ٻئي پاسي، اڄ هي جتان ڪٿان سنڌيءَ ۾، ناولن جي کوٽ وارو جيڪو روئڻو روئجي پيو، اهو به شايد گهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ها.
۽ هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪو عظيم الشان ناول نه لکجي سگهيو آهي، ته، آءٌ ڀانئيان ٿو ته ان جو به وڏو سبب مون کي اِهو ٿو ڀاسي، ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن، دنيا جي عظيم ناولن جو مطالعو پوريءَ سـُـوجهه ۽ سمجهه سان ڄڻ اڃا ڪيو ئي ناهي!
ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽالسٽاءِ جي ’وار اينڊ پيس‘ ۽ دوستو وسڪيءَ جي هن ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ جهڙو شاندار شاهڪار ۽ غير معمولي ناول ڇا ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪو ليکڪ، لکي سگهندو ۽ اِهو في الحال ڪيئن چئجي!؟
۽ جيتوڻيڪ آغا سليم جي ناولن: ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ۽ ’همه اوست‘ کي برابر ته سنڌي ٻولي جا آءٌ وڏا ۽ اهميت ڀريا ناول سمجهان ٿو، پر هتي عرض ڪريان ته، صرف ٻن گلن جي ٽڙڻ سان، اهو ڪونه چئي سگهبو آهي، ته بهار اچي ويو آهي.
سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز ..... سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسيلر جي حيثيت سان، پنهنجي ايامڪاريءَ (80-1976ع) دوران، سنڌالاجيءَ جي پليٽ فارم تان، دنيا جي شاهڪار ۽ شاندار علم و ادب کي ڪنهن وقت سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسليشن بيورو ٺاهڻ جو خواب ڏٺو هو. افسوس، جو سندس اُهو خواب ساڀيا ٿيڻ کان رهجي ويو. ها، ايئن به برابر آهي ته، اُن کان پهرين، يعني ورهاڱي کان اڳ، سنڌ جي آڳاٽي پبلشر، آنجهاني پوڪرداس ۽ ورهاڱي بعد ڪن ٻين شوقيه پرائيويٽ پبلشرن ۽ خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ، بهترين پرڏيهي افسانوي ادب کي جنهن سنجيدگيءَ ۽ ذميداريءَ سان شايع پئي ڪرايو آهي، ان لاءِ سچ ته اهڙن پبلشرن ۽ ادارن کي اسان جي ابن ڏاڏن جو سلام پهچي.
پر يارو! باخبر رهو ته، ماضيءَ ۾ اهڙو يادگار ڪم، پياري منشي پوڪرداس پئي ڪرايو يا سنڌي ادبي بورڊ .... قصو ته اِهو بهرحال ماضيءَ جو ئي چئبو نه!
۽ ته بس ان ڳالهه تي هتي تنوير عباسي صاحب جو مون کي هي ٻه سـِـٽو ٿو ياد اچي:

ماضيءَ تي ٿا پاڻُ پـَـڏايو،
حالَ ۾ ڪهڙا آهيو!؟

اجهو حاضر دور ۾ جائزو وٺبو، ته ڪيترائي افسانوي ادب جا سٺا پڙهندڙ ۽ لائق مترجم سنڌ ۾ اڄ به موجود ويٺا آهن ۽ ڪو ادارو جي چاهي، ته نئين پرڏيهي ادب کي کانئن ترجمي ڪرائڻ سان گڏوگڏ، اڳ ۾ ٿيل پراڻي ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل، قسط وار ڇپيل ناولن ۽ افسانن کي، انهن کان مرتب ڪرائي، وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهي ٿو.
۽ يارو ! ڪيڏيون خوش نصيب آهن اُهي ٻوليون، جن ۾ عظيم ناول نگار پيدا ٿيا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ ڪيڏيون ڀاڳوند آهن دنيا جون اُهي ننڍيون وڏيون قومون ۽ عوامُ، جيڪو پنهنجي مقامي ٻولين ۾ ڪڏهن يوناني مـِـٿ ’هيلن آف ٽراءِ‘ ته ڪڏهن دوستووسڪيءَ جا ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘، ته ڪڏهن ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘، ڪڏهن ٽالسٽاءِ جو ناول ’وار اينڊ پيس‘ ته ڪڏهن ناولسٽن مان ڊي ايڇ لارينس، جيمس جوائس، وڪٽر هيوگو، بالزاڪ، سر والٽر اسڪاٽ، البرٽ موراويا، ترگنيف، ايرچ سيگل، ڪاميو، ايمائل زولا، ٿامس هارڊي، جان اسٽين بيڪ، چارلس ڊڪنز، سمرسٽ ماهام، گستاءِ فلابيئر، گوئٽي، موپاسان، وليم سـَـرويان، ارنيسٽ همينگوي، هينري جيمز، ۽ چيخوف جا ناول عام جام پڙهن پيا.
توڻي جو اِها مٿين عظيم ناول نگارن جي کير ڌارا، ادب جي آسمان تان هاڻي الوپُ ٿي چڪي آهي ... ۽ اُنهن جا قافلا ڌرتي تان لنگهي، بظاهر خلائن ۾ گم ٿي چڪا آهن .... پر اُنهن سڀني جا لکيل شاهڪار ناول ته دنيا ۾ موجود آهن ۽ ڪو ادارو اڄ به چاهي، ته اُهي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي پنهنجي ٻوليءَ کي مالامال ڪري سگهي ٿو.
۽ ڏٺو وڃي، ته هيءَ دنيا، هن حاضر دور ۾ به حال حيات عظيم ناول نگارن کان خالي ٿورو ئي ٿي وئي آهي، جو مثال طور لئٽن آمريڪا ۾ ’گارشيا مارڪيز‘، مصر ۾ نجيب محفوظ، چيڪو سلواڪيا ۾ ميلان ڪـُـنڊيرا، هندستان ۾ قرة العين حيدر، ڪمليشور، ارون دتي راءِ ۽ جرمنيءَ ۾ گـُـنٽر گـِـراس جهڙا ناول نگار اڃا به موجود ويٺا آهن ۽ ناول لکن ويٺا، پر هتي ٿورو ترسو، ۽ عظيم ناول نگارن ۽ دنيا جي شاهڪار ناولن جي هن تذڪري جي وچ ۾، ٿورو مون کي پنهنجي ڏک ۽ تشويش جي به اظهار ڪرڻ جي اجازت ڏيو، ۽ اِهو اظهار هي ته، دوستووسڪيءَ جي هن ضخيم ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ جو وڏي جفاڪشيءَ سان سنڌيءَ ۾ هيءُ جيڪو ترجمو ڪري، ۽ اُن کي احترام لائق ليکڪ، پروفيسر احسان بدوي صاحب، سٺ واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ڌاري جڏهن سنڌي ادبي بورڊ کي اشاعت لاءِ ڏنو، تڏهن اُهو سالن جا سالَ، ادبي بورڊ جي مسودن جي وچ ۾ ڇا جي ڪري دٻيل رهيو؟ ۽ شايع ٿيڻ کان رهجندو آيو!
۽ ڇا متان، ان خيال سان به اُهو اشاعت هيٺ نه آندو پئي ويو، ته جيتري ڪثير سرمايي سان هي ضخيم ناول شايع پئي ٿيو، ايترن پئسن مان سنڌي ٻوليءَ جا ڪيئي طبعزاد علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ٿي سگهيا پئي يا هن ناول کي شايع نه ڪرائڻ جا اُن وقت جي انتظاميا وٽ متان ڪي ٻيا سبب هئا؟ ۽ اهو ڪيئن چئجي! خير... ڇا به هجي، هن ناول کي ضرور شايع ڪرائڻ جي ڏس ۾ آءٌ ته هتي ائين ئي چوندس ته هيءُ ناول جيڪڏهن اردو، هندي ۽ ڀارت جي ٻين ننڍين وڏين ٻولين ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ آخر ڇو نه؟
هتي، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده سيڪريٽري ۽ حاضر دور جي مڃيل مترجم ۽ نوجوان اسڪالر انعام الله شيخ کي آءٌ سـَـو آفرينون ڏيندس، جنهن سنڌي ادبي بورڊ جي مسودن ۾ لڳ ڀڳ چاليهن سالن کان ڪٻاڙخاني ۾ پيل هن شاهڪار ناول جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هن مسودي کي ڪڍيو آهي ۽ اُن کي ڇپائي، پڌري ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
ڄاڻان ٿو، هيءُ ناول نهايت ضخيم آهي ۽ اڄ کان چاليهه ورهيه اڳ واري رائج فارسي آميز سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي ۽ اِهو به ڄاڻان ٿو ته اُن کي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ايترو آسان ڪم ڪونه هو، پر باوجود ان جي، دوستووسڪيءَ جي پيچيده فلسفياڻي ۽ عالماڻي افسانوي نثر کي اسان جي فاضل مترجم، پروفيسر احسان بدوي صاحب، گهڻيءَ حد تائين سلاست سان سنڌيءَ ۾ آڻڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪنهن حد تائين برابر ته مترجم پاران استعمال ڪيل ڪن ثقيل فارسي لفظن کي مون سوَلي سنڌيءَ ۾ آندو ۽ حاضر دور جي رائج سنڌي ٻوليءَ مطابق ان کي ’اپ ٽو ڊيٽ‘ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ٻئي پاسي ترجمي جي اسلوب سان مون اِهو سوچي هٿ ئي ناهي ڳنڍيو، جو اُن جو مترجم آهي استادِ
محترم جناب پروفيسر احسان بدوي! ۽ مسودي تي نظرثاني ٿيل آهي سندس والد بزرگوار لطف الله بدويءَ صاحب جي .... ۽ ته بس اهڙن عاليشان ليکڪن جي ادبي حيثيت ۽ پنهنجي زماني جي انهن ’عجوبهءِ روزگار‘ انسانن جي احترام ۾، هن ناول لاءِ ٺاهيل سندن اسلوب سان، هٿ چراند، مون گهٽ جاين تي ئي ڪئي آهي. ۽ ائين معمولي ردوبدل لاءِ به آءٌ اِنهن ٻنهي مرحوم مترجمن جي روحن کان تهه دل سان معافيءَ جو طلبگار آهيان ۽ هتي، آخر ۾ هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري برادرم انعام شيخ کي، بورڊ پاران ههڙي شاهڪار ناول شايع ڪرائڻ تي، دل جي گهراين سان، مبارڪون ٿو پيش ڪريان.


نصير مرزا
حيدرآباد
2004 - 11 - 4

ليکڪ جو تعارف

فيودور ميخائل دوستووسڪي 1821ع ڌاري ماسڪو ۾ پيدا ٿيو هو. سندس والد شهر جي هڪڙي خيراتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو.
دوستووسڪيءَ، ابتدائي تعليم ماسڪو جي ڪنهن خانگي اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ بعد، سينٽ پيٽرسبرگ جي فوجي انجنيئرنگ اسڪول منجهان گريجوئيشن ڪئي ۽ ان ئي سال فوج جي انجنيئرنگ واري شعبي ۾ ڊزائينر مقرر ٿيو. اِن ملازمت سان سندس دل نه لڳي، ته 1844ع ڌاري استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين ۽ لکڻ پڙهڻ کي پنهنجو پيشو بنايائين. 1864ع ڌاري سندس پهريون ناول ’ويچارا ماڻهو‘ شايع ٿيو. ۽ 1860ع ڌاري هـُـن جو ٻيو جڳ مشهور ناول پڌرو ٿيو: ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘. 1861ع ڌاري هن پنهنجي ڀاءُ جي سهڪار سان ’زمانو‘ رسالو جاري ڪيو، جنهن کي 1863ع ڌاري رياست بندش هيٺ آڻي ڇڏيو. 1866ع ۾ سندس شاهڪار ناول ’جـُـرم ۽ سزا‘ شايع ٿيو. 1871ع ۾ ’ڀوت پريت‘ ۽ 1869ع ۾ سندس ٻيو جڳ مشهور ناول ’اِيڊيٽ‘ شايع ٿيو. 80-1879ع ڌاري دوستووسڪيءَ پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ضخيم ترين ناول: ’ڪرامازوف ڀائر‘ تحرير ڪيو، جنهن جي شايع ٿيڻ سان ئي وڏي شهرت ماڻي ورتي.
دنيا جا سڀ وڏا نقاد، اڄ اِن ڳالهه تي سهمت آهن، ته ناول نويسيءَ جو فنَ، فيودور دوستووسڪيءَ تي ختم آهي. روسي ادب ۾، دوستووسڪيءَ کي
روسي ليکڪن جو ’سرتاج‘ ليکڪ ڪري مڃيندا آهن.
1881ع ڌاري، عظيم روسي شاعر پشڪن جي ورسيءَ جي موقعي تي، هـُـن جيڪا شاندار تقرير ڪئي هئي، اُن دوستووسڪيءَ جي ادبي ساک کي ڄڻ سونا کنڀَ هڻي ڇڏيا هئا.
افسوس! اِن ئي سال، موت، هن عظيم ليکڪ جو رستو روڪي، سندس اڳيان اچي بيهي رهيو. ڪجهه عرصو شديد عليل رهڻ کان پوءِ، نيٺ دوستووسڪيءَ هـِـن جهان مان لڏيو.
دنيا جي هن عظيم ناول نگار جو مڙهه، نهايت وقار ۽ پوري اعزاز سان ايئن کنيو ويو، جو چوڻ وارن چيو، ته اهڙي احترام ۽ اعزاز تي ته جيڪر بادشاهه به رشڪ ڪن! نقادن جو چوڻ آهي ته، دنيا جي ادب کي، سڃاڻپ لاءِ، ورهايو وڃي، ته ان جا صرف ٻه دور ٿي سگهندا. هڪڙو دوستووسڪيءَ کان پهرين وارو ۽ ٻيو هن کان پوءِ واري ادب جو دور!

فيودور دوستووسڪي Fyodor Dostoevsky (سوانحي خاڪو)

فيودور ميخائل دوستووسڪي 1821ع ڌاري ماسڪو ۾ پيدا ٿيو هو.
”دوستوايو“ يا ”دوستو“ دراصل هڪ علائقي جو نالو آهي، ۽ ان ئي علائقي جي نالي پويان ادب ۾ هـُـن پنهنجو نالو مقرر ڪيو، ’فيودور دوستووسڪي.‘
دوستووسڪيءَ جي سوانح نگارن لکيو آهي ته هن جي خاندان ۾ هر قسم جا ماڻهو هئا، مثال طور: بالا آفيسر، جاگيردار، ’راهب‘، ’چور‘، ’قاتل‘، ’مسڪين‘ ۽ ڌڻيءَ سان سچي لنئون لڳائي ويهندڙ بزرگ ... ۽ سندس سوانح نگارن اِهو به لکيو آهي ته ’دوستوايو‘ علائقي ۾، خوش قسمتيءَ سان هي عظيم ناول نگار فيودور ميخائل دوستووسڪي جي پيدا نه ٿئي ها، ته اسين روس جي ٻين هزارين اهڙن علائقن جي نالن وانگر، هن ليکڪ جي علائقي جي نالي کان به هن وقت قطعي آگاهه نه هجون ها.
فيودور جو والد شهر جي هڪڙي خيراتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو. فوج ۾ ’ميجر‘ به رهيو، پر آخر ۾ ماسڪو جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت سان باقي زندگي گذاريائين.سندس شادي هڪ سوداگر جي ڌيءَ سان ٿي هئي، جنهن پاڻ سان گهڻو ئي ڏاج آندو هو.
دوستووسڪيءَ جي سوانح نگارن لکيو آهي ته فيودور جي والده خوش شڪل، سگهڙ، حساس ۽ سٻاجهڙي طبعيت واري عورت هئي، جڏهن ته سندس والد سخت ٽـَـانڊي تپڻو، نظم و ضبط جو قائل ۽ ڳوٺاڻن خيالن وارو انسان هو ۽ سخت جذباتي ماڻهو هو، اِن ڪري مٿس ڪڏهن شديد اُداسي، ته ڪڏهن وري ڪاوڙ جا دورا پوندا رهندا هئا ۽ انهيءَ ڪري،سندس ٻارڙن جو، پيءُ جي اهڙي سڀاءَ سبب، هر وقت ساهه سـُـڪو پيو هوندو هو.
1831ع ڌاري دوستووسڪيءَ جي ان والد، ماسڪو کان ڏيڍ سؤ ميل پري ٻه ڳوٺ خريد ڪيا هئا، جن جي ذريعي هو 1350 ايڪڙ زمين ۽ سؤ غلامن جو مالڪ بڻيو.
دوستووسڪيءَ وارا پاڻ ۾ ست ڀيڻ ڀائر هئا. سڀني ٻارن کي ڪهاڻيون ته طرحين طرحين جون سندن والده به ٻڌائيندي هئي، پر دوستووسڪيءَ کي گهر جي جـُـهونڙي نوڪرياڻيءَ ’اليونا‘ جون ٻڌايل ڪهاڻيون وڌيڪ ئي وڻنديون هيون.
ڳوٺن ڏانهن سير سياحت لاءِ وڃڻ ۽ خاص ڪري اسڪول جي موڪلن ۾، اُهي ڏينهن، ٻهراڙين ۾ وڃي ملهائڻ، فيودور دوستووسڪيءَ جي من پسند وندر هوندي هئي.’اليونا‘ ۽ والده کان عجيب عجيب ۽ پـُـراسرار ڪهاڻين ٻڌڻ کان پوءِ، جڏهن ٻالڪپڻ جي حدن سرحدن مان نڪري، هو اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو، ته ان ڄمار ۾ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ، پيءُ جي اسپتال ۾ آيل مريضن ۽ ڳوٺ جي کيتن ۾ ڪم ڪندڙ هارين نارين ۽ والد جي زرخريد غلامن جا ڏکڙا ويهي ٻڌڻ، هن جو روزاني جو شـُـغل ۽ معمول بڻجي چڪو هو. خدا ڄاڻي انهن غريب،مسڪين، اٻوجهه ۽ لاچار انسانن جي ڏکن ڀرين ڪهاڻين ۾ هن کي الائي ڇو ڏاڍي ڪشش محسوس ٿيندي هئي.
ننڍپڻ ۾ فيودور ميخائل کي ابتدا ۾ هڪ خانگي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ هو پيٽرسبرگ ملٽري انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد بڻيو. سورهن ورهين جو ٿيو ته سندس والده ٽي بيءَ وگهي گذاري ويئي. ٻار ته جيئن تيئن ماءُ جو ڏک سهسائي ويا، پر دوستووسڪيءَ جي والد جي اداسي ۽ ’چڙ‘ تهائين وڌي وئي ۽ ان ڪيفيت ۾ سڄو ڏينهن هو مرحومه زال سان بي خياليءَ ۾ ايئن ويٺو جهيڙيندو ۽ پيار ڪندو هو، ڄڻ هـُـوءَ ڪا سندس سامهون موجود ويٺي آهي ۽ ويٺي سندس انگل آرا برداشت ڪري!
تعليم دوران ملٽري انجنيئرنگ ڪاليج ۾، دوستووسڪيءَ جي دل بلڪل ئي ڪانه لڳي ۽ مٿان اهڙي دلي ڪيفيت ۾، هن کي هڪ ڏينهن اطلاع مليو ته سندس ٽانڊي تپڻي والد کي سندس ئي کيتن ۾ ڪنهن هاريءَ قتل ڪري ڇڏيو آهي. ۽ بس اهڙن ئي دکدائڪ واقعي رونما ٿيڻ کان پوءِ، دوستووسڪيءَ کي مرگهيءَ جو پهريون دورو پيو. خير .... انهيءَ بيماري شروع ٿيڻ کان پوءِ، جيئن تيئن ڪري ڪاليج وارو امتحان هن پاس ڪيو ۽ پيٽرسبرگ انجنيئرنگ ڪور ۾ سب ليفٽيننٽ وڃي مقرر ٿيو. ٿيڻ ته ايئن گهربو هو جو پگهار جي رقم ملڻ سان هن جا حال سڌرڻ گهربا هئا، پر فضول خرچيءَ، ماڻهن تي ترس کائي پئسا انهن کي ڏيئي ڇڏڻ ۽ مسلسل غريب ماڻهن جي مالي سهائتا ڪرڻ سبب، خود هن جا پنهنجا حال، بدحاليءَ ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ هو قرضي ٿيندو ويو.
دوستووسڪي توڻي جو فوج ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز هو، پر کيس ليکڪ ٿيڻ جو شوق تهائين گهڻو هو. نيٺ فوجي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ طئه ڪيائين ته هاڻي هو صرف لکندو پڙهندو ۽ قلم جي اِن پورهئي ذريعي ئي باقي زندگي گذاريندو.
اتفاق سان اهڙن ئي ڏينهن دوران مشهور فرانسيسي ناول نگار ’بالزاڪ‘ روس آيل هو. بالزاڪ جي تحريرن تي دوستووسڪي هونئن ئي سؤ جان فدا هوندو هو، سو بالزاڪ جو ناول ’يو زين گران دَي‘ ان خيال سان به ويهي ترجمو ڪيائين، ته نالو به ٿيندو ۽ ڏوڪڙ به ملي پوندا. دوستووسڪي اِهو ترجمو جوش خروش سان ڪيو، پر پوءِ جڏهن ايڊيٽر اِن ۾ گهڻي ردوبدل ڪئي ۽ مٿان کيس ترجمي جو معاوضو به معقول نه ڏنو، ته هـُـو ڏاڍو دل برداشته ٿيو.
انهيءَ ترجمي کان پوءِ، هن هاڻي، پنهنجو ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پهريون ناول لکيائين ”ويچارا ماڻهو“ (غريب غـُـربا)، ۽ ايئن هن کي روسي ادب ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ملي ويو ۽ هو روس جي ننڍين وڏين ادبي محفلن ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو. اهڙين محفلن ۾ اٿندي ويهندي هـُـن جي ڀانت ڀانت جي انقلابي خيالن وارن همعصرن سان دوستي ٿي ويئي، جن لاءِ مشهور هو ته روس جي سماجي حالتن کي بدلائڻ ۽ ’زار‘ جي تختي کي اونڌي ڪرڻ جي لاءِ اُهي ڪي سٽاوَ سـِـٽي رهيا آهن. توڻي جو چيو اِهو به پئي ويو، ته اُنهن سڀني جذباتي نوجوانن جا اهڙا سڀ منصوبا محض زباني ۽ ڪاغذي هوندا هئا ۽ منجهن اِهو سڀ ڪجهه عملي طرح سان ڪري ڏيکارڻ جي همٿ ئي ڪانه هئي.
۽ ’زار‘ حڪومت جي گماشتن کي جڏهن انهن نوجوانن جي هوائي ارادن جي ڀـُـڻڪ پيئي، ته اِهڙا سڀ نوجوان دوستووسڪيءَ سميت سوگها ٿي ويا ۽ اها 22 اپريل 1849ع جي ڳالهه آهي، جو اهي سڀ انقلابي نوجوان جيل ڀيڙا وڃي ٿيا. شروع ۾ ته هنن قيدين کي ملاقات جي ته ڇا، مٽن مائٽن سان خط و ڪتابت جي به اجازت ڪانه هئي ۽ کين مڪمل تنهائيءَ ۾ رکيو ويو، جنهن سبب هو سڀ جا سڀ ڄڻ ذهني مريض بڻجي چڪا هئا. پنج مهينا عدالتي ڪاروائي هلي ۽ باوجود اِهو ثابت ٿيڻ جي ته نوجوانن جي ان گروهه ۾ اهڙي انقلاب آڻڻ جي طاقت ئي ڪانه هئي، ان جي باوجود انهن نوجوانن کي ذهني ڌچڪو رسائڻ ۽ ٻين اهڙن کي سبق سيکارڻ لاءِ ’زار‘ 23 ڊسمبر تي ساڳئي سال، اعلان ڪيو، ته انهن سڀني قيدين کي رات جي اونداهيءَ ۾ فوجي گرائونڊ ۾ وٺي وڃي گوليءَ سان اُڏايو وڃي، پر ايئن ٿيو ڪونه ۽ ان اعلان تي عمل ٿيڻ کان ڪي گهڙيون اڳ چيو ويو ته اُن ناڪام انقلاب آڻڻ جي سيکت طور کين عمر قيد ۽ جلاوطنيءَ جي سزا ٻڌائجي ٿي. چون ٿا ته عمر قيد جي سزا ۽ جلاوطني جو ٻڌي هڪڙو قيدي پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺو ۽ باقين تي به ڄڻ پريشانين جا پهاڙ ڪري پيا.
سخت سياري جي موسم هئي، جو انهن قيدين کي سائبيريا ڏانهن روانو ڪيو ويو. سندن حالت اِها هئي جو هٿ هٿ - ڪڙين ۾ ۽ پير، پير - ڪڙين ۾ قابو هئا، ۽ اهو مهينو هو جنوريءَ جو ۽ کين هنڌ هنڌ تي روڪي، کين ڏيل ڏڪائيندڙ سيءَ جو مزو وٺرايو پئي ويو! دوستووسڪيءَ جي لاءِ اِها خواري ۽ اذيت، هڪ جيءَ جنجهوڙي ڇڏيندڙ ۽ دماغ ڌوڏي ڇڏيندڙ تجربو ثابت ٿي. ’لولسڪ‘ نالي هنڌ، جتان هنن سڀني قيدين کي ڌار ڌار هنڌن ڏانهن موڪليو ٿي ويو، اتي دوستووسڪيءَ کي ڪنهن ملاقاتيءَ ’بائيبل‘ تحفي طور ڏنو. ايندڙ چئن سالن تائين، قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ دوستووسڪيءَ وٽ اِهو ئي واحد ڪتاب هو، جنهن کي بار بار پڙهڻ کان سواءِ وٽس ٻي ڪابه واٽ ۽ وندر ڪانه هئي.
کيس ’اوسڪ‘ نالي واري جيل ۾رکيو ويو، پر اُتي پهچڻ شرط حالت هـُـن سان ايئن ڪئي ويئي جو اڌ مـُـڇ، ۽ سندس اڌ مٿو ڪوڙيو ويو ۽ جيل جي اندروني حالت وري اِها هئي جو اُن ۾ روس جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ڇنڊيل ڇاڻيل ڏوهاري اتي رکيا ويا هئا ۽ انهن مان به گهڻائي اهڙن قيدين جي هئي جيڪي پيشي ور قاتل، خطرناڪ چور، رهزن ۽ ٺڳ شمار ٿيندا هئا. ان قيد ۾ سڄا سارا چار سال دوستووسڪيءَ کي اهڙن ئي قيدين سان گڏ رکيو ويو، جن جي ڀرپور مشاهدي اڳتي هلي هن جي تحريرن ۾ وڏي سگهه پيدا ڪئي. دوستووسڪيءَ خود به لکيو آهي ته اهڙي عقوبت خاني ۾ رهندي، مون ۾ ڪيئي بـُـرايون فنا ٿي ويون ۽ اُن جي جاءِ تي ڪيئي نيڪيون منهنجي وجود ۾سرايت ڪري ويون. بندي خاني ۾سزا وارا جڏهن سڀ ورهيه پورا ٿيا ۽ هن کي اڌو گابري آزادي ملي، ته کيس سائبيريائي پيادل فوج جي ستين بٽالين سان ’سيمي پلا ئشمڪ‘ نالي واري ڳوٺ ڏانهن موڪليو ويو، جيڪو منگوليا جي ويجهو هو.
دوستووسڪي قيد و بند جي اهڙين عقوبتن بعد جڏهن ٿانيڪو ٿيو ته ’ماريا‘ نالي واري هڪ عورت سان شادي ڪيائين ۽ ان وچ ۾ ’زار‘ حڪومت پاران دوستووسڪيءَ کي پيٽرسبرگ شهر ۾ رهڻ جي اجازت ته ملي، پر خفيه پوليس کي مٿس ڪڙي نگراني رکڻ جون به هدايتون ڏنيون ويون. پيٽرسبرگ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بعد دوستووسڪيءَ، ڀاءُ سان گڏجي هڪ اخبار جاري ڪئي ۽ اُن جو نالو رکيائين: ’زمانو‘! ۽ گڏوگڏ ٻه ناول به لکيائين، ۽ ذلتن جا ماريل ماڻهوءِ... ۽ ”مرده گهر“.
ڪم جي گهڻائي ۽ ذهني ٿڪ سبب دوستووسڪي ناچاڪ ٿي پيو ته ڊاڪٽرن جي مشوري سان روس مان نڪري پهريون ڀيرو سياحت جي لاءِ فرانس، انگلستان، سوئيٽزر لينڊ ۽ اٽليءَ جي سير ۽ سياحت لاءِ روانو ٿيو. يورپ جي سفر تان موٽيو ته نئون رسالو’دور‘ نالي سان جاري ڪيائين.
’زير زمين ماڻهوءَ جون يادگيريون‘ نالي واري سندس مشهور تصنيف، ان ئي اخبار ۾ قسط وار شايع ٿيندي هئي ۽ اِهو ئي اُهو زمانو آهي، جڏهن هن جي زال سخت بيمار ٿي پيئي ۽ ٽي بيءَ وگهي نيٺ گذاري ويئي. ڪجهه مهينن جي وقفي کان پوءِ اتفاق سان، دوستووسڪيءَ جو اُهو ڀاءُ، جيڪو کيس اخبار ”دور“ هلائڻ جي سلسلي ۾ هٿ - همراهي ڪرائيندو هو، اُهو به گذاري ويو. انهن ٻنهي صدمن جو اثر اِهو ٿيو ته ’دور‘ اخبار بند ٿي وئي ۽ دل برداشته دوستووسڪي هڪ دفعو ٻيهر يورپ ڏانهن روانو ٿي ويو. اُتان واپس موٽيو، ته هاڻي دوستووسڪيءَ آڏو نوان مسئلا کڙا هئا ۽ نوان امتحان اِتي هن لاءِ منتظر هئا.
هڪ پبلشر سان هڪڙي مقرر مدت اندرناول لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيائين ۽ ان لاءِ ناشر پاران اِهو شرط رکيو ويو، ته طئه ٿيل وقت اندر جيڪڏهن ناول لکي نه ڏيئي سگهيو ۽ واعدي جي خلاف ورزي ڪيائين، ته ليکڪ جا سڀ حق واسطا، بنا ڪنهن معاوضي جي پبلشر ڏانهن منتقل ٿي ويندا. عجب اتفاق ... وقت تيزيءَ سان گذري ويو ۽ ناشر کي وقت سـِـر ناول نه لکي ڏيڻ سبب، دوستووسڪي شرط هارائي ويٺو.
ڪنهن دوست صلاح ڏنس، ته قلم ڪاڳر کڻي لکڻ ڏانهن تنهنجو روح نه ٿو ٿئي ته ... ڳالهائي ...ناول لکراءِ. دوستووسڪيءَ کي اِها صلاح پسند آئي ۽ ان لاءِ هن پيشي ور لکندڙ عورت، ويهه ساله ’آننا سنتڪا‘ جون خدمتون حاصل ڪيون. ناول لکجڻ ڇا شروع ٿيو، ناول پوري لکجڻ کان پهرين ئي ٻنهي جي وچ ۾ عشق ٿي ويو ۽ نتيجو اُن جو هي نڪتو جو ويهن ورهين جي آننا ۽ پنجيتاليهن ورهين واري مرگهيءَ ورتل دوستووسڪيءَ جي پاڻ ۾ شادي ٿي ويئي.
ناول ’جواري‘ ۽ ’جرم ۽ سزا‘ دوستووسڪيءَ جا اهڙا ناول آهن، جيڪي هن ڳالهائي لکرايا آهن ۽ انهن ناولن کان پوءِ ’ايڊَيٽ‘ ۽ ’بدروح‘ نالن وارا ناول پڌرا ٿيا، ته سندس شهرت کي چار چنڊ لڳي ويا. ان عرصي دوران هو روس جي مشهور رسالي ’شهري‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ سندس مشهور ڪتاب: ’اديب جو روزنامچو‘ قسط وار اُن رسالي ۾ شايع ٿيڻ لڳو.
وقت تيزيءَ سان گذرندو پئي ويو ۽ وڌندڙ ڄمار ۽ ناچاڪيءَ مان وقت ڪڍي، نهايت تيزيءَ سان هن پنهنجو آخري ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ لکڻ شروع ڪيو. ناول مڪمل ٿي جڏهن شايع ٿيو، ته تمام گهڻو ساراهيو ويو. خود دستووسڪيءَ به پنهنجي اِن ناول کي پنهنجو ”بهترين ڪم“ سڏيو آهي.
ان ناول بابت پنهنجي زال ۽ پريمڪا کي دوستووسڪيءَ هڪ خط ۾ لکيو ته: “هـِـن ئي ناول سبب دنيا ۾ جي منهنجو نالو رهيو، ته رهندو، نه ته باقي مون کي پنهنجي ڪنهن ٻئي ڪم منجهان امرتا ملڻ جي ڪابه اميد ڪانهي.
هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ دوستووسڪيءَ اٽڪل سٺ ورهين جي ڄمار ۾ لکي پورو ڪيو هو، ۽ هي ناول سندس لکيل سڀني ناولن ۾ طويل ترين (ضخيم ترين) ناول سمجهيو ويندو آهي. ناول جو هيرو ’اليوشا‘ روسي قوم، روسي مذهب ۽ مذهبيت جو اعليٰ ترين پرچارڪ ڪردار آهي، جنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي فضائن سان بي پناهه پيار ۽ سچو لڳاءُ آهي. ناول اندر جنهن فلسفياڻي انداز سان دوستووسڪيءَ پاڻ کي اظهاريو آهي، ان مان ظاهر ٿئي پيو ته ليکڪ، ’بغاوت‘، ’انڪار‘ ۽ ’شڪ‘ جي سڀني منزلن ۽ مرحلن کان واقف ۽ روحاني منزلون ماڻي ورتل تخليقڪار هو. اهو ئي سبب هو، جو هي ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ يا سندس ٻيون تصنيفون، علم، اخلاق، فلسفي ۽ مذهب جي نقطي نظر کان، دنيا جي ادب ۾ اعليٰ پائي جون لکڻيون سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن کي محض عام قصا ۽ ڪهاڻيون سمجهڻ بدران، اُنهن کي، آفاقي ڪتابن ۾ آيل اُپديشن وانگر اهم سمجهيو ويندو آهي.
حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن دوران، دوستووسڪيءَ کي، روسي قوم وٽان اُن تقرير تي به بي پناهه داد مليو، جيڪا هـُـن عظيم روسي شاعر پـُـشڪن جي مجسمي جي مهورت وقت ڪئي هئي.
1881ع ڌاري، جڏهن دوستووسڪيءَ جي ڄمار سٺ ورهيه هئي ۽ هـُـن جي صحت بلڪل جواب ڏيئي چڪي هئي ۽ هن جي ڦڦڙن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو هو، تڏهن دنيا جي هن عظيم ترين ناول نگار، آخر اِن مرض وگهي ئي هن دنيا منجهان لاڏاڻو ڪيو.(1)

** * *

روسي ٻوليءَ ۾ لکيل، فيودور دوستووسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ پهريون ڀيرو انگريزي ٻوليءَ ۾، جنهن مترجم، ترجمو ڪيو هو، اُن جو نالو هو: Constance Garnett. ناول جو نالو، جيئنءَ، دوستووسڪي روسي ٻوليءَ ۾ تجويز ڪيو هو، ناول جي پهرين انگريز مترجم، اُن کي انگريزيءَ ۾ به اُوئين ئي برقرار رکيو.Brothers Karamazov
بعد ۾ هي ناول، دنيا جي جنهن جنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، هر مترجم اُن جو نالو اِهوئي تجويز ڪيو. تازو اردو ٻوليءَ ۾ هيءُ ناول، ’برادرز ڪرامازوف‘ جي نالي سان شايع ٿيو آهي، ۽ ان ئي عنوان جو سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر جي لحاظ کان آسان لفظن ۾ ’ڪرامازوف ڀائر‘ ترجمو ٿيو.

[ن – م]

(1) دوستووسڪيءَ بابت مٿيون سوانحي خاڪو، مون نامور اردو ليکڪ، محمد سليم الرحمان جي، مٿس لکيل پروفائيل جي آڌار تي جوڙيو آهي. (ن.م)

سنڌيڪار پروفيسر احسان بدويءَ بابت

سنڌ جي نوجوان اديب ۽ شاعر، پروفيسر احسان بدويءَ هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾، 22- نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.
مرحوم احسان، سنڌ جي مشهور اديب ۽ اهل قلم پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمت جو سلسلو، پنهنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو هي نوشگفته گل، جواني ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.
احسان، مارچ 1926ع ۾، شڪارپور ۾ ڄائو، ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 1945ع ۾ سي- ايس گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته مٿئين ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ گورنمينٽ، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور آندو، ته اُهي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ ويو، ۽ اُتي ايس- ايم- ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي- اي- آنرس پرشين ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم جي دور ۾، شمس العلما ِّ علامه دائود پوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي- اي پاس ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينئر ڪلارڪ بنيو. پر علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ جلدي دل برداشته ٿي پيو.
هن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم- اي پاس ڪئي. ان سلسلي ۾ هيءُ پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم- اي پاس ڪئي. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ايم- اي پڻ ڪيائين.
آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (اڳوڻي پرنسپال، ايس- ايم ڪاليج ڪراچي جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرباد چئي، ايس- ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو. اتي هڪ صالح ۽ با اخلاق استاد جي حيثيت سان پندرنهن سال خدمت ڪيائين.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾، مهراڻ رسالي، ۽ نئين زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا آهن. نثر سان گڏ شعر جو پاڪيزه ورثو به کيس پنهنجي والد وٽان عطا ٿيل هو. سندس ڪلام جو وڏو حصو رسالن ۾ شايع ٿيل آهي.
سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، هو هميشھ ”سنڌي ادبي سنگت“ سان وابسته رهيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو آيو.
تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:
1- تنقيد ۽ تنقيد نگاري. 2- ڊان ويسٽ 3- انقلاب جو فلسفو 3-منتخب ڪلام سانگي.
سندس انداز بيان، سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو آهي. سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آهي.

”وياسي وينجهار“- از: غلام محمد گرامي

حصو پهريون: خاندان جي ڪهاڻي

---

باب پهريون: فيودور پاولووچ ڪرامازوف

اليڪسي فيودورووچ پاولووچ، ڪرامازوف جو ٽيون پٽ، اسان جي زماني ۾ ضلعي جو مشهور زميندار هو. سندس موت کي تيرنهن سال گذري چڪا آهن، مگر کيس اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته سندس موت نهايت ڀيانڪ ۽ دردناڪ نموني ۾ ٿيو هو. کيس اڪثر ڪري ”زميندار “ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جيتوڻيڪ هـُـن پنهنجي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن به مشڪل سان پنهنجيءَ زمين تي گذاريو هوندو. هو عجيب طبعيت جو ماڻهو هو، اُن هوندي به ساڻس ملڻ لاءِ دل چاهيندي هئي. هـُـو هڪ خودغرض، منفي سوچ رکندڙ ۽ ساڳئي وقت بي عقل به هو. مگر هـُـو اُنهن بيوقوفن مان هو، جي دنيائي ڳالهين ۾ بيحد چالاڪ ٿين ٿا، پر ظاهر ۾ ڄڻ ته کين ڪنهن به شئي سان واسطو نه ٿو رهي.
فيودور پاولووچ ڪرامازوف، ڪنهن کان گهٽ نه هو. کيس ٻه چار ٻارا زمين هئي ۽ هميشه ٻين جي دسترخوان ڏانهن نهاريندو هو. ان هوندي به سندس موت کان پوءِ وٽانئس هڪ هزار روبل نقديءَ ۾ نڪتا. پنهنجي زندگيءَ ۾ ساڳئي وقت بيوقوف سان گڏ جذباتي ماڻهو به سمجهيو ويندو هو. مگر اها سندس بيوقوفي نه هئي، ڇو ته جذباتي ماڻهن مان اڪثريت اهڙن جي هوندي آهي، جيڪي اصل ۾ ته وڏا حرفتي ۽ ذهين ٿين ٿا پر ظاهري طرح خواه مخواه پاڻ کي نادان ظاهر ڪندا آهن، جيڪا پڻ سندن سـُـڃاڻ جي هڪ قومي نشاني ٿئي ٿي.
پاولووچ ڪرامازوف ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس ٽي پٽ ٿيا- پهرئين زال مان دمتري ۽ ٻيءَ مان ايون ۽ اليگزي. فيودور پاولووچ ڪرامازوف جي پهرئين زال - ايڊيليڊيا ايونونا، اُن ساڳئي شاهوڪار ۽ معزز خاندان مان هئي، جن مان موسيوف جي ضلعي جا زميندار هئا. هيءَ ڳالهه بنهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ته هڪڙي عورت، جيڪا پنهنجي ملڪيت جي وارث هئي ۽ اُن کان سواءِ هڪ حسين ۽ صحتمند ڇوڪري هئي، تنهن ڪهڙيءَ ريت هڪ نڪمي، ضعيف ۽ ڪمزور مرد سان شادي ڪئي. مان ڪجهه به وڌيڪ نه چوندس سواءِ ان جي ته مون کي هڪ رومانوي قصي جي ياد ٿي اچي، جيڪو اسان جي ئي زماني ۾ ٿي گذريو آهي. هڪ عورت کي ڪنهن مرد لاءِ سالن کان دل ۾ لڪل محبت هئي. اهو به هن لاءِ مشڪل نه هو ته ڪا هوءَ ساڻس شادي نه ٿي ڪري سگهي، مگر هن سندس ميلاپ ۾ خود ئي رنڊڪون پيدا ڪيون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو هڪ طوفاني رات ۾ هن هڪ گهري ۽ تيز وهڪري واريءَ نديءَ جي ڪناري تي بيهي، جنهن جو ڪٽهڙو ڪافي اُوچو هو، پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. نديءَ جي ڪناري واري اُتانهين دلڪش هئي، پر جيڪڏهن اها ايتري وڻندڙ ۽ جاذب نه هجي ها ۽ اها هڪ ميدان مثل هجي ها ته شايد هي خودڪشيءَ جو واقعو نه ٿئي ها. اهڙا ڪيترائي واقعا ۽ حادثا گذريل ٻن ٽن نسلن ۾ اڳ به ٿي گذريا آهن. ايڊيليڊيا اَيونونا موسيوف جو ڪارنامو به ساڳئي ئي قسم جو هو. شڪ نه آهي ته هن ۾ ماڻهن جي خيالن جي پڙاڏي، سندس ذهني اُلجهن ۽ سندس غصي کي به دخل هجي. بهرحال کيس اَڪثر اَجايا خيال ستائيندا ٿي رهيا. فيودور پاولووچ جيتوڻيڪ خوشامدي طبعيت جو هو، پر وٽس دليري ۽ زندهه دلي به هئي. اُن هوندي به هڪ بدڪردار ۽ ڇـَـسي ماڻهوءَ کان وڌيڪ سندس ڪابه حيثيت نه هئي. هنن جي شاديءَ جي به عجيب ڳالهه هئي - سندن شاديءَ ۾ فراريت کي گهڻو دخل حاصل هو. چيو وڃي ٿو، ته ايڊيليڊيا کي اُن شوق قابو ڪري رکيو هو. فيودور پاولووچ جي اُن وقت اهڙي ته اچي حالت بڻي هئي، جو کيس ڪنهن ڌنڌي ۾ هٿ وجهڻ جي تمام گهڻي خواهش هئي، جيئن هـُـو پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن نموني ٺاهي ۽ سنواري سگهي. هڪ بيٺل خاندان سان نسبت ۽ ٻيو زال جي ڏاج ۾ دولت جو هٿ اَچڻ، هن لاءِ سچ پچ هڪ نيڪ فال هو. مگر هنن ٻنهي ۾ ظاهري طرح ڪابه محبت نه هئي. ايڊيليڊيا جيتوڻيڪ حسين هئي، مگر اُن هوندي به هي جوڙو، زال مڙس جي اُن نعمت کان محروم هو، جنهن کي ازدواجي محبت چيو وڃي ٿو. فيودور پاولووچ جي زندگيءَ جو هيءُ اڪيلو مثال آهي، جو هـُـو اُن شيءِ کان محروم هو، ورنه، هـُـو هڪ عاشق جيوڙو هو ۽ عام رواجي ڇوڪرين جي ٿورڙي همٿ افزائيءَ تي هرکجي پوندو هو. ايڊيليڊيا ئي شايد اُها اڪيلي عورت هئي، جو مٿس ڪنهن به شيءِ جو اَثر نٿي پيو.
ايڊيليڊيا ڀڄي وڃڻ کان پوءِ، جلد ئي محسوس ڪيو ته کيس مڙس لاءِ محبت نه بلڪ نفرت آهي. شادي، غير معمولي طرح پنهنجي رنگ ۾ ظاهر ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ اُن جي خاندان سندس ڀڄي وڃڻ کي برداشت ڪري ورتو هو ۽ کيس سندس ڏاج جو حصو به ورهائي ڏنو هو مگر زال ۽ مڙس ۾ ڌڪار ۽ افراتفريءَ جو عالم پيدا ٿي رهيو هو. چيو وڃي ٿو ته هن نوجوان زال پنهنجي مڙس جي مقابلي ۾ زياده شان شوڪت ۽ سخاوت ڏيکاري هئي. فيودور پاولووچ زال جي اُن رقم تي، جيڪا پنجويهه هزار روبل هئي، هميشه لاءِ قبضو ڪري ڇڏيو. اُهو ننڍو ڳوٺ، جيڪو شهر جي ڀرسان هڪ دلڪش جڳهه تي هو ۽ جيڪو سندس زال جي ڏاج جو حصو هو، تنهن کي پنهنجي بڻائڻ لاءِ، هـُـن ننهن چوٽيءَ جو زور ٿي ڏنو. هـُـو اُن ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ها، ڇو ته هيءَ ايڊيليڊيا جي اخلاقي ڪمزوري هئي، يا مڙس کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو خيال يا مڙس جي لڳاتار نفرت ۽ حقارت ڀريل تقاضا - جنهن کان تنگ ٿي، هـُـوءَ راضي به ٿي چـُـڪي هئي، مگر ايڊيليڊيا جي عزيزن، هـُـن جي لالـچ ۽ هٻڇ کي پورو ٿيڻ نه ڏنو. اِيئن به چيو ويندو آهي ته زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اَڪثر جهڳڙو ٿيندو رهندو هو، پر مشهور ايئن آهي ته فيودور پاولووچ ڪڏهن به پنهنجيءَ زال کي نه ماريو هو، مگر هوءَ کيس ماريندي هئي، ڇو ته هوءَ نهايت گرم مزاج، همٿ واري، جذباتي ۽ طاقتور عورت هئي. آخرڪار هوءَ فيودور پاولووچ جو گهر ڇڏي، هڪ محتاج ۽ مفلس مذهبي طالب علم سان ڀڄي وئي ۽ پٺيان ٽن سالن جو پٽ مـِـتيا ڇڏي وئي. اُن جي وڃڻ کان پوءِ فيودور پاولووچ پنهنجي گهر کي عيش عشرت جو اَڏو بڻائي ڇڏيو ۽ هميشه پاڻ کي شراب ۾ ڌُت رکڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پرڳڻي ڏانهن ويندو هو ۽ ڳوڙهن ڀريل اکين سان ايڊيليڊيا جي ڀڄي وڃڻ جي، ماڻهن کي دانهن ڏيندو هو. هڪ مرد کي، جيڪي ڳالهيون زيب نه ٿيون ڏين، سي هو نهايت شدمد ۽ بي شرميءَ سان ٻـُـڌائيندو رهندو هو ۽ محبت جي قصي کي مضحڪه خيز نموني بيان ڪندو هو ۽ پنهنجي مصيبت جو داستان نهايت ئي دلڪش انداز ۾ ٻـُـڌائيندو هو.
”فيودور پاولووچ، شايد ٻيو ڪوئي ايئن سمجهي، ته توکي ڪو وڏو رتبو مليو آهي، ڇو ته تون پنهنجي ڏک تي نهايت خوش نظر ٿو اَچين.“ کيس طعني طور ڪنهن چئي ڏنو. ٻيا وري هن راءِ جا هئا ته کيس وڌيڪ مسخري جي پارٽ اَدا ڪرڻ جو وجهه مليو آهي ۽ هڪ تماشي بڻائڻ لاءِ هن ڄاڻي واڻي پنهنجي اهڙي حالت بڻائي آهي، پر ڪهڙي خبر ته مبادا اِها به سندس سادگي هجي. کيس آخر معلوم ٿيو، ته سندس زال هڪ شاگرد سان پيٽسبرگ ۾ آهي ۽ پوريءَ آزادي سان گذاري رهي آهي. هـُـو پيٽسبرگ ڏانهن وڃڻ جون نهايت تڪڙيون تياريون ڪرڻ لڳو، پر بي مقصد، ڇو ته هـُـو خود اُن کان اڻ واقف هو. هـُـو شايد وڃي به ها ۽ جڏهن به پختو ارادو ٿي ڪيائين، ته پاڻ کي شراب ۾ ڌُت ٿي ڏٺائين. اِن ئي دوران سندس زال جي موت جي خبر پيٽسبرگ مان سندس عزيز کي پهتي. هوءَ پنهنجي ڪمري اندر مئل حالت ۾ ملي هئي. ڪن جو چوڻ آهي، ته کيس مـُـدي جو بخار ٿي پيو هو. ڪن جو خيال هو ته سندس موت بک وگهي ٿيو. جڏهن کيس زال جي موت جي خبر پئي تڏهن هـُـو شراب جي نشي ۾ مست هو. ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته انهيءَ خبر ملندي ئي هـُـو اُڇل ڏئي اُٿيو ۽ خوشيءَ مان ٽپا ڏيندو ٻاهر رستي تي آيو ۽ ٻئي هٿ آسمان ڏي کڻي چوڻ لڳو ته ”اي خدا کيس بخش ۽ مٿس پنهنجون رحمتون نازل فرما“. ۽
ڪن جو چوڻ آهي ته هـُـو ٻارن وانگر ايترو ته روئڻ لڳو جو وٽس صبر جو پيمانو ئي نه رهيو. اُهي ماڻهو جيڪي کانئس نفرت ڪندا هئا، سندس حالت کي ڏسي مٿس افسوس ڪرڻ لڳا. ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻئي ڳالهيون سچيون هجن. کانئس آزاد ٿيڻ تي هـُـن خوشي ڪئي هجي ۽ وڃڻ تي رنج جو اظهار. اُهي ماڻهو جيڪي بدڪار ۽ شرير ٿين ٿا، سي سادا ۽ شريف به ٿين ٿا. اسان پاڻ سڀ اهڙائي آهيون.

باب ٻيو: وڏي پـُـٽ کان آزادي

اهڙي پيءُ کان اولاد جي پرورش جي جيڪا اُميد رکي سگهجي ٿي، اُن جو اوهان چڱيءَ ريت اَندازو لڳائي سگهو ٿا. پيءُ جي حيثيت ۾ سندس عادتون اُن جون آئيني دار هيون. ايڊيليڊيا ايونونا مان جيڪو کيس ٻار هو، تنهن کان هـُـو بلڪل غافل هو، اِن ڪري نه، ته ڪو کيس اُن لاءِ ڪينو يا حقارت هئي يا کيس پنهنجي شاديءَ کان ڪا شڪايت باقي هئي پر اِن ڪري، جو هـُـو کيس ياد ئي نه رهيو هو. جڏهن هـُـو پنهنجن ڳوڙهن سان ڀريل دانهن هر ڪنهن کي ڏئي تنگ ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي گهر کي عياشيءَ جو اَڏو بڻائي رهيو هو، تڏهن سندس هڪ وفادار نوڪر گريگري، ٽن سالن جي ننڍڙي مـِـتيا کي پالڻ شروع ڪيو. حقيقت ۾ هن ننڍڙي نينگر جي اهڙي حالت اَچي بڻي هئي، جو جيڪڏهن هـُـو سندس نگهباني نه ڪري ها ته سندس ڪوئي گدلي ۽ ميري قميص به نه بدلائي ها!
معصوم ٻار کي سندس ناناڻن به وساري ڇڏيو هو. سندس نانو فوت ٿي چڪو هو ۽ ناني ماسڪو ڏانهن هلي وئي هئي، جتي هـُـوءَ سخت بيمار رهندي هئي. سندس باقي ڌيئر به شادي ڪري چـُـڪيون هيون. مـِـتيا اُن ڪري سڄو سال اُن ٻـُـڍي نوڪر سان جهوپڙيءَ ۾ رهيو. جيڪڏهن پڻس کيس کڻي ياد به ڪري ها، حالانڪه هـُـو سندس وجود کان ئي بي خبر هو، تڏهن به شايد کيس جهوپڙيءَ ڏانهن ئي واپس ڪري ها، ڇو ته وٽس رَهي، هـُـو به ضرور عياش بڻجي پوي ها. مـِـتيا جي ماءُ جو سؤٽ پيٽر اليگزينڊر ووچ موسيوف، جنهن ڳچ عرصو ٻاهر گذاريو هو، سو تازو پئرس کان موٽي آيو هو. جوانيءَ ۾ هـُـو پنهنجي خاندان جو هڪ معزز، روشن خيال ۽ يورپي تهذيب جو دلدادو سمجهيو ويندو هو. پنهنجي زندگيءَ جي آخري دور ۾ هـُـو آزاد خيال ٿي پيو هو، جيئن اڪثر چاليهه پنجاهه سالن جي عمر وارا ٿي پوندا آهن. پنهنجي زندگيءَ جي دوران، هـُـو رشيا ۽ ٻين ملڪن جي آزادي پسندن جي لهه وچڙ ۾ اَچي چڪو هو. پرودان ۽ باڪونن سان سندس شخصي ملاقاتون رهيون. پنهنجي حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هـُـو مزي سان سن 1848ع واري پئرس جي انقلاب جو ذڪر ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به چئي ويهندو هو، ته قلعي کي بچائڻ واري جنگ ۾ هـُـو ساندهه ٽي ڏينهن شامل رهيو، جو سندس جوانيءَ جو بهترين يادگار هو. کيس پنهنجي هزارن جي شخصي جائداد هئي. سندس وسيع ۽ ڪشادي زمين، اسان جي ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ پکڙيل هئي ۽ اُن جون حدون اسان جي مشهور ڪليسا تائين هيون. اليگزينڊر ووچ پنهنجي زمين تي ايندي ئي، شايد مڇي مارڻ يا ٻيلي مان ڪاٺين ڪپڻ جي حق تي، هڪ ڊگهي دعويٰ داخل ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته هڪ تهذيب يافته شهر واسيءَ جي حيثيت ۾، هـُـن جو اهو فرض آهي ته هو ڪلارڪن جي نازيبا حرڪتن تي کـُـلم کلا حملو ڪري. هن ايڊيليڊيا بابت سڀ ڪجهه اَچي ٻـُـڌو هو ۽ کيس اَڄ به ياد ڪري رهيو هو، ڇو ته کيس ڪنهن زماني ۾ ساڻس دلچسپي هئي. جڏهن مـِـتيا جي زندهه هئڻ جي کيس خبر پئي، تڏهن فيودور پاولووچ سان جوانيءَ جي زماني ۾، جيڪا دشمني ۽ نفرت هيس، اُن هوندي به هـُـن ننڍڙي ٻار جي پرورش جي خواهش ظاهر ڪئي. هـُـو فيودور پاولووچ سان مليو ۽ ٻار کي تعليم ڏيارڻ جي ساڻس صلاح مصلحت ڪيائين. فيودور پاولووچ پنهنجي خاص نوع ۽ اَنداز ۾ جڏهن مـِـتيا جي متعلق ڳالهائڻ شروع ڪيو، تڏهن ايئن پئي محسوس ٿيو، ڄڻ قِه کيس اها خبر ئي نه آهي، ته هـُـو ڪهڙي ۽ ڪنهن جي ٻار جي لاءِ ڳالهائي رهيو آهي. نه فقط ايترو پر وڏي عجب جي ڳالهه اِها هئي، ته کيس اِها به خبر نه هئي ته سندس گهر ۾ ڪو ننڍو ٻار به آهي. هن ڳالهه ۾ کڻي وڌاءُ به هجي، پر ڪجهه ته سچ ضرور هوندو!
فيودور پاولووچ حياتيءَ ڀر ڪانه ڪا حرڪت ڪندو ئي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو به نمونو ڪندو هو، جنهن مان کيس ئي نقصان پهچندو هو. مثال طور: جيئن مٿيون واقعو بيان ڪيو ويو آهي. اها عادت گهڻن ۾ ٿئي ٿي، پر حقيقت ۾ اُهي چالاڪ ٿين ٿا ۽ نه فيودور پاولووچ وانگر ڪم عقل. آخر اليگزينڊر ووچ ٻار سان گڏ سندس مختصر ملڪيت يعني گهر ۽ زمين، جيڪا سندس ماءُ ورثي ۾ ڇڏي وئي هئي، اُن جو سنڀاليندڙ مقرر ٿيو ۽ زور شور سان اُن ڪم ۾ مشغول ٿي ويو، پر جيئن ته پيٽر کي زمين جي پيدائش وغيره حاصل ٿي چڪي هئي ۽ کيس جلد ئي پئرس موٽڻو هو، اِنڪري هـُـن متيا کي پنهنجي هڪ سؤٽ جي حوالي ڪيو، جيڪا ماسڪو ۾ رهندي هئي، پر عجب جي ڳالهه آهي، جو هـُـو پاڻ مـِـتيا کي وساري ويٺو. ماسڪو واري مائي به ٿوري وقت کان پوءِ وفات ڪري وئي. مـِـتيا جي پرورش هڪ دفعو وري به ٻيءَ عورت جي سپرد ٿي، جيڪا مرهيات عورت جي شادي ڪيل ڌيءُ هئي. منهنجي خيال موجب مـِـتيا، اِن سموري عرصي ۾ چار ڀيرا جدا جدا هٿن ۾ ضرور آيو. هن ذڪر کي وڌيڪ ڊگهو نه بڻائيندس، ڇو ته فيودور پاولووچ جي پهرئين ٻار بابت اَڃا ڪي ضروري ڳالهيون ٻيون به ڪرڻيون اٿم.
دمتري فيودور پاولووچ، جنهن کي پيار مان مـِـتيا سڏيو ويندو هو، فيودور پاولووچ جي پٽن مان اڪيلو پٽ هو، جنهن کي ملڪيت هئي ۽ عام طرح اهو خيال ڪيو ويندو هو، ته سندس مستقبل شاندار ۽ روشن آهي. هن پنهنجو ننڍپڻ بي ترتيب ۽ بي سليقي گذاريو هو. هن اڃا ڪسرت گاهه جي تعليم ختم ئي ڪانه ڪئي هئي، جو کيس فوجي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ۽ کيس ترقي ڏئي ڪاڪينرس ڏانهن موڪليو ويو، جتي دوبدو جنگ ۾ حصي وٺڻ ڪري اُن عهدي تان هٽايو ويو پر جلد ئي کيس وري ترقي ڏني وئي. ان عرصي ۾ سندس زندگي آوارا بڻجي پئي، جنهن ڪري ڪيترو پيسو خرچي ڇڏيائين. هن پهريون ڀيرو پنهنجي پيءُ کي اسان جي پاڙي ۾ ڏٺو، جڏهن ساڻس پنهنجي ملڪيت بابت فيصلو ڪرڻ آيو هو. هو زياده وقت نه ترسيو ۽ جلد ئي هليو ويو. مگر ايترو ٿيو، جو کانئس ڪجهه رقم حاصل ڪيائين ۽ آئنده لاءِ پنهنجي زمين جي اُپت حاصل ڪرڻ جو واعدو ورتائين. مـِـتيا پنهنجي زمين جي اُپت ۽ اُن جي قيمت بابت ڪابه گفتگو نه ڪئي. فيودور پاولووچ پهريون دفعو هن حقيقت جو اظهار ڪيو ته مـِـتيا کي پنهنجي زمين جي اُپت ۽ جائداد بابت اجايو ۽ مبالغي آميز خيال آهي. فيودور پاولووچ، اِن ڳالهه تي ڏاڍو مطمئن هو ته هو هلڪڙو، شوخ، جذباتي ۽ اُٻهرو آهي ۽ جيڪڏهن کيس پيسو ملندو رهندو، ته هو خاموش رهندو. هو هنن ڳالهين جو فائدو وٺي، کيس قسطن ۾ پيسا موڪليندو رهندو هو. چئن سالن جي عرصي گذارڻ کان پوءِ مـِـتيا کان آخر صبر ڇڏائي ويو. هـُـو پيءُ سان آخري طرح معاملي کي صاف ڪرڻ لاءِ، ٻيو دفعو اسان جي ڳوٺ ۾ آيو پر سندس حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن کيس معلوم ٿيو ته سندس نالي باقي ڪجهه به نه رهيو آهي، پر پاڻ پيءُ جو قرضي ٿي چڪو آهي. هن جيڪي وقت بوقت اقرارناما ٿي ڪيا، ان مطابق هـُـو سموري رقم وصول ڪري چـُـڪو هو. هـُـو سخت گهٻرائجي ويو. کيس شڪ پوڻ لڳو ته ايئن ته نه آهي، ته ساڻس دغا ڪئي وئي آهي، ڇو ته هي سموريون حالتون ان حقيقت لاءِ جوابدار هيون، جنهن جو اڃا مون کي ذڪر ڪرڻو آهي. پر اُن کان اڳ جو مان اڳتي هلان، اهو ضروري آهي ته فيودور پاولووچ جي ٻين پٽن جو به ٿورو ذڪر ڪندو هلان.

باب ٽيون: ٻي شادي، ٻيو گهر

چئن سالن جي ننڍڙي مـِـتيا کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ بعد، هن جلد ئي ٻي شادي ڪئي هئي. فيودور پاولووچ جي هيءَ شادي اَٺن سالن تائين رهي. سندس ٻي شادي صوفيا ايونونا سان ٿي، جيڪا پڻ ننڍي عمر جي هئي. هوءَ هڪ ٻئي علائقي سان تعلق رکندڙ هئي، جتي هـُـو ڪنهن ڪم سانگي هڪ يهوديءَ سان گڏجي ويو هو. فيودور پاولووچ جيتوڻيڪ شرابي هو، مگر ڌنڌي ۾ پيسي سيڙائڻ ۽ اُن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ هو ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪندو هو. صوفيا ايونونا هڪ گمنام پادريءَ جي نياڻي هئي، جا ننڍڙي هوندي ئي يتيم ٿي وئي هئي. سندس هڪ فوجي آفيسر جي بيواهه زال جي گهر ۾ پرورش ٿي، جيڪا ڪافي مالدار هئي. اها بيواهه عورت جيتوڻيڪ سندس خيرخواهه هئي، پر گهٽ تڪليف ڏيندڙ به نه هئي. مون کي وڌيڪ ته خبر نه آهي، مگر ايترو سو ٻڌو اٿم ته هڪ ڀيري هن يتيم، نماڻي ۽ حليم سـُـڀاءَ واري ڇوڪريءَ کي، اُن عورت مٿي، ڇـَـتِ نوڙيءَ سان ٽنگي، پوءِ اُن نوڙيءَ کي کڻي ڪپيو هو. هن ٻڍي عورت مان، کيس هميشه اهڙيون ئي تڪليفون ۽ سختيون پهچنديون هيون. ٻڍي ظاهر ۾ دل جي ايتري خراب نه هئي، پر مستقل ڪاهليءَ سبب سندس طبعيت چيڙاڪ ٿي پئي هئي.

فيودور پاولووچ، کيس پهريائين شاديءَ جي آڇ ڪئي، مگر پڇاڳاڇا کان پوءِ کيس جواب مليو. پر اڳئينءَ شادي وانگر، هن وري به هن يتيم ڇوڪريءَ کي ساڻس ڀڄي هلڻ لاءِ تيار ڪيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪڏهن ڇوڪريءَ کي بروقت هن جي متعلق ٿورو وڌيڪ معلوم ٿئي ها، ته هوءَ شايد ڪڏهن به ساڻس شادي نه ڪري ها. هڪ ته ٻئي علائقي ۾ رهندڙ هئي، تنهن کانسواءِ هڪ سورنهن سالن جي ڇوڪريءَ جي سمجهه ئي ڪهڙي جو هوءَ اُنهن سڀني ڳالهين کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهي؟ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته هـِـن پاتار ۾ رهڻ جي بجاءِ هـُـن پنهنجي مشفق وٽ رهڻ وڌيڪ پسند ڪيو هجي! ڇوڪري آخرڪار هڪ همدرد وٽان ٻي همدرد وٽ پهچي وئي. فيودور پاولووچ کي هن ڀيري ڪجهه به نصيب نه ٿيو، ڇو ته پوڙهي عورت، جيڪا سندس سنڀاليندڙ هئي، غصي ۾ باهه ٿي وئي ۽ سواءِ پٽ پاراتي جي، کيس ٻيو ڪجهه به نه ڏنائين. فيودور پاولووچ کي ڏاج جي ڪا به ڳڻتي ڪانه ٿي، ڇو ته ڇوڪريءَ ۾ سندس ڪشش جو ڪافي سامان موجود هو. سونهن ۽ سوڀيا، سندس وڻندڙ معصوم چهرو، هن لاءِ سڀ ڪجهه هو. سندس بدڪاريءَ جي تسڪين لاءِ هن جو حسن اُن بازاري سونهن کان مٿي هو، جنهن جي ساراهه ڪندي هو ڍاپندو ئي نه هو. هـُـو اڪثر پوءِ چوندو هو ته ”هن جي معصوم اکين، منهنجي دل کي بنهه ڇـُـريءَ جيان چيري ڇڏيو آهي.“ فيودور پاولووچ جا اهي لفظ سندس شهواني (جنسي) خواهش کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. هن شاديءَ مان، جيئن ته کيس نه ڏاج مليو هو ۽ نه پيسو ڏوڪڙ ۽ کيس اها به ڄاڻ هئي، ته هـُـن ئي ڇوڪريءَ کيس تڪليفن مان ڇوٽڪارو نه ڏياريو آهي، اُن ڪري هو ساڻس اَڻ سهائيندڙ هلت هلڻ لڳو. کيس اهو محسوس ڪرڻ لاءِ ته سندس شاديءَ مان کيس ڪجهه به پـَـلئه نه پيو آهي، هو اڪثر هـُـن جي نماڻائي ۽ نهٺائيءَ جو غلط فائدو وٺندو هو ۽ ساڻس اُبتا پير کڻندو هو. هـُـن پنهنجي گهر کي بدڪار عورتن جو اَڏو بڻائي ڇڏيو هو ۽ پنهنجي زال جي سامهون، هو ساڻن نازيبا حرڪتن ڪرڻ کان به نه گسندو هو. گذريل ڳالهين کي دهرائڻ کان اڳ ۾ ايترو ٻڌائڻ لازمي آهي، ته سندس نوڪر گريگري، جو ساڳئي وقت، هڪ بيوقوف، ضدي ۽ ڪجهه بحثي هو، جيترو سندس پهرئين زال ايڊيليڊيا ايونونا کي نفرت ۽ ڌڪار سان ڏسندو هو، ايترو ئي وري هن جي نئين زال جو پاسو وٺندو هو ۽ پيار ڪندو هو. هـُـو سندس ايتري ته طرفداري ڪندو هو، جو هڪ دفعي فيودور پاولووچ کي اهڙا ته ناشانائتا لفظ چئي ويو، جيڪي هڪ نوڪر کي ڪڏهن به نه چوڻ کپندا هئا. آخر نتيجو اهو نڪتو جو هيءَ بدنصيب عورت، جيڪا ننڍپڻ کان وٺي خوف ۽ دهشت جي دنيا ۾ پلي هئي، سا اعصابي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پئي. جيڪا بيماري ڳوٺاڻين عورتن ۾ عام ٿيندي آهي ۽ جنهن کي عام محاوري ۾ ’جن ورتي‘ چوندا آهن. انهن تڪليفن جي باعث هوءَ دماغي توازن به وڃائي ويٺي، پر ان هوندي به کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. ايون شاديءَ جي پهرئين سال ۾ ۽ اليگزي ٽن سالن کان پوءِ. جڏهن هوءَ مري وئي، ته اليگزي چئن سالن جو هو پر عجب هيءُ آهي ته هو عمر ڀر کيس وساري نه سگهيو. جيتوڻيڪ اُن لاءِ هي سڀ ڪجهه ڪنهن خواب کان وڌ نه هو. موت کان پوءِ، سندس ٻن پٽن سان به اهائي ويڌن ٿي، جيڪا سندس وڏي پـُـٽَ مـِـتيا سان ٿي هئي. هو پنهنجي پيءُ کان بنهه وسري ويا هئا يا هن کين ڇڏي ڏنو هو. گريگري سندن سنڀال ڪرڻ لڳو. ڇوڪرا ان جي جهوپڙيءَ ۾ تيستائين رهيا، جيستائين ان بي رحم عورت، جنهن سندن ماءُ جي پرورش ڪئي هئي، کين پنهنجي قبضي ۾ نه آندو. هو اڃا زندهه هئي ۽ اٺن سالن جي ڊگهي عرصي گذرڻ کان پوءِ به کانئس اها بي عزتيءَ واري هلت نه وسري هئي، جيڪا ساڻس ڪئي وئي هئي. هوءَ هميشه کانئن صوفيا جي متعلق پڇندي رهندي هئي، ته هن ڪهڙي نموني حياتي گذاري؟ اهو هيبتناڪ ماحول، جنهن ۾ هن پنهنجي حياتيءَ جون گهڙيون ڪاٽيون ۽ سندس بيماريءَ جو احوال، جنهن سندس حياتيءَ کي ختم ڪيو. هن انهن ننڍڙن اڳيان هيئن به چيو ته: ”هن پنهنجو ڪـِـيتو لوڙيو آهي ۽ خدا کيس ناشڪريءَ جي سزا ڏني.“

صوفيا جي موت کي ٽي مهينا مس گذريا هئا، جو هوءَ اوچتو اسان جي ڳوٺ ۾ آئي ۽ سڌو فيودور پاولووچ وٽ لنگهي وئي. هوءَ اسان جي ڳوٺ ۾ اڌ ڪلاڪ کن ترسي، پر اُن ٿوري عرصي ۾ هوءَ گهڻو ڪجهه ڪري وئي. اهو شام جو وقت هو. فيودور پاولووچ، جنهن کي هن اٺن سالن جي عرصي ۾ وري نه ڏٺو هو، سو شراب ۾ مست، سندس منهن پئجي ويو. ڳالهه هيئن ڪئي وڃي ٿي، ته سواءِ ڪجهه ڳالهائڻ جي، هن کيس ڀر ڪري ٻه زوردار چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ وارن کان جهلي، چڱيءَ ريت زمين تي ليٿڙايو. پوءِ سڌو ان جهوپڙيءَ ڏانهن ويئي، جتي ڇوڪرا رهندا هئا. ٻارن کي گدلو ۽ ميرو ڏسي، اَچي گريگريءَ تي مڇري ۽ چڱي ڇنڊ ڪڍيائينس. پوءِ ٻارن کي اُن ئي حالت ۾، جنهن ۾ هئا، کڻي گاڏيءَ ۾ وڌائين ۽ سڌو اچي پنهنجي ڳوٺ نڪتي. گريگري پنهنجي ذلت تي ٻڙڪ به نه ڪڍي، پر جڏهن هو کيس گاڏيءَ تائين پهچائڻ آيو تڏهن نوڙي فقط ايترو چيائين ته ”خدا توکي هنن يتيمن جي پرورش جي عيوض اجر ڏيندو“ مگر ٻـُـڍيءَ رڙ ڪري چيو ته ”اوهان سڀ ڪند فهم آهيو.“
فيودور پاولووچ جڏهن اُن تي سوچيو، ته کيس اُهو سڀ ڪجهه، جيڪو ٿي گذريو هو، سو ٺيڪ نظر آيو. اُن کان سواءِ ٻڍيءَ جي هيءَ آڇ ته - هوءَ سندس ٻارن جي تعليم جو بندوبست پاڻ ڪندي - کيس بـُـري نه لڳي. چماٽون، جيڪي کيس لڳيون هيون يا ذلت، جيڪا ساڻس ٿي گذري هئي، تنهن کي هڪ دلگداز داستان بڻائي، هو شهر جي هر گهٽيءَ ۽ چوراهي تي دهرائيندو رهيو.
پر اتفاق اهڙو ٿيو جو اها ٻڍي ستت ئي گذاري وئي، پر هوءَ پنهنجي وصيت ۾ ٻه هزار روبل هن شرط تي وقف ڪري وئي، ته اهي صرف ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪيا وڃن. اهڙيءَ ريت جيئن اها رقم سندن ويهن ورهين جي عمر تائين خرچ ٿيندي رهي. مون ان وصيت نامي کي پاڻ ڪونه پڙهيو هو پر ٻڌم ته هڪ عجيب منجهائيندڙ ڍنگ ۽ طرز تي لکيل هو. پيسن جو امين بيفيم پيٽروويچ پولينيوف، جيڪو علائقي جو فوجي عملدار هو، تنهن کي بڻايو ويو هو. هو نهايت ئي ايماندار هو. فيودور پاولووچ بار بار کيس لکندو رهيو ته انهن پيسن مان کيس به ڪجهه ڏنو وڃي، پر هن هڪ ڪوڙي ڪوڏي به ڪانه ڏنس، ڇو ته کيس خبر هئي ته اهي پيسا فقط ٻارن جي تعليم لاءِ ئي آهن. بيفيم پيٽروويچ جي دل ڪشادي ۽ سخي هئي. هن جهڙا ماڻهو اڄڪلهه ملڻ مشڪل آهن. ننڍڙا نينگر، سندس ڏاڍا ٿورائتا آهن، جو سندن تعليم ۽ تربيت تي هن خاص ڌيان ڏنو هو. ٻڍيءَ جي هن سموري رقم کي هن پاسيرو ڪري رکيو، جيئن عمر رسيده ٿيڻ تي، اهو سمورو پيسو کين وياج سميت ٻيڻو ڪري ڏئي. هن پنهنجي هڙؤن خرچ ڪري کين پڙهايو ۽ هر هڪ تي هڪ هزار روبل خرچ ڪيا. مان هن جي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ بابت ڪجهه به نه چوندس، پر ڪن لازمي ڳالهين جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
ايون جي متعلق مان ايترو چوندس ته هو بدمزاج ۽ رکو روح ٿي ساماڻو، جيتوڻيڪ لڄارو به نه هو. ڏهن سالن جي عمر ۾ هن محسوس ڪيو، ته هو پنهنجي بلڪه ڌاريي گهر ۾ رهي ٿو ۽ ٻين جي خيرات تي پلجي رهيو آهي، کيس اهو به معلوم ٿيو، ته سندس پيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي.جنهن بابت ڪجهه به ڳالهائڻ بي شرميءَ ۽ خواريءَ کان گهٽ نه آهي. ننڍپڻ ۾ ئي هي ٻار جيئن چيو وڃي ٿو، غير معمولي ذهانت وارو هو ۽ کيس سکڻ لاءِ بيحد چاهه هو. مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ نه آهي ته ڇو، پر تيرهن سالن جو اَڃا مس هو، ته بيفيم پيٽروويچ جو گهر ڇڏي، وڃي ماسڪو جي ڪسرت گاهه ۾ داخل ٿيو. هو اُتي هڪ هوشيار ۽ قابل استاد سان رهڻ لڳو، جو بيفيم پيٽروويچ جو پراڻو دوست به هو. ايون پوءِ هميشه بيفيم پيٽروويچ جي تعريف ڪندو هو، ته اهو سڀ ڪجهه سندس ئي غير معمولي شوق جو نتيجو آهي. هو هن ڳالهه جو قائل هو ته هڪ ذهين شاگرد جي تربيت، هڪ ذهين استاد جي هٿن سان ئي ٿيڻ گهرجي. مگر افسوس، ايون جڏهن جوان ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جي قابل ٿيو، ته نه هن جو استاد ئي زندهه رهيو ۽ نه وري بيفيم پيٽروويچ ئي جيئرو رهيو. پر جيئن ته بيفيم پيٽروويچ ٻڍيءَ جي وصيت نامي ۽ پنهنجي طرفان ڪوبه شرط شروط داخل نه ڪيو هو ۽ هڪ هزار روبل، ٻن هزارن تائين وڃي پهتا هئا، انهيءَ ڪري، انهن جي ادائگيءَ ۾ ڪجهه دير ٿي، ڇو ته رشيا جي قانون موجب، ڪن رسمن جي پوئواري ڪرڻ ضروري هئي. ڇوڪري ان ڪري پهريان ٻه سال يونيورسٽيءَ ۾ سختي ۽ تنگدستيءَ ۾ گذاريا. هن پوري عرصي ۾، هن پنهنجي پيءُ کي ان بابت ڪجهه به نه لکيو. اها ان جي مغروري هئي، يا نفرت سندس ٿڌي طبعيت يا تيز ذهانت جو اهو نتيجو هو، جو هن سمجهيو ٿي، ته اهڙي پيءُ مان آخرڪار ڪجهه به پـَـلئه نه پوندو. اُن هوندي به هـُـو مايوس ۽ نااميد نه ٿيو، بلڪه ڪم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. شروع ۾ هو خانگي طرح پڙهائيندو هو، پر پوءِ کيس جلد ئي هڪ اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو ڪم ملي ويو. ان ڪالم ۾ هو شهر ۾، جيڪي واقعا ٿيندا هئا، انهن تي لکندو هو. اهي ڪالم ايتري قدر ته دلچسپ ۽ ساڳئي وقت چڀندڙ به هئا، جو ماڻهن ۾ تيزيءَ سان پسند پوڻ لڳا. حقيت ۾ اها ئي اڪيلي شئي هئي، جنهن سندس ذهانت ۽ ڄاڻ، انهن حاجتمند ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان کانئس مٿڀرو ٿي ڪيو، جيڪي اخبارن ۾ فرينچ زبان مان خبرن ترجمي ڪرڻ جي نوڪريءَ لاءِ به محتاج هئا. ايون فيودور پاولووچ، جڏهن هڪ دفعو ايڊيٽرن جي لهه وچڙ ۾ آيو، ته هو ان ناتي کي هميشه نڀائيندو آيو. ايڊيٽر سندس ذهانت کان ايترو ته متاثر ٿيا، جو جڏهن هو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو ٿي، تڏهن مختلف موضوعن تي سندس لکيل تبصرا، بنا ڪنهن ڍرائيءَ جي فخر سان شايع ڪندا هئا، جيڪي واقعي تحسين جي نگاهه سان ڏٺا ٿي ويا. اهڙيءَ ريت هو ادبي حلقن ۾ مقبول ٿيڻ لڳو. يونيورسٽيءَ جي پوين ڏينهن ۾ کيس وڌيڪ مشهوري حاصل ٿي. ايتري قدر جو يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو وڏو طبقو کيس ساراهڻ لڳو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندو رهيو. هي عجب اتفاق هو ته جڏهن هو، يونيورسٽيءَ جي تعليم پوري ڪري چڪو ۽ ٻاهر وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو ته سندن مختلف لکيل مضمونن جو مجموعو شايع ٿي نڪتو. هن مجموعي ۾ هن انهن موضوعن تي لکيو هو، جن بابت عام ماڻهن کي اها ڄاڻ هئي، ته هو انهن کان بنهه بي خبر آهي. هو فطري علم جو طالب العلم هو، مگر انهن مضمونن ۾، هن گهڻو ڪري ڪليسائي مذهب جو ذڪر ڇيڙيو هو. جنهن تي ان وقت تمام گهڻو بحث مباحثو ٿيندو ٿي رهيو. جدا جدا راين تي بحث ڪرڻ کان پوءِ، هن پنهنجي نڪتئه نظر جي وضاحت ڪئي هئي. سندس لکڻ جي طرز ماڻهن جي دلين تي هڪ اڻ مٽجندڙ نقش ڇڏيو هو. هنن مضمونن جو ايترو اثر پيو جو ڪليسا جي ڪيترن ماڻهن، بنا ڪنهن هٻڪ جي کيس پنهنجو طرفدار ٿي سمجهيو. نه فقط ايترو، پر دينوي ماڻهن سان گڏ ڪيترن دهرين به سندس ساراهه جا ڍڪ ٿي ڀريا، پر آخرڪار ڪن ذهين ۽ هوشيار ماڻهن تاڙي ورتو، ته هنن مضمونن ۾ ڪجهه به نه آهي. رڳو غليظ ۽ کل جهڙي هـِـجو ۽ طعني زني ڪيل آهي. مان هيءُ ذڪر خاص اُن ڪري ٿو ڪريان، ڇو ته اسان جي پاڙي واري خانقاه ۾ رهندڙ ان ڪليسائي مذهب واري بحث ۽ مباحثي ۾ گهڻو چاهه وٺي رهيا هئا، سي بلڪل منجهي پيا. هو جڏهن مصنف جي نالي کان واقف ٿيا، تڏهن ان ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳا. ڇو ته هڪ ته هو سندن هم وطن هو ۽ ٻيو فيودور پاولووچ جو پٽ هو. پوءِ ستت ئي اسان جي ڳوٺ اَچي سهڙيو.
ايون فيودور پاولووچ اسان وٽ ڇو آيو، تنهن بابت مون کي پڪي يادگيري آهي. ان وقت مون خود پاڻ هن کان ڪجهه پڇيو هو، جيڪو مون کي ڪي قدر بي چين ٿي نظر آيو. سندس ڏک ڀريو اَچڻ، پوءِ ڪيترين ئي خرابين لاءِ پهريون قدم ثابت ٿيو، جنهن کي مون ان وقت خود به سمجهي نه ٿي سگهيو. ظاهر ۾ اهو عجب جهڙو ٿو لڳي ته ايون جهڙو پڙهيل ڪڙهيل، هٺيلو ۽ هوشيار نوجوان، ڪيئن اوچتو ئي اوچتو، بدنام گهر ۾، بدنام پيءُ وٽ گهڙي آيو، جنهن حياتيءَ ڀر ياد ته ڇا پر ڪڏهن هن بابت سوچيو به نه هوندو. هو ڪڏهن به ۽ ڪنهن به حالت ۾ کيس پيسن ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، جيتوڻيڪ کيس هميشه هن ڳالهه جو کٽڪو رهندو هو، ته هڪ نه هڪ ڏينهن ايون ۽ اليگزي کانئس ضرور پيسن جي تقاضا ڪندا. هيڏانهن هيءُ جوان پيءُ جي گهر ۾ ٻن مهينن کان رهيو پيو هو ۽ نهايت ئي ساز ۽ سلوڪ سان وقت پئي گذريو. هيءَ پوئين حقيقت گهڻن لاءِ ۽ خاص طرح منهنجي حيرت جو سبب بڻي. پيٽر اليگزينڊرووچ موسيوف جيڪو فيودور پاولووچ جي پهرئين زال جو سؤٽ هو ۽ جنهن جو اسين ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، سو اتفاق سان، اسان جي پاڙي ۾ رهيل هو. هو پنهنجيءَ زمين جي سلسلي ۾ آيل هو. هو پئرس کان آيو هو، جتي هو هميشه رهندو هو.
مون کي ياد آهي، ته ايون سان واقفيت پيدا ڪري، جيتري هن کي حيراني ٿي، ايتري شايد ئي ڪنهن کي ٿي هوندي. هو ايون کان بيحد متاثر ٿيو ۽ اڪثر ساڻس بحث مباحثو ڪندو نظر ايندو هو. هو سندس ڏاڍي تعريف ڪندو هو.
”هو ڏاڍو هٺيلو آهي“، هو هميشـه چوندو هو، ”هن کي هڪ ڪوڏيءَ جي به ضرورت نه پوندي، ڇو ته وٽس ايترو پيسو آهي، جو هو آسانيءَ سان ٻاهر وڃي سگهندو. آخر هن کي هتي ڇا گهرجي؟ ۽ اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. هو پيسن لاءِ ڪونه آيو آهي ۽ کيس پيءُ ڪڏهن به ڪجهه به نه ڏيندو. کيس شراب ۽ عياشيءَ سان ڪابه دلچسپي ڪانه آهي، مگر ان هوندي به پڻس کيس ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ڏسو ته هو پاڻ ڪيترو نه رلي ملي ويا آهن.“
اُن ۾ سچ به هو. نوجوان پنهنجي پيءُ تي چڱو اثر پيدا ڪيو هو، جو هو سچ پچ ته ڏاڍي فضيلت ۽ ماڻهپي سان ملندو هو. ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن ايئن پيو لڳندو هو، ڄڻ ته پيءُ پٽ جي حڪم مڃڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. جيتوڻيڪ فيودور پالووچ انتهائي درجي جو ڪينه پرور، ضدي ۽ تڪليف ڏيندڙ هو.
اسان کي پوءِ معلوم ٿيو، ته ايون پنهنجي وڏي ڀاءُ دمتريءَ جي چوڻ تي آيو هو، ۽ سندس ئي ڀلي خاطر، دمتريءَ کي هن پهريون ڀيرو، هت اچڻ کان پوءِ ڏٺو. جيتوڻيڪ ماسڪو ڇڏڻ کان اڳ هو ساڻس ڪنهن اهم معاملي تي خط و ڪتابت ڪندو رهندو هو، ۽ جنهن جو واسطو هن کان وڌيڪ دمتريءَ سان هو. اهو ڪهڙو معاملو هو، تنهن بابت اسان کي اڳتي هلي خبر پوندي. ان هوندي به، جڏهن مان انهن حالتن کان واقف ٿيس، ته ايون فيودور پاولووچ، مون کي هڪ پراسرار شخصيت ٿي لڳو ۽ سندس اَچڻ هڪ لڪل راز ٿي محسوس ڪيم. مان جيڪر ايترو به چوان، ته ايون مون کي اُن وقت پيءُ ۽ ڀاءُ دمتريءَ جي وچ ۾ هڪ ٽياڪڙ ٿي لڳو. ڇو ته دمتريءَ پيءُ سان نه فقط کـُـليو کـُـلايو ٿي لڙيو، بلڪ هن جي خلاف ڪنهن قدم کڻڻ لاءِ به سوچي رهيو هو.
ڪٽنب پهريون ڀيرو اَچي پاڻ ۾ گڏ ٿيو هو. ڪيترا ڀاتي ته حياتيءَ ۾، پهريون دفعو پاڻ ۾ مليا هئا. ننڍو ڀاءُ اليگزي، ٽنهي ڀائرن ۾پهريون هو،جيڪو اسان وٽ آيو. هو سال کن کان هت رهيل هو. اليگزيءَ بابت شروع ۾ ڪجهه چوڻ ته ڏکيو ٿو لڳي، ان هوندي به منهنجي لاءِ لازمي آهي، ته آءٌ هت هن بابت ڪجهه ابتدائي احوال ڏيان، ڇو ته پنهنجي ’هيرو‘ بابت هڪ حقيقت ٻڌائڻ ضروري آهي، ته هو اسان وٽ هڪ مبتدي راهب جي لباس ۾ ڍَڪيل آيو هو. گذريل سال کن کان هو اسان جي خانقاهه ۾ هو ۽ اها سندس خواهش هئي ته هو پنهنجي باقي حياتي هڪ حجري ۾ گذاري.

باب چوٿون: اليوشا - ٽيون پـُـٽ

اُن وقت هو ويهن سالن جو هو، سندس ڀاءُ ايون چوويهن ۾ هو ۽ سندن وڏو ڀاءُ ستاويهن سالن کي پهچي چڪو هو. پهريائين پهريائين مان هن جوان بابت ايترو ٻڌائڻ لازمي سمجهان ٿو، ته هو ڪٽر مذهب پرست نه هو ۽ منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو معرفت جو صاحب به نه هو. مان هن بابت شروع ۾ ئي پنهنجي پوري راءِ ڏيڻ گهران ٿو. هو انسانيت سان پيار ڪندڙ هو ۽ اهو ئي سبب آهي، جو هن پادريءَ جي حياتي پسند ٿي ڪئي. اهو ان ڪري به هو، جو هن اسان جي عظيم شخصيت زوسيما ۾ انسانيت جون اُهي سموريون خوبيون ڏٺيون هيون، جيڪي هن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون ۽ هو دل جي گهراين سان کيس محبت ڪرڻ لڳو هو، پر ان هوندي به مان ايتري چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته ننڍپڻ کان ئي سندس رهت عجب جهڙي هئي. مان اڳ ۾ ئي ان جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، ته هو جڏهن چئن سالن جو هو ته پنهنجي ماءُ کان محروم ٿي چڪو هو پر اُن هوندي به هوءَ کيس چٽيءَ ريت ياد هئي. هن جي شڪل شباهت، هن جو پيار ۽ شفقت، ڄڻ ته اڄ به هن جي اڳيان بيٺي آهي. اِهي يادگيريون، جيئن اڪثر ڏٺو ويو آهي، وساري نه ٿيون سگهجن. پوءِ کڻي اُهي ننڍپڻ جون ڇو نه هجن؟ اُهي ڪيتريون به معمولي ۽ ڌُنڌ ۾ ڇو نه هجن، پر اونداهيءَ ۾ به روشنيءَ جي ڪرڻن جيان روشن آهن يا ڪنهن وڏي تصوير جي ڦاٽل ٽڪري وانگر قائم - پوءِ ڇو نه اُن جي دلڪشي ۽ سونهن مٽجي وئي هجي. پر اهو سڀ ڪجهه هن جي لاءِ ساڳيوئي هو، کيس اها گرميءَ جي موسم جي هڪ شام اڃا تائين ياد هئي، جڏهن کليل دريءَ مان پوئين سج جا پاڇا اندر پئجي رهيا هئا ۽ ڪمري جي ڪنڊ ۾ بتيءَ جي هلڪي روشنيءَ جو سايو، ڪنهن ديوتا جي شڪل ٺاهي رهيو هو. اُن وقت هن جي ماءُ، هـِـڏڪيون ڀريندي غشيءَ جي حالت ۾ دانهون ۽ گريه زاري ڪندي، کيس پنهنجي ٻانهن ۾ اهڙو ته کڻي ڀڪوڙيو هو، جو سندس دم ٿي گهٽيو. سندس لاءِ يسوع مسيح جي ماءُ کان دعائون ٿي گهريون ۽ ان جي مورت جي آڏو، کيس ايئن جهليائين، ڄڻ ته اُن جي حفاظت ۾ کيس سندس سپرد ڪري رهي آهي. مگر اوچتو ئي هن کي هن جي دائيءَ ڏسي ورتو ۽ ڇڪي کڻي پري ڪيائين. اُها تصوير کيس ياد هئي ۽ کانئس ماءُ جو ان وقت وارو چهرو به نه وسريو هو. اُن وقت، هن جي شڪل ڪيتري ڀوائتي ٿي لڳي پر تنهن هوندي به ڏاڍي خوبصورت ٿي لڳي، پر هو اُنهن يادگيرين جو مشڪل سان ڪنهن سان ذڪر ڪندو هو. هـُـو نه پنهنجي ننڍپڻ ۾ ۽ نه وري جوانيءَ ۾ ئي ڪو هٿ ڦاڙ هو. تمام ٿورو ڳالهائيندو هو. ان ڪري نه ته ڪو شرميلو هو يا ملنسار نه هو، بلڪه ان جي ابتڙ، سندس اندر ۾ ڪا اهڙي پيڙا هئي، جيڪا رڳو ساڻس ئي واسطو رکندڙ هئي. اهو درد، هن لاءِ ايترو ته اهم هو، جو ان ڪري، هن ٻيو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو، پر اُن هوندي به، هـُـو انهن لاءِ ساده لوح ۽ بي رياءُ نه هو. ان جي باوجود، هو ڪجهه نه ڪجهه ضرور هو. کيس اها پرواهه نه هئي، ته ماڻهو سندس لاءِ ڪهڙي راءِ قائم ڪندا ۽ نه وري هن ڪڏهن ٻين جي خنده زنيءَ ڏانهن ڌيان ٿي ڏنو. نه فقط ايترو، بلڪه هن ڪڏهن به ڪنهن تي حرف نه رکيو. هو سڀ ڪا ڳالهه، سواءِ ڪنهن حقارت جي قبول ڪري وٺندو هو، جيتوڻيڪ پوءِ کڻي ان تي ڪـُـرڪندو به هو. سندس هن هلت تي، ڪنهن کي به اچرج نه لڳندو هو ۽ ڪوبه کانئس خوف نه کائيندو هو. ويهن ورهين جي عمر ۾، هو جڏهن پيءُ جي گهر ۾ آيو، جيڪو گندگي ۽ غلاظت، عياشي ۽ بدڪاري جو اَڏو هو، تڏهن به سندس پاڪدامني ۽ پاڪيزگي قائم رهي ۽ خاموشيءَ سان وڃي هڪ ڪنڊ وسايائين ۽ ڪنهن به نفرت ۽ حقارت جو اظهار نه ڪيائين. هن جو پيءُ، جنهن جي ان وقت مجبوريءَ واري حالت هئي، هو نهايت جذباتي ۽ جهڳڙالو هو، سو جڏهن هن سان پهريون دفعو مليو، ته مٿس ڪو به ڀروسو ڪونه ڪيائين، بلڪه بي حيائيءَ سان پيش آيس. ”ڳالهائڻ ته اَٿس ئي ڪونه“، هو اَڪثر چوندو هو. ”پر سوچي گهڻو ٿو“. مگر ٻن هفتن کان پوءِ، ڳوڙهن ڀريل اکين سان کيس ڀاڪر پائي مليو ۽ پيار ڪرڻ لڳس. ايئن ڪندي، هـُـو ڏاڍي جوش ۾ ڀرجي ويو ۽ ان وقت کيس ايئن ٿي لڳو، ڄڻ ته کيس ساڻس بي حد محبت آهي، اهڙي جيڪا ان کان اڳ هن ڪنهن لاءِ به محسوس ڪانه ڪئي هئي.
ننڍپڻ کان ئي هو جڏهن به ۽ جنهن وٽ به ويندو هو، ته قرب ۽ پيار ئي لهندو هو. بيفيم پيٽروويچ پولينيوف، جيڪو سندس مربي هو، ان جي گهر ۾ جڏهن رهڻ لڳو ته گهر جا ڀاتي کيس ڀانئڻ لڳا ۽ انهن جي دلين ۾ ايترو ته پيهي ويو، جو هو کيس پنهنجو ئي ٻار سمجهڻ لڳا. هو ايتري ته ننڍڙي عمر ۾ وٽن اَچي رهيو هو، جو کيس ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي ته ڪيئن ٻين جي همدردي ۽ شفقت حاصل ڪري سگهبي آهي. انڪري چئي سگهجي ٿو ته اِها سندس فطري خاصيت هئي، جو هو ٻين کي جلدي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هو. اسڪولي حياتيءَ ۾ به سندس اِهائي حالت هئي، جيتوڻيڪ هو انهن ڇوڪرن سان اَڪثر گڏ ڏسبو هو، جيڪي غير سنجيده ۽ بدڪار سمجهيا ويندا هئا، جن کي اسڪول جا شاگرد پسند ڪونه ڪندا هئا. هو هميشه خيالي دنيا ۾ رهندو هو ۽ تنهائي پسند هو. ننڍپڻ کان وٺي، هو ڪنهن ڪـُـنڊ ۾ وڃي ماٺڙيءَ سان، ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو، پر اُن هوندي به، هڪ ئي نظر سان ايئن لڳندو هو ته منجهس ڪابه رُکائي يا ترش روي ڪانه آهي، بلڪه ان جي برعڪس هو نهايت ئي وڻندڙ ۽ پسنديده عادتن وارو آهي. هن ڪڏهن به پاڻ کي اسڪولي دوستن ۾ پڏائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هو ڪڏهن به ڪنهن کان ڪين ڊڄندو هو ۽ ڇوڪرن به جـَـلد ئي ڄاڻي ورتو، ته هو پنهنجي بي ڊپائيءَ جي ڪري مغرور نه آهي، بلڪه اها سندس دليري ۽ مردانگي آهي. هـُـو پنهنجي بي عزتيءَ تي ڪڏهن به خفا ڪونه ٿيندو هو. اَڪثر هيئن ٿيندو هو، ته جيڪڏهن ڪو کيس تڪليف ڏيندو هو، ته هڪ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ، پاڻ ئي ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو يا هن جي سوالن جا جواب اهڙيءَ ته صداقت ۽ صاف دليءَ سان ڏيندو هو، جو ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه آهي، پر اهو اِنڪري نه هو، ته هـُـو ڪو بنهه اُن ڳالهه کي وساري ڇڏيندو هو يا ان ذلالت کي بخشي ڇڏيندو هو. حقيقت ۾ هـُـو بي عزتيءَ کي ڪا اهميت ئي ڪانه ڏيندو هو. اهوئي سبب هو، جو هن پنهنجي هم عمر ڇوڪرن تي فتح پاتي هئي ۽ سندن دليون ڇڪي ورتيون هيون. منجهس اهائي خاص طرح ڪمزوري هئي، جنهنڪري سڀئي، هيٺئين ڪلاس کان وٺي مٿئين ڪلاس تائين، مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا. اها خاصيت سندس ناشائسته حد تائين، هٺ ڌرمي، پاڪ دامني، شرم ۽ حياءُ هئا. عورتن جي متعلق هو ڪنهن به گفتگو يا لفظن کي برداشت نه ڪري سگهندو هو، پر اسڪولي حياتيءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ يا گفتا واهپي ۾ اَچڻ، جن کي پاڙؤن پٽڻ البت ڏکيو آهي. ڇوڪرا ڪيترا به دل جا صاف ۽ پاڪ ڇو نه هجن، مگر اُن هوندي به هو انهن ڳالهين ۽ تصويرن جا ڏاڍا شوقين ٿيندا آهن، جن بابت جيڪر سولجر به ڳالهائڻ کان هڪ ڀيرو هٻڪن. نه فقط ايترو، مگر اسان جا ذهين شاگرد ۽ مٿئين درجي ۾ پڙهندڙ ٻار، پاڻ ۾ ايتري ته ڄاڻ پيدا ڪن ٿا، جنهن کان شايد اسان جا سولجر به غير واقف هجن. ظاهري طرح ته هن ۾ ڪابه اخلاقي گهٽتائي يا خرابي لڪل ڪانه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن، اها غير مهذب، رذالت ڀري، نفرت جهڙي حالت نقل ڪرڻ جي لائق سمجهي وڃي ٿي. اليوشا ڪرامازوف هن حالت کان گهٻرائجي ويندو هو ۽ پنهنجون ٻئي آڱريون کڻي ڪنن ۾ وجهندو هو. پر هن حالت مان کين وڌيڪ مزو ايندو هو ۽ سندس ٻئي آڱريون کڻي ڇـِـڪي پري ڪندا هئا ۽ سندس ڪنن ۾ وٺي ٻوڪ ڦاڙي، فحش لفظ چوڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. هو پاڻ کي، هنن کان بچائڻ خاطر گهڻي ڪوشش ڪندو هو ۽ وقتي ته هن ڇڪتاڻ ۾ پـَـٽ تي به ڪري پوندو هو. هن سڄي جهڳڙي ۾، هـُـو پنهنجي زبان مان ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍندو هو. خاموشيءَ سان پنهنجي بي عزتي برداشت ڪري ويندو هو. آخرڪار ڇوڪرن کانئس تنگ ٿي، کيس اڪيلو ڇڏڻ ئي مناسب سمجهيو ۽ طعني طور کيس ’ڇوڪري‘ سڏڻ لڳا. ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن، هـُـو سندس هن ڪمزوريءَ تي رحم به کائيندا هئا.
بيفيم پيٽرووچ جي موت وقت، اليوشا کي ڪسرت گاهه ۾، اَڃا ٻه سال ٻيا به رهڻا هئا، بيفيم جي دلگير ۽ غمگين بيواهه، مڙس جي وفات کان ستت ئي پوءِ، پنهنجي خاندان سميت، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس ڇوڪريون هيون، هڪ ڊگهي عرصي لاءِ اٽليءَ ڏانهن هلي وئي. اليوشا کي اهو گهر ڇڏڻو پيو. هو بيفيم جي هڪ اهڙي ڏورانهين مائٽ وٽ رهڻ لڳو، جنهن کي هن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هـُـو ڪهڙن شرطن تي وٽس وڃي رهيو هو، تن جي کيس ڪابه خبر ڪانه هئي. هن ۾ اِها هڪ وڏي وِڏ هئي، جو هـُـو ڪڏهن به اها ڳڻتي نه ڪندو هو، ته هـُـو ڪنهن جي پيسن تي پلجي رهيو آهي. ان خيال کان هن ۾ ۽ هن جي وڏي ڀاءُ ايون ۾ اهو وڏو تفاوت هو. هـُـو يونيورسٽيءَ جي پهرين ٻن سالن ۾ پنهنجي مفلسيءَ سان لڙندو هو ۽ پنهنجي قوت گذران لاءِ هميشه پنهنجون ڪوششون جاري رکندو آيو. نه فقط ايترو، پر ننڍپڻ کان وٺي، هـُـو هن ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪندو هو، ته هـُـو ٻين جي پيسن تي پلجي رهيو آهي. اليوشا جي هن عيب کي، منهنجي خيال ۾ ايترو سختيءَ سان نه نندڻ گهرجي، ڇو ته جن کي سندس ٿوري ئي ڄاڻ هوندي ته اُهي چڱيءَ ريت ڄاڻندا هوندا ته هـُـو اُنهن مجذوبن مان هو، جن وٽ جيڪڏهن پيسو آهي، ته ٻين کي ڏيڻ ۾ ڪڏهن به نه هٻڪندا آهن، پوءِ کڻي اهو پيسو چڱي ڪم ۾ خرچ ٿئي يا ڪو بدمعاش کانئن چالاڪي ڪري ڦـُـري وڃي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته وٽس پيسي جي ڪا به قيمت ڪانه هئي. ايتري قدر جو هـُـو پنهنجي کيسي جا پيسا به انتهائي لاپرواهيءَ مان ٻين کي ڏيئي ڇڏيندو هو يا هفتن جا هفتا پيسا سندس کيسي ۾ پيا هوندا ۽ کيس اهو سمجهه ۾ ئي نه ايندو هو، ته اِهي پيسا ڪـِـٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪيا وڃن؟
پوين سالن ۾ اليوشا جي هن حالت جي جڏهن پيٽر اليگزينڊرووچ موسيوف کي خبر پئي، جيڪو خود ڪنجوس طبع ۽ واپاري طبقي سان واسطو رکندڙ هو، تڏهن چئي ڏنائين ته، ”منهنجي خيال ۾ اِهو ئي دنيا ۾ اَڪيلو ماڻهو آهي، جنهن کي جيڪڏهن اوهان، ڪجهه به ڏيڻ کان سواءِ، ڪنهن اَجنبي ملڪ جي ماڻهن جي وچ ۾ ڇڏيو ته هـُـو نه ته ڪنهن کي نقصان پهچائيندو ۽ نه وري ڪو بک ۽ ٿڌ کان مري ويندو، بلڪه کيس هر ڪو خوشيءَ سان کارائيندو پياريندو ۽ پنهنجيءَ حفاظت ۾ رکندو، پر جيڪڏهن ِايئن نه به ٿئي تڏهن به هـُـو پنهنجي کاڌي ۽ رهڻ جي جاءِ پاڻهي ڳولهي لهندو. اِن ۾ هـُـو ڪا به گهٽتائي محسوس نه ڪندو. هن کي پناهه ڏيڻ ۾ ڪوبه بار نه آهي، پر پاڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
ڪسرت گاهه ۾ هـُـن پنهنجي تعليم ختم ئي ڪانه ڪئي هئي ۽ کيس اَڃا هڪ سال وڌيڪ رهڻو هو، جو هن گهر جي عورتن کي ٻڌايو، ته هو ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي پيءُ سان ملڻ ٿو گهري. هنن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ بي دليءَ سان کيس وڃڻ جي اجازت ڏنائون. مسافريءَ جو خرچ ڪو ايترو گهڻو نه هو، اِن ڪري هن نه ٿي چاهيو ته اُها واچ جيڪا کيس پنهنجي مهربان دوست کان ملي هئي، سا گروي رکي هنن فراخ دليءَ سان کيس سفر جو خرچ ڏنو ۽ نوان ڪپڙا پڻ ٺهرائي ڏنا پر هن اَڌ پيسا کين موٽائي ڏنا، ڇو ته هـُـن ٿرڊ ڪلاس ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو هو. ڳوٺ پهچڻ تي، هن پيءُ جي پهرئين سوال ته – ”هـُـو تعليم ختم ڪرڻ کان اڳ ڇو آيو آهي؟“، جو جواب ڪوبه نه ڏنو. جن کيس بروقت ڏٺو هو، تن جو چوڻ آهي ته هـُـو سدائين خيالن ۾ غرق رهندو هو، پر پوءِ جلد ئي پتو پيو، ته هـُـو پنهنجي ماءُ جي قبر ڏسڻ آيو آهي ۽ هـُـن پاڻ به اهو قبول ڪيو. پر رڳو اِهو سبب ٿي نه پئي سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته کيس اِن ڳالهه جي ڄاڻ نه هجي، جنهن کي هـُـو آسانيءَ سان سمجهائي سگهي ته اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، جيڪا سندس دل ۾ پيدا ٿي ۽ کيس اُن اَڻ واقف ۽ نئين رستي تي ڇـِـڪي آندو هو. فيودور پاولووچ کيس پنهنجيءَ ٻي زال جي قبر نه ڏيکاري سگهيو، ڇو ته ميت کي دفنائڻ کان پوءِ هـُـو سڀ ڪجهه وساري چـُـڪو هو.
فيودور پاولووچ ڪيتري عرصي کان اسان جي ڳوٺ ۾ ڪونه رهندو هو. زال جي مرڻ کان پوءِ، ستت ئي، هـُـو ڏکڻ رشيا ڏانهن هليو ويو هو ۽ اُتان آخرڪار اوڊيسا ڏانهن ويو، جتي ڳچ عرصي کان رهيو پيو هو. پنهنجن لفظن ۾ ٻڌايائين، ته هـُـن پنهنجي پهرئين واقفيت، اتان جي گهٽ درجي جي يهودين ۽ اُنهن جي زالن ۽ ٻارن سان پيدا ڪئي ۽ اُنهن سڀني سندس هڪ جهڙو آڌرڀاءُ ڪيو. ان ڳالهه ۾ البت شڪ پوي ٿو، ڇو ته اُن وقت هـُـن ۾ پيسن ڪمائڻ ۽ ميڙڻ جي عجيب ذهنيت پيدا ٿي هئي. اليوشا جي اَچڻ کان ٽي سال اڳ، هو اسان جي ڳوٺ موٽي آيو هو. جيتوڻيڪ عمر ۾ ايترو وڏو نه هو، پر اڳين واقفيتن کيس ڪافي ٻڍو بڻائي ڇڏيو هو. اِن کان سواءِ هو پنهنجو مانُ ۽ مرتبو به وڃائي چڪو هو ۽ سڀ ڪنهن سان نهايت بي حيائيءَ سان پيش ايندو هو. پراڻو بيوقوف، هاڻي وري ٻين کي بيوقوف بڻائڻ ۾ ليڪو لنگهي ويو هو. عورت ذات سان سندس رغبت ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي هئي، بلڪ ان هڪ اُگرو روپ اختيار ڪيو هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هـُـن ضلعي ۾ ڪيترائي ساقي خانا کولي ڇڏيا هئا. ان مان ظاهر هو، ته وٽس رقم، هڪ لک روبل يا اُن کان ڪي قدر گهٽ هئي. اسان جي ڳوٺ ۽ ضلعي جا ڪيترائي ماڻهو سندس جلد ئي قرضي ٿي پيا ۽ کيس ڪيتريون ئي قيمتي ۽ اُملهه شيون اَمانت طور مليون. ٿوري ئي عرصي ۾ هن پاڻ کي پڏائڻ شروع ڪيو ۽ بي پرواهه بڻجي پيو. نه فقط ايترو، مگر هـُـو غير مطابقت ۽ ناموافقت جو ايڏو شڪار ٿي پيو جو هڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه ۾ ٽپي پوندو هو ۽ ايئن لڳندو هو، ڄڻ ته پاڻ کي بلڪل وِڃائي ويٺو آهي. نهايت فراوانيءَ سان شراب پيئڻ لڳو هو. جيڪڏهن سندس اُهو ساڳيو نوڪر گريگري، جيڪو هاڻي عمر رسيده ٿي چـُـڪو هو ۽ جيڪو سندس سارسنڀال لهندو هو، نه هجي ها ته هـُـو شايد ڳولهيو به نه لڀي ها. اِليوشا جي اَچڻ ڪري سندس اخلاق تي ڪافي اَثر پيو هو. فيودور پاولووچ، جيڪو وقت کان اڳي ٻـُـڍو ٿي چڪو هو، تنهن پنهنجي اندر ۾ ڪا شيءِ بيدار ٿيندي محسوس ڪئي، جيڪا عرصو ٿيو مري چڪي هئي.
”تون ڄاڻين ٿو“، هـُـو اَڪثر اليوشا جي منهن ۾ نهاريندي چوندو هو ته ”تون بلڪل اُن ديواني عورت جيان آهين“. اليوشا جي ماءُ کي به، هـُـو، اِنهيءَ ئي نالي سان سڏيندو هو.
گريگري، اليوشا کي ’ديواني عورت‘ جي قبر ڏيکاري. هـُـو اسان واري قبرستان ۾ کيس وٺي ويو ۽ الڳ ۽ جدا ڪنڊ ۾ هڪ قبر ڏي اشارو ڪيائين، جا معمولي پٿرن سان، مگر سهڻي نموني ٺهيل هئي. قبر جي مٿان هڪ ڪـَـتبو لڳل هو، جنهن تي مرهيات جو نالو، عمر ۽ مرڻ جي تاريخ اُڪريل هئي. اُن ڪتبي تي ڪي شعر به اُڪريل هئا، جيڪي اَڪثر پراڻي وضع جي ماڻهن جي قبرن تي نظر ايندا آهن. اليوشا کي هيءُ ٻڌي ڏاڍو عجب لڳو ته اهو سڀ ڪجهه گريگريءَ جو ڪم هو. گريگريءَ اِهو سمورو خرچ پنهنجي هـَـڙان ڪيو هو. گريگري، جڏهن فيودور پاولووچ کي قبر ٺهرائڻ لاءِ چئي چئي ٿڪجي پيو، تڏهن اُن جي ٺهرائڻ ۾ هٿ وڌائين. پنهنجي ماءُ جي قبر ڏسي اليوشا ڪنهن به جذبات جو اظهار نه ڪيو، هـُـو رڳو سنجيدگيءَ سان، گريگريءَ جي قبر ٺهرائڻ جي قصي کي ٻـُـڌندو رهيو. هـُـو ڪنڌ نوائي بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڪجهه به چوڻ کان سواءِ هليو ويو. هيءُ ننڍڙو واقعو، فيودور پاولووچ تي اثر وجهڻ لاءِ ڪافي هو. هـُـن هڪ هزار روبل کنيا ۽ جلدي جلدي، خانقاهه ۾ وڃي فاتح لاءِ ڏنا. پر هن اِهي پيسا، اُن ديواني عورت لاءِ ڪونه ڏنا، بلڪ پهرئين زال ايڊيليڊيا لاءِ ڏنا، جنهن کي هو چڱيون مارون ڏيندو هو. ساڳي ڏينهن هن خوب شراب پيتو.
مان هن کان اڳ ٻـُـڌائي چـُـڪو آهيان، ته هـُـو آهستي آهستي ٻـُـڍو ٿي رهيو هو. سندس صورت ۽ شڪل، ان وقت اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيا هئا ته هـُـن ڪهڙي قسم جي حياتي گذاري هئي. سندس ڳچيءَ هيٺان وڏو ماس جو ٽڪر لـَـڙڪي رهيو هو ۽ سندس اکين ۾ هميشه شرارت، بدظني ۽ طنز ڀريل هوندي هئي. سندس لڙڪيل ماس جي ٽڪري ۾ نه فقط ڪيترائي گهنج پئجي ويا هئا، بلڪه اُن سندس شڪل کي ڪافي قبيح ۽ نفرت جهڙو ڀوائتو بڻائي ڇڏيو هو. سندس رَت ڀريل وات، جنهن مٿان ٿلها ۽ ڳورا چـَـپَ هميشه لڙڪيا پيا هوندا هئا. اُنهن مان ڪرندڙ ڪارن ڏندن جون مهارون صاف نظر اينديون هيون. هو جڏهن به ڳالهائيندو هو، ته شرابين وانگر مڇرجي ڳالهائيندو هو. هو جڏهن پنهنجي شڪل کي، عجيب صورت ڏيندو هو، ته کيس ڏاڍو مزو ايندو هو. جيتوڻيڪ پـَـڪ اَٿم ته هـُـو اُن مان خود به گهڻو راضي ڪونه هوندو هو. هـُـو هميشه پنهنجي نـَـڪ ڏانهن اشارو ڪندو هو، جيڪو گهڻو وڏو ته ڪونه هو، پر نازڪ ۽ عقاب جي چهنب جيان مڙيل هوندو هوس. هو فخر سان چوندو هو، ته هيءُ منهنجو رومي نـَـڪ آهي ۽ منهنجي شڪل ۽ شباهت، بلڪل قديم زماني جي رومي شهنشاهن وانگر آهي ۽ هو اِن حال ۾ سدائين مست هوندو هو.
اِليوشا، ماءُ جي قبر کان موٽڻ بعد جلد ئي ظاهر ڪيو، ته هو خانقاهه ۾ داخل ٿيڻ گهري ٿو ۽ پادري خوشيءَ سان کيس پنهنجي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي نظر آيا. هن ٻڌايو ته اها منهنجي پراڻي خواهش آهي ۽ عام رواجي طرح، هن پيءُ کان، اُن جي اجازت وٺڻ گهري. ٻڍي يڪدم سمجهي ورتو ته پادري زوسيما، جيڪو خانقاهه جي هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو، تنهن ضرور هن معصوم ٻارڙي تي ڪو اَثر وڌو آهي.

”مون کي ڄاڻ آهي ته هـُـو سڀني پادرين ۾ نيڪ طبع آهي“، هن پنهنجي پـُـٽ جي عجيب عرض کي غور سان ٻڌي راءِ ڏني. ”هون، ته پوءِ اِهائي جڳهه آهي، جيڏانهن تون وڃڻ ٿو گهرين؟“
هـُـو اڌ خماريل هو، پر يڪدم پنهنجا ڏند ڀڪوڙي، هڪ اهڙيءَ نظر سان ڏٺائين، جنهن ۾ رڳو مڪاري ۽ عياري هئي. ”هاڻ مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ته تون اهڙيءَ ريت پاڻ کي ناس ڪري ڇڏيندين. توکي ڀلا يقين آهي ته تون پاڻ کي اُن لاءِ تيار ڪري رهيو آهين. تو وٽ ٻه هزار آهن ۽ اِهو ئي تنهنجو سمورو سرمايو آهي. پر منهنجا پيارا، آءٌ توکي ڪونه ڇڏيندس ۽ توکي سڀ ڪجهه ڏيندو رهندس، جنهن جي به توکي اُتي ضرورت پوندي. پر جيڪڏهن هو ڪنهن شيءِ جي گهر نه ڪن ته پوءِ اسان اُن جو ذڪر ئي ڇو ڪريون؟ ان بابت تون ڇا ٿو چوين؟ تون ته پکين وانگر فقط چـُـڳندو آهين - فقط ٻه داڻا هفتي ۾. توکي خبر آهي، ته خانقاهه جي نزديڪ،ڳوٺ جي ڀرسان، هڪ اهڙي به جاءِ آهي، جنهن جي ٻار ٻار کي خبر آهي، ته اُتي اهڙيون عورتون رهنديون آهن، جن کي ’مجاورن جون زالون‘ ڪري سڏيندا آهن. منهنجي خيال ۾ اُهي ٽيهارو کن ٿينديون. آءٌ پاڻ اُتي ويو آهيان. اِها به هڪ تفريح آهي. پر ڏک جي ڳالهه آهي ته اِهي سڀ عورتون رشيا جون آهن ۽ ڪابه فرانس جي ڪانه آهي. اُهي ماڻهو آسانيءَ سان کين هـَـٿ ڪري سگهن ٿا، جن وٽ پيسو آهي، باقي ٻي ته ڪابه اُتي ورونهن ڪانه آهي. مون کي خبر آهي، ته هـُـو بلڪل نيڪ ۽ عبادت گذار آهن. هـُـون! سو تون مجاور ٿيڻ گهرين ٿو ته توکي وڃائي، مون کي جيڪو ارمان ٿيندو، اُن جو تون شايد اندازو لڳائي نه سگهين. مون کي تنهنجي لاءِ ڏاڍي سـِـڪ پيدا ٿي پئي آهي. خير اِهو چڱو موقعو آهي ۽ اسان جي گناهن لاءِ دعائون گـُـهرجان“. مون ڏاڍا بڇڙا ڪم ڪيا آهن. مون کي هميشه اِها ڳڻتي رهندي آهي ته دنيا ۾ ڪو اِهڙو ماڻهو هجي، جو منهنجي بخشش لاءِ دعائون گهري. منهنجا مٺڙا، مان زندگيءَ ۾ ڏاڍو احمق ٿي رهيو آهيان، پر اُن بابت وقت بوقت سوچيندو به رهيو آهيان. سوچيندو رهيو آهيان، پوءِ هميشه نه به کڻي. اِهو مشڪل آهي، جو مرڻ کان پوءِ مان شيطان کي وساري ويهان ۽ هـُـو پيرن ۾ ڪـَـڙيون وجهي، مون کي هيٺ نه گهلي وڃن. ڪـَـڙيون! پر هـُـو آڻيندا ڪٿان؟ ڇا جون هونديون؟ لوهه جون ڪڙيون؟ پـَـر اُتي لوهار ايندا ڪٿان؟ کين اُتي ڪا بٺي آهي ڇا؟ مجاورن جو عقيدو آهي ته اُتي هڪ ڇـَـت به آهي. مون کي جهنم هينئر ڏاڍو وڻي ٿو، پر ڇـَـت ضرور هئڻ گهرجي، اها جهنم کي وڌيڪ حسين بڻائيندي، روشن ۽ وڻندڙ ڪري ڇڏيندي، پر به اُن مان فائدو ڪهڙو، جي اُن کي ڇت کڻي نه به هجي؟ پر توکي خبر آهي ته اُن ۾ هڪ لعنتيءَ جو سوال آهي. اُتي جي ڇت نه هوندي ته پوءِ ڪـَـڙيون به نه هونديون. جيڪڏهن، اِهي شيون جهنم ۾ نه هونديون ته پوءِ ڪير مون کي ڪڙين سان جهنم ڏي وٺي ويندو؟ پوءِ چئبو ته انصاف وري ڇا جو ٿيندو ...؟ اِهي ڪڙيون، فقط مون لاءِ ئي هونديون. اليوشا توکي جيڪر خبر پوي، ته مان ڪيترو نه گناهن ۾ غرق آهيان.“
”اُتي ڪـَـڙي ٻـَـڙي ته ڪانه آهي“، اليوشا پنهنجي پيءُ جي منهن ۾ سنجيدگيءَ ۽ معصوميت سان نهاريو.
”جيءُ جيءُ، ته پوءِ ڪـَـڙين جا رُڳو پاڇا ئي هوندا. مان ڄاڻان ٿو ۽ مون کي خبر آهي. هڪ فرينچ به جهنم جي اهڙي ئي تعريف ڪئي آهي، پر مـِـٺڙا توکي ڪهڙي خبر ته اُتي ڪـَـڙيون ڪونه آهن؟ تون جڏهن مجاورن سان گذاريندين ته پوءِ راڳڻي ئي ٻي آلاپيندين، تون وڃ، حقيقت کان واقف ٿيءُ ۽ پوءِ اَچي مون کي ٻڌاءِ ته ڇا آهي؟ بهرحال ٻئي جهان وڃڻ آسان آهي، جيڪڏهن خبر پوي ته اُتي ڇا آهي؟ هن کان سواءِ به، مون کي تنهنجو اُتي وڃڻ وڌيڪ پسند آهي، ڇو ته مان ٻـُـڍو شرابي آهيان ۽ مون کي هميشه ڪنهن جوان عورت جي صحبت وڻندي آهي. پر تون ته فرشتو آهين. تو کي ته ڪابه شيءِ ڇـُـهي نه ٿي سگهي. مون کي هيءَ به پـَـڪَ آهي ته اُتي به توکي ڪا شيءِ داغ لڳائي نه سگهندي. اِهوئي سبب آهي، جو مان توکي اوڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيان ٿو. تون سڀني ترڪيبن منجهان واقف آهين. تون اُتي پاڻ کي ڏکن جي باهه ۾ جلائيندين ۽ پوءِ ئي مون وٽ نـِـجو سون ٿي ايندين. مان تنهنجو انتظارڪندس. مان سمجهان ٿو ته تون ئي اَڪيلو آهين، جنهن مون تي لعنت ۽ ملامت ڪانه ڪئي آهي. مٺڙا پـُـٽ - مان اُن کي چڱيءَ ريت محسوس ڪريان ٿو ۽ محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.“
هن کان پوءِ، هـُـو روئڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو. هـُـو جذباتي هو، چالاڪ ۽ جذباتي.

باب پنجون: َوڏِ ڙا

اوهان شايد اِيئن سمجهندا هوندا، ته منهنجو اهو نوجوان، روڳي، نٻل ۽ پوري پرورش نه هئڻ ڪري، زرد چهري وارو ۽ اَجايا پـَـهه پچائيندڙ جوان آهي. مگر ايئن نه آهي. اُن جي برعڪس، اِليوشا، اُن وقت ڪافي سمجهو، ڳاڙهن ڳلن وارو ۽ هڪ تازو توانو ۽ صحتمند ڇوڪرو هو. هن جون عادتون ڏاڍيون وڻندڙ هيون. هـُـو خوبصورت هو. قد جو پورو پنو، ڪڪا وار، گول چهرو ۽ چمڪندڙ ڪاريون اکيون. هـُـو فڪرمند لڳندو هو، پر ڏاڍو سـُـلجهيل. مون کي ٻڌايو ويو آهي، ته هو ڳاڙهن ڳلن وارو ڪڏهن به تعصب ۽ تصوف جو مخالف ٿي نه ٿو سگهي، پر مون کي دعويٰ آهي ته اليوشا وڌيڪ حقيقت پسند هو. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته خانقاهه ۾ رهڻ کان پوءِ، ڪرامتن ۾ سندس يقين پيدا ٿي ويو هو، پر منهنجي خيال ۾ ڪرامتون حقيقت پسنديءَ جي راهه ۾ ڪابه رُڪاوٽ پيدا ڪري نه ٿيون سگهن. اِها ڪرامت نه آهي، جيڪا حقيقت تي ڇانئجي وڃي.کـَـرو، حقيقت بين، توڙي جو ايمان رکندڙ نه هجي، تڏهن به پاڻ ۾ ڪافي طاقت ۽ جرئت رکي ٿو ته ڪرامتن تي ايمان نه آڻي، پر جيڪڏهن هـُـو ڪرامت سان دوچار ٿئي ٿو، ته اِها هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي، ته هو اِنهيءَ کان جيڪو هن حقيقت تي اعتبار آڻي، پنهنجي حواسن ۾ ئي ايمان نه ٿو آڻي رکي. کڻي هـُـو اُن کي قبول ڪري، ته به اُن کي هڪ امر طبعي سمجهي ٿو، جيڪو اُن وقت تائين کانئس مخفي رهيو هو.

اِهڙيءَ ريت، حقيقت ۾ ٻين انسانن وٽ، ايمان، ڪرامت کان وجود ۾ نه ٿو اَچي، پر اُن جي خلاف ڪرامت، ايمان مان ظاهر ٿئي ٿي. اِنهيءَ مان ئي حقيقت بين، ايمان پيدا ڪري ٿو ۽ اِهائي حقيقت بيني کيس ڪرامت جي وجود جي تصديق لاءِ اُڀاري ٿي. حواري ٿامس چيو آهي ته ”مون کي تيستائين يقين نه آيو، جيستائين مون نه ڏٺو.“ جڏهن هن ڏٺو تڏهن چيائين ته ”اي منهنجا خدا، اي منهنجا مالڪ“، اِها يقيناً ڪرامت نه هئي، مگر هـُـن رڳو اِنڪري قبول ڪيو، ڇو ته سندس اِها خواهش هئي يا ٿي سگهي ٿو، ته جڏهن، هن ايئن چيو هجي ته ”مان تيستائين يقين نه ڪندس، جيستائين ڏٺو نه اٿم.“ تنهن وقت سندس دل سڀ ڪجهه قبول ڪري ورتو هجي.
مون کي ٻـُـڌايو ويو آهي، ته اِليوشا، نادان، ناسمجهه ۽ ناتجربيڪار ڇوڪرو هو. هـُـو ايترو ته اُٻهرو هو، جو پنهنجي تعليم به چڱيءَ ريت ختم ڪرڻ تائين نه ترسيو. اهو سچ آهي ته هن پنهنجي تعليم پوري ريت ختم نه ڪئي هئي، پر اهو ظلم ٿيندو، جو اسان هن کي نادان يا تند فهم چئون يا سمجهون. مان هت پنهنجن لفظن کي وري دهرايان ٿو. هن اهو رستو محض اِنڪري تيار ڪيو، ڇو ته سندس خيالن ۽ دماغ ۾ صرف هڪ ئي ڳالهه حرڪت آندي، ته هـِـن کان بهتر ٻي ڪابه ڳالهه نه آهي، ته هـُـو پنهنجي روح کي دنيا جي تاريڪين مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي. اِن کان سواءِ هــُـو اسان جي دور جو نوجوان هو - يعني فطري طرح ايماندار ۽ صداقت سان پيار رکندڙ. اُن جو چاهيندڙ ۽ اُن تي يقين ڪندڙ. نه فقط ايترو پر هـُـو پوريءَ طاقت سان اُن تي عمل ڪرڻ وارو به هو. ايتريقدر جو جيڪڏهن اُن کي زندهه رکڻ لاءِ کيس پنهنجي زندگيءَ جي قرباني به ڏيڻي پوي ته شايد هو اُن کان به نه ڪيٻائي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته جهڙس ٻيا نوجوان هن ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهندا هجن، ته حياتيءَ جي قرباني ٻين قربانين کان ڪيترين حالتن ۾ آسان شيءِ آهي. مثال طور خصوصيت سان، پنج يا ڇهه سال، جوانيءَ جي حرارت هوندي، تعليم جي حاصل ڪرڻ جي سختيءَ ۾ گذارڻ کان ڪيٻائيندڙ ڪهڙيءَ ريت پاڻ کي سچائيءَ جي خدمت لاءِ وقف ڪري سگهندا، جيڪا قرباني پهرئين سختيءَ کان قوت ۾ ڏهوڻي مٿڀرو آهي. اليوشا جيڪو رستو ڳولي ڪڍيو هو، تنهن جي هـُـو يقيناً اُبتڙ وڃي رهيو هو. هـُـن اِهو رستو انڪري ڳولي ڪڍيو هو، جيئن هـُـو پنهنجي مهم جي پياس کي جلد ئي سيراب ڪري سگهي. هـُـن جيئن ئي غور ڪرڻ شروع ڪيو، ته هـُـو خدا جي هستيءَ ۽ لافاني زندگيءَ جو قائل ٿي ويو ۽ يڪدم چئي ڏنائين ته ”مان ابدي زندگيءَ لاءِ زندهه رهڻ گهران ٿو. اِن ڏس ۾ مون کي ڪو به وچون رستو اختيار ڪرڻو نه آهي.“ ساڳيءَ ريت، هـُـو جيڪڏهن، اِهو فيصلو نه ڪري ها ته خدا ۽ جاوداني زندگيءَ کي وجود آهي ته پوءِ هـُـو يقيناً دهريو ۽ سماج وادي بڻجي وڃي ها. سماج واد (سوشلزم) به صرف محنت جو سوال نه آهي، پر سڀني ڳالهين کان مٿي دهريت جو سوال آهي ۽ جنهن حالت ۾ اڄ اُن کي قبول ڪيو وڃي ٿو. هتي اِهو سوال آهي ته بابل جو منارو، خدا جي مدد کان سواءِ بڻايو ويو هو ۽ زمين کان جنت ڏي وڃڻو نه آهي، پر جنت کي زمين تي پيدا ڪرڻو آهي. اليوشا لاءِ شايد اِهو مشڪل ٿي پوي ها، جو هـُـو اِن نموني زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪري ها. لکيل آهي، ”تون سڀڪجهه غريبن کي ڏيئي ڇڏ ۽ منهنجي پٺ وٺ، جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ڪامل بڻجين.“
”مان پنهنجا ٻه روبل ’سڀ‘ جي عيوض ڪونه ڏئي سگهندس ۽ هن جي پـُـٺ وٺڻ بدران انبوه ماڻهن ڏانهن موٽي ويندس،“ اليوشا سوچڻ لڳو. ننڍپڻ جي يادگيرين ئي کيس شايد اسان جي خانقاهه ڏانهن موٽايو هو، ڇو ته سندس ماءُ کيس انبوه ڏي ٿي گهليو. سندس دماغ ۾ شايد اُها تصوير اَڃا زندهه هئي، جيڪا اُن ديواني عورت، هن کي سج جي پوين ڪرڻن ۾ ڏيکاري هئي، جنهن ۾ ديوتا جو پاڇو ٿي نظر آيو. اِنهن ڳالهين تي غور ڪندي، هـُـو شايد اسان وٽ هليو آيو هو. جيئن هـُـو ڏسي سگهي، ته هو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿو يا فقط ٻه روبل! اِهڙيءَ ريت هـُـو خانقاهه جي وڏڙي کي وڃي مليو. مان هت وڏڙي يا مربي جي لفظ کي، جيئن رشيا جي خانقاهن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، تيئن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس، مگر مون کي افسوس ٿو ٿئي جو پنهنجي اَندازي موجب، هن بابت ڪابه واقفيت نه اٿم. اُن هوندي به، جيڪو ٻڌو اٿم، مان اُن کي مختصر بيان ڪندس. ڄاڻـُـن جو چوڻ آهي ته ’مربيءَ‘ جو خيال تازو آهي ۽ هن کي مس ڪي سـَـؤ سال گذريا هوندا، مگر مشرق جي راسخ الاعتقاد دوران، خاص طرح سينا ۽ ايٿاس وٽ، اِهو خيال گذريل هڪ هزار سالن کان وٺي هلندو اَچي. چيو وڃي ٿو ته رشيا جي قديم، تاريخي عهد ۾، اِهو خيال رائج هو، اها جماعت موجود هئي ۽ اِها رسم به جاري هئي. مگر رشيا جي مٿان جيڪي آفتون آيون، جهڙوڪ تاتارين جي ڪاهه، گهرو لڙائي يا قسطنطنيه جي برباديءَ کان پوءِ، جيڪي اوڀر سان ناتا ٽٽي پيا، تن هن رسم ۽ رواج کي مورڳو ختم ڪري ڇڏيو. هن خيال کي اسان ۾، هڪ صدي کن اڳ، هڪ تارڪ دنيا بپيسي وئـِـليٽچڪووسڪي ۽ سندس پوئلڳن جاڳايو. اُنهن ڏينهن ۾ اِهو خيال رشيا جي ٿورين خانقاهن ۾ رائج هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن نئين عقيدي سبب ماڻهن تي سختيون به ڪيون وينديون هيون. اُن هوندي به هن خيال ڪوزياسڪي اوپنن جي خانقاهه ۾ تمام گهڻو فروغ حاصل ڪيو. ڪڏهن ۽ ڪيئن اِهو خيال، اسان جي خانقاهه ۾ آيو؟ تنهن جي مون کي ڪابه خبر نه آهي. زوسيما کان اڳ ٻيا به ٻه مربي ٿي گذريا هئا. زوسيما هاڻي بيمارين جي ڪري نهايت ئي اَڀرو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو ۽ سندس جاءِ ڀرڻ لاءِ ڪو به ڪونه هو. اسان جي خانقاهه لاءِ هيءُ نهايت اَهم مسئلو هو، ڇو ته هن (خانقاهه) اَڃا تائين ڪنهن به خاص ڳالهه ۾ ترقي ڪانه ڪئي هئي، نه وٽس ڪي درويش پيدا ٿيا هئا، نه وٽس ڪي شاندار روايتون هيون، نه وري اُن کي ڪا تاريخي اهميت ئي حاصل ٿي هئي. اُن جي ترقي ۽ مشهوري اُن وقت ئي ٿي سگهي پئي، جڏهن اُن جا مربي اِها ڪوشش ڪن، ته هزارين ميلن جي مفاصلي تان گهڻي اَنداز ۾ زيارتي اُتي اَچي ڪـَـٺا ٿين.
اِهو وڏڙو يا پير ڇا آهي؟ ها، نه ته اِهو وڏڙو اُهو آهي، جيڪو تنهنجي روح ۽ خواهش کي ڇڪي وٺي ۽ پنهنجي روح ۽ خواهش ۾ اُن کي سمائي ڇڏي. تون جڏهن به ڪنهن کي پنهنجو مربي ڪري وٺين، ته پوءِ پنهنجي هر خواهش کي ختم ڪري ڇـڏ. تون سندس پوري پوري تابعداري قبول ڪر ۽ پنهنجي هرچيز کي ترڪ ڪري ڇڏ. هيءَ ريت، هيءُ نفس ڪـُـشيءَ جو رواج، هرڪوئي پنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان، اِن ڪري اختيار ڪندو آهي، ته جيئن هو پاڻ تي سوڀ پائي سگهي ۽ پنهنجي خواهشن تي قبضو حاصل ڪري سگهي. اِهو اِن ڪري به ڪيو ويندو آهي، ته جيئن هـُـو تابعداريءَ جي حياتي گذارڻ کان پوءِ، مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهي ۽ پاڻ کي چڱيءَ ريت سڃاڻي سگهي، اُنهن گهڻن جي مقابلي ۾، جن سڄي عمر وڃائڻ کان پوءِ به پنهنجو پاڻ نه سڃاتو آهي. هيءُ طريقو ڪنهن به اُصول يا قاعدي تي ٻـَـڌل ڪونه آهي، بلڪ اوڀر ۾، جيڪي صدين کان ريتون ۽ رسمون رواج ۾ آهن، تن کان ئي پيدا ٿيو آهي. مربيءَ سان، هيءُ عهد ۽ پيمان، ڪا رواجي تابعداري نه آهي، جيڪا رشيا جي خانقاهن ۾ عام طرح قائم رهي آهي. هن قول ۽ اقرار جو مدار، هن ڳالهه تي آهي، ته اُهي سڀئي، جيڪي مربيءَ جي تابعداري قبول ڪن ٿا، سي پنهنجا راز به اُنهن کان ڳجها نه ٿا رکن. ان ڪري، هنن ٻنهي ۾ هڪ اَڻ وڻندڙ رشتو قائم ٿئي ٿو.
هڪ اِهڙي ئي سيکڙاٽ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي - مسيحت جي ابتدائي زماني ۾، هـُـو پنهنجي مربي يا پير جا حڪم بجا آڻي نه سگهيو. هـُـو شام مان سندس خانقاهه ڇڏي وڃي مصر ۾ رهيو. کيس گهڻي ڳولها ۽ ڪوشش کان پوءِ، اُتي هٿ ڪيو ويو. گهڻي غور کان پوءِ، کيس چيچلائي ۽ پيڙا ڏئي مارڻ جو حقدار قرار ڏنو ويو. عام طرح هنن جو اِهو خيال هو ته هن ۾ ايمان باقي نه رهيو آهي. ڪليسا جي خواهش موجب، جڏهن کيس هڪ پادريءَ جي حيثيت ۾ دفنايو ٿي ويو، تڏهن اوچتو ئي هڪ ننڍي پادريءَ نصيحت ڪندي چيو ته ”دور ٿي وڃو، توهان سڀيئي ناپاڪ آهيو.“ تابوت مان شهيد جي لاش کي، ٽي دفعا ٻاهر ڪڍي اُڇلايو ويو. ايتريقدر سڀ ڪجهه ٿي وڃڻ کان پوءِ، ته هن پاڪ نفس، پنهنجي پير (مربي) جي تابعداري کي ڀڳو هو ۽ اُن کي ڇڏي هليو ويو هو. انڪري سندس بخشش تيستائين ٿي نه ٿي سگهي، جيستائين سندس مربي (پير) هن جي نجات لاءِ دعا نه گهري آهي. اُن کان پوءِ ئي سندس دفنائڻ جو بندوبست ٿي پئي سگهيو. جيتوڻيڪ هيءَ هڪ ڏند ڪٿا ٿي لڳي، مگر هڪ اهڙو واقعو تازو به ٿي گذريو آهي.
هڪ پادريءَ کي اوچتو ئي اوچتو پنهنجي مربي (پير) کان حڪم مليو ته هـُـو ايٿاس کي - جنهن سان کيس بيحد محبت هئي ۽ جنهن کي هـُـو، اَمن ۽ سلامتيءَ جي جاءِ سمجهندو هو - ڇڏي، پهريائين بيت المقدس (يروشلم) وڃي، اُتان جي پاڪ جاين جي زيارت ڪري ۽ تنهن کان پوءِ اُتر سائبيريا ڏي هليو وڃي. کيس ايئن چيو ويو، ته تنهنجي رهڻ جي جاءِ اُها آهي. بدقسمت پادريءَ کي سخت غم ۽ ڏک ٿيو. هـُـو قسطنطنيه جي بطريق اعظم وٽ ويو ۽ کيس عرض ڪيائين ته ”مون کي هن پابندي کان نجات وٺرائي ڏئي.“ مگر بطريق اعظم کيس ٻڌايو ته، ”هـُـو نه فقط کيس اهڙي آزادي وٺي ڏيڻ کان لاچار آهي، پر هن زمين تي، اهڙي ڪابه شخصيت ڪانه آهي، جا اُن کان کيس آزادي ڏئي يا ڏياري سگهي، سواءِ اُن مربي (پير) جي، جنهن مٿس اِهو فرض رکيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ڪليسا جي انهن وڏڙن کي، ڪن حالتن ۾ وسيع ۽ لامحدود اختيار مليل آهن. اِهوئي سبب آهي، جو شروع ۾ موت ۽ حياتيءَ جي حد تائين، اهڙين خانقاهن ۽ راهبن کي ڪڏهن به ڪا مخالفت ڪندي نه ڏٺو ويو. اُن جي برعڪس، ماڻهن ۾ هن فرقي جي لاءِ روز بروز احترام وڌندو رهيو. ڪيترائي اڻ پڙهيل ۽ بعضي ته پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن جا ٽولن جا ٽولا اُتي وڃي جمع ٿيندا هئا ۽ خانقاهن جي وڏڙن وٽ پنهنجن گناهن ۽ تڪليفن جو اظهار ڪندا هئا. پنهنجي نجات لاءِ کانئن صلاحون وٺندا هئا. هيءُ سڀ ڪجهه ڏسندي، آخر ڪن مخالفن چئي ڏنو ته: ”هن اعتراف گناهه جو ڪنهن به مذهبي رسم ۽ رواج سان ڪوبه واسطو نه آهي. اِهو جبر ۽ استبداد سان اظهار ورتو وڃي ٿو ۽ هيءُ عمل نهايت ناڪاره ۽ حقارت سان ڀريل آهي!“ اُن هوندي به، هنن راهبن کي پائداري ملي ۽ هنن ڳالهين جو روسي خانقاهن ۾ وڌ کان وڌ رواج وڌندو ويو. البت هن نقطي کي ياد رکڻ گهرجي، ته هيءُ وسيلو، جيڪو هزار سالن کان انسان ۾ نئين بيداريءَ کي پيدا ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو ويو هو، سو اِهڙي ڪسوٽي ثابت پئي ٿي سگهيو، جنهن جي پرک ٻه - ڌاري ترار وانگر سمجهڻ گهرجي. ممڪن هو، ته هيءُ ڪن ۾ نماڻائيءَ ۽ خودمختياريءَ کي پيدا ڪري، ته ڪن ۾ شيطانيت!
زوسيما جي عمر چوهٺ سال اَچي ٿي هئي. هـُـو زمينداري خاندان جو فرد هو. جوانيءَ جي زماني ۾ فوج جي نوڪري ڪئي هئائين. ڪاڪينرس (ڪوه قاف) ۾، هن فوجي آفيسر جا فرض به بجا آندا هئا. سندس اَندر، شايد ڪا اهڙي شيءِ لڪل هئي، جنهن اِليوشا کي متاثر ڪيو هو. اهو هتي ٻـُـڌائڻ لازمي آهي ته اِليوشا تي ڪابه پابندي ڪانه هئي. کيس اِن ڳالهه جي اجازت حاصل هئي، ته جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي ۽ جيترا ڏينهن چاهي، غير حاضر رهي. هـُـن پنهنجي مرضيءَ سان راهبن جو لباس پهريو ٿي، جيڪو ٻين کان مختلف نه هو. هـِـن ۾ڪو شڪ نه آهي، ته هـُـن هيءَ سڀ ڪجهه پنهنجي مرضيءَ پٽاندر ٿي ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته سندس ننڍيءَ عمر جي سمجهه ۽ تصور، مربي جي شهرت ۽ باطني قوت کان متاثر ٿي هجي. چيو وڃي ٿو ته گذريل ڪيترن سالن کان، ڪيترائي ماڻهو، زوسيما وٽ اچي، پنهنجي گناهن جو اظهار ڪندا هئا ۽ کانئس اُنهن جي بخشش لاءِ صلاحون ۽ مشورا وٺندا هئا. اِهو به مشهور آهي ته کيس هڪ عجيب قسم جي غيبي طاقت ۽ اِلهامي علم حاصل هو، جنهن جي قوت سان، هـُـو اَڻ واقف جي چهري مان سمجهي وٺندو هو، ته اَچڻ وارو ڪهڙي مقصد سان آيو آهي ۽ سندس دل تي ڪهڙو غبار ڇانيل آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن ته هـُـو، اَچڻ وارن جي لاءِ، حيرانيءَ ۽ عجب جو باعث بڻجي پوندو هو. جڏهن هـُـو پنهنجي ڄاڻ جي وسيلي کين اُهي راز ٻـُـڌائيندو هو، جيڪي سندن سينن ۾ محفوظ هوندا هئا.
اِليوشا، اِهو سڀ ڪجهه غور سان ڏٺو هو. هن ِاِهو به ڏٺو هو، ته اُهي چهرا جيڪي وٽس ايندا هئا، سي ڏاڍا ڪومايل، خوفزده ۽ بي آرام هوندا هئا. پر جڏهن اُهي وٽانئس واپس ورندا هئا، ته سندن چهرا، ٻهڪندڙ ۽ شگفته هوندا هئا. اِليوشا کي جيڪا ڳالهه ڏاڍي وَڻي هئي، سا، اِها هئي، ته هـُـن ۾ ڪـَـڙائي ۽ بي رُخي بنهه ڪانه هئي، پر اُن جي برعڪس هـُـو نهايت پسنديده ۽ خوش طبع هو. راهب اَڪثر چوندا هئا، ته کيس گنهگارن سان ڏاڍو پيار هوندو هو. جيڪي وڌيڪ گنهگار هوندا هئا، تن کي ته اَڃا به وڌيڪ چاهيندو هو. اِن هوندي به، هـِـن ۾ ڪوبه شـَـڪ نه آهي ته ڪي اهڙا به راهب هوندا هئا، جيڪي سندس موت تائين کيس نفرت، حقارت ۽ حـَـسد سان ڏسندا هئا، پر اُهي تعداد ۾ ٿورا هئا. ان ڪري اَڪثر خاموش رهندا هئا. اُنهن ۾ ڪي اهڙا به هئا جيڪي خانقاه ۾ مانَ ۽ مرتبي وارا به هئا ۽ هڪڙي کي ته پنهنجي عبادت ۽ رياضت ڪري امتياز به حاصل هو. مگر گهڻائي اُنهن جي هئي جيڪي زوسيما جا طرفدار هئا ۽ دل و جان سان پيار ڪندا هئا. ڪي ته وري اهڙا به هئا جيڪي ساڻس ديوانگيءَ واري محبت ڪندا هئا. اُنهن ته پنهنجي واتئون ايئن به چئي ڏنو هو، ته هــُـو ولي آهي ۽ اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ڇو ته جڏهن سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن ويجها پوندا ٿي ويا، تڏهن هـُـنن، هـِـن ڳالهه جي اڳڪٿي ڪئي، ته مرهيات جي يادگار طور، جلد ئي خانقاهه کي عظمت ۽ شهرت حاصل ٿيندي. اِليوشا کي ته منجهس، سواءِ ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اهڙو ئي ايمان هو، جهڙو ان ڳالهه تي ته، ڪليسيا مان سندس لاش ٽي ڀيرا مٿي اُڏاڻو هو. هن ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي ڏٺو هو، جيڪي پنهنجي بيمار ٻارن يا عزيزن کي کڻي ايندا هئا ۽ اَچي کيس التجا ڪندا هئا، ته هـُـو مٿن دعا جو هٿ رکي. هن اِهو به ڏٺو هو، ته ٿوري وقت کان پوءِ، يا ٻئي ڏينهن تي خوشيءَ وچان، اُهي اَچي سندس پيرن تي ڪـِـري پوندا هئا ۽ سندس مهربانيون مڃيندا هئا، ڇو ته کين پنهنجي دل جو مقصد حاصل ٿي ويندو هو.
اِليوشا کي اِن ڳالهه تي سوچڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي، ته واقعي اُهي مريض، سندس دعا سان صحتياب ٿيا هئا يا عام رواجي طرح بيماريءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون. اِليوشا کي ته فقط هن ڳالهه تي اطمينان حاصل هو، ته سندس مرشد کي روحانيت جي لازوال دولت حاصل آهي. سندس دلي تسڪين لاءِ ايترو ئي ڪافي هو، ته کيس شهرت ۽ عظمت حاصل آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هـُـو پنهنجي ڪاميابي ۾ شامل ڪري ڇڏيندو هو. مربي جڏهن پنهنجي جهوپڙيءَ مان نڪري، اُنهن عام ماڻهن جي هجوم ڏانهن ويندو هو، جيڪي سندس زيارت خاطر، رشيا جي جدا جدا هنڌن کان، اَچي اُتي جمع ٿيندا هئا، تڏهن سندس دل اُن ڇـِـڪي وانگر، ڌڙڪڻ ۽ لرزڻ شروع ڪري ڏيندي هئي، جنهن جي مٿان تمام ڳـَـرو وزن پيل هجي. هـُـو سندس اڳيان اَچي ڪري پوندا هئا. زاروزار رُئندا هئا، سندس پيرن کي چمندا هئا ۽ زمين جي اُن ٽڪري کي به چمڻ شروع ڪندا هئا، جنهن کي سندس مقدس پيرن ڇهيو ٿي. عورتون پنهنجا ٻار اُن ڏانهن دعا جي خاطر وڌائينديون هيون. مربي ساڻن ڳالهائيندو، دعا جا لفظ پڙهندو ۽ شفقت جا هٿ ڦيريندو، کين موٽي وڃڻ لاءِ چوندو هو. پوين ڏينهن ۾ پنهنجي بيماري جي سخت حملن جي ڪري، هـُـو ايترو ته ڪمزور ٿي پيو هو، جو جهوپڙيءَ کان به ٻاهر نڪري نه سگهندو هو، مگر زيارتي اِنهيءَ اُميد تي، سندس دروازي جي ٻاهران ڏينهن جا ڏينهن ويٺا رهندا هئا، ته مـَـن ڪنهن وقت سندس ديدار نصيب ٿي وڃي. اِليوشا کي هن ڳالهه تي بلڪل تعجب يا حيراني ڪانه ٿيندي هئي، ته هـُـو کيس ڇو عقيدت ۽ محبت سان ڏسن ٿا ۽ ڇو سندس اڳيان جهـُـڪي وڃن ٿا يا کيس ڏسڻ شرط، ڇو جذبات سان ڀرجي روئڻ شروع ڪري ڏين ٿا؟ هـِـن اهو چڱيءَ ريت محسوس ڪيو هو، ته رشيا جو اِهو رولاڪ ۽ عاجز روح، رنج ۽ مشقت جي ڪري بلڪل ٿڪجي پيو آهي. هـُـو اَڃا به دنيا جي لڳاتار ناانصافين ۽ پنهنجين خطائن ڪري، مرده ٿي چـُـڪو آهي. اهڙا روح اِنهيءَ ڪري ڪنهن نه ڪنهن تسليءَ جا محتاج رهن ٿا.
”اسان سڀئي گناهن، بي انصافين ۽ لوڀ ۽ لالـچ سان ڀريل آهيون، پر اُن هوندي به اسان ۾ ڪو اهڙو ضرور آهي، جيڪو نهايت ئي پاڪ ۽ برتر آهي. وٽس سچائي آهي ۽ هـُـو سچائيءَ کي ڄاڻي ٿو. هن زمين تي هـُـو اَڃا زندهه آهي. اُهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هـُـو هن زمين تي اسان جي خواهش موجب اَچي راڄ ڪندو.“
اِليوشا به ڄاتو ٿي، ته عام ماڻهو به ڪجهه ايئن ئي محسوس ڪري رهيا آهن، ۽ اُن لاءِ دليل ۽ هـُـجتون ڏئي رهيا آهن. هـُـن هيءُ به سمجهيو ٿي، ته زوسيما هڪ ولي آهي ۽ روحانيت جو محافظ پڻ. ڇا لاءِ ته کيس جيڪو يقين هو، سو ڪنهن به طرح اُنهن ڳوٺاڻين عورتن کان گهٽ نه هو، جيڪي پنهنجا بيمار ٻار مربيءَ جي اڳيان پيش ڪنديون هيون. اليوشا جو اِهو يقين، ته مربيءَ جي وفات خانقاهه جي لاءِ غير معمولي عظمت جو سبب بڻبي، ٻين جي مقابلي ۾ اَڃا به وڌيڪ مضبوط ۽ قوي هو. سندس دل ۾ جيئن پوءِ تيئن هڪ اندروني جوش ۽ مستيءَ جو شـُـعلو دُکي رهيو هو. هـُـو هن حقيقت کان مطمئن هو، ته سندس مربي هن جي اڳيان هڪ تنها مثال آهي.
”فڪر نه آهي، آخر ته هـُـو پاڪ نفس آهي. هن جي اندر ۾ نئين تازگي بخش زندگيءَ جو راز آهي. اُها تازگي، جيڪا هن زمين کي سچائي ۽ پاڪيزگيءَ سان مالامال ڪري ڇڏيندي. اسان سڀيئي پاڪ ۽ صاف ٿي پونداسين. هڪ ٻئي سان ميٺ ۽ محبت سان هلنداسون ۽ ڪوبه غريب ۽ شاهوڪار ڪونه هوندو. اعليٰ ۽ اَدنيٰ ڪونه هوندو، پر سڀئي هڪ خدا جي مخلوق هونداسين.“ اِهي خيال هئا، جيڪي اليوشا جي دل ۾ پرورش پائي رهيا هئا.
اِليوشا جي دل تي، سندس ٻن ڀائرن جو، جن کي هـُـن اڳ نه ڏٺو هو، گهـَـرو اَثر پيو. هـُـن جي نهايت ئي جلدي، ايون جي مقابلي ۾ پنهنجي ماٽيجي ڀاءُ دمتريءَ سان پريت ٿي وئي، جيڪو اُتي جيتوڻيڪ دير سان پهتو يا هـُـو پنهنجي ڀاءُ ايون ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهيو هو. جيتوڻيڪ هـُـو پاڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن گڏبا هئا ۽ هڪ ٻئي سان، اَڃا ميل ميلاپ ڪونه ٿيو هـُـينِ. اِليوشا فطري طرح سان خاموش طبع هو. هـُـن ڪجهه ڏسڻ ٿي گهريو ۽ کيس ڪنهن نامعلوم ڳالهه کان شڪ ۽ شرم پئي ٿيو. ايون سندس لاءِ ڪجهه به سوچڻ ڇڏي ڏنو هو، جيتوڻيڪ اِليوشا شروع ۾ اِهو محسوس ڪيو هو، ته هـُـو ڏانهس هڪ ڊگهي ۽ عجيب نگاهه سان نهاري رهيو آهي. هـُـو اُن تي پريشان پئي ٿيو. ڀاءُ جي اُن غير معمولي روش کي، پهريائين، ته هـُـن اُن ويڇي ڏانهن منسوب ٿي ڪيو، جيڪو سندن عمر ۽ تعليم پيدا ڪيو هو، پر پوءِ ايون جي بي توجهي ۽ غير تسليءَ کي ڪنهن اِهڙي شيءِ موجب سمجهڻ لڳو، جنهن کان هـُـو بنهه غير واقف هو. هـُـو خيال ڪرڻ لڳو، ته ايون ڪنهن اِهڙي مسئلي ۾ غرق آهي جيڪو نهايت ئي اهم ۽ پيچيده آهي. ڪنهن اهڙي مقصد جي پٺيان آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ آسان نه آهي، اِنڪري شايد اِهوئي سبب آهي جو هـُـو کانئس بي پرواهه آهي. اِليوشا کي اِهو به خيال ٿي رهيو هو ته کانئس هـُـن فاضل دهرئي کي ڪا شڪايت ته نه آهي. ”مان هڪ بيوقوف ۽ نو آموز آهيان“ - کيس هن ڳالهه جي ته پـَـڪ هئي ته سندس ڀاءُ دهريو آهي. کيس اُن ڳالهه تي ڪوبه ڏک ڪونه هو. سچ ته هيءُ آهي ته هـُـن پنهنجيءَ دل ۾ ڪنهن جي لاءِ به نفرت ڪانه پيدا ڪئي هئي. اُن هوندي به هـُـو اُن وقت جو بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو، ته هـُـو ڪڏهن ٿو سرڪي سندس ويجهو ٿئي. دمتري، ايون بابت هميشه نهايت ئي تعظيم، خاص شوق ۽ سنجيدگيءَ سان ڳالهائيندو هو، اِليوشا کي بعد ۾ معلوم ٿيو ته اُها ڪهڙي اَهم ڪـَـڙي هئي، جيڪا ٻن وڏن ڀائرن جي ڳانڍاپي جو سبب هئي ۽ هڪ غير معمولي سنٻنڌ جو ڪارڻ هئي؟ دمتري جنهن خوشيءَ ۽ ولولي سان ايون جو ذڪر ڪندو هو، سو اليوشا جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏيندو هو. ايون جي مقابلي ۾ دمتري بلڪل جاهل لڳندو هو ۽ ٻنهي ڀائرن جي شخصيت توڙي اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ ايتري ته غير مناسبت هوندي هئي جو ٻنهي ۾ فرق ڪرڻ وقت ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿيندي هئي. اِهو اُن وقت کيس محسوس ٿيو هو، جڏهن ناموافق خاندان جي گڏجاڻي مربيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ ٿي هئي ۽ جنهن جو اليوشا تي بيحد اَثر ٿيو هو. هن مجلس بابت جيڪو بهانو بڻايو ويو هو، تنهن جو سچ سان ڪوبه واسطو نه هو. اِهوئي وقت هو، جڏهن دمتري ۽ سندس پيءُ جي وچ ۾ نااتفاقين ۽ اختلافن شدت اختيار ڪئي هئي. سندن تعلقات ناقابل برداشت ۽ ڪشيده ٿي پيا. فيودور پاولووچ شروع ۾ ظاهري طرح مذاق وچان هيءَ رٿ ڏني هئي، ته اسان سڀئي زوسيما جي ڪوٺڙيءَ ۾ ملون، ته شايد سندس ميل ميلاپ واري هٿ هيٺ ۽ سندس موجودگيءَ ۾ ڪنهن خوشگوار نتيجي تي پهچي وڃون. دمتري، جنهن کي پهريائين مربيءَ جي ڪابه ڄاڻ نه هئي، شڪ ڪرڻ لڳو ته هـُـو شايد کيس پست ۽ ذليل ٿو ڪرڻ گهري، پر جيئن ته هـُـو پنهنجي پيءُ جي مٿان ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي خفگيءَ ۽ ناراضپي جو اظهار ڪري چـُـڪو هو ۽ اُن تي کيس ندامت پئي ٿي، تنهنڪري اِن ڳالهه کي کڻي قبول ڪيائين. هـُـو ايون وانگر پنهنجي پيءُ سان نه ٿي رهيو پر شهر جي ڪنهن ٻيءَ ڪنڊ ۾ ٿي رهيو. اُن زماني ۾ پيٽر اليگزينڊرووچ موسيوف اتفاق سان ضلعي ۾ ئي رهيل هو، تنهن هن معاملي ۾ گهري دلـچسپي وٺڻ شروع ڪئي. تعجب آهي ته چاليهه پنجاهه ورهين جو آزاد طبع ۽ آزاد خيال دهريو، هن قصي ۾ ڪيئن دلچسپي وٺي رهيو هو؟ سندس جاءِ تي جيڪڏهن ٻيو ڪو هجي ها، ته ڪـَـڪ ٿي پوي ها ۽ اُن کي اَدنيٰ قسم جو تماشو سمجهي ڇڏي ڏئي ها. هن ۾ جيڪا اِها اچانڪ خواهش پيدا ٿي، ته هـُـو خانقاهه جي الله جي ٻانهي کي ڏسي سا واقعي حيرانيءَ جي ڳالهه آهي. اِهو شايد اِن سبب کان هجي ته اُن وقت خانقاهه جي خلاف مقدمو هلي رهيو هو ۽ هن اِهو بهانو بڻايو هجي، ته مربيءَ سان ملي، اُن سموري معاملي جو به دوستاڻي نموني سان فيصلو ڪيو وڃي. اَچڻ وارو جيئن ته نهايت ئي نيڪ اِرادي ۽ نيڪ نيتيءَ سان اَچي رهيو هو، تنهنڪري هـُـن ڏي، وڌيڪ توجهه ڏيڻ لازمي هو، بنسبت اُن جي، جو ڪوئي تماشي خاطر اَچي ها. خانقاهه وارن مربيءَ تي زور ڀريو ته هـُـو اُن کي قبول ڪري. مربيءَ جي اُن وقت اِها حالت هئي جو هـُـو بيماريءَ سبب ڪوٺڙيءَ کي ڇڏيندو ئي نه هو ۽ عام رواجي طرح اَچڻ وارن سان به ڪونه ملندو هو. آخرڪار هن قبول ڪيو ۽ اُن لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو ويو. اِليوشا کان هن رڳو مشڪندي اِيئن پڇيو هو ته ”مون کي ڪنهن هنن جو ٽياڪڙ مقرر ڪيو آهي؟“
اِليوشا، جڏهن رٿيل دعوت لاءِ ٻـُـڌو، تڏهن ڏاڍو گهٻرائڻ لڳو، ڇو ته اِهي سڀئي جهڳڙالو ۽ تڪراري ماڻهو هئا ۽ فقط دمتري ئي هن ملاقات کي سنجيدگيءَ سان ٿي ڏٺو. ٻيا سڀيئي جيڪي اَچي رهيا هئا سي غليظ ارادي سان ٿي آيا، يا مربيءَ جي بيعزتي ڪرڻ ٿي آيا. اِليوشا، انهن کان غير واقف نه هو. ايون ۽ موسيوف، ڪنهن عجب وچان ٿي آيا - شايد ڪنهن ناشائستگيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سندس پيءُ وري ڪنهن بيهودگيءَ کي ڏيکارڻ لاءِ، خيال ڪيو هجي. هـُـن اَڃا ڪجهه به نه ڳالهايو هو، پر اليوشا پيءُ کي چڱيءَ ريت سڃاڻندو هو. هت وري به اِهو دهرائڻو پوي ٿو، ته ڇوڪرو ايترو ساده لوح نه هو، جيترو کيس سمجهيو ٿي ويو. هـُـو اُن ڏينهن جو نهايت بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳو. اِن ۾ ڪوبه شـَـڪ نه آهي ته هـُـو هميشه اِن ڳالهه تي غور ڪندو ٿي رهيو ته گهر جا اِهي جهڳڙا، ڪهڙي نموني نبيريا وڃن؟ اُن هوندي به کيس جيڪا مربيءَ جي ڳڻتي هئي، هـُـو هن لاءِ ڪنبي رهيو هو، ته متان سندس عظمت جو اپمان ڪيو وڃي يا ٻي ڪا ذلالت ٿئي، تنهن لاءِ کيس ڏاڍو خوف پئي ٿيو. خاص طرح اُن مهذب رومال ۾ ڍڪيل موسيوف جي طنز ۽ اعليٰ تعليم يافته ايون جي مغروراڻي لهجي جو، جيڪو سندس واتان نڪرندو ٿي رهيو. هـُـن خيال ڪيو ته هـِـن سموري معاملي کان مربيءَ کي واقف ڪري ڇڏجي، پر ٻين خيالن جي اَچڻ جي باعث خاموش ٿي رهيو. هـُـن فقط ايترو ڪيو جو دمتريءَ کي، پنهنجي هڪ دوست جي معرفت ايترو چوائي موڪليائين، ته هو پنهنجي واعدي تي قائم رهي. دمتريءَ کي عجب لڳو ته هـُـن اِهڙو ڪو به واعدو نه ڪيو هو، پر اُن هوندي به، هڪ خط جي رستي، کيس جواب ڏنائين ته ”هـُـو انتهائي ڪوشش ڪندو، ته ڪنهن به ناراضپي جو سبب نه بڻجي“. جيتوڻيڪ کيس مربي ۽ پنهنجي ڀاءُ ايون لاءِ بيحد احترام هو، پر اُن هوندي به کيس اهو يقين هو، ته اِهو سڀ ڄار پکڙيل آهي، اها هڪ ذليل حرڪت آهي. اُن خط جي پڇاڙيءَ ۾ هـُـن لکيو ته ” اُن هوندي به پنهنجي زبان کي پٽي ڪڍندس جو اُن اهل ِلله لاءِ، ڪنهن به بي عزتيءَ جو سبب بڻجان، جنهن لاءِ تنهنجي دل ۾ ايتري تعظيم ۽ تڪريم آهي“.
اليوشا کي هن خط تي، ڪابه خاص خوشي ڪانه ٿي.

حصو ٻيو: ڏک ڀري محفل

---

باب پهريون : خانقاه ۾ آمد

اُهو آگسٽ جو پويون گرم ۽ صاف ڏينهن هو. مربيءَ سان ملاقات جو وقت اٽڪل ساڍي يارهين بجي، عبادت کان پوءِ مقرر ٿيل هو. اسان جي مهمانن عبادت ۾ حصو ڪونه ورتو، پر جيئن ئي اها پوري ٿي، ته هـُـو اَچي سهڙيا. پهريائين هڪ کليل شاندار گاڏي، جنهن ۾ قيمتي گهوڙا جوٽيل هئا، سا اَچي پهتي. گاڏيءَ ۾ موُسيوف ۽ سندس پرانهون عزيز - جو ويهن ورهين جو ٿي لڳو - سي ويٺا هئا. اُهو جوان، جنهن کي پيٽر فوميچ ڪلگنوف ٿي سڏيائون، ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تياريون ٿي ڪيون. موسيوف، جنهن سان هـُـو في الحال رهيو پيو هو، سو کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ آماده ڪري رهيو هو ۽ زيورچ ياجينا جي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور ڏئي رهيو هو، پر جوان اَڃا ڪنهن فيصلي تي نه پهتو هو، اُنڪري هـُـو ساڳئي وقت بي دليو ٿي لڳو. هـُـو نهايت ئي شڪيل، مضبوط ۽ ڪي قدر قداور ٿي لڳو. سندس اکين ۾ استقلال جي جهلڪ ٿي ڏٺي. اڻ واقف ماڻهن وانگر هن به ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن کي، سواءِ ڪنهن مطلب جي گهـُـوري ٿي نهاريو. ڪڏهن خاموش ٿي رهيو ته اِها ادا بيهودگيءَ جي حد تائين ٿي پهتي. وري جڏهن، هن ڪنهن سان اَڪيلو ٿي ڳالهايو ته سندس گفتگو ڄڻ ته سندس وات مان وهندي ٿي ويئي. سڀ ڪنهن ڳالهه تي وٺي ٿي کليو. سندس اِها زنده دلي، ايترو جلد ختم ٿي پئي وئي، جيترو اُها جلد نمودار پئي ٿي. هـُـو خوش نظر ٿي آيو ۽ نهايت عمدو لباس پهريل هوس. کيس پنهنجو چڱو ئي ورثو هو ۽ اَڃا به وڌيڪ ملڻ جي اُميد هيس. اِليوشا جي صادق دوستن مان هو.
موسيوف جي گاڏي کان گهڻو پوءِ، هڪ پراڻي، ڀاڙي جي گاڏي جهاڪا کائيندي ٿي آئي، جنهن کي ٻن هلڪي ناسي رنگ جي گهوڙن ٿي ڇڪيو. اِن گاڏيءَ ۾ فيودور پاولووچ ۽ سندس پـُـٽ ايون ويٺل هئا. دمتري اَڃا به ظاهر نه ٿيو هو، جيتوڻيڪ کيس، گذريل شام جي وقت کان واقف ڪيو ويو هو. مهمانن پنهنجون گاڏيون، هڪ هوٽل جي ڀرسان ڇڏيون، جو ٻي رستي جي ٻي طرف تائين نظر ٿي آيو. هـُـو پاڻ پيادل خانقاه ڏي ويا. فيودور پاولووچ کانسواءِ، ٻي ڪنهن به خانقاه ڪانه ڏٺي هئي. موسيوف ته ٽيهن سالن کان، ڪڏهن منجهس پير ئي نه پاتو هو. ڪليسا ”گهرو جاين کان سوا“، جي نهايت ساديون عمارتون هيون، کيس خانقاه جي اندر، ٻي ڪابه دلچسپي جي شيءِ نظر نه ٿي آئي. ڪي مٿي اُگهاڙا ايمان وارا، جي هوا ۾ صليب جي نشاني کي ڪـَـڍي رهيا هئا، ڪليسا کان نڪري رهيا هئا. اُنهن غريبن ۾، ڪي ٿورا چڱي طبقي جا ماڻهو، ٻه يا ٽي عورتون ۽ هڪ پوڙهو جنرل ٿي نظر آيو. هي سڀ خانقاه جي ڀرواري مهمان خاني ۾ ترسيا. بي ڀؤ فقيرن جي فوج کين وڪوڙي وئي پر ڪنهن به شخص کين ڪجهه به نه ڏنو. مگر ڪلگنوف - جنهن کيسي مان هڪ نوٽ ڪڍيو ۽ ٿورو گهٻرائجي ۽ پريشان ٿي، خدا ڄاڻي الائجي ڇو، تڪڙوتڪڙو هڪ ٻـُـڍي زال کي ڏئي چيو، ته وڃي ورهائي کڻو. سندس ساٿين مان ڪنهن به هن ڏي ڌيان نه ڏنو، اُنڪري گهٻرائڻ جو ڪوبه سبب نه هو، مگر هـُـو، اِهو ڏسي، وڌيڪ گهٻرائڻ لڳو.
هنن جي اَچڻ جي پڪ ته ڪنهن کي ڪانه هئي، مگر ساڳئي وقت اِها به عجب جهڙي ڳالهه هئي جو هنن جي استقبال لاءِ ڪوبه بندوبست ڪيل ڪونه هو. هنن ۾ جيتوڻيڪ هڪ اهڙو ماڻهو به هو، جنهن تازو هڪ هزار روبل ڪليسا کي خيرات ۾ ڏنا هئا. ٻيو وري اُهو هو، جو ڪافي مالدار ۽ هڪ مهذب زميندار هو ۽ ماهي گيريءَ جي حق رکڻ سبب، خانقاه وارا سندس محتاج هئا. اُن هوندي به ڪو خاص مقرر ڪيل معزز ماڻهو، ساڻن ڪونه اَچي مليو.
موسيوف بي پرواهيءَ سان اُنهن قبرن جي ڪتبن کي ڏسندو رهيو، جي ڪليسا جي چوگرد پکڙيا پيا هئا. هـُـو ايتري چوڻ لاءِ بلڪل تيار هو، ته هنن مرڻ وارن ڪي خاصا پيسا ڏئي، هن پاڪ زمين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ حاصل ڪئي هوندي. مگر هـُـو رڪجي ويو. سندس آزاد طنز غصي ۾ بدلجي وئي. اوچتو هوريان هوريان پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو:
” اُهو ڪهڙو ابليس آهي، جنهن هـِـن ناڪاره جڳهه لاءِ ٿي پڇائون ڪيون؟ اسان کي ان جو پتو ڪڍڻ کپي، ڇو ته وقت گذرندو ٿو وڃي!“
اوچتو ئي اوچتو هڪ گنجو ۽ وڻندڙ اکين وارو ٻـُـڍو ماڻهو اَچي ظاهر ٿيو. کيس پيرن تائين ڊگهو ڪوٽ پهريل هو. پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاهي، پيار ڀري نوع ۾پنهنجي واقفيت ڪرائيندي ٻـُـڌايائين، ته هـُـو ميڪسيموف تلاءِ جو زميندار آهي. هـُـو هڪدم اسان جي مهمانن جي رهنمائي لاءِ تيار ٿي ويو.
”فادر زوسيما، هتان کان اٽڪل چئن سون قدمن جي پنڌ تي، جهنگ جي ٻئي طرف، پنهنجي حجري ۾ رهندو آهي.“
”اِها مون کي خبر آهي ته هـُـو جهنگ جي ٻئي پاسي رهندو آهي“. فيودور پاولووچ گهري نظر سان کيس ڏسندي چيو. ”پر جيئن ته ڪيتري عرصي کان هت اسان جو اَچڻ نه ٿيو آهي، انڪري اسان رستو ڀلجي ويا آهيون.“
(1) ”هن رستي کان، هن دروازي کان ۽ سڌو ئي سڌو جهنگ کان، مون سان گڏجي هلو ته مان اوهان کي ڏيکاريان، مون کي به اوڏانهن وڃڻو آهي، اِجهو هـِـن رستي کان ...... بلڪل اِنهيءَ رستي کان.“
هـُـو دروازي کان ٻاهر نڪتا ۽ جهنگ ڏانهن ڦري هلڻ لڳا. سٺ سالن جو پوڙهو ميڪسيموف، هلڻ جي بدران ڊوڙي رهيو هو ۽ عجيب حيراني ۽ گهٻراهٽ مان هر هر کين مـُـڙي نهاري رهيو هو ۽ اِيئن ٿي لڳو، ته سندس اکيون ڄڻ ته مٿي مان ٻاهر نڪري ڏسي رهيون هيون.
موسيوف نهايت ڳنڀير ٿي چيو، ”اسان مربيءَ وٽ پنهنجي ڪنهن خاص ڪم جي خاطر آيا آهيون.هن برگزيده شخصيت، اسان کي ملاقات جي لاءِ وقت ڏنو آهي. اِنڪري جيتوڻيڪ اسان تنهنجا ٿورائتا آهيون جو تو اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، پر اسان توکي وٺي هلي ڪين سگهنداسين.“
”مان اُتي ئي هوس. مان پهريائين اُن شهسوار وٽ هو س.“ ميڪسيموف پنهنجون آڱريون هوا ۾ ٽيڙي ڇڏيون.
موسيوف کانئس پڇيو، ”اِهو شهسوار ڪير آهي؟“
”مربي، شاندار مربي! خانقاه جي شان ۽ عظمت جو مالڪ، اَملهه ماڻڪ! پر هـُـن جي بي تـُـڪي ۽ ناموافق گفتگوءَ کي هڪ پـِـيلي، نٻل ۽ وچولي قد واري راهب اَچي ختم ڪيو. کيس راهبن واري ٽوپي پيل هئي ۽ هو کين اَچي مليو. پاولووچ ۽ موسيوف اُتي ئي بيهي رهيا.
راهب نهايت ئي فضيلت ۽ انتهائي اَدب سان جهڪندي چيو ته ”اسان جي برگزيده مربي، اوهان سڀني کي مانيءَ تي مدعو ڪيو آهي. قريباً هڪ بجي مهل، جڏهن اوهان سندس حجري کان ٻاهر نڪرنداءِ، هن ميڪسيموف ڏي نهاري چيو، ته ”توکي به“.
دعوت تي فيودور پاولووچ، خـُـوشنوديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ”مان هن کي قبول ڪريان ٿو ۽ سڀني واعدو ڪيو آهي ته هـِـت نهايت ئي بهترين روش اختيار ڪنداسون. پيٽرو اليگزينڊرووچ تون به هلندين؟“
”بلڪل، مان هت آيو ئي اِن خيال کان آهيان، ته جيئن هتان جي سمورين ريتن ۽ رسمن کان واقف ٿيان. منهنجي لاءِ، فقط هڪ ئي رُڪاوٽ آهي، ته تون مون سان گڏ آهين“.
”سچ دمتري فيودور پاولووچ اَڃا ته ظاهر ڪونه ٿيو آهي.“
”اِها نهايت خراب ڳالهه ٿيندي، جيڪڏهن هـُـو نه آيو. توکي خبر آهي ته مون کي سندس ڪي سموريون عادتون ٿوروئي وڻنديون آهن ۽ سوبه توسان گڏ!“ هـُـن راهب ڏي منهن ڪري چيو ”اَسان مانيءَ تي حاضر ٿينداسون، بزرگ مربيءَ جي وڏي مهرباني.“
”اِهو منهنجو هينئر فرض آهي، ته مان توهان کي مربيءَ ڏانهن وٺي هلان. “
راهب چيو.
اُن وقت ميڪسيموف بڙ بڙ ڪندي چيو “ته پوءِ مان سڌو ئي بزرگ ڏانهن وڃان ٿو.“
“بزرگ ٿورو مصروف آهي - پر جيڪا اوهان جي مرضي،“ راهب هٻڪندي چيو. “پوڙهو گستاخ”، موسيوف جي زبان کان نڪري ويو. هوڏانهن ميڪسيموف خانقاه ڏانهن ڊوڙندو ويو.
”جهڙو فان زومان“، فيودور پاولووچ اَچانڪ چئي ويٺو.
”هن کان سواءِ، ٻي تو وٽ ڪا مطلب جي ڳالهه ئي نه هئي، جو ڳالهائين ها. ڪهڙي ريت تون هن کي فان زومان جهڙو ٿو سمجهين؟ تو کيس ڏٺو به نه هو!“
”مون اُن جي تصوير کي ڏٺو آهي، اُن قيافي سان، جو فان زومان جي لاءِ اٿم، هي به اُن جهڙوئي آهي. مان هميشه ماڻهن کي، سندن شڪل ۽ قيافي مان سڃاڻندو آهيان“.
”اِهو ته مان بلڪل پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته توکي اُن جي ڪابه سـُـڃاڻ نه آهي، پر فيودور پاولووچ، توکي ايترو ته خيال ڪرڻ گهرجي ته تو اَڃا هاڻي چيو آهي، ته هتي اسان فضيلت سان ملڻ جو اقرار ڪيو آهي. توکي اهو وسارڻ نه گهرجي. مان توکي صلاح ٿو ڏيان، ته پاڻ کي ضابطي ۾ رک، پر جيڪڏهن تو بيوقوفي ڏيکارڻ شروع ڪئي، ته مان توکي پاڻ سان گڏ رکي نه سگهندس.“ هن پوءِ راهب ڏي نهاريندي چيو ته “عجيب ماڻهو آهي. مون کي ته اهڙي ماڻهوءَ سان گڏجي، مهذب ماڻهن وٽ ويندي ڊپ پيو لڳي.“
هڪ دلڪش مـُـرڪ، جا عياريءَ کان خالي نه هئي، راهب جي چهري تي پکڙجي وئي، پر هـُـو پنهنجي مرتبي ۽ منصب جي خيال کان خاموش رهيو. هي ڏسي موسيوف اَڃا به خفي ٿي ويو.
موسيوف دل ۾ سوچڻ لڳو ته ”مان ته ايئن چاهيان ٿو، ته هنن ماڻهن جي بدن تي سر ئي نه هجي.هنن جي دلين ۾ فريب ۽ رياڪاري کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. صدين کان جنهن جي نمائش ٿيندي رهي آهي. هي فقط ڍونگ آهي ۽ اندران کوکلو ئي کوکلو“.
”اجها هيءَ آهي جهوپڙي، اسان پهچي وياسون“ فيودور پاولووچ رڙ ڪري چيو.
”هي حجرا ته آهن پر اُنهن جا دروازا ته بند آهن.“
اُن وقت هن صليب ڏانهن اشارو ڪيو، جو دروازي جي مٿان ۽ سندس ٻنهي پاسن تي نقش ٿيل هو.
”جهڙو ديس تهڙو ويس، هن جهوپڙيءَ ۾ اٽڪل پنجويهه کن پادري رهن ٿا. هـُـو فقط هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا رهندا آهن ۽ گوبي جي پنن جي غذا کائيندا رهندا آهن. پنهنجي قلب جي صفائيءَ ۾ مشغول آهن ۽ نجات جي راهه کي ڳوليندا رهن ٿا. عجب ته هيءُ آهي جو ڪنهن به عورت کي هيءَ طاقت نه آهي، ته هن چانئٺ کان اڳتي پير پائي سگهي. اَلائجي هيءُ سچ آهي يا ڪوڙ، ٻڌو اٿم ته زوسيما، زالن کي پنهنجي حضور ۾ اَچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي؟“ هـُـو اوچتو راهب کي چئي ويٺو.
”عورتون ته اَڃا به هت آهن، اِجهو هـُـن ڇـَـپري ۾ ويٺيون آهن، معزز خاندان جي عورتن لاءِ ٻه ڪمرا ڇـَـپري جي ڀرسان ٺهيل آهن پر اُهي آهن احاطي کان ٻاهر. هـُـو دريون ڏسو ٿا. مربي هنن ڏانهن هڪ ننڍڙي رستي کان ويندو آهي، سو به تڏهن، جڏهن خوش هوندو آهي. هـُـو هميشه احاطي کان ٻاهر هونديون آهن. اِتي اڄ ڪلهه ليڊي هارڪوف ۽ ميڊم هارڪوف پنهنجي بيمار ڌيءَ سان رهيل آهن. شايد ساڻن ملڻ جو واعدو ڪيو اَٿائين. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيتري عرصي کان ڪمزور آهي ۽ مشڪل سان، ماڻهن سان ملي ٿو“
”ته پوءِ چئبو ته ڪي بهانا مڙيوئي آهن. جهوپڙي کان رڙهندو زالن تائين پهچندو هوندو. ايئن نه سمجهه ته مان ڪو اوهان کي نقصان ٿو پهچائڻ گهران. توکي خبر آهي ته ايٿاس ۾ نه رڳو عورتون نه ٿيون وڃي سگهن، بلڪ ڪنهن به اُن جنس کي، جا اُن سان مشابهت رکي ٿي، اُتي وڃڻ جي مـجال نه آهي - نه ڪـُـڪڙ نه ڳئون وغيره.“
”فيودور پاولووچ! مان وري به توکي خبردار ٿو ڪريان ته مان توکي اَڪيلو ڇڏي پٺتي موٽي ويندوسان“. جي مان نه هوندس، ته هي توکي اَچڻ به نه ڏيندا.“
”پر پيٽر اليگزينڊروچ مان تنهنجي ڳالهين ۾ ته ڪوبه دخل نه ٿو ڏيان“. هـُـن احاطي ۾ پير رکندي چيو، ”ڪهڙي نه مزي ۾ آهن جو سهڻن ۽ گهاٽن گلاب جي جهڳٽن ۾ رهيا پيا آهن“.
اُن زماني ۾ گلاب جا گـُـل ڪونه هئا، پر اُنهن جي جاءِ تي عمدا ۽ سهڻا سرءُ جا گـُـل هر جڳهه تي ڦـُـٽي نڪتا هئا. اُنهن گلن تي ڏاڍي محنت ٿيل هئي. ڪليسا، قبرن ۽ ڪاٺ جي هڪ منزلي جڳهه، جنهن ۾ مربي رهندو هو. اُن جي چوگرد پکڙجي ويا هئا.
”اڳئين مربي وارسونوف جي وقت ۾ به ايئن ئي ٿيندو هو، ڪيئن؟ کيس ته اهڙي نمائش جي پرواهه ڪانه هئي. چوندا آهن ته هـُـو ٽپ ڏئي لڪڻ هٿ ۾ کڻي زالن کي مارون به ڪڍندوهو.“ فيودور پاولووچ، جيئن مٿي چڙهي رهيو هو، تيئن چوندو به ٿي ويو.
”مربي وارسونوف ڪڏهن ڪڏهن ته عجيب ڳالهيون به ڪندو هو پر اُن ۾ اجايو وڌاءُ آهي. هـُـن ته ڪڏهن به ڪنهن کي نه ماريو هو.“ راهب چيو، ”صاحبو! اوهان جيڪر ٿورو ترسو ته مان اوهان کي اندر سڏيان ٿو.“
”فيودور پاولووچ، آخري دفعو تون پنهنجي قول کي ياد ڪر: ٻـُـڌين ٿو پنهنجي روش کي سنڀال يا مان توکي اُن جو بدلو ڏيندس.“ موسيوف کي وري به ايئن چوڻو پيو.
”منهنجي سمجهه ۾ نه ٿو اَچي ته تون ڇو ايترو خفا ٿو ٿئين؟“ فيودور پاولووچ کيس طنز ۾ چيو، ”پنهنجي گناهن کان شرمسار آهين ڇا؟“ چون ٿا ته هيءُ ماڻهن جي اکين ۾ نهاري، ٻـُـڌائي سگهي ٿو، ته هـُـو ڪهڙي مقصد سان آيو آهي؟ تون وري پنهنجي دل ۾، هنن لاءِ ڪهڙي راءِ ٿو رکين. مون کي ته توتي ڏک ٿو ٿئي“.
موسيوف وٽ ايترو وقت ڪونه هو، هـُـو اُن طعني جو ڪو جواب ڏئي. کين اندر اَچڻ لاءِ ڪوٺيو ويو هو. هـُـو ٿورو خفگيءَ سان اندر گهڙيو.
”مان سمجهان ٿو ته مان هينئر زياده خفا ٿيو آهيان. جيڪڏهن طبعيت ۾ اَڃا به خفگي رهي ته پوءِ ممڪن آهي، ته مان هن سان وڙهي پوان. پوءِ مان ڪٿان جو رهندس ۽ منهنجا اِرادا ڪٿي؟“ هـُـو سوچڻ لڳو.



____________
(1) 1. عيسائي، ديول جي وڏي کي، عزت کان فادر يعني پيءُ ڪري سـَـڏيندا آهن.

باب ٻيو: پوڙهو مسخرو

هـُـو سڀئي هڪ ئي وقت ڪمري ۾ داخل ٿيا، ۽ هوڏانهن مربي، اُن ئي گهڙي پنهنجي سمهڻ واري ڪمري کان اندر لنگهي آيو. ڪوٺڙيءَ ۾ اڳيئي ٻه راهب مربيءَ جي انتظار ۾ ويٺل هئا: اُنهن مان هڪڙو فادر لئبررين هو ۽ ٻيو فادر پيسي، جن مان فادر پيسي هڪ عالم ۽ ڪامل شخص هو. هـُـو جيتوڻيڪ ضعيف ٿي لڳو، مگر پوڙهو نه هو. هڪ ٻيو ماڻهو به اُتي موجود هو. هـُـو قدآور ۽ اَٽڪل ايڪيهن سالن جو ٿي لڳو. هـُـو ملاقات دوران هڪ ڪنڊ ۾ بيٺو رهيو. کـُـليل ۽ ٻهڪندڙ چهرو، چالاڪ، فڪر مند ۽ ننڍڙين اکين وارو ٿي لڳو. معمولي لباس پهريل هئس. سندس پرورش خانقاه جي ذمي هئي. هـُـو مذهبي سائنس جو طالب علم هو. سندس ڳالهائڻ جو طريقو ڪنهن به شبهي کان خالي هو، جنهن مان ڀـَـل مانسائي ۽ شرافت پئي ظاهر ٿي. هـُـن مهمانن جو، نه ته ڪو احترام بجا آندو ۽ نه وري نوڙي ڪو سلام ڪيو. اِهو شايد اِن ڪري هو، جو سندس حيثيت، هڪ ماتحت ۽ محتاج واري هئي ۽ ٻين سان ڪابه برابري رکندڙ نه هو.
فادر زوسيما، هڪ نئين راهب ۽ اليوشا سان گڏ هو. اُهي ٻئي اُٿي بيٺا ۽ نهايت اَدب ۽ احترام سان نـِـوڙي سلام ڪيائون. اُن کان پوءِ ٻنهي آڱرين سان زمين کي ڇـُـهي، سندس هٿ چميائون. مربي به ساڳي ئي تعظيم ۽ تڪريم جو اظهار ڪيو ۽ کين گهڻيون ئي دُعائون ڪيائون. اِها سموري رسم نهايت سنجيدگيءَ سان ٿي گـُـذري، جنهن مان هڪ اهڙي جذبات ٿي ڏٺي جا عام رواجي رسمن ۾ ڪانه ڏسبي آهي. موسيوف جو خيال هو، ته اُن کي ڄاڻي واڻي مؤثر بڻايو ويو هو. هـُـو سڀني مهمانن جي اڳيان اَچي بيٺو. موسيوف اڳئين شام، هن ڳالهه جو ذڪر ڪري چـُـڪو هو، ته کيس مربيءَ جون دعائون وٺڻيون ئي پونديون، ڇو ته اِها اُتان جي رسم هئي، پوءِ کڻي هـُـو هٿ نه به چمي. پر جڏهن هـُـن ڏٺو ته پادري سندس اڳيان جهڪي رهيا آهن ۽ هٿ چمي رهيا آهن تڏهن، هـُـن جي دل ۾ هڪدم ڦيرو اَچي ويو. هـُـو شانائتي نموني، سنجيدگيءَ ۽ نهايت ئي خلوص سان وڃي هن جي اڳيان رسمي طور جهڪيو ۽ ڪـُـرسيءَ کان سري پاسي ٿيو. فيودور پاولووچ پڻ موسيوف جي ڀولڙي وانگر پيروي ڪئي. اِيون نهايت ئي شاندار ۽ مروت سان جهـُـڪيو، پر سندس هـَـٿ پٺيان ئي رهيا. ڪلگنوف ته ايترو وائڙو ٿي ويو هو، جو کانئس سر نوائڻ ئي وسري ويو. مربي دعا لاءِ جي هٿ کنيا هئا، سي هيٺ لاهي ڇڏيا. هڪ ڀيرو وري سڀني جي اڳيان هـُـن جهڪڻ کان پوءِ کين ويهڻ جو اشارو ڪيو. اِليوشا جا ڳل ڳاڙها ٿي ويا. کيس گهڻي پريشاني ٿيڻ لڳي. سندس اڳڪٿي صحيح نڪري رهي هئي.
فادر زوسيما، هڪ پراڻي فيشن واري ڪوچ تي، جو چمڙي سان ڍڪيل هو، تنهن تي ٺهي ويٺو ۽ ٻين سڀني کي سامهون ڀت سان پيل بدزيبي چمڙي سان ٺهيل چار ڪرسيون پيش ڪيون ويون. راهبن مان هڪ در وٽ ٿي ويٺو ۽ ٻيو وري دريءَ وٽ. مذهبي طالب علم، نوان راهب ۽ اِليوشا بيٺا ئي رهيا. ڪوٺڙي ڪا وڏي به ڪانه هئي، نهايت خسته حالت ۾ بي رنگي ٿي لڳي. منجهس ضروري سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پيل ڪونه هو. سامان پڻ نهايت ئي غليظ ۽ رَدي قسم جو هو. دريءَ ۾ گـُـلن جون ڪونڊيون رکيل هيون، ۽ ڪنڊ ۾ ڪيتريون ئي بي ترتيب مقدس تصويرون پيل هيون. اُنهن جي اڳيان (حضرت) بي بي مريم جي تصوير رکيل هئي، جنهن جي سامهون بتي ٻـَـري رهي هئي. اُن جي ڀرسان ئي ٻه ٻيون مقدس تصويرون، عمدي نموني سان سينگاريل، لـَـٽڪي رهيون هيون. هنن کان پوءِ ڪن فرشتن جون نقش ڪيل صورتون هيون، چيني ڪـُـڪڙ جا بيضا هئا ۽ عاج جو ڪئٿولڪ صليب هو، جنهن کي ماسٽر ڊولور سيا، ڀاڪر پايون بيٺو هو. انهن کان سواءِ ڪيتريون ڀـَـرت ڀريل شيون رکيل هيون، جن کي اڳين اٽلي جي صنعتڪارن بڻايو هو. اِنهن قيمتي ۽ فني شاهڪارن کان سواءِ ڪيترائي نقش هئا، جن ۾ درويش ۽ شهيد ڏيکاريل هئا، پر هي معمولي قسم جا نقش هئا، جي عام طرح ميلن ۾ وڪامندا آهن. ٻي ديوار تي روس جي اڳين ۽ پوين پادرين جون تصويرون ٽنگيل هيون.
موسيوف اُن روايتي سجاوٽ تي سرسري نظر وڌي ۽ اُن سان گڏ مربيءَ تي به کيس پنهنجي لاءِ، نهايت ئي بلند خيال هو، اُها ڪمزوري جا معاف ڪري نه ٿي سگهجي. هـُـو پنجاهه سالن جو هو - اِها عمر اُها آهي، جنهن ۾هڪ جهانديدو، چالاڪ ماڻهو ۽ هڪ خاص حيثيت جو مالڪ، مشڪل سان سنجيدگي اختيار ڪندو آهي. شروع ۾ زوسيما کيس پسند ڪونه آيو. مربيءَ جو چهرو، سچ پچ ته اهڙو هيو جو موسيوف ته ڇڏيو، پر ڪيترن ئي اُن کي شايد پسند نه به ڪيو هجي. هو قد جو بندرو ۽ ڪمزور ٽنگن وارو ٿي لڳو. هـُـو پنجهٺ ورهين جو هو، پر عمر ۾ اَڃا به اُن کان ڪي قدر وڏو ٿي ڏٺو. سندس چهرو سوڙهو ۽ گهنجن سان سڄو جهنجهيل هو. گهنج خاص طرح سندس اکين جي چوڌاري پکڙيل هئا. سندن اکيون ننڍيون، سفيد پر تيز ۽ ٻن نقطن وانگر چمڪنديون رهيون. سندس ٻنهي ڪلهن تي سفيد وار ٿي لـَـڙڪيا. سندس نوڪدار ڏاڙهي ٿوري ۽ ننڍڙي هئي. سندس چـَـپ، جي هر هر کـِـلڻ تي ٿي کـُـليا، سي ڏاڍا سهڻا هئا، جهڙا ٻه ڌاڳا. سندس نڪ اُوچو نه هو، پر پکيءَ جي چهنب وانگر تيز ٿي ڏٺو.
موسيوف پاڻ سان ڀڻڪيو:
”اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماڻهو بدخواهه ۽ اَجائي گهمنڊ وارو ٿو نظر اَچي.“
هن کيس بنهه ناپسند ٿي ڪيو.
ڀت تي جو سـَـستي رقم جو گهڙيال لڳل هو، تنهن تڪڙا تڪڙا ٻارنهن وڄايا ۽ گفتگوءَ جي شروع ٿيڻ جو اعلان ڏنو.
فيودور پاولووچ رڙ ڪري چيو ته:
”اسان جو وقت ٿي ويو آهي، پر منهنجي پـُـٽ دمتري جو ته ڪو به نشان ڪونه آهي. مقدس پيءُ! مان اُن لاءِ شرمسار آهيان.“
اِليوشا، مـُـقدس پيءُ تي هڪدم ڇرڪ ڀريو.
”مان ايترو ته وقت جو پابند آهيان، جو منٽ منٽ جو خيال ڪندو آهيان، وقت جي پابندي، اَميرن جو شانُ آهي.“ هـُـو چوندو ويو.
”پر تون ته ڪنهن به طرح اَمير ڪونه آهين.“ موسيوف پاڻ کي روڪڻ کان سواءِ چئي ويٺو.
”اِهو سچ آهي ته مان اَمير نه آهيان، پر پيٽراليگزينڊروچ، جي تون اعتبار ڪرين، ته اِهو مون به ڄاتو ٿي، پر مان هميشه غلط ئي ڳالهائيندو آهيان، دوست!“
اُن کان پوءِ زوسيما ڏي منهن ڪري نهايت اَثر واري آواز ۾ چيو ته:
”اي مقدس انسان! اوهان جي سامهون هي مسخرو بيٺو آهي. مان خود هيءَ اعتراف ٿو ڪريان، ته اها منهنجي پراڻي عادت آهي. مان پاڻ کي هميشه ايئن ئي پيش ڪندو آهيان. افسوس! پر جيڪڏهن مان ڪنهن وقت احمقانه ڳالهائيندو آهيان ته اُهو مقصد کان خالي نه هوندو آهي. مقصد ماڻهن کي وندرائڻ ئي هوندو اٿم ۽ پاڻ کي پسند ڪرائڻ. سڀ ڪنهن کي خوشگوار ۽ پسنديده ئي بڻجڻ گهرجي. ڪيئن؟“
اٽڪل سـَـت سال اڳ، مان هڪ شهر ۾، ڪنهن ڌنڌي جي سلسلي ۾ رهندو هوس. اُتي ڪي واپاري منهنجا دوست بڻجي ويا. اُتي پوليس جي هڪ وڏي آفيسر وٽ ڪنهن ڪم سانگي وياسون. ڪم کان سواءِ، کيس کاڌي جي دعوت به ڏيڻي هئي. هـُـو قدرآور، ٿلهو، شڪيل، ترش رُو ۽ مذاقيه ڳالهين کي ناپسند ڪندڙ هو.هـُـو وڏي دل ۽ جگر وارو مڙس هو. مان سـِـڌو وٽس لنگهي ويس. نهايت ئي آرام ۽ اطمينان سان، جيئن دنيا جو طريقو ٿئي ٿو، کيس چيم، ”مسٽر اسپروفنڪ! اوهان اسان جو نئپروفنڪ ٿيندا؟“ هن غصي مان چيو ته ”ڇا ٿو چئين، سپروفنڪ مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“ مان پهرئين اَڌ سيڪنڊ ۾ محسوس ڪيو، ته وارو پوري نشان تي ڪونه ويٺو آهي. هـُـو خار مان اُٿي بيٺو. ”مون ته اوهان سان مذاق ٿي ڪيو.“ سمجهائيندي چيومانس ”عام طرح تفريح جي لاءِ، جيئن مسٽر نئپروفنڪ روس جي مشهور سازندي جي پيروي ڪئي ويندي آهي، اِهڙيءَ ريت اسان هم آهنگي جي لاءِ اوهان کي ساز جو رهبر سمجهي پيروي ڪنداسون. مون ٻنهي جي ڀيٽ نهايت ئي عمدن لفظن ۾ ڪئي. ڪيئن ايئن آهي نه؟
”معاف ڪجو!“ هن چيو ”مان اسپروفنڪ ته آهيان پر پنهنجي نالي سان هن قسم جو ابهام مون کي ڪين وڻندو آهي. هـُـو پٺي ڏئي هليو ويو. مان رڙيون ڪندو، سندس پٺيان ويس.
”هائو، هائو، اوهان اسپروفنڪ آهيو، نه نئپروفنڪ!“
”پر جيئن ته تو مون کي نئپروفنڪ سڏيو آهي، انڪري تنهنجو ڪجهه به نه مڃيندس.“
”اوهان کي شايد يقين نه اَچي، انڪري اَسان کي ڌنڌي ۾ سخت نقصان سـَـهڻو پيو. مان هميشه ايئن ئي ايئن آهيان. مان پنهنجي نرميءَ سان پاڻ کي هميشه نقصان پهچائيندو رهيو آهيان. گهڻن سالن جي ڳالهه آهي، هڪ ڀيري مان هڪ هلنديءَ پڄنديءَ واري صاحب کي چيو ”اوهان جي زال ڏاڍي ڪتڪائي رکندڙ آهي.“ مون هي سڀ ڪجهه اخلاقي حدن کي خيال ۾ رکي، نهايت ئي احترام سان چيو هو. هـُـو بگڙجي پيو ۽ پڇيائين ته ”پر تو هـُـن کي ڪتڪائي ڪئي ڇو هئي؟“ مان هن چوڻ کان رهي نه سگهيس ته، ”اِيئن برابر آهي“. هـُـن مون کي اُتي جو اُتي ڪتڪائي ڪرائي. هن ڳالهه کي جيئن ته ڪافي عرصو گذري چـُـڪو آهي، اِنڪري مون کي اهو ٻڌائيندي شرم ڪونه ٿو ٿئي، مون پاڻ کي اهڙيءَ ريت، هميشه پئي نقصان رسايو آهي.“
موسيوف بـَـڙ بـَـڙ ڪري کيس چوڻ لڳو ته، ”هاڻي به تون ايئن ئي ڪرڻ گهرين ٿو“. فادر زوسيما ٻنهي کي خاموش مگر غور سان ڏٺو.
”سچ پچ، اعتبار ڪندين! مون اِهو ڄاتو پئي. پيٽر اليگزينڊروچ! مون اڳ ۾ ئي اِن جو اَندازو لڳايو هو. مون جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته اِها پـَـڪ هئي، ته تون ئي اُهو پهريون هوندين، جو اُن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندين. مان جيڪڏهن ڪوبه مذاق نه ٿو ڪريان ته منهنجا دوست، هن وقت مان ايئن محسوس ٿو ڪريان، ته منهنجا ٻئي ڳل، ٻنهي ڏاٺن ڏانهن ڄڻ ته ڇڪجي آيا آهن. بلڪ ايئن سمجهه ته بلڪل سيٽجي ويا آهن. ننڍپڻ کان وٺي منهنجي اِها عادت رهي آهي. معزز گهراڻن ۾ رهندي به مان چرچا گهٻا ڪندو رهيو آهيان. مان بلڪل پراڻو پاپي آهيان. عزت ڀريا سائين! مان ڄمڻ کان وٺي اُن جي پٺيان ديوانو ۽ مست آهيان. مان جرئت سان چوان ٿو ته منهنجي اندر ۾ شيطان جو واسو آهي، پر آهي ننڍڙو! هن کان جيڪڏهن ٻيو ڪو وڏو هجي ها، ته اُهو شايد ٻئي هنڌ پنهنجي جاءِ جوڙي ها. پيٽر اليگزينڊروچ! متان ڪو خيال ٿئي، ته اِهو ڪو تنهنجو روح آهي. تنهنجو روح ته ٻنهي ۾ رهڻ جي لائق نه آهي، پر مان مڃان ٿو، مان خدا کي مڃان ٿو، جيتوڻيڪ اڳي مون کي اُن ۾ شڪ هو، پر هاڻي مان ويهي انتظار سان دانائيءَ جون ڳالهيون ٻـُـڌڻ ٿو گهران، فلسفي ڊڊراٽ وانگر. مقدس پيءُ، اوهان ٻڌو آهي، ته ڪيئن راڻي ڪئٿرائين جي زماني ۾ ڊڊراٽ، ميٽروپوليٽن پليٽو کي ڏسڻ لاءِ ويو هو. سڌوئي سڌو وڃي اُتي پهتو ۽ چيائين، ”خدا ڪونه آهي.“ تنهن تي وڏي پادريءَ آڱر کڻي چيو ته ”احمق ئي پنهنجي دل ۾ چوندو آهي ته خدا ڪونه آهي.“ اُتي جو اُتي هـُـو سندس پيرن تي ڪـِـري پيو. هـُـن رڙ ڪري چيو ته ”مان مڃان ٿو ۽ مان عيسائي ٿيندس.“ اهڙي ريت هـُـو عيسائي بڻيو. شهزادي دشڪاف سندس دين جي ماءُ بڻي ۽ پوٽيومڪين سندس ويٽ جو پيءُ.
موسيوف ڏاڍي تحمل سان پنهنجي ڪاوڙ تي قبضو ٿي ڪيو. لرزندڙ آواز ۾ چيائين، ”فيودور پاولوچ! اِهو سهڻ کان ٻاهر آهي، ته تون سڀ ڪجهه ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين. اِها حقيقت نه آهي، ته تون واهيات قصا ويٺو ڪرين. تو بيوقوفن واري روش ڇو اختيار ڪئي آهي؟“
”سڄي حياتي اُن تي شڪ ڪندو رهيس ته اِهو سچ نه آهي“. فيودور پاولوچ بلڪل ڪامل يقين سان چيو. ”پر سائين مان توهان کي سچي ۽ صحيح حقيقت ٿو ٻـُـڌايان. عظيم مربي! مون کي معاف ڪجو. ڊڊراٽ جي عيسائي ٿيڻ متعلق جيڪا مون پوئين ڳالهه ٻـُـڌائي آهي، اُها اِجهو هينئر گهـَـڙي اٿم. مون اُتي پهريائين ئي غور ئي نه ڪيو هو. مون اِها، ان ڪري گهڙي آهي ته جيئن تـُـرشي ۾ ڪجهه اضافو ٿئي. پيٽر اليگزينڊرووچ، مان بيوقوف اِنڪري بڻجي رهيو آهيان جيئن تون پسنديده بڻجين. مان جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ڪندو آهيان، ته آخر مان اِهو سڀ ڪجهه ڇا لاءِ ڪري رهيو آهيان. مان گهٽ ۾ گهٽ ويهارو ڀيرا، پنهنجي جواني ۾، شريفن کان ايترو ضرور ٻـُـڌي چـُـڪو آهيان، ته ’بيوقوف پنهنجيءَ دل مان ڳالهايو آهي.‘ مان اِهو قصو تنهنجي چاچي کان ٻـُـڌو آهي. اُنهن کي اَڃا تائين اِهو يقين آهي ته ملحد ڊڊراٽ، خدا متعلق ميٽروپوليٽن ۾ پلاٽن سان بحث ۽ تڪرار ڪيو هو.“
موسيوف بي صبريءَ ۾ پاڻ کي وساري ويٺو ۽ اُٿي کڙو ٿيو. هـُـو نهايت غضبناڪ ٿي لڳو. پاڻ کي کلڻ هاب بڻائڻ کان بلڪل احتياط ڪري رهيو هو.
زوسيما جي حـُـجري ۾ جو ڪجهه ٿي رهيو هو، سو وسهڻ جوڳو نه هو. گذريل چاليهه پنجاهه سالن کان، اڳين مربـُـين جي زماني کان وٺي، ڪوبه ملاقاتي اُتي اهڙو ڪونه آيو هو، جنهن کي دل ۾ عميق ۽ گهـَـري عقيدت نه هجي! اَڪثر ڪري جنهن کي به حجري ۾ اَچڻ جي اجازت هوندي هئي، سو ايئن ئي محسوس ڪندو هو، ته مٿس تمام گهڻي مهرباني ڪئي وئي آهي. اُنهن مان ڪيترائي ملاقاتي گوڏن ڀر ويٺا هوندا هئا. اُنهن ملاقات ڪندڙن ۾ ڪيتريون ته اعليٰ مرتبي واريون ۽ پڙهيل ڳڙهيل شخصيتون به هونديون هيون. اُنهن ۾ آزاد خيال ماڻهو به هوندا هئا، جي محض تعجب ۽ حيرت مان ڇڪجي ايندا هئا. اُهي پنهنجي ڪمال عزت ۽ نفاست جو اظهار نهايت خوبصورت لفظن ۾ ڪندا هئا. هتي پيسي پنجڙ جو ته ڪو سوال ئي نه هو، پر اُن جي برعڪس هڪ طرف محبت ۽ همدردي هئي، ته ٻي طرف روحانيت جي مسئلن يا نازڪ معاملن کي حل ڪرڻ جي خواهش يا آرزومندي. اِنڪري هن قسم جي هلت ڏسي، ڪيترن کي ته سچ پچ عجب ۽ حيرت ٿي وٺي وئي. راهبن جي چهرن تي ڪنهن به قسم جو ڦيرو ڪونه پيدا ٿيو هو. هــُـو هـِـن ڳالهه جو انتظار ڪرڻ لڳا، ته آخر مربي ڇا ٿو فرمائي؟ پر هـُـو به موسيوف وانگر بلڪل اُٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿي نظر آيا. اِليوشا ڪنڌ نوائي بيٺو هو. سندس اکين ۾ ڳوڙها تـَـري آيا هئا. کيس جنهن ڳالهه تي وڌيڪ عجب لڳو، سا اِها هئي، ته سندس ڀاءُ ايون، جنهن ۾ ئي هن کي اُميد هئي ۽ جو اَڪيلو پنهنجي پيءُ تي اَثر وجهي ٿي سگهيو، سو بلڪل اکيون هيٺ ڪيو، خاموش ۽ ساڪت ويٺو رهيو. ڄڻ ايئن ٿي لڳو، ته هـُـو اُن وقت جو انتظار ڪري رهيو آهي، ته اِهو سڀ ڪجهه ڪڏهن ٿو ختم ٿئي. ظاهري طرح ايئن ٿي معلوم ٿيو ته سندس هنن ڳالهين سان ڪوبه واسطو نه آهي. ريڪٽن، جو مذهبي علم جو طالب هو، ۽ جنهن کي اِليوشا چڱيءَ ريت ڄاڻندو، تنهن ڏانهن ڏسڻ جي ته همٿ ئي ڪانه پئي ٿيس. خانقاه ۾ هـُـو ئي اَڪيلو هو، جو ريڪٽن جي خيالن کان واقف هو.
”مون کي معاف ڪجو“، موسيوف، فادر زوسيما کي مخاطب ڪندي چيو. ”مون خوامخواه هن شرمناڪ ۽ احمقاڻي روش ۾ حصو ورتو آهي. مون کان واقعي اِها غلطي ٿي آهي. مان ايئن ٿي سمجهيو، ته پاولووچ جهڙو ماڻهو سمجهي سگهندو، ته هڪ معزز شخصيت جي ملاقات ڪرڻ مان ڇا مطلب آهي؟ مان نه ٿي سمجهيو، ته اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ اَچڻ ڪري، مون کي ڪا معافي به وٺڻي پوندي.“ پيٽر اليگزينڊرووچ، هن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به چئي نه سگهيو ۽ حجري کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ڏٺو. ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ آهي.
”پاڻ کي تڪليف نه ڏيو“، مربي پنهنجي ڪمزور ٽنگن تي بيهي رهيو ۽ پيٽر اليگزينڊرووچ جي ٻنهي هٿن کي پڪڙي، کيس وري ويهڻ لاءِ چيائين. پاڻ کي ايترو پريشان نه ڪريو. مان اوهان کي خاص طرح چوان ٿو، ته منهنجا مهمان ٿيڻ قبول ڪيو“ هـُـو ڪنڌ نمائي وري وڃي پنهنجي صوفي تي ويٺو.
”عظيم مربي، ٻڌايو ته ڇا مان اوهان کي پنهنجي زندهه دليءَ جي باعث ڏکويو آهي؟“ پاولووچ رڙ ڪري چيو ۽ ڪرسيءَ جي ٻنهي ٻانهن کي اهڙي نموني جهلي چڙهي ويهي رهيو، ته جي موافق جواب نه هوندو ته هـُـو بنهه اُڇل سان ٽـَـپو ڏيندو.
”مان اوهان کي پڻ خلوص دل سان عرض ڪريان ٿو ته پاڻ کي پريشان نه ڪيو ۽ اطمينان رکو“. مربي نهايت موثر انداز ۾ چيو. ”پاڻ کي هلاڪ نه ڪريو، اِن کان سواءِ اوهان شرمندا نه ٿيو، ڇو ته اِها سڀني جي بنيادي ڪمزوري آهي.“

”بلڪل آرام سان“، اِها منهنجي فطري عادت آهي. گهڻو ٿي چـُـڪو، گهڻو ٿي چـُـڪو، پر مان اُن کي خنده پيشانيءَ سان برداشت ٿو ڪريان. محترم! اوهان کي شايد خبر نه آهي، ته منهنجي فطرت کي نه ڇيڙيو وڃي ۽ پاڻ کي ڦـَـڏي ۾ نه وڌو وڃي. مان پاڻ کي ايترو ظاهر نه ڪندس، جيترو آهيان. مان اوهان کي اوهان جي ڀلي خاطر خبردار ڪري رهيو آهيان، باقي سڀ ڪجهه اَڃا شڪ ۽ شبهي جي ڪارن ڪڪرن ۾ ڍڪيل آهي، جنهن کي ٻيا منهنجي متعلق اوهان کي ٻـُـڌائيندا. منهنجو مطلب پيٽر اليگزينڊرووچ سان آهي، مگر اي پاڪ نفس! مان اوهان کي ايترو ٻـُـڌائڻ گهران ٿو، ته مان بلڪل وجد ۾ اَچي ويو آهيان.“
هـُـو اُٿي بيٺو ۽ پنهنجا ٻئي هٿ مٿي هوا ۾ اُڀا ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ته، ”مبارڪ آهي اُهو پيٽ! جنهن اوهان کي ڄـَـڻيو آهي ۽ اُها ڇاتي، جنهن اوهان کي کير پياريو. جڏهن مون ڇاتيءَ جي ڳالهه ڪئي، ته توهان کي شرمائڻ نه گهرجي، ڇو ته اِها سڀني جي بنيادي ڪمزوري آهي، ته توهان سچ پچ سـِـڌو سـَـنواٽو منهنجيءَ دل جي گهرائين کي ڇهـُـيو آهي، مان جڏهن به ماڻهن سان مليو آهيان تڏهن پاڻ کي اُنهن کان گهٽ ئي محسوس ڪيو اٿم. هنن وري مون کي مسخرو سمجهيو آهي، اِنڪري خيال ڪيم ته ڇو نه پنهنجي مسخرائپ ڏيکاريان. مان اوهان جي راءِ کان گهٻرايان ڪونه ٿو، ڇاڪاڻ ته توهان يا توهان مان ڪوبه مون کان بهتر نه آهي. اِهوئي سبب آهي، جو مان مسخرو آهيان. اِهو سڀ شرم وچان آهي. عظيم مربي! شرم وچان منهنجو فسادي هئڻ اِن ڪري آهي، جو مان بيحد حساس آهيان. مون کي جيڪڏهن اِها پـَـڪ هجي ها، ته مون کي هرڪو مهربان ۽ سياڻن ماڻهن مان سمجهي ٿو، ته اي خدا! مان ڪيترو نه بهتر ماڻهو هجان ها، بهترين ڄاڻو.“
هـُـو هڪدم گوڏن ڀـر ڪـِـري پيو، ۽ چوڻ لڳو ته، ”مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جو هڪ اَبدي حياتي نصيب ٿئي؟“
اِهو نهايت مشڪل ٿي لڳو، ته اِن ڳالهه جو فيصلو ڪري سگهجي، ته هـُـو اَڃا تائين به چرچو ڪري رهيو هو يا سچ پچ متاثر ٿيو هو.
فادر زوسيما اکيون مٿي کنيون ۽ اُن ڏانهن نهاري مشڪندي چيائين ته، ”توکي گهڻو اڳي اِهو سڀ ڪجهه معلوم آهي، ته توکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ توکي ڪافي عقل ۽ سمجهه آهي. توکي ايترو شراب پيئڻ نه گهرجي، نفس پرستيءَ جي نه فقط گفتگوءَ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، بلڪه اُن کان دور به رهڻ گهرجي. انهن سڀني کان اهم هيءُ آهي ته پيسي جي محبت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پنهنجا شراب خانا بند ڪري ڇڏ. جيڪڏهن سڀ نه ٿو بند ڪري سگهين، ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ته بند ڪرڻ گهرجن، ۽ اِن کان سواءِ ڪوڙ نه ڳالهاءِ“.
”اوهان جو مطلب ڊڊراٽ سان آهي؟“
”نه ڊڊراٽ جي متعلق ڪو نه ٿو چوان. سڀ کان مکيه ڳالهه اِها آهي ته ڪوڙ نه ڳالهاءِ. اُهو ماڻهو، جو پاڻ سان ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ پنهنجي اندر ڪوڙ جي پرورش ٿو ڪري، اُهو هڪ اهڙي منزل تي پهچي ٿو، جو سچ سندس باطن ۾ ۽ ارگرد موجود آهي، اُن ۾ فرق نه ٿو ڪري سگهي. جنهن جو نتيجو اِهو نڪري ٿو، جو سندس وقار نه فقط ٻين جي آڏو ڪـِـري ٿو پوي پر پنهنجين نگاهن ۾ به. وٽس جيئن ته عزت جو خيال نه ٿو رهي، اُنڪري ان مان پيار ۽ سـِـڪ جو جذبو به ختم ٿيو وڃي. اُن خال کي ڀرڻ لاءِ هـُـو پوءِ گهٻراهٽ، شهواني خيالن ۽ ناشائسته لذتن کي جڳهه ٿو ڏئي. حيوانيت جهڙين بدڪارين ۾ غرق ٿي ٿو وڃي. نتيجو اِهو ٿو نڪري جو هـُـو ٻين وٽ کلڻ هاب ٿو بڻجي. جيڪو ماڻهو پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائي ٿو، اُهو ٻين کان وڌيڪ پاڻ کي سولائيءَ سان تڪليف ٿو ڏئي. توکي اِها ته خبر آهي، ته گناهه ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو وڻندڙ ٿو ٿئي. ڪيئن ايئن نه؟ ماڻهوءَ کي پڪ هئڻ کپي، ته سندس بي عزتي ڪنهن به نه ڪئي آهي، پر جنهن ماڻهوءَ خود بي عزتي کي جنم ڏنو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ مبالغي کي ڏاڍو دلفريب ۽ دلڪش بڻايو آهي، هڪ لفظ کي ورتو ۽ اُن کي داستان ڪري ٻـُـڌايو - هـُـو اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، پر اڳرائي به پاڻ ڪري ٿو ۽ اُن مان دل کولي تيستائين لطف ۽ مزو وٺي ٿو، جيستائين هـُـو پنهنجي بغض ۽ ڪيني کي ظاهر نه ٿو ڪري. منهنجو عرض آهي، ته پنهنجي جاءِ کان اُٿو ۽ ويهي رهو، جيتوڻيڪ اِها به هڪ فريبي چال آهي.“
”اي برڪت ڀريا سائين! پنهنجا هٿ وڌايو، ته مان اُنهن کي چـُـمان.“
فيودور پاولووچ بنهه اُڇل ڏئي اُٿيو ۽ مربيءَ جي ضعيف هٿن کي تيزيءَ سان چمي ڏنائين: ”سچ آهي، اِهو سچ آهي، ته گناهه ۾ ڏاڍي لذت آهي. ڪيڏي نه لاجواب ڳالهه ڪئي اَٿوَ. ڄڻ ته مون اڳ ٻـُـڌوئي نه آهي. سچ آهي ته مان پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ گناهه ئي ڪندو رهيو آهيان. رڳو پنهنجي خاطر - مون گناهه فقط سندس حسن ۽ جمال جي باعث ئي پئي ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته اِهو ڪڏهن ڪڏهن ايترو وڻندڙ ڪونه ٿو ٿئي، جيترو بي عزت ٿيڻ ممتاز آهي. رهنما! تو اِهو وساري ڇڏيو آهي، ته اِهو ڪيترو نه بلند به ٿئي ٿو! مان اُن کي پاڻ وٽ يادگيري طور محفوظ رکندس، پر مان ڪوڙو آهيان. مون يقيناً سڄي حياتي ڪوڙ پئي ڳالهايو آهي. اُن جو هرهڪ ڏينهن ۽ هر ڏينهن جو هر هڪ ڪلاڪ، سچ کان وڌيڪ ڪوڙ سان ڀريل آهي. ڪوڙ جو به پيءُ آهيان، جيتوڻيڪ مون کي پڪ آهي، ته مان ڪوڙ جو پيءُ ڪونه آهيان. مان پنهنجي اصلي مقصد کي منجهائي رهيو آهيان. ايترو ڪافي آهي، جيڪڏهن چئو ته مان ڪوڙ جو پـُـٽ آهيان. منهنجا فرشتا! مان نه رڳو وقتي ڊڊراٽ جي متعلق ڳالهائيندو هوس. ڊڊراٽ ڪوبه نقصان پهچائي نه ٿو سگهي. جيتوڻيڪ ڪنهن به وقت هڪ لفظ به نقصان پهچائي سگهي ٿو، اُن کي ڇڏيو.
اي عظيم رهنما! مون کان جيتوڻيڪ وسري ٿي ويو، پر مان سالن کان خيال ڪري رهيو هوس ته توهان کان اَچي ڪجهه پڇان. توهان مهرباني ڪري صرف پيٽر اليگزينڊرووچ کي منع ڪيو، ته هو وچ ۾ دخل نه ڏئي. ڳالهه هيئن آهي ته اِهو سچ آهي يا نه، ته دُرويش جي حياتيءَ ۾ اِها ڳالهه لکيل آهي ڇا، ته هڪ مقدس درويش کي سندس اعتقاد جي ڪري ماريو ويو هو؟ جڏهن سندس سر وڍيو ويو، ته هـُـن اُٿي، اُن کي کنيو ۽ اُن کي خوش اخلاقيءَ سان چمي، هٿن ۾ کڻي هليو ويو.
”سائين اِهو سچ آهي يا نه؟“
”نه اِهو سچ نه آهي“. مربيءَ جواب ڏنو.
”سڀني درويشن جي حياتيءَ ۾ ڪو به اهڙي قسم جو ذڪر ڪونه آيل آهي. اهو ذڪر ڪهڙي درويش بابت ڪيو وڃي ٿو؟“ فادر لئبررين چيو.
”مون کي درويش جي ته خبر نه آهي. مون کي ڪا به خبر نه آهي ۽ نه وري مان ٻـُـڌائي سگهندس. مون کي ٺڳيو ويو آهي. مون کي اِها ڳالهه ٻـُـڌائي وئي هئي. توهان کي اها خبر آهي ته اِها ڪنهن ٻڌائي هئي؟ پيٽر اليگزبذرووچ موسيوف! جنهن کي ٿورو اڳ ۾، ڊڊراٽ جي ڳالهه تي بيحد غصو آيو هو. اِهو ئي آهي، جنهن اِهو سڀ ڪجهه مون کي ٻـُـڌايو هو.“
”مون توکي اِها ڳالهه ڪڏهن به نه ٻـُـڌائي هئي. مون ته توسان ڪڏهن به نه ڳالهايو آهي.“
”ايئن برابر آهي ته تو اِها ڳالهه مون سان ڪانه ڪئي هئي، پر اُن وقت جڏهن تو اِها حقيقت ڪئي هئي، ته مان به موجود هوس. اِها ٽن سالن جي ڳالهه آهي. مون اِن جو ذڪر هتي اِن لاءِ ڪيو آهي، جو اُن بيهوديءَ ڳالهه منهنجي ايمان ۾ خلل پيدا ڪيو آهي. اليگزينڊرووچ! توکي اُن جي خبر ڪانه پئي؟ مگر مان جڏهن واپس وريس، تڏهن منهنجي اعتقاد کي صدمو پهچي چـُـڪو هو ۽ اُن وقت کان برابر اِهي صدما کائي رهيو آهيان. پيٽراليگزينڊرووچ، سچ پچ ته تون هن تباهيءَ جو وڏو ڪارڻ آهين ۽ ڊڊراٽ اِن جو ذميدار نه آهي.“
فيودور پاولووچ نهايت غصي ۾ ۽ مايوس پڻ ٿي لڳو. سندس هلت مان جيتوڻيڪ اِهو صاف ظاهر هو، ته هـُـو وري پنهنجو ڪردار اَدا ڪري رهيو آهي.
”مون کي تنهنجي ايمان جي ڪابه پرواهه ڪانه آهي،“ هـُـو رڙ ڪرڻ تي هو، پر پاڻ کي هڪدم سنڀالي نهايت نفرت سان چيائين ته، ” تو هر اُن شيءِ کي، جنهن کي ڇهـُـيو آهي، تنهن کي گندو ۽ ناپاڪ بڻايو آهي.“
مربي اَچانڪ اُٿي بيٺو، ”مون کي معاف ڪجو عزيزو! جو مان اوهان کي ٿوري وقت لاءِ ڇڏي ٿو وڃان.“ مهمانن ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”ڪي ملاقاتي منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن، جي اوهان کان اڳڀرو آيا آهن، پر تو سڀ ڪجهه ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.“ خوش طبعيءَ مان فيودور پاولووچ ڏانهن منهن ڪري چيائين.
هـُـو ڪوٺڙي مان ٻاهر نڪري ويو. اليوشا ۽ راهب ڏاڪڻ کان هيٺ تائين سندس همرڪابي ڪئي. اِليوشا بلڪل دم بخود هو. هـُـو خوش هو ته اُن ماحول کان ٻاهر نڪري آيو هو. هـُـو، اِهو ڏسي به خوش هو ته سندس مربي خوش مزاج ٿي ڏٺو ۽ آزردگيءَ جو ڪو به نشان سندس چهري تي ڪونه هو. فادر زوسيما ڇپري جي طرف وڃي رهيو هو، ته جيئن اُنهن ماڻهن کي وڃي دعا ڪري، جي سندس انتظار ڪري رهيا هئا. فيودور پاولووچ، پنهنجيءَ جاءِ تي کيس حجري جي در وٽ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
”مقدس شخصيت“، جذبي ۽ ايثار مان چيائين، ”اجازت ڏيو، ته مان اوهان جي هٿن کي هڪ دفعو وري چمي ڏيان. سچ آهي، ته مان اوهان سان اَڃا ڳالهائي سگهان ٿو ۽ اوهان سان نباهي به سگهان ٿو. ڇا اوهان اِهو سمجهو ٿا ته مان هميشه ڪوڙ ڳالهائيندو آهيان ۽ پاڻ کي احمق ثابت ڪندوآهيان؟ يقين ڪريو، ته هيءُ سڀ ڪجهه جو مون پئي ڪيو آهي، اوهان کي محض آزمائڻ جي خاطر هو. مون سمورو وقت اوهان جي آزمائش ٿي ورتي، ته ڏسان ته مان اوهان سان هلي به سگهان ٿو يا نه؟ اوهان جي خودداريءَ سان گڏ، منهنجي عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ کي به ڪا جڳهه ملي سگهي ٿي يا نه؟ مان هن ڳالهه جي بلڪل تصديق ڏئي سگهان ٿو، ته اوهان سان ڪوبه گذاري سگهي ٿو، پر هاڻي مان بلڪل خاموش رهندس. مان سمورو وقت خاموش رهندس. مان ڪرسيءَ تي ويهي، پنهنجي زبان کي قبضي ۾ رکندس. پيٽر اليگزينڊرووچ! هاڻي تنهنجي ڳالهائڻ جو وارو آهي. تون ئي هت مکيه ماڻهو آهين، پر ڏهن منٽن لاءِ.“

باب ٽيون: ايماندار ڳوٺاڻيون عورتون

ڪاٺ جي ڇـَـڄي جي هيٺان، جو ديول جي ٻاهرينءَ ڀت سان لڳ ٺهيل هو، ويهارو کن ڳوٺاڻيون عورتون ويٺل هيون. اُنهن کي ٻڌايو ويو هو ته مربي جلد اُتي پهچڻ وارو آهي. اُنڪري سڀئي بي صبريءَ سان سندس انتظار ڪري رهيون آهن. ميڊم مالڪوف ۽ سندس ڌيءُ پڻ مربيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڇڄي جي هيٺان موجود هيون، پر هڪ جدا حصي ۾، جو اَمير عورتن جي لاءِ مخصوص هو.
ميڊم هوئلڪوف دولتمند عورت هئي، هـُـوءَ اَڃا به جوان ۽ پرُڪشش نظر ٿي لڳي. نهايت ئي سهڻو لباس پهريل هئس. ٿورو پـِـيلـِـي ٿي لڳي، مگر سندس اکيون ڪاريون ۽ غضبناڪ هيون. هوءَ ڪنهن به حالت ۾ ٽيٽيهن سالن کان مٿي نه هئي ۽ کيس بيواهه ٿئي پنج سال ٿيا هئا، سندس ڌيءُ چوڏهن سالن جي هئي ۽ سندس ڌيءُ جا پير مفلوج هئا. قريب قريب ڇهن مهينن کان اها بدقسمت ڇوڪري گهمي ڦـِـري نه ٿي سگهي ۽ ڦيٿن واري ڪرسيءَ جي سهاري تي گهمي ٿي. سندس ڌيءُ جو چهرو به نهايت دلڪش هو، پر بيماريءَ جي اَثر ڪري لاغر ٿي ڏٺي. اُن هوندي به اها ڇوڪري خوش ۽ کلمک ٿي نظر آئي. سندس ڪارين ۽ وڏين اکين مان شرارت سان گڏ پاڪائي ۽ شادابيُ، کنوڻ وانگر تجلي ٿي ڏني. بهار جي موسم ۾ سندس ماءُ پڪو ارادو ڪيو هو ته کيس آب و هوا جي تبديلي لاءِ ٻاهر وٺي وڃي، پر سڄو اونهارو پنهنجي زمين جي ڪمن ڪارين سبب رڪجي وئي هئي. زوسيما سان هـُـو ٽي ڏينهن اڳي ملي چـُـڪيون هيون. کين جيتوڻيڪ اِها خبر هئي ته مربي مشڪل سان ڪنهن سان ملندو آهي، مگر هـُـو اوچتو وري آيون ۽ التجا ڪيائون، ته ”خوشنوديءَ خاطر، هو هڪ ڀيرو وري اُن عظيم معالـج کي ڏسڻ گهرن ٿيون“.
ماءُ، ڌيءُ جي گاڏيءَ جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. کانئس ٻه قدم پري هڪ پوڙهو راهب بيٺو هو، جو اسان جي خانقاه مان نه هو، پر ملاقاتي هو، جو اُتر جي ڪنهن ڏورانهين مذهبي گهر کان آيو هو. هـُـو پڻ مربيءَ کان دعائن وٺڻ جي لاءِ آيو هو.
فادر زوسيما، ڇـَـڄي جي هيٺان ايندي، پهريائين سڌو ئي سڌو، اُنهن ڳوٺاڻين عورتن ڏي ويو، جي ڇـَـڄي جي ٽن ڏاڪن جي هيٺان اَچي گڏ ٿيون هيون. فادر زوسيما مٿئين ڏاڪي تي بيهي، عورتن کي دعا ڪرڻ لڳو. هڪ جن ورتل عورت کي وٽس آندو ويو. جيئن ئي اُن عورت جي نگاهه مربي تي پئي، هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ سندس بدن ۾ تشنج پيدا ٿي ويو. سڄي ڏڪي ٿي ۽ مٿس ويم جي حالت طاري ٿي وئي. مربيءَ پنهنجي چادر مٿانئس وڌي، ۽ مختصر دعا گهريائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ عورت ويم ڪيو ۽ پوءِ هڪدم آرام ۾ اَچي خاموش ٿي وئي.
مون کي هاڻي جي ته ڪا خبر نه آهي، پر ننڍپڻ جي زماني ۾ ڪيئي اهڙا اتفاق ٿيا، جو مون اِنهن جن ورتل عورتن کي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڏٺو ۽ اُنهن جي آواز کي ٻـُـڌو. اُنهن کي ديول ۾ دعا جي لاءِ آندو ويندو هو. اُهي عورتون وڏيون رڙيون ڪنديون هيون يا ڪـُـتن وانگر ڀونڪنديون هيون. دعا جي وقت کين عبادتگاهه جي ڀرسان آندو ويندو هو ۽ اُتي پهچندي ئي خاموش ٿي وينديون هيون. ٻار هوندي به هي حالت ڏسي، مون کي اُن وقت عجب لڳندو هو. اُن موقعي تي مون کي واقف ڪارن کان پڇندي معلوم ٿيو، ته اهي سڀ اٽڪل بازيون آهن. هي جن ورتل عورتون ڪم چور آهن ۽ ڄاڻي ٻجهي هيءَ حالت پاڻ تي آڻين ٿيون. جيڪڏهن هنن جي مٿان سختي ڪئي وڃي ته هيءَ حالت، جنهن تي هـُـو هـِـري مـِـري وڃن ٿيون، ڇڏي ڏين ٿيون. هنن، هن حقيقت جي تائيد ۾ ڪيترائي مثال ٿي ٻڌايا. بعد ۾ مون کي تجربيڪار ڊاڪٽرن کان معلوم ٿيو، ته هنن بدبخت انسانن جي حالت ۾ ڪابه اٽڪل بازي يا فريب نه آهي، پر هيءَ هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جا خاص ڪري روسي زالن ۾ ڪثرت سان آهي. هن بيماريءَ جا اسباب گهڻو ڪري، ڏکيو ويم ۽ ناقابل برداشت مفلسيءَ واري زندگي شامل آهن، جي ٻهراڙيءَ جي عورتن ۾ اَڪثر ٿين ٿا. هيءُ هڪ مرض آهي، جو ٿڪائيندڙ، سخت ڪم ۽ مار موچڙي کان به پيدا ٿئي ٿو. هيءَ شفا، جا مريض کي عبادتگاهه جي ڀرسان اوچتو وڃڻ سان ملي ٿي، هيءُ اُنهن راهبن جي شـُــعبده بازي آهي، جا فطرتي آهي. هن جي وضاحت هيءَ ٿي سگهي ٿي ته سندس همراهن ۽ خود کي هيءُ يقين آهي، ته بد روح، جو اُن جي جسم ۾ آهي، اُهو عبادتگاهه جي سامهون، جتي مريض گوڏا کوڙي ٿو، رهي نه ٿو سگهي. اُنڪري بي چين ۽ نفسياتي طور تي بي ترتيب عورت جي سڄي جسم ۾ عبادتگاهه جي سامهون جهڪڻ سان ڏڪڻي پيدا ٿئي ٿي ۽ شفا جي پختي يقين جي باعث، جو سندس عقيدت موجب آهي، سڀ ڪجهه معجزي جي طرح گذري وڃي ٿو. هيءَ ساڳي حالت هئي، جا اُن عورت جي مٿان گذري، جنهن تي مربي پنهنجي چادر جو پلا ند وڌو هو.
اَڪثر زالون، جي پري، سندس چوڌاري حلقو ٺاهيو بيٺيون هيون، هن حالت جي اَثر کان، ڏاڍي فراق ۽ دلي واردات کان ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. اُنهن مان ڪيتريون ئي مربيءَ جي لباس کي چمڻ لاءِ بيتاب هيون ۽ ڪن وري دعا ٿي گهـُـري. زوسيما سڀني کي دعا ٿي ڪئي ۽ اُنهن سان ڳالهائيندو ٿي رهيو. هن جن ورتل هڪ عورت کي سڃاتو ٿي، جا هڪ ڳوٺ کان آئي هئي، اهو ڳوٺ خانقاه کان ڇهه فرلانگ کن پري هو. اڳي به ڪيئي دفعا کيس مربيءَ وٽ آندو ويو هو. زوسيما اوچتو هڪ عورت کي، جا اَڃا جوان ٿي ڏٺي، پر لاغر ۽ ضعيف هئي ۽ سندس چهرو سياهي مائل هو، اِشارو ڪري چيو ته، ”هن عورت کي پري کان آندو اَٿـَـوَ، اِيئن آهي نه؟
هوءَ عورت گوڏن ڀـَـر ٿي ۽ مربيءَ کي عجب مان نهاري رهي هئي ۽ سندس اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي وحشياڻي حماقت ٿي ڏٺي.
”نهايت پري کان پيءُ! نهايت پري کان! هتان کان ٻه سـَـو ميل پري. نهايت پري کان پيءُ، نهايت پري کان!“ هن سـُـريلي آواز ۾ چيو. معلوم ايئن پئي ٿيو ته هـُـوءَ ڪو مرثيو پڙهي رهي آهي، سندس هٿ تي ڳل رکيل هو ۽ پنهنجي مٿي کي هيڏي هوڏي ڦيرائي رهي هئي.
ڳوٺاڻين عورتن ۾ ڪي اهڙيون به هونديون آهن، جي آرام ۽ بردباريءَ سان پنهنجي طويل غم کي برداشت ڪري وينديون آهن. هـُـو پنهنجي غم کي اندر پيئنديون آهن ۽ خاموش هونديون آهن. ٻيون وري اهڙيون ٿين ٿيون جي پنهنجي ڏک ۽ سور کي لڪائي نه سگهنديون آهن. هـُـو رئنديون آهن ۽ پـِـٽڪو ڪنديون آهن. خاص ڪري هيءَ حالت زالن ۾ عام ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هيءُ غم خاموشيءَ کان گهٽ نه ٿيندو آهي. روڄ ۽ پٽڪو دل کي آرام ته ڏئي ٿو، پر اُن کي وڌيڪ چيري ۽ ڦاڙي ڇڏي ٿو. اهڙي غم کي ڪڏهن به تسليءَ جي خواهش نه ٿي ٿئي. هيءُ پاڻ کي نااُميديءَ جي شعور تي نپائي ٿو. روڄ راڙو ثابت قدم آرزو منديءَ مان پيدا ٿي، وري زخم کي کولي ٿو.
فادر زوسيما، غور سان نهاريندي کانئس پڇيو ته ”تون واپاري طبقي مان آهين؟“
”اسان شهري آهيون، پيءُ شهري، اُن هوندي به شهر ۾ رهندي ڪڙمي آهيون. مان توکي ڏسڻ لاءِ آئي آهيان پيءُ. مان اوهان جي نالي کي ٻـُـڌو هو ۽ گهڻو ڪجهه ٻـُـڌو هو. مان پنهنجي ننڍڙي پـُـٽ کي دفن ڪري زيارت تي نڪتي آهيان. مان ٽن خانقاهن ۾ وئي آهيان، پر اُتان جي رهندڙن مون کي چيو ته ”تون ناستيشا وڃ.“ اِهو توتي ڇڏيل آهي. ”مان هلي آيس. ڪالهه مان ديول ۾ عبادت لاءِ ويس ۽ اڄ اوهان وٽ آئي آهيان.“
”تون روئي ڇو رهي آهين؟“
”پيءُ! مان پنهنجي ننڍڙي پٽ جي لاءِ ڏک ۽ درد ۾ مبتلا آهيان. هـُـو ٽن سالن جو ٿيڻ وارو هو، اُن ۾ فقط کيس ٽي مهينا گهربل هئا. پيءُ! مان اُن ننڍڙي ٻار جي لاءِ غم جي آڳ ۾ پئي ٿي پـَـڄران. هيءُ منهنجو پويون ٻار هو، جو وڃي بچيو هيم. مون کي ۽ نڪيٽا کي چار ٻار هئا، پر هاڻي ڪوبه ٻار نه اَٿئون. سڀئي ٻار موڪلائي ويا. مان پهرين ٽن کي ته گهٽ غم سان دفنايو، پر هاڻي جنهن کي مان پوري آئي آهيان، اُن کي وساري نه ٿي سگهان. هـُـو ڄڻ ته منهنجي سامهون بيٺو ئي آهي. هـُـو مون کي ڪڏهن به نه ٿو ڇڏي. هن منهنجي روح کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي. مان سندس ننڍڙن ڪپڙن کي ڏسان ٿي، ننڍڙي قميص ۽ ننڍڙا بوٽ ۽ مان روئڻ ۽ پارَ ڪڍڻ لڳان ٿي. پنهنجي مڙس نڪيٽا کي چيم، ته آقا! مون کي زيارتن تي وڃڻ لاءِ اجازت ڏئي. هـُـو ڪوچان آهي. پيءُ! اسان غريب نه آهيون، غريب نه آهيون. کيس پنهنجو گهوڙو آهي. اسان کي پنهنجو گهوڙو ۽ گاڏي آهي، پر اسان جي لاءِ هاڻي اهي شيون ڪنهن به ڪم جون نه آهن. منهنجي نڪيٽا شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي ۽ مان دربدر آهيان. هـُـن، اُن عادت کي مستقل ڪري ڇڏيو آهي. هـُـو اڳي به پيئندو هو. جيئن ئي مان کانئس پري ٿيندي آهيان، هـُـو اُن ڏانهن مائل ٿي ويندو آهي. هاڻي مان اُن لاءِ خيال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ٽي مهينا ٿيا آهن، جو مون پنهنجي گهر کي ڇڏيو آهي. مون کيس وساري ڇڏيو آهي. سڀني ڳالهين کي وساري ڇڏيو اٿم. مان ڪنهن به ڳالهه کي ياد ڪرڻ نه ٿي گهران. هاڻي اسان جي گڏجي رهڻ واري حياتيءَِ مان ڪهڙو سـُـود ۽ فائدو ٿيندو؟ مان هاڻي اُن سان رهي ڇا ڪنديس؟ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، ختم ٿي ويو. مون کي هاڻي نه گهر جي پرواهه آهي، نه سامان جي ۽ نه مڙس جي، مون کي هاڻ ڪنهن کي به ڏسڻ جي خواهش ڪانه آهي.“
مربيءَ کيس چيو، ”منهنجي ماءُ ٻـُـڌ.“
”آڳاٽي سـَـمي ۾، هڪ پاڪ نفس ولي، هڪ مندر ۾، هڪ ماءُ کي ڏٺو، جا تو وانگر پنهنجي ٻار لاءِ روئي رهي هئي، جو اُن جو سڪيلڌو پٽ هو، جنهن کي خدا کڻي ورتو هو.“
”توکي خبر نه آهي“ اُن وليءَ کيس چيو ”خدا جي تخت جي سامهون، هي ٻار ڪيڏا نه جرئت وارا آهن. بيشڪ اُنهن کان وڌيڪ جرئت وارو آسماني بادشاهت ۾ ٻيو ڪونه آهي.“ هـُـو خدا کي چون ٿا، ”خدايا، توئي اسان کي حياتي ڏني هئي، اسان مس مس اُن کي ڏٺو، ته تو اسان کان موٽائي ورتي.“ هـُـو اِها ڳالهه وَر وَر ڪري کيس چوندا رهن ٿا، جنهن جو نتيجو اِهو نڪري ٿو، جو خدا کين ملائڪن جو درجو بخشي ٿو. اُن ڪري وليءَ کيس چوي ٿو ته ماءُ توکي هن معاملي ۾ روئڻ جي بدران خوشي ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته تنهنجو ٻـَـچو اُن مالڪ وٽ آهي، ۽ ملائڪن جي گروهه ۾ آهي. اِهوئي آهي، جو اُن وليءَ، اُن آڳاٽي زماني جي عورت کي چيو. هـُـو وڏو مقبول ٻانهو هو ۽ اُن ڪڏهن به غلط نه ڳالهايو هوندو. اُنڪري تون به ماءُ، هن ڳالهه جو يقين رک، ته تنهنجو معصوم ٻار به خدا جي تخت جي قريب آهي. هـُـو خوش ۽ بشاش هوندو ۽ خدا کان تنهنجي لاءِ دعا گهرندو هوندو. ڀلي روءُ پر خوشي به ڪر“.
اُن عورت کيس ڌيان سان ٻـُـڌو. سندس ڳلُ سندس هٿ تي سهارو وٺي رهيو هو ۽ هوءَ هيٺ نهاري رهي هئي. هـُـن ٿڌو ساهه کنيو.
”منهنجي نڪيٽا مون کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ساڳين لفظن ۾ جيئن اوهان. ’بيوقوف’، هن چيو. ’ڇو ٿي روئين؟ هن ۾ شڪ نه آهي، ته اسان جو پٽ، خدا جي سامهون، ملائڪن سان گڏ ڳائيندو ٿو وتي’. هـُـن مون کي اِهو چيو. مون کيس چيو، ته پوءِ هـُـو ته پاڻ روئي ٿو ۽ مون وانگر دانهون ٿو ڪري. مون کي خبر آهي نڪيٽا. مان ڄاڻان ٿي ته هـُـو خدا وٽ آهي، نه ته وري ٻيو ڪٿي هوندو؟ پر اِنهن سڀني ڳالهين هوندي به هـُـو هاڻي اسان سان نه آهي. اڳي وانگر، اسان جي سامهون سندس جاءِ ڪانه آهي. جيڪڏهن ٿي سگهي، ته هڪ ڀيرو وري اُن کي ڏسي سگهان. جيڪڏهن ٿي سگهي ته هڪ دفعو ئي، اُن سان ملاقات ڪري سگهان. مان سندس قريب نه وينديس، ڪابه گفتگو نه ڪنديس پر هڪ ڪـُـنڊ ۾ لڪي ويهي رهنديس، تان جو هڪ گهڙي، فقط اُن کي ڏسان ۽ سندس راند روند جي آواز کي ڪنن سان ٻـُـڌان. اُهو ننڍڙو آواز، جنهن سان هـُـو مون کي ڪڏهن سڏ ڪندو هو ته، ’امان ڪٿي آهين؟‘ جيڪڏهن ٿي سگهي، ته هڪ ڀيرو، سندس ننڍڙن پيرن جي کڙڪي کي پنهنجي گهر ۾ ٻـُـڌان. هڪ ڀيرو، مان فقط هڪ ڀيرو، سندس پيرن جي ٺـَـڪ ٺـَـڪ جو آواز ٻڌان.
اَفسوس، مون کي ياد ٿو اَچي ته ڪهڙيءَ ريت هـُـو واڪا ڪند ي، ڊوڙندو، منهنجي طرف ايندو هو. منهنجي فقط اِها خواهش آهي، ته سندس پيرن جي آواز کي ٻـُـڌان. مان اُن آواز کي چڱيءَ ريت سڃاڻندي آهيان. مگر پيءُ! اُن جو ته هاڻي وجود ئي نه رهيو. مان اُن آواز کي ٻيهر ٻڌي نه سگهنديس.
هي ننڍڙو ڪمربند اُن جو آهي پر اُن ۾ سندس ڪوبه نشان نه آهي. مان اُن کي وري ڏسي نه سگهنديس، ۽ نه وري اُن جو آواز ٻـُـڌي سگهنديس.“
هن پنهنجي سيني کي مٿي ڪيو ۽ اُن مان ٻار جو ڀرت ڀريل ننڍڙو ڪمربند ٻاهر ڪڍيائين. جيئن ئي هـُـن اُن کي ڏٺو، هوءَ ڏڪڻ ۽ روئڻ لڳي. هن پنهنجين اَکين کي آڱرين سان لڪايو، جن مان ڳوڙها، ناليءَ جي صورت ۾ وهي رهيا هئا. ”تون گذريل زماني جي راحيل آهين!“ مربيءَ کيس چيو. ”پنهنجي ٻارن تي رئنديون رهو ۽ ڪڏهن به آرام سان گذاري نه سگهو. ڇو ته هـُـو ڪونه آهن. اوهان مائرن جي ڌرتي تي اِها ئي قسمت بڻائي وئي آهي. اوهان ڪڏهن به سـُـک سان رهي نه ٿيون سگهو. اُها تسلي ئي ڪانه آهي جنهن جي اوهان کي طلب آهي. پر روئڻ، اوهان جنهن وقت روئو، فقط هيءَ ڳالهه ياد رکو، ته اوهان جو ٻار، خدا جي ملائڪن مان هڪ آهي. هـُـو اُتان اوهان ڏي نهاري ٿو ۽ ڏسي ٿو. اوهان جي لـُـڙڪن کي ڏسي خوش ٿئي ٿو ۽ پنهنجي مالڪ خدا کي، اُن کي ڏيکاريندا رهن ٿا. طويل عرصي تائين، عظيم ماءُ جو هيءُ ڏک پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ٿو پر پوءِ هيءُ ڏک خاموش راحت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اوهان جا ڪـُـوڙا لـُـڙڪ نازڪ غم ۾ بدلجي وڃن ٿا، جي قلب کي پاڪ ڪن ٿا ۽ گناهه کان نجات ڏيارين ٿا. مان اوهان جي ٻار جي روح جي سڪون لاءِ دعا ٿو ڪريان. اُن جو نالو ڇا هو؟“
”اليگزي، پيءُ!“
”ڪهڙو نه مـِـٺو آهي. اليگزي کان پوءِ هاڻي بنده خدا.“
”هائو مقدس پيءُ!“
”هو به مقدس شخصيت هو. مان کيس ياد رکندس اي شفيق ماءُ! تنهنجو ڏک منهنجي دعائن ۾ قائم رهندو. مان تنهنجي مڙس جي صحت لاءِ پڻ دعا گهران ٿو. هيءُ گناهه آهي، جو تو پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏنو آهي. تنهنجو ننڍڙو پٽ، آسمان کان ڏسندو هوندو، ته تو سندس پيءُ جي راحت کي کسي ورتو آهي، هـُـو تو تي رئندو هوندو. تون سندس خوشيءَ ۾ ڇو ٿي خلل وجهين؟ هـُـو جيئرو آهي. ڇاڪاڻ ته روح سدا حيات آهي. هـُـو جيتوڻيڪ پنهنجي گهر ۾ نه آهي، پر هـُـو تنهنجي قريب آهي، جنهن کي تون ڏسي نه ٿي سگهين. هـُـو تنهنجي گهر ۾ ڪهڙيءَ ريت اندر گهڙندو، جڏهن تون پاڻ ئي چوين ٿي، ته اِهو گهر تنهنجي لاءِ نفرت جي جاءِ بڻجي ويو آهي! ٻڌاءِ، هـُـو پوءِ ڪاڏي وڃي جڏهن اوهان ٻنهي کي هـُـو يڪجاءِ نه ڏسندو - ماءُ ۽ پيءُ؟ هـُـو هاڻي توکي خواب ۾ اَچي ٿو ۽ تون ڏک ڪرين ٿي. اُن هوندي به هـُـو توکي تنهنجي مـِـٺن خوابن ۾ نظر ايندو رهندو. ماءُ، تون پنهنجي مڙس ڏي موٽي وڃ ۽ اَڄ ئي موٽي وڃ!”
”مان وينديس، مقدس پيءُ، منهنجو توسان واعدو آهي. تون سنئون سـِـڌو منهنجي دل ۾ پيهي ويو آهين. منهنجا نڪيٽا، منهنجا نڪيٽا، تون منهنجي لاءِ منتطر آهين.“
عورت سـُـريلي آواز ۾ روئڻ شروع ڪري ڏنو. مربي هاڻي هڪ پوڙهيءَ عورت جي طرف وڌي ويو هو. اُن کي شهري ماڻهن جهڙو لباس پيل هو، نه زيارتين جهڙو. سندس اکين مان معلوم پئي ٿيو، ته هوءَ ڪنهن مطلب سان آئي آهي. جيئن ته کيس ڪجهه چوڻو هو، هـُـن ٻـُـڌايو، ته هوءَ ڪنهن نان ڪميشن آفيسر جي بيواهه آهي ۽ شهر جي لڳ رهندي آهي. سندس واسينڪا، فوج کي رسد پهچائڻ واري کاتي ۾ ملازم هو. هـُـو سائبيريا جي ارڪوٽسڪ شهر ڏانهن ويو هو. هـُـن کيس ٻه خط لکيا هئا، جنهن کي سڄو سال گذري ويو. هـُـن اُن جي لاءِ گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، پر سندس پوري پـَـتي جو ڪوبه ڏس نه ٿي مليس.
”اڳئين ڏينهن استيپانيڊا الينيشنا، جا هڪ دولتمند واپاريءَ جي زال آهي، مون کي چيو ته پروهوورنئاتوف ديول ۾ وڃي، پنهنجي پـُـٽ لاءِ نماز اَدا ڪر. اُن جي روح جي سڪون لاءِ دعا ڪر، ڄڻ ته هـُـو مري ويو آهي. ٻيءَ حالت ۾ سندس روح بي آرام رهندو. هـُـو توڏي خط لکندو. استيپانيڊا الينيشنا مون کي ٻـُـڌايو ته هيءَ آزمايل شيءِ آهي ۽ ڪيترا ڀيرا آزمائي وئي آهي. مون کي فقط هيءُ شڪ آهي ..... اي مقدس پيءُ! مون کي ٻـُـڌاءِ. هيءُ سچ آهي يا ڪوڙ؟ هيءُ سچ به ٿي سگهي ٿو!؟“
”ڪڏهن به اِن جو خيال نه ڪر، هيءُ بي شرميءَ جهڙو سوال آهي. هيءُ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته جيئري ماڻهوءَ جي روح لاءِ دعا گهري وڃي ۽ اُها به سندس ماءُ گهري! هيءُ وڏو گناهه آهي. هيءُ ته جادوگريءَ جي قريب آهي. جيئن ته توکي دين جي واقفيت نه آهي، اُنڪري ئي هيءُ گناهه توکي معاف ٿي سگهي ٿو. چڱو اِيئن آهي، ته تون آسمان جي راڻي کي عرض ڪر - جا اسان جي لاءِ بچاءُ ۾ مدد آهي - ته تنهنجي پٽ کي صحت ملي ۽ تنهنجو هيءُ گناهه به معاف ٿئي. پروهوروناف، ٻي ڳالهه، جا مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، سا هيءَ آهي، ته يا ته تنهنجو پٽ توڏي جلدي موٽي ايندو يا خط لکندو. وڃ ۽ آرام سان رهه. مان توکي چوان ٿو، ته تنهنجو پـُـٽ جيئرو آهي!
”مقدس پيءُ! خدا توکي اُن جو اَجر ڏيندو. اسان جي لاءِ بهتر سوچيندڙ، توهان اسان جي لاءِ ۽ اسان جي گناهن لاءِ هميشه دعائون گهرندا رهو ٿا.“ مگر مربيءَ کيس ڇڏي اڳتي وڌي ويو هو، جي ٻه روشن اکيون کيس نهاري رهيون هيون. هوءَ هڪ نوجوان ڳوٺاڻي عورت هئي، جنهن جون ٿڪل ۽ آسروند اکيون، خاموشيءَ سان کيس واجهائي رهيون هيون. هـُـوءَ مربيءَ جي قريب ٿيندي ڪيٻائي رهي هئي.

”ڇا ٿي گهرين، منهنجي نياڻي؟“
”منهنجا مقدس پيءُ! منهنجي روح کي نجات بخش.“ هـُـن گوڏن ڀر ٿي، نهايت آهستي ۽ آرام سان چيو، ”مون گناهه ڪيو آهي ۽ ان کان خوف ٿو ٿئيم“. مربي هيٺئين ڏاڪي تي ويهي رهيو. هوءَ عورت جا اَڃا گوڏن ڀـَـر هئي، سـُـري سندس ويجهو آئي. هن لرزندڙ ۽ نيم سرگوشيءَ جي آواز ۾ چيو ته ”مان هڪ بيواهه آهيان ۽ منهنجي مڙس کي مـُـئي ٽي سال ٿيا آهن. مون کي پنهنجي مڙس سان سخت حياتي گذارڻي ٿي پئي. هـُـو مون تي ظلم ڪندو هو ۽ سخت ماريندو هو. هـُـو پوڙهو به هو ۽ بيمار به هو. مان هـُـن ڏانهن نهاري خيال ڪيو، ته جيڪڏهن هي خوش ٿيو ۽ وري اُٿيو ته پوءِ منهنجي لاءِ ڇا ٿيندو؟ اِيئن ئي مون کي اُن وقت خيال آيو .....“
”ترس” مربي پنهنجو ڪـَـن سندس چپن وٽ آڻي چيو.
هوءَ عورت چپن ۾ ڳالهائيندي رهي، ڏاڍو ناممڪن هو، جو ڪو سندس آواز کي جهٽي سگهي ۽ سمجهي، ته ڳالهائي پئي.
مربيءَ کيس چيو ”ٽي سال اڳ.“
”ٽي سال اڳ،پهريائين ته مان اُن تي سوچيو ئي نه ٿي، پر هاڻي مان بيمار ٿي پئي آهيان. اِهو خيال هڪ گهڙي به مون کي نه ٿو ڇڏي.“
”تون پري کان آئي آهين؟“
”ٽن سؤ ميلن کان به مٿي“.
”ڇا تو پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪيو آهي؟“
”هائو مان اعتراف ڪيو آهي ۽ ٻه ڀيرا ڪيو آهي.“
”تو ڪنهن جي رفاقت ۾ پهچي پڇتاءُ ڪيو آهي؟“
”هائو، مون کي خوف ٿو ٿئي. موت کان خوف ٿو ٿئي.“
”ڪوبه خوف نه ڪر ۽ ڊڄ نه. وحشت نه کاءُ. جيڪڏهن تون توبهه کان گريز نه ٿي ڪرين ته يقيناً خدا تو کي سڀ بخشي ڇڏيندو. دنيا ۾ڪوبه اهڙو گناهه ڪونه آهي، جنهن کي اسان جو مالڪ نه ٿو بخشي، پر اُن لاءِ پڇتاءُ صحيح هجي. انسان جي لاءِ هن کان وڌيڪ ٻيو گناهه نه آهي، ته هـُـو خدا جي بي پايان محبت کي وڃائي ويهي. خدا جي محبت کي ڇڏي ڏيڻ کان وڌيڪ به ڪو ٻيو گناهه ٿي سگهي ٿو! تون فقط توبهن جو خيال ڪر، ۽ توبهن کي جاري رک، خوف کي بلڪل ڪڍي ڇڏ. يقين رک، ته خدا توکي پيار ٿو ڪري، جنهن کي تنهنجو ادراڪ سمجهي نه ٿو سگهي، تنهنجي گناهن جي باوجود هـُـو توکي پيار ٿو ڪري. هيءَ آڳاٽي وقت جي چوڻي آهي، ته گهنگار جي هڪ ڀيرو وارو پڇتاءُ، آسمان ۾ جا مسرت آڻي ٿو، اُها ڏهن نيڪ مردن جي نيڪي کان وڌيڪ آهي. وڃ ۽ خوف نه کاءُ. انسان جي لاءِ شامت نه ٿيءُ. هن ڳالهه تي غصو نه ڪر تو غلط ڪم ڪيو آهي. اُن مـُـئي ماڻهوءَ کي بخش، جنهن توسان ناروا هلت ورتي آهي. صداقت سان پنهنجي دل کي اُن سان ڳنڍ. جيڪڏهن تون پڇتاءُ ڪندڙ آهين، ته پاڻ ۾ محبت پيدا ڪر. جيڪڏهن تو محبت ڪئي، ته تون خدا واري ٿي ويندينءَ. محبت سڀني شين تي غالب ٿي وڃي ٿي ۽ ڇوٽڪارو ٿي ڏئي. مون ڏي ڏس، هڪ گنهگار، جيئن تون آهين، مان توتي مهربان آهيان ۽ تو تي رحم ٿو اَچي، پر خدا ته هن کان به وڌيڪ مهربان آهي. محبت اُها خزانو آهي، جنهن جي قيمت ڪـَـٿي ئي نه ٿي سگهجي. تون اُن سان سڄيءَ دنيا کي خريد ڪري سگهين ٿي. تون اُن سان پنهنجي گناهن کي نه، پر ٻين جي گناهن لاءِ به ڪفارو بڻجي سگهين ٿي.“
هن کيس ٽي ڀيرا صليب سان نشان ڏنو ۽ پنهنجي ڳچيءَ مان هڪ ننڍڙي تصوير ڪڍيائين ۽ سندس ڳچيءَ ۾ وِڌائين. عورت بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي زمين تائين جهـُـڪي وئي.
مربي اُٿيو ۽ کلمکائيءَ سان، هڪ صحتمند ڪڙمي عورت ڏي ڏٺائين، جنهن جي هنج ۾، هڪ ننڍڙو ٻار هو.
”مان وياشيگوري کان آئي آهيان، مقدس پيءُ!”
”تو هن ٻار سان گڏ، پنج ميل پنڌ به ڪيو آهي، توکي ڇا کپي؟“
”مان توهان جي زيارت لاءِ آئي آهيان. مان اڳي به اوهان وٽ آئي آهيان. توهان کان شايد وسري ويو آهي اي مقدس پيءُ! ماڻهن مون کي ٻڌايو، ته اوهان بيمار آهيو. مان خيال ڪيو، ته ڇو نه اوهان جي عيادت ڪري اَچان. هاڻي مان ڏسان ٿي، ته اوهان بيمار نه آهيو. توهان اَڃا به ويهه ورهيه ٻيا به جيئرا رهندا! خدا جون اوهان تي برڪتون هجن!! اوهان کي دعائن ڪرڻ وارا گهڻائي آهن، اوهان ڪيئن بيمار ٿيندا؟“
”مان تنهنجو شڪرگذار آهيان، نياڻي!”
”ايئن مان اوهان کان هڪ ڳالهه پڇڻ گهران ٿي، اُها ڪا وڏي نه آهي. مون کي سٺ ڪٻڪ (سڪا) آهن، اُهي اُن ماڻهو کي ڏيو، جو مون کان وڌيڪ حاجتمند هجي. مان جڏهن هيڏي آيس ٿي، ته خيال ڪيم ته بهتر آهي، ته هيءَ رقم اوهان کي ڏيان، ڇو ته اوهان چڱيءَ ريت ڄاڻي سگهو ٿا، ته اُن جو مستحق ڪير ٿي سگهي ٿو؟“
”مهرباني منهنجي پياري ماءُ مهرباني! تون چڱي زال آهين. مان توکي پيار ڪريان ٿو ۽ ڪندو رهندس. اِها ننڍڙي ڇوڪري تنهنجي آهي!؟
”هائو مقدس پيءُ، اِها منهنجي آهي. لـِـزاوٽيا هـِـن جو نالو آهي.“
”اوهان ٻنهي تي خدا جون برڪتون هجن. توتي ۽ تنهنجي ٻار لـِـزاوٽيا تي. تو منهنجيءَ دل کي خوش ڪيو آهي ماءُ. خدا حافظ پيارو ٻارو! خدا حافظ!!
هن سڀني عورتن کي دعائون ڪيون، ۽ هـُـو سڀئي سندس سامهون جهـُـڪي ويون.

باب چوٿون: گهٽ عقيدت واري بيگم

هڪ زيارتڻ، جا پري کان، ڳوٺاڻين عورتن سان مربيءَ جي گفتگوءَ جو نظارو ڏسي رهي هئي، کيس دعائون ڏيندي ڏسي، سندس اکين مان لـُـڙڪ ڏڙهه ڏڙهه ڪري ڪرندا رهيا، جنهن کي هوءَ پنهنجي رومال سان صاف ڪندي ٿي رهي. اُها عورت، جا بيحد حـساس ۽ نيڪ نفس ڏسڻ ۾ پئي آئي. جڏهن مربي وٽس پهتو، تڏهن هوءَ ساڻس بيحد جوش سان ملي.
”آه! مان هت متاثر ڪندڙ نظاري کان ڪيڏي نه اَثر پذير ٿي آهيان.“ هـُـوءَ شديد جذبات کان ڳالهائي نه ٿي سگهي. مان هاڻي، اوهان سان ماڻهن جي محبت جي راز کي سمجهيو آهي. مان پاڻ به ماڻهن کي پيار ڪريان ٿي. مان ساڻن محبت ڪرڻ گهران ٿي. ۽ ڀلا مان ڪهڙيءَ ريت کين محبت نه ٿي ڪري سگهان. اسان جا عجيب و غريب روسي ماڻهو، پنهنجيءَ عظمت سان نهايت ساده دل جو آهن!”
”تنهنجي نياڻي هاڻي ڪيئن آهي؟ تون مون سان وري اُن بابت ڳالهائڻ گهرين ٿي؟“
”مان، مان اُن لاءِ فوري گذارش ٿي ڪئي، مون اُن لاءِ عرض ڪيو هو. ۽ مان ته ان لاءِ به تيار هيس، ته مان اوهان جي دريءَ جي سامهون ٽي ڏينهن ساندهه گوڏن ڀر ڪـِـري، عزت ۽ احترام سان اَندر اَچڻ جي اجازت حاصل ڪريان. مان انڪري آئي آهيان، عظيم معالـج! ته اوهان جي احسانمنديءَ جو خلوصِ دل سان شڪريو اَدا ڪري اَچان. توهان منهنجي لـِـزي جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. اوهان کيس مڪمل ڇوٽڪارو ڏنو آهي. اوهان کيس گذريل خميس تي دعا ڪئي هئي ۽ مٿس شفقت ڀـَـريو هٿ به گهمايو هو. مان تڪڙي انڪري آئي آهيان، ته اُنهن پاڪ هٿن کي چمي ڏيان ۽ پنهنجي جذبات، تعظيم ۽ اطاعت جو اظهار ڪريان“.
”ڇوٽڪاري مان تنهنجو ڇا مطلب آهي، هوءَ ته اَڃا ڪرسيءَ تي پئي آهي؟“
”سندس بخار خميس کان وٺي ڇڏي ويو آهي،“ عورت نهايت اضطراب جي حالت ۾ هڪدم چئي ڏنو. نه فقط اِهو، مگر سندس ٽنگون به هاڻي طاقت حاصل ڪري رهيون آهن. اَڄ صبح جو هـُـو هشاش بشاش اُٿي هئي ۽ رات جو ننڊ به سٺي ڪئي هئائين. سندس گلابي ڳلن ڏانهن ته نهاريو، ۽ سندس چمڪندڙ اکيون! هوءَ هميشه دانهون پئي ڪندي هئي پر هاڻي ته ٻهـَـڪي ٿي. مسرور ۽ مـَـگن آهي. اڄ صبح جو زور سان مون کان اجازت وٺي، پنهنجين ٽنگن تي سڄو سارو منٽ، سواءِ ڪنهن سهاري جي، بيٺي رهي. سندس شرط آهي ته هوءَ پندرهن ڏينهن جي اندر رقص ڪري سگهندي. مان ڊاڪٽر هرز بنسيٽيوب وٽ وئي هيس. هن پنهنجي ڪلن کي جنبش ڏيندي چيو، ”تعجب آهي، مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اَچي. اوهان جي مهرباني نه مڃون ته ٻيو ڇا ڪريون؟ لزي، سندس شڪريو اَداڪر. شڪريو اَدا ڪر.“
لـِـزيءَ جو خوبصورت چهرو، هڪدم ڳنڀير ٿي ويو. هوءَ جيتري قدر ڪرسيءَ تان اُٿي ٿي سگهي، اُٿي بيٺي. مربيءَ جي اڳيان ٻئي هٿ جوڙي بيٺي. مگر ڪيتري به ضبط ڪرڻ جي باوجود، هوءَ پنهنجي کـِـلَِ کي روڪي نه سگهي.
”اِها هن تي آهي.“ هـُـن اِليوشا ڏانهن نهاريندي چيو. هــن مان سندس ٻاراڻي بيزارگي ظاهر ٿي ڏٺي ۽ هوءَ پنهنجي خوش مذاقيءَ کي روڪي نه سگهي. اُتي جيڪڏهن ڪو موجود هجي ها، ته اُهو آسانيءَ سان اِليوشا جي چهري تي بدليل رنگ کي، جنهن سندس ڳلن کي گـُـلابي بڻائي ڇڏيو، جلدي سمجهي سگهي ها. سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ هـُـو هيٺ نهارڻ لڳو.
”اوهان جي لاءِ هن وٽ پيغام آهي. اليگزي فيودور ووچ. توهان ڪيئن آهيو؟“ ماڻس اِليوشا ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو، جنهن تي نهايت نفيس دستانو چڙهيل هو.
مربي پاسو بدلائي، مـُـڙي، اِليوشا ڏانهن غور سان نهاريو. اِليوشا، لـِـزيءَ جي ويجهو ويو ۽ عجيب بيهودي نموني سان مـُـشڪي، اُن ڏانهن پنهنجو هـٿ وڌايو. لـِـزي هاڻي پاڻ کي گهڻو اُوچو سمجهڻ لڳي.
”ڪيٽرينا ايونوا، اوهان ڏانهن هيءُ منهنجي ذريعي موڪليو آهي.“ هـُـن هڪ ننڍڙو ڪاغذ کيس وَڌائي ڏنو. ”هـُـن خاص طرح اوهان کي عرض ڪيو آهي، ته جيترو ٿي سگهي، ايترو جلد وٽس وڃو، کيس پـَـڪَ آهي، ته اوهان کيس ناراض نه ڪندا ۽ ضرور وٽس ويندا.“
”هن منهنجي لاءِ چيو آهي، ته کيس ملڻ وڃان؟ منهنجي لاءِ؟ آخر ڇا جي لاءِ؟“ اِليوشا تعجب وچان بـڙ بڙ ڪندو رهيو. سندس چهرو بلڪل تشويشناڪ ٿي لڳو.
”اُن جو واسطو ته سچ پچ دمتري فيودور پاولووچ سان آهي. مان اُهو ٻڌائيندس جو پوءِ ٿي گذريو آهي.“ ماڻس سمجهائڻ لڳي - ”ڪيٽرينا ايونوا بلڪل پختو اِرادو ڪيو آهي پر هوءَ اوهان سان ملڻ گهري ٿي. ڇا جي لاءِ؟ سو مان ٻـُـڌائي نه ٿي سگهان پر هوءَ اوهان سان جلد ملڻ گهـُـري ٿي. اِها پـَـڪ آهي، ته اوهان اُن ڏانهن ضرور ويندا. هيءُ هڪ مذهبي فرض سمجهو.“
”مان ته کيس هڪ ڀيرو ڏٺو آهي.“ اِليوشا، ساڳي پريشانيءَ جي حالت ۾ چيو.
”او، هـُـو ڪهڙي نه پرستش جي قابل ۽ بي نظير شخصيت آهي! جيڪڏهن فقط سندس تڪليفن خاطر ... ٿورو سوچيو، ته مٿس ڇا ڇا نه گذريو آهي ۽ ڇا نه هوءَ برداشت ڪري رهي آهي! خيال ته ڪيو، هـُـن لاءِ ڇا باقي بچيو آهي، هيءُ سڀ ڪجهه وحشتناڪ آهي، وحشتناڪ!”
”چڱو مان ويندس.“ اِليوشا ننڍڙي ڪاغذ کي پڙهندي چيو، جو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ پـُـرسرار هو، جنهن ۾ اهو عرض ڪيل هو، ته هـُـو سواءِ ڪنهن غور ڪرڻ جي وٽس ايندو.
لـِـزيءَ وٽ جيترو به آواز هو، اُن سان رڙ ڪري چيائين ته، ”اوهان ڪيترا نه مهربان آهيو! مون ڏانهن ڏسو، مان پنهنجي ماءُ کي چيو هو ته، ”هـُـو ڪنهن به قيمت تي نه ويندو. هـُـو پنهنجي نفس کي پاڪ ڪرڻ ۾ مشغول آهي. توهان ڪيڏا نه نيڪ آهيو. مان هميشه خيال ڪندي هيس ته توهان نيڪ هوندا. مان ايئن چوندي، ڪيتري نه خوش ٿي ٿيان.“
لـِـزيءَ جي ماءُ چپن ۾ مشڪي ۽ زوردار آواز ۾ چيائين ته، ”اليگزي فيودور ووچ! تو اسان کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. تون اسان ڏي اَچين ئي نه ٿو. اُن هوندي به لـِـزيءَ مون کي ٻه ڀيرا چيو آهي، ته هوءَ اوهان کان سواءِ ڪڏهن به خوش نه ٿي رهي.“
اِليوشا پنهنجين جهڪيل نگاهن کي مٿي کنيو ۽ وري سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. هـُـو وري به بنا ڪنهن مطلب جي مشڪيو. مربيءَ ٻيهر کيس وري نه نهاريو. بلڪ اُن راهب سان، جنهن جي بابت ٻـُـڌائي آيو آهيان ته، هـُـو لزيءَ جي ڪرسيءَ جي ڀرسان منتظر هو، ڳالهائڻ شروع ڪيو.
اُهو راهب، سادو ۽ تنگ نظر، ڪڙمين جي گروهه مان ٿي لڳو، مگر ايمان وارو ۽ راسخ الاعتقاد ٿي ڏٺو. هن ظاهر ڪيو، ته هـُـو نهايت ڏورانهين پنڌ جو، اُتر ۾ اُبدور سڪ جو ويٺل آهي ۽ سينٽ سيئلويسٽر جي غريباڻي خانقاه سان تعلق ٿو رکي، جنهن ۾ فقط ڏهه راهب رهن ٿا. مربيءَ کيس دعا ڪري دعوت ڏني، ته جنهن وقت به سندس دل چاهي، سندس حجري ۾ اَچي وڃي سگهي ٿو.
اوچتو اُن راهب، لـِـزيءَ جي شفا ڏي، واضح ۽ يقين سان اشارو ڪيو.
”بيشڪ اسان گهڻو اڳ ۾، هن جي شفا جون ڳالهيون ٿا ڪريون. جيڪڏهن ٿورو هـِـن کي افاقو ٿيو آهي، ته هيءَ مڪمل شفا ته نه چئبي. شايد ٻين سببن جي ڪري وري مرض وڌي وڃي، پر جيڪڏهن ڪا شفا ٿي به آهي، ته اها ڪنهن جي به طاقت نه آهي، پر خدا جي مرضي آهي. هيءُ سڀ خدا جي طرف کان آهي. مون کي ڏسو پيءُ!” هن راهب سان ڳالهائيندي چيو ته ”هيءُ ڪو منهنجو معمول نه آهي، ته مان ملاقاتين کي ڏسان. مان بيمار آهيان ۽ مون کي خبر آهي، ته منهنجا ڪي ٿورا ڏينهن باقي بچيا آهن.“
”اڙي، نه، نه، خدا اوهان کي اسان کان ڌار نه ڪندو. توهان اَڃا گهڻو عرصو جيئرو رهندا. تمام گهڻو وقت“ اُن معزز عورت واڪو ڪري چيو. ”اوهان ڪيئن ٿا پاڻ کي بيمار چئو؟ اوهان ته بلڪل خوش ٿا نظر اَچو. سالم ۽ پـُـر مسرت!“
”مان اڄ دستور کان وڌيڪ خوش آهيان، پر اهو سڀ هڪ گهڙيءَ لاءِ آهي، مان پنهنجي مرض کي چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن مان توکي خوش نظر اَچان ٿو، ته مون کي اِن کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ خوش ڪري نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو خوشيءَ لاءِ بڻايو ويو آهي. جو ماڻهو مڪمل طرح خوش آهي، اُن کي حق آهي، ته هو پاڻ کي چوي ته مان خدا جي رضا کي زمين تي پورو ڪري رهيو آهيان. سڀئي نيڪ مرد، سڀئي ولي ۽ سڀئي شهيد خوش هئا.“
”او، ڪيئن نه اوهان ڳالهائي رهيا آهيو. ڪيڏا نه جرئت وارا ۽ بلند الفاظ آهن؟“ اُن معزز عورت واڪو ڪري چيو، ”اوهان جا لفظ دل ۾ گهڙيو ٿا وڃن. اَڃا به خوشي ۽ خوشي - اُها آهي ڪٿي؟ ڪو پنهنجي لاءِ ڪيئن چئي سگهي ٿو، ته هـُـو خوش آهي، جيئن ته اوهان اَسان سان نهايت مهربانيءَ سان هليا آهيو، اُنڪري اجازت ڏيو، ته اسان اڄ هڪ ڀيرو وڌيڪ اوهان کي ڏسڻ لاءِ اچون. مهرباني ڪري غور سان ٻـُـڌو، ته جن ڳالهين کي مان اڳ ۾ چئي نه سگهي آهيان، اُنهن جي ٻـُـڌائڻ جي جرئت نه ڪري سگهي آهيان، جي ڳالهيون مون کي گهڻي وقت کان رنج ڏئي رهيون آهن، اُنهن جي بابت اوهان وٽ قبوليت ڏيان. مان نهايت دُکي آهيان، مون کي معاف ڪر، مان نهايت دُکي آهيان!”
هـُـن احساس جي جوش کان، مربيءَ جي سامهون پنهنجن هٿن کي مهٽيو.
”خاص ڪري ڪهڙي شيءِ کان ڏکي آهين؟“
”مان اعتقاد جي گهٽتائيءَ کان ڏکي آهيان.“
”خدا بابت بي اعتقادي؟“
”نه نه، مان اُن بابت ته خيال ڪرڻ جي همٿ به نه ٿي ڪري سگهان. مگر زندگيءَ جو مستقبل - اِها منهنجي لاءِ هڪ وڏي ڳجهارت آهي. ڪوبه نه، ڪوبه نه اُنهن کي حل ڪري ٿو سگهي. غور سان ٻـُـڌو، اوهان عظيم معالـج آهيو ۽ انساني روح کان ڪامل آگاهي ٿا رکو، بيشڪ مان اُنهن جي هام هڻي نه ٿي سگهان، ته اوهان کي اِها اُميد هجي، ته مون ۾ ڪو ڪامل اعتقاد آهي، پر مان اوهان کي پنهنجي عزت جو قسم ڏيندي يقين ڏياريان ٿي، ته هاڻي مان بي توجهيءَ سان نه ٿي ڳالهايان. قبر ۾ زندگيءَ جو خوف ڀريو خيال مون کي دهشت ۽ پريشاني ٿو ڏئي. مون کي خبر نه آهي، ته مان اِن لاءِ، ڪنهن ڏي رجوع ٿيان. جنهن جي مان سڄي حياتي همـت نه ڪري سگهي آهيان؟ هاڻي مون ۾ همٿ آئي آهي، ته هاڻي اوهان کان پڇان. خدايا! هاڻي اوهان مون لاءِ اَلائجي ڇا سوچيندا هوندا؟“
هن پنهنجا هٿ مهٽيا.
”تون پاڻ کي پنهنجي راءِ بابت تڪليف نه ڏئي.“ مربيءَ چيو، ”مون کي اوهان جي تڪليف جي صداقت بابت پورو پورو يقين آهي.“
”آه! ڪيتري قدر نه مان اوهان جي شـُـڪرگذار آهيان. اوهان کي خبر هجي، ته مان جنهن وقت پنهنجون اکيون ٻـُـوٽيان ٿي، فڪر ڪريان ٿي ۽ پاڻ کان پڇان ٿي، ته جيڪڏهن سڀني کي ايمان آهي، ته هيءُ ايمان ڪٿان ٿو اچي؟ ڪو چوي ته هيءُ سڀ اُن دهشت کان آهي، جو فطرت جي مظاهر جي خوف کان پيدا ٿئي ٿو ۽ اُنهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. هيءُ ڏسندي به مان پاڻ کي چوان ٿي، ته سڄي حياتي ايماندار رهڻ کان پوءِ به جڏهن مرنديس تڏهن منهنجو ڪوبه نشان نه رهندو، مگر قبر تي فقط اُڀريل گاهه، جيئن مان ڪنهن مصنف جي تصنيف ۾ پڙهيو آهي. هيءُ ڀيانڪ آهي! ڪهڙيءَ ريت مان پنهنجي اعتقاد کي موٽائي سگهان، مون ننڍپڻ ۾ بنا ڪنهن فڪر جي، ڪـَـٺ پـُـتليءَ وانگر اهو اعتقاد ٿي رکيو. ڪيئن هن کي ڪو ثابت ڪري سگهندو؟ مان هاڻي اچي اوهان جي سامهون پنهنجي روح کي رکيو آهي ۽ اوهان کان اُن بابت پڇان ٿي. جيڪڏهن هيءُ اتفاق به مون کان ويو، ته سڄي حياتي، ڪوبه مون کي اُن جو جواب ڏئي نه سگهندو. پوءِ ڪيئن مان هن کي ثابت ڪري سگهنديس ۽ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهنديس؟ ڪيتري نه مان رنجيده آهيان. مان بيهي پاڻ کي ڏسان ٿي، ته مشڪل سان ڪو ٻيو منهنجي پرواهه ڪري ٿو. ڪو به دماغ هن لاءِ پاڻ کي تڪليف نه ٿو ڏئي. مان ئي اَڪيلي آهيان، جا هن کي سمجهي نه ٿي سگهان. هيءُ منهنجي لاءِ ماريندڙ آهي ..... ماريندڙ!
”بيشڪ، هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي. مگر هن کي ثابت ڪري ئي نه ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ تون اُن کان متاثر به ٿي وڃين.“
”فعال محبت جي اثر سان حتي المقدور ۽ سرگرم محبت سان پاڙيسرين کي پيار ڪر. هن محبت ۾ جيئن تون وڌندي ۽ اُسرندي ويندينءَ، تنهنجي دل ۾ خدا جي صداقت لاءِ يقين پيدا ٿيندو ويندو، ۽ تنهنجي روح جي غيرفاني هئڻ جو دليل بڻبو. جيڪڏهن تو ۾ پاڙيسريءَ جي لاءِ مڪمل خود فراموشيءَ جي حالت پيدا ٿي، تڏهن توکي بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي يقين پيدا ٿيندو، جو ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي دل جي گهرائين ۾ داخل ٿي وڃي. هن کي آزمايو ويو آهي ۽ اُن جو يقين آهي.“
”فعال محبت ۾؟ هتي ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو - هڪ عجيب سوال! اوهان غور ڪريو ته، مون کي انسانيت سان محبت آهي. اوهان کي شايد اُن جو يقين اچي؟ اَڪثر مون کي هيءُ خيال ايندو آهي ته جو ڪجهه به آهي، اُن کي ترڪ ڪري ڇڏيان، ايتري قدر جو لـِـزيءَ کي به، ۽ تارڪ الدنيا راهب بڻجي وڃان. مان اکيون بند ڪري خيال ڪندي آهيان ۽ اِهو خواب ڏسندي آهيان. اُن وقت مان پاڻ ۾ غيبي طاقت محسوس ڪندي آهيان، جا سڀني خرابين تي ڇانئجي ويندي آهي. اُن وقت مان ڪنهن به زخم يا ڏک ڀري تڪليف کان نه ڊڄندي آهيان. مان اُنهن کي قابو ڪري پنهنجن هٿن سان ڌوئي صاف ڪندي آهيان. مان مصيبت ماريلن جي مداوا ڪنديس. مان تيار آهيان ته اُنهن زخمن کي چمان“.
”هيءُ چڱو ٿيو، جو تنهنجي دل انهن خوابن سان معمور آهي، ۽ اُن ۾ غير نه آهي. ڪنهن وقت نه ڄاڻندي به تون نيڪيءَ جو ڪم، حقيقت سمجهي سرانجام ٿي ڪرين.“
”هائو، پر مان اهڙي حياتي هميشـه گذاري سگهنديس؟ هوءَ معزز عورت ڪجهه گرميءَ مان چوڻ لڳي، ”هيءَ مکيه سوال آهي ۽ نهايت تڪليف ڏيندڙ سوال! مان پنهنجون اکيون بند ڪري پاڻ کي چوندي آهيان، ته ”تون گهڻو وقت پاڻ کي هن رستي تي قائم رکي سگهندين؟ جيڪڏهن ڪو مريض، جنهن جا تون زخم ڌوئي رهين آهين، تنهنجي ناشڪر گذاريءَ ڪري ۽ اُٽلو پنهنجي هـَـوس سان مايوس بڻائي، تنهنجي فياضيءَ سان ڀريل خدمتن کي ناقدردانيءَ سان ڏسي ۽ غليظ گفتگو ڪري، شوخي سان ملائي ۽ توکان وڌيڪ اقتدار وارن وٽ شڪايت ڪري (اُهو اڪثر تڏهن جڏهن ماڻهو وڏيءَ تڪليف ۾ هوندو آهي) - پوءِ ڇا؟ اوهان جي محبت پوءِ به باقي رهي سگهي ٿي يا نه؟ هاڻي اوهان خيال ڪريو، مان ڪهڙي نه دهشت انگيز نتيجي تي پهچي وئي آهيان. جيڪڏهن ڪا به شي“، منهنجي انسانيت جي محبت کي پاش پاش ڪري ٿي، ته اِها ناشڪرگذاري آهي. مختصر ته پوءِ ايئن لڳي ٿو، ته مان مزدوريءَ تي هڪ ملازمه آهيان ۽ مون کي اُميد رکڻ گهرجي، ته اُن جي رقم مون کي هڪدم ملي وڃي - اِهائي محبت جي لاءِ محبت جي تعريف ۽ اَدائگي آهي. ٻيءَ حالت ۾ مان ڪنهن کي پيار ڪرڻ جي لائق ئي نه آهيان.“
ايئن چوندي، هن مان پنهنجي لاءِ شديد نفرت جو احساس پئي ڏٺو. هن مربيءَ ڏانهن حريفاڻين نگاهن سان نهاريو ۽ جواب جو انتظار ڪرڻ لڳي.
”هيءَ ساڳي ڪهاڻي آهي، جا مون کي هڪ ڀيري هڪ ڊاڪٽر ٻـُـڌائي هئي“. مربيءَ چيو. ”هو وڏيءَ عمر وارو ” نهايت هوشيار هو. هـُـو به ايئن صاف ڳالهائي رهيو هو، جيئن اوهان. جيتوڻيڪ هـُـو مذاق هو ۽ تلخ مذاق. هـُـن چيو ته مان انسانيت سان پيار رکان ٿو، پر مان پاڻ تي عجب به کاوان ٿو. جيئن مان عام طرح انسانيت کي پيار ڪريان ٿو، تيئن مان خاص طرح انسان سان گهٽ محبت ڪريان ٿوءِ. هن چيو، ته مان اَڪثر پنهنجي خوابن ۾ انسانيت جي خدمت لاءِ وڏي شوق مان رٿون تيار ڪندو آهيان. اُن لاءِ جيڪڏهن هيءُ ضروري ٿي پوي، ته مان صليب تي چڙهي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهيان. اُن هوندي به مان هڪ ڪمري ۾، ڪنهن سان به، ٻه ٽي ڏينهن گڏ رهي نه سگهندو آهيان. جيئن مون کي پنهنجو تجربو آهي، ته جيئن ئي ڪو منهنجي ويجهو ايندو آهي، ته اُن جي شخصيت مون ۾ بي آرامي پيدا ڪندي آهي ۽ منهنجي آزاديءَ جي مٿان روڪ پئجي ويندي ۽ خاطر جمعي کسجي ويندي آهي. چوويهن ڪلاڪن جي اندر اندر مان بهترين انسان کان نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهيان، ڇو؟ هڪ ته هـُـو رات جي مانيءَ تي گهڻو وقت وٺي ٿو. ٻيو ته کيس زڪام آهي، ۽ هر وقت نـَـڪ کي پيو ٿو سڻڪي. مان اُنهن ماڻهن جو اُن وقت دشمن بڻجي وڃان ٿو، جڏهن هـُـو منهنجي قريب اچن ٿا. مگر هميشه ايئن ضرور ٿيو آهي، ته جيئن مان انسانن سان انفرادي طرح نفرت ڪريان ٿو، تيئن انسانيت سان محبت ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي.“
”پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن حالت ۾ ڪو ڇا ڪري سگهي ٿو. هـُـن کي نااُميدي ۾ رهڻ گهرجي؟“
”نه، اُهو ناخوشيءَ جو انداز خود اُميدافزا آهي. توکي جيڪي وڻي سو ڪر، اِهو فعل توکي خود جاچي ٻڌائيندو، ته تو اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. تو نهايت گهرائيءَ ۽ صداقت سان پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن واقعي تون مون سان ايڏو صداقت سان ڳالهائيندي رهي آهين ۽ اِهو فقط اِنهيءَ لاءِ آهي، ته تون فقط پنهنجي صاف گوئيءَ لاءِ، منهنجي پسنديدگي حاصل ڪرين، جا ٿورو وقت اڳ مون کان حاصل ڪئي اَٿئي، ته اهڙيءَ حالت ۾ تون ڪڏهن به سچي محبت جي مسرت حاصل ڪري نه سگهندينءَ. تنهنجون سڀئي شيون خوابي حيثيت ۾ رهنديون ۽ تنهنجي سڄي حياتي وهمي صورت بڻجي پوندي. اهڙيءَ حالت ۾ فطرتاََ تون پنهنجي آئنده حيات تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏيندين. تنهنجي خواهش آخر ۾ سنجيدگيءَ جو فقط نمونو بڻجي ويندي.“
”اوهان مون کي مغلوب ڪري ڇڏيو، هاڻي ۽ هن گفتگو ڪرڻ سان. مان ڄاڻان ٿي ته سچ پچ کان پنهنجي صداقت لاءِ فقط اوهان جي پسنديدگي تي ڳولي، اُن وقت جڏهن مان اوهان کي چيو ٿي، ته مان ناشڪرگذاريءَ کي برداشت ڪري نه ٿي سگهان. اوهان مون کي، منهنجي سامهون ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. اوهان منهنجي اندر جي گهراين کي ڏٺو آهي ۽ منهنجي سامهون ئي منهنجي تشريح ڪئي آهي“.
”تون سچ ڳالهائي رهين آهين. هاڻي تنهنجي هن اعتراف کان پوءِ، مان خيال ٿو ڪريان ته تون سچ ٿي چوين ۽ تنهنجو قلب پاڪ آهي. جڏهن توکي ڪا خوشي حاصل نه ٿي ٿئي، ته توکي هميشه ياد رکڻ گهرجي ته سنئين رستي تي آهين. پوءِ توکي ڪوشش ڪري اهو ڇڏڻ گهرجي. سڀ کان مٿي ڪوڙ کان پاسو ڪر، سڀ ڪنهن قسم جي ڪوڙ کان. خاص ڪري اُن ڪوڙ کان، جو پاڻ سان ٿي ڳالهائين. تون پنهنجي فريب تي نظر رک. گهڙي گهڙي ۽ هر منٽ ۾ اُن کي ڏِسُ. اِهڙيءَ ريت پاڻ کان ۽ ٻين کان نفرت ڪرڻ ڇڏي ڏئي. جا به تو ۾ خرابي ڏسڻ ۾ اَچي ٿي، اُها اهڙيءَ ريت نظر ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ صاف ٿي ويندي. خوف ۽ خطري کان پاسو ڪر، ڇو ته خوف به ڪوڙ جي پيداوار آهي. محبت جي حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجي قلب جي ناتواني کان نه ڊڄ. تون پنهنجي بدعمليءَ کان به خوف نه کاءُ. مون کي ڏک آهي، جو مان هن کان وڌيڪ تنهنجي تسليءَ لاءِ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته عملي محبت، خوابي محبت کان وڌيڪ ڏکي ۽ خوفائتي شيءِ آهي. رويائي محبت جو عمل تڪڙو ۽ فوري ٿئي ٿو، جو سڀني جي توجهه کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اُن جو عامل اُن موقعي تي، پنهنجو سر به فدا ڪري ڇڏي، پر هيءَ آزمائش جٽاءَ واري نه ٿي ٿئي ۽ جلد ئي ختم ٿي وڃي ٿي. بلڪل اهڙيءَ ريت جيئن ڪنهن کي اسٽيج تي ويهاريو وڃي ۽ سندس ساراهه ڪئي وڃي. مگر عملي محبت، محنت ۽ مصيبت ۾ تحمل آهي. ڪن ماڻهن لاءِ ته مڪمل علم آهي. مان اوهان کي ذهن نشين ڪرائڻ گهران ٿو ته اُن وقت جڏهن اوهان وحشت سان هيءُ ڏسو ته پنهنجن ڪوششن هوندي به پنهنجي منزل کي قريب تر هئڻ جي بجاءِ پري وڃي رهيا آهيو - اُن وقت ئي اوهان پنهنجي مراد کي پهچو ٿا ۽ خالق جي پراِسرار طاقت کي گرفت ۾ آڻيو ٿا، جو هميشه اوهان کي پيار ڪري ٿو ۽ اوهان جو رهنما آهي. مون کي معاف ڪيو، جو مان گهڻو وقت اوهان وٽ ترسي نه سگهان. ٻيا منهنجي انتظار ۾ آهن. خدا حافظ!”
معزز عورت روئي رهي هئي. هن اوچتو رڙ ڪري چيو:
”لزي، لزي، هن کي دعا ڪريو.“
مربيءَ مذاق مان چيو، ”هيءَ محبت ڪرڻ جي لائق نه آهي. مان سمورو وقت سندس شرارتن کي ڏسندو رهيو آهيان. تون اليڪسي تي ڇو کلي رهي هئين؟“
لزي سچ پچ سمورو وقت مٿس ٺٺولي ڪندي ٿي رهي. هـُـن اڳ ۾ سمجهي ڇڏيو هو، ته اليوشا شرميلو ۽ اُن ڏانهن ڏسڻ کان ڪيٻائي ٿو، جو کيس نهايت وڻندڙ ٿي لڳو. هـُـن ڄاڻي ٻجهي انتظار ٿي ڪيو، ته سندس اکين سان پنهنجون اکيون ملائي. مگر اليوشا ثابت قدميءَ سان، اُنهن نگاهن کي برداشت نه ٿي ڪري سگهيو. هـُـن اُن قابلِ مزاحمت نگاهه کي اوچتو کنيو ۽ لزيءَ ڏي نهاريائين. هـُـن خوشيءَ مان مشڪي سندس چهري ڏانهن ڏٺو. اليوشا زياده بي حواس بڻجي ويو ۽ آخر اُتان ڦـِـري وڃي مربيءَ جي پٺيان لڪو. ٿوري وقفي کان پوءِ، ڪنهن ناقابلِ برداشت ڪشش کان هن اکيون کڻي ڏٺو، ته اَڃا به اُن ڏانهن نهاريو وڃي ٿو يا نه؟ هن ڏٺو ته لـِـزي، ڪرسيءَ مان لڙڪي، پاسي کان ليئا پائي رهي آهي ۽ شوق مان انتظار ڪري رهي هئي، ته هـُـو اُن ڏانهن نهاري به ٿو يا نه؟ سندس نگاهه کي ڏسندي، ايترو ته کلي جو مربيءَ کي چوڻو پيو، ته ”شرير ڇوڪري! هن سان ايترو مذاق ڇو ڪري رهي آهين؟“
لـِـزيءَ جو چهرو اوچتو ۽ اُميد جي خلاف ڳاڙهو ٿي ويو. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چهرو بلڪل سنجيده ٿي ويو. هن نهايت تڪڙي ۽ بي چين آواز ۾، جو شڪوه سان ڀريل هو، چيو ته:
”هن، سڀڪنهن شيءِ کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ مان جڏهن ننڍڙي هيس، ته هيءُ مون کي کڻندو هو. اَسان گڏجي کيڏندا هئاسون. هـُـو مون کي پڙهائڻ لاءِ ايندو هو. اوهان کي هنن ڳالهين جي خبر آهي؟ ٻه سال گذريا، جڏهن ويو ٿي، تڏهن مون کي چيو هئائين، ته هـُـو مون کي نه وساريندو. اسان هميشه جي لاءِ، هميشه جي لاءِ، هميشه جي لاءِ! هڪ ٻئي جا دوست آهيون. مگر هاڻي هـُـو هڪدم مون کان خوف کائڻ لڳو آهي. ڇا مان هن کي ڳڙڪائي وينديس؟ هـُـو ڇو نه ٿو منهنجي ويجهو اَچي؟ ڇو نه ٿو مون سان ڳالهائي؟ ڇو، هـُـو اسان کي ڏسڻ لاءِ نه ايندو؟ اوهان ئي آهيو، جو کيس اسان ڏي اَچڻ جي اجازت نه ٿا ڏيو. اسان کي خبر آهي ته هـُـو جاڏي ڪاڏي وڃي ٿو. هيءُ منهنجو اخلاق نه آهي، جو مان کيس دعوت ڏيان. کيس اِهو پاڻ، پهريائين خيال ڪرڻ کپندو هو، جيڪڏهن واقعي، هـُـن مون کي نه وساريو آهي. نه، هاڻي هـُـو پنهنجي روح جو بچاءُ ڪري رهيو آهي! اوهان کيس اِهو ڊگهو جـُـبو ڇو پهرايو آهي؟ هن سان جيڪڏهن هـُـو ڊوڙندو ته ڪـِـري پوندو.“
اوچتو هن پنهنجي چهري کي هٿن ۾ لڪايو. اَڻ سهڻ جهڙي اعصابي دوري ۾ مبتلا ٿي ڏڪي به رهي هئي ۽ کـِـلي به رهي هئي. مربي مـُـشڪي، کيس غور سان ٻـُـڌو. نهايت پيار مان کيس دعا ڪيائين. جيئن ئي لـِـزي سندس هٿ کي چميو، هـُـن اُوچتو، اُن کي پنهنجي اکين تي رکيو ۽ دانهون ڪرڻ لڳي.
”مون تي غصو نه ڪريو. مان بيوقوف آهيان ۽ ڪنهن به ڪم جي نه آهيان ... شايد اليوشا صحيح هجي، بلڪل صحيح. شايد هـُـو مون جهڙي نامعقول ڇوڪريءَ کي اَچي، ڏسڻ نه چاهيندو هجي!”
پر مربيءَ کيس چيو، ته ”مان پـَـڪَ سان کيس اوهان ڏي موڪليندس“.

باب پنجون: اِيئن ٿيندو، اِيئن ٿيندو

مـُـربيءَ پنهنجي حـُـجري مان قريباََ پنجويهه منٽ غيرحاضر رهيو. اُن وقت ساڍا ٻارنهن ٿيا هئا، پر دمتري، جنهن لاءِ هـُـو سڀ اُتي اَچي گڏ ٿيا هئا، اَڃا پيدا ئي نه ٿيو هو. معلوم ايئن پئي ٿيو، ته هن کي ڄڻ ته سڀني وساري ڇڏيو آهي. مربي وري جڏهن پنهنجي حـُـجري ۾ داخل ٿيو، ته هن ڏٺو ته سڀئي مهمان نهايت شوق مان گفتگوءَ ۾ مشغول آهن. ايون ۽ ٻه راهب اُن ۾ وڏو حصو وٺي رهيا هئا. موسيوف به اُن ۾ حصي وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر هن ۾ به هـُـو ڪامياب ٿي نه سگهيو هو. کيس فرصت ئي نه ٿي ملي، جو پاڻ کي نمايان بڻائي سگهي. هـُـن جو به ڳالهايو ٿي، اُن ڏانهن ڪنهن به توجهه نه ٿي ڏنو، جنهن ڪري سندس غصو وڌندو ٿي ويو. ايونا سان سندس اڳ ۾ گهڻيون ئي شعوري ۽ ذهني ملاقاتون ٿي گذريون هيون، مگر هن دفعي، هـُـو سندس بي توجهيءَ کي، جو ساڻس ڏيکاري رهيو هو، برداشت ڪري نه ٿي سگهيو. هن خيال ڪيو ته:
”هن کان اڳ ۾، مان ترقي پذير يورپ جي پهرئين قطار ۾ اول هئس، مگر هتي، هن نئين نسل، اسان کي بلڪل فراموش ڪري ڇڏيو آهي.“
فيودور پاولووچ، جنهن واعدو ڪيو هو، ته هـُـو خاموش ۽ چـُـپ رهندو، ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ رهيو، پر هـُـو پنهنجي پاڙيسري موسيوف کي ٽوڪ ۽ طنزيه نموني زيرلب مـُـشڪ سان نهاريندو رهيو ۽ اُن جي اعصابي تڪليف کي ڏسي خوش پئي ٿيو. گهڻي وقت کان هن چاهيو ٿي، ته اُن کان انتقام وٺي. انڪري هيءُ موقعو به سندس هٿ ۾ آيو هو، اُن کي هن وڃائڻ نه ٿي گهريو. آخر، هـُـو پنهنجي خودداريءَ کي روڪي نه سگهيو، سندس ڪلهي جي ويجهو ٿي، چيڙائڻ جي نموني سرگوشي ۾ چيو ته:-
”اوهان اُن وقت ئي ڇو نه هليا ويا، جڏهن خوش خلقي سان مربي کي چمي ڏني هـُـيوَ؟ اوهان ڇو هن فاسد سنگت ۾ موجود رهڻ جي قبوليت ڏني؟ هيءُ سڀ شايد اِن لاءِ هو، ته اوهان کي، جا تڪليف پهتي ۽ بي عزت ڪيو ويو، اُن لاءِ اوهان ترسي، پنهنجي هوشياريءَ سان انتقام وٺڻ گهريو آهي. هاڻي اوهان ايستائين وڃي به نه ٿا سگهو، جيستائين اوهان پنهنجي هوشياريءَ کي هـِـنن تي ظاهر نه ڪريو.“
”تون وري ...... تنهنجي ڳالهين جي برعڪس مون کي وڃڻ گهرجي.“
”تون ڪٿان ويندين؟ تون ته پويون هوندين جو هتان ويندين؟“ فيودور پاولووچ طعني طور کيس ٻي ضرب هنئين. عين اُن وقت زوسيما به اَچي پهتو.
سڄو بحث هڪ لحظي لاءِ بند ٿي ويو. مگر مربيءَ پنهنجي اڳينءَ نشست تي ويهندي، سڀني کي اهڙيءَ طرح پيار سان ڏٺو جو ڄڻ چاهيائين ٿي ته اِهو گفتگو جاري رهي. اِليوشا، جو سندس چهري جي نشيب ۽ فراز جو ڄاڻو هو، ته هـُـو حد کان وڌيڪ ٿڪل آهي ۽ ڏاڍيءَ ڏُ کيائيءَ سان استقامت اختيار ڪئي اَٿس. سندس ناتواني اِنهيءَ حد تي پهتل هئي، جو ٿي سگهيو پئي، ته هـُـو بيهوش ٿي وڃي. سندس چهرو گوماٽجي ويو هو، جو اڪثر اِهڙي دوري کان اڳ ۾ لڳندو آهي. سندس چـَـپَ سفيد ٿي ويا هئا، پر اُن هوندي به هـُـن نه ٿي چاهيو، ته اُن جماعت کي منتشر ڪري. ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ته اُن جماعت کي ترسائڻ ۾ سندس ڪو خاص مطلب هو. ڪهڙو مطلب هوندو؟ اليوشا نهايت غور سان کيس جاچي رهيو هو.
پادري ايوزف، لئبررين، اَيون ڏي اشارو ڪري، مربيءَ کي چيو ته، ”مان سـَـکر ماڻهوءَ سان هڪ دلچسپ مضمون تي بحث ڪري رهيو آهيان. هيءُ اهڙيون شيون پيش ڪري رهيو آهي، جي جديد آهن، پر مان خيال ڪريان ٿو، ته دليل ٻنهي طرفن جا مضبوط آهن. هن سکر ماڻهوءَ، هڪ ڪتاب جو، جنهن کي ڪليسا وارن، ڪليسائي ضابطي ۾ اُن جي حدن بابت لکيو آهي، جواب ڏنو آهي.“
”مون کي ڏک آهي جو مون اِها تحرير نه پڙهي آهي، پر مون اُن جي لاءِ ٻـُـڌو ضرور آهي.“ مربي ايون ڏانهن پـُـر شوق ۽ سواليه نگاهن سان ڏٺو.
پادري ايوزف لئبررين، پنهنجي گفتگو جي سلسلي کي جاري رکندي چيو ته، ”هـِـن بحث ۾ هـِـن سکر ماڻهوءَ، نهايت دلچسپ مقام حاصل ڪيو آهي. هيءُ صاف طرح هن حقيقت جو انڪاري آهي، ته ديول کي رياست کان جدا ڪيو وڃي.“
مربي زُوسيما، اَيون کان پڇيو ته، ”هيءُ دلچسپ ته آهي پر ڪهڙي مراد سان؟“
ايون، اِليوشا جي تصـور جي خلاف، جنهن کي خوف هو، ته هـُـو شـُـتر بي مهار ٿي گفتگو ڪندو، گستاخيءَ واري آواز کي ڇڏي، نهايت نهٺائيءَ ۽ ادب واري آواز ۾ چيو ته:
”منهنجو عقيدو هن نظريي تي آهي، ته هيءُ ٻه شيون، يعني ڪليسا ۽ رياست، جيڪڏهن گڏ رهن، ته کين ابديت حاصل ٿي ويندي. جيتوڻيڪ هيءُ به ناممڪن ٿو نظر اَچي، ته هي ٻئي پاڻ ۾ شامل رهي سگهنديون. ڇاڪاڻ ته هنن جي بنيادي اُصولن جي مونجهاري سبب، سندن يڪسانيت مان مفيد نتيجا ظاهر ٿين، ناممڪن آهي، ڇو ته ٺاهه جي بنياد ۾ ئي دروغ گوئي هوندي. ڪليسا ۽ رياست ۾ ساز ۽ سـُـلوڪ اَچي، خاص طرح اهڙن سوالن ۾ مثلاََ: اختيار سماعت جو حـَــدون - صحيح معنيٰ ۾ ٺاهه جو باعث ٿينديون؟ منهنجي خيال ۾ هيءُ نهايت مشڪل آهي.
هيءُ مذهبي جماعت جو نمائندو، منهنجو مخالف ٻـُـڌائي ٿو، ته ڪليسا کي رياست ۾ صحيح ۽ واضح مقام حاصل آهي. مان ته سندس برعڪس، هن خيال جو آهيان، ته سڄيءَ رياست کي ڪليسا ۾ ضم ڪرڻ گهرجي. نه ايئن ته اُها اُن جي ڪنهن گوشي ۾ هجي! جيڪڏهن اِهو ڪن سببن جي ڪري هاڻي ناممڪن آهي، ته اُن کي حقيقي معنيٰ ۾ ترتيب ڏيڻ گهرجي، ته جيئن عيسائي سماج ۾ آئندي ترقيءَ کي سنئون سـِـڌو، حاصل ڪري سگهجي.“
”بلڪل صحيح“. پاديسي راهب، جو خاموش ۽ وڏو عالم هو، پنهنجي فيصلائتي راءِ ڏني.
”هيءُ خالص مذهبي تعصب آهي“. موسيوف بي صبريءَ مان ٽنگن کي هيڏي هوڏي لوڏيندي چيو.
راهب ايوزف رڙ ڪري چيو ته، ”ٺيڪ آهي، اسان جي اڳيان ڪوبه پهاڙ نه آهي“. هن مربيءَ ڏي رُخ ڪري، گفتگوءَ جي سلسلي کي جاري رکيو ته، ”اوهان مهرباني ڪري منهنجي مخالف جي جواب تي غور ڪريو. هيءُ هڪ بنيادي ۽ ضروري مسئلي تي ڳالهائي رهيو آهي. سندس گفتگو مان اوهان کي معلوم ٿيندو، ته هيءُ ڄڻ ته ڪليسا جو ڪو عهديدار آهي. هيٺيون بنيادي ڳالهيون وضاحت طلب آهن.
پهريون، ڪنهن به جماعت کي هيءُ حق نه ٿو پهچي، ته هـُـو پنهنجي ارڪان جي شهري ۽ سياسي حقن کي پنهنجي تصرف ۾ رکي. ٻيو ڪليسا کي ڪنهن به ريت هيءُ حق نه آهي، ته سماجي ۽ فوجداري ڳالهين کي پنهنجي اختيار سماعت ۾ آڻي، ڇاڪاڻ ته هي خدائي اداري سان گڏ، انسانن لاءِ مذهبي ڳالهين جو هڪ خالص ۽ پاڪ نظام آهي. آخري ۽ ٽئين ڳالهه هيءَ ٿي اَچي، ته ڪليسا هن جهان جي بادشاهت نه آهي“.
”هيءَ غلط گوئي ۽ لفاظي، هڪ ڪليسا جي عهديدار کي نه ٿي سونهي!” راهب پاديسي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين ته، ”مون اُن ڪتاب کي پڙهيو آهي، جنهن جو تو جواب ڏنو آهي“. هن اَيون کي خطاب ڪري چيو، ” ۽ مان هنن لفظن تي ته ڪليسا هن جهان جي بادشاهت نه آهي - عجب کاڌو. واقعي جيڪڏهن هيءَ جهان جي بادشاهت نه آهي، ته پوءِ هن جو وجود زمين تي ڪونه آهي. انجيل ۾ جي لفظ - هن جهان مان نه آهي - چيا ويا آهن، اُنهن کان اِها مراد نه آهي، جا ورتي وڃي ٿي. هنن لفظن سان کيڏڻ، ناقابل حمايت آهي. يسوع مسيح دنيا ۾ ڪليسا کي برپا ڪرڻ لاءِ آيو. آسماني بادشاهت بيشڪ هن جهان جي نه آهي، پر آسماني آهي، پر ڪليسا جي وسيلي ئي، جنهن کي هن زمين تي قرار آهي، آسمان ڏي وڃي سگهجي ٿو. پوءِ اهڙن لفظن سان ٻٽي معنيٰ ۾ کيڏڻ نه فقط غلط آهي، پر اُن کي ڪڏهن به بخشي نه ٿو سگهجي. حقيقت ۾ ڪليسا هڪ بادشاهت آهي ۽ حڪومت ڪرڻ جي حقدار آهي. اهـُـا سڄي زمين تي قابض ٿي ويندي، جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي“.
اَيون فيودورووچ، جو نهايت احترام سان کيس ٻـُـڌي رهيو هو، ٻيهر زوسيما کي خطاب ڪيو، سندس گفتگو ۾ اڳي وانگر سنجيدگي ۽ سادگي ٿي ڏٺي.
”منهنجي مقالي جو بنيادي فڪر هيءُ آهي ته قديم زماني ۾ يعني ٽي صديون اڳ، مسيحت اڪيلي، فقط ڪليسا جي صورت ۾ زمين تي ظهور ڪيو. اُن وقت روم جي مشرڪ حڪومت جي خواهش هئي، ته مسيحي دين ۾ اَچي. هـُـو عيسائي بڻجي ويا ۽ ڪليسا کي پاڻ سان شامل ڪيائون، پر سندن رياست سڀڪنهن طور ۽ طريقي سان مشرڪ ٿي رهجي وئي. حقيقت ۾ اِهو سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيڻو هو. ڇاڪاڻ ته روم جي شهنشاهيت رياست جي حيثيت ۾، حد کان وڌيڪ مشرڪاڻي تمدن ۽ تهذيب کي پنهنجي اندر محفوظ ٿي رکيو. مثال طور، ڪيئي بنيادي رياست جا اُصول. عيسائي ڪليسا، رياست ۾ شامل ٿيندي ئي بيشڪ اُن جي بنيادي اُصولن جي ڪنهن به حصي جي سامهون نه جـُـهڪي. هـُـو پهاڙ وانگر قائم رهي، هـُـن ڪنهن به ٻئي مقصد ۽ اِرادي کي گرفت ۾ آڻڻ نه گهريو، پر جو ڪجهه خدا جي طرف کان الهامي طور مقرر ٿيو. هـُـن سڄي دنيا کي پاڻ ڏي ڇـِـڪيو ۽ قديم مشرڪ رياست پاڻ ڪليسا ۾ شامل ٿي وئي. اهڙيءَ ريت (جنهن تي مستقبل جي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي) هيءُ ڪليسا جو ڪم نه آهي، ته پنهنجي مقرر ٿيل مقام کي رياست ۾ ڳولي. جيئن هر ڪو سماجي نظام يا انسان جي مذهبي مقصدن جو نظام چاهي ٿو. (جنهن کي منهنجو مخالف ڪليسا سڏي ٿو.) برعڪس اُن جي، سڀ ڪا زميني رياست، آخر ۾ مڪمل طور تي ڪليسا ۾ مدغم ٿيڻ گهرجي ۽ اُنهن سڀني مقصدن کي رد ڪري ڇڏي، جن جو ڪليسا سان ٽڪراءُ ٿئي. هيءُ، هن کي خفيف نه ڪندو نه وري اُن جي حيثيت گهٽجي ويندي، نه وري اُن جو شان ۽ شوڪت، هڪ عظيم رياست کان گهٽ ٿيندا نه وري اُن جي حاڪمن جي شان ۾ ڪا گهٽتائي ايندي. هي تنهن کي ڪوڙي، مشرڪاڻي ۽ غلط رستي کان بچائي، صحيح ۽ سچي راهه ڏي وٺي ويندي، جو تنها رستو ان کي غير فاني منزل ۽ مقصد ڏي وٺي ويندو. اِهوئي سبب آهي، جو ’اُصول عدالت مذهبي‘ جي مصنف پوري تور ۽ تڪ سان، اُنهن بنيادي حقيقتن کي ڳولي ۽ لکيو آهي، جنهن کي هـُـو اسان جي پـُـر گناهه ۽ نامڪمل دور جي لاءِ عارضي ٺاهه ٿو سمجهي. پر جڏهن مصنف هي خوفائتو اظهار ٿو ڪري، جنهن جي ڪجهه حصي کي راهب ايوزف هاڻي شمار ڪيو آهي - دوامي آهن. تڏهن هـُـو سنئون سڌو ڪليسا جي مخالفت ٿو ڪري. هيءُ هڪ مقدس ۽ جاوداني شغل آهي ۽ بس. هيءُ منهنجي مقالي جو تـَـتُ آهي.“

”اِها ئي مختصر حقيقت آهي“. راهب پاديسي پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکندي چيو. هـُـو هر هڪ لفظ کي ڇنڊڻ ۽ ڇاڻڻ لڳو. ”ڪن اُصولن جي مطابق، جي اُڻويهين صدي عيسويءَ ۾ وضاحت سان بڻايا ويا آهن، ڪليسا کي رياست ۾ مدغم ٿيڻ گهرجي. اِها ڄڻ ته نشيب کان فراز ڏي چڙهائي ٿيندي. اُن ۾ غائب ٿي وڃڻ سان اسان علم لاءِ هڪ راهه بڻايون ٿا، جا هن دور جي تهذيب ۽ تمدن جي روح ڏي وٺي ويندي، پر ڪليسا جيڪڏهن ابتڙ زور ڏنو ۽ آمادگي نه ڏيکاري، ته اُن جو ڪو حصو جدا ٿي رياست سان وڃي ملندو ۽ اُن جي پوري ضابطي هيٺ هوندو. هيءُ جديد مغربي ملڪن ۾ جتي ڪٿي عام ٿي ويندو. مگر روسين جون اُميدون ۽ ذهني تصور، هيءُ نه ٿو چاهي ته ڪليسا نشيب کان گذري، رياست جي مٿاهين قسم تي پهچي. ان جي برعڪس هـُـو چاهين ٿا، ته رياست جي پڇاڙي تڏهن سـَـرهي ٿيندي، جڏهن هـُـو محض ڪليسا بڻجي وڃي ۽ نه ٻيو ڪجهه. اِيئن ٿيندو، اِيئن ٿيندو!”
موسيوف پنهنجي ٽنگ وري ڦيرائيندي ۽ مشڪندي چيو ته، ”مان قبول ٿو ڪريان ته تو مون کي ڪجهه نه ڪجهه تسلي ڏني آهي. جيستائين مان خيال ٿو ڪريان ته معلوم ايئن ٿئي ٿو، ته هيءُ معيار گهڻو دور آهي، ايترو دور، جو جيستائين مسيح دنيا ۾ وري اَچي. لڙائي تي بندش، سياست ۽ بئنڪاري، هي يوٽوپيا جو هڪ خواب آهي. يعني جهان تي سوشلزم جي حڪومت قائم ٿي ويندي. مان ڏسان ٿو ته ڪليسا دادرسيءَ جي لاءِ تيار ٿي ويندي. ڏوهارين تي مقدمو هلائڻ ۽ اُنهن کي چهبڪ هڻائڻ، قيد جي سزا ڏيڻ ۽ موت جي حد تائين، اُن جا اختيار رهندا.“
”پر جيڪڏهن فقط ڪليسا جي عهديدارن جي ڪورٽ رهي ته پوءِ اُنهن کي هن سزائن ڏيڻ جي ضرورت ئي نه رهندي. ڏوهه ۾ اُنهن تي مقدمي هلائڻ جون راهون ئي بدلجي وينديون. اِهو ڪم يڪدم ته ٿي نه سگهندو، پر آهستي آهستي.“ ايون، گهٻرائڻ کانسواءِ نهايت ڳنڀير ٿي چيو.
”توکي هن جي پـَـڪ آهي،“ موسيوف کيس پر شوق نگاهن سان ڏٺو.
”جيڪڏهن ڪليسا کي اِهي اختيار مليا، ته هـُـو پنهنجي اندر سڀني ڏوهارين ۽ نافرمانن کي شامل ڪندي، سندن مٿا ڪونه وڍيندي.“ ايون گفتگو جو سلسلو جاري رکندي چيو. مان اوهان کان پڇان ٿو، ته هن شموليت جو ڪهڙو اَثر پوندو؟ ڪوبه ڏوهه ڪرڻ سان، ماڻهن کان نه پر جناب مسيح کان پري ٿي ويندو. هن گويا ڏوهه ڪرڻ سان انسانيت جي خلاف ورزي نه ڪئي هوندي، پر خود جناب مسيح جي. مان يقين سان چوان ٿو بي شڪ هاڻي به ايئن آهي، پر اُن جي صاف وضاحت نه آهي. ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اَچي ته ڪو ڏوهاري، پنهنجي ضمير کي هيئن چئي تسلي ڏئي ٿو، ته ’مان وري ڪريان ٿو، پر ڪليسا جي خلاف ته نه ٿو وڃان. مان جناب مسيح جو دشمن نه آهيان.‘ پر جيڪڏهن ڪليسا، رياست جي بجاءِ جاءِ وٺندي ته، هن جي لاءِ هيءُ مشڪل ٿي پوندو جو ڪليسا جي مخالفت ڪري، جا سڄي دنيا تي ڇانيل آهي. ۽ اِيئن چوڻ ته سڀ ماڻهو غلطيءَ تي آهن ۽ سڄي انسانيت، ڪليسا جي ڪوڙ ۽ فريب ۾ ورتل آهي، بيهودگي ٿيندي. مان چور ۽ قاتل جي هوندي به پـَـڪو مسيحي آهيان، ڪليسا جي ضابطي هيٺ چئي نه سگهبو. اُن جي لاءِ غير معمولي اسباب جي ڪامياب جوڙجڪ هئڻ کپي.
ٻئي طرف ڪليسا جي ڏوهه بابت پنهنجو تصور ملاخطه ڪريو. ڇا ُها پنهنجي موجود مشرڪاڻي طور ۽ طريقي کي شهرت نه ٿي ڏئي؟ ڇا هـُـن سماج جي حفاظت ڪرڻ لاءِ، داغدار ارڪان کي، مشيني طريقي سان علحده ڪرڻ جي ڪا ڪوشش به ڪئي آهي؟ صداقت سان تبديل آڻڻ لاءِ، موجوده دور ۾، انسان جي نئين نسل جي اصلاح لاءِ ڪو خيال به پيش ڪيو آهي؟“
موسيوف اُن جي گفتگوءَ کي وچ مان ڪٽيندي چيو ته:
”تنهنجو مطلب ڇا آهي، مان ٻيو ڀيرو به تنهنجي مطلب کي سمجهي نه سگهيو آهيان، اوهان ته ناسمجهيءَ واري ۽ مبهم گفتگو ٿا ڪريو. ڪليسائي حق کان محروم ڪرڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟ هيءَ ڪهڙي قسم جي نيڪالي آهي؟ ايون فيڊرووچ، اوهان پاڻ کي فقط وندرائي رهيا آهيو“.
”هائو، توکي ڄاڻڻ گهرجي، ته حقيقت ۾اَڄ ايئن آهي.“ مربي اوچتي چيو ۽ سڀني جو رخ اُن ڏانهن ڦـِـري ويو.
”جيڪڏهن ڪليسا جو وجود نه هجي ها، ته ڏوهن کي ڪابه روڪ نه ٿئي ها، ڪابه صحيح سزا مقرر ٿي نه سگهي ها. منهنجو اُن سزا سان مطلب نه آهي، جو مشيني طور تي، روح جي لاءِ وڌيڪ غصو پيدا ڪري ۽ گناهه کي وڌائي. منهنجو اُن سزا سان مقصد آهي، جا گنهگار جي دل ۾ خوف پيدا ڪري ۽ اُن طوفاني حالت ۾ سندس قلب ۾ تسڪين پيدا ڪري. اُها سزا، جا گنهگار جي دل ۾ پنهنجو پاڻ نيڪي جي مشعل روشن ڪري.“
موسيوف سخت حيرت مان چيو ته، ”منهنجي تمنا آهي، ته هن جي ٿوري تشريح لازمي آهي، جيئن مطلب جي وضاحت ٿي وڃي.“
مربيءَ چيو: ”منهنجو مطلب آهي، ته هيءُ قيد ۽ بند، جسماني ايذاءَ جون ڪاروايون، ڪنهن به ماڻهوءَ جي اصلاح نه ڪري سگهيون آهن. گنهگارن جي دل ۾ ڪوبه خوف پيدا نه ڪري سگهيون آهن. گناهه کي ڪنهن به تارازيءَ ۾ تورڻ جي بجاءِ تباهڪاريءَ کي وڌ کان وڌ رواج ٿو ملي. هن مان آسانيءَ سان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته هنن سزائن مان ڪوبه فائدو نه ٿو ملي. جيتوڻيڪ ڪو بـُـرو عضوو مشيني وسيلن سان وڍجي ته وڃي ٿو پر اُن جي بجاءِ ٻيا گنهگار اَچي سندس جاءِ ٿا ڀرين.
اسان جي دور ۾ امدادي طريقي جو هئڻ لازمي آهي، جيئن گنهگار جي اصلاح ڪري کيس نيڪيءَ جي طرف آندو وڃي. هيءُ طريقو فقط مذهب آهي، جو تنها انسان جي ضمير کي بيدار ڪري ٿو. جڏهن گنهگار پاڻ کي ڪليسا جي سامهون ڏوهي سمجهندو، تڏهن ئي پاڻ کي مسيح جي گروهه مان سمجهي، هو اُن جي قبوليت ڏيندو. اِهوئي سبب آهي، جو اَڄ به گنهگار، ڪليسا جي سامهون پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪري ٿو پر رياست جي سامهون نه. جيڪڏهن سماج، ڪليسا جي صورت اختيار ڪري، ته هـُـو ڄاڻي سگهي، ته اَسان جن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، اُنهن کي ڪيئن پاڻ سان ملايون. جيئن ته ڪليسا کي هاڻي ڪوبه اختيار ٻڌڻو نه آهي، ۽ اخلاقي طور ۽ طريقي تائين محدود آهي، اُنڪري اُها پنهنجو پاڻ ڏوهين جي سوچڻ کان ئي عاري آهي. اُن هوندي به اُها گنهگارن کي راهه راست تي آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي اَچي ٿي. اُها کين ديول جي عبادت لاءِ اجازت ڏئي ٿي، سندن مادي ضرورتون پوريون ڪري ٿي ۽ کين خيرات ڏئي ٿي. هوءُ اُنهن کي قيدي ته سمجهي ٿي، پر نه گنهگار.
جيڪڏهن ڪليسا به هنن کي حڪومت وانگر سمجهي ۽ پاڻ وٽان هڪالي ڇڏي ته پوءِ خدايا! هنن تي ڇا گذرندو؟ بيشڪ اهڙيءَ حالت ۾ گنهگارن جي لاءِ، خاص طرح روسي گنهگارن لاءِ ڇا ٿيندو، جن اَڃا تائين، ايمان پنهنجي هٿن مان نه وڃايو آهي؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي هن حالت ۾ گنهگارن جون دليون ايمان کي هٿ کان ڇڏي ڏين. ڪليسا ته هنن تي ماءُ وانگر مهربان آهي ۽ محبت کان سخت سزا ڏيڻ کان گريز ڪندي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هنن ويچارن، حڪومت کان گهڻي ئي جسماني تڪليف ڏٺي آهي. هاڻي جڳائي ٿو ته مٿن رحم آڻجي.
هن مان ظاهر آهي، ته اهڙيءَ صورت ۾ ڪليسا، گناهه ۽ گنهگار کي خيريت جي نگاهه سان نه ڏسندي ۽ لازمي ٿيندو، ته اهڙن ڌڪاريل انسانن کي، راهه راست تي آڻڻ جي هدايت ڪندي، بدڪاريءَ کان بچائيندي ۽ کين نئين زندگي بخشيندي. هيءُ به برابر آهي، ته (مربي، مشڪڻ لڳو) ڪليسا هن ڳالهه تان هٿ به کڻڻ لاءِ اَڃا تيار نه آهي. اُها پنهنجي اڳئين بنياد تي برقرار آهي. جيئن ته اُن جي ارڪان ۾ اَڃا ڪوبه فتور نه آيو آهي، اُنڪري اُها ڪنهن ڪامل تبديليءَ جي انتظار ۾ آهي، جا هڪ واحد ۽ بين الاقوامي طاقت واري ڪليسا هوندي. ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو، توڙي جو زمانا گذري وڃن. اِهو مقدر آهي، ته ايئن ٿيندو. اُنڪري اسان کي اُن وقت جو ڪوبه اندازو لڳائڻ نه گهرجي. وقت ۽ موسمن جو راز خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي، جو اُن جي وسيع حڪمت ۽ محبت ۾ پوشيدو آهي. انساني فهم اُن کي پري خيال ڪندو هجي، پر اُهو جاودان فيصلو شايد قريب هجي. شايد اُن جي صبح جو ظهور هجي. ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو!”
”ايئن ٿيندو، ايئن ٿيندو!” راهب پاديسي، ايمان ڀريل وڏي آواز سان چيو.
”عجيب آهي، عجيب” موسيوف، گرم ۽ درشت آواز ۾ چيو.
”ڪهڙي ڳالهه توکي عجيب لڳي؟“ راهب ايوزف ، کانئس خبرداريءَ سان پڇيو.
”هيءُ اعتبار کان ٻاهر آهي“ موسيوف بي صبريءَ سان چيو. ”رياست کي جدا ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪليسا کي وڌائي رياست جو مقام ڏنو ٿو وڃي. هيءُ ته مذهبي تعصب آهي. پوپ گريگري ستين به هن جو خواب نه ڏٺو هوندو.“
راهب پاديسي، پنهنجي تلخ آواز ۾ چيو، ”نهايت غلط، ڪليسا کي ڪٿي ٿو رياست سان منسلڪ ڪيو وڃي؟ هيءُ ته غلط فهمي ٿيندي. اِهو ته روم جو خواب آهي. هيءُ ٽيون شيطاني حوس ٿيندو. اسان جو مقصد آهي، ته رياست کي ڪليسا ۾ آندو وڃي ۽ ڪليسا کي بين الاقوامي بڻايو وڃي. هيءُ ستارو اوڀر کان ضرور اُڀرندو.“
موسيوف ظاهر ظهور خاموش ٿي ويو. سندس شڪل ۽ صورت مان غير معمولي شخصي وقار پئي ڏٺو. چپن ۾ مشڪي، هـُـن ڄڻ ته اُن جي تصديق ٿي ڪئي. اليوشا کيس سمورو وقت پريشانيءَ مان پئي نهاريو. هن بحث کيس مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. اُن ڪڏهن ڪڏهن ريڪٽين ڏانهن پئي ٿي ڏٺو، جو دروازي جي ڀرسان، بلڪل خاموش، اکيون هيٺ ڪريو، هن سڄي بحث کي ٻڌي رهيو هو. مگر اليوشا، سندس ڳلن جي رنگ مان سمجهي ورتو هو، ته ڪيتري قدر نه هو جوش ۾ آهي! هن ڀـَـليءَ ڀت ڄاتو ٿي، ته سندس جوش جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ اوچتو موسيوف اَثر واري آواز ۾ پنهنجي وقار کي قائم رکندي چيو ته، ”جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي، ته مان هڪ ننڍڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌايان. ٿورا ورهيه اڳي، ڊسمبر جي جشن جي پوري ٿيندي ئي، مان پئرس ۾ هڪ وڏي اثر واري سرڪاري آفيسر جي دعوت تي وٽس مهمان ٿيس. اُن وٽ مان هڪ نهايت مزيدار ماڻهوءَ سان مليس. هـُـو پاڻ ته جاسوس نه هو، پر سياسي جاسوسن جي سڄي گروه جو نگران هو - پنهنجي ليکي سندس مقام نهايت اهميت وارو هو.پنهنجي شوق جي مدنظر، مون کي ساڻس گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو. جيئن ته هـُـو ملاقاتي نه هو پر هـُـو سرڪاري آفيسر مون سان نهايت عزت سان پيش اَچي رهيو آهي. اُنڪري هـُـو، مون سان مروت کان وڌيڪ کليل دل سان مليو، جو فرينچن جو شيوو آهي، هـُـو بامروت ٿيڻ ڄاڻندا آهن، خاص ڪري ٻاهرين ماڻهن سان. مون کيس چڱيءَ طرح سمجهي ورتو. گفتگوءَ جو موضوع هو انقلابي اشتراڪي، جن تي اُن وقت مقدمو هلي رهيو هو. مان هتي فقط اُن شخص جي عجيب راءِ پيش ڪندس، جنهن جو هن اظهار ڪيو هو. هن چيو ته، ”اسان هنن اشتراڪين، شرپسندن، ملحدن ۽ انقلابين کان خوفزده نه آهيون، اُن هوندي به اسان جي مٿانئن ڪـَـڙي نظر آهي. اسان سندن هر چرپر کي ڄاڻندا رهون ٿا. هن مان ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جي خدا ۽ مسيح کي مڃين ٿا، پر هـُـو ساڳئي وقت اشتراڪي به آهن. اسان کي اهڙن ماڻهن کان بيحد خوف ٿيندو آهي. هي نهايت خطرناڪ انسان آهن! هڪ بي دين اشتراڪي کان هڪ عيسائي اشتراڪي وڌيڪ خطرناڪ آهي!” مون تي سندن لفظن بيحد اَثر ڪيو.
”ساڳي ڳالهه، هتي اتفاقي طور تي مون کي پيش آئي آهي.“
”تون شايد اِها ڳالهه اَسان تي مڙهڻ گهرين ٿو.“ پاديسي راهب کيس سنئون سڌو چئي ته ڏنو، پر اُهو سڄو بي اَثر ٿي ڏٺو.
اُن کان اڳ ۾ جو پيٽر اليگزينڊرووچ خيال ڪري، کيس ڪو جواب ڏئي، دروازو کـُـليو ۽ دمتري فيودورووچ، جنهن جي لاءِ مهمان گهڻي وقت کان انتظار ۾ هئا. اَندر گهڙي آيو. حقيقت ۾ هنن کيس وساري ڇڏيو هو، پر سندس اوچتي آمد سبب ٿوري وقت لاءِ سڀئي حيران ٿي ويا!

باب ڇهون: اهڙو ماڻهو جيئرو ڇو آهي؟

دمتري فيودور پاولووچ، اَٺاويهن سالن جو نوجوان، قد جو پورو پـُـنو، وڻندڙ شڪل ۽ صورت، پنهنجي عمر کان مڙيوئي ڪجهه وڏو ٿي لڳو. سندس عضوا مضبوط هئا ۽ منجهس چڱي جسماني طاقت ٿي ڏٺي، پر سندس چهري ۾ ڪا شگفتگي ڪانه هئي. قدري نازڪ ٿي ڏٺو ۽ سندس ڳل گوشت کان بلڪل خالي ٿي ڏٺا. اُنهن ۾ غير صحتمند پيلاڻ ٿي ڏٺي. سندس وڏيون نمايان ڪاريون اکيون هيون، جنهن مان سندس پختي ارادي جي جهلڪ ٿي ڏٺي، مگر اُن هوندي به مبهم ۽ مشڪوڪ ٿي ڏٺيون. اُن هوندي به جڏهن منجهس اشتعال ٿي پيدا ٿيو يا تنڪ مزاجي سان ٿي ڳالهايائين، تڏهن اُن جي اکين سندس مزاج جي ڪيفيت سان ساٿ نه ٿي ڏنو، پر ڪنهن شيءِ سان بيوفائي ٿي ڏيکاري. ڪڏهن ته اُنهن شين کان بي تعلق پئي ٿي ويو، جي گذري رهيون هيون. اِهو نهايت ئي مشڪل آهي، جو ٻڌائي سگهجي، ته هـُـو ڇا سوچي رهيو آهي؟ اُهي جي ساڻس ڪنهن وقت ڳالهائيندا هئا، ته ايئن ئي چوندا هئا. ماڻهو جي سندس اکين ۾ افسردگي ۽ فڪرمندي ڏسندا هئا، اُهي سندس اوچتي ٽهڪ ڏيڻ تي گهٻرائجي ويندا هئا. اُن وقت جڏهن سندس اکين ۾ اُداسي ڇانيل هوندي هئي، ته اُها هـُـن جي پـُـر لطف ۽ لااُبالي خيالن تي دلالت ڪندي هئي. سندس پيشانيءَ تي جا مصنوعيت نظر ايندي هئي سا سولائي سان سمجهه ۾ اَچي ويندي هئي. سڀ ڪنهن کي ايتري ته خبر هئي يا گهٽ ۾ گهٽ ٻـُـڌو هئائون، ته هـُـو ڪيتري وقت کان نهايت ئي بيقرار ۽ پريشان حياتي گذاري رهيو هو. ساڳئي وقت پيءُ سان جهڳڙي هئڻ سبب منجهس شديد غصو به پيدا ٿي ويو هو. ڳوٺ ۾ اُن بابت ڪيتريون چه ميگوئيون ٿي هليون. ايئن به سچ آهي، ته تند مزاجي سندن فطرت هئي. اسان جو جسٽس اوپيس ڪٽخلزڪوف چوندو هو ته ”هي غير مستحڪم ۽ غير متوازن طبعيت وارو آهي.“
هـُـو خاص امتيازي شان سان بي داغ لباس پهريل هو. خبرداريءَ سان ننڍي ڪوٽ جا بٽڻ بند ٿيل هيس. هـُـن تازو فوجي نوڪري ڇڏي هئي، اُنڪري مـُـڇون هيس پر ڏاڙهي ڪانه هيس. سندس ڪارا ناسي وار ننڍا ڪتريل هئا ۽ اُنهن کي ڦڻي ڏنل هئي، جي اڳيان نراڙ تي جـُـهڪيل هئا. فوجي ماڻهو وانگر هن پختا ۽ وڏا قدم ٿي کنيا. هـُـو ٿورو وقت چانئٺ تي ترسيو ۽ سڀني ويٺلن تي نظر وجهي، سڌو مربيءَ وٽ ويو، جنهن کي هـُـو ميزبان سمجهي رهيو هو. هن کيس ٿورو نوڙي سلام ڪيو ۽ کيس دعا لاءِ عرض ڪيائين. زوسيما پنهنجي ڪرسي تان اُٿي کيس دعا ڪئي ۽ دمتري ڪمالِ اَدب سان سندس هٿن کي نهايت گرمجوشيءَ سان چميو.
”ايتري ڪشاده دلي ڏيکاريو، جو منهنجي دير سان اَچڻ کي بخشي ڇڏيو. سميرڊياڪوف خدمتگار کي منهنجي پيءُ مون ڏانهن موڪليو هو، جنهن ٻـُـڌايو ته فقط هڪ ماڻهوءَ سان وقت مقرر ٿيل آهي، پر هاڻي اوچتو ٻـُـڌم - ”
”پاڻ کي تنگ نه ڪريو،“ مربيءَ وچ ۾ ڳالهايو. ”ڪابه ڳالهه ڪانه آهي، جي اوهان دير سان آيا آهيو. اِن جو ڪوبه اَثر نه پوندو.“
”مان اوهان جو بيحد ٿورائتو آهيان، اوهان جي نيڪي، لطف ۽ ڪرم ۾، مون کي هن کان گهٽ اُميد نه هئي“.
دمتري ايترو چئي، هڪ ڀيرو وري به جـُـهڪي نياز حاصل ڪيو، پوءِ هـُـو سـِـڌو پيءُ ڏانهن مـُـڙيو ۽ اُن کي به ساڳيءَ تعظيم ۽ تڪريم سان نوڙي سلام ڪيائين. صاف ظاهر ٿي ڏٺو، ته هـُـن اِهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي سوچي ڇڏيو هو. اِهو خيال ڪري ته سندس اِهو فرض آهي، ته پنهنجي نيڪ نيتي ۽ اَدب ڏيکاري هـُـن نهايت سنجيدگيءَ سان آداب بجا آندا.
فيودور پاولووچ، هن کان بنهه بي خبر هو، مگر موقعي آهر کيس پيش آيو. دمتريءَ جي سلام ۽ اَدب بجا آڻڻ جو ردعمل وٽس فقط اهو پيدا ٿيو، جو هـُـو ڪرسيءَ تان ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ پٽ کي اوترو ئي سلام ڪيائين. سندس چهرو اَچانڪ سنجيدو، متين ۽ مؤثر ٿي ويو، جنهن مان سندس خباثت ۽ ڪينه پروري صاف ٿي ڏٺي. اُتي جيڪي به موجود هئا، اُنهن جي اڳيان دمتري نوِڙيو ۽ سواءِ ڪنهن ڳالهائڻ جي وڏن ۽ دليراني قدمن سان هڪ خالي ڪـُـرسي تي وڃي ويٺو - جا فادر پاديسيءَ جي ڀرسان پيل هئي ۽ ڪـُـٻڙو ٿي ويهي رهيو، ته اُن گفتگوءَ کي ٻـُـڌي، جنهن ۾ هـُـن رُخنو اَچي وڌو هو.
دمتريءَ جي داخل ٿيڻ ۾ ٻن منٽن کان وڌيڪ وقت ڪونه لڳو هوندو ۽ گفتگو وري شروع ٿي ويو. موسيوف چيو ته، ”مان اوهان کي ايون فيودور پاولوچ جو هڪ نهايت ئي دلچسپ ۽ عجيب قصو ٿو ٻـُـڌايان. هن ڳالهه کي صرف پنج ڏينهن ٿيندا، هڪ مجلس ۾، جيڪا خاص عورتن جي هئي، هڪ بحث دوران نهايت سنجيدگيءَ سان چيائين ته، ”دنيا ۾ ڪابه اِهڙي ڳالهه ڪانه آهي، جا ماڻهن کي پاڙيسرين سان محبت ڪرڻ لاءِ چوندي هجي. قدرت جو اِهڙو قانون آهي، ته ماڻهو انسان ذات سان پيار رکي. جيڪڏهن هن زمين تي، پيار ۽ محبت جو رشتو کڻي ٿيو به هجي، ته اِهو ڪو قدرت جو قانون نه هوندو پر رڳو انڪري، ته انسان بديءَ ۽ بداخلاقيءَ تي ايمان آندو آهي.“ ايون فيودور پاولووچ، جملي جي درميان، ايترو به گڏيو هو ته قـُـدرت جو سمورو قانون اِن ئي ايمان تي آهي. جيڪڏهن توهان انسان مان سندس بديءَ جو جـُـزو ختم ڪري ڇڏيو، ته نه فقط پيار ۽ سـِـڪ، بلڪ زندگيءَ جي هر اُها قوت - جا هن دنيا کي زندهه رکي ٿي - سا بلڪل ختم ٿي ويندي. پوءِ ڪابه بـُـري شيءِ ڪانه هوندي ۽ سڀ ڪاشيءِ قاعدي موجب هوندي. آدمخوري پڻ، پر اُهو سڀ ڪجهه نه آهي. آخر ۾ هـُـن دعويٰ سان چيو ته، ”اسان مان هرڪو شخصي طرح - جيئن اسان آهيون، خدا ۽ حيات جاويد ۾ اعتقاد نه ٿا رکون، انڪري فطرت جي اخلاقي قانون کي، هڪدم، اڳئين مذهبي قانون کان ابتڙ بدلائڻ گهرجي. خود پرستيءَ ۽ گناهه کي نه فقط قانون سمجهيو وڃي پر اُن لاءِ لازمي طرح تسليم ڪرڻ کپي، پوءِ هن حالت مان جي نتيجا نڪرندا، اُهي معقول ۽ عزت ڀريا هوندا. هن بعيد از قياس حقيقت مان، اوهان، اسان جي وهمي ۽ عقل کان وانجهيل دوست ايون فيودور پاولووچ جي خيالن جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.“
”معاف ڪجو“، اوچتو دمتري رڙ ڪري چيو، ”جيئن مون صحيح طرح ٻڌو آهي، ته نه فقط گناهه ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اُن کي تسليم به ڪيو وڃي، ڇو ته اِهو اڻ ٽر ۽ معقول نتيجو آهي، جو هر ملحد جي نقطهِّ نظر مان پيدا ٿئي ٿو - ڪيئن ايئن آهي نه؟“
”بيشڪ ايئن آهي“. راهب پاديسي چيو.
”مان هن کي ياد رکندس.“
هنن لفظن جي چوڻ کان پوءِ دمتريءَ پنهنجي گفتگوءَ کي اوچتو ايئن بند ڪري ڇڏيو، جيئن ڳالهايو هئائين. هرڪو کيس عجب مان نهارڻ لڳو.
مربيءَ اوچتو، ايون فيودور ڏي منهن ڪري پڇيو ته:
”اوهان جو سچ پچ اِهو عقيدو آهي، ته روح جاودان مان، انسان جي ايمان جي هلي وڃڻ جو نتيجو اِهوئي نڪرندو آهي؟“
”هائو، مون ڪيئي ڀيرا، اُن جو اظهار ڪيو آهي. جيستائين جاوداني روح ۾ ايمان نه آهي، نيڪي هن جهان ۾ رهي ئي نه ٿي سگهي.“
”جيڪڏهن تنهنجو اِهو عقيدو آهي، ته نيڪ بخت آهين، پر جيڪڏهن نه ته بدبخت!”
ايون مشڪندي چيو ته، ”ڇو بدبخت؟“
”ڇاڪاڻ ته سڀني ڳالهين جي هوندي، تون پنهنجي روح جي جاوداني هئڻ ۾ ايمان نه ٿو رکين. نه وري اُن ڳالهه ۾ تنهنجو اعتقاد آهي، جنهن کي تو ڪليسا جي اختيار سماعت بابت پنهنجي مقابلي ۾ لکيو آهي.“
”شايد اوهان صحيح هجو! ....... مان حقيقت ۾ مذاق نه ڪري رهيو آهيان.“ ايون اوچتو اُن جي قبوليت ڏني ۽ سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.
”اِهو سچ آهي ته تو مذاق نه ٿي ڪيو، پر اِهو سوال اَڃا تنهنجي دل جي تارُن کي ڇيڙي رهيو آهي. تو اُن کي حل ئي نه ڪيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته شهيد به پاڻ کي نااُميديءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. ڄڻ ته نااُميدي خود اُن کي اوڏانهن ڦيرايو آهي. ساڳيءَ ريت تون به پنهنجي نااُميديءَ جي باعث پاڻ کي سماج تي بحث ڪرڻ ۾ بدلائي رهيو آهين. جيتوڻيڪ تون پاڻ به پنهنجن دليلن تي ڀروسو نه ٿو رکين. دل جي درد ۽ سور سبب اُن تي اندر ئي اندر ٺٺولي ٿو ڪرين ...... تو اَڃا اُن سوال جو جواب ئي نه ڏنو آهي. اِهو تنهنجي گهڻي رنج ۽ ملال جو سبب آهي. ڇو ته اِهو جواب جي تقاضا ٿو ڪري.“
”پر ڇا، اُن جو جواب مون کي ڏيڻو آهي؟ اُهو جواب اثبات ۾ هوندو.“
ايون هيءُ سوال عجيب طريقي سان پڇندو هو ۽ مربيءَ ڏانهن زيرِلب مشڪندي نهاريندو به رهيو.
”اِهو جيڪڏهن اثبات ۾ حل ٿي نه ٿو سگهي، ته نفي ۾ به ڪونه ٿي سگهندو. توکي خبر آهي ته اِهائي تنهنجي دل جي خصوصيت آهي. اِهي سموريون تڪليفون اِنهيءَ جي ڪري ئي آهن، پر خالق جو شڪر اَدا ڪر، جنهن توکي ايڏي بلند دل عطا ڪئي آهي، جا اِنهن سڀني تڪليفن کي پاڻ ۾ سمائي ٿي سگهي ۽ جا رفيع الشان شين تي سوچ ۽ ويچار ڪري ٿي، ته اَسان جي جاءِ جنت ۾ آهي. خدا توکي اِها توفيق بخشيندو، جو تون اُن جو جواب زمين تي ڳولي لهندين ۽ هـُـو تنهنجي راءِ کي روشن بڻائيندو!”
مربيءَ پنهنجا هٿ مٿي کنيا ۽ ايون جتي ويٺو هو، شايد اُن جي مٿان صليب جو نشان بڻائي ها، پر هـُـو پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو ۽ سندس ويجهو وڃي دعائون ورتائين ۽ هٿن کي چميائين. پوءِ خاموشيءَ سان پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي ويٺو. سندس چهرو متين ۽ سنجيده ٿي لڳو. سندس هيءُ عمل ۽ اڳيون گـُـفتو نهايت حيرت ڀريو ٿي لڳو. هـُـن پنهنجي عجب ڀرئي اَنداز ۾ متانت سان، اُتي ويٺلن کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو هـُـو سڀئي ٿوريءَ دير لاءِ دمبخود ٿي ويا. اليوشا جي چهري تي البت اِدراڪ، فهم ۽ فراست ٿي ڏٺي. موسيوف هڪدم پنهنجن ڪلهن کي چورڻ پورڻ لڳو. ساڳئي وقت فيودور پاولووچ ، پنهنجيءَ جاءِ تان ٽپ ڏئي اُٿيو.
”پاڪ ۽ مقدس مربي!” ايون ڏانهن اِشارو ڪندي، هن چيو، ” هي منهنجو پـُـٽ آهي ۽ منهنجي گوشت جو ٽڪرو، منهنجو نهايت ئي جان جگر! مان ايترو ضرور چوندس، ته هـُـو فرمانبردار ڪارل مور آهي، پر هـُـو پٽ، جو هاڻي آيو آهي دمتري - جنهن بابت مان اوهان کان انصاف ٿو گهران، سو نافرمان فرانزمور آهي - هـُـو ٻئي شلر جا ڊاڪو آهن ۽ مان حڪمران ڪائونٽ وون مور آهيان. انصاف ڪر ۽ اسان کي بچاءِ. اسان کي نه فقط اوهان جي دُعائن، بلڪ پيشنگوئيءَ جي به ضرورت آهي.“
”مذاق کي روڪ ۽ صاف صاف ڳالهاءِ. پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين جي بي عزتي سان، پنهنجي گفتگوءَ جي ابتدا نه ڪر.“ مربيءَ جهيڻي ۽ ٿڪل آواز ۾ جواب ڏنو. هـُـو ظاهري طرح بلڪل ختم ٿيندو ٿي ويو، ۽ سندس طاقت ڪـِـرندي ٿي وئي.
”هڪ ناشائسته ۽ کـِـل جهڙو ناٽڪ، جنهن جو مون هت اَچڻ کان اڳ ۾ ئي خيال ٿي ڪيو.“ دمتريءَ کي بيحد غصو اَچي ويو ۽ هـُـو به ٽپ ڏئي اُٿيو، ”هن کي معاف ڪريو، مقدس مالڪ!” مربيءَ کي خطاب ڪندي هـُـن چيو، ”مان مهذب نه آهيان، اُنڪري خبر نه آهي ته اوهان کي ڪهڙيءَ ريت خطاب ڪريان؟ توهان کي ٺڳيو ويو آهي ۽ اوهان ايترا ته شريف طبع آهيو، جو اَسان کي هت ملڻ جي اجازت ڏني اَٿوَ. منهنجي پيءُ جو مطلب فقط بدنامي آهي. هـُـو ڇو ايئن ڪري ٿو، سو صرف هـُـو ئي ٻڌائي سگهي ٿو؟ هن ۾ سندس ڪونه ڪو مقصد آهي، پر مون کي پـَـڪ آهي ته مان اُن کي چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو!”
”سڀئي مون تي تهمت رکن ٿا، هي سڀئي“، فيودور پاولووچ پنهنجي واري تي چيو، ”پيٽراليگزينڊرووچ به مون تي الزام ٿو رکي، تو مون کي ملامت جي قابل پئي سمجهيو آهي. پيٽراليگزينڊرووچ تون، تون!” هن مـُـڙي موسيوف ڏانهن نهاريو. جيتوڻيڪ هن کي وچ ۾ نه ڳالهائڻ جو نه خيال هو نه خواب هو. ”سڀ مون تي الزام رکن ٿا، ته مون ٻارن جي دولت کي پنهنجن پيرن جي هيٺان لڪائي ڇڏيو آهي ۽ اُنهن کي ٺڳيو آهي. ڇا هتي قاعدي قانون جي ڪورٽ ڪانه آهي ڇا؟ اُتي هـُـو لکيتن مان جاچي سگهن ٿا. دمتري فيودور پالووچ! تو وٽ ڪيترو پيسو هو. اُن مان تو ڪيترو خرچ ڪيو آهي ۽ باقي ڇا بچايو آهي؟ پيٽر اليگزينڊرووچ پنهنجي فيصلي ڏيڻ کان ڇو ٿو ڪيٻائي؟ دمتري، هن جي لاءِ ٻيو ته نه آهي. جيئن ته هـُـو سڀئي منهنجي خلاف آهن، ۽ دمتري فيودور پاولووچ منهنجو قرضي آهي، ٿورن پيسن جو نه بلڪ هزارن جو، جنهن لاءِ مون وٽ دستاويزي ثبوت آهن. سڄي شهر ۾ سندس زنا ڪاريءَ جو چرچو آهي. جتي هـُـو اڳ مقرر ٿيل هو، اُتي هـُـن هڪ شريف ۽ آبرودار ڇوڪريءَ کي ڦاسائڻ جي خاطر، ڪيترائي ڀيرا، هڪ ٻه هزار رپيا خرچ به ڪيا. اَسان کي اُن جي سموري خبر آهي. دمتري فيودورووچ جي اُن راز جي هر تفصيل کان واقف آهيون. فادر زوسيما! اوهان اعتبار ڪندا، ته هـُـن هڪ معزز ڇوڪريءَ جي دل کي موهي ڇڏيو آهي، جنهن جو تعلق هڪ اعليٰ ۽ دولتمند خاندان سان آهي. اُها ڇوڪري، هڪ اهڙي ڪرنل جي ڌيءُ آهي، جو ڪنهن وقت سندس آفيسر هو ۽ جنهن کي ڪيترائي اعزاز مليل آهن. ’ينا آرڊر‘ اُن جي ڇاتي تي چمڪندو رهي ٿو. هـِـن اُن ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو واعدو به ڪيو هو ۽ اُن سان مڱيل به آهي. مگر هوءَ هتي يتيم ۽ بيڪس رهجي وئي آهي. اُن هوندي به هيءُ هڪ حسين ساحره سان سندس بنهه اکين کان، ناچ ڪندو رهي ٿو. انهيءَ ساحره ايئن کڻي چئجي، ته ان جي هڪ آبرودار ماڻهوءَ سان شادي به ڪيل آهي. پر اُن هوندي به هوءَ هڪ خودمختيار طبعيت جي مالڪه آهي ۽ هڪ اهڙو مضبوط قلعو آهي، جنهن کي سـَـر ڪرڻ سڀ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. هڪ شرعي زال جي حيثيت ۾ هوءَ ڏاڍي گـُـڻن واري آهي. سچ، مقدس مالڪ! هوءَ ڏاڍي نيڪ آهي. دمتري اُن مضبوط قلعي کي سونيءَ ڪنجي سان کولڻ گهـُـري ٿو ۽ اُنڪري ئي هـُـو مون سان گستاخاڻي هلت ٿو هلي. هـُـو ڪوشش ٿو ڪري، ته مون کان ڪجهه رقم ڇڏائي. حالانڪه هـُـو اُن حسين ساحره تي ڪيترائي هزار روبل خرچ ڪري چـُـڪو آهي. هن مقصد جي خاطر هـُـن مسلسل پيسا قرض طور پئي ورتا آهن. اِهي پيسا ڀلا ڪنهن کان ورتا اَٿائين؟ مان چوان - مـِـتيا کان.“
”خاموش!” دمتري رڙ ڪري چيو، ”ترس! جيستائين مان هليو وڃان. منهنجي سامهون، هڪ عزت واري ڇوڪريءَ کي بدنام ڪرڻ جي جرئت نه ڪر! جيڪڏهن اُن ڇوڪريءَ بابت تون غصي ۾ هڪ لفظ به وڌيڪ ڳالهائيندين، ته توکي اُهو معاف نه ڪيو ويندو.“
هـُـو سهڪڻ لڳو.
”مـِـتيا! مـِـتيا!” فيودور پاولووچ مـجنونءَ واري رڙ ڪئي ۽ اکين مان ڳوڙها وهي ويس. ”تنهنجي پيءُ جون بددعائون تولاءِ ڪجهه به نه آهن؟ مان توکي، جي بددعا ڏيان، ته پوءِ ڇا؟“
”بي شرم ٻهروپي!” دمتري غصي مان بلند آواز سان چيو.
”اِهو، هيءُ پنهنجي پيءُ کي ٿو ڳالهائي! پيءُ کي! ٻين سان سندس ڪهڙي روش هوندي؟، صاحبو! هيءُ رڳو پاڻ کي وڏو سمجهڻ آهي. هت هڪ غريب مگر شريف ماڻهو رهي ٿو، جنهن تي هڪ وڏي ڪٽنب جو بار آهي. هـُـو ڪئپٽن آهي. ڪنهن تڪليف ۾ اَچي ويو ۽ کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو. نه عام ماڻهن جي اڳيان نه وري ڪورٽ مارشل جي ذريعي. سندس عزت تي ڪنهن به قسم جو داغ نه آيو. ٽي هفتا کن ٿيندا، دمتري کيس ڏاڙهيءَ کان جهلي، شرابخاني کان گهلي، گهٽيءَ ۾ وٺي آيو ۽ ماڻهن جي اڳيان خوب ماريائينس. اِهو سڀ ڪجهه ڇا جي ڪري؟ ڇو ته هـُـو منهنجي هڪ ننڍڙي ڪاروبار جو ايجنٽ آهي.“
”اِهو سڀ ڪوڙ آهي! ظاهري طرح سچ آهي پر باطني طرح غلط!” دمتري غصي ۾ سمورو ڪنبي رهيو هو. ”مقدس پيءُ! مان پنهنجي عمل کي حق بجانب ڪونه ٿو سمجهان. هائو، مان سڀني جي اڳيان قبول ٿو ڪريان، ته مون ڪئپٽن سان حيوان جهڙي هلت هلي هئي. مون کي اُن جو ڏک آهي. مان پنهنجي اُن وحشياڻي تيش لاءِ ڏاڍو نادم آهيان. اُنهيءَ ڪئپٽن، يعني تنهنجو اُهو ايجنٽ، اُن عورت وٽ ويو، جنهن کي تو حسين ساحره سڏيو آهي، کيس منهنجي پاران تجويز پيش ڪيائين، ته جيڪڏهن مان پنهنجي حساب ڪتاب جي لاءِ تو مٿان زور آڻيان، ته هوءَ توکان منهنجي قرض جو رقعو - جو تنهنجي قبضي ۾ آهي - وٺي ۽ اُن جي مدد سان، مون تي پيسن جي وصوليءَ لاءِ مقدمو داخل ڪري، جيئن مان جيل اُماڻيو وڃان. هاڻي وري تون مون کي اُن جي محبت لاءِ ملامت ڪري رهيو آهين. جڏهن تو خود اُن عورت کي ڦاسائڻ لاءِ ڀڙڪايو هو! مون کي منهنجي روبرو هـُـن ٻـُـڌايو هو ۽ توتي کلي ٿي. تو مون کي جيل ۾ صرف هن لاءِ موڪلڻ ٿي گهريو. ڇو ته توکي اسان جي محبت تي رشڪ پئي آيو. ڇاڪاڻ ته تون کيس هٿ ڪرڻ پيو گهرين ۽ مون کي اهو سڀ معلوم آهي. هوءَ تو تي اُنڪري به کـِـلي ٿي. تون ٻڌين ٿو، جئن هوءَ ٻـُـڌائي رهي هئي. هوءَ تو تي وڏا ٽهڪ ڏئي کـِـلي رَهي هئي. سو اِهڙو آهي، هـِـت هيءُ اوهان جو آدمي! هيءُ پيءُ آهي جو پنهنجي اوباش پٽ کي بدنام ڪري رهيو آهي. دوستو، مون کي منهنجي غصي لاءِ معاف ڪجو. مون کي اڳ ۾ ئي هيءُ اَندازو هو، ته هن عيار اوهان سڀني کي هت اِنڪري ڪـَـٺو ڪيو آهي، ته جيئن ڪو تماشو پيدا ڪري. مان هن کي هتي معاف ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. جيڪڏهن هـُـو اُن لاءِ هٿ ڊگهيري ته مان معاف ڪري ڇڏيان ۽ پنهنجي معافيءَ لاءِ عرض ڪريان! پر جيئن ته هن هاڻي ۽ هن گهڙيءَ، نه فقط منهنجي بلڪ هڪ شريف نوجوان عورت جي - جنهن لاءِ مون کي ايترو احترام آهي جو مان سندس، خواهه مخواهه نالو به وٺڻ به پسند نه ٿو ڪريان، بي عزتي ڪئي آهي. مون بلڪل پختو اِرادو ڪيو آهي، ته کيس اُن جو تماشو ڏيکاريان، جيتوڻيڪ هـُـو منهنجو پيءُ ڇو نه آهي ....“
هـُـو، هن کان وڌيڪ ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون ۽ ساهه تڪليف سان کڄي رهيو هو. حجري ۾ سڀڪنهن تي بي چيني ڇانيل هئي. زوسيما کان سواءِ ٻيا سڀئي پنهنجن جاين تان پريشان ٿي اُٿيا. راهب بلڪل تند ۽ تلخ ٿي ڏٺا، پر مربيءَ جي هدايت جو انتظار ڪري رهيا هئا. هـُـو اَڃا ويٺو هو، هـُـو پـِـيلو ٿي لڳو. جوش ۽ اشتعال کان نه بلڪه بيماريءَ جي ڪمزوريءَ کان. التجا ڀري مرڪ سندس چهري تي نمودار ٿي. هـُـو هر هر پنهنجي هٿ کي مٿي کڻي رهيو هو، جيئن اُن طوفان کي روڪي سگهي. مگر هـُو ڪنهن شيءِ لاءِ واجهائي رهيو هو. غور سان جاچي رهيو هو ۽ اُن شيءِ جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جا اَڃا هـُـن لاءِ صاف نه ٿي هئي. موسيوف آخرڪار ذِلت ۽ بدنامي محسوس ڪئي.
”اسان سڀئي هن شرمناڪ تماشي لاءِ جوابدار آهيون“ هـُـن گرم ٿي چيو، ”پر مان جڏهن هت آيو هوس، تڏهن اُن جو اَندازو ڪونه لڳايو هوم. جيتوڻيڪ اِها خبر هيم ته ڪهڙي ماڻهوءَ سان واسطو پيو آهي؟ هي سڀ هڪدم ختم ٿيڻ گهرجي. سائين! مون تي اعتبار ڪريو، ته هتي جو ڪجهه ظاهر ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن به تفصيل جي مون کي ٿوري به خبر ڪانه آهي، مان ٻنهي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان. مون کي پهريون دفعو هيءَ خبر پوي ٿي ..... هڪ پيءُ پنهنجي پٽ جي بداخلاق عورت سان تعلقات تي ايترو حاسد آهي، جو اُن بابت سازش رٿي، کيس جيل اُماڻڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هيءَ هڪ اهڙي صحبت آهي، جنهن ۾ مان زبردستيءَ سان ويٺو آهيان. مون سان فريب ٿيو آهي، مان سڀني کي ٻـُـڌايان ٿ و، ته مون سان به ايترو ئي دوکو ٿيو آهي، جيترو ٻين سان ٿيو آهي.“
”دمتري فيودورپاولووچ” فيودور پاولووچ، هڪ غير فطري آواز ۾ رڙ ڪري چيو، ”تون جيڪڏهن منهنجو پـُـٽ نه هجين ها ته مان توکي دوبدو وڙهڻ لاءِ، هن گهڙيءَ چئلينج ڪريان ها ..... پستول سان ..... رومال سان لڪائي، فقط ٻن ٽن قدمن تان.“ هـُـن زور سان زمين تي ٻئي پير هڻي ماٺ ڪئي.
اُهي سمورا پراڻا پاپي، جي پنهنجي سڄي حياتي ايئن گذاريندا آهن، اُنهن لاءِ ڪي اهڙيون به گهڙيون هونديون آهن، جو اُهي پنهنجي انسانيت ڏي موٽي وڃن ٿا، پوءِ ڪنبندا ۽ لرزندا ۽ احساس جي شدت کان ڳوڙها وهائيندا رهندا آهن. جيتوڻيڪ جلد ئي، ٿورو پوءِ، پاڻ سان ڀڻ ڀڻ به ڪري ڳالهائيندا آهن. ”توکي خبر آهي ته تون هاڻي مڪر ڪري رهيو آهين. جهونا گنهگار ۽ بي شرم! تون وري حرڪت ڪرين ٿو. تون پنهنجي پاڪيزگيءَ سان گڏ قهر ۽ غضب به ڏيکاري رهيو آهين؟
دمتريءَ جي نرڙ تي تڪليف جي ڪري گهنج پئجي ويا ۽ پيءُ ڏانهن نهايت ئي حقارت سان نهاريائين.
”مون سمجهيو ٿي ..... مون سمجهيو ٿي.“ هن صاف آواز ۾ چيو، ڄڻ ته اُن تي قبضو پائي رهيو آهي. ”مان پنهنجي ڳوٺ ٿو وڃان، پنهنجيءَ دل جي راڻيءَ سان، پنهنجي مڱينديءَ سان، ته جيئن هن جي ٻـُـڍاپي ۾ چڱي پرگهور ٿي سگهي. پر مان ڏسان ٿو ته هيءُ بدچلن، شهوت پرست ۽ ذليل مسخرو، رڳو ڳنوار آهي.“
”دوبدو لڙائي!” هڪ ڀيرو وري اُن آفت زده ٻـُـڍي رڙ ڪري چيو. هر هڪ لفظ چـَـٻي ۽ چٿي ڳالهائي رهيو هو. ” ۽ تون اليگزينڊرووچ موسيوف، مان توکي اِهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته تنهنجي پوري خاندان ۾ ڪابه شاندار ۽ وڌيڪ ايماندار - تون ٻڌين ٿو نه - عورت ڪانه ٿي آهي. جهڙي اُها آهي، جنهن کي تون هاڻي، ايئن جرئت ڪري سڏيو آهي! ۽ تون دمتري فيودورووچ، اُن پيداوار جي خاطر پنهنجي مڱينديءَ کي ڇڏيو آهي، ڇو ته تون ايئن خود محسوس ٿو ڪرين، ته هوءَ اُن جي اڳيان بتي به جهلي ڪانه ٿي سگهي. اهڙي ئي عورت کي پيداوار سڏيو ويندو آهي.“
”شرمناڪ،“ فادر ايوسف چيو.
”شرمناڪ ۽ ذليل!” ڪلگنوف جي چهري تي ڳاڙهاڻ ڇانئجي وئي ۽ جذبات جي اثر کان ڪنبندي، لرزندڙ آواز ۾ چيائين. هـُـو اُن وقت تائين خاموش هو.
”اهڙو ماڻهو آخر زندهه ڇو آهي؟“ دمتري جو پڻ غصي ۾ هو، بڙ بڙ ڪندي کوکلي آواز ۾ چيو. هـُـن پنهنجن ڪلهن کي مٿي کنيو ۽ ايترو ڪٻڙو ٿي ويو، جو بلڪل بدصورت ٿي لڳو. ”ٻڌايو ته هن کي اِن نموني ڇڏي سگهجي ٿو، ته هـُـو هن زمين کي ناپاڪ ڪندو رهي؟“ هـُـن چوڌاري، هرهڪ ڏانهن نهاريندي، اُن ٻـُـڍي ڏانهن اِشارو ڪندي چيو. هـُـو ڄاڻي واڻي ايئن ئي ڳالهائي رهيو هو.
”ٻڌو، ٻڌو، او راهب! پيءُ کي مارڻ واري کي ٻـُـڌو.“ فيودور پاولووچ رڙ ڪري چيو ۽ راهب ايوسف ڏانهن ڊوڙي ويو. ”اِهو آهي، تنهنجي شرمناڪيءَ جو جواب! شرمناڪي ڇا آهي؟“ اُها پيداوار، اُها بدڪردار عورت، شايد توکان وڌ پاڪ آهي! توهان راهب فقط نجات جي راهه جي جستجوءَ ۾ آهيو! هوءَ شايد پنهنجي جوانيءَ جي هٿن مان ڪـِـري آهي، يا پنهنجي ماحول کان تباهه ٿي آهي، پر هوءَ محبت ڀري آهي، يسوع مسيح به اُنهن عورتن کي بخشيو آهي، جي محبت ڀريون آهن.“

”يسوع مسيح، اهڙين عورتن کي ڪونه بخشيو هو!” شريف الطبع راهب ايوسف کان بي صبري ۾ نڪري ويو.
”هائو، اهڙي محبت لاءِ هـُـو، ايئن هيو راهبو!” توهان هت گوبي کائي پاڻ کي پاڪ سمجهو ٿا. توهان دريائي مڇي کائي، ايئن سمجهو ٿا، ته خدا کي اُن مڇيءَ جي رشوت ٿا ڏيون.“
”هيءُ برداشت کان ٻاهر آهي“. حـُـجري جي هر طرف کان آواز آيو.
هيءُ منظر، جو سهڻ کان ٻاهر هو، هڪدم ختم ٿي ويو. فادر زوسيما پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿي کڙو ٿيو. اِليوشا، جو هن بلڪل اُن انتظار کان پريشان هو، جو ساڳيو مربي ۽ ٻين کي هو، کيس پنهنجي ٻانهن جي سهاري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. زوسيما دمتريءَ جي طرف وڌيو ۽ سندس نزديڪ پهچڻ تي سندس قدمن ۾ ڪـِـري پيو. اِليوشا سمجهيو ته ڪمزوريءَ جي سبب ڪـِـري پيو آهي، پر ايئن نه هو. مربي بلڪل ظاهر ظهور ۽ ڄاڻي واڻي، دمتريءَ جي قدمن تي جـُـهڪي پيو هو ۽ سندس نراڙ زمين کي چڱيءَ ريت ڇهـُـي ورتو. اليوشا بلڪل هـَـڪو ٻـَـڪو ٿي ويو ۽ جيئن ئي هـُـو اُٿي کڙو ٿيو، ته هـُـن کي سهارو ڏئي نه سگهيو، سندس چپن تي بلڪل ڦـِـڪي مرڪ هئي.
”خدا حافظ! مون کي سڀئي معاف ڪجو!” سڀني مهمانن جي اڳيان زوسيما نوڙندي چيو.
دمتري گهڙيءَ لاءِ حيرت ۽ عجب ۾ بيٺو رهيو. هن جي اڳيان نوِڙڻ، اِن جو مطلب ڪهڙو؟ اوچتو هـُـن وڏي واڪي چيو. ”او خدا!” ۽ پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪائي ڪمري کان ٻاهر ڊوڙندو نڪري ويو. ٻيا مهمان سندس پويان ٽولي بڻائي نڪري ويا. مونجهاري ۾ کانئن خداحافظ به چوڻ وسري ويو. فقط راهب هنن ڏي دعا جي لاءِ وڌي ويا.
”هن نموني هن جي پيرن تي ڪرڻ مان ڇا مطلب هو؟ اِهو ڪو اشارو هو يا ٻيو ڪجهه؟“ فيودور پاولووچ ، سواءِ ڪنهن ڏانهن ڏسڻ جي رڙ ڪري چيو. سندس خيال وري گفتگوءَ کي ڇيڙڻ جو هو، پر اُن وقت هـُـو سڀئي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويا هئا.
”هڪ ڀڳل ديوار ۽ هڪ بدمغز ماڻهوءَ کي مان ڪوبه جواب ڏئي نه ٿو سگهان.“ موسيوف هڪ عجيب مزاح سان هڪدم جواب ڏنو. ”پر فيودور پاولووچ مان پاڻ کي يقيناََ تنهنجي صحبت کان هميشه دور رکندس، هو راهب ڪٿي آهي؟“
اُهو راهب؟ اُهو ساڳيو راهب آهي، جنهن سڀني کي بزرگ سان گڏ کاڌي کائڻ جي دعوت ڏني هئي. مربيءَ جي ڏاڪڻ کان جيئن ئي هـُـو هيٺ لٿا، ته هـُـو ساڻن اَچي مليو. ايئن ٿي لڳو، ته هـُـو ڄڻ ته سندن انتظار ۾ هو.
”مقدس پيءُ! مون تي هڪ مهرباني ڪريو. منهنجا خلوص منداڻا نياز راهب سپيرئر کي ڏجو. مون لاءِ شخصي طرح معافي گهرجو، ته موسيوف اَدب سان چيو آهي ته کيس نهايت ارمان آهي، جو اَڻٽر حالتن جي ڪري مان کاڌي جي ميز تي حاضر ٿي ڪونه سگهندس.“ ڏاڍي بڇان مان موسيوف راهب کي چيو. ”۽ اِهي اَڻٽـَـر حالتون، بهرحال مان آهيان.“ فيودور پاولووچ، کيس هڪدم اَڌ ۾ ڪٽيندي چيو ته، ”اوهان ٻـُـڌو صاحب! هيءُ منهنجي صحبت ۾ رهڻ نه ٿو گهـَـري، ته هـُـو هڪدم هليو آيو هو. پيٽر اليگزينڊرووچ توکي وڃڻ گهرجي. مان توکي منٿ ٿو ڪريان، ته فادر سپيرئر ڏانهن وڃ، ڇو ته توکي چڱي بـُـک لڳي آهي. مان ته انڪار ٿو ڪريان، پر توکي ڪرڻ نه گهرجي. مان گهر وڃي ماني کائيندس. مان پاڻ کي هت اوهان جهڙو ڪونه ٿو ڀانيان. پيٽراليگزينڊرووچ! وڃ. منهنجا مٺڙا مائٽ!“
”مان توجهڙي ذليل جو مائٽ!“
”مون اِهو، اِنڪري چيو ته جيئن توکي مـَـڃايان. ڇا تو هميشه منهنجي مائٽيءَ کان انڪار نه پئي ڪيو آهي؟ جيتوڻيڪ تون سچ پچ منهنجو مائٽ آهين. مان اِهو ديول جي ڪئلينڊر مان ثابت ڪري سگهان ٿو.
تون ايون! جيڪڏهن چاهين، ته ترسي پـَـؤ. مان گهوڙا تو لاءِ پوءِ موڪلي ڏيندس. اهو مناسب ۽ حـُـسن اخلاق آهي، ته فادر سپيرئر ڏانهن وڃين. پيٽراليگزينڊرووچ اُن گستاخيءَ لاءِ معافي وٺجو، جو اسان هت پيدا ڪئي آهي.“
”اِهو صحيح به آهي، ته تون گهر ٿو وڃين. تون ڪوڙ ته ڪونه ٿو ڳالهائين؟“
”پيٽر اليگزينڊرووچ! اِهو جو ڪجهه به ٿي گذريو آهي، تنهن کان پوءِ مان ايئن ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ صاحبو! مون کي معاف ڪجو، مان آپي کان ٻاهر نڪري ويو هوس ۽ پريشان پڻ هوس. سچ پچ ته مان شرمسار آهيان. صاحبو! هڪڙي کي سڪندر مقدونيءَ جي دل آهي ۽ ٻئي کي ننڍڙي ڪتي جي. مان وري به شرمسار آهيان. اهڙي قيد مان نڪرڻ کان پوءِ، مان ڪيئن ٿو مانيءَ تي وڃي سگهان! خانقاه جي چٽڻي کي هـَـڙپ ڪري وڃان. مان شرمسار آهيان ۽ مجبور، مون کي معاف ڪجو!“
”بدمعاش کي رُڳو اِها ڄاڻ آهي ته ڪيئن اَسان کي دوکو ڏئي.“ موسيوف خيال ڪري رهيو هو، جو اَڃا تائين مسخريءَ جي اُن واپسيءَ کي بي اعتبار اکين سان ڏسي رهيو هو. هـُـن مـُـڙي ڏٺو. ڏٺائين ته موسيوف کيس ڏسي رهيو هو. هـُـن کي پري کان چميءَ جو اشارو ڏنائين.
”پوءِ تون راهب سپيرئر ڏي هلين ٿو؟“ موسيوف ايون کان پڇيو.
”ڇو مون کي ته ڪالهه خاص طرح سان دعوت ڏني وئي هئي.“
”بدنصيبي سان مان ته هن اَڻ وڻندڙ کاڌي تي مجبور ٿي هلان ٿو،“ موسيوف ساڳي بي رُخيءَ سان چيو. اِهو به خيال نه ڪيائين ته راهب اِهو سڀ ڪجهه ٻـُـڌي رهيو آهي. ”اسان کي هن گستاخيءَ جي لاءِ ضرور معافي وٺڻ گهرجي ۽ سمجهائڻ گهرجي، ته هن ۾ اسان جو ڪوبه قصور ڪونه آهي. تون ڇا ٿو چوين؟“
”خدا ڪري ته اِيئن ٿئي! هيءَ بي مزي ماني.“
هـُـو اڳتي وڌيا، راهب خاموشيءَ سان ٻـُـڌندو رهيو. رستي ۾ هـُـن فقط ايترو ڏٺو، ته جهنگ ۾ فادر سپيرئر سندس انتظار ڪري رهيو آهي ۽ هن کي شايد اَڌ ڪلاڪ کان به وڌيڪ دير ٿي وئي هئي. هـُـن کي ڪوبه جواب نه مليو. موسيوف نفرت سان اِيون جي طرف نهاريو.
”ڏسو! مانيءَ لاءِ ٿو وڃان، گويا ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو.“ هـُـو سوچڻ لڳو. ”بي غيرت ڪرامازوف جو ضمير!“

باب ستون: نوجوان جو معاش ڏانهن وڃڻ

اليوشا، مربي زوسيما کي سهارو ڏيئي، سمهڻ واري ڪوٺيءَ تائين وٺي آيو ۽ پاڻ هن جي بستري تي ويهي رهيو. اِها ننڍڙي سينگاريل ڪوٺي هئي، جنهن ۾ ڪي ضروري شيون پيل هيون. هڪ ننڍو پلنگ.... جنهن تي بناپوش جي گاديلو پيل هو. ڪنڊ ۾ پڙهڻ جي ٽيبل هئي، جنهن تي صليب جو نشان ۽ عيسائي مذهب جو ڪتاب هو. مربي ٿـَـڪ جي ڪري، بستري ۾ بلڪل سمائجي ويو. سندس اکيون روشن هيون ۽ ڏاڍي مشڪل سان ساهه ٿي کنيائين. هـُـو اِليوشا کي گهـَـري نظر سان ڏسي رهيو هو، ڄڻ ته ڪجهه سوچي رهيو آهي.
”وڃ، منهنجا پيارا تون وڃ! اِها مشڪل منهنجي لاءِ ڪافي آهي. جلدي ڪر، هـُـتي تنهنجي ضرورت آهي. وڃ ۽ وڃي فادر سپيرئر جي ٽيبل تي ويهه“.
”مون کي هت ترسڻ ڏيو“، اليوشا التجا ڪئي.
”تنهنجي هـُـتي وڌيڪ ضرورت آهي. هـُـتي اَمن ۽ اَمان ڪونه آهي. تون هـُـتي هوندين، ته ڪنهن ڪم اَچي سگهندين. جيڪڏهن بـَـديءَ جو روح پيدا ٿئي، ته دعا گهرجانءِ ۽ اِهو ياد رک منهنجا پـُـٽ ته آئينده لاءِ هيءَ تنهنجي جاءِ نه آهي. جڏهن مان هتان خدا جي مرضيءَ سان هليو ويندس، ته خانقاه ڇڏي ڏِجانءِ ۽ هميشه لاءِ هليو وڃجانءِ.“
اليوشا تي وحشت ڇانئجي وئي.
”اِهو ڇا آهي؟“ في الحال تنهنجي جاءِ، هيءَ نه آهي. مان توکي هن دنيا ۾ عظيم فرض کي اَدا ڪرڻ جي دعا ڪريان ٿو. تنهنجي حياتيءَ جو وڏو سفر ٿيندو. تون شادي پڻ ڪندين. هيءُ سڀ ڪجهه نڀائڻ کان پوءِ تون هـِـتي ايندين. هـُـتي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پر مون کي تو ۾ شڪ به نه آهي، اُنڪري مان توکي اوڏانهن موڪليان ٿو. يسوع مسيح توسان ساٿي آهي. تون کيس تـَـرڪ نه ڪجان“. هـُـو به توکي نه ساريندو. تون انتهائي غم ڏسندين، پر اُن غم ۾ تنهنجي لاءِ خوشي ۽ راحت هوندي. تنهنجي لاءِ منهنجو اِهو آخري پيغام ڪافي آهي. غمگينيءَ ۾ آسودگيءَ کي ڳولـجان“. محنت ڪجان“. سواءِ ڪنهن رُخني جي، منهنجن لفظن کي ياد رکجان“. جيتوڻيڪ مان پوءِ توسان ڳالهائيندس، هاڻي منهنجا ڏينهن نه بلڪ ڪلاڪ به ڳڻت ۾ آهن.“
اليوشا جي چهري تي هڪ دفعو وري جذبات ظاهر ٿيا. سندس وات جون ٻئي ڪـُـنڊون ڦڙڪي رهيون هيون.
“اِهو ٻيهر ڇا آهي؟“ مربي زوسيما وڻندڙ مسڪراهٽ سان پڇيو. “دنيا وارا ڀل ته ڪنهن جي موت تي ڳوڙها ڳاڙين، پر هـِـتي اسان پنهنجي وڇڙندڙ پيءُ تي خوشي ٿا ڪريون. اَسان خوشي ٿا ملهايون ۽ هن لاءِ دعا ٿا ڪريون. مون کي اَڪيلو ڇڏ ته مان عبادت ڪريان. وڃڻ ۾ ٿوري تڪڙ ڪر. پنهنجن ڀائرن جي ڀر ۾ ويهج، صرف هڪ جي ويجهو نه، مگر ٻنهي جي قريب.“
فادر زوسيما کيس دعا ڏيڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا. اِليوشا پنهنجي ڪابه ناراضگي نه ڏيکاري، جيتوڻيڪ سندس ڏاڍي خواهش هئي، ته هـُـو ترسي پوي. هن کان سواءِ هيءَ به سندس خواهش هئي ته هـُـو اِها به پڇا ڪري ته هـُـو دمتريءَ جي اڳيان ڇو نوڙيو ۽ سندس اُن مان ڪهڙو مطلب هو؟ هيءُ سوال سندس زبان سان ٽـَـڪرائجي رهيو هو، مگر همٿ نه پئي ٿيس، جو کڻي پڇي. هن سمجهيو ته جيڪڏهن مناسب هجي ها، ته مربي خودبخود ٻـُـڌائي ها. ظاهر هو ته اِها سندس مرضي ڪانه هئي. هن عمل اليوشا تي بي پناهه اَثر وڌو هو. سندس اُن جي معنيٰ خيز مفهوم تي ايمان هو، پـُـراسرار ۽ شايد هيبت ناڪ پڻ.
هـُـو جيئن ئي تڪڙو تڪڙو حـُـجري جي احاطي کان ٻاهر نڪري هلڻ لڳو، ته وڃي خانقاه ۾ فادر زوسيما جي کاڌي تي پهتو، تڏهن پنهنجيءَ دل ۾ درد اُڀرندو محسوس ڪيائين ۽ ٿورو ترسي پيو. ايئن ٿي لڳو، ته هن وري مربي زوسيما جا لفظ ٻـُـڌڻ ٿي گهريا، جو پنهنجي آخري وقت جي پيشنگوئي ڪري رهيو هو. هـُـن جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي، سا ناممڪن هئي جو صحيح نه نڪري. اليوشا کي سندس اِشاري ۾ ڪامل يقين هو، پر هـُـو ان کان اَڪيلو ڪيئن رهي سگهندو؟ هـُـن کي ڏسڻ يا ٻڌڻ کان سواءِ، هـُـو ڪيئن زنده رهي سگهندو؟ هـُـو آخر ڪيڏانهن وڃي؟ هـُـن کيس چيو هو ته روئجان نه، خانقاه ڇڏي وڃجان“. او خدا! هيءُ گهڻي وقت کان پوءِ هو، جو اِليوشا ذهني ڪوفت ۾ گرفتار ٿيو هو. هـُـو اُن جهنگ مان، جنهن حجري کي خانقاه کان علحدو ٿي ڪيو، تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. منجهس اِها طاقت ڪانه هئي، جو خيالن جي هن طوفان کي برداشت ڪري سگهي. هن سـُـڪل صنوبر جي وڻ کي ڏٺو جو رستي تي بيٺو هو، کيس ڏور وڃڻو نه هو، صرف پنج سـَـو قدمن تائين وڃڻو هو، کيس هيءُ به خيال هو، ته رستي تي کيس ٻيو ڪوبه ڪونه گڏبو، پر پهرئين موڙ تي هـُـن ريڪٽن کي ڏٺو. هو ڪنهن جو انتطار ڪري رهيو هو.
”تون منهنجي لاءِ ترسيو آهين“، اليوشا وٽس پهچندي پڇيو.
”هائو،“ ريڪٽن تلخ مسڪراهٽ سان چيو. ”تون فادر سپيرئر وٽ تڪڙو وڃي رهيو آهين. مون کي خبر آهي ته هن وٽ دعوت آهي. اهڙي دعوت ڪڏهن به ٿي نه آهي، سواءِ اُن دعوت جي، جا فادر سپيرئر بشپ ۽ جنرل پهائون جي ڪئي هئي. توکي ياد هوندو، مان دعوت تي ڪونه هوندس، پر تون وڃي چٽڻيءَ تي هٿ صاف ڪر. اليڪسي! پر مون کي هڪڙي ته ڳالهه ٻـُـڌاءِ، هن روحاني ڪشف مان ڪهڙو مطلب هو؟ مون توکان فقط اِهوئي ٿي پڇڻ گهريو.“
“ڪهڙو ڪشف؟“
“اُهو جو تنهنجي ڀاءُ دمتريءَ جي اڳيان مربيءَ جو نـِـوڙڻ هو. هن جي پيشاني زمين تي آواز به پيدا ڪيو هو!“
”تون فادر زوسيما جي متعلق ٿو پڇين؟“
”هائو فادر زوسيما بابت.“
”زمين تي آواز؟“
”آهه، ڪهڙو نه بي حرمتي وارو لهجو! خير اُن جو حرج ڪونهي، پر اُن جو مطلب ڪهڙو هو؟“
”مشيا مون کي اُن جي ڪابه خبر نه آهي؟“
”مون ڄاتو پئي ته هـُـو توکي ڪونه ٻڌائيندو. هن ۾ حيرت جو ڪوبه مقام نه آهي. رڳو دستوري کل جهڙي رسم! پر اِن اَدائگيءَ ۾ ڪو مقصد هو. شهر جا سمورا پاڪ نفس هن بابت ڳالهيون ڪندا. اِها ڳالهه پوري علائقي ۾ پکڙجي ويندي ۽ حيرت جو سبب بڻبي، ته آخر هن جو مطلب ڇا هو؟ مان سمجهان ٿو ته هن ٻڍڙيءَ کي ڪو تيز نڪ آهي، جو هـُـو گناهه کان نفرت ٿو ڪري ۽ تنهنجي گهر ۾ اِها بدبوءِ آهي.“
”ڪهڙو گناهه؟“
اِهو صاف ظاهر هو ته ريڪٽن ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ راضي ٿي نظر آيو.
”ٿـِـي سگهي ٿو، ته اِهو گناهه تنهنجي گهر ۾ هجي. تنهنجن ڀائرن ۽ تنهنجي شاهوڪار پيءُ جو هجي. سو فادر زوسيما اِنڪري زوم سان ڪري پيو. پوءِ جو ڪجهه ٿئي، اُن لاءِ هـُـو تيار آهي. بعد ۾ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو به ته اُهو به ايئن ئي هوندو. اوه! اِهو ته هـُـن پاڪ نفس پهريائين ئي محسوس ڪيو هو، ۽ هيءُ بلڪل الهامي هو. حالانڪ اِها ناقص قسم جي اڳڪٿي آهي، جهڙيءَ ريت هـُـو اَڍنگي نموني ڪري پيو. اوه! هن ۾ ته ڪا مجازي رمز هئي. سڀئي اِيئن چوندا ته مجازي! پر شيطان کي سـُـڌ آهي ته اِهو سڀ ڪجهه ڇا هو؟ اِهو هـُـن جي عظمت جي ياد پيو تازي ڪندو. هـُـن گناهه بابت اڳڪٿي ڪئي ۽ گنهگارن ڏانهن اِشارو ڪيائين! اِهو، ايئن ئي اهڙن سودائي متعصبن جو نمونو پئي رهيو آهي. هـُـو شراب خانن کان پارلنگهي وڃن ٿا ۽ مندرن ڏانهن پٿر اُڇلائين ٿا. بلڪل تنهنجي مربيءَ جان. هـُـو صحيح ۽ سالم ماڻهوءَ تي لـَـٺ ٿو کڻي ۽ قاتل جي قدمن ۾ ڪـِـري ٿو پوي.“
”ڇا جو گناهه! ڪير قاتل؟ تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“
اِليوشا تي موت جهڙي خاموشي ڇانئجي وئي. ريڪٽن پڻ ماٺ ۾ هو.
”قاتل ڪير؟ ڄڻ ته توکي ڪا خبر ئي ڪانه آهي! مان شرط ٿو رکان، ته تو اُن بابت اڳ ۾ ئي سوچي ڇڏيو آهي. ڪهڙو نه اِهو دلچسپ آهي. خير اِهو اِيئن ئي هو. اِليوشا ٻـُـڌ، تو هميشه سچ پئي ڳالهايو آهي. جيتوڻيڪ تون هميشه ٻن باهين ۾ رهيو آهين. تو، هن تي سوچ ويچار ڪيو آهي، جواب ڏي؟“
”هائو، مون ڪيو آهي،“ اليوشا، هوريان آواز ۾ چيو، جنهن کان ريڪٽن به هيسجي ويو.
”ڇا تو سچ پچ ڪيو آهي؟“
”مون ..... مون اِيئن ته خيال ڪونه ڪيو آهي،“ اليوشا ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪئي. تو ته سـِـڌو سنواٽو عجيب نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. منهنجو خيال آهي ته مون ايئن قياس ٿي ڪيو.“
”هان ڏٺه!“ ڪهڙي نه سـُـٺي نموني ظاهر ڪيو اَٿئي! اڄ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کي ڏسي، تو گناهه جو خيال ڪيو آهي، ته پوءِ مان غلطيءَ تي نه آهيان.“
”هڪڙي منٽ لاءِ ترس،“ اِليوشا بلڪل بي تاب ٿي لڳو. ”آخر ڪهڙي ڳالهه آهي، جو توکي ايئن نظر ٿو اَچي؟ هن ۾ تنهنجي ڪهڙي دلچسپي آهي؟ سڀ کان پهريائين اِهو سوال ٿو پيدا ٿئي.“
”ٻه سوال، هڪ ٻئي کان الڳ، پر فطري. ۽ مان ٻنهي تي جدا جدا روشني وجهندس. ڪهڙي ڳالهه آهي، جو مون کي ايئن نظر ٿو اَچي. مان شايد ايئن محسوس نه ڪريان ها، جيڪڏهن مان تنهنجي ڀاءُ دمتريءَ کي اوچتو نه ڏسان ها ۽ يڪدم سنئون سنواٽو سندس دل ۾ نه نهاريان ها. مون هـِـن ماڻهوءَ ۾ هڪ امتيازي وصف لڌي آهي. اِنهن ايماندار، مگر جذباتي ماڻهن ۾ اهائي هڪ وصف ٿئي ٿي، جنهن کي اورانگهڻ نه کپي. شايد ايئن ٿي پئي ها، ته هـُـو تنهنجي پيءُ تي چاقوءَ سان ڊوڙي پوي ها، پر تنهنجو پيءُ شرابي، پراڻو پاپي آهي. هـُـو ڪڏهن به اهڙي قسم جو خط نه ڪڍڻ چاهيندو - پر جيڪڏهن ٻئي اهڙي معاملي تي وڃي پهتا، ته ٻنهي کي ڏک ٿيندو.“
”نه مشيا، نه، جيڪڏهن ايئن آهي، جنهن جي تون پڪ ٿو ڏئين، ته معاملو ايستائين ڪونه پهچندو.“
”پر تون لرزي ڇو رهيو آهين؟ مان توکي ٻڌايان ٿو. تنهنجو مـِـتيا ڀلي ايماندار هجي (هـُـو بيوقوف آهي پر ايماندار، ۽ شهوت پرست آهي.) اِهائي سندس تعريف آهي، اِهوئي سندس ذاتي جوهر آهي. اِهو تنهنجو ئي پيءُ آهي، جنهن کيس ايترو شهوت پرستيءَ ۾ ڪيرايو آهي. توکي خبر آهي اليوشا! ته مان توتي عجب کائيندو آهيان ته تون ڪيئن پنهنجي پاڪائي قائم رکي سگهيو آهين. تون پڻ ڪرامازوف آهين. تون ڄاڻين ٿو! تنهنجي خاندان ۾ شهوت پرستي هڪ مهلڪ بيماري وانگر وچڙيل آهي، پر هاڻي، اِهي ٻئي نفس پرست، هڪ ٻئي کي چاقو کڻي پيا تاڙين. هي ٽئي هڪ ٻئي سان پيا ٿا ٽڪرائين. شايد چوٿون تون به هجين؟“
”تون اُن عورت جي متعلق غلطيءَ تي آهين. دمتري اُن کي ذليل ٿو سمجهي.“ اليوشا ٿورو ڏڪندي چيو.
”گروشيناڪ! منهنجا ڀاءُ، هـُـو اُن کان حقارت نه ٿو ڪري. هـُـن پنهنجي مڱينديءَ کي جيئن ته هـِـن لاءِ ڇڏي ڏنو آهي، اُنڪري هـُـو ڪيئن اُن کي حقير سمجهندو. اُن ۾ منهنجا ڀاءُ! ڪجهه مڙيوئي آهي، جنهن کي اَڃا تون ڪجهه نه ٿو سمجهين. هڪ انسان ڪنهن سونهن کي پيار ڪري ٿو - عورت جي جسم سان يا سندس جسم جي ڪنهن حصي سان، جنهن کي فقط هڪ نفس پرست ئي سمجهي سگهي ٿو. اُن لاءِ هـُـو پنهنجا ٻار، پنهنجو پيءُ، ماءُ، بلڪه پنهنجو وطن - رشيا به ڇڏي سگهي ٿو. هـُـو جيڪڏهن ايماندار آهي ته چوري ڪندو، جيڪڏهن شفيق آهي ته خوف ڪندو، جيڪڏهن سچار آهي ته دعا ڪندو. پـُـشڪن عورت جي قدمن جي شاعر، سندس پيرن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آهي. ٻيا سندس ساراهه کي ڪونه ٿا ڳائين، پر هن جي پيرن ڏانهن هيجان ۽ پريشانيءَ کان سواءِ نهاري نه ٿا سگهن. هتي منهنجا ڀائڙا! نفرت ڪابه مدد نه ٿي ڪري. پوءِ ڇو نه کڻي هـُـو گروشيناڪ کان حقارت ئي ڪري. هـُـو ڪري ٿو، پر پاڻ کي چيري ۽ ڦاڙي ته نه ٿو سگهي.“
”مان اِهو سمجهان ٿو،“ اليوشا ڄڻ ته جهٽڪو کاڌو.
”سچ ٿو چوين ۽ درست ٿو چوين، ڇو ته تون پهرين ئي لفظن ۾ قبوليت ڏئي چـُـڪو آهين.“ ريڪٽن خباثت سان چيو، ”هي توکي بي خبريءَ کان بچائي ٿو ۽ ساڳئي وقت اعتراف ڪرڻ اَملهه آهي ته پوءِ تون اُن موضوع کان غير واقف نه آهين، تو اڳ ۾ ئي، اُن تي سوچيو آهي. منهنجو مطلب جنسي نفس پرستيءَ کان آهي. او بي داغ روح! اليوشا! تون هڪ مقدس مرد آهين، تون درويش آهين، پر اِهو شيطان ئي ٿو ڄاڻي، ته تو اُن لاءِ ڇا سوچيو آهي ۽ اُن بابت اڳ تون ڇا سوچيندو رهيو آهين؟ تون پاڪ آهين، پر تون اُن جي گهراين ۾ به آهين. مان توکي گهڻي عرصي کان ڏسندو رهان ٿو. تون خود پاڻ ڪرامازوف آهين، تون سڄو سارو ڪرامازوف آهين. اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي. هن مان ظاهر آهي ته اصل ۽ نسب جو ماڻهن جي طبيعتن تي ڪيڏو نه دخل ٿا رکن. پيءُ جي طرفان تون نفس پرست آهين ۽ ماءُ جي طرفان سودائي درويش. تون ڏڪين ڇو ٿو؟ انهيءَ لاءِ ته مان توکي حقيقتون ٻـُـڌائي رهيو آهيان. توکي خبر آهي، ته گروشيناڪ مون کي منٿون ڪندي آهي، ته مان توکي وٽس وٺي وڃان. هـُـو چوندي آهي ته مان هن پادريءَ کي ڇـِـڪي هيٺ ڪنديس. سندس تقدس جو لباس تار تار ڪري ڇڏينديس. تون هيءُ خيال به نه ٿو ڪري سگهين، ته توکي آڻڻ لاءِ هـُـو ڪيتريون آزيون ڪندي آهي. عجب آهي، ته هوءَ تو ۾ ڇو ايتري دلـچسپي وٺي ٿي. توکي خبر آهي ته هوءَ هڪ غير معمولي عورت آهي؟“
”هن جي مهرباني مڃجانءِ ۽ چئجانس ته مان ڪونه ٿو اَچان“ اليوشا ڦڪيءَ کـِـلَ سان چيو، ”مشيا! توکي جيڪي چوڻو آهي، اُهو چئي ختم ڪر، پوءِ مان توکي پنهنجو اصلي خيال ٻـُـڌائيندس.“
”ڇا آهي، جنهن کي مان ختم ڪريان؟ سڀ ڪجهه بلڪل صاف آهي. ڀائڙا! اِهو اُهوئي پراڻو راڳ آهي، پر جيڪڏهن تون شعور ۾ نفس پرست آهين، ته پوءِ ڀلا تنهنجو ڀاءُ ايون؟ هـُـو پاڻ ڪرامازوف آهي. توهان سڀني ڪرامازوف جي بنياد ۾ ڇا آهي؟ فقط نفس پرستي، خيانت ۽ سوداءُ! تنهنجو ڀاءُ ايون، مذهبي مضمون فقط کـِـلَ ۽ مذاق لاءِ لکي ٿو. ڪنهن احمقاڻي حرڪت لاءِ، ۽ اُن مقصد جي خاطر، جنهن جي کيس به ڪا خبر نه آهي. جيتوڻيڪ هـُـو بي دين آهي ۽ هـُـن قبول ڪيو آهي، ته اِها پاڻ سان سندس مڪاري آهي. اِهو آهي تنهنجو ڀاءُ ايون! هـُـو اِها به ڪوشش ٿو ڪري، ته مـِـتيا جي مڱينديءَ کي هٿ ڪري وٺي. مون کي شڪ آهي، ته هـُـو اُن ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هن کان وڌيڪ ڇا کپي، جو خود مـِـتيا رضامندي ڏيکاري آهي؟ مـِـتيا پنهنجي مڱينديءَ تان هٿ کڻي آزاد ٿي پوندو ۽ گروشيناڪ ڏانهن جهڪي پوندو. پنهنجي شرافت ۽ غير خاني داريءَ جي باوجود، هـُـو ايئن ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن کي خيال ۾ رک. هيءُ آهن مقدر جا ماريل! ڪهڙو خبيث توکي اِتان ڪڍي سگهندو؟ هـُـو پنهنجي ڪمينائپ کي سمجهي ٿو ۽ اُن تي لڳو اَچي! مان توکي اهو به ٻـُـڌائي ڇڏيان ته اِهو پوڙهو، تنهنجو پيءُ، هاڻي مـِـتيا جي راهه ۾ رنڊڪون ٿو وجهي. گـُـروشيناڪ تي هــُـو اوچتو موهجي پيو آهي. هـُـن کي جڏهن ڏسي ٿو، ته سندس وات پاڻي پاڻي ٿيو وڃي. هيءُ به اِنڪري ئي هو، جو هـُـن حجري ۾ تماشو پيدا ڪيو. ڇاڪاڻ ته موسيوف کيس ڌڪاريل جيو ٿي سڏيو. هـُـو ته ٻلي ۽ ٻـِـليءَ جي عشق کان به بدتر آهي. شروع ۾ هن کيس گـُـتي ۾ نوڪري ڏني هئي ۽ ڪنهن معمولي ڌنڌي ۾ لڳايو پر هاڻي کانئس سڀ ڪجهه ڇڏائي، مٿس حيران ۽ پريشان ڦرندو وتي ٿو. هـُـو ڪيترين ئي لالچن سان کيس هرکائي رهيو آهي، جو ڪو عزت ڀريو ڪم نه آهي. اِها پـَـڪ آهي ته املهه پيءُ ۽ پٽ جو، راهه جي وچ تي ضرور ٽڪراءُ ٿيندو. مگر گروشيناڪ ٻنهي کي پسند ڪونه ٿي ڪري. فقط ٻنهي سان کيڏي رهي آهي. ٻنهي کي مـَـڇرائي رهي آهي، ته جيئن ٻنهي کان گهڻي ۾ گهڻو حاصل ڪري سگهي. هوءَ پيءُ جو جيتوڻيڪ گهڻو ئي پيسو اُڏائي سگهي ٿي، پر هـُـوءَ ساڻس شادي ڪانه ڪندي. ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو آخر ۾ ڪنجوس ٿي، پنهنجي مـُـٺ کي ڀڪوڙي ڇڏي، مـِـتيا جو قدر ۽ قيمت اِتي وڌي وڃي ٿي. هـُـن وٽ پيسو ڪونه آهي پر هـُـو ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، بنهه آتو آهي. هـُـو پنهنجيءَ مڱينديءَ ڪيٽرينيا اَيونونا کان، جا حـُـسن ۽ جمال ۾ جواب نه ٿي رکي ۽ ڪرنل جي ڌيءُ آهي، جان ڇڏائي گروشيناڪ سان شادي ڪرڻ جا پـَـهه پچائي رهيو آهي. هيءَ ڪنهن وقت، هڪ اَدنيٰ، غير مهذب، جاهل ۽ بدڪار پوڙهي سوداگر سيمسونوف جي - جو ضلعي ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، داشته رهي چـُـڪي آهي. قتل ۽ خون جو، هاڻي ڪو واقعو ٿئي، ته پوءِ ڪا چڱائي ٿي. ايون اُن لاءِ منتظر ويٺو آهي. اِهو واقعو کيس پــَـٽَ تي ڪيرائڻ لاءِ ڪافي آهي. هـُـو پوءِ ڪيٽرينيا ايونونا کي هٿ ڪري وٺندو، جنهن لاءِ هـُـو ايترو اُداس ۽ حسرت ۾ گذاري ٿو. پوءِ سـَـٺ هزارن جو ڏاج کڻي کيسي ۾وجهندو. هڪ نيچ ۽ پينو ماڻهوءَ جي لالچائڻ لاءِ اِهو ڪافي آهي. اِهو به ياد رکجانءِ ته هـُـو مـِـتيا سان ڪابه زيادتي ڪونه ٿو ڪري پر حقيقت ۾ اُن لاءِ آساني ٿو پيدا ڪري. مون کي ڳالهين جي خبر آهي- اِجهو اَڃا اڳئين هفتي، جڏهن هـُـو گـُـتي ۾ ڪن رولو ڇوڪرين سان شراب پي رهيو هو، ته هـُـن رڙ ڪري چيو، ته هـُـو پنهنجي مڱيندي ڪيٽرينيا جي بلڪل لائق نه آهي پر سندس ڀاءُ ايون هر طرح مستحق آهي. ڪيٽرينيا ايونونا، پڇاڙيءَ ۾ اهڙي وڻندڙ ۽ دلڪش ماڻهوءَ کان انڪار ڪانه ڪندي. هوءَ هن ڳالهه ۾ ڏاڍي ٻـُـڏتر ۾ آهي، ته هوءَ ٻنهي مان ڪنهن کي پنهنجو بڻائي. ڏسو ته ڪهڙي عمدي طريقي سان ايون، اوهان سڀني کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو آهي. اوهان سڀئي سندس پرستش ٿا ڪريو. هـُـو اوهان تي وڏا وڏا ٽهڪ ٿو ڏئي ۽ اوهان جي ذلالت مان لطف ۽ مزو ٿو وٺي.“
”توکي ڪيئن خبر پئي؟ تون ايترو يقين سان ڪيئن ٿو چوين؟“ پيشانيءَ تي گهنج آڻندي، اليوشا شوخيءَ سان چيو.
”اِهو ڇو ٿو پڇين ۽ منهنجي جواب تي، توکي خوف ڇو ٿو ٿئي؟ هن مان ظاهر آهي ته جو ڪجهه مان چئي رهيو آهيان، سو سورنهن آنا سچ آهي“.
”ايون توکي ڪونه ٿو وڻي، پر ايون ۾ دولت جي لاءِ ڪابه دلـچسپي ڪانه آهي“.
”سچ؟ ڀـَـلا ڪيٽرينيا ايونونا جو حسن ۽ جمال ڪيئن آهي؟ فقط پيسو ته نه آهي؟ جيتوڻيڪ سٺ هزارن جي ڏاج ۾ ڪا گهٽ جاذبيت نه آهي؟“
”ايون اُن کان گهڻو بلند آهي. هزارن جي خاطر هـُـو ڪنهن سان ڳانڍاپو ڪونه ڳنڍيندو. اِهو پيسو نه هوندو ۽ نه وري اُن ۾ آسائش آهي، جنهن کي ايون ڳولهي ٿو. شايد ڪا مصيبت ۽ اَذيت آهي، جنهن جي کيس تلاش آهي.“
”ڪهڙو نه مجنون خواب آهي او شريف الفنس؟“
”مشيا! توکي خبر نه آهي ته هـُـن وٽ ڪيترا نه گهـَـرا جذبا آهن. هن جي دل جڪڙيل آهي. ڪي مـُـنجهيل شڪ ۽ شبها مٿانئس ڀوت وانگر سوار آهن ۽ بس. هـُـو اُنهن مان هڪڙو آهي، جن کي نه ڪروڙن جي تمنا آهي ۽ نه خواهش. هن کي ته فقط پنهنجي سوال جو جواب کپي.“
”اِها ته عبارت جي چوري آهي. اليوشا! تون ته محض مربيءَ جا فقرا نقل ٿو ڪرين. ايون ته اوهان جي اڳيان هڪ مسئلو رکيو آهي!“ ريڪٽن ڪيني کي ظاهر ڪندي چيو. سندس شڪل بدلجي وئي ۽ چپ ڦڙڪي رهيا هئس. ”هڪ احمقاڻو مسئلو! اُن تي غور ڪرڻ ئي بي سود آهي. پنهنجي دماغ کي جنجهوڙيو، پوءِ سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اَچي ويندو. تو سندس احمقاڻي نظريي کي هاڻي ٻـُـڌو. جيڪڏهن حيات جاوداني نه آهي ته پوءِ ڪا به حسـِـنِ سيرت ۽ نيڪي ڪانه آهي. پوءِ هر شيءِ جي جائز ۽ ناجائز جو ڪو سوال ئي نه ٿو اُٿي. توکي ياد آهي، ته تنهنجي ڀاءُ مـِـتيا ڇا چيو هو؟ ”مان اُن کي سيني سان سانڍيندس” بدمعاش لاءِ ڪهڙو نه دلڪش نظريو! مان بد شد ٿو ڳالهايان، جا ناداني آهي. نه فقط بدمعاشن جي لاءِ پر ڀليل ۽ ڀٽڪيل لاءِ به دلڪش نظريو! اِهو آهي خيالن جو ڀوت ۽ منجهيل شڪ ۽ شبها! اِهو فقط هن جو کيل آهي، اُن جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ هڪ طرف مڃڻ کان سواءِ، ٻيو چارو ڪونه رهندو. ٻئي طرف گناهه جو اعتراف ڪرڻو ئي پوندو. هن جو پورو نظريو دوکو آهي. انسانيت خود بخود نيڪيءَ جي قوت کي ڳولي لهندي، پوءِ اُها اَبدي حياتي ۾ يقين نه به ڪري. اِها آزاديءَ جي حب، يڪسانيت ۽ پنهنجائپ ۾ کيس ملي ويندي.“
ريڪٽن جوش مان پاڻ کي روڪي نه ٿي سگهيو، پر يڪايڪ خاموش ٿي ويو. ڄڻ ته ڪجهه ياد آيو هجيس.
”بس اِهو ڪافي آهي،“ هـُـن اَڃا تائين زهر ٻڏل لهجي ۾ ٿي ڳالهايو. ”پر تون کلين ڇو ٿو؟ تون مون کي شايد بيهودو ۽ احمق ٿو سمجهين؟“
”مان ته توکي ڪڏهن به بيهودو ۽ احمق ڪونه ٿو سمجهان. اِهو ته مان خواب ۾ به نه سنڀران. پر تون چالاڪ آهين ..... خيال نه ڪر. اِها منهنجي ناداني هئي، جو مون مشڪيو ٿي. مشيا! مان سمجهان ٿو ته تون هن تي ڏاڍو گرم ٿو ٿئين. مان تنهنجي گرميءَ مان اَندازو لڳايان ٿو، ته تون به ڪيٽرينيا ايونونا کان بي پرواهه نه آهين. ڀائڙا! مون کي هن جو گمان ته گهڻي وقت کان هو ته آخر ڪهڙو سبب آهي، جو تون منهنجي ڀاءُ ايون کي پسند نه ٿو ڪرين. توکي ساڻس رقابت آهي.“
”سندس دولت لاءِ بدگماني پڻ؟ اِهو به ڇو ڪين ٿو چوين؟“
”پيسي بابت ته مان ڪجهه به نه چوندس. مان تنهنجي توهين ڪرڻ ڪونه نڪتو آهيان.“
”ته پوءِ مون کي اعتبار آهي، جي تون اِيئن چوين ٿو پر توکي ۽ توسان گڏ تنهنجي ڀاءُ ايون کي به مونجهاري ۾ وڌو اٿم. تون اِهو ڪونه ٿو سمجهين ڇا ته ڪيٽرينيا ايونونا کان سواءِ به ڪو کيس ناپسند نه ٿو ڪري؟ پوءِ اهڙو مان بدنصيب ڪٿي آهيان، جو کيس ناپسند ڪريان؟ هـُـو مون کي گارين ڏيڻ تي مائل آهي، جنهن جي توکي خبر آهي ته پوءِ مون کي اهو حق حاصل نه آهي ته مان به کيس گهٽ وڌ ڳالهايان؟“
”مون ته ڪڏهن به هن کي تنهنجي لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندي ڪونه ٻـُـڌو آهي. هن ته تنهنجو ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو آهي.“
”ڇو؟ اِها اَڃا اڳئين ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هن ڪيٽرينيا ايونونا وٽ دل کولي مون کي گاريون ٿي ڏنيون - ڏسين ٿو، ته تنهنجي خادمه ۾ هـُـو ڪيتري نه دلچسپي ٿو وٺي. هڪ ٻئي جي پٺيان ڪنهن کي رقابت آهي. منهنجا ڀاءُ! مان هي چئي نه ٿو سگهان. هن پنهنجو ڏاڍو خيال ظاهر ڪيو، ته مان رياضيدان جو پيشو مستقبل جي لاءِ اختيار نه ڪريان ۽ نه وري راهب بڻجان. اِنڪري مان پـَـڪ پيٽسبرگ هليو ويندس، جتي ڪنهن نامياري رسالي ۾ تبصري نگار بڻجان ۽ ايندڙ ڏهن سالن تائين لکندو رهان. پڇاڙيءَ ۾ مئگزين جو مالڪ ٿيان ۽ اُن ۾ آزاديءَ سان لکندو رهان. اُن ۾ اشتراڪي خيالن جي هلڪي جهلڪ هجي، هلڪي حاشيه آرائي هجي. هميشه ۽ سمورو وقت تيز نظر هجي، جا ٻنهي طرفن ڏي پوندي رهي. فقط بيوقوفن کي فريب ڏيڻو پوندو. تنهنجي ڀاءُ جي بيان موجب اشتراڪي خيالن جي جهلڪ منهنجي آمدنيءَ ۾ ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ڪندي، پنهنجي معاش جي آخري ڏينهن ۾، مان پيٽسبرگ ۾ هڪ عاليشان جڳهه جوڙائيندس، پنهنجو ڇاپخانو قائم ڪندس. مٿيون طبقو مسواڙ تي ڏيندس. هـُـن ته اُن لاءِ جاءِ به ڳولي ڇڏي آهي، نئين پٿر واري پـُـل جي ڀرسان نيوا جي هن پار، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته اِها پيٽسبرگ ۾ ئي ٺهندي.“
”سچ مشيا، اِهو ايئن ئي ٿيندو ۽ سندس حرف حرف سچو نڪرندو“. اليوشا خوش مذاقيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، مشڪي چيو. ”اليڪسي فيودور پاولووچ! توکي شايد طنز ۽ مذاق مان لطف ٿو اَچي.“
”نه نه مون کي معاف ڪجان“. مون مذاق نه ٿي ڪيو. منهنجي دل ۾ هڪ الڳ ٿلڳ ڳالهه آهي، پر معاف ڪجان“. اِهو توکي سڀ ڪجهه ڪير ٿو ٻڌائي؟ تون پاڻ ته ڪيٽرينيا ايونونا ڏانهن ڪونه ويو هئين، جتي هــُـو تو بابت ڳالهائي رهيو هو.“
”مان اُتي برابر ڪونه هيس پر دمتري فيودور پاولووچ اُتي هيو. مون پنهنجي ڪنن سان هن کي ڳالهائيندي ٻـُـڌو. ڪنهن به اِرادي کان سواءِ مون کيس اتفاقاً ٻـُـڌي ورتو. اُن وقت مان گروشيناڪ جي سمهڻ واري ڪمري ۾ هوس. مان اُتان نڪري به نه ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته دمتري فيودور پاولووچ ٻئي ڪمري ۾ ويٺو هو.“
”هائو، برابر سچ ٿو چوين، مون کان اِهو وسري ويو هو، ته هوءَ تنهنجي رشتيدار آهي.“

”رشتيدار، اِها گروشيناڪ ۾ منهنجي رشتيدار“، ريڪٽن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو. ”تون چريو ته نه آهين، تون پنهنجي خيالن ۾ ئي گم آهين؟“
”ڇو هوءَ تنهنجي رشتيدار نه آهي؟ مون ته گهٽ ۾ گهٽ ايئن ٻڌو آهي.“
”تون اِهي ڳالهيون ڪٿان ٿو ٻڌين؟ توهان ڪرامازوف، پراڻي زماني جي هئڻ جون ٻٽاڪون ٿا هڻو. پاڻ کي اوچي خاندان جا ٿا سمجهو. حالانڪ تنهنجو پيءُ، ٻين جي ميز تي مسخري جو پارٽ ادا ڪندو آهي ۽ بورچيخاني ۾ خاص مهربانيءَ سان اجازت وٺندو آهي. مان کڻي هڪ پادريءَ جو پٽ آهيان ۽ اوهان جهڙن معزز ماڻهن جي نگاهن ۾ ڌوڙ کان وڌيڪ نه هجان، پر مون کي ايتري بي پرواهي ۽ شوخيءَ سان بي عزت نه ڪريو. مون کي پاڻ پنهنجي مان ۽ مرتبي جو احساس آهي. اليڪسي فيودورپاولووچ، مان ڪڏهن به گروشيناڪ جهڙي عام رواجي فاحشه جو رشتيدار ٿي نه ٿو سگهان. مهرباني ڪري هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
ريڪٽن بلڪل خفا ٿي لڳو.
”مون کي بخشجان“. منهنجو ڪڏهن به اِهو ارادو نه هو، پر تون هن کي فاحشه ڪيئن ٿو سڏين؟ هوءَ اِهڙي قسم جي عورت به آهي ڇا؟“ اليوشا ۾ فورََا لرزو پيدا ٿي ويو. ”مان توکي وري به ايئن ٻڌايان ٿو، ته مون ايئن ئي ٻڌو آهي، ته هـُـوءَ تنهنجي رشتيدار آهي. تنهنجو اَڪثر وٽس اَچڻ وڃڻ ٿيندو آهي ۽ تو مون کي خود ٻڌايو آهي، ته تون سندس عاشق نه آهين. مان ته ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو آهي، ته توهان ماڻهن کي ساڻس ڪا ايڏي نفرت آهي. سچ پچ هوءَ اُن جي مستحق به آهي ڇا؟“
”هن ڏانهن وڃڻ لاءِ مون کي ڪي ذاتي سبب هوندا، اُن سان تنهنجو ڪوبه واسطو نه آهي. پر جيستائين مـِـٽي مائٽيءَ جو تعلق آهي ۽ تنهنجي ڀاءُ يا تنهنجي پيءُ جو قياس اِهوئي آهي، ته اوهان سان ئي اِهو تعلق ٿيندس ۽ نه مون سان. ٺهيو، اِها ڳالهه اِتي ئي ختم ٿا ڪريون. تون هاڻي ماني کائڻ وڃ ته بهتر آهي. اَڙي هوءَ وري ڪهڙي خرابي پيدا ٿي آهي. اِهو ڇا آهي ڀلا؟ اسان کي دير ٿي وئي آهي ڇا؟ هنن ايترو جلدي ته کاڌو ختم ڪونه ڪيو هوندو! ڪرامازوف وري ڪو هنگامو پيدا ڪيو ٿو ڏسجي. هــُـو ڪير ٿا اَچن؟ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجو ڀاءُ ايون! سندن پٺيان هـُـو ڏس، فادر سپيرئر، ڏاڪڻ تان رڙيون ٿو ڪري. جواب ۾ تنهنجو پيءُ به رڙيون ٿو ڪري ۽ ٻانهون ٿو لوڏي. اَڙي اَڙي موسيوف به پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڀڳو ٿو وڃي. ڏسين ٿو، هـُـو وڃي رهيو آهي - ضرور ڪو مار موچڙو ۽ شور غل ٿيو آهي. کاڌو ته ٿي ئي ڪونه سگهيو هوندو. پـَـڪ ئي پـَـڪ فادر سپيرئر تي حملو ٿيو هوندو! يا شايد هنن هڪ ٻئي کي ڌڪ هنيا هجن! اِهو هنن لاءِ چڱو ٿيو.“
ريڪٽن جي حيرت ۽ تعجب لاءِ ڪي سبب هئا. اُتي سچ پچ شرمناڪ ۽ اَنوکو تماشو ٿي گذريو هو. اِهو ڪن گهڙين جي مونجهاري، جوش ۽ خروش جو نتيجو هو ۽ بس!

باب اٺون: شرمناڪ نظارو

هڪ عالي خاندان ۽ نفاست پسند هئڻ جي باعث موسيوف ڪجهه اندروني بي ڪيفي ۽ بي آرامي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. هو جڏهن ايون سان گڏ، فادر سپيرئر وٽ پهتو تڏهن پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري وڃڻ تي کيس شرمندگيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو. هـُـن محسوس ڪيو ته زوسيما جي چهري ۾ فيودور پاولووچ جي ذليل ۽ حقارت آميز حرڪت کان، جا کيس پريشاني ٿي هئي ۽ جنهنڪري هـُـو پنهنجو پاڻ وساري ويٺو هو، تنهن کان بهرحال کيس پري رهڻ گهربو هو.
”راهبن تي ڪنهن به حال ۾ ڪو به الزام رکي نه ٿو سگهجي،“ هـُـو ڏاڪڻ تي چڙهندي سوچڻ لڳو: ”جيڪڏهن هت هيءُ معقول ۽ مناسب ماڻهو آهن (جئن فادر سپيرئر هڪ عالي مرتبي جو آهي)، ته پوءِ ڇو نه اُنهن سان دوستاڻي ۽ مانائتي طريقي سان پيش اَچجي، مان ڪوبه بحث ڪونه ڪندس. هرچيز ۾ اُنهن سان متفق ٿيندس. مان خوش خلقيءَ سان کين پنهنجو ڪندس ۽ اُنهن کي ڏيکاريندس، ته منهنجو اُن ايسپ، اُن مسخري ۽ تماشائيءَ سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي. اِنهن ڳالهين ۾ انهيءَ ڪري ئي وڪوڙجي ويو هوس، ڇو ته اُهي ايئن ئي پئي ٿيون، جن ۾ ڪنهن چڱي مقصد کي سامهون نه ٿي رکيو ويو.
هن پڪو ارادو ڪيو ته خانقاه سان جو سندس مقدمو هلي رهيو آهي، تنهن کي ختم ڪندو ۽ سندس جيڪو ڪاٺين ۽ مڇي مارڻ جو حق آهي، تنهن تان به دستبردار ٿي ويندو. هـُـو ايئن ڪرڻ لاءِ انڪري به تيار ٿيو هو، ڇو ته سندس حق، پنهنجي اصلي قدر ۽ قيمت وڃائي چـُـڪا هئا. کيس اُن جهنگ ۽ نديءَ لاءِ پورو اَندازو پڻ ڪونه هو ته اُهي ڪـَـٿي آهن؟
سندس اندر ۾ اهي بهترين خيال مضبوط ٿيندا ٿي ويا. جيئن ئي هن فادر سپيرئر جي کاڌي جي ڪمري ۾ پير رکيو، خانقاه جي رهندڙن مان فادر ايوسف، فادر پيسي ۽ هڪ ٻيو راهب موجود هئا، جن کي کاڌي جي دعوت مليل هئي. موسيوف سان ايون ۽ ڪلگنوف به گڏ هئا. فادر سپيرئر ٻه قدم اڳتي وڌي ڪمري جي وچ ۾ آيو، جيئن پنهنجن مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪري سگهي. هـُـو ڊگهو ۽ سنهو، مگر طاقتور پوڙهو ٿي لڳو. هن جا وار ڪارا هئا، جن ۾ سفيد وارن جون ٿوريون چـَـڳون به هيون. سندس چهرو ڊگهو، ڳنڀير ۽ بلڪل ڪنهن ويراڳيءَ وانگر ٿي لڳو. هـُـو خاموشيءَ سان پنهنجن مهمانن جي اڳيان نوڙيو. هن ڀيري هـُـو سندس دعا حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس وڌي ويا. موسيوف ته هٿن چمڻ تائين به ڪوشش ڪئي پر سپيرئر اُن وقت پنهنجين هٿن کي پري ڪري ورتو. ايون ۽ ڪلگنوف سموري رسم کي مڪمل ادب سان ۽ نهايت سادگيءَ سان اَدا ڪيو. بلڪل ڳوٺاڻن جيان هٿ کي به چمي ڏني.
”اسان کي نيازمنديءَ سان اوهان کان معافي وٺڻ گهرجي،“ موسيوف ڪشادي پيشانيءَ سان، ڏند ڪڍي کلندي، نهايت شاندار ۽ مؤدب لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”معاف ڪجو، جو اَسان اُن صاحب يعني فيودور پاولووچ، جنهن کي اوهان دعوت ڏني هئي، اُن کان سواءِ آيا آهيون. هن اوهان جي مهمان نوازيءَ کي احسانمنديءَ سان ڏٺو پر مجبوريءَ کان انڪار ڪيو آهي. ڪنهن سبب جي ڪري، عزت ڀري فادر زوسيما جي ڪوٺڙيءَ ۾ هـُـو پـُـٽ سان نامناسب اَڻ بڻت جي ڪري، آپي کان ٻاهر نڪري ويو هو ۽ ڪي اِهڙا لفظ ڳالهائي ويٺو هو، جي اَڻ سونهائيندڙ هئا ..... سچ پچ نازيبا هئا، جن کان (راهبن ڏانهن نهاريندي) اوهان جي قابل احترام هستي، بنا ڪنهن شبهي جي، اڳ ۾ ئي واقف آهي، تنهنڪري، هـُـن اهو محسوس ڪندي، ته مٿس اِهو الزام آهي، ايمانداريءَ سان مون کي ۽ پنهنجي پٽ ايون فيودور پاولووچ کي عرض ڪيو آهي، ته اوهان تائين سندس معذرت کي پهچايون. مختصر طرح کيس پـَـڪ آهي ۽ سندس اِها خواهش آهي، ته اُن جي پوءِ تلافي ڪندو. هـُـن اوهان جي نيڪ دعائن لاءِ عرض ڪيو آهي ۽ پڻ اِها به گذارش ڪئي اَٿائين، ته جو ڪجهه به ٿي گذريو آهي، اُن کي وساري ڇڏجي.“
موسيوف جيئن ئي اُن طنز ۽ هجو جا پويان لفظ چيا، ته ايئن لڳو ته ڄڻڪ هن مڪمل طور تي دلجمعي ۽ اطمينان حاصل ڪري ورتو آهي ۽ مونجهاري جا سمورا نشان گم ٿي ويا آهن. هـُـو هڪ ڀيرو وري خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان انسانيت کي پيار ڪرڻ لڳو آهي.
فادر سپيرئر کيس وقار سان ٻـُـڌو ۽ مٿي کي ٿورو نوڙائي چيائين ته، ”مون کي هن جي غيرحاضريءَ تي سچ پچ ته گهڻو ارمان آهي. اسان جي ميز تي هـُـو شايد اسان کي پيار ڪرڻ سکي ها ۽ اسان کيس به پيار ڪريون ها. ڀلائي ڪري اوهان پنهنجين جاين تي ويهي رهو.“
هـُـو پاڪ تصوير جي سامهون ٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان دعا جا لفظ چيائين. سڀني عزت ۽ احترام سان جهڪي ڪنڌ کي نوڙايو.
اِها ئي گهڙي هئي، جڏهن فيودور پاولووچ پنهنجي پوئين شرارت ٿي کيڏڻ گهري. اِها حقيقت آهي، ته هن سچ پچ گهر وڃڻ جو اِرادو ڪيو هو ۽ هـُـن فادر سپيرئر وٽ ماني کائڻ کي نامناسب ٿي سمجهيو. جيتوڻيڪ مربيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ سندس شرمناڪ روش کان پوءِ ڪجهه به نه ٿيو هو. اِيئن به نه هو، ته هـُـو ڪو پنهنجي روش کان شرمندو ٿيو هو، پر هـُـو اڳي کان به اڳرو هو، اُن هوندي به هـُـن مانيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ نامناسب ٿي سمجهيو. سندس چيڪاٽ ڪندڙ گاڏي، مشڪل سان هوٽل جي ڏاڪڻ وٽ پهتي هئي ۽ هـُـو اَڃا گاڏيءَ مان لٿوئي نه هو، جو هـُـو يڪدم اُتي رڪجي ويو. مربيءَ وٽ جي هـُـن لفظ چيا هئا، سي کيس ياد آيا: ”مون هميشه ايئن ئي محسوس ڪيو آهي، ته جڏهن به مان ماڻهن سان ملندو آهيان ته ايئن لڳندو آهي، ته مان اُنهن کان گهٽ آهيان ۽ هـُـو سڀئي مون کي مسخرو سمجهندا آهن، تنهنڪري خيال ڪيم ته ڇو نه مسخري جو پارٽ اَدا ڪريان. جيتوڻيڪ اِها پـَـڪ اٿم ته اوهان مان هر هڪ مون کان وڌيڪ بيوقوف ۽ ڪمتر آهي.“ اُن ڪري سندس هميشه اِهائي پئي خواهش رهي، ته هو پنهنجي بيهودي حرڪت جو ٻين کان بدلو وٺندو رهي. کيس ياد آيو ته هڪ ڀيري کانئس ڪنهن پڇيو هو، ته ”تون فلاڻي يا فلاڻي کي ايترو ڇو ٿو ڌڪارين؟“ اُن وقت به بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ سان اِهوئي جواب ڏنو هئائين، ته ”مان توکي ٻڌايان، ته هـُـن مون کي ڪوبه نقصان ڪونه پهچايو آهي، پر ڇاڪاڻ ته مان هن سان هڪ خراب حرڪت ڪئي هئي، اُن ڪري مان کانئس نفرت ڪريان ٿو.“
اِهو سڀ ڪجهه هاڻي ياد ڪندي، هـُـو خبيثاڻي طور تي مشڪيو ۽ ٿوري وقت لاءِ شش و پنج ۾ پئجي ويو. سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي، سندس چـَـپَ ڦڙڪڻ لڳا. ”چڱو، مون جيئن ابتدا ڪئي آهي، هن کي ايئن ئي جاري رکڻ گهرجي.“ هن فيصلو ڪيو. اُن وقت سندس اُن مونجهاري جي بلنديءَ جو هنن لفظن مان اَندازو لڳائي سگهجي ٿو، جي هن چيا: ”هينئر پاڻ کي ٺاهڻو ته نه آهي، اُنڪري مان ڇا آهيان، اُن تي سڀني کي شرمندو ڪريان ته بهتر آهي. مان بلڪل سهي نه سگهندس ۽ ڪڏهن به نه!“
سندس مغز گرم ٿي ويو. هـُـو يقيناََ هٻڪي رهيو هو ۽ پنهنجي ڳالهائڻ جي لهجي کان بلڪل بي نياز هو. هـُـن سـَـٽَ ڏيئي پنهنجو ٽوپلو کنيو.
”ڇا هـُـو برداشت نه ٿو ڪري سگهي“. فيودور پاولووچ رڙ ڪري چيو. ”بلڪل نه، ڪڏهن به نه ٿو ڪري سگهي؟ سائين! مان اندر اَچان يا نه؟ هڪ مهمان جي حيثيت ۾ منهنجو آڌرڀاءُ ڪندا يا نه؟“
”خلوص دل سان اوهان جي آجيان ڪريان ٿو“، فادر سپيرئر جواب ڏنو. ”صاحبوءِ هن وڌيڪ چيو: ”مان جرئت ڪري توهان کي نهايت ئي دل جي صفائيءَ سان گذارش ڪريان ٿو، ته پنهنجي اَڻ بڻت کي پاسيرو رکي پيار ۽ سڪ ۾ ڳنڍجي وڃو. هڪ آڪهه جهڙو ميل ميلاپ ڪريو - مالڪ جي مهربانيءَ سان اسان جي ميز تي ويهو.“
”نه نه، اِهو ناممڪن آهي.“ موسيوف وري به رڙ ڪئي.
”چڱو، جيڪڏهن اِهو پيٽر اليگزينڊرووچ لاءِ ناممڪن آهي ته مون لاءِ به ناممڪن آهي. مان به ڪونه روڪبس. مان هاڻي هر جاءِ تي پيٽر اليگزينڊرووچ سان ئي رهندس. اِهوئي سبب آهي، جو مان آيو آهيان. پيٽر! جيڪڏهن تون هليو ويندين ته مان به هليو ويندس، پر جي تون ترسندين ته مان به ترسندس. توهان جڏهن آڪهه جو نالو کنيو، ته ڄڻ کيس هڪ ڏور ۾ ٻـَـڌي ڇڏيو. فادر سپيرئر هي منهنجي مائٽيءَ کان به انڪار ٿو ڪري.“

”اِهو ڇا ٿي رهيو آهي، اِهو ڇا ٿي رهيو آهي؟“ راهبن جي گروهه مان آواز ٻـُـڌڻ ۾ آيو.
”هلو ته هلون،“ موسيوف، ڪلگنوف کي چيو.
”نه، معاف ڪجو،“ فيودور پاولووچ وڏي واڪي سان چيو ۽ هڪ قدم ٻيو به اڳتي وڌي رکيائين. ”مون کي اجازت ڏيو ته مان پنهنجي ڳالهه کي ختم ڪريان. پيٽر اليگزينڊرووچ مون کي هـُـن حجري ۾ انهيءَ ڪري رسوا ڪيو ويو، ڇو ته مون گولي کائڻ جو ذڪر ڪيو هو ۽ اها منهنجي ٻي جاهليت سمجهي وئي. منهنجو مائٽ موسيوف پنهنجن لفظن ۾ شرافت کي صداقت تي ترجيح ڏئي ٿو، پر مان ذاتي طرح سچائيءَ کي شرافت کان وڌيڪ سمجهان ٿو ۽ - لعنت آهي اِهڙي شرافت تي! مون کي اجازت ڏيو، مان دل جي ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو. فادر سپيرئر، جيتوڻيڪ مان مسخرو آهيان ۽ مسخريءَ جو ئي پارٽ اَدا ڪريان ٿو، تنهن هوندي به منهنجو روح پاڪ ۽ عزت ڀريو آهي. پيٽر اليگزينڊرووچ وٽ فقط زخميل غرور ۽ خودپسندي آهي ۽ بس. مان هـِـت رڳو انڪري آيو آهيان ته دل جي ڳالهه ڪريان ۽ ڏسان وائسان. منهنجو پٽ اليڪسي هت آهي ۽ محفوظ آهي. مان سندس پيءُ آهيان. هـُـن جو خيال رکڻ لازمي ۽ اُن جو فڪر ڪرڻ منهنجو فرض آهي. مون جيتوڻيڪ احمقاڻي حرڪت ٿي ڪئي، مگر هڪ تيز اک سان ڏٺم ٿي ۽ هڪ سـَـرلي ڪـَـن سان ٻـُـڌم ٿي. هاڻي مان پنهنجي کيل جو آخري حصو کيڏڻ گهران ٿو. توهان کي خبر آهي ته مون تي ڇا ٿو وهي ۽ واپري؟ هيءُ اوهان وٽ ڇا آهي؟ جو زمين تي ڪـِـري پوي، سو هميشه لاءِ اتي ئي پيو رهي. پر اِهو ايئن ٿيڻ نه گهرجي. مان چاهيان ٿو ته زمين کان بلند ٿيان. اي مقدس بزرگو! مون وٽ اوهان سان صحبت ڪرڻ لاءِ ڪابه صلاحيت ڪانه آهي. پنهنجن گناهن جو اعتراف ڪرڻ پاڪائي رکي ٿو ۽ مان اُن جي اڳيان نهايت ئي احترام سان نوڙڻ لاءِ تيار آهيان، پر هتي حـُـجري ۾ سڀني گوڏن ڀـَـر ڪري، بلند آواز سان اقرار ڪيو هو. ڇا وڏي آواز سان اقرار ڪرڻ صحيح ٿئي ٿو؟ مذهبي طرح ته ايئن آهي ته مقدس پيءُ ڳجهه ۾ اقرار ڪيو وڃي ٿو. فقط اوهان وٽ ئي اقرار راز ۾ رهي ٿو ۽ اِها پراڻي رسم به آهي، پر ڏسو، ته مان اِهو سڀ ڪجهه، سڀ ڪنهن جي اڳيان، ڪيئن ٿو سمجهائي سگهان ته مون هيئن ڪيو ۽ هـُـونءَ ڪيو .... توهان اِهو به سمجهو ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن اُن بابت ڪجهه به ڳالهائڻ ٺيڪ نه آهي. اُنڪري اِهو سچ پچ ته شرمناڪ آهي نه راهبو! مان اِهو به ڄاڻان ٿو ته ممڪن آهي ته اوهان خانقاه ۾ چهبڪ هڻڻ به شروع ڪري ڏيو. مان پهرئين فرصت ۾ مقدس سائينيڊ کي لکندس ۽ پنهنجي پٽ اليڪسي کي گهر وٺي ويندس.“
اسان کي هتي هن نقطي کي ياد رکڻ گهرجي، ته فيودور پاولووچ جو ڪجهه ڳالهائي رهيو هو، اُن جو هڪ اکر به نه ٿي سمجهيائين ۽ نه وري اُن جو چڱيءَ ريت اظهار ٿي ڪيائين. اُن وقت ڪنهن به گوڏن ڀـَـر ڪري، مربيءَ جي حجري ۾ وڏي آواز سان اقرار ڪونه ڪيو هو ۽ نه وري هـُـن اِهو ڏٺو هو. هو فقط پنهنجي پريشان يادگيريءَ مان ۽ پراڻي عادت موجب اِهو سڀ ڪجهه بدنامي خاطر ٿي ڳالهايو.
پيٽر اليگزينڊرووچ رڙ ڪري چيو: ”بيحد اَڻ سهائيندڙ.“
”مون کي معاف ڪجو“، راهب سپيرئر چيو. ”مقدس ڪتاب ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي منهنجي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترائي بـَـد شد لفظ زبان مان ڪڍيا. اُنهن کي ٻـُـڌي، مان پاڻ کي ايئن پئي چيو آهي، ته اِها تنبيهه خدا جي طرف کان آهي ۽ هـُـن ئي هيءُ منهنجي روح جي پاڪائيءَ لاءِ موڪليو آهي. اُنڪري مان اوهان جو عاجزيءَ سان شڪر گذار آهيان. منهنجا معزز مهمان!“ هـُـو فيودور پاولووچ جي اڳيان نوڙيو.
”تون، تون - ڪيترا نه عياراڻا ۽ فرسوده جملا! پائمال جملا، ۽ لتاڙيل اِشارا! پراڻو ڪوڙ ۽ دستوري جبين فرسائي. اوهان اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻو به ٿا. وات ۾ ماکي ۽ اندر ۾ ڪاتي. جيئن شلر جا ڊاڪو! مون کي اجائي پٽاڙ ڪانه وڻي. راهبو! مون کي فقط سچ ئي وڻي ٿو. پر اِها سچائي گوبي کائڻ ۾ ڪانه ٿي لڀي ۽ مان اُن جو بلند آواز سان اظهار ٿو ڪريان. مقدس راهبو، اوهان ڀلا فاقا ڇو ٿا ڪڍو؟ اُن جي بدلي ۾ جنت جي تمنا ڇو ٿا رکو؟ اِهڙي انعام جي خاطر، مان پڻ اَچي بـُـکون ڪڍي سگهان ٿو! درويش راهبو! اوهان کي هن دنيا ۾ نيڪ سيرت ٿيڻ کپي. پنهنجي سماج جي ڀلائي ڪريو، نه ٻين جي ذلت تي پاڻ کي خانقاه ۾ ڪنهن مٿاهين جاءِ حاصل ڪرڻ جي خاطر لڪائي ويهو. اوهان کي ايترو چوڻ به ضرور ڏکيو لڳندو، پر مان بي مقصد ڪونه ٿو ڳالهايان. فادر سپيرئر! اِن مان ڀلا هـِـنن کي هٿ ڇا ٿو اَچي؟ ايئن چوندي، هـُـو ميز ڏي وڌيو. اُهائي شراب جي بوتل، اُهوئي ايلميف ڀائرن جو ماکيءَ مان تيار ڪيل شراب. ”هان، هان، راهبو! اِهو سڀ ڪجهه ماکيءَ کان مٿاهون ئي آهي.“ هن بوتلن ڏانهن نهاريو. ”اِهي راهبن ئي ته آڻي رکيون آهن. هي...! هي...! هي...! سڀ ڪنهن ڏٺيون آهن. رشيا جا هاري ۽ مزدور پنهنجي پگهر جي ميڙي سيڙي اِتي ٿا کڻي اَچن ۽ اُنهن جي ڪٽنبن کي وري محصول اُڳاڙيندڙ نپوڙيندڙا رهن ٿا. توهان کي اِها خبر آهي مقدس راهبو، ته ڪيئن اُنهن جو خون ٿو چوسجي؟“
”هيءَ ته بيحد شرمناڪ روش آهي!“ فادر ايوسف چيو.
فادر پيسي ضديت جي حد تائين خاموش هو. موسيوف ڊوڙندو ڪمري کان نڪري ويو ۽ ڪلگنوف اُن جي پٺيان پٺيان ڀڄندو ويو.
”ٺهيو، فادر مان پيٽراليگزينڊرووچ جي پوئتان وڃان ٿو. مان وري توهان کي ڏسڻ لاءِ ڪونه ايندس. مان اوهان ڏانهن هڪ هزار روبل موڪليندس، جيئن اوهان وٽ اَڃا گهڻي دولت ٿئي. مان هيءُ پنهنجي جوانيءَ جو بدلو ٿو وٺان ۽ اُنهن سڀني ذلتن جو عيوض، جي مون برداشت ڪيون آهن.“ هن مصنوعي غصي کي ظاهر ڪندي ٽيبل تي مڪ هڻي ڪڍي. ”هن خانقاه منهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو آهي. هن مون کان ڪيترائي ڳوڙها وهارايا آهن. توهان منهنجي سودائڻ زال کي منهنجي خلاف ڪيو هو. اوهان مون کي گهنڊ ۽ ڪتابن سان گهڻو ئي ستايو آهي ۽ منهنجي متعلق ڪيتريون ئي ڪوڙيون ڪهاڻيون پکيڙيون آهن. گهڻو ٿيو راهبو! هيءُ آزادي جو زمانو آهي. جهازن ۽ ريلن جو دور آهي. توهان مون کان هزار ۽ سـَـو روبل ته ڇا، سـَـو ڪوڙيون ڪوڏيون به حاصل ڪري نه سگهندا.“
اِهو ظاهر آهي ته اسان جي خانقاه هن جي زندگيءَ ۾ ڪوبه حصو ڪونه ورتو هو ۽ نه وري هن جي ڪري هـُـن ڪو ڳوڙهو ئي ڳاڙيو هو. پر هـُـو پنهنجي اُن بناوتي جذبات کان ايترو ته مغلوب ٿي ويو هو، جو هـُـو اِهو سڀ ڪجهه سچ سمجهي رهيو هو. هن جي مٿان جذبات جي ايتري ته شدت ڇانئجي وئي هئي، جو هـُـو بنهه روئي رهيو هو، پر ساڳئي وقت هـُـن اِهو به محسوس ڪيو ته اِهوئي وقت آهي، جو اِتان نڪري وڃڻ کپي.
فادر سپيرئر سندس ڪوڙ تي ڪنڌ کي نوڙايو ۽ مؤثر اَنداز ۾ ڳالهايو ته، ”اڳتي ايئن لکيل آهي، محتاط ٿي برداشت ڪريو ۽ خوشيءَ سان ذلت کي سهي وڃو. اُها جا اوهان تي ناحق اَچي ٿي، اُن کان گهٻرائجي نه وڃو ۽ نه وري اُن کان نفرت ئي ڪيو، جنهن اوهان کي خوار ڪيو آهي. اَسان ايئن ئي ڪنداسون.“
”تت! تت! تت! فقط پنهنجي لاءِ ئي سوچيندا رهو ۽ ٻيو سڀ ڪجهه بڪواس آهي. پنهنجي متعلق ئي غور ڪندا رهو، راهبو! مان وڃان ٿو، پر مان پيءُ جي حيثيت ۾ پنهنجي پٽ اليڪسيءَ کي هتان وٺي وڃان. ايون فيودور پاولووچ ، منهنجا فرمانبردار پٽ، مون کي اجازت ڏي ته مان توکي پنهنجي پٺيان اَچڻ لاءِ حڪم ڏيان، پاولووچ رڙيون ڪندو ۽ هٿن سان اشارا ڏيندو ٻاهر نڪري ويو.
اِهائي گهڙي هئي، جڏهن ريڪٽن اُنهن کي ڏٺو هو ۽ اليوشا جو اُن ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو.
”اليڪسي،“ پڻس کيس پري کان ڏسندي ئي رڙ ڪئي. ”تون مون سان هميشه لاءِ گهر هليو هل. پنهنجو وهاڻو ۽ گاديلو کنيو اَچ. پٺيان ڪجهه به نه ڇڏ.“
اليوشا اِهو نظارو ڏسي بلڪل بت بڻيو بيٺو رهيو. فيودور پاولووچ هاڻي گاڏي ۾ چڙهي ويٺو.
ايون، جو هاڻي پنهنجيءَ جاءِ تي ٺهي ويٺو هو، ڪوچوان کي گاڏي هلائڻ لاءِ چيو.
”تون ئي ته اُهو آهين،“ فيودور پاولووچ چيو.
ٻن منٽن جي خاموشيءَ کان پوءِ پـُـٽ ڏانهن اُبتين اکين سان ڏسندي چيائين ”تو ڇو هيءُ خانقاه جو بکيڙو ڪرڻ گهريو؟ ۽ تو اُن لاءِ اصرار ڇو ڪيو ۽ توئي اُن کي ڇو پسند ڪيو. هاڻي ڀلا ڇو ٿو ناراض ٿئين؟“
فيودور پاولووچ وري ٻن منٽن لاءِ خاموش ٿي ويو.
”برانڊي جو هڪ ڍڪ هاڻي ڏاڍو وڻندو.“ هـُـن پر معنيٰ لفظن ۾ چيو. مگر ايون ڪوبه جواب نه ڏنو.
”جڏهن اسان گهر پهچنداسون، تڏهن تون به ڪجهه پيئندين؟“
ايون وري به خاموش رهيو.
فيودور پاولووچ وري به ٻن منٽن لاءِ خاموش ٿي ويو.
”پر مان اليوشا کي هتان خانقاه مان ڪڍي وٺندس، جيتوڻيڪ تون اُن کي ناپسند ٿو ڪرين، معزز ڪارل وون مور.“
ايون حقارت سان پنهنجن ڪلهن کي جنبش ڏني ۽ مـُـڙي رستي ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ هنن گهر تائين پاڻ ۾ هڪ اکر به نه ڳالهايو.

حصو ٽيون: نفس پرست

---

باب پهريون: نوڪر جي ڪوٺڙيءَ ۾

ڪرامازوف جو گهر جيتوڻيڪ شهر جي وچ ۾ نه هو، تڏهن به ايترو دور نه هو. سندس گهر پراڻي قسم جو، وڻندڙ ناسي رنگ لڳل مڪان هو ۽ ٻن طبقن ۾ ورهايل هو. ڇت ڳاڙهي لوهه جي هئي. گهر ۾ آرام وارا ڪمرا هئا ۽ اُنهن جي ڪـِـرڻ جو اَڃا ڪو ڊپ نه هو. گهر ۾ اَنداز کان ٻاهر ڪٻٽ لڳل هئا، خلوت گاهه ۽ ڏاڪڻيون به هيون. گهر ۾ ڪوئا به هئا پر فيودور پاولووچ ، اُنهن کي ناپسند ڪونه ڪندو هو. ”شام جو جڏهن اَڪيلو ٿو ٿـِـجي، ته اَڪيلائي هروڀرو محسوس ڪانه ٿي ٿئي.“ هـُـو هميشه ايئن چوندو هو. سندس اِها عادت هئي، ته هو رات جو پاڻ کي گهر ۾ اَڪيلو بند ڪري، نوڪرن کي ٻاهرين ڪوٺڙيءَ ۾ موڪلي ڏيندو هو. ٻاهرين ڪوٺي، احاطي جي اندر، هڪ چڱي پختي جڳهه هئي، جنهن ۾ ڪمرا به هئا.
اسان جي هن ڪهاڻي وقت، گهر ۾ فيودور پاولووچ ۽ سندس پٽ ايون کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه رهندو هو. ڪوٺيءَ ۾ صرف نوڪر ئي رهندا هئا. پوڙهو گريگري، سندس پوڙهي زال مارفا ۽ سميرڊياڪوف، جو اَڃا نوجوان ڇوڪرو هو. اِنهن ٽنهي جو اسان کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪرڻو آهي.
پوڙهي گريگري بابت اسان اڳيئي ڪجهه ٻـُـڌائي آيا آهيون. هـُـو ثابت قدم ۽ مستقل مزاج وارو ماڻهو هو. پنهنجي مقصد جي خاطر بلڪل اکيون ٻوٽي ۽ ضد جي حد تائين پٺيان پوندو هو. کيس ڪنهن سبب جي ڪري (جو اَڪثر غير معقول هوندو هو)، ڪنهن شيءِ جي لاءِ ڪو يقين ويهجي ويندو هو، ته هو اُن کي ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي سواءِ سچ سمجهندو هو. هـُـو سچار ۽ ديانت دار هو. مارفا اِگنٽوايتا ساري ڄمار سندس اطاعت شعار زال ٿي رهي. غلامن جي آزادي کان پوءِ هوءَ کيس تمام گهڻو ستائڻ لڳي. هوءَ کيس چوندي رهندي هئي ته فيودور پاولووچ کي ڇڏي، ماسڪو ۾ هلي پنهنجي بچت مان ڪو ننڍڙو ڌنڌو شروع ڪري، پر گريگري هميشه لاءِ فيصلو ڪندي چيو ته، ”عورت هميشه احمقانه ئي ڳالهائيندي آهي. پنهنجي پراڻي مالڪ کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ گهرجي. توڙي کڻي هـُـو ڪيئن به هجي. اِهوئي اَسان جو فرض آهي.“
”توکي خبر آهي ته فرض ڇا ٿيندو آهي؟“
”گريگري! مون کي خبر آهي ته فرض ڇا ٿيندو آهي، پر اسان جي هتي رهڻ ۾ ڪهڙو فرض آهي؟ اِهو مان ڪڏهن به سمجهي نه سگهنديس“. مارفا پوري اعتماد سان جواب ڏنو.
”چڱو آهي ته تنهنجي سمجهه ۾ نه اَچي. اِهو ايئن ئي ٿيندو. تون پنهنجي زبان کي بند رک.“
پوءِ اِيئن ئي ٿيو. هـُـو اِتي ئي رهي پيا ۽ فيودور پاولووچ کين پابندي سان ٿوري پگهار ڏيڻ جو واعدو ڪيو. گريگريءَ کي اِها ڄاڻ هئي، ته کيس پنهنجي مالڪ جي مٿان،ڪنهن به گمان کان سواءِ، وڏو اَثر حاصل آهي. اِهو هيو به سچ. کيس اِها به خبر هئي، ته فيودور پاولووچ ، ضدي، چالاڪ ۽ بيوقوف آهي. اُن هوندي به جيتوڻيڪ زندگيءَ جي مسئلن ۾ هن پنهنجو عزم راسخ پئي ڏيکاريو پر اِها تعجب جهڙي ڳالهه هئي ته هـُـو زندگيءَ جي ڪيترن نازڪ معاملن ۾، هـُـو منهن ڏيڻ ۾ پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪندو هو. کيس پنهنجين ڪمزورين جي ڄاڻ هئي ۽ اُنهن کان ڊڄندو به گهڻو هو. ڪي اِهڙيون حالتون به ٿين ٿيون، جن تي نهايت ئي تيز نظر رکڻي پوي ٿي. اِهي ڳالهيون تڏهن ئي آسان ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ڪو اعتبار جوڳو ماڻهو موجود ٿئي ٿو ۽ گريگري ڀروسي جهڙو هو. پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترن ئي موقعن تي مار کائڻ کان رڳو گريگريءَ جي وچ ۾ پوڻ تي بچي ويو هو. پوڙهو نوڪر، اِهڙن موقعن تي کيس ڊگهي نصيحت ڪندو هو، پر رڳو مارکائڻ ته نه هئي، جنهن کان فيودور پاولووچ کي خوف ٿيندو هو. ڪڏهن ته اوچتوئي اوچتو ڪيتريون اِهڙيون سخت گهڙيون آيون ٿي، جي بيحد نازڪ ۽ پيچيده هونديون هيون. اُن وقت فيودور پاولووچ کي غير معمولي طور تي ڪنهن وفادار ۽ مخلص انسان جي ضرورت پوندي هئي. اُها سندس بلڪل افسرده حالت هوندي هئي. بدچلني ۽ اَڪثر نفساني خواهش ۾ ظالماڻي حد تائين، هڪ نقصان ڪينئين جان فيودور پاولووچ تي، ڪنهن وقت انتهائي شراب جي خمار ۾ باطل دهشت کان اخلاقي ڏڪڻي پوري زور سان پيدا ٿي ويندي هئي. هـُـو هـُـن موقعي تي اڪثر چوندو هو ته ”اِهڙين گهڙين ۾ منهنجو روح، منهنجي ڳلي ۾ اَٽڪي پوندو آهي ۽ ٿـَـر ٿر ڪنبڻ لڳندو آهي ۽ اُن وقت هـُـو ايئن محسوس ڪندو هو ته ڪوئي سندس قريب آهي. سندس ڪمري ۾ نه ته به ٻاهرئين ڪوٺڙيءَ ۾ ته موجود آهي. هـُـو دلير، سچار ۽ نيڪ سيرت انسان آهي، جو هن جي بدچلني ۽ سمورن گندن رازن کان واقف آهي، جو پنهنجي وفاداريءَ کان نه فقط سڀ ڪجهه وساري ٿو ڇڏي، بلڪ اُن جي مخالفت به نه ٿو ڪري. سڀ کان وڌيڪ هيءُ ته هـُـو نه مٿس ملامت ٿو ڪري ۽ نه وري کيس هن يا ٻئي جهان جو خوف ٿو ڏياري. ضرورت جي وقت سندس حفاظت به ٿو ڪري - پر ڪنهن کان؟ ڪنهن نامعلوم شخص کان جو دهشت انگيز ۽ خطرناڪ آهي. هن کي اِهوئي گهربو ٿي، ته هـُـو سمجهي ته ڪو ٻيو ماڻهو آهي جو پوڙهو ۽ سندس آزمايل دوست آهي، جنهن کي هـُـو پنهنجي بي چين گهڙين ۾ محض هن لاءِ سڏي وٺي ٿو، ته جيئن هو سندس منهن ۾ نهاري يا ساڻس ٻه ٽي لفظ، پوءِ اُهي بي معنيٰ ئي هجن، ڳالهائي وٺي. پوڙهو نوڪر جي کانئس راضي هوندو ته کيس آرام پهچندو هو پر جي هـُـو ناراض هوندو هو، ته هـُـو وڌيڪ اُداس ٿي ويندو هو. ڪڏهن ته ايئن به ٿيندو هو جو رات جي وڳڙي ۾ فيودور پاولووچ ڪوٺڙي ۾ وڃي (جو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو هو) گريگري کي ٿوري وقت لاءِ جاڳائيندو هو. پوڙهو نوڪر جڏهن وٽس ايندو هو، ته فيودور پاولووچ ساڻس ڪي معمولي ڳالهيون ڪندو هو ۽ پوءِ کيس موٽي وڃڻ لاءِ چوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ساڻس فقط کل چرچوئي ڪندو هو ۽ بس. هـُـو جڏهن موٽي ويندو هو، ته فيودور پاولووچ پاڻ کي ملامت ڪندي سمهي پوندو هو ۽ سمهڻ سان گهري ننڊ اَچي ويندي هيس.
گريگري ۽ سندس زال کي خدا اولاد کان محروم رکيو هو. کين هڪ ٻار ٿيو هو پر اُهو جلدي مري ويو هو. گريگريءَ کي ٻارن سان بي حد پيار هو ۽ هـُـو اُن کي ظاهر ڪندي نه شرمائيندو هو. سندس ٻار جو جنم ۽ موت، جو ڪنهن خاص سبب جي ڪري ٿيو هو، تنهن سان هڪ عجيب ۽ حيرت جهڙو واقعو (حادثو) ڳنڍيل هو. جنهن بابت هـُـو چوندو هو ته هـُـن سندس روح تي مهر هڻي ڇڏي آهي. اِهو ايئن ٿيو، ته جنهن رات ٻار کي دفنايو ويو هو، تنهن ساڳيءَ رات مارفا، ٻار جي دردناڪ روئڻ جي آواز تي جاڳي پئي هئي. هوءَ ڏڪي وئي ۽ جلدي جلدي پنهنجي مڙس کي جاڳايائين. هـُـن ڪن لائي اُن آواز کي ٻـُـڌو ۽ سوچيائين، ته ڪنهن عورت جي ڪنجهڻ جو ئي آواز آهي. هـُـن اُٿي ڪپڙا پاتا، اُها مئي مهيني جي ڪافي گرم رات هئي. هـُـو جيئن ئي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ٿي، ته باغ جي طرف کان ڪـِـنجهڻ جو صاف آواز ٿي آيو، پر احاطي کان، جو دروازو باغ ڏانهن ٿي ويو، سو رات جي ڪري تالي سان بند هو ۽ باغ چوڌاري لوهي تارن سان ويڙهيل هو. اُنڪري اندر وڃڻ لاءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو. هـُـو گهر موٽي آيو. بتي ٻاريائين ۽ ڪـُـنجي کڻي روانو ٿيو. هن پنهنجي زال جي مجنوناڻي خوف ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو، جنهن اَڃا ضد ٿي ڪيو، ته هن ٻار جون رڙيون ٻـُـڌيون آهن، جي سندس پنهنجي ٻار جون آهن ۽ جو کيس رڙي سڏي رهيو آهي. هـُـو خاموشيءَ سان باغ جي اندر گهڙي ويو. هـُـن اُتي اُهو ڪنجهڻ جو آواز غسل خاني مان ايندي ٻـُـڌو، جو باغ جي دروازي سان الڳ هو. اُهي رڙيون هڪ عورت جون هيون. هـُـو دروازو کولي جڏهن گهڙيو تڏهن اندرين نظاري کيس پٿر جو بت بڻائي ڇڏيو. هڪ مستاني ڇوڪري، جا گهٽين ۾ رُلندي وتندي هئي، ۽ جنهن کي سڄو شهر ليزاويتا سمير ڊواساچا جي فرضي نالي سان سڏيندو هو، سا اُن غسل خاني ۾ گهڙي آئي هئي. هـُـن اُن وقت هڪ ٻار ڄڻيو هو ۽ پاڻ اُن ٻار جي ڀرسان بلڪل مرڻينگ حالت ۾ پئي هئي.هـُـن ڪجهه به نه چيو، ڇو ته هوءَ ڪجهه به ڳالهائي نه ٿي سگهي، پر سندس ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ هڪ باب ضروري آهي.

باب ٻيو: ليزاويتا

اِها هڪ اهڙي حقيقت هئي، جنهن گريگريءَ کي خاص طرح متاثر ڪيو، جا اَڻ وڻندڙ به هئي ۽ باغياڻا شڪ پيدا ڪندڙ به. اِها ليزاويتا ڪي قدر قد جي بندري هئي. پنجن فوٽن جي اندر قد هوس. جيئن ڪي شريف عورتون ڏک وچان ٻـُـڌائينديون هيون، سندس ويڪري، خوشگوار ۽ گلابي منهن مان چريائپ صاف بکندي هئي. هوءَ جڏهن اکيون هڪ هنڌ جهلي ٽڪٽڪيءَ سان ڏسندي هئي، جي جيتوڻيڪ بي زبان ۽ نماڻيون هيون، تڏهن به ناگوار نه لڳنديون هيون. گرمي توڙي سرديءَ ۾ هوءَ سدائين پيرين اُگهاڙي گهمندي هئي ۽ سواءِ هڪ پراڻي ۽ معمولي سڻيءَ جي ڪـُـڙتي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه پائيندي هئي. سندس کـُـهرا ۽ منجهيل ڪارا وار، جي گهٽيءَ جي پشم وانگر نظر ايندا هئا، اُهي ايئن لڳندا هئا، ڄڻ ته ڪا وڏي ٽوپي پهريل اَٿس. اُهي هميشه مٽيءَ سان ڀريل هوندا هئا، جن ۾ ڪک پن ڄميل هوندا هئا، ڇو ته هوءَ سدائين مٽيءَ ۾ ئي سمهندي هئي. سندس پيءُ اِليا، جو ٻئي گهر هئڻ کان سواءِ، سخت شرابي به هو، تنهن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو هو. هـُـن ڪيترن سالن کان، ڪن شاهوڪار واپارين وٽ هڪ پورهيت ٿي گذاريو هو. ليزاويتا جي ماءُ کي فوت ٿئي ڳچ وقت گذري ويو هو. اِليا، جو ساڙيلو ۽ مريض هو، هـُـو ليزاويتا کي جڏهن به گهر ۾ ايندي هئي، ته وحشين وانگر سخت ماريندو هو، پر ليزاويتا کي اُن جو ڪوبه خيال نه ٿيندو هو. شهر جو هر ڪو ماڻهو کيس هڪ مستاني ۽ خدا جي پياري ڪري سمجهندو هو ۽ سندس نظرداري ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. اليا جو مالڪ ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو، خاص ڪري واپاري، ڪوشش ڪري، کيس سٺو لباس، بوٽ ۽ سرديءَ ۾ کـَـلَ جو ڪوٽ ڍڪائيندا هئا. هوءَ کين ڪپڙن پارائڻ کان ڪين روڪيندي هئي. ڪپڙن پائڻ کان پوءِ، هوءَ اُتان، اَڪثر هلي ويندي هئي ۽ گهڻو ڪري ڪليسا جي اڱڻ ۾ وڃي، جو ڪجهه به هن کي پارائيندا هئا - مٿي جو رومال، چمڙي جو ڪوٽ، فراڪ يا بوٽ - اُهي اُتي لاهي ڦٽا ڪندي هئي، ۽ پوءِ اڳي وانگر پيرين اُگهاڙي ۽ پراڻي ڪُـڙتي ۾ گهمندي وتندي هئي. سندس پيءُ آخر مري ويو، جنهن ڪري شهر جا ماڻهو کيس يتيم سمجهي، پنهنجين اکين ۾ وڌيڪ جاءِ ڏيڻ لڳا. اِها حقيقت آهي ته هرڪو ئي کيس ڀائيندو هو. نه فقط ايترو پر ٻار به کيس نه ڇيڙيندا هئا. هوڏانهن اسان جي اسڪول جا ٻار نهايت شرير آهن. هوءَ ڪنهن به ڌارئي گهر ۾ لنگهي ويندي هئي، ته ڪوبه کيس هڪالي نه ڪڍندو هو. سڀڪو مٿس رحم کائيندو هو ۽ ڪجهه نه ڪجهه کيس ڏيندو ئي هو. کيس جيڪڏهن ڪو ٽامي جو سڪو ملندو هو، ته اُهو هڪدم وڃي ڪليسا جي پيٽيءَ ۾ وجهندي هئي، پر بازار ۾ جيڪڏهن ڪا شيءِ يا ڊبل روٽي ملندي هيس ته اُن ٻار کي ڏئي ڇڏيندي هئي، جو پهريائين کيس ملي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شهر جي ڪنهن متمول عورت کي بيهاري، اُن کي سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندي هئي ۽ اُها به خوشيءَ مان کانئس وٺندي هئي. هـُـن سواءِ سڪل ماني ڳڀي ۽ پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه چکيو هو. هوءَ جيڪڏهن ڪنهن عمدي دُڪان تي چڙهي ويندي هئي، ۽ اُتي جيڪڏهن قيمتي شيون يا پيسا پيا هوندا هئا، ته ڪوبه مٿس چوڪسي نه رکندو هو، ڇو ته کين خبر هوندي هئي ته جي هزارن جا روبل به پيا هوندا، ته هوءَ اُنهن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندي. هوءَ ڪليسا جي اندر به ٿورو ويندي هئي. ڪليسا جي اڱڻ ۾ سمهندي هئي، يا گهرن جي دِڪين تي يا ڪنهن باغيچي جي بورچيخاني ۾. هوءَ هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي گهر ۾ ضرور ويندي هئي، جو سندس پيءُ جي اڳئين مالڪ جو گهر هو. سرديءَ ۾ هوءَ اُتي هر رات ويندي هئي، پوءِ يا ته ڪنهن گذرگاهه يا ڳئن جي واڙي ۾ سمهندي هئي.
واقعو ايئن ٿيو، جو گهڻا سال اڳ، سيپٽمبر جي هڪ گرم چانڊوڪيءَ رات ۾، پنج ڇهه لا اُبالي ماڻهو، جي شراب ۾ بدمست هئا، گهڻو گهڻو دير سان ڪلب کان ٿي موٽيا. اُهي اُونداهن رستي کان، جو باغن جي پٺيان ۽ جاين جي وچان ٿي ويو، ۽ جن جي ٻنهي پاسن کان دِڪا نڪتل هئا، لنگهي رهيا هئا. هي رستو هڪ بدبودار تلاءَ تائين ٿي ويو، جنهن کي عام طرح اَسان درياءَ سڏيندا هئاسون. خاردار پنن ۽ ننڍڙن ٻوٽن جي اندر ڍڪيل هڪ دِڪيءَ تي ليـِـزاويتا کين سمهيل نظر آئي. هـُـو سڀئي مٿس بيهي، ڏسڻ ۽ کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، جن مان سندن بي لغام شهوت پرستي صاف ٿي ڏٺي. اُن وقت هڪ نوجوان کي اَلائجي ڇو اِهو خيال آيو جو هڪ عجيب ۽ غريب سوال ڪيائين ته، ”توهان مان، ڇا اِهو ممڪن آهي جو ڪو هن جانور کي عورت سمجهي؟“ سڀني پـُـروقار طور پنهنجي ڪرامت کي ظاهر ڪندي چيو ته ”اِهو ناممڪن آهي.“ پر فيودور پاولووچ جو اُن ٽولي ۾ سـَـٽ ڏئي اڳيان آيو ۽ چيائين ته ”اِهو بلڪل ناممڪن آهي، نه فقط ايترو پر اُن ۾ لذت ۽ سلوڻائي به آهي.“ اُن وقت اِهو سچ آهي ته هـُـو پنهنجي احمقاڻي پارٽ کي وڌيڪ نمايان طور تي اَدا ڪري رهيو هو. هن چاهيو ٿي ته پاڻ کي اڳيان ڪري دوستن کي وندرائي. اِهو سڀ هڪ جهڙائيءَ جي خيال کان هو، پر درحقيقت ٻين جي مقابلي ۾ هڪ غلام پست ۽ بي آبرو کان وڌيڪ نه هو. اِهو اُن وقت ٿي رهيو هو، جڏهن هن کي پيٽسبرگ مان پهرئينءَ زال جي موت جي خبر پهتي هئي. سندس ٽوپلي تي ماتمي ڪارو پٽو ٻڌل هو. پر تڏهن به هن شراب پيتو ٿي ۽ ايتري بي حيائي ٿي ڏيکاري، جو اَسان مان ڪي البيلا به اِهو نظارو ڏسي جيڪر گهٻرائجي وڃن. شرابي هن اوچتي عجيب راءِ تي کلڻ لڳا ۽ اُنهن مان هڪڙي ته کيس اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ به چئلينج ڪيو. پر ٻين اُن مڪروهه خيال جي شدت سان مخالفت ڪئي، جيتوڻيڪ هـُـو اُن مان، اَڃا به مزو ۽ خوشي حاصل ڪري رهيا هئا. هـُـو آخرڪار پنهنجو رستو وٺي هليا ويا. ٿوري وقت کان پوءِ فيودور پاولووچ به قسم کڻي ويو ته هـُـو به هنن سان گڏ هليو ويو هو. اِهو شايد سچ به هجي، ڇو ته ڪنهن کي اُن جي پـَـڪ سان سـُـڌ به ڪانه آهي ۽ نه وري اُن جي ڪڏهن ڪا خبر ئي پئجي سگهي آهي. مگر پنجن ڇهن مهينن جي گذرڻ کان پوءِ سموري شهر ليزاويتا جي حالت تي نه فقط تبصرا ٿي ڪيا بلڪ اُن تي سخت غصي ۽ ناراضپي جو اظهار به ٿي ڪيو. هنن اِها ڪوشش ٿي ڪئي ته اُن بدمعاش جو پتو ڳولهي لهن، جنهن هـُـن سان هيءُ گناهه ڪيو آهي. سڄي شهر ۾ اوچتو ئي اوچتو اِهو سخت افواهه پکڙيو، ته اِهو بدمعاش ٻيو ڪوبه نه آهي پر فيودور پاولووچ آهي. پر اِهو افواهه اُٿاريو ڪنهن؟ اُن شرابي ٽولي مان پنج ڄڻا ته شهر ئي ڇڏي ويا هئا، ۽ جو باقي اسان وٽ هو، سو هڪ معمر ۽ ڪافي عزت وارو هو ۽ سول ڪائونسلر به هو. هـُـو بالغ ڌيئن جو پيءُ هو. اِن ڳالهه ۾ جيڪڏهن ڪا سچائي به هجي ها ته به هـُـو مشڪل سان اُن ڳالهه کي چوري ها. پر اُفواهه جو سنئون سنواٽو اشارو فيودور پاولووچ ڏانهن هو ۽ اُن ۾ بيحد مضبوطي به هئي.
گريگري پنهنجي مالڪ لاءِ اُن وقت پوري طاقت سان اُٿي بيٺو. هـُـن ڪيترن سان جهڙپون کاڌيون ۽ مالڪ جي بچاءَ ۾ ڪيترائي خطرناڪ جهڳڙا به ڪيا. اِنهن حالتن ۾ سمورين ڳالهين هوندي به، ماڻهن جي همدردي جا کين اُن ويچاري مستانيءَ لاءِ هئي، تنهن ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. اڳي کان به وڌيڪ سندس پرگهور ٿيڻ لڳي. هڪ شاهوڪار واپاريءَ جي بيواهه، جنهن جو نالو ڪنڊراتووف هو، اپريل جي پڇاڙيءَ تائين بندوبست ڪري، پنهنجي گهر کڻائي وئي، هن خيال کان، ته ويم وارن ڏينهن گذرڻ کان اڳ کيس نه ڇڏيو وڃي. هنن مٿس هر دم چوڪسي ٿي رکي، مگر ايتري خبرداري ۽ نگهبانيءَ هوندي به هوءَ پوين ڏينهن ۾ اُتان کـِـسڪي وئي ۽ فيودور پاولووچ جي باغ ۾ گهڙي وئي. پنهنجي اُن حالت ۾، هوءَ ڪيئن ايڏين وڏين تارن کان ٽپي اندر ٿي، سو هڪ راز ٿي رهجي ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته ڪن کيس اندر ٽپڻ ۾ واهر ڪئي آهي. ڪن وري ڪنهن پـُـر اسرار ڀيانڪ شيءِ ڏانهن ٿي اشارو ڪيو. هن جي مناسب سمجهاڻي اِهائي آهي ته اِهو سڀ ڪجهه فطري طرح ئي ٿيو هو. ليزاويتا کي ڏاڪڻين ۽ ڀتن ٽپڻ جي عادت هئي. جيئن ته هوءَ اُهي ٽپي وڃي باغن ۾ سمهندي هئي، پنهنجي نازڪ حالت هوندي به هوءَ ڪنهن طريقي سان اِنهن تارُن تان ٽپي اندر وئي هجي ۽ پاڻ کي زخمي به ڪيو هـُـجائين.
گريگري ڊوڙندو مارفا وٽ آيو ۽ کيس ليزاويتا ڏانهن موڪلي پاڻ ڀر ۾ رهندڙ هڪ دائيءَ ڏانهن هليو ويو. هنن ٻار کي ته بچائي ورتو، مگر ليزاويتا پرهه ڦٽيءَ کان اڳ گذاري وئي. گريگري ٻار کي کڻي آيو ۽ پنهنجيءَ زال کي ويهاري، ٻار کڻي سندس گود ۾ وڌو. ”هيءُ خدائي ٻار آهي، يتيم ۽ سڀني جو پيارو ۽ اسان سڀني کان مٿانهون. اسان جو ننڍڙو وڃايو آهي، تنهن ڪري، هيءُ اسان کي موڪليو ويو آهي. هيءُ جيڪڏهن شيطان جو پـُـٽ آهي، پر پاڻ هن جي پرورش ڪريون.“
مارفا ٻار کي نپائي وڏو ڪيو. سندس پاويل نالو رکيو ويو. ماڻهن وري هن کي فيودور جو پٽ سڏيندي ۽ ڪرامازوف خاندان ۾ گڏيندي دير ئي نه ڪئي. فيودور پاولووچ ڪنهن به ڳالهه تي اعتراض نه ڪيو، جيتوڻيڪ هيءُ سڀ ڪجهه تفريح خاطر هو. هو اُن جي ذميوارين جو پوريءَ ريت انڪار ڪندو رهيو. شهر جا ماڻهو، هن تي خوش هئا جو هـُـن لڌل ٻار کي گود ۾ ورتو هو. فيودور پاولووچ ٿورو وقت پوءِ، ٻار جو نالو ڳولي ورتو ۽ کيس ماءُ جي نالي پوئتان ’سميرڊياڪوف‘ سڏڻ لڳو.
سميرڊياڪوف پوءِ فيودور پاولووچ جو ٻيو نوڪر بڻيو ۽ اسان جي هن ڪهاڻيءَ وقت گريگري ۽ مارفا سان گڏ سندن ڪوٺڙيءَ ۾ رهندو هو. هـُـو راڌي جو ڪم ڪندو هو. مون کي هن سميرڊياڪوف بابت ڪجهه چوڻو آهي، جو احسانمنديءَ جي جذبي کان پري ٿي وڏو ٿيو. جيئن گريگري ظاهر ڪندو هو، هـُـو ناشڪر هو ۽ ايئن لڳندو هو ڄڻ ته هـُـو دنيا کان بدظن آهي. ننڍپڻ ۾ ٻليون ڦاسائي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ ۾ کيس ڏاڍو مزو ايندو هو. ٻليون جڏهن مري وينديون هيون، ته پوءِ اُنهن کي وڏي شان شوڪت سان دفن ڪندو هو. اُن وقت هـُـو سفيد چادر ڍڪيندو هو، جا ڪنهن پادريءَ جي اَڇي جـُـبي وانگر لڳندي هئي. ڪجهه ڳائيندو هو ۽ ڪجهه اُن ٻليءَ جي مٿان هار ٻڌندو هو، ڄڻ ته اُن کي واس ڏئي رهيو آهي. گريگري هڪ ڀيري اُن کي اُن تفريح ۾ پڪڙي ورتو ۽ کيس چڱي مار ڏنائين. هـُـو رسي وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي هفتا تيسو ڪري ويهي رهيو.
”هن دئيت کي نه تنهنجي ۽ نه منهنجي ئي پرواهه آهي،“ گريگري اڪثر مارفا کي چوندو هو.
”هن کي ته ڪنهن جي به پرواهه ڪانه آهي. اَڙي تون انسان به آهين؟“ هن ڇوڪري کي مخاطب ٿيندي چيو. ”تون آدمي نه آهين پر تون سينور آهين، جو غسلخاني ۾ پليو آهين. تون رڳو اِهو ئي آهين ۽ بس“. سميرڊياڪوف ايئن ٿو معلوم ٿئي، ته اِنهن لفظن کي حياتيءَ ڀـَـر پنهنجي ذهن ۾ رکي ڇڏيو. گريگري کيس لکڻ پڙهڻ به سيکاريو. جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو، ته کيس مقدس ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيائين، پر اُن مان کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيو، ٻئي يا ٽئين سبق وٺڻ وقت ڇوڪرو اوچتو ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.
”اِهو ڇو؟“ گريگري غصي مان پنهنجي عينڪ جي مٿان نهاريندي چيو.
”ڪجهه به نه، خدا پهرئين ڏينهن روشني پيدا ڪئي. سج، چنڊ ۽ ستارا چوٿين ڏينهن اها روشني ڀلا پهرئين ڏينهن ڪٿان آئي؟“
گريگري اِهو ٻـُـڌي وسو ٿي ويو ۽ ڇوڪري پنهنجي استاد ڏانهن طنزيه طور نهاريو. هن جي خيال جي اظهار ۾ يقيناََ پنهنجي مربيءَ کي، اُن جي مرتبي کان هيٺ ڪيرائڻ وارا لفظ هئا. گريگري پاڻ کي قبضي ۾ رکي نه سگهيو- ”چڱو، مان ٿو توکي ٻڌايان ته ڪيئن؟“ هن ڀـَـرُ ڪري ڇوڪري جي ڳل تي ٿڦڙ وهائي ڪڍي. ڇوڪري چماٽ کائڻ کان پوءِ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ پاڻ کي وري به ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪـُـنڊ ۾ وڃي پوريائين. هڪ هفتي کان پوءِ جو بيماريءَ جو مٿس حملو ٿيو، سو ساريءَ ڄمار ساڻس گڏ رهيو ۽ اِها مرگهي هئي.
فيودور پاولووچ جڏهن اِهو ٻـُـڌو ته سندس رخ ڇوڪري ڏانهن هڪدم بدلجي ويو. هن کان اڳ هـُـو اُن ڏانهن نهاريندو به نه هو. جيتوڻيڪ کيس ڌمڪي به ڪانه ڏني هئائين. جڏهن کيس ملندو هو ته هميشه ٽامي جو سڪو ڏيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن جي موج ۾ هوندو هو، ته کاڌي جي ميز تان مٺايون به اُن ڏانهن موڪلي ڏيندو هو. پر جيئن ئي کيس سندس بيماريءَ جي خبر پئي، ته هـُـو اُن ۾ دلچسپي ڏيکارڻ لڳو. هن ڊاڪٽر گهرائي علاج ڪرايو، پر ڇوڪرو لاعلاج مريض ثابت ٿيو. ڇوڪري کي هر مهيني ۾ هڪڙو ڀيرو دورو پوندو هو، پر جدا جدا وقفن کان پوءِ. ڪڏهن ته دورا خطرناڪ به پوندا هئس، ۽ ڪڏهن هلڪا ۽ معمولي. فيودورپاولووچ، گريگريءَ کي سختيءَ سان منع ڪئي ته کيس ڪابه جسماني سزا نه ڏئي ۽ کيس مٿي ڏاڪڻ چڙهي اَچڻ جي به اجازت ڏنائين. هـُـن اِها به منع ڪئي ته في الحال کيس ڪجهه به نه سيکاريو وڃي.
ٿوري عرصي گذرڻ کان پوءِ مارفا ۽ گريگري، فيودور پاولووچ کي ٻڌايو ته سميرڊياڪوف ۾ آهستي آهستي عجيب ۽ غير معمولي نازڪ مزاجي پيدا ٿي رهي آهي. هـُـو شـُـروو اڳيان ٿو رکي، شرووي ۾ ٿو نهاري ۽ پوءِ چمچو ڀري، روشني ۾ جهلي ٿو بيهي.
”اِهو ڇا آهي! ڪو جيت آهي؟“ گريگري کانئس پڇندو هو.
”شايد مک آهي؟“ مارفا وري پنهنجي راءِ ڏيندي چيو.
نازڪ طبع جوان ڪوبه جواب نه ڏيندو هو، پر هـُـو پنهنجي ماني، گوشت، مطلب ته هر اُها شي“، جا کائيندو هو، تنهن سان اِهائي ڪار ڪندو هو. اُن کي باريڪ بينيءَ سان جاچيندو هو ۽ گهڻي غور ڪرڻ کان پوءِ کائڻ جو فيصلو ڪندو هو.
”هش، جوان جي ڪهڙي نه عمدي اَدا آهي.“ گريگري، اُن وقت ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪندي، سندس منهن ۾ نهاريندو هو.
فيودور پاولووچ ، جڏهن سميرڊياڪوف جي اِن عادت کي وڌندي ٻڌو ته کيس پنهنجي بورچي بڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. کيس اُن مطلب لاءِ ماسڪو به ڏياري موڪليائين. هـُـو ڪجهه سال اُتي رهي، جڏهن وڌيل به نظر ٿي آيو. پنهنجي عادتن ۾ جيئن وڃڻ کان اڳ ۾، تئن ئي هو، کيس ڪنهن جي دوستي ۽ سنگت ڏانهن ٿوري به خواهش ڪانه هئي. هن جي شڪل ۾ ڪجهه گهنج پئجي ويا هئا. جسم ۾ پـِـيلو ۽ ڪمزور ٿي لڳو.
ماسڪو ۾ به، جيئن اسان پوءِ ٻـُـڌو، ته هميشه خاموش ئي رهندو هو. ماسڪو خود هن لاءِ ڪابه وندر پيدا ڪري نه سگهيو. هـُـو مشڪل سان اُتان جي دلچسپين ڏانهن نهاريندو هو. هـُـو فقط هڪڙو دفعو ٿيئٽر ڏسڻ ويو ۽ جڏهن موٽي آيو، ته نه فقط خاموش هو پر ناراض به پئي لڳو. هـُـو جڏهن ماسڪو کان موٽي آيو تڏهن عمدو لباس پهريل هو. صاف سـُـٿرو ڪوٽ ۽ صاف سـُـٿري قميص پهريل هئس. هـُـو پنهنجي ڪپڙن کي اَڪثر ٻه دفعا ڏينهن ۾ ڏاڍي خبرداريءَ سان برش هڻي صاف ڪندو هو. چمڙي جي بوٽ کي خاص انگلش پالش سان اهڙو ته چمڪائيندو هو، جو آئيني وانگر ٿي پوندو هو. هـُـو هڪ بهترين بورچي ٿي پيو هو. فيودور پاولووچ ، کيس جيڪو به پگهار ڏيندو هو اهو سمورو ڪپڙن، خوشبودار تيل، عطر ۽ ٻين شين تي خرچي ڇڏيندو هو. هن کي جيتري عورتن کان ڌڪار هئي، اوتري مردن کان به. هو نهايت فهميدو هو ۽ هنن لاءِ، هـُـو بلڪل پهچ کان ٻاهر هو. فيودور پاولووچ هن کي مڙيوئي بي خيالي سان ڏسندو هو. هـُـن کي هاڻي جلد جلد دورا پوڻ لڳا ۽ جنهن ڏينهن بيمار ٿي پوندو هو، ته مارفا کي ماني تيار ڪرڻي پوندي هئي، جا فيودور پاولووچ کي بنهه ڪين وڻندي هئي.
”تنهنجا دورا هاڻي ايترا خراب ڇو ٿا ٿين؟“ فيودور پاولووچ پنهنجي بورچيءَ کان اکيون ٽيڏيون ڪري پڇندو هو: ”توکي شادي ڪرڻ جي ڀلا خواهش آهي؟ مان توکي زال ڳولي ڏيان؟“
هيءُ ٻـُـڌي سميرڊياڪوف غصي کان ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽ ڪوبه جواب ڪونه ڏيندو هو. اُن وقت فيودور پاولووچ کيس عجيب بي تابيءَ واري احساس ۾ ڇڏي ويندو هو. هن لاءِ سڀ کان وڏي اها ڳالهه هئي ته کيس پنهنجي ايمانداريءَ ۾ وڏو يقين هو. هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ته فيودور پاولووچ، شراب ۾ بيحد بدمست هو ۽ اُن مستيءَ ۾، هن کي جي تازو ٽن سون روبل جا نوٽ مليا هئا، اُهي گهر جي اڱڻ ۾ مٽيءَ ۾ ڪيرائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن جلدي جلدي، جيئن پنهنجا کيسا ڳولي رهيو هو، ته اُهي، هن کي ٽيبل تي نظر آيا. اِهي اِتي ڪٿان آيا؟ سميرڊياڪوف ٻي ڏينهن لـَـڌا هئا ۽ آڻي اُتي رکيا هئا.
”منهنجا پيارا! مون تو جهڙو ڪوبه نه ڏٺو آهي.“ فيودور پاولووچ، اِيئن چوندي کيس ڏهه روبل ڏئي ڇڏيا. ايترو چوڻ بي جا نه ٿيندو ته هـُـو ايمانداريءَ ۾ نه رڳو ڀروسو رکندو هو پر کيس اُن سان چاهه به هو. ان هوندي به هن جوان کي سڀڪو رُکو روح ئي سمجهندو هو، ڇو ته هـُـو هردم خاموش ۽ ماٺ ۾ ئي رهندو هو.

باب ٽيون: جذباتي دل جي قبوليت (شعر ۾)

اليوشا پيءُ جي اُن حڪم تي، جو هن گاڏيءَ مان رڙ ڪري ڏنو هو، ٿوري وقت لاءِ بيحد پريشان ٿي پيو. پر هـُـو پنهنجي اُن بي چينيءَ کي روڪي نه سگهيو. جيتوڻيڪ اِها سندس عادت نه هئي. باوجود ناخوش هئڻ جي هـُـو تڪڙو تڪڙو بورچي خاني ڏانهن ويو، ته جيئن ڏسي سگهي ته سندس پيءُ مٿي ڇا ڪري رهيو آهي؟ هـُـو پنڌ پيو، اِن خيال کان، ته ممڪن آهي ته رستي ۾ اُن شڪ ۽ گمان جو کيس جواب ملي وڃي، جو کيس ايذاءُ پهچائي رهيو هو. مان هتي فقط ايترو ٻڌايان ٿو، ته پڻس جون رڙيون، جن ۾ کيس حڪم مليو هو ته، ”پنهنجو تڏو ۽ وهاڻو کڻي واپس گهر اَچ” جو کيس ٿورو به خوف نه ٿيو. اليوشا کي پڪ هئي ته پڻس کيس ٻئي ڏينهن ئي خانقاه ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ چوندو. ٿي سگهيو ٿي، ته اُن شام جو ئي کيس چئي ڏي. کيس هن ڳالهه جي به پڪ هئي ته سندس پيءُ ڪنهن کي به ايذاءُ پهچائي پر کيس ڪڏهن به نه آزاريندو. اليوشا کي هيءُ به يقين هو، ته هن دنيا ۾ ڪوبه کيس نقصان پهچائڻ نه چاهيندو. کيس اِها به ڄاڻ هئي، ته کيس ڪوبه تڪليف ڏيڻ نه ٿو چاهي. اِن لاءِ کيس ظاهر ظهور ثابتي به هئي، جنهن لاءِ ڪوبه سوال اُٿي نه ٿو سگهي. اِن ڳالهه تي ڀروسو ڪري ۽ سواءِ ٻـُـڏتر جي هـُـو رستو وٺي هليو.
پر اُتي ئي کيس هڪ ٻئي قسم جي پريشاني ٿي ۽ اُن کيس گهڻو پريشان ڪيو. ڇو ته هـُـن اَڃا ڪوبه اهڙو فيصلو ڪونه ڪيو هو. اِهو خوف کيس ڪيٽرينا ايونونا کان هو، جنهن پنهنجي هڪ نوٽ ۾، جو مئڊم هولاڪوف جي ذريعي پهچايو ويو هو، منٿ ڪئي هئي، ته ساڻس ڪنهن ڳالهه بابت اَچي ملي. اُن منٿ ۽ اوڏانهن وڃڻ جي ضرورت، سندس دل ۾ هڪدم بي آراميءَ جو احساس پيدا ڪيو. صبح کان اِها بي تابي هن کي بي حد تڪليف ڏئي رهي هئي. جيتوڻيڪ مڙهيءَ ۾ فادر سپيرئر وٽ عجيب واقعو به ٿي گذريو هو. هـُـو ان ڪري پريشان نه هو، ته ڪو کيس اِها خبر نه هئي، ته هوءَ ڪهڙي ڳالهه بابت گفتگو ڪندي ۽ هـُـو ان جو ڪهڙو جواب ڏيندو؟ نه وري کيس هن ڳالهه جو خيال هو، ته هوءَ عورت آهي. عورتن جي کيس بلڪل ٿوري ڄاڻ هئي، جيتوڻيڪ خانقاه ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هن ننڍپڻ کان وٺي سڄي عمر عورتن سان ئي گذاري هئي. کيس ڪيٽرينا ايونونا کان وري به خوف پئي ٿيو. اُن وقت کان وٺي، جڏهن کيس پهريون دفعو ڏٺو هئائين، خوف کائيندو ٿي رهيو. کيس ٻه يا ٽي ڀيرا ڏٺو هئائين ۽ کيس ساڻس ڳالهائڻ جو تمام ٿورو موقعو مليو هو. هـُـن کي هن حسين، مغرور ۽ هٺيلي ڇوڪري ٿي سمجهيو. سندس اِها خوبصورتي نه هئي جا کيس ستائي رهي هئي، پر اَڃا به ٻيو ڪجهه هو. سندس اِهو خوف خطرو خود سندس ئي انديشي کي وڌائي رهيو هو. ڇوڪريءَ جو مقصد بلند تر هو، جنهن کان هو واقف به هو. هوءَ سندس ڀاءُ دمتريءَ کي پنهنجي دريا دليءَ جي باعث بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جيتوڻيڪ هـُـو ساڻس بـُـريءَ طرح پيش اَچي چڪو هو، تنهن هوندي به جيتوڻيڪ اليوشا اهڙن عمدن ۽ خراج دل جذبن کي چڱيءَ ريت محسوس ٿي ڪيو، تڏهن به جيئن جيئن هـُـو سندس گهر کي ويجهو پهچي رهيو هو، ته سندس بدن مان سيسراٽ ٿي اُڀريا.
هـُـن خيال ڪيو ته ايون، جو سندس دلي دوست آهي، سو اُتي ڪونه هوندو، ڇو ته هـُـو پڪ سان هن وقت پيءُ سان ئي هوندو. دمتريءَ بابت ته کيس پڪ هئي، ته هو ڪنهن به دليل کان سواءِ اُتي ڪونه هوندو. اُن ڪري ڪيٽرينا سان جا گفتگو ٿيندي، سا بلڪل اَڪيلائيءَ ۾ ئي ٿيندي. کيس اِها ڏاڍي خواهش هئي، ته اُن نڀاڳي ملاقات کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ سان جيڪر وڃي ملي. کيس خط ڏيکارڻ کان سواءِ ئي، اُن بابت ساڻس ڳالهائي، پر دمتري اُن جاءِ کان پري ٿي رهيو ۽ هـُـن سمجهيو ٿي ته هـُـو پنهنجي گهر کان به پري نڪري ويندو. هڪ منٽ لاءِ ترسي، هن آخري فيصلو ڪيو. پاڻ کي جلدي ۽ ساڳئي ئي طريقي سان رد ڪد ڏيندي، مشڪندي، هـُـو اُن خطرناڪ عورت جي طرف مـُـڙي هلڻ لڳو.
هن کي سندس گهر جي خبر هئي. هـُـو جيڪڏهن شاهي رستو وٺي بازار کان ڦرندو، ته کيس ڪافي ڊگهو مفاصلو لتاڙڻو پوندو. هـُـن اُنڪري پٺئين رستي کان وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي کيس پوري ڄاڻ هئي. کيس هڪ اهڙي باغ مان گذرڻو پيو، جو سندس پيءُ جي باغ سان لڳو لڳ هو. باغ جي ڀرسان پهچڻ وقت هـُـن پنهنجو مٿو مٿي کنيو، جو خيالن پچائڻ وقت جـُـهڪي ويو هئس. هـُـن اُتي اوچتو هڪ اهڙي شيءِ ڏٺي، جنهن جي کيس بلڪل اُميد ڪانه هئي.
باغ جي هڪ ڏاڪي جي مٿان، دمتري ڪنهن شيءِ تي چڙهي نـِـوڙيو بيٺو هو. هـُـو ڏانهس هٿن جا زور سان اشارا ڪري رهيو هو. هـُـن ڪجهه به نه ٿي ڳالهايو، جنهن مان صاف ظاهر هو ته هـُـن کي خوف پئي ٿيو ته ڪو کيس ٻـُـڌي نه وٺي. اِليوشا اُن طرف ڊوڙي ويو.
”چڱو ٿيو، جو تو ڏسي ورتو. مان ته توکي بلڪل واڪو ڪري سڏڻ وارو هوس.“ مـِـتيا خوشيءَ مان ڀڻڪو ڪيو. ”هيڏانهن چڙهي اَچ. ڪهڙو نه سـُـٺو، جو تون هيڏانهن آيو آهين! مان اجهو، بنهه هينئر تنهنجي باري ۾ سوچي رهيو هوس.“
اليوشا پڻ گدگد پئي ٿيو. هـُـو منجهي پيو، ته ڏاڪي تان ڪيئن ٽپو ڏئي. متيا پنهنجو طاقت ڀريو هٿ سندس ٺونٺ هيٺان ڏئي، کيس ٽپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. اليوشا پنهنجي چوغي کي ورائي، اُگهاڙين ٽنگن تي زور ڏئي ڦڙتيءَ سان اندر ٽپو ڏنو.
”شاباس! هاڻي هليو اَچ” مـِـتيا خوشيءَ ۾ ڀرجي، سرگوشي ڪئي.
”ڪاڏي؟“ اليوشا به آهستي ڀڻڪو ڪيو. هن پاڻ کي هڪ ويران باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻيو ڪوبه سندس ويجهو ڪونه هو. باغ ننڍو هو، پر منجهس هڪ گهر ٺهيل هو، سو اَڃا پنجاهه کن قدم پري هو.
”هتي ته ڪوبه ڪونه آهي، تون هوريان ڇو ٿو ڳالهائين؟“ کيس اليوشا چيو.
”مان ڇو آهستي ڳالهايان، هي شرارت سمجهه!؟“ دمتري ڏاڍيان ڳالهايو. ”ڏسين نه ٿو ته انسان جو ڪم ڪٿي وڃي پهتو آهي. مان هت لڪو ويٺو آهيان ۽ چوڪسي به منهنجي مٿان. اِهو توکي مان پوءِ سمجهائيندس پر ڳجهه ڳوهه ۾. مان به هڪ بيوقوف وانگر ٿو سـُـس پـُـس ڪريان، جڏهن اُن جي ڪابه ضرورت نه آهي. اَچ ته هلون. هوڏانهن تيستائين ماٺ ڪر. مان توکي چمي ڏيڻ گهران ٿو.“
هنن جملن ۾ خدا جي ئي تعريف آهي،
خدا جو شان مون ۾ آهي .......
”تنهنجي اَچڻ کان اڳ ۾، مان، هن نغمي کي، هتي ويهي ٿي دهرايو.“
باغ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ هو. اُن ۾ وڻ فقط لوڙهي جي چئن پاسن کان پوکيل هئا. اُهي صوف، صندل ۽ بيد جا وڻ هئا. باغ جو وچون حصو خالي هو، جوگاهه جي لاءِ هو، جنهن مان ڪيئي هنڊرويٽ تور سڪل گاهه اونهاري ۾ ميسر ٿيندو ٿي رهيو. باغ اونهاري ۾ ٿورن روبلن تي ٺيڪي ۾ ڏنو ٿي ويو. هنن کانسواءِ راسبيري ۽ انگور فرنگي پڻ ججها موجود هئا. گهر جي ڀرسان، رڌڻي جي ويجهو پڻ ننڍڙو باغ، جو بعد ۾ پوکيو ويو هو.
دمتري ڀاءُ کي باغ جي گوشائتي حصي ۾ وٺي ويو. اُتي ليمن جي گهاٽن جهڳٽن اندر ڪيترن ئي ورهين جو ڊٺل ۽ اونداهو گهر موجود هو، جو پراڻن وڻن ۽ بنفشي جي ولين ۾ ڍڪيل هو، جي وڻ ۽ وليون، برفباري جي ڪري، ڪٿي ڪٿي، ســُـڪي ۽ سڙي ويا هئا، مگر گهر جي چوڌاري پوءِ به ساوڪ هئي. اُن گهر جون ڀتيون ڄاريدار هيون ۽ اُنهن جي مٿان اَڃا ڇت موجود هئي، جا ڇانوَ ڏئي ٿي سگهي. خدا بهتر ٿو ڄاڻي، ته اِهو گرميءَ جو گهر ڪڏهن ٺهي راس ٿيو هو. هڪ روايت موجب، هيءُ گهر هڪ پينشن ورتل ڪرنل وان شمت ٺهرايو هو، جنهن جو قبضو اُن وقت سندس هٿ ۾ هو. هيءُ سڄو گهر هاڻي زوال پذير هو. فرش خراب ٿي ويو هو، تختا ڍلا ٿي ويا هئا ۽ ڪاٺ جي جـُـڙيل شين مان بدبوءِ ٿي آئي. ان گرميءَ جي گهر ۾ سائي رنگ جي هڪ ڪاٺ جي ميز زمين ۾ کتل هئي، جنهن جي چوڌاري ڪجهه پراڻي قسم جون بينچون پيل هيون، جي اَڃا ويهڻ جي لائق هيون. اليوشا کي ڀاءُ جي خوشيءَ ۽ شادماني جي اَندازي لڳائڻ ۾ دير نه لڳي. مـَـنـَـههَ ۾ گهڙندي هن ڏٺو ته برانڊيءَ جي اَڌ بوتل ۽ شراب جو پيالو ميز تي رکيل هو.
”هيءَ برانڊي آهي؟“ مـِـتيا هي ٻـُـڌي کليو. مان تنهنجي منهن مان ئي سمجهي ورتو هو، ته هيءُ وري پيئي ٿو!
”وهمي صورت تي اعتبار نه ڪر. بيوقوف ۽ ڪوڙن انسانن ڏي ڪن نه ڏي. پنهنجي شڪ ۽ شبهي کي وساري ڇڏ. مان پيان ته نه ٿو، پر هن سان پنهنجي دل جمعي ڪريان ٿو، جيئن تنهنجو احمق ريڪٽن ٿو چوي. هڪ ڏينهن هو ملڪي صلاحڪار ٿيندو ۽ هميشه لطف اندوزيءَ جون ئي ڳالهيون ڪندو رهندو. ويهي رهه. اليوشا، مان توکي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺڻ گهران ٿو. مان توکي سيني سان لڳائي، ايترو ته زور ڏيڻ گهران ٿو، جو تون پيهاٽجي وڃين. ڇاڪاڻ ته هن سڄيءَ دنيا ۾، حقيقت ۾ - حقيقت ۾، مان ڪنهن کي به نه، پر توکي پيار ڪريان ٿو. هي آخري لفظ هن ڪجهه وڏائيءَ ۽ فخر سان چيا.
”ٻئي ڪنهن سان نه، پر توسان ۽ هڪ سفيد پٿر سان، پنهنجي برباديءَ لاءِ محبت جو سودو ڪيو اٿم، پر ڪنهن سان محبت ڪرڻ جو مطلب هيءُ نه آهي ته مان اُن کي پيار ڪريان. تون ڪنهن عورت سان محبت ڪندو هجين، پر اُن هوندي به کيس ڌڪار ڪري سگهين ٿو. هن کي ياد رک. مان اُن جو اَڃا به مزي سان ذڪر ڪري سگهان ٿو. هت ميز جي ڀرسان ويهه ۽ مان تنهنجي ڀرسان ويهي توکي نهاريندس. تون ڳالهائيندو وڃ. جڏهن تون خاموش ٿيندين ته مان ڳالهائڻ شروع ڪندس. ڇاڪاڻ ته اُن جو وقت آيو آهي، پر ڪنهن بدناميءَ جي ڪري، جنهن کي تون ڄاڻين ٿو، چڱو ٿيندو، ته هوريان ڳالهايان. ڇاڪاڻ ته هتي - هتي - تون اُهو ٻڌائي نه سگهندين، جو ڪن غور سان ٻڌڻ چاهين ٿا. مان سڀ ڪنهن ڳالهه جي تشريح ڪندس، جيئن چون ٿا - ڪهاڻي مسلسل هوندي. مون تولاءِ ڇو انتظار ٿي ڪيو؟ ۽ ڇو مان تنهنجي لاءِ هيترا ڏينهن اٻاڻڪو بڻيو رهيس ۽ هاڻي به (مون کي پنج ڏينهن ٿيا آهن، جو مان هتي لنگر هنيو آهي.) ڇاڪاڻ ته اُهو فقط تون آهين، جنهن کي مان سڀڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو. ڇاڪاڻ ته مون کي ضرور - ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي گهرج ٿي محسوس ڪئي. مان سڀاڻي ڪڪرن ڏانهن اُڏري ويندس. ڇاڪاڻ ته سڀاڻي حياتي پوري ٿي، وري شروع ٿيندي. ڪڏهن ايئن محسوس ڪيو اَٿئي يا خواب ۾ ڏٺو اَٿئي ته هڪ ماڻهو، مٿاهينءَ کان وڃي کڏ ۾ هيٺ ڪريو هجي. مون کي ڪوبه خوف نه آهي. توکي به ڊڄڻ نه گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي خوف ٿئي ٿو، پر مان ته اُن کي پنهنجي لاءِ رهاڻ ٿو سمجهان. هيءَ تفريح نه آهي، پر صحيح طور تي وجداني ڪيفيت آهي. هن کي کڏ ۾ وجهينس، جو ڪجهه به آهي! روح قوي روح ضعيف، روح زنانو، جو ڪجهه به هجي. اَچ ته فطرت جي ساراهه ڪريون. ڏس ته سج ڪيئن نه چمڪي ٿو، آسمان ڪيڏو نه صاف آهي. وڻن جا پن ڪيڏا نه ساوا آهن ۽ گرميءَ جي موسم حقيقي معنيٰ ۾ آهي. چار لڳا آهن ۽ ڪيڏي نه راحت آهي. پر تون ڪيڏانهن ٿي وئين؟“
”والد جي گهر ٿي ويس، پر پهريائين ارادو ڪئٽرينا ايوانونا ڏي وڃڻ جو هئم.“
”ڪئٽرينا ۽ پيءُ جي گهر ڏانهن! او، ڪهڙو نه عجيب اتفاق آهي. مان ڇو ٿي تنهنجي لاءِ ايڏي تڙپ محسوس ڪئي؟ ڇو توکي، پيءُ ۽ هن ڪيٽرينا ايوانونا ڏي موڪليان؟ انهيءَ لاءِ ته تون ساڻن منهنجي ڪم کي پورو ڪرين. پر اُن لاءِ ته ڪنهن فرشتي کي موڪلڻ کپندو هو. مان جيڪر ڪنهن ٻئي کي موڪليان ها، پر مون کي فرشتو ئي موڪلڻ گهرجي. مان ڏسان ٿو ته تون پاڻ، پيءُ ۽ هـُـن کي ڏسڻ لاءِ وڃين ٿو.“
”ڇا سچ پچ تون مون کي، اُنهن ڏانهن موڪلڻ ٿي گهريو؟“ اليوشا نهايت ڏکويل لهجي ۾ چيو.
”ترس! تو هيءُ ڄاڻين ٿو! مان ڏسان ٿو، ته تون سڄي معاملي کي هڪدم سمجهين سگهين ٿو. ٿوري وقت لاءِ خاموش رهه. ايتري دلسوزي نه ڪر ۽ نه وري لـُـڙڪن کي هار.
دمتري فيودور پاولووچ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو. جيئن ته پنهنجي پيشانيءَ تي سندس آڱر رکيل هئي، اِنهيءَ حالت ۾ گهڙي کن گهري خيال ۾ گم ٿي ويو، ۽ پوءِ چيائين ته:
”هن توکي دعوت ڏني آهي ۽ تو ڏي خط به لکيو آهي. اُن جي دعوت جي ڪري ئي اُن ڏانهن ٿو وڃين. جيڪڏهن هوءَ توکي دعوت نه ڏئي ها ته شايد اُن ڏانهن نه وڃين ها.“
”اِجهو، هيءَ اُن جي تحرير آهي،“ اليوشا پنهنجي کيسي مان پني کي ٻاهر ڪڍيو. مـِـتيا تڪڙ ۾ اُن کي ڏسي ورتو.“
”تون شايد پٺئين رستي کان ٿي وئين. مان خدا جو شڪر اَدا ڪريان، جنهن توکي پٺئين رستي کان آندو. تون مون وٽ اِيئن پهتو آهين، جيئن آکاڻيءَ ۾ سوني مڇي مهاڻي وٽ پهتي هئي. ڌيان سان ٻڌ اليوشا، منهنجا ڀاءُ! ڌيان سان ٻـُـڌ! هاڻي منهنجو مطلب آهي، ته توکي سڀ ڪجهه ٻـُـڌايان، ڇو ته مون کي اِهو سڀڪجهه، ڪنهن کي ضرور ٻـُـڌائڻ گهرجي. آسماني فرشتي کي ته مون سڀ ڪجهه ٻـُـڌائي ڇڏيو آهي، پر مان زمين جي فرشتي کي به ٻڌائڻ گهران ٿو. تون ئي هن زمين تي فرشتو آهين. تون ٻـُـڌ ۽ منصف ٿي ۽ پوءِ مون کي بخشي ڇڏ. مون کي اِهوئي ته کپي ٿو، ته مون کان ڪو مٿي درجي وارو مون کي معاف ڪري ڇڏي. ٻـُـڌ، جيڪڏهن ٻه ماڻهو زمين تان سڀ ڪجهه ڇڏي ڪنهن اَڻ ڄاتل مقام ڏي اُڏامي وڃن يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ماڻهو، اُڏرڻ يا برباد ٿيڻ کان اڳ، ڪنهن اوپري وٽ اَچي ۽ کيس چوي ته، هيءُ منهنجي لاءِ ڪر - يعني اُها مهرباني، جنهن کي ماڻهو فقط موت لاءِ چاهي ٿو - ڇا هيءُ ٿي سگهي ٿو ته سندس دوست يا ڀاءُ، جو به هجي، سندس درخواست کان انڪار ڪري؟“
”مان اُهو ڪندس، پر جلدي ٻڌاءِ ته اُهو ڇا آهي؟“ اليوشا چيو.
”مـِـتيا ٿوري وقت لاءِ خيالن ۾ ٻـُـڌي ويو. هن ٺونٺ ٽيبل تي رکي ۽ مٿو پنهنجن هٿن ۾ جهليو. ٻئي خاموش هئا.
”اليوشا“ مـِـتيا چيو ”پڪ اٿم ته تون ئي مون تي نه کلندين. مان شروع ڪريان ٿو ۽ پنهنجي قبوليت ڏيڻ گهران ٿو. شلرجي خوشيءَ جي گيت سان (ANDIE FREUDE) مون کي جرمن زبان نه ايندي آهي. مان فقط اِهو ڄاڻان ٿو، ته هن کي اِها زبان سڏيو ويندو آهي. ايئن نه سمجهه ته مان ڪو بڪواس ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته مون شراب پيتو آهي. مان ٿورو به نشي ۾ نه آهيان. برانڊي بهرحال ٺيڪ آهي، پر مان جيستائين شراب جون ٻه بوتلون نه پيئندو آهيان، تيستائين مون کي نشو ڪونه ٿيندو آهي.

بـهـادر پـنـهـنـجـي گـلابي چهري سان
پنهنجي هڪ ڪرندڙ گڏهه جي مٿان

مون هڪ بوتل جي چوٿين حصي کان مٿي نه پيتو آهي،اُنڪري مان بهادر ته نه آهيان، جيتوڻيڪ مان ڪافي مضبوط آهيان. مون هڪ ڀيرو فيصلو ڪيو آهي، جو هميشه لاءِ هوندو. هن ايهام ۽ تجنيس کان، جو توسان ڳالهائي رهيو آهيان، مون کي معاف ڪر. توکي اُنهن سڀني کي معاف ڪرڻو پوندو، جي تجنيس ۽ ايهام، اڄ مان ڳالهائي رهيو آهيان. بي آرام نه ٿي. مان لاٽونءَ وانگر ڳالهه کي ڦيرايان، گهيرايان نه ٿو. مان هوش سان ڳالهايان ٿو. مان هڪ منٽ ۾، اصلي ڳالهه تي ڳالهائڻ وارو آهيان. مان توکي وڌيڪ وقت انتظار ۾ نه رکندس. ترس ۽ ڏس ته ڪيئن ٿو اهو معاملو بڻجي.“

هن پنهنجي مٿي کي کنيو، ٿوري وقت لاءِ خيال ڪيائين، اُن کان پوءِ گوڙ ۽ پريشانيءَ ۾ سوچڻ لڳو:
”غار ۾ ويهندڙ، وحشي ۽ خوفائتو، پٿريلي ۽ عريان غار ۾ وڃي لڪو. بي گهر ۽ آوارا، ويران پر زرخيز ميدانن ۾ رلندو رهيو. تير ۽ نيزي سان مسلح، جهنگ ۾ شڪاري ترسيو. افسوس آهي اُن غريب ۽ بدقسمت انسانن تي، جي اُن خطرناڪ موجن جي ڪناري تي ترسيا.
آلمپس جي مٿاهين چوٽين تان ماءُ سيرس هيٺ لهي آئي ۽ اُن مهيب ملڪ جي حصي ۾ پنهنجي وڃايل ڌيءَ ’پراسرپائين‘ کي ڳوليندي رهي. پر ديويءَ کي ڪوبه پناهه گاهه نه مليو. نه وري اُتي ڪنهن کيس مرحبا ئي چئي. نه وري اُتي ڪو اهڙو مندر هو، جو ديوتائن جي عبادت جو شاهد بڻجي.
ٻنين مان ۽ انگور جي کيتن مان ڪوبه ميوو حاصل ٿي نه سگهيو، جو جيڪر دعوت کي سينگاري ها. تنها قربانين جي بقايا کي قربان گاهه وٽ ساڙيو وڃي ٿو ۽ جتي غمزده ديوي، پنهنجي غمناڪ نگاهن سان نهاريندي، پنهنجي انتهائي بدناميءَ ۾ غرق ٿي وڃي ٿي ۽ شرمساريءَ کان سواءِ انسان، جتي ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڏسي.“
مـِـتيا اوچتو سـُـڏڪن ۾ پئجي ويو ۽ اليوشا جو کڻي هٿ جهليائين.
”منهنجا پيارا، منهنجا پيارا، ذلت ۾، هاڻي ذلت ۾ پڻ، هن زمين تي، انسان کي هولناڪ تڪليفون سهڻيون آهن. هولناڪ تڪليفن جو ڪافي اندازو توکي ايئن نه سمجهڻ گهرجي، ته مان عملدار جي لباس ۾ بي رحم حيوان آهيان. مان غلاظت ۽ شراب خوريءَ ۾ مست آهيان. مان ٻيءَ ڳالهه جي لاءِ ٿورو سوچيندو آهيان، پر ذلت ڀري انسان لاءِ - جيڪڏهن مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ته - مان خدا کان دعا گهران ٿو، ته مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ۽ وري لاف زني ئي ڪريان ٿو. مان اهڙي ماڻهوءَ لاءِ خيال ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ اِهڙو ماڻهو آهيان.
ڇا، هـُـو پنهنجي روح کي پستيءَ کان کڻي،
روشني ۽ عزت ڏي ويندو.
هن کي موٽڻ گهرجي ۽ هميشه لاءِ،
پنهنجي قديم ماءُ، يعني زمين کي چنبڙي پوي.

مگر سوال هيءُ آهي ته ڪهڙيءَ ريت، هن زمين سان جاوداني عهد کي مضبوط ڪريان؟ مان اُن جي سيني کي ته ڀاڪر ۾ وٺي نه ٿو سگهان. ڇا مون کي ڌنار يا ڪڙمي ٿيڻو آهي. مان هلندو رهان ٿو، پر هيءَ خبر نه اٿم ته شرمساري ڏي وڃي رهيو آهيان يا روشني ۽ مسرت ڏي. اِهائي ته پريشاني آهي، ڇاڪاڻ ته سڀڪو دنيا ۾ ڇاڻيءَ ۾ پيو ٿو ڇڻجي!
مان اتفاقاََ جڏهن بدترين ذلت ۾ وڃي غرق ٿيندو آهيان ( ” اهو هميشه ٿيندو رهندو آهي)، مان هميشه ’سيرس ۽ انسان‘ جو نظم پڙهندو آهيان. اُن مون ۾ ڪا اصلاح آندي؟ ڪڏهن به نه، ڇو ته مان ڪرامازوف آهيان. جڏهن مان ڪنهن کڏ ۾ ٽپو ڏيان ٿو، ته منهنجو مٿو هيٺ ۽ پير مٿي آهن ۽ مان ان ۾ ذليل نموني ڪرڻ تي خوش آهيان ۽ فخر اٿم. هن ذلت جي گهرائيءَ ۾ حمد جا گيت ٿو ڳايان. مان ڀل قصوروار هجان، ڀل مان ڪميڻو ۽ بزدل هجان، مون کي فقط اُن سنجاف کي چمڻ ڏيو، جنهن جي نقاب اندر منهنجو خدا لڪل آهي. جيڪڏهن مان شيطان جي تابعداري ڪندو هجان، پر خدا! مان تنهنجو ئي آهيان. او مالڪ، مان توسان محبت ڪريان ٿو ۽ مان اُن خوشيءَ کي محسوس ڪريان ٿو، جنهن کان سواءِ دنيا قائم رهي نه ٿي سگهي!

روح جي لاءِ جاوداني خوشي،
جهان جي موجودات، خوشي ٿي بخشي.
اسرار جي شعلن سان رلمل ٿي،
زندگي جي پيالي کي نور ۾ غرق ٿي ڪري.
سبزه کي زمين مان پيدا ٿي ڪري
اونداهيءَ مان سج جو وجود ٿو پيدا ٿئي.
اُن جي نور کي لامحدود فضا جي مملڪت ۾ ڀري ٿو،
جنهن کي داناءَ جي نگاهه سمجهي نه ٿي سگهي.
فطرت جي سخي ۽ پـُـرجلال سيني کان،
سڀئي ساهه واريون شيون خوشيءَ کي حاصل ڪنديون رهن.
سڀئي سندس پٺ وٺن ٿا، جيڏانهن هو کين وٺي وڃي.
پوءِ اُهي پکي آهن، يا جانور آهن يا چرندڙ شيون.
سندس انعام آهي، تڪليف ۾ ماڻهن جو دوست بڻجڻ،
پوءِ اُهو گلن جو هار آهي يا جهڳ وارو شراب.
فرشتن جي لاءِ - خدا جي تخت جا رويا،
جيتن جي لاءِ - جنسي لذت.

بس، هيءَ شاعري بس آهي. منهنجي اکين مان لـُـڙڪ وهي رهيا آهن. ڇڏ ته مان دانهون ڪريان. ممڪن آهي ته ماڻهو منهنجي هن حماقت تي کلن پر تون ڪانه کلندين. تنهنجون اکيون چمڪي رهيون آهن. منهنجي شاعري ختم ٿي. مان هاڻي توکي جيتن لاءِ ٻڌائڻ گهران ٿو، جن کي خدا جنسي لذت بخشي آهي.

جيتن کي - جنسي لذت.

مان اهوئي جيت آهيان ڀاءُ، ۽ اِهو خاص منهنجي لاءِ ئي چيو ويو آهي. اسان سڀئي ڪرامازوف، اهڙائي جيت آهيون ۽ نه فرشتا، جيئن تون آهين. اِهڙي جيت کان ته تون به خالي نه آهين ۽ اِهو تنهنجي خون ۾ به طوفان پيدا ڪندو. طوفان! ڇو ته نفساني خواهش طوفان ئي آهي - طوفان کان به بدتر! حسن هولناڪ ۽ هيبت ناڪ شيءِ آهي ! اِهو مهيب، هن ڪري آهي، ڇو ته اُن کي ڪابه گهرائي ڪانه آهي ۽ گهرائي ٿي به ڪانه سگهندس، ڇو ته خدا اسان کي معمائن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي. اِتي ئي حدون اَچي ملن ٿيون ۽ سمورا اختلاف گڏوگڏ موجود آهن. ڀاءُ! مان مهذب ماڻهو ڪونه آهيان پر مان اُن بابت گهڻو غور ۽ ويچار ڪيو آهي. اِهو ڪيترو نه ڀيانڪ آهي جو هت ڳجهه ۽ اسرار آهن. حد کان گهڻيون ڳجهارتون، جيڪي انسان کي زمين تي ڪيرائيندڙ آهن. اسان کان جيترو ٿي سگهي ته اُنهن کي حل ڪريون ۽ ڪوشش ڪري پنهنجي کل کي پاڻيءَ کان پري رکون. مان اِهو ڪڏهن به قبول ڪري نٿو سگهان ته جنهن ماڻهوءَ جو قلب پاڪ ۽ هوش سالم هجي، پهريائين پاڪائيءَ کي حضرت بي بي مريم ۾ ڏسي ۽ پوءِ اُن جا خيال سودوم(1) وٽ وڃي پڄاڻي ڪن. هن کان وڌيڪ خطرناڪ هيءُ آهي ته جنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ سودوم جا خيال ڦرندا هجن، اُهو ڪهڙيءَ ريت حضرت بي بي مريم جي خيالن کي پنهنجو بڻائي سگهي ٿو؟ هنن خيالن سان سندس قلب پيو جلندو. جيئن جواني ۽ معصوميت جي وقت ۾ ٿئي ٿو. هائو ماڻهو وسيع آهي ۽ نهايت وسيع. مان هن کي تنگ تر ڏسڻ گهران ٿو. شيطان ئي فقط ڄاڻي ٿو، ته اُن مان ڇا حاصل ڪجي؟ دل کي ڪهڙي شيءِ شرمسار ڪري ٿي، اُها حسن آهي، ۽ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ دل جي لاءِ نه آهي. غلاظت ۾ به خوبصورتي آهي. تون هن ڳالهه تي يقين ڪر ته انسانيت جي بيحد گندي ڍير ۾ به خوبصورتي ملي ٿي. تون اِهو ڳجهه ڄاڻين ٿو؟ ڀوائتي ڳالهه ته اِها آهي، ته حسن - جهڙو لڪل راز آهي، اهڙو خطرناڪ به آهي. خدا ۽ شيطان، اِتي ئي ته مقابلو ڪن ٿا ۽ انسان جي دل اُن جي حملي جو ميدان آهي. پر انسان فقط پنهنجي ئي مصيبت تي ڳوڙها ٿو هاري. چڱو ٻـُـڌ ته حقيقت ڇا آهي؟“

____________
(1) سودوم، قديم فلسطين جو شهر، جو نهايت بدنام هو. مٿس آسمان کان باهه وسي برباد ٿي ويو.

باب چوٿون: جذباتي دل جي قبوليت (ننڍڙا قصا)

ها ته مان تڏهن اَڍنگي حياتي گذاري رهيو هوس. جيئن هاڻي، اجهو پيءُ چئي ڏنو ته مان هزارين روبل، نوجوان نينگرين کي هرکائيندي ۽ ڌُتاريندي خرچ ڪري ڇڏيا آهن. اِهو هڪ ناپاڪ خيال آهي ۽ درست نه آهي، پر جيڪڏهن هيءُ درست به هجي، ته مون کي پيسا فقط ان ڳالهه لاءِ ته نه گهربا هئا، پر پيسو منهنجي لاءِ مددگار آهي، منهنجي دل جي گهرج ۽ اُن جو قالب آهي، پر هوءَ اڄ منهنجي محبوبا آهي، پر ٿي سگهي ٿو، ته سڀاڻي هوءَ غليظ گهٽيءَ جي ڇوڪري بڻجي وڃي. مان هنن ٻنهي کي پيو ٿو وندرايان. مان راڳ، عيش عشرت ۽ رولو ڇوڪرين تي ٻـُـڪ ڀري پيسا اُڇلايا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مون شريف عورتن کي به پيسا ڏنا آهن. جي هنن لوڀ ۽ لالـچ ۾ اَچي ورتا آهن. مان قبول ڪريان ٿو ته هـُـو، اهو سڀڪجهه وٺي خوش به ٿينديون هيون ۽ شڪر گذار به. اِهي شريف عورتون مون کي چاهينديون هيون، جيتوڻيڪ سڀئي نه، پر اِيئن ٿيو پئي ۽ اِيئن ٿيو پئي.... مان هميشه رستي جي پاسن کي پسند ٿي ڪيو. وڏن رستن جي اونداهي ۽ پٺيرن چارن کي - جتي قسمت آزمائيءَ سان گڏ، عجيب عجيب شيون ملي وڃن ٿيون. قيمتي ڌاتو پر مٽيءَ ۾ مليل. مان اشارن ۾ ٿو ڳالهايان، منهنجا ڀاءُ! مان جنهن شهر ۾ رهندو هوس، اُن ۾ اهڙا پٺڀرا چارا ته کڻي ڪونه هئا، پر اخلاقي طور ضرور هئا. تون جيڪڏهن، اُتي مون وانگر هجين ها، ته توکي خبر پوي ها ته اِهي شيون ڇا ٿي سگهن ٿيون؟ مون بديءَ کي پيار ٿي ڪيو. مون بدي جي ذلت ۽ خواريءَ سان پيار ٿي ڪيو، مون ظلم ۽ بيداد سان پيار ٿي ڪيو. نه مان منگهڻ هوس نه زهريلو ڪينئون. فقط هڪ ڪرامازوف! هڪ دفعي اسان سير ۽ شوق لاءِ وياسون، يعني اسان جو سڄوئي ٽولو. ڪل برف تي هلندڙ ست گاڏيون (SLEDGES) هيون. سيارو هو. مون اونداهيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي هٿ کي زور ڏيڻ شروع ڪيو ۽ اُن کي مجبور ڪيم ته هوءَ مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي. هوءَ هڪ آفيسر جي ڌيءُ هئي. حسين، مٺڙي ۽ سٻاجهي. هن اُن تاريڪيءَ ۾ مون کي گهڻي ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن مسڪين اِيئن سمجهيو، ته مان ٻئي ڏينهن وٽس وڃي شاديءَ جي آڇ ڪندس (ڇاڪاڻ ته مون کي چڱو مڙس به سمجهيو ٿي ويو)، پر مون کيس پنجن مهينن ۾ هڪ لفظ به نه چيو. مون هن کي ڪنهن ڪنڊ ۾ رقص ڪندي ڏٺو ٿي (اسان وٽ هميشه رقص جون محفلون ٿينديون هيون) ۽ سندس اکيون سدائين مون کي نهارينديون ٿي رهيون. مان ڏسندو هوس، ته اُهي اکيون ڪيئن نه ڪنهن باهه جيان چمڪنديون رهنديون هيون - شفقت ڀريل نفرت واري باهه. هيءَ سڄي راند، جيت جو نفساني سـُـرور هو، جنهن کي مون پنهنجي روح ۾ پئي ٿي پاليو. پنج مهينا پوءِ، هن جي هڪ آفيسر سان شادي ٿي وئي ۽ شهر ڇڏي وئي. هوءَ اَڃا تائين مون تي ڪاوڙيل آهي ۽ شايد اَڃا تائين مون سان پيار ڪري ٿي. هـُـو هاڻي خوشي جي زندگي گذاريندا ٿا رهن. خيال ڪر ته مون اِها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪئي نه وري ڪالاف هنئين. مان هيٺاهين خواهشن سان ڀريل آهيان ۽ ڪـُـڌي محبت جو شائق آهيان، پر مان بي عزت نه آهيان. پرتون لـڄ کان ڇوڳاڙهو ٿي ويو آهين؟ تنهنجون اکيون پيون ٿيون ٻرن. تنهنجي لاءِ اِها گندگي ڪافي آهي، پر هيءُ گهڻو ته نه آهي. رستي ويندي جون ڳالهيون. ننڍڙا داستان، جنهن کي ڪنهن فرينچ لکيو آهي. جيتوڻيڪ ظالم ڪينئون اڳ ۾ ئي منهنجي روح ۾ مضبوطيءَ سان اُسري چـُـڪو آهي. ڀاءُ، مون وٽ يادگيرين جو هڪ مڪمل ڪتاب آهي. خدا هنن تي رحم ڪري پيارا. مون هنن کان بنا ڪنهن جهيڙي ۽ جهڳڙي جي جدا ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان اُنهن کي ڇڏي نه سگهيس. مون اُنهن مان ڪنهن کي به دوکو نه ڏنو. ايئن نه سمجهه ته ڪو مان توکي هت اِهي واهيات ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ وٺي آيو آهيان. مان هاڻي توکي ڪي وڌيڪ عجيب ڳالهيون ٿو ٻڌايان ۽ ان تي به عجب نه کاءُ ته انهن ڳالهين ٻڌائيندي مان نه خوش ٿيندس ۽ نه شرمندو.“
”تون اِهو اِنڪري ٿو چوين، ته مون کي ٻڌندي لـڄ ٿي اَچي.“ اوچتو اليوشا چيو ”پر مون کي ته جو ڪجهه تو چيو ٿي يا ڪيو اَٿئي، ٻڌندي ڪوبه شرم نه ٿي آيو. مون کي لـڄ انڪري ٿي اَچي، ته مان به اُهو ئي ساڳيو آهيان، جو تون آهين.“
”تون....؟ اِهو ته سچ پچ وڌاءُ آهي.“
”نه ڪو اِهو ڪو وڌاءُ آهي.....!“ اليوشا جوش ۾ ايندي چيو. (ظاهري طرح اِهو ڪو نئون خيال نه هو.) ”مان هيٺئين ڏاڪي تي آهيان ۽ تون مٿڀرو آهين. تيرهن ڏاڪن تي پهچي ويو آهين، مان ته ايئن ٿو سمجهان. پر آهي مڙيوئي ساڳي ڳالهه. بلڪل ساڳيو ئي حال آهي. جيڪو هيٺئين ڏاڪي تي آهي، اُهو لازمي مٿي ئي چڙهندو. يعني جو ڪـُـني ۾ آهي، اُهو ئي پاٽ ۾ پوندو.“
”تـَـنهن جي معنيٰ ٿي ته ڪوبه اُن ڏاڪي تي قدم نه رکي.“
”جيڪڏهن ڪو اِيئن ڪري سگهي ٿو، ته چڱو ٿيندو.“
”پر تون ايئن ڪري سگهين ٿو؟“
”مان سمجهان ٿو ته نه.“
”ماٺ اليوشا، ماٺ پيارا! مان جيڪر تنهنجي هٿ کي چمي ڏيان. تو مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي. هـُـن بدمعاش گروشينڪا جي اک هميشه ماڻهن تي رهي ٿي. هڪ دفعي مون کي چيائين، ته هوءَ توکي، هڪ ڏينهن ڳڙڪائي ويندي. مون کي اُن جو افسوس آهي. هن عفونت ۽ گندگي مان، جنهن تي مکين جو ميڙاڪو آهي، اَچ ته مان توکي پنهنجي الميه ڏي وٺي هلان، جنهن تي پڻ مکيون ويٺيون آهن، جو پڻ سڀ ڪنهن طرح نيچ پڻي جو هڪ قسم آهي. هن پوڙهي جيتوڻيڪ معصوم ڇوڪرين کي هرکائڻ بابت منهنجي لاءِ غلط ڳالهيون هـُـلايون آهن پر منهنجي المناڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه اِن قسم جي حقيقت به آهي. اِهو جيتوڻيڪ پهريون دفعو ئي ٿيو ۽ وري ٿيو ئي ڪونه. اِن پوڙهي مون کي، اُن ڳالهه جو طعنو ڏنو، جا ڪڏهن ٿي ئي ڪانه آهي. کيس اُن حقيقت جي خبر ئي ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته مون اُن بابت ڪنهن سان ذڪر ئي نه ڪيو آهي. ايون کان پوءِ تون ئي اُهو اَڪيلو ماڻهو آهين، جنهن سان اِها ڳالهه ڪريان ٿو. ايون کي هرڪا خبر آهي. هن کي تو کان گهڻو اڳي هن حقيقت جي ڄاڻ آهي پر هـُـو قبر وانگر خاموش آهي.“
”ايون خاموش جهڙي قبر؟“
”هائو!“
اليوشا، کيس بلڪل ڌيان سان ٻڌي رهيو هو.
”مان هڪ لائين ريجيمينٽ ۽ ليفٽيننٽ هوس. اُتي منهنجي مٿان هڪ ڏوهاري وانگر نظر ٿي ڪئي وئي، پر اُن ننڍڙي شهر ۾ جتي اسان مقرر ٿيا هئاسون، منهنجو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. مون اُتي پاڻيءَ جيان پيسو هاريو ۽ مون کي دولتمند ٿي خيال ڪيو ويو. مون پاڻ به ايئن ٿي سمجهيو. منهنجو ڪرنل، جو پوڙهو هو، اُن کي ٻه زالون هيون، جي ٻئي مري ويون هيون. هن جي پهرئين زال جيڪا غريب خاندان مان هئي، سا هڪ ڌيءَ پوئتي ڇڏي وئي هئي، جا پڻ پنهنجي ماءُ وانگر سادي سـِـڌي هئي. هوءَ چوويهن سالن جي هئي. مان جڏهن اُتي هئس، تڏهن هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ، ماسيءَ سان گڏ رهندي هئي. ماسي سادي ۽ اَڻ پڙهيل هئي پر ڀاڻيجي سادي هئڻ سبب به چست ۽ چالاڪ هئي. مان ماڻهن جي متعلق چڱيون ڳالهيون ڪرڻ پسند ڪندو آهيان. مون کي کانئس وڌيڪ وڻندڙ اخلاق واري عورت ٻي ڪانه سـُـجهي ۽ نه مان وري اِهڙو ڪو خيال ڪري سگهان ٿو. سندس نالو ايگفيا ايونونا هو. هوءَ ڏسڻ ۾ بڇڙي به ڪانه آهي. هوءَ بلڪل روسي نمونو هئي. قد آور، جانٺي، ڏٽي مٽي ۽ ڊولائتي. سندس اکيون سهڻيون هيون، پر شڪل البت کـُـهري هئس. هـُـن اَڃا شادي ڪانه ڪئي هئي، جيتوڻيڪ سندس ٻانهن گهرندڙ ٻه ماڻهو موجود هئا. هـُـن ٻنهي کي انڪار ڪيو هو، پر تنهن هوندي به اڳي وانگر خوش هئي. مان ساڻس ڪافي گهرو هوس، ڪنهن به ٻئي نموني نه رڳو پاڪ ۽ صاف دوستي هئي. مان اڪثر بي خبريءَ ۾ عورتن سان بي تڪلف ٿي ويندو آهيان. مان ساڻس نهايت صاف دليءَ سان ڳالهائيندو هوس ۽ هوءَ فقط کلندي رهندي هئي. پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هوءَ ۽ سندس ماسي ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان رهنديون هيون، جو ايئن لڳندو هو، ته هو ٻئي اُن تي مطمئن آهن. ان ڪري پاڻ کي ٻين جي سطح تي نه آڻي سگهنديون آهن.
پوڙهو ڪرنل، البت ٻئي قسم جو ماڻهو هو. هـُـو ضلعي جي مکيه ماڻهن مان هڪڙو هو. سندس گهر سڀني جي لاءِ هميشه کليل رهندو هو. هـُـو سڄي شهر جي مهماني ڪندو هو، کين ماني ۽ ناچ سان وندرائيندو هو. مان جڏهن آيس ۽ فوج ۾ داخل ٿيس، تڏهن سڄي شهر ۾ ڪرنل جي ٻيءَ ڌيءَ جي آمد جو، جا بيحد خوبصورت هئي، چرچو هو. هـُـن تازو ماسڪو جي هڪ فيشن ايبل اسڪول ۾ تعليم پوري ڪئي هئي - هيءَ ڪيٽرينا ايونونا هئي، جا سندس ٻي زال مان هئي. سندس ٻي زال هڪ ممتاز جنرل جي گهراڻي مان هئي پر اُن هوندي، جيئن مون کي چڱيءَ ريت معلوم آهي، هـُـن به پاڻ سان ڪرنل جي لاءِ ڪوبه پيسو ڪونه آندو هو. هن جا فقط ڪرنل سان تعلقات هئا ۽ بس. ڪجهه حاصلات جي شايد اُميد به هئي پر مليو ڪجهه به نه.
هوءَ نوجوان خاتون جڏهن اسڪول کان هت گهمڻ آئي ته سڄي شهر ۾ ڄڻ زندگيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. اسان جون نهايت معزز خواتين - جن ۾ ٻه سفيرن جون زالون ۽ هڪ ڪرنل جي زال هئي - تن سندس عزت افزائيءَ لاءِ سندس مان ۾ دعوتون ڏنيون. هنن جي طرفان ڏنل دعوتن کي ڏسي، ٻين عورتن به اهو سلسلو شروع ڪيو. هيءَ حسينا رقص جي مجلسن ۽ ٻين تفريحي محفلن جي ڄڻ ته جان هئي. هنن هڪ غريب ۽ مفلس ماسترياڻيءَ جي مدد لاءِ خاموش نظاري واري زنده تصوير جو ڊرامو به ڪيو. مان اڳي وانگر اُن کان الڳ ۽ لاپرواهه رهيس. اُن وقت مان هڪ اهڙو ڪارنامو ڪري چـُـڪو هوس، جو منهنجو نالو شهر وارن جي زبان تي هو.
هڪڙي ڏينهن شام جو جڏهن اسان ڪمانڊر جي توب خاني ۾ دعوت جي لاءِ ڪٺا ٿيا هئاسون ته محسوس ڪيم ته هوءَ مون ڏانهن نهاري رهي هئي، پر مان هن ڏانهن ڪونه ويس. ڄڻ ته مون سندس دلچسپيءَ کي نفرت سان ٿي ڏٺو. پر ٻئي ڀيري جنهن کي گهڻو وقت نه گذريو هو، هڪ شام جو دعوت تي مون ڏانهس وڌي وڃي ڳالهايو. هـُـن مون ڏانهن مس مس نهاريو ۽ حقارت آميز اَنداز ۾ پنهنجي چپن کي کڻي دٻايو. ’ٿورو ترس مان پنهنجو بدلو پاڻهي تو کان وٺندس‘ مون دل ۾ چيو. مان اُن وقت، ڪيترن ئي موقعن تي بيوقوفيءَ واري ۽ بيهودي هلت اختيار ڪئي، جنهن جو مون کي احساس هو. ان کان گهڻي خراب ڳالهه اها هئي، ته ڪئٽرينا ڪا معمولي معصوم اسڪولي ڇوڪري نه هئي، پر هوءَ بلند ڪردار واري مغرور ۽ بااُصول نينگري هئي. اُن کانسواءِ پڙهيل ڪڙهيل ۽ ذهين به هئي ۽ مان ٻنهي خوبين کان محروم هوس. تون سمجهين ٿو ته مون کيس شاديءَ لاءِ آڇ ڪرڻ ٿي گهري؟ نه، نه مون ته رڳو کانئس پنهنجو بدلو وٺڻ ٿي گهريو. ڇو ته مون جهڙي هيري جي اهميت کي هن محسوس ئي نه ٿي ڪيو.
اُن وچ ۾ مان پنهنجو وقت شراب ۽ عيش عشرت ۾ گذاريندو رهيس. ايستائين جو ليفقيٌننٽ ڪرنل مون کي ٽن ڏينهن لاءِ قيد به ڪري رکيو. بلڪل اُن وقت منهنجي پيءُ مون ڏانهن ڇهه هزار روبل ڏياري موڪليا، جي منهنجي دستاويز موجب هئا، جنهن ۾ مون پنهنجي دعوا تان هٿ کنيو هو، اِيئن حساب ڪتاب صاف ڪندي، هن مون ڏانهن لکي موڪليو، ته مان وڌيڪ پئسي جي منجهس ڪابه اُميد نه رکان. مان اُن وقت، سندس هڪ حرف به نه سمجهيو هو، جيستائين مان هت نه آيو هوس. اليوشا ٿورا ڏينهن اڳ ۾، ۽ اَڃا به، پنهنجي پيءُ سان پنهنجي پئسي جي معاملي جو ڪوبه حساب ڪتاب سمجهي نه سگهيو آهيان. خير اِها ڪا اِهڙي ڳالهه ڪانه آهي، اسان هن تي پوءِ ڳالهائينداسون.
مون کي جيئن ئي پيسا مليا، ته مون وٽ هڪ دوست جو خط اَچي پهتو. خط ۾ هڪ اِهڙي ڳالهه لکيل هئي، جنهن منهنجي دلچسپيءَ کي بيحد وڌايو. مون ٻـُـڌو هو ته حڪومت ليفٽيننٽ ڪرنل کان ناراض ٿي پئي هئي. مٿس ڪن بي قاعدگين ڪرڻ جو شڪ ٿي ڪيو ويو. سندس دشمن حقيقت ۾، هن لاءِ هڪ ناگهاني بـَـلا جو ڄار وڇائي رهيا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ ڊويزن جو ڪمانڊر آيو ۽ هـُـن اَچي اُن ناخوشگوار واقعي ۽ جهڳڙي کي ختم ڪيو. ستت ئي پوءِ هن کي رٽائر ڪرايو ويو. مان توکي اِهو ڪونه ٻڌائيندس ته اِهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ اِها پڪ آهي، ته هن جا گهڻائي دشمن ٿيا. هن واقعي کانپوءِ، اوچتوئي سڄي شهر ۾، هن ۽ سندس خاندان ڏانهن هڪ نمايان غير دلچسپي جو اظهار ٿيڻ لڳو. سندس سمورا دوست کانئس منهن موڙي ويا. مون پوءِ پهريون قدم کنيو، مان آگافيا ايونونا سان مليس، جنهن سان مون هميشه دوستي پئي رکي. مون کيس چيو ته توکي خبر آهي ته تنهنجي پيءُ جي حساب ڪتاب ۾ سرڪاري رقم جي 4500 روبل جي کوٽ ٿي پئي آهي؟“
”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ تون اِهو ڪيئن ٿو چوين؟ ٿورا ڏينهن ٿيا ته جنرل هتي هيو، ته اُن وقت ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هو.“
”اُن وقت اِيئن هيو، پر هاڻي اِيئن نه آهي.“
هوءَ بيحد ڊڄي وئي.
”مون کي ڊيڄارين ڇو ٿو؟“ هن چيو ”پر توکي اِهو چيو ڪنهن آهي؟“
”تون پريشان نه ٿيءُ.“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو، ”مان ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس. توکي ته اِها خبر آهي ته مان اِهڙو خاموش آهيان جهڙي قبر! مون رڳو ايترو ٿي چاهيو ته اُن حالت ۾ جڏهن تنهنجي پيءُ کان اُن رقم جي گهر ٿيندي ۽ هـُـو اُن کي ڏئي نه سگهندو، ته مٿس مقدمو هلائي، کانئس فوج ۽ عام سپاهيءَ جهڙو ڪم ورتو ويندو. وڏيءَ عمر ۾ اِها ڳالهه هن لاءِ البت ڏکي ٿي پوندي. مگر جيڪڏهن تون پسند ڪرين ته هـُـن نوجوان عورت کي لـِـڪَ ڇپ ۾ مون ڏانهن موڪلي ڏي. مون وٽ ايترا پيسا آهن، جي کيس ڏئي سگهندس. مان هن کي چار هزار روبل ڏيندس ۽ اِهو راز ايمانداريءَ سان پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندس. پر جي تون اِهو پسند ڪرين؟“
”تون ته ڪو بدمعاش آهين!“ هن مون کي چيو، ”بدڪار، بڇڙا، بدمعاش پر توکي هن چوڻ جي همٿ ئي ڪيئن ٿي؟“
هوءَ بيحد غضبناڪ ٿي هلي وئي ۽ مان کيس پٺيان هڪ ڀيرو وري به رڙ ڪري چيو ته، ”اِهو راز هڪ مقدس اَمانت وانگر سانڍيو پيو وڃي.“ مون کي ايتري چوڻ ۾ ڪوبه حجاب ڪونه ٿو ٿئي، ته هو ٻئي ساده لوح آگافيا ۽ سندس ماسي، هن پوري معاملي ۾ فرشتن جهڙي روش، روا رکي، هـُـو سچ پچ ڪٽيا کي ڀائينديون هيون، کيس پاڻ کان مٿڀرو ئي سمجهنديون هيون ۽ سندس اڳيان ٻانهين وانگر ٿي رهنديون هيون. مگر آگافيا کيس اسان جي گفتگوءَ کان آگاهه ڪيو هو. مون کي بعد ۾ اُن جي خبر پئي. هوءَ ڳالهه لڪائي نه سگهي ۽ مون به ته اِهوئي ٿي چاهيو.
هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، هڪ ٻيو ميجر آيو ۽ اَچي فوج جي قيادت سنڀاليائين. پوڙهو ليفٽيننٽ ڪرنل هڪدم بيمار ٿي پيو ۽ ٻه ڏينهن ساندهه پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهيو. سرڪاري پيسو اُنڪري وٽس رهجي ويو. اسان جو ليفٽيننٽ ڪرنل هاڻي گهر ۾ بند ٿي ويو. سندس مٿي جي چوڌاري ٽوال ويڙهيل هو ۽ اُن تي هـُـو ٽيئي برف رکڻ ۾ مصروف هيون. اُن وچ ۾ هڪ ڏينهن هڪ اردلي اُن موقعي تي پهچي ويو. هن وٽ هڪ ڪتاب هو، جنهن ۾ حڪم لکيل هو ته ’فوج جي رقم هڪدم ٻن ڪلاڪن جي اندر پيش ڪئي وڃي.‘ هـُـن اُن ڪتاب تي صحيح ڪئي، (مون پوءِ اُن ڪتاب تي، اُها صحيح ڏٺي هئي) ۽ هـُـو اُٿي کڙو ٿيو، چيائين ته مان فوجي وردي پهرڻ ٿو وڃان. هـُـو تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن ويو. ڊبل بيريل بندوق ۾ فوجي گولي ڀريائين ۽ پير جي آڱوٺي سان بندوق جي گهوڙي کي ڳولڻ لڳو، پر آگافيا کي اُن وقت منهنجي ڳالهه ياد اَچي وئي، تنهن کي شڪ جاڳيو. هـُـن اُٿي وڃي ڪمري ۾ نهاريو. هـُـن به اِهو عمل بنهه اُن وقت ئي ٿي ڪيو. هوءَ تڪڙي اندر گهڙي وئي ۽ پنهنجي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ کڻي کيس پختو جهليائين. بندوق مان ڌماڪي جهڙو آواز نڪتو ۽ گولي وڃي ڇت کي لڳي ۽ نقصان ڪنهن کي به ڪونه پهتو. بندوق جي آواز تي ٻيا به ڊوڙندا آيا ۽ اَچي پوڙهي کي ٻانهن کان ورتائون. هيءُ سڀ ڪجهه مون کي بعد ۾ معلوم ٿيو.
مان گهر ۾ موجود هوس. شام جي اونداهي ڇانئجي رَهي هئي ۽ مان ٺهي ٺڪي، ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هوس. مان ڪپڙا پائي چـُـڪو هوس. وارن کي ڦڻي به ڏني هئم، رومال تي عطر به هاريو هئم ۽ پنهنجي ٽوپي به هٿ ۾ کنئي هئم، جو اوچتو دروازو کـُـليو ۽ ڪمري ۾ منهنجي سامهون ڪيٽرينا ايونونا بيٺي هئي.
اِهو اتفاق آهي، جو ڪڏهن نه ڏٺو هو، شهر ۾ اُنڪري کيس ڪوبه نه سڃاڻندو هو. مون وٽ اُن زماني ۾ ٻه ضعيف پوڙهيون عورتون رهنديون هيون، جي منهنجي سنڀال ڪنديون هيون. هـُـو نهايت شفيق پوڙهيون هيون ۽ منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هونديون هيون. منهنجي عرض ڪرڻ تي، اُهي به اِهڙيون خاموش رهيون جيئن ڀتيون. مان حالتن کي هڪدم سمجهي ويس. هوءَ اندر گهڙي آئي ۽ مون ڏانهن سڌوئي سـِـڌو نهارڻ لڳي. هن جون اَٽل ۽ پـَـڪي اِرادي واريون ڪامڻيون اکيون هيون، پر اُنهن مان اَڃا به سرڪشي ٿي بکي، سندس وات جي چوڌاري، چپن جي ليڪن ۾ مون غير يقيني حالت ٿي ڏٺي.
”مون کي ڀيڻ ٻڌايو“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته، ”جيڪڏهن مان تو وٽ اَڪيلي اَچان، ته تون مون کي چار هزار روبل ڏيندين. مان آئي آهيان . .... مون کي هاڻي پيسا ڏئي.“
هـُـن اِهو چيو ته سهي پر پاڻ سنڀالي نه سگهي. هن جو ساهه تڪڙو تڪڙو کڄڻ لڳو. سخت ڊنل ٿي ڏٺي ۽ سندس آواز جهڪو ٿيندو ٿي ويو. سندس وات جون ڪـُـنڊون ۽ چهري جون ليڪون ٿـَـر ٿـَـر ڪنبي رهيون هيون. اِليوشا تون ٻڌين ٿو يا ننڊ اَچي وئي اَٿئي؟“
”مـِـتيا مون کي خبر آهي، ته تون سڀ سچ ٻـُـڌائيندين!“ اليوشا ٿوري چرپر ڪندي چيو.
”مان ته ٻـُـڌايان پيو. منهنجو پهريون خيال، عام ڪرامازوف جهڙو هو. هڪ دفعي ڪنهن زهريلي جيت مون کي چـَـڪ پاتو هو، ته مان ساندهه ٻه هفتا بخار ۾ مبتلا هوس. مون اُن وقت، هڪ اِهڙي ئي جيت کي، پنهنجيءَ دل ۾ چـَـڪ پائيندي ڏٺو، پر هيءُ اخلاق کي بگاڙيندڙ جيت هو. تو سمجهو، مان کيس ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺو. تو هن کي ڏٺو آهي. هوءَ سونهن آهي! مگر اُن وقت هوءَ ڪجهه وڌيڪ ٿي حسين لڳي. اُن گهڙيءَ هوءَ خوبصورت اِنڪري ٿي لڳي، جو هوءَ عظيم ۽ شاندار هئي ۽ مان بدمعاش. اُنڪري ئي منجهس شان ۽ جلال هو ۽ پنهنجي پيءُ لاءِ، قربانيءَ جو نيڪ جذبو. مان هڪ ننڍڙو جيت! مان جو اُن وقت بدمعاش هوس، سندس روح ۽ جسم منهنجي رحم ۽ ڪرم تي هو. هوءَ منهنجي مـُـٺِ ۾ اِيئن هئي، جيئن ڪپڙو، ڪناريءَ جي جهالر ۾ هوندو آهي! مان توکي سچ ٿو ٻڌايان، ته اُن تلخ خيال، منهنجي دل تي بيحد قبضو ڪري ورتو هو ۽ مان غشيءَ جي حد تائين اُميد ۽ خوف جي حالت ۾ هوس. اُن وقت اِيئن ٿي نظر آيو، ته اُن جذبي سان ڪو به مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي، ڄڻ ته مون کي رت چوسيندڙ جيت وانگر عمل ڪرڻو آهي. بلڪ اُن زهريلي جيت جيان، جنهن ۾ رحم جي معمولي چڻنگ به نه هوندي آهي. منهنجو ڏاڍو مشڪل سان ساهه ٿي کڄيو. مان اِيئن ٿي سمجهيو، ته ٻي ڏينهن وڃي کيس شاديءَ جو پيغام ڏيندس ۽ اِهو سڀ ڪجهه شانائتي نموني ختم ٿي ويندو ۽ ڪنهن کي به ڪنين ڀـُـڻڪ نه پوندي.
مان جيتوڻيڪ خود غرض هوس، پر انسان ته هوس. ساڳي وقت ايماندار به آهيان. ٻي گهڙيءَ منهنجي ڪـَـنَ ۾ ڀـُـڻڪو آيو، ته سڀاڻي جڏهن مان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندس ته اِها ڇوڪري مون کي ڏسڻ به گوارا ڪندي يا نه؟ شايد هوءَ پنهنجي ڪوچبان کي حڪم ڏئي، ته هـُـو مون کي لتون هڻي اُتان ٻاهر ڪڍي ڇڏي. شايد اِيئن به چوي ته ”وڃي سڄي شهر ۾ هن ڳالهه جو ڍنڍورو ڏي، ته مان توکان ڪونه ٿي ڊڄان.“ مون نوجوان عورت ڏانهن نهاريو. منهنجي ضمير جي آواز مون کي دوکو ڪونه ٿي ڏنو. هن ۾ شڪ به نه هو. مون سمجهيو ٿي ته اِيئن ئي ٿيندو. مان سندس چهري مان اِهو چڱيءَ ريت محسوس ٿي ڪيو، ته مان سندس گهر کان ٻاهر ڌڪيو ويندس. منهنجو بغض ۽ ڪينو جاڳي پيو. مون چاهيو ته ساڻس هڪ ڪميڻي شخص وانگر بي غيرتيءَ سان ڀريل غليظ حرڪت ڪريان. مٿس حقارت آميز ٽهڪ ڏيان ۽ اُن جڳهه تي، جتي هوءَ منهنجي سامهون بيٺي هئي، ساڻس هڪ اِهڙي آواز ۽ انداز سان ڳالهايان، جو هڪ عام دڪاندار ئي ڳالهائي سگهي ٿو.
”چار هزار روبل”، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ مون ته رڳو مذاق ٿي ڪيو. محترما تو پنهنجي ايتري گهڻي قيمت ڪيئن ٿي سمجهي؟ چار هزار روبل ڪا ٿوري رقم ته نه آهي، جا هن نموني بيهودگيءَ سان کڏ ۾ اُڇلائي ڇڏيان. ٻه سـَـؤ ته مان توکي دل ۽ جان سان ڏئي سگهان ٿو. تو ته پاڻ کي ڪنهن به منشا ۽ مراد لاءِ باقي نه رکيو آهي. مان شايد کٽيل راند هارائي ويهان ها. هوءَ شايد هلي به وڃي ها. پر اِهو بدلو ناشانائتو ٿي پوي ها. هوءَ اُن جي لائق به هجي ها، مگر مان هن حرڪت تي سڄي عمر افسوس ڪندو رهان ها. تون اعتبار ڪندين، مان ڪڏهن به هن کان اڳ ڪنهن عورت لاءِ ايترو شديد نفرت جو جذبو محسوس نه ڪيو هو، جيترو مان اُن وقت هن لاءِ محسوس ٿي ڪيو. مان سچ ٿو چوان ته جيترو وقت - ٽي يا پنج منٽ - برابر اُن ڏانهن نهاريندو رهيس، تنهن ۾ بيحد نفرت هئي، پر اُها نفرت، جا وار جي وٿيءَ جيتري فاصلي تي هوندي آهي ۽ پوءِ شديد محبت!!
مان دريءَ ڏانهن وڌي ويس ۽ هڪ طاق جي يخ ٿڌي شيشي تي وڃي پنهنجي پيشاني رکيم. مون کي ياد آهي، ته اُن برف جهڙي شيشي، منهنجي پيشاني کي، جلائي ڇڏيو. تون اِهو ڊپ نه ڪر ته مان کيس ڪو گهڻو وقت ترسايو. مان پاسو ڦيرائي ميز ڏانهن ويس، اُن جو خانو کوليم ۽ پنجن هزارن جو بئنڪ نوٽ، (جو فرينچ ڊڪشنريءَ ۾ پيو هو) کنيم - پوءِ مون خاموشيءَ سان کيس ڏيکاريو، اُن کي تهه ڪري، سندس حوالي ڪيم. رستي وارو دروازو کوليم، هڪ قدم پٺتي هٽي، بيحد احترام سان سندس اڳيان جـُـهڪيس. اُهو نهايت اَثر وارو نظارو هو. تون يقين ڪر، هوءَ سڄي لرزي وئي. هڪ منٽ لاءِ، مون ڏانهن نهاريائين. ڊپ جي حد تائين پيلي ٿي وئي - اِهڙي سفيد، جهڙي چادر - پوءِ هڪدم ڪنهن جذباتي اَثر کانسواءِ پرشائستگيءَ ۽ آهستگيءَ سان، منهنجي پيرن تي نـِـوِڙي پئي. سندس اِهو انداز، ڪنهن به اسڪولي خوش خـُـلق ڇوڪريءَ جهڙو نه هو پر روسي جهڪڻ جو نمونو هو. ايتري قدر جو سندس پيشاني وڃي زمين سان لڳي. هوءَ پوءِ ٽپ ڏئي اُٿي ۽ تڪڙي تڪڙي ٻاهر نڪري وئي. اُن وقت تلوار مون سان گڏ هئي.
مون جڏهن اُن کي ٻاهر ڪڍيو، ته اُن جاءِ تي پاڻ کي زخمي ڪرڻ جو اِرادو ڪيم - ڇو؟ اُن جي مون کي ڪابه خبر نه آهي. اِها جيتوڻيڪ هڪ خوفناڪ ناداني هئي پر ڀانئيان ٿو ته اِهو خوشيءَ کان ئي هو. تون سمجهي سگهين ٿو، ته شايد ڪو پاڻ کي خوشيءَ وچان به ماري سگهي ٿو!؟ مان پاڻ کي زخمي ڪونه ڪيو. جيتوڻيڪ ايتري ٻـُـڌائڻ جي به ضرورت ڪانه هئي. مان پنهنجي تلوار کي چـُـمي ڏني ۽ پوءِ موٽائي، اُن کي پنهنجي مياڻ ۾ وڌم.
اِها منهنجي اندرين ڪشمڪش هئي، جنهن سان توکي ٻـُـڌائڻ ۾ فخر محسوس ٿئي ٿو. مان اُن وقت پاڻ کي بيحد عظيم ۽ بـُـلند ٿي سمجهيو، پر هن حقيقت کي اتي ئي ڇڏ. جهنم ۾ پون اُهي، جي انساني دلين بابت گندو سوچين ٿا. ڪئٽرينا ايونونا سان بس منهنجو ايترو واقعو ٿي گذريو هو. ايون کي اڳ ئي اُن جي خبر آهي ۽ هاڻي توکي - باقي ٻيو ڪير به نه ٿو ڄاڻي.“
دمتري اُٿي بيٺو. جذبي ۽ جوش وچان هڪ ٻه قدم کنيائين. کيسي مان رومال ڪڍي پيشاني اُگهيائين. پوءِ ويهي رهيو. ساڳي جاءِ تي نه، جيئن اڳي ويٺو هو، بلڪ بنهه آمهون سامهون بينچ تي، جيئن اليوشا ڦـِـري، اُن جي منهن ۾ نهاري سگهي.

باب پنجون: جذباتي دل جي قبوليت - (آرامي ٿيڻ)

”هاڻ،“ اليوشا چيو، ”اُن جو پهريون حصو سمجهيو آهي.“
”تو پهريون حصو ته سمجهيو آهي، اِهو حصو ناٽڪ هو، جو اُتي کيڏيو ويو هو، ٻيو حصو غم انگيز آهي، جنهن جي ماجرا هت بيان ڪئي ويندي.“
”مگر، مون ته ٻئي حصي جو اَڃا تائين ڪجهه به نه سمجهيو آهي؟“ اليوشا چيو.
” ۽ مون! تون سمجهين ٿو، ته مان وري ڪو اُهو سمجهيو آهي ڇا؟“
”ٿورو ترس دمتري! هڪ نهايت ضروري سوال آهي. مون کي ٻڌاءِ، ته تنهنجو مڱڻو ٿيو هو؟ تون مڱيل آهين؟“
”اُن واقعي جي ٽن مهينن گذرڻ تائين، اسان پاڻ ۾ ڪو نه مڱيا هئاسون. ٻي ڏينهن مون پاڻ ساکي چيو ته ٺهيو، اِهو معاملو به ختم ٿيو، انجام کي پهتو ۽ هاڻي اُن جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿيندو. هن کي شاديءَ جي دعوت ڏيڻ، مون کي هڪ خراب عمل ٿي لڳو. ٻي طرف ڇهن هفتن تائين، جيڪو عرصو، هوءَ شهر ۾ رهي، ڪو زندگي جو آثار نظر نه ٿي آيو، بهرحال سواءِ هڪ ڳالهه جي. هـُـن جي اَچڻ جي ٻئي ڏينهن، وٽانئس هڪ خادما آئي. جنهن مون کي هڪ لفافو آڻي ڏنو، جو منهنجي نالي تي هو. مون اُن کي ڦاڙي چاڪ ڪيو. اُن ۾ بئنڪ چيڪ جا باقي بچيل پيسا هئا. هن کي رڳو 4500 روبل گهربل هئا، مگر اُن کي مٽائڻ تي، 200 روبل جو گهاٽو پيو هو. هن مون ڏانهن شايد 260 روبل موڪليا هئا. مون کي اُن جي پـَـڪي يادگيري ڪانه آهي، مگر هنن پيسن سان گڏ، ڪوبه خط يا اُن جي وضاحت ڪانه ڪيل هئي. مون لفافي جي، جيڪو پينسل سان لکيل هو، چڱيءَ طرح تلاشي ورتي، پر ڪجهه به نه هو. مان باقي بچيل پيسن کي اِهڙين بدمستين ۽ عياشين ۾ خرچ ڪيو، جو نئين ميجر مجبور ٿي آخر منهنجي ڪـَـنَ مهٽ ڪئي.
”ها! صاحب ته پوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل، فوج جا پيسا پيش ڪيا. سڀني کي بيحد تعجب لڳو. ڇو ته ڪنهن کي به هن ڳالهه تي يقين نه ٿي آيو، ته اها رقم ڪا سلامت هوندي. جيئن ئي هن پيسا ڏنا، ته هـُـو وري بيمار ٿي بستري داخل ٿيو. ٽن هفتن کان پوءِ، کيس دماغي بيماري ٿي پئي. اُن بيماريءَ ۾ پنجن ڏينهن کانپوءِ وفات ڪري ويو. کيس فوجي اعزاز سان دفنايو ويو، ڇو ته اَڃا ايترو وقت نه گذريو هو، جو کيس بي دخل ڪرڻ جو پروانو ملي وڃي. تدفين جي رسم اَدا ڪرڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ، ڪيٽرينا ايونونا، سندس ڀيڻ ۽ ماسي، ماسڪو ڏانهن هليون ويون. هـُـو جنهن ڏينهن هليون ويون، مون نه ته کين ڏٺو ۽ نه وري کين رخصت ڪيو يا موڪلايو. مون کي فقط هڪ مختصر خط مليو، جو هڪ سنهي نيري ڪاغذ تي لکيل هو. اُن تي پينسل سان فقط هڪ ئي سـِـٽَ لکيل هئي - ”مان توکي لکنديس، انتظار ڪجانءِ ....“ بس اِهو ئي سڀ ڪجهه هو.
باقي حصي جي، مان ٻن لفظن ۾ وضاحت ڪريان ٿو. ماسڪو پهچندي ئي، سندن قسمتون، بجليءَ جي تيزيءَ سان بدلجي ويون. بلڪل اِهڙيءَ ريت، جيئن ڪا ’الف ليليٰ‘ جي ڪهاڻي هجي. جنرل جي بيواهه، جا هنن جي رشتيدار هئي، تنهن جون ٻه ڀائٽيون فوت ٿي ويون هيون. اُهي ڇوڪريون بيواهه جون قريبي عزيز هئڻ کانسواءِ، سندس وارث به هيون. هو ٻئي، هڪ ئي هفتي ۾ ماتا جي مرض کان مري ويون هيون. اُن پوڙهيءَ، غم جي شدت کي مٽائڻ لاءِ، ۽ پنهنجي روح کي سڪون ڏيڻ لاءِ، ڪـُـٽيا جو، پنهنجي ڌيءَ وانگر آڌر ڀاءُ ڪيو. هن کيس پنهنجي اُميدن جو آخري سهارو سمجهيو ۽ مضبوطيءَ سان کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو. هن پوءِ پنهنجي وصيت نامي، ڪـُـٽيا جي حق ۾ تبديلي آندي. جنهن تبديليءَ جو آئنده سان تعلق هو. هن وچ ۾ هـُـن کيس في الحال خرچ جي لاءِ، اَسي هزار روبل، شاديءَ جي ڏاج طور ڏنا، ته پنهنجي مرضيءَ موجب، اُنهن کي ڪم آڻي. هوءَ هڪ عجيب سودائي عورت هئي، بعد ۾ مون ماسڪو ۾، کيس ڪجهه اِهڙي ئي نموني ڏٺو.
ها! ته مون کي پوسٽ جي رستي، 4500 روبل اَچي پهتا. مان اهي ڏسي حيران رهجي ويس، جنهن کي تون به سمجهين سگهين ٿو. ٽن ڏينهن کانپوءِ اُهو خط اَچي پهتو، جنهن جو واعدو ڪيل هو. اُهو خط، مون سان هاڻي به گڏ هوندو. اُهو توکي ڏيکاريان؟ تون اُن کي ضرور پڙهي ڏس، جنهن ۾ هن پاڻ کي، منهنجي زال بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. هن پاڻ کي منهنجي حوالي ڪرڻ گهريو آهي. ”مان توسان ديوانگيءَ جي حد تائين محبت ڪريان ٿي، اِن جو فڪر ڪونه آهي، جي تون مون سان محبت نه ٿو ڪرين، پر تون منهنجو مڙس ٿيءُ. ڪوبه ڊپ نه ڪر، مان تنهنجي لاءِ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ڪانه ٿينديس. مان توسان هميشه لاءِ محبت ڪرڻ گهران ٿي ۽ توکي بچائڻ چاهيان ٿي.“ اليوشا، مون وٽ زبان جي اُها شائستگي ڪانه آهي، جو وڻندڙ لفظن ۾ اُن جي عبارت کي دهرايان ۽ پنهنجي بازاري انداز ۾ نه ٻـُـڌايان. مان پنهنجي دائمي گهٽيا طرز کي، جا منهنجي پنهنجي آهي، ڪڏهن به بدلائي نه سگهندس. اِهو خط ته هاڻي به مون کي گهاءَ ٿو وجهي. تون سمجهين ٿو ته مون کي اُن جو رنج ڪونه هوندو - ته مان اُن جو اَڃا خيال نه ڪريان! مون کيس هڪدم اُن خط جي جواب ۾ لکيو، ته ماسڪو ڏانهن اَچڻ، مون لاءِ ممڪن نه آهي. اِهو جواب، مان هن حالت ۾ لکيو، جو منهنجي اکين مان لـُـڙڪن جو سيلاب جاري هو. مون کي هميشـ*، جنهن شيءِ لاءِ شرمساريءَ جو احساس رهندو، اُها، اِهائي هڪ شيءِ آهي. مون سندس دولتمنديءَ ڏانهن اِشارو ڪيو ۽ لکيم، ته تو وٽ گهڻو ئي ڏاج آهي، مان هڪ بيڪس معمولي گدا آهيان. مان دولت جو ذڪر ته ڪيو، مان اُن جذبي کي خاموشيءَ سان برداشت ڪري ٿي سگهيس، پر منهنجو قلم وَهي چڪو هو. مان پوءِ هڪدم ايون کي ڇهن صفحن جو هڪ خط لکيو ۽ کيس اُهو سڀ ڪجهه ٻـُـڌايم جو ٻڌائي سگهيس ٿي ۽ کيس لکيم، ته بي خوف ڪيٽرينا جي ملاقات لاءِ وڃ. تون مون ڏانهن اِيئن ڇو ٿو نهارين؟ تون تعجب مان اکيون ڦاڙي ڇو ٿو ڏسين؟
ايون سندس محبت ۾ گرفتار ٿي پيو ۽ اَڃا به هـُـو، سندس محبت جو دم ڀري ٿو. مون کي اُن جي خبر هئي. دنيا جي نظر ۾ هيءَ منهنجي ناداني هئي، پر ممڪن آهي ته منهنجي هيءَ ساده دلي ۽ بيوقوفي، اسان سڀني کي بچائي وٺي. آهه! تون ڪو نه ٿو ڏسين ته هوءَ ڪيترو نه ايون جو اونو ٿي رکي. ڪيئن نه سندس احترام ٿي ڪري؟ هوءَ جڏهن، اسان سڀني جو مقابلو ٿي ڪري، ته تون سمجهين ٿو، ته خاص طرح مون جهڙي ماڻهوءَ کي هوءَ پسند ڪندي؟ خير اِهو سڀ ڪجهه، هتي اِيئن ئي ٿيو آهي، مگر مون کي هن جو يقين آهي، ته هوءَ توجهڙي ماڻهوءَ کي پيار ڪري ٿي نه هن جهڙي شخص کي. هوءَ پنهنجي حسين سيرت کي پيار ٿي ڪري نه مون کي.“ هي لفظ غير اِرادي طرح دمتري جي واتئون نڪري ويا.هن ٽهڪ ڏنو، مگر هڪ منٽ کانپوءِ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. سندس چهرو قرمزي رنگ جهڙو سرخ ٿي ويو ۽ زور سان ميز تي مـُـڪ هڻي ڪڍيائين.
”مان قسم ٿو کڻان اليوشا!“ هن رڙ ڪئي، جنهن مان سندس حقيقي ڪاوڙ ۽ قلبي شدت جو صاف اظهار ٿي ڏٺو، چوڻ لڳو ”تون ڀل مون تي اعتبار نه ڪر، پر جيئن يسوع مسيح حق آهي ۽ مقدس حقيقت آهي، تـَـنهن جو مان قسم کڻي ٿو چوان، ته جيتوڻيڪ مان هاڻي سندس عظيم دلي تاثرات تي ٽهڪ ڏنو هو، پر مان ڄاڻان ٿو ته مان کانئس لکين ڀيرا وڌيڪ گهٽيا روح آهيان ۽ هن جي اِها عظيم قلبي ڪيفيت، جنت جي فرشتن وانگر، صاف ۽ سچي آهي. اِها به بدبختي آهي، ته مان هن حقيقت کي يقين سان ڄاڻان به ٿو ۽ هيءَ ڪيتري نه حسين بدبختي آهي، جو ماڻهو ڄاڻندي به وڏي آب و تاب سان، اُن سان گڏ ٿو رَهي. مان هيءُ پاڻ ڪونه ڪريان ٿو، اُن هوندي به مون ۾ خلوص آهي ۽ پـُـر خـُـلوص آهيان. مگر ايون، مان چڱيءَ ريت سمجهان ٿو، ته هـُـو، ڪيئن نه هاڻي، فطرت کي پاراتا ڏيندو هوندو - پنهنجي ذهن جي دعويٰ هوندي به - هيءَ ڏسي ته ترجيح ڪنهن کي، ڇا کي ڏني ٿي وڃي؟ اُنهيءَ انسانيت سوز انسان کي، جو سندس مڱيندو آهي، جنهن ۾ سڄي جهان جون اکيون کـُـتل آهن، اُن هوندي به هـُـو پنهنجي بدڪارين کي نه ٿو روڪي. ايتري قدر جو پنهنجي مڱينديءَ جي اکين جي سامهون به نه ٿو مـُـڙي. اِهڙي، مون جهڙي ماڻهوءَ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ هن کي رد ڪيو وڃي ٿو. اِهو ڇو....؟ ڇاڪاڻ ته هڪ ڇوڪري، پنهنجي حياتي ۽ منزل مقصود، فقط شڪر گذاريءَ تي قربان ڪري ٿي. هيءُ عجيب آهي! مان هن جو هڪ لفظ به ايون کي نه ٻـُـڌايو آهي. نه وري ايون هن متعلق ٿوروئي مون کي اشارو ڪيو آهي، مگر مقصد، شائستگي سان حاصل ڪيو ويندو. اُن وقت جڏهن نالائق، هميشه لاءِ، پٺئين رستي تي غائب ٿي ويندو، هڪ بهتر ماڻهو هن ميدان کي قبضي ۾ آڻيندو، سندس ناپاڪ گندي جڳهه، هن جي لاءِ پياري جاءِ هوندي، جتي هـُـو آرام سان هوندو، جتي هـُـو نجاست ۾ غرق ٿي ويندو ۽ پنهنجي مرضيءَ سان لطف ۽ راحت ۾ هوندو. مان بلڪل بيوقوفن وانگر ڳالهائي رهيو آهيان. مون کي لفظن جي ڪابه ساڃاهه ڪانه آهي، مان اُنهن کي سوچڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ ڳالهائي رهيو آهيان، پر اِهو اِيئن ئي ٿيندو، جيئن مان چيو آهي. مان اُن گندي جڳهه ۾ غرق ٿي ويندس ۽ هوءَ ايون سان شادي ڪندي.
”ماٺ ڪر دمتري،“ اليوشا سندس جملي کي وچ ۾ ڪٽيندي اتاولائي مان چيو. ”هڪ ڳالهه رهيل آهي، جا اَڃا تو، صاف نه ڪئي آهي. تون اِنهن ڳالهين جي باوجود، ساڻس مڱيو به آهين، يا نه؟ جيڪڏهن تنهنجي مڱيندي اِيئن نه چاهيندي هجي ته پوءِ تون، اُن مڱڻي کي ڪيئن ٽوڙي سگهندين؟“
”هائو، مڱڻو رواج مطابق ۽ باضابطا سنجيدگيءَ سان ٿيو هو. مان جڏهن ماسڪو پهتو هوس، تڏهن اِها رسم نهايت شاندار ۽ دلڪش نموني اَدا ٿي هئي. جنرل جي زال، اسان کي دعائون ڪيون ۽ تون اعتبار ڪندين؟ هـُـن ڪٽيا کي مبارڪباد ڏئي، چيو هو ته ”تنهنجو انتخاب بهترين آهي.“ هن به چيو ته، ”مان، اِهو بخوبي محسوس ڪريان ٿي.“ توکي هن تي به اعتبار ايندو ته هـُـن ايون کي پسند ڪونه ٿي ڪيو ۽ بي رخيءَ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيائين.
ماسڪو ۾ ڪـُـٽيا سان ڏاڍيون ڳالهيون ٿيون. مون کيس پنهنجي بابت سڀ ڪجهه ٻـُـڌايو. نهايت خلوص، شرافت ۽ صداقت سان. هن به سڀ ڪجهه ڪـَـن ڏئي ٻڌو.
اُتي هڪ شيرين ۽ دل کي ڇهندڙ اُلـجهن هئي،
اُتي نرم ۽ نازڪ لفظ هئا.
اُن هوندي، ڪي فخر ڀريا لفظ به هئا. هـُـن مون کان هڪ سخت واعدو به ورتو ته مان پنهنجي اصلاح ڪندس. مون نڀائڻ جو واعدو به ڪيو، پر هت -”
”هت ڇا؟“
”ڇو؟ مان توکي سڏي، ڇا لاءِ اڄ هتي آندو آهي. اڄ جو اڄ، ۽ ياد رک - مان توکي اڄ ڪيٽرينا ايونونا ڏانهن موڪلڻ گهران ٿو، ۽ -”
”ڇا؟“
”ته کيس وڃي ٻـُـڌاءِ ته وري ساڻس ملڻ ڪونه ايندس. هي به چوينس، ته هـُـو توکي سلام ٿو ڏئي.“
”پر اِهو ممڪن آهي؟“
”اِهوئي ته سبب آهي، جو مان توکي پنهنجي بدران اوڏانهن موڪلي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته اِهو ناممڪن آهي، ته مان پاڻ کيس اِيئن چئي سگهان.“

”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
”اُن گنديءَ جڳهه ڏانهن“
”گروشينڪا ڏانهن؟“ اليوشا هٿن کي مهٽيندي، ڏک ڀرئي آواز ۾ چيو: ”ڇا ريڪٽن تڏهن اِهو سڀ ڪجهه سچ ٿي چيو؟ مون سمجهيو هو، ته تون ساڻس محض ملڻ جي خاطر ويو هئين ۽ بس!“
”هڪ مڱيل، ڇا اِيئن وڃي سگهي ٿو؟ ڇا اِها ڳالهه ممڪن آهي؟ مڱڻي هوندي ۽ سڄي جهان جي نگاهن جي سامهون؟ پريشان نه ٿيءُ. مون کي پنهنجي عزت آهي. جيئن ئي مان گروشينڪا ڏي اَچڻ وڃڻ شروع ڪيو، ته ڄڻ مان مڱڻو ترڪ ڪري چـُـڪس ۽ وڌيڪ ايماندار ماڻهو نه رهيس. مان ڄاڻان ٿو، پر تون مون ڏانهن اِيئن نهارين ڇو ٿو؟ مان پهريائين کيس ٿڦون هڻڻ جي خيال کان ويو هوس. مون ٻـُـڌو هو ۽ مون کي هاڻي اُن جي خبر آهي ۽ هيءَ حقيقت به آهي ته ڪئپٽن جو منهنجي پيءُ جو ايجنٽ هو، تنهن گروشينڪا کي منهنجي قرض جو چـِـٺو، اِن خاطر ڏنو هو، ته مون تي دعويٰ ڪري، مون کي هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي. هنن مون کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو ۽ مان هـُـن کي ڏنڊو هڻڻ ويو هوس.
مون اڳ، سندس هڪ جهلڪ ڏٺي هئي. پهرئين نگاهه ۾ هوءَ ڪنهن کي به موهي نه ٿي سگهي. مان هڪ پوڙهي واپاريءَ سان سندس تعلقات بابت ٻـُـڌو هو. هـُـو هاڻي اَڌ رنگ (فالـج) جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي. پر جيئن ٻـُـڌو اٿم، هـُـو، هـِـن لاءِ، هڪ معقول رقم ڇڏي ويندو. مون کي اِها به خبر هئي ته هوءَ پيسي جي بـُـکي آهي ۽ پاڻ وٽ چڱي رقم جمع ڪري، عجيب فريب سان وياج تي ڏئي ٿي. هوءَ بي رحم، دغا باز ۽ فريبي آهي. مان کيس مارڻ لاءِ ويو هوس، پر اُتي ترسي پيس، جو طوفان اَچي ويو، جنهن مون کي عذاب اِلاهيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. مان اَڃا اُن خدائي عذاب ۾ گرفتار آهيان ۽ شايد سڄي ڄمار، اُن کان ڇوٽڪارو ملي نه سگهي. منهنجي هن درد جو ڪوبه درمان نه آهي. هاڻي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي چـُـڪو آهي، حياتيءَ جو چڪر پڄاڻيءَ تي پهچي چـُـڪو آهي، منهنجي بس اِها ئي ڪهاڻي آهي!
مان هاڻي جيتوڻيڪ فقير آهيان، جيئن منهنجي قسمت هئي، مگر اُن وقت منهنجي کيسي ۾، ٽي هزار روبل هئا. مان گروشينڪا کي وٺي، هتان پنجويهه ميلن جي پنڌ تي موڪرويا ڏانهن ويس. مون اُتي ڪيترائي خانه بدوش ڏٺا. مون کين رقص جي دعوت ڏني ۽ شراب پياري مست ڪيو. اُنهن ۾ عورتون به هيون ۽ نوجوان ڇوڪريون به. ٽن ڏينهن جي اندر مون وٽ جو ڪجهه به هو، سو ختم ٿي ويو ۽ مان پڌرو ٿي پيس. مگر هيرو؟ هيري پنهنجي اصلي مقصد کي حاصل ڪيو هوندو؟ هن جي طرفان ته اُن جو ڪوبه اِشارو نه هو. مان توکي ٻـُـڌايان ٿو ته اُن بدمعاش گروشينڪا جي جسم تي، لچڪدار گهنج آهن. تون اُهي سندس ننڍڙي پير، بلڪه کـُـڙيءَ ۾ به ڏسي سگهين ٿو. مون اُهي رڳو ڏٺا نه پر اُنهن کي چـُـميو به. تون باور ڪر ته اُهو سڀ ڪجهه ٿيو. هن چيو ته، ”تون جي پسند ڪرين، ته مان تو سان شادي ڪريان. اِهو ڄاڻندي به، ته تو وٽ ڪجهه به نه آهي. پر ايترو واعدو ڪر ته تون مون کي ماريندين نه، ۽ مان جو ڪجهه ڪريان، اُن کان منع به نه ڪندين. پوءِ ئي مان توسان شادي ڪنديس.“ پوءِ هـُـوءَ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي ۽ اَڃا تائين ٽهڪ ڏيندي ٿي رهي.“
دمتري شديد ڪاوڙ ۾ اُٿي بيٺو. هـُـو اِيئن ٿي نظر آيو، ڄڻ ته شراب جي نشي ۾ بدمست آهي. سندس اکين ۾ اوچتو ڳاڙهاڻ ڇانئجي وئي.
”تون سچ پچ، ساڻس شادي ڪرڻ گهرين ٿو؟“
”بنا دير جي، جيڪڏهن هـُـو چاهي، پر جيڪڏهن هوءَ نه چاهي ته به مان اِيئن ئي رهندس. مان سندس در جي درباني به قبول ڪندس، اليوشا!“
هـُـو سندس اڳيان ٿي بيٺو ۽ اليوشا جي ٻنهي ڪلهن کي انتهائي شدت سان کڻي جهليائين.
”توکي خبر آهي معصوم ڇوڪرا! هيءَ سڄي پريشاني آهي، بي حسد وجداني ڪيفيت جي! ڇو ته اتيئي ته اَلميو آهي. اَچ ته مان توکي اِهو به ٻـُـڌايان اليڪسي، ته مان ڀل ڪريل انسان هجان، ڀل پست ۽ ذليل هجان پر دمتري ڪرامازوف چور ۽ ڳنڍي ڇوڙ هرگز ٿي نه ٿو سگهي. ها! مان توکي هيءُ به ٻـُـڌائڻ گهران ٿو، ته مان چور ۽ ڳنڍي ڇوڙ به آهيان. اُن ئي شام جو جڏهن مان گروشينڪا کي مارڻ ٿي ويس، تنهن کان ٿورو اڳ ڪيٽرينا ايونونا مون ڏانهن ماڻهو موڪليو، جو راز دار نه هو. (مون کي خبر نه آهي ته اِيئن ڇو هيو؟ ٿي سگهي ٿو ته وٽس اُن جا ڪي سبب هجن) هن چيو ته پرڳڻي جي مکيه شهر ۾ وڃي، آگافيا ايونونا ڏانهن ٽي هزار روبل پوسٽ جي رستي موڪلي ڏئي. پر اِهڙي نموني، جيئن ٻـَـي ڪنهن کي به اُن جي ڀڻڪ نه پوي. اِهي ئي ٽي هزار روبل هئا، جڏهن مان گروشينڪا ڏي ٿي ويس. اِها ئي رقم هئي، جا مون موڪرويا ۾ خرچ ڪئي. اُن کانپوءِ مون بهانو بڻايو، ته مان شهر ويو هوس، پر کيس پوسٽ جي رسيد ڪانه ڏيکاريم. مون کيس ٻڌايو ته پيسا موڪلي ڏنا اٿم، پر مون هن وقت تائين اِيئن نه ڪيو آهي. مون اِهو وساري ڇڏيو آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته تون اَڄ جو وٽس ويندين، ته کيس ڇا ٻـُـڌائيندين؟ هن توڏانهن سلام موڪليا آهن.
هوءَ تو کان پڇندي ته پيسن جو ڇا ٿيو؟ تون شايد کيس اِيئن چوين ته هـُـو ذليل نفس پرست آهي، ڪريل ۽ بداخلاق، جنهن جو جذبات تي ڪوبه ضابطو نه آهي. هـُـن تنهنجي رقم ڪانه موڪلي آهي، مگر اُها بيڪار وڃائي ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته هو ذليل وحشيءَ جيان، پاڻ تي ڪوبه ضابطو رکي نه سگهيو، پر تون شايد اَڃا به وڌيڪ چئي سگهين، هـُـو چور ڪين آهي. هيءُ تنهنجا ٽي هزار روبل آهن، جي هـُـن موٽائي موڪليا آهن. تون پاڻ ئي آگافيا ايونونا ڏي موڪلي ڏئي، پر هن مون کي چيو، ته مان توکي هن جا سلام ڏيان، پر اِهو به لازمي آهي، ته هوءَ توکان پڇي ته رقم ڪٿي آهي؟“
”مـِـتيا تون ڏکاري آهين، ها، پر نه اِهڙو، جهڙو تون خيال ڪري رهيو آهين. پنهنجي موت جي ايتري مايوس ڪندڙ اَنداز ۾ افسوس نه ڪرڻ گهرجي.“
”ڇا تون اِيئن ٿو سمجهين، ته مان پاڻ کي گولي هڻندس، ڇو ته مان ٽي هزار روبل موٽائي نه سگهندس. اِيئن ئي آهي نه، پر مان پاڻ کي گولي ڪين هڻندس. مون ۾ هاڻي ايتري همٿ ڪانه آهي. آخرڪار شايد! پر مان هاڻي گروشينڪا ڏي وڃان ٿو. مون کي اِها ڳڻتي ڪانه آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟“
”پوءِ ڇا؟“
”مان هن جو مڙس ٿيندس، جيڪڏهن سندس اِهڙو اِرادو هوندو. سندس عاشق جڏهن ايندا، ته مان ٻي ڪمري ۾ هليو ويندس. هن جي دوستن جون جتيون صاف ڪندس. اُنهن لاءِ چانهه تيار ڪندس ۽ اُنهن جا نياپا پهچائيندس.“
”ڪيٽرينا ايونونا، اِهو سڀ ڪجهه سمجهي ويندي.“ اليوشا سنجيدگيءَ سان چيو. ”هـُـوءَ سمجهي ويندي، ته هيءُ ڪيتري نه شديد پيڙا ۾ آهي، پوءِ هوءَ معاف ڪري ڇڏيندي. هـُـن وٽ سگهاري دل آهي ۽ توکان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڏکارو ٿي نه ٿو سگهي. هوءَ پاڻ ئي اُن جو اَندازو لڳائيندي.“
”هوءَ اِهو سڀ ڪجهه معاف ڪونه ڪندي.“ دمتري ڦـِـڪي کـِـل کلندي چيو. ”منهنجا ڀاءَ! هن ۾ گهڻو ڪجهه آهي، جو ڪابه عورت اُن کي معاف ڪري نه ٿي سگهي. خبر اٿئي ته ڪهڙي ڳالهه بهتر ٿيندي؟“
”ڪهڙي؟“
”ته ٽي هزار روبل واپس ڪيا وڃن.“
”پر ايتري رقم، اَسان آڻينداسون ڪٿان؟ مون وٽ ٻه هزار کن آهن. ٽيون هزار ايون ڏيندو. اِهي کڻي وڃي واپس ڪري اَچ!“
”پوءِ توکي وري اِهي ڪڏهن ملندا؟ تنهنجا ٽي هزار - تون ڪو ايڏو وڏو ماڻهو ته ڪونه آهين ۽ تون اِهو به ڄاڻين ٿو، ته اِهو بنهه ضروري آهي ته تون اڄ وٽس وڃي، منهنجي طرفان کيس الوداع چئي اَچ. پوءِ پيسو هجي يا نه هجي. ڇاڪاڻ ته مان ڳالهه کي ايترو ڊگهو ڪرڻ نه ٿو گهران. اِهائي ڳالهه آهي. سڀاڻي تمام گهڻي دير ٿي ويندي. ۽ پوءِ توکي بابا ڏانهن به موڪلڻو آهي.“
”بابا ڏانهن؟“
”جيءُ، پهريائين بابا ڏانهن. کانئس وڃي ٽي هزار روبل گـُـهر.“
”پر مـِـتيا، هـُـو ڪڏهن به نه ڏيندو.“
”مون کي خبر آهي، ته ڪونه ڏيندو. اليڪسي تون نااُميديءَ جي معنيٰ مان واقف آهين؟“
”مان ڄاڻان ٿو.“
”ته ٻـُـڌ، قانوني طرح، هـُـو منهنجو قرضدار نه آهي. مون هـُـن کان سڀ ڪجهه وٺي ڇڏيو آهي. اِهو مان ڄاڻان ٿو، پر اخلاقي طرح هـُـو منهنجي زيربار آهي. ڇا اِيئن نه آهي؟ توکي اِها به خبر آهي ته هـُـن منهنجي ماءُ جي ئي اٺاويهن هزارن سان پنهنجي ڪمائيءَ جي شروعات ڪئي هئي ۽ اُنهن مان سوين هزار ڪمايائين. هـُـو مون کي اُهي اَٺاويهه هزار ئي موٽائي ڏئي ۽ منهنجي روح کي دوزخ جي باهه مان ڇوٽڪارو ڏي ته انهن سان اِهو منهنجي ڪيترن ئي گناهن جو ڇوٽڪارو ٿيندو. اِنهن ٽن هزارن جي خاطر، مان توسان واعدو ٿو ڪريان، ته مان سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ هـُـو منهنجي طرفان وري ڪجهه به نه ٻڌندو. پويون دفعو مان کيس پيءُ بڻجڻ جو موقعو ڏيان ٿو. کيس وڃي ٻـُـڌاءِ ته خود خدا کيس اِهو موقعو ڏئي پيو.“
”مـِـتيا، هـُـو ڪنهن به حالت ۾ ڪونه ڏيندو.“
”مون کي خبر آهي ته ڪونه ڏيندو. مان اِهو چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو، خاص طرح هاڻي ته وڌيڪ، پر اِهوئي ته سڀ ڪجهه آهي. مان اَڃا به وڌيڪ ڄاڻان ٿو. ٿورا ڏينهن اڳ ۾، شايد ڪالهه، هن کي پهريون ڀيرو هيءَ خبر پئي آهي، ته پـَـڪ ئي پـَـڪ - خيال ۾ رکجانءِ - ته گروشينڪا ڪوبه چرچو نه ٿي ڪيو، بلڪه مون سان شادي ڪرڻ لاءِ آماده آهي. هـُـو سندس طبعيت کان واقف آهي، هـُـو کوٻليءَ کي سڃاڻي ٿو. تون سمجهين ٿو، ته هـُـو مون کي پيسا ڏيندو، ته مان کيس حاصل ڪريان. جڏهن هـُـو خود اُن جي مٿان ڇـَـڪن آهي، پر .....!
اِهو سڀ ڪجهه نه آهي. مان توکي هن کان به وڌيڪ ٿو ٻڌايان. مون کي گذريل پنجن ڏينهن کان هيءَ خبر ملي آهي، ته هـُـن بئنڪ مان ٽي هزار روبل ڪڍايا آهن ۽ اُنهن کي سـَـؤ سـَـؤ روبل نوٽن ۾ مٽايو اَٿس. هڪ وڏي لفافي ۾ اُنهن کي بند ڪيو اَٿس ۽ اُن تي ڳاڙهي ربين ويڙهي اَٿائين ۽ اُن جي مٿان پنج مـُـهرون هنيون اَٿس. ڏس مون کي اُن جي ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان خبر آهي. اُن جي مٿان به لکيو اَٿائين ته ”منهنجي فرشته گروشينڪا ڏانهن، جڏهن هوءَ مون ڏي ايندي.“ هيءُ سڀ ڪجهه، هـُـن پاڻ ڪيو آهي ۽ ڳجهه ڳوهه ۾، جنهن جي فقط سندس خاص خدمتگار سميرڊياڪوف کي خبر آهي، جنهن تي هـُـو پاڻ جهڙو ڀروسو رکندو آهي. هاڻي هـُـو گذريل ٽن چئن ڏينهن کان، انهيءَ اُميد تي ويٺو آهي، ته گروشينڪا وٽس ايندي. کيس هيءَ به اُميد آهي، ته هوءَ پيسن لاءِ ايندي. هن کيس چـَـورائي به موڪليو آهي ۽ هـُـن جواب به ڏياري موڪليو اَٿس ته هوءَ وٽس ايندي. هوءَ جيڪڏهن پوڙهي وٽ وئي، ته مان ساڻس شادي ڪري سگهندس؟ تو هاڻي سمجهيو هوندو، ته مان هتي ڇو لڪو ويٺو آهيان ۽ ڇو مناسب موقعي جو منتظر آهيان؟“
”هـُـن جي لاءِ ؟“
”هائو، هـُـن جي لاءِ ئي. فوما کي هت، هـُـن ڦوهڙ عورت جي گهر ۾ هڪ ڪمرو آهي. فوما، منهنجي ئي پاسي جو آهي. هـُـو اسان جي ئي ريجمينٽ ۾ سپاهي هو. هـُـو هن جو ڪم ڪار ڪندو آهي. رات جي وقت چوڪيداري ڪري ٿو ۽ ڏينهن جو پکين جو شڪار ڪرڻ ويندو آهي. اِجهو هـُـو اِيئن ئي گذارو ڪندو آهي. مان سندس ئي ڪمري ۾ وڃي رهيو آهيان. منهنجي راز جي، نه هن کي، نه وري عورتن کي خبر آهي. اِن ڪري ئي بس، اِن ڪري ئي مان هت انتظار ۾ ويٺو آهيان.“
”ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي به نه پر سميرڊياڪوف کي ئي اُن جي خبر آهي؟“
”ٻئي ڪنهن کي به نه، هوءَ جڏهن پوڙهي وٽ ويندي، ته هـُـو مون کي يڪدم اَچي ٻـُـڌائيندو.“
”ته پوءِ هن ئي توکي پيسن لاءِ ٻـُـڌايو آهي؟“
”هائو، اِهو بلڪل راز آهي. ايون کي پڻ پيسي جي يا ٻي خبر ڪانه آهي. پوڙهو ايون کي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ، شرماشنيا ڏانهن سفر تي موڪلي رهيو آهي. جهنگ جي ڪاٺين لاءِ ڪو خريدار پيدا ٿيو آهي، جو هن کي اَٺ هزار روبل ڏيندو. پوڙهو اِن ڪري برابر هن کي چئي رهيو آهي، ته کيس هن وهنوار ۾ مدد ڪري. هن کي اُتي ٽي چار ڏينهن لڳي ويندا. پوڙهو، اِهوئي چاهي ٿو، ته جيئن گروشينڪا هن جي غير حاضريءَ ۾ وٽس اَچي سگهي.“
”هن کي اڄ گروشينڪا جي اَچڻ جي اُميد آهي؟“
”نه هوءَ اڄ ڪونه ويندي. اُن جا اهڃاڻ آهن. هوءَ پـَـڪ ڪونه ويندي.“ مـِـتيا، اوچتو وڏي آواز سان چيو. سميرڊياڪوف پڻ اِيئن ئي ٿو سمجهي. بابا، هينئر پيئڻ ۾ مست آهي. هـُـو ايون سان گڏ ميز تي ويٺو آهي. اِليوشا هن ڏانهن وڃ ۽ کانئس ٽن هزارن جي طلب ڪر.“
”پيارا مـِـتيا توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟ اليوشا اوچتو رڙ ڪري چيو ۽ پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿيو. پنهنجي ڀاءُ جي وحشياڻي چهري ڏانهن نهارڻ لڳو. هڪ گهڙيءَ لاءِ کيس خيال آيو ته دمتري چريو ٿي ويو آهي.
”اِهو ڇا آهي؟ مان ديوانو ڪونه آهيان.“ دمتري ڏانهن سنجيدگيءَ سان نهاريندي چيو. ڪوبه ڊپ ڪونه آهي. مان توکي پيءُ ڏانهن موڪلي رهيو آهيان. مان جيڪي چوان ٿو، اُهو به سمجهان ٿو. مان ته معجزن ۾ يقين رکندو آهيان.“
”معجزن ۾؟“
”خدا پاڪ جي معجزن ۾، منهنجي دل جو علم خدا کي ئي آهي. هـُـو منهنجي مايوسيءَ جي حالت کي ڏسي ٿو. پوري تصوير، هـُـن جي اڳيان آهي. مون کي پـَـڪ آهي ته هـُـو ڪابه بڇڙائي ٿيڻ نه ڏيندو. اليوشا تون وڃ، مون کي معجزن ۾ يقين آهي.“
”مان وڃان ٿو، پر مون کي ٻـُـڌاءِ ته تون منهنجو هـِـت انتظار ڪندين؟“
”هائو، مون کي خبر آهي ته هن ۾ ڪجهه وقت لڳندو. تون خالي ذهن سان هن ڏي وڃج. هـُـو شراب پيئڻ ۾مشغول آهي. مان هت تنهنجو ٽي، چار، پنج، ڇهه، ست ڪلاڪ انتظار ڪندس. پر اِهو نه وسارجان“، ته توکي اڄ ئي ڪيٽرينا ايونونا ڏانهن وڃڻو آهي. پوءِ کڻي اَڌ رات ٿي وڃي. پيسو هجئي يا نه پر کيس چئج، هن توڏانهن سلام موڪليا آهن. مان چاهيان ٿو، ته کيس اِهو شعر ٻڌائجانءِ ته، هن توکي سلام موڪليا آهن.“
”مـِـتيا، گروشينڪا ڏي، جي اڄ نه، ته سڀاڻي يا ٻي ڏينهن وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“
”گروشينڪا؟ مان کيس ڏسي رهندس. مان ڊوڙي وڃي کيس روڪيندس.“
” ۽ جيڪڏهن –“
”اُن ۾ جيڪڏهن آهي، ته پوءِ اِهو قتل ٿيندو. مان اِهو برداشت نه ڪندس.“
”ڪير قتل ٿيندو؟“
”پوڙهو! مان هـُـن جو ته خون ڪونه ڪندس.“
”منهنجا پيارا ڀاءُ، هيءُ تون، ڇا پيو چوين؟“
”اڙي مون کي خبرنه آهي .... مون کي خبر نه آهي. شايد مان هن کي قتل نه ڪريان. اِيئن ٿي به سگهي ٿو. هـُـو شايد اُن وقت مون ڏانهن نفرت انگيز چهري سان نهاري ويهي. مون کي سندس بدزيب گردن، نڪ ۽ اکين کان بڇان ٿي لڳي، پڻ سندس لڪي لڪي کلڻ کان به. مون کي کانئس قدرتي نفرت آهي. مون کي رڳو اِهوئي ڊپ آهي. اِها ڳالهه شايد مون کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏي.“
”مان ويندس مـِـتيا. مون کي يقين آهي، ته ڌڻي ڪا بهتري ئي پيدا ڪندو ۽ شال ڪا اِهڙي بڇڙي ڳالهه نه ٿئي.“
” ۽ مان هت ويهي، ڪنهن معجزي جو انتظارڪندس، پر جيڪڏهن اِيئن نه ٿيو ته .....“
اليوشا فڪر ۾ غرق هوندي پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو.“

باب ڇهون : سميرڊياڪوف

هن پنهنجي پيءُ کي سچ پچ ته ٽيبل تي ئي ويٺل ڏٺو. گهر ۾ ڊائننگ روم به هئو. ڊائننگ روم، سڀ کان وڏو ڪمرو هو ۽ کاڌي جي ميز بنهه وچ ۾ پيل هئي. اُن ڪمري کي، قديم طرز تي، نمائشي انداز ۾ سينگاريو هو. سڄو پراڻو فرنيچر هو ۽ اُن جا گاديلا ۽ ڪمانون به پراڻيون هيون، جن تي ڳاڙهو ريشمي ڪپڙو چڙهيل هو. ٻن درين جي وچ ۾، محنت سان مڪمل ڪيل خوبصورت فريمن ۾ آئينا لڳل هئا، اُنهن فريمن تي پراڻي زماني جي نقاشي ٿي نظر آئي. ڀتين تي سفيد ڪاغذ لڳل هو، جو ڪيترن جاين تان ڦاٽي پيو هو. جن تي ٻه وڏيون تصويرون لڳل هيون. اُنهن مان هڪ ڪنهن شهزادي جي هئي، جو ڪنهن وقت اُن پرڳڻي جو گورنر هو، ٻي تصوير ڪنهن پادريءَ جي هئي، جنهن کي مـُـئي ڪافي وقت گذريو هو. سامهون واري دروازي جي ڪـُـنڊ ۾، حضرت مريم (بي بي) جا ڪيئي مجسما رکيل هئا، جن جي سامهون رات جو شمعون ٻاريون وينديون هيون. اُهي عبادت جي خاطر نه بلڪ ڪمري ۾ روشني ڪرڻ جي خاطر ٻاريون وينديون هيون. فيودورپاولوچ رات جو دير سان ننڊ ڪندو هو ۽ ٽين يا چئين وڳي مس بستري ۾ ويندو هو. هـُـو اِهو پورو وقت، ڪمري ۾ پيو گهمندو هو يا آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو پـُـور پچائيندو هو. اِها سندس عادت ٿي چـُـڪي هئي. هـُـو اَڪثر گهر ۾ اَڪيلو سمهندو هو ۽ نوڪرن کي سندن ڪمرن ۾ موڪلي ڇڏيندو هو، پر رواجي طرح سميرڊياڪوف، هال ۾ هڪ بينچ تي ئي سمهي پوندو هو.
اليوشا جڏهن اندر آيو، ته ماني ختم ٿي چـُـڪي هئي. ڪافي ۽ مربي جو دور ٿي هليو. فيودورپاولووچ کي ماني کانپوءِ شراب سان گڏ مٺيون شيون کائڻ پسند هونديون هيون. ايون پڻ ميز تي موجود هو ۽ ڪافي پيئڻ ۾ مشغول هو. ٻئي نوڪر گريگري ۽ سميرڊياڪوف هڪ جهڙي خوشيءَ ۾ ٿي ڏٺا. فيودورپاولووچ وڏي آواز سان ٿي کليو. اليوشا سندس تيز ٽهڪن کي ڪمري کان ٻاهر ٻـُـڌو. هـُـن سمجهيو ته هـُـو خوش آهي. هي آواز کيس چڱيءَ ريت ٻـُـڌائي سگهيو ٿي، ته سندس پيءُ خوش مزاجيءَ جي رنگ ۾ آهي ۽ اَڃا پيئڻ کان پـَـري آهي.
”هيءُ هتي اَچي ويو، فيودورپاولووچ خوشيءَ مان آواز ڏنو ۽ اليوشا کي ڏسي بيحد خوش ٿيو.“ ويهه ۽ اَسان سان گڏجي وڃ. ڪافي بي ضرر هئڻ کان سواءِ، گرم ۽ چڱي شيءِ آهي. مان توکي برانڊيءَ جي آڇ نه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته تون روزي دار آهين پر ٿوري پسند ڪندين؟ نه، مان توکي پراڻو، مشهور، مٺو ۽ تيز خوشبودار شراب ٿو پياريان.
سميرڊياڪوف، ڪٻٽ جي ٻي تختي جي ساڄي پاسي کان پيو اَٿئي. هان هيءُ چاٻيون وٺ. خيال سان ڏسجانءِ.
اليوشا، اُن شراب کان به انڪار ڪرڻ لڳو.
”ڪا ڳالهه ناهي، جيڪڏهن تو نه پيتو ته اسان پيئنداسين.“ فيودورپاولووچ، مشڪندڙ چهري سان چيو، ”پر ترس تو ماني کاڌي آهي؟“
”هائو،“ اليوشا، جواب ڏنو. سچ پچ هن فادر سپيرئر جي بورچيخاني ۾ ماني ٽڪر کاڌو هو ۽ شوروي جو گلاس به پيتو هو. ”البت مون کي ڪافي پيئندي خوشي ٿيندي.“
”شاباس منهنجا پيارا! هن کي ڪافي گهرجي. اِها گرم آهي اَلائي نه. پر هيءَ ته ٽهڪي ٿي. هيءَ بهترين شيءِ آهي، جنهن کي سميرڊياڪوف ٺاهيو آهي. سميرڊياڪوف، ڪافي، مڇي جي ٽڪرن ۽ مڇي جي شوروي ٺاهڻ جو وڏو ماهر آهي. تون ڪنهن ڏينهن اَچ ۽ مڇي جي شوروي کي پي ڏس، پر مون کي اُن جو اطلاع اڳ ۾ ڏجانءِ.“ پر ترس .... مون توکي اڄ صبح چيو هو ته پنهنجي تونئري، وهاڻو ۽ ٻيو جو ڪجهه به هجي، کڻي پنهنجي گهر هليو اَچ. ها! ها! ها!“
اليوشا مشڪندي کيس چيو: ”نه، ڪجهه به نه آندو اٿم.“
”هان، تون ڊنل هئين، اڄ صبح ڊنل هئين. هئين نه؟ مان اُتي ته توکي مٺڙا پريشان ڪونه ڪيو هو. ايون تون ڄاڻين ٿو ته جنهن اَنداز سان، هـُـو منهن ۾ نهاري ۽ کلي ٿو، اُهو مون کي بيحد متاثر ٿو ڪري. مون کي هن تي کل به ٿي اَچي. مون کي هن سان بيحد محبت آهي. اليوشا ويجهو اَچ ته مان توکي دعا ڪريان. پيءُ جي دعا.“
اليوشا پنهنجي جاءِ کان اُٿيو، پر ايتري دير ۾ فيودورپاولووچ پنهنجو اِرادو ڦيرائي ڇڏيو هن کيس چيو ته ”نه، نه، في الحال مان تنهنجي مٿان، صليب جو نشان ٿو ڪريان. تون ويهه. هاڻي تو سان اسان کي اِيئن هلڻو پوندو، جيئن تنهنجي پسنديدگي هوندي. تون اُن تي گهڻو کلندين. بلعام جي گڏهه، اسان سان هاڻي ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. ڏس ته هـُـو ڪيئن ٿو ڳالهائي، ڪيئن ٿو ڳالهائي!“
بلعام جو گڏهه ٻيو نه هو پر سميرڊياڪوف. هـُـو چوويهن سالن جو نوجوان هو، پر غير معمولي طرح خلوت پسند ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو هو. اِيئن نه هو ته هـُـو ڪو شرميلو هو، يا محجوب هو. اُن جي برعڪس خود پسند ۽ سڀ کي حقارت سان ڏسندڙ هو. مان مٿي سندس سڄي ساري وضاحت ڏئي چـُـڪو آهيان.
هـُـو مشڪل سان ڳالهائيندو هو. ڪنهن کي جيڪڏهن هيءُ خيال اَچي، ته هيءُ نوجوان ڪهڙي ڳالهه ۾ دلچسپي ٿو وٺي ۽ سندس دل ۾ ڇا آهي، ته هـُـن ڏي نهارڻ کان پوءِ به هـُـو ڪجهه ٻڌائي نه سگهندو. اُن هوندي به هـُـو ڪڏهن ڪڏهن، اوچتو ئي اوچتو گهر ۾ يا اڱڻ يا گهٽيءَ ۾ بيهي رهندو هو ۽ ڪنهن فڪر ۾ ڏهن منٽن تائين گم ٿي ويندو هو. هڪ چهرا شناس سندس شڪل ۾ نهاري ها، ته چئي سگهي ها ته وٽس ڪوبه فڪر ۽ سوچ ۽ ويچار ڪونه آهي، پر فقط ڪو تصور ۽ ڌيان آهي. مصور ڪرامسڪوف جي هڪ مشهور تصوير ’تصــور‘ نالي آهي، اُن ۾ سياري ۾ هڪ ٻيلي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. ٻيلي مان جو رستو وڃي ٿو، اُن تي بلڪل ماٺ ڇانيل آهي، اُتي هڪ هاري ڦاٽل ڪپڙن ۽ ڇنل بوٽ سان بيٺو آهي، ڄڻ ته ڪنهن گهري سوچ ۽ ويچار ۾ آهي. پر هـُـو ڪوبه غور ۽ فڪر نه ٿو ڪري، فقط ”سوچي ٿو.“ اِهڙي حالت ۾، جيڪڏهن ڪو کيس ڇـُـهي ته هـُـو ڇرڪ ڀريندو ۽ سندس نگاهه مان اِيئن معلوم ٿيندو، ته هـُـو ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو آهي ۽ منجهيل آهي. هي به سچ آهي، ته هـُـو يڪدم هوش ۾ اَچي ويندو، پر جيڪڏهن، کانئس پڇيو ويندو ته هـُـو ڪهڙي ڳالهه تي سوچي رهيو هو، ته کيس ڪجهه به ياد نه هوندو. اُن هوندي به غالباََ منجهس اُهو اَثر ضرور لڪل آهي جنهن جو مٿس سوچڻ واري وقت ۾ غلبو حاصل هو. اِهي اثر کيس پيارا آهن ۽ اِنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هـُـو اِهي غير محسوس ۽ بي خبريءَ جي حالت ۾ گڏ ڪري ٿو. پر اِهي اَثر هـُـو ڪيئن ۽ ڇو گڏ ڪري ٿو، اُن بابت ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي. اِهڙي حالت ۾ هـُـو، ڪيترن سالن تائين هي اَثر جمع ڪرڻ کانپوءِ، اوچتو ئي اوچتو سڀ ڪجهه ڇڏي، پنهنجي روح جي آزادي لاءِ، بيت المقدس جي زيارت تي هليو وڃي يا پنهنجي اَباڻي وطن کي جلائي ڇڏي، يا شايد ٻئي ڳالهيون ڪري. هاري ماڻهن ۾ اِهڙيءَ ريت حيران ٿيڻ، تمام گهڻو آهي. سميرڊياڪوف به غالباً اِهڙن ماڻهن مان هو هٻڇ سان اِهڙا اَثر پاڻ وٽ گڏ ڪندو ٿي رهيو، جن بابت کيس ڪابه خبر نه هئي، ته ڇو؟

باب ستون: مباحثو

پر اوچتو بلعام جو گڏهه ڳالهائي ويٺو. هڪ عجيب موضوع هو. صبح جو گريگري خريداريءَ لاءِ ويو هو، اُتي هـُـن دُڪاندار لڪيانوف کان هڪ رومي سپاهيءَ جي ڳالهه ٻڌي، جا اُن ڏينهن جي اخبار ۾ آئي هئي. ايشيا جي ڪنهن پرانهين حصي ۾، هڪ سپاهيءَ کي عيسائي سمجهي ماريو ويو هو. گريگري اِها ڳالهه ميز وٽ بيٺي ئي ڪئي، ته ڪهڙي ريت اُن سپاهيءَ پنهنجي عيسائي مذهب کي ڇڏي، اسلام قبول نه ڪيو ۽ هـُـو حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعريف ڪندي ماريو ويو. فيودورپاولوچ کي هميشھ کاڌي کانپوءِ، خوش مزاجي سـُـجهندي هئي ۽ گريگري سان ڳالهائيندو ۽ کلندو هو. اُن ڏينهن منجهند جو، هـُـو خاص طرح خوش مزاج ۽ مزي ۾ هو. برانڊيءَ کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندي، هـُـن اُن ڳالهه کي ڌيان ڏيئي ٿي ٻـُـڌو. هن خيال ڪيو ته هاڻي هن سپاهيءَ کي پاڪ انسانن ۾ شمار ڪيو ويندو. ڪنهن مڙهيءَ ۾ سندس کـَـل کي رکيو ويندو. جنهن حقيقت کي ٻـُـڌي، ماڻهو اُن مڙهيءَ ڏانهن ڊوڙي پوندا ۽ مڙهيءَ وارن کي چڱي ڪمائي ٿيندي.
گريگري ڏٺو، ته فيودورپاولووچ تي سپاهيءَ جي ڪهاڻيءَ جو ڪوبه اثر نه ٿيو آهي پر دستور موجب ٺٺولي ڪرڻ لڳو آهي، تڏهن سندس پيشاني ۾ گهنج پئجي ويا. سميرڊياڪوف جو دروازي وٽ بيٺو هو، هيءُ ڏسي مشڪيو. سميرڊياڪوف اڪثر کاڌي جي آخر تائين ميز وٽ بيهڻ جو عادي هو. خاص طرح اسان جي شهر ۾ ايون جي اَچڻ کانپوءِ، سندس اِها عادت ٿي وئي هئي.
فيودورپاولوچ، اُن وقت سميرڊياڪوف کي مشڪندي ڏسي ورتو ۽ سمجهائين ته اِها طنز گريگري ڏانهن آهي، پڇيائينس ته ”تون اِهي ڏند، ڇا لاءِ ٿو ڪڍين؟“
”منهنجي خيال ۾،“ سميرڊياڪوف، اوچتو وڏي آواز سان چيو ته ”هـُـن سپاهيءَ جي دليري تعريف جي لائق آهي، ته هيءُ گناهه نه هو ته اُن نازڪ ۽ خطرناڪ جاءِ تي، هـُـو مسيحت کان هٿ کڻي، پنهنجي جان بچائي ها ۽ ٿورن سالن گذرڻ کان پوءِ، هـُـو پنهنجي بزدليءَ جي وري چڱيءَ ريت تلافي ڪري سگهي ها.“
”اِهو ڪيئن نه گناهه آهي؟ تون سڄي بيوقوفي ٿو ڳالهائين. جنهن جي لاءِ تون دوزخ ۾ ويندين ۽ تنهنجي گوشت کي جلايو ويندو.“ فيودور پاولووچ کيس دڙڪو ڏيندي چيو.
هي ايترو ڳالهائي چڪا هئا جو اِليوشا اندر آيو ۽ جيئن اسان مٿي ڏسي آيا آهيون، فيودورپاولووچ، کيس ڏسي بيحد خوش ٿيو هو.
”اسان تنهنجي موضوع تي ڳالهائي رهيا آهيون، تنهنجي موضوع تي.“ هن مسرت ۽ خوشحاليءَ مان اِليوشا کي ويهڻ جي دعوت ڏئي چيو ته ”ڌيان سان ٻڌ.“
”جيستائين گوشت جو تعلق آهي، اِيئن نه ٿيندو. اُتي هـِـن جي لاءِ ڪجهه به نه آهي. نه وري اِيئن ٿي سگهي ٿو. ڇو ته انصاف اِيئن نه ٿو چوي.“ سميرڊياڪوف نهايت دليريءَ سان جواب ڏنو.
”تنهنجو انصاف جي مطابقت کان ڪهڙو مطلب آهي،؟“ فيودور پاولووچ وڌيڪ خوشيءَ مان واڪو ڪري چيو ۽ پنهنجي گوڏي سان اليوشا کي اِشارو ڏنو.
”هيءُ بيوقوف آهي ۽ اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي.“ گريگري ڄڻ ته ڦاٽي پيو. هن سميرڊياڪوف جي منهن ۾ ڪاوڙ مان نهاريو.
”مون کي نالائق چوڻ کان اڳ ۾، ترس گريگري ويليويووچ.“ سميرڊياڪوف مڪمل سنجيدگي سان کيس جواب ڏنو. ”چڱو اِيئن آهي ته تون پاڻ کي اِهو سمجهه. جيڪڏهن مون کي عيسائي قوم جا دشمن گرفتار ڪري وٺن، ۽ هـُـو مون کان هيءُ گـُـهر ڪن ته مان خدا جي نالي کي گهٽ وڌ چوان ۽ مسيحت جي تحقير ڪريان ته مون کي حق آهي، ته مان مجبورن پنهنجي اسباب موجب، هن جي دٻاءَ تي عمل ڪريان ۽ دٻاءَ ۾ اچي غلط ڳالهه ڪرڻ ۾ ته گناهه جو ڪوبه انديشو نه آهي.“
”پر تو، اِها ڳالهه ته اڳ ۾ ئي چئي آهي. پنهنجي لفظن کي ضايع نه ڪر ۽ ثبوت ڏي.“ فيودورپاولووچ رڙ ڪري چيو.
”شوروو ٺاهيندڙ“ نفرت مان گريگري ڀـُـڻڪندي چيو.
”جيستائين شوروي ٺاهيندڙ جو سوال آهي، ٿورو وقت ترس ۽ گريگري ويسليويووچ ڪجهه پنهنجي لاءِ سوچ ۽ مون کي گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ. مان جيئن ئي اُنهن دشمنن کي چئي ڏيان ته مان عيسائي نه آهيان ۽ خدا کي گهٽ وڌ ڳالهايان ته مان خدا جي برتر فيصلي موجب نفرت جي لائق ۽ ملامتي بڻجي ويندس. مقدس ديول کان ڪٽجي ويندس، بلڪل اِهڙيءَ ريت، جيئن مان مشرڪ هوس. اُنهيءَ ئي لحظي ۾ نه، جڏهن مون اِهي لفظ ڏاڍيان چيا، پر اُن وقت جڏهن مان اِنهن لفظن چوڻ جي لاءِ خيال ڪيو، جو سيڪنڊ جي چوٿائيءَ ۾ ٿي گذريو هوندو. مان مردود بڻجي ويس. اِيئن آهي نه گريگري ويسليويووچ؟“
هن گريگري کي مڪمل تسليءَ سان خطاب ڪيو. هـُـو سچ پچ فيودورپاولووچ جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو، جنهن کان هـُـو بلڪل خبردار هو ۽ ڄاڻي واڻي ڏيکاري رهيو هو ته هـُـو گريگري جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو آهي.
”ايون،“ فيودورپاولووچ اوچتو وڏي آواز سان چيو، ”منهنجي ڀـُـڻڪي کي ڪـَـنَ ڏئي ٻـُـڌ. هيءُ سڀ تنهنجي لاءِ واعظ ڪري رهيو آهي، سندس خيال آهي، ته توکان پنهنجي تعريف ٻـُـڌي.“
ايون مڪمل دلچسپيءَ ۽ غور سان، پيءُ جي جوش واري ڀڻڪي کي ٻـُـڌو.
”سميرڊياڪوف ترس، هڪ منٽ جي لاءِ خاموش ٿي.“ فيودورپاولووچ هڪ دفعو وري به کيس چيو. ”ايون ڪن ڏئي ٻڌ.“
ايون مڪمل ڳنڀير رخ سان وري به جـُـهڪي ويو.
”مان جيترو اليوشا کي پيار ڪريان ٿو، ايترو توکي به ڪريان ٿو. ڇا مان توکي پيار نه ٿو ڪريان؟ ڪجهه برانڊي؟“
”هائو، پر مون کي ته ڪافي نشو ٿيو آهي.“ ايون پيءُ ڏانهن غور سان نهاريندي چيو. هـُـو سميرڊياڪوف ڏي، تعجب سان ڏسندو رهيو.
اوچتو گريگري، سخت ڪاوڙ مان سميرڊياڪوف کي دڙڪو ڏيئي چيو ته، ”تون ملعون ۽ مرتد آهين، جيئن معلوم ٿئي ٿو، پر توکي بحث ڪرڻ جي ڪيئن جرئت ٿي آهي. هن کان پوءِ جيڪڏهن .....
”گريگري، هن کي نه ڇينڀ، نه ڇينڀ.“ فيودورپاولووچ، سندس جملي کي ڪٽيندي چيو.
”گريگري ويسليووچ، توکي فقط ٿوري وقت لاءِ ترسڻ گهرجي. مون کي جو ڪجهه چوڻو آهي. اُن کي چئي پورو نه ڪيو اَٿم. اِنهيءَ گهڙيءَ ۾، جڏهن مان اِهڙي نفرت جهڙي ڳالهه چئي ويٺس، مان ملامتي بڻجي ويس. مان صحيح طور تي مشرڪ ٿي رهجي ويس. منهنجي مسيحت مون کان کسجي وئي ۽ فائدي واري نه رهي. ڇا اِيئن نه آهي؟“
فيودورپاولووچ، مزي سان شراب جو چشڪو وٺندي، تاڪيد سان چيو، ”ڇوڪرا جلدي پنهنجي حقيقت کي پورو ڪر.“
”هاڻي جڏهن مان عيسائي، ئي نه رهيس، تڏهن جيڪڏهن مان ڪوڙ ڳالهائي، دشمن کي چيو ته عيسائي آهيان يا نه آهيان ته اِهو ڪوڙ نه آهي! ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ئي، منهنجي خيال جي باعث، ته مان پنهنجي دشمن کي هيئن چوندس، خود خدا پاڻ مون کان مسيحت کسي ورتي آهي. جيئن ته مان اڳ ۾ خارج ڪيو ويو آهيان، ته پوءِ ڪهڙي حالت ۾، ڪهڙي انصاف جي رُو کان، ٻي دنيا ۾ مسيح جي انڪار هوندي به مسيحت لاءِ جوابدار ٺهرايو ويندس، جڏهن ته فقط خيال ڪرڻ جي باعث، هن جي انڪار ڪرڻ کان به اڳ ۾ مون کي منهنجي عيسائي هجڻ کان خارج ڪيو ويو هجي؟ جيڪڏهن مان عيسائي نه رهيو آهيان، ته يسوع مسيح کي گهٽ وڌ ڳالهائي نه ٿو سگهان. ڇو ته منهنجو گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان ڪو واسطو ئي نه رهيو. گريگري وسيليووچ، اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته هڪ مشرڪ تاتاري کي، توڙي جو آسمان ۾ هن لاءِ ڏوهي سمجهيو وڃي، ته هـُـو عيسائي ڇو نه ٿي ڄائو. کيس هن لاءِ ڪير سزا ڏيندو؟ تو شايد ٻڌو هجي ته هڪ ڳئون جي ٻه ڀيرا کل نه لاٿي ويندي آهي. خدا تعاليٰ پاڻ کڻي جي تاتاريءَ کي اٰن جو سزاوار سمجهي به، ته کيس مرڻ کان پوءِ ٿوري گهڻي سزا ڏني ويندي. (جڏهن ته هن کي سزا ڏني وڃي ٿي) مان هن ڳالهه تي غور ڪندي، توريان ٿو ته هـُـو جڏهن ته مشرڪ پيءُ ماءُ مان مـُـشرڪ ٿي ڄائو آهي، ته ڪهڙي ريت، کيس اُن جو جوابدار سمجهيو ويندو؟ خدا، پـَـڪَ سان، اُن تاتاريءَ کي عيسائي ڪونه چوندو. جيڪڏهن اِيئن ٿيو، ته چئبو ته اُن طاقتور خدا، سچي ڳالهه نه ڪئي آهي. ڇا اِهو ٿي سگهي ٿو ته آسمانن ۽ زمين جو مالڪ، توڙي کڻي هڪ لفظ هجي، ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو؟“
گريگري اهو ٻـُـڌي سخت حيرت ۾ پئجي ويو ۽ اُن فصيح کي ڏسڻ لڳو. سندس اکيون ڄڻ مٿي کان ٻاهر نڪري اَچڻ تي پهتيون هيون. جو ڪجهه ڳالهايو ويو. توڙي جو اُن کي هـُـو سمجهي نه سگهيو هو، پر ڪجهه اُن بڪوات کي سمجهيو هئائين. هـُـو اِهڙيءَ ريت بيٺو رَهيو، ڄڻ ته سندس مٿو، ڀت سان ٽڪرائجي ويو آهي. فيودورپاولوچ پنهنجو گلاس خالي ڪيو ۽ بي تميزيءَ سان ٽهڪ ڏئي کليو.
”اليوشا، اليوشا، تون هن بابت ڇا چوندين!؟ هيءُ تاويلات جو دليل باز، شايد يسوعين(1) سان ڪٺي رهيو آهي. ايون! اي بدبودار يسوعي، توکي هي ڳالهيون ڪنهن سيکاريون آهن؟ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. گريگري، گريگري تون روءُ نه. تون واهيات ٿو ڳالهائين، واهيات، واهيات! مان هن کي هڪ گهڙيءَ ۾ دونهون ۽ رک بڻائي ڇڏيندس. اڙي، او گڏهه مون کي ٻـُـڌاءِ ته تون پنهنجي دشمن جي اڳيان، کڻي حق بجانب هجين، پر ساڳي وقت تو، پنهنجي دل مان ايمان به ته ڪڍي ڇڏيو آهي. اُن جو تو اعتراف به ڪيو آهي، ته اُن وقت تون ملعون ۽ مشرڪ بڻجي ويو هئين. هاڻي جڏهن تون مشرڪ ٿئين ته جهنم ۾، تنهنجي ڪهڙي پٺي ٺپريندا. منهنجا خوبرو يسوعي، هن بابت تنهنجو ڇا چوڻ آهي؟“
”اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، مان جو ڪجهه پنهنجيءَ دل ۾ گهٽ وڌ چيو، اُن ۾ ڪو خاص گناهه نه هو. جيڪڏهن اِهو گناهه به هو ته نهايت معمولي.“
”ڪيئن ٿو چوين ته اِهو رواجي هو؟“
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ملامتي.“ گريگري هٻڪندي چيو.
”پنهنجو خيال ڪر، گريگري“ سميرڊياڪوف، کيس آرام سان ۽ ٿڌو ٿي چيو. اُن ماڻهوءَ وانگر، جنهن کي پنهنجي فتحمنديءَ تي، اعتبار هجي ۽ اِهڙيءَ ريت جيئن، مغلوب دشمن تي ڪو مهربان بڻجي ويندو آهي.
گريگري ڌيان ڏئي ٻـُـڌ ۽ پاڻ فيصلو ڏي. مقدس ڪتاب ۾ آيو آهي، ته جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ اَهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو ۽ اوهان جيڪڏهن جبل کي حڪم ڪندؤ ته سمنڊ ۾ هليو وڃي، ته هـُـو بنا ڪنهن دير جي اوهان جي حڪم تي چـُـرڻ شروع ڪري ڏيندو. هيءُ به صحيح آهي، ته گريگري مون وٽ ايمان ڪونه آهي، پر تو وٽ اُهو عظيم ايمان آهي، جنهن جي ساک تون مسلسل ڏيندو رهيو آهين. تون هاڻي اِها ڪوشش ڪر ۽ هن جبل کي سمنڊ ۾ وڃڻ جو حڪم نه ڏي، ڇو ته هـُـو هتان گهڻو پـَـري آهي، پر کيس بدبودار، واههَ/درياهه ۾ چـُـري وڃڻ جو حڪم ڏي، جو اسان جي باغ جي ڀرسان وهندو وڃي ٿو. تون ڏسندين ته هـُـو تنهنجي حڪم کي ليکيندو ئي نه، هـُـو پنهنجي جاءِ تي قائم رهندو، پوءِ کڻي ڇو نه واڪا ڪري، کيس چوين. گريگري هن مان ظاهر ٿيو، ته تو وٽ ڪوبه ايمان نه آهي نه وري تو وٽ اُهو انداز آهي، تون فقط ٻين ماڻهن کي، ان لاءِ ڳالهائيندو ٿو وتين ۽ بس. توکي هيءُ وسارڻ نه کپي، ته اسان جي دور ۾، نه فقط توکي، مگر ڪنهن به بلند شخصيت کان وٺي، هاريءَ تائين، ڪنهن کي به اِها قوت ڪانه آهي، جو جبل کي درياءَ ڏانهن چوري سگهي، مگر سواءِ هڪ يا ٻن شخصيتن جي، جيڪي پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ لاءِ، دنيا کان ڪناره ڪش ٿي، مصر جي بيابان ۾ وڃي لـِـڪا آهن، جن کي تون ڳولهي به نه ٿو سگهين. جيڪڏهن اِيئن آهي، ته اِنهن ٻن کانسواءِ، باقي سڀني وٽ ايمان ڪونه آهي، ته ڇا خدا هنن سڀني تي لعنت ڪندو؟ هن مان هيءُ مطلب ڪڍي سگهجي ٿو، ته سواءِ هنن ٻن صحرائي سنياسين جي، دنيا جي سڄي آباديءَ مان، باوجود وسيع رحمت جي رکندي به، هـُـو ڪنهن به هڪڙي کي نه بخشيندو. اِنهيءَ حقيقت کي پيش نظر رکندي، کڻي جي مان شڪ، شبهي ۾ گرفتار به ٿيس پر اُميدوار آهيان، ته هـُـو مون کي ضرور بخشيندو، ڇو ته مون وٽ ندامت جا ڳوڙها آهن.“
”اِهو ڪافي آهي.“ فيودورپاولووچ، انتهائي خوشيءَ مان رڙ ڪري چيو، ”تڏهن توکي اِهڙو يقين آهي، ته اِهڙا ٻه ماڻهو هن جهان ۾ ملي سگهن ٿا، جن کي اِها طاقت حاصل آهي ته هن جبل کي چوري سگهن؟ ايون، هن نقطي ڏي توجهه ڏي. هـِـن کي لک، هن ۾ هڪ روسي فرد جون سموريون خصوصيتون موجود آهن.“
”تون اهو چوڻ ۾ درست آهين ته ماڻهن جي ايمان جي اِهائي عمومي حقيقت آهي.“ ايون مشڪندي، پنهنجي رضامندي ڏيکاري.
”تڏهن، تون هن کي قبول ڪرين ٿو. جيڪڏهن تون هن کي قبول ڪرين ٿو ته توکي به ساڳيو ئي عقيدو آهي، جو صحيح آهي. اليوشا، ڇا اِهو، حقيقي روسيءَ جو ايمان نه آهي؟“
”نه سميرڊياڪوف وٽ، ته بلڪل روسي ايمان ڪونه آهي.“ اليوشا، سنجيدگيءَ ۽ پختگيءَ سان چيو.
”مان هن جي عقيدي بابت ڪونه ٿو چوان، بلڪ اُنهن ٻن مقدس شخصيتن بابت، جي صحرا ۾ آهن. رڳو اُنهن بابت ٿو ڳالهايان. يقيناً، اِهي خوبيون روسي آهن، اِيئن برابر آهي نه؟“
”هائو، اِهي بلڪل روسي آهن.“ اليوشا مشڪندي چيو.
”تنهنجا لفظ، سون جي ٽڪر جي برابر آهن ۽ اِهو مان توکي اڄ ئي ڏئي ڇڏيندس. باقي تو جو ڪجهه به ڳالهايو آهي، واهيات آهي، واهيات! واهيات. احمق! هيءُ مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، ته اسان جيڪي به هتي آهيون، اِنهن سڀني کي پنهنجي بي پرواهيءَ جي سبب گهٽ ايمان آهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ وقت ٿورو ۽ ڪم گهڻو آهي. خدا تعاليٰ اسان کي گهٽ فرصت ڏني آهي. فقط رات ۽ ڏينهن جو چوويهن ڪلاڪن جو آهي. هوڏانهن ماڻهو وٽ ايترو وقت ڪٿي آهي جو ننڊ به چڱيءَ ريت نه ٿو ڪري سگهي، اُهو پنهنجي گناهن جو پڇتاءُ ڪٿان ڪري سگهندو؟ پر جنهن وقت تو، دشمن جي سامهون، پنهنجي ايمان جو انڪار ڪيو آهي، تڏهن توکي ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿي سـُـجهي، رڳو ايمان جو انڪار. ڀاءُ، مان خيال ڪريان ٿو، ته هتان ئي گناهه پيدا ٿئي ٿو.“
”هتان ئي گناهه پيدا ٿئي ٿو. ٿي سگهي ٿو. گريگري سوچ. جيتوڻيڪ هيءُ موقعو گناهه پيدا ڪري ٿو پر اُن جي اهميت به گهٽائي ٿو. جيڪڏهن مان هر هڪ صداقت ۾ يقين ٿو رکان، جو اعتقاد هئڻ به گهرجي، ته پوءِ هيءُ گناهه هو ته مان پنهنجي، ايمان جي لاءِ عذاب کي ڇو نه سـُـٺو ۽ غير جي اعتقاد کي رد ڇو نه ڪيو؟ پر شايد مون تائين عذاب نه به اَچي سگهي ها، ڇو ته مون کي اُن وقت فقط جبل کي چوڻو هو، ته ’چـُـر ۽ عذاب ڏيندڙ کي پائمال ڪر.‘ هـُـو پوءِ چـُـري ها ۽ عذاب ڏيندڙ کي اُن وقت ڪاري ٽنڊڻ وانگر پائمال ڪري ڇڏي ها. پوءِ مان خدا جي تعريف ۽ وڏائي ڪندي، اُتان اِيئن هليو وڃان ها، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه آهي، پر سمجهه ته مان اُن وقت، اِهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ جبل کي واڪا ڪري چيم ته ’عذاب ڏيندڙ کي پائمال ڪر.‘ جيڪڏهن هـِـن، هـُـن کي پائمال نه ڪيو، پوءِ مان پنهنجي شڪ ۽ شبهي کي ڪهڙيءَ ريت روڪي سگهندس. پوءِ اِهڙي وقت ۾، سو به موت جي دهشت ۽ وحشت جي وقت ۾! مان ڪهڙي دعا گهـُـري سگهندس! اُن کان سواءِ، مون کي هيءَ خبر به هجي ته آسماني بادشاهت جي مان پوري تابعداري به نه ڪئي آهي. (ڇاڪاڻ ته جبل منهنجي چوڻ تي نه چـُـريو. ڇاڪاڻ ته هـُـو منهنجي ايمان جي برتريءَ جي بابت ڪو چڱو خيال نه ٿو رکي ۽ نه وري دنيا ۾ ڪنهن وڏي انعام کي، منهنجي لاءِ انتظار آهي.) پوءِ ڇو مان پنهنجي کل لهرايان، جنهن مان ڪوبه سود نه آهي؟ توڙي جو، هـُـو منهنجي پٺيءَ جي اَڌ کل لاهي به چـُـڪا هجن، جبل وري به منهنجي واڪن تي نه چـُـرندو. اِهڙي وقت ۾ نه فقط شڪ پيدا ٿيندو، پر هڪ ماڻهو خوف کان سبب ۽ اسباب به وساري ويهندو. ڇو ته اُن وقت غور ۽ فڪر جو، موقعو ئي ڪٿي آهي؟ اِهڙيءَ حالت ۾، اِهو ڏوهه خصوصيت سان مون تي ڪهڙي ريت رکيو ويندو ته مون کي هـِـتي يا هـُـتي جي فائدي ۽ انعام کي ڏسڻ کپندو هو. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي کـَـل بچائڻ کپي. اُن ڪري خدا جي رحمت ۾ پورو اعتقاد رکي، مون کي هن اُميد تي ڀاڙڻ کپي، ته مون کي مڪمل طرح بخشيو ويندو.“


____________
(1) يسوعي، عيسائيت جو اُهو فرقو آهي، جو دين مسيحي جي هر مڪاريءَ ۽ حيلي سان تبليغ ڪندو آهي

باب اٺون: برانڊيءَ تي

بحث ختم ٿي چـُـڪو. مگر هيءَ عجب جهڙي ڳالهه هئي، جو فيودورپاولووچ جو ايترو خوش ۽ مسرور هو، اوچتو سندس چهري تي ڪاوڙ ۽ ناراضگي ڇانئجي وئي. هـُـو رنجيده ٿي ويو. برانڊيءَ جو گلاس جو هن لاءِ گهڻو هو، هڪ ئي ڳيت سان خالي ڪري ڇڏيائين.
”هليا وڃو يسوعي.“ هن پنهنجي نوڪرن کي رڙ ڪري چيو. ”هليو وڃ سميرڊياڪوف. مان جنهن سون جي ٽڪري جو، تو سان انجام ڪيو، اَڄ ئي توڏي موڪلي ڏيندس. تون به هليو وڃ گريگري، روءُ نه، مارفا ڏي وڃ، هوءَ توکي لولي ڏئي، هنڌ ۾ سمهاري ڇڏيندي. رات جي مانيءَ جي وقت به هي بيوقوف آرام سان ويهڻ نه ٿا ڏين.“ سندس ڪاوڙ ظاهر ٿي ڏٺي، سندس ڳالهائڻ تي، نوڪر ڪمري کان ٻاهر نڪري ويا.
”سميرڊياڪوف ته هاڻي مانيءَ کان پوءِ، ٽنگ اَڙائي ٿو بيهي. سندس، تو ۾ ئي دلچسپي آهي. آخر تو، هن کي ڇا ڪيو آهي، جو هـُـو توتي، ايڏو ڇـَـڪن آهي؟“ هن ايون کي چيو.
”ڪجهه به نه، هـُـن منهنجي لاءِ چڱي راءِ قائم ڪري ورتي آهي. هي پـَـست ۽ ذهن کان خالي روح آهي. هو انقلاب جي لاءِ اڻ - گهڙيو آهي، پر جڏهن اُن جو وقت اَچي.“
”انقلاب لاءِ؟“
”شايد هن کان بهتر، ڪي ٻيا به هجن، پر ڪي، هن جهڙا به هوندا. هن جهڙا، اول ۾ هوندا ۽ بهتر پوءِ.“
”اِهو وقت ڪڏهن ايندو؟“
”آتشبازي جي هوائي چرخي، ڇـُـٽندي ۽ جهڪو آواز ڏيندي. جيتري قدر مان سمجهان ٿو، ته هاري، اِهڙن شوروي ٺاهيندڙن جي آواز تي ڪن ڪونه ڏيندا.“

”صحيح آهي ڀاءُ. پر هن جهڙو بلعام جو گڏهه، جو فقط سوچي ۽ سوچي ٿو، شيطان ئي بهتر ڄاڻي ٿو، ته سندس سوچڻ جي انتها ڪٿي وڃي بيهندي.“
”هـُـو پنهنجي افڪار کي جمع ڪندو رَهي ٿو.“ ايون مشڪندي چيو.
”توکي خبر آهي ته هـُـو مون کي به برداشت نه ٿو ڪري نه وري ڪنهن ٻي کي، عجب ٿو لڳي ته هن کي تنهنجي لاءِ عمدي راءِ به آهي. اليوشا سان ته وڌيڪ نفرت ٿو رکي. مگر هيءُ چور نه آهي. نه وري هـُـو هڪ جاءِ جي ڳالهه، ٻي هنڌ ٻڌائڻ وارو آهي. کيس زبان تي قبضو آهي. هـُـو اسان جون خرابيون عام ۾ ڪونه ٿو ٻـُـڌائي. هـُـو مڇيءَ جي ٽڪرن کي سليقي سان ٿو ٺاهي، پر کڏ ۾ وجهه اِنهن سڀني ڳالهين کي. ڇا ايتري ڳالهائڻ جو هـُـو سزاوار آهي؟“
”بيشڪ،هن کي ڪوبه حق نه آهي.“
”سندس افڪار؟ ٿي سگهي ٿو ته هـُـو آنا ڦوڙيندو هجي. مان روسي هارين لاءِ، خاص طرح چوان ٿو، کين موچڙي جي ضرورت آهي. مان ته هميشھ اِيئن ئي ڏٺو آهي. روسي هاري نهايت ذليل آهي ۽ رحم جي لائق ئي نه آهي. اِهو چڱو ٿيندو ته وقت بوقت مٿن لـَـڪڻ وسايا وڃن. رشيابرچ جي وڻن کان شاهوڪار آهي. جيڪڏهن، هـِـنن، اِنهن ٻيلن کي تباهه ڪيو، ته رشيا جي تباهي يقيني آهي. مان داناءَ انسانن جي تائيد ڪريان ٿو. اسان جيئن ته هارين کي مارڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڇو ته سياڻا ٿي ويا آهيون، پر هاري پاڻ کي موچڙا هڻي رهيا آهن. اِها به چڱي ڳالهه آهي، ڇو ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ڇو ته جنهن ماپي سان اسان ماپيون ٿا، اُن ماپي سان، اسان به ته ماپيا وينداسون. ڪيئن به هجي ماپ ضرور ٿيندي. رشيا سڄوئي ناپاڪ آهي. منهنجا پيارا توکي خبر نه آهي ته مان رشيا کي ڪيڏو نه نفرت سان ڏسان ٿو ..... حقيقت ۾ اِها رشيا سان نفرت نه آهي، پر اُن جي خرابين سان آهي. مون کي ته رشيا ئي چوڻو پوندو. سندس سڄي بازي بيوقوفي آهي. توکي خبر آهي ته مون کي ڪهڙي شيءِ پسند هوندي آهي. مونکي ظرافت ۾ نڪته سنجي وڻندي آهي.“
”اوهان ٻيو گلاس به پيئو، اِهو ڪافي ٿيندو ۽ بس.“
”ٿورو ترس. مون کي هڪ ڳالهه چوڻي آهي ۽ پوءِ ٻي، اُن کانپوءِ مان خاموش ٿي ويندس. نه ترس، تو وچ ۾ ڳالهايو آهي. مان ’موڪرو‘ ۾ هڪ پوڙهي سان ٿي ڳالهايو. هن مون کي ٻـُـڌايو ته، اسان وٽ هيءُ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو، ته اسان پنهنجي نينگرين کي ماريندا رهون ۽ هيءُ ڪم اسان هميشھ پنهنجي نينگرن جي حوالي ڪندا آهيون، پر جنهن ڇوڪريءَ کي اڄ هـُـن ماريو هجي، ٿي سگهي ٿو، ته سڀاڻي هـُـو کيس شاديءَ جي آڇ به ڪري. اِهڙيءَ ريت اِهو ڇوڪرين کي به پسند اَچي ٿو. خير، هيءُ عشقبازيءَ جو داستان آهي. ڪيئن به هيءَ سياڻپ جي ڳالهه آهي. ڇا اَسان به هن لذت ڀـَـري تماشي کي ڏسڻ لاءِ هلون. اَڙي اليوشا، تنهنجا ڳل ڳاڙها ڇو ٿي ويا آهن؟ منهنجا ننڍڙا ٻار شرميلو نه بڻج. مون کي افسوس آهي جو مان ’مربين‘ جي رات جي ماني تي ترسي نه سگهيس، نه ته مان هنن راهبن کي ’موڪرو‘ جي ڇوڪرين بابت ڳالهيون ٻڌايان ها. اليوشا غصي نه ٿي، ته مان اڄ صبح تنهنجي مربي جي توهين ڪئي آهي. هيءَ منهنجي بدمزاجي هئي. جيڪڏهن خدا آهي ۽ هـُـو قائم آهي ته پوءِ مان گناهه ڪيو آهي ۽ اُن جو جواب ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن خدا نه آهي ته تنهنجي اِنهن مربين جي ڪهڙي قدر ۽ قيمت آهي؟ اِهو چڱو نه آهي ته سندن سسيون لاٿيون وڃن. ڇاڪاڻ ته هـُـو ترقيءَ جي راهه ۾ روڪ آهن. توکي اعتبار ايندو ايون! هي خيالَ مون کي عذاب ڏيئي رهيا آهن. مـَـان تنهنجي اکين مان ڏسان ٿو ته توکي هن ڳالهه تي يقين نه ٿو اَچي. تون اعتبار ڪر، ته ماڻهو مون کي فقط باندر ئي سمجهن ٿا. اليوشا، توکي يقين ايندو ته مان ٻيو ڪجهه به نه آهيان پر باندر.“
”نه، مون کي هن تي اعتبار نه ٿو اَچي.“
”پر مان توتي اعتبار نه ٿو ڪريان. تون سچ به چوين ٿو. تون مخلص نظر اَچين ٿو ۽ مخلصاڻو ڳالهائين ٿو، پر ايون نه ..... هـُـو خود پسند آهي. مان تنهنجي راهبن جو خاتمو ڪندس. مان هنن صوفين جي سڄي جنس کي، روس مان نڪري وڃڻ لاءِ زور ڏيندس، جيئن سڀئي بيوقوف، ڪنهن سمجهه تي اَچي وڃن ۽ سندن سڄو سون ۽ چاندي، ضربخاني ۾ هليو وڃي.“
”پر اِهو دٻاءُ ڇو؟“ ايون کانئس پڇيو.
”اِهو اِيئن ته جيئن صداقت پاڻ کي ظاهر ڪري.“
”صحيح آهي. توهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن صداقت پاڻ کي ظاهر ڪيو، ته پوءِ تون اُهو پهريون ماڻهو هوندين، جنهن کي ڦـُـريو وڃي ۽ دَٻايو وڃي.“
فيودورپاولوچ، پنهنجي پيشانيءَ کي آهستي ڌڪ هڻي چيو ته ”مان چئي سگهان ٿو، ته تون صحيح آهين. افسوس مان ته گڏهه آهيان. ٺيڪ آهي، تنهنجون مڙهيون قائم رهن، اليوشا ۽ اسان جهڙن سياڻن ماڻهن کي، آرام سان ويهي برانڊي پيئڻ کپي. ايون، تون ڄاڻين ٿو ته وڏي طاقت واري خدا، پاڻ اِهڙو نظام رٿيو آهي. ايون! ڳالهاءِ، خدا آهي به يا نه؟ ترس، سچ ڳالهاءِ ۽ خيال سان جواب ڏي، تون وري ڇو ٿو کلين؟“
”مون کي کـِـل اِن ڳالهه تي اَچي ٿي، ته توهان بلڪل هاڻي سميرڊياڪوف جي اعتقاد بابت واضح راءِ ڏئي چڪا آهيو، ته دنيا ۾ اِهڙا به ٻه درويش موجود آهن، جي جبل کي چورَي سگهن ٿا.“
”ڇا، مان هاڻي اُن جهڙو آهيان؟“
”بيشڪ!“
”ڏاڍو چڱو. هيءُ ڏيکاري ٿو، ته مان روسي به آهيان ۽ مون ۾ روسي خصوصيتون به آهن. تون فلاسفر هوندي به شايد هنن خصوصيتن کان خالي نه هجين. ڇا مان توکي پڪڙي وٺندس؟ تون ڪيتري شرط ٿو رکين؟ مان ته توکي سڀاڻي تائين گرفت ۾ رکندس. اُها ئي ڳالهه ٻـُـڌاءِ، خدا آهي يا نه؟ ڳنڀير ٿيءُ. مان هاڻي فقط اِهو چاهيان ٿو ته تون ڳنڀير ٿيءُ.
”نه خدا ڪونه آهي.“
”اليوشا خدا آهي؟“
”بيشڪ خدا آهي.“
”ايون، جنهن شڪل ۾ روح جاودانيءَ جو تون تصور ٿو ڪرين، اُن کي ڪو وجود آهي؟“
”جاوداني شيءِ آهي ئي ڪانه.“
”ڪجهه به نه.“
”ڪجهه به نه.“
”چئبو ته هتي مڪمل ڪين آهي. اُن هوندي به ڪا شيءِ آهي. ڪين کان چڱو آهي ته ڪا شيءِ هجي.“
”مڪمل ڪين.“
”اليوشا جاودانيت آهي؟“
”هائو.“
”خدا ۽ جاودانيت؟“
”هائو خدا ۽ جاودانيت. خدا ۾ ئي بقا آهي.“
”عجب، ممڪن آهي ته ايون حق تي هجي. يا خدا! جنهن وقت مان هيءُ خيال ڪريان ٿو، ته هيءُ ايمان ۽ هيءَ طاقتون، ماڻهو ڪيئن نه ڪين جي خواب ۾ پنهنجا هزارين سال اَجايا وڃائي ڇڏيا آهن. هـُـو انسان تي ڪير کـِـلي رهيو آهي. ايون! مون کي آخري دفعو، قطعي طور تي ٻـُـڌاءِ، ته خدا آهي يا نه؟ مان هيءُ توکان آخري طور تي پڇان ٿو.“
”مان به آخري طور تي چوان ٿو ته هـُـو ڪونه آهي.“
”ايون، تڏهن انسانيت تي ڪير ٿو کـِـلي؟“
ايون مشڪندي چيو، ”اِهو شيطان ئي ٿي سگهي ٿو.“
”شيطان! ڇا اُن جو وجود آهي؟“
”نه شيطان به ڪونه آهي.“
” ۽ پوءِ افسوس آهي. ڇڏ انهن سڀني ڳالهين کي. اُن پهرئين ماڻهوءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جنهن پهريائين خدا کي ڳولهي لـَـڌو هو. کيس ڪنهن ڪنڊن واري وڻ تي لڙڪائڻ چڱو ٿيندو؟“
”جيڪڏهن خدا کي نه ڳولهين ها، ته هيءَ تهذيب ۽ تمدن وجود ۾ ئي نه هجي، ها.“
”خدا کان سواءِ، هـُـو نه هجي ها؟“
”نه. پوءِ ته هيءَ برانڊي به نه هجي ها. پر مان توکان هيءَ برانڊي، ڪنهن به طرح کسڻ گهران ٿو.“
”عزيز ڇوڪرا، خاموش! خاموش! خاموش! هڪ وڌيڪ گلاس. مان اليوشا جي جذبات کي ڏُکويو آهي. اليوشا تون ڪاوڙ ۾ ته نه آهين؟ منهنجا پيارا ننڍڙا اليڪسي!“
”نه، مون کي ڪوبه غصو نه آهي. مون کي تنهنجي خيالن جي خبر آهي، تـُـنهنجي دل، تـُـنهنجي دماغ کان بهتر آهي.“
”منهنجي دل، منهنجي دماغ کان بهتر آهي. ڇا اِئين برابر آهي؟ يا خدا! هيءَ راءِ به هن کان. ايون، تون اليوشا کي پيار ڪرين ٿو؟“
”هائو.“
”توکي، هن کي پيار ڪرڻ گهرجي. (فيودورپاولووچ، هن وقت سخت نشي ۾ هو) ڌيان سان ٻـُـڌ اليوشا، مان اڄ صبح جو تنهنجي مربيءَ سان بي مروتيءَ سان هليو آهيان، پر مان جوش ۾ هوس، پر تنهنجي مربيءَ ۾ ظرافت سان ڀريل نڪته سنجي ضرور آهي. تون نه ٿو سمجهين ايون؟“
”بيشڪ.“
”هـُـن ۾ آهي، هـُـن ۾ آهي. هـُـو هڪ يسوعي آهي ۽ هڪ روسي. جيئن ته هـُـو معزز شخص آهي، اُن ڪري منجهس لڪيل بيزاري آهي، جا پئي ٿي ٽهڪي. اُن جو لازمي نتيجو آهي ته هو ڌوڪو ڏئي ۽ پاڻ کي پاڪيزه سمجهي.“
”پر اُن هوندي به هـُـو خدا کي مڃي ٿو.“
”ڪجهه به نه، توکي خبر نه آهي؟ ڇو، هـُـو ته سڀني کي پاڻ ٻـُـڌائيندو رهندو آهي. فقط سڀ ڪنهن کي نه، پر سڀني دانشمندن کي، جي وٽس ايندا آهن. هن گورنر شولٽرز کي سنئون سڌو چيو هو، ’مان مقدس آهيان‘، پر اِها خبر نه اٿم ته ڇا ۾؟.“
”سچ پچ؟“
”سچ پچ. اُن هوندي به مون کي هن لاءِ عزت آهي. منجهس شيطانيت آهي يا وري هـُـو پنهنجي وقت جو سورمو آهي. سندس نالو اَرينن آهي يا ڪو ٻيو؟ ... تون ڏسين ٿو ته هـُـو عياش آهي. ايتري قدر، جو مان جيڪر پنهنجي ڌيءُ يا ماءُ اُن وٽ نه ڇڏيان. توکي خبر آهي ته هـُـو ڪيئن ڳالهيون ٻـُـڌائڻ شروع ڪندو آهي ... ٻه سال گذريا، هن اسان کي چانهن تي مدعو ڪيو هو. چانهن، شراب سان گڏ. (بيگمن هن ڏانهن شراب موڪليو هو.) هـُـن اُتي پراڻي وقت جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. ايتري قدر جو ويٺي اسان جا پاسا سـُـڄي ويا. خاص طرح هـُـن ٻڌايو ته ڪهڙيءَ ريت، هـُـن هڪ معذور عورت کي خوش ڪيو هو. هـُـن چيو ٿي ته جيڪڏهن منهنجون ٽنگون خراب نه هجن ها ته مون کي رقص ڪرڻ ايندو آهي ۽ مان اوهان کي رقص ڪري ڏيکاريان ها. اوهان هن لاءِ ڇا ٿا چئو؟ مون وٽ گهڻيون ئي چالون آهن. هـُـن ڊميڊوف واپاريءَ جا سـَـٺ هزار روبل کڻي ورتا.“
”ڇا هـُـن اِها چوري ڪئي هئي؟“
”هن اعتبار ڏئي، اُنهن پيسن تي قبضو ڪيو هو. هـُـن کيس چيو هو ته ”دوست هن رقم کي، منهنجي بجاءِ تون پاڻ وٽ سنڀالي رک، ڇو ته منهنجي گهر جي، سڀاڻي پوليس تلاشي وٺندي. هـُـن پاڻ وٽ اِهي پيسا رکيا. هـُـن بعد ۾ اعلان ڪيو، ته اِهي پيسا ديول کي ڏنا ويا آهن. مان کيس چيو ته تون گهٽيا آهين. هـُـن جواب ڏنو ته مان گهٽيا نه آهيان پر بلند نظر آهيان. اُن وقت ڄڻ ته هـُـو نه هيو، پر ٻيو ڪو هيو. بنا ڪنهن ڏسڻ وائسڻ جي مان هـُـن کي ڪنهن ٻي سان ملائي ڇڏيو آهي .... مان ٻيو گلاس ۽ اِهو ڪافي آهي. ايون هن شيشي کي کڻي وڃ. مان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هوس. اوهان مون کي روڪيو ڇو نه ٿي؟ ايون، مون کي ٻڌاءِ ته مان ڪوڙ ڳالهائيندو ٿي رهيس؟“
”مون سمجهيو ٿي ته پاڻ ئي چـُـپ ٿي ويندين.“
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. تو اِهو سڀ بغض کان ٿي ڪيو. توکي منهنجي خلاف بغض آهي. توکي مون کان نفرت آهي. منهنجي گهر ۾ ويهي، مون کان نفرت ٿو ڪرين.“
”ٺيڪ آهي، مان وڃان ٿو، تون گهڻو شراب پي ويو آهين.“
”مان توکي منٿ ڪندو رهيو آهيان ته (حضرت) عيسيٰ جي نانءُ تي، هڪ ٻن ڏينهن لاءِ شرما شينا ڏي هليو وڃ پر تون نه ٿو وڃين.“
”جيڪڏهن تون هن ڳالهه تي اصرار ٿو ڪرين، ته مان سڀاڻي اوڏانهن هليو ويندس.“
”تون ڪونه ويندين. تون چاهين ٿو، ته مون تي ڪـَـرڙي نگاهه رکين. اِهو ئي توکي کپي ٿو ڪيني سان ڀريل انسان! اِهوئي سبب آهي، جو تون نه ٿو وڃين.“
پوڙهي کي آرام نه ٿي آيو. هـُـو نشي جي اُن حد کي پهچي چـُـڪو هو، جتي نشي ۽ ڪاوڙ ۾ اَچي، ماڻهو وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. هـُـن ايون کي چيو ته:
”تون، مون ڏي ڇو ٿو نهارين؟ مون ڏي اِيئن ڇو ٿو نهارين؟ تنهنجون اکيون مون ڏي نهاري ٻـُـڌائين ٿيون، ته تون مون کي بدمعاش شرابي ٿو سمجهين. تنهنجي اکين ۾ بي اعتباري آهي. اِهي حقارت سان ڀريل آهن. تون هتي ڪنهن رِٿ سان آيو آهين. اليوشا پڻ مون ڏانهن نهاري رهيو آهي. سندس اکيون چمڪي رهيون آهن. اليوشا مون کي نفرت سان نه ڏس. اليڪسي توکي ايون سان محبت نه ڪرڻ کپي.“
”منهنجي ڀاءُ سان بدفطرت نه ٿي. هـِـن تي حملا ڪرڻ ڇڏي ڏي.“ اليوشا پر زور لهجي ۾ چيو.
”او، چڱو. اَڙي منهنجي مٿي ۾ سور آهي. برانڊي کڻي وڃ ايون. هيءُ ٽيون ڀيرو آهي، جو مون توکي چيو آهي.“ هـُـو گهڙيءَ کـِـن ڳڻتي ۾ پئجي ويو. پوءِ سندس چهري تي کـِـلَ سان گڏ مڪاري پکڙجي وئي ۽ چوڻ لڳو ته:
”هڪ پوڙهي ۽ ڪمزور ماڻهوءَ تي ڪاوڙ نه ڪر ايون! مان ڄاڻان ٿو، ته تون مون سان محبت نه ٿو ڪرين پر گهٽ ۾ گهٽ ڪاوڙ ته نه ڪر. مون وٽ آهي ئي ڇا، جو مون سان محبت ڪرين. تون شرما شينا ڏي وڃ. مان توڏي پاڻ ايندس ۽ تولاءِ تحفو کنيون ايندس. مان توکي، اُتي هڪ حسين ڇوڪري ڏيکاريندس. منهنجي اک مٿس گهڻي عرصي کان آهي. هـُـوءَ اَڃا تائين اُگهاڙي پيرين آهي. اُگهاڙن پيرن وارين حسين ڇوڪرين کان خوف نه کاءُ. اُنهن کي نفرت سان نه ڏس، هـُـو موتي آهن!“
”هـُـن ڏاڍي مزي مان، سندس هٿ کي چمي ڏني.“
”منهنجي خيال ۾“ هـُـو هڪدم پاڻ ڏي موٽي آيو. اِيئن ٿي نظر آيو ته کانئس سڄي مستي اُڏامي وئي آهي ۽ پنهنجي مضمون لاءِ سنجيده ٿي ويو آهي. ”منهنجي خيال ۾، منهنجا ننڍڙا ڇوڪرؤ! ننڍڙا ٻارؤ! منهنجي خيال ۾، مان ڪڏهن به ڪنهن به عورت کي بـُـرو نه سمجهيو آهي. اِهوئي منهنجو دستور رهيو آهي! توهان اِنهيءَ کي سمجهي سگهو ٿا؟ توهان اِنهيءَ کي ڪيئن سمجهي سگهندا؟ توهان جي رُڳن ۾ رت ڪٿي اَڃا کير آهي. توهان ته اَڃا ڍَڪ کان ئي ٻاهر نه نڪتا آهيو. منهنجو دستور هميشھ اِهو رهيو آهي ته هر هڪ عورت ۾ شيطانيت ڀـَـري دلچسپي ڏسان، جا اوهان کي ٻي هنڌ ڪٿي به نظر نه ايندي. فقط ڳالهه هيءَ آهي، ته ڪو اُن کي ڳولي ڄاڻي. اِهوئي ته نقطو آهي! اِهائي ته صلاحيت آهي. منهنجي کاتي ۾ ڪابه بڇڙي عورت ڪانه آهي. مون لاءِ هيءُ ڪافي آهي ته هوءَ لڙائيءَ ۾ اَڌ عورت ئي آهي ... پر توهان هيءُ ڪيئن سمجهي سگهندا؟ ايستائين جو پيرسن ڇوڪرين ۾ به ڳولهيندي اوهان کي ڪجهه ملي ويندو. پوءِ اوهان کي عجب لڳندو، ته ماڻهو ڪهڙا نه بيوقوف هئا، جو اُنهن کي ڏسڻ کانسواءِ پيرسنيءَ لاءِ ڇڏي ڏنو اَٿائون. اُگهاڙن پيرن واريون ڇوڪريون جاذب نظر نه اينديون آهن، پر توهان اُنهن کي ضرور اوچتو ڏسو. توهان هن کي نه ٿا ڄاڻو ڇا؟ توهان سندن ارد گرد رهو، جيستائين ساڻن اوهان جو پيوند پختو ٿي وڃي ۽ هـُـو ڄاڻي سگهن، حيران ٿين ۽ شرمنديون ٿين، ته ههڙو سـَـکر ماڻهو، ڦوهڙ عورتن جي محبت ۾ گرفتار آهي. هيءَ پرلطف ۽ عمدي شيءِ آهي، ته هن جهان ۾ آقا به آهن ۽ غلام به. اُن ڪري هميشھ ناچيز خدمت واريون به هونديون ۽ مالڪ به. توکي اِها خبر هجي، ته هي سڀ، عيش ۽ نشاط لاءِ گهربل شيون آهن. اليوشا ترس ۽ غور سان ٻـُـڌ، مان تنهنجي ماءُ سان اِرادي کانسواءِ ملندو هوس پر ڪنهن ٻي طريقي سان. مان اُن ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏيندو هوس. مگر وقت تي، اُن کي پيار ڏيکارڻو پوندو هو ۽ خودداري قائم رَهي نه سگهندي هئي. هوءَ هڪدم کلڻ شروع ڪري ڏيندي هئي. مون کي اُهو نظارو ياد ٿو اَچي ته اِيئن ٿو معلوم ٿئي ته هوءَ ڄڻ منهنجي سامهون ويٺي آهي. هيءُ سندس کلڻ خاص نوعيت جو هو. مان ڄاڻندو هوس ته اڄ جو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو عارضي آهي. سڀاڻي وري ساڳي فرياد هوندي ۽ ساڳيو روڄ ۽ پٽڪو. ڄڻ ته ڪا غيبات زده ورتل آهي. سندس هر مختصر کلڻ، خوشي ۽ اطمينان جو اظهار نه آهي پر سڄي بناوٽ آهي. هي آهن، خاص خصوصيتون زالن جون!
هڪ ڀيري بيلنسڪي، جو حسين ۽ دولتمند آهي، پتنگ وانگر هـُـن جي چوڌاري ٿي ڦريو. شروع ۾ اَسان جي گهر ۾ اَچڻ وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي گهر ۾، هـُـن جي سامهون مون کي چماٽ هڻي ڪڍيائين. هوءَ جا رَڍ وانگر هئي، خوف ٿيو ته هوءَ مون کي ڌڪ هڻي زمين تي ڪيرائي وجهندي، چوڻ لڳي ته هـُـن توکي ماريو آهي، ماريو آهي. تو مون کي وٽس وڪڻڻ ٿي گهريو. هن کي ڪيئن اِها جرئت ٿي آهي، جو منهنجي سامهون توکي ڌڪ هنيو اَٿائين. وري منهنجي ڀرسان اَچڻ جي جرئت نه ڪجانءِ. ڪڏهن به نه، ڪڏهن به نه. ڊوڙ ۽ دوبدو ويڙهه (Dull) جي هن کي دعوت ڏئي. مان لاچار ٿي پيس ۽ کيس ديول ۾ وٺي ويس، ته جيئن کيس آرام اَچي. راهبن اُن جي لاءِ دعا گهري. اليوشا مان خدا جو قسم کڻي چوان ٿو ۽ مان ڪڏهن به اُن جـِـن ورتل ڇوڪريءَ جي بي عزتي نه ڪئي. فقط هڪ دفعو، پهرئين سال ۾، کيس عبادت سان ڏاڍو شوق هو. هـُـو بي بي مريم جي عزت ۾ دعوتون ڪندي هئي ۽ مون کي گهر کان ڪڍي ڇڏيندي هئي. مان خيال ڪيو، ته هي تصوف منجهانئس ڪڍي ڇڏڻ کپي. هيءُ بي بي مريم جو پاڪ مجسمو ڏسين ٿي، مان اُن کي ڊاهي ٿو ڇڏيان. تون هن کي معجزي جهڙو ٿي سمجهين، مگر مان اُن کي تنهنجي سامهون ڦٽو ٿو ڪريان ۽ تون ڏسندين ته مون کي ڪجهه به نه ٿيندو. جڏهن هـُـن هيءُ ٻـُـڌو ته سخت غصي ۾ ڀرجي وئي ۽ معلوم اِيئن پئي ٿيو ته هـُـوءَ مون کي ماري وجهندي. مگر هـُـن فقط مٿي ٽپو ڏنو ۽ هٿن کي مهٽيو ۽ اوچتو پنهنجو منهن اُن ۾ لڪائي ڇڏيائين. ڏڪي ڏڪي آخر زمين تي ڪـِـري پئي ..... ڄڻ ته ڪا ڳنڍڙي ڪري پئي. اِليوشا، اليوشا توکي ڇا ٿو ٿئي؟“
پوڙهو پريشانيءَ ۾ ٽپو ڏئي اُٿيو. سندس پيءُ جڏهن سندس ماءُ بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، ته سندس چهري ۾ آهستي آهستي تغير ايندو ٿي ويو. سندس منهن جو رنگ گلابي ٿيندو ويو، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چپ ڦڙڪڻ لڳا. پوڙهو، جو نشي ۾ مست هو ۽ سندس منهن مان گڦ ٿي نڪتي، اليوشا جي حالت ۾ تبديلي کي ڏسي نه سگهيو. جڏهن اُن کي غيبات زده عورت چئي، هـُـن سندس ذڪر شروع ڪيو، تڏهن اوچتو اليوشا تي اُن جو اثر پيو. هـُـو پنهنجي جاءِ تان اِيئن ٽپو ڏئي اُٿيو، جيئن سندس ماءُ بابت ٻڌايو ٿي ويو. پنهنجي هٿن کي مهٽيائين ۽ اُنهن ۾ منهن لڪائي ڇڏيائين. ڪرسي تي ڪري پيو. هسٽيريا جي مريض وانگر زاروزار روئڻ لڳو ۽ سندس عضون ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. اِن حال ۾ سندس ماءُ سان مشابهت ڏسي، پوڙهي جي مٿان وڏو اَثر پيو.
”ايون، ايون، جلدي ڪري پاڻي آڻ. بلڪل ماءُ وانگر، جيئن هوءَ ڪندي هئي. سندس منهن ۾ پاڻي هڻ. مان اُن سان به اِيئن ڪندو هوس. هن جي پريشاني به ماءُ وانگر آهي. ماءُ وانگر.“
اوچتو ايون، ڪاوڙ ڀريل نفرت ۾ چيو ”هـِـن جي ماءُ منهنجي به ماءُ هئي. ڇا اِيئن نه آهي.“ سندس ڪاوڙ ۽ نفرت، ضابطي کان ٻاهر هئا. پوڙهو سندس چمڪندڙ اَکين جي اڳيان ڏڪڻ لڳو. اُن وقت هڪ عجيب معاملو ٿي گذريو، جيتوڻيڪ اُهو هڪ سيڪنڊ لاءِ هو. شايد پوڙهي جي دل تان هيءُ خيال لهي ويو هو ته اليوشا جي ماءُ ايون جي به ماءُ هئي.
”تنهنجي ماءُ،“ هـُـن ڀـُـڻڪيو ۽ بي سمجهيءَ مان چيائين، ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ڪهڙيءَ ماءُ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟ اُها تنهنجي به ماءُ هئي؟ بيشڪ اُها به تنهنجي ماءُ هئي! ڇڏ اِنهيءَ ڳالهه کي، منهنجي دل ڪڏهن به ايترو اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا نه هنيا آهن. مان خيال ڪريان ٿو ايون، مون کي معاف ڪر. هي، هي، هي ....“ اُن وقت هـُـو خاموش ٿي ويو ۽ سندس چپن تي شيطانيت ڀريل مـُـشڪ ظاهر ٿي.
عين اُن وقت هڪ خطرناڪ شور ۽ جنجال هال ۾ پيدا ٿيو. ڊيڄاريندڙ رڙيون شروع ٿي ويون. دروازو زور سان کليو ۽ دمتري ڪمري ۾ آيو. پوڙهو خوف کان ايون جي طرف ڀڳو.
”هي مون کي خون ڪندو، هيءُ مون کي خون ڪندو! هن کي مون ڏي نه ڇڏ.“ هـُـن خوف کان رڙ ڪئي ۽ ايون جي ڪوٽ کي چنبڙي پيو.

باب نائون: حوس پرست

گريگري ۽ سميرڊياڪوف، دمتري جي پويان ڪوٺيءَ ڏي ڊوڙي پيا. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ فيودورپاولووچ، کين هدايتون ڏئي ڇڏيون هيون، اُنهن موجب هـُـو رستي ۾ کانئس وچڙي پيا ۽ کيس اندر وڃڻ کان روڪڻ لڳا. ڪوٺيءَ ۾ گهڙڻ کان اڳ ۾، دمتري گهڙي کن ترسي کيس ڏسڻ لڳو. اُن جو فائدو وٺي گريگري ميز جي چوڌاري ڦـِـري، ڪوٺيءَ جي سامهون واري پاسي جي ٻنهي دروازن کي بند ڪري ورتو، جن مان اندرين ڪوٺين ڏي وڃڻ جو لنگهه هو. اُن کانپوءِ هـُـو پنهنجون ٻانهون کـُـنجي، پنهنجي رت جي پوئين ڦڙي تائين، لنگهه جي بچاءَ لاءِ اُتي بيهي رهيو. گريگري هيءُ ڏسي رڙ ڪري دمتري تي چڙهي ويو.
”هوءَ هتي آهي. هوءَ هتي لڪي پئي آهي. رستي کي ڇڏي ڏي بدمعاش.“
هن گريگريءَ کي ڇڪي پـَـري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر پوڙهي خادم کيس ڌِڪي پوئتي ڪيو. دمتري جوش ۾ ڀرجي ويو ۽ گريگريءَ کي پوريءَ طاقت سان ڌڪ هنيائين. پوڙهو هن ڌڪ سان بـُـنڊ وانگر ڪري پيو. دمتري مٿانئس ٽپو ڏئي، دروازي تائين پهچي ويو. سميرڊياڪوف سڄو هيڊو ٿي ويو ۽ ڏڪڻ لڳو. هـُـو ڪوٺيءَ جي ٻي پاسي فيودورپاولووچ جي ڀرسان گهٻراهٽ کان سيٽجي ڳٺڙي وانگر پئجي رهيو.
”هوءَ هتي آهي.“ دمتري رڙ ڪري چيو. مان کيس هينئر، هن گهر ڏي ڦيرو کائي ايندي ڏٺو، پر مان کيس وٺي نه سگهيس. هوءَ ڪٿـِـي آهي؟ ڪٿي آهي؟“
”هوءَ هتي آهي،“ هن جو ڪجهه رڙ ڪري چيو، اُن فيودورپاولووچ تي وڏو اَثر ڪيو ۽ کانئس سڄو خوف هليو ويو.
”جهلينس! جهلينس!“ هـُـن رڙ ڪري چيو ۽ دمتريءَ جي پويان پيو.
اُن وقت، گريگري فرش تان اُٿي کڙو ٿيو هو، پر کيس اُن صدمي کان اَڃا هوش نه آيو هو. ايون ۽ اليوشا پيءُ جي پٺيان ڊوڙيا. ٽئين ڪوٺيءَ ۾ فرش تي ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جو آواز آيو. هيءُ هڪ شيشي جي وڏي ڪـُـونڊي هئي. جيڪا سنگ مرمر جي هڪ ڪرسيءَ تي رکيل هئي ۽ ڪا وڏي قيمت جي نه هئي. دمتريءَ جي ڊوڙڻ جي سبب، شايد ساڻس ٽڪرجي ڪـِـري پئي هئي.
پوڙهي ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو ته ”هن کي وٺو ۽ منهنجي مدد ڪريو.“
ايون ۽ اليوشا، آخر هي سوچيو ته هـُـو پير مرد تائين پهچي، کيس زور سان اُتان وٺي وڃن. هيءُ ڏسي فيودورپاولووچ کين رڙ ڪري چيو ته ”هـِـن جي پويان ڇو ٿا ڊوڙو، هن حال ۾ ممڪن آهي ته هـُـو اوهان کي ماري نه ڇڏي؟“
”ايون، اليوشا، گروشينڪا اِتي آهي، اِتي آهي. مون کيس هيڏي ايندي ڏٺو آهي.“ فيودورپاولووچ جو ساهه ڏاڍي سختيءَ سان ٿي کڄيو. هـُـو سـَـهڪيو ٿي. جيئن ته کيس اُن ڏينهن اُن حوس پرست عورت جي اَچڻ جو انتظار هو، اُميد جي خلاف هيءُ ٻـُـڌي ته گروشينڪا اِتي آهي، ديوانو ٿي ويو. هـُـو ڪاوڙ کان ڏڪڻ لڳو، ڄڻ ته عقل کانئس ڇڏائي ويو هو.
ايتري ۾ ايون کيس رڙ ڪري چيو ته ”تون پاڻ اَچي ڏٺو آهي، ته هوءَ هيڏي نه آئي آهي.“
”ٿي سگهي ٿو، ته هوءَ ڪنهن ٻي لنگهه کان آئي هجي.“
”توکي خبر آهي ته ٻيا لنگهه قلف سان بند آهن ۽ اُنهن جون ڪـُـنجيون تو وٽ آهن. دمتري اوچتو وري نشست گاهه ۾ ظاهر ٿيو. هن دروازي کي بند ڏٺو ۽ ڪـُـنجي فيودورپاولووچ جي کيسي ۾ هئي. ڪوٺين جون دريون به بند هيون. اِهڙيءَ حالت ۾ اِهو ناممڪن هو، ته گروشينڪا اُتي هجي يا اُتان ٻاهر نڪري وئي هجي.
فيودورپاولووچ، جيئن ئي کيس ٻيهر ڏٺو، ته رڙ ڪري چيائين ته ”جهليوس. هـُـو منهنجي سمهڻ واريءَ ڪوٺي مان پيسا چورائي آيو آهي.“ اِيئن چوندي هـُـو ايون کان پاڻ ڇڏائي، وري دمتري ڏي ڪاهي ويو، پر دمتري ٻنهي هٿن کي مٿي کنيو ۽ پوڙهي کي وارن کان وٺي ڇـِـڪيائين. سندس ٻن چوٽين کي زور سان جهلي سـَـٽ ڏنائين، جنهن ڪري، پوڙهو وڏي آواز سان زمين تي ڪري پيو. پوءِ پنهنجي بوٽ جي تري سان، سندس منهن تي ٻه ٽي ڀيرا لـَـتون هڻي ڪڍيائين. پوڙهو اُنهن ڌڪن سان ڪـِـنجهڻ لڳو. ايون جيتوڻيڪ دمتريءَ کان مضبوط نه هو، پر هن پنهنجي ٻنهي ٻانهن سان کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ سڄيءَ طاقت سان کيس ڇڪي پـَـري وٺي ويو. اليوشا به پنهنجي پوري پني طاقت سان دمتري کي سامهون اَچي روڪيو.
ايون کيس چيو ته ”چريا! تو هـِـن کي ماري ڇڏيو.“
”هـُـو پنهنجي سزا کي پهتو آهي.“ دمتري سهڪندي چيو. ”هو جيڪڏهن نه مئو آهي، ته مان وري کيس مارڻ لاءِ ايندس. توهان هن جو ڪوبه بچاءُ نه ٿا ڪري سگهو.“
”هتان هڪدم هليو وڃ!“ اليوشا کيس حڪم ڏيندي چيو.
”اليگزي تون مون کي ٻـُـڌاءِ. مان فقط توتي ئي اعتبار ڪري سگهان ٿو. هوءَ هتي آئي هئي يا نه؟ مان کيس ڏٺو هو ته هوءَ گهٽيءَ مان لوڙهي جي ڀر ڏئي چـُـرندي ٿي آئي. مان کيس سڏ ڪيو پر هوءَ ڀڄي وئي.“
”مان قسم کڻي ٿو چوان، ته هوءَ هيڏي ڪانه آئي آهي، نه وري سندس اَچڻ جي اُميد ئي هئي!“
”پر مان کيس ڏٺو هو .... کيس اَچڻ گهربو هو .... مان کيس هڪدم ڳولي وٺندس ته هوءَ ڪٿي آهي ..... خدا حافظ اليڪسي! رقم جي باري ۾ هاڻي ايسب سان ڪابه ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، پر ڪيٽرينا ايونونا ڏي جلدي ۾ وڃ ۽ کيس پوري يقين سان چئج، ته هو توکي سلام پيو ڏئي، سلام! هت جو به گذريو آهي، کيس ٻڌائج الوداع.“
ان وچ ۾ گريگري ۽ ايون پوڙهي کي زمين تان اُٿاريو ۽ آرام ڪرسيءَ تي کيس ويهاريائون، سندس سڄو منهن رت سان ڀرجي ويو هو، پر هو هوش ۾ هو ۽ ڏاڍي غور سان دمتريءَ جي واڪن کي ٻـُـڌي رهيو هو. هـُـو اَڃا سوچي رهيو هو، ته گروشينڪا شايد گهرجي ڪنهن ڪنڊ يا پاسي ۾ موجود آهي. دمتري کيس نفرت سان ڏٺو ۽ هيئن چوندي گهر کان ٻاهر نڪري ويو ته:
”مون کي تنهنجو رت هاريندي ڪابه پشيماني ڪانه ٿي آهي، هوشيار رهه پوڙها! پنهنجي خواب کان هوشيار رهه! مون کي به پنهنجو خواب آهي، مان توکي بد دعائون ڏيان ٿو ۽ پنهنجو نه ٿو سمجهان.“
هـُـو ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ويو.
پوڙهي نهايت ڪمزور آواز ۾، جو مشڪل سان ٻـُـڌڻ ۾ ٿي آيو، چيو ته ”سميرڊياڪوف! سميرڊياڪوف! هوءَ هـِـتي آئي، هوءَ اِتي ضرور آئي.“ هـُـن آڱر کڻي پنهنجي سوال کي مضبوطي به ڏني.
”نه، هوءَ هتي ڪانه آهي، پوڙها جنوني“ ايون ڪاوڙ مان واڪو ڪري چيو. ”اِجهو هيءُ بيهوش ٿي ويو. پاڻي، ٽوال، جلدي ڪر سميرڊياڪوف.“
سميرڊياڪوف پاڻي آڻڻ لاءِ ڊوڙي پيو. آخر هنن پوڙهي جا ڪپڙا لاٿا ۽ کيس بستري ۾ سمهاري ڇڏيائون ۽ آلو ٽوال سندس مٿي کي ويڙهيائون. جيئن ته برانڊيءَ جو نشو هوس، حد کان گهڻو جوش هوس ۽ ڌڪ به لڳا هئس، اُنڪري وهاڻي تي ايندي ئي، گهري ننڊ ۾ پئجي ويو. اِيون ۽ اليوشا نشستگاهه ڏي موٽي ويا. سميرڊياڪوف ڀڳل گلدان جي ٽڪرن کي ميڙڻ لڳو ۽ گريگري مايوسيءَ مان زمين کي نهارڻ لڳو. اليوشا کيس چيو ته:
”تون به پنهنجي مٿي کي آلو ڪپڙو ويڙهي، بستري ۾ وڃي آرام ڪر. اسان هن جي نگهباني ڪنداسون. منهنجي ڀاءَ توکي به مٿي جو سخت ڌڪ هنيو آهي.“
گريگريءَ ڏک ڀري آواز ۾ چيو ته، ”هن منهنجي بي عزتي ڪئي آهي.“
”هن فقط تنهنجي بي عزتي نه ڪئي، پر پنهنجي پيءُ جي به ڪئي آهي.“ ايون چپن تي زور سان ڦـِـڪي مشڪ آڻيندي چيو.
”مان کيس ٽـَـپَ ۾ وهنجاريندو هوس. هن منهنجي بي عزتي ڪئي آهي.“ گريگري وري به چيو. ”کڏ ۾ وجهه اِنهن ڳالهين کي. مان کيس جيڪڏهن ڇڪي پري نه ڪريان ها ته هـُـو شايد کيس ماري وجهي ها! مان هن کان وڌيڪ، ايسب جي لاءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيس.“ ايون، اليوشا سان سـُـسُ پـُـس ڪئي.
”خدا کيس هدايت ڏئي.“ اليوشا چيو.
”خدا، کيس ڇو هدايت ڏئي؟“ ايون جو چهرو ڪاوڙ سان ڀرجي ويو ۽ هـُـن ساڳيءَ ريت، سـُـس پـُـس ڪندي چيو ته، ”هڪ نانگ ٻي نانگ کي ڳهي ويندو ۽ اِهو حادثو ٻنهي لاءِ فائدي وارو هوندو.“
اليوشا ڏڪي ويو.
”بيشڪ مان هن کي خون ٿيڻ نه ڏيندس. جيئن هاڻي ڪيو اٿم، پوءِ به اِيئن ڪندس. اليوشا تون هتي ترس، مان گهڙي کن لاءِ آڳر ۾ وڃان ٿو، ڇو جو منهنجي مٿي ۾ سور آهي.“
اليوشا، پيءُ جي ڪمري ۾ هليو ويو. هـُـو پردي جي پويان ڪلاڪ کن، سندس بستري جي ويجهو ويٺو رهيو. پوڙهي اوچتو پنهنجون اکيون کوليون ۽ اليوشا ڏانهن گـُـهور ڪري نهاريندو رهيو. هـُـو ڄڻ ته ڪجهه ياد ڪري رهيو هو ۽ اُن تي غور ڪري رهيو هو. اوچتو سندس منهن بدلجي ويو ۽ معمول کان گهڻو پريشان ٿي ويو. ڊڄندي نهايت حـَـّهڪي آواز ۾ چيائين:
”اليوشا، ايون ڪٿي آهي!؟“
”هن کي مٿي ۾ سور هو ۽ هـُـو آڳر ڏانهن ويو آهي. هـُـو ٻاهر نگهباني ڪري رهيو آهي.“ هـُـو آئينو، جو رکيو آهي، مون کي کڻي ڏي.
اليوشا اُٿيو ۽ چڪر ڏيئي آئيني کي کنيائين، جو وڏي الماريءَ جي خانن جي مٿان رکيو هو ۽ کيس آڻي ڏنائين. پوڙهي پاڻ کي اُن ۾ ڏٺو. سندس نڪ چڱو سڄيل هو ۽ نرڙ جي کاٻي پاسي تي وڏو گلابي رنگ جو زخم هو. آئيني کي پاسي ڪري چوڻ لڳو:
”اليوشا، منهنجا پيارا،ايون ڇا پئي چيو؟ تون ئي ته منهنجو هڪڙو پٽ آهين. مان ايون کان ڊڄان ٿو. مان کانئس ايترو ڊڄان ٿو، جو ڪنهن ٻي کان نه ٿو ڊڄان. تون ئي هڪڙو آهين، جنهن کان مون کي خوف نه ٿو ٿئي .....“
”ايون کان نه ڊڄو. هـُـو ڪاوڙ ۾ ضرور آهي پر اوهان جو بچاءُ ڪندو.“
”اليوشا ڀلا پيءُ جي ڳالهه ڪر. هـُـو گروشينڪا ڏي ويو هوندو. منهنجا فرشتا مون کي سچ ٻڌاءِ، هوءَ هتي هئي به يا نه؟“
”ڪنهن به کيس ڪونه ڏٺو آهي. هيءَ غلطي هئي. هوءَ هتي ڪانه هئي.“
”توکي خبر آهي ته مـِـتيا ساڻس شادي ڪرڻ ٿو گهري؟“
”هوءَ ساڻس شادي ڪانه ڪندي!“
”هوءَ ڪڏهن به نه، هوءَ ڪڏهن به نه، هوءَ ڪڏهن به نه، ڪنهن به قيمت تي ساڻس شادي نه ڪندي.“
پوڙهو خوشيءَ وچان ٽڙي پيو، ڄڻ ته هن کان وڌيڪ راحت ڏيندڙ شيءِ ٻي، هن جي لاءِ ٿي نه پئي سگهي. هن خوشيءَ مان اليوشا جي هٿ کي وٺي، ڏاڍي شوق مان پنهنجي دل وٽ آندو ۽ اُن کي زور ڏنائين. سندس اکين ۾ ڳوڙها چمڪڻ لڳا.
”بي بي مريم جو مجسمو، جنهن بابت مون توسان گهڙي کن اڳ ۾ گفتگو ٿي ڪيو، اُن کي پاڻ سان کنيو وڃ ۽ اُن کي پاڻ وٽ رک. مان توکي اِجازت نه ڏيان ته تون خانقاه ڏي موٽي وڃ ... غصي نه ٿيءُ، مان صبح توسان اِهو چرچو ٿي ڪيو. اليوشا... اليوشا منهنجي دل کي راحت پهچاءِ. فرشتو بڻجي وڃ ۽ مون کي سچ ٻڌاءِ!؟“
اليوشا نهايت ڏک مان کيس چيو ته ”تون اَڃا به اِهو ٿو پڇين ته هوءَ هتي هئي يا نه؟“
نه، نه مان تو تي اعتبار ٿو ڪريان. مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، ته حقيقت ڇا آهي؟ تون گروشينڪا ڏي پاڻ وڃ يا کيس ڪٿي هٿ ڪري، معلوم ڪر ته هوءَ ڪنهن جو انتخاب ٿي ڪري، منهنجو يا هـُـن جو؟ جلدي ڪر. ڪيئن منهنجي هيءَ خدمت ڪري سگهندين يا نه؟
اليوشا هن حال ۾، جو نهايت منجهيل هو، کيس جواب ڏنائين ته، ”جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ته مان کيس چوندس.“
پوڙهي سندس ڳالهه کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو ته، ”هوءَ توکي ڪجهه نه ٻڌائيندي. هوءَ وڏي بڇڙي آهي. هوءَ توکي چمڻ شروع ڪري ڏيندي ۽ چوندي ته تون ئي مون کي پسند آهين. هوءَ وڏي مڪار ۽ بي شرم عورت آهي. تون هن ڏي نه وڃ. تون هـُـن ڏي نه وڃ.“
”نه بابا سائين! اِهو ٺهي به نه ٿو. اِهو ڪنهن به حالت ۾ صحيح ٿي نه ٿو سگهي.“
”هـُـو توکي هاڻي ڪنهن ڏي موڪلي رهيو هو. جيئن هـُـو ڊوڙندو ٿي ويو، هن توکي وڏي واڪي سان چيو هو ته ’وڃ‘.“
”ڪيٽرينا ايونونا ڏانهن.“
”پيسن لاءِ، فقط رقم جي گهرڻ لاءِ؟ هن وٽ پيسو ڪونه آهي. ڪوڏي به ڪانه اَٿس. مان رات تائين بهتر ٿي ويندس ۽ پوءِ ڳالهين تي سوچيندس. تون هاڻي وڃ ... جي ٿي سگهئي ته هن سان مـِـلُ. فقط سڀاڻي صبح سان ضرور اَچج. مون کي ڪجهه توسان ڳالهائڻو آهي. ڪيئن ايندين نه؟“
”هائو.“
”ڪهڙي وقت ايندين؟ تون اِيئن ڏيکارجانءِ ته تون ڄڻ پاڻ آيو آهين. جو ڪجهه مان توکي چيو آهي، سو ٻئي کي نه ٻڌائجانءِ. اِيون کي هڪ لفظ به نه ٻـُـڌائجانءِ.“
”حاضر!“
”خدا حافظ منهنجا فرشتا! توکي شابس آهي، تو هاڻي منهنجو بچاءُ ڪيو آهي. مان ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان.مون کي توسان، سڀاڻي ڪجهه ضروري ڳالهائڻو آهي، پر اُن تي غور ڪندس.“
”هاڻي اوهان پاڻ کي ڪيئن ٿا سمجهو؟“
”مان خوش آهيان ۽ سڀاڻي اُٿي ٻاهر ويندس.“
گهر جي آڱڻ کان گذرندي اليوشا، ايون کي ٻاهرين دروازي جي ڀرسان بينچ تي ويٺل ڏٺو. هن پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ پينسل سان ڪجهه لکيو ٿي. اليوشا کيس ٻڌايو ته سندن پيءُ ننڊ مان جاڳيو آهي ۽ بلڪل هوش ۾ آهي. کيس اِجازت ڏني اَٿائين ته خانقاه ۾ وڃي ننڊ ڪري.
ايون بيٺي کيس نرميءَ سان چيو ته، ”اليوشا، سڀاڻي صبح جو توسان ملڻ ۾ مون کي بيحد خوشي حاصل ٿيندي.“ سندس نرمي سان ڳالهائڻ کي ڏسي اليوشا کي عجب لڳو.
”مان هوهلاڪوف ۾ هوندس.“ اليوشا کيس جواب ڏنو، ”مان ڪيٽرينا ايونونا ڏي به ويندس. جيڪڏهن هوءَ اڄ نه ملي سگهي ته سڀاڻي.“
ايون کيس مشڪندي چيو ته ”ڪيئن به، تون هن ڏي هاڻي وڃين ٿو، کيس سلام به ڏيندين ۽ خدا حافظ به چوندين!“ اليوشا کي هيءُ ٻـُـڌي بيحد ڏک ٿيو.
”مان هاڻي سمجهان ٿو، ته هـُـن ڇا ٿي چيو ۽ ٿورو وقت اڳ سندس گفتگوءَ جو موضوع ڇا هو؟ بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي دمتري توکان تقاضا ٿي ڪئي، ته تون وٽس وڃي، کيس سندس سلام ڏين ۽ کيس ٻڌائين ته دمتري هميشھ لاءِ الوداع ٿو چوي .....“
”ڀاءُ، هيءُ اسان جي پيءُ ۽ دمتريءَ جي وچ ۾، جا دهشت انگيز حالت پيدا ٿي آهي، اُها ڪڏهن ختم ٿيندي؟“
”مان ڪجهه پـَـڪ سان چئي نه ٿو سگهان. مان قطعي ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهان. ممڪن آهي ڪو حادثو ئي نه ٿئي. هوءَ عورت درنده آهي. بهرحال اسان کي ڪنهن به حالت ۾ پوڙهي کي گهر ۾ اندر رکڻ گهرجي ۽ دمتري کي اَچڻ نه ڏجي.“
”ڀاءُ، مان توکان هڪ وڌيڪ ڳالهه پڇان ٿو. ڇا هيءُ ڪنهن ماڻهوءَ کي حق حاصل آهي، ته هو هر ٻئي ماڻهوءَ کي ڏسي ۽ فيصلو ڪري، ته انهن ٻنهي مان ڪنهن کي زندهه رهڻ جو حق حاصل آهي!؟“
”حق جي سوال کي آندو ئي ڇوٿو وڃي؟ ڪابه حقيقت ماڻهو اَڪثر پنهنجي دلين ۾ پنهنجي ئي اسباب موجب سوچين ٿا، جا فطرتي آهي. باقي حق بابت، جو ڪجهه چوين ٿو، .... ڀلا ڪنهن کي حق نه آهي، ته هو پنهنجي مرضيءَ موجب سوچي.“
”مگر ٻئي ماڻهوءَ جي موت لاءِ نه.“
”ڇو نه، ٻئي ماڻهوءَ جي موت لاءِ به. جڏهن ته سڀئي ماڻهو، اِهڙيءَ ريت پنهنجي زندگي گذارين ٿا، ته پوءِ، ڪوڙ ڇو؟ تون شايد منهنجي لفظن ڏانهن اِشارو ٿو ڪرين، جي مون ٿورو وقت اڳ ۾ چيا هئا، ته هڪ نانگ ٻي نانگ کي ڳهي ويندو. اِهڙيءَ حالت ۾ مان توکان پڇڻ گهران ٿو، ته تون مون کي دمتري وانگر ٿو سمجهين ڇا، جو ايسب جي رت وهائڻ لاءِ تيار آهي ۽ مان به کيس خون ڪندس. او.....؟“
”ڇا ٿو چوين ايون! اِهو خيال ته منهنجي دل ۾ ڪڏهن به نه گذريو هو؟ مون کي يقين آهي ته دمتري به اِنهيءَ خيال جو نه هوندو!!“
ايون مشڪندي طعني طور کيس چيو ته، ”مان اِنهيءَ خيال لاءِ، تنهنجو ٿورو اَدا ٿو ڪريان. يقين رک ته مان هن جو بچاءُ ڪندس، مگر هن حالت ۾، مان پنهنجي خواهش کي آزاد خياليءَ سان پاڻ تائين محدود رکندس. خدا حافظ وري سڀاڻي ملنداسون. مون کي ملامت نه ڪر ۽ نه وري مون کي شرير سمجهي مون ڏي نهار.
هنن ٻنهي گرم جوشيءَ مان هڪ ٻي سان هٿ ملايو، اِهڙيءَ ريت، جو اڳ ۾ اِيئن ڪڏهن نه ڪيو هئائون. اليوشا سمجهيو ته سندس ڀاءُ، محبت جو پهريون قدم اُن ڏانهن وڌايو آهي ۽ هيءُ جو ڪجهه ڪيو اَٿائين، سو ڪنهن مقصد جي خاطر آهي.

باب ڏهون: ٻئي گڏ

اليوشا، پيءُ جي گهر مان، ٿڪيل ۽ روحاني ڪوفت سان ٻاهر نڪتو، هـُـو اَچڻ واري وقت کان گهڻو غمناڪ ٿي لڳو. هـُـو نه فقط دل شڪسته هو، پر سندس خيال به ڇڙوڇڙ هئا. اُن ڏينهن جو حادثو گذريو هو ۽ جو ايذاءُ ڏيندڙ جهڳڙو هو، اُن جي منتشر واقعن کي گڏ ڪرڻ کان کيس خوف پئي ٿيو ۽ اُن ڏٺل تجربي بابت هـُـو ڪنهن به فيصلي تي اَچي نه ٿي سگهيو. هن نااُميديءَ جي حدن کان گذرندي، اُهو محسوس پئي ڪيو، جو هن کان اڳ ڪڏهن نه ڪيو هئائين. جبل وانگر، سڀني ڳالهين تي استوار هوندي به هـُـن هڪ موتمار ۽ حل نه ٿيندڙ مسئلي کي پنهنجي سامهون ڏٺو. اُن خطرناڪ عورت جي هوندي سندس پيءُ ۽ سندس ڀاءُ دمتريءَ جي وچ ۾ ڳالهيون اَلائجي ڪيئن نبرنديون؟ هاڻي هـُـو، اِن ڳالهه جو شاهد هو ۽ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڏٺو هو. اُن هوندي به، هن پنهنجي ڀاءَ دمتري کي بدنصيب ٿي ڏٺو. مڪمل طرح بدنصيب، جنهن جي لاءِ تڪليفون انتظار ۾ ٿي ڏٺيون. هيءُ به ظاهر هو ته ٻيا ماڻهو هن ڳالهه سان واسطيدار ٿي ڏٺا، جن بابت اليوشا ڪڏهن سوچيو به نه هو. ايون اُن ڏانهن پنهنجي قدم کي وڌايو هو، جنهن جي اليوشا کي گهڻي وقت کان آرزو هئي، پر هيءُ سڀ ڪجهه، ڪنهن مطلب لاءِ هو، جنهن کان هيءُ ڊنو ٿي. اُن کانسواءِ هيءُ زالون......؟ مون کي هيءُ چوندي عجب ٿو لڳي، ته اُن ڏينهن، صبح جو، هـُـو جڏهن ڪيٽرينا ڏي ٿي ويو، ته نهايت منجهيل هو. هاڻي کيس ڪوبه مونجهارو نه هو. اُن جي برعڪس، کيس ملڻ لاءِ جلدي هئي ته جيئن ساڻس ملي ۽ ڪجهه هدايتون حاصل ڪري، پر هاڻي کيس اُهو پيغام پهچائڻ، اڳي کان به ڏکيو ٿي لڳو. ٽن هزارن جي معاملي بابت انڪاري فيصلو ڪيو ويو هو. دمتري پاڻ کي ڏيوالو ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي آخري اُميد به وڃائي ويٺو هو. اِهڙيءَ حالت ۾ خوف هو، ته هـُـو ڪنهن گهرائيءَ ۾ غرق نه ٿي وڃي! هـِـن کانسواءِ هـُـن کيس چيو هو، ته سندس پيءُ جي گهر ۾، جو واقعو ٿي گذريو هو، سو سڄوئي ڪيٽرينا ايونونا کي ٻڌائي.
ست ٿيڻ تي هئا، اونداهي وڌندي ٿي وئي، جو اليوشا، ڪيٽرينا ايونونا جي وسيع ۽ راحت واري گهر ۾ گهڙيو، جو ’هاءِ اسٽريٽ‘ ۾ هو. اليوشا کي خبر هئي ته هيءَ ٻن ماسين سان گڏ ٿي رَهي. اُنهن مان هڪ سندس ماٽيجي ڀيڻ، اگنيا ۽ ايونونا هيون، جيڪي گهڻيون پڙهيل نه هيون. هوءَ جڏهن اسڪول جي بورڊنگ مان موٽي آئي هئي، ته انهن مان هڪ سندس نظر داري ڪندي هئي ۽ سندس ٻي ماسي، ماسڪو جي هڪ عزت واري عورت هئي، جيتوڻيڪ سندس ساڳيو شان ۽ شوڪت نه رهيو. مشهور هيءُ هو، ته هي ٻيئي ڪيٽرينا جي مرضيءَ جي تابع هونديون هيون ۽ فقط سندس حفاظت لاءِ ٿي رهيون. ڪيٽرينا ايونونا، فقط جنرل جي بيواهه ڪاڻانڊي هئي، جنهن ساڻس نيڪي ڪئي هئي. هوءَ اُن وقت ماسڪو ۾ بيمار هئي ۽ ڪيٽرينا هر هفتي ٻه ڀيرا، جو ڪجهه به وهيو واپريو ٿي، کيس خطن ۾ لکي موڪليندي هئي.
اليوشا جنهن وقت هال ۾ گهڙيو، ته خدمتگار ڇوڪري اُتي موجود هئي، جنهن دروازي کي سندس نالو وٺي کوليو. اُن مان ظاهر پئي ٿيو، ته کين سندس آمد جي اڳ ۾ ئي خبر هئي. ٿي سگهيو ٿي، ته هنن کيس دريءَ مان ايندو ڏٺو هجي. اُن وقت اليوشا ڏاڪڻ تي زناني لباس جي سرسراهٽ ۽ زناني قدمن جا آواز ٻـُـڌا.ٻه يا ٽي زالون ڪوٺيءَ مان ڄڻ ته نڪري پيون هيون!
اليوشا هيءُ جوش ۽ خروش ڏسي، منجهي پيو ته شايد سندس آمد جي ڪري هيءُ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. کيس نشستگاهه ۾ جلدي گهرايو ويو. هيءَ ڪوٺي ڪافي ڪشادي هئي، جنهن کي نهايت سليقي سان سينگاريو ويو هو، جيتوڻيڪ هيءَ زيب ۽ زينت شهرين جهڙي نه هئي، منجهس ڪيترائي سونا، ننڍڙا ڪوچ، ڪرسيون، ننڍيون ۽ وڏيون ميزون پيل هيون. ديوارن تي تصويرون لڳل هيون. ميزن تي گلدان ۽ شمعدان موجود هئا. ان کانسواءِ، هڪ دريءَ ۾ هڪ ننڍي شيشي جو حوض هو، جنهن ۾ مڇيون ٿي تريون. اُن وقت ٿوري شفق ۽ گهڻي اونداهي هئي. هڪ صوفي تي، هڪ ريشمي چوغي کي پيل ڏسي، اليوشا سمجهيو، ته ٿورو وقت اڳ ۾، هتي ڪي ماڻهو ويٺل هئا. اُن صوفي جي اڳيان هڪ ٽيبل رکيل هئي، جنهن تي چاڪليٽ جون ٻه اَڌوريون پياليون، ڪيڪ ۽ ٻه شيشي جون ننڍيون ٿالهيون موجود هيون، جن مان هڪ ۾ نيري رنگ جي ڪشمش ۽ ٻي ۾ مٺائي پيل هئي. اليوشا سمجهيو، ته سندس آمد ڪن ملاقاتين جي لاءِ رخنه اَندازيءَ جو سبب بڻي آهي، ان جو کيس بيحد ڏک ٿيو، اُن ئي گهڙيءَ دروازي جو پردو کڄيو ۽ تيز قدمن سان ڪيٽرينا ايونونا اَندر آئي. هـُـن راحت ڀـَـري مـُـشڪ سان، مرحبا لاءِ ٻئي هٿ اليوشا ڏي وڌايا. ساڳي وقت هڪ نوڪرياڻيءَ ٻه روشن شمعون آڻي ميز تي رکيون.
”خدا جو شڪر آهي جو آخر تون آئين. مان تنهنجي لاءِ سڄو ڏينهن دعائون ٿي گهريون. ويهه!“ اليوشا، اڳ ۾ ئي، ڪيٽرينا ايونونا جي حـُـسن کان متاثر ٿيل هو. ٽي هفتا اڳ دمتري کيس ڪيٽرينا ايونونا جي خاص خواهش تي، ملائڻ لاءِ وٺي آيو هو، اُن ملاقات جي وقت، سندن ويجهو ڪوبه گفتگو نه ٿيو هئو. اليوشا کي شرميلو سمجهي، کيس ڇڏي سمورو وقت دمتري سان ڳالهائيندي رَهي. اليوشا خاموش هو، مگر سندس سڀيئي حرڪتون هن پئي ٿي ڏٺيون. اُن خود ٻين ڇوڪرين تي هلائيندڙ حاڪماڻي آواز، ۽ خود اعتماديءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو. اها حقيقت هئي ۽ اليوشا محسوس ڪيو، ته هن ۾ هـُـو ڪوبه مبالغو نه ڪري رَهيو آهي. هـُـن خيال ٿي ڪيو، ته ڪيٽرينا جون وڏيون چمڪندڙ ۽ ڪاريون اکيون نهايت حسين آهن، سي به بيضوي ۽ تقريباََ هيڊي رنگ جي چهري ۾ وڏيون پرڪشش هيون، سندس اکين ۽ خوشنما نازڪ چپن جي ليڪن ۾، ڪجهه لڪل ضرور هو، جنهن ۾ شايد سندس ڀاءُ جي شديد محبت جو اظهار محفوظ هو ملاقات کانپوءِ، هـُـن دمتريءَ جي خواهش تي، کيس اُن بابت سڀ ڪجهه صاف صاف ٻڌايو هو، ڇاڪاڻ ته هن مٿس زور آندو هو ته هـُـو سندس مڱيندي بابت پنهنجا صحيح تاثرات ٻـُـڌائي.
”تون، هن سان خوش رهندين ..... پر شايد گهڻو وقت خوش نه به رهين!“
”ڀاءُ تون سچ ٿو چوين. عورتون هميشھ اِيئن ئي ٿين ٿيون. هـُـو ڪڏهن به مقسوم جي اڳيان پنهنجو سـَـر نه جهـُـڪائينديون آهن. تون سمجهين ٿو ته مان هميشھ ساڻس محبت ڪندو رهندس.“
”نه، شايد تون هميشھ اُن سان محبت ڪرين، پر تون شايد هـُـن سان ڪڏهن به خوش رهي نه سگهين.“
هن راءِ ڏيڻ وقت اليوشا جا ڳل شرم کان ڳاڙها ٿي ويا هئا. کيس پاڻ تي ڪاوڙ به آئي، جو هن پنهنجي ڀاءُ جي چوڻ موجب آڻ مـڃي هئي ۽ پنهنجي بيوقوف خيالن کي ظاهر ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته سندس راءِ بـُـريءَ طرح سان مٿس اثر ڪيو هو. اِن کانسواءِ، کيس شرم به ٿي آيو، ته هـُـن هڪ عورت جي باري ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ پاڻ کي محتاط ٿي سمجهيو. هاڻي ڪيٽرينا ايونونا جي باري ۾، جا هاڻي ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙي آئي هئي، پنهنجي اڳئين راءِ تي عجب کائڻ لڳو ۽ سمجهائين ته اُها قطعي غلط هئي. هن دفعي سندس چهرو، بي ساخت نيڪ نيتيءَ جي نـُـور سان چمڪي رهيو هو ۽ منجهانئس گرمجوشي ۽ اخلاص نمايان ٿي نظر آيو. غرور ۽ متڪبراڻي حيثيت، جنهن اڳ اليوشا کي متاثر ڪيو هو، هاڻي اُنهن کان سواءِ، کيس ٻيون شيون نظر آيون. يعني طبعي صفائي، فياضي ۽ مضبوط خود اعتمادي منجهس روشن ٿي نظر آيون. اليوشا پهرين نگاهه ۽ پهرين لفظن مان محسوس ڪري ورتو، ته جنهن ماڻهوءَ سان سندس تعلق آهي ۽ جنهن کي هوءَ بيحد چاهي ٿي، اُن جي المناڪ حقيقت، کانئس مخفي نه آهي ۽ هوءَ اُنهن سڀني ڳالهين کان پوريءَ ريت واقف آهي. اُن هوندي به سندس منهن ۾ عجيب روشني ٿي نظر آئي ۽ کيس پنهنجي مستقبل بابت پورو پورو اعتماد حاصل هو. اليوشا محسوس ڪيو، ته هو پنهنجي خيالن ۾ ڪيتري قدر نه غلط هو. هـُـو جلدي فتح ٿي چـُـڪو هو ۽ غلام بڻجي ويو هو. هن سندس پهرين ئي لفظن مان محسوس ڪيو، ته هو بيحد جوش ۾ هئي. هيءُ جوش به الڳ قسم جو هو، جو صحيح آنند کي ٿي وڃي پهتو.
”مان تنهنجي ڏسڻ لاءِ بيحد مشتاق هيس، ڇاڪاڻ ته مان توکان سڄو سچ ٻـُـڌڻ ٿي گهريو - توکان، نه ٻئي کان.“
”مان آيو آهيان، اليوشا منجهندي چيو. مون کي هـُـن موڪليو آهي.“
”ها، هـُـن موڪليو آهي. مان به اِيئن سمجهيو ٿي. مان هاڻ سڀڪجهه سمجهيو، سڀ ڪجهه.“ ڪيٽرينا ايونونا واڪو ڪري چيو. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون. اليڪسي فيودورووچ گهڙي ترس. مان توکي ٻـُـڌائينديس ته مان تنهنجو ايڏو انتظار ڇو ٿي ڪيو؟ تون جو ڪجهه ڄاڻين ٿو، اُن کان وڌيڪ مان ڄاڻان ٿي. اُن ڪري ڪابه به ضرورت ڪانه آهي، جو تون مون کي ڪجهه ٻـُـڌائين. مان توکي ٻـُـڌائينديس ته مون کي توکان ڇا کپي؟ مان توکان سندس آخري تاثر پڇڻ گهران ٿي. مان توکان هيءُ سنئون سنواٽو ٻڌڻ گهران ٿي. صاف ۽ بنا ڪنهن اَڻ ڇڻ جي. مان ايترو صاف، جيترو جيڪر تون پسند ڪرين.تون بلڪل هاڻي کيس ڪيئن ٿي سمجهيو؟ اڄ، ڇا تو ساڻس ملاقات ڪئي آهي، اُن ۾ سندس ڪهڙي حيثيت ۽ مقام هو. اِهو جيڪر بهتر ٿئي ها، جو شخصي طرح پاڻ اُن کان اِنهن ڳالهين جي سمجهاڻي وٺان ها، پر هـُـو مون وٽ اَچڻ نه ٿو چاهي. تون سمجهين ٿو، ته هاڻي مون کي توکان ڇا کپي؟ مون کي نهايت سادگيءَ سان سندس پيغام جو هر هڪ لفظ ٻڌاءِ، جنهن لاءِ هن توکي موڪليو آهي. (مان سمجهيو آهي ته هـُـن ئي توکي موڪليو آهي.)“
”هن مون کي چيو آهي، ته مان سندس سلام اوهان تائين پهچايان. وڌيڪ هيءُ ته هـُـو وري اوهان وٽ نه ايندو - پر هـُـن اوهان کي سلام ٿي ڏنا.“
”سندس سلام، هيءُ هن ئي چيو. هيءُ سندس ئي گفتگو هئي.“
”هائو.“
”اتفاقاً، شايد هن لفظ ۾ غلطي ڪئي آهي. شايد هـُـو پورو لفظ استعمال ڪري نه سگهيو آهي؟“
”نه، هـِـن لفظ کي هـُـن ٻيهر به چيو هو. هن مون کي ٻه ٽي ڀيرا منٿ به ڪئي هئي، ته متان مان اِنهيءَ لفظ کي وساري ڇڏيان.“
ڪيٽرينا جو رنگ ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته:
”اليڪسي فيودورووچ، هاڻي منهنجي مدد ڪر. هاڻي مون کي سچ پچ تنهنجي مدد جي ضرورت آهي. مان توکي ٻـُـڌائيندس ته منهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ تون مون کي فقط هيءُ ٻـُـڌاءِ ته مان صحيح آهيان يا غلط؟ ڌيان ڏئي ٻـُـڌ، جيڪڏهن هـُـو هن نازڪ موقعي تي، ٻيهر چوڻ بغير ۽ تاڪيد کانسواءِ پنهنجي سلام موڪلڻ تي زور نه ڏئي ها، ته پوءِ سڀ ڪنهن ڳالهه جو خاتمو هو، پر جيڪڏهن، هـُـن، هنن لفظن تي خاص طرح زور ڏنو آهي ۽ توکي خاص طرح چيو اَٿس ته اِهي لفظ مون تائين پهچائين ته هـُـو پاڻ کان ٻاهر ۽ جوش ۾ هوندو. هن پنهنجو فيصلو ته ڪيو آهي، پر ڊڄي. هـُـو مون کان فيصلا ڪندڙ قدمن سان پري نه ويو آهي، پر تمام وڏا وڏا ٽپا ڏيندو ويو آهي. هن پنهنجي لفظن لاءِ جو تاڪيد ڪئي آهي، شايد اُن ۾ هن پنهنجي بهادري ڏيکاري هجي.“
”هائو، هائو اليوشا گرم جوشيءَ سان واڪو ڪري چيو. ”مان يقين سان چوان ٿو ته اِيئن آهي.“
”جييڪڏهن اِيئن آهي ته مان کيس صاف طرح ڪونه وڃايو آهي. مان اَڃا به کيس بچائي سگهان ٿي. ترس! هـُـن ڪنهن رقم جي بابت اوهان کي ڪونه ٻـُـڌايو - ٽن هزار روبل لاءِ.“
”هن مون کي اُن رقم لاءِ به ٻڌايو. هيءَ حقيقت کيس سڀ کان وڌيڪ ايذاءُ ڏئي رَهي آهي. هـُن مون کي ٻـُـڌايو ته هـُـو پنهنجي عزت وڃائي ويٺو آهي ۽ هاڻي هن معاملي بابت ڪجهه به نه رهيو آهي.“ اليوشا گرم جوشيءَ سان جواب ڏنو. هن پنهنجي دل ۾ اُميد ڊوڙندي محسوس ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي نجات جو امڪان اُڀرندو ڏٺائين. ”پر توهان اُن رقم بابت ڪجهه ڄاڻو ٿا؟“ هـُـو خوشيءَ کان ڄڻ ٽڙي پيو.
”مان هن حقيقت کي گهڻي وقت کان ڄاڻان ٿي. مان ماسڪو ڏانهن، جاچ لاءِ تار به ڪئي هئي. مون کي گهڻو اڳي خبر پئي هئي، ته پيسا اُتي نه پهتا آهن. هـُـن پيسا ڪونه موڪليا هئا ۽ مان به کيس ڪجهه نه چيو. گذريل هفتي مون ٻڌو ته کيس پيسن جي اَڃا به ضرورت آهي. منهنجو هنن سڀني شين کان مقصد هو، ته کيس ڄاڻڻ گهرجي، ته هـُـو ڪنهن ڏانهن موٽي ۽ سندس ڪير حقيقي دوست آهي؟ نه هـُـو سڃاڻي ئي نه سگهندو ته مان سندس بهترين مخلص دوست آهيان. هـُـو مون کي نه ٿو ڄاڻي ۽ مون کي فقط هڪ عورت ئي ٿو سمجهي. مان سڄو هفتو اهو سوچيندي عذاب ۾ رَهي آهيان، ته ڪهڙي ريت کيس ٽن هزارن روبل جي نه پهچائڻ جي شرمندگي کان روڪيان؟ هـُـو شايد هن حرڪت جي باعث مون سان ان ميل ٿي نه سگهي. هو ڀـُـلي پنهنجي دل ۾ پنهنجي لاءِ نادم هجي يا هـُـو ٻين ماڻهن جي نگاهن ۾ پاڻ کي لـڄي سمجهي، پر منهنجي نظر ۾ کيس پاڻ کي لـڄي سمجهڻ نه گهرجي. هـُـو خدا تعاليٰ کي سڀڪي لڄـي ٿيڻ کان سواءِ ٻـُـڌائي سگهي ٿو، جو ڪجهه ٿي گذريو آهي، اُن کي هـُـن نه ٻـُـڌائڻ جي ڪيئن جرئت ڪئي؟ مان کيس هميشھ لاءِ بچائڻ گهران ٿي. ڀلي هـُـو پنهنجي مڱينديءَ کي وساري ڇڏي. کيس خوف ٿو ٿئي، ته هـُـو منهنجي نگاهن ۾ ڪري پيو آهي پر اليڪسي فيودورووچ توکان، ته کيس ڪوبه خوف نه پئي ٿيو!؟ اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان ايتري قدر به لائق نه آهيان.“ پويان لفظ هن لـُـڙڪ هاريندي چيا. سندس اکين مان لـُـڙڪ سيلاب وانگر ٿي وهيا.
”مان توکي ٻڌائيندس“ اليوشا جو آواز به ڏڪي رهيو هو، ”ته بلڪل هاڻي هن جي ۽ منهنجي پيءُ جي وچ ۾ ڇا ٿي گذريو آهي؟“
اُن کان پوءِ جو ڪجهه وهيو واپريو هو، هـُـن اُن کي بيان ڪري ٻڌايو ته ڪهڙي ريت دمتريءَ پيسن لاءِ کيس اوڏانهين موڪليو هو. هـُـو ڪهڙي ريت اُتي آيو ۽ پيءُ کي ماري زمين تي اُڇلايائين؟ اُن کان پوءِ هـُـن ڪهڙيءَ ريت خصوصيت سان عرض ڪيو، ته مان سندس سلام توکي پهچايان ۽ الوداع چوان. آخر ۾ اليوشا، کيس هيءُ به نهايت نرميءَ سان ٻـُـڌايو ته هـُـو پوءِ اُن عورت ڏي هليو ويو.
”ڇا توهان، هيءُ سمجهو ٿا ته مان اُن عورت سان سندس تعلقات کي برداشت نه ٿي ڪري سگهان. شايد هـُـو به اِيئن خيال ڪندو هجي، پر اوهان کي خبر هجي، ته هـُـو اُن سان شادي نه ڪندو.“ اوچتو هوءَ بي چينيءَ سان کلي. ”ڇا هـِـن قسم جو جذباتي جوش، هميشھ لاءِ ڪرامازوف ۾ رهيو آهي؟ هيءُ جذباتي جوش آهي ته عشق ۾ هـُـو، هـِـن سان شادي نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته هوءَ ئي هـِـن سان شادي نه ڪندي.“ وري ٻيهر ڪيٽرينا ايونونا، عجيب طرح سان کلي.
”هـُـو وڃي اُن سان شادي ڪري.“ اليوشا هيٺ نهاريندي، المناڪ آواز ۾ چيو.
”هـُـو، هـِـن سان شادي نه ڪندو، جيئن مون توکي چيو آهي. هوءَ ڇوڪري ملائڪ آهي. توکي اِها خبر آهي؟“ ڪيٽرينا اوچتو غير معمولي گرم جوشيءَ سان چيو. ”مون کي خبر آهي، ته هوءَ وڏي پـُـورالي عورت آهي. مان ڄاڻان ٿي، ته هـُـو وڏي مڪار آهي. پر ساڳي وقت اهو به ڄاڻان ٿي، ته هوءَ مهربان، مضبوط اِرادي واري ۽ شاندار عورت آهي. اليڪسي فيودورووچ تون مون ڏي اِيئن ڇو ٿو نهارين؟ شايد توکي منهنجي لفظن تي عجب ٿو لڳي ۽ اعتبار نه ٿو اَچي؟ اگرافينا اليگزينڊرووينا، منهنجا فرشتا!“ هن ڀـَـر واري ڪوٺيءَ ۾ ليئو پائيندي، واڪو ڪري ڪنهن کي سـَـڏُ ڪيو. ”هلي اَچ، هيءُ اسان جو دوست آهي. هيءُ اليوشا آهي. کيس اسان جي معاملن جي پوري خبر آهي. هن کي منهن ڏيکار!“
”مان، هـِـن پردي جي پويان، اوهان جي سـَـڏ جي انتظار ۾ هيس.“ هڪ نرم ۽ لطيف زنانو آواز آيو.
پردو کڄيو ۽ گروشينڪا پاڻ مشڪندي ۽ کلندي ميز وٽ آئي. کيس ڏسي اليوشا ۾ شديد تبديلي اَچي وئي. هن پنهنجون اکيون منجهس کپائي ڇڏيون ۽ ڪڍيائين ئي نه ٿي. ايون جنهن کي اَڌ ڪلاڪ اڳ ۾، خطرناڪ عورت ۽ حيوان ٿي سمجهيو، سا سندس سامهون هئي. اُن هوندي به هـُـن، هـِـن حيوان کي، جا سندس سامهون هئي، نهايت سادي، معمولي، نيڪ طبعيت، مهربان ۽ حسين عورت ڏٺو. جيئن ٻيون، عام شڪل واريون عورتون ٿينديون آهن. هن ۾ ڪوبه وڌاءُ نه هو ته هوءَ ڏسڻ ۾ نهايت دلڪش هئي ۽ روسي حسن جو عمدو نمونو. جنهن سان ڪيترن ماڻهن پرجوش محبت ٿي ڪئي. هوءَ چڱي قدرآور هئي، پر ڪيٽرينا کان گهٽ، جا خاص طرح ڊگهي هئي. پنهنجي ملامت ڀري آواز وانگر، طاقتور، هلڻ ۾ نازڪ ۽ خاص دلفريبي رکندڙ ٿي ڏٺي. سندس ڪيٽرينا ايونونا وانگر چـُـست ۽ محڪم چال نه هئي، پر سندس قدم نازڪ انداز سان ٿي کڄيو. هلڻ وقت سندس قدمن جو آواز نه ٿي آيو. هوءَ هلندي نهايت آرام سان هڪ ننڍي قد واري ڪرسيءَ تي وڃي ويٺي. گذرڻ وقت سندس ڪاري ريشمي لباس جي فقط سرسراهٽ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سندس ڪشادن ڪلهن ۾ کير جهڙي سفيد ڳچيءَ جي مٿان قيمتي ڪاري، ڪشميري شال پيل هئي. هوءَ ٻاويهن ورهين جي هئي ۽ سندس منهن مان به اِيئن ٿي ڏٺو. سندس چهرو غير معمولي سفيد هو، ڳلن تي جهڪيون گلابي لڪيرون موجود هيس. سندس چهري جي ساخت موڪري ٿي ڏٺي ۽ سندس کاڏي اَڻ لکي اڳتي وڌيل هئي. سندس مٿيون چپ سنهو هو پر هيٺيون ٿورو ٻاهر نڪتل ۽ مٿئين چپ کان ٻيڻو ٿي لڳو، پر سندس شاندار، گهاٽا ۽ ڀورا وار، ڪاريون ڀرُون، ڀوريون ۽ نيريون اکيون، جي ڊگهين ڀنبڻين سان ڍڪيل هيون، هيءُ اُهي شيون هيون جي هڪ ڏسڻ واري کي، پوءِ هـُـو کڻي ڇو نه بي پرواهه هجي، ڪنهن ميڙ يا گهٽيءَ ۾ ايترو اثر انداز ٿي پئي سگهيون، کيس بيهي ڏسي ۽ گهڻي وقت تائين ياد ڪندو رَهي. اليوشا تي، جا شيءِ گهڻي اَثر انداز ٿي، اُهي سندس چهري جا معصوماڻيون تاثر هئا، جن مان خبر پئي ٿي، ته نيڪ فطرت آهي. سندس اکين مان معصوماڻيون نگاهون ٿي جهلڪيون، جن مان ٻاراڻي مسرت ٿي نظر آئي. هوءَ ميز ڏي هلي آئي. خوشي منجهانئس جهلڪي ٿي. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هوءَ ٻاراڻي بي صبري ۽ رازداراڻي تعجب سان، ڪنهن شيءِ جي ظاهر ٿيڻ جي اُميد ۾ هئي. سندن اکين جي روشني سندس روح کي ٿي خوش ڪيو - اليوشا هيءُ سڀ ڪجهه سمجهي رهيو هو. هن کانسواءِ وٽس ٻيو ڪجهه به هيو، جنهن کي هـُـو سمجهي نه سگهيو هو يا اُن بابت اظهار خيال ڪري نه ٿي سگهيو. مگر اُها شيءِ مٿس لاشعوري طور اَثر انداز هئي. شايد اُها سندس نرم ۽ جاذب جسماني حرڪت هئي. اُن هوندي به سندس بدن مضبوط ۽ ٿوريءَ ٿولهه وارو هو. شال جي هوندي به سندس ڪشادا ڪلها ۽ ٻارن جهڙي اُٿيل ڇاتي صاف ٿي نظر آئي. هن جادوگر بدن کي ڏسي وينس مـِـلوجي ياد ٿي آئي. جيتوڻيڪ هن ۾ ڪجهه مبالغي واري مناسبت به آهي، ڇو ته هوءَ غير قانوني آهي. روسي حـُـسن جا مبصر شايد هيءَ اڳڪٿي ڪري سگهيا ٿي، جا يقيني به هجي، ته سندس تازي ۽ شباب وارو حسن پنهنجي دلڪش ترتيب ٽيهن سالن جي عمر ۾ وڃائي ڇڏي. ممڪن آهي، ته سندس چهري ۾ ٿولهه اَچي وڃي، پيشاني ۾، ۽ اکين جي چوڌاري گهنج پئجي وڃن. قدرتي رنگ يعني سرخي ۾ گهٽتائي اَچي وڃي - حقيقت ۾ هيءُ ئي ته اُن وقت سندس جو ڪمال هو. يعني تيزيءَ سان غائب ٿيڻ واري سونهن، جا اَڪثر روسي عورتن ۾ ٿئي ٿي، پر اليوشا هن بابت ڪجهه به سوچي نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ هـُـن کيس موهي ڇڏيو هو، پر اُن هوندي به هـُـن ناخوشگوار احساس سان اُن تي پئي ٿي عجب کاڌو. کيس ڏک پئي ٿيو، ته هوءَ طبعي ڳالهائڻ جي بدران، چـَـٻي چٿي ڇو ٿي ڳالهائي؟ هن هيءُ سڀڪجهه ڄاڻي ٻجهي ٿي ڪيو. سندس لفظن جي مبالغه آميز کان شيرين موسيقيءَ جو گمان پئي محسوس ٿيو. هن مان خبر ٿي پئي، ته سندس تعليم ڪا چڱي نه ٿي آهي ۽ خراب عادتون اَٿس، جنهن لاءِ کيس هيءَ باطل خيال آهي، ته هوءَ چڱين عادتن واري آهي. اُن هوندي به سندس گفتگوءَ جي طرز اليوشا کي متاثر ٿي ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس چهري مان معصوماڻي سادگي ۽ خوشيءَ جو اظهار پئي ٿيو. نازڪ ۽ ٻاراڻي مسرت سندس اکين مان پئي ٿي جهلڪي. ڪيٽرينا ايونونا فورََا هڪ اِهڙي آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي، جيئن سندس رخ اليوشا ڏي هجي. هن ڪيئي ڀيرا بي اختيار ٿي، سندس چپن کي چميو. اِيئن پئي معلوم ٿيو، ته هوءَ ڄڻ سندس محبت ۾ ڦاٿل آهي. ”اليڪسي فيودورووچ، هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو مان ساڻس ملي آهيان.“ ڪيٽرينا بي خوديءَ مان چيو. مون چاهيو ٿي ته هن کي ڏسان ۽ ڄاڻان. مون چاهيو ٿي، ته هن ڏي وڃان. مان جيئن ٿي هيءُ اِرادو ڪيو، هيءُ مون وٽ اَچي وئي. مان سمجهان ٿي، ته اسان کي سڀ ڪنهن شيءِ جو فيصلو گڏجي ڪرڻ گهرجي. منهنجي دل ۾ اِهو خيال آيو آهي - مون کي منٿ ڪئي وئي آهي، ته مان ڪوبه قدم نه کڻان، پر مون اڳ ۾ ڏٺو آهي ته تڪليف مان نڪرڻ جو اِهوئي هڪ رستو آهي. گروشينڪا مون کي سڀ ڪجهه سمجهايو آهي ۽ اهو به ٻـُـڌايو اَٿائين ته اَسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي!؟ هوءَ هڪ نيڪيءَ جي فرشتي وانگر هتي اُڏامي آئي آهي، ته جيئن هوءَ خوشيءَ ۽ صلح کي آڻي.“

”منهنجي عزيز ۽ مهربان، نوجوان بيگم! تون مون کي نفرت سان نه ٿي ڏسين.“ گروشينڪا موهيندڙ ۽ خوشيءَ ڀريل مشڪ سان، شيرين ۽ موسيقي ڀري آواز سان ”دلفريب ساحر! اِهڙي ريت گفتگو نه ڪر. تون ۽ توسان نفرت! مان ته جيڪر تنهنجي چپن کي وري به چمان. هـُـو اِيئن نظر ٿا اَچن، ڄڻ سڄي پيا آهن. هاڻي ته وڌيڪ سـُـڄيل نظر ايندا. گهڻي کان گهڻا فيودور اليڪسي ڏس! هيءَ ڪيئن نه کلي ٿي. ڄڻ ڪا دل ڪنهن فرشتي کي ڏسي رَهي آهي.“
اليوشا جو چهرو سرخ ٿي ويو ۽ کانئس هوش ڇڏائڻ لڳو ۽ منجهس جسم ۾ ڏڪڻي اَچي پئي.
”تو منهنجي گهڻي تعريف ڪئي آهي، نوجوان بيگم! مان اُن جي ڪڏهن به لائق ٿي نه ٿي سگهان.“
ڪيٽرينا ايونونا ساڳي گرم جوشيءَ سان وري چيو، ”هيءَ لائق نه آهي، هيءَ اِن جي لائق نه آهي. اليڪسي فيودورووچ تون ڄاڻين ٿو، ته مان وهمي آهيون. اَسين خودمختيار آهيون پر اسين پنهنجي ننڍي دِل ۾ متڪبر کان به متڪبر آهيون. مان توکي ٻڌايان ٿي، ته اَسين فقط بدقسمت آهيون. اسين اُن ناشائسته ۽ هلڪي طبعيت واري مرد جي لاءِ سڀ ڪا قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هـُـو ئي هڪڙو ماڻهو هو ۽ هڪڙو آفيسر پڻ، جنهن لاءِ اَسان سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هن کي گهڻو عرصو گذريو، پنج سال گذريا، هن اسان کي وساري ڇڏيو. هـُـن شادي ڪئي. هو هاڻي رنڙ آهي. هـُـن لکيو آهي ۽ هـُـو هيڏي اَچي ٿو. توکي خبر هجي، ته اسان جي ساڻس محبت هئي. فقط هن کي ئي پيار ٿي ڪيو نه ٻيءَ کي. اسان پنهنجي حياتيءَ کان به وڌيڪ کيس پيار ٿي ڪيو. هــُـو ايندو ۽ گروشينڪا وري خوش ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته هوءَ گذريل پنجن سالن کان بيحد عذاب ۾ رَهي آهي. پر اُن لاءِ، هـِـن کي ڪير ملامت ڪري سگهندو؟ ۽ سندس لطف ۽ مهرباني حاصل ڪرڻ جي ڪيرلاف زني ڪري سگهندو؟ فقط هـُـو گستاخ سوداگر! پر هـُـو گهڻو تڻو پيءُ وانگر آهي. هـِـن جو دوست ۽ هن جو محافظ. هـُـن، هـِـن کي تڪليف، عذاب ۽ فريب ۾ مبتلا ڏٺو. هوءَ پاڻ کي ڪٿي لوڙهي ڇڏي ها پر ڪراڙي واپاريءَ کيس بچائي ورتو.“
”منهنجي پياري نوجوان بيگم! تو منهنجو نهايت خوبيءَ سان بچاءُ ڪيو آهي، پر تون هر ڳالهه ۾ تڪڙ کان ڪم وٺي رَهي آهين.“ گروشينڪا وري به موسيقي ڀـَـرئي آواز سان جواب ڏنو.
”تنهنجو بچاءُ! مان تنهنجو بچاءُ ڪري سگهان ٿي، ڇا مون ۾ ايتري همٿ آهي، جو تنهنجو بچاءُ ڪري سگهان؟ گروشينڪا، منهنجا فرشتا، مون کي پنهنجو هٿ ڏئي. اليڪسي فيودورووچ هـِـن جي موهيندڙ ۽ نازڪ هٿ ڏي نهار. هن ڏي نهار، هن ئي مون کي راحت ڏني آهي ۽ مٿي کنيو آهي. مان هن کي اندرين ۽ ٻاهرين طور تي چمان ٿي. هتي، هتي، هتي.“
اِهڙيءَ ريت هـُـن گروشينڪا جي نازڪ هـِـٿ کي، جو موهيندڙ هو پر ٿلهو به هو، ٽي ڀيرا چميو. جنهن مان سندس بيخودي ٿي نظر آئي. هن به پنهنجي هٿ کي جهليو ۽ موهيندڙ موسيقيءَ سان کـِـلي، اُن حسين ۽ نوجوان خاتون کي ڏسندي رَهي ۽ چاهيائين ٿي ته هـُـوءَ سندس هٿ کي چـُـمي.
اليوشا هي ڏسي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ خيال ڪيائين ته هيءَ انتهائي بي خودي ۽ جوش آهي. کيس سمورو وقت دل ۾ خاص طرح جي پريشاني رهي.
”نوجوان عزيز خاتون، منهنجي هٿ کي اليڪسي فيودورووچ جي سامهون اِهڙيءَ ريت چمي مون کي لحـُي نه ڪر.“
”تون اِيئن خيال نه ڪر، ته منهنجو مقصد توکي لڄي ڪرڻ آهي.“ ڪيٽرينا عجب ۾ پئجي کيس چيو، ”منهنجي عزيزه تو مون کي نهايت ٿورو سمجهيو آهي.“
”هائو، منهنجي عزيز نوجوان خاتون! توبه ته مون کي غلط سمجهيو آهي. ممڪن آهي ته مان ايترو نيڪ نه هجان، جيترو تون مون کي سمجهين ٿي. مون وٽ خراب دل آهي. مون کي پنهنجو رستو آهي. مان اُن ڏينهن غريب دمتري فيودورووچ کي فقط مذاق جي لاءِ ڦاسائي ورتو هو.“
”پر هاڻي تون کيس بچائي وٺندين. تو مون سان واعدو ڪيو آهي. تون کيس سڀ ڪجهه سمجهائيندينءَ. تون کانئس ڌار ٿي کيس ٻـُـڌائيندينءَ، ته تو ڪنهن ٻي ماڻهوءَ سان محبت ٿي ڪئي، جو هاڻي تنهنجي هٿ جو خواستگار آهي.“
”نه، نه، مان تو سان اِهو واعدو ڪونه ڪيو هو. تون ئي هئين، جو اِهو گفتگو ڪري رهي هئين. مان توسان ڪوبه واعدو نه ڪيو هو.“
”پوءِ مان توکي نه سمجهيو آهي.“ ڪيٽرينا آهستگيءَ سان چيو. هوءَ ٿوري رنگ ۾ هارجي وئي. تو انجام ڪيو هو ....“
”نه، نه فرشته خاتون، مون ڪوبه انجام نه ڪيو هو.“ گروشينڪا آرام سان وچ ۾ ڳالهائيندي چيو. سندس چهري تي اَڃا به خوشي ۽ سادگيءَ جا اُهڃاڻ هئا. نوجوان خاتون تون ڏسين ٿي، ته عين موقعي تي، تنهنجي ڀيٽ ۾ ڪيڏي نه بدبخت ٿي نظر اَچان. جيڪڏهن مون کي ڪا شيءِ ڪرڻي آهي، ته ڪنديس. مان توسان هينئر ڪو انجام ڪيو هو پر هاڻي مان اُن تي خيال ٿي ڪريان. آئون مـِـتيا کي وري قبضي ۾ آڻينديس. مان هـُـن کي ڪڏهن بيحد پيار ٿي ڪيو. آءٌ کيس سڄو وقت پسند ٿي ڪريان. مان هاڻي وينديس ۽ کيس چونديس، ته اڄ کان پوءِ مون سان سنئون سـِـڌو ٿي هل.مان ايتري ضدي آهيان.“
”هينئر ئي تو، ڪجهه ٻئي نموني ٿي چيو.“ ڪيٽرينا ايونونا ڪمزوريءَ سان ڀڻڪندي چيو. ها، هاڻي، پر توکي خبر هجي ته مان صاف دل ۽ بيوقوف قسم جي آهيان. فقط هيءُ خيال ڪرڻ گهرجي، ته هـُـو منهنجي ڪري، ڪهڙين حالتن مان گذريو آهي، جيڪڏهن مان گهر وڃي، هن لاءِ پاڻ کي مغموم ڏسان ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“
”مان ڪڏهن به تو ۾ اِها اُميد نه ٿـَـي رکي.“
”او نوجوان خاتون! تون ڪيتري قدر نه منهنجي ڀيٽ ۾ نيڪ ۽ مهربان آهين! تون شايد هاڻي مون جهڙي بيوقوف عورت جي پرواهه نه به ڪڍين. تون هاڻي منهنجي اخلاق کي ڄاڻي سگهين ٿي. فرشته خصلت خاتون، مون کي پنهنجو ننڍڙو ۽ مٺڙو هٿ ڏئي. تنهنجو ڪهڙو نه سهڻو هٿ آهي.“ هن پيار سان اِيئن چوندي، نهايت عزت سان ڪيٽرينا جي هٿ کي ورتو.
”اِجهو پياري نوجوان خاتون! مان تنهنجي هٿ کي وٺي چمان ٿي، جيئن تو منهنجي هٿ کي وٺي چميو هو. تو منهنجي هٿ کي ٽي ڀيرا چميو هو، پر مان تنهنجي هٿ کي ٽي سـَـؤ ڀيرا چمنديس، پوءِ ڇو نه مون کي اِن ۾ گهڻو وقت لڳي. اسان کي سڀ ڪجهه وساري ڇڏڻ گهرجي، اڳتي جيئن خدا جي مرضي هوندي. مان تنهنجي هر وقت غلام ٿي رهنديس ۽ تنهنجي حڪم جي تعميل هڪ غلام وانگر ڪنديس. ڪابه قبوليت يا واعدو هئڻ نه گهرجي. جيئن خدا چاهيندو، اِيئن ئي ٿيندو، ڪهڙا نه تنهنجا پيارا هٿ آهن! منهنجي عزيز نوجوان خاتون! تنهنجي سونهن جي ساراهه ئي نه ٿي ڪري سگهجي!“
هن سندس هٿن کي آهستگيءَ سان چپن تائين آندو. هن مان سندس عجيب مقصد هو. اِهوئي ته هوءَ اُن جي چپن سان يڪسانيت ڏيکاري.
ڪيٽرينا ايونونا پنهنجي هٿن کي پري نه ڪيو. هـُـن بزدلي ڀري اُميد سان، سندس آخري لفظن کي به ڌيان سان ٻڌو. جيتوڻيڪ گروشينڪا جي وعدي موجب، ته هـُـو سندس حڪم جي تعميل هڪ ٻانهيءَ وانگر ڪندي، کيس اَچرج ڏيندڙ ٿي لڳو. هن اِرادي سان سندس اَکين ۾ نهاريو. کيس اُهائي ساڳي ساده دلي، لـِـڪل اظهار ۽ ساڳي روشن مسرت نظر آئي. هيءُ ڏسي، ڪيٽرينا جي دل ۾ اُميد جو ڪـِـرڻو نظر آيو ۽ هن سوچيو ته، ”هيءَ شايد حد کان گهڻي سادي آهي.“
ساڳي وقت گروشينڪا ڄڻ اِيئن ٿي نظر آئي، ته هـُـوءَ ڄڻ، اِنهن سهڻن هٿن کي ڏسي، مجذوب بڻجي وئي آهي. هـُـن ڄاڻي ٻجهي، هنن کي پنهنجي چپن تائين آندو هو. هوءَ اُنهن کي ٽن چئين منٽن تائين جهلي بيٺي. ڄڻ هوءَ ڪنهن شيءِ تي وري غور ڪري رَهي آهي.
”تون ڄاڻين ٿي، فرشته خاتون“ ، هن وڌيڪ صاف موسيقيءَ جي رڌم سان ڀريل آواز ۾ چيو، ”توکي خبر آهي، مان خيال ڪريان ٿي ته ڪنهن به قيمت تي مان تنهنجو هٿ چمڻ نه ٿي گهران.“ هوءَ کلڻ لڳي.
ڪيٽرينا ايونونا، اوچتو ڇرڪ ڀريندي کيس چيو، ”جيئن تنهنجي مرضي پر توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟“
”اِنهيءَ لاءِ توکي ياد رهي، ته تو منهنجي هٿن کي چميو هو، پر مان تنهنجي هٿن کي نه چميو.“
سندس اکين ۾ اوچتو روشنيءَ جو ترورو نظر آيو. هن ڪيٽرينا ايونونا ڏي خطرناڪ جذبي سان نهاريو.
ڪيٽرينا ايونونا، اوچتو رڙ ڪري چيو ”بي شرم“ ، هوءَ ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿي وئي ۽ پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿي بيٺي.
گروشينڪا به اُٿي بيٺي پر ڪنهن تڪڙ کانسواءِ!
”مان مـِـتيا کي ٻـُـڌائينديس ته ڪيئن نه تو منهنجي هٿ کي چميو، مگر مان نه!“ . هـُـو اُن تي بيحد کلندو.
”بدمعاش عورت، هتان هلي وڃ.“
”توکي شرم اَچڻ گهرجي، نوجوان خاتون! مون کي تو مان اِها اُميد نه هئي. پياري نوجوان خاتون!“
ڪيٽرينا ايونونا، بيحد ڪاوڙ ۾ اَچي وئي. سندس چهري ۾ هر لڪير ڄڻ ته ڏڪي رهي هئي. هـُـن واڪو ڪري چيو ته، ”هلي وڃ! تون فقط وڪري جي لاءِ آهين.“
”مان وڪري لاءِ....! توبه ته ڪالهه ڪنهن ماڻهوءَ سان، شام جي اونداهيءَ ۾ پيسن لاءِ ملاقات ڪئي هئي. تو به ته پنهنجي حـُـسن کي وڪري لاءِ پيش ڪيو هو. مان سڀڪجهه ڄاڻان ٿي.....!“
هي ٻـُـڌي ڪيٽرينا ايونونا دانهن ڪندي هـُـن تي چڙهي وڃي، پر اليوشا پنهنجي سڄيءَ طاقت سان کيس قابو ڪري ورتو.
”بس، بس اڳتي هڪ لفظ نه ڳالهاءِ! هوءَ هلي ويندي - هڪدم هلي ويندي!“
عين موقعي تي ڪيٽرينا جون ٻئي ماسيون، سندس دانهن تي ڊوڙي آيون. اُنهن سان ملازمه ڇوڪري به ساڻ هئي. سڀئي سندس چوڌاري ڦري آيون.
”مان وڃان ٿي.“ هن پنهنجي ڪوٽ کي صوفي تان کڻندي چيو. ”اليوشا پيارا! منهنجي گهر ڏي اچجانءِ“
”هلي وڃ - هلي وڃ جلدي هتان.“ اليوشا پنهنجي هٿن کي مهٽيندي چيو.
”منهنجا ننڍڙا پيارا اليوشا! منهنجي گهر ضرور اچجانءِ“ مون وٽ هڪ مختصر عمدي ڪهاڻي آهي جا توکي ٻـُـڌائينديس. مون هيءُ سڄو منظر تنهنجي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آهي اليوشا! جڏهن تون ٻڌندين ته پوءِ بيحد خوش ٿيندين.“
اليوشا هٿ مهٽيندي، کانئس منهن ڦيرايو ۽ هـُـوءَ کلندي هلي وئي.
ڪيٽرينا ايونونا تي مڪمل جنون چڙهي ويو هو. هوءَ روئڻ لڳي ۽ عضون جي ڇڪتاڻ کان ڏڪڻي وٺي ويس. سڀئي سندس چوڌاري اَچي گڏ ٿيا.
سندس وڏي ماسي کيس چيو ته، ”مان توکي اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو هو. مان توکي ان ڳالهه کان روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر تون آهين بي پرواهه. تو ڪيئن هيءَ ڪم ڪيو آهي، توکي هنن ماڻهن جي ڪهڙي خبر؟ هيءَ، ڏاڍي بدنام عورت آهي. مان، ته توکي سمجهائيندي آهيان، پر تون ته غور ئي نه ڪندي آهين!“
”هوءَ شينهڻ آهي!“ ڪيٽرينا ايونونا ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو، ”اليڪسي فيودورووچ تو مون کي ڇو جهليو، مان کيس مار ڏئي ڪڍان ها!؟“
هوءَ اليوشا جي سامهون پاڻ تي ضابطو رکي نه سگهي. شايد کيس اُن جي پرواهه به نه هئي.
”کيس عام جي سامهون چهبڪ هڻي، قتل گاهه ۾ پنڻ گهرجي.“
اليوشا دروازي ڏي رخ ڪيو.
”پر خدايا!“ ڪيٽرينا پنهنجي هٿن کي افسوس مان مهٽيندي چيو، ”هـُـو، هـُـو، هـُـو ايترو بي عزت ٿي سگهي ٿو، ايترو بي مروت! هـُـن، هـِـن بيهودي عورت کي، اُن بدقسمت ڏينهن جو واقعو ڪيئن ٻـُـڌايو. هـُـن ڪهڙا نه بيهودا لفظ چيا ته ”تو به ته پنهنجي حسن کي وڪري لاءِ نيو هو، نوجوان خاتون!“ هن کي سڄي خبر آهي، اليڪسي فيودورووچ، تنهنجو ڀاءُ بدمعاش آهي.“
اليوشا ڪجهه چوڻ ٿي گهريو پر کانئس لفظ اُڪلي نه سگهيا. سندس دل دُکي رهي هئي.
”اليڪسي فيودورووچ تون ڀلي وڃ. هيءَ بي شرمي آهي ۽ منهنجي لاءِ خطرناڪ. مان پيرن تي هٿ رکي توکي عرض ٿي ڪريان، ته تون سڀاڻي اَچج. مون کي اِن لاءِ جوابدار نه ٺهراءِ. مون کي معاف ڪر، مون کي خبر نه ٿي پوي، ته هاڻي مان پنهنجي لاءِ ڇا ڪريان!؟“
”اليوشا ٻاهر نڪتو، پر گهٽيءَ مان رڙهندو ٿي ويو. هـُـو جيڪر هـُـن وانگر ئي روئي ها، پر اوچتو نوجوان خدمتگار کيس روڪيو.“
”نوجوان خاتون کان هيءُ خط اوهان کي ڏيڻ وسري ويو هو. هيءُ خط بيگم هو هائلاڪوف جو آهي، جو هن رات جي مانيءَ وقت موڪلي ڏنو هو.“
اليوشا اُن گـُـلابي لفافي کي ورتو ۽ بي خبريءَ مان پنهنجي کيسي ۾ رکيائين.

باب يارهون: وري به بربادي

شهر کان خانقاهه، ميل جي ٽئين حصي کان مٿي نه هئي. اليوشا اُن رستي تي، جو اُن وقت ويران هيو، تيزيءَ سان هلڻ لڳو. اُن وقت رات جي ڪافي اونداهي پکڙجي چـُـڪي هئي، ايتري قدر جو ٽيهن قدمن تائين به مشڪل سان ڪا شيءِ نظر ٿي آئي. رستي جي اَڌ تي، هن رستي سان وري ٻيو رستو ٿي اَچي گڏيو. اُن ٻه - واٽي وٽ، خاموش ۽ اَڪيلي بيد جي وڻ هيٺان، کيس هڪ صورت نظر آئي. جيئن ئي اليوشا اُن ٻه - واٽي وٽ پهتو، ته اُها صورت چرڻ پـُـرڻ لڳي ۽ سندس ويجهو تيزيءَ سان اَچڻ لڳي. ان وحشياڻي نموني کيس رڙ ڪري چيو ته:
”پيسا يا حياتي؟“
”ها تون مـِـتيا آهين!؟“ اليوشا ڇرڪ ڀريندي، عجب مان کيس چيو.
”ها، ها، ها، توکي ته منهنجي ملڻ جي اُميد ئي نه هوندي. خيال ٿي ڪيم، ته تنهنجو ڪٿي ويهي انتظار ڪريان. اُن جي گهر جي ڀرسان بهتر سمجهيم. پوءِ سوچيم ته اُتان ٽي رستا ڦٽن ٿا، ممڪن هو، ته توکي وڃائي ويهان ها. اُنڪري هتي اَچي ترسيس. ڇو ته خانقاهه ڏي، هن رستي کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو ۽ توکي هتان ضرور گذرڻو هو. اَچ هاڻي مون کي سچ سچ ٻڌاءِ. ڀلي مون کي ٽنڊڻ وانگر لتاڙي ڇڏ پر صحيح حقيقت کان آگاهه ڪر.“
”ڪجهه نه ڀاءُ - تو مون کي ڊيڄاري ڇڏيو هو. او دمتري! پيءُ جو خون، (هـُـو روئڻ لڳو. سندس دل ته گهڻي وقت کان ڳوڙهن هارڻ لاءِ تيار هئي، مگر دمتريءَ کي ڏسندي، صبر کانئس موڪلائي ويو.) تو ذري گهٽ کيس ماري وڌو هو - تو ته کيس بددعائون ٿي ڏنيون، ۽ هاڻي مذاقي بڻجي ويو آهين - پيسا يا حياتي!؟“
”ها، پوءِ ڇا آهي؟ ڇا منهنجو قدم موقعي آهر نه هو؟“
نه - مان فقط ......“
”ترس ۽ هن رات ڏي نهار. تون ڏسين ٿو ته ڪيڏي نه اونداهي رات آهي. ڪيڏا نه بادل ۽ ڪيڏي نه هوا ٿي لڳي!؟ مان هن بيد جي هيٺان لڪي تنهنجو انتظار ٿي ڪيو. خدا مٿان آهي، مون اوچتو خيال ڪيو ته هيءَ بدبختي ڪيستائين هلندي. هاڻي ڪهڙي شيءِ رَهي آهي، جو اُن جو انتظار ڪريان!؟ بيد جو وڻ آهي، رومال آهي ۽ قميص آهي. مان هنن کي هڪ منٽ ۾ وٽي نوڙيءَ جي صورت ۾ آڻي وجهندس. هنن کانسواءِ ڪمربند به آهي. پوءِ ڇو هن دنيا جي مٿان بار ٿي رهان. مان پنهنجي بڇڙي وجود سان، هن کي بي عزت ڇو ڪريان؟ پر اوچتو مون تنهنجي اَچڻ جو آواز ٻـُـڌو. خدايا، هيئن اِيئن گذريو، ڄڻ ته ڪاشيءِ اُڏري منهنجي اندر ۾ اَچي وئي. سو اُهو ماڻهو نڪري پيو، جنهن کي مان پيار ٿو ڪريان. اِجهو هيءُ آهي اُهو ماڻهو، منهنجو ننڍڙو ڀاءُ! جنهن کي مان سڄي دنيا کان گهڻو پيار ڪريان ٿو. مان توکي ايترو ته پيار ڪريان ٿو، جو چيم ته يڪدم توکي ڳلي سان لڳايان. اُن وقت مون کي هڪ بيوقوفيءَ جو خيال آيو، ته توسان ڪجهه ڀوڳ ڪريان ۽ توکي ڊيڄاريان. مون بيوقوفن وانگر واڪو ڪري چيو ته ’پيسو!‘ مون کي ۽ منهنجي بيوقوفيءَ کي معاف ڪر- اِها سڄي بيوقوفي هئي. کڏ ۾ وجهينس، مون کي هيءُ ٻڌاءِ، ته اُتي ڇا گذريو؟ هن ڇا چيو؟ مون کي سزا ڏئي، بي حيائي ڇڏ، جيڪي وڻيئي سو ڪر! هوءَ ضرور جوش ۾ هوندي؟“
”نه نه، اُتي ته ڪجهه به نه هو مـِـتيا - مان ته اُتي ٻنهي کي ڏٺو.“
”ٻئي، ڪير؟“
”گروشينڪا، ڪيٽرينا ايونونا وٽ.“
دمتري ڄڻ ٻوڙو ٿي ويو.
”ناممڪن“ هن رڙ ڪري چيو. هي تنهنجو وهم آهي. گروشينڪا ۽ هوءَ؟“
اليوشا، ڪيٽرينا ايونونا وٽ پهچڻ کان پوءِ، اُهو سڀ ڪجهه بيان ڪري ٻڌايو، جو اُتي گذريو هو. هـُـو ڏهه منٽ کن ڪهاڻي ٻـُـڌائيندو رهيو. هو، هيءَ حقيقت هڪ ساهيءَ سان مفصل ته ٻـُـڌائي نه سگهيو پر وٽس صاف بياني ضرور هئي. هن ڪنهن به لفظ، ڪنهن اثر ۽ ڪنهن به ڪاروائيءَ کي نه وساريو. هر ڳالهه کي صاف بياني سان ٻڌائيندو ويو. ڪڏهن ته هڪ لفظ ۾ پنهنجي احساس جي اظهار کي آڻي ٿي وڌائين. دمتري خاموشيءَ سان ٻڌندو ٿي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن خوفناڪ نگاهن سان هـُـن کي نهاريندو به ٿي رهيو، پر اليوشا ڄاتو ٿي، ته هن سڀ ڪجهه چڱيءَ ريت سمجهيو آهي ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه کي پرکيو آهي. جيئن ڪهاڻي هلندي ٿي رَهي، سندس چهرو بي رونق ۽ اُداس ٿيندو ٿي ويو. ڪڏهن هـُـن نڪ تي ٿي گهنج وڌا ته ڪڏهن ڏندن کي ٿي ڪرٽيو. سندس نگاهه وڌيڪ سخت گير، توجهه واري ۽ وحشتناڪ بڻجي وئي. اوچتو عجيب تيزيءَ سان سندس ڪاوڙ سان وحشتي چهري ۾ عجيب تبديلي اَچي وئي. سندس چمبڙيل چپ جدا ٿي ويا ۽ دمتري فيودورووچ ضابطي کان زور ٽهڪن ۾ پئجي ويو. هـُـو خيال کان ٻاهر کـِـلَ ۾ پئجي ويو ۽ گهڻي وقت تائين ڳالهائي نه سگهيو.
”ها، تڏهن، هـُـن سندس هٿ کي نه چميو! ها هوءَ ڀڄي وئي !“ هـُـو جنوني شيءِ سان ڳالهائيندو رهيو. جنهن کي بنا ارادي جي نه پر بدتميزيءَ جي، خوشي چئي سگهجي ٿو. ”اِيئن ڏسي، کيس شينهڻ ئي چئي سگهجي ٿو. هو واقعي شينهڻ آهي. واقعي هـُـو بيد هئڻ کان پوءِ قتل گاهه جي سزاوار آهي. هائو، هائو، هوءَ اُن جي لائق آهي. مان جيڪو خيال ڪريان ٿو، اُهو انصاف آهي. کيس اِها سزا ته گهڻو اڳي ملڻ کپندي هئي. منهنجا ڀاءُ، کيس سزا ملڻ گهرجي پر پهريائين مون کي پنهنجي حالت جي اصلاح ڪرڻ کپي. مان هن بي حيائيءَ جي ملڪه کي ڄاڻان ٿو. هن ۾ اِهي ئي گـُـڻ آهن. تو، هٿ چمندي، سندس گڻن کي ڏٺو. هوءَ شيطان عورت آهي. هوءَ سڄي جهان ۾ شيطان عورتن جي سردار آهي. هوءَ پنهنجي راهه ۽ رسم ۾ شاندار آهي! ها ته هوءَ گهر ڀڄي وئي. مان اُن ڏي وڃان ٿو! اليوشا مونکي ڪوبه ڏوهه نه ڏئي. مان قبول ٿو ڪريان، ته هن کي ڦاسيءَ تي لڙڪائڻ چڱو ٿيندو.“
”پر ڪيٽرينا ايونونا؟“ اِليوشا ڏک مان چيو.
”مان هن کي به ڏٺو ۽ چڱيءَ ريت ڏٺو. اهڙيءَ ريت ...... مان اڳي کيس ڏسي نه سگهيو هوس. اِها ڄڻ ته دنيا جي چئن کنڊن جي بجاءِ پنجين کنڊ جي تحقيق هئي. هن روش کي ڇا چئجي؟ هيءُ سڀ ڪٽيا وانگر هو، جنهن کي هڪ غضبناڪ ۽ احمق آفيسر جو مقابلو ڪندي، ڪوبه خوف نه ٿيو. جنهن پنهنجي عالي روش تي، موتمار بي عزتيءَ جو خطرو کڻندي به پنهنجي پيءُ جي حياتي بچائي. سندس ذاتي غرور، حالات جي جستجو ۽ تقدير جي سرنوشت جي مقابلي مان، اسان کيس چڱيءَ ريت سمجهي سگهون ٿا. تون شايد چوين ته سندس ماسيءَ کيس اَچي روڪيو؟ تون چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو ته هوءَ پاڻ متڪبر آهي. هـُـوءَ ماسڪو جي هڪ جنرل جي بيواهه جي ڀيڻ آهي. هـُـن جا زال کان وڌيڪ هن سان لاڳاپا هئا، پر هـُـن جو مرد سرڪاري پيسن جي خرد برد ۾ ڦاسي پيو. هو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو. پيسا ۽ جاگير ۽ اُهو سڀ ڪجهه جو وٽس هو. اُن مفرور عورت کي پنهنجي مرتبي کان هيٺ لهڻو پيو ۽ هـُـن اُن کانپوءِ وري پاڻ کي بلند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هن ڪٽيا کي روڪڻ گهريو پر هـُـن، کيس ٻڌوئي نه. هـُـن سمجهيو ٿي ته هوءَ سڀني شين تي غالب ايندي. سڀ شيون اُن جي اڳيان هار کائي وينديون. هـُـن سوچيو ٿي ته هوءَ گروشينڪا کي به پنهنجي نموني گريءَ سان ڦاسائي، پنهنجي خواهش موجب سڀ ڪجهه ڪرائي ڇڏيندي. هيءُ سڀ سندس خود اعتماديءَ جي ڪري ٿي پيو. اِها سندس غلطي هئي؟ تون سمجهين ٿو ته هن پهريائين گروشينڪا جي هٿ کي ڪنهن مطلب ۽ مقصد سان چميو هو؟ نه، هوءَ گروشينڪا جي اوصاف کان متاثر هئي، گروشينڪا ڇا؟ هـُـوءَ سندس خواب کان متاثر نه هئي. اُن جي خام خياليءَ ۾ مبتلا نه هئي. پر پنهنجي خواب کان متاثر هئي ۽ پنهنجي خام خياليءَ ۾ مبتلا هئي. پيارا اليوشا، تون ڪيئن هنن کان ڇوٽڪارو لهي سگهندين. هي عورتون؟ تون ته پنهنجي سنياسي لباس کي لاهي ۽ ڀڄي ويندين. ها، ها، ها.“
”ڀاءُ، توکي ته خبر ئي نه پئي آهي، ته ڪيٽرينا ايونونا جي اُن ڏينهن جي واقعي کي، گروشينڪا کي ٻڌائيندي، ڪيڏي نه هن جي بي حرمتي ڪئي آهي. جنهن ڪري ئي، هن سندس منهن ۾ هيئن چئي غلاظت اُڇلائي، ته تون به هڪ معزز ماڻهوءَ وٽ پنهنجي حسن کي وڪڻڻ لاءِ وئي هئينءَ! ڀاءُ هن بي عزتيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿيندو آهي؟“
اليوشا کي سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه ڏک ڏئي رَهي هئي، ته سندس ڀاءُ ڪيٽرينا ايونونا جي بدناميءَ تي خوش ٿي رهيو آهي.
”افسوس!“ دمتريءَ جي پيشانيءَ ۾ رنجيده گهنج پئجي ويا ۽ نراڙ کي هٿ سان ڌڪ هنيائين. هاڻي کيس احساس ٿيڻ لڳو. جيتوڻيڪ اليوشا کيس جهٽ اڳي ڪيٽرينا ايونونا جي بي عزتيءَ بابت به ٻڌائي چـُـڪو ۽ هن جا لفظ به ته، ”تنهنجو ڀاءُ بدمعاش آهي.“
”هائو! شايد، سچ پچ، مان اُن بد قسمت ڏينهن بابت گروشينڪا کي ٻـُـڌايو هو، جيئن ڪٽيا چئي ٿي. هائو مان کيس ٻڌايو هو، مون کي ياد ٿو اَچي. مان شراب پيتو هو ۽ مان روئي به رهيو هوس، ته گوڏا کوڙي ڪٽيا جي خيالي صورت کان دعا به گهري رهيو هوس. گروشينڪا هن کي سمجهي ورتو هو. مون کي ياد آهي، ته هوءَ به روئي رَهي هئي. کڏ ۾ وجهه هن ڳالهه کي. هنن عورتن کي ڪهڙي ريت سڃاڻي سگهجي جو اُن ڏينهن رُني ٿي ۽ اڄ وري ڪيٽرينا جي رت جي پياسي آهي!“
دمتري اوچتو پنهنجي مٿي کي هيٺ جهڪايو. گهڙي کن ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. اُن کان پوءِ غمگين آواز سان، گفتگوءَ جي سلسلي کي جاري رکندي چيائين:
”هائو مان بدمعاش آهيان. مڪمل بدمعاش! هن مان ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي ته مان روئان ٿو. مان بدمعاش آهيان! اُن کي چئجانءِ ته جيڪڏهن اِن مان کيس ڪو آرام ملي سگهي ٿو، ته مون کي اِهو نالو قبول آهي. بس اِهو ڪافي آهي. خدا حافظ. هن گفتگوءَ مان ڪوبه کڙتيل نه نڪرندو، نه وري ڪو وندر جهڙو آهي. تون پنهنجو رستو وٺ ۽ مان پنهنجو. مان وري توکي ڏسڻ نه ٿو گهران، پر جيڪڏهن ڪا آخري ضرورت پئي ته خدا حافظ اليڪسي!“
هن گرم جوشيءَ سان اليوشا جي هٿ کي زور ڏنو. هن اَڃا به پنهنجو مـَـٿو، نه کنيو هو ۽ هيٺ نهاري رهيو هو. ڄڻ ته هـُـن ڀاءُ کان ڀڄي وڃڻ ٿي گهريو. هـُـو تيزيءَ سان ڦـِـريو ۽ شهر ڏي هلڻ لڳو.
اليوشا کيس پويان نهاريندو رَهيو. کيس اعتبار ئي نه ٿي آيو، ته هـُـو ڪو گفتگوءَ کي اَڌ ۾ ڇڏي، هليو ويندو.
اوچتو دمتري پوئتي موٽيو ۽ واڪو ڪري چيائينس ته ”اليڪسي ترس. هڪ قبوليت ٻي به وٺندو وڃ، جا فقط تنهنجي لاءِ آهي. مون ڏي نهار، مون ڏي چڱيءَ ريت نهار. هتي، هتي، هتي، مون ۾ خطرناڪ بدنامي جو وڏو خزانو موجود آهي.“ (جيئن هـُـن ’هتي‘ جو لفظ چيو، اَلائي ڪهڙي خيال کان هن پنهنجي سيني ۾ مـُـڪَ هڻي ڪڍي. ڄڻ ته اُها بدنامي سندس سيني ۾ موجود هئي. ڪنهن هنڌ، ڪنهن گوشي ۾، شايد سندس گردن ۾ ٿي لڙڪي.) تون هاڻي سمجهين ٿو، ته مان هڪ بي اُصول آهيان. اُهو بدمعاش جنهن جو اعتراف اٿم، پر مون کي اجازت ڏي ته مان توکي ٻڌايان ته، مان نه اڳي اهڙيءَ ڪا شيءِ ڪئي آهي ۽ نه وري اِهڙي ڪا ڪندس، جنهن کي هن بي عزتيءَ جي بنيادي حالت سان ڀيٽي سگهجي، جنهن کي مان هاڻي، هن گهڙيءَ، پنهنجي سيني تي سـَـٺو آهي. آئنده جو ڪجهه به ايندو گذري ويندو. جيتوڻيڪ مان پوريءَ ريت آزاد آهيان، ته اُن کي روڪيان. اُن کي روڪي سگهان ٿو يا جاري رکي سگهان ٿو. اِهو تون سمجهي ڇڏ. هيءُ ٻـُـڌائڻ جي تو کان اِجازت ٿو گهران، ته مان اُن کي جاري رکندس. مان اُن کي ڪونه روڪيندس. مان جهٽ گذري توکي سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي، پر مان هيءُ توکي ڪونه ٻـُـڌائيندس. ڇو ته اُن جي ٻڌائڻ لاءِ، مون وٽ ايتري بي باڪي موجود نه آهي. مان اَڃا به پنهنجي عزت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندس. جيڪڏهن اِيئن ٿي نه سگهيو ته سڀاڻي پنهنجي باقي بچيل اَڌ عزت کي به ڏيئي ڇڏيندس. مون کي پنهنجي عزت برقرار رکڻ جي ڪابه اُميد نه آهي. مان پنهنجي بنيادي رٿ کي جاري رکندس. تون هن جو شاهد رهجانءِ ته مان توکي سڀ ڪجهه ٻـُـڌائي ڇڏيو آهي. اونداهي ۽ بربادي! ڪنهن به سمجهاڻي جي ضرورت نه آهي. ٿوري وقت ۾ توکي خبر پئجي ويندي. هڪ ناپاڪ پٺيرو رستو ۽ جهنمي عورت! خدا حافظ، مون لاءِ ڪابه دعا نه گهر، نه وري مان اُن جي لائق آهيان. اُن جي گهرج به ڪانهي. مون کي اُن جي ضرورت به نه آهي، ها پري ٿيءُ.
اوچتو هـُـو پوئتي هٽيو ۽ هن دفعي آخري طرح هليو ويو. اليوشا خانقاهه ڏي ويو.
”ڇا... هن ڇا ٿي چيو؟ مان هـُـن کي وري ڏسي نه سگهندس!“ هن بيحد عجب ٿي کاڌو. ”ڇو؟ مان هن سان سڀاڻي پـَـڪ سان ملندس. مان سندس پويان لڳندس، ڏسندس ته هـُـو ڇا ٿو چوي.“ هـُـو خانقاهه جي چوڌاري ڦريو. صنوبر جي جهنگ کان ٽپي راهبن جي جاءِ وٽ پهتو. جيتوڻيڪ اُن وقت ڪنهن کي به اُتي وڃڻ جي اجازت نه هئي، مگر هـِـن جي لاءِ دروازو کليل هو. هـُـو ڌڙڪندڙ دل سان مربي زوسيما جي حجري ۾ گهڙيو. اُن وقت سندس دل ۾ خيالن جو عجيب لاهه ۽ چاڙهه هو، هـُـن پاڻ کان پڇيو ٿي:
”مان هتان ڇو ٻاهر ويس؟ زوسيما کيس اِنهيءَ دنيا ۾ ڇو موڪليو؟ هتي ته وڏو سڪون هو. هـِـتي ته پاڪائي هئي پر هـُـتي ته مونجهارو ۽ اونداهي هئي، جتي ماڻهو پاڻ وڃائي، بنا ڪنهن دير جي گمراهه بڻجي سگهي ٿو ......“
اليوشا حجري ۾ نـِـو آموز راهب پروفري ۽ راهب پايسي کي ڏٺو، جي اُن وقت مربي زوسيما جي عيادت لاءِ آيا هئا. هـُـن فڪرمنديءَ سان ڏٺو، ته سندس حالت خراب کان خراب تر آهي. ايتري قدر جو اُن ڏينهن پنهنجي اِرادت سندن سان رواجي گفتگو به نه ڪري سگهيو هو. هتي رواج هو ته شام جي عبادت کان پوءِ، سڀئي راهب زوسيما جي حجري ۾ گڏ ٿي، ڏينهن جي غلطين جو اَچي اعتراف ڪندا هئا. يعني پنهنجي گنهگار خيالن ۽ خواهشن کي وڏي آواز سان ٻـُـڌائيندا هئا. جيڪڏهن پاڻ ۾ سندن ڪا مخالفت ٿيندي هئي، ته اُن کي به ٻـُـڌائڻ کان نه رهندا هئا. ڪي ته گوڏا کوڙي پنهنجي قبوليت ڏيندا هئا. زوسيما کين معافي ڏيندو هو، پر ڇا ٿيندو هو، نيڪيءَ لاءِ نصيحت ڪندو هو، ڪيل ڪم جي پڇتائڻ لاءِ چوندو هو ۽ کين دعا ڪري رخصت ڪندو هو. هن عام اعتراف جي خلاف، مربيءَ جي مخالفن وڏي هاءِ گهوڙا ٿي ڪئي. سندن اعتراض هو، ته هيءَ طريقو باطني ۽ روحاني عهد ۽ اقرار جي بي حرمتي آهي. گويا هيءَ مقدس مذهب جي توهين آهي، پر حقيقت ۾ هيءَ شيءِ ئي ٻي هئي. هنن ديول جي وڏن پادرين وٽ هيءَ به شڪايت پيش ڪئي، ته اِهڙي اعتراف مان ڪوبه مقصد حاصل نه ٿو ٿئي. اُٽلو گناهه ۽ اُن جون خواهشون پيدا ٿين ٿيون. ڪيترن راهبن ته مربيءَ وٽ وڃڻ کي به ناپسند ٿي ڪيو. پنهنجي مرضيءَ جي خلاف، ٻين کي ويندو ڏسي پاڻ به ٿي ويا. کين خوف هو ته متان هـُـو باغي ۽ مفرور سمجهي سزا هيٺ نه اَچن. ماڻهن جو چوڻ هو، ته ڪي راهب اڳ ۾ ئي پنهنجي گناهه جي اعتراف بابت سوچي ڇڏيندا هئا. مثلاََ هڪ ٻي کي سمجهائيندا هئا، ته تون چئجان ته ”مان اڄ فلاڻي سان وڙهي پيس.“ ٻيو وري اُن جي تائيد ۾ چوي، ته اها حقيقت برابر آهي. هيءُ سڄو ڍونگ اِنهيءَ لاءِ ڪيو ويندو هو، ته جيئن ڪجهه نه ڪجهه مربيءَ جي اڳيان پيش ڪيو وڃي. اليوشا کي خبر هئي، ته اِيئن ڪڏهن ڪڏهن ڪيو ويندو آهي. کيس اها به خبر هئي، ته ڪي اِهڙا به راهب آهن، جن کي سخت اعتراض آهي، ته سندن گهر کان آيل خط، عام جام مربيءَ وٽ نيا وڃن ٿا ۽ اُنهن ئي ماڻهن جي سامهون جن جا خط آهن، کوليا وڃن ٿا ۽ پڙهيا وڃن ٿا.
هيءُ سڀ حقيقتون قبول، ته ڪيون ٿي ويون پر اُن سان گڏ، هيئن به چيو ٿي ويو، ته هي سڀ ڪجهه، جو آزاديءَ سان ڪيو وڃي ٿو، نيڪ نيتيءَ سان ئي آهي. جنهن جو مقصد آهي رضاڪاراڻي ۽ فائدي واري هدايت. پر حقيقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن هن ۾، اخلاص ٿورو ۽ عملي طرح ڪوڙ گهڻو ٿي ڏٺو. اُن هوندي به جي پراڻا راهب هئا، اُنهن جو خيال هو، ته اُهي ماڻهو جي پنهنجي اندر جي صفائي لاءِ هت اَچن ٿا، اُنهن کي کپي، ته هو اکيون ٻوٽي پنهنجي وڏي جي اطاعت ڪن، ڇو ته هـِـن مـڃتا سان ئي هـُـو گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهندا. اُهي ماڻهو جي گمراهيءَ جي جهنڊي کي بلند ڪن ٿا ۽ شڪايتون ڪندا وتن ٿا، حقيقت ۾ راهب نه آهن ۽ سندن اِتي جاءِ ئي نه آهي، کين ڪوبه حق نه آهي ته هو خانقاهه ۾ رهن. نه فقط ايترو پر خانقاهه کان ٻاهر يا خانقاهه جي اندر ڪوبه وسوسو، گناهه جي آڻڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تنهن ڪري اِنهن حقيقتن کي ڪابه اهميت نه آهي.
پايسي، اليوشا جي ڪـَـن ۾ رازداريءَ سان چيو، ”هيءُ ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ مٿس غشي آهي. ڏاڍو ڏکيو آهي جو کيس اُٿارجي. کيس جاڳائڻ به نه گهرجي. پنج منٽ ٿيا، جو هـُـو هوش ۾ آيو هو، پنهنجي صحبتين لاءِ دعائون ڪيائين ۽ هيءَ به التجا ڪيائين، ته اُن جي لاءِ رات جو دعائون گهريون وڃن. هن جو اِرادو هو ته ’اعتراف جي رسم‘ کي صبح تائين ملتوي ڪيو وڃي. اليگزي، هن توکي ياد ٿي ڪيو. هـُـن هيءُ به پڇيو، ته هـُـو هليو ويو. اَسان کيس ٻـُـڌايو ته هـُـو هاڻي شهر ۾ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ”مان ئي کيس دعائن سان اُن کي ڪم تي موڪليو آهي. ٿوري وقت لاءِ سندس جاءِ هـُـتي آهي نه هـِـتي.“ هن توکي ڏاڍيءَ محبت ۽ انتطار مان ٿي ياد ڪيو. خبر اَٿئي ته هـُـو توکي ڪيڏي نه عزت ٿو ڏئي! پر خبر نه ٿي پوي ته هـُـن اِهو فيصلو ڪيئن ڪيو آهي، ته تون پنهنجو ڪجهه وقت ٻاهرين دنيا ۾ وڃي گذار؟ هن تنهنجي قسمت ۾ شايد اڳ ۾ ئي ڪجهه ڏٺو آهي، پر اليگزي توکي خبر هئڻ کپي، ته جيڪڏهن تون ٻاهرين دنيا ڏي موٽي ويو آهين، ته مربي جي تنهنجي مٿان فرائض رکيا آهن ۽ اُنهن کي پورو ڪر. هيءُ اِنهيءَ لاءِ نه آهي ته نفسانفسي ۽ جنجال ۾ ڦاسي وڃين.“
راهب پايسي ٻاهر هليو ويو. اليوشا کي هاڻي ڪوبه شڪ نه رَهيو هو ته زوسيما مري رَهيو آهي. ممڪن آهي ته اڃا هڪ ٻه ڏينهن جيئرو رَهي سگهي. اليوشا پڪو فيصلو ڪيو، ته باوجود انجام ۽ واعدي جي، هـُـو پيءُ سان، هوهائلڪوف وارن سان، يا ڪيٽرينا ايونونا سان ٻي ڏينهن نه ملندو. هـُـو خانقاهه مان ٻاهر ئي نڪرندو پر پنهنجي مربيءَ سان آخري وقت تائين گڏ رهندو. سندس دل محبت سان روشن ٿي وئي. کيس هيءُ بيحد خراب محسوس ٿيو، ته هن ٿورو وقت ئي سهي، خانقاهه کان ٻاهر رَهي، هن کي موت جي بستري تي اَڪيلو ڇو ڇڏي ڏنو هو؟ اُن کي، جنهن کي هـُـن دنيا ۾ سڀ کان اعليٰ ۽ اَشرف ٿي سمجهيو. هـُـو مربي زوسيما جي خوابگاهه ۾ لنگهي ويو ۽ اُن جي اڳيان گوڏا کوڙي زمين تائين جهڪي ويو. هـُـو ننڊ ۾ آرامي هو. منجهس ڪابه جنبش ڪانه هئي. سندس ساهه رواجي طرح سختيءَ سان ٿي کڄيو ۽ سندس چهري تي اطمينان جو نـُـور ٿي وسيو.
اليوشا، اُتان ٿـِـي ٻي ڪوٺيءَ ۾ ويو، جتي زوسيما، صبح جو مهمانن سان مليو هو. هـُـو پنهنجو بوٽ لاهي، هڪ تنگ، سخت ۽ چمڙي واري ڪوچ تي ليٽي پيو. سندس مٿي جي هيٺان فقط هڪ وهاڻو هو. اُها گـِـدي، جنهن جو ذڪر، صبح جو سندس پيءُ وڏي واڪي سان ٿي ڪيو، اُن کي وڇائڻ کانئس وسري ويو هو. هـُـن پنهنجو پاجامو لاٿو، جنهن کي هن اوڇڻ جي طرح استعمال ڪرڻ گهريو. پر هنڌ ۾ وڃڻ کان اڳ، هو گوڏن ڀـَـر ٿي، گهڻو وقت دعا گهرندو رَهيو. هـُـن پنهنجي پرجوش دعا ۾، هيءَ دعا نه گهري، ته سندس اونداهيءَ کي روشن ڪري، پر هـُـو راحت جي جذبي جو پياسي هو، جا هميشـ$$$، خدا جي ساراهه ۽ هر عبادت کان پوءِ، سندس خوشيءَ جو سبب بڻي هئي، خصوصيت سان شام جي عبادت کان پوءِ، هـُـو، هـِـن جو عادي ٿي ويو هو. جنهن جو نتيجو اِهو نڪرندو هو، جو کيس، هڪ قسم جي روشني نظر ايندي هئي، جنهن سان کيس گهـَـري ننڊ اَچي ويندي هئي. جيئن هـُـو دعا گهري رهيو هو، کيس پنهنجي کيسي ۾ ننڍڙو گلابي رنگ جو لفافو ياد آيو، جنهن کي ڪيٽرينا ايونونا جي نوڪرياڻي کيس در کان ٻاهر نڪرندي ڏنو هو. هـُـو بي چين ٿي ويو ۽ عبادت کي جلدي پورو ڪري ورتائين. پوءِ ٿوري ويرم رکي لفافي کي هن کوليو، جنهن ۾ هڪ خط هو، جنهن کي هوهائلڪوف جي ڌيءَ لزيءَ ڏانهنس لکيو هو. خط تي سندس صحيح موجود هئي. هيءُ خط اُن ساڳي ڇوڪريءَ جو هو، جا مربيءَ جي سامهون مٿس کلندي رَهي هئي.
خط ۾ لکيو هو:
”اليڪسي فيودورووچ. هيءُ خط، جو مان توڏي لکي رَهي آهيان، اُن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. ايتري قدر جو منهنجي ماءُ کي به خبر نه آهي. هيءُ ڪيڏو نه غلط ڪم آهي، پر مان هيءُ توکي ٻـُـڌائڻ کانسواءِ رهي نه ٿي سگهان، ته جيڪي جذبا منهنجي دل ۾ ٽپو کائي اُٿيا آهن، اُهي ٻيو ڪوبه، نه، پر اسان ٻنهي کي ڪجهه وقت لاءِ، اُهي ڄاڻڻ ضروري آهن. منهنجي دل ۾، جا آرزو آهي، اُها اوهان تائين ڪيئن پهچايان؟ چوندا آهن، ته اميدن جي سرخي ڪاغذن ۾ نه هوندي آهي، پر مان اوهان کي يقين ٿي ڏياريان ته اِيئن نه آهي. هـِـن ۾ به آرزوئن جي سرخي آهي. بلڪل جيئن مان آهيان. پيارا اليوشا! مان توسان محبت ٿي ڪريان. مان توکي ٻاراڻي وَهيءَ کان وٺي پيار ڪندي رهي آهيان، اُن وقت جڏهن اَسان ماسڪو ۾ هئاسين. تون اُن وقت موجوده حالت کان بلڪل مختلف هئين. مان توکي سڄي حياتي پيار ڪندي رهنديس. منهنجي دل توکي چونڊيو آهي، ته پنهنجون زندگيون ۽ دليون هڪ ٻي سان ڳنڍيل رکون ۽ ايستائين گڏجي رَهون جيستائين پيري اَچي. بيشڪ اُن لاءِ هڪ شرط هوندو ته توکي خانقاهه ڇڏڻي پوندي! اسان کي پنهنجي عمر جي حيثيت سان ايتري وقت لاءِ ترسڻو پوندو، جيستائين قانون اُن جي اجازت ڏئي. اُن وقت تائين مان بلڪل طاقتور ٿي وينديس، گهمنديس ۽ رقص ڪنديس. هن ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ڪانه آهي.
جيئن تون ڏسين ٿو، مان سڀني ڳالهين تي غور ڪيو آهي. فقط هڪڙي ڳالهه رَهي ٿي، جنهن بابت مان پنهنجو ڪوبه تصور قائم ڪري نه ٿي سگهان. تون جڏهن هيءُ خط پڙهندين، تڏهن منهنجي لاءِ اَلائجي ڪهڙو خيال قائم ڪندين؟ مان هميشھ کلندي رهندي آهيان ۽ شرير آهيان. مان توکي هـُـن صبح تي ڪاوڙايو هو، پر مان قلم کڻڻ کان اڳ ۾ توکي هيءُ يقين ڏيارڻ ٿي گهران، ته مان حضرت بي بي مريم جي تصوير جي سامهون دعائون گهرندي رَهيس ۽ رئندي رهيس.
منهنجو هيءُ راز، هاڻي تنهنجي هٿن ۾ آهي. تون جڏهن سڀاڻي ايندين، ته مون کي خبر نه ٿي پوي، ته مان توڏي ڪيئن نهاري سگهنديس. آهه! اليڪسي فيودورووچ! ڇا، مان پاڻ کي جيڪڏهن بيوقوف ٿيڻ کان روڪي نه سگهيس ۽ اُن ڏينهن وانگر کلندي رَهيس، ته تون مون کي شرير ڇوڪري سمجهي، منهنجي خط تي اعتبار ڪندين؟ اُن ڪري مان توکي عرض ٿي ڪريان، ته تنهنجي دل ۾ جيڪڏهن منهنجي لاءِ ڪا جڳهه آهي ته پيارا، جڏهن تون سڀاڻي اَچين، ته منهنجي منهن ۾ سنئون سڌو نه نهارج. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن منهنجون اکيون تنهنجي اکين سان مليون، ته کـِـلي پونديس. خاص ڪري تنهنجي ڊگهي قباکي ڏسي، مون کي کـِـل ايندي آهي. جڏهن مان اُن بابت خيال ڪندي آهيان، ته بيقرار ٿي ويندي آهيان. اُنڪري جڏهن به تون اَچين ته منهنجي ماءُ کي ڏسندو ڪر يا ٻاهر دريءَ ڏي نهاريندو ڪر.
مان توڏي هيءُ محبت نامو لکيو آهي. ها پيارا، مان ڪهڙو ڪم ڪري ويٺي آهيان؟ اليوشا! مون کي هن لاءِ طعنو نه ڏج. مان تنهنجي لاءِ جيڪڏهن ڪو تڪليف ڏيندڙ ڪم ڪيو آهي يا ڏُکايو آهي، ته مون کي معاف ڪج. منهنجي عزت تنهنجي هٿن ۾ آهي. جي اِهو راز ظاهر ٿيو، ته هميشھ لاءِ برباد ٿي وينديس. هيءُ سڀ هاڻي تنهنجي هٿن ۾ آهي. مان اڄ سڄو ڏينهن رڙندي رهنديس. خدا حافظ، جيستائين وري ملاقات ٿئي. لزي
تاڪيد - اليوشا! تون سڀاڻي ضرور، ضرور اچ. لزي
اليوشا هيءُ سڀ ڪجهه حيرت مان پڙهيو. اُن کي وري پڙهيائين. ٿورو خيال ڪري کلي ويٺو، جا کل نهايت ماٺيڻي ۽ اَڻ لکي هئي. هـُـن ڇرڪ ڀريو، ڇو ته اِها کـِـلَ کيس گناهه سان ڀريل نظر آئي، پر منٽ رکي وري هـُـن کليو، پر هن دفعي هيءَ کل ماٺيڻي ۽ راحت ڀري هئي. هن آهستگيءَ سان ڪاغذ لفافي ۾ رکيو. پاسو ورائي سمهي پيو. هڪ عجيب قسم جو جوش هڪدم سندس دل ۾ پيدا ٿيو. ”خدا، هنن سڀني تي رحم ڪري. هنن سڀني وٽ ناخوش بيقرار روح آهن، کين صراط المستقيم تي هلائي. خدايا سڀئي رستا تنهنجا آهن. هنن سڀني کي پنهنجي دانائيءَ سان بچاءِ. تون سراپا محبت آهين! تون هنن سڀني ڏي ضرور خوشي موڪليندين!!“ اليوشا ڀڻڪندي پنهنجي مٿان صليب جو نشان ٺاهيو ۽ گهـَـري ننڊ ۾ پئجي ويو.

حصو چوٿون: دل آزاري

---

باب پهريون: راهب فيراپونٽ

اليوشا، سج اُڀرڻ کان اڳ ۾، سوير صبح جو جاڳيو. مربي زوسيما به جاڳيو، پر هن پاڻ کي بيحد ڪمزور سمجهيو. هن بستري تان اُٿي ڪرسيءَ تي ويهڻ ٿي چاهيو. مگر اِيئن ٿي نه سگهيو. سندس دل صاف هئي، سندس چهرو جيتوڻيڪ ٿڪايل ٿي نظر آيو پر ان هوندي به روشن ۽ گهڻي حد تائين بشاش ٿي لڳو. اُن ۾ راحت، رحم ۽ مروت جا آثار ٿي ڏٺا. هن اليوشا کي چيو ته:
”ٿي سگهي ٿو، ته سڀاڻي تائين مان جيئرو رَهي نه سگهان.“
اُن کان پوءِ هن فوري ’قبوليت‘ ۽ ’اعتراف گناهه‘ جي لاءِ پنهنجي خواهش ڏيکاري. هـُـو هميشھ راهب پايسي جي سامهون پنهنجي ’قبوليت‘ ڏيندو رَهيو هو. تبرڪ کان پوءِ، پاڪ تيل سندس جسم کي مهٽيائون. سڀئي راهب اَچي اُتي گڏ ٿيا ۽ سڄو حجرو اُنهن سنياس وارن سان ڀرجي ويو. ايستائين سج به اُڀري مٿڀرو آيو. ماڻهو خانقاهه کان ايندا رَهيا. جڏهن اهو رسم ۽ رواج پورو ٿيو، ته مربي خواهش ڏيکاري، ته هـُـو سڀني کي چمي ۽ کانئن موڪلائي. جيئن ته حجرو نهايت تنگ هو، اُنڪري ضروري هو ته پهريان ملاقاتي جاءِ خالي ڪن، ته ٻيا اچي اُتي ويهن. اليوشا، مربيءَ جي ڀرسان بيٺو هو، جنهن کي هاڻي آرام ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو هو. هـُـو جيترو ڳالهائي سگهيو ٿي ڳالهائيندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس آواز بيحد ضعيف هو پر اُن هوندي به منجهس صراحت ۽ وضاحت موجود هئي.
”مان اوهان کي ڪيترن سالن کان تربيت ڏيندو رهيو آهيان. جيئن ته مان ڪيترن سالن کان ڳالهائيندو رهيو آهيان، اُنڪري ڳالهائڻ جو عادي بڻجي ويو آهيان، ۽ هاڻي خاموشي ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڏکي ٿي پئي آهي. عزيز راهبو ۽ ڀائرو، توڙي جو مان هاڻي ڪمزور آهيان اُن هوندي به اِها شيءِ ڏکي لڳي.“ هن مذاق جي انداز ۾ ڳالهايو ۽ پنهنجي چوڌاري بيٺل ماڻهن کي حسرت سان ٿي ڏٺو.
اليوشا بعد ۾ اُنهن شين کي ياد ٿي ڪيو، جي هـُـن کين چيون هيون. جيتوڻيڪ هـُـن صاف ٿي ڳالهايو ۽ سندس آواز پهچ جهڙو هو، پر سندس گفتگوءَ ۾ تسلسل نه هو. هن گهڻين ئي ڳالهين بابت پئي ڳالهايو. سندس خواهش هئي، ته موت کان اڳ ۾ هـُـو اُنهن سڀني ڳالهين کي پيش ڪري، جي هـُـن پنهنجي حياتيءَ ۾ اڳ نه چيون هيون. اِهو نه فقط هدايت جي لاءِ هو، پر کيس اِها تشنگي هئي، ته انسان ذات ۽ سڄي خلقت کي پنهنجي راحت ۽ وجداني ڪيفيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري ۽ حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو وڌيڪ پنهنجي دل جي دروازي کي کولي ڇڏي.
جيئن اليوشا کي پوءِ ياد آيو، مربي زوسيما چيو، ”راهبو! هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، خدا جي خلقت سان پيار ڪريو. ڇاڪاڻ ته اَسان هتي آيا آهيون ۽ هنن ديوارين ۾ پاڻ کي مقيد ڪيو اٿئون. اسان ٻاهرين ماڻهن کان اُبتڙ پاڪ نه آهيون، هتي اَچڻ مان جيئن حقيقت معلوم ٿئي ٿي، اسان مان هر ڪنهن اعتراف ڪيو آهي، ته هـُـو ٻين کان گهڻو گنهگار آهي، زمين تي سڀني رهندڙن کان بد آهي ...... راهب جيترو گهڻو خلوت گزيني ۾ رَهي، کيس گهڻو هن حقيقت تي غور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هـُـو اِيئن نه ٿو ڪري سگهي، ته هيڏي اَچڻ مان سندس ڪهڙو مقصد آهي؟ پر جڏهن، هـُـو هن حقيقت جو احساس ٿو رکي، ته هـُـو نه فقط ٻين کان بد آهي پر سڀ ڪنهن ۽ هر ڪنهن شيءِ جو، سڀ ڪنهن انساني گناهه جو، پوءِ اُهو ذاتي آهي يا قومي، جوابدار آهي، تڏهن ئي ته هن کي پنهنجي خلوت گزيني جو مقصد حاصل ٿيندو. عزيزو! اوهان کي هيءُ به ڄاڻڻ گهرجي، ته بيشڪ اسان مان هرڪو، سڄي انسان ذات ۽ زمين جي مٿان جو ڪجهه آهي، اُن لاءِ جوابدار آهي. نه فقط خلقت جي عام گناهن لاءِ، پر شخصي طور تي سڄي انسان لاءِ تاج آهي. ڇاڪاڻ ته راهب ڪي خاص قسم جا انسان نه آهن پر هيءُ اُهي آهن، جيئن هر انسان کي ٿيڻ گهرجي. فقط اِنهيءَ علم جي ذريعي اسان جون دليون نرم، لامحدود، عالمگير ۽ لازوال محبت سان ڀرجي وڃن ٿيون. اُن کان پوءِ اوهان مان هر ڪنهن ۾، اِنهيءَ محبت جي ذريعي سڄي دنيا کي فتح ڪرڻ جي طاقت پيدا ٿيندي ۽ دنيا جا سڀئي گناهه، اوهان جي ڳوڙهن سان ڌوپجي صاف ٿي ويندا. اوهان مان هر ڪنهن کي پنهنجي دل جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي گناهن کي پاڻ وٽ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي قبول ڪرڻ گهرجي. پنهنجي گناهن کان خوف نه کائڻ گهرجي، توڙي جو اُن جو احساس به هجي. جيڪڏهن پڇتاءُ ڪجي، ته اُن لاءِ خدا سان ڪوبه شرط ۽ شروط نه هئڻ گهرجي. مان وري به چوان ٿو، ته اوهان مغرور نه ٿجو. نه وڏي سان غرور رکو نه ننڍي سان. اُنهن سان نفرت نه ڪريو، جي اوهان کي رد ڪن ٿا، اوهان جي بي عزتي ڪن ٿا، يا اوهان کي بـُـرو چون ٿا. جي خدا کي نه ٿا مڃين ۽ مادي پرست ۽ بديءَ جا ساٿاري آهن، اُنهن کي به حقارت سان نه ڏسو. ممڪن آهي، ڪي اُنهن مان چڱا هجن - ڇاڪاڻ ته اُنهن ۾ گهڻائي چڱن جي آهي. خاص ڪري اسان جي دور ۾ اُنهن جي کوٽ نه آهي. بدترين انسانن کي به نفرت سان نه ڏسو. اوهان کين پنهنجي دعائن ۾ هن نموني ياد ڪريو:
”خدايا، اُنهن سڀني جو محافظ ٿيءُ، جن جي لاءِ ڪوبه دعا ڪرڻ وارو نه آهي.
تون اُنهن جي به رکوالي ڪر، جي تنهنجي عبادت نه ٿا ڪن.“
وڌيڪ هيئن به چئو:

”تنهنجي عبادت تي، مون کي ڪوبه فخر نه آهي. خدايا مان تنهنجي انسانن مان نهايت هيٺين درجي وارو آهيان.“

خدا جي بندن سان محبت رکو. اِيئن نه ٿئي ته ڌڻ کي اوپرا ڌنار هڪالي وڃن. جيڪڏهن اوهان سستيءَ ۾ سمهي رهيا، پنهنجي ناڪام فخر ۾ رهيا ۽ اَڃا به بدترين شيءِ جي لالـچ ۾ رهيا، ته اوپرا ڌنار هر طرف کان اَچي ويندا ۽ اوهان جي ڌڻ کي ڇڪي ۽ ڪاهي ويندا. ڪنهن به سستيءَ کانسواءِ انجيل جي ماڻهن ۾ تبليغ ڪندا رهو .... قيمتي شين جي حاصل ڪرڻ لاءِ نه مـَـرو ..... سون ۽ چانديءَ سان رغبت نه رکو. اُنهن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو ....... فقط يقين رکو. جهنڊي سان چـُـهٽي رهو ۽ اُن کي بلند رکو.
جيئن اليوشا بعد ۾ ٻڌايو، مربي ڪيترو ئي غير سلسليوار پئي ٿي ڳالهايو. ڪنهن ڪنهن وقت ته خاموش پئي ٿي ويو. اِهو اِيئن پئي لڳو، ته هـُـو ڄڻ دم وٺي رهيو آهي ۽ طاقت کي گڏ ڪري رهيو آهي. پر مٿس وجداني ڪيفيت ضرور ڇانئيل هئي. منجهس بيحد جوش هو، جيتوڻيڪ ڪيترن اِيئن به ٿي چيو ته هـُـو حيرانگي سان ڳالهائي رهيو آهي ...... مگر بعد ۾ سڀني سندس لفظن کي ياد ٿي ڪيو.
اليوشا گهڙيءَ کن لاءِ جڏهن حجري کان ٻاهر نڪري آيو، تڏهن راهبن ۾، جيڪي اَچي هڪ جاءِ گڏ ٿيا هئا، پريشاني ۽ بي صبري ڏسي، حيران رهجي ويو. راهبن ۾ هيءَ پريشاني، غم ۽ احترام سان گڏيل هئي. اُن هوندي به هنن سڀني کي انتظار ضرور هو، ته مربيءَ جي مرڻ کان پوءِ، ضرور ڪا ڳالهه ٿيندي. سندن هيءُ بي صبري هڪ نقطئه نگاهه کان نڪمي ۽ اَجائي هئي، پر وڏا وڏا اڪثر راهب به اُن کان متاثر هئا. راهب پايسي جو چهرو سڀ کان وڌيڪ ڳنڀير هو.
اِليوشا کي هڪ راهب مخفي طرح سڏي چيو، ته هـُـو ريڪٽن سان وڃي ملي، جو تازو شهر کان آيو هو ۽ وٽس بيگم هائلڪوف جو، وٽس هڪ خط به موجود هو. اُن ۾ هـُـن هڪ عجيب ۽ اتفاقي واقعي جو ذڪر ڪيو هو. اُن مان ظاهر پئي ٿيو ته جنهن ڏينهن اُهي ملاقاتي عورتون مربي زوسيما جون برڪتون وٺڻ آيون هيون، اُنهن ۾ شهر جي هڪ پوڙهي عورت به هئي، جا سارجنٽ پروهوروونا جي بيواهه هئي. سندس اَچڻ جي مراد هئي، ته هوءَ اهو معلوم ڪري، ته سندس پٽ ويسينيڪا جيئرو به آهي يا نه؟ هـُـو ارڪوٽسڪ ۾ هو، ۽ سال کن کان سندس ڪابه خبر نه آئي هئي. سندس منشا هئي، ته هوءَ پنهنجي پٽ جي روح کي آرام ڏيڻ لاءِ دعائون گهري. زوسيما اِيئن ڪرڻ کان کيس سختيءَ سان منع ڪئي هئي ۽ کيس چيو هو، ته سندس حياتيءَ لاءِ دعا گهري ۽ اِيئن نه چوي، ته هـُـو مري ويو آهي، ڇو ته اِهو جادو آهي. هـُـن کيس اڻڄاڻ سمجهي بعد ۾ معاف ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس پيشن گوئيءَ جي طور تي ڪجهه وڌيڪ به چيو هو، ڄڻ هـُـو مستقبل جي ڪتاب کي پڙهي رهيو هو. (ميڊم هائلڪوف جو خيال هو) هي اطمينان جا الفظ هئا. هن مطمئن ٿي چيو هو ته، ”سندس پـُـٽ وسيا جيئرو آهي، ٿورن ڏينهن ۾ هـُـو پاڻ ايندو يا سندس خط ايندو. کيس پنهنجي گهر وڃي انتظار ڪرڻ کپي.“ ميڊم هائلڪوف وڌيڪ لکيو هو ته، ”مربيءَ، جو ڪجهه چيو هو، سو حقيقت بڻجي پيو آهي. مشڪل سان هوءَ عورت پنهنجي گهر پهتي هئي، جو سائيبريا کان آيل خط کيس ڏنائون، جو اڳ ۾ ئي آيل هو. اِهو خط ايڪاٽرنبرگ جي رستي تي لکيو ويو هو. وسيا ماءُ کي اطلاع ڏنو هو، ته هـُـو آفيسرن سان گڏ رشيا موٽي رهيو آهي. خط جي ملڻ کان ٽي هفتا پوءِ، هـُـو پنهنجي ماءُ جي آغوش ۾ هوندو.“
ميڊم هائلڪوف، اليوشا کان گرم جوشيءَ سان تقاضا ڪئي هئي، ته هـُـو، هن ڪرامت جهڙي اڳڪٿيءَ کي، مربيءَ ۽ اُن جي برادريءَ تائين پهچائي. پڇاڙيءَ ۾ بيگم لکيو هو ته، ”هيءَ حقيقت سڀني جي ڄاڻ ۾ اَچڻ گهرجي.“ هيءُ خط تڪڙ ۾ لکيو ويو هو ۽ لکندڙ جو جوش هڪ هڪ سـِـٽَ مان ظاهر هو، پر اليوشا کي هن حقيقت جي ٻـُـڌائڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي، ڇو ته راهبن کي اڳ ۾ ئي هيءَ خبر ملي چـُـڪي هئي. ريڪٽن ساڳي ئي راهب سان، جنهن اڳ ۾ اليوشا کي نياپو پهچايو هو، راهب پايسي کي نهايت احترام سان چوائي موڪليو، ته هن کي ساڻس هڪ ڳنڀير معاملي تي ڳالهائڻو آهي، ان ڪري هـُـو جلديءَ لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهي، پر اُن ۾ دير ڪرڻ به مناسب نه آهي.“ جيئن ئي راهب هيءُ نياپو راهب پايسي کي ڏنو، اليوشا سوچيو ته جڏهن ته هن معاملي بابت وٽس ڪوبه ڪم نه آهي، تڏهن ڇو نه اُن حقيقت جي پختگي لاءِ خط ئي کيس سپرد ڪري ڇڏي.
پايسي جيتوڻيڪ ڪـَـٽر ۽ محتاط ماڻهو هو ۽ خط ۾ اُن ڪرامت کي پڙهي، سندس پيشانيءَ ۾ گهنج پئجي ويا، پر اُن هوندي به پنهنجي اندرئين جوش کي روڪي نه سگهيو. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس چپن ۾ پر معنيٰ مشڪ اَچي وئي. هـُـو چئي ويٺو:
”اسان ٻيون به وڏيون شيون ڏسنداسون.“
”اسان وڏيون شيون ڏسنداسون، هن کان به وڏيون.“ چوڌاري سڀني بيٺل راهبن واڪو ڪري چيو.
راهب پايسي جي پيشانيءَ ۾ وري گهنج پئجي ويا ۽ هـُـن راهبن جي ٽولي کان تقاضا ڪئي، ته هن خبر جي باري ۾ هـُـو وڌيڪ شور نه مـچائين ۽ ترسن، جيستائين هن خبر بابت ڪجهه وڌيڪ حقيقتون معلوم ٿين، ڇو ته ڪجهه اَجايون سـَـجايون ڳالهيون به گهڻو مشهور ٿي وينديون آهن ۽ هيءُ به ممڪن آهي، ته جو ڪجهه گذريو آهي، سو طبعي هجي.“ اُن هوندي به هيءُ ظاهر هو، ته راهب پايسي کي خود خصوصيت سان هن ڳالهه بابت ڪوبه شڪ ۽ گمان ڪونه هو ۽ جنهن کي سندس چوڌاري بيٺل راهبن به چڱيءَ طرح محسوس ٿي ڪيو.
هڪ گهڙيءَ جي اندر، اها ’ڪرامت‘ سڄي خانقاهه ۽ اُنهن ملاقاتين ۾ جي ٻاهران آيا هئا، پکڙجي وئي. سڀ کان وڌيڪ، هڪ نووارد راهب تي اثر پيو هو، جو هڪ ڏينهن اڳ ۾ سينٽ ساولويسٽر جي اوڊورسڪ جي مڙهيءَ مان آيو هو، جا پري اُتر ۾ هئي. هيءُ اُهو ماڻهو هو، جو اڳئين ڏينهن تي، بيگم هائلڪوف جي ڀرسان بيٺو هو ۽ مربي زوسيما کي وڏي سنجيدگيءَ سان، اُن جي نينگر جي صحت جو ذڪر ڪندي کيس چيو هئائين ته ”توهان اِهڙين شين جو ڪيئن ٿا قياس ڪريو.“
هو هاڻي منجهي پيو هو ۽ ڄاڻي نه ٿي سگهيو، ته ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪري؟ اڳئين ڏينهن تي هـُـو راهب فيراپونٽ سان سندس حجري ۾ مليو هو، جو مصنوعي ماکيءَ جي ماناري جي ڀرسان هو. هن ملاقات مٿس وڏو اَثر وڌو هو. راهب فيراپونٽ، اُهو پوڙهو راهب هو، جو هميشھ روزي ۾ رهندو هو ۽ خاموش گذاريندو هو، جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. جيئن ته هـُـو مربي زوسيما ۽ وڏن راهبن جي سڄي اَداري جو مخالف هو ۽ هنن کي، هي خطرناڪ، غير سنجيده ۽ بدعتي سمجهندو هو.هي نهايت طاقتور مخالف هو، جيتوڻيڪ هـُـو مشڪل سان ڪنهن سان ڪو لفظ ڳالهائيندو هو. هيءُ ايترو مضبوط، ڇو هو؟ اُن جو سبب هيءُ هيو، جو راهبن جو اَڪثر تعداد سندس هم خيال هو. ڪيترائي ملاقاتي کيس عظيم سنت ۽ سنياسي سمجهندا هئا، جيتوڻيڪ اُن سان گڏ کيس وهمي به چوندا هئا. اِهي ئي ته وهمي خيال هئا، جي ماڻهن کي اُن ڏانهن ڇڪيندا هئا.
راهب فيراپونٽ، ڪڏهن به مربيءَ کي ڏسڻ لاءِ نه ويندو هو. جيتوڻيڪ هـُـو سنياس ۾ رهندو هو، پر کيس قاعدن ۽ قانونن جي لاءِ مجبور نه ڪيو ويندو هو. اِيئن ڇو ڪيو ويندو هو؟ اُن جو سبب به اِهوئي هو ته هـُـو جذباتي هو. هـُـو پنجهتر ورهين کان به مٿي جو هو. هـُـو هٿرادو ماکيءَ جي مکين جي ماناري جي ڀرسان، هڪ پراڻي ۽ ڪـِـرندڙ، ڪاٺيءَ جي حجري ۾ ٿي رهيو. جنهن کي گهڻو اڳي ٻئي هڪ عظيم سنياسي ايونا جي لاءِ ٺهرايو ويو هو، جنهن کي تقريباََ هڪ سـَـؤ پنج ورهيه گذريا. جنهن جي درويشاڻي ڪرامتن جون ڳالهيون، اَڃا به خانقاهه ۽ اُن جي پسگردائيءَ ۾ ٻـُـڌايون ٿي ويون.
راهب فيراپونٽ، اُن خاموش حجري ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي، جنهن کي ستن ورهين جو عرصو گذريو. هيءُ، هڪ ڪڙميءَ جي جهوپڙيءَ وانگر هو، جيتوڻيڪ سندس صورت ۽ شڪل هڪ ننڍڙي ديول وانگر ٿي ڏٺي. ڇاڪاڻ ته اُن جي اڳيان ڪيترائي مجسما هئا، جن جي سامهون شمعون ٻرنديون ٿي رهيون. هي شمعون هميشھ ايمان وارا ڏيندا ٿي رهيا ۽ فيراپونٽ اُنهن کي روشن رکڻ لاءِ مامور هو. مشهور هو ته (هيءُ سچ به هو) هـُـو ٽن ڏينهن ۾هڪ سير کان وڌيڪ مانيون نه کائيندو هو. اهي شمعون ماکيءَ جي مکين جي ماناري جو نگهبان وٽس آڻيندو هو. هو به سندس ويجهو، ماناري جي ڀرسان ئي ٿي رهيو. هـُـو ٽئين ڏينهن وٽس ايندو هو، مگر هيءُ عجيب حقيقت هئي، جو هيءُ ورلي، اُن سان ڳالهائيندو هو. هنن هڪ سير مانين کانسواءِ، هر آچر جي عبادت کانپوءِ، کيس نان مقدس، بنا ڪنهن ناغي جي موڪليو ويندو هو. هيءَ سندس سڄي هفتي جي خوراڪ هئي. سندس پاڻيءَ جي صراحيءَ کي هر روز ڀريو ويندو هو. هـُـو عبادت ۾ اَڪثر شريڪ نه ٿيندو هو. اُهي ماڻهو جي سندس زيارت لاءِ ايندا هئا، کيس هيڏي هوڏي نهارڻ کانسواءِ، هميشھ عبادت ۾ مشغول ڏسندا هئا. جيڪڏهن، هـُـو کين خطاب به ڪندو هو، ته نهايت مختصر، غير مسلسل ۽ عجيب هوندو هو، جنهن کي ناهموار ئي چئي سگهجي ٿو. ڪيئن به هجي، هو تمام ٿورن موقعن تي ڳالهائيندو هو، باقي هـُـو سڄو عرصو، عجيب لفظ اُچاريندو رهندو هو، جي ٻڌڻ واري جي لاءِ ڄڻ ته ڳجهارت هئي. ڪابه التجا کيس اُنهن لفظن جي تشريح لاءِ راضي نه ڪندي هئي. هـُـو ڪو وڏو پادري نه هو پر سادو راهب. ماڻهن ۾ به هن لاءِ عجيب عقيدو هو. خاص ڪري، گهڻائي جاهل ۽ بي سمجهه اِيئن سمجهندا ٿي رهيا، ته راهب فيراپونٽ جا آسماني روحن سان تعلقات آهن. هـُـو فقط اُنهن سان ئي ڳالهائيندو آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي هـُـو ماڻهن سان گهٽ ڳالهائيندو آهي. اوڊوروسڪ جي راهب کي ماناري جي رکواليَ ئي سندس ڏَسُ ڏنو هو. هيءُ راهب به گهٽ ڳالهائڻ وارو ۽ خاموش قسم جو ماڻهو هو. هـُـو اُن ڪنڊ ڏي نڪري ويو، جتي فيراپونٽ جو حجرو هو. ماناري جي نگهبان، کيس اڳ ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته، ”ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو توکي اجنبي سمجهي توسان ڪجهه ڳالهائي پر اِيئن به ٿي سگهي ٿو، ته کانئس توکي ڪجهه به هـَـڙ حاصل نه ٿئي.“ اُن راهب، جيئن پوءِ ٻـُـڌايو، هـُـو ساڻس خوف ۽ انتظار سان مليو. هيءُ سج لـَـٿي کان به دير جو وقت هو. فيراپونٽ راهب، پنهنجي حـُـجري جي دروازي وٽ بينچ تي ويٺو هو. هڪ وڏي ۽ گهاٽي نم جهڙي وڻ جا پن، مٿس آهستگيءَ سان لڏي رهيا هئا. هوا ۾ شام جي تازگي موجود ٿي ڏٺي. اوڊورسڪ جو راهب سندس اڳيان جهڪي ويو ۽ کانئس برڪتون گهريائين.
فيراپونٽ راهب کيس چيو ته، ”تون چاهين ٿو ته مان به تنهنجي اڳيان نوڙان، اُٿي.“
راهب اُٿي کڙو ٿيو.
”خدا توتي رحم ڪري ۽ اُن جون برڪتون توسان هجن. تون ڪٿان آيو آهين؟“
اُن غريب راهب تي، جنهن ڳالهه وڌيڪ اَثر ڪيو، اُها هيءَ هئي، ته باوجود وڏي عمر ۽ روزه داريءَ جي، فيراپونٽ، راهب، اَڃا به طاقتور پوڙهو ٿي نظر آيو. هـُـو قدآور ۽ سـِـڌو هو. سندس منهن سنهو هو پر تازو ۽ تندرست ٿي لڳو. اِنهيءَ ۾ ڪو شـَـڪ نه آهي، ته کيس اَڃا به چڱي طاقت هئي. سندس ورزشي جسم هو. وڏي عمر جي هوندي به سندس سڀئي وار سفيد نه هئا. گهاٽا وار هئا ۽ وڏي ڏاڙهي، جي ڪڏهن بلڪل ڪارا هئا، سندس اکيون ڀوريون، وڏيون ۽ چمڪندڙ هيون. اهـُـي نهايت اَثر واريون ٿي ڏٺيون. سندس ڳالهائڻ نهايت اعتماديءَ وارو هو. کيس ڳوٺاڻن جهڙو، ڳاڙهي رنگ جو ڪوٽ پهريل هو، جو هڪ سخت ڪپڙي مان ٺهيل هو. هڪ مضبوط نوڙي سندس چيلهه جي چوڌاري ٻـَـڌل هئي. سندس سينو ۽ پيٽ اُگهاڙا هئا. سندس ڪوٽ جي هيٺان، کهري سوٽي ڪپڙي جي قميص هئي، جا، ميرنهن کان ڪاري ٿي ڏٺي ۽ اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته اها ڪيترن مهينن کان نه بدلائي وئي آهي. ماڻهن ٿي چيو ته هـُـو پندرنهن سير لوهه جا زنجير، پنهنجي ڪوٽ جي اندران پهريندو هو. سندس جورابن کانسواءِ پيرن ۾ چير پئجي ويا هئا ۽ سندس جـُـتي نهايت جهوني ۽ ٽـُـنگ ٽـُـنگ ٿي نظر آئي.
”هڪ ننڍڙي اوڊورسڪ، مڙهيءَ مان ٿي، اَچان ٿو، جا سينٽ سيلوسٽر ۾ آهي.“ نووارد راهب نوڙت سان کيس جواب ڏنو. اُن وقت سندس شائق ۽ سوالي، بلڪه ڊڄندڙ ننڍيون اکيون، اُن سنياسي کي ڏسنديون رَهيون.
”مان تنهنجي سيلوسٽر ۾ ويو آهيان. مان اُتي رهيو به آهيان. ڪيئن سيلوسٽر چڱي جاءِ آهي نه!؟“
راهب ٻڏتر ۾ اَچي ويو.
راهب فيراپونٽ کيس چيو ته، ”تون ته بيوقوف ٿو نظر اَچين. توهان ڪهڙيءَ ريت روزو رکندا آهيو؟“
”قديم اُصول موجب، ايسٽر کان چاليهه ڏينهن اڳ واري وقت ۾، جڏهن نفس جو مجاهدو ڪيو ويندو آهي، سومر، اربع ۽ جمعي تي ڪوبه کاڌو نه ملندو آهي. اڱاري ۽ خميس تي، اڇا نانَ، ماکيءَ ۾ پيل ميوو، جهنگلي ٻير ۽ لوڻياٺي گوبي ملندي آهي. ڇنڇر تي سـِـڻيءَ جي تيل ۾ تيار ٿيل، گوبيءَ جو رَسُ ۽ مـَـٽر هوندا آهن. آچر يعني هفتي جي پوئين ڏينهن تي سڪل مڇي ۽ گوبيءَ جو رس ملندو آهي. مقدس هفتي ۾، سومر کان وٺي، ڇنڇر جي شام تائين ، سڄا سارا ڇهه ڏينهن، ڪجهه به نه پچايو ويندو آهي ۽ اَسان فقط نان ۽ پاڻيءَ تي روزا رکندا آهيون، جيڪي بچائي رکيا ويندا آهن. اِيئن به ٿيندو آهي، ته سڀ ڪنهن ڏينهن تي کاڌو ڪونه کائيندا آهيون ۽ اِهو ايسٽر جي پهرئين هفتي جي قاعدي موجب هوندو آهي. جمعي جي مقدس ڏينهن تي ڪامل روزو هوندو اَٿئون. اِهڙيءَ ريت ڇنڇر جي ٽن پهرن تائين، ڪابه غذا نه کائيندا آهيون. اُن وقت ۾ مانيءَ جو ڳڀو کائيندا آهيون ۽ ٿورو پاڻيءَ ۽ شراب پيئندا آهيون. مقدس خميس جي ڏينهن تي، شراب پيئندا آهيون ۽ ڪجهه تيل کان سواءِ کاڌو پچائيندا آهيون يا ڪجهه به نه پچائيندا آهيون. اِهو قانون مقدس ڪتاب جو مقرر ٿيل آهي. مقدس خميس تي مڪمل روزو نه رکڻ، سڄي ايسٽر جي مقدس چاليهي جي توهين ۽ انحرافي آهي. اسان اِهڙيءَ ريت ئي روزو رکندا آهيون. پر اسان، اَوهان سان ته پوءِ به برميچي نه ٿا سگهون، مقدس پيءُ!“ راهب رازدارنه طور تي چيو. ”يعني سڄو سال، توڙي ايسٽر ۾ فقط اوهان ماني ٿا کائو ۽ پاڻي ٿا پيئو، جو ڪجهه اَسان ٻن ڏينهن ۾ کائون، اُهو اوهان ستن ڏينهن ۾ کائو ٿا. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته اوهان وارو روزو رکڻ بيحد ڏکيو آهي.“

فيراپونٽ اوچتو کيس چيو:
”کـُـنڀين بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“
”کـُـنڀيون!“ عجب ۾ پئي راهب چيو.
”مان هنن جي مانيءَ کي به ڇڏي ڏيندو آهيان. اُن جي ڪابه ضرورت نه پوندي اَٿم. مان جهنگ ۾ نڪري ويندو آهيان ۽ کـُـنڀين تي گذارو ڪندو آهيان يا جهنگلي ٻيرن تي، پر هتي، هـُـو ماني کان سواءِ گذارو نه ٿا ڪري سگهن. هـُـو شيطان جي قبضي ۾ آهن. اڄ ڪلهه ته هيءُ پليت انڪار به آهي ته اِهڙي روزي جي ڪابه ضرورت نه آهي. سندس فيصلو نٺر ۽ ناپاڪ آهي.“
راهب، ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”اوهان سچ ٿا چئو.“
فيراپونٽ کانئس پڇيو، ”تو، اُنهن ۾ شيطان ڏٺو آهي!؟“
”اُنهن ۾، ڪـَـن ۾!“ راهب بزدليءَ سان پڇيو.
”مان گذريل سال، مقدس آچر تي، وڏي پادريءَ وٽ ويو هوس. پوءِ وٽس ڪونه ويو آهيان. مان ڏٺو ته شيطان هڪ ماڻهوءَ جي چيلهه تي ويٺو هو. هـُـو سندس قبا ۾ لڪل هو. سندس سـِـڱ فقط ظاهر هئا. ٻيو سندس کيسي مان تيزنگاهن سان نهاري رهيو هو. هن کي مون کان خوف پئي ٿيو. ٻيو وري هڪ شيطان ڪنهن جي غليظ پيٽ تي سوار هو. هڪڙو ڪنهن ٻي جي گردن ۾ چنبڙيو پيو هو. هـُـو، هـِـن کي هيڏي هوڏي گهليندو پئي رهيو.“
راهب کانئس پڇيو ”اوهان روح ڏسي سگهو ٿا؟“
”مان توکي ٻڌايائين ٿو، ته مان ڏسي سگهان ٿو. مان اُنهن مان سنئون سڌو ڏسي سگهان ٿو. مان جڏهن وڏي پادريءَ وٽان ٻاهر ٿي آيس، ته هڪڙو مون کي ڏسي، پاڻ کي لڪائڻ لڳو. هو دروازي جي پويان لڪي ويو. هـُـو چڱو وڏو هو. ڏيڍ وال يا اُن کان به مٿي هو. کيس چڱو ٿلهو، ڊگهو ۽ ڀورو پڇ هو. سندس پڇ جو ٿورو حصو، دروازي جي چير ۾ هو. مون جلديءَ ۾ دروازي کي زور سان ٻيڪڙيو، جنهن ڪري سندس پڇ مروڙجڻ لڳو. هـُـو چين چين ڪري، ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. مان اُن جي مٿان ٽي ڀيرا، صليب جي شڪل ٺاهي، جنهن جو نتيجو اِهو نڪتو، جو هـُـو اُتي جو اُتي مري ويو، ڄڻ ته ڪوريئڙو پيرن ۾ چيڀاٽجي ويو هو. هـُـو اُتي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي پوي ها ۽ بـَـدبوءِ ڏئي ها، پر هيءُ، نه اُن کي ڏسي ٿي سگهيا. ۽ نه ئي اُن جي بوءِ کي سنگهي ٿي سگهيا. هڪ سال اڳ ۾ اُتي هوس. مان توکي هيءُ تڏهن ٿو ٻڌايان، ڇاڪاڻ ته تون اَجنبي آهين.“
”تنهنجون ڳالهيون بيحد خطرناڪ آهن! پر مقدس ۽ برڪت وارا پيءُ! راهب وڌيڪ همٿ وارو بڻجي ويو هو ۽ چوڻ لڳو ته، ”ڇا هيءُ سچ آهي ته اوهان جي پرامن ملڪن ۾ هي شهرت آهي، ته اوهان هميشھ مقدس روح سان لاڳيتو ملاقاتون ڪندا ٿا رهو؟“
”هو، ڪن وقتن تي برابر اُڏامي، اَچي ٿو؟“
”هـُـو ڪيئن هيٺ اُڏري اَچي ٿو؟ سندس ڪهڙو نمونو آهي؟“
”پکيءَ وانگر.“
”تـُـنهنجي معنيٰ، ته مقدس روح، هڪ ڪبوتر جي شڪل جهڙو آهي؟“
”هائو سندس صورت ڪبوتر جهڙي آهي، پر ڪڏهن ابابيل جي شڪل ۾ اَچي ٿو ۽ ڪڏهن جهرڪيءَ جي صورت ۾.“
”توهان، هن کي ڪهڙيءَ ريت، جهرڪيءَ جي شڪل مان سڃاڻي وٺو ٿا؟“
”هو، ٻولي ٿو.“
”هـُـو ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ٻولي ٿو؟“
”انساني زبان ۾.“
”هو توکي ڇا چوي ٿو؟“
”ڇو؟ اڄ مون کي، هـُـن ٻڌايو هو ته، هڪڙو بيوقوف منهنجي ملاقات لاءِ ايندو ۽ مون کان عجيب سوال پڇندو. راهب! ٻولي تون شايد گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ گهرين ٿو؟“
”تنهنجا لفظ خوف ڏياريندڙ آهن، مقدس ۽ برڪتن وارا پيءُ!“ راهب پنهنجي مٿي کي ڌوڏيو، پر سندس ڊنل اکين ۾، اَڃا خوف ڀريل هو.
”تون، هـُـو وڻ ڏسين ٿو!؟“ راهب فيراپونٽ ٿورو وقت دم وٺي ۽ پڇيس.
”هائو، برڪتن ڀريا پيءُ!“
”تون سمجهين ٿو، ته اِهو نم جو وڻ آهي، پر منهنجي لاءِ، اُن جي ڪا ٻي صورت آهي.“
راهب ٿوري ويرم کان پوءِ، فضول اُميد جي سهاري، کيس چيو ته، ”اُها ڪهڙي قسم جي صورت آهي؟“
”اِهو رات جي وقت ڏسڻ ۾ اَچي ٿو، تون هنن ٻن ٽارين کي ڏسين ٿو؟ رات جي وقت حضرت عيسيٰ عليه السلام، اِنهن کي جهلي، پنهنجي ٻانهن کي پکيڙي، اُنهن ۾ اَچڻ جي دعوت ڏئي ٿو. مان اُن کي صاف ڏسندو آهيان ۽ ڊڄندو به آهيان. هيءُ نظارو ڊيڄاريندڙ آهي، هـُـو ڊيڄاريندڙ آهي.“
”اِهو ڊيڄاريندڙ ڇو ٿيندو، جڏهن حضرت عيسيٰ، پاڻ اُتي موجود آهي؟“
”ڇو؟ هـُـو مون کي هتان کڻي، مٿي وٺي وڃڻ گهري ٿو.“
”جيئري حالت ۾؟“
”پيغمبر جي شاندار روح جي صورت ۾، تو اُن کي ٻـُـڌو هوندو؟ هـُـو مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ وٺي، خبر نه آهي ته اَلائي ڪاڏي کڻي ويندو؟“
جيتوڻيڪ راهب، هن گفتگوءَ کان پوءِ پنهنجي حجري ۾ موٽي آيو هو، پر ڪيترو وقت پنهنجي راهب - ڀائرن کي، چڱي چوکي دلي پريشانيءَ سان، اُهو گفتگو ٻـُـڌائيندو رهيو. سندس دل ۾ اَڃا به مربي زوسيما کان وڌيڪ راهب فيراپونٽ جي محبت ٿي ڏٺي. هـُـو سختيءَ سان روزي رکڻ جي فائدي ۾ هو. سوئي اِهڙو عجيب ۽ سختيءَ وارو روزو، جنهن کي راهب فيراپونٽ اختيار ڪيو هو. هيءَ کيس ڪرامت ته نظر ٿي آئي پر کيس هيءُ به يقين ايندو ويو، ته هـُـو ضرور اِهڙيون عجيب شيون ڏسندو هوندو. جيتوڻيڪ سندس لفط اَڍنگا هئا پر خدا بهتر ٿي ڄاتو، ته سندس لفظن ۾ ڪهڙو راز مخفي هو. سندس ڪي بڇڙا لفظ نه هئا نه وري سندس عمل ڪو رواجي هو، جو اَڪثر اُنهن ۾ ڏٺو ويندو آهي، جي پنهنجي ذهن کي، خدا جي شان ڪبريائي تي قربان ڪري ڇڏيندا آهن. شيطان ۽ اُن جي پڇ جي حقيقت تي کيس پوري ريت اعتبار هو. هن کان سواءِ، خانقاهه جي زيارت کان اڳ ۾ کيس وڏن راهبن جي اَداري بابت گهڻائي شڪ ۽ شبها موجود هئا، جن کي هن خاصي غور سان ٻـُـڌو هو. اُنهن مان هـُـن هيءُ نتيجو ڪڍيو هو، ته اهي بدعتون، مذهب لاءِ وڏي خطري جو باعث ٿي سگهن ٿيون. خانقاهه ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد، هـُـن هيءَ حقيقت به ڳولي ورتي هئي، ته ڪم ظرف راهبن ۾ هن اَداري جي لاءِ، ناپسندي موجود هئي. هن کانسواءِ هيءُ راهب، سڀ ڳالهه ۾ ٽنگ اَڙائڻ وارو ۽ جاسوس طبعيت وارو هو، جنهن ڪري سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ دخل اَندازي ڪري رهيو هو. اِهوئي سبب هو، جو زوسيما جي تازي ڪرامت جي خبر، کيس سخت حيرانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو. اليوشا بعد ۾ ياد ٿي ڪيو، ته ڪيئن نه سندن جاسوس فطرت اوڊورسڪ جو مهمان هيڏي هوڏي ڦري رهيو هو ۽ راهبن جي وچ ۾، هڪ ٽولي کان ٻي ٽولي ڏي، جي مربي جي حجري جي ٻاهر ۽ اندر اَچي گڏ ٿيا هئا، سرگوشين ٻڌڻ ۽ سوالن ڪرڻ لاءِ ٿي رُليو. هـُـن اُن وقت ته اُن ڏي ڪو ڌيان نه ڏنو هو، پر بعد ۾ اُن کي ياد ٿي ڪيائين.
بروقت وٽس سچ پچ ايترو وقت ئي ڪونه هو، جو اِنهن خيالن کي ويچاري ها. ڇو ته مربي زوسيما، جڏهن وري پاڻ کي ڪمزور سمجهيو ۽ بستري تي ليٽي پيو، تڏهن کيس اکيون ٻوٽيندي ئي، اليوشا جو خيال آيو ۽ کيس گهرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليو. اليوشا هڪدم ڊوڙي آيو. اُن وقت حجري ۾ راهب پايسي کان سواءِ ٻيو ڪوبه موجود نه هو. ٿورو پرڀرو راهب ايوسف ۽ نئون آيل راهب پورفيري موجود هئا. مربي پنهنجون نماڻيون اکيون مٿي کنيون. ۽ سنئون سڌو اليوشا ڏي نهاريندو رهيو. اوچتو هـُـن کانئس پڇيو ته:
”ڇا تنهنجا ماڻهو، تنهنجيءَ ملاقات جي اُميد رکن ٿا پـُـٽ!؟“
اليوشا، اڻتڻ ...؟ ۾ پئجي ويو.
”کين تنهنجي گهرج ڪانه آهي ڇا؟ تو ساڻن ڪالهه، اَڄ جي ملڻ جو واعدو نه ڪيو آهي ڇا؟“
”هائو، مان پنهنجي پيءُ، ڀاءُ ۽ ٻين سان به اِهڙو واعدو ڪيو آهي.“
”ته پوءِ توکي ضرور وڃڻ گهرجي. يقين رک، مان توسان ڪجهه ڳالهائڻ کانسواءِ ڪونه مرندس. مان توسان ڪي آخري لفظ ڳالهائيندس، جو تنهنجي لاءِ انعام هوندو. ڇاڪاڻ ته توکي مون سان بيحد محبت آهي، پر توکي هاڻي وڃي پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ گهرجي.“
اليوشا جي لاءِ، جيتوڻيڪ اُن وقت ٻاهر وڃڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر هـُـن، سندس حڪم جي تعميل هڪدم ڪئي. اِن اُميد تي ته هـُـو پنهنجي پير جا آخري لفظ، جي هن جي لاءِ انعام هئا، زمين تي ٻيهر ٻڌي سگهندو، سندس روح ۾ هڪ قسم جي خوشي پيدا ڪئي. هـُـو تڪڙ ڪرڻ لڳو ته جيئن هـُـو شهر ۾ پنهنجو ڪم جلد پورو ڪري، موٽي اَچي. راهب پايسي به سندس ڪـَـن ۾، اِهڙي اَڻ ٿيڻي ڳالهه بابت ڪجهه چيو، جنهن کيس نه فقط عجب ۾ وڌو پر مٿس وڏو اَثر به پيدا ڪيو. هـُـو حجري کان ڳالهائيندا ٻاهر نڪتا.
راهب پايسي، ڪنهن به تمهيد کان سواءِ، ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته نوجوان پٽ، هن نقطي کي ياد رک! موجوده دنيا جي سائنس (علم) خاص ڪري هن پوئين صديءَ واري هڪ وڏي طاقت بڻجي وئي آهي. هـُـن اُنهن ڳالهين جي، جيڪي اسان کي مقدس ڪتابن ۾ ملن ٿيون، وڏي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. دنيا جي هنن عالمن ايتري ته بي رحم ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جو قديم پاڪيزگي جي لاءِ، ڪجهه به نه ڇڏيو ويو آهي. پر هنن، اُنهن جي ڪن حصن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، سڄي جي نه. اِها سندن نابينائي ڏسڻ وٽان آهي، پر سڄي حقيقت پنهنجي جاءِ تي سندن سامهون مضبوطيءَ سان قائم آهي ۽ دوزخ جا دروازا ڪڏهن به کـُـلي، اُن تي فتحمندي حاصل ڪري نه سگهندا. ڇا سڄين سارين اڻويهه صدين کان هيءَ حقيقت زندهه نه رَهي آهي؟ هيءَ انفرادي روحن ۽ ماڻهن جي گروهن ۾، هيءَ ڇا متحرڪ طاقت نه آهي؟ هيءَ دهرين جي دلين ۾ به، جن سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو آهي، اَڃا به مضبوط ۽ زندهه آهي. اُهي جي عيسائيت جا مرتد آهن ۽ مٿس حملا ڪندا رَهن ٿا، اَڃا تائين عيسائي خيالن جي تابعداري ڪن ٿا. هن ڳالهه تي غور ڪرڻ سان خبر پوي ٿي، ته سندن دلين جي بلندي ۽ ذهنيت قديم حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدا ڪيل شرافتمند انسان جهڙو، اخلاقي طور تي ڪوبه معياري ۽ شرافتمند انسان پيدا ڪري نه سگهي آهي. جڏهن اِهڙي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته اُن جو نتيجو ڪوبه نه نڪتو آهي. منهنجا نوجوان! هن ڳالهه کي خاص طرح ياد رک. جيئن ته توکي دنيا ۾ موڪليو وڃي ٿو، سو به پنهنجي وداع ڪندڙ پير جي طرف کان، اُنڪري هن عظيم ڏينهن جي يادگيري ۾، تنهنجي رهبري لاءِ، جو ڪجهه منهنجي دل مان نڪتو آهي، اُن کي تون نه وساريندين. تون اَڃا نوجوان آهين. چڱو موڪلاڻي ڪانهي منهنجا يتيم!“
هنن لفظن چوندي، راهب پايسي کيس دعا ڪئي. جيئن اليوشا، خانقاهه کي ڇڏيو، ۽ ڳالهين تي غور ڪيو، کيس اوچتو احساس ٿيو، ته اُهو سخت مزاج راهب، جو ساڻس سختيءَ سان پيش ايندو هو، هاڻي اُميد جي خلاف سندس دوست ۽ پيارو رَهبر بڻجي ويو آهي. هن سمجهيو ڄڻ ته، زوسيما مرڻ کان اڳ ۾ سندس هٿ، کيس حوالي ڪيو آهي ۽ انهيءَ سبب جي ڪري ئي، هيءُ سڀ ڪجهه ٿي گذريو آهي. فلسفي سان ڀريل خيالات، جيڪي هـُـن هاڻي اُميد جي خلاف ٻڌا هئا، اُنهن مان هن راهب پيسي جي قلبي گرم جوشيءَ جو اَندازو لڳائي ورتو. هـُـو ڄڻ ته تڪڙ ۾ هو ڇو هن ٻار جي دل کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي، جنهن کي دنيائي حوس سان مقابلو ڪرڻو هو ۽ سندس ننڍڙي روح جي حفاظت ڪري، جنهن سرتي بچاءَ جو اِهڙو بار رکيو ويو هو، جنهن جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي.

باب ٻيو: پيءُ وٽ

سڀ کان اڳ ۾ اليوشا پيءُ ڏانهن ويو، کيس رستي ۾ ياد آيو، ته سندس پيءُ، هڪ ڏينهن اڳ ۾ هن ڳالهه تي زور ڏنو هو، ته هـُـو ساڻس اِهڙيءَ ريت ملي، جيئن سندس ڀاءُ ايون کيس نه ڏسي. ”اِيئن ڇو؟“ اليوشا اوچتو عجب ۾ پئجي ويو. جيڪڏهن مون کي منهنجو پيءُ ڪجهه اَڪيلائيءَ ۾ به چوڻ وارو آهي، ته مان اَڻ ڏٺو ڇو وڃان؟“ هن خيال ڪيو، ته ٿي سگهي ٿو، هـُـن ڪالهه جوش ۾، ڪجهه ٻي طرح ڳالهايو هجي. هـُـن کي هي ڏسي خوشي ٿي، جو مارفيا ايجنا ٽيوينيا، اَچي باغ جي دروازي کي کوليو. (هن مان ظاهر هو، ته گريگري بيمار آهي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ بستري تي آهي.) هن کيس سندس سوال جي جواب ۾ ٻـُـڌايو، ته ايون فيودورووچ ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ ٻاهر نڪري ويو آهي.
” ۽ منهنجو پيءُ؟“
”هـُـو مٿي آهي ۽ ڪافي پـِـي رهيو آهي.“ مارفيا ڪجهه خشڪ ٿي کيس جواب ڏنو.
اليوشا اندر ويو. پوڙهو ميز جي سامهون اَڪيلو ويٺو هو. سندس پيرن ۾ سليپر هئا ۽ سندس بدن تي ننڍڙو اَوور ڪوٽ پهريل هو. هـُـو ڪنهن حساب ڪتاب کي ڏسي، پاڻ کي وندرائي رهيو هو، جيتوڻيڪ هيءُ سڀ ڪجهه بي اختياريءَ سان هو. جيتوڻيڪ هـُـو ننڊ مان سويري اُٿيو هو ۽ پنهنجي چهري کي خوشگوار ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر حقيقت ۾ سندس چهرو ٿڪيل ۽ ڪمزور ٿي نظر آيو. سندس پيشانيءَ تي گذريل رات جيڪي گهرا ۽ نارنگي رنگ جا زخم آيا هئا، اُنهن تي هڪ ڳاڙهي رنگ جي رومال جي پـَـٽي ٻڌل هئي. رات ۾ سندس نڪ به خطرناڪ طرح سان سـُـڄي ويو هو ۽ ڪن ننڍڙن زخمن جي باعث اُن ۾ داغ ٿي نظر آيا. اُنڪري سندس سڄو چهرو، بغض ۽ ڪاوڙ سان ڀريل ٿي نظر آيو. پوڙهو، هن کان پوريءَ ريت باخبر هو ۽ جيئن ئي اليوشا اندر آيو، هـُـن ڪيني ڀريل نگاهه سان کيس ڏٺو.
”ڪافي ٿڌي ٿي وئي آهي.“ هـُـن گهرائيءَ سان چيو. ”مان، توکي ڪنهن به شيءِ جي آڇ نه ڪندس. مان اڄ ڪنهن به شيءِ جي گهرائڻ جو حڪم نه ڏنو آهي، پر مڇي جو رَس تيار ڪرڻ لاءِ چيو اٿم. مان اڄ ڪنهن کي به دعوت نه ڏيندس، پر تون ڇو آيو آهين؟“
”اِهو ڏسڻ ته تون هاڻي ڪيئن آهين؟“
”هائو، اِنهيءَ کانسواءِ، مان توکي اڄ اَچڻ لاءِ چيو به هو. سڀ جي نتيجي، ۾ توکي بيسود اَچڻ جي تڪليف ڏني آهي. مان هيءُ به ڄاتو ٿي، ته تون جلدي هليو ايندين!“
هن ڪجهه به چيو، اُن مان سندس ڪينو ۽ وير ٿي نظر آيو. ساڳي وقت هـُـو اُٿيو ۽ ڏاڍي شوق مان آئيني کي ڏسڻ لڳو. (صبح کان وٺي شايد چاليهه دفعا اُن کي ڏٺو هئائين) هن نـَـڪ کي خاص طرح ڏٺو. هـُـن پنهنجي پيشانيءَ تي ڳاڙهي رومال کي وڌيڪ زور سان ڇـَـڪي ٻڌو ۽ چوڻ لڳو ته، ”مون کي ڳاڙهو رنگ پسند آهي. ڇاڪاڻ ته سفيد رنگ جي پٽي، ماڻهوءَ کي اسپتال جي يادگيري ٿي ڏياري. چڱيءَ طرح ٻڌاءِ ته خانقاهه جي ڪهڙي حالت آهي ۽ تنهنجي مربي جو ڇا حال آهي؟“
”سندس حالت خراب آهي، ٿي سگهي ٿو، ته هـُـوءَ رات ئي مري وڃي.“
پر سندس پيءُ، ڄڻ هيءُ ٻڌو ئي نه. معلوم اِيئن پئي ٿيو، ته کانئس ٿـَـڏي تي سندس سوال وسري ويو آهي.
هـُـن اوچتو چيو، ”ايون ٻاهر هليو ويو آهي ۽ هـُـو پوري ڪوشش ٿو ڪري، ته مـِـتيا جي مڱينديءَ کي هٿ ڪري. هـُـو انهيءَ ڪري ئي، هتي رهيو پيو آهي.“ سندس چهري مان بدنيتي ظاهر ٿيڻ لڳي ۽ پنهنجو وات چٻو ڪري، اليوشا ڏي نهاريائين.
”ڪيئن ڀلا؟ هن اوهان سان اِها ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟“
”هائو، گهڻو وقت گذريو، هـُـن مون سان اِها ڳالهه ڪئي هئي. تون اعتبار ڪندين، ٽي هفتا اڳ به هـُـن مون سان ساڳي ڳالهه ڪئي هئي. هـُـو به مون کي ٻين وانگر قتل ڪرڻ لاءِ آيو هجي. سندس اَچڻ جو ڪو مقصد ٿي سگهي ٿو.“
اليوشا بيحد تڪليف مان کيس چيو ته، ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ۽ اِهي ڳالهيون تون ڇو ٿو ڪرين؟“
”هيءُ سچ آهي، ته هـُـو مون کان پيسا نه ٿو گهري، پر اُن هوندي به کيس مون کان ٽـَـڪو به نه ملندو. مان چاهيان ٿو، ته جيتري قدر ٿي سگهي، مان جيئرو رهان. جنهن کي اليڪسي فيودورووچ تون به ڄاڻين ٿو تنهنڪري مون کي پيسي جي ضرورت آهي. جيتري قدر منهنجي ڊگهي حياتي هوندي، مون کي پيسي جي ضرورت پوندي رهندي.“ هـُـو گفتگو کي جاري رکندي، ڪمري جي هڪ طرف کان ٻي طرف تائين گهمندو رهيو. سندس هٿ سڻڀ لڳل اوورڪوٽ جي کيسن ۾ هئا، جو پيلي سوٽي ڪپڙي جو ٺهيل هو. منهنجي هاڻي پنجونجاهه ورهيه عمر آهي پرمان ويهه ورهيه وڌيڪ جيئرو رهڻ گهران ٿو. جيئن مان پوڙهو ٿيندو ويندس، منهنجي صورت ۽ شڪل اُها ته نه رهندي. اِهي رنون پوءِ مون ڏي، پنهنجو پاڻ ڇڪجي ته نه اينديون. اِنهيءَ ڪري منهنجا پيارا پٽ اليڪسي فيودورووچ، مان پنهنجي لاءِ، ڪوڏي ڪوڏي ڪري گڏ ٿو ڪريان. توکي ڄاڻڻ کپي، ته مون کي پڇاڙيءَ تائين گناهن ۾ رهڻو آهي. مان توکي ٻڌايان ٿو، ته گناهه ڏاڍي لذت واري شيءِ آهي. ماڻهو هن کي بڇڙو سمجهن ٿا پر سڀني جو گذارو هن تي ئي آهي. ٻيا هيءُ ڪم رياڪاريءَ سان ڪن ٿا، پر مان اهو کليل ڪريان ٿو. اُن ڪري ٻيا سڀئي گنهگار، مون کي سادو سمجهي حملو ڪري اَچن ٿا. اليڪسي فيودورووچ، مان توکي ٻـُـڌائڻ گهران ٿو، ته تنهنجو بهشت، منهنجي مذاق وٽان آهي. هـُـو ڪنهن شائسته ماڻهوءَ جي جاءِ ٿي نه ٿو سگهي. منهنجو اعتقاد آهي، ته مان سمهي پوندس ۽ وري نه جاڳندس ۽ بس. تون جيڪڏهن چاهين، ته منهنجي روح لاءِ دُعا ڪري سگهين ٿو، جيڪڏهن تون نه ٿو چاهين، ته کڏ ۾ وجهينس. اِهائي منهنجي فلاسافي آهي. جيتوڻيڪ اسان سڀئي شراب پيتل هئاسين، پر ايون ڪالهه چڱو ٿي ڳالهايو. هو واتوڙي ۽ لٻاڙي آهي ۽ وٽس ڪوبه علم ڪونه آهي ..... نه وري ڪا باقاعده تعليم. هـُـو خاموش ويهي، بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي، ماڻهن کي ڏسي کـِـلندو آهي. اِهوئي سبب آهي، جو هو ماڻهن تي قبضو ڪري وٺندو آهي.“
اليوشا، خاموشيءَ سان، کيس ڌيان ڏئي ٻـُـڌندو رَهيو.
”هو منهنجي صحبت کان ڇو ٿو ٽهي؟ جيڪڏهن هـُـو ڳالهائي به ٿو، ته پاڻ کي پڏائي ٿو. تنهنجو ايون بدمعاش آهي. جيڪڏهن مان چاهيان، ته گروشينڪا سان هڪ منٽ ۾ شادي ڪري سگهان ٿو. اليڪسي فيودورووچ، جيڪڏهن تو وٽ پيسو آهي، ته تون جنهن شيءِ جي خواهش ڪندين، اُها توکي ملي ويندي. ايون اِنهيءَ کان ئي ته ڊڄي ٿو. هـُـو اُن ڪري مون تي نگاهه ٿو رکي ته جيئن مون کي شادي ڪرڻ کان روڪي. اِهوئي سبب آهي جو هو مـِـتيا تي زور آڻي ٿو ته جيئن گروشينڪا سان شادي ڪري. اِهڙيءَ ريت هـُـو مون کي، گروشينڪا کان پري ڪرڻ گهري ٿو. (هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن مان شادي نه ڪئي ته اُن لاءِ ورثو ڇڏي ويندس.) اُن کانسواءِ، گروشينڪا سان مـِـتيا جي شادي هئڻ سبب، ايون، اُن جي شاهوڪار مڱيندي تي قبضو ڪري سگهندو. اِهوئي سندس منصوبو آهي. سچ ته تنهنجو ڀاءُ ايون وڏو رذيل ۽ عيار قسم جو ماڻهو آهي.“
”ڪيترا نه تنگ مزاج آهيو. هيءُ سڀ ڪالهوڪي حالت جي باعث آهي. چڱو آهي، ته اوهان سمهي آرام ڪريو.“ اليوشا کيس چيو.
”ها، تون به اِيئن ٿو چوين!؟“ پوڙهي ڄڻ ته اوچتي، هن جي ڳالهه کي سمجهي ورتو. ان مان معلوم اِئين پئي ٿيو، ته ڄڻ کيس اِهو پهريون ڀيرو ڌڪ لڳو آهي. هـُـو چوڻ لڳو ته ”مون کي ته توتي ڪاوڙ نه آهي، پر جيڪڏهن ايون اِيئن چوي ها، ته مون کي ڪاوڙ لڳي ها. مان توسان ئي چڱو هلندو آهيان، نه ته تون ڄاڻين ٿو، ته مان ڪيڏي نه خراب طبعيت وارو آهيان.“
”خير، اوهان بدطبعيت ته نه آهيو، پر بدگمان ضرور آهيو.“ اليوشا مشڪندي کيس چيو.
”ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ. مان اَڄ چاهيو ٿي، ته چور دمتريءَ کي گرفتار ڪرايان، پر مان هاڻي سمجهي نه ٿو سگهان، ته اُن بابت ڪهڙو فيصلو ڪريان؟ بيشڪ هن فيشن واري زماني ۾ ماءُ ۽ پيءُ جي عزت نالي ماتر وڃي رَهي آهي، پر اُن هوندي به اَڄ، قانون ڪنهن کي به هيءَ اِجازت نه ٿو ڏئي، ته ڪو پنهنجي پوڙهي پيءُ کي وارن کان وٺي گهليندو رَهي ۽ سندس ئي گهر ۾ سندس منهن ۾ لتون هڻندو رَهي ۽ شاهدن جي سامهون کيس خون ڪرڻ جا دڙڪا به ڏئي. جڏهن مان چاهيو، ته کيس برباد ڪري ڇڏيندس. هن ڪالهه جو ڪجهه ڪيو آهي. اُن لاءِ کيس جيل اُماڻائي ڇڏيندس.“
”تڏهن، تون هن بابت ڪو به قدم کڻڻ نه ٿو گهرين؟“
”ايون، مون کي روڪيو آهي، مون کي ايون جي ته پرواهه ڪانه آهي، پر مون کي ٻي شيءِ روڪيو آهي.“
هـُـو اليوشا جي مٿان نوڙيو ۽ کيس سرگوشيءَ طرح، ڪا راز جي ڳالهه چوڻ لڳو.
”جيڪڏهن، مان هن چور کي جيل ۾ موڪليندس، ته هوءَ اِها ڳالهه ٻڌي، اُن ڏانهن ڊوڙي ويندي، پر جڏهن هوءَ ٻـُـڌندي ته هن مون کي ماريو آهي، سوبه هڪ پوڙهي ۽ ڪمزور کي ته ٿي سگهي ٿو، ته هوءَ هن کي ڇڏي ڏي ۽ مون ڏي هلي اَچي - ڇو ته هي سندس عجيب طريقا آهن، سڀ ڪجهه اُبتڙ. سڀ ڪنهن طرح، کيس سڃاڻان! ڇا توکي برانڊيءَ جو چـُـڪو نه کپي؟ ٿوري ڪافي ئي پيءُ. اُن ۾ مان برانڊيءَ جي گلاس جو فقط ٽيون حصو ملايان ٿو. نهايت مزيدار شيءِ اَٿئي منهنجا پٽ!“
”نه، اوهان جي مهرباني، اوهان جيڪڏهن اِجازت ڏيو، ته مانيءَ جو ڳڀو کڻان!؟“ اِيئن چئي اليوشا، اُن ٽڪي واري فرينچ مانيءَ جو ڪجهه حصو کنيو ۽ اُن کي پنهنجي قبا جي کيسي ۾ رکيائين. پوءِ پوڙهي جي چهري ۾، پريشانيءَ سان ڏسندي، کيس صلاح ڏنائين ته، ”اوهان کي به شراب پيئڻ نه گهرجي.“
”تون سچ ٿو چوين. هيءُ منهنجي رُڳن کي ٺارڻ جي بجاءِ منجهن جوش ٿو پيدا ڪري، پر فقط هڪڙو گلاس! جنهن کي مان ڪٻٽ مان ڪڍي ٿو وٺان. هـُـو اُٿيو ۽ ڪٻٽ کي کوليائين. گلاس کي ڀـَـري ۽ پي ويو. ڪٻٽ کي وري بند ڪيائين ۽ اُن جي ڪـُـنجي کيسي ۾ رکيائين.“
”هيءُ بس آهي. هڪڙو گلاس مون کي نه ماريندو.“
”ٺيڪ آهي، هاڻي اوهان خوش طبع نظر ٿا اَچو.“ اليوشا، کيس مشڪندي چيو.
”هون! مان توکي برانڊيءَ کانسواءِ به، پيار ڪري سگهان ٿو، پر بدمعاش سان بدمعاش آهيان. ايون شرماشينا ڏانهن نه ويندو. هـُـو جاسوسي ڪرڻ گهري ٿو، ته جڏهن گروشينڪا مون وٽ ايندي، ته آئون کيس ڪيترو ڏيان ٿو. هي سڀئي بدمعاش آهن! مان ايون کي ڪونه سڃاتو هو، مان کيس پوريءَ ريت نه سمجهيو. هيءُ اَلائجي ڪٿان آيو؟ هـُـو روحاني طرح اَسان مان نه آهي. هو سمجهي ٿو، ته مان هن جي لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي ويندس. مان ڪوبه وصيت نامو ڇڏي نه ويندس، اِها توکي به خبر هئڻ گهرجي. مان مـِـتيا کي هڪ جيت وانگر مهٽي ڇڏيندس. مان رات جو ڪيترن ڪارن ٽنڊڻن کي پنهنجي جتيءَ جي هيٺان چيڀاٽي ڇڏيندو آهيان. تون جڏهن اُنهن کي لتاڙيندين، ته هـُـو تنهنجي پيرين ۾ پيا ڦٿڪندا. تنهنجو مـِـتيا به اِئين ئي ڦٿڪندو. مان تنهنجو مـِـتيا! تون ساڻس محبت ڪرين ٿو. هائو، تون هـِـن سان محبت ڪرين ٿو، پر مون کي تنهنجي، هن محبت کان ڪوبه خوف نه آهي، پر جيڪڏهن ايون ساڻس محبت ڪرڻ چاهي، ته مون کي سندس پيار کان خوف کائڻ گهرجي، پر ايون ڪنهن سان به محبت نه ڪندو آهي. ايون اَسان مان آهي ئي نه. ايون جهڙا ماڻهو، اسان جي گروهه مان ٿي نه ٿا سگهن. هيءُ مٽي جي ڪڪر وانگر آهن. جڏهن هوا لڳندي، ته دز رهندي ئي ڪانه. ڪالهه جڏهن مان توکي اَچڻ لاءِ چيو ٿي ته هڪ احمقاڻو خيال اَچي منهنجي مغز ۾ ويٺو هو. مان توکان مـِـتيا جي بابت ڪي ڳالهيون ٻڌڻ ٿي گهريون. ڀلا، جيڪڏهن هاڻي مان کيس هزار يا ٻه هزار روبل ڏيان، ته هـُـو بدبخت پينو، هتان جي پچر ڇڏي، پنجن سالن يا اَڃا به پنجٽيهن سالن لاءِ هليو ويندو ۽ گروشينڪا سان ڪوبه واسطو نه رکندو ۽ هميشھ لاءِ اُن کي ڇڏي ڏيندو؟“
”مان، مان، هن کان پڇندس.“ اليوشا هٻڪندي چيو. ”جيڪڏهن اوهان کيس ٽي هزار روبل ڏيو ته شايد .....“
”هيءَ بيوقوفي آهي. هن جي ڪابه ضرورت نه آهي، ته هاڻي، هن کان تون ڪجهه پڇين؟ ڪابه ضرورت نه آهي. مان پنهنجي راءِ کي بدلايو آهي. هيءُ منهنجو بيوقوفي وارو خيال هو. مان هن کي ڪجهه به نه ڏيندس، ڪوڏي به نه. مون کي پيسو پنهنجي لاءِ کپي.“ پوڙهي ڪاوڙ مان پنهنجي هٿ کي لوڏيندي چيو، ”مان هن کي ٽنڊڻ وانگر چيڀاٽيندس. تون هن وٽ نه وڃج. توکي ڏسي، هن کي اُميد پيدا ٿيندي. تنهنجي لاءِ به هاڻي، هت ڪجهه نه رهيو آهي. توکي هاڻي هتي وڌيڪ ترسڻ نه گهرجي. ڇا هـُـو ڪيٽرينا ايونونا، پنهنجي مڱيندي سان، جنهن کي هن نهايت چالاڪيءَ سان، مون کان لڪائي رکيو آهي، شادي ڪندو به يا نه؟ مان سمجهان ٿو ته ڪالهه تون هن سان، ملڻ ويو هئين؟“
”هـِـن کي ڪابه شيءِ هرکائي نه ٿي سگهي، ته هوءَ هـِـن کي ڇڏي ڏي.“
”واقعي! هيءَ ڏسڻ جهڙي ڳالهه آهي، ته ڪيئن نه هيءُ نوجوان معزز عورتون، بدمعاش ۽ بدنام ماڻهن سان محبت ڪن ٿيون. مان توکي ٻـُـڌايان ٿو ته هيءُ پيليون نوجوان عورتون ڏاڍيون ساديون آهن .... افسوس، جيڪڏهن منهنجي جوانيءَ ۾ اُها صورت هجي ها، ڇاڪاڻ ته مان اَٺاويهن سالن جي عمر ۾ دمتريءَ کان وڌيڪ سهڻو هوس، هن وانگر ڪيترين عورتن کي شڪار ڪريان ها، هيءُ ڪمزور فطرت آهي. هـُـو ڪنهن به صورت ۾ گروشينڪا تي قبضو حاصل ڪري نه سگهندو. هـُـو ڪڏهن به ڪري نه سگهندو، مان کيس مهٽي ڇڏيندس.“
پوين لفظن کي چوندي، هـُـو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ اليوشا کي سختيءَ سان رڙ ڪري چيائين، ”تون هليو وڃ! تنهنجي لاءِ هتي ڪوبه ڪم نه رهيو آهي.“
اليوشا کيس خدا حافظ چوڻ لاءِ ويو ۽ کيس ڪلهي تي چمي ڏنائين.
”هيءُ وري ڇاجي لاءِ؟“ پوڙهي کيس عجب مان چيو. ”اَسان وري به هڪ ٻئي سان ملنداسون. ڇا اسين وري نه ملنداسين؟“
”نه، منهنجو اِهو مطلب نه هو.“
”نه، منهنجو به ته ڪو ٻيو مطلب نه هو.“ پوڙهي کيس نهاري چيو، ”ڌيان ڏيئي ٻڌ، جلدي وڃ، سڀاڻي وري اَچج. سڀاڻي تنهنجي لاءِ وڻندڙ مڇيءَ جو رس تيار هوندو. پـَـڪَ سان اَچج. سڀاڻي ٻڌين ٿو نه، سڀاڻي.....!“
جيئن ئي اليوشا هليو ويو، هن اُٿي ڪٻٽ کي کوليو، ٻيو اَڌ گلاس شراب جو چاڙهي ويو. ”مون کي وڌيڪ پيئڻ نه گهرجي.“ هن کنگهندي، پنهنجو سينو صفا ڪيو ۽ وري ڪٻٽ کي بند ڪري ڪنجي پنهنجي کيسي ۾ رکيائين. اُن کان پوءِ هـُـو پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ ويو ۽ ٿڪي پوڻ سبب ليٽي پيو. کيس جلد ئي ننڊ کڻي وئي.

باب ٽيون: اسڪول جي ڇوڪرن سان ملاقات

جيئن ئي اليوشا، پيءُ جو گهر ڇڏي بيگم هائلڪوف جي گهر ڏانهن ٿي ويو، واٽ تي خيال آيس ته، ”خدا جو شڪر آهي، جو هن مون کان گروشينڪا جي بابت ڪجهه نه پڇيو. جيڪڏهن پڇي ها، ته مون کي گروشينڪا سان ڪالهوڪي ملاقات جو ذڪر ڪرڻو ئي پوي ها. اليوشا ڏاڍي درد سان محسوس ڪيو ته ڪالهه کان ٻنهي مقابلي ڪندڙن پنهنجي ڪوششن کي وري نئين سـَـر جاري رکيو آهي ۽ سندن دليون نهايت سخت ٿي ويون آهن.“ پيءُ وٽ نفرت ۽ ڪاوڙ آهي. هن ڪي رَٿون سوچيون آهن ۽ اُن تي سختيءَ سان عمل ڪندو ۽ دمتري؟ هـُـو ته ڪالهه کان به سخت ٿي ويندو. هن وٽ به نفرت ۽ ڪاوڙ آهي. هن به ضرور ڪي رٿون رٿيون آهن. ڪجهه به ٿي پوي، مون کي اَڄ اُهي معلوم ڪرڻ گهرجن.“
پر اليوشا، گهڻو وقت هنن خيالن ۾ مشغول رَهي نه سگهيو. اُن وقت رستي تي هڪ عجيب واقعو ٿي گذريو. جيتوڻيڪ اُن کي ڪا ايڏي وڏي اهميت ڪانه هئي، پر اُن سندس دل تي وڏو اَثر ڇڏيو. جيئن ئي هـُـو چؤسول کان گذري ميمووسڪيءَ جي گهٽيءَ جي ڪنڊ تي آيو، جا هڪ کڏجي سبب مکيه گهٽيءَ کان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي (اسان جو شهر ڪيترين ئي کڏن جي باعث بدنام آهي.) هن ڏٺو ته اسڪول جي ٻارن جو هڪ ٽولو، جنهن ۾ نـَـوَن کان وٺي ٻارهن ورهن جا ٻار هئا، پل جي مٿان موجود هئا. هـُـو اسڪول کان موٽي گهر وڃي رهيا هئا. اُنهن مان ڪن کي ٿيلها ڪلهن تي هئا، ته ڪن کي چمڙي جون ڦوٽڙيون، ڳچيءَ ۾ پئي لڙڪيون. ڪن کي جئڪيٽ پاتل هيون، ته ڪن کي ننڍڙا اوورڪوٽ. ڪن کي قيمتي بوٽ هئا، جن جا پٽا مـُـرن جي چوڌاري ڦريا پئي، جن کي اَڪثر پيار مان شاهوڪار ماڻهو، خريد ڪري، پنهنجي ننڍن ٻارن کي ڏيندا آهن. سڀئي ٻار ڪنهن ڳالهه تي نهايت شوق مان ڳالهائيندا ٿي آيا. ڄڻ ته ڪا صلاح يا مشورو ٿي رهيو هو. ماسڪو کان پوءِ اليوشا، ڪڏهن به اسڪول جي ٻارن وٽان نه گذريو هو، نه وري کيس اُنهن کي ڏسڻ جو موقعو مليو هو. جيتوڻيڪ کيس ٻارن سان پيار هو، خاص ڪري ٽن سالن يا اُن کان ٿوري وڏي عمر وارن لاءِ، پر هـُـو اسڪول جي ڏهن ۽ ٻارهن سالن وارن ٻارن کي به پسند ڪندو هو. اڄ ايڏو ته هـُـو جذبات جي رَوءَ ۾ هو، جو هـُـن چاهيو ٿي، ته هڪدم وٽن وڃي ڪجهه ڳالهائي. هن سندس جوش ڀريل گلابي چهرن ڏي نهاريو ۽ ڏٺائين، ته سڀني ڇوڪرن کي هٿن ۾ پٿر آهن. کڏ جي هيٺان ٽيهن قدمن جي پنڌ تي، لوڙهي جي ڀرسان هڪ ٻيو ڇوڪرو بيٺو هو، کيس پڻ چمڙي جي ڳوٿري واڳن سان ڳچيءَ ۾ پيل هئي. هـُـو ڏهن ورهين جو ٿـَـي ڏٺو. ڏسڻ جهڙو، سندس اکيون ڪاريون ۽ چمڪندڙ هيون. هـُـو وڏي خيال ۽ انتظار سان اُنهن ڇهن اسڪول جي هم جماعت ڇوڪرن کي نهاري رهيو هو، جن سان گڏ، هو اسڪول کان ٻاهر نڪتو هو، پر اُنهن سان سندس ڪو نزاع هو.
اليوشا، اُنهن ڇوڪرن ڏي ويو ۽ اُنهن مان هڪ سان ڳالهائڻ گهريائين، جو موچارو ٿي ڏٺو. سندس چهرو گلابي، وار گهنڊيدار هئا ۽ کيس هڪ ڪاري جئڪيٽ پهريل هئي.
”جڏهن مان اوهان وانگر چمڙي جي ڳوٿري، واڳن سان کڻندو هوس، ته اُن کي پنهنجي کٻي پاسي کان پائيندو هوس. جيئن منهنجو سڄو هٿ آزاد هجي، پر اوهان کي سڄي پاسي کان آهن، جي، چڱا نه ٿا لڳن ۽ اوهان جا هٿ به بند ٿي ويا آهن.“
اليوشا وٽ، هن عملي راءِ ڏيڻ لاءِ، شروع ۾ ئي ڪو فن يا اڳ جي سوچ ڪانه هئي. هيءُ فن فقط وڏيءَ عمر وارن وٽ ٿئي ٿو، جي هڪدم ٻار کي پنهنجي راز داراڻي لاڳاپي ۾ وٺي سگهن ٿا. ڇوڪرن جي هڪ جماعت کي پنهنجي رازداريءَ ۾ وٺڻ لاءِ، اَڃا به وڌيڪ فن جي ضرورت پوي ٿي. اِهڙي ماڻهوءَ کي ڌنڌي واري وانگر اِهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيئن هـُـو اُنهن سان برابريءَ ۾ هڪجهڙو بيهي سگهي. اليوشا هن حقيقت کي فطري قابليت سان سمجهي ورتو هو.
”پر هيءُ کاٻڙو آهي!“ هڪ خوبرو ۽ تندرست يارهن ورهين جي ڇوڪري ڳنڀيرائيءَ سان چيو. ٻيا اليوشا کي عجب مان نهارڻ لڳا.
ايتري ۾ هڪ پٿر زور سان اَچي لڳو، جنهن کي فقط انهيءَ کاٻڙ ٻارئي ڏٺو. اهو پٿر، کڏ تي بيٺل ڇوڪري، اُڇليو هو.
سڀني ڇوڪرن گڏجي، رڙيون ڪري چيو ته، ”سميوروف، تون به اهو پٿر زور سان موٽائي هڻينس.“ پر کاٻڙي ڇوڪري سميوروف کي چوڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي. هن پاڻ ئي هڪدم بدلو وٺڻ گهريو. کڏ وٽ بيٺل ٻي طرف واري ڇوڪري، جو کيس صاف ٿي نظر آيو، سندس چوڌاري پٿرن جو ڍير رکيل هو. هن ٻيو پٿر به اُتان کڻي اُن ٽولي ڏي اُڇلايو. هن ڀيري اِهو پٿر سنئون سڌو اليوشا کي ڪلهي ۾ اچي لڳو ۽ کيس سور ٿيڻ لڳو.
”هن ته تنهنجي صحيح شست ورتي آهي، هن توکي ڌڪ هڻڻ گهريو ٿي. تون ڪرامازوف آهين ڪرامازوف!“ ڇوڪرا کلندا به رهيا ۽ واڪا به ڪندا رهيا. ”اَچو ته سڀئي گڏجي، کيس پٿر هڻون.“ ڇهه پٿر اُن ڇوڪري ڏي تيزيءَ سان وڌيا، هڪڙو وڃي اُن ڇوڪري جي مٿي ۾ لڳو ۽ هـُـو ڪري پيو. هن هڪدم ٽپو ڏنو ۽ نهايت جوش مان، تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون. هاڻي ٻنهي ڌرين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پٿر هڪ ٻئي تي وسائڻ شروع ڪري ڏنا. هن ٽولي مان به ڪيترن جا کيسا پٿرن سان ڀريل هئا.
”توهان ڇا ڪري رهيا آهيو، اوهان کي ڪوبه شرم نه ٿو اَچي. هوڏانهن هڪ آهي ۽ اوهان ڇههَ. ڇا اوهان، هـُـن جو خون ڪندا؟“ اليوشا زوردار آواز ۾ چيو.
هـُـو اڳتي ڊوڙي پيو ۽ اُڏرندڙ پٿرن ۾ وڃي پيو، جيئن اُن اَڪيلي ڇوڪري جو بچاءُ ڪري سگهي. ٽن چئين ڇوڪرن ٿوري وقت لاءِ پٿر اُڇلائڻ بند ڪيا. هڪ ڇوڪري، جنهن کي ڳاڙهي رنگ جي قميص پهريل هئي، ٻاراڻي ڪاوڙ ڀريل آواز ۾ چيو ته، ”هن ئي ته اڳرائي ڪئي آهي. هو وحشي آهي. هن ئي ته ڪراسوٽڪن کي ڪالهه ڪلاس ۾ قلم گهڙڻ وارو چاقو هنيو هو. هـُـن جو رتَ وهي نڪتو هئو. ڪراسوٽڪن ته چپ ڪري ويو پر هن کي ضرور سزا ملڻ کپي.“
”پر آخر هن جهيڙي جو سبب ڇا آهي، اوهان هن کي چيڙائيندا هوندا.“
”اِجهو، هـُـن وري تنهنجي پٺ تي پٿر اُڇلايو آهي. هـُـو توکي سڃاڻي ٿو.“ ٻارن واڪو ڪري چيو، ”هـُـو هاڻي توڏي پٿر اُڇلائي رَهيو آهي، نه اسان ڏي. اچو ته سڀئي وري هن کي پٿر هڻڻ شروع ڪريون. سميوروف متان گسين!“ هڪ ڀيرو وري پٿر بازي شروع ٿي وئي. اڳي کان به خطرناڪ. کڏ وٽ بيٺل ڇوڪري کي، هڪ پٿر وڃي سيني تي لڳو. هن کان دانهن نڪري وئي ۽ هـُـو رئندو ۽ ڊوڙندو، ميخائيلووسڪايا جي گهٽي ڏي ويو. هنن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.
”هو، ڀڳو، هـُـو ڀڳو، بزدل جو پٽ!“
هڪ ڇوڪرو، جو سڀني ۾ وڏو ٿي نظر آيو، ۽ جنهن جون اکيون تيز هيون ۽ جئڪيٽ پيل هوس، چوڻ لڳو ته، ”توکي خبر نه آهي ڪرامازوف، هيءُ وحشي آهي. هن کي مارڻ ئي چڱو آهي.“
”پر هـُـن ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟“ اليوشا پڇيو. ”ڇا هـُـو گـِـلا خور آهي؟“
ڇوڪرن، هـِـن ڏانهن اِهڙيءَ ريت نهاريو، ڄڻ ته هو ساڻس چرچا ڪري رهيا آهن.
”توهان ميخائيلووسڪايا ڏانهن ٿا وڃو؟“ ساڳي ڇوڪري کيس چيو، ”هن کي وڃي جهليو .... ڏسو، هـُـو وري بيهي رهيو آهي. هـُـو ترسي. اوهان ڏي نهاري رهيو آهي.“
ٻار پاڻ ۾ اِهو دهرائيندا رَهيا، ”هـُـو توهان ڏي ٿو نهاري، توهان ڏي!“
”توهان، هن کان پڇجو، ته هـُـو ڇـُـڙيل وارن جي جهنڊ کي ڇڪڻ پسند ڪري ٿو، ٻـُـڌو ٿا، اِهو هن کان ضرور پڇجو.“
هـُـو سڀئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا. اليوشا کين ڏسڻ لڳو ۽ هـُـو اليوشا کي.
هن جي ڀرسان نه وڃجو. هـُـو اوهان کي ايذاءُ پهچائيندو. سميوروف کيس تاڪيد ڪندي چيو.
”مان کانئس وارن جي ڇڪڻ بابت ڪجهه نه پڇندس. مان سمجهان ٿو، ته اوهان کيس اِيئن چئي چيڙائيندا آهيو، پر مان هيءُ کانئس ضرور پڇندس، ته اوهان هن کي نفرت سان ڇو ٿا ڏسو؟“
”هان ضرور پڇجو.“ سڀئي ڇوڪرا کلڻ لڳا.
اليوشا، پـُـل کي پار ڪيو، لوڙهي جو پاسو ڏئي، ٽڪريءَ کان مٿي چڙهي، سڌو اُن ڇوڪري ڏي هلڻ لڳو.
”چڱو آهي، ته تون پاڻ کي سنڀال.“ ڇوڪرن کيس پوئتان سڏ ڪري چيو. ”هو توکان ڪونه ڊڄندو. هو نهايت چالاڪيءَ سان، ڪراسوٽڪن وانگر بي خبريءَ ۾ توکي به چاقو هڻي ڪڍندو.“
ڇوڪرو بنا ڪنهن چـُـرڻ پرڻ جي، سندس انتظار ۾ هو. اليوشا جڏهن سندس ويجهو ويو، ته ڏٺائين، ته هـُـو نون سالن جو ئي نظر آيو. قد جو بندرو ۽ جسم جو لاغر ٿي ڏٺو. سندس چهرو ڊگهو هو ۽ اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هئس، جن سان هـُـن، کيس غور سان ٿي ڏٺو. کيس هڪ پراڻو ۽ ڦاٽل ڪوٽ پهريل هو، جو سندس قد کان لـُـنڊو هو. ڪوٽ جون ٻانهون ويڙهيل هئس، جنهن ڪري سندس ٻانهون، نمايان طور اُگهاڙيون ٿي نظر آيون. سندس پتلون تي گوڏي وٽ، هڪ وڏي چتي لڳل هئي. سندس سـَـڄي بوٽ ۾ هڪ وڏو سوراخ ٿي نظر آيو، جنهن جي مٿان خبرداريءَ سان مس هاريل ٿي نظر آئي. سندس ڪوٽ جا ٻئي کيسا پٿرن سان ڀريل ٿي نظر آيا. اليوشا ٻه قدم، اُن کان پري وڃي بيٺو، کيس چتائي ڏسڻ لڳو. ڇوڪري اليوشا جي نگاهن مان سمجهي ورتو، ته هن کي مٿس حملي ڪرڻ جو ڪو به اِرادو ڪونه آهي، اُنڪري کيس تسلي ٿي وئي ۽ پاڻ ڳالهائڻ جي ابتدا ڪيائين:
”مان اَڪيلو آهيان ۽ هـُـو ڇهه.مان اَڪيلو، هنن سڀني کي ماريندس.“ اوچتو سندس اکيون چمڪڻ لڳيون.
”مان خيال ڪريان ٿو، ته هڪ پٿر توکي ڏاڍو زوردار لڳو هو.“
پر ڇوڪري رڙ ڪري چيو ته، ”مان به سميوروف کي مٿي وارو ڌڪ هنيو هو.“
”هنن چيو پئي، ته تون مون کي سڃاڻين ٿو. ڇاڪاڻ ته تو ڪنهن مقصد سان مون ڏي پٿر ٿي اُڇلايا.“
اليوشا کيس چيو.
ڇوڪري کيس نااُميدي مان ڏٺو.
پر اليوشا ڳالهائيندو رهيو ”مان ته توکي ڪونه ٿو سڄاڻان، ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟“
ڇوڪري اوچتو ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو ته، ”مون وٽان هليا وڃو.“ هـُـن جيتوڻيڪ سمجهيو ٿي، ته هن جو نتيجو ڪو چڱو نه نڪرندو پر هـُـو پنهنجي جاءِ کان چريو پريو ڪونه. سندس اکين ۾ شرارت ٿي چمڪي.
”چڱو مان وڃان ٿو،“ اليوشا کيس چيو. ”مان توکي ڪونه سڃاڻان، اُنڪري توکي نه چيڙائيندس. هنن مون کي ٻڌايو هو، ته هـُـو توکي ڪيئن چيڙائيندا آهن پر مان توکي چيڙائڻ نه ٿو گهران. خدا حافظ.“
ڇوڪري. اليوشا کي غصي مان ٿي ڏٺو ۽ سندس نگاهون اُن جو پيڇو ڪرڻ لڳيون. واڪو ڪري چيائين، ”ريشمي پتلون وارا راهب،“ اِيئن چئي هـُـو بچاءَ جي لاءِ سنبري بيٺو. هن کي پـَـڪ هئي، ته هاڻي اليوشا مٿس ضرور حملو ڪندو. پر اليوشا ڦـِـريو، هن ڏي نهاريائين ۽ هلڻ لڳو. هـُـو اَڃا ٽي قدم مس ويو هو، ته ڇوڪري پنهنجي کيسي مان وڏي ۾ وڏو پٿر ڪڍيو ۽ سندس پٺي ۾ زور سان هنيو.
”ٺهيو، تون ماڻهن تي پٺ کان حملوڪندو آهين.هنن سچ ٿي چيو، ته تون مڪاريءَ سان ڌڪ هڻندو آهي.“ اِيئن چئي اليوشا ڦريو ۽ اڳتي وڌيو. هن ڀيري ڇوڪري نهايت وحشياڻي انداز ۾، سنئون سڌو، اليوشا جي منهن ۾ پٿر اُڇلايو. اليوشا هن ڀيري خبردار هو، اُن ڪري پٿر سندس منهن ۾ ته نه لڳو، پر سندس ٺونٺ ۾ وڃي لڳو.
”توکي شرم نه ٿو اَچي، مان توکي ڪهڙو نقصان پهچايو آهي؟“
ڇوڪرو بچاءَ جي لاءِ خاموش بيٺو رهيو. کيس پـَـڪ هئي، ته هاڻي اليوشا ضرور حملو ڪندو، پر جڏهن هن ڏٺو، ته هاڻي به ڪجهه نه ٿيو، تڏهن ننڍڙي وحشي جانور وانگر جوش ۾ ڀرجي ويو. هن پاڻ اليوشا تي حملو ڪري ڏنو. اِنهيءَ کان اڳي جو اليوشا چـُـري، نفرت سان ڀريل ڇوڪري پنهنجي ٻنهي هٿن ۾، هن جي کٻي هٿ کان ورتو ۽ سندس وچين آڱر ۾ چـَـڪُ پاتو. سندس ڏند اُن ۾ گهڙي ويا ۽ ڏهه سيڪنڊ، اُن کي جهلي بيٺو. سور کان اليوشا جي دانهن نڪري وئي ۽ هن زور سان پنهنجي آڱر ڇڏائي، ڇوڪري کيس ڇڏيو ۽ پنهنجي اصلوڪي جاءِ ڏي هٽي آيو. اليوشا جي آڱر ۾ چـَـڪُ سندس هڏي تائين وڃي پهتو هو ۽ ذري گهٽ ننهن بچي ويو هو. اُن مان رت ٽمي رَهيو هئو. اليوشا پنهنجي رومال کي ڪڍيو ۽ اُن کي آڱر جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيائين. هـُـو برابر هڪ منٽ اُن کي ٻـُـڌندو رهيو. ڇوڪرو سڄو وقت ترسيو بيٺو هو. اليوشا پنهنجي پيار ڀريل اکين کي مٿي کنيو ۽ کيس ڏٺائين.
”چڱو ڪئي، پٽ!“ هن چيس، ”ڏسين ٿو، تو مون کي ڪيڏو نه بي رحمي سان چـَـڪُ پاتو آهي. هيءُ بس آهي، ڪيئن؟ هاڻي مون کي ٻـُـڌاءِ ته مان توکي ڇا ڪيو آهي؟“
ڇوڪري عجب مان کيس، ڇرڪ ڀري ڏٺو.
اليوشا کيس ساڳي دلسوزيءَ سان چيو ته، ”مان سمجهان ٿو، ته مان توکي ڪو نقصان پهچايو آهي. ڪجهه نه هئڻ جي حالت ۾ تون مون کي، جيڪر هيئن ڇو ايذاءِ پهچائين ها!؟ مون کي ٻڌاءِ ته مان توکي ڇا ڪيو آهي؟ ضرور مان ڪو غلط ڪم ڪيو آهي. ٻـُـڌاءِ، ٻـُـڌاءِ.“
جواب ڏيڻ جي بجاءِ، ڇوڪرو روئڻ لڳو ۽ سـُـڏڪن ۾ پئجي، ڀڄي ويو. اليوشا، هن جي پويان آهستي آهستي ميخائيلووسڪايا جي گهٽيءَ تائين ويو. هو گهٽيءَ ۾ پري تائين ڇوڪري کي ڏسندو رهيو، جو چڱي پنڌ تي زور سان ڊوڙندو ٿي ويو. هـُـو اَڃا به روئندو ٿي ويو. هـُـن پختو اِرادو ڪيو، ته جيئن کيس وقت مليو، هـُـو هن راز تائين پهچندو. هاڻي، ته کيس ڪو وقت ئي نه هو.

باب چوٿون: هائلڪوف وٽ

اليوشا جلدئي بيگم هائلڪوف جي گهر پهچي ويو، جو سهڻي پٿر جو ٺهيل هو ۽ ٻه ماڙ هو. هيءَ عمارت پنهنجي اَڏاوت جي باعث، اسان جي شهر ۾ عمدي سمجهي ويندي آهي. جيتوڻيڪ بيگم هائلڪوف پنهنجو گهڻو وقت ٻي ڪنهن پرڳڻي ۾، جتي سندس زمينون آهن يا ماسڪو ۾ گذاريندي آهي، جتي به کيس پنهنجو گهر آهي، اُن هوندي به کيس اسان جي شهر ۾ گهر آهي، جو کيس پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ مليو آهي. سندس ملڪيت اسان جي ضلعي ۾، ٽنهي ملڪيتن کان گهڻي آهي پر اُن هوندي به هن دفعي کان اڳ، هت تمام ٿورو رهندي آهي. هـُـو اليوشا کي ڏسي، ڊوڙي هال ۾ آئي ۽ جلد اٿي ۽ بي صبريءَ مان کيس چيائين:
”نئين ڪرامت بابت توکي منهنجو خط مليو آهي؟“
”هائو!“
”تو اُهو سڀ ڪنهن کي ٻـُـڌايو آهي. هن ماءُ کي پـُـٽ موٽائي ڏنو آهي.“
”هو اڄ مرڻ وارو آهي،“ اليوشا چيو.
”مان به ٻـُـڌو آهي. او، مان ڪيترو وقت، هن ڳالهه بابت توسان ياڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ گهران ٿي، نه، نه توسان، توسان. ڪيتري قدر مون کي ڏک ٿو ٿئي، جا مان هـُـن کي ٿي ڏسان. سڄي شهر ۾ مايوسي آهي ۽ سڄو ڪاروبار بند ٿي ويو آهي. پر توکي خبر آهي - ڪيٽرينا ايونونا، هينئر هتي آهي؟“
”هي ڏاڍو چڱو ٿيو،“ اليوشا چيو، ”مان ساڻس هينئر ئي ملندس. هن مون کي ڪالهه چيو هو، ته مان اڄ وٽس وڃي ضرور ملان.“
”مان ڄاڻان ٿي، مون کي سڄي حال جي خبر آهي، مان سڀ ڪجهه ٻـُـڌو آهي، ته ڪالهه ڇا ٿي گذريو هو، مان اُن حيثيت جي ظالماڻي روش کي ڄاڻان ٿي. هي هڪ وڏو الميو آهي. جيڪڏهن مان اُن جي جاءِ تي هجان ها، ته اَلائي ڇا ٿي پوي ها؟ اوهان پنهنجي ڀاءُ دمتري فيودورووچ لاءِ، ڪهڙو ٿا خيال ڪريو؟ خدايا! اليڪسي فيودورووچ، مان پنهنجي حيرت کان، اهو توکي ٻڌائڻ وساري ويٺي آهيان، ته تنهنجو ڀاءُ به اُن سان گڏ آهي. تنهنجو ظالم ڀاءُ نه، جو ڪالهه هن ايذاءَ جو سبب بڻيو هو، پر ٻيو ڀاءُ ايون فيودورووچ. هـُـو هـُـن سان ويٺو ڳالهائي. هـُـو پاڻ ۾ ڪنهن نازڪ مسئلي تي ضرور گفتگو ڪري رهيا آهن. اُنهن جي وچ ۾، جو ڪجهه هاڻي وَهي واپري رهيو آهي، اُن بابت جيڪڏهن تون فقط تصور ڪرين، ته نهايت خطرناڪ آهي. دل آزاري آهي. جيڪڏهن تون باور ڪرين، ته اِها ڪنهن خوف ڏياريندڙ، حيرتناڪ ڳالهه وانگي ٿي لڳي. هـُـو بنا ڪنهن سبب جي، جنهن کي ڪو ڏسي ئي نه ٿو سگهي، پنهنجي زندگين کي برباد ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ کين هن برباديءَ جي خبر به آهي، پر اُن کي اختيار ڪرڻ مان کين مزو ٿو اَچي. مان تنهنجي انتظار ۾ هيس! مان ڄڻ ته تنهنجي لاءِ اُڃايل هيس. مان هنن حالتن کي سـَـهي نه ٿي سگهان. مان توکي هاڻي ئي سڀ ڪجهه ٻـُـڌائينديس، پر هاڻي مان ڪنهن ٻي ڳالهه لاءِ ڳالهايان ٿي، جا نهايت ضروري ڳالهه آهي. مان اُن شيءِ کي وساري ڇڏيو آهي، جا نهايت ضروري آهي. مون کي ٻڌاءِ ته لـِـزيءَ جي مٿان، جذبات جي شدت ايڏي ڇو آهي؟ جيئن جو هـُـن ٻـُـڌو ته تون هتي آيو آهين، هـُـو جذبات جي شدت کان مغلوب ٿي وئي آهي.“
”اَما، هاڻي ته تون جذبات جي شدت ۾ وٺجي وئي آهين نه.“ لزيءَ جو ملاحت ڀريو آواز ٻي پاسي کان در جي چير مان ٻڌڻ ۾ آيو. سندس آواز اِيئن ٻڌڻ ۾ آيو، ڄڻ ته هـُـن کـِـلڻ ٿي گهريو پر اُن کي ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اليوشا جي نگاهه هڪدم دروازي جي چير ڏانهن کڄي وئي. اِنهيءَ ۾ ڪوشڪ نه آهي ته لزيءَ چير مان ليئا ٿي پاتا، پر اليوشا کي نظر نه آئي.
”لزي، هن ۾ ڪو به عجب نه آهي ته وهمي حالت، مون کي به جذبات جي شدت ۾ گرفتار ڪري ڇڏي. اليڪسي فيودورووچ، هيءَ بيمار آهي. ايڏي ته بيمار آهي، جو سڄي رات بخار هوس ۽ دانهون ڪندي رَهي آهي! مان ته صبح تائين به ترسي نه ٿي سگهيس، ته هر زينسٽيوب اَچي، هـُـو هميشھ چوندو آهي، ته ”مان ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان ۽ مون کي ترسڻ گهرجي.“ هر زينسٽيوب هميشھ اَچي، اِيئن ئي چوندو آهي. جيئن ئي تون گهر ۾ گهڙين، ته هـُـن رڙ ڪئي. هـُـو شدت جذبات کان مغلوب ٿي وئي ۽ هـُـن مجبور ڪيو ته هن ڪوٺيءَ ۾، کيس گاڏيءَ ۾ کڻي آڻجي.“
”اَما، مون کي هن جي اَچڻ جي ڪابه خبر نه هئي، مان هن جي ڪري اوهان کي ڪونه ٿي چيو، ته مون کي گاڏيءَ ۾ کڻي هتي پهچايو.“
”تون سچ نه ٿي ڳالهائين لزي! يوليا توکي ڊُڪي ٻڌايو هو، ته اليڪسي فيودورووچ اَچي ٿو، هـُـن ته تنهنجي لاءِ ٻاهر جي خبر ٿي رکي.“
”منهنجي عزيز ماءُ! اها تون عقل جي ڳالهه نه ٿي ڪرين، پر جيڪڏهن تون سياڻپ جي ڪنهن ڳالهه کي ٻڌائڻ به گهرين ٿي، ته چڱو اِيئن آهي ته تون پنهنجي عزت واري ملاقاتي کي اِها ڳالهه ٻڌاءِ، ته هو اسان کي پنهنجي جوکم ڀري سمجهه واري حقيقت ٻـُـڌائي، جا ڪالهه ٿي گذري هئي، جنهن کيس سڀني اڳيان کلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
”لزي، تنهنجي گستاخي، حد ٽپي وئي! مان ظاهر ٿي ڪريان، ته مان توتي هاڻي سخت ٿينديس. هن تي ڪير ٿي کليو؟ مون کي ته خوشي ٿي آهي، جو هيءُ آيو آهي. مون کي هن جي ضرورت هئي، مان هن کان سواءِ، ڪجهه نه ٿي ڪري سگهان. او، اليڪسي فيودورووچ مان حد کان وڌيڪ بدنصيب آهيان!“
”پر، پياري ماءُ، توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“
”اڙي لزي! تنهنجي هيءَ وَهمي حالت، بي قراري، بيماري، خوفائتي بخار جي رات، خوفائتو هردم حاضر هرزينسٽيوب، هردم حاضر، هردم حاضر، نهايت بڇڙيون شيون آهن. سڀ ڪا شيءِ، حقيقت ۾، توڙي جو اِها ڪرامت .... پيارا اليڪسي فيودورووچ، اِنهيءَ ڪرامت، ڪيڏو نه مون کي پريشان ڪري ۽ لوڏي ڇڏيو آهي. اُن انتطارگاهه ۾ جو الميو ٿي گذريو آهي، اُهو برداشت ڪرڻ کان مٿي آهي. مان توکي آگاهه ٿي ڪريان، ته اهو سڀڪجهه سـَـهي نه ٿي سگهان. حقيقت ۾ اِها ڏک جي ڳالهه نه آهي، پر کـِـل جي ڳالهه آهي. ٻڌاءِ ته مربي زوسيما، سڀاڻي تائين جيئرو رَهي سگهندو.... او خدايا! مون کي ڇا ٿي رهيو آهي؟ هر منٽ ۾ جڏهن مان پنهنجون اکيون بند ٿي ڪريان، ته مون کي سڀ اونداهي ٿي نظر اَچي.
اوچتو اليوشا هن گفتگوءَ جي وچ ۾ ٽپي پيو ۽ چيائين ته، ”مان بيحد شڪر گذار ٿيندس، جي اوهان مون کي ڪو صاف اڳڙيءَ جو ٽڪر ڏيندا. مان اُن کي آڱري جي مٿان ٻـُـڌندس، جا بـُـريءَ طرح سان زخمي ٿي پئي آهي ۽ ڏاڍو سور اَٿس.“
اليوشا اُن چـَـڪَ پاتل آڱر کي کوليو. سڄو رومال رَت سان ڀرجي ويو هو. بيگم هائلڪوف رڙ ڪري پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
”خدايا! ڪيڏو نه خطرناڪ زخم آهي!“
پر جيئن ئي لزي، چير مان، اليوشا جي آڱر کي ڏٺو، هـُـن دروازي کي کولي ڇڏيو.
”هيڏي اَچ، هيڏي اَچ!“ هـُـن بيتابيءَ مان رڙ ڪري چيو. هاڻي ڪابه بيوقوفي نه ٿيندي. خدايا! ڇو؟ تون اِتي بيهي، سموري وقت ۾ ڪجهه به ٻڌايو ئي نه آهي. اَما، ٿي سگهي ٿو ته هيءُ رت وهائي مـَـري وڃي ها. توکي اِهو زخم ڪيئن لڳو آهي. توکي پهريائين هيءُ زخم ڌوئڻ کپي. هن کي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڪجهه وقت جهـَـل، ته سور گهٽجي وڃي..... اما ڪنهن اونهي ٿانوَ ۾ جلدي پاڻي ڏئي. پر جلدي ڏئي.“ هن جذبات جي شدت ۾ اَچي چيو. هوءَ اليوشا جي زخم کي ڏسي، ڊڄي وئي هئي.
بيگم هائلڪوف واڪو ڪري چيو:
”ڇا اسان کي هرزينسٽيوب ڏي ماڻهو نه موڪلڻ گهرجي؟“
”اَما، تون منهنجي موت جي ڪـَـڍ آهين. تنهنجو هرزينسٽيوب، اَچڻ سان چوندو، ته هـُـو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. پاڻي!پاڻي! هن جي ڀلائيءَ لاءِ توکي پاڻ وڃڻ گهرجي. يوليا، جلدي ٿيءُ. هيءَ وري اهڙي سست آهي، جو ڪڏهن به تڪڙ نه ڪندي! جلدي ٿيءُ اَما، نه ته مان مري وينديس!
لزيءَ جي دانهن کي ٻڌي ڊڄندي اليوشا چوڻ لڳو ته، ”ڇو، هيءَ ته ڪا خاص ڳالهه نه آهي؟“
يوليا، پاڻي کڻي ڊوڙندي آئي. اِليوشا، آڱر اُن ۾ وڌي.
”اما ڪا پٽي؟ ڇا توکي رحم نه ٿو اَچي؟ هان ڪا پٽي ڏئي ۽ هـُـو تيزاب وارو لوشن به، جو زخمن جي لاءِ مفيد آهي. اُن کي ڇا سڏبو آهي؟ اسان وٽ اُن جو ڪجهه ذرو آهي. اَما توکي چڱيءَ طرح خبر آهي، ته اُهو ڪٿي رکيو آهي؟ اِهو تنهنجي سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ ساڄي هٿ واري ڪٻٽ ۾ رکيو آهي. اُتي اُها وڏي شيشي به رکي آهي ۽ پٽيون به.“
”لزي، مان هڪ منٽ ۾ سڀ ڪجهه کڻي ٿي اَچان. فقط تون رڙيون نه ڪر ۽ تماشو نه بڻاءِ. ڏسين نه ٿي ته اليڪسي فيودورووچ، ڪيئن نه بهادريءَ سان هن سور کي سهي ٿو، پر توکي هيءُ خطرناڪ زخم لڳو ڪٿان؟
ميڊم هائلڪوف، تڪڙي تڪڙي نڪري وئي. اِهائي ڳالهه هئي، جنهن کي لزي چاهيو ٿي.
”پهريائين، مون کي اهو جواب ڏئي ته هيءُ زخم توکي ڪٿان لڳو آهي؟ هن جلديءَ مان اِليوشا کان پڇيو، ”اُن کان پوءِ مان ڪنهن ٻي ڳالهه بابت توسان ڳالهائينديس. چڱو؟“
اُن وقت اِليوشا به سمجهيو، ته سندس ماءُ جي غير حاضريءَ جو وقت نهايت ٿورو آهي، تنهنڪري جلدي مان، اسڪول جي ڇوڪرن سان پنهنجي ڳجهارت جهڙي ملاقات جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو. هـُـن نهايت مختصر لفظن ۾ اُن کي بيان ڪيو. لزي سندس ڪهاڻي ٻـُـڌي هٿ مهٽڻ لڳي.
”پر تو، ڪيئن هن لباس ۾ اسڪول جي ڇوڪرن سان ملاقات ڪرڻ گهري؟“ هـُـن اهي لفظ ڪاوڙ مان چيا، ڄڻ ته کيس حق هو، ته هوءَ مٿس ضابطو رکي. تو جيڪڏهن اِيئن ڪيو آهي، ته تون پاڻ ٻار آهين! پر تون منهنجي ڪري ئي، اُن خطرناڪ ٻار کي ڳولي هٿ ڪر ۽ مون کي ٻـُـڌاءِ ته هـُـو ڪير هو؟ ڇاڪاڻ ته هن جي پويان ڪو راز آهي. هاڻي ٻي شيءِ، پر پهريائين منهنجو سوال ٻـُـڌ. توکي ايڏو، ته سور نه آهي، جو معمولي ڳالهيون ته نه ڪري سگهين پر ضروري به؟“
”بيشڪ نه، هاڻي ته مون کي ايترو سور آهي به نه.“
اِهو، اِنهيءَ ڪري آهي، جو تنهنجي آڱر پاڻيءَ ۾ آهي. جيڪڏهن اِها ٿوري گرم ٿي ته وري سندس ساڳي حالت ٿي ويندي. يوليا ٿوري برف، تهخاني مان کڻي اچ ۽ پاڻيءَ جو ٻيو ٿانءُ به آڻ. هوءَ وئي، هاڻي مان توسان ڳالهائي سگهنديس. پيارا فيودورووچ اليڪسي، ڪالهه جو مون خط توڏئي موڪليو هو، اُهو مون کي موٽائي ڏئي. جلدي ٿي، اَما منٽ ۾ ڄاڻ آئي، ته مان نه ٿي چاهيان ته اُن ۾ دير پوي ....“
”مون وٽ هتي ته خط ڪونه آهي.“
”تون سچ نه ٿو ڳالهايائين، تو وٽ آهي. مون کي خبر آهي ته تون اِيئن چوندين. اِهو جو تنهنجي کيسي ۾ موجود آهي!؟ مان اِنهيءَ مذاق تي سڄي رات ڏک ڪندي رهيس. مون کي هڪدم اِهو خط موٽائي ڏئي.“
”مان اُن کي گهر ۾ ڇڏي آيو آهيان.“
”پر مان توسان، جيڪو بيوقوفيءَ جو مذاق ڪيو آهي، تون اُن کي هڪ ٻار جو يا ننڍيءَ ڇوڪريءَ جو مذاق ته نه سمجهندو هوندين؟ مان توکان پنهنجي بيوقوفيءَ جي معافي ٿي گهران. جيڪڏهن تو وٽ اِهو خط هاڻي موجود نه آهي، ته ضرور کڻي اَچج. اڄ ئي، ضرور، ضرور.“
”اڄ! شايد ٿي نه سگهي؟ ڇاڪاڻ ته مان هاڻي سـِـڌو خانقاهه ڏي هليو ويندس ۽ ٻن ٽن ڏينهن تائين توکي ڏسي نه سگهان - اَڃا به، چار پنج ڏينهن لڳي وڃن - ڇاڪاڻ ته مربي زوسيما .....
”چار ڏينهن، ڪيڏي نه بيوقوفي! ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ، تون مون تي ڏاڍو کلندو هوندين؟“
”مان ڪونه کليو آهيان.“
”ڇو؟“
”ڇاڪاڻ ته تو جو ڪجهه چيو آهي، اُن تي مون کي يقين آهي.“
”تون منهنجي بي عزتي ٿو ڪرين!“
”ڪڏهن نه. ڇو ته جڏهن مون پڙهيو ته مون خيال ڪيو ته سڀ ڪجهه اِيئن ئي ٿيندو. ڇو ته جيئن ئي مربي زوسيما گذاري ويندو، مان خانقاهه ڇڏي ڏيندس. اُن کان پوءِ مان وڃي پنهنجي تعليم مڪمل ڪندس. تون جڏهن قانوني عمر کي پهچندين، ته مان توسان شادي ڪندس. مان توکي پيار ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ مان اُن بابت ڪو خيال، ته نه ڪيو آهي، پر اُن هوندي به سمجهان ٿو، ته توکان بهتر ٻي زال مون کي ملي نه سگهندي. مربي زوسيما به مون کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“
”پر منهنجون ٽنگون ته بيڪار آهن، مون کي ڦيٿن واري ڪرسيءَ ۾ گهمايو ٿو وڃي.“ لزي کلڻ لڳي ۽ سندس چهري جو رنگ سرخ ۽ گلابي ٿي ويو.
”مان توکي پاڻ سان گاڏيءَ ۾ گهمائيندس، پر مون کي يقين آهي، ته تون ايستائين تندرست ٿي ويندين.“ لزي سندس شديد جذبات کان متاثر ٿي کيس چيو ته، ”پر تون پاڳل آهين. تون مون سان بيوقوفيءَ جهڙو مذاق ڪري رهيو آهين. هـُـوءَ اَما! ڪاوڙ ۾ ٿي ڏسجي. اما تون هميشھ سست آهين. ڪيترو وقت اِيئن رهندين. اِجهو يوليا به برف کڻي آئي.“
”اَڙي لزي! چيٽون نه ڪر. ٻيءَ ڳالهه کي ڇڏ، چيٽون نه ڪر. اِهي چيٽون مون کي تنگ ٿيون ڪن. جڏهن ته پٽيون ئي ٻي هنڌ رکيون هيون ته مان ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ مان ته ڳولهيندي رهيس. مان سمجهان ٿي ته هيءُ ڪم تو، ڪنهن مقصد سان ڪيو آهي.“
”پر مان هن کي اِيئن ته ڪونه چيو هو ته پنهنجي آڱر وڍائي اَچي. يا مان ڪنهن ٻي مقصد کي سوچيو هجي. منهنجي ماءُ تون هميشھ عجيب نقطئه سنجي ڳالهين کي سوچيندي آهين.“
”تون ڀلي مون کي نقطئه سنج سمجهه. پر مان اِيئن ضرور چونديس ته تو اليڪسي فيودورووچ جي تڪليف لاءِ چڱو احساس ڏيکاريو آهي. او منهنجا پيارا اليڪسي فيودورووچ، ڪا خاص هڪڙي ڳالهه ته نه آهي، جا مون کي ماري ٿي،نه وري هر زينسٽيوب. مطلب ته سڀيئي ڳالهيون گڏجي، مون کي تڪليف ٿيون ڏين. اِهي ئي منهنجي لاءِ آزار جو سبب آهن.“
”اَما اِهو بس آهي، هر زينسٽيوب جي لاءِ ڪافي آهي.“ لزي ڏاڍي خوشيءَ مان کلڻ لڳي. اَما پٽي ۽ لوشن جلدي کڻي ڏئي. اليڪسي فيودورووچ، هي فقط گولارڊ جو پاڻي آهي. مون کي هن جو نالو هاڻي ياد اَچي ويو، پر ڏاڍو عمدو لوشن آهي. اَما توکي شايد يقين نه اَچي، رستي جي هڪ گهٽي ۾، هيءُ ڇوڪرن سان وڙهيو آهي ۽ هڪ ڇوڪر سندس آڱر ۾ چـَـڪُ پاتو آهي. ڪيئن ٿي سمجهين، هيءُ پاڻ ٻار آهي نه ٻار! اِهڙيءَ حالت ۾ هيءُ شادي ڪري سگهي ٿو. هيءُ شايد ڏيکاءَ لاءِ کڻي شادي ڪري. هيءُ چاهي ٿو ته شادي ڪري اَما! سندس شادي ڪرڻ جو خيال ڪيڏو نه مذاق بڻجي ويندو ۽ ڪيڏو نه خطرناڪ!؟
لزي، اڳي وانگر، اليوشا ڏي وهمي طور تي نهاري، بدتميزيءَ سان کلندي رَهي.
”پر هيءُ ڇو شادي ڪري، لـِـزي؟ ڪهڙو سبب آهي، جو تون اِهي ڳالهيون ڪري رهي آهين؟ اِهڙي ته ڳالهه ئي ڪانه آهي - ڇوڪرو شايد چريو هوندو!؟“
”ڇو اَما، اُتي فقط چريا ڇوڪرا ئي هئا ڇا؟“
”ٿي سگهي ٿو لزي. تون سمجهين ٿي، ته مان شايد بيوقوفيءَ ۾ ڳالهايو آهي! ٿي سگهي ٿو ته اِنهيءَ ڇوڪري کي، ڪنهن ڇتي ڪـُـتي چـَـڪ پاتو هجي ۽ هو پاڳل بڻجي ويو هجي ۽ ماڻهن کي چـَـڪَ پائيندو هجي. اليڪسي فيودورووچ، ڪهڙي نه مزيدار پٽي ٻـَـڌي اَٿائين؟ مان شايد اِيئن نه ڪري سگهان ها! ڇا توکي اَڃا سور ٿئي ٿو؟“
”هاڻي ڪو خاص نه آهي.“
”توکي پاڻيءَ کان خوف ته نه ٿو ٿئي،“ لزي کانئس پڇيو.
”لزي، ٺهيو، اِهو ڪافي آهي. حقيقت ۾ مان، اٽڪل سان، ٻار کي ڇتو بڻائي وئي آهيان، جنهن کي تو هڪدم کڻي ڳنڍ ڏني آهي. ڪيٽرينا ايونونا کي به هاڻي خبر پئي آهي، ته هتي آهين، اليڪسي فيودورووچ، هـُـو، هي ٻـُـڌي مون ڏي ڊوڙي پئي. هـُـو تنهنجي ملڻ لاءِ ڄڻ ته مري پئي!“
”اَما، هن کي ڏاڍو سور آهي، هيءُ اُن ڏي ڪونه ويندو، تون ئي کڻي وڃينس.“
اليوشا کيس چيو، ”نه، نه مان هاڻي پوري ريت خوش آهيان .“
”ڇا تون وڃڻ ٿو گهرين. شايد تنهنجو مطلب اِهوئي آهي؟“
”هائو، مان اُن جي ملاقات کانپوءِ، هيڏي موٽي ايندس. پوءِ جيڪو وقت ڳالهائڻو هوندو، ڳالهائينداسين، پر مان چاهيان ٿو، ته ڪيٽرينا ايونونا سان هڪدم ملاقات ڪريان. ڇاڪاڻ ته مون کان جيتري قدر جلد ٿي سگهي، خانقاهه ڏي موٽي وڃان. اُن جو سخت انتظار اَٿم.“
”اما! هن کي جلد وٺي وڃ! اليڪسي فيودورووچ وري موٽي اَچڻ جي تڪليف نه ڪج! توکي سـِـڌو خانقاهه ڏي وڃڻ گهرجي. جتي توکي چڱو ڇوٽڪارو ملي ويندو. مون سڄي رات ننڊ نه ڪئي آهي، اُن ڪري ننڊ ڪرڻ گهران ٿي.“
”او لزي، هي تنهنجو سڄو ڀوڳ آهي. منهنجي ڪيڏي نه خواهش آهي، توکي ننڊ اَچي!“ بيگم هائلڪوف واڪو ڪري چيو.
”مان نه ٿو سمجهي سگهان، ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي .... مان ٻه چار منٽ وڌيڪ، جيترو، تنهنجي طبعيت چاهي ترسان ٿو، توڙي کڻي ڇو نه پنج منٽ لڳي وڃن.“ اليوشا آهستگيءَ سان چيو.
”چار پنج منٽ! اَما هن کي جلدي وٺي وڃ! هي راڪاس آهي.“
”لزي، تون وهمي آهين. اليڪسي فيودورووچ! اچ ته هلون. اڄ هيءَ گهڻي بيوقوف ۽ پاڳل ٿي نظر اَچي. مون کي هيڏي ٽپي اَچڻ کان خوف ٿيندو آهي! هڪ اعصابي بيماري واري ڇوڪريءَ کي سنڀالڻ ڪيڏو نه مشڪل ڪم آهي! تنهنجي ڏسڻ کان پوءِ، هوءَ شايد ننڊ ڪري سگهي. تو ڪيڏو نه جلديءَ ۾ هن کي ننڊاکڙو بڻائي ڇڏيو ۽ اِها ڪيڏي نه خوش نصيبي آهي.“
”اڙي اما! تون ڪيڏو نه مٺڙو ٿي ڳالهائين. اِنهيءَ قرب لاءِ توکي چمڻ گهرجي.“
”لزي، مان به توکي چمڻ گهران ٿي. اليڪسي فيودورووچ، ڌيان ڏئي ٻـُـڌ. بيگم هائلڪوف تڪڙي ڀڻ ڀڻ سان، رازداراڻو ۽ ضروري ڳالهائڻ شروع ڪيو. مان ڪوبه مشورو ڏيئي نه ٿي سگهان. مان نه ٿي چاهيان، ته راز تان پردو کڻان. جو ڪجهه اُتي وَهي واپري ٿو، اُن کي تون اُتي پاڻ ڏسندين. جو ڪجهه اُتي ٿي رهيو آهي، سو ڊيڄاريندڙ آهي. اِهو نهايت بي ڍنگو ناٽڪ آهي. هوءَ تنهنجي ڀاءُ ايون کي پيار ڪري ٿي، پر سندس ٻاهريون ڏيکاءُ هيءُ آهي، ته هـُـوءَ دمتري کي چاهي ٿي. اِهو خطرناڪ آهي! مان توسان هلان ٿي. جيڪڏهن کين، منهنجو اُتي ترسڻ وڻيو، ته مان آخر تائين اُتي ترسنديس.

باب پنجون: نشستـگاهه ۾ دل آزاري

نشستگاهه ۾ گفتگو اڳ ۾ ئي پورو ٿي چـُـڪو هو. جيتوڻيڪ ڪيٽرينا ايونونا مستقل مزاج ٿي نظر آئي پر نهايت جوش ۾ هئي. اُن وقت اليوشا ۽ بيگم هائلڪوف اندر گهڙيا. ايون فيودورووچ رخصت وٺڻ لاءِ، اُٿي بيٺو. سندس چهرو زرد ٿي ويو هو. اليوشا هن ڏي انتطار مان ڏٺو. هيءَ اصل گهڙي هئي، جڏهن ڪنهن شڪ کي حل ڪرڻو هو، جو هڪ ڊيڄاريندڙ ڳجهارت وانگر ۽ جنهن ڪجهه وقت لاءِ اليوشا کي خيالن جي گهاڻي ۾ وجهي ڇڏيو هو. هلندڙ مهيني ۾ ڪيترائي ڀيرا، کيس آگاهه ڪيو ويو هو ته ايون، ڪيٽرينا ايونونا کي محبت ڪري رهيو آه ي، جنهن جو مطلب صاف هو ته هـُـو اُن کي دمتري کان کسي وٺي. هيءُ فعل اليوشا جي لاءِ بلڪل حيوان ٿي نظر آيو، جنهن کيس بيحد پريشان ڪري ڇڏيو هو. هـُـو ٻنهي ڀائرن کي پيار ڪندو هو ۽ کيس هيءَ رقابت نهايت خطرناڪ ٿي لڳي. هن وچ ۾ اڳئين ڏينهن تي، دمتري صاف چئي ڏنو هو، ته هـُـو خوش آهي، جو ايون سندس رقيب آهي. ڇاڪاڻ ته هـُـو سندس مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رَهيو آهي. آخر هـُـو سندس ڪهڙي مدد ڪري رهيو آهي؟ اِهائي ته هـُـو گروشينڪا سان شادي ڪري سگهي، پر اليوشا هن کي خراب ۾ خراب ڪم ٿي سمجهيو. هنن جي ڳالهين جي هوندي به اليوشا، اڳئين شام تي سمجهي ورتو هو، ته ڪيٽرينا ايونونا کي، دمتريءَ سان بي پناهه محبت آهي. پر هاڻي سندس هيءُ خيال، گذريل شام تائين محدود ٿي ويو هو. هـُـن هي پڻ عجب ٿي کاڌو، ته هـُـوءَ ايون جهڙي ماڻهو سان محبت ڪرڻ جي لائق نه آهي، اُنڪري کيس دمتريءَ سان ئي محبت ڪرڻ گهرجي، جو بي تعلقيءَ جي باوجود به سندس پيار جي لائق آهي.
پر ڪالهوڪي گروشينڪا جي نظاري کان پوءِ، کيس ٻيو خيال به ستائي رهيو هو. بيگم هائلڪوف جي ڪم آندل لفظ ’دل آزاري‘ کانئس ڇرڪ ڪڍي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته ڏينهن جي اَڌ سجاڳيءَ واري حالت کان پوءِ، هن رات جو ’دل آزاري‘، ۽ ’دل آزاري‘ ٿي اُچاريو. ڄڻ ته هـُـو ڪو خواب ڏسي رهيو هو. هـُـو ڪيٽرينا ايونونا وٽ، اڳئين ڏينهن جي هئڻ جو خواب سڄي رات ڏسندو رَهيو. هاڻي بيگم هائلڪوف، بنا ڪنهن احساس جي ثابت قدميءَ سان مٿس اثر وڌو هو، ته ڪيٽرينا ايونونا، ايون سان محبت ڪري رَهي آهي ۽ هـُـو دل آزاري جي ڪري، ظاهر داري جي نموني سان پاڻ کي ٺڳي رَهي آهي. دمتريءَ سان پنهنجي شڪر گذاري ڏيکاريندي، دوکي بازي ۽ ڪوڙي محبت جو اظهار ڪري، پاڻ کي عذاب ۾ وجهي رهي آهي. ”هائو“ ، هن خيال ڪيو، ”سڄي صداقت، اِنهن لفظن ۾ رکيل آهي.“ پر اِنهن حالتن هيٺ ايون جو ڪهڙو مقام ٿي سگهي ٿو، اليوشا هڪدم سمجهي ورتو، ته ڪيٽرينا ايونونا جي شخصيت اِهڙي طاقت واري آهي، جو قابض ٿي وڃي. مگر هـُـو دمتري جهڙي ماڻهو تي قابض ٿي سگهي ٿي، پر ايون جهڙي ماڻهو تي نه. ٿي سگهي ٿو، ته دمتري پنهنجي راحت خاطر، سندس قبضي کي تسليم ڪري. (هيءَ ئي ڳالهه هئي، جنهن کي اليوشا چاهيو ٿي.) پر ايون - نه ايون، ڪڏهن به سندس تابعداري کي قبول نه ڪندو. جيڪڏهن، هـُـن تابعداري قبول به ڪئي تڏهن به هـُـو خوش رهي نه سگهندي. اليوشا، ايون جي باري، ڪڏهن به اِهي ڳالهيون اعتبار ۾ آڻي نه ٿي سگهيو. هـُـو جنهن وقت نشستگاهه ۾ گهڙيو ته اِهي سڀئي شڪ ۽ شبها سندس دل ۾ چڀڪي رهيا هئا. هڪ ٻي خيال به کيس منجهائي وڌو هو ته، ”جيڪڏهن هـُـو دمتري ۽ ايون، ٻنهي مان، ڪنهن کي پيار نه ٿي ڪري، ته اُن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟“
هيءُ ياد رکڻ گهرجي، ته اليوشا، هنن خيالن جي ڪري، پنهنجي ذهن ۾، شرمندگيءَ جو احساس ئي محسوس ڪيو. هن پاڻ کي ملامت ٿي ڪئي ۽ چيو ٿي، ته ”عشق ۽ زال جي بابت مون کي ڪهڙي خبر؟ ڪهڙي سبب کان مون کي هيءُ حق ٿو پهچي ته مان انهن مسئلن بابت پنهنجو فيصلو ڏيان.“ اُن هوندي به پنهنجي خوداري جي ڪري، هـُـن، اِنهن مسئلن سان جيتري قدر نڀائڻ ٿي گهريو، اوتري قدر اُن کي حل نه ٿي ڪري سگهيو. اُن هوندي به هي ناممڪن هو، جو هـُـو اُن بابت خيال نه ڪري. کيس جلد احساس ٿيو، ته سندس ڀائرن جي وچ ۾ هيءَ رقابت وڏي اهميت ٿي رکي، ۽ سندس حياتيءَ جي لاءِ وڏي جوکي واري شيءِ آهي.
ڪالهه ايون به ته، پيءُ ۽ دمتريءَ جي معاملي متعلق ڪاوڙ ۾ چيو ٿي، ته ”آخر هڪ نانگ، ٻي نانگ کي ڳهي ويندو.“ ظاهر هو، ته ايون دمتريءَ کي به نانگ ٿي سمجهيو ۽ گهڻي وقت کان وٺي، سندس هيءُ خيال هو. يا اِيئن به ٿي سگهيو پئي، ته جنهن وقت کان هن ڪيٽرينا ايونونا کي ڏٺو هو، اُن وقت کان هـُـن، هيءُ پنهنجو خيال قائم ڪيو هجي. اِهو جملو بي احتياطيءَ مان، ڪالهه ايون جي منهن مان نڪري، ته ويو هو پر هاڻي ڏاڍو فڪر وارو بڻجي پيو هو. جيڪڏهن سچ پچ اُن جو اهو خيال آهي، ته پوءِ صلح جو ڪو طريقو ئي ڪونه رهيو. پر اُن جي اُبتڙ سندس خاندان ۾ هاڻي ته فقط نفرت ۽ دشمنيءَ جا اسباب ٿي ڏٺا. هاڻي اليوشا لاءِ مشڪل هو، ته هـُـو ڪنهن سان همدردي ڪري. هـُـو شيءِ ئي ڪهڙي هئي، جو اُنهن مان ڪنهن هڪ جي لاءِ پنهنجي رضامنديءَ جو اظهار ڪري. هـُـن ٻنهي کي پيار ڪيو ٿي پر هـُـو، هرهڪ جي هيڏي ساري متضاد دلچسپيءَ جي وچ ۾ڪهڙي اُميد رکي ٿي سگهيو. ٿي سگهيو پئي ته هـُـو هن پيچ درپيچ ڳالهين ۾ پنهنجي راهه وڃائي ويهي. اليوشا جي دل ڪڏهن به بي اعتبار کي سـَـهي نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته سندس شخصيت جي محبت وڏي ۾ وڏي جز هئي. هـُـو ڪنهن بي حرڪت محبت جي لائق نه هو. جيڪڏهن هـُـو ڪنهن کي پيار ڪندو هو، ته هڪدم اُن جي مدد لاءِ تحرڪ ۾ اچي ويندو هو، پر ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾، اِهو هن لاءِ ضروري هو، ته هـُـو سمجهي، ته هـُـو ڪهڙي شيءِ کي نشان ڪرڻ ٿو گهري؟ اِهو هن لاءِ ڄاڻڻ لازمي هو، ته هرهڪ لاءِ، ڇا فائدي وارو ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن هـُـن ڄاڻي ورتو هو ته هن لاءِ فطري هو، ته هـُـو ٻنهي جي مدد ڪري، پر هڪ واضح نشان جي هوندي به، کيس ڪجهه به حاصل نه هو، اٽلو چوڌاري بي اعتباري ۽ پريشاني هئي، جيئن مٿي چيو ويو آهي ته هيءَ دل آزاري هئي. پر آخر هن دل آزاريءَ جي هوندي، به اُن جو مقصد ڇا هو؟ درحقيقت، هـُـو هن ڳالهه جي پيچ درپيچ پريشاني کي سمجهي ئي نه ٿي سگهيو.
ڪيٽرينا ايونونا، اليوشا کي ڏسي، خوشيءَ ۾ ايون کي چيو ته، ”هڪ منٽ! هڪ منٽ وڌيڪ ترسو! مان هن ماڻهوءَ جي راءِ کي ٻڌڻ گهران ٿي، جنهن تي مون کي ڪامل يقين آهي!“ بيگم هائلڪوف ڏي نهاري چيائين ته، ”اوهان به نه وڃجو.“ هن اليوشا کي پاڻ سان گڏ ويهاريو ۽ بيگم هائلڪوف، ايون جي سامهون ويٺي.
”جيڪي مان دنيا ۾ دوست رکان ٿي، سي سڀ اوهان هتي موجود آهيو، منهنجا پيارا دوستو!“ ڪيٽرينا ايونونا، محبت مان اِهڙي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ڄڻ ته هوءَ پنهنجي مصيبت تي ڳوڙها ڳاڙي رَهي آهي. اليوشا جي دل ۾ هن لاءِ فوري محبت پيدا ٿي وئي. ”اليڪسي فيودورووچ، ڪالهوڪي بدنام واقعي جو شاهد آهي. ايون تو هـُـن کي نه ڏٺو هو، پر هن پنهنجي اکين سان ڏٺو. تو اِهو به ڏٺو ته مان ڇا ڪيو هو؟ ڪالهه هـُـن پنهنجي لاءِ، ڪهڙو خيال ڪيو هوندو، مان نه ٿي ڄاڻان. مان فقط هڪڙي ڳالهه ڄاڻان ٿي، اُها هيءَ آهي، ته جيڪڏهن اڄ به اِهڙو معاملو ٿي پوي، يعني هن گهڙيءَ ته مان پنهنجي جذبات جو اِهڙوئي اظهار ڪنديس، جهڙو ڪالهه ڪيو هيم. ساڳيائي جذبا، ساڳيائي لفظ ۽ ساڳيو ئي عمل. اليوشا، اوهان منهنجي حرڪتن کي ياد ڪريو ..... تو ته مون کي روڪيو به هو. (اِيئن چوندي، هن جومنهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اکيون چمڪڻ لڳيون.) مان توکي ٻڌايان ٿي، ته مون کان صبر ڇڏائي ويو هو. اليڪسي فيودورووچ ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ، مان اِهو به نه ٿي سمجهي سگهان ته مان ڪو کيس، اَڃا به پيار ٿي ڪريان. مون کي مٿس رحم ٿو اَچي ۽ هيءُ محبت جو نهايت مقيم درجو آهي. جيڪڏهن مان ساڻس محبت ڪندي هجان ها ۽ اَڃا محبت ڪريان ها، ته هاڻي اُن لاءِ ڪوبه ڏک نه ڪريان ها.“
سندس آواز ڏڪي رهيو هو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها چمڪي رهيا هئا. اليوشا اندر ئي اندر ڏڪي ويو هو. ”ڇوڪري صداقت واري ۽ وفادار ٿي نظر اَچي.“ هن خيال ڪيو. ”هوءَ دمتريءَ کي هاڻي وڌيڪ محبت نه ڪندي!“
”اِهو سچ آهي، سچ آهي،“ بيگم هائلڪوف چيو.
”ترس پيارا! مان توکي، اُهو مکيه ۽ آخري فيصلو ٻڌايو آهي، جو رات جي وچ واري وقفي ۾ ڪيو اٿم. مان اِيئن سمجهان ٿي، ته منهنجو فيصلو شايد خطرناڪ هجي - منهنجي لاءِ، پر مان اڳ ۾ ئي ڏسي ڇڏيو آهي ته ڪابه لالـچ اُن کي ڦيرائي نه ٿي سگهي. - ڪابه نه. مان سڄي حياتي اُن تي قائم رهنديس. منهنجي پياري، مهربان، هميشھ وفادار، نيڪ صلاحڪار، جيڪو منهنجو دنيا ۾ اَڪيلو دوست آهي، ايون فيودورووچ گهڻي غور کان پوءِ، منهنجي فيصلي کي قبول ڪيو آهي ۽ ساراهيو آهي. هـُـو ڄاڻي ٿو.“
”هائو، مان اُن جي پٺڀرائي ٿو ڪريان!“ ايون آهستي پر يقين ڀري آواز سان قبوليت ڏني.
”پر، مون کي اليوشا کي به پيار ڪرڻ گهرجي. (اليڪسي فيودورووچ مون کي معاف ڪجانءِ جو مان توکي فقط اليوشا سڏيو آهي) مان اليڪسي فيودورووچ کي به پسند ڪريان ٿي، ته هـُـو منهنجي ٻن دوستن جي سامهون، جا سندس راءِ هجي، اُن کي ٻـُـڌائي ته مان صحيح آهيان يا نه؟ اليوشا منهنجا پيارا ڀاءُ (ڇاڪاڻ ته تون منهنجو پيارو ڀاءُ آهين)“ هن وري به چيو ۽ سندس ٿڌن هٿن کي پنهنجي گرم هٿن ۾ ورتائين. ”مان سمجهان ٿي، ته تنهنجو فيصلو ۽ تنهنجي قبوليت مون ۾ سڪون آڻي ڇڏيندي ۽ منهنجي مصيبتن ۾ گهٽتائي اَچي ويندي. ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي راءِ کي قبول ڪندس ۽ خاموش ٿي وينديس - مون کي اُن جو احساس آهي.“
اليوشا جو چهرو، هيءُ ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ کيس چيائين ته ”مون کي ڪابه خبر نه آهي ته تون، مون کان ڇا پڇڻ گهرين ٿي؟ مان فقط اِهو ڄاڻان ٿو ته، مان توکي پيار ڪريان ٿو. هن گهڙيءَ به مان تنهنجي خوشيءَ جي خواهش رکان ٿو ۽ پنهنجي خوشيءَ کان به وڌيڪ! پر مون کي اِنهن ڳالهين جي ڪابه خبر نه آهي. هن جلديءَ ۾ پنهنجي خواهش کي پورو ڪري ڇڏيو.“
”اِنهن معاملن ۾، اليڪسي فيودورووچ، اِنهن معاملن ۾ مکيه آهي، عزت فرض. اَڃا به ڪاشيءِ، هنن کان مٿي آهي، جنهن کي مان نه ٿي ڄاڻان، پر فرض کان به مٿانهين آهي. مان دل ۾ اِنهيءَ زبردست جذبي کان پوريءَ ريت آگاهه آهيان ۽ اِهو مون کي بي پناهه قوت سان مجبور ڪري ٿو، پر سڄي ڳالهه کي فقط ٻن لفظن ۾ هيئن وجهي سگهجي ٿو، ته مان اڳ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ته جيڪڏهن هـُـو هن سان شادي ڪري ٿو، (هـُـو ڳنڀير ٿي وڃي ٿو) جنهن کي مان ڪڏهن به معاف ڪري نه ٿي سگهان، اُن هوندي به مان اُن کي ڇڏي نه ڏينديس. ها، ها مان اُن کي ڇڏي نه ڏينديس!“ هـُـن دانهن ڪري چيو ۽ جذبات جي شدت کان ڦڪي ٿي وئي. ”مان هن جي پويان مسلسل ڪونه ڊوڙنديس، نه وري هن جي رستي ۾ اٽڪاءُ ٿينديس ۽ نه کيس ڪا تڪليف ڏينديس. نه نه مان ڪنهن ٻئي شهر ڏي هلي وينديس - جنهن کي تون پسند ڪرين - پر مان سڄي حياتي، سندس نگهباني ڪنديس - هميشھ سندس نگهباني ڪندي رهنديس. جڏهن هـُـو، اُن عورت کان تنگ ايندو ۽ اِيئن جلدي ٿيندو، تڏهن هـُـو مون ڏانهن موٽي ايندو، تڏهن کيس هڪ دوست ۽ ڀيڻ ملي ويندي .... بيشڪ هڪ ڀيڻ ۽ هميشھ لاءِ، پوءِ کيس خبر پوندي ته هيءَ ڀيڻ - سچ پچ سندس ڀيڻ هئي، جنهن کيس پيار ڪيو ٿي ۽ سڄي حياتي اُن جي مٿان قربان ڪري ڇڏي. اِيئن مان پنهنجي سـَـرسي ڪري وينديس. مان هـُـن تي زور آڻينديس، ته هـُـو مون کي سمجهي ۽ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي مون ۾ اعتماد رکي.“ هي ڳالهيون هوءَ اِهڙيءَ ريت چئي وئي، ڄڻ ته مٿس جنون جو دورو هو. ”مان هڪ خدا وانگر بڻجي وينديس، جنهن جي هـُـو عبادت ڪندو - جو ڪجهه مان ڪالهه، هن جي ڪري سـَـٺو آهي، اُن مڪاريءَ جو کيس مون وٽ حساب ڏيڻو پوندو. ڀلي ته هـُـو ڏسي ته مان پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ساڻس ڪيتري وفادار رَهي آهيان. اُن جي بيوفا ۽ ٺڳ هئڻ جي باعث به، مان ساڻس پنهنجو واعدو ڪريان ٿي. مان پاڙينديس. مان ڪجهه به نه هونديس پر اُن کي راحت پهچائڻ جو ذريعو، يا اِيئن کڻي چوان، ته سڄي حياتي، مان سڄي حياتي، سندس خوشيءَ جي لاءِ، هڪ اوزار ۽ مشين جي حيثيت ۾ ٿي رهنديس. هو پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ اِيئن ئي ڏسندو! اِهو منهنجو فيصلو آهي، جنهن کي ايون فيودورووچ به قبول ڪيو آهي.“
سندس دم چڙهي ويو هو، ڇاڪاڻ ته هن اِرادو ڪيو هو، ته پنهنجي خيال کي، مرتبي، فن ۽ اصليت جي رنگ ۾ ظاهر ڪري، پر سندس تقرير ۾ تڪڙ ۽ سختي هئي. اُن ۾ جوانيءَ جي جذبن جي شدت هئي ۽ معلوم پئي ٿيو، ته ڪالهوڪي بي عزتيءَ جو اَڃا مٿس اَثر هو ۽ سندس غرور تسلي جو محتاج هو. شايد اُن جو کيس به احساس هو. اوچتو سندس منهن ڪاراٽجي ويو ۽ سندس اکين مان اَڻ وڻندڙ نگاهه نڪرندي نظر آئي. اليوشا هڪدم اُن کي ڏسي ورتو ۽ پنهنجي اندر همدرديءَ جي جذبي کي اُڀرندي ڏٺائين. سندس ڀاءُ ايون، هن خيال جي اظهار کي وڌيڪ بدترين بڻائيندي چيو:
”اِها منهنجي پنهنجي راءِ هئي، اِهي ڳالهيون شايد ڪنهن ٻي، جي طرفان بـَـناوٽي ۽ حد کان گهڻو بار سمجهيون وڃن، مگر تو کان نه - ٻي عورت هن خيال جي اظهار ۾ غلط ٿي سگهي ٿي پر تون صحيح آهين. مان هن جي وضاحت ته ڪـَـري نه ٿو سگهان، پر ڏسان ٿو، ته تون مڪمل اَصيل آهين، اُن ڪري تون صحيح آهين.“
بيگم هائلڪوف جي خواهش نه هئي، ته هن گفتگوءَ ۾ هوءَ حصو وٺي پر کيس مجبورََا ڳالهائڻو پيو. چيائين، ”پر هيءُ سڀ ٿوري وقت لاءِ آهي، ۽ هيءَ گهڙيءَ جو اثر، هميشھ ڪونه بيهي سگهندو. هيءُ ڪجهه به نه آهي پر ڪالهوڪي توهين جو اثر آهي.“
”بيشڪ، بيشڪ!“ ايون، خاص شوق مان ۽ پنهنجي گفتگو کي قلع ٿيندو ڏسي، ناخوش ٿيندي چيو، ”ٻي ڪنهن عورت ۾ ته شايد هيءَ گهڙيءَ جو اَثر، ڪالهوڪي واقعي جي باعث ٿي سگهي ٿو، پر ڪيٽرينا ايونونا جي شخصيت کي ڏسي، اِيئن چئي سگهجي ٿو، ته هيءُ گهڙيءَ جو اَثر وٽس سڄي حياتي قائم رهندو. ٻي عورت جي لاءِ، شايد هي فقط واعدو هجي پر هن جي لاءِ دائمي، ڏکيو وحشتناڪ پر جاوداني رهندو. هيءَ پنهنجي فرائض جي احساس جي بار کي کڻندي ۽ پورو ڪندي ڪيٽرينا ايونونا، اُن ڪري پنهنجي حياتي توکي پنهنجي جذبات تي ڳڻتيون کائيندي، نهايت عذاب سان گذارڻي پوندي، جنهن کي تون پنهنجي بهادري سمجهين يا پنهنجي مصيبت!! پر آخر ۾ اِهي مصيبتون هلڪيون ٿي شيرين ۽ تحسين جهڙيون بڻجي پونديون ۽ فخر ۽ همٿ جون تصويرون ٿي پونديون. بيشڪ هيءَ فخر جي ڳالهه آهي ۽ ڪنهن حد اندر نااُميديءَ جي حالت به، پر تنهنجي لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هيءَ ضمير جي پوئواري آخر تنهنجي لاءِ مڪمل تسليءَ جو سبب بڻجي پوندي ۽ توکي ٻين شين کان تارڪ بڻائي ڇڏيندي.“
هيءُ سڀ ڪجهه بنا ڪنهن غلطيءَ جي چيو ويو، جنهن ۾ ٽوڪ به هئي ۽ بدنيتي به. ڇاڪاڻ ته هن چاهيو ٿي، ته سندس طنزيه گفتگوءَ کان، هـُـن جو مقصد ظاهر ٿي پوي.
بيگم هائلڪوف وري به رڙ ڪري چيو ته، ”پيارا، هيءُ ڪيترو نه غلط آهي!؟“
”اليڪسي فيودورووچ تون ڳالهاءِ، مون کي تنهنجي راءِ جو سختيءَ سان انتطار آهي. ڪيٽرينا ايونونا جا لڙڪ ڪري پيا ۽ اليوشا ڪوچ تان اُٿي کڙو ٿيو.
هن ڳوڙها ڳاڙيندي چيو، ”ڪجهه به نه آهي، ڪجهه به نه آهي. مان رات ننڊ نه ڪئي آهي، اُن ڪري پريشان آهيان ! پر پنهنجي پاسي ۾ ٻه دوست ڏسي، يعني تون ۽ تنهنجو ڀاءُ، مان پاڻ کي اَڃا به مضبوط ٿي سمجهان - ڇاڪاڻ ته مان سمجهان ٿي، ته تون ۽ تنهنجو ڀاءُ، مون کي ڪنهن به قيمت تي نه ڇڏيندا.“
بدقسمتيءَ سان مون کي مجبورََا ماسڪو ڏي وڃڻو پوي ٿو. شايد مان سڀاڻي هليو وڃان ۽ توکان گهڻو وقت پري رهان - جنهن کي مان روڪي نه ٿو سگهان.“ ايون کيس اچانڪ چئي ڏنو.
”سڀاڻي ماسڪو ڏانهن؟“ ڪيٽرينا جو چهرو بدلجي ويو. ”پر، پر پيارا! مان ڪيڏي نه خوش نصيب آهيان.“ سندس آواز ۾ به تبديلي اَچي وئي. سندس چهري تي هاڻي ڳوڙهن جو ڪوبه نشان ڪونه هو. سندس حالت هڪدم بدلجي وئي ۽ اليوشا کي هن تبديليءَ تي عجب لڳو. هڪ ستم کاڌل ۽ توهين زده ڇوڪريءَ جي بجاءِ، جا هاڻي پنهنجي دل آزاريءَ تي روئي رَهي هئي، هن کيس حد کان گهڻو خوش ڏٺو. ڄڻ ته ڪا خوشي ڏيندڙ شيءِ سندس سامهون اَچي بيٺي هئي.
”مان، اِنهيءَ لاءِ خوش قسمت نه آهيان، ته توکي وڃايان ٿي، قطعي نه!“ هن پنهنجي جملي جي وضاحت ڪندي چيو. سندس منهن تي مرڪ اَچي وئي. ”تو جهڙو دوست ڪڏهن به اِيئن خيال نه ڪندو.“ هوءَ بي اختيار ڊوڙي پئي ۽ ايون جي هٿن کي گرم جوشيءَ سان جهليائين. ”پر خوش - قسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته ماسڪو ۾ تون منهنجي پيءُ سان ملندين ۽ آگافيا سان به. کين هن موجودهه خطري کان خبردار ڪج. تون آگافيا سان کـُـلي ڳالهائي سگهين ٿو، پر منهنجي پڦيءَ سان ذرا احتياط سان ڳالهائج. مان سمجهان ٿي، ته تو ۾ اِها اهليت آهي. تون سمجهين سگهين ٿو، ته ڪالهه ۽ اَڄ صبح مان ڪيڏي نه عذاب ۾ گذاريو آهي. تون عجب نه کاءُ. مان کين ايڏو خطرناڪ خط، ڪيئن ٿي لکي سگهيس - ڇو ته ڪوبه اِهڙيون خبرون خط ۾ نه لکندو آهي ..... هاڻي مون لاءِ آسان ٿيندو، ته مان کين خط لکان، ڇو ته اِنهن ڳالهين جي تون وضاحت ڪري سگهندين. او! مان ڪيڏي نه خوش آهيان. تون اعتبار ڪر، مان اِنهيءَ لاءِ ئي خوش آهيان. ٻي حالت ۾ ڪوبه تنهنجي جاءِ ڀـَـري نه ٿو سگهي. مان هاڻي وڃي، هڪدم خط لکنديس.“ هـُـن گفتگوءَ کي پورو ڪندي، هڪ قدم اڳتي کنيو، ڄڻ ته هـُـو ڪمري کي ڇڏي رَهي هئي.
”پر، تو اليوشا جي راءِ ته نه ٻڌي، جنهن لاءِ توکي ايڏو انتطار هو؟“ بيگم هائلڪوف کيس چيو ۽ سندس آواز طنز وارو ۽ ڪاوڙ سان ڀريل هو.
”مان اُن کي نه وساريو آهي.“ ڪيٽرينا ايونونا رڙ ڪري چيو. هـُـو اُتي ئي بيهجي وئي. ”توهان ايتري ۾ مون تي ايڏا نامهربان ڇو بڻجي ويا آهيو!؟“ هـُـن گرم ٿي ۽ ڪاوڙ جي انداز ۾ چيو. جو ڪجهه مون چيو آهي، اُن کي ورائي به چوان ٿي. مان هن جي راءِ کي ٻڌڻ گهران ٿي، راءِ کي نه پر فيصلي کي. جيئن هـُـو چوندو تيئن ٿيندو. اليڪسي فيودورووچ، مان تنهنجي لفظن لاءِ ڪيڏي نه انتظار ۾ آهيان .... توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“
اليوشا ڏکويل آواز ۾ واڪو ڪري چيو، ”مان هن ڳالهه تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهان، مان ڄاڻان ٿو. مان هن کي سمجهي ئي نه ٿو سگهان.“
”ڇا......؟ ڇا!......؟“
”ته هـُـو ماسڪو وڃي رهيو آهي ۽ تو دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، ته تون خوش آهين. تنهنجو مطلب به ته اِهوئي هيو نه! تو وري هيءَ به تشريح شروع ڪري ڏني، ته تون خوش نه آهين ۽ پنهنجي دوست جي وڃائڻ تي توکي ڏک آهي. پر هيءُ ته سڄو سانگ ڀريو ويو آهي. تون ڄڻ ڪنهن ٿيٽر ۾ حصو وٺي رَهي هئين.“
”ٿيٽر ۾، ڇا؟ تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ڪيٽرينا ايونونا عجب ۾ پئجي وئي. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي رَهي.“
”جيتوڻيڪ تو، هن کي يقين ڏياريو، ته هڪ دوست کي وڃائيندي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، تو سندس منهن تي هيئن به چيو ته، تون خوش قسمت آهين، جو هـُـو وڃي ٿو.“ اليوشا بنا ڪنهن دم کڻڻ جي چوندو ويو. هـُـو ميز جي ڀرسان بيٺو رَهيو ۽ ويٺو نه.
”تون ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين، مان اُن کي سمجهي ئي نه سگهي آهيان!؟“
”مان اُن کي پاڻ به سمجهي نه ٿو سگهان. مون کي ڪجهه الهام ٿي رهيو آهي ..... جنهن کي مان پوريءَ ريت اَدا ڪري نه ٿو سگهان پر مان اُن کي چئي ڇڏيندس. اِليوشا ساڳئي ڏڪندڙ ۽ گهٻرايل آواز ۾ ڳالهائيندو رهيو.“ مان جو ڪجهه ڏسان ٿو، اُن مان خبر پوي ٿي، ته تون دمتريءَ سان محبت نه ٿي ڪرين ..... ۽ نه وري شروع ۾ ئي، اُن سان تنهنجي محبت هئي، تو فقط هن کي چڙهايو ٿي. دمتريءَ جي به توسان محبت ڪانه هئي .... مون کي خبر نه آهي ته مون کي ڪيئن همٿ ٿي آهي، جو توسان اِهڙيءَ ريت ٿو ڳالهايان، پر ڪنهن کي ته سچ ڳالهائڻ گهرجي .... مان ڏسان ٿو ته هتي سچ ڳالهائڻ وارو ڪونه آهي.“
”ڪهڙو سچ..!؟“ ڪيٽرينا ايونونا، واڪو ڪري چيو. سندس آواز، جذبات جي شدت کان ڀرجي ويو هو.
”مان توکي ٻـُـڌايان ٿو.“ اِليوشا نااُميدي ڀريل تڪڙ سان ڳالهائيندو رهيو. معلوم اِيئن پئي ٿيو، ڄڻ ته هـُـو گهرجي ڇت تان ٽپو ڏيئي ڇڏيندو. ”تون دمتريءَ کي گهراءِ. مان کيس وٺي ايندس. ڀلي ته هـُـو اَچي، تنهنجي هٿ کي وٺي، اِيون جي هٿ سان ملائي. ڇاڪاڻ، ته تو ايون کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اُن جو سبب هيءُ آهي ته تون اُن کي محبت ڪرين ٿي. تو دمتريءَ کي به عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو تون پنهنجي دل آزاريءَ جي ڪري ساڻس محبت ڪرين ٿي ..... جنهن کي ڪوڙي محبت چئي سگهجي ٿو. تو پاڻ کي اُن جي ترغيب ڏني آهي.“
اليوشا پنهنجي ڳالهائڻ کي روڪيو ۽ خاموش ٿي ويو.
”تون ..... تون .... تون هڪ مذهبي قسم جو بيوقوف آهين. اِهوئي ته تون آهين.“ ڪيٽرينا ايونونا، ڄڻ ته کيس چـَـڪ پائڻ ٿي گهريو. سندس منهن ڏک کان هارجي ويو ۽ ڪاوڙ مان سندس چپ ڦڙڪڻ لڳا.
ايون اوچتو کـِـليو ۽ اُٿي بيٺو. ٽوپي سندس هٿ ۾ هئي، ”توکي غلطي ٿي آهي، پيارا اليوشا!“ هـُـن، هي لفظ اِهڙي ته ڪيفيت، جا ڪيفيت سان چيا. اِليوشا، ڪڏهن به سندس منهن ۾ نه ڏٺو هو. هن اظهار ۾ سندس جوانيءَ جي صداقت ۽ احساس جي مضبوط صراحت ۽ صفائي موجود هئي. ”ڪيٽرينا ايونونا، ڪڏهن به منهنجي پرواهه نه ڪئي آهي! کيس خبر آهي، ته مان ئي سڄو وقت سندس پرواهه ڪڍندو رَهيو آهيان - جيتوڻيڪ مان کيس محبت جو هڪ لفظ به نه چيو آهي. جنهن کي هـُـوءَ ڄاڻي ٿي، پر ڪڏهن به هن منهنجي پرواهه نه ڪئي آهي. مان سندس دوست ڪيئن پئي ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته هوءَ بيحد ضروري آهي ۽ کيس منهنجي دوستيءَ جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي. هـُـن مون کي پنهنجي پاسي ۾ فقط انتقام وٺڻ لاءِ ٿي رکيو. پهرئين ملاقات کان وٺي، مسلسل، دمتريءَ کان جا سندس بي عزتي ٿيندي رهي آهي، اُن جو بدلو مون کان وٺندي رَهي آهي ۽ مون کي بي عزت ڪندي رَهي آهي. ڇاڪاڻ ته هوءَ پهرئين ملاقات، سندس دل ۾ بي عزتيءَ وانگر جـُـکي ٿي. اِنهيءَ مان ئي اوهان سمجهي سگهو ٿا، ته سندس دل ڇا هوندي! هـُـن مون سان ڪڏهن به ٻيو گفتگو نه ڪيو آهي، پر هـُـن جي محبت جون ڳالهيون. مان هاڻي وڃان ٿو، پر ڪيٽرينا ايونونا، تون هن حقيقت جو اقرار ڪر، ته تون هن کي پيار ڪرين ٿي - اِها تنهنجي دل آزاري چئبي. جهڙو به آهي، تون کيس محبت ڪرين ٿي. هـُـو جيترو گهڻو تنهنجي بي عزتي ڪري ٿو، تون ايترو گهڻو کيس پيار ڪرين ٿي. تون کيس پنهنجي بي عزتيءَ جي ڪري محبت ڪرين ٿي. جيڪڏهن هـُـو پاڻ ۾ اصلاح آڻيندو، ته تون هن کي پيار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندينءَ. سندس موجودگيءَ جي، توکي بيحد ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته تون چاهين ٿي، ته تون پنهنجي بهادري ۽ وفاداريءَ جي تعريف ٻـُـڌين ۽ هن جي بيوفائيءَ ۽ خيانت تي پڻ ملامت ڪرين. يعني پنهنجي وفاداريءَ ۾ سندس بيوفائيءَ کي ڏسين. هي سڀ تنهنجي غرور جو نتيجو آهي. ها هن لاءِ نياز ۽ نوڙت ۽ خودداريءَ جي گهڻي ضرورت آهي، جيڪڏهن اُها آهي به ته، غرور جي پيدائش آهي .... مان نوجوان آهيان ۽ توکي گهڻو پيار ڪيو اٿم. مون کي اِيئن چوڻ نه گهرجي، ته هيءُ منهنجي طرف کان عزت ڀريو قدم ٿيندو، ته توکي ڇڏي وڃان ۽ اُن ۾ تنهنجي لاءِ ڪابه توهين نه آهي، پر مان پري هليو ويندس ۽ وري موٽي نه ايندس .... هيءُ فيصلو هميشھ لاءِ آهي. مان دل آزاريءَ جي ڀرسان ويهڻ نه ٿو گهران .... مون کي خبر نه ٿي پئي، ته مان هاڻي وڌيڪ ڇا ڳالهايان ....؟ مون سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو آهي .... خدا حافظ ڪيٽرينا ايونونا، توکي مون تي غصي ٿيڻ نه گهرجي. جيڪڏهن هن حقيقت کي ڏسندين، ته مان وري توکي نه ڏسندس، تو وٽ سـَـؤ ڀيرا وڌيڪ سزا جو مستحق ٿيڻ کان بچي پوندس. خدا حافظ! مون کي تنهنجو هٿ نه گهرجي. تو ڄاڻي واڻي مون کي گهڻو ايذاءُ ڏنو آهي، اُن ڪري هن گهڙيءَ ۾ توکي معاف ڪري نه سگهندس. شايد وقت اچي وڃي، توکي معاف ڪري ڇڏيان، پر هاڻي ٿي نه سگهندو. مان تو سان شادي نه ڪندس. هن جرمن زبان ۾ ڪجهه چيو ۽ هروڀرو کـِـلي، هـُـن ڏيکارڻ گهريو ته هـُـو شلر جي شعر کي پڙهي سگهندو آهي ۽ ايتري قدر جو سندس شعر جو ڪجهه حصو کيس ياد به آهي. پر اليوشا کي هن حقيقت تي ڪوبه اعتبار نه هو. هـُـو پنهنجي ميزبان کي خدا حافظ چوڻ کان سواءِ ئي ٻاهر هليو ويو. اليوشا هٿن کي مهٽڻ لڳو.“
هـُـن نااٰميديءَ مان کيس پويان سڏ ڪيو ”ايون، موٽي اَچ ايون.“ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. هاڻي ڪابه شيءِ کيس موٽڻ تي مجبور نه ٿي ڪري سگهي. ”اليوشا جنون ۾ چوندو رهيو، اِها منهنجي غلطي هئي، منهنجي غلطي! مان ئي اُن کي شروع ڪيو. ايون ڪاوڙ مان، غلط ۽ بي انصافيءَ سان ڳالهايو. پر هن کي موٽي اَچڻ گهرجي. ها موٽي اَچ.“
ڪيٽرينا ايونونا، هڪدم ٻي ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي.
بيگم هائلڪوف، جا پنهنجي عادت موجب خوش ٿي ڏٺي، آهستي چيو ”تو، ڪابه خراب ڳالهه ڪانه ڪئي آهي. تو، هڪ ملائڪ وانگر، نيڪ ڪم ڪيو آهي. مان ايون فيودورووچ کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ، پوري پوري ڪوشش ڪنديس.“
اليوشا جي انهيءَ وڏي غم کي ڏسي سندس منهن خوشيءَ کان چمڪڻ لڳو. ايتري ۾ ڪيٽرينا ايونونا اوچتو موٽي آئي. سندس هٿ ۾ ٻه سـَـؤ روبل جا نوٽ هئا.
”اليڪسي فيودورووچ، مان توکان هڪ وڏي مهرباني گهران ٿي.“ هن اليوشا کي اهڙي ڳنڀير ۽ دلڪش آواز ۾ چيو، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو. ”هڪ هفتو .... ها مان سمجهان ٿي، ته هڪ هفتو گذريو - دمتري فيودورووچ، کان هڪ تڪڙو ۽ بي انصافيءَ جو ڪم ٿيو آهي. هڪ خراب ڪم. هتي هڪ هيٺاهين درجي وارو شراب خانو آهي، جتي هـُـو هڪ اِهڙي آفيسر سان مليو، جنهن کي ملازمت مان برطرف ڪيو ويو آهي. هـُـو ڪئپٽن آهي، تنهنجي پيءُ پاڻ وٽ ملازمت ۾ رکيو هو. دمتري فيودورووچ کي ڪنهن طرح ڪاوڙ اَچي وئي ۽ هـُـو مٿئين ڪئپٽن کي ڏاڙهي کان وٺي رستي ۾ گهليندو رهيو. بي عزتيءَ سان، هـُـو اِهڙيءَ ريت، ڪيتري پنڌ تائين کيس گهليندو رهيو. جيئن مون کي ٻڌايو ويو آهي، ساڻس ننڍڙو پٽ هو، جو بلڪل ٻارآهي. هـُـن کيس، جڏهن، اِهڙيءَ حالت ۾ ڏٺو ته ڊوڙي پيو ۽ کيس منٿون ڪرڻ لڳو ۽ واڪا ڪري روئڻ لڳو. بيٺل ماڻهن کي ستائڻ لڳو، ته هو سندس پيءُ جو بچاءُ ڪن. پر هو سڀ بچاءَ ڪرڻ جي بدران، مٿس کلندا رهيا. هيءُ ڇوڪرو اسڪول ۾ پڙهي ٿو. اليوشا مون کي معاف ڪر! مون کي جنهن وقت به اِها ڳالهه ياد اَچي ٿي، ته شرمندگي ٿئي ٿي. افسوس، جو مان هن شرمندگيءَ کان ڪنڌ مٿي کڻي نه ٿي سگهان. هن حقيقت کي ڏسي، هيئن قبول ڪرڻو پوي ٿو، ته دمتريءَ جهڙو ماڻهو، ڪاوڙ ۾ شهـَـوت جي جذبي جو شڪار آهي ..... مان اُن کي بيان به ڪري نه ٿي سگهان ..... مون کي اِهڙا لفظ ئي نه ٿا ملن، جو اُن حقيقت کي ٻڌائي سگهان. مان سندس شڪار جي باري ۾ جاچ ڪئي آهي ۽ مون کي معلوم ٿيو آهي، ته هـُـو نهايت غريب ماڻهو آهي. سندس نالو اسنيگريوف آهي. کانئس فوج ۾ ڪجهه غلطي ٿي هئي، جنهن ڪري کيس ملازمت مان برطرف ڪيو ويو هو، جنهن بابت مان ڪجهه به ٻڌائي نه ٿي سگهان. هـُـو هاڻي پنهنجي ڪٽنب سميت ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. ٻار بيمار اَٿس ۽ جيئن معلوم ٿيو آهي، سندس زال ديواني ٿي پئي آهي. هـُـو هت گهڻو وقت رهيو آهي. هـُـو نقل نويسيءَ جو ڪم ڪندو هو پر هاڻي ته بي روزگار آهي. اُن ڪري مون خيال ڪيو هو، ته جيڪڏهن تون ..... مان جيڪو خيال ڪيو هو، اُن کي هاڻي نه ٿي سمجهان، ڇاڪاڻ ته ڏاڍي منجهي پئي آهيان. اليڪسي فيودورووچ، مان چاهيو ٿي، ته توکي چوان، ته تون وٽس وڃي کانئس معافي وٺ. منهنجو مطلب ڪئپٽن آهي. خدايا، ڪيتري نه بـُـريءَ طرح هن حقيقت جي وضاحت ڪري رَهي آهيان. ڇاڪاڻ ته تون ئي هن معاملي کي چڱيءَ ريت ۽ خبرداريءَ سان پورو ڪري سگهين ٿو (اليوشا جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.) هي ٻه سـَـؤ روبل وٽس امداد طور پهچاءِ. مون کي يقين آهي، ته هـُـو توکان وٺندو. تون کيس هنن پيسن جي وٺڻ لاءِ راضي ڪر. ٻيءَ حالت ۾ منهنجو ٻيو ڪوبه مطلب ٿي سگهي ٿو. هي عيوضي طور کيس ڏنو ٿو وڃي، جيئن هـُـو ٻئي ڪنهن قدم کڻڻ کان رڪجي وڃي، (مان خيال ڪريان ٿي ته هـُـو شايد اِيئن سوچيندو هجي.) هي دمتري فيودورووچ کان نه پر سندس مڱينديءَ جي طرف کان، اظهار همدردي ۽ مدد جو هڪ ناچيز تحفو آهي. مان جيڪر پاڻ وڃان پر هيءُڪم تون مون کان بهتر طريقي سان ئي ڪري سگهين ٿو. هـُـو ليڪ اسٽريٽ ۾، عالميڪوف نالي هڪ عورت جي گهر ۾ رَهي ٿو. اليڪسي فيودورووچ، خدا جي واسطي، هيءَ مون تي مهرباني ڪر ۽ هاڻي ... هاڻي مان ٿڪجي پئي آهيان. خدا حافظ.“
هـُـوءَ ايڏو ته تڪڙو، پٺئين در کان نڪري وئي، جو اليوشا کي وقت ئي نه مليو، جو ساڻس ڪجهه ڳالهائي سگهي، جيتوڻيڪ سندس مرضي هئي، ته ساڻس ڪجهه ڳالهائي. هن چاهيو ٿي، ته کانئس معافي وٺي ۽ پاڻ کي ڏوهاري بڻائي ڪجهه چوي. ڇاڪاڻ، ته سندس دل، اِهڙي جذبات سان ڀرجي وئي هئي ۽ هـُـن نه ٿي چاهيو، ته هو اُنهن جي وضاحت ڪرڻ کان سواءِ ڪوٺي ڇڏي وڃي، پر بيگم هائلڪوف کيس هٿ کان ورتو ۽ کيس پاڻ سان گڏ ڇڪيندي هلي. هوءَ هال ۾ اڳي وانگر وڃي بيهي رَهي.
هن کيس آهستگيءَ سان چيو ته، ”هيءَ ڏاڍي مغرور آهي ۽ پنهنجي لاءِ کڏ کوٽيندي رَهي ٿي، پر ساڳي وقت وڻندڙ ۽ رحم دل عورت به آهي. مان خاص خاص موقعن تي کيس ڏاڍو پيار ڪندي آهيان ۽ حالتن جي بهتري ٿيڻ لاءِ، ڪيڏي نه مان منتظر آهيان. اليڪسي فيودورووچ! توکي خبر نه آهي، پر مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿي، ته اسان سڀئي - سندس ٻئي ڦڦيون، مان، توڙي جولزي - هميشھ هيءَ اُميد ڪندا آيا آهيون ۽ دعا گهرندا رهيا آهيون، ته هـُـو تنهنجي طرفدار دمتري کي ڇڏي ڏي، جو نه اُن ڏانهن توجهه ٿو ڏئي ۽ نه وري اُن جي ڪا پرواهه ٿو رکي ۽ ايون فيودورووچ سان شادي ڪري. هـُـو عمدو ۽ تهذيب يافته نوجوان آهي ۽ کيس دنيا جي ٻين شين کان وڌيڪ محبوب ٿو سمجهي. اَسان اِنهيءَ منصوبي کي ٺاهيندا رَهيا آهيون ۽ مان هتي فقط اِنهيءَ ئي ڪم جي ٺاهڻ لاءِ رَهي پئي آهيان.“
اليوشا واڪو ڪري چيو ته، ”پر اوهان ڏٺو، ته هوءَ زاروزار روئي رَهي هئي. کيس وري ٻيو زخم به لڳي ويو.“
”اليڪسي فيودورووچ، ڪڏهن به عورت جي لـُـڙڪن تي اعتبار نه ڪج. مان انهن حالتن ۾ عورتن جي خلاف ۽ مردن جي فائدي ۾ هوندي آهيان.“
”اَما! تون، هن کي خبرڪري رَهي آهين.“ لزيءَ جو ٻاراڻو آواز دروازي کان آيو.
”نه، اِها سڄي منهنجي غلطي هئي. مان پاڻ تي ڏوهه ڏيان ٿو.“ اليوشا، پنهنجي ندامت جو سخت اظهار ڪرڻ لڳو، ايتري قدر جو پنهنجو چهرو ٻنهي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيائين.
”بلڪل برعڪس. تنهنجي روش ملائڪ جهڙي هئي. مان اِها ڳالهه هڪ ڀيرو نه پر هزار بار چونديس.“
”اما، هن ڪيئن ملائڪ جي روش ورتي؟“ لزيءَ جو آواز وري ٻـُـڌڻ ۾ آيو.
اليوشا لزيءَ ڏي ڪنهن به توجهه ڏيڻ کانسواءِ، چوندو رَهيو، ”مان هڪدم اِيئن سمجهيو، ته هوءَ اَيون سان محبت ٿي ڪري، انڪري ئي مان اِها بيوقوفيءَ جي ڳالهه چئي ڏني ..... هاڻي ڇا ٿيندو؟“
”ڪنهن سان، ڪنهن سان؟“ لـِـزيءَ رڙ ڪري چيو. ”اما، تون سچ پچ منهنجو موت آڻيندينءَ. مان توکان، جو ڪجهه پڇان ٿي ۽ تون اُن جو جواب نه ٿي ڏين!“
اُن وقت سندن ملازمه ڊوڙي آئي ۽ کين چوڻ لڳي:
”ڪيٽرينا ايونونا بيمار آهي .... هوءَ روئي ٿي ۽ پٽ کوهه ۾ آهي ... جنوني حالت ۾ آهي.“
”ڇا آهي؟“ لزيءَ، سچ پچ انتظار جي حالت ۾ واڪو ڪري چيو. ”اما منهنجي جنوني حالت آهي، ۽ نه اُن جي.“
”لزي بس ڪر. چيٽون نه ڪر، مونکي اُنهن جو نشان نه بڻاءِ. هن عمر ۾، توکي اُنهن ڳالهين جي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي، جن کي عمر رسيده ئي سمجهي سگهن ٿا. مان موٽي اَچي توکي سڀ ڪجهه ٻڌائينديس، جو تون ٻـُـڌڻ گهرين ٿي. اَسان تي رحم ڪر‍‍ ! مان اَچان ٿي، مان اَچان ٿي .... اليڪسي فيودورووچ، جنون سـُـٺي شيءِ آهي. اِها ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي، جو هوءَ جنوني بڻجي وئي آهي. اُهوئي ٿيو، جو ٿيڻو هو. هنن حالتن ۾ مان عورت جي خلاف هوندي آهيان، يعني زناني ڳوڙهن ۽ جنوني حالت کان. يوليا ڊوڙ ۽ کيس چـَـؤ، ته مان جلدي پهچي ٿي وڃان. ايون فيودورووچ، جهڙي ريت هليو ويو آهي، اِها اُن جي پنهنجي غلطي هئي. لزي! اسان تي رحم ڪر ۽ چيٽون نه ڪر. ها ها، تون چيٽون نه ٿي ڪرين، پر مان ڪري رهي آهيان. پنهنجي ماءُ کي معاف ڪر. مان بيحد خوش آهيان، خوش آهيان ۽ خوش آهيان. اليڪسي فيودورووچ تو ڏٺو ته ايون فيودورووچ، وڃڻ وقت ڪيڏو نه ننڍو ٿي لڳو. مان کيس دانشمند ۽ لائق ٿي سمجهيو، اوچتو هن ايتري ته گرم جوشيءَ، سادگي ۽ جوانيءَ جي حرارت کي ڏيکاريو، جنهن کي نوجوانيءَ جي ناتجربيڪاري ئي چئي سگهجي ٿو. پر اِهي شيون تو وانگر وڻندڙ ٿي لڳيون ... جنهن نموني سان هن جرمن زبان جي شعر کي پڙهيو، اُهو بلڪل تو جهڙو هو! پر مون کي جلدي وڃڻ کپي،ها جلدي وڃڻ کپي. اليوشا فيودورووچ، جلدي سندس ڪم کي پورو ڪري ۽ موٽي اَچ. لزي، توکي هن وقت ڪجهه کپي؟ خدا جي واسطي، اليڪسي فيودورووچ کي، هڪ منٽ به نه ترساءِ. هـُـو هڪدم تو ڏي موٽي ايندو.“
بيگم هائلڪوف آخر ٻاهر نڪري وئي. اليوشا، لزيءَ کي ڏسڻ لاءِ دروازي کي کولڻ چاهيو، پر لزيءَ واڪو ڪري چيو، ته ڪنهن به قيمت تي هاڻي نه. جيڪڏهن ڳالهائڻو اَٿئي، ته دروازي مان ڳالهاءِ. تون ڪهڙيءَ ريت ملائڪ بڻجي پيو آهين؟ اُهائي ڳالهه آهي، جا مان سمجهڻ گهران ٿي.“
”هڪ خطرناڪ بيوقوفيءَ جي باعث لزي! خدا حافظ!“
”اِهڙي ريت وڃڻ جي ڪوشش نه ڪر، لزي ڳالهائڻ ٿي گهريو.“
”لزي مون کي حقيقي غم آهي! مان سـِـڌو هيڏي موٽي ايندس، پر مون کي بيحد غم آهي!“ هـُـو ڊوڙندو، ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ويو.

باب ڇهون: جهوپڙيءَ ۾ جهيڙو

هيءُ سچ پچ ته ايڏو غم هو، جنهن کي هـُـن اڳي ورلي ڏٺو هو. هـُـو هڪ بيوقوف وانگر ڊوڙي پيو هو، پر ڇا جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو؟ محبت جي معاملي ۾ هو سـَـؤ دفعا ورائي ورائي هيءَ ڳالهه پاڻ سان چوندي، ڳاڙهو ٿيو پئي ته، ”محبت جي مون کي ڪهڙي خبر؟ مان اِهڙي شيءِ جي لاءِ ڇا چئي سگهان ٿو؟ شرمندو ئي ٿيڻو پوي ٿو. اِها شرمندگي سزا آهي، جنهن جو مان لائق آهيان. هيءُ منهنجي لاءِ عذاب نه آهي، ته مان هن کان وڌيڪ ڪلفت جو باعث ٿي پئي سگهيس. مربي زوسيما ته مون کي اِنهيءَ لاءِ موڪليو هو، ته مان هنن ۾ ٺاهه آڻي يڪجا ڪريان.“ کيس اوچتو ياد آيو، ته هن سندن هٿن کي ملائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. هن خيال ڪندي، هـُـو وري شرمندو ٿي ويو ۽ پاڻ کي چوڻ لڳو ته، ”منهنجي ڪوشش مخلصاڻي هئي پر آئنده مون کي وڌيڪ سمجهه وارو ٿيڻ گهرجي.“ هـُـن پنهنجي خيالن جي اوچتي پڄاڻي ڪئي ۽ اُنهن تي کلڻ کان سواءِ رَهي نه سگهيو.
ڪيٽرينا ايونونا جي حوالي ڪيل ڪم سان کيس ليڪ اسٽريٽ وڃڻو پيو، جتي موڙ وٽ سندس ڀاءُ دمتري ٿي رهيو. اليوشا اِرادو ڪيو، ته ڪئپٽن وٽ وڃڻ کان اڳ ۾، ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان ملندو وڃي، جيتوڻيڪ سندس خيال هو، ته هـُـو اُتي کيس مشڪل سان ملي سگهندو. جيتوڻيڪ هيءُ به کيس شڪ هو، ته هـُـو ساڻس اِرادتاََ نه ملڻ چاهيندو، پر اُن هوندي به هـُـن ساڻس ملڻ ٿي چاهيو. وقت گذرندو ٿي ويو. مربيءَ جي موت جو خيال، جو کيس خانقاهه کي ڇڏيندي لڳو هو، اُهو کانئس هڪ منٽ به پـَـري ٿي نه سگهيو.
ڪيٽرينا ايونونا جي حوالي ڪيل ڪم تي وڃڻ لاءِ، کيس هڪ ٻي ڳالهه لاءِ به تيار ڪيو هو، جا هئي، ته ڪئٽرينا ساڻس هڪ اسڪول جي ڇوڪري جي ڳالهه ڪئي هئي، جو پنهنجي پيءُ جي ڀرسان دانهون ڪري رهيو هو. اليوشا کي هڪدم خيال آيو ته ٿي سگهي ٿو، ته هيءُ ساڳيو ڇوڪرو هجي، جنهن سندس آڱر ۾ چـَـڪ پاتو هو، جنهن کي هـُـن هيئن به چيو هو ته، ”آخر مان توکي ڪهڙي تڪليف ڏني آهي!؟“ اليوشا کي عملي طرح هيءَ ته پـَـڪ ٿي، پر اَڃا به منجهيل هو، ته اِيئن ڇو ٿيو؟ ٻي حقيقت کي سوچيندي کيس ڇوٽڪارو ملي ويو ۽ هـُـن خيال ڪيو، ته ڇوڪري جي شرارت کي وساري ڇڏي ۽ پاڻ کي عذاب ۾ نه وجهي پر جو ڪجهه کيس ڪرڻو آهي، اُهو ڪـَـري، پوءِ اُن جو ڪهڙو به نتيجو نڪري؟ هن خيال ايندي، کيس ڄڻ ته تسلي اَچي وئي. گهٽيءَ کان ڦرندي، هـُـو اُتي پهتو، جتي دمتري ٿي ويو. هـُـن اُتي بک محسوس ڪئي ۽ کيسي مان ماني ڳڀي کي ڪڍيائين، جو پيءُ وٽان کڻي آيو هو. ماني ٽڪر کائي پاڻ کي وڌيڪ طاقتور محسوس ڪيائين.
دمتري گهر ۾ ڪونه هو. گهر جي ٻين ماڻهن، جن ۾ هڪ پوڙهو، ڊکڻ، سندس زال ۽ پٽ هئا، اليوشا کي شڪي نگاهن سان ڏٺو. ”هو هتي ٽن راتين کان سمهيو ئي نه آهي. ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو شايد ڪاڏي هليو ويو هجي.“ پوڙهي، اليوشا جي پڇا تي چيو. اليوشا سمجهي ويو، ته هـُـو ڪن هدايتن جي زير اَثر ڳالهائي رهيو آهي. جڏهن اليوشا کانئس پڇيو، ته هـُـو گروشينڪا ڏي، ته نه ويو آهي يا فوما ڏي ته نه ويو آهي، (اليوشا هي سڀ ڪجهه ڪنهن مقصد سان چيو) تڏهن هـُـو ٽيئي خوف مان کيس نهارڻ لڳا. اليوشا سمجهيو ته، ”هيءُ سندس خير خواهه آهن ۽ هـُـو سندس بهتري ئي سوچين ٿا. اِهو ڏاڍو چڱو ٿيو.
آخر هن ليڪ اسٽريٽ ۾ گهر کي ڳولهي لڌو. هـُـو نهايت ننڍو گهر هو. هڪ طرف کان ڀت جهڪي آئي هئي، جنهن ۾ ٽي دريون هيون، جي گهٽيءَجي طرف ٿي کليون. اڱڻ ۾ گپ چڪ ٿي ڏٺي، جتي هڪ ڳئون ٻڌل هئي. هـُـو اُن صحن کان اڳتي وڌي ويو ۽ هڪ در ڏٺائين جو گهٽيءَ جي طرف هو. اُن گهٽيءَ جي ٻئي پاسي، کٻي رُخ، گهر جي پوڙهي عورت، هڪ ڪرڙوڍ ڌيءَ سان ٿي رَهي، ٻئي ٻوڙيون ٿي نظر آيون. ڪئپٽن جي باري ۾ ورائي ورائي پڇڻ تي، آخر هڪ سمجهي ورتو ۽ اُن کيس گهٽيءَ ڏانهن اِشارو ڪيو. ڪئپٽن جو گهر، فقط هڪ سادي جهوپڙي هئي. اليوشا، در جي لوهي ڪـُـنڊي تي هٿ رکي، اُن کي کولڻ گهريو، پر کيس گهرجي اندر خاموشي ڏسي عجب لڳو. ڪيٽرينا ايونونا ته کيس ٻـُـڌايو هوته ڪئپٽن ڪٽنب سان ٿو رَهي. شايد هـُـو ننڊ ۾ آهن يا کيس ڏسي هـُـو خاموش ٿي ويا هجن، ته هيءُ پاڻهي دروازو کوليندو. اليوشا خيال ڪيو، ته پهريائين کيس دروازو کڙڪائڻ گهرجي. هـُـن دروازو کڙڪايو. جواب يڪدم ته نه آيو، پر ڏهن منٽن جي وقفي کان پوءِ مليو.“
”ڪير آهي؟“ ڪنهن رڙ ڪري، ڏاڍي ڪاوڙيل آواز ۾ چيو.
هي ٻـُـڌي اليوشا دروازو کوليو ۽ چانئٺ کان ٽپي اڳتي ٿيو. هن پاڻ کي هڪ رواجي ڪڙميءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ڏٺو. جيتوڻيڪ ڪوٺي وڏي ٿي نظر آئي ۽ گهريلو شين سان سـَـٿي پئي هئي ۽ ڪيترائي ماڻهو اُن ۾ موجود هئا. ڪوٺيءَ جي کٻي پاسي، هڪ وڏي روسي چـُـلهه رکي هئي. اُن چلهه کان وٺي دريءَ تائين هڪ نوڙي ٻڌل هئي، جنهن تي ڪي ڪپڙا پيل هئا. ڀت جي کٻي ۽ ساڄي پاسي ٻه پلنگ رکيل هئا، جن جي مٿان ڄارين واريون پٿرڻيون پيل هيون، هڪ تي کٻي پاسي، چئن ڇيٽ جي ڇـُـريل وهاڻن جو ڍڳ، هڪ ٻي جي مٿان رکيل هو. وهاڻا هيٺ وڏا ۽ مٿي ننڍا ٿي نظر آيا. ٻي تي فقط هڪ ننڍو وهاڻو ٿي نظر آيو. سامهون واري ڪنڊ کي هڪ پردي سان جدا ڪيو ويو هو. اِهو پردو هڪ ڪپڙي جو هو، جو، هڪ ڏور تي پئي ٿي لـَـڙڪيو. پردي جي پويان هڪ بسترو ٿي نظر آيو، جو هڪ بينچ تي وڇايل هو ۽ اُن جي ڀرسان هڪ ڪرسي ٿي نظر آئي. وچئين دريءَ جي ڀرسان، هڪ ڪاٺيءَ جي چورس ميز رکيل ٿي ڏٺي. ٽنهي درين کي ننڍڙا چار شيشا لڳل هئا، جي ايڏا ته اونداها هئا، جو اُنهن مان مشڪل سان روشني ٿي آئي. جيئن ته دريون بند هيون، اُن ڪري ڪوٺي وڌيڪ اونداهي ۽ بدبودار ٿي ڏٺي. ميز تي ترڻ جي ڪڻڇي هئي، جنهن ۾ تريل بيضن جا ٽڪرا پيل هئا ۽ اڌ کان کاڌل مانين جا ٽڪرا. هڪ ننڍڙي شراب جي شيشي به هئي، جنهن ۾ ڪي ٿورا ڦڙا موجود هئا.
هڪ عورت، جنهن کي سوٽي پهراڻ هو ۽ مهربان ٿي ڏٺي، پلنگ جي کٻي پاسي ڪرسي تي ويٺي هئي. سندس چهرو زرد ۽ سنهون هو. سندس اندر پيٺل ڳل صاف ٻڌائي رهيا هئا، ته هـُـوءَ بيمار آهي، پر جنهن شيءِ وڌيڪ اليوشا جو ڌيان ڇڪيو، سي اُن غريب عورت جون اکيون هيون.
جن مان عجب ۾ وجهندڙ ۽ گستاخيءَ جهڙو فخر ٿي نظر آيو. جڏهن هـُـو سندس مڙس سان گفتگو ڪرڻ لڳو، ته سندس اکيون هڪ ڳالهائڻ واري کان، ٻي ڳالهائڻ واري ڏي ڦريون ٿي، جن ۾ ساڳي سوال ڪرڻ وارا ۽ گستاخي جهڙا جذبا هئا. اُن جي ڀرسان دريءَ کان هڪ نوجوان نينگري بيٺي هئي، سادي ۽ گهاٽن سرخ وارن واري، جنهن کي غريباڻي پر صاف پوشاڪ پهريل هئي. اُن نينگر اليوشا کي نفرت ڀـَـري نگاهه سان ڏٺو. اليوشا جيئن ڪجهه اندر ڀرو ٿيو، ته هن ٻي بستري تي هڪ عورت کي ويٺل ڏٺو. سندس نگاهون حسرت ڀريون ۽ سندس عمر به ويهن ورهين کان مٿي نه ٿي لڳي. هوءَ ڪـُـٻي هئي ۽ سندس ٽنگون بيڪار ٿي ڏٺيون. جيئن پوءِ اليوشا کي معلوم ٿيو ته فالـج جي سبب، ڇوڪريءَ جون ٽنگون خراب ٿي ويون هيون. سندس ڪاٺ جي گهوڙي بستري جي ڀرسان ڪـُـنڊ ۾ رکيل هئي. اُن غريب ڇوڪريءَ پنهنجي حسين ۽ مهربان اکين سان اليوشا کي ڏٺو. اٽڪل پنجيتاليهه ورهين جو هڪ مرد، ميز جي سامهون ويٺو هو، جنهن تريل بيضن کي تازو کائي بس ڪئي هئي. هو ننڍي ۽ ضعيف چهري وارو هو. سندس ڳاڙها وار هئا. ڏاڙهي ڇڊي ۽ ڀوري رنگ جي هئس. جنهن کي گاهه جي جهـَـنڊ چئجي ته بجا ٿيندو. (هي ڀيٽ ۽ اصطلاح ڪنهن سبب کان اليوشا جي دل ۾ آيو هو، جنهن کي هـُـن پوءِ ٻڌايو هو.) هن ئي ماڻهوءَ شايد کيس رڙ ڪري جواب ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو به مرد ڪوٺيءَ ۾ نظر نه ٿي آيو. جيئن ئي اليوشا اڳتي وڌيو، اُهو ماڻهو جو بينچ تي ويٺو هو، پنهنجي منهن کي ميري رومال سان اُگهي، تڪڙو تڪڙو اِليوشا ڏي وڌيو.
"هي راهب آهي، جو خانقاهه جي لاءِ خيرات وٺڻ لاءِ آيو آهي ۽ ڏاڍي چڱي جاءِ تي آيو آهي. "کٻي ڪنڊ ۾ بيٺل ڇوڪري، وڏي آواز سان چيو. هـُـو ماڻهو جلدي وٽس ڦري آيو ۽ کيس جوشيلي آواز ۾ جواب ڏنائين ته: "نه وارَ وارا، تون غلط آهين. ڇڏ ته مان کانئس پڇان. "هـُـو وري اليوشا ڏي ڦريو. "تون ڇالاءِ، هن اسان جي پناهه گاهه ۾ آيو آهين؟"
اليوشا کيس ڌيان سان ڏسندو رهيو. هي پهريون ڀيرو هو، جو هن کيس ڏٺو هو. سندس چهرو، غصيلو ۽ چيڙاڪ ٿي نظر آيو. جيتوڻيڪ هـُـو شراب پيئڻ لاءِ تيار ويٺو هو، پر اَڃا پيتو نه هئائين. ڏسڻ ۾ هـُـو گستاخ ۽ سست طبيعت ٿي نظر آيو. پر هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، جو ساڳي وقت منجهائنس خوف زده به پئي معلوم ٿيو. هـُـو اِهڙي ماڻهوءَ وانگر ٿي ڏٺو، جنهن کي گهڻو وقت غلاميءَ ۾ رکيو ويو هجي ۽ هـُـن اُن کي قبول ڪيو هجي ۽ بعد ۾، پنهنجي هستي جو اظهار ڪندو هجي. اَڃا به اُن ماڻهوءَ وانگر هو، جو خوفناڪ طريقي سان ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ لاءِ تيار هجي پر ساڳي وقت کيس اِهو به خوف هجي ته متان هـُـو کيس به ڌڪ هڻي وجهي. سندس لفظن ۽ تيز آواز جي نموني مان معلوم پئي ٿيو ته منجهس جنوني مذاق موجود آهي، جو سندس آواز جي تبديلي سان بعضي بغض ۽ ڪيني ڀريل ۽ بعضي خوشامدي مڪاريءَ سان ڀريل ٿي ڏٺو. "اسان جي پناهه گاهه" جي لفظ تي، جو هـُـن چيو هو، هو ڏڪيو به ٿي ۽ سندس اکيون پئي ٿي ڦريون ۽ گهريون ۽ اليوشا جي قريب ايڏو ته اَچي ويو هو، جو کيس هڪ قدم پوئتي هٽڻو پيو. کيس هڪ پراڻو سوٽي ڪوٽ پيل هو، جنهن کي ڪيتريون چتيون لڳل هيون ۽ منجهس گهڻائي سوراخ هئا. سندس سوٽ چيڪ جو ۽ هلڪي رنگ جو هو ۽ هاڻي رواج کان ٻاهر هو. سندس لباس ايڏو ته گهنجيل ۽ ننڍو هو جو اِئين پئي معلوم ٿيو، ته هـُـو اُنهن جي بدولت ڇوڪرو بڻجي پيو آهي.
اليوشا کيس جواب ڏيڻ شروع ڪيو ته مان "اليڪسي ڪرامازوف آهيان."
"مان هي سمجهان ٿو سائين، ماڻهو يڪدم چئي ڏنو، بلڪل اِهڙي ريت، جيئن ته هـُـو کيس اڳ ۾ ئي ڄاڻندو هو. "مان ڪئپٽن اسنيگيريوف آهيان، ۽ مان ڄاڻڻ ٿو گهران، ته اوهان جي هتي اَچڻ منجهان مدعا ڪهڙي آهي؟"
”مان ڪنهن خاص مقصد لاءِ نه آيو آهيان. مون کي ڪجهه اوهان کي چوڻو آهي، جيڪڏهن اوهان اُن جي اِجازت ڏيو.“
”جيڪڏهن اِيئن آهي ته اوهان هن ڪرسي تي ويهو. اڪثر مزاحي تمثيلن ۾ اِهي ئي لفظ چوندا آهن ته ”مهرباني ڪري ويهو!“ اِهي لفظ چوندي، هـُـن تڪڙ مان ڪاٺ جي ڪرسي کڻي ورتي، ڪرسيءَ کي نه ٻانهون هيون، نه پٺ، ٻي اِهڙي قسم جي ڪرسي کڻي، پهرئين جي بلڪل سامهون رکيائين ۽ هـُـو اليوشا جي، منهن جي سامهون ايترو، ته ويجهو ٿي ويٺو، جو سندن گوڏا هڪ ٻي کي ڇـُـهي رهيا هئا.
”نڪولي اليچ اسنيگيريوف سائين، رومي پيادي فوج جو سابق ڪئپٽن، جنهن کي پنهنجو نالو ٻڌائيندي شرم ٿو اَچي، پر اَڃا به ڪـِـئپٽن، جنهن طريقي سان مان ڳالهايان ٿو، مان هاڻي اُهو نه آهيان. مان پنهنجي پوئين اَڌ حياتيءَ ۾ ”سائين “ ئي چوڻ سکيو آهي. هيءُ اُهو لفظ آهي، جو حياتيءَ ۾ ايندي ئي اُچارڻ سکون ٿا.“
”اِهو صحيح آهي“ اليوشا مشڪندي چيو. ”پر اِهو لفظ ڪڏهن بنا مقصد جي، ڪڏهن مقصد سان چيو ويندو آهي.“
”خدا مٿان آهي ته اِهو بنا مقصد جي آهي ۽ مان اُن کي استعمال نه ڪندو آهيان. مان ”سائين“ جو لفظ سڄي حياتيءَ ۾ استعمال نه ڪيو هو، پر جڏهن مان زوال ۾ آيو آهيان ته اِهو لفظ چوڻ شروع ڪيو اٿم. هي شايد ڪنهن مٿاهين قوت جو ڪم آهي. مان ڏسان ٿو ته توکي هن سوال ۽ جواب ۾ دلچسپي آهي. مان جهڙي ريت پنهنجي زندگي گذاري رهيو آهيان، تنهنجي حيرت ۾ ڪهڙي ريت اضافو ڪري سگهان ٿو. اِنهيءَ ڪري ناممڪن آهي ته مان ڪنهن جي همدردي حاصل ڪري سگهان.“
”مان اِنهيءَ مقصد لاءِ ته آيو آهيان“.
”ڪهڙي مقصد لاءِ؟“ ڪئپٽن بي صبريءَ سان سندس قطع ڪلام ڪندي چيو. ”دمتري فيودورووچ، منهنجي ڀاءُ سان، جيڪا تنهنجي ملاقات ٿي هئي.“ اليوشا غير سنجيده ٿي چئي ويٺو.
”هڙي ملاقات سائين؟ تون اُن ملاقات جي ڳالهه ته نه ٿو ڪرين، جنهن ۾ منهنجي جهنڊ لاٿي وئي هئي؟ هـُـو ايترو ته ويجهو ٿي ويو هو، جو سندس گوڏا، اليوشا جي گوڏن سان ٺهڪڻ لڳا. سندس چپ عجيب طريقي سان ڀيڪوڙجي، ڌاڳي وانگر بڻجي ويا هئا.
”ڪهڙي جهنڊ لاهڻ؟“ اليوشا جهيڻي آواز ۾ چيو.
”هيءُ منهنجي دانهن کڻي آيو آهي پيءُ.“ هڪ اِهڙو آواز آيو، جو اليوشا جو سڃاتل هو. هي پردي جي پوئتان اسڪول جي ڇوڪري جو آواز هو. “ مان هن جي آڱر کي هاڻي چــڪُ پاتو هو، ايتري ۾ پردو پري ٿيو، اليوشا ڏٺو ته سندس حريف، هڪ بينچ تي پيل هو، جنهن تي بسترو وڇايل هو. سندس ڀرسان حضرت (عيسيٰ) مسيح جي تصوير هيٺان هڪ ڪرسي پئي هئي. ڇوڪري کي ڪوٽ پيل هو ۽ مٿس هڪ پراڻي سوڙ پيل هئي. هـُـو بيمار هو ۽ اِيئن ٿي ڏٺو ته کيس بخار آهي. هن اليوشا ڏي بنا ڪنهن خوف جي نهاريو. ڇاڪاڻ ته هـُـن سمجهيو ٿي، ته هـُـو گهر ۾ آهي، اُن ڪري کيس ڪو به ڇـُـهي نه ٿو سگهي.
”ڇا؟ هـُـن تنهنجي آڱر کي چــڪُ پاتو هو؟ ڪئپٽن ڪرسيءَ تان ٽپو ڏيئي اُٿيو. ”ڇا اِيئن آهي ته هـُـن تنهنجي آڱر کي چـڪُ پاتو هو.“ هـُـن اليوشا ڏي نهاري چيو.
”هائو، هيءُ ٻين ڇوڪرن سان گڏ، مون ڏي پٿر اُڇلائي رهيو هو. هن اَڪيلي جي خلاف هو ڇهه هئا. مان جڏهن وٽن ويس ته هن مون ڏي پٿر اُڇلايو ۽ ٻي وري هن جي مٿي کي نشان بڻايو. مان جڏهن وٽس ويس، ته هن منهنجي آڱر ۾ چـَـڪُ پاتو، خبر نه آهي ته ڇو؟“
”سائين مان هن کي اُن جو سبق ٿو سيکاريان، هڪدم.... هاڻي.“ هـُـو پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿيو.
”پر مان هن جي خلاف توکي دانهن ڪٿي ڏني آهي؟ مان ته توکي فقط ڳالهه ٻـُـڌائي آهي، مان نه ٿو چاهيان ته هن کي مار ملي، اُن کانسواءِ هـُـو بيمار به آهي.
”ڇا تون اِيئن سمجهين ٿو ته مان هن کي ماريندس؟ مان پنهنجي اِئلشيا کي، تنهنجي تسليءَ لاءِ، تنهنجي سامهون ماريندس؟ ڇا تون چاهين ٿو ته اِهو هڪدم ٿيڻ گهرجي؟ ڪئپٽن اِيئن چوندي، ايڏو ته تڪڙ مان ڦريو، جو اِيئن پئي معلوم ٿيو ته هـُـو مٿس حملو ڪري ڏيندو.” مون کي تنهنجي آڱر جي بابت ڏک ٿو ٿئي، پر ائلشيا جي مارڻ بجاءِ، تون هن ڪپ سان منهنجي آڱرين کي وڍڻ قبول ڪندين. جيئن تنهنجي انتقام جي آس پوري ٿي وڃي. مان سمجهان ٿو ته منهنجي چئن آڱرين جي وڍڪٽ، تنهنجي غصي کي ٺاري سگهي ٿي. مان سمجهان ٿو ته تون پنجين آڱر لاءِ نه چوندين؟“ هـُـو ٿوري وقت لاءِ چپ ٿي ويو ۽ سندس سينو کڄيو ٿي ويو. سندس منهن جو هر حصو پئي بدليو ۽ ڦريو، ڄڻ ته کانئس مـَـتِ ڇڏائجي وئي هئي.
”مان هاڻي هيءَ سڄي ڳالهه سمجهي ورتي آهي.“ اليوشا کيس پيار ۽ ڏک ڀري آواز سان چيو. هـُـو پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيو.”ها تنهنجو ڇوڪرو، نيڪ ڇوڪرو آهي. کيس پنهنجي پيءُ سان محبت آهي. هـُـن مون تي حملو، اِن لاءِ ڪيو هو، ته مان سندس پيءُ جي حريف جو ڀاءُ آهيان..... مان هاڻي اِها ڳالهه سمجهان ٿو.“ هن وري به سوچي سمجهي چيو ته ”پر منهنجو ڀاءُ فيودورووچ، پنهنجي ڪئيءَ تي پشيمان آهي. اِها مون کي خبر آهي. جيڪڏهن هي ٿي سگهي ته هـُـو تو وٽ اَچي ۽ اَڃا به اُن جاءِ تي ملي ۽ توکان سڀني ماڻهن جي سامهون معافي وٺي. هـُـو سمجهي ٿو ته اِيئن ئي هن معاملي کي ختم ڪيو وڃي. ڇا هـُـو اِيئن نه ڪري؟“
”منهنجي ڏاڙهيءَ کي پـَـٽڻ کانپوءِ، تنهنجو مطلب آهي ته هـُـو مون کان معافي گهري؟ هـُـو سمجهي ٿو ته اِيئن ڪرڻ سان تسليءَ جهڙو فيصلو ٿي ويندو، اِيئن نه؟“
”نه، نه، اُن جي خلاف هـُـو چاهي ٿو ته هـُـو اُهو سڀ ڪجهه ڪندو، جو توکي پسند آهي. ڪو به رستو، جو تون چاهين؟
”مان توڙي جو اُن نواب صاحب کي چوان ته هـُـو اُن شرابجاني ۾، جنهن کي “”ميٽرو پولس“ چون ٿا، يا مارڪيٽ ۾، منهنجي اڳيان گوڏا کوڙي، هو اِيئن ڪندو؟“
”هائو، هـُـو ڪٿي به گوڏا کوڙيندو.“
”سائين تو منهنجي دل کي ڌڪ هنيو آهي. تو مون کي ايڏو ته ايذائيو آهي، جو جيڪر ويهي روئان. مون کي تنهنجي ڀاءُ جي بلند حوصلي ۽ سخاوت جو احساس آهي. مون کي اِجازت ڏيو ته مان پنهنجي خاندان سان توهان جي واقفيت ڪرايان. هيءُ منهنجون ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهي. جيڪڏهن مري پوان، ته هنن سان ڪير محبت ڪندو. کڻي جي مان جيئرو آهيان، ته مون جهڙي بدقسمت جي ڪير هنن منجهان پرواهه ڪندو؟ هيءَ وڏي شيءِ آهي، جو مون جهڙن ماڻهن جي لاءِِ، قسمت سڀ ڪجهه لکي ڇڏيو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته ڪو اِهڙو ماڻهو به هجي، جو مون جهڙي ماڻهوءَ جو دوست بڻجي وڃي؟
”ها، اِهو بلڪل صحيح آهي. “ اليوشا چيو.
”اِهي بيوقوفيءَ جون ڳالهيون نه ڪر، جڏهن به تو وٽ ڪو احمق اَچي ٿو، ته تون اسان کي شرمندو ٿو ڪرين.“ اُن ڇوڪريءَ اوچتو رڙ ڪري چيو، جا دريءَ جي ڀرسان بيٺي هئي. هن پنهنجي منهن کي پيءُ ڏانهن ڦيرايو، جنهن مان نفرت صاف ٿي ڏٺي.
”ترس ننڍڙن وارن وارا“ پڻس واڪو ڪري چيو. سندس گفتو چٿر وارو هو پر هـُـو، اُن ڏي پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ نهاري رهيو هو. هـُـن اليوشا ڏي منهن ڪري چيو ته، ”هيءُ ئي ته سندس ڪردار آهي.“ هي شعر ساڻس لڳي اَچي ٿو:
”هن سڄي ڪائنات ۾ ڪو به اهڙو ڪونه آهي،
جو سندس اکين ۾، مهر ۽ عنايت کي ڏسي سگهي.“
توڙي جو عورت ڇو نه هجي، سندس اکين ۾ پاسداري ڏسي نه سگهندي. هاڻي توکي مان پنهنجي زال ارينا پيٽرو وينا سان ملايان ٿو. هوءَ اڌرنگي آهي ۽ ٽيتاليهن ورهين جي ٿيندي. هوءَ چـُـري ته سگهي ٿي پر ڏاڍو ٿورو. هوءَ غريب خاندان مان آهي. ارينا پيٽرو وينا پنهنجي چهري کي محبت آميز بڻايو. هي اليڪسي فيودورووچ ڪرامازوف آهي. اليڪسي فيودورووچ اُٿ. ”هن کيس هٿ کان ورتو ۽ توقع جي خلاف کيس ڇڪيائين. “ توکي هڪ عورت سان متعارف ٿيڻ لاءِ اُٿي بيهڻ گهرجي. هيءُ اُهو ڪرامازوف نه آهي، جنهن منهنجي بي عزتي ڪئي هئي، پر سندس ڀاءُ آهي، جنهن ۾ گهڻيون خوبيون ۽ نيڪيون آهن... ارينا پيٽرو وينا، پهريائين اجازت ڏي ته مان تنهنجي هٿ کي چمان.“
هن پنهنجي زال جي هٿ کي پيار مان چميو. ڇوڪري، جا دريءَ وٽ بيٺي هئي، نهايت نفرت سان هن نظاري کان منهن ڦيرائي ڇڏيو. سوالن پڇڻ واري صورت ۽ گستاخ بيگم اسٿيگيريوف اوچتو محبت آميز بڻجي وئي ۽ اليوشا کي چيائين:
”صبح بخير! مسٽر شرنامازوف ويهو.“
”ڪرامازوف، بيگم، ڪرامازوف.“ ”(اَسان ماڻهو ئي سادا آهيون، ڇا ڪجي)“. هن آهستگيءَ سان چيو.
ٺيڪ آهي، ڪرامازوف آهي يا ڪو ٻيو، پر مان هميشھ شرنامازوف جو خيال ڪندي آهيان، هن توکي ڇڪي اُٿاريو آهي ۽ مون کي اڌرنگي ٿو سڏي، پر مان اِيئن ته نه آهيان. منهنجون ٽنگون، ڪاٺيءَ جي دَٻي وانگر سـُـڄي پيون آهن ۽ مان عاجز آهيان. ڪڏهن ته مان چڱي ٿلهي متاري هيس پر هاڻي سـُـئيءَ جي ڌاڳي وانگر سنهڙي ٿي وئي آهيان.“
”اسان سادا ماڻهو آهيون“، ڪئپٽن وري به چيو.
”او بابا، بابا“ ڪـُـٻي ڇوڪريءَ اوچتو دانهن ڪري چيو. هوءَ سمورو وقت گفتگوءَ دوران، ڪرسيءَ تي خاموش ويٺل هئي. هن پنهنجون اکيون رومال سان ڍڪي ڇڏيون. دريءَ وٽ بيٺل ڇوڪريءَ زور سان چيو، ”باندري“.
پنهنجي ڌيئرن ڏي اِشارو ڪندي ماءُ چيو ته، ”اسان جي گهر جو حال ڏٺئي. هيءُ ڪڪرن وانگر آهن، جي پيا اَچن ۽ وڃن ٿا. هيءَ موسيقي پئي هلندي. جڏهن اسان فوج ۾ هئاسون، ته اسان وٽ اِهڙا گهڻا ئي مهمان ايندا ويندا هئا. مان ڪا به ڀيٽ نه ٿي ڪريان ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي مذاق تي ڇڏي ڏيان ٿي. ننڍي پادريءَ جي زال اسان وٽ گهڻي ايندي هئي ۽ اُها چوندي هئي ته اليگزينڊر اليگزينڊرووچ، شاندار دل وارو ماڻهو آهي پر ناسٽسيا پيٽرووينا جهنمي آهي. پر مان ان کي مذاق سمجهندي هيس. پر تون به ته ڪوتاه قد ۽ باهه جي چڻنگ آهين. تڏهن هوءَ مون کي چوندي هئي ته تون پنهنجي جاءِ تي رهي، پنهنجو ڪم ڪر. مان کيس چوندي هيس ته او ڪـَـٽ لڳل ترار، ڪنهن توکي چيو آهي ته اِهي ڳالهيون ويهي مون کي ٻـُـڌاءِ؟ هو مون کي چوندي هئي ته مان هتي خوشبوءِ واري هوا آڻيندي آهيان، ڇاڪاڻ ته هتي بدبودار هوا آهي. مان پنهنجي دل ۾ چيو ته هيءُ آفيسرن کان پڇڻ گهرجي ته ڇا منهنجي ساهه جي هوا اڻ وڻندڙ آهي. گهڻو وقت نه گذريو، جيئن مان هت ويٺي آهيان، اُتي به اِيئن ويٺي هيس. ته خود جنرل آيو، جو ايسٽر جا ڏينهن گذارڻ لاءِ آيو هو. مان کانئس پڇيو ته جناب اعليٰ ڪنهن عورت جي ساهه کڻڻ جي هوا بدبودار ٿي سگهي ٿي؟“
”هائو“ هن جواب ڏنو، ”توکي پنهنجي دريءَ جا طاق کولڻ کپن يا دروازو، ڇاڪاڻ ته هتي تازي هوا نه آهي. هيءُ سڀ اِهڙي ريت هلي رهيا آهن. هنن جي لاءِ منهنجو ساهه کڻڻ اَلائجي ڇا آهي؟ مـُـردي جي بدبوءِ کان به وڌيڪ! مان هتان جي هوا زياده خراب نه ڪندس. مان جتيءَ جو آرڊر ڏينديس ۽ اُن جي ملڻ کان پوءِ هلي وينديس. منهنجون پياريون، پنهنجي ماءُ جي عيب جوئي نه ڪريو. نڪولائي اِليوچ، مان توکي ڪهڙي ريت راضي ڪريان؟ هتي ائلشيا ئي آهي، جو جڏهن اسڪول کان موٽي گهر ايندو آهي، ته مون کي پيار ڪندو آهي. ڪالهه هن منهنجي لاءِ هڪ صوف آندو هو. اوهان جي پنهنجي ماءُ کي معاف ڪريو. هڪ غريب ۽ تنها عورت کي منهنجو ساهه کڻڻ اوهان جي لاءِ ڇو ناپسند ٿي پيو آهي.“ اِيئن چوندي هوءَ غريب عورت سڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ سندس ڳلن تان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. اُن وقت ڪئپٽن اُن ڏانهن ڊوڙي ويو.
”منهنجي پياري، ڇوڪرين جي ماءُ، هيءُ ڪافي آهي. تون اَڪيلي نه آهين ۽ توکي هر ڪوئي پيار ڪري ٿو ۽ پوڄي ٿو.“ هن سندس ٻنهي هٿن کي چميون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پيار مان سندس منهن تي نرم ڌڪ هڻڻ لڳو. هن رات جي مانيءَ ۾ ڪم آيل رومال کي کڻي سندس ڳوڙهن کي اُگهڻ شروع ڪري ڏنو. اليوشا ڏٺو ته هن جي اکين ۾ به ڳوڙها هئا. اُن وقت هو غصي مان، اليوشا جي طرف مڙيو ۽ بيمار عورت ڏي اشارو ڪيائين.
”مان ڏسان ٿو ۽ ٻڌان ٿو؟ “ اِليوشا چيو.
”بابا! بابا، هي ڇا آهي...؟ هـِـن کي اڪيلو ڇڏي ڏيو.“ اُن تختي جي بستري تان ڇوڪري چيو، جو اُن تي اُٿي ويٺو هو. هـُـو پنهنجي چمڪيلي اکين سان پيءُ کي گهـُـوري رهيو هو.
”پنهنجي مسخري کي ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي نادانيءَ کي ترڪ ڪريو. اِنهيءَ مان اوهان کي ڪو به فائدو نه ٿيندو!“ وارن واري، پنهنجو پير جوش مان زمين تي هڻي زور سان چيو.
”تنهنجي ڪاوڙ هن وقت صحيح آهي وارن وارا. مان توکي راضي رکڻ لاءِ تڪڙ ڪندس. اليوشا فيودورووچ اَچو ۽ پنهنجي ٽوپي کڻو. مان پنهنجي کڻان ٿو. اسان ٻاهر هلنداسون. مان توکي ٻاهر ڪا ضروري ڳالهه ٻڌائڻ گهران ٿو. هيءَ ڇوڪري جا هتي ويٺي آهي، منهنجي ڌيءَ نينا آهي. مون کان سندس تعارف ڪرائڻ وسري ويو هو. هوءَ حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آسماني فرشتو آهي، جو اُتان لهي اسان فاني انسانن وٽ آيو آهي.... جيڪڏهن تون اُن کي سمجهي سگهين.“
”هيءُ ته مٿي کان پيرن تائين ڏڪي رهيو آهي. ڄڻ ته کيس ڏڪڻي وٺي وئي آهي.“ وارن واري نهايت نفرت ڀري آواز ۾ چيو.
”هيءَ منهنجي ڪري ئي، زمين تي پير هڻي رَهي آهي. هن تازو مون کي احمق ٿي سڏيو ۽ کيس اِهڙي طرح سڏڻ جو حق به آهي. هي به آسماني فرشتو آهي. اَچ، اَچ! اليڪسي فيودورووچ، اسان کي اهي ڳالهيون ختم ڪرڻ گهرجن.“
هن اليوشا جي هٿ کي ورتو ۽ کيس ڇڪي، ڪوٺيءَ کان ٻاهر وٺي ويو.

باب ستون: کليل فضا ۾

”هتي تازي هوا آهي، پر منهنجي ڪمري ۾ ڪنهن به لحاظ کان هوا چڱي نه آهي. اچ ته آهستگيءَ سان هلون. مون کي اوهان سان گڏ گهمندي بيحد خوشي حاصل ٿيندي.“
”مون کي پڻ اوهان سان ڪنهن اهم ڳالهه تي ڳالهائڻو آهي.“ اليوشا کيس چيو، ”مگر خبر نه ٿي پئي ته مان اُن کي ڪهڙيءَ ريت شروع ڪريان!؟“
”مون کي يقين آهي ته اوهان جو مون ۾ ڪو ڪم آهي. ڪنهن به مطلب کان سواءِ، تون ڪڏهن به مون ڏي نه نهارين ها. اِهو اعتبار ۾ ئي نه ٿو اَچي ته تون ڪو فقط ٻار جي دانهن کڻي مون وٽ آيو آهين. پر ٻار جي متعلق مان توکي اُتي ڪجهه به سمجهائي نه ٿي سگهيس. هتي مان اُن سڄي منظر کي بيان ڪري سگهندس. منهنجي ٻـُـچي ڏاڙهيءَ، هفتو کن اڳي چڱي گهاٽي هئي. گهڻو ڪري اسڪول جي ٻارن منهنجي ڏاڙهي کي اِهو لقب ڏنو آهي. تنهنجي ڀاءُ دمتري فيودورووچ، منهنجي ڏاڙهيءَ کي ڇڪيو، هـُـو سخت غصي ۾ مون تي حملو ڪري آيو. هـُـو مون کي قهوه خاني مان ڇڪي، مارڪيٽ جي چؤنڪ ۾ گـِـهلي آيو، عين اُن وقت اسڪول جا ڇوڪرا ٿي آيا. اُنهن ۾ ائلشيا به هو. جيئن ئي منهنجي ويجهو آيو، مون کي ڳراٽڙيون پائي، ڪوشش ڪيائين ته مون کي ڇڏائي. هن حملي آور کي رڙيون ڪري چيو، ته هيءُ منهنجو پيءُ آهي، هن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي. هن کي معاف ڪر. هـُـن سچ پچ رڙيون ڪري ٿي چيو ته معاف ڪر. هـُـو سندس هٿ کي چنبڙي پيو، ساڳي هٿ کي، جنهن سان هن مون کي جهليو هو. اُن کي هـُـن پنهنجن ننڍڙن هٿن سان چميو.... سندس، اُن وقت جو ڏکايل چهرو مون کي ياد آهي. مان اُن کي نه وساريو آهي نه وري اُن کي وساري سگهندس.“
”مان قسم کڻي ٿو چوان،“ اليوشا رڙ ڪري چيو ته، “ منهنجو ڀاءُ، نهايت گهرائيءَ مان ۽ پوري خلوص سان، اُن تي افسوس جو اظهار ڪندو. توڙي جو کيس مارڪيٽ جي چؤنڪ ۾ گوڏن ڀـَـر ٿيڻو پوي.... مان اِيئن ڪرڻ لاءِ کيس چوندس ۽ ٻيءَ حالت ۾ هـُـو منهنجو ڀاءُ ئي نه رهندو!“
”مطلب ته اِها فقط تجويز آهي! اِها هـُـن جي طرف کان نه آهي، پر تنهنجي محبت واري دل جي طرف کان مهرباني آهي. تون اِيئن اڳ ۾ ٻڌائين ها. اِهڙيءَ حالت ۾ مون کي اِجازت ڏي، ته مان تنهنجـي ڀاءُ جـي اُن ڏينـهـن جـي، سـورهـيـائپ ۽ فوجــيپاڪبازيءَ کي پڏايان. هـُـن منهنجي ڏاڙهيءَ کان وٺي ڇڪڻ کي ڇڏي ڏنو ۽ مون کي آزاد ڪيو. ”تون هڪ آفيسر آهين ۽ مان به هڪ آفيسر آهيان. توکي جيڪڏهن ڪو ٻيو بهتر ماڻهو هٿ اَچي، ته مون ڏي مقابلي جي لاءِ دعوت ڏياري موڪل. جيتوڻيڪ تون بدمعاش آهين پر مان توکي اِها تسلي ڏيان ٿو.“
هن جو ڪجهه چيو، سچ پچ، اُن مان سندس سورهيائپ وارو رويو ظاهر پئي ٿيو. مان ائلشيا سان گڏجي موٽيس. هيءُ منظر اسان جي خاندان جي تاريخ ۾ رهجي ويو ۽ ائلشيا جي دل تي هميشه لاءِ نقش بڻجي ويو. نه، اِهو اسان لاءِ نه آهي ته اسان اَمير ماڻهن جي حقن جهڙا دعويدار بڻجون. تون پاڻ انصاف ڪر. تون هاڻي اسان جي گهر مان ٿي آيو آهين، تو اُتي ڇا ڏٺو؟ ٽي زالون، هڪ اڌرنگي ۽ ضعيف دل واري، ٻي ڪـُـٻي ۽ اڌرنگي، ٽئين اڌرنگي ته نه آهي، پر گهڻي چالاڪ. هوءَ طالب علم آهي ۽ چاهي ته سينٽ پيٽرسبرگ وڃي، نيوا جي ساحل تي، روسي عورتن جي حقن جي آزاديءَ لاءِ وڃي ڪم ڪري. مان ائلشيا لاءِ ڪجهه نه چوندس. هـُـو اَڃا نون ورهين جو آهي. مان دنيا ۾ تنها آهيان. مان جيڪڏهن مري پوان ته هنن سڀني جو ڇا ٿيندو؟ مان فقط توکان اِهو پڇان ٿو. مان کيس مقابلي جي دعوت به ڏيان، پر جيڪڏهن هـُـو مون کي ماري وجهي ته پوءِ ڇا؟ هنن جو ڇا ٿيندو؟ اَڃا به بدترين هي آهي، ته هـُـو مون کي جيڪڏهن منڊو ٽنڊو ڪري وجهي، ته مان ڪو به ڪم ڪري نه سگهندس. منهنجو کارائڻ به وڃي ٻين تي پوندو. ڪير مون کي ۽ هنن سڀني کي کارائيندو! پوءِ مون کي اِيئن ڪرڻو پوندو ته ائلشيا کي ڪڍي، کيس در در پنڻ لاءِ موڪلي ڏيان. اهي ڳالهيون آهن، جي مون کي ساڻس دوبدو ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اِها هڪ بيوقوفيءَ جي ڳالهه ٿيندي ۽ ٻيو ڪجهه به نه.“
”هـُـو توکان معافي وٺندو. هـُـو مارڪيٽ جي چؤنڪ وٽ تنهنجي پيرن ۾ ڪرندو.“ اليوشا وري به کيس چمڪندڙ اکين سان نهاريندي چيو.
”مان مٿس مقدمي ڪرڻ لاءِ خيال ڪيو“. ڪئپٽن ڳالهائيندو رَهيو. “ پر تون اسان جي قانون جي ڪتاب ۾ ڏس. مان پنهنجي شخصي زخمن لاءِ عيوض وٺي سگهان ٿو؟ اُن کانسواءِ اگريفينيا اليگزينڊر روينا مون کي گهرائي ورتو ۽ مون کي دڙڪو ڏيئي چيائين ته هـُـن ڳالهه جي خواب لهڻ جي به ڪوشش نه ڪر. جيڪڏهن تو، هن جي لاءِ ڪو به قدم کنيو ته مان اخبارن ۾ هيءَ ڳالهه شايع ڪرائي، دنيا کي ٻڌائينديس ته هن توکي، تنهنجي بدديانتيءَ جي سبب کان ماريو آهي ۽ پوءِ تون اُن ۾ قابو ٿي ويندين.“ مان خدا کي گواهه بڻائي چوان ٿو ته بدديانتي ڪنهن جي هئي ۽ مان ڪنهن جي حڪم جي تعميل ٿي ڪئي. ڇا اِهو هن جو پنهنجو ۽ فيودورووچ جو چوڻ نه هو؟ اَڃا هن کان به وڌيڪ هوءَ چوندي رَهي ته ”مان توکي گهر مان ڪڍي ڇڏينديس ۽ پوءِ هڪ ڪوڏيءَ جي به مون ۾ اُميد نه رک. مان پنهنجي سوداگر کي به چونديس ته (هوءَ اِيئن ئي هن پوڙهي کي سڏيندي آهي) توکي ملازمت مان ڪڍي ڇڏي.“ جيڪڏهن هـُـو مون کي ملازمت مان ڪڍي ڇڏي ته مان پوءِ ڪٿان ڪمائي سگهندس؟ اِهي ئي ٻه آهن، جن جي مون کي ڪاڻ ڪڍڻي ٿي پوي. فقط ملازمت جي ڪري نه، پر ٻيو سبب هيءُ آهي ته فيودورووچ، مون کان اِهڙا ڪاغذ به صحيح ڪرايا آهن، جن جي روشنيءَ ۾ هـُـو مون تي مقدمو ڪري سگهي ٿو. اِنهيءَ ڪري ئي مان خاموش ٿي ويو آهيان. تو منهنجي هيءَ شڪست ڏٺي آهي. هاڻي مان توکان پڇڻ گهران ٿو ته ائلشيا توکي تنهنجي آڱر جي باعث گهڻي ته تڪليف نه پهچائي آهي؟ مان اِيئن نه ٿي چاهيو ته پنهنجي گهر ۾، اُن بابت اوهان کان ڪجهه پڇان.“
جيڪو گذريو آهي، اوهان اُن کي ڏسو ٿا، هو وڏي جوش ۾ هو. هـُـو تنهنجو انتقام، مون کان، ڪرامازوف سمجهي وٺي رهيو هو. مان هاڻي اِيئن سمجهان ٿو. پر جيڪڏهن تون ڏسين ته ڪيئن هـُـو پنهنجي اسڪول جي ڇوڪرن تي پٿر اُڇلائي رهيو هو، اِهو نهايت خطرناڪ هو. هو شايد کيس ماري وجهن ها. هـُـو ٻار آهن ۽ بيوقوف! هڪ ڦٽي ڪيل پٿر، ڪنهن جو مٿو ڦاڙي ٿي سگهيو.“
”هان، اِهو ئي اڄ ٿي گذريو آهي. هڪ پٿر کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي. اُهو کيس مٿي ۾ نه لڳو آهي، پر دل کان ٿورو مٿڀرو سيني ۾. هـُـو گهر ۾ دانهون ڪندو ۽ ڪنجهندو آيو ۽ هاڻي بيمار آهي.“
”توکي ڄاڻڻ کپي ته هن ئي پهريائين حملو ڪيو هو. تنهنجي احوال موجب کيس سخت تڪليف پهتي آهي. اسڪول جي ڇوڪرن مون کي ٻڌايو هو ته هن ڪراسٽوڪن نالي ڇوڪري کي قلم گهڙڻ وارو چاڪو هنيو هو.“
”مان اِهو به ٻڌو آهي. اِها ڳالهه خطرناڪ آهي. ڪراسٽوڪن هتي آفيسر آهي ۽ اسان کي، اُن جي لاءِ به ڪجهه ڏسڻو پوندو.“
”مان توکي صلاح ڏيندس، اليوشا گرم جوشيءَ مان چيو ”ته جيستائين سندس جوش ڍرو ٿئي، اسڪول ۾ کيس نه موڪل.... جڏهن سندس غصو لهي وڃي ته پوءِ ڀلي.“
”ڪاوڙ!“ ڪئپٽن ورائي چيو، ”اُها اِيئن ئي رهندي، جيئن اَٿس. جيتوڻيڪ هـُـو ننڍو ٻار آهي، پر سندس غصو وڏي جوش وارو آهي. سائين توکي اِها خبر نه آهي. مان توکي اَڃا ڪجهه وڌيڪ ٻڌائيندس. هـُـن واقعي کان پوءِ، ٻار کيس ٻـُـچي ٻـُـچي چئي چيڙائيندا رهيا آهن. اسڪول جا ڇوڪرا، هڪ بي رحم قوم آهن. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انفرادي طرح فرشتا آهن، پر جڏهن اسڪول ۾ گڏجن ٿا، اُهي اَڪثر بي رحم بڻجي وڃن ٿا. اُنهن جي چيڙائڻ، ائلشيا جي بهادر روح کي تحرڪ ۾ آندو آهي. هڪ رواجي ڇوڪرو ۽ ڪمزور پٽ ته تابعدار بڻجي وڃي ها ۽ پنهنجي پيءُ جي ڪري شرمندو بڻجي وڃي ها پر هـُـو پنهنجي پيءُ جي بچاءَ ۾، سڀ جو مخالف ٿي بيٺو. ڇاڪاڻ ته جڏهن هن تنهنجي ڀاءُ جي هٿ کي چمي ڏئي چيو هو ته، ”منهنجي پيءُ کي معاف ڪر، هن کي معاف ڪر“. تڏهن هن گهڻو سـَـٺو هو. اِهو ته خدا ڄاڻي اسان جا ٻار - اوهان جا ٻار نه پر اسان جا ٻار، يعني غريب ماڻهن جا ٻار. اُنهن کي هر ڪو نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي. ڇو نه نون ورهين جو ٻار هجي سائين. پر انصاف جي تقاضا ڇا آهي؟ اُن کي شاهوڪار ڄاڻي به سگهندو؟ هـُـو پنهنجي حياتيءَ ۾، هڪ دفعو به اِنهن گهراين ۾ وڃي نه ٿا سگهن. پر اُن گهڙيءَ ۾ چؤنڪ وٽ، جڏهن هن سندس هٿ کي چميو هو، منهنجي ائلشيا اُهو سڀ ڪجهه پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو هو، جنهن کي انصاف چاهي ٿو. اِها صداقت، وٽس لنگهي آئي آهي، ۽ هن کي هميشه لاءِ پائمال ڪري ڇڏيو اَٿس.“ ڪئپٽن وري گرم ٿي جنوني انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو. هن پنهنجي سڄي مـُـٺ ڀيڪوڙي کٻي هٿ تي هنئين، ڄڻ هن ڏيکارڻ ٿي گهريو ته ڪهڙيءَ ريت صداقت ائلشيا کي پائمال ڪيو آهي.
”اُن ساڳي ڏينهن هـُـو بيمار ٿي پيو. کيس تپ ظاهر ٿي پيو ۽ سڄي رات وڦلندو رهيو. اُن سڄي ڏينهن ۾ هن مون سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو. پر مان ڏٺو ٿي، ته هـُـو مون کي دريءَ جي ڪنڊ مان جاچيندو ٿي رهيو، جيتوڻيڪ هـُـو دريءَ جي طرف ڦري ويو ۽ اِيئن ڍونگ ڪري رهيو هو، ڄڻ ته سبق پڙهي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ سندس دل پڙهڻ ۾ نه ٿي لڳي. ٻي ڏينهن مان ان غم کي وسارڻ لاءِ شراب پيتو. مان گنهگار ماڻهو ته آهيان، مون کي پوءِ ڪجهه به ياد نه رهيو. سندس ماءُ به روئڻ لڳي. هوءَ مون کي بيحد پياري آهي. خير، مان سمورن پيسن جو شراب پي، پنهنجو غم غلط ڪندو رَهيس. مون کي هن لاءِ طعنو نه ڏي سائين. رشيا ۾ جو ماڻهو شراب پيئندو آهي، اُن کي بهتر سمجهيو ويندو آهي. اسان وٽ جي بهترين ماڻهو آهن، اُهي وڏا شرابي آهن. مان سمهي پيس ۽ مون کي ائلشيا جي بابت ڪا به خبر نه رَهي. جيتوڻيڪ اسڪول ۾ ڇوڪرا کيس چيڙائيندا رهيا. ٻـُـچي ڏاڙهي. "تنهنجي پيءُ کي قهوه خاني ۾ ٻچي ڏاڙهيءَ کان وٺي ڇڪيو ۽ گهليو ويو هو ۽ تو ڊُڪي ۽ معافي لاءِ ٿي ليلايو؟
”ٽئين ڏينهن جڏهن هـُـو اسڪول کان آيو ته اداس ۽ غمگين ٿي ڏٺو. مان کانئس پڇيو ته ڇو ڀلا؟ هـُـن ڪو به جواب نه ڏنو. خير اسان جي گهر ۾ ڪو به ڳالهائڻ نه هوندو آهي پر جڏهن منهنجي زال ڳالهائيندي آهي، ته اُن ۾ ڇوڪريون به حصو وٺنديون آهن. جو ڪجهه گذري چـُـڪو هو، اُن کي اُنهيءَ ئي ڏينهن منهنجون نينگريون ٻـُـڌي چـُــڪيون هيون. وارن واري غصي مان بڙ بڙ ڪرڻ لڳي ته، ” اوهان بيوقوفن ۽ مسخرن، ڪڏهن ڪو ڪم عقلمنديءَ سان به ڪيو آهي؟ “ مان کيس جواب ڏنو ته تون صحيح ٿي چوين. اسان ڪڏهن ڪو ڪم عقلمندي سان ڪري به سگهون ٿا؟ ڪجهه وقت لاءِ مون کيس اِهڙيءَ ريت ٽاري ڇڏيو. شام جو مان ٻار کي وٺي گهمڻ لاءِ نڪتس. هر شام جو اسان گهمڻ لاءِ نڪرندا آهيون. هن ساڳي رستي تي، جتي هاڻي اَسان هلي رهيا آهيون. پنهنجي گهر جي دروازي کان وٺي، هن پٿر تائين، جتي ڪاٺيءَ جو جهنگلو لڳل آهي ۽ جتان شهر جو چراگاهه شروع ٿئي ٿو. هيءُ نهايت شاندار ۽ سـُـڪون وارو حصو آهي. ائلشيا ۽ مان دستور موجب هٿ ۾ هٿ ڏئي، گهمندا رهياسين. هن جا ننڍڙا هـَـٿَ آهن ۽ سندس آڱريون سنهيون ۽ ٿڌيون هيون. تون ڄاڻين ٿو ته هـُـن کي سيني ۾ سور هو. هـُـن مون کي چيو، ”بابا، بابا“. مان کيس چيو ته خير ته آهي؟ مان ڏٺو ته سندس اکيون چمڪي رهيون هيون ۽ هن وري چيو ته ”بابا، هـُـو توهان سان ڪيڏو نه بـُـرو هليو آهي!“ مان کيس چيو ته ائلشيا، ان لاءِ ڪجهه به ڪـَـري نه ٿو سگهجي.
”بابا، هن کي معاف نه ڪج. هن کي معاف نه ڪج! اسڪول ۾ هـُـو چون ٿا، ته هـُـن بيعزتيءَ جي لاءِ اوهان کي ڏهه روبل ڏنا ويا آهن.“ مان کيس چيو ته نه ائلشيا، مان هن کان عيوض ۾ ڪجهه به نه وٺندس. هـُـو اُن وقت ڏڪڻ لڳو ۽ منهنجي هٿ کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ وٺي وري چـُـمڻ لڳو. ” بابا“ هن چيو ته، ”هن کي مقابلي جي دعوت ڏيو، اسڪول ۾ هـُـو چون ٿا ته تون بي همٿ آهين ۽ هن کي مقابلي جي دعوت نه ڏيندين ۽ تو، کانئس ڏهه روبل ورتا آهن. “ مان کيس چيو ته ائلشيا، مان هن کي مقابلي جي دعوت نه ٿو ڏئي سگهان. اُن کان پوءِ مون کيس اُهو سڀ ڪجهه سمجهايو، جو هاڻي توکي ٻڌايو اٿم. هن ڌيان ڏئي ٻڌو ۽ چوڻ لڳو ته نه ڇا به هجي پر هن کي معاف نه ڪجو. مان جڏهن وڏو ٿيندس ته کيس مقابلي جي دعوت ڏيندس ۽ اُن کي ماري ڇڏيندس. ”هن جون اکيون غصي ۾ لال ٿي ويون. جيئن ته مان سندس پيءُ آهيان، مان کيس ٿورا لفظ چوڻ مناسب سمجهيا. ڪنهن کي مارڻ گناهه آهي، پوءِ ڇو نه دوبدو مقابلو هجي. “ بابا ”هن چيو “ مان جڏهن وڏو ٿيندس ته هن کي زمين تي ڪيرائيندس ۽ سندس هٿن مان ترار کسي وٺندس. مان هن جي مٿان چڙهي ويهندس ۽ پنهنجي تلوار مٿانئس رکي چوندو مانس ته مان توکي قتل ڪري سگهان ٿو، پر توکي معاف ڪريان ٿو! ان مان توکي خبر پوندي ته اُنهن ٻن ڏينهن ۾، هن ننڍڙي ٻار جي دل تي ڇاڇا نه پئي گذريو آهي. هـُـو سڄو ڏينهن انتقام بابت سوچيندو ٿي رَهيو ۽ رات جو اُن جا خواب ٿي ڏسندو رهيو.
پر هـُـو اسڪول مان وڏي مار کائي آيو آهي. اِها مون کي ڪالهه خبر پئي آهي ۽ اوهان صحيح آهيو. مان کيس اِنهيءَ اسڪول ۾ وڌيڪ وقت لاءِ نه موڪليندس. مان اِهو به ٻـُـڌو آهي ته هـُـو سڀني ڇوڪرن جي مقابلي ۾ اڪيلو هو ۽ سندس دِل، پوري طاقت سان سندن مقابلي لاءِ راضي هئي. منهنجي دل خوف سان ڀرجي وئي آهي. اَسان اڳتي گهمندا وياسون. هـُـن مون کان پڇيو ته ”بابا، ڇا دولتمند ماڻهو، زمين تي سڀ کان طاقتور ٿين ٿا؟“ مان کيس چيو ته هائو ائلشيا، زمين تي دولتمند ماڻهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به طاقتور ٿي نه ٿو سگهي. هن چيو ”بابا مان شاهوڪار ٿيندس. آفيسر بڻجي ويندس ۽ سڀني تي سوڀ حاصل ڪندس. زار مون کي انعام ڏيندو ۽ اُن کان پوءِ ڪنهن کي به طاقت نه ٿيندي....“ هـُـو اوچتو چپ ٿي ويو ۽ سندس چـَـپ ڏڪڻ لڳا. هن وري چيو ”بابا هي ڪيڏو نه خطرناڪ شهر آهي.“ مان چيومانس، هائو پٽ! هيءُ ڪو چڱو شهر نه آهي. ”تڏهن ته بابا اسان کي لڏي، ڪنهن چڱي شهر ۾ وڃڻ کپي.“ هن چيو: ”جيئن اسان کي اُتي ڪو به نه سڃاڻي.“ هائو اسان هتان لڏينداسون، مان چيومانس پر اُن لاءِ ڪجهه پيسو بچائي وٺان. مان خوش هوس، جو سندس، دل کي غمگين خيالن مان ڦيرائي ورتم. اُن کان پوءِ اسان خواب لهڻ لڳاسون ته ڪهڙيءَ ريت ٻي شهر ڏي لڏي هلنداسون ۽ اُن جي لاءِ ڪيئن اسان هڪ ٽانگو خريد ڪنداسون. مان کيس ٻڌايو ته تنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي ٽانگي ۾ اندر ويهارينداسون ۽ اسان ٻئي پنڌ ڪندا هلنداسون. ڪڏهن ڪڏهن توکي به اُنهن سان گڏ ويهاري ڇڏيندس پر مان پنڌ ڪندو ئي هلندس. ڇاڪاڻ ته اَسان کي گهوڙي جي خبرداري ڪرڻي پوندي. سڀئي ته اُن تي سواري نه ڪري سگهنداسون. اِهڙيءَ ريت اسان کي هلڻو پوندو. هن گفتگوءَ کان هـُـو بيحد مسرور ٿي ويو. خاص ڪري هـُـو گهوڙي ۽ اُن جي سواريءَ جي خيال کان خوش ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته هڪ روسي ٻار هميشھ گهوڙن جي وچ ۾ پيدا ٿئي ٿو. اسان ڪيترو وقت پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهياسين. مان خدا جو شڪر ڪيو جو سندس دل جي حالت کي ڦيرائي ورتو هيم ۽ کيس آرام ميسر ڪري ڏنم.
هيءَ ڪالهه جي شام جي ڳالهه هئي. پر گذريل رات سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو. هـُـو صبح سان اسڪول ويو هو. جڏهن موٽي آيو ته بيحد ملول هو ۽ خوفناڪ طريقي سان ملول هو. شام جو مان هن کي هٿ کان ورتو ۽ گهمڻ وياسون. هـُـو گهمي نه ٿي سگهيو. هوا زور سان لڳي رهي هئي ۽ سج ظاهر نه هو. اِيئن معلوم پئي ٿيو ته ڄڻ خزان جي موسم آهي. شفق آسمان تي چڙهندي ٿي آئي. اسان گهمندا رهياسون، پر ٻئي ملول هئاسون. مان کيس چيو ته، پٽ، اسان کي پنهنجي سفر لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو پوندو؟ مان خيال ڪيو ته اِيئن ڪرڻ سان، مان کيس ڪالهوڪي گفتگوءَ ڏي موڙي سگهندس. هن ڪو به جواب نه ڏنو پر محسوس ڪيم ته سندس آڱريون منهنجي هٿ ۾ ڏڪي رهيون آهن. مان خيال ڪيو ته، هيءُ ڪو ڏکيو معاملو آهي ۽ ڪا نئين ڳالهه آهي. اَسان هن پٿر تائين پهچي وياسون، جتي هاڻي آهيون. فضا ۾ ڪيئي لغڙ، اُڏامي ۽ چڪر هڻي رهيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه ته نظر ۾ ٿي آيا. بيشڪ اِها لغڙن اُڏائڻ جي موسم آهي. مان کيس چيو ته ائلشيا هيڏي نهار. وقت آيو آهي ته اسان پنهنجي گذريل سال واري لغڙ کي ٻاهر ڪڍون. مان اُن کي ڦاٽل جاءِ وٽان ڳنڍيندس، پر تو، اُن کي ڪٿي رکيو آهي؟ منهنجي ڇوڪري ڪو به جواب نه ڏنو. هـُـن ٻي طرف نهاريو ۽ مون کي پاسيرو ڏسڻ لڳو. اوچتو هوا جي سخت جهٽڪي واريءَ کي مٿي اُڇلايو. هـُـو اوچتو منهنجي مٿان ڪـِـري پيو ۽ پنهنجون ٻئي ننڍڙيون ٻانهون، منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري وڌائين ۽ مضبوطيءَ سان جهليائين. توکي معلوم آهي ته جڏهن ٻار خاموش هوندا آهن ۽ فخر ۾ ڀرجي ويندا آهن ته هـُـو پنهنجي ڳوڙهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تڏهن هـُـو ڏاڍي تڪليف ۾ هوندا آهن. اوچتو هـُـو جهڄي پوندا آهن ۽ سندن اکين مان ڳوڙهن جا نارَ وهي هلندا آهن. هن پنهنجي ڳوڙهن جي گرم ڌارن سان منهنجي چهري کي آلو ڪري ڇڏيو. هـُـو روئڻ ۽ ڏڪڻ لڳو، ڄڻ ته ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ هو. مان جيئن پٿر تي ويٺو هوس، هـُـو مون کي چنبڙي پيو. هن روئندي چيو ته، ”منهنجا پيارا بابا، هـُـن ڪيڏي نه تنهنجي بي عزتي ڪئي آهي!“ مان به سڏڪا ڀري روئڻ لڳس. اسان ٻئي هڪ ٻي جي ٻانهن ۾ ڏڪندا ۽ روئندا رهياسون. مان کيس چيو ته ائلشيا، عزيز ائلشيا، ڪنهن به اسان ڏي نه نهاريو پر خدا ته سڀ ڪجهه ڏٺو ٿي. مون کي اُميد آهي ته هـُـو مون کي اُن جو اُجورو ڏيندو. اليڪسي فيودورووچ تون پنهنجي ڀاءُ جو شڪريو اَدا ڪر، مان تنهنجي راضپي لاءِ پنهنجي ٻار کي ڪڏهن به نه ماريندس.“
هـُـو پنهنجي احمقاڻي ۽ ناراضپي ڀريل گفتگوءَ طرف موٽي پيو هو. اليوشا سمجهي ورتو هو، ته هن جو مٿس اعتبار آهي. جيڪڏهن سندس جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها، ته هـُـو ڪڏهن به ايترو کـُـلي نه ڳالهائي ها، نه وري کيس اُهي ڳالهيون ٻڌائي ها، جي هاڻي ٻڌايون هئائين. هن حالت اليوشا کي همٿ ڏياري، جنهن جي دل ڳوڙهن ڳاڙڻ جي حد تائين ڏڪي رَهي هئي.
”آهه، ڪيترو نه مان تنهنجي ڇوڪري سان دوستي رکڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن تون اُن لاءِ ڪجهه ڪري سگهين-
”يقيناً سائين“، ڪئپٽن چيو.
”هاڻي ڪجهه ٻي قسم جي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻڌ.“ اليوشا ڳالهائيندو رهيو. ”مون کي تنهنجي لاءِ هڪ پيغام آهي. اِنهيءَ ساڳي منهنجي ڀاءُ دمتري، پنهنجي مڱينديءَ جي به بي عزتي ڪئي آهي، جا نهايت شاندار قسم جي ڇوڪري آهي. تو شايد هن لاءِ ٻـُـڌو به هجي. مان توکي سنئون سڌو ٻڌائڻ گهران ٿو، ته هن ڪهڙي غلطي ڪئي آهي؟ مون کي اِيئن ڪرڻو پوي ٿو. حقيقت ۾ هن کي جڏهن تنهنجي بي عزتي جي خبر پئي ۽ کيس تنهنجي بدقسمتي واري حالت معلوم ٿي، تڏهن هن مون کي پنهنجو هڪدم عيوضي مقرر ڪيو. بلڪل هاڻي، ته مان تنهنجي مدد ڪريان، فقط هن جي طرف کان نه دمتري کان، جنهن هـُـن کي ڇڏي ڏنو آهي. نه مان سندس ڀاءُ کان مدد گهري آهي نه ڪنهن ٻئي کان، فقط هـُـن کان. هن عرض ڪيو آهي، ته هيءُ مدد کانئس قبول ڪر.... توهان ٻنهي جي هڪ ئي ماڻهو وٽان بي عزتي ٿي آهي. هـُـن، هيءُ خيال اُن وقت ڪيو، جڏهن هـُـن، سندس ساڳي قسم جي بي عزتي ڪئي. ساڳي ظالماڻي حرڪت! هوءَ هڪ ڀيڻ جي حيثيت ۾، پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي آهي... هن مون کي چيو آهي ته مان اوهان تي زور آڻيان ته هيءُ ٻه سؤ روبل اوهان اُن ڀيڻ جي طرفان قبول ڪريو، ڇاڪاڻ ته اوهان گهرجائو آهيو. ڪنهن کي به هيءَ خبر نه پوندي ۽ اوهان کي ناانصافي واري کنيل واقعي کان به تسلي ملي ويندي. هيءُ آهن ٻهَ سؤ روبل ۽ قسم ٿو کڻان ته هنن کي قبول ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته دنيا دشمنن سان ڀريل هجي! پر هن زمين تي ڪي ڀائر به آهن... تنهنجي نيڪ دل آهي ۽ توکي اِهو ڏسڻ گهرجي.“ اليوشا انڊلٺ جهڙي رنگ جا ٻه نوان ٻن سـَـون جا نوٽ پنهنجي هٿ ۾ ورتا.
هـُـو ٻئي اُن وقت لوڙهي جي ڀرسان پٿر وٽ بيٺا هئا ۽ ٻيو ڪو به ماڻهو ڪو نه هو. نظر اِيئن پئي آيو، ته نوٽن ڪئپٽن تي گـَـهـِـرو اثر وڌو آهي. هن ڇـِـرڪ ڀريو ۽ اِهو سندس پهريون ۽ حيرت وارو هو. سندن گفتگوءَ مان جيڪڏهن ڪو نتيجو نڪري پئي سگهيو، ته اِهو هو ته هـُـو ان کي قبول ڪري. اِهڙي خواب ڏسڻ کان شايد، ڪوئي به پاڻ کي روڪي نه سگهي، سو به ايتري رقم!
هن نوٽن کي ورتو، هڪ منٽ لاءِ هـُـو ڪنهن جواب ڏيڻ جهڙو ئي نه رَهيو. سندس چهري تي حيراني پکڙجي وئي.

”هيءُ منهنجي لاءِ آهن؟ ايتري رقم - ٻهَ سـَـؤ روبل! خدايا مان پنهنجي آخري چئن سالن ۾ ايترو پيسو ڪڏهن نه ڏٺو آهي. اسان تي رحم ڪر! هوءَ اِيئن به چوي ٿي، ته هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي. ڇا اِهو سچ به ٿي سگهي ٿو؟“
”مان قسم سان چوان ٿو ته مان توکي جو ڪجهه به چيو آهي، سو سڀ سچ آهي.“ اليوشا زور سان چيو. ڪئپٽن جي منهن جو رنگ سرخ ٿي ويو.
”ڌيان ڏئي ٻـُـڌ، منهنجا پيارا ڌيان ڏئي ٻـُـڌ! جيڪڏهن مان اِهڙيءَ ريت توکان پيسا وٺان ته مان بدمعاش ته نه سڏيو ويندس؟ اليڪسي فيودورووچ! تنهنجي نگاهن ۾ بدمعاش ته نظر نه ايندس.“ هـُـو تڪڙو چوندو ويو ۽ اليوشا کي ٻنهي هٿن سان ڇهڻ لڳو. ”تون ظاهر ۾ مون کي هيئن چوين، ته هي پيسا مون ڏي منهنجي ڀيڻ موڪليا آهن، مون تي وٺڻ لاءِ زور ٿو ڀرين، پر هنن پيسن کي قبولڻ سان تنهنجي اندر ۾ منهنجي لاءِ نفرت ته پيدا نه ٿيندي؟“
”نه، نه، مان هن جي لاءِ قسم ٿو کڻان. هن جي لاءِ ڪنهن کي به خبر نه پوندي. فقط مون کي، توکي، هن کي ۽ هڪ ٻي بيگم کي، جا سندس بهترين دوست آهي.“
”اُن بيگم جو ڪو به خيال نه اٿم، پر اليڪسي فيودورووچ ڌيان ڏئي ٻـُـڌ! هن عجب جهڙي گهڙيءَ ۾ ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ! ڇاڪاڻ ته تون هيءَ ڳالهه سمجهي ئي نه ٿو سگهين، ته هيءُ ٻه سـَـؤ روبل منهنجي لاءِ هن وقت ڇا آهن؟“ بدقسمت انسان جي پريشاني گهڙي گهڙي وڌندي ٿي وئي ۽ جا وحشياڻي خوشي بڻجي وئي هئي. هـُـو پنهنجو توازن وڃائي چـُـڪو هو ۽ نهايت جوش مان ڳالهائي رَهيو هو. ڄڻ ته هن کي خوف پئي ٿيو، ته هن کي جو ڪجهه چوڻو آهي، اُن جي کيس اِجازت نه ڏني ويندي.
”هن کانسواءِ، جيڪڏهن ايمانداريءَ سان، هنن پيسن کي، ”ڀيڻ“ کان قبول ڪيو وڃي، جا نهايت عزت ۽ احترام واري آهي، توکي خبر آهي ته مان هاڻي پنهنجي گهر واري، نينا ۽ فرشتي جهڙي ڪـُـٻي نياڻيءَ جي چڱيءَ ريت خبر گيري ڪري سگهندس. ڊاڪٽر هرزينسٽيوب مهرباني ڪري مون وٽ آيو ۽ ٻنهي کي ڪلاڪ کن تپاسيندو رَهيو. ”مان هنن ۾ ڪا به اصلاح آڻي نه ٿو سگهان“. هن چيو، پر ... ڪي دوائون لکي ڏيئي وڃان ٿو، جي هتي دوا فروش وٽ رکيل آهن.“ هن ٻڌايو ته اِهي وڏي فائدي واريون آهن. هـُـن ڪن دوائن سان غسل ڪرڻ لاءِ به چيو آهي. اِنهن دوائن مان هڪ شيشي ٽيهن ڪاپيڪس ۾ ملي ٿي، اِهڙيون چاليهه شيشون کپنديون. مان هن کان اِهو نسخو ورتو آهي جيڪو حضرت مسيح جي تصوير هيٺان ڪٻٽ ۾ رکيو اٿم. هن نينا جي لاءِ گرم پاڻيءَ سان غسل ڪرڻ لاءِ چيو آهي، جن ۾ ڪي دوائون ملايون وينديون ۽ اِهو غسل صبح ۽ شام ٿيندو رهندو. پر مان هيءُ علاج گهر ۾ نوڪرن جي مدد کانسواءِ، ۽ غسل پاڻي جي بغير ڪيئن عمل ۾ آڻي سگهندس؟ نينا مڪمل طرح اڌ رنگي آهي. شايد مان توکي اِها ڳالهه اڳ ۾ نه ٻڌائي آهي. هن جي سڄي پاسي ۾ رات جو سور پيدا ٿئي ٿو. اُن عذاب ۾، جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين، هوءَ اسان کي جاڳائڻ کانسواءِ، فرشته سيرت سمورو وقت ڪنجهندي گذاريندي آهي. اسان کي جو ڪجهه به ملندو آهي کائيندا آهيون، پر هن کي اوبر نصيب ۾ هوندي آهي، جا شايد ڪتو به نه کائي. اُن فرشتي جون اکيون، هن ٻڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪنديون آهن ته ”مان هن جي لاءِ، جو ڪجهه به اوهان کان ملي ٿو، اُن جي به لائق نه آهيان. اسان سندس خدمت لاءِ تيار هوندا آهيون، پر هوءَ، هيءُ پسند نه ڪندي آهي. ”مان هڪ فالج زده ۽ بيڪار آهيان ۽ ڪنهن جي به ڪم جي نه آهيان.“ ڄڻ ته هوءَ اُن اوبر جي به لائق نه آهي. هوڏانهن هـُـو فرشته خصلت ڪيترو نه اَسان کي بچائي ڏئي ٿي. سچ ته اُن کانسواءِ، اُن جي پيار ڀريل لفظن کان سواءِ، هيءُ گهر جيڪر دوزخ نظر اَچي. هوءَ وار ويرا کي به نرم بڻائي ٿي. وارويراکي چڱيءَ طرح سان ڏس، هوءَ پڻ فرشته آهي. هن گهڻي ئي سختيون سٺيون آهن. هوءَ اونهاري ۾ اَسان وٽ آئي هئي، وٽس سورنهن روبل هئا، جي هـُـن اُتان ڪنهن کي سبق ڏئي ڪمايا هئا. هـُـن بچت مان سندس اِرادو هو ته سيپٽمبر ۾ پيٽرسبرگ موٽي وڃي. پر اسان سندس ميڙي چونڊي کڻي ورتي ۽ اُن تي گذران ڪريون ٿا. هاڻي وٽس ڪجهه به نه آهي، جو موٽي وڃي. سچ پچ ته هوءَ پوئتي وڃي به نه ٿي سگهي. ڇو ته هـُـن کي اسان جو ڪم ڪار هڪ غلام وانگر ڪرڻو پوي ٿو. هوءَ اُن گهوڙيءَ وانگر آهي، جنهن تي سندس طاقت کان وڌيڪ بار رکيو ويو هجي. هوءَ اسان سڀني کي پنهنجي پٺيءَ تي کنيو ٿي وتي. هوءَ اسان جي خدمت ٿي ڪري. ڪپڙن کي سبي ٿي ۽ ڌوئي ٿي. فرش کي صفا ڪري ٿي ۽ ماءُ کي هنڌ ۾ سمهاري ٿي. سندس ماءُ بهانه گير، هميشھ روئندڙ ۽ ديواني آهي! هاڻي مان اِنهن پيسن مان ڪا خادمه رکي سگهندس. اليڪسي فيودورووچ، تون سمجهي سگهين ٿو، ته مان اِنهن پيسن مان پنهنجي پيارن لاءِ دوائون خريد ڪري سگهندس ۽ مان پنهنجي شاگردياڻي کي پيٽرسبرگ موڪلي سگهندس. مان گوشت خريد ڪندس ۽ هنن کي پوري غذا ڏئي سگهندس. پر خدايا، هي سڄو خراب آهي!“
اليوشا خوش هو، ته هن کيس اِها خوشي مهيا ڪري ڏني آهي ۽ بدقسمت انسان پاڻ کي خوش رکڻ قبول ڪيو آهي.
”ترس اليڪسي فيودورووچ ترس!“ ڪئپٽن ديوانگيءَ واري انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو. ڄڻ ته هـُـو ڪنهن نئين ڏينهن جي خواب ڏي گهلجي ويو آهي. تون سمجهي سگهين ٿو ائلشيا ۽ مان پنهنجي خواب جي تعبير کي چڱيءَ ريت ڏسي سگهنداسون. اسان هڪ ٽانگو خريد ڪنداسون. بگيءَ لاءِ هڪ ڪاري رنگ جو گهوڙو ڳنهنداسين، ڇاڪاڻ ته هن جو زور آهي ته ڪارو گهوڙو هجي. جيئن اسان خيال ڪيو آهي. ٻي ڏينهن، هتان روانا ٿي وينداسين. ڪي - پرڳڻي ۾ منهنجو هڪ پراڻو وڪيل دوست آهي. مان هڪ اعتبار جهڙي ماڻهو کان ٻـُـڌو آهي، ته جيڪڏهن مان وٽس ويندس ته هـُـو مون کي منشيءَ جي جاءِ ڏيندو. ڪنهن کي خبر آهي ته هـُـو اِيئن ڪري به. مان پنهنجي گهر واري ۽ نينا کي گاڏيءَ ۾ ويهاريندس. ائلشيا ٽانگو هلائيندو ۽ مان پنڌ ڪندس.... جيڪڏهن مان قرض وٺي سگهان ٿو، ته مون کي ٻيو به ملي سگهندو.
”ڪافي آهي. ڪافي آهي.“ اليوشا واڪو ڪري چيو. ڪيٽرينا ايونونا، تنهنجي ضرورت آهر، توکي وڌيڪ ڏئي سگهجي ٿو، توکي اِها به خبر هجي ته مون وٽ به پيسو آهي. توکي جو به گهرجي، هڪ ڀاءُ ۽ دوست جي حيثيت ۾ وٺي سگهين ٿو ۽ جڏهن تون چاهين پوءِ موٽائي سگهين ٿو... (تون شاهوڪار ٿي ويندين، شاهوڪار ٿي ويندين). تون ڄاڻين ٿو، ته ٻئي ڪنهن پاسي وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به عمدو خيال ٿي نه ٿو سگهي. اِنهيءَ ۾ تنهنجي گهڻي سلامتي آهي، خاص طرح تنهنجي ڇوڪري جي. توکي تڪڙو وڃڻ کپي. سياري جي ٿڌ کان اڳ ۾، جڏهن تـُـون اتي پهچين ته اسان ڏي لکجانءِ. اَسان هميشھ ڀائرن وانگر ٿي رهنداسون... نه نه، هيءُ خواب آهي!“
اليوشا هن کي ڳراٽڙي پائڻ ٿي گهري، پر جڏهن هـُـن کيس ڏٺو، ته ٿورو وقت ترسيو. هو ماڻهو اِهڙي ريت بيٺو هو، جو سندس ڳچي اڳتي وڌيل هئي، سندس چپ ڏڪيا ٿي ۽ سندس پيلي چهري ۾ پريشانيءَ جون نشانيون ظاهر ٿي ڏٺيون. سندس چپ اِهڙي ريت چـُـر پـُـر ۾ ٿي ڏٺا، ڄڻ ته هن ڪجهه چوڻ ٿي گهريو پر لفظ سندس نڙيءَ ۾ اَٽڪي پيا آهن. ڪو به آواز نه آيو، پر اَڃا به سندس چپ چـُـريا ٿي. نظارو ڏاڍو ڏکائيندڙ هو.
”ڇا آهي؟“ اليوشا ڇرڪ ڀـَـري کانئس پڇيو.
”اليڪسي فيودورووچ.... مان.... تون“ ڪئپٽن ڀڻڪيو ۽ ان ڏانهن پرسوز، وحشي ۽ عجب ۾ وجهندڙ نگاهه سان ڏٺو، جنهن مان سندس نراسائي ٿي بکي. ساڳي وقت سندس چپن تي زهريلي، کـِـل نظر آئي. ”مان .... تون سائين.... ڇا توهان پسند ڪندا ته مون کي جا هڪ اٽڪل بازي اَچي ٿي، مان اوهان کي اُها ڏيکاريان.“ هن اوچتو، تڪڙي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. سندس آواز هاڻي جهـَـڪو نه هو.
”ڪهڙي اٽڪل؟“
”نهايت وڻندڙ اٽڪل“. ڪئپٽن رازداريءَ سان چيو. سندس وات کٻي پاسي کان ڀيڪوڙيل هو ۽ سندس کٻي اک بند هئي. هن اَڃا به اليوشا کي عجب مان ٿي ڏٺو.
”ڇا آهي؟ ڪهڙي اَٽڪل؟“ اليوشا جو هاڻي تڪيلف ۾ هو، اُن واڪو ڪري چيو.
ڪئپٽن اوچتو بگڙجي ويو. هن کيس ٻه نوٽ ڏيکاريا، جي ڳالهائڻ جي وقت سندس آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي وچ ۾ هئا، اُنهن کي ڪاوڙ ۾ مروڙيو ۽ سڄي هٿ ۾ اُنهن کي مضبوطيءَ سان جهلي بيٺو.” تون ڏسين ٿو، تون هيءُ ڏسين ٿو؟“هن رڙ ڪري چيو. هـُـو جوش ۾ ڀرجي ويو ۽ سندس رنگ پيلو ٿي ويو. اوچتو هـُـن پنهنجو هٿ مٿي ڪيو ۽ مروڙيل نوٽن کي واريءَ تي ڦٽو ڪيو. هن نوٽن ڏي اشارو ڪندي چيو، ”هنن کي ڏسين ٿو، هيڏي نهار!“ هن غصي مان نوٽن کي پيرن هيٺ لتاڙيندي چيو:
”تنهنجي پيسن جي اِها ئي سزا آهي، تنهنجي پيسن جي اِها سزا آهي. تنهنجي پيسن جي اِها سزا آهي!“
اِيئن چوندي هـُـو پوئتي ڊوڙيو ۽ اليوشا کان پري هليو ويو. اُن وقت سندس چهري مان، بي پناهه غصو ٿي نظر آيو.
”جن توکي موڪليو آهي، اُنهن کي چئج ته ٻچي ڏاڙهي پنهنجي عزت نه وڪڻندو آهي.“
اُن کان پوءِ هـُـو ڦريو ۽ ڊوڙندو ويو، اَڃا ٿورو ڊوڙيو هو، ته هـُـو وري ڦريو ۽ اليوشا کي چمي ڏنائين. هـُـو ٻه چار قدم وڌيڪ ڊوڙي وري ڦريو. هن ڀيري سندس منهن مان ڪو به فخر يا خوشي ڪا نه ٿي ڏٺي. هـُـو ڏڪيو ٿي ۽ سندس ڳلن تي ڳوڙها هئا. هـُـن رئندڙ آواز ۾ واڪو ڪري چيو ته:
”جيڪڏهن مان پنهنجو شرم وڃائي به، توکان هي وٺان ته منهنجو ٻار مون کي ڇا چوندو؟“
تنهن کان پوءِ هـُـو ورائي ڏسڻ کان سواءِ ڊوڙندو ويو. اليوشا غم ۽ ڏک مان کيس پوئتان ڏسندو رَهيو. هن کي آخري گهڙيءَ تائين به اِها خبر نه هئي، ته هـُـو نوٽن کي مروڙيندو ۽ اِهڙيءَ ريت ڦٽو ڪري ڇڏيندو. هـُـو وري نه موٽيو. اليوشا سمجهيو، ته هـُـو وري موٽي نه ايندو. هن سندس پوئتان وڃڻ ۽ سڏ ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. جڏهن هـُـو سندس نظر کان غائب ٿي ويو، ته اليوشا نوٽن کي کنيو. اُهي سڀ مروڙجي ۽ خراب ٿي ويا هئا. مٿن واري اَچي وئي هئي. پر هـُـو ڦاٽا يا خراب نه ٿيا هئا ۽ اَڃا به نوان ٿي نظر آيا. اليوشا اُنهن جي گهنجن کي سڌو ڪري ۽ تهه ڪيو. پنهنجي کيسي ۾ اُنهن کي رکڻ کان پوءِ هـُـو ڪيٽرينا ايونونا، کي پنهنجي سونپيل ڪم جي ڪاميابيءَ جي خبر ڏيڻ لاءِ روانو ٿيو.

حصو پنجون؛ انڪار ۽ اقرار

باب پهريون؛ مڱڻو

بيگم هائلڪوف وري به پهرئين هئي، جا اليوشا سان ملي. هوءَ ويڳاڻي هئي. ڪا ضروري ڳالهه ٿي گذري هئي. ڪيٽرينا ايونونا جي جنون جي پڄاڻي، بيهوشي سان ٿي هئي. اُن کان پوءِ کيس خطرناڪ ڪمزوري پيدا ٿي چـُـڪي هئي. سندس اکيون ڦري ويون هيون ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ مبتلا هئي. کيس بخار چڙهي ويو هو. ڊاڪٽر هرزينسٽيوب ڏي ماڻهو موڪليو ويو هو، سندس پڦين کي گهرايو ويو هو، جي اُتي موجود هيون پر هرزينسٽيوب اَڃا نه آيو هو. سڀئي سندس ڪوٺيءَ ۾ انتظار ۾ هيون. هوءَ بيهوش هئي ۽ معلوم پئي ٿيو، ته بخار سندس دماغ تي چڙهي ويو آهي.
بيگم هائلڪوف سڀ کان وڌيڪ انتظار ۾ هئي. ” هيءُ خطرناڪ آهي، هيءُ خطرناڪ آهي.“ هن هر جملي جي پويان اِهي لفظ ٿي چيا. اليوشا ڏاڍي درد مان سندس گفتگوءَ کي ٿي ٻـُـڌو. هن پنهنجي حقيقت کي ٻڌائڻ شروع ٿي ڪيو، جو هوءَ سندس پهرين ئي لفظن ۾ ٽپي پئي. وٽس وقت ئي ڪو نه هو، جو سندس ڳالهه ڏي ڌيان ڏئي. هن کيس عرض ڪيو، ته هـُـو لـَـزي وٽ وڃي ويهي ۽ سندس اَچڻ جو انتظار ڪري.
”لزي“ جو لفظ کي هـُـن نهايت آهستي ۽ سندس ڪـَـن وٽ چيو. ”لزي ته هاڻي هاڻي مون کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اليڪسي فيودورووچ. هن مون کي متاثر ڪيو آهي ۽ مان کيس سڀ ڪجهه بخشي ڇڏيو آهي. مون کي هيءُ ڏسي حيرت ٿي، ته جيئن ئي تون هليو وئين، هوءَ جا توتي مزاحيه اَنداز ۾ ڪالهه ۽ اڄ کلي رهي هئي، بيحد پشيمان بڻجي وئي. جيتوڻيڪ هوءَ توتي کـِـلي نه ٿـَـي، پر سندس اِهو سڄو مذاق هو. مان ڏٺو ته هوءَ اُن تي سخت شرمندي هئي. هوءَ روئڻ لاءِ تيار ٿي ڏٺي. مان سچ پچ حيرت ۾ پئجي ويس. هوءَ مون تي به کلندي آهي، پر هوءَ ڪڏهن به اُن تي پيشمان نه ٿي آهي. ڇو ته اهو سندس مذاق هوندو آهي. هوءَ ته مون تي هر منٽ ۾ کلندي آهي. پر هن دفعي مستقل مزاج ٿي نظر آئي. هوءَ تنهنجي راءِ کي وڏي عزت ٿي ڏئي. جيڪڏهن تنهنجي دل کانئس ڏکي آهي يا توکي هن جي لاءِ ڪا شڪايت آهي، ته اُن کي پاڻ وٽ جاءِ نه ڏي. ڇاڪاڻ ته هوءَ سمجهو ننڍو ٻار آهي - جيڪڏهن تون اعتبار ڪري سگهين، ته هن مون کي هاڻي ٻڌايو آهي، ته تون سندس ننڍپڻ جو دوست آهين. سندس ننڍپڻ جو وڏي ۾ وڏو رفيق....! تون هن تي خيال ڪر. ”وڏي ۾ وڏو ۽ ” ها منهنجي بابت هن جو ڪهڙو خيال آهي؟ کيس منهنجي لاءِ وڏا جذبا ۽ يادگيريون آهن. ننڍپڻ جي زماني ۾، اسان جي باغ ۾ انناس جو هڪڙو وڻ هو. اُهو اَڃا تائين به آهي. اُن ڪري هن بابت زمان ماضيءَ ۾ ڳالهائڻ نه گهرجي. انناس جا وڻ ماڻهو نه آهن. اِهي جلدي تبديل نه ٿيندا آهن. هڪ ڏينهن هن مون کي چيو ته، ”اَمان مون کي ياد ٿو اَچي ته مان هن وڻ کي خواب ۾ ڏٺو هو.“ هن اُن بابت اِهڙيون ته اصليت واريون ڳالهيون ٻڌايون، جن کي مان دهرائي نه ٿي سگهان. ڪجهه مون کان وسري به ويو آهي. چڱو خداحافظ! مان ايتري ته پريشان آهيان، جو سمجهان ٿي ته منهنجي دل ويهجي ويندي. او، اليڪسي فيودورووچ، منهنجي مٿان اِهڙو اَثر سڄي حياتيءَ ۾ ٻه ڀيرا ٿيو آهي. لزي ڏي وڃ اُن کي پنهنجي هميشھ جي دستور موجب راحت پهچاءِ. ” هن دروازي وٽ وڃي ۽ اُن کي چيو ته، ”تون جنهن جي بي عزتي ڪندي آهين، اُن اليڪسي فيودورووچ کي تو وٽ وٺي آئي آهيان. مان توکي يقين ٿي ڏياريان، ته هـُـو توتي ڪاوڙيل نه آهي. پر اُن جي خلاف، هـُـو حيران ضرور آهي، ته تون اِيئن ڇو سمجهي ويٺي آهين.“
”اما تنهنجي مهرباني! اليڪسي فيودورووچ اندر اَچ.“
اليوشا اندر ويو. لـِـزي جي مٿان خود فراموشي ٿي نظر آئي ۽ سندس چهري جو رنگ هڪدم گلابي بڻجي ويو. کيس ڪجهه شرمساريءَ جو احساس به هو. اِهڙيءَ حالت ۾ جيئن اَڪثر ماڻهو ڪندا آهن، هن هڪدم ٻين شين تي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. ڄڻ ته اِهي شيون اُن وقت سندس دلچسپيءَ جو باعث هيون.
”اليڪسي فيودورووچ، منهنجي ماءُ بلڪل هاڻي ٻڌايو هو، ته تون ٻه سـَـؤ روبل اُن غريب آفيسر ڏي کڻي ويو آهين... اُن کان پوءِ مون کي هن خوفناڪ ڪهاڻي به ٻڌائي ته ڪيئن اُن کي بي عزتو ڪيو ويو هو.... توکي هيءَ به خبر آهي، ته منهنجي ماءُ، هر ڳالهه کي ڪٽي ڇڏيندي آهي ۽ هـُـو هڪ شيءِ کان ٻي شيءِ ڏي هلي ويندي آهي. مان جڏهن اِها ڳالهه ٻـُـڌي ته ڏاڍو ڏک ٿيو. خير تو، هن کي رقم پهچائي ڏني ۽ ٻـُـڌاءِ ته هـُـو غريب هاڻي ڪهڙي حالت ۾ آهي؟“
”حقيقت هيءَ آهي، ته مان اِها رقم، هـُـن کي ڏئي نه سگهيس. اِها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. ” اليوشا کيس جواب ڏنو. اِيئن پئي معلوم ٿيو، ته هـُـو به ڄڻ پاڻ اُن تي ڪو به خيال نه ٿو ڪري سگهي. پر کيس پنهنجي ناڪاميابي تي بيحد افسوس آهي. لـِـزي پوريءَ طرح ڏٺو ته اليوشا هن موضوع تي ڳالهائڻ نه ٿو گهري پر ڪـِـن ٻين ڳالهين تي ڳالهائڻ گهري ٿو.
اليوشا ميز جي سامهون ويهي رَهيو ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪيائين. پر هن پهرين ئي لفظن ۾ پنهنجي ناراضگيءَ کي ظاهر ڪيو ۽ لزيءَ جي سڄي ڌيان کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتائين. هن اُن مضبوط اَثر کان جو تازو مٿس پيو هو، نهايت گهرو ٿي ڳالهايو ۽ پنهنجي ڪهاڻيءَ کي چڱيءَ ريت ۽ تفصيل سان ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. گذريل زماني ۾ هــُـو ماسڪو ۾ لزيءَ وٽ وڃڻ جو عادي هو ۽ جو ڪجهه به گذرندو هو، اُن جي ڳالهه کيس اَچي ٻڌائيندو هو، جو ڪجهه پڙهندو هو يا ننڍپڻ جون کيس ٻيون ڳالهيون ياد اينديون هيون، اُهي به کيس ٻڌائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو ڏينهن ڪنهن خواب ۾ ٿي گذاريائين ۽ اُنهن مفصل داستانن کي، جي طبعيت کي پسند اَچن ۽ کل خوشي آڻين، هڪ ٻئي سان پئي ٿي اوريائون. اِنهن ڳالهين کي جن کي قريباً ٻه سال گذري ويا هئا، وري اُنهن کي تازي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائون. لـِـزيءَ تي سندس ڪهاڻي جو وڏو اَثر پيو. اليوشا، ائلشيا جي حقيقت کي پيار واري جذبي سان ٿي بيان ڪيو. جڏهن هـُـن کيس ٻڌايو ته ڪهڙي ريت اُن بدقسمت انسان نوٽن کي مروڙي ۽ ڦٽو ڪيو، تڏهن لـِـزي پاڻ کي روڪي نه سگهي. هوءَ پنهنجي هٿن کي مهٽڻ لڳي ۽ روئڻ لڳي.
”ها، تڏهن تو هن کي پيسا نه ڏنا؟ تو هن کي ڊوڙندي ڇڏي ڏنو؟ پيارا توکي سندس پويان ڊوڙڻ کپندو هو!“
”نه لزي، اِهو چڱو ڪيم، جو اُن جي پوئتان نه ڊوڙيس. ” اليوشا اِيئن چوندي ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو ۽ ڪنهن خيال کان ڪمري جي اندر، هڪ طرف کان ٻي طرف تائين گهمڻ لڳو.
”ڪيئن ڀلا؟ اِهو ڪيئن چڱو هو؟ وٽن ته کاڌو به نه هوندو ۽ سندن حالت نااُميديءَ جهڙي هوندي؟“
”نه، نااُميدي جهڙي نه چـَـؤ. اِهي ٻه سـَـؤ روبل اَڃا به اُنهن جا آهن. هـُـو سڀاڻي اهي پيسا قبول ڪندو. مون کي يقين آهي ته هـُـو سڀاڻي وٺندو. ” اليوشا ڳالهائيندي، ڪنهن خيال ۾، هيٺ مٿي قدم ٿي کنيو. ”لزي “ چوندي، هـُـو اوچتو وڃي سندس ڀرسان بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”مون کان هڪ غلطي ٿي آهي، پر اُن هوندي به اُها فائدي واري آهي.“
”اُها ڪهڙي غلطي آهي ۽ ڪيئن فائدي واري آهي؟“
”مان توکي ٻڌايان ٿو. هـُـو ڪمزور ۽ ڊڄڻي طبعيت جو ماڻهو آهي. هن گهڻو سـَـٺو آهي، ٻي صورت ۾ تمام چڱو ماڻهو آهي. مون کي تعجب ٿو ٿئي، ته اُن هيءُ اوچتو قدم ڇو کنيو، مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته پوئين گهڙيءَ به هيءُ ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو، ته هـُـو ڪو، نوٽن کي اِهڙيءَ ريت مروڙيندو. هاڻي مان خيال ڪريان ٿو، ته هـُـن کي اِيئن ڪرڻ لاءِ سبب هو... ٻيءَ حالت ۾ اِيئن ڪرڻ سندس درجي کي نٿو سونهي.. شروع ۾ هـُـو بيحد پريشان هو ۽ منهنجي سامهون هــُـو رقم کي ڏسي بيحد خوش ٿي ٿيو ۽ اُن خوشيءَ کي هـُـو مون کان لڪائي به نه سگهيو. پر هـُـو ڪنهن حد تائين ايترو خوش به نظر نه ٿي آيو. جيئن ٻيا ماڻهو پيسن وٺڻ وقت پنهنجي مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي بيان ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن، جيڪڏهن هيءُ به اِيئن ڪري ها ته هـُـو پيسا وٺي وجهي ها. پر هـُـن پوري سچائيءَ سان پنهنجي جذبات کي پڏايو هو ۽ نهايت خوش هو، جنهن مان سندس نفس ڪـُـشي ۽ رياضت ٿي نظر آئي. ها لزي، هـُـو نيڪ ۽ سچو ماڻهو آهي. اهي شيون ئي اسان جي ڪم لاءِ خراب آهن. سڄو وقت هـُـو ڳالهائيندو رهيو. سندس آواز ايڏو ته ڪمزور ۽ سست جهيڻو هو ۽ هن ايترو ته تڪڙو ٿي ڳالهايو ۽ ايترو کليو ٿي، ڄڻ اِيئن معلوم پئي ٿيو ته هـُـو روئي ٿو. هائو، مان يقين سان چوان ٿو ته هـُـو رُنو ٿي. هـُـو ايترو ته خوش هو ۽ پنهنجي نياڻين ۽ شهر جي مقامي حالتن تي ڳالهائيندو ٿي رهيو... هـُـو جڏهن پنهنجي دل جا سڀئي راز ٻـُـڌائي چـُـڪو، تڏهن کيس پنهنجي دل جي گهراين جي انڪشاف تي شرمندگي ٿي. اُن ڪري هن مون کي هڪدم نفرت سان ڏسڻ شروع ڪري ڏنو. هو حساس ۽ مفلس ماڻهن مان آهي. کيس گهڻي شرمندگي، هن تي ٿي هوندي، ته هن پنهنجي حقيقت جلد کولي ڏني ۽ مون کي دوست ڪري ورتو. شروع ۾ هـُـو مون تي ڪاوڙيو ۽ منهنجي بي عزتي ٿي ڪرڻ گهريائين پر جيئن ئي هن رقم کي ڏٺو، مون کي ڀاڪر پائڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ پنهنجي هٿن سان مون کي ڇهڻ لڳو. اِهي ئي ڳالهيون هيون، جن، کيس، سندس بي عزتيءَ جو احساس ڏياريو هوندو ۽ اِها ئي مون کان غلطي ٿي، جا نهايت اهم هئي. مان اوچتو کيس هيئن به چيو ته هـُـو جيڪڏهن، ڪنهن ٻي شهر ۾ وڃڻ گهري ٿو ۽ وٽس پيسو ڪو نه آهي، ته اَسان کيس مهيا ڪري ڏينداسون. مان پاڻ به کيس، جيترو هـُـو چاهي ٿو، پنهنجي پيسن مان ڏئي سگهندس. هن ڳالهه مٿس هڪدم اَثر ڪيو. هـُـن خيال ڪيو هوندو، ته ڇا مون کي هن جو محتاج ٿيڻ کپي. لزي، هيءُ خطرناڪ حد تائين ڏکيو آهي، جو جنهن ماڻهوءَ کي ايذايو ويو هجي، اُن کي ٻيا ماڻهو ڏيکارين، ته هـُـو سندس خير خواهه آهن... مان اِيئن ٻڌو به آهي. مربي زوسيما مون کي اِيئن ٻـُـڌايو آهي. مون کي خبر نه آهي ته مان اُن جي ڪيئن وضاحت ڪريان، پر اَڪثر مان اِيئن ڏٺو آهي ۽ مان به اِيئن ئي خيال ٿو ڪريان. سڀ کان وڌيڪ خراب ڳالهه اِها هئي ته هـُـن پڇاڙي جي گهڙيءَ تائين به هيءُ نه ٿي ڄاتو، ته هـُـو ڪو نوٽن کي مروڙي ۽ ڦٽو ڪندو. کيس آئنده پيش اچڻ وارن معاملن جو احساس پيدا ٿيو. مون کي اُن جي پـَـڪَ آهي، اِهو ئي سبب هو، جنهن کيس نٺر بڻائي ڇڏيو. ها! اِهو ئي آئنده پيش اَچڻ واري معاملي جو احساس. جيتوڻيڪ ڏاڍو خوفائتو آهي پر چڱو ٿيو. تحقيق مان اِيئن سمجهان ٿو، هن کان وڌيڪ ٻيو بهتر ٿي نه سگهي ٿا.“
”ڇو، ڇو، هن کان وڌيڪ ڇو ٻيو بهتر ٿي نه سگهي ها. ” لـِـزي رڙ ڪري چيو ۽ عجب مان اليوشا ڏي نهاريو.
”ڇاڪاڻ ته هـُـو جيڪڏهن پيسا کڻي وڃي ها ته گهر ۾ پهچڻ کان ڪلاڪ پوءِ پنهنجي ذِلت ۽ خواريءَ تي روئي ها ۽ اِها ئي ڳالهه ٿئي ها. اِيئن به ٿي پئي سگهيو، ته هـُـو صبح جو سوير مون وٽ اَچي ها ۽ نوٽن کي مروڙي، اِيئن ڦٽو ڪري ها، جيئن هاڻي ڪيو اَٿائين. پر هاڻي هـُـو پوري فخر سان گهر ويو آهي ۽ ڏاڍو خوش هوندو. جيتوڻيڪ هـُـو اِهو به خيال ڪندو هوندو ته اِيئن ڪرڻ سان هن خود کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سڀاڻي کيس اِنهن نوٽن کي ڏيڻ نهايت آسان لڳندو. ڇاڪاڻ ته هن اڳئي پنهنجي عزت جو انتقام ورتو آهي، نوٽن کي ڦٽو ڪيو آهي ۽ پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي... هن کي ڪهڙي خبر ته هـُـن جو ڪجهه به ڪيو آهي، اُن هوندي به مان وٽس اِهي وري صبح سان کڻي ويندس ۽ کيس پيسي جي سخت ضرورت آهي. ڀانئيان هـُـو هاڻي پنهنجي روش تي فخر ڪندو هوندو، پر سڀاڻي هـُـو خيال ڪندو ته هن ڪهڙي نه امداد پنهنجي هٿن مان وڃائي آهي. اَڃا به هـُـو رات جو گهڻو سوچيندو ۽ اُن جا خواب لهندو. سڀاڻي صبح سان ئي هـُـو مون کان معافي وٺڻ لاءِ ڀـَـڄندو ايندو. اُن وقت مان کيس ملڻ سان چوندس، تون واقعي وڏي شان وارو ماڻهو آهين، جنهن کي تون ڏيکاري چڪو آهين پر هاڻي هيءُ پيسا وٺ ۽ اسان کي معاف ڪر. ” اُن کان پوءِ، هـُـو پيسا وٺندو.“
اليوشا، جنهن وقت هي پويان لفظ چيا، ته هـُـو بيحد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو. ”۽ پوءِ هـُـو پيسا وٺندو!“ اِنهن لفظن تي لزي تاڙيون وڄائڻ شروع ڪري ڏنيون.
”ها!، هي سچ آهي! مان هاڻي پوري ريت توکي سمجهان ٿي، اَڙي اليوشا، توکي هنن ڳالهين جي ڪهڙي ريت واقفيت ٿي؟ نوجوان هوندي به تون ڄاڻين ٿو ته دل ۾ ڇا آهي؟... مان ته ڪڏهن به اِهو خيال نه ڪري سگهان ها.“
اليوشا جوش ۾ چوندو ويو ته، ”هاڻي عظيم شيءِ اِها آهي ته هـُـن تي اِهو اَثر وڌو وڃي، ته پيسن وٺندي به، هـُـو اسان جي درجي جو ماڻهو آهي، نه فقط هـُـو اَسان جي درجي جو آهي پر اُن کان به مٿي آهي.“
”اليڪسي فيودورووچ، هـُـو اسان کان مٿاهون آهي، هيءَ نهايت دلڪش آهي. ها، ڳالهاءِ، ڳالهاءِ.“
”تنهنجو مطلب آهي ته هن فقري جهڙو ته ”هـُـو وڏي مرتبي وارو“، ٻيو فقرو ٿي نه ٿو سگهي، اِنهيءَ ۾ ڪو به حرج نه آهي، ڇاڪاڻ ته .....“
”نه، نه هـِـن ۾ ڪو به حرج نه آهي. پيارا اليوشا مون کي معاف ڪر.... توکي معلوم آهي ته مان تنهنجي مشڪل سان اڄ تائين عزت ٿي ڪئي. يعني مان تنهنجي عزت مساوي درجي تائين ٿي ڪئي، پر هاڻي مان تنهنجي عزت مٿانهين درجي تائين ڪنديس. منهنجي مذاق تي ناراض نه ٿيندو ڪر پيارا! ” هـُـوءَ سخت جذباتي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي وئي. ”مان پريشان ۽ ننڍيءَ وَهيءَ جي آهيان پر تون! ڌيان ڏيئي ٻڌ اليڪسي فيودورووچ، هيءَ سڄي اسان جي جاچ پڙتال نه آهي - منهنجو مطلب آهي ته تنهنجي جاچ پڙتال... چڱو اِيئن آهي ته مان چوان، اَسان جي جاچ پڙتال، اِيئن نه آهي ته اَسان اُن غريب ماڻهوءَ جي روح جي جاچ پڙتال ڪندي، اِهڙي ريت ساڻس نفرت جو اظهار ٿا ڪريون؟ ڄڻ اِيئن معلوم ٿو ٿئي ته هيءُ سڀ ڪجهه مٿان ٿي رهيو آهي؟ خاص ڪري هن حالت ۾ جڏهن اسان اهو ارادو ڪريون ٿا ته پـَـڪَ سان پيسا وٺندو.“
”نه لزي، هيءَ نفرت نه آهي.“ اليوشا هيءُ جواب، هـُـن کي اِهڙي ريت ڏنو، ڄڻ ته هـُـو، هن سوال لاءِ آماده هو. مان رستي تي اِهو خيال ڪندو ٿي آيس. اُها نفرت ڪيئن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسان سڀ هڪجهڙا آهيون ۽ چڱا به نه. جيڪڏهن اَسان چڱا هجون ها، ته اُن وانگر اِنهيءَ ئي مقام تي هجون ها... لـِـزي مون کي ته تنهنجي لاءِ ڪا به خبر نه آهي، پر مان خيال ڪريان ٿو، ته منهنجو روح، ڪيترن ئي طريقن ۾ خسيس آهي، پر سندس روح اِيئن نه آهي پر اُن جي ابتڙ نيڪ جذبن سان ڀريل آهي... نه لـِـزي مون کي هن لاءِ ڪا به نفرت نه آهي. لزي توکي خبر آهي، ته هڪ ڀيري منهنجي مربي مون کي چيو هو ته ڪن ماڻهن جي خبرداري پنهنجي ٻارن وانگر ڪرڻ کپي ۽ ڪن جي اِهڙي ريت سنڀال ڪرڻ گهرجي، جيئن اسپتال ۾ مريضن جي.“
”اڙي اليڪسي فيودورووچ، اسان کي ماڻهن جي اِهڙيءَ ريت سنڀال ڪرڻ گهرجي، ڄڻ ته هـُـو مريض آهن.“
”هائو لزي، مان تيار آهيان. جيتوڻيڪ منهنجي دل، اُن لاءِ اڳ ۾ تيار نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان ڏاڍو بي صبر هوندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن شين کي ڏسي ئي نه سگهندو آهيان. پر توسان اِيئن نه هوندو؟“
”اليڪسي فيودورووچ، مان هن تي ڪو به اعتبار نه ٿي ڪريان. مان ڪيتري نه خوش آهيان.“
”لزي، تون جو ڪجهه چوين ٿي، مان اُن کي ٻـُـڌي ڪيترو نه خوش ٿيان ٿو.“
اليڪسي فيودورووچ تون، حيرت جي حد تائين چڱو آهين، پر ڪڏهن ڪڏهن تو ۾ تڪلف آهي... پر اُن هوندي به تو ۾ تڪلف جو ذرو به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. دروازي ڏي وڃ ۽ اُن کي آهستي کولي ڏس ته منهنجي ماءُ، اسان جون ڳالهيون ته نه ٿي ٻـُـڌي. ” لزي اهو سڀ ڪجهه پريشانيءَ ۽ تڪڙ سان رازداريءَ واري لهجي ۾ چيو.
اليوشا ويو ۽ دروازو کولي ڏٺائين ۽ کيس اَچي ٻڌايائين ته اُتي ڪو به ڪونه آهي. ”اليڪسي فيودورووچ هيڏي اَچ.“ لزي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ وڌ کان وڌ سرخ ٿيندي وئي. ”مون کي پنهنجو هٿ ڏي - هيءُ صحيح آهي. مون کي پنهنجي عظيم قبوليت ڏيڻي آهي. مان توڏي ڪالهه مذاق مان نه لکيو هو، پر اِها انتظاري هئي.“ هــُـن پنهنجي اکين کي هٿن سان چيڀاٽي ڇڏيو. هيءُ ظاهر هو ته هوءَ پنهنجي قبوليت کان بيحد شرمندي هئي.
اوچتو هن پنهنجي هٿن کي ڇڏي ڏنو ۽ هن جي هٿن کي ڇڪيو ۽ بي اختياريءَ مان اُن کي ٽي ڀيرا چميائين.
”اڙي لـِـزي، ڪهڙي نه عجيب ڳالهه.“ اليوشا خوشيءَ مان چيو. ”توکي خبر هجي ته مون کي هن جو پورو پورو يقين هو ته تون انتظار ۾ هئين“
”پـَـڪ؟ قسم سان! ” هـُـن هن جي هٿ کي پاسيرو ڪيو پر اَڃا سندس قابو ۾ هو. جذبات جي گرميءَ کان سندس رنگ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ خوشيءَ مان کلندي چيائين، ”مان هن جي هٿ کي چمي ڏني ۽ هن چيو ته ڪهڙي نه چڱي ڳالهه آهي“.
مگر لزيءَ جو هي گفتو اڻپورو هو، پر اليوشا ۾ به وڏو جوش هو.
هـُـن سرخ ٿيندي چيو ”مان هميشه اِيئن چاهڻ گهران ٿو، ته توکي سدائين خوش رکان، لـِـزي، پر مون کي اِها ڄاڻ نه آهي ته اِيئن ڪيئن ڪري سگهجي ٿو.“
”پيارا اليوشا تون سرد ۽ کـُـنڊو آهين. تو، مون کي پنهنجي زال ڪري چونڊيو آهي ۽ اُن تي مطمئن آهين. توکي اها به پـَـڪ آهي ته مان بيقراريءَ ۾ هيس. ان تي ڇا ڳالهائجي!؟ هيءَ گستاخي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟“
”ڇو، اِهو غلط احساس هو ته مان اُن کي پـَـڪ سمجهان؟ ” اليوشا اوچتو کلندي چيو.
”اڙي اليوشا، واقعي اهو خوشي ڏيندڙ حد تائين صحيح هو. ” لزي، هن ڏانهن مرڪندي ۽ خوشيءَ مان نهاريندي رڙ ڪري چيو.
اليوشا، اَڃا تائين سندس هٿ کي جهليو بيٺو هو. اوچتو هـُـو هيٺ جهڪيو ۽ هـِـن جي چپن کي چــُـمي ڏنائين.
”اَڙي، ڇا ٿو ڪرين؟“ لـِـزي رڙ ڪري چيو. اليوشا بيحد شرمندو ٿي ويو.
”اڙِي، مون کي معاف ڪر، مون کي اِيئن نه ڪرڻ کپندو هو... مان سخت بيوقوف آهيان.... تو چيو ته مان ٿڌو آهيان، اِن ڪري ئي، مان اِيئن ڪيو آهي... پر مان ڏسان ٿو ته اِها بيوقوفيءَ واري حرڪت هئي.“
لزي کلي ۽ هن پنهنجي هٿن ۾ منهن کي لڪائي ڇڏيو. ”هن لباس ۾؟“
اوچتو خاموش ٿي وئي ۽ ڳنڀير ٿي وئي ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ سخت لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”اليوشا، ڪجهه وقت لاءِ اسان کي چمڻ ڇڏي ڏيڻ گهرجي. اسان اُن لاءِ اَڃا تيار نه آهيون ۽ اسان کي هن لاءِ گهڻو وقت ترسڻ گهرجي. ” هن جملي کي پورو ڪيو ۽ وري چوڻ لڳي، ”مون کي اهو ٻڌاءِ ته تون ايڏو ڇو هوشيار آهين، ذهين ۽ دوربين آهين. اِنهن ڳالهين هوندي به تو هڪ بيوقوف ڇوڪريءَ جو انتخاب ڪيو آهي، جا تنهنجو جوڙ ٿي نه ٿي سگهي؟ اليوشا، مان ٿورو به تنهنجي لائق نه آهيان.“
”تون اِيئن ڀـَـلي سمجهه لـِـزي، مان ٿورن ڏينهن ۾ خانقاهه ڇڏي ڏيڻ وارو آهيان. جيڪڏهن مون کي دنيا ۾ رهڻو آهي، ته مون کي شادي ڪرڻ کپي. مان اهو ڄاڻان ٿو. هن (مربي) به مون کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو آهي. ڪنهن ٻيءَ سان شادي ڪريان، اُنهيءَ کان چڱو ٿيندو، ته توسان ڪريان. تو کان سواءِ، مون کي ٻيو ڪير پسند ڪندو؟ مان هن تي گهڻو خيال ڪيو آهي. پهريون ته تون مون کي ننڍپڻ کان وٺي سڃاڻين ۽ تو ۾ ايتريون ته خاصيتون آهن، جي مون ۾ نه آهن. تون مون کان وڌيڪ نرم طبعيت آهين. سڀ کان وڌيڪ، تون مون کان وڌيڪ معصوم آهين. مان اڳ ۾ گهڻين شين سان ميل ميلاپ ۾ اَچي چـُـڪو آهيان... اڙي، تون هنن کي نه ٿي ڄاڻين. پر مان ته ڪرامازوف به آهيان. اِنهيءَ ۾ ڪجهه به نه آهي، جو تون مون تي کلين ٿي ۽ مون تي مذاق ٿي اُڏائين. تنهنجي اِيئن ڪرڻ تي مان بيحد خوش ٿيان ٿو. تون کلندي رهه. تون هڪ ننڍڙي ٻار وانگر کلين ٿي. تون پاڻ کي هڪ شهيد وانگر سمجهين ٿي.“
”هڪ شهيد وانگر؟ اِهو ڪيئن؟ ” گهڙي کن اڳي، تو جو سوال ڪيو هو، اُن کي ياد ڪر. ڇا اَسين اُن غريب ماڻهوءَ جي روح کي ڪپيندي، نفرت جو اظهار نه پئي ڪيوسين. هي سڄو سوال، هڪ تڪليف جي برداشت ڪندڙ جو هو... مان اُن جو، جيئن ڏسين ٿي، بيان پوري ريت ڪري نه ٿو سگهان. پر جيڪڏهن ڪو به هن سوال تي غور ڪرڻ وارو ٿي سگهي ٿو، ته هيءُ اُهو ٿي سگهي ٿو، جو پاڻ تڪليف کي برادشت ڪندڙ هجي. تون پنهنجي پريشانيءَ واري ڪرسي تي ويهندي، اِنهن ڳالهين بابت گهڻو ئي سوچيو هوندو؟“
”اليوشا، مون کي پنهنجو هٿ ڏي، تون هن کي ڇو ٿو پـَـري ڪرين. ” لزي پنهنجي جهيڻي ۽ ڪمزور آواز ۾ خوشيءَ مان چيو. ”ٻڌ، اليوشا! تون جڏهن خانقاهه مان ٻاهر نڪري ايندين، ته ڪهڙي قسم جو لباس پهريندين؟ توکي ڪهڙي قسم جو سوٽ هوندو؟ کل نه؟ ڪاوڙ نه ڪـَــر. اِهو منهنجي لاءِ بيحد ضروري آهي.“
”مان پنهنجي لباس لاءِ ڪو به خيال نه ڪيو آهي. لزي، پر مان اُهو ئي پهريندس، جو توکي پسند ايندو.“
”مان چاهيان ٿي، ته توکي گهري نيري رنگ جي بخمل جو ڪوٽ هجي، سفيد رنگ جي صدري هجي ۽ ڀوري رنگ جي فيلٽ هئٽ. هاڻي مون کي ٻڌاءِ ته مان جو ڪجهه توکي لکيو آهي. اُن مان اِهو مطلب نه ٿو نڪري، ته مون کي تنهنجي لاءِ ڪيڏي نه تانگهه آهي.“
”نه مان، اِيئن ته خيال نه ٿو ڪريان.“
”اڙي، ڪيڏو نه نااصلاح پذير ۽ غلط ڪار آهين.“
مان ڏسان ٿو ۽ ڄاڻان ٿو ته تون منهنجي ڪيڏي نه خاطر خواهي ٿي ڪرين. پر مان ظاهر ۾ اِيئن ٿي ڏيکاريو، ته توکي منهنجي لاءِ ڪا به پرواهه ڪانه آهي.“
”اِها ته وڌيڪ خراب ڳالهه آهي. خراب پر سڀ کان بهتر! اليوشا مون کي توسان بي پناهه محبت آهي. جيئن تون اَڄ صبح جو آئين، مان پنهنجي قسمت آزمائي ڪرڻ گهري. مان فيصلو ڪيو، ته توکان خط لاءِ پڇنديس، جيڪڏهن تو اُن کي آندو هوندو ۽ مون کي موٽائي ڏنو ( ” اِها ئي اُميد مون تو ۾ ٿي رکي) ته مان سمجهنديس ته تون مون کي پيار نه ٿو ڪرين. توکي ڪو به احساس ڪونه آهي ۽ بيوقوف ڇوڪرو آهين ۽ ڪنهن به ڪم جو نه. پوءِ منهنجي بربادي هئي. پر تون خط گهر ڇڏي آئين، جنهنڪري مون کي بيحد خوشي حاصل ٿي. تون اُن کي ڪنهن مطلب لاءِ ڇڏي آيو هوندين، توکي خبر هئي ته مان اِهو توکان واپس گهرنديس ۽ تون اُن کي موٽائڻ نه ٿي گهريو. اِيئن آهي نه؟“
”اڙي لـِـزي اِيئن نه آهي. خط ته مون سان هاڻي به ساڻ آهي. اِهو صبح کان وٺي منهنجي کيسي ۾ آهي. اِجهو هيءُ آهي.“
اليوشا کلندي، کيسي مان خط ڪڍيو ۽ پـَـري کان اُن کي ڏيکاريائين.
”پر مان توکي هيءُ موٽائي ڏيڻ نه ٿو گهران. تون هتان ڏسي سگهين ٿو.“
”ڇو؟ تڏهن تو ڪوڙ ڳالهايو؟ تون ته هڪ راهب آهين ۽ ڪوڙ ٿو ڳالهائين!
جيڪڏهن تون هيءُ پسند ڪرين ٿي ته مان ڪوڙ ڳالهايو آهي. ” اليوشا کلي ويٺو. “ مان ڪوڙ اِنهيءَ ڪري ڳالهايو، جو مون کي خط موٽائي ڏيڻ جي نيت ڪا نه هئي. اِهو منهنجي لاءِ قيمتي آهي. ” هـُـن اوچتو چئي ڏنو. اُن وقت کيس عجيب جذبات هئا ۽ سندس منهن جو رنگ وري ڳاڙهو ٿي ويو. ” اِهو مون وٽ هميشه رهندو ۽ مان ڪنهن کي به نه ڏيندس.“
لزي هن ڏانهن خوشيءَ مان نهاريو. ”اليوشا! ”هن وري ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”دروازي ڏي نهار. منهنجي ماءُ ٻڌي ته نه ٿي؟“
”ٺيڪ آهه لـِـزي، مان ڏسان ٿو، پر اِهو چڱو نه ٿيندو ته نه ڏسان؟ مان تنهنجي ماءُ ۾ اِهڙي حقير شيءِ جي بدگماني ڇو رکان؟“
”ڪهڙي حقير شيءِ؟ اِها نه ته، هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي جاسوسي ڪري رهي آهي. اِهو، هن جو حق آهي نه ناپسندي جهڙي حرڪت.“ لزي جوش مان چيو. اليڪسي فيودورووچ، توکي يقين رکڻ گهرجي ته مان جڏهن ماءُ بڻبيس ۽ مون کي مون جهڙي ڌيءَ ٿي پوي، مان ته جيڪر اُن جي ضرور جاسوسي ڪريان.“
”سچ پچ لزي، پر اِهو صحيح ته نه آهي؟“
”او خدايا، هن سان ناپسندي جو ڪهڙو واسطو! جيڪڏهن هـُـو ڪي دنياداري جون ڳالهيون بيهي ٻـُـڌي ته اِها واقعي ناپسندي جهڙي ڳالهه آهي. پر جڏهن ته هن جي پنهنجي ڇوڪري، ڪنهن نوجوان سان گڏ هجي... ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ اليوشا، ته جيئن ئي اسان جي شادي ٿيندي ته مان توتي جاسوسي شروع ڪري ڏينديس. مان توکي اهو به ٻڌائڻ گهران ٿي، ته مان ته تنهنجا خط کولي پڙهنديس. جنهن جي لاءِ توکي تيار رهڻ کپي.“
”هائو، بيشڪ، جيڪڏهن اِيئن آهي ته ” اليوشا چيو، “ فقط اِها ڳالهه آهي ته اِهو صحيح نه آهي.“
”آهه ڪيڏي نه بغض ڀري ڳالهه پيارا اليوشا! اسان کي پهرئين ڏينهن تي وڙهڻ نه گهرجي. چڱو آهي ته مان توکي سچي ڳالهه ٻـُـڌايان. بيشڪ اِها غلط ڳالهه آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي جاسوسي ڪجي. بيشڪ مان غلط آهيان. پر تون هڪڙو ماڻهو آهين، جنهن جي مان جاسوسي ڪندي رهنديس“.
”ڀلي ڪر، پر تون ڪجهه به نه ڏسندينءَ. ” اليوشا کلي ويٺو.
”اليوشا ته پوءِ منهنجي هر راءِ کي مقدم رکندين؟ اِهو به اسان کي فيصلو ڪرڻ گهرجي.“
”لزي، مون کي اِيئن ڪندي بيحد خوشي ٿيندي. پر نهايت ضروري ڳالهين ۾ نه. جيڪڏهن تون، مون سان اتفاق نه به ڪرين، مان اهم ڳالهين ۾ به پنهنجو فرض پورو ڪندو رهندس.“
”اِهو صحيح آهي. مان توکي ٻـُـڌايان ٿي ته نه فقط اهم مسئلا پر معمولي شيون به تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏينديس. مان تنهنجي سامهون قسم ٿي کڻان ته سڄي حياتي مان تنهنجي رضامندي کي چاهينديس.“ لزي جوش مان چيو. ”اِهو سڀ ڪجهه مان نهايت خوشيءَ مان ڪنديس. وڌيڪ اِهو به مان قسم ٿي کڻان ته ڪڏهن به تنهنجي جاسوسي نه ڪنديس. هڪ ڀيرو به نه. مان تنهنجو هڪ به خط نه پڙهنديس. ڇاڪاڻ ته تون صحيح آهين ۽ مان نه آهيان. جيتوڻيڪ مون کي ڏاڍي خواهش ٿيندي ته جاسوسي ڪريان پر جيئن ته تون اُن کي بي عزتي سمجهندين، مان اِيئن ڪڏهن به نه ڪنديس. تون منهنجو هاڻي ضمير آهي... اليڪسي فيودورووچ ڌيان ڏيئي ٻڌ. تون ايترو ڇو غمگين ٿو نظر اَچين، ڪالهه ۽ اَڄ؟ مون کي خبر آهي ته توکي ڏاڍي تڪليف ۽ انتظار آهي. پر مان ڏسان ٿي ته اِنهن کان سواءِ،ڪو توکي خاص ڏک به آهي. شايد ڪو ڳجهو درد آهي.“

Text Box: 273
”هائو لزي، منهنجو هڪ راز به آهي. ” اليوشا کيس درد ڀري آواز ۾ جواب ڏنو. ”مان ڏسان ٿو، ته تون مون سان محبت ٿي ڪرين ۽ اُن جي قبوليت به ڏني اَٿئي.“
”ڪهڙو ڏک! ڇا آهي؟ تون مون کي ٻڌائي سگهندين؟ لزي ڊڄندڙ آواز ۾ چيو.
اليوشا، قبوليت ڏيندي چيو ته ”لزي، مان توکي اِها حقيقت پوءِ ٻڌائيندس. تون هاڻي شايد نه سمجهي سگهين ۽ شايد مان به سمجهائي نه سگهان.“
”مان ڄاڻان ٿي ته تنهنجا ڀائر ۽ تنهنجو پيءُ به توکي گهڻو پريشان ڪن ٿا؟“
اليوشا خيال ڪندي ڀڻڪيو، ”هائو، منهنجا ڀائر به“.
”مان تنهنجي ڀاءُ ايون کي ناپسند ڪندي آهيان. ” اوچتو لزيءَ چيو.
هـُـن، لزيءَ جي راءِ کي تعجب سان ٻـُـڌو، پر ڪو به جواب نه ڏنائين.
هـُـو چوڻ لڳو ته منهنجا ڀائر پاڻ کي برباد ڪري رهيا آهن ۽ منهنجو پيءُ به. افسوس اِهو آهي، ته هـُـو پاڻ سان گڏ ٻين کي به تباهه ڪري رهيا آهن. هي قديم ڪرامازوف جو اَثر آهي. مون کي اڳئين ڏينهن تي راهب پايسي ٻڌايو هو ته اها هڪ خطرناڪ ۽ خانه خراب زميني قوت آهي. ڇا خدائي طاقت، هن وقت تي ڪو اَثر وجهي سگهي ٿي؟ مان ته اِهو به نه ٿو ڄاڻان. مان ته فقط اهو ٿو ڄاڻان ته مان ڪرامازوف آهيان... مان هڪ راهب آهيان ۽ راهب! لزي مان راهب آهيان؟ تو هاڻي ٻڌايو هو ته مان آهيان.“
”هائو، مان اهو چيو ٿي.“
” ۽ مان شايد خدا ۾ به اعتبار نه ٿو رکان!“
”تون سچ پچ خدا ۾ اعتبار نه ٿو رکين؟ حقيقت ڇا آهي؟ لزيءَ نهايت آهستگيءَ سان کيس پيار مان چيو. پر اليوشا کيس ڪو به جواب نه ڏنو. ڪو راز ٿي نظر آيو. پويان لفظ جي هن خود چيا هئا. کيس به سمجهه ۾ نه ٿي آيا. پر اِيئن نظر ٿي آيو ته هـُـو کيس دلي عذاب ڏيئي رهيا هئا.
”منهنجي عزيز، هاڻي سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي ته بهترين اِنسان دنيا کان موڪلائي رهيو آهي! لزي تون جيڪر ڄاڻي سگهين ته منهنجو روح ساڻس ڪيڏو نه وابسته آهي! اُن کان پوءِ مان اَڪيلو رَهجي ويندس... لـِـزي مان توڏي ايندس.... مستقبل ۾ گڏجي رهنداسون.“
”هائو، گڏجي، گڏجي! هن کان پوءِ اسان هميشه گڏ هونداسون. پنهنجي سڄي حياتي! ٻـُـڌ، مون کي پيار ڪر، مان توکي اُن جي اِجازت ٿي ڏيان.“
”اَچ ۽ پوءِ وڃ.... سچ توسان گڏ هوندو!“ هـُـن مٿانئس صليب جي نشاني ٺاهيندي چيو ته، ”جلدي هـُـن ڏي موٽي وڃ، جيستائين هـُـو جيئرو آهي. مان ڏسان ٿي ته توکي زور سان روڪي رکيو اٿم. مان اَڄ هن جي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ دعائون گهرندي رهنديس، ته اَسين خوش گذاريون! ڇا اَسين خوش رهنداسون؟“
”مون کي يقين آهي لزي، ته خوش رهنداسون.“
اليوشا خيال ڪيو ته چڱو اِيئن ٿيندو، ته هـُـو بيگم هائلڪوف ڏي نه وڃي ۽ کيس خدا حافظ چوڻ کانسواءِ گهر مان نڪري وڃي. پر جيئن ئي هن دروازو کوليو، بيگم هائڪلوف کي پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين. اليوشا پهرئين ئي لفظ مان سمجهي ورتو ته هـُـو ڪنهن مطلب ۽ مقصد جي گفتگو لاءِ اُن جي انتظار ۾ هئي.
”اليڪسي فيودورووچ، هيءَ نهايت خطرناڪ آهي. هيءَ منجهائيندڙ ۽ ٻاراڻي بيوقوفي آهي. مان توکي يقين سان چوان ٿي ته اِهو خواب نه لـَـهه... هي بيوقوفيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. صاف بيوقوفي! ” هـُـن، هي لفظ کيس اِهڙي ريت چيا، ڄڻ ته مٿس حملو ڪرڻ ٿي گهريائين.
اليوشا کيس چيو ته، ”فقط هن کي نه ٻڌاءِ، هوءَ پريشان ٿي ويندي، جو هـُـن لاءِ بيحد نقصانڪار آهي.“
”هڪ سمجهه ڀـَـري نوجوان جي سمجهه ڀـَـري صلاح! مون کي اِيئن سمجهڻ گهرجي، ته تو هن سان جا قبوليت ڏني آهي، سا سندس پريشان حالت کي ڏسي رعايت ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته چاهيو ٿي، ته سندس خلاف وڃي کيس جوش ۾ نه آڻين.“
”نه، نه اِيئن نه آهي، مان جو ڪجهه به چيو آهي، سو ڳنڀير ٿي چيو اٿم. ” اليوشا نهايت مضبوطيءَ سان اُن جو اعلان ڪيو.
”هن حقيقت بابت يقيني طور تي اظهار ڪرڻ، اڻ ٿيڻي آهي ۽ اُن تي خيال ئي نه ٿو ڪري سگهجي. مان پهريائين اِيئن ڪنديس ته تون منهنجي گهر ۾ ئي نه اَچين. مان پوءِ اُن کي ڪنهن ٻي پاسي وٺي وينديس، توکي اُن جو يقين هئڻ گهرجي.“
اليوشا کيس چيو ”پر اِيئن ڇو؟ اِهي سڀ ڳالهيون گهڻيون پري آهن. اسان سال ڏيڍ ترسي سگهون ٿا.“
”اڙي اليڪسي فيودورووچ، اِن ۾ بيشڪ سچ آهي. ڏيڍ سال ايترو گهڻو آهي، جو اُن ۾ توکي هزارين ڀيرا وڙهڻو ۽ جدا ٿيڻو پوندو. پر مان ايتري ته بدقسمت آهيان، جو هيءَ جيتوڻيڪ بيوقوفي آهي پر منهنجي لاءِ ڪاري ضرب آهي. مان پاڻ کي ”ظرافت جي غم“ واري ڊرامي جو فاموسوف ٿي سمجهان. مان توکي چاٽڪي ۽ هـُـن کي صوفيا ٿي سمجهان. مان توسان ڊوڙي اَچي ڏاڪڻ تي مـِـلي آهيان. ڊرامي ۾ به ته اِها خطرناڪ سين، ڏاڪڻ کان شروع ٿئي ٿي. مان سڀ ڪجهه ٻڌو آهي. پر لـَـنوائي وئي آهيان. پر اِها سندس خطرناڪ رات ۽ اُن جي جنون جي ڪهاڻي آهي. هن جو مطلب آهي، ته ڌيئرن سان ته عشق آهي پر اِهو مائرن لاءِ موت آهي. مان ته هڪدم قبر ۾ پهچي وينديس. پر هن کان وڌيڪ ڳنڀير اَڃا ٻيو مسئلو آهي. اُهو ڪهڙو خط آهي، جو هن توڏي لکيو آهي. مهرباني ڪري اُهو مون کي ڏيکار؟“
”نه، اُن جي ڪا به ضرورت نه آهي، مون کي ٻڌاءِ ته ڪيٽرينا ايونونا، هاڻي ڪيئن آهي، اِهو مون کي معلوم ڪرڻو آهي؟“
”هوءَ اَڃا بيهوشيءَ جي حالت ۾ آهي. هن کي اَڃا هوش ڪو نه آيو آهي. سندس پڦيون هتي آهن. پر هـُـو ٿڌي ساهه کڻڻ ۽ هوائي قلعن بنائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نه ٿيون سگهن. هرزينسٽيوب آيو پر هـُـو ايڏو ته پريشان ٿي ويو، جو مان منجهي پيس ته وري هن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي. مان ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي هن جي علاج واسطي گهرائڻ لاءِ ٿي سوچيم. کيس منهنجي گاڏيءَ ۾ وجهي، گهر ڇڏي آيا آهن. پر سڀ کان وڌيڪ ڳالهه آهي، تون ۽ هـُـو خط. اِهو به صحيح آهي ته ڏيڍ سال ۾ ڪجهه به ظهور ۾ نه ايندو. اُن پاڪ نالي جي صدقي ۽ پنهنجي مرندڙ مربي جي نالي جي صدقي، اليڪسي فيودورووچ مون کي اِهو خط ڏيکار. مان، هن جي ماءُ آهيان. جيڪڏهن تون اِهو پسند ڪرين ته پنهنجي هٿ ۾ جهل، مان پري کان ئي پڙهي ڏسنديس.“
”جيڪڏهن، هوءَ اِهو منظور به ڪري، مان توکي اِهو خط نه ڏيکاريندس. مان سڀاڻي ايندس. جيڪڏهن تون چاهين ته مان توسان اِنهيءَ ڳالهه بابت ڳالهائيندس، پر هاڻي خدا حافظ!“
اليوشا، ڏاڪڻ تان ڊوڙندو لهي، گهٽيءَ ۾ هليو ويو.

باب ٻيو: ڊسميرڊيا ڪوف ۽ ستار

هن ڪو به وقت وڃائڻ نه ٿي گهريو. اُن وقت به جڏهن هو لـِـزيءَ کان موڪلائي رهيو هو، هن کي دل ۾ خيال ٿي آيو، ته اِهڙو ڪو جادو هٿ ڪجي، جنهن جي وسيلي کيس سندس ڀاءُ دمتري هٿ اَچي. هـُـو کانئس هرو ڀرو نٽائي رهيو هو. ڏاڍي دير ٿي وئي هئي. تقريباً لڳا هئا. اليوشا جو روح - سميٽجي، خانقاهه جي طرف وڃي لڳو هو ۽ هـُـو مرندڙ درويش جي فڪر ۾ هو. پر دمتريءَ جي ملاقات جي ضرورت سڀني ڳالهين تي پردو وجهي ڇڏيو هو. ساعت به ساعت، سندس ذهن ۾ ڪنهن حادثي جو خيال مضبوط ٿيندو ٿي ويو. اُهو ڪهڙو حادثو هوندو ۽ هـُـو اُن وقت ڀاءُ کي ڇا چوندو، هـُـو آخري ڪلام ۾ ڪجهه به چئي نه ٿي سگهيو.
”توڙي جو منهنجو خير خواه، منهنجي غير موجودگيءَ ۾ مري به وڃي، مان پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾، هن خيال کان پاڻ کي ملامت نه ڪندس ته گهر ڏي تڪڙي پهچڻ بجاءِ، مان ڪنهن جي زندگي بچائي ورتي آهي. جيئن منهنجو اِرادو آهي ۽ مان اِيئن ڪري سگهيس، ته اِها ڄڻ اُن عظيم رتبي جي پيروي ٿيندي.“
سندس رٿ هئي، ته هـُـو پنهنجي ڀاءُ دمتري کي بي خبريءَ ۾ پڪڙي. سندس اِرادو هو، ته جيئن هـُـن اڳئين ڏينهن تي ڪيو هو، لوڙهي کان چڙهي، باغ ۾ داخل ٿي سرد خاني ۾ ويهي رَهي. جيڪڏهن دمتري اُتي نه هوندو ته اليوشا سوچيو ته هو نه فوما سان ملندو نه گهر جي مالڪياڻي سان. پر هـُـو سرد خاني ۾ لڪي پوندو ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته هـُـو شام تائين اُتي رهندو. جيئن اڳ ۾ ٿي گذريو هو، دمتريءَ کي جيڪڏهن گروشينڪا جي اَچڻ جو انتظار هوندو. ته هـُـو اُن سرد خاني ۾ ضرور ايندو. اليوشا پنهنجي هن رٿ جي تفصيل تي ڪو گهڻو ڌيان نه ڏنو، پر فيصلو ڪيائين ته اِيئن ڪبو، پوءِ کڻي خانقاهه ڏي نه به وڃڻو پوي.
بنا ڪنهن رڪاوٽ جي، هـُـو سڀ ڪجهه ڪري چـُـڪو. هـُـو ڪالهوڪي جاءِ کان، لوڙهي کان ٽپي، هـُـو بنا ڪنهن جي ڏسڻ جي، وڃي سرد خاني ۾ پهتو. هـُـن نه ٿي چاهيو ته کيس ڪو ڏسي. هـُـن اِهو به نه ٿي چاهيو ته فوما يا گهر جي مالڪياڻي کي ڪا سندس موجودگيءَ جي خبر هجي. ڇو ته هـُـن ڄاتو ٿي ته هو وفادار هئڻ جي حالت ۾، سندس هدايتن تي عمل ڪنديون. ممڪن آهي ته کيس باغ ۾ داخل ٿيڻ کان منع ڪن يا دمتريءَ کي واقف ڪن ته سندس جاسوسي ۽ ڳولا ڪئي وڃي ٿي.
سردخاني ۾ ڪو به ڪو نه هو. اليوشا ويهي انتظار ڪرڻ لڳو. هـُـن، اُن جاءِ کي چتائي ڏٺو ۽ اِها کيس اڳي کان وڌيڪ قديم نظر آئي. جيتوڻيڪ ڏينهن ڪالهه وانگر دلڪش هو، پر اُن هوندي به هيءَ جاءِ کيس اُداس اُداس ٿي لڳي. ميز تي هڪ دائري جو نشان ٿي نظر آيو، جو ڪالهوڪي گلاس جو هو. جنهن مان برانڊيءَ جو ٿورو چـُـڪو، ڇلڪجي هيٺ ڪريو هو. هڪ بيوقوفيءَ وارو ۽ بي بنياد خيال سندس دل تي تري آيو، جو اَڪثر واندڪائي ۽ سخت انتظار ۾ پيدا ٿيندو آهي. هو ٿوريءَ دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو، ته هـُـو ڇو هروڀرو اڳي وانگر، ساڳي جاءِ تي اَچي ويٺو آهي. ڇو نه ڪنهن ٻي جاءِ تي وڃي ويهي. آخرڪار هن کي شديد غم جو احساس پيدا ٿيو. اِهو غم جو احساس کيس ناموافق حالت جي باعث پيدا ٿيو هو. هـُـو اُتي پاءُ ڪلاڪ کان وڌيڪ ترسي نه سگهيو. اوچتو هن ستار جو ڪٿان هلڪو آواز ٻڌو. ڪي ماڻهو اُتي اڳ ۾ ئي ويٺا هئا، يا تازو ٻوٽن ۾ کانئس ويهه قدم پري اَچي ويٺا هئا. اليوشا کي اوچتو خيال آيو ته هـُـو ڪالهه جيئن سرد خاني کان ٻاهر ٿي آيو ته کيس لوڙهي جي ڀرسان، کٻي پاسي وارن ٻوٽن ۾ هڪ پراڻي، سائي ۽ هيٺاهين باغ جي ويهڻ واري جاءِ نظر آئي هئي. اِهي ماڻهو اِتي ئي ويٺا هئا پر اُهي ڪير هئا؟
اوچتو هڪ ماڻهو هڪ شيرين گيت کي ستار جي آواز سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيو:
هڪ لازوال قوت سان،
مان پنهنجي محبوب سان وابسته آهيان،
خدايا مون تي رحم ڪر،
مون تي ۽ هـُـن تي!
مون تي ۽ هـُـن تي!
مون تي ۽ هـُـن تي!

اُن وقت آواز ختم ٿي ويو ۽ ساڻ ئي هڪ زنانو ۽ نفيس آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جي اندر ڪجهه حجاب به معلوم پئي ٿيو.
”فيودورپاولووچ، تون اسان وٽ تمام ٿورو ڇو ٿو اَچين ۽ تو اَسان کي پنهنجي نظرن کان ڇو ڪيرائي ڇڏيو آهي؟“
”ڪڏهن به نه! ” هڪ مرادڻو آواز نرميءَ سان آيو، جنهن مان وقار نظر ٿي آيو. هي صاف ٿي ڏٺو، ته مرد جو مقام مٿاهون هو، ۽ عورت کيس ترغيب ڏيندي ٿي رَهي. اليوشا خيال ڪرڻ لڳو ته، “ ماڻهو کي سميرڊياڪوف وانگر ٿيڻ کپي. هن جي آواز مان اِيئن معلوم ٿئي ٿو ته اِها عورت هن ئي گهر جي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ گهر جي مالڪياڻيءَ جي ڌيءَ هجي. ماسڪو کان تازي آئي هجي. شايد اِها اُها عورت هجي، جيڪا پڇ وارو لباس پهري ٿي ۽ مارفا کان آب گوشت وٺڻ لاءِ وڃي ٿي.
”مون کي اُهي سڀئي شعر گهڻا پسند ايندا آهن، جن ۾ ڪي لفظ وري وري ٿا اَچن.
”تون پيانو ڇو نه ٿو ٻـُـڌائين.“
مرد وري ڳائڻ شروع ڪيو:

”مان بادشاهيءَ جي خزاني جي ڇو پرواهه ڪريان،
جيڪڏهن منهنجي دوست جي صحت پوري آهي.
خدايا اَسان تي رحم ڪر،
هـُـن تي ۽ مون تي!
هـُـن تي ۽ مون تي!
هـُـن تي ۽ مون تي!“

”اڳئين ڀيري کان هيءُ وڌيڪ بهتر هو. ” عورت کيس چيو ته “ جڏهن تو ڳاتو هو، ”ته جيڪڏهن منهنجي دوست جي صحت عمدي هجي“. اُن مان وڌيڪ مزو ٿي آيو. مان سمجهان ٿي ته اَڄ توکان اِهو وسري ويو آهي.
سميرڊياڪوف کيس جواب ڏنو، ”شعر هميشه منجهائيندڙ ٿيندو آهي.“
”نه نه، شاعري مون کي بيحد پسند آهي.“
”جيتري قدر شاعريءَ جو سوال آهي، اِها احمقپائي آهي. تون پنهنجي بابت خيال ڪر، ڪو به وزن ۽ قافيي سان ڪو نه ڳالهائيندو آهي. جيڪڏهن اسان سڀئي وزن ۽ قافيي سان ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيون، توڙي سرڪار اُن لاءِ قاعدو به ڇو نه جوڙي، پر اسان اِهڙي نموني گهٽ ڳالهائي سگهنداسون. ڪيئن آهي نه اِيئن؟ ماريا ڪنڊراتيوينا، شاعري ڪا چڱي شيءِ نه آهي.“
”ڪيترو نه تون عقلمند آهين! ڪيترو نه هر هڪ ڳالهه ۾ گـَـهـِـرو ٿو وڃين. ” عورت جي آواز مان وڌيڪ کان وڌيڪ محبت جهلڪندي ٿي ڏٺي.
”مان هن کان اَڃا وڌيڪ اظهار ڪري ٿي سگهيس. مان هن کان ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪري سگهان ها، جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ قسمت منهنجو ساٿ ڏئي ها. مان اُن ماڻهوءَ کي جيڪر مقابلي ۾ گولي هڻي ماري ڇڏيان، جي هـُـو مون کي پنهنجي اَصلي خاندان جي نالي سان سڏڻ جي ڪوشش ڪري. ڇاڪاڻ ته مان هڪ غليظ ۽ پينو عورت جي پيدائش آهيان، ۽ پيءُ جي ڪا به خبر نه آهي.“
ماسڪرم مون کي حقير سڏيندا هئا، ڇو ته کين اِها خبر هتان ملي چـُـڪي هئي. گريگري وسيسلووچ جا مان ٿورا ٿو مڃان. هن مون کي، منهنجي پيدائش جي خلاف بغاوت ڪرڻ تي تنبيهه ٿي ڪئي. پر مان جيڪر اِهو منظور ڪريان ها، ته هـُـو مون کي ڄمڻ وقت ماري ڇڏين ها، جيئن مان هن دنيا ۾ اَچي ئي نه سگهان ها. بازار ۾، خواه تنهنجي ماءُ جي زباني مون ٻڌو آهي، ته منهنجي ماءُ جا وار سندس مٿي تي تڏي وانگر هوندا هئا ۽ هـُـن ڪڏهن به ڦڻي نه ڏني هئي. هوءَ قد ۾ پنجن فوٽن کان به ننڍي هئي ۽ ٿوري ٻاتي به هئي. پر هـُـن کي ٻاتو ڇو چيو وڃي، جڏهن هـُـو ڳالهائيندي ٿورو هئي. جيئن ٻيا ڪن ٿا؟ هوءَ پنهنجي گفتگوءَ کي اَثر وارو بڻائيندي هوندي، جيئن ٻيون رواجي ڳوٺاڻي عورتون ڪـَـن ٿيون. ڇا هڪ روسي هاري کي اسان جذبي ۾ هڪ تعليم يافته جي ڀيٽ ۾ آڻي سگهون ٿا؟ هن کي سندس اَڻ ڄاڻائي جي سبب، اسان چئون ٿا، ته وٽس ڪو به جذبو موجود نه آهي. مان پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي، هن کي ٻاتي ٻڌندو ٿو اَچان ۽ بيحد غصو ٿو اچي. ماريا ڪنڊراتيوينا مان سڄي روس کي نفرت جي نظر سان ٿو ڏسان.“

Text Box: 277

”جيڪڏهن تون فوج جو سپاهي هجين ها يا شرافت وارو آفيسر، ته تون جيڪر اِيئن نه ڳالهائين ها، پر اُن جي بجاءِ تون تلوار کي ڪڍي، سڄي روس جو بچاءُ ڪرين ها.“
”ماريا ڪنڊراتيوينا، مان شريف آفيسر ٿيڻ نه ٿو چاهيان ۽ اَڃا وڌيڪ مان چاهيان ٿو ته سڀني سپاهين کي موقوف ڪري ڇڏيان.“
”پر جيڪڏهن ڪو دشمن اَچي ته اَسان جو ڪير بچاءُ ڪندو؟“
”بچاءَ جي ڪا به ضرورت ڪا نه آهي. سن 1802ع ۾ روس تي نيپولين جو وڏو حملو ٿيو. پهريون فرينچ شهنشاهه، موجوده بادشاهه جو پيءُ. چڱو ٿئي ها، هـُـو جيڪر اَسان کي فتح ڪن ها. هڪ متمدن قوم، هڪ بيوقوف قوم کي فتح ڪري، پاڻ سان ملائي ڇڏي ها. اُن جي ڪري اڄ اَسان جو ٻيو مرتبو هجي ها.“
”ڇا هـُـو پنهنجي ملڪ ۾، اسان کان وڌيڪ بهتر آهن؟ مان ته جيڪر پنهنجي ملڪ جي هڪ نوجوان کي، ٽن انگريز نوجوانن جي عيوض ۾ به نه ڏيان. ” ماريا ڪنڊراتيونيا نهايت نرمائيءَ سان کيس جواب ڏنو، پر سندس نگاهه مان ملامت جو اظهار صاف ٿي نظر آيو.
”اِهو سڀ ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو خيال آهي.“
”مون کي اِيئن معلوم ٿو ٿئي ته تون ڄڻ اجنبي آهين. هڪ مهربان اَجنبي! مان توکي هيءُ ته چوان ٿي پر شرم ٿو اَچي.“
”جيڪڏهن تون ٿورو خيال ڪري، هيءُ ڄاڻڻ گهرين ته اُتان جا ۽ هتان جا ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ته هڪجهڙا آهن، هنن کي به لباس آهي. پر اسان ۽ اُنهن جي وچ ۾ تفاوت هيءُ آهي ته اُتان جي بدمعاشن کي به چمڪندڙ بوٽ آهن. پر اسان جي ماڻهن کي غلاظت ۾ ليٽڻ لاءِ به ڪا خالص مٽي نه آهي. روس جي ماڻهن کي گوشمالي کپي. جيئن فيودورپالووچ ڪالهه چيو ٿي، اُهو سڀ سچ آهي. جيتوڻيڪ هو ۽ سندس سڀ ٻار پاڳل آهن.“
”تو ته اِيئن چيو هو ته توکي ايون فيودورووچ جي لاءِ بيحد عزت آهي.“
هائو، پر اُن به ته مون لاءِ اِيئن چيو آهي ته مان هڪ بدبودار نوڪر آهيان. هـُـو سمجهي ٿو ته مان ضابطي کان ٻاهر آهيان. پر هـُـو غلط آهي. مون کي جيڪڏهن پيسو هجي ها ته مان هتان ڪڏهن جو هليو وڃان ها. دمتري فيودورووچ پنهنجي سمجهه ۽ رفتار کان، پنهنجي طبعيت ۽ مفلسيءَ کان گهڻو بدنام آهي. هن کي هي به سليقو نه آهي ته ڪهڙو به ڪم ڪيئن ڪجي، پر اُن هوندي به سندس عزت ڪئي ٿي وڃي. جيتوڻيڪ مان آب گوشت بڻائڻ وارو ڇو نه هجان، پر مان پنهنجي محنت سان ماسڪو جي پيٽروڪا واري حصي ۾، ڪيفي ۽ هوٽل کولي سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان هڪ خاص قسم جو بورچي آهيان. ماسڪو ۾ اجنبين کان سواءِ ڪو به خاص قسم جو بورچي ڪو نه آهي. دمتري فيودورووچ هڪ پينو آهي، پر هوءُ ملڪ جي ڪنهن وڏي نواب جي پٽ کي مقابلي لاءِ دعوت ڏيندو، ته هيءُ ساڻس وڙهڻ کان نه گـُـسندو. آخر هـُـو مون کان ڪهڙي ڳالهه ۾ چڱو آهي؟ ڇاڪاڻ ته هـُـو مون کان وڌيڪ بيوقوف آهي. سندس پيسي ڏانهن نهار، هـُـن ڪيئن نه اُن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.“
ماريا ڪنڊراتيونيا اوچتو چئي ڏنو ته ” اِهو مقابلو به ڏاڍو مزيدار ٿيندو.“
”اِهو ڪيئن؟“
”اِهو، خطرناڪ ۽ بهادراڻو ڪارنامو بڻجي وڃي ٿو. جڏهن به نوجوان آفيسر پنهنجي هٿن ۾ پستول کڻي، ڪنهن عورت جي لاءِ هڪ ٻئي تي حملو ڪن ٿا. هڪ دلڪش تصوير! جيڪڏهن ڇوڪرين کي اُن منظر جي ڏسڻ جي اجازت هجي ها، ته مان جيڪر سڀ ڪجهه ڏئي به اُن کي ڏسان ها!“
اِهو ٺيڪ آهي، جڏهن تون ڪنهن تي گولي هلائين. پر جڏهن ڪو تنهنجي سيني کي نشانو بنائي، تڏهن توکي پنهنجو قدم احمقاڻو نظر ايندو. ماريا ڪنڊرا تيوينا، تون جيڪر اُتان ضرور ڀڄي وڃين؟“
”تنهنجو اِهو مطلب ته نه آهي ته تون ڀڄي ويندين؟“
پر سميرڊياڪوف، هن کي ڪو به جواب نه ڏنو، ٿوري وقت جي خاموشيءَ کان پوءِ ستار جي ٽڻ ٽڻ جو آواز آيو ۽ هن وري گيت ڳائڻ شروع ڪيو:

”تون ڪجهه به چوين،
مان هليو ويندس،
حياتي خوشنما ۽ خوشي واري بڻجي ويندي،
ڪنهن شهر ۾ ۽ پري،
مان ڪو به ڏک نه ڪندس،
مان، ڪڏهن به ڏک نه ڪندس،
نه وري مون کي خيال آهي ته ڏک ڪندس.“

اُن وقت ڪجهه اُميد جي خلاف ٿي گذريو. اليوشا اوچتو آواز ڏنو ۽ هـُـو ٻئي خاموش ٿي ويا. اليوشا اُٿيو ۽ هنن ڏي هليو. هن سميرڊياڪوف کي چڱي لباس ۾ ڏٺو ۽ سندس بوٽ چمڪي رهيو هو. کيس پائوڊر لڳل هو ۽ وارن کي گهـُـنڊي دار بڻايو هئائين. ستار باغ جي بينچ تي رکي هئي. سندس ساٿياڻي، گهر جي مالڪياڻيءَ جي ڌيءُ هئي. کيس هلڪي نيري رنگ جو لباس هو ۽ اُن جو دامن ٻه وال ڊگهو هو. هـُـوءَ نوجوان هئي ۽ ڏسڻ ۾ بـُـري نه هئي. سندس چهرو حد کان وڌيڪ گول هو ۽ مٿس هلڪي ڀوري رنگ جا داغ هئا.
اليوشا کان جيتري قدر ٿي سگهيو، هن آرام سان کانئن پڇيو ته، ”ڇا دمتري منهنجو ڀاءُ جلدي موٽڻ وارو آهي؟“
سميرڊياڪوف آهستگيءَ سان اُٿيو. ماريا ڪنڊراتيوينا پڻ اُٿي بيٺي.
”مون کي دمتري فيودورووچ بابت ڪا به خبر نه آهي. اِيئن ته نه آهي ته مان اُن جو نگهبان آهيان. ” سميرڊياڪوف، کيس آهستگيءَ ۽ رازداراڻي نموني ۾ جواب ڏنو.
”پر مان ته فقط اِهو ئي پڇيو، ته اوهان کي اُن جي ڪا خبر آهي. ” اليوشا کين سمجهائيندي چيو.
”مون کي اُن جي بابت ڪا به خبر نه آهي ۽ نه وري اُن جي ضرورت آهي.“
”پر منهنجي ڀاءُ مون کي ٻـُـڌايو هو، ته اسان جي گهر ۾ جو به وَهي ۽ واپري ٿو، تون اُن کي ٻـُـڌائيندو آهين. تنهنجو هن سان واعدو آهي، ته جڏهن اَگرافينا اليگزينڊروينا اَچي ته هن کي اُن جي خبر ڏئين.“
سميرڊياڪوف پنهنجي سرد نگاهه سان کيس ڏٺو ۽ کيس چيائين ته ”تون هتي ڪهڙيءَ ريت آيو آهين، جڏهن ٿورو وقت اڳ ۾ اسان توکي مقفل ڪري ڇڏيو آهي.“
”مان پٺ واري گهٽيءَ مان لوڙهي کي ٽپي آيو آهيان ۽ سڌو سردخاني ۾ پهتو آهيان. مون کي اُميد آهي ته اوهان مون کي معاف ڪندا. ” هن ماريا ڪنڊرا تيوينا ڏي منهن ڪري چيو ته ”مون کي پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ جي ڏاڍي خواهش هئي.“
مارياڪنڊراتيوينا، اليوشا جي معافي کان راضي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ته ”اسان تنهنجو اِهڙي ريت اَچڻ بي موقع نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ ته دمتري فيودورووچ، پاڻ به اَڪثر اِنهيءَ رستي سان سردخاني ۾ ايندو آهي. هـُـو شايد سرد خاني ۾ ويٺو هجي، پر اَسان کي اُن جي ڪا به خبر نه آهي.“
”مان اُن جي لهڻ لاءِ ڏاڍو پريشان آهيان. گهٽ ۾ گهٽ مون کي اِهو ئي معلوم ٿئي ته هـُـو هاڻي ڪٿي آهي؟ مون تي اعتبار ڪيو، مون کي هن جي ئي ضروري ڪم لاءِ ساڻس ملڻو آهي.“
”هـُـو اسان کي پنهنجي بابت ڪا به ڳالهه نه ٻڌائيندو آهي. ” ماريا ڪنڊراتيوينا جواب ڏنو.
سميرڊياڪوف، وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ”مان هتي هميشه هڪ دوست جي حيثيت ۾ ايندو آهيان پر دمتري فيودورووچ، مون کي بيحد بي رحميءَ سان دَٻائيندو رهندو آهي ۽ عجيب بي جوڙ سوال پچندو رهندو آهي. خصوصيت سان منهنجي مالڪ لاءِ سوال هوندا آهن يا چوندو آهي ته ڪهڙي خبر آهي؟ گهر ۾ ڇا وَهي واپري ٿو؟ ڪير اَچي ٿو ۽ ڪير وڃي ٿو؟ جيڪڏهن مان کيس وڌيڪ ٻڌائي نه سگهندو آهيان، ته مون کي مارڻ جا دڙڪا ڏيندو آهي. ٻه ڀيرا ته اِهڙا دڙڪا ڏيئي چـُـڪو آهي.“
اليوشا کيس عجب مان چيو ته ”موت جا دڙڪا ڏيندو آهي؟“
”تون اڳ ۾ ئي ڄاڻين ٿو، ته هـُـو پنهجي طبعيت جي باعث اِيئن نه ڪندو هوندو. ڪالهوڪي اتفاق مان تو اَندازو لڳايو هوندو. هـُـن مون کي چيو آهي ته جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊرووچ کي مون گهر ۾ اَچڻ ڏنو ۽ هـُـن رات اُتي گذاري ته مان پهريون ماڻهو هوندس جو اُن لاءِ سزا ڀوڳيندس. مون کي هن کان بيحد خوف ٿو ٿئي. مان چاهيان ٿو، ته پوليس کي اِها خبر ڪري ڇڏيان. خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته هـُـو اَلائي ڇا ڪري وجهي!“
ماريا ڪنڊراتيوينا کيس چيو ته ”ڪالهه هـُـن جناب، هن کي چيو پئي ته مان توکي اُکريءَ ۾ وجهي ڪٽيندس.“
”هـُـو، هن کي اُکريءَ ۾ وجهي ڪـُـٽي ڇڏيندو! هن مذاق ۾ چيو هوندو. مان جيڪڏهن اُن سان مليس ته اِها ڳالهه به کيس چوندس. ” اليوشا همدرديءَ جي لهجي ۾ کيس جواب ڏنو.
سميرڊياڪوف ٿوري وقت جي سوچڻ کان پوءِ چيو ته ”ٺيڪ آهي، مان اوهان کي فقط هي ڳالهه ٻــُـڌائي سگهان ٿو، ته مان هتان جو هڪ پراڻو دوست ۽ پاڙيسري آهيان ۽ هيءُ بـُـرو لڳندو آهي، ته مان هيڏي نه اَچان. پر ٻي ڳالهه به آهي. اُها هيءَ آهي ته مون کي اڄ صبح جو ايون فيودورووچ تنهنجي ڀاءُ جي رهڻ واري جاءِ ليڪ اسٽريٽ ڏانهن موڪليو هو. مون وٽ ڪو به خط نه هو پر پيغام موت هو، ساڻس مارڪيٽ واري هوٽل ۾ گڏ ماني کائي، مان ويس پر دمتري فيودور پاولوچ اُتي موجود نه هو. جيتوڻيڪ اُن وقت اَٺَ لڳا هئا. گهر جي مالڪياڻي ٻـُـڌايو، ته هـُـو هتي هيو، پر هاڻي اَلائجي ڪاڏي نڪري ويو آهي. جيئن مان سمجهيو، هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪو ٺهراءُ آهي. شايد هـُـو هاڻي ايون فيودور پاولوچ سان گڏ هوٽل ۾ هجي. ڇاڪاڻ ته ايون فيودورووچ رات جي ماني تي گهر ۾ نه هو ۽ فيودور پاولوچ، ڪلاڪ کن ٿيو، اَڪيلي ماني کاڌي هئي ۽ سمهي پيو هو. مان اوهان کي خاص طرح سان عرض ڪندس ته منهنجي بابت ساڻس ڪو به گفتگو نه ڪندا، جو ڪجهه مان اوهان کي ٻڌايو آهي، کيس نه ٻڌائيندا. هـُـو اَجايو مون کي ماري وجهندو.“
اليوشا جلديءَ مان اماڻيو ته ”مون پنهنجي ڀاءُ ايون، دمتري کي دعوت ڏئي هوٽل ۾ گهرايو آهي.“
”برابر“.
”مارڪيٽ وٽ ميٽرو پولس هوٽل ۾؟“
”هائو اِنهيءَ ۾ ئي.“
”اها عجيب ڳالهه آهي.“ اليوشا جوش مان رڙ ڪري چيو. ”سميرڊياڪوف تنهنجي مهرباني. هيءُ نهايت ضروري آهي ۽ مون کي اوڏاهين هڪدم وڃڻ گهرجي.“
سميرڊياڪوف سندس پٺيان واڪو ڪري چيو ته، ”مون سان ٺڳي نه ڪجانءِ!“
”نه، نه مان اِيئن ڏيکاريندس ته اُتي ڄڻ اتفاقي پهچي ويو آهيان. توکي اُن جو انتظار نه ڪرڻ کپي.“
ماريا ڪنڊراتيوينا کيس سڏ ڪري چيو ته ”هڪ منٽ لاءِ ترس، مان دروازو تنهنجي لاءِ کوليان ٿي.“
”نه، هيءُ ويجهو رستو آهي، مان وري به لوڙهي کان ئي ٽپي ويندس“
اليوشا جو ڪجهه ٻـُـڌو هو، اُن کيس ڪشمڪش ۾ وجهي ڇڏيو. هـُـو هوٽل ڏي ڊوڙي پيو. هـُـن لاءِ ناممڪن هو ته هـُـو راهب جي لباس ۾ هڪ شرابخاني ۾ پهچي. پر اهو ٿي پئي سگهيو، ته هـُـو ڀائرن جي لاءِ دروازي تي ترسي پڇي، کين هيٺ لاهي ۽ ملاقات ڪري. پر جيئن ئي هـُـو شرابخاني وٽ پهتو، هڪ دَري کـُـلي پئي ۽ سندس ڀاءُ ايون کيس ڏسي ورتو ۽ کيس سڏ ڪيو:
”اليوشا، تون مون ڏي مٿي نه ٿو اَچين ڇا؟ مٿي اچڻ لاءِ مان تنهنجو بيحد شڪر گذار ٿيندس.“
”مان ته جيڪر اَچان، پر مون کي خبر نه آهي ته هن لباس ۾ مٿي اَچي به سگهان ٿو يا نه؟“
”پر مان ته جدا ڪوٺيءَ ۾ آهيان. تون ڏاڪڻ ۾ اَچ، ته مان توکي هيٺ لهي وٺڻ لاءِ اَچان ٿو.“
هڪ منٽ پوءِ، اليوشا پنهنجي ڀاءُ جي پاسي ۾ ويٺو هو ۽ اُن سان گڏ کائي رهيو هو.

باب ٽيون: ڀائرن ۾ ميلاپ

ايون ڪنهن جدا ڪمري ۾ ته نه هو پر اُن جاءِ کي پـَـردي سان جدا ڪيو ويو هو، جنهنڪري ڪوٺيءَ جا ٻيا ماڻهو، اُن جاءِ کي ڏسي نه ٿي سگهيا. هيءُ دروازي وٽ پهريون ڪمرو هو ۽ ڀت تائين پردو لڳل هو. ٻاهر ماڻهو هيڏي هوڏي پئي ٿي گهميا ۽ ڦريا. پر هن ڪوٺي ۾ فقط هڪ اَجنبي گراهڪ ويٺل هو، جو هڪ پينشن بردار فوجي سپاهي ٿي ڏٺو. هڪ ڪنڊ ۾ هـُـو چانهه پي رَهيو هو. پر ٻين ڪوٺين ۾ حسب معمول چڱو گوڙ ۽ شور هو. خادمن کي سـَـڏ ٿي ڪيا ويا. شيشين جي ٻـُـجين کلڻ جا ٺڪاءَ هئا. بليئرڊ کيڏڻ وارن جا آواز ۽ ڪنهن ساز جي به صدا ٿي آئي. اليوشا کي خبر هئي ته عام طرح اِهڙن شرابخانن ۾ نه ويندو آهي ۽ خاص طرح اِهڙين جاين کي پسند نه ڪندو آهي. هـِـن مان هـُـن سمجهيو، ته هـُـو پنهنجي بندوبست موجب، دمتريءَ سان ئي هت ملڻ لاءِ آيو آهي. پر دمتري اُتي موجود ڪو نه هو.
ايون پنهنجو کاڌو کائي بس ڪيو هو ۽ هاڻي چانهه پي رهيو هو. هـُـن اليوشا کي جهلي ڏاڍي خوشيءَ مان چيو ته، ”مان تنهنجي لاءِ مـَـڇيءَ جي رَس گهرايان يا ٻيو ڪجهه. تون فقط چانهه تي ته گذارو نه ڪري سگهندين؟“
”منهنجي لاءِ پهريائين رَس گهراءِ ۽ پوءِ چانهه. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. ” اليوشا به کيس خوشيءَ مان چيو.
”مربو به اچي؟ اِهو به هتي موجود آهي. مون کي ياد ٿو اَچي، ته توکي ننڍي هوندي مربو ڪيڏو نه وڻندو هو؟“
”تڏهن توکي اِهو ياد آهي؟ چڱو مربو به گهرائي ڏي، مون کي اِهو اَڃا تائين پسند ايندو آهي.“
ايون، خادم جي طرف ڊوڙي پيو ۽ کيس مربي، رَس ۽ چانهه آڻڻ لاءِ چيائين.
”مون کي سڀ ڪجهه ياد آهي اليوشا، مون کي اهو به ياد آهي ته اُن وقت تون يارهن ورهين جو هـُـئين ۽ مان قريباًپندرهن ورهين جو هوس، هيءُ يارهن ۽ پندرهن ورهين جو اُهو تفاوت آهي، جڏهن اِنهيءَ عمر ۾ ڀائر هڪ ٻئي جا رفيق بڻجي نه سگهندا آهن. مون کي ڪا به خبر نه ٿي پوي، ته مون کي اُن وقت توسان محبت هئي يا نه؟ مان جڏهن پهريائين ٿورن سالن لاءِ ماسڪو ويو هوس، ته تنهنجي لاءِ ڪو به خيال نه هيم. پوءِ جڏهن تون ماسڪو ۾ آئين ۽ جيئن مون کي ياد اَچي ٿو، اسان ڪٿي هڪ ڀيرو ئي پاڻ م مليا هئاسين. هتي به مون کي ٽي مهينا آئي گذريا آهن، پر مشڪل سان اسان پاڻ ۾ ڪي ٿورا لفظ ڳالهائي سگهيا آهيون. مان سڀاڻي ٻاهر وڃي رَهيو آهيان. مون خيال ٿي ڪيو، ته مان هت ويٺو آهيان ۽ اِهڙيءَ حالت ۾ توسان ڪيئن الوداع ڪري سگهندس. اِنهيءَ خيال ۾ هوس ته تون هتان گذرين.“
”تون تڏهن منهنجي ڏسڻ لاءِ انتظار ۾ هئين؟“
”هائو. مان چاهيو ٿي، ته توکي هڪ ڀيرو، هميشھ لاءِ سڃاڻان ۽ تون به مون کي سڃاڻين. اُن کان پوءِ ئي توکي خدا حافظ چوان. منهنجي خيال ۾ اِها چڱي ڳالهه آهي ته ماڻهو هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ کان اڳ ۾، هڪٻئي کي چڱيءَ ريت سڃاڻين. مان ڏٺو ٿي ته تون هيءُ ٽي مهينا، ڪيئن نه مون کي انتظار سان نهاري رهيو هئين. تنهنجي اکين ۾ ڪنهن اُميد جي مسلسل نگاهه نظر ايندي رَهي آهي ۽ مان اُن کي برداشت ڪري نه ٿو سگهان. اِهو ئي سبب هو، جو مان توکان ڏور ٿي رهيس. پر آخر ۾ مان هن نتيجي تي پهتس ته مان تنهنجي عزت ڪريان. مان خيال ڪيو ته هي نوجوان پختي اِرادي وارو آهي. جيتوڻيڪ مان کلان ٿو پر مان هن راءِ تي مضبوط آهيان، ته تون پنهنجي اِرادي تي مضبوط آهين. ڪيئن آهي نه اِيئن؟ مان اُنهن ماڻهن کي پيار ڪندو آهيان، جي ڪجهه به ٿي پوي، پنهنجي اِرادي تي پختا هوندا آهن. پوءِ اُهي ڇو نه ننڍيءَ عمر وارا هجن. تنهنجون پـُـر اُميد اکيون، ڇو نه مون کي ڇينڀ ڪرڻ کان روڪجي وڃن، مان اُنهن کي محبت ڪريان ٿو. تون مون سان ڪن ڳالهين جي سبب کان ضرور پيار ڪرين ٿو اليوشا؟“
”ايون، مان توسان واقعي محبت ڪريان ٿو. دمتري تنهنجي لاءِ چوندو آهي ته تون قبر وانگر آهين! پر مان چوان ٿو ته تون هڪ ڳجهارت وانگر آهين. پر مان توکي سمجهڻ گهران ٿو. ڇاڪاڻ ته مان اڄ صبح تائين به اُن کي سمجهي نه سگهيو آهيان.“
”اُهو ڇا آهي؟ “ ايون کلي ڏنو.
”تون ڪاوڙِ نه ڪندين؟ ” اليوشا به کلي ويٺو.

”چڱو.“
”تون اِهڙو ئي نوجوان آهين، جيئن ٻيا ٽيويهن ورهين جا نوجوان ٿين ٿا. تون اَڃا به ننڍڙو، تازو توانو ۽ وڻندڙ ڇوڪرو لڳين ٿو. سادي چوڻ سان، مان تنهنجي بي عزتي ته نه ڪئي آهي؟“
اُن جي ابتڙ مان، هيءُ ٻڌي حيران ٿي ويو آهيان. ” ايون گرمجوشي ۽ مذاق جي طور تي چيو. شايد تون اعتبار ڪرين ته اُن ڏينهن جڏهن ڪيٽرينا جي گهر ۾ مليا هئاسون، اُن وقت کان وٺي، مان ڪنهن ٻي ڳالهه تي نه ٿي سوچيو. مان ساندهه اِنهيءَ فڪر ۾ آهيان، ته ڪيترو نه سادو نوجوان آهيان. اتفاقاًتو به اِتان ئي ڳالهه شروع ڪئي آهي. توکي خبر آهي ته مان هتي به ويٺي اِهو ئي ٿي سوچيو ته جيڪڏهن منهنجو زندگيءَ ۾ يقين نه آهي، اُن عورت مان اعتبار وڃايو اٿم، جنهن کي پيار ڪريان ٿو، شين جي تنظيم ۾ ڪو به يقين نه اَٿم ۽ اِيئن سمجهان ٿو ته تحقيق ڪنهن شيءِ جو ڪو نظام ئي نه آهي ۽ هـُـوءَ مردود ۽ اُها افراتفري آهي، جنهن تي شيطان سوار آهي، ته اِهو انساني وهم کان ڇوٽڪاري جو سبب ٿي نه ٿو سگهي. مون کي جيئرو رهڻو آهي ۽ جنهن پيالي کي چکيو اٿم، اُن کي جيستائين پي نه ويندس، اُن کي ڪو نه موٽائيندس. ٽيهن ورهين جي عمر ۾، جيڪڏهن اُن پيالي کي خالي نه ڪري سگهيس ته ضرور موٽائڻو پوندو. پر اُن جو نقطو نامعلوم رهندو، پر جيستائين مان ٽيهن ورهين جو ٿيان، منهنجي جوانيءَ جي مسرت سڀ تي ڇانئجي ويندي. زندگيءَ جي هر افراتفري ۽ هر نااُميديءَ تي قبضو ڪري وٺندي. ڪيترائي ڀيرا مان پاڻ کان پڇيو آهي، ته ڇا دنيا جي اندر اِهڙي به ڪا نااُميدي آهي، جا منهنجي هن زندگي جي بدحواسي، اَڃا به اَڻ ڏٺل اُڃ تي غالب اَچي سگهي ٿي؟ مان هن نتيجي تي پهتو آهيان، ته اِهڙي شيءِ ڪا به نه آهي. ڇاڪاڻ ته مان اَڃا ٽيهن ورهين جو نه آهيان ۽ جڏهن ٿيس ته پنهنجو پاڻ سڀ ڪجهه وِڃائي ويهندس. ڪن ڪوتاهه نظر، بي ربط اخلاق جي ماهرن ۽ خاص طرح شاعرن، هن اُڃ کي زندگيءَ جي بنيادي شيءِ ڪري سڏيو آهي. البت هيءُ سچ آهي، ته هيءَ پياس ڪرامازوف وارن جي خصوصيت آهي، جا زندگيءَ ۾ ڪنهن به ريت عزت ۽ شرف جي لائق نه آهي. توکي به اِهائي آهي، پر اُن کي بنيادي ڇو ٿو چيو وڃي؟ هن اسان جي زمين جي مرڪز ڏي مائل رهڻ وارو زور اَڃا به ڪافي طاقتور آهي اليوشا. مون کي پنهنجي زندگيءَ لاءِ بيحد انتظار آهي، ۽ مان اُن کي ڪنهن به منطق کان سواءِ گذارڻ جو تمنائي آهيان. جيتوڻيڪ مان هن جهان جي نظام جو قائل نه آهيان، پر مان اُنهن تازن پنن سان محبت ڪريان ٿو، جي بهار جي موسم ۾ ڦٽندا آهن. مان نيري آسمان کي پيار ڪريان ٿو ۽ اُنهن ماڻهن کي به، جن کي ناواقف هوندي به پيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اِها خبر نه ٿي پوي ته اِيئن ڇو ڪيو وڃي ٿو؟ مان اُنهن عظيم ماڻهن جي ڪارنامن سان به پيار ڪريان ٿو، جيتوڻيڪ گهڻي وقت کان اِنهن ۾ منهنجو ڪو به ايمان نه رهيو آهي. پر قديم عادت موجب، دل اُنهن کي انعام جو مستحق ٿي سمجهي. هنن تنهنجي لاءِ شوروو آندو آهي. هن کي پيءُ، اِهو تنهنجي لاءِ چڱو ٿيندو. اِهو لذت وارو شوروو آهي. اهو ڄاڻن ٿا، ته ڪيئن تيار ڪيو ويندو آهي. اليوشا مان يورپ ڏي سفر ڪرڻ گهران ٿو ۽ هتان نڪري ويندس. پر مان اُن هوندي به ڄاڻان ٿو مان فقط هڪ قبرستان ڏي وڃي رهيو آهيان. پر اِهو نهايت قيمتي قبرستان آهي. قيمتي آهن، اُهي مئا، جي اُتي دفن ٿيل آهن. اُنهن جو هر هڪ پٿر، سندن شاندار ماضيءَ جي حياتي جو ذڪر ڪندو ٿو رَهي. ڪيڏو نه هنن جو پنهنجي عمل ۾ بيتاب اعتقاد هو. سندن صداقت، سندن ڪشمڪش ۽ سندن علم ۽ فضل، جن کي مان ڄاڻان ٿو، ايتري قدر ته لائق آهن، جو مان زمين تي ڪـِـري، اِنهن پٿرن کي چمان ۽ اُنهن جي مٿان روئان. جيتوڻيڪ مان هيءُ به ڄاڻان ٿو ته منهنجو اِهو روئڻ نااُميديءَ کان نه هوندو، پر مان پنهنجي هنن ڳوڙهن کان خوشي حاصل ڪندس. مان پنهنجي روح کي اُن جذبي ۾ گم ڪري ڇڏيندس. مان نوخيز پنن کي بهار ۾ پيار ڪريان ٿو ۽ نيري آسمان کي به ۽ اِهو ئي سڀ ڪجهه آهي. هيءُ ڪو ذهني يا منطقي مواد نه آهي. اِها ڪنهن جي پنهنجي باطن سان محبت آهي. ڪنهن جي پنهنجي شڪم سان محبت آهي. هڪ، ٻي جي جوانيءَ جي اولين طاقت سان پيار ڪري ٿو. اليوشا تون منهنجي طويل تقرير کي سمجهي به سگهين ٿو؟ ” ايون اوچتو ٽهڪ ڏئي کـِـليو.
”ايون مان چڱيءَ ريت سمجهيو آهي. هڪ ماڻهو، ٻي جي اندر سان محبت ڪرڻ لاءِ منتظر آهي. ٻي جي شڪم سان محبت ڪري ٿو. تو جو ڪجهه به چيو آهي، اُهو وڻندڙ آهي ۽ مون کي بيحد خوشي ٿي آهي، ته توکي پنهنجي زندگيءَ سان وڏي محبت آهي. ” اليوشا کيس وري وڏي آواز سان چيو ته ”مان خيال ڪريان ٿو ته هر ڪنهن ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾، ٻي سڀ ڪنهن شيءِ کان مٿي، پنهنجي زندگيءَ سان پيار ڪرڻ گهرجي.“
”ڇا حياتيءَ کي سندس مقصد ۽ غرض کان به مٿي پيار ڪيو وڃي؟“
بيشڪ، تون اُن کي منطقي طريقي کان ٻاهر ٿي پيار ڪر، جيئن تو چيو ٿي. هيءَ منطق کان جدا شيءِ آهي ۽ پوءِ ئي ڪو ماڻهو اُن جي مقصد ۽ غرض کي سمجهي سگهي ٿو. مان اُن تي گهڻو وقت غور ڪيو آهي. ايون تنهنجو اَڌ ڪم ته هتي پورو ٿيو. تون زندگيءَ کي ته پيار ڪرين ٿو، هاڻي باقي هيءُ رَهيو آهي ته تون ٻي اَڌ کي به پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. جيڪڏهن تو اِيئن ڪيو ته بچي ويندين.“
”تون مون کي بچائڻ جي ڪوشش ٿو ڪرين، پر مان گم ته نه ٿيو آهيان! تنهنجو ٻي اَڌ کان ڪهڙو مطلب آهي؟“
”ڇو، ڪنهن کي تنهنجي مـُـردن کي اُٿارڻو آهي. شايد هـُـو مري ئي نه ويا هجن. اَچ ته چانهه پيئون. ايون تنهنجي گفتگو مان مون کي بيحد مزو اَچي رهيو آهي.“
”مان ڏسان ٿو ته تون جذبات سان ڀرجي ويو آهين. مان تو جهڙي وسيع نظر راهب کي پيار ڪندو آهيان. اليڪسي تون اڏول طبعيت وارو ماڻهو آهين. ڇا اِهو سچ آهي ته تون خانقاهه ڇڏي رهيو آهين؟“
”هائو مربي مون کي دنيا ڏي موڪلي رهيو آهي.“
”پوءِ اَسين هڪ ٻي کي دنيا ۾ ڏسنداسون. مان ٽيهن سالن تي پهچڻ کان اڳ توسان ملندس، اُن وقت جڏهن پيالي کي پوئتي موٽائڻ جي ڪوشش شروع ڪندس، اسان جو پيءُ ته ستر تائين به پيالي جي جند نه ٿو ڇڏي. هـُـو اَسي تائين رَڙهڻ جا خواب ٿو لهي. سندس گفتگو مان به اِيئن معلوم ٿئي ٿو. هـُـو هن حالت کي نهايت ڳنڀير ٿي ڏسي ٿو، جيتوڻيڪ هـُـو مسخرو بڻجي ويو آهي. هـُـو هڪ مضبوط پهاڙ تي قائم آهي. هـُـو پنهنجي شهواني حرڪت تي قابو آهي. جيتوڻيڪ اسان سمجهون ٿا ته ٽيهن سالن کان پوءِ ڪا اِهڙي شيءِ نه رهندي، جنهن تي اسان قائم ٿي سگهون. ستر ورهين تائين لـَـڙڪڻ احمقاڻي حرڪت آهي. مان وڌ ۾ وڌ ٽيهه ورهيه. ماڻهو کي ڪجهه نه ڪجهه ته نجابت جو عڪس رکڻ گهرجي ۽ فريب کائڻ نه گهرجي. اڄ تو دمتريءَ کي ڏٺو آهي؟“
”نه، پر مان سميرڊياڪوف سان مليو آهيان. ” اليوشا هيءُ تڪڙ ۾ چئي ويو ۽ سميرڊياڪوف سان ملاقات جو احوال هڪ منٽ ۾ پورو ڪري ورتائين. ايون هيءَ ڌيان ۽ انتظار سان ٻڌندو رَهيو ۽ کيس سوال ڪرڻ شروع ڪيائين:
”پر هـُـن مون کي عرض ڪيو ته مان کيس اِهو نه ٻڌايان ته مان هن سان ڪو مليو آهيان. ” ايون هيءُ ٻڌي تڻجي ويو ۽ گهري ويچار ۾ پئجي ويو.
”تون سميرڊياڪوف جي احوال تي تڻجي ويو آهين؟ اليوشا کانئس پڇيو.
”هائو سندس حقيقت تي، کڏ ۾ وجهينس. مان چاهيان ٿو، ته ڪنهن ريت دمتريءَ سان ملان. پر هاڻي ڪا به ضرورت نه آهي.“
”پر، ڀاءُ، تون ايترو جلدي وڃڻ وارو آهين ڇا؟“
”هائو.“
”پوءِ اسان جي پيءُ ۽ دمتري جو ڇا ٿيندو؟ آخر اِها ڪـِـٿي پڄاڻي ٿيندي؟ ” اِليوشا انتظار مان کانئس پڇيو.
”تون هميشھ اِهو ئي سـُـر ٿو آلاپين. مان هن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مان پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ جو نگهبان ته نه آهيان. ” ايون جوش مان چـَـپَ ۾ چڪ وڌو ۽ بعد زهر خند سان کلي ويٺو. ”هيءُ قابيل جو پنهنجي خون ٿيل ڀاءُ هابيل جي بابت جواب ٿي سگهي ٿو. اِيئن آهي نه؟“
شايد اِهڙو ئي خيال هجي، جنهن کي تون هن وقت سوچيندو هجين؟ چڱو سڀني کي کڏ ۾ وجهه. مان جو ڪجهه ڪري سگهيو آهيان، اُن کي ختم ڪيو اَٿم ۽ هاڻي وڃان ٿو. تون شايد اِهو خيال ڪندو هجين ته دمتريءَ سان مون کي حسد آهي ۽ مان ڪوشش ٿو ڪريان ته حسين ڪيٽرينا ايونونا کي کانئس کسي وٺان. جنهن ڪشمڪش کي ٽي مهينا گذري ويا آهن. سڀ بيوقوفي آهي. منهنجو ته عمل ئي پنهنجو هو. مان اُن کي ختم ڪيو ۽ مان وڃان ٿو.
”مان اُن کي جهڙي ريت ختم ڪيو آهي، تون اُن جو شاهد آهين.“
”هان ڪيٽرينا ايونونا بابت؟“
هائو، مان سڀني کان هڪ ڀيرو وري آزاد ٿي ويو آهيان. اُن ڪري هاڻي منهنجو دمتري سان واسطو ئي ڪهڙو رهيو آهي. دمتري جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڪيٽرينا ايونونا سان تعلق رکڻ، اِهو منهنجو پنهنجو فعل هو. مگر اُن جي برعڪس دمتري اِهڙي طرز اختيار ڪئي، اِئين معلوم پئي ٿيو ته اسان ٻنهي ۾ ڄڻ ته ڪو ٺهراءُ ٿيل هو. مان کيس ڪڏهن به نه چيو هو ته هيئن ڪر يا هونءَ ڪر. پر هن پنهنجي رغبت سان، هـُـن کي منهنجي سپرد ڪري ڇڏيو ۽ اَسان کي دعائون ڏنيون. ڪيڏي نه کـِـلَ جهڙي شيءِ! اڙي اليوشا، جيڪڏهن تون ڄاڻي سگهين ته هاڻي منهنجي دل ڪيڏي نه هلڪي ٿي وئي آهي! تون يقين ڪندين ته مان جڏهن هتي ماني کائي ويٺس ۽ شئمپين آڻڻ لاءِ حڪم ڏنم، تڏهن اِيئن سمجهيم ته مان پنهنجي آزاديءَ جي پهرئين گهڙيءَ کي ملهائي رهيو آهيان. جنهن ڳالهه جي لاءِ ڇهه مهينا انتظار ٿي ڪيم. اُن کي يڪايڪ اُڇلائي ڦٽو ڪيو اَٿم. جنهن ڳالهه تي شايد ڪلهه تائين اعتبار ئي نه اَچي ها، اُن کي مان جيڪڏهن چاهيان ها، ته ڪيڏو نه آسانيءَ سان پورو ڪري سگهان ها.“
”تون پنهنجي عشق جي لاءِ ڳالهائي رهيو آهين ايون؟“
”هائو پنهنجي عشق جي لاءِ، جيڪڏهن تون اُن کي پسند ڪرين. مان هڪ نوجوان عورت جي محبت ۾ ڦاسي پيس. مان هن کي انتظار ۾ وڌو ۽ هـُـن مون کي انتظار ۾ وڌو. مان ويهي هـُـن کي جاچيندو رهيس.... پر سڀئي خيال هـِـڪ گهڙيءَ ۾ تباهه ٿي چڪا! مان صبح جذبات مان ٿي ڳالهايو، پر جڏهن مان دور ٿي ويس، تڏهن پـُـر شور ٽهڪن سان کلڻ لڳس. تون اعتبار ڪندين مان توکي عين حقيقت ٻڌائي رهيو آهيان.“
اليوشا سندس منهن ۾، جو هاڻي گهڻو روشن ٿي ويو هو، نهاريندي چيو ته، ”تون هاڻي، هن حقيقت بابت ڏاڍو خوش ٿو نظر اَچين؟“
”هائو، پر مان اِهو ڪيئن ٿو چئي سگهان ته مون کي اُن جي ذري جي به پرواهه نه آهي. اُن هوندي به هـُـن مون کي ڪيڏي نه ڪشش ڪئي آهي ۽ هاڻي به جڏهن مون پنهنجي تقرير ٿي ڪئي، هوءَ ڪيڏي نه پرڪشش ٿي ڏٺي! تون ڄاڻين ٿو ته هوءَ منهنجي لا ءِ، هاڻي به ڪيڏي نه ڪشش واري آهي. پر اُن هوندي به کيس ڇڏي وڃڻ ڪيڏو نه آسان آهي. تون اِيئن ته نه ٿو سمجهين ته مان لاف هڻي رَهيو آهيان؟“
”نه پر مان سوچيان ٿو ته اِها محبت نه هئي.“
”اليوشا ” ايون کليو، “ محبت جي لاءِ پنهنجا وهمي خيال نه سوچ. اِها تنهنجي لاءِ اَڻ ڏٺل شيءِ آهي. تون اڄ صبح بحث ۾ ڪيئن ڊوڙي پيو هئين! مون کي اِنهيءَ جي لاءِ توکي چمڻ وسري ويو هو... پر ڪيئن نه هوءَ مون کي عذاب ڏيئي رَهي هئي! اِها سڄي دل آزاري هئي. آهه! هوءَ ڄاڻي سگهي ته مان ڪيئن نه کيس پيار ٿي ڪيو! هن مون کي پيار ٿي ڪيو نه دمتريءَ کي. ” ايون هنن لفظن تي زور ڏنو. دمتري جي لاءِ سندس جذبا محض سندس دل آزاري هئي. مان کيس اُن وقت جو ڪجهه به چيو، اُن ۾ مڪمل صداقت هئي. پر اُن مان بڇڙائي هيءَ نڪتي ته کيس هن ڳالهه جي سڃاڻڻ لاءِ ته دمتريءَ سان سندس محبت نه هئي، هاڻي پندرنهن ۽ ويهه سال لڳي ويندا ۽ ايترو ئي وقت کيس هن کي سمجهڻ ۾ لڳي ويندو ته جنهن کي هوءَ عذاب ڏيئي رَهي هئي، اُن ساڻس محبت ٿي ڪئي. اڄ کيس جو سبق مليو آهي، شايد اُن مان به هيءَ ڳالهه سمجهي نه سگهي. پر هر صورت ۾ مان اُن کي هاڻي ترڪ ٿو ڪريان. پر هيءَ ڳالهه ته ٻڌاءِ ته هاڻي هوءَ ڪيئن آهي؟ منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ٿيو؟
اليوشا کيس چيو ته ”تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مٿس اعصابي حملو ٿيو آهي ۽ هوءَ دَبـُـري رَهي آهي.“
”اِيئن ته نه آهي ته بيگم هائلڪوف ڪوڙ ٿي ڳالهائي.“
”مان نه ٿو سمجهان.“
”مان اُن جي جاچ ڪندس. ڪو به ماڻهو، اعصابي حملي ۾ ڪو نه مرندو آهي. هيءَ ڪا خطرناڪ بيماري نه آهي. خدا عورت ذات کي اعصابي بيماري، سندس نجات لاءِ ڏيندو آهي. مان وٽس ڪنهن به حالت ۾ نه ويندس. مان ڇاجي لاءِ، هن ۾ وڌيڪ دخل ڏيان؟“
”پر تو ته هن کي چيو هو ته هوءَ تنهنجي ڪا به پرواهه نه ٿي ڪري.“
”مان اِهو ڪنهن مطلب لاءِ چيو هو. اليوشا مان ٿورو شئمپين گهرايان، اَچ ته منهنجي آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ اُن کي گڏجي پيئون. ڪاش توکي خبر پوي ته مان ڪيترو نه خوش آهيان!“
پر اليوشا کيس چيو ته ”نه ڀاءُ، چڱو آهي ته نه پيئون. ڇاڪاڻ ته مان پاڻ کي ڪجهه ڏکويل ٿو محسوس ڪريان.“
”هائو، مان توکي گهڻي وقت کان ڏکويل ٿو ڏسان.“
”تڏهن تو فيصلو ڪيو آهي ته هتان سڀاڻي صبح جو هليو ويندين؟“
”صبح؟ مان اِيئن ڪو نه چيو آهي ته صبح سان هليو ويندس.... پر اِهو صبح ئي هوندو. توکي هن ڳالهه تي اعتبار ايندو ته مان هتي اڄ اِنهيءَ لاءِ کاڌو آهي، ته جيئن اُن پوڙهي سان گڏ کائڻو نه پوي. مان هن کي ايتري نفرت سان ڏسان ٿو. جيتري قدر هن سان تعلق آهي، مان کيس گهڻو اڳي ڇڏي وڃان ها. پر تون منهنجي وڃڻ لاءِ ايترو ڇو منتظر آهين. اسان وٽ منهنجي وڃڻ کان اڳ ۾ گهڻو ئي وقت موجود آهي ۽ لامحدود!“
”جيڪڏهن تون سڀاڻي وڃي رهيو آهيان، ته اُن کي لامحدود ڇو ٿو چوين؟“
”پر اِنهيءَ ۾ اسان کي نقصان ڪهڙو آهي؟ ” ايون کليو. “ جنهن ڳالهه جي لاءِ اسان هت گڏيا آهيون، اُن جي ڳالهائڻ لاءِ ته گهڻو ئي وقت موجود آهي. تون عجب ڇو ٿو کائين، جواب ڏي ته اَسان هت ڇو گڏيا آهيون؟ ڪيٽرينا ايونونا ۽ منهنجي محبت جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ. پوڙهي ۽ دمتري جي ڳالهين سوچڻ لاءِ؟ منهنجي ڏورانهين سفر لاءِ؟ رشيا جي بدنصيب مقام لاءِ يا شهنشاهه نيپولين لاءِ آخر ڪهڙي ڳالهه لاءِ گڏ ٿيا آهيون؟“
”نه، انهن ڳالهين لاءِ نه.“
”تڏهن ته اِها توکي ئي خبر هئڻ کپي، ٻين کي ڪهڙي سـُـڌ. پر اسان کي پنهنجي نوجوانيءَ ۾ پهريائين پنهنجي دوامي مسئلن کي ٺاهڻ گهرجي. اِنهيءَ لاءِ اَسان گڏيا آهيون.“
نوجوان رشيا ڪجهه نه ٿي ڳالهائي پر هاڻي اسان جو دَوامي سوال ڳالهائي رهيو آهي. جهڙيءَ ريت پوڙها، اِنهن مسئلن کي عملي جامو پهرائيندا آهن. تون مون کي ڪهڙيءَ اُميد سان ساندهه ٽي مهينا ڏسندو رهيو آهين؟ اِنهيءَ سوال لاءِ ته تو وٽ منهنجي لاءِ ڪو اعتبار آهي يا ڪو اعتبار ئي نه آهي؟ اِها ئي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ تنهنجون اکيون ٽي مهينا مون کي ڏسنديون رهيون آهن. اِيئن آهي نه؟
اليوشا مشڪي چيو، ”شايد اِئين هجي، ايون تون هاڻي مون تي ته نه ٿو کلين؟“
”مان کلان ٿو. پر مان پنهنجي اُن ننڍڙي ڀاءُ جي دل ڏکوئڻ نه ٿو گهران، جو ٽن مهينن کان ڪنهن اُميد سان مون کي نهاري رهيو آهي. اليوشا، مون ڏي نهار! مان به اِيئن ننڍڙو ڇوڪرو آهيان، جيئن تون. پر مان نو آموز راهب نه آهيان. ڏسڻو اِهو آهي ته روسي ڇوڪرا، منهنجو مطلب آهي، اُنهن مان ڪي هاڻي ڇا ڪري رهيا آهن؟ مثال لاءِ، هن ڪـِـني شرابخاني ۾ هـُـو ڪنهن ڪنڊ ۾ اَچي ويهن ٿا. هـُـو پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ڪڏهن به نه مليا هوندا ۽ جڏهن هـُـو شراب خاني کان ٻاهر نڪرندا ته وري چاليهن سالن ۾ به هڪ ٻي سان نه ملندا. هن شرابخاني ۾ جو هي اَچي ترسندا آهن ته اِنهيءَ گهڙيءَ ۾ هـُـو ڪهڙو گفتگو ڪندا آهن؟ هـُـو دوامي سوالن ڏي ڊوڙي پوندا آهن. هـُـو خدا جي لازوال هستيءَ بابت سوال ڪندا آهن. اُهي جي خدا ۾ ويساهه نه رکندا آهن، اُهي سوشلزم ۽ انارڪزم ۽ سڄي انسانيت کي اصلاح جي نون اُصولن تي آڻڻ لاءِ بحث ڪندا آهن. اِها حالت سڀ هنڌ موجود آهي ۽ اِهي ئي سوال اُنهن کان نڪرندا رهن ٿا. پر عوام يعني روس جي اصلي رهاڪن جا ٻار ٻيو ڪجهه به نه ٿا سوچين پر اِنهن جاوداني مسئلن تي ڳالهائيندا رَهن ٿا. ڇا اِيئن نه آهي؟“
”هائو، اَصل روسين لاءِ خدا جي لازوال هستي يا جيئن تون چوين ٿو اِهڙا ئي سوال، اُنهن جي اندر پيا ٿا ڦرن. بيشڪ اِهي سوال ابتدائي ۽ ضروري آهن، اُن ڪري اِهي هئڻ به گهرجن. ” اليوشا ڳالهائيندي، پنهنجي ڀاءُ کي ساڳي پيار ڀري نگاهن سان مشڪندي ڏٺو. سندس نظر مان ڪي سوال ٿي ڏٺا.
”هائو اليوشا، ڪنهن وقت روسي ٿيڻ به وڏي ناداني آهي، پر اُن کان وڌيڪ بيوقوفي وارو اُهو طريقو آهي، جنهن سان روسي ٻار پنهنجو وقت وڃائيندا رهن ٿا. هن تي ماڻهو مشڪل سان غور ڪري سگهن ٿا. پر هڪڙو روسي ٻار اليوشا نالي آهي، جنهن کي مان بيحد پيار ڪريان ٿو.“
”ڪهڙو نه عمدي طرح سان تو، هن کي نڀايو آهي. ” اليوشا کلي چيو.
”ٺيڪ آهي، هاڻي مون کي ٻڌاءِ، ته مان پنهنجي گفتگو کي ڪٿان شروع ڪريان. تون حڪم ڪر. خدا جي موجودگي يا ٻيو ڪجهه؟“
”جتان به وڻئي اُتان شروع ڪر. تو ڪالهه پيءُ وٽ اظهار ڪيو هو ته خدا جو ڪو وجود ئي نه آهي. ” اليوشا ڀاءُ کي تجسس جي نگاهن سان ڏٺو.
مان ڪالهه رات جي ماني تي، توکي چيڙائڻ لاءِ اِيئن چيو هو ۽ مان ڏٺو ته تنهنجون اکيون چمڪي رهيون هيون، پر هاڻي مون کي توسان بحث ڪرڻ لاءِ ڪو به اعتراض نه آهي. مان هاڻي ضروري ڳالهائيندس. اليوشا مان تنهنجو دوست ٿيڻ گهران ٿو، ڇاڪاڻ ته مون کي ڪو به دوست نه آهي، اُن ڪري توکي آزمائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. تون هن تي عجب نه کاءُ، مان خدا کي مڃان ٿو. ” اِيئن چوندي ايون کليو. ”توکي هن تي عجب لڳندو.“
”ٺيڪ آهي، جيڪڏهن تون مذاق نه ڪندو هجين.“
”مذاق؟“ ڪالهه مون کي مربي وٽ چيو ويو هو، جنهن کي تون ڄاڻين به ٿو ته مان مذاق ڪري رهيو هوس. پيارا ٻار توکي خبر آهي ته ارڙهين صديءَ ۾ هڪ پوڙهو گنهگار ٿي رَهيو، جنهن اظهار ڪيو هو ته جيڪڏهن خدا نه آهي ته اُن کي ڳوليو ويندو. انسان سچ پچ خدا کي ڳولي لڌو آهي. وڌيڪ تعجب جهڙي ڳالهه ڪهڙي آهي ته خدا واجب الوجود نه آهي، پر اُن کان وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي، اِهو تصور، يعني خدا جي هستيءَ جو تصور، انسان جهڙي وحشي ۽ زيانڪار جانور جي دل ۾ ضرور هئڻ گهرجي. اِهو تصور ايڏو ته پاڪيزه، ايڏو ته اَثر وارو ۽ دانشمنديءَ وارو آهي، جنهن مان انسان کي عظيم فائدا حاصل ٿيندا رَهيا آهن. مان پاڻ اِنهيءَ لاءِ ڪڏهن به خيال نه ڪيو آهي ته انسان خدا کي پيدا ڪيو يا خدا انسان کي. مان اُنهن سڀني دليلن کي بيان نه ڪندس، جن کي روسي ڇوڪرا بيان ڪندا رهن ٿا، جي يورپي تخيل جي پيداوار آهن. جا هـُـو فرضي ڳالهه ڪن ٿا. اُها روسي ٻارن لاءِ ثبوت بڻجي وڃي ٿي. فقط ڇوڪرن لاءِ پر سندن اُستادن لاءِ به. آخر هـُـو به ته ساڳيا ئي ڇوڪرا آهن. اُن ڪري مان اِهي فرضي ڳالهيون ترڪ ٿو ڪريان. هاڻي اسان جو نقطي نظر ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ مان چاهيان ٿو ته پنهنجي طبعيت جي لوازمات جي مدنظر، جيتري قدر جلد ٿي سگهندو، مان هن حقيقت جي تشريح ڪرڻ گهران ٿو. جنهن مان توکي خبر پوندي ته مان ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان، ڪهڙي اعتقاد رکان ٿو ۽ مون وٽ ڪهڙيون صلاحيتون آهن. ان ڪري مان توکي سادگيءَ سان ٻڌايان ٿو، ته مان خدا جي هستيءَ کي مڃان ٿو. پر توکي ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن، سچ پچ، هـُـن جهان پيدا ڪيو آهي ته جيتري قدر اَسان کي خبر آهي ته هن جهان کي اقليدس جي جاميٽري جي اُصولن تي پيدا ڪيو آهي. يعني فضا جي ٽن اُصولن موجب، ڊيگهه، ويڪر ۽ چوڙائيءَ موجب. پر اِهڙن فيلسوفن ۽ جاميٽري ڄاڻڻ وارن جو وجود اڳ به هو ۽ هاڻي به آهي، جن کي شڪ هو ۽ آهي ته هيءُ جهان ڪو اقليدس جي جاميٽريءَ جي اُصولن مطابق ٺاهيو ويو آهي. ڪي وري هيءُ خواب ٿا لهن، ته ٻه پور وڇوٽ ليڪون آهن، جي اقليدس جي اُصول موجب هڪ ٻي سان زمين تي ملي نه ٿيون سگهن پر اُهي، ڪٿي بي پايان فضا ۾، جنهن جي ڪا انتها نه آهي، اُن ۾ وڃي ملن. مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته جيئن مان هن پوئين ڳالهه کي به سمجهڻ ۾ قاصر آهيان، ڪهڙي ريت خدا جي هستيءَ کي سمجهي سگهندس. مان اِها قبوليت ٿو ڏيان، ته مون وٽ ايتري سمجهه ئي ڪانه آهي، جو اِهڙن سوالن جو فيصلو ڪري سگهان. مون وٽ زمين واري اقليدس جي دل آهي، اُن ڪري مان ڪهڙي ريت اُنهن مسئلن کي حل ڪري سگهان ٿو، جي هن دنيا جا ئي نه آهن؟ اُن ڪري منهنجا پيارا اليوشا، مان توکي صلاح ٿو ڏيان ته اِهڙين ڳالهين بابت سوچيندو ئي نه ڪر، خاص طرح خدا جي بابت ته هـُـو موجود آهي يا نه؟ هي سڀئي سوال جي اقليدس جي ٽن فضائي حقيقتن (ڊگهائي، ويڪرائي ۽ اونهائي) تي رکيا ويا آهن، اِيئن نه آهي. اِهڙي طرح جيئن ته اسان خدا جي وجود ڏي لاڙو رکون ٿا، جنهن جي بابت اسان جو عقل ۽ ذهن ڪا به خبر نه ٿو ڏئي، اُن تي ايمان آڻيون ٿا ۽ اِها منهنجي لاءِ خوشي آهي. مان وڌيڪ سندس دانائي ۽ سندس مقصد تي به ايمان آڻيان ٿو. جي اسان جي عقل جي پهچ کان گهڻو مٿي آهن. مان سندس زندگيءَ جي مقصد تي به ايمان رکان ٿو. مان اُن غير فاني ڪتاب تي به اعتقاد رکان ٿو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڏينهن اسان جو فيصلو ٿيندو. مان هن جهان ۾ اعتقاد رکان ٿو، جنهن ۾ هيءَ ڪائنات روان دوان آهي ۽ جا خدا سان گڏ آهي، ۽ پاڻ خدا آهي، وغيره وغيره. اُن بابت گهڻائي اصطلاح ٿي سگهن ٿا. مان صراط المستقيم تي نظر اَچان ٿو، اِيئن آهي نه؟ پر اُن هوندي به جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين ته آخري نتيجي موجب، مان خدا جي هن جهان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. جيتوڻيڪ مون کي خبر آهي ته هيءُ موجود آهي، پر مان اُن کي قبول نه ٿو ڪريان. هن جو مطلب اِهو نه آهي ته مان خدا کي نه ٿو مڃان. تون هن کي چڱيءَ ريت سمجهه. هيءَ دنيا جا هـُـن پيدا ڪئي آهي، اُن کي مان قبول نه ٿو ڪريان. مان اُن جي وضاحت ٿو ڪريان. منهنجو اعتقاد اُن ٻار وانگر آهي ته مصائب ۽ تڪليفن جي پڄاڻي ٿيندي ۽ سڀئي انساني زخم ميٽجي ويندا. هي انساني فضول خيال ۽ اختلاف جي رُڃ وانگر معلوم ٿين ٿا، هڪ دوکي کاڌل دردمند نگاهه کان غائب ٿي ويندا. انساني عقل جي هيءَ تار ۽ پور يعني اقليدسي عقل، جنهن کي ذري جيتري به اهميت نه آهي، نيست ۽ نابود ٿي ويندو.
اُن وقت اُن غير فاني ڪتاب جون بي بها شيون ظهور ۾ اينديون، جي هر ڪنهن جي دل لاءِ ڪفايت ڪنديون، آزردگي، آسودگي بڻجي ويندي. انسانيت جي سڀني گناهن لاءِ، ڪفارت ٿيندي، جو رت هاريو ويو آهي، اُن جو ڪفارو ڏنو ويندو. نه فقط عفو ۽ بخشش وجود ۾ ايندو پر انسان سان جو ڪجهه ٿي گذريو آهي، اُن کي صحيح يا حق بجانب ثابت ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ هي سڀ شيون ظهور ۾ اينديون، پر اُن هوندي به مان هنن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. جيتوڻيڪ پور وڇوٽ ليڪون پاڻ ۾ گڏجن به ۽ مان اُنهن کي ڏسان به ته هـُـو پاڻ ۾ مليون آهن، پر تڏهن به اُنهن کي مان قبول نه ڪندس. مان اُنهن کي ملندو ڏسي، فقط ايترو چوندس ته هـُـو پاڻ ۾ مليون آهن. اليوشا اِهي ئي شيون مون وٽ بنيادي آهن ۽ اهي ئي شيون منهنجا عقاعد آهن. مان جو ڪجهه چوان ٿو، اُن جي ذوق ۾ محو آهيان. مان پنهنجي گفتگوءَ جي ابتدا بيوقوفيءَ سان ڪئي آهي پر اُن کي پنهنجي اعتراف تائين پهچايو اَٿم. اِهي ئي شيون هيون، جن جي توکي گهرج هئي. تو خدا جي بابت ته ڪجهه به ٻڌڻ نه ٿي گهريو پر اِهو ڄاڻڻ ٿي گهريو ته تنهنجو ڀاءُ ڪهڙي زندگي کي پيار ٿو ڪري. اِهو مان توکي ٻڌايو آهي.“
ايون پنهنجي گفتگوءَ کي وڏي ذوق ۽ شوق ۽ عجيب جذبات سان پورو ڪيو.
اليوشا کيس خواب وانگر ڏسندي چيو ته، ”اوهان پنهنجي گفتگوءَ کي ڇالاءِ بيوقوفيءَ سان شروع ڪيو.“
”اِهڙيءَ ريت شروع ڪرڻ کان منهنجو مطلب هو ته مان روسي آهيان. اِهڙن مضمونن تي روسي گفتگو هميشھ اِهڙيءَ ريت بيوقوفيءَ جي انداز ۾ شروع ٿيندي آهي. ٻيو سبب هيءُ هو، ته بيوقوف هميشه صداقت جي قريب هوندو آهي. بيوقوف جي مدعا هميشه صاف هوندي آهي. بيوقوفي مختصر ۽ فريب کان سواءِ هوندي آهي. عقل هميشه نٽائيندو رهندو آهي ۽ پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. عقل سست بنياد ۽ اَفسون گر آهي، پر حماقت سچائي واري ۽ ڪنهن کان ڊڄڻ واري شيءِ نه آهي.
مان هن گفتگوءَ کي پنهنجي نااُميديءَ سان پيش ڪيو آهي. جيتري قدر ٿي سگهيو آهي، مان پنهنجي بيوقوفيءَ کي پيش ڪيو آهي، جنهن کي مان پنهنجي بهتري سمجهان ٿو.“
”تون هيءُ مفصل طرح بيان ڪري سگهندين، ته ڇو تون دنيا کي قبول نه ٿو ڪرين؟ ” اليوشا کيس چيو.
”مان تفصيل سان ٻڌائي سگهندس. هيءَ ڪا ڳجهارت ته ڪانه آهي. منهنجا پيارا ننڍڙا ڀاءُ، مان نه ٿو چاهيان، ته توکي منحرف ڪريان ۽ تنهنجي ايمان کي سست ڪريان. منهنجي خواهش آهي ته تنهنجي رهنمائي هيٺ، مان شـِـفا حاصل ڪريان. ايون اوچتو هڪ پياري ۽ معصوم ٻار وانگر کـِـلي ويٺو. اليوشا اِهڙي مـُـرڪ سندس منهن تي اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.“

باب چوٿون: بغاوت

ايون ڳالهائڻ شروع ڪيو ته، ”مون کي تو وٽ هڪ اعتراف ڪرڻ گهرجي. مان سمجهي نه ٿو سگهان، ته ڪهڙيءَ ريت هڪ پاڙيسري کي پيار ڪري سگهجي ٿو. منهنجي عقيدي موجب هڪ پاڙيسريءَ سان دوستي رکڻ نهايت محال آهي. جيتوڻيڪ ڪو هنن کي پري کان پيار ڪندو هوندو. مان هڪ دفعي، ڪٿي ”جان“ جي بابت پڙهيو هو، جو نهايت ٻاجهارو ولي ٿي گذريو آهي، ته جڏهن وٽس هڪ بکايل ۽ سـَـرديءَ جو ماريل فقير آيو، ته هـُـن کيس پنهنجي بستري ۾ سمهاري پنهنجي ٻانهن ۾ ورتو ۽ اُن جي وات ۾ ساهه کڻڻ شروع ڪيو. اُن فقير جي وات ۾ ڪنهن خوفناڪ بيماري جي باعث زخم هئا ۽ اُنهن مان سخت بدبوءِ ٿي آئي. مون کي يقين آهي، ته هـُـن سڀ ڪجهه پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي، ٻئي کي فائدي پهچائڻ لاءِ ٿي ڪيو. هي ڄڻ سندس گناهه جو ڪفارو هيو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ماڻهوءَ سان محبت لـِـڪائي ڪجي، جيئن ئي محبت ظاهر ٿي ته هوءَ گم ٿي ويندي.“
”مربي زوسيما، هڪ ڀيري، هن حقيقت بابت گهڻو ڪجهه ٻـُـڌايو هو.“ اليوشا جواب ڏنو. ”هن پڻ چيو ٿي ته انساني چهرو، اُنهيءَ ماڻهو جي لاءِ، جنهن کي محبت جو تجربو ئي نه هجي، سندس محبت جي عمل لاءِ روڪ ثابت ٿئي ٿو. پر اُن هوندي به بني نوع انسان ۾ محبت جو وڏو ذخيرو آهي، جنهن کي اَسان مسيح جهڙو عشق چئي سگهون ٿا. ايون اُن کي مان پاڻ ڄاڻان ٿو.“
”هائو، مون کي اُن جي لاءِ ڪا گهڻي خبر نه آهي. مان اُن کي سمجهي به نه ٿو سگهان. مون سان گڏ، مون جهڙا لاتعداد بني نوع انسان جا افراد موجود آهن. پر سوال ٿو اُٿي ته هيءُ سڀ ڪجهه ماڻهوءَ جي بـُـرين خاصيتن کان پيدا ٿو ٿئي يا سندس فطرت ۾ هي ورثي ۾ آيو آهي. منهنجي خيال ۾ مسيح جهڙو عشق، هن زمين تي انسان ذات لاءِ ناممڪن ۽ معجزو ٿي سگهي ٿو. هـُـو خدا جو پيغمبر هو پر اَسين نه آهيون. ٿوري وقت لاءِ اِيئن سمجهه ته مان ڪنهن عذاب کي سهان ٿو. پر ٻي کي هيءَ خبر ڪا نه پوندي ته مان ڪيترو سور سـَـٺو آهي. ڇاڪاڻ ته هـُـو غير آهي ۽ مان نه آهيان. هـِـن کانسواءِ، هڪ ماڻهو ڪڏهن به ٻي جي سور سهڻ واري حقيقت کي قبول نه ڪندو. (توڙي کڻي عذاب جي آخري حد ڇو نه هجي.) ڇو، هـُـو اُن کي ڇو نه قبول ڪندو، تنهنجو اُن بابت ڪهڙو خيال آهي؟ ڇاڪاڻ ته مون مان اَڻ وڻندڙ بوءِ ٿي اَچي. ڇاڪاڻ ته منهنجو چهرو بيوقوفن جهڙو آهي. ڇاڪاڻ ته مان هڪ ڏينهن اُن جي پير سان وچڙيو هوس. اُن کانسواءِ هتي عذاب ئي عذاب آهي. بي عزت ۽ شرمسار ڪندڙ عذاب، جي مون کي هميشھ جهڪائيندا رهن ٿا. مثال طور: بک، هو دنيادار اُن کي قبول ڪندو، پر جڏهن، هن کان به ڪا مٿانهين مصيبت ايندي. ڪا به فرض ڪيو، هـُـو اُن کي مشڪل سان قبول ڪندو. ڇاڪاڻ ته منهنجي صورت اُن جي نظر ۾ اِهڙي نه ايندي، جنهن مان هـُـو منهنجي رنج جو پوريءَ ريت اندازو ڪري سگهي. اُن ڪري مان سندس طرفداريءَ کي وڃائي ويهندس. جيتوڻيڪ هـُـو دل سان بدي ڏي راغب به نه هوندو. پينو خاص طرح شريف پينو، پاڻ کي روبرو نه ڏيکاريندا آهن، پر اخبارن جي ذريعي خيرات جي طلب ڪندا آهن. اِهڙي ريت، ڪنهن پاڙيسري سان غائباڻي ۽ مبهم طرح ته محبت ٿي سگهي ٿي پر قريب هجڻ ۾ ذرا ناممڪن آهي. پر جيڪڏهن رقص جي محفل ۾ اسٽيج تي جيڪڏهن ڪو پينو، چتين لڳل پـَـٽ جي پوشاڪ پهري ۽ وڏي ذوق سان رقص ڪري ۽ خيرات گهري ته ڪيئي ماڻهو اُن ڏانهن نهارڻ شروع ڪندا. پر اُن هوندي به اُنهن سان اسان جي محبت ڪانه پيدا ٿيندي. هيءُ ڪافي آهي. مان توکي پنهنجو نقطئه نظر سمجهائڻ ٿي گهريو. مان عام طرح انساني مصيبتن تي ڳالهائڻ ٿي گهريو. چڱو آهي ته اسان ننڍڙن ٻارن جي مصائب تائين پاڻ کي محدود رکون. هي منهنجي دليل جي حد کي اُن جي ڏهين حصي تائين گهٽائي ڇڏيندو.
اُن هوندي به پاڻ کي ٻارن تائين محدود رکندس، جيتوڻيڪ هيءُ منهنجي دليل کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو. پهرئين ڳالهه اِها آهي ته ٻارن کي قريب کان به پيار ڪيو وڃي ٿو. پوءِ هـُـو کڻي ڇو نه غليظ ۽ بدنـُـما هجن. (جيتوڻيڪ ٻار ڪڏهن به بدنما نه هوندا آهن.) مان وڏي عمر وارن بابت نه ٿو ڳالهايان، اُن جو ٻيو سبب هيءُ آهي ته ڪرامت ۽ پيار جي لائق نه هئڻ کان سواءِ، هـُـو بدلي ۽ اُجوري جا شايق هوندا آهن. هـُـو صوف کائيندا ئي رهندا آهن. پر ٻار اِهڙي ڪنهن به شيءِ جي تمنا نه ٿا رکن ۽ معصوم آهن. اليوشا توکي ٻار پسند آهن؟ تون کين ضرور پيار ڪرين ٿو. تون هاڻي سمجهي سگهندين ته پنهنجي گفتگوءَ کي مان، هنن کي ڇو مٿانهين جاءِ ڏني آهي، جيڪڏهن هـُـو زمين تي ڪنهن وڏي مصيبت ۾ مبتلا ٿين ٿا ته هـُـو پنهنجي والدين جي گناهن جي باعث ڀوڳين ٿا، جن صوف کي کاڌو آهي. پر هيءُ دليل ٻئي جهان جو آهي ۽ هيءُ ادراڪ زمين تي رهڻ وارن لاءِ نه آهي. هڪ معصوم کي ٻي جي گناهه لاءِ ڇو لوڙڻو پوي، ۽ خاص طرح اِهڙا معصوم! اِليوشا تون مون تي حيرت کائيندو هوندين، پر مان ٻارن سان بيحد محبت ڪندو آهيان. مان ڏسان ٿو ته ظالم، سنگدل، خونخوار ۽ ڪرامازوف جي خاندان جهڙا به ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سان بيحد محبت ڪن ٿا. ٻار اُهي جي ننڍڙا آهن ۽ ستن ورهين جي عمر تائين ٿين ٿا. هي وڏي عمر وارن کان گهڻو دور ٿين ٿا. هـُـو ٻي قسم ۽ ٻي نموني جا آهن. مون کي هڪ ڏوهاري جي خبر آهي، جو جيل ۾ هو. هن هڪ ڌاڙيل جي حيثيت ۾ ڪيترن خاندانن کي قتل ڪيو. جن ۾ ٻار به هئا، پر قيد ۾ کيس معصوم ٻارن لاءِ بيحد محبت هئي. هـُـو ڪيترو وقت دريءَ ۾ بيهي ٻارن کي نهاريندو هو، جي جيل جي ميدان ۾ بيهي رانديون کيڏندا هئا. هن هڪڙي ٻار کي ريبي دريءَ وٽ آندو ۽ اُن سان دوستيءَ جو رشتو قائم ڪيائين..... تون پڇندين ته ڇو؟ مان توکي سڀ ٻڌايان ٿو اليوشا. مون کي خبر نه آهي ته مان هي سڀ توکي ڇو ٿو ٻڌايان. منهنجو مٿو ڦري ٿو ۽ مان اُداس آهيان.“
”تون عجيب حوس سان ڳالهائي رهيو آهين. ” اليوشا عجب بي آراميءَ سان ڳالهائي رهيو هيو. اِيئن معلوم ٿو ٿئي ته تون پنهنجي هوش ۾ نه آهين.“
”گهڻو وقت ٿيو، اتفاقاً مان ماسڪو ۾، هڪ بلگيريا جي ماڻهو سان مليس.“ ايون ڳالهائيندو ويو، ڄڻ ته هـُـو پنهنجي ڀاءُ جو گفتگو ٻـُـڌي ئي نه رَهيو آهي. ”مان هن کان پڇيو ته سلاف جي بغاوت ۽ بيداريءَ جي خوف کان، ترڪن ۽ سرڪـِـشي ماڻهن بلگيريا جي هر حصي ۾ ڪهڙيون حرڪتون شروع ڪري ڏنيون آهن. هن ٻڌايو ته هنن ڳوٺ ساڙيا آهن. قتل ۽ غارت ڪندا رَهيا ۽ ٻارن ۽ زالن کي اغوا ڪندا رهيا آهن. هـُـو جنگي لوڙهن جي اَندر قيدين کي سخت سزائون ڏيندا رهيا آهن. صبح سان کين ميخون هنيون وينديون آهن ۽ شام جو کين ڦاهيءَ تي لڙڪايو ويندو آهي. ساڻن اُهو سڀ ڪجهه ڪيو ويندو، جو ڪجهه خيال ڪري سگهجي ٿو. ماڻهون ڪڏهن ڪڏهن وحشياڻي ظلم جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر اِها جانورن سان بي انصافي ۽ سندن بي عزتي آهي. جانور ڪڏهن به ماڻهو جهڙو ظالم نه هوندو آهي. وٽس ظلم جو ڪو به فن نه هوندو آهي. چيتو ڦاڙي ۽ چيري ٿو. اِهو ئي آهي، جو هـُـو ڪري سگهي ٿو. هـُـو ڪڏهن به ماڻهوءَ کي ڪنن ۾ ميخون نه هڻندو آهي. ترڪن کي ٻارن کي به چيچلائڻ ۾ مزو ايندو آهي. هـُـو مائرن جي ڪک مان ٻار ڪڍي ماري ڇڏيندا آهن ۽ ٻارن کي هوا ۾ اُڇلائي، ترارن جي ڌار تي جهليندا آهن. هيءُ سڀ اُنهن بدنصيب مائرن جي سامهون ڪيو ويندو آهي ۽ اُن مان کين بيحد مزو ايندو آهي. مون کي هڪ اِهڙو ٻيو به منظر ياد ٿو اَچي، جو نهايت دلچسپ آهي. فاتح ترڪن جي وچ ۾، هڪ ٻار سان گڏ، هڪ ماءُ جو خيال ڪر. هنن کي هڪ عجيب چال ويچار ۾ آئي آهي. هـُـو ٻار جي پٺيءَ کي ٺپڪي، پاڻ کلي، هن کي کلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. آخر ٻار کلي ٿو ۽ کلڻ واري حالت ۾ هـُـو کيس ماري وجهن ٿا. هن ۾ فن جو ڪيڏو نه مظاهرو آهي. ترڪ خاص طرح اِنهن شيرين ڳالهين جا شايق آهن.“
”ڀاءُ آخر تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ” اليوشا کيس چيو.
”مان خيال ڪريان ٿو ته شيطان جو ڪو به وجود ڪونه آهي پر ماڻهوءَ ئي کيس پيدا ڪيو آهي. هـُـن، کيس پاڻ تي ۽ پنهنجو عڪس پيدا ڪيو آهي.“
”جيئن هن خدا جي لاءِ ڪيو آهي؟ اِئين نه؟ ” اليوشا کانئس پڇيو.
”هيءُ ڪيڏو نه عجيب آهي، جو تون لفظن کي ڦيرائي سگهين ٿو. مان خوش آهيان. تنهنجو خدا بيحد وڻندڙ آهي، جيڪڏهن ماڻهو، کيس پنهنجي خواهش موجب پيدا ڪيو آهي. تو، هاڻي پڇيو آهي ته منهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ توکي خبر هئڻ گهرجي ته مون کي ڪن حقيقتن جي گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. نه فقط ايترو پر مون کي ڪن آکاڻين، خبرن ۽ ڪتابن جي نقل ڪرڻ جي به عادت آهي. اِنهن شين جو مون وٽ خاصو ذخيرو موجود آهي. بيشڪ ترڪ به اُنهن کي پڙهندا هوندا، پر هـُـو اجنبي آهن. مون کي اِهي نمونا گهر ۾ موجود آهن ۽ ترڪن کان وڌيڪ عمدا آهن. توکي خبر آهي ته اسان مار موچڙي، ڏنڊي ۽ لڪڙ سان مارڻ پسند ڪندا آهيون. اِهي اسان جون قومي سزائون آهن. ميخون هڻڻ اسان وٽ ڪو نه آهن، آخر ته اسان يورپي آهيون. اِهي لٺيون ۽ لڪڻ اسان وٽ هميشھ رهندا ۽ اِهي اسان کان ڪو به کسي نه ٿو سگهي. اسان جي ملڪ کان پريان، هاڻي مشڪل سان ڪنهن کي ماريو وڃي ٿو. عادتن ۾ وڌيڪ انسانيت اَچي وئي آهي يا اِهڙا قانون تيار ڪيا ويا آهن، جو هاڻي ڪنهن به ماڻهو کي لڪڻن هڻڻ جي همٿ ئي نه ٿي ٿئي. هنن جو ڪجهه بڻايو آهي، سو سڀ قومي نقطئه نگاه کان آهي، جيئن اَسان وٽ، هيءُ هـُـتي ايڏو ته قومي بڻايو ويو آهي، جو اسان وٽ عملي طرح ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ مون کي يقين آهي ته اِهي ٽـُـڪا اسان کي به لڳندا، ڇو ته اَسان جي حڪومت ۾ مذهب ضرور داخل ٿي ويندو. مون وٽ هڪ دلچسپ رسالو آهي، جو فرينچ زبان مان ترجمو ڪيو ويو آهي. اُن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ته تازو، جنهن کي پنج ورهيه مس گذريا آهن، ڪهڙيءَ ريت هڪ خوني، رچرڊ کي ڦاسي ڏني وئي هئي. هـُـو ٽيويهن ورهين جو نوجوان هو. هن ڦاسي چڙهڻ کان ٿورو اڳ عيسائيت کي قبول ڪري پنهنجي پڇتاءَ جو اظهار ڪيو هو. رچرڊ حلالي ٻار هو ۽ ڇهن ورهين جي عمر ۾ سندس والدين کيس سوئٽزرلينڊ جي جبلن ۾، هڪ ريڍار کي ڏئي ڇڏيو هو. هنن کيس پنهنجي ڌنڌي لاءِ پالي وڏو ڪيو. هـُـو اتان جي رهندڙن ۾ هڪ وحشي جانور وانگر پلجي وڏو ٿيو. ريڍار کيس ڪجهه به نه سيکاريو ۽ مشڪل سان کيس کاڌو ۽ ڪپڙو ڏنو ويندو هو. ستن ورهين جي عمر ۾ کيس سردي ۽ رطوبت ۾ ڌڻ سان ٻاهر موڪليو ويو. اِهڙيءَ ناروا هلت جي بابت ڪنهن به سندس پرواهه نه ڪئي، پر اُن جي برعڪس، هنن جو خيال هو ته هـُـو پنهنجي هلت ۾ هر طرح حق بجانب آهن. ڇاڪاڻ ته رچرڊ کين هڪ منتقل ٿيل ملڪيت جي حيثيت ۾ مليو هو ۽ کيس کارائڻ به ضروري نه ٿي سمجهيو ويو. رچرڊ جو پنهنجو بيان آهي ته هن اُنهن سالن ۾، سوئرن جي اوبر کائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي وڪري جي لاءِ گڏ ڪيو ويو هو پر ريڍارن کيس اِها اوبر به ڏيڻ نه ٿي چاهي. جڏهن جڏهن هـُـن چورائي کائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته کيس ماريو ٿي ويو. اِهڙي حالت ۾ هـُـن پنهنجو ننڍپڻ ۽ جواني ٿي گذاري. هـُـو جڏهن جوان ٿيو تڏهن چور ٿيڻ لاءِ ڀڄي ويو. هي وحشي ڏينهن جي وقت ۾ جنيوا ۾ مزور ٿي گذارڻ لڳو. هن جو ڪجهه ڪمايو ٿي، شراب ۾ وڃائي ٿي ڇڏيو ۽ سنگدل ٿي گذارڻ لڳو. هڪ پوڙهي جي خون ۽ ڌاڙي سان سندس پڄاڻي ٿي، کيس گرفتار ڪري ڪيس هلايو ويو ۽ مٿس ڦاسيءَ جي سزا جڙي. ڇاڪاڻ ته عدالت ۾ ڪي جذباتي ته ڪو نه ٿين. قيد ۾ پهچندي، سندس چوڌاري، ڪيئي راهب، عيسائي برادريءَ جا ارڪان ۽ خير واريون بيگمون سندس چوڌاري گڏ ٿي ويون. هنن کيس جيل ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ سيکاريو ۽ انجيل جي تلقين ڪرڻ لڳا. واعظ ۽ نصيحت کي وٽس جاري رکيو ويو، جنهن جو نتيجو اِهو نڪتو، جو هن دل سان گناهه جو اعتراف ڪيو ۽ کيس عيسائي بنايو ويو. هن پاڻ عدالت کي لکي موڪليو، ته هـُـو هڪ بڇڙي بلا هو، پر آخر ۾ خدا کيس هدايت ڪئي آهي ۽ سندس روشني ۽ رحم کيس نصيب ٿيو آهي. سڄي جنيوا هن جي لاءِ جوش ۾ هئي. سڄي خير واري ۽ مذهبي جنيوا. سڀئي اَمير ۽ شهر جا سماجي ٿنڀا، قيدخاني ڏي ڊوڙي پيا ۽ رچرڊ کي چمڻ ۽ ڀاڪر پائڻ لڳا. ؟ ”تون اَسان جو ڀاءُ آهين، ڇو ته توکي نجات مليو آهي. ” رچرڊ ٻيو ته ڪجهه نه ٿي ڪيو، پر ڏک کان رئندو ٿي رهيو. هائو مون کي نجات ملي آهي. مان پنهنجي سڄي جواني ۽ ننڍپڻ مـِـرُن جي اوبر تي گذاري آهي، پر اُن هوندي به هاڻي مون کي نجات ملي وئي آهي. مان هاڻي پنهنجي مالڪ جي خدمت ۾، هڪ فرشتي جي حيثيت ۾ پهچندس. هائو رچرڊ، مالڪ جي خوشنودي حاصل ڪري مري ويو. تو پرائو رت هاريو آهي ۽ توکي مرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اِها تنهنجي غلطي نه هئي، ڇو ته توکي خدا جي ڪا به خبر نه هئي ۽ تون مـِـرُنُ جي اوبر چورائيندو ٿي رهين ۽ اُن لاءِ مار کائيندو ٿي رهين. (اِها تنهنجي وڏي غلطي هئي، ڇو ته چوري وڏو ڏوهه آهي.) پر تو پرائو خون هاريو آهي، اُن ڪري توکي مرڻ گهرجي. آخري ڏينهن تي رچرڊ نهايت ناتوانيءَ جي حالت ۾ ٻيو ته ڪجهه ڪري نه سگهيو پر زاروزار رئندو رهيو ۽ هر منٽ کان پوءِ چوندو رَهيو ته هيءُ منهنجي حياتيءَ جو بيحد خوشيءَ جو ڏينهن آهي. مان پنهنجي مالڪ ڏي ٿو وڃان. سڀني راهبن، ججن ۽ خيرات ڪندڙ عورتن واڪا ڪري چيو ته، ”هائو، هي تنهنجي حياتيءَ جو خوش ترين ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته تون پنهنجي مالڪ ڏي وڃي رهيو آهين. هـُـو سرگس جي صورت ۾، قيديءَ جي گاڏي جي پويان قتل گاهه ڏانهن هليا. قتل گاهه ۾ هنن رچرڊ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس چيو ته: ڀاءُ مرڻ لاءِ تيار ٿي، ڇو ته تون پنهنجي خدا جي لاءِ مري رهيو آهين، ڇو ته توکي سندس رحمت حاصل آهي. اِهڙي ريت هو ڀائرن جي چمين ۾ اچي ويو. آخر رچرڊ کي قتل جي جاءِ تي گهلي ويا ۽ هن کي گلوٽين تي آندو ويو، جتي سندس سسي کي، ڀائپي ۽ برادري جي نموني ۾ ڪهاڙيءَ سان وڍيو ويو. ڇاڪاڻ ته هن رحمت کي لڌو هو. هائو هيءَ مخصوص حالت هئي. اِهو رسالو روسي زبان ۾ امير طبقي جي ڪنهن انسان دوست ۽ انجيل جي تبليغ جي خواهشمند ترجمو ڪيو آهي ۽ اِهو ماڻهن ۾ روشن خيالي پيدا ڪرڻ لاءِ مفت تقسيم ڪيو ويو. رچرڊ جو مقدمو دلچسپي وارو آهي، ڇاڪاڻ ته اِهو قومي آهي. اسان جي ملڪ ۾ اِها کلڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جو مٿو اِنهيءَ لاءِ ڪپيو وڃي ته هـُـو اسان جي برادريءَ ۾ آيو آهي ۽ خدا جي رحمت جو حقدار آهي. اُن هوندي به اسان وٽ ڪا خصوصيت آهي، جا سڀ ڪنهن طرح سان بدنما آهي. اسان جو تاريخي واندڪائيءَ جو مشغلو سنئون سڌو هڪ گـَـهري سور واري تسلي آهي. نيڪروسوف جي اشعار ۾ هي سٽون ڏسڻ جي لائق آهن ته ڪيئن نه هڪ هاري گهوڙي کي سندس اکين تي چهبڪ ٿو هڻي. سندس نماڻين اکين تي. سڀ ڪنهن ماڻهو هي تماشو ڏٺو هوندو. هي خاص روسين جو ڪم آهي. ننڍڙو ڪمزور گهوڙو، جنهن کي بار گهڻو آهي، چري نه ٿو سگهي. هاري هن کي ماري ٿو ۽ وحشياڻي طور سان ماري ٿو. هـُـو ظلم جي نشي ۾ هي مطلق نه ٿو ڄاڻي ته هـُـو ڇا ڪري رهيو آهي. هـُـو هن کي ورائي ۽ ورائي چهبڪ ٿو هڻي ۽ کيس غصي مان چوي ٿو ته، ”ڪيڏو نه تون ڪمزور آهين، توکي هي بار ڇڪڻ گهرجي، توڙي جو تون مري وڃين. ” بدبخت گهوڙو اُن جي لاءِ ڪوشش ٿو ڪري ۽ هو وري غير محفوظ غريب کي سندس رئندڙ اکين تي ڌڪ هڻڻ شروع ڪري ٿو ڏئي. سندس نماڻين اکين تي. بدبخت حيوان نااُميدي ۾ اُن بار کي ڇڪي ٿو. سڄو ڏڪي ٿو ۽ دم کڻڻ لاءِ به سـِـڪي ٿو. هـُـو تشنجي حالت ۾، غير فطري حرڪت سان ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي بار کي ڦيرائيندو رَهي ٿو. نيڪرو سوف جو هيءُ ذڪر نهايت هيبتناڪ آهي. پر هـُـو هڪ گهوڙو آهي. خدا گهوڙن کي اِنهيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي ته هـُـو مار کائيندا رهن. تاتارين اسان کي اِهو ئي سيکاريو هو. اِهو ئي سندن ورثو يادگار رَهجي ويو آهي. پر ماڻهو به مار کائي سگهي ٿو. هڪ پڙهيل ڪڙهيل ۽ مهذب مرد ۽ اُن جي زال پنهنجي ڪاٺيءَ جي لڪڻ سان پنهنجي ٻار کي ماريندا رَهن ٿا، توڙي جو اُها ستن ورهين جي ڇوڪري ڇو نه هجي. مون کي اِها صحيح صحيح معلومات آهي. پيءُ انهيءَ ڳالهه ۾ خوش هوندو آهي. برچ ڪاٺيءَ جي لڪڙ کي شاخون به آهن. هـُـو چوندو آهي ته، ”هيءُ ڌڪ کائيندڙ کي وڌيڪ تڪليف ڏينديون آهن. ” اِهڙيءَ ريت هـُـو پنهنجي نياڻيءَ کي وڌيڪ ڏنگ هڻڻ پسند ڪندو آهي. مون کي خبر آهي ته بعض حالتن ۾ ماڻهو ڌڪ هڻڻ جي حالت ۾ جنوني ڪيفيت اختيار ڪندا آهن، مان اُن کي اَدبي حيثيت ۾ جنوني ئي چوندس. جا حالت هر هڪ ڌڪ هڻڻ سان وڌندي ويندي آهي. هـُـو هڪ منٽ، پنج منٽ، ڏهه منٽ يا اُن کان وڌيڪ وقت لاءِ ماريندا آهن ۽ وڌندي وڌندي وحشي بڻجي ويندا آهن. ٻار دانهون ڪندو آهي. آخر سندس دانهون بند ٿي وينديون آهن ۽ هـُـو اَبا، اَبا ئي چوندو رهندو آهي. هڪ عجيب ظالماڻي ۽ ناگهاني اتفاق سان اِهڙو مقدمو عدالت ۾ داخل ٿيو. اُن لاءِ مشيرن جي جماعت ويهاري وئي. روسي ماڻهو گهڻو اڳي هڪ وڪيل کي، ڪرائي تي ورتل ضمير، سڏيندا رهيا آهن. مشيرن جي جماعت پنهنجي طرف جي مؤڪل جي بچاءَ ۾ اعتراض ورتو ته، ”هيءَ هڪ سادي ڳالهه آهي ۽ روزانو گهرو ڳالهين ۾ شامل آهي. هڪ پيءُ هميشھ پنهنجي ٻار جي اصلاح ڪرڻ چاهيندو آهي. هيءَ شرم جي ڳالهه آهي، جو اُن کي عدالت ۾ آندو ويو آهي.“ ججن جي جماعت اُن کي پسند ڪيو ۽ سندن ئي فائدي ۾ فيصلو ڏنو. ماڻهن خوشيءَ مان نعرا هنيا، ڇو ته هڪ ظالم آزاد ٿيو. افسوس! مان اُتي ڪو نه هوس. مان جيڪڏهن اُتي هجان ها، ته سندس عزت ۾ چندو ڪريان ها!.... ڪيڏيون نه وڻندڙ تصويرون.
پر مون وٽ ٻارن جي بابت اَڃا به عمديون شيون موجود آهن. اليوشا، مان روسي ٻارن جي بابت ڳالهين جا انبار گڏ ڪيا آهن. هڪڙي پنجن ورهين جي ننڍڙي ڇوڪري هئي، جنهن کي پيءُ ۽ ماءُ نفرت سان ڏسندا هيا. نهايت عزت وارا ۽ شريف ڪافي تعليم يافته ۽ مهذب. مان وري به دهرايان ٿو ته ڪن ماڻهن ۾ هي خاص طرح عادت هوندي آهي ته ٻارن کي عذاب ڏيڻ ۾ کين مزو ايندو آهي ۽ فقط ٻارن کي. ٻين قسمن جي شخصيتن کي هي عذاب ڏيندڙ نهايت نرمي ۽ فياضي ڏيکاريندا آهن، جيئن مهذب ۽ انسان دوست يورپي ماڻهن جو دستور آهي، پر هيءُ ٻارن کي عذاب ڏيڻ جا شوقين هوندا آهن. ٻارن کي صحيح پيار ڪرڻ وارا به هن عادت ۾ مبتلا آهن. شايد ٻارن جي ڪنهن به بچاءَ نه هئڻ سبب، عذاب ڏيندڙ جي خواهش وڌي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻارن وٽ فقط فرشتي جو ضمير آهي ۽ ڪا به پناهه ۽ التجا ڪا نه آهي. جنهن جي ڪري عذاب ڏيندڙ جي بيهودي خون ۾ باهه پيدا ٿي وڃي ٿي. بيشڪ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ ۾ شيطان لڪل ٿئي ٿو. غصي جو شيطان، نفساني خواهش جي حرارت وارو شيطان، جو عذاب ۾ ورتل شڪار جي دانهن تي خوش ٿئي ٿو. لاقانونيت جو شيطان جو پنهنجي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. بيمارين جو شيطان، جو بديءَ جو تابعدار آهي ۽ ڪوڙهه ۽ بڪين جي مرضن کي وڌائيندو اڳتي ٿو وڃي.
اِهو غريب ٻار جو پنجن ورهين جو هو، پنهنجي مهذب والدين جي سڀ ڪنهن ٿي سگهڻ جهڙي عذاب ۾ مبتلا هو. هـُـو کيس بنا سبب ماريندا هئا، چنبا هڻندا هئا ۽ لتون هڻندا هئا، تان جو هـُـن جو سڄو بدن ناڪارو ٿي ويو. اُن کان پوءِ هـُـو عظيم ظلمي ڪارروائيءَ جي طرف هليا ويا. هنن کيس سڄي رات هڪ سـَـرد ۽ برفيلي ڪاڪوس ۾ بند ڪرڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته ٻار کين، هتان ڪڍڻ لاءِ نه ٿي چيو (ڄڻ ته پنجن سالن جو فرشته صفت ٻار، جو گهري ننڊ جو هيراڪ آهي، اِهڙي تربيت ورتل هو، جو کين جاڳائي ۽ ڪجهه چوي) هـُـو سندس منهن تي داغ ڏيندا ٿي رهيا ۽ سندس وات کي غلاظت سان ڀريندا ٿي رهيا. ها اِها سندس ماءُ هئي جا اِيئن ڪندي ٿي رَهي ۽ اِها ماءُ، ٻار جو ڪنجهڻ ٻڌي به آرام سان ننڊ ڪندي ٿي رَهي. ڇو، تون سمجهي سگهين ٿو ته اُهو ننڍڙو ٻار، جنهن کي اِها ڪا به خبر نه آهي ته ساڻس اِيئن ڇو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڇا ڪيو وڃي ٿو، فقط مـُـٺيون ڀيڪوڙي، سردي ۽ اونداهيءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي درد واري دل جي دَڪَ دَڪَ کي جاري رکي ٿي، ۽ نماڻين ۽ صابر اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي، پنهنجي محبوب ۽ مهربان خدا کي پناهه لاءِ واجهائي ٿي. تون ته هن کي سمجهين ٿو منهنجا پيارا ڀاءُ ۽ دوست، نيڪ ۽ نماڻا راهب. تون هن کي سمجهين ٿو ته ڇو هن کي اجازت ڏني وڃي ٿي. مون کي ٻڌايو ويو آهي، انسان اِهڙين حرڪتن کانسواءِ، هن ڌرتي تي ئي گذاري نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته کيس نيڪي ۽ بـَـديءَ جي خبر پوڻ کپي. پر ڪهڙي ضرورت آهي اِهڙي نيڪي ۽ بديءَ جي ڄاڻڻ جي، جنهن جي قيمت ايتري گهڻي هجي؟ ڇا سڄي دنيا جي معلومات، پياري ۽ رحيم خدا وٽ، هن ٻار جي دعا جي قيمت جي برابر ٿي سگهي ٿي؟ مان عمر رسيده ماڻهن جي مصائب لاءِ ڪجهه نه چوندس. هنن صوف کي کاڌو آهي، کڏ ۾ وجهه انهن کي. ڀلي شيطان اِنهن سڀني کي کڻي وڃي. پر هيءُ ٻارڙا! اليوشا مان توکي تڪليف ڏيئي رهيو آهيان. ڏسان ٿو ته تون پنهنجي حال ۾ نه آهين. جيڪڏهن تون چاهين ته مان پنهنجي گفتگو کي بند ڪري ڇڏيان.“
اليوشا آهستي چيو ته، ”پرواهه نه آهي، مان چاهيان ٿو ته اِنهيءَ تڪليف کي برداشت ڪريان.“
”فقط هڪ تصوير فقط، ڇاڪاڻ ته اُها هڪ عجيب شيءِ آهي ۽ مزي جهڙي. مان اُن کي تازو هڪ پراڻي روسي تاريخ جي مجموعي ۾ پڙهيو آهي. مون کان اُن جو نالو وسري ٿو. مان اُن کي وري ڏسندس. هن حقيقت جو، غلاميءَ جي تاريڪ دور سان تعلق آهي، يعني هن صديءَ جي آغاز جي ڳالهه آهي. زنده باد انسانن کي آزاد ڪندڙ! اُن زماني ۾، اَمير طبقي جو هڪ جنرل ٿي رهيو. کيس وڏو املاڪ هو ۽ ڪيترائي دوست هيس. مان کيس اُنهن ماڻهن مان ٿو سمجهان، جي ملازمت کان سبڪدوش ٿيڻ کانپوءِ، فرست جي حياتي ۾ اِيئن سمجهندا آهن ته هنن پنهنجي رعايا جي حياتيءَ تي ڪامل اختيار حاصل ڪيو آهي. هيءُ به اِهڙن ماڻهن مان هو. سو اَسان جي جنرل جي هٿ ۾ به ٻه هزار جانين جي ملڪيت هئي. هو وڏي شان ۽ شوڪت سان ٿي رهيو. هـُـو ايڏو ته مغرور هو، جو پنهنجي غريب پاڙيسرين کي پنهنجو زيردست ۽ مسخرا سمجهندو هو. وٽس سوين شڪاري ڪتا هئا ۽ اُنهن جي خدمت لاءِ سـَـؤ کن خدمتگار ٻار هئا. سڀئي گهوڙي سوار ۽ هڪ جهڙي لباس وارا. هڪ ڏينهن هڪ غلام ڇوڪري، جنهن جي عمر اٽڪل اَٺ سال هئي، راند ۾ پٿر اُڇلائيندي، جنرل جي هڪ پياري ڪتي جي پير کي زخمي ڪري ڇڏيو. هن پڇيو ته ”منهنجي پياري ڪـُـتي جو پير ڇو مـَـنڊو آهي؟“ جواب مليس ته ”هڪ ٻار پٿر اُڇلائيندي، ڪتي جي پير کي زخمي ڪيو آهي. جنرل اُن ٻار کي مٿي کان هيٺ تائين ڏسي چيو ته ”ڇا، هي توکان ٿيو آهي؟ وٺوس. ” هن کي ورتو ويو. هن کي پنهنجي ماءُ کان جدا ڪيو ويو ۽ سڄي رات کيس ڪنهن جاءِ بند ڪيو ويو. سويرو صبح جو هـُـو جنرل گهوڙي جي پٺ تي سوار ٻاهر آيو. ساڻس شڪاري ڪتا، سندس نوڪر، خدمتگار ٻار ۽ شڪاري هئا. هـُـو سڀئي گهوڙن تي سوار هئا، ڄڻ ته ڪنهن شڪار تي وڃي رهيا هئا. هـُـن عبرت ڏيارڻ لاءِ سڀني ماڻهن کي جمع ڪيو. اُن گنهگار ٻار جي ماءُ کي سڀ کان اڳ ۾ بيهاريو ويو. ٻار کي بند مان ٻاهر آندو ويو. هـُـو اُداس، بيحد سرد ۽ ڪوهيڙي وارو خزان جي موسم جو ڏينهن هو، جو شڪار جي لاءِ بيحد موزون سمجهيو ويندو آهي. جنرل حڪم ڏنو ته ڇوڪري کي اُگهاڙو ڪيو وڃي. ڇوڪرو اُگهاڙو ڪيو ويو. هـُـو خوف ۽ سرديءَ کان ڏڪي رهيو هو... کيس دانهن ڪرڻ جي به طاقت نه پئي ٿي. جنرل حڪم ڏنو ته کيس ڊوڙايو. ڪتن جي خدمتگار ڇوڪرن کيس واڪا ڪري چيو ته ڊوڙ! ڊوڙ! ڇوڪرو ڊوڙڻ لڳو..... جنرل رڙ ڪري چيو ته شڪاري ڪـُـتن کي هـِـن تي ڇڏيو ۽ ڪتن جو سڄو وَلر مٿس ڇڏيو ويو. شڪاري ڪتن سندس بدقسمت ماءُ جي اکين جي سامهون، کيس ٽـُـڪر ٽـُـڪر ڪري ڇڏيو!.... مان سمجهان ٿو ته بعد ۾ کيس ملڪيت جي سنڀالڻ جو وڏو منتظم قرار ڏنو ويو. ٺيڪ آهي، هـُـن جي ڪهڙي سزا هئڻ گهرجي؟ گولي هڻڻ؟ اسان جي اخلاقي جذبن کي تسلي ڏيڻ لاءِ گولي هڻڻ؟ ڪجهه ته ڳالهاءِ، اليوشا!“
اليوشا آهستي چيو ”ها، کيس گولي هنئي وڃي.“ هـُـن پنهنجون اکيون مٿي کڻي تلخ ۽ اُداسي واري کل سان ايون کي ڏٺو.
”شاباس“، ايون خوشيءَ مان چيو. ”جيڪڏهن تنهنجي اِها راءِ آهي ته تون بهترين راهب آهين! معلوم ٿئي ٿو ته اليوشا ڪرامازوف تنهنجي دل جي اَندر ڪو ننڍڙو شيطان ويٺو آهي؟“
”مان جو ڪجهه به چيو، اُهو اَجايو هو، پر - اِهي اَجايون ڳالهيون زمين تي بيحد ضروري آهن. دنيا اِنهيءَ فضوليات تي بيٺل آهي. شايد دنيا اِنهن کانسواءِ هلي نه سگهي. اسان اُهو ئي ڄاڻون ٿا، جو ڄاڻون ٿا.“
”تون ڇا ٿو ڄاڻين؟“
”مان ڪجهه به سمجهي نه ٿو سگهان. ” ايون ڳالهائيندو ويو. ڄڻ ته مٿس جنون سوار هو. هاڻي مون کي ڪنهن به حقيقت جي سمجهڻ جي ضرورت ڪا نه آهي. مان حقيقت سان چنبڙي رهندس. مان گهڻو اڳي ارادو ڪري چـُـڪو آهيان ته ڪجهه به نه سمجهندس. جيڪڏهن مان ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي به ته مان پنهنجي حقيقت ڏانهن ڪاذب بڻجي ويندس. مان پـَـڪو اِرادو ڪيو آهي ته حقيقت سان چنبڙي رهندس.“
”مون کي تون ڇالاءِ آزمائي رهيو آهين؟ ” اليوشا ڪنهن درد کان اوچتو رڙ ڪري چيو، ”ڇا توکي جو آخري چوڻو آهي. اُن کي چوڻ گهرين ٿو ؟“
”بيشڪ، اِيئن چاهيان ٿو. مان جنهن ڳالهه ڏي توکي وٺي وڃڻ گهران ٿو، اُها مون کي بيحد پياري آهي. مان توکي ڇڏڻ نه ٿو گهران نه وري تنهنجي زوسيما ڏي توکي موٽائڻ گهران ٿو. ” ايون ٿوري وقت لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ سندس چهرو هڪدم ڏکايل بڻجي ويو.
”ٻڌ، مان ٻارن جي حالات کي انهيءَ لاءِ پيش ڪيو آهي، ته مان پنهنجي طرف کي وڌيڪ صاف ڪري سگهان. انسانيت جا اُهي ٻيا لـُـڙڪ، جن سان زمين جي مٿئين تهه کان وٺي اُن جي مرڪز تائين کيس تـَـر ڪيو ويو آهي، مان ڪجهه به نه چوندس. مان پنهنجي مضمون کي پنهنجي مطلب موجب بيان ڪيو آهي. مان هڪ پـَـسون کان وڌيڪ نه آهيان ۽ مان نهايت نيزاريءَ سان هي اعتراف ٿو ڪريان ته هن دنيا جي نظام مان ڪجهه به نه ٿو سمجهان، جنهن کي اِهڙيءَ ريت ٺاهيو ويو آهي. ماڻهوءَ کي پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ گهرجي. مثال لاءِ کين بهشت ڏنو ويو هو ۽ هنن کي آزاد ڇڏيو ويو. هنن آسمان مان باهه کي چورايو. جيتوڻيڪ هنن ڄاتو ٿي ته اِيئن ڪندي هـُـو ناخوش بڻجي ويندا. هاڻي هنن تي ڪهڙو ويهي غم ڪجي. منهنجي غمزده، زميني ۽ اقليدسي سمجهه، سموري، جنهن کي مان ڄاڻان ٿو، فقط هيتري آهي ته هتي مصيبتون ئي آهن، جن جي لاءِ ڪو به ڏوهي نه آهي. سبب اِهو آهي، جو پنهنجي سادگي سان سنئون سڌو اَثر ڏيکاري ٿو، هر ڪا شيءِ وهندي رَهي ٿي ۽ پنهنجي سطح ڳولهي ٿي، پر اِها فقط اقليدي بي سمجهي آهي. مان اُن کي ڄاڻان ٿو ۽ اُن سان شامل ٿي رهڻ نه ٿو چاهيان. مون لاءِ فقط هيءَ تسلي آهي ته هتي ڪو به ڏوهي ڪو نه آهي ۽ اُهو ئي سبب، اِنهيءَ اَثر لاءِ جوابدار آهي، جو سادو ۽ سنئون سڌو آهي، جنهن کي مان ڄاڻان ٿو. مون کي انصاف کپي، نه ته مان پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيندس. مان اِهو انصاف پرانهين لامحدود وقت ۽ جاءِ تي ڏسڻ نه ٿو گهران پر هن زمين تي، جنهن کي مان پاڻ ڏسي سگهان. مان هـِـن ۾ اعتبار رکان ٿو ۽ اُن کي ڏسڻ گهران ٿو. جيڪڏهن مان مري به وڃان ته وري جيئرو ٿي اُٿڻ گهران ٿو. ڇاڪاڻ ته اِهي سڀئي شيون مون کان پوءِ وجود ۾ آيون ته اِهو ڪو چڱو نه ٿيندو. يقيناً مان ڪا به تڪليف ڪا نه سـَـٺي آهي. فقط هيءُ ته منهنجا گناهه ۽ منهنجون مصيبتون، جنهن زمين کي آلوده بڻايو آهي، آئنده نسل جي لاءِ نفعي جو باعث ۽ استفادي جو سبب بنائڻ نه ٿو گهران، پر هيءُ ڏسڻ گهران ٿو ته سرخ هرڻي شينهن سان گڏ آرام ڪري سگهي ۽ شڪار اُٿي پنهنجي قاتل سان ڀاڪر پائي سگهي. مان هيءُ ڏسڻ چاهيان ٿو ته سڀڪو هي سمجهي ته هيءُ سڀ ڪجهه ڇاجي لاءِ سـِـٽيو ويو آهي. سڀئي مذهب اِنهيءَ آرزو تي جوڙيا ويا آهن ۽ مان مذهب ۾ ايمان ٿو رکان. پر وري به ٻارن جو سوال ٿو اُٿي ۽ اُنهن جي لاءِ مان ڇا چوان؟ اِهو ئي ته سوال آهي، جنهن کي مان حل ڪري نه ٿو سگهان. مان سـَـؤ ڀيرا هن کي دهرايان ٿو پر اَڃا به لاتعداد سوال موجود آهن. اُن هوندي به مان ٻارن تي ئي سوچيان ٿو، ڇو ته ٻار ئي آهن، جي اِنهن ڳالهين کي وڌيڪ روشن ٿا ڪن. ٻـُـڌ، مان توکان پڇڻ گهران ٿو ته جيڪڏهن سڀني کي جاوداني هم آهنگي جي لاءِ ڏيڻو پوي ٿو ته ٻارن کي اُن لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو، مهرباني ڪري اِهو ٻـُـڌاءِ؟ اِهو هر ڪنهن فهم کان بالاتر آهي ته ڇو هنن کي مصائب برداشت ڪرڻا پون ۽ کين ڇو هم آهنگي لاءِ عيوض ڏيڻو پوي. اُنهن کي پڻ ڇو، اِهڙو مواد تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن سان مستقبل جي هم آهنگي واري زمين کي هـُـو شاهوڪار ۽ سرسبز بڻائين؟ گناهه جي لاءِ مان ماڻهن ۾ احساس ۽ عمل کي چڱيءَ ريت سمجهان ٿو. مان هن احساس ۽ عمل جي مڪافات کي به ڄاڻان ٿو. پر هن احساس ۽ عمل جو ٻارن سان ڪو به واسطو نه آهي. جيڪڏهن اِهو سچ پچ صحيح آهي ته کين پيءُ جي گناهه جي جوابدارين ۾ حصو ڏيڻو آهي ته پوءِ اِها صداقت هن جهان جي نه چئبي ۽ اِها منهنجي سمجهه کان بالاتر آهي. ڪو مسخرو ئي اِيئن چئي سگهي ٿو ته ڪو ٻار وڏو ٿي ۽ گناهه ڪندو، پر هيءُ ڏسڻ گهرجي، ته اُهو ٻار جوان ئي نه ٿيو هو، جو کيس ڪتن ڦاڙي ۽ چيري ڇڏيو. اُن وقت اُن جي عمر اَٺ ورهيه قياس ڪرڻ گهرجي. اڙي اليوشا، مان ڪفر نه ٿو ڳالهايان! مان سمجهان ٿو ته بيشڪ هن جهان جو عظيم معاشرتي انقلاب ڪهڙو نه عمدو هوندو، جڏهن زمين ۽ آسمان جو ترانو ۽ ترنم تعريف ۾ يڪسان ٿي ويندو ۽ سڀڪو جو اُنهن ۾ رَهي ٿو، يڪ زبان ٿي پـُـڪاريندا ته ” خدايا حق تنهنجو آهي، تو جو ڪجهه به فرمايو هو، اُهو پورو ٿي رهيو.“ جڏهن ماءُ اُن ظالم کي ڀاڪر ۾ وٺندي، جنهن سندس ٻار کي ڪتن ۾ اُڇلايو هو، تڏهن ٽنهي جون اکيون اشڪبار ٿي وينديون. ” او خدا تون انصاف وارو آهين ۽ تنهنجا طريقا اِلهامي آهن.“
بيشڪ اُن وقت، ڄاڻ کي تاج پهرايو ويندو ۽ هر ڪا شيءِ ظاهر ٿي پوندي. پر هتي جي ڳالهه مون کي پاڻ ڏي ڇـِـڪي ٿي، اُها هيءَ آهي ته مان هن هم آهنگي کي قبول ڪري نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته مان زمين جي رهڻ وارو آهيان ۽ مون کي پنهنجي تور تڪ ڪرڻ ۾ جلدي ۽ تڪڙ آهي. اليوشا، جيڪڏهن اِيئن سچ پچ ٿي پوي ته مان اُن گهڙيءَ تائين زنده رهان. يا وري اُٿاريو وڃان ۽ جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. اُن کي ڏسان ته ماءُ ڪيئن نه اُن ٻار جي عذاب ڏيندڙ کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي رَهي آهي ته مان به جيڪر ٻين سان گڏ واڪا ڪري چوان ته ”خدايا، تون بيشڪ انصاف ڪندڙ آهين!“ پر مان زور سان واڪا ڪرڻ پسند نه ڪندس. مون لاءِ اَڃا به وقت آهي ته مان پنهنجي بچاءَ لاءِ جلدي ڪريان ۽ اهڙي ريت عظيم هم آهنگي کان قطعي دست بردار ٿي وڃان. ڇاڪاڻ ته هيءَ سڄي هم آهنگي ۽ نظام ابدي، اُن مظلوم ٻار جي هڪ لـُـڙڪ جي برابر به ٿي نه ٿو سگهي، جنهن هڪ تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙيءَ ۾ خدا تعاليٰ کان مدد ٿي گهري. هائو، هي لـُـڙڪ بخشجي نه ٿا سگهجن ۽ انهن لـُـڙڪن جو ڪو به عيوض ٿي نه ٿو سگهي. منهنجي عقيدي موجب، اِنهن ڳوڙهن کي خريد ڪيو وڃي. ڇو ته اِنهيءَ کانسواءِ نظام ۽ عدالت اَبديءَ جي ڪا به معنيٰ ٿي نه ٿي سگهي. پر ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت اوهان اُنهن کي خريد ڪري سگهندا؟ اِهو ٿي به سگهي ٿو؟ ڇا اِهو انتقام سان ٿي سگهندو؟ پر مون کي انتقام وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ظالمن جي لاءِ مون کي جهنم جي ڇو پرواهه ڪرڻ کپي؟ اُهي ٻار جن کي عذاب ملي چـُـڪو آهي، اُنهن لاءِ جهنم ڪهڙو فائدو پهچائي سگهندو؟ جهنم جي موجودگي ۾ هم آهنگي ۽ نظام ابديءَ جو ڇا ٿيندو؟ مان عفو چاهيان ٿو. مان ته ڀاڪر پائڻ گهران ٿو. مان وڌيڪ مصيبتون نه ٿو گهران. جيڪڏهن ٻارن جون مصيبتون وڌنديون رهنديون، جي حق ۽ صداقت جي عيوض لاءِ ضروري آهن ته پوءِ منهنجو احتجاج آهي، ته صداقت جي قيمت هڪ پائي به نه آهي. مان نه ٿو چاهيان مظلوم ماءُ پنهنجي ظالم کي آغوش ۾ وٺي، جنهن سندس لال کي ڪتن ۾ ڦٽو ڪيو هو! هـُـن کي کيس ڪڏهن به معاف نه ڪرڻ گهرجي. هن کي پنهنجي دل لاءِ جو عذاب مليو آهي، اُن کي ته هوءَ بخشي سگهي ٿي، پر ٻار جي عذاب کي بخشڻ جو کيس ڪو به حق نه آهي. ايستائين جو ٻار هـُـن کي معاف به ڪري پر ماءُ کي اِهو حق نه ٿو پهچي ته هوءَ هـُـن کي معاف ڪري. جيڪڏهن اِئين آهي ته ڪنهن کي به بخشش جو حق حاصل نه آهي ته پوءِ هن هم آهنگي ۽ نظام اَبديءَ جو ڇا ٿيندو؟ ڇا هن جهان جي اندر ڪنهن کي به هيءُ حق نه آهي ته هو ڪنهن کي بخشي، جيڪڏهن بخشڻ گهري؟ مون کي هيءَ هڪجهڙائي ۽ يڪ رنگي نه کپي. انسانيت سان محبت جي باعث هيءُ نه کپي. مون کي مصيبتون بنا ڪنهن انتقام جي پسند آهن. مان انتقام بغير مصيبتن ۽ پنهنجي نامڪمل بي عزتي کي به پسند ڪندس، توڙي جو اِهي ڇو نه غلط هجن. اُن کان سواءِ هن هڪ رنگي ۽ هڪ جهڙائي جي وڏي قيمت ٻڌائي ٿي وڃي. اِهو اسان جي مذاق کان بالاتر آهي، جو اَسان اُن جي لاءِ حد کان زياده اُجورو ڏئي، اُن ۾ داخل ٿيون. اُن ڪري مان تڪڙ مان داخلا جي هن ٽڪيٽ کي واپس ڏيڻ گهران ٿو. جيڪڏهن مان ايماندار ماڻهو آهيان ته مون کان جيتري قدر جلد ٿي سگهندو، مان اِها ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏيندس اليوشا.“
اليوشا هيٺ ڏسندي، نهايت آهستگيءَ سان چيو ته ”هيءَ ته بغاوت آهي؟“
”بغاوت، مون کي ڏک آهي، جو تون اِيئن ٿو چوين؟“ ايون انتظار مان چيو. ”شايد ڪو بغاوت ۾ مشڪل سان رَهي سگهي ٿو پر مان رهڻ گهران ٿو. تون پنهنجي لاءِ ٻـُـڌاءِ. مان توکي دعوت ڏيان ٿو، ٻـُـڌاءِ. خيال ڪر تون انساني قسمت جي تاڃي پيٽي کي اِهڙي ريت اُڻين ٿو ته کيس آخرت ۾ وَڃي راحت نصيب ٿئي. کيس تون آرام ۽ مسرت، آخرت ۾ ڏيڻ گهرين ٿو، جنهن جي لاءِ هيءُ لازمي ۽ اَشد آهي ته هڪ ننڍڙي جيوَ کي عذاب ڏئي مارجي. جڏهن اُهو ٻار پنهنجي مـُـٺ سان پنهنجي سيني کي پٽيندو رَهي. پنهنجي روحاني عمارت اُنهن ڳوڙهن تي رکي، جنهن جو ڪو به انتقام نه آهي. تون اِهڙين حالتن هيٺ، اُن جو معمار ٿيڻ قبول ڪندين، ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، مون کي سڄي حقيقت ٻـُـڌاءِ.“
”هائو، مان اِها شيءِ قبول نه ڪندس ” اليوشا هٻڪندي چيو.
”ڇا تون هيءَ ڳالهه قبول ڪندين ته ماڻهو جنهن لاءِ تون هيءَ جوڙ جوڙين ٿو، هـُـو پنهنجي خوشيءَ کي هن بنياد تي قبول ڪندو ته هڪڙي معصوم شڪار جو اُن لاءِ رت هارجي وڃي؟ ڇا اِيئن ڪرڻ سان هـُـو دائمي خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو.“
”نه ڀاءُ، مان هن کي قبول ڪري نه سگهندس.“ اليوشا چيو. اوچتو چمڪندڙ اکيون کڻي چيو. ”تو هيءُ هاڻي صحيح ٻـُـڌايو ته سڄي دنيا ۾ ڪو هڪڙو اِهڙو ماڻهو ملي سگهندو، جنهن کي معاف ڪرڻ جو حق هجي ۽ معاف ڪري سگهي؟ مگر فقط هڪڙي شيءِ آهي، جا سڀ ڪجهه معاف ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي معصوم رت، سڀ ڪنهن لاءِ ڏنو. تو هن کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اُن تي ئي ته روحاني عمارت کي کـَـڙو ڪيو ويو آهي ۽ اُن کي ئي ته هي واڪا ڪري پـُـڪارين ٿا ته، ”تون انصاف وارو آهين. اي مالڪ! ڇاڪاڻ ته تنهنجا رستا اِلهامي آهن.“
”اڙي، هڪ انسان گناهه کان سواءِ ۽ اُن جو رت! نه مان هن کي نه وساريو آهي. پر اُن جي برعڪس مان عجب ۾ آهيان ته هن سڄي وقت ۾ تو، هن کي پنهنجي سامهون آندو ئي نه آهي. ڇاڪاڻ ته رواجي طرح سڀئي دليل، اُن جي سامهون ڪـِـري پون ٿا. اِليوشا، تون اِهو ڄاڻين ٿو. کـِـل نه، سال کن ٿيو، مان هڪ نظم جوڙي هئي. جيڪڏهن تون منهنجي لاءِ وڌيڪ ڏهه منٽ ضايع ڪرين ته مان توکي اُها ٻڌايان.“
”تو، هڪ نظم لکي آهي؟“
ايون کلندي چيو، ”مان اُن کي نه لکيو آهي. مان پنهنجي حياتيءَ ۾ شعر جون ٻه سٽون به نه لکيون آهن. پر مان هن نظم کي نثر جي اَنداز ۾ لکيو آهي ۽ مون کي ياد آهي. تون هن جو پهريون پڙهڻ وارو ۽ ڌيان سان ٻڌڻ وارو هوندين. هڪ مصنف کي، هڪ ٻڌڻ واري جي لاءِ پري ڇو وڃڻ گهرجي. ڇا تون اُن کي ٻـُـڌڻ گهرين ٿو؟“
”منهنجو ڪـَـن توڏانهن آهي. ” اليوشا کيس چيو.
”منهنجي نظم جو عنوان آهي، ’ديول جي حساب جو عظيم محقق‘. اِها مونجهاري پيدا ڪندڙ شيءِ آهي، پر مان توکي ٻڌائيندس.“

باب پنجون: ديول جي حساب جو عظيم محقق

”هن کي به هڪ تمهيد هئڻ کپي - يعني هڪ اَدبي تمهيد.“ ايون کلندو رَهيو. “پر مان اڻ ڄاڻ آهيان، جو اُن کي لکي سگهان. توکي معلوم هئڻ کپي ته منهنجو هي اَثر سورهين صديءَ سان تعلق ٿو رکي. اُن زماني ۾ جيئن تو اسڪول ۾ سکيو هجي، هي رواج هو ته شعر جي ذريعي آسماني طاقتن کي زمين تي آڻي ڏيکارجي. مان ”ڊانٽي“ (1) جي ڳالهه نه ٿو ڪريان. فرانس ۾ ڪلارڪ، توڙي مڙهين ۾ راهب، اِهڙا تمثيل ڏيکاريندا هئا، جن ۾ هـُـو حضرت مريم، سنتن، ملائڪن، حضرت عيسيٰ ۽ خود خدا کي اسٽيج تي آڻيندا هئا. اُِن زماني ۾ هيءُ سڀ ڪجهه سادگي سان ڪيو ويندو هو. ”وڪٽر هيوگو“ (2) جي تصنيف ”نوٽري ڊيم ڊي پئرس“ ڏيکاريو ويو آهي ته لوئي يارهين جي زماني ۾ ”پئرس“ جي ”هوٽل ڊي وائلي“ ۾، اِهڙا اخلاقي اصلاح ڪرڻ وارا بي دليل تماشا ڏيکاريا ويندا هئا. ُانهن کي ”سنتن ۽ حضرت مريم جي فيصلي جون مـِـٺيون گوريون“ ڪري سڏيندا هئا. اِهڙن تماشن ۾ هـُـو پاڻ اَچي، پنهنجي فيصلي جي شيرينيءَ جو اعلان ڪندي هئي. ساڳيءَ ريت اِهڙا تمثيل خاص ڪري ”توريت” مان وٺي روس ۾ به پيٽراعظم جي زماني تائين ڏيکاريا ويندا هئا. هنن کانسواءِ ڪيترائي تمثيل، گيت ۽ وهمي داستان دنيا ۾ هر هنڌ پکڙيل هئا، جن ۾ سنتن، ملائڪن ۽ آسماني طاقتن جو حصو هو ۽ ضرورت جي وقت هنن حصو ٿي ورتو. اَسان جي مڙهين ۾ راهب، هميشھ اُنهن جي ترجمن، نقل ڪرڻ ۽ اِهڙن نظمن جي ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي رهيا. تاتارين جي دور ۾ اِيئن ٿيندو رهيو. مثال لاءِ اُنهن نظمن مان، هڪ اِهڙو نظم آهي (يوناني مان ورتل آهي) ”دوزخ جي اندر اسان جي عزت ماب بيگم جو سير“. اُن جو تفصيل به ايترو همت وارو آهي، جيترو ڊانٽي جو. عظيم فرشتو ميڪائيل عذاب واري جاءِ ڏانهن سندس رهنمائي ڪري ٿو. هوءَ گنهگارن ۾ سندن سزائن کي ڏسي ٿي. اُتي هوءَ ٻين گنهگارن جي درميان هڪ خاص گنهگارن جي گروهه کي ڏسي ٿي، جي هڪ باهه جي ڍنڍ ۾ پيل آهن. اُنهن مان ڪي ڍنڍ جي تري ۾ غرق هئا، جنهن ڪري هـُـو ٻاهر تري نه ٿي سگهيا. هي ”خدا فراموش شد“ غير معمولي طاقت ۽ گهرائي جو اظهار ڪندڙ هئا. هيءُ ڏسي اسان جي عزت ماب بيگم کي وڏو صدمو پهچي ٿو ۽ هوءَ روئڻ شروع ڪـَـري ٿي ۽ خدا جي تخت جي سامهون، جهنم جي عذاب وارن لاءِ رحم جي درخواست ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته اُتي هن، سڀني بي جوڙ ڳالهين کي ڏٺو هو. سندس گفتگو اُپائڻهار سان بيحد دلچسپيءَ واري آهي. هوءَ کيس عرض ڪـَـري ٿي ته هـُـو هن عذاب کان دستبردار ٿي وڃي. جڏهن خدا کيس سندس فرزند جي طرف اِشارو ڪري ٿو، جو صليب تي آهي ۽ سندن هٿن ۽ پيرن ۾ ميخون لڳل آهن، تڏهن کيس فرمائي ٿو ته مان ڪهڙي ريت سندس عذاب ڏيندڙن کي معاف ڪريان؟ هـُـو سڀيئي ساڻس گڏجي سجدي ۾ ڪري پون ۽ رحم جي لاءِ درخواست ڪن. آخر هوءَ خدا کان ڪاميابي حاصل ڪري ٿي ته هر ڪنهن سال ”گڊ فرائيڊي“ جي هفتي لاءِ سڀني گنهگارن کي، سزا کان مـُـهلت ڏني ويندي. اُن وقت جهنم مان سڀني گنهگارن جو گڏجي شڪر گذاريءَ جو آواز آيو ته”اي مالڪ تون، هن فيصلي ۾ انصاف وارو آهي“ خير منهنجي نظم جيڪڏهن اُن وقت ۾ لکيو وڃي ها ته اِهڙيئي قسم جو هجي ها. هـُـو منهنجو نظم ۾ به ظاهر ٿئي ٿو، پر هـُـو خاموش آهي. هـُـو ظاهر ٿئي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو. پندرهن صديون گذري ويون آهن، جڏهن هـُـن انجام ڪيو هو ته هـُـو موٽي ايندو. پندرهن صديون اڳ هن پيشنگوئي طرح لکيو هو ته ”ٻـُـڌو، مان جلدي ايندس.“ اُن ڏينهن کان وٺي هن گهڙيءَ تائين ڪو به ماڻهو نتيجو نه ٿو ڄاڻي پر فقط هـُـو، ڇاڪاڻ ته هن، زمين تي هيءَ پيشنگوئي ڪئي هئي، پر انسانيت ساڳي عقيدي سان اَڃا تائين سندس انتظار ڪندي رَهي آهي. ها! عظيم اعتقاد سان. ڇاڪاڻ ته پندرهن صديون گذريون، انسان آسماني شهادت کان محروم آهي.
ڪي به نشانيون آسمان کان اڄ نه ٿيون اَچن،
جن مان معلوم ٿي سگهي ته روح کي ڇا چوڻو آهي.
اعتقاد کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به باقي نه آهي، جنهن لاءِ دل ڪجهه چئي سگهي. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اُن زماني ۾ گهڻيئي معجزا هوندا. اُنهيءَ زماني ۾ اِهڙا به ولي هوندا، جي معجزاڻي طريقي مشڪلاتون حل ڪندا هوندا. جيئن سندن سوانح حيات مان معلوم ٿئي ٿو، ڪي اِهڙيون به مقدس شخصيتون هيون، جن سان آسماني ملڪه خود ملاقاتون ٿي ڪيون، پر شيطان سـُـتو نه آهي، اِنهن ڪراما تن وارن ماڻهن جي صداقت ۾ به شڪ ۽ شبها جاڳندا رهيا. ٿورو اڳ جرمني جي اُتر ۾ هڪ خطرناڪ افواهه پکڙيو. “ هڪ عظيم ستارو مشعال جهڙو (اِهو ديول جي راءِ تي آهي) پاڻي پيئڻ جي ذريعن جي مٿان ڪريو ۽ سڄو پاڻي کارو بڻجي ويو. هيءُ راهبن جون اُٿاريل ڳالهيون ۽ سندن انڪار ڪفر بڻجي ويو. پر جن هنن ڳالهين ۾ پنهنجي ويساهه رکيو، اُهي زياده معتقد بڻجي ويا. انسانيت جا ڳوڙها، اڳي وانگر وٽس پيش ٿيا، ماڻهو سندس آمد جو اِنتظار ڪرڻ لڳا. کيس پيار ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي اُميدن کي تر ۽ تازه رکڻ لڳا ۽ اڳي وانگر هن جي لاءِ آرزو ۾ رهيا ۽ سندس لاءِ هر تڪليف کي برداشت ڪرڻ ۽ مـَـرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ڪيترن زمانن کان انسانيت اشتياق ۽ عقيدي سان دعائون گهرندي رَهي آهي، “ اسان جا مالڪ، اَسان جا خدا، اَسان ڏي جلدي اَچ. کيس پـُـڪاريندي اِيئن زمانا گذريا، سندس لامحدود رحم ۽ ڪرم هوندي به، هـُـو پنهنجي خادمن ڏي لـَـهي نه آيو.
چون ٿا ته گهڻو اڳي، هـُـو هيٺ لهي آيو ۽ مقدس انسانن، شهيدن ۽ راهبن سان مليو هو، جيئن اُنهن جي حياتيءَ جي احوال ۾ لکيل آهي. يوچيف اسان ۾ اُهو ماڻهو آهي، جنهن لفظن ۾ هـِـن حقيقت جي صداقت سمايل آهي:
”صليب کي کنيو، غلاماڻي لباس ۾ آسمان جو بادشاهه خسته ۽ ٿڪايل اسان جي مادرِ وطن رشيا کي دعا ڪرڻ آيو ۽ اسان جي سڄي ملڪ ۾ گهمندو رهيو.“
” اِيئن پڪ سان هو، مان توکي اُن جو يقين ٿو ڏياريان.
ترس، هن ٿوري وقفي لاءِ اِرادو ڪيو ته ظاهر ٿئي. هـُـن عوام، مصيبت زده ۽ عذاب ۾ ورتل انسانن کي، جي يڪسانيت کان دور پيل هئا، پر کيس ٻارن وانگر پيار ٿي ڪيائون، ڏيکاري ڏني. منهنجي ڪهاڻي اسپين سان تعلق رکي ٿي. سيول ۾، مذهبي عدالت جي سزائن واري هيبتناڪ زماني تي، جڏهن هر روز خدا جي شان ۽ شوڪت کي روشن ڪرڻ لاءِ باهيون جلايون وينديون هيون، اُنهن ۾ بدڪار راهبن کي جلايو ويندو هو. بيشڪ اِهڙين حالتن ۾ سندس آمد ٿيڻ کپندي هئي، جيئن سندس واعدو هو، ته هـُـو وقت پوري ٿيڻ تي آسماني شان ۽ شوڪت سان ظاهر ٿيندو. هيءَ آمد ايڏي، ته اوچتو هوندي، جيئن اوڀر کان اولهه تائين کـِـنوڻ جو چمڪاٽ. نه هن پنهنجي ٻارن سان گهڙي کـِـن لاءِ ملاقات ڪئي. اُن جاءِ تي جتي، راهبن جي چوڌاري باهه جا شعلا ٺڪاءَ ڪڍي رهيا هئا. هـُـو پنهنجي لامحدود ٻاجهه سان، هڪ ڀيرو وري به انساني صورت ۾ ماڻهن جي وچ ۾ آيو، جنهن صورت ۾ هـُـو پندرنهن سؤ ورهيه اڳي، ٽي سال ساندهه انسانن جي وچ ۾ گهـُـمندو رهيو. هـُـو هڪ ڏاکڻي شهر جي آتش فروش وٽ آيو، جتي هڪ ڏينهن اڳ ۾، سـَـؤ کن راهب، آتشڪده ۾، اُتان جي وڏي مذهبي عهديدار (ڪارڊنيل) جي حڪم سان زندهه جلايا ويا هئا. هيءُ سڀ ڪجهه ديول جي حساب جي عظيم محقق جي طرفان هو ۽ بادشاهه جي سامهون، جتي ڪيترائي درٻاري، بهادر، نواب ۽ ڪيئي مذهبي پيشوا موجود هئا. دربار ۾ ڪيئي دلڪش عورتون به هيون. اِيئن کڻي چئجي، ته سيول جي سڄي آدمشماري موجود هئي.
هـُـو آهستگيءَ سان آيو ۽ کيس ڪنهن به نه ڏٺو. مون کي هيئن چوندي تعجب ٿو لڳي، ته کيس سڀ ڪنهن سڃاتو. هي ٽڪرا شايد نظم ۾ بهترين هجن. منهنجو مطلب آهي، ته کيس هنن ڇو سڃاتو. ماڻهو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اُن ڏي ڇڪجي ويا. هـُـو سندس چوڌاري گڏ ٿي ويا. هـُـو گروهه درگروهه سندس پويان لڳي پيا. هـُـو سندن وچ ۾ لامحدود رحم سان گڏ مشڪندو ٿي ويو. محبت جو سج سندس دل ۾ چمڪندو ٿي رهيو ۽ سندس روشني ۽ طاقت سندس اکين مان صاف پئي بـَـکيون. روشني ماڻهن تي پئجي رَهي هئي ۽ سندن دليون محبت جي موجودگيءَ کان پئي ٿي چـُـريون. هـُـن پنهنجي دعائن جي هٿن کي ڊگهيريو ۽ کين دعائون پئي ڏنيون. سندس موجودگيءَ جي باعث شفا اَچي وئي. ميڙ ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو موجود هو، جو ننڍپڻ کان اَنڌو هو. هـُـن رڙ ڪري چيو: ”اي مالڪ! مون کي اِهڙي شفا ڏي، جو توکي ڏسي سگهان.“ پوءِ اِيئن ٿيو. اُن جي اکين جي ڇپرن مان ڪجهه ڪـِـري پيو ۽ اَنڌي کيس ڏٺو. ماڻهو روئڻ لڳا ۽ زمين جو ٽڪرو جو سندن پيرن جي هيٺان هو، اُن کي چمڻ لڳا. ٻارن مٿس گـُـل اُڇلايا ۽ سندس سامهون حمد جي نغمي کي ڳاتو. سڀني ورائي ورائي چيو، ته اِهو ئي آهي، اِهو ئي آهي. هيءُ ٻيو ٿي نه ٿو سگهي، پر اُهو ئي آهي. هـُـو سيول جي ديول جي ڏاڪن تي بيهي رهيو. اُن وقت روئندڙ ماتمين هڪ اَڇي ڏوليءَ کي آندو، جنهن ۾ هڪ ستن ورهين جي ٻار جو لاش هو، جا هڪ معزز شهر واسي جي ڌيءَ هئي. مئل ٻار جو لاش گـُـلن سان ڍڪيل هو. ماڻهن جي گوڙ، روئندڙ ماءُ کي رڙيون ڪري چيو ته هي، هن کي زندهه ڪندو. پادري اُن لاش جي ڏوليءَ جي قريب اَچي پهتو. هـُـو منجهيل ۽ غصي ۾ پريشان ٿي ڏٺو. پر مئل ٻار جي ماءُ، پار ڪڍندي سندس پيرن ۾ ڪري پئي. سندس هٿن کي هن جهلي چيو ته، ”جيڪڏهن تون اُهو آهين ته هن ٻار کي جيئرو ڪر. “ جلوس بيهي رهيو. لاش جي ڏولي سندس پيرن ۾ ڏاڪي تي رکي هئي. هن رحم ڀـَـري نگاهن سان ڏٺو ۽ سندس چپن مان آهستگيءَ سان نڪتو، ته نوخيز نينگر اُٿي، هـُـوءَ اُٿي. ننڍڙي نينگر، اُن لاش جي ڏوليءَ مان اُٿي ويٺي. هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي. سندس اکيون پوريءَ ريت کلي پيون ۽ هـُـو مشڪندي نهارڻ لڳي. سندس هٿن ۾ سفيد گلاب جي شاخ هئي، اُها اُنهن گلن مان هئي، جي مٿس وڌا ويا هئا.
هاڻي واڪا ۽ اُوڇنگارون هيون. ماڻهن ۾ عجيب مونجهارو هو. عين اُن موقعي، وڏو پادري، ديول جي حساب جو عظيم محقق، پاڻ اُتان اَچي گذريو. هـُـو نـَـوي ورهين جو پوڙهو هو. ڊگهو ۽ ڀريل بدن وارو. سندس منهن ۾ گهنج هئا. ۽ ڪوڙيون اکيون، جن ۾ اَڃا به ڪجهه روشني نظر ٿي آئي. کيس اَڄ اُهو شاندار وڏي پادري وارو لباس نه هو، جو ڪالهه هـُـن رومن چرچ جي مخالفن کي باهه ۾ ساڙڻ لاءِ پهريو هو. هن وقت کيس آڳاٽن راهبن جهڙو لباس پيل هو. سندس پويان ٿوري مفاصلي تي، سندس نائب، غلام ۽ محافظ دستو ٿي آيو. هـُـو ماڻهن جو گوڙ ڏسي اُتي ترسي پيو ۽ اُنهن کي جاچي ڏسڻ لڳو. هـُـن اُتي سڀ ڪجهه ڏٺو. هـُـن هيءُ به ڏٺو، ته لاش جي ڏوليءَ کي هن جي پيرن ۾ رکيو آهي ۽ ڇوڪري اُٿي ويٺي آهي. سندس منهن ڪارو ٿي ويو. هـُـو پنهنجي گهاٽي ڏاڙهيءَ کي ڇنڻ لڳو. سندس اکين ۾ خباثت جي باهه جي روشني پيدا ٿي. هن پنهنجي آڱر جي اِشاري سان پنهنجي محافظ دستي کي حڪم ڏنو، ته کيس گرفتار ڪن. طاقت عجيب شيءِ آهي. ماڻهو اِهڙا ته سندس تابعداريءَ ۾ محڪم ۽ مڃتا ۾ ڊنا ٿي، جو هن ماڻهن جا گوڙ فوريءَ طرح هٽي ويا ۽ محافظ دستي کي جاءِ ڏنائون. اُن موت جهڙي خاموشيءَ ۾ هنن، کيس ورتو ۽ پاڻ سان وَٺي ويا. ماڻهن جو گوڙ اُن وقت جهڪي ويو ۽ واحد ماڻهوءَ جي صورت ۾ سڀني پوڙهي حساب جي عظيم محقق کي سلامي ڏني. محافظ پنهنجي قيدي کي هڪ قريبي اونداهي قبي واري بنديخاني ۾ قيد ڪيو، جو هڪ پراڻي مذهبي سزا ڏيڻ واري محلات جي اندر هو. ڏينهن گذري ويو ۽ اُونداهي رات اَچي وئي. سيول جي گهـُـٽ ۽ حـَـبس واري گرم رات! هوا ۽ ساوڪ ۽ ليمي جي خوشبو هئي. سخت اونداهيءَ ۾، اوچتو قيدخاني جا لوها دروازا کـُـلي پيا ۽ ديول جي حساب جو عظيم محقق پاڻ پنهنجي هٿن ۾ فانوس کڻي آيو. هـُـو اَڪيلو هو. دروازو هن جي پٺيان يڪدم بند ڪيو ويو. هـُـو دروازي وٽ هڪ ٻه منٽ ترسيو ۽ سندس چـَـهري ۾ نهارڻ لڳو. آخر هـُـو، هوريان هوريان وٽس ويو. فانوس کي ميز تي رکي، ساڻس ڳالهائڻ لڳو.
”تون اُهو آهين نه، اُهو“، پر کيس ڪو به جواب نه مليو. هن يڪدم ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڀلي جواب نه ڏي ۽ خاموش رَهه. تون سچ پچ چوندين به ڇا؟ مان چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو، ته توکي ڇا چـَـوڻو آهي؟ توکي هيءُ حق به نه ٿو پهچي ته تو، اڳ ۾ جو ڪجهه چيو آهي، اُن ۾ ٻيو ڪجهه گڏي سگهين. تون اَسان کي ڇو، رُڪاوٽون وجهڻ لاءِ آيو آهين؟ ” تـُـون اُن کي ڄاڻين به ٿو، پر توکي هيءَ خبر آهي، ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ مون کي خبر نه آهي، ته تون ڪير آهين؟ هن ڄاڻڻ جي پرواهه به نه اٿم، ته تون اُهو آهين يا اُن جو عڪس، پر سڀاڻي مان توکي سزا ڏيندس. راهبن کان به وڌيڪ سخت! توکي ٿنڀي سان ٻڌي جلايو ويندو. اَڄ جن ماڻهن تنهنجي پيرن کي چميون ڏنيون آهن، سڀاڻي اُهي ماڻهو منهنجي ڪمزور اشاري تي، به تنهنجي جلائڻ لاءِ، ڪاٺين جي ڍڳ مان شعلن کي تيز تر ڪندا. تون هن کي ڄاڻين ٿو؟ تون هن کي ڄاڻندو هوندين. هيءُ سڀ ڪجهه گهري خيال جي روڪ ٽوڪ کان سواءِ چوندو ويو. هـُـن ٿوري وقفي لاءِ به قيديءَ کان اکيون ٻاهر نه ڪڍيون.“
”مان ڪجهه به نه سمجهيو ايون. هن جو مطلب ڇا آهي؟ ” اليوشا، جو خاموشيءَ سان کيس ڌيان ڏئي ٻـُـڌي رهيو هو، مشڪندي کيس چيو. "هيءُ ته وحشياڻو جـُـنون آهي، يا اُن پوڙهي جي غلطيءَ جو قسم. هي اَڻ ٿيڻ جهڙو مبالغو آهي.“
ايون، کيس کلندي چيو ته، ”هن جي تون پوئين ڳالهه سمجهه. تون جيڪڏهن جديد ماديت جي عقيدي کان خراب ٿي ويو آهين ۽ ڪنهن جنوني ڪيفيت سان متفق ٿي نه ٿو سگهين ۽ تون هن کي سڃاڻپ جي غلطي ٿو شمار ڪرين، ته اِيئن ئي سمجهه. اِهو سچ آهي، “ هـُـن کلندي چيو. پوڙهو نـَـوي ورهيه جو هو، هـُـو پنهنجي خيال ۾ شايد سودائي بڻجي ويو هو. هـُـو شايد قيدي جي ڏسڻ کان متاثر ٿيو هجي. نـَـوي ورهيه جو پوڙهو، شايد، هذيان ۽ مونجهاري ۾ مبتلا هجي، ڇاڪاڻ ته هـُـن، هڪ ڏينهن اڳ ۾ سـَـؤ راهبن کي مارايو هو. ڪيئن به هجي، پر اسان جي لاءِ هيءَ حقيقت خيال ڪرڻ جي لائق آهي، ته هن کان سڃاڻپ غلط ٿي هئي يا هيءُ سڄو جنوني تعصب هو؟ حقيقت هيءَ هئي ته اُن پوڙهي کي ڳالهائڻ کپندو هو ۽ کيس اُهو وضاحت سان چـَـوڻو هو، جنهن تي هـُـن خاموشيءَ سان نـَـوي ورهيه گذاريا هئا.“
”قيدي به خاموش هو ڇا؟ ڇا هن، کيس فقط ڏسڻ ٿي گهريو ۽ ڪجهه به ڪڇڻ نه ٿي گهريو؟“
”اِهو ڪنهن به حالت ۾ ناگزير آهي. ” ايون وري به کليو. “ پوڙهي کيس چيو ٿي ته، هـُـن کي ڪو به حق نه آهي ته پراڻيون ڳالهيون، جي هن چيون ٿي، اُنهن ۾ ڪا به درستي ڪري نه ٿو سگهي. منهنجي راءِ گهٽ ۾ گهٽ، رومن ڪئٿولڪ جي مذهب ۾، اِها ڳالهه شايد ڪو چوي ته نهايت بنيادي آهي. هـُـو چون ٿا ته هـُـن سڀ ڪجهه پوپ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ سڀ ڪجهه اَڃا تائين سندس هٿ ۾ آهي، ۽ هاڻي اُن جي موٽڻ جي دنيا ۾ ڪا به ضرورت ڪا نه آهي. اُن ڪري کيس وقت جي رفتار جي مناسبت سان ڪو به تڪرار ڪرڻ نه گهرجي. اِهو ئي سبب آهي جو حضرت عيسيٰ جا پوئلڳ يعني يسوعي، پنهنجي نوعيت سان لکن ۽ ڳالهائين ٿا. مان پاڻ انهن جي فقهي تصنيفن کي پڙهيو آهي. ڇا هاڻي هـُـن کي اِهو حق پهچي ٿو، ته هـُـو اُنهن اسرارن کي ظاهر ڪري، جي ٻيءَ دنيا جا آهن، جن مان هـُـو آيو آهي. منهنجي پوڙهي، هن کان اِهي سوال پڇيا ۽ پاڻ ئي اُن جا جواب ڏنا. هـُـو کيس چوڻ لڳو ته: ”نه، توکي ڪو به حق نه ٿو پهچي. جو ڪجهه پراڻي زماني ۾ چيو ويو آهي، اُن ۾ تون ڪجهه به وڌائي نه ٿو سگهين ۽ تون انسان کان اُها آزادي نه کـَـسِ، جنهن کي تون، جڏهن ڌرتي تي هئين، چڱو شان ۽ مرتبو ڏنو هو. ڪيئن به هجي، جيڪڏهن تو، ڪا نئين ڳالهه ظاهر ڪئي ته اُها انسان جي آزاديءَ جي عقيدي ۾ وڏي مداخلت ٿيندي. ڇاڪاڻ ته هن کي، هڪ معجزو ظاهر ڪيو ويندو، هوڏانهن هنن جي عقائد جي آزادي، توکي ٻين سڀني شين کان وڌيڪ پياري هئي، جڏهن پندرنهن سـَـؤ ورهيه اڳي، تون هن دنيا ۾ موجود هئين. تو اَڪثر اِيئن نه ٿي چيو ته ”مان اوهان کي آزاد ڪندس.“ پر هاڻي تو ڏٺو ته اِهي آزاد انسان ڇا آهن. پوڙهي اِهي لفظ درد ڏيندڙ کـِـلَ سان چيا. هائو، اَسان هن لاءِ ڳرو عيوض ڏيندا رهيا آهيون. هـُـن سخت نگاهن سان کيس ڏٺو ۽ ڳالهائيندو رهيو. پر تنهنجي نالي ۾ آخرڪار اَسان پنهنجو ڪم پورو ڪري ورتوسون. ڇاڪان ته پندرهن صديون ساندهه، اَسان توهان جي آزاديءَ سان مقابلو ڪندا رهيا آهيون. پر هاڻي هيءُ ڪم چڱائيءَ جي نالي ۾ ختم ٿي چـُـڪو آهي. ڇا توکي هن ڳالهه تي اعتبار نه ٿو اَچي، ته هيءُ سڀ چڱائيءَ لاءِ ڪيو ويو آهي؟ تون مون کي نماڻائيءَ سان نهاري رهيو آهين پر منهنجي ڪا به ڪاروائي عزت اَفزائيءَ جي لائق ئي نه سمجهي وئي آهي. پر مان توکي ٻـُـڌايان ٿو ته هاڻي انسان، آزادي ڏي، اڳي کان گهڻو مائل آهي پر اُن هوندي به هـُـو پنهنجي آزادي اَسان وٽ کڻي آيو آهي ۽ اوهان جي قدمن ۾ عاجزيءَ سان ڦٽي ڪئي اَٿس. پر اِهي اَسان جا پنهنجا اعمال آهن. ڇا اِهو ئي عمل هو، جنهن کي اوهان اختيار ڪيو هو؟ اِها ئي اوهان جي آزادي هئي؟
”مان تنهنجي ڳالهين کي وري به سمجهي نه ٿو سگهان“، اليوشا کيس چيو. ”هي طعني بازي آهي يا مذاق؟“
”ٿورو ذرو به اُنهن جو نه، هـُـو اِهڙي عمل لاءِ دعويٰ ٿو رکي ته اِهو اُن جي لاءِ ۽ ديول لاءِ وڏو مرتبو آهي ۽ آخرڪار هنن آزادي تي فتح لڌي آهي ۽ اُهو ڪجهه ڪيو اَٿن، جو انسان ذات کي خوشي ميسر ٿي ويندي، ۽ هاڻي (هـُـو خونريز محاسبي لاءِ ڳالهائي ٿو) پهرئين دفعي لاءِ هيءَ ٿيڻ جهڙي ڳالهه بڻي آهي ته انسان جي خوشنودي تي ڳالهائي سگهي. انسان باغي پيدا ٿيو هو ۽ باغي ڪهڙيءَ ريت خوش رَهي سگهي ٿو. توکي خبردار ڪيو ويو هو، هـُـو هن کي چوڻ لڳو. تو کي تنبيهه ۽ تاڪيد جي ڪا به کوٽ موجود نه هئي، پر افسوس جو تون اُنهن تاڪيدن کي ڪو نه ٻـُـڌو. ڇا تون انهيءَ هڪڙي ئي رستي کي رد ڪرڻ گهرين ٿو، جنهن سان ماڻهو خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو. پر خوشنصيبي سان، جڏهن تون جدا ٿئين ٿو، تون هن ڪم ۾ پنهنجو هـَـٿ نه وجهين. تو اَسان سان انجام ڪيو هو، پنهنجي واعدي سان مقرر ڪيو هو، تو اَسان کي هيءُ حق ڏنو آهي، ته ڪنهن کي ٻـَـڌون يا ڇوڙيون؟ هاڻي تون اَسان کان اِنهيءَ حق جي کسڻ جو خيال به نه ٿو ڪري سگهين، پوءِ تون اسان کي هتي ڇو پريشان ڪرڻ آيو آهين؟
”تنبيهه ۽ تاڪيد جي کوٽ کان، تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ ” اليوشا کانئس پڇيو.
”ڇو؟ هيءُ ته اُن جو وڏو حصو آهي، جنهن کي جيڪر پوڙهو چوڻ گهرجي.“
”داناءُ ۽ مهيب روح خود برباد ۽ محروم حيات روح“ پوڙهو چوندو رهيو عظيم رفع توسان سـچ ڳالهايو ۽ اسان کي ڪتابن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته هـُـن توکي خواهش ڏياري. ڇا اِئين برابر آهي؟ ڇا هن کان وڌيڪ ڪا ٻي صداقت واري شيءِ چئي سگهجي ٿي، جا الهامي طور تي توکي ٽن سوالن ۾ ٻڌائي وئي. اِنهن مان تو ڪهڙن جو انڪار ڪيو هو ۽ ڪتابن ۾ ”خواهشات “ ڇاکي سڏيو وڃي ٿو؟ اَڃا به جيڪڏهن زمين تي ڪا سچ پچ عظيم ڪرامت ٿي سگهي ٿي، ته اُها اُن ڏينهن عمل ۾ آئي هئي، يعني ٽن خواهشن واري ڏينهن تي. اِنهن ٽن سوالن جي حقيقت، خود هڪ ڪرامت هئي. جيڪڏهن اِهو دليل جي طور تي تصور ڪرڻ جائز ٿي سگهي ٿو، ته اُن روح جا هي ٽي سوال ڪتابن ۾ بلڪل مٽجي چـُـڪا آهن ۽ هاڻ اَسان کي وري اُنهن کي قائم ڪرڻ گهرجي، ۽ نئين طرح ڳولڻ گهرجي ته پوءِ اَسان کي سڄي دنيا جي عقلمندن کي يڪجا ڪرڻ گهرجي. حاڪم، مکيه راهب، پڙهيل، فلاسافر ۽ شاعر. هنن جي مٿان هي ڪم رکيو وڃي ته هـُـو اُنهن ٽن سوالن جي ڳولا ڪن. بلڪل اِهڙي ريت، جيئن موقعي آهر هجن. پر اُنهن جو ٽن لفظن ۽ ٽن اصطلاحن ۾ اظهار هجي. هان ٽن انساني اصطلاحن ۾ سڄي انسانيت ۽ دنيا جي مستقبل جي تاريخ سمائجي وڃي. ڇا تون اِيئن وسهين ٿو، ته زمين جي سڄي عقلمندي، گڏجي، اُنهن ٽن سوالن جي برابر گهرائي ۽ طاقت ڳولهي سگهي ها، جو توکي اُن طاقتور ۽ عقلمند روح ويرانيءَ ۾ عطا ڪئي هئي؟ فقط اِنهن سوالن مان پر اُنهن جي حقيقت جي ڪرامت مان، اَسان ڏسون ٿا ته هتي اسان کي انساني ذهن سان گڏ غائب ٿي نه وڃڻو آهي، پر اسان کي لامحدود ۽ غير فاني سان گڏ رهڻو آهي. اِنهن ٽن سوالن ۾ انسان ذات جي سڄي مسلسل تاريخ اَچي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته اُها سموري يڪجا ڪئي وئي هئي ۽ اڳ ۾ ٻڌائي وئي هئي ۽ اُن ۾ اُهي سڀيئي انسانيت جي تاريخ جا سڀئي نه حل ڪيل اختلافي مسئلا موجود آهن. اُن وقت شايد اِهي ايترا واضح نه هئا، ڇاڪاڻ ته مستقبل جي ڪا به خبر نه هئي. پر هاڻي جڏهن پندرنهن صديون گذري چـُـڪيون آهن، اَسان ڏسون ٿا ته اِنهن ٽن سوالن ۾ سڀ ڪا شيءِ ايترو، ته منصفاڻي ۽ غير فاني اڳ ۾ ٻڌائي وئي آهي ۽ اُنهن کي ايترو، ته صداقت سان معمور ڪيو ويو آهي جو هاڻي اُنهن ۾ ڪنهن به ٻي اضافي جي گنجائش ئي نه رَهي آهي.
تون پاڻ انصاف ڪر ته ڪير صحيح آهي - تون يا هـُـو، جنهن توکان اُن وقت سوال ڪيا هئا. پهرئين سوال کي ياد ڪر. اُن جي معنيٰ ٻين لفظن ۾ هئين ٿيندي: تون دنيا ۾ ايندين ۽ خالي هٿن سان. تو وٽ فقط آزادي جو واعدو هوندو. اُن کي ماڻهو پنهنجي سادگي ۽ بي قاعدگيءَ کان سمجهي به نه سگهيا آهن. هـُـو فقط اُن کان خوف کائيندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته انسان ذات ۽ اُن جي سوسائٽي لاءِ، آزادي ۽ نجات کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ وڌيڪ تسلي ڏيندڙ نه آهي. پر توکي هيءُ ڏسڻ گهرجي ته هيءُ پٿر، هن ساڙيندڙ ۽ ويران آوارگيءَ ۾؟ هنن پٿرن کي مانيءَ ۾ بدلاءِ. انسان ذات تنهنجي پويان تابعداري ۽ شڪر گذاريءَ، جي حالت ۾ رڍن جي ڌڻ وانگر ڊوڙي پوندي. جيتوڻيڪ هوءَ هميشھ ڏڪندي رهندي ته متان تون پنهنجي هٿ کي ڪـَـڍي وٺين ۽ کين ماني جو انڪار ڪرين. پر تون ماڻهن کان سندن نجات ۽ آزادي کي نه کسيندين نه وري سندن خواهشن کي روڪيندين. تون ضرور اِهو خيال ڪندين ته هن آزادگي ۽ نجات جو ڪهڙو قدر ۽ قيمت آهي، جڏهن اُن کي ماني جي عيوض خريد ڪري سگهجي ٿو؟ تون جواب ڏي، ته ماڻهو فقط مانيءَ سان ته جهان ۾ زندهه رَهي نه ٿو سگهي، پر تون چڱي ريت ڄاڻين ٿو ته مانيءَ جي واسطي، روح تنهنجي خلاف اُٿي بيهندو، توسان جهڳڙندو ۽ تنهنجي مٿان قابض ٿي ويندو. سڀئي اُن جي پٺيان رڙيون ڪري چوندا ته، ”هن وحشيءَ سان ڪهڙي ڀيٽ؟ هن اسان کي آسمان کان باهه بخشش ڪئي آهي!“ توکي خبر آهي ته زمانا گذرندا ۽ انسانيت پنهنجي عالمن جي چپن مان، اعلان ڪندي، ته هت ڪو به گناهه ڪو نه آهي ۽ اُن جي ڪري ڪو به ڏوهه نه آهي. تڏهن هتي فقط باک آهي؟ ماڻهوءَ کي پيٽ ڀري کاراءِ ۽ ان کان گـُـڻن جي تقاضا ڪر! اِها ئي ڳالهه آهي، جا هـُـو پنهنجي جهنڊي تي لکي، تنهنجي خلاف اُن کي بلند ڪندا. جنهن سان هـُـو تنهنجي مندر کي برباد ڪري ڇڏيندا، جتي تنهنجو مندر بيٺو آهي، اُتي هڪ نئين عمارت کي تعمير ڪندا. ۽ اتي خوفناڪ منارو وري تعمير ڪيو ويندو. اُهو جيتوڻيڪ اڳئين وانگر تڪميل تي پهچي نه سگهندو. تون شايد اُن نئين مناري کي روڪين. ڇاڪاڻ ته تون انسان ذات جي مصيبتن کي هزارن سالن کان رفع دفع ڪندو رهيو آهين. اُنهيءَ اُميد سان ته هـُـو هزارن سالن جي عذابن کان پوءِ مناري سان گڏ اسان ڏي موٽي ايندا. هـو اَسان کي وري زمين دوز مردن جي تهخانن مان ڳولي هٿ ڪندا، ڇاڪاڻ ته اَسان کي هو وري عذاب ڏيندا. هـُـو اسان کي ڳولي، هٿ ڪري ۽ واڪا ڪري چوندا ته، ”اسان کي کارايو. ڇاڪاڻ ته جن اَسان سان آسماني باهه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اُنهن اَسان کي اُها نه پهچائي آهي. اُن ڪري اَسان اُن مناري جي تڪميل ڪنداسون، ڇاڪاڻ ته جيڪو اَسان کي کارائيندو، اَسان اُن جي ئي ڪم جو پورائو ڪنداسون. اَسان کين تنهنجي نالي ۾ کارائينداسون ۽ ڪوڙ ڪري اِيئن ظاهر ڪنداسون ته اِهو، تنهنجي ئي نالي جي صدقي ۾ آهي. ها ڪڏهن به نه، ڪڏهن به نه. هـُـو اَسان کان سواءِ پاڻ کي کارائي سگهندا. جيستائين هـُـو آزاد رهندا، تيستائين کين ڪا به سائنس کارائي نه سگهندي. آخر ۾ هـُـو پنهنجي آزادي اَسان جي پيرن ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيندا ۽ اَسان کي چوندا ته، ”ڀلي اسان کي پنهنجو غلام بڻايو، پر اَسان کي کارايو.“ هـُـو آخر ۾ پاڻ کي سمجهندا ته آزادي ۽ پيٽ ڀري ماني، سڀ جي لاءِ گڏ ۽ گڏ، تصور ۾ اَچڻ واريون شيون ئي نه آهن. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن به هيءُ ٻه شيون هڪ ٻي سان ڀاڱي ڀائيوار ٿي نه ٿيون سگهن. هـُـو ڪڏهن به اُنهن ۾ ڪا تقسيم نه ڪري سگهندا. هنن کي آخر مڃڻو پوندو، ته هـُـو ڪڏهن به آزاد ٿي نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته ضعيف آهن، ڳڻ چور آهن، بي قيمت ۽ باغي آهن. تو ساڻن آسمان جي مانيءَ جو واعدو ڪيو آهي، پر مان وري به دهرايان ٿو ته ضعيفن جي اکين سان زميني ماني جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. بني آدم جي گنهگار ۽ ذليل قوم ذات! جيڪڏهن آسماني ماني واسطي، لکين تنهنجي پٺ وٺن ته پوءِ اُنهن لکن ۽ ڪروڙن حيوانن جو ڇا ٿيندو، جن وٽ ايتري قوت ڪا نه آهي جو آسماني ماني جي لاءِ زميني ماني جو سهارو وٺن؟ يا ته توکي اُنهن ڪروڙن جي سنڀال ڪرڻي پوندي، جي مٿي ۽ مضبوط آهن. پر اُهي لکين ۽ لاتعداد، سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترا انسان، جي توسان محبت ڪن ٿا، اِنهن طاقتور ۽ عظيم انسانن جا فقط طفيلي ٿي رهندا؟ نه اسان کي ڪمزورن جي به خبر رکڻ گهرجي. هـُـو جيتوڻيڪ گنهگار ۽ باغي آهن، پر آخر ۾ هـُـو به تابعدار بڻجي ويندا. هـُـو حيرت ۽ عجب مان اسان کي ڏسندا ۽ اَسان کي خدائن وانگر نهاريندا. ڇاڪاڻ ته اسان اُن آزاديءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن کي اُنهن ايڏو خوفائتو سمجهيو آهي. کين آزاد ڇڏڻ نهايت خطرناڪ ٿيندو، هنن تي حڪومت ئي ڪرڻ گهرجي. پر اسان کين ٻڌائينداسون ته اَسان تنهنجا خادم آهيون ۽ تنهنجي نالي ۾ حڪومت ڪنداسون. اسان کين ٺڳينداسون، ڇاڪاڻ ته توکي وري اَچڻ نه ڏينداسون. هيءَ مڪاري اَسان جي لاءِ مصيبت بڻبي، ڇو ته اَسان کي ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو.
هيءَ پهرئين سوال جي تشريح آهي، جا توکي آوارگيءَ ۾ حاصل ٿي هئي ۽ هيءَ ئي تو آزادي جي خاطر رد ڪري ڇڏي آهي. جنهن کي تو هر شيءِ کان برتر ٿي سمجهيو. هن سوال ۾ دنيا جو وڏو راز مخفي آهي. ”مانيءَ “ جي انتخاب سان تون جيڪر ڪائنات کي ۽ انسانيت جي هميشھ رهندڙ آرزو کي راضي ڪري سگهين ٿو، جيئن توکي ڪو تنهنجي بندگيءَ لاءِ حاصل ٿي سگهي ها، پر جيستائين انسان آزاد آهي، هـُـو لاحاصل جهڳڙندو رَهي ٿو. ايترو ته لڳاتار ۽ دکدائڪ، جو کيس ضرورت پوي ٿي ته هـُـو ڪنهن جي عبادت ڪري. پر ماڻهو هميشھ عبادت لاءِ هيءُ جستجو ڪري ٿو ته هو ڪنهن جهڳڙي کان بالاتر هجي. جيئن سڀ ماڻهو اُن بندگي کي هڪدم قبول ڪري وٺن. ڇاڪاڻ ته هيءُ غمزده انسان فقط اِنهيءَ سان واسطيدار نه آهن ته ڪو ڪيئن ٿو عبادت ڪري، پر هـُـو اِهڙي شيءِ کي لهڻ گهرن ٿا ته اُن ۾ سڀني جو اعتقاد هجي، ۽ اُن جي عبادت ڪن. ضروري اِهو آهي سڀئي اُن تي متفق هجن. هي عبادت ڪندڙ برادري جي آرزو، هر هڪ ماڻهوءَ جي انفرادي طرح مکيه پريشاني آهي ۽ سڄي انسانيت جي ابتدائي زماني کان مصيبت آهي. هن يڪسانيت جي عبادت واسطي، هنن هڪٻئي کي تلوار سان پئي ماريو آهي. هنن پنهنجي خدائن کي بڻايو آهي ۽ هڪ ٻئي کي مقابلي جي آڇ پئي ڪئي آهي، ته پنهنجي خدائن کي ڇڏيو ۽ اَچي اسان جن جي عبادت ڪريو. ٻي صورت ۾ اسان اوهان کي ۽ اوهان جي خدائن کي قتل ڪري ڇڏينداسون. اِهڙي ريت دنيا جي پڇاڙيءَ تائين ٿيندو رهندو. توڙي جو خدا زمين کان غائب به ٿي ويندا. هـُـو بتن جي اڳيان ساڳي ريت ڪري پوندا. تون هيءُ ڄاڻين ٿو. تون انساني فطرت جي هن بنيادي راز کي ڄاڻين ٿو پر ڇا تون اُن هڪ معصوم جهنڊي کي رد ڪري ڇڏيندين، جو توکي اُنهيءَ لاءِ آڇيو ويو هو ته سڀئي ماڻهو فقط تنهنجي اڳيان جهڪي وڃن. اِهو آهي زميني مانيءَ جو جهنڊو. پر تو اُن کي آزادي ۽ آسماني ماني جي عيوض ۾ رد ڪري ڇڏيو. هاڻي ٻڌاءِ ته وڌيڪ توکي ڇا ڪرڻو آهي، هاڻ وري به سڀ ڪجهه آزاديءَ جي نالي ۾ ڪرڻ گهرين ٿو! مان توکي ٻڌايان ٿو ته انسان کي هن انتظار کان وڌيڪ ٻيو ڪو به عذاب نه آهي ته هـُـو جيتري قدر جلد ٿي سگهي، هـُـو اُن آزاديءَ جي انعام کي، ڪنهن اِهڙي شيءِ کي ڏيئي ڇڏي، جنهن سان هي بدقسمت حيوان دنيا ۾ پيدا ٿيو آهي. پر فقط اُهو ئي هن کان آزادي وٺي سگهي ٿو، جو پنهنجي ضمير کي گهٽ ڪري سگهي ٿو. مانيءَ ۾ توکي اُهو جهنڊو آڇيو ويو هو، جو ڪڏهن به شڪست کائي نه ٿو سگهي. ماني ڏي ۽ ماڻهو تنهنجي عبادت ڪرڻ شروع ڪندا. ڇاڪاڻ ته مانيءَ کان وڌيڪ ٻي يقيني شيءِ ٿي ئي نه ٿي سگهي. پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي ضمير تي قبضو ڪري وٺي ته هـُـو تنهنجي مانيءَ کي ڇڏي ڏيندو ۽ هـُـو اُن جي پوئتان لڳي پوندو، جنهن اُن جي ضمير کي دام ۾ آڻي وڌو آهي. هن حقيقت ۾ تون صحيح هئين. ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جي هستيءَ جو راز فقط هن ۾ نه آهي ته هـُـو فقط جيئرو رَهي پر ڪنهن جي لاءِ جيئرو رَهي. حياتيءَ جي مضبوط ذهني تصور ۽ مقصد کانسواءِ ماڻهو پنهنجي زندگي کي گذارڻ قبول نه ٿو ڪري. هـُـو زمين تي رهڻ جي بجاءِ، پاڻ کي تباهه ڪرڻ بهتر سمجهندو. توڙي کڻي کيس ماني ڪثرت سان ميسر هجي. اِهو سچ آهي. پر ڇا ٿيندو؟ بجاءِ اِنهيءَ جي، جو ماڻهن کان سندس آزادي کسي وڃي، تون اُن کي هميشھ کان به عظيم تر بڻائي ڇڏيندين! توکان شايد اِهو وسري ٿو ته ماڻهن کي صلح ۽ سانت پسند آهي ۽ موت به. فقط کيس هيءُ کپي ٿو ته نيڪي ۽ بديءَ جي علم جي انتخاب ۾ کيس آزادي هجي. انسان جي لاءِ سندس ضمير جي آزادي کان وڌيڪ ٻي بغاوت ٿي نه ٿي سگهي. اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو مصيبتن جو ڪارڻ ٿي نه ٿو سگهي. هاڻ، انهيءَ جي بجاءِ جو انسان جي ضمير کي هميشھ آرام ڏيڻ لاءِ، ڪنهن پختي بنياد تي قائم ڪيو وڃي، پر اُنهن شين کي انتخاب ڪيو آهي، جي غير معمولي، نڪميون ۽ ڳجهارت جهڙيون آهن. تو اُنهن شين کي انتخاب ڪيو، جي توڙ کان انساني طاقت کان مٿي آهن. اِنهن سان تون اِيئن ٿو ڏيکارين، ته توکي هنن سڀني جي لاءِ ڪا به محبت ڪا نه آهي ۽ تون جي هتي، هنن لاءِ حياتي ڏيڻ آيو آهين. انساني آزادي تي قبضي ڪرڻ بجاءِ، تون اُن کي وسيع ڪري رهيو آهين ۽ انسان ذات جي روحاني بادشاهت کي، هميشھ جي مصيبتن سان ڀري رهيو آهين. توکي انسان جي آزاد محبت جي خواهش آهي، ته هو آزادي سان تنهنجي پـُـٺ وٺي، جيئن تون اُن کي ورغلائي پنهنجو قيدي بڻائين. قديم سخت تر قانون جي بجاءِ، انسان کي هن کان پوءِ آزاد دل سان، پنهنجي لاءِ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا نيڪ آهي ۽ ڇا بد. تنهنجو بت فقط سندس رهنما ٿي سگهندو، پر توکي شايد هي خبر نه آهي ته تنهنجو بت ۽ تنهنجي صداقت رد ڪيا ويندا. هو آخر رڙيون ڪري چوندا ته تو ۾ ڪا به صداقت ڪا نه آهي. ڇاڪاڻ ته اُنهن جي لاءِ، هن کان وڌيڪ عظيم مونجهارو ۽ مصيبت ٻي ٿي نه ٿي سگهي، جنهن کي تو مٿن، تڪليفن ۽ نه جواب ڏيندڙ مسئلن جي صورت ۾ نازل ڪيو آهي. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿو اَچي ته تون پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي سلطنت جي بربادي آڻي رهيو آهين. اِنهيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي کي ڏوهه ڏئي نه ٿو سگهجي. اُن هوندي به توکي ڇا آڇيو ويو؟ ٽي طاقتون آهن فقط ٽي طاقتون، جي هنن نامردود باغين جي ضمير کي، فتح ڪري قيدي رکي سگهن ٿيون. هي طاقتون ڪرامت آهن، اسرار آهن ۽ سـَـنـَـد آهن. تون اِنهن ٽنهي کي روڪيو آهي ۽ اُن جو مثال قائم ڪيو آهي. جڏهن دانشمند ۽ مهيب روح، توکي مندر جي بلند ڪـُـنگري تي پهچائي، خطاب ڪيو ته، ”جيڪڏهن تو ڄاڻڻ گهرين ٿو ته تون خدا جو فرزند آهين، ته پاڻ کي هيٺ آڻ. ڇاڪاڻ ته اِهو ئي مقدس ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي. فرشتا توکي سنڀاليندا، ڇو ته متان تون پاڻ کي هيٺ ڪيرائي زخمي نه ڪري وجهين. اِن ڪري توکي ڄاڻڻ کپي، ته خدا جو پٽ آهين يا نه ۽ توکي ثابت ڪرڻو پوندو، ته تنهنجو پنهنجي مالڪ ۾ ڪيڏو نه عظيم عقيدو آهي.“ ڇا پوءِ تون اُن جو انڪار ڪندين ۽ هيٺ لهي نه ايندين. ها توکي بيشڪ پنهنجي مالڪ وانگر فخر ۽ برتري سان اِيئن ڪرڻو پوندو. ڇا هيءُ ڪمزور ۽ باغي انسان خدا به ٿي سگهن ٿا؟ ها تڏهن ته توکي خبر هئڻ گهرجي ته تون هڪ قدم کڻڻ سان ۽ ٿوري چـُـرپـُـر ڪرڻ سان، تون پاڻ کي هيٺ آڻي وجهندين، تون گويا خـُـدا مان پنهنجو ايمان وڃائي ويٺو آهين. توکي اِنهيءَ ئي زمين تي ٽڪرن جي صورت ۾ اُڇلايو ويندو، جنهن کي تون بچائڻ لاءِ آيو آهين ۽ اُهو دانشمند روح جنهن توکي هن خيال تي اُڀاريو آهي، خوشي ملهائيندو. پر مان توکان وري پڇان ٿو ته ڇا تو جهڙا ٻيا به ڪي آهن؟ ٿوري گهڙيءَ لاءِ تون اِهو اعتبار ۾ آڻي سگهين ٿو ته ڇا انسان به اِهڙي حرص ۽ ترغيب جو مقابلو ڪري سگهي ٿو؟ ڇا انسان جي اِها فطرت ٿي سگهي ٿي ته ڪرامتون پهچائيندڙ تڪليفن جي گهڙين ۾ هو فقط قلب جي آزاد فتويٰ کي چهٽي پوي. ها توکي اِهو ڄاڻڻ گهرجي، ته تنهنجا ڪارناما ڪتابن ۾ لکيا ويندا. اِهي پرانهين زماني ۾، زمين جي پڇاڙيءَ تائين پهچايا ويندا. توکي اُميد آهي ته انسان تنهنجي تابعداري ۾، خدا کي چهٽي پوندو ۽ ڪنهن به ڪرامت يا معجزي جي طلب نه ڪندو. پر توکي خبر نه آهي ته جڏهن انسان معجزن ۽ ڪرامتن جو انڪار ڪري ٿو، هـُـو خدا جو به انڪار ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ کي ايتري جستجو ڪٿي آهي، جيترو خدا پـُـراسرار آهي. هوڏانهن جيئن ته ماڻهو ڪرامتن کان سواءِ رَهي نه ٿو سگهي، هـُـو پنهنجي لاءِ، پاڻ نيون ڪرامتون ايجاد ڪندو ۽ پنهنجي جادو ۽ طلسم جي ڪارنامن جي عبادت ڪندو، پوءِ ڇو نه هـُـو هزار مرتبا باغي، بدعتي ۽ بيوفا هجي. هـُـن ڪيتريون ئي دانهون ڪيون ۽ توکي طعنيٰ به ڏنائون، پر تون صليب تان هيٺ لهي نه آئين. هنن توکي رڙيون ڪري چيو ته ”صليب کان هيٺ لهي اَچ ۽ اسان هاڻي يقين ٿا ڪريون ته تون اُهو ئي آهين.“ پر تون هيٺ لهي نه آئين. هاڻي وري تون ٻيهر، ماڻهن کي ڪرامتن ۾ نه ڦاسائيندين. اِها تنهنجي آرزو آهي ته ماڻهن کي اِهڙو عقيدو ڏيندين، جو ڪنهن ڪرامت تي رکيل نه هجي. توکي آزاد محبت جي لاءِ آرزو هئڻ کپي، ته اِها خواهش، جيئن هڪ غلام ڪنهن طاقتور جي سامهون، جنهن کي ڊيڄاريو ويو هجي، بيخودي ۾ گذاري ٿو. اُن ڪري توکي انسان جي لاءِ مٿانهون سوچڻ گهرجي. جيتوڻيڪ غلام آهن ۽ پنهنجي فطرت کان باغي چوڌاري نهاري انصاف ڪر. پندرهن صديون گذري ويون آهن ۽ اُنهن کي ڏس، تو ڪنهن کي کڻي پاڻ تائين پهچايو آهي؟ مان قسم کڻي چوان ٿو ته انسان فطرتاًڪمزور ۽ بزدل آهي. تو اُن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اُن جي لاءِ ايتري عزت ڏيکاريندي به، تو اُن جي لاءِ اِهو ئي ڪيو آهي ته جيئن اڳ ۾ هيو، اُئين ئي آهي. هاڻي اُن جي لاءِ احساس نه رک. ڇاڪاڻ ته تون اُن کان گهڻو ڪجهه وٺڻ جو خواهشمند آهين. تون جنهن اُن کي پاڻ کان وڌيڪ پيار ڪيو آهي پر عزت گهٽ، اُن ڪري توکي اُن جي لاءِ پڇڻ به ٿورو ئي کپندو هو. اِها شايد وڌيڪ محبت بڻجي ها، ڇو ته اُن جو بار ڪجهه هلڪو ٿئي ها. هيءُ ڪمزور ۽ اَڻ گهڙيو آهي. هـُـو جو ڪجهه به آهي، پر هاڻي جتي ڪٿي، اسان جي طاقت جي خلاف بغاوت ڪندو رَهي ٿو، ۽ پنهنجي بغاوت تي بيحد مغرور آهي. اِهو غرور، ڄڻ ته هڪ ٻار ۽ اسڪول جي ڇوڪري جو آهي. ڄڻ ته ڪي ننڍڙا ٻار آهن، جي اسڪول ۾ اُستاد جي خلاف شر ۽ شورش پيدا ڪندا رهن ٿا. پر هيءَ سندن ٻاراڻي خوشي نه رهندي. هوءَ کين ڏاڍي مهانگي پوندي. هـُـو مندرن کي ڊاهي ڇڏيندا ۽ زمين کي رت سان ڀـَـري ڇڏيندا. پر آخر هي بيوقوف ٻار ڏسندس ته جيتوڻيڪ هـُـو باغي آهن پر نامرد باغي آهن ۽ پنهنجي بغاوت کي جاري رکي نه سگهندا. پنهنجي بيوقوفي جي ڳوڙهن ۾ وهنجي، هـُـو آخر هن ڳالهه کي قبول ڪندا ته جنهن کين باغي پيدا ڪيو هو، سو ساڻن گويا مذاق ڪري رهيو هو. هـُـو نااُميدي ۾ ته اِيئن چوندا، پر سندن اظهار اڳتي هلي، هن کان به بدتر ٿيندو. هـُـو ڪفر بڪيندا، جو اُنهن کي اَڃا وڌيڪ ناخوش بڻائيندو. ڇاڪاڻ ته انساني فطرت ڪفر کي گهڻو وقت برداشت نه ڪري سگهندي آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ اُن جو بدلو پاڻ کان ئي وٺندي آهي. هي بي آرامي، مونجهارو ۽ ناخوشي، هنن بدقسمت انسانن جو هاڻي لاڳ آهي، جن جي آزاديءَ لاءِ، تو گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو آهي. تنهنجي عظيم پيغمبر ”روياءُ صادقه“ ۾ ٻڌايو آهي ته هـُـن اُنهن ماڻهن کي تنهنجي پهرئين جشن ۾ ڏٺو ته اُهي هر هڪ قبيلي مان ٻارنهن هزار هئا. جيڪڏهن هو سچ اَنداز ۾ ايترا هئا ته هـُـو انسان نه هئا پر ديوتائون هئا. وٽن تنهنجو صليب هو. هنن ڪيئي صديون ويران ۽ بک واري آوارگيءَ ۾ ماڪڙ ۽ گاهه تي پئي گذارو ڪيو. يقيناً توکي هنن آزادي جي ٻارن تي فخر ڪرڻ گهرجي. جي آزاد محبت وارا هئا ۽ تنهنجي نالي تي آزاد ۽ خوشگوار قربانيون ڏيندا ٿي رهيا. پر توکي هي ياد رکڻ گهرجي ته اِهي ڪي هزار مس هئا ۽ باقي ٻين جو ڇا ٿيو؟ باقي اِنهن ڪمزورن کي ڪهڙو ڏوهه ڏئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هـُـو برداشت نه ڪري سگهيا، جو مضبوط ۽ طاقتور برداشت ڪري سگهيا. ڪمزور روح کي ڪهڙو ڏوهه ڏئي سگهجي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته اِهو سندن وس کان ٻاهر آهي ته هـُـو اِهڙا خطرناڪ انعام حاصل ڪري سگهن. اِيئن نه آهي ته تون فقط اِنهيءَ لاءِ آيو آهين ته انتخاب ڪرين ۽ بس. جيڪڏهن اِيئن آهي ته اِهو هڪ راز آهي، جنهن کي اَسان سمجهي نه ٿا سگهون. جيڪڏهن اِهو راز آهي ته اسان کي به حق آهي ته ڪنهن راز جو واعظ ڪندا رهون ۽ کين سمجهايون ته اِها سندن دل جي آزاد فتويٰ نه آهي، نه وري حقيقت جي محبت آهي، پر اُهو راز، جنهن جي اَنڌي تقليد ڪرڻي آهي، پوءِ ڇو نه ضمير جي خلاف هجي. سو اَسان اِهڙي ريت ڪندا رهون ٿا. اسان تنهنجي عمل ۾ اصلاح آندي آهي ۽ اُن جو بنياد ڪرامتن تي رکيو آهي، ها راز ۽ سند! ماڻهو خوش آهن ته هو ٻيهر رڍن وانگر هڪليا وڃن ٿا ۽ اُن خطرناڪ انعام جنهن مٿن اِهي مصيبتون آنديون آهن، آخرڪار سندن دلين مان کنيو ويو آهي. ڇا اَسان اِهو صحيح سيکاري رهيا آهيون ڳالهاءِ، ڇا اَسان انسانيت سان پيار نه ٿا ڪريون. ڇا اسان نماڻائي سان پنهنجي ڪمزوري قبول نه ٿا ڪريون. پيار سان سندن بار کي هلڪو نه ٿا ڪريون. سندن ڪمزور فطرت جي باعث، کين گناهه ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏيون؟ پوءِ تون ڇو وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪرڻ لاءِ آيو آهين؟ تون ڇو خاموش ۽ جستجو انداز ۾ مون کي نهاري رهيو آهين؟ ڀلي غصي ٿيءُ. مون کي تنهنجي محبت نه ٿي گهرجي، ڇاڪاڻ ته مان توسان محبت نه ٿو ڪريان. پوءِ ڪهڙي ضرورت پئي آهي، جو توکان مان ڪا شيءِ لڪايان؟ مون کي اِها خبر نه آهي، ته ڪنهن سان ٿو ڳالهايان؟ جو ڪجهه مان توکي چوڻ گهران ٿو، اُهو توکي اڳ ۾ ئي معلوم آهي ۽ اِهو منهنجو ڪم آهي، ته مان توکان پنهنجو راز مخفي رکان. شايد اِها تنهنجي خواهش هجي ته اِهو تون منهنجي چپن مان ٻڌڻ گهرين. تڏهن ته ڌيان ڏيئي ٻـُـڌُ. اَسان توسان سرگرم ڪار نه آهيون پر هن سان. اِهو ئي اَسان جو راز آهي. هي طويل آهي. اَٺ صديون گذريون. اُن وقت کان اَسان هن جو طرف ورتو آهي نه تنهنجو. اَٺ صديون گذريون، اَسان کانئس اُهو ورتو، جنهن کي تو نفرت سان رد ڪري ڇڏيو هو. اُهو پويون انعام، جو هـُـن توکي آڇيو هو ۽ زمين جون سڀئي سلطنتون توکي ڏيکاريون هئائين. اَسان کانئس روم ۽ سيزر (قيصر) جي تلوار ورتي سون ۽ پاڻ کي زمين جو تنها حاڪم مشهور ڪيوسون. پوءِ کڻي اَسان پنهنجي ڪم کي پورو نه ڪري سگهياسون پر اِها ڪنهن جي غلطي آهي؟ هاڻ ڪم جي ابتدا آهي پر شروع ٿي ويو آهي. تڪميل جي لاءِ گهڻو وقت ترسڻو پوندو ۽ زمين کي اَڃا گهڻو ڪجهه سهڻو آهي. پر اسان ڪاميابي حاصل ڪنداسون ۽ سيزر بڻجي وينداسون. پوءِ تون پويون انعام ڇو ٿو رد ڪرين. جيڪر تون اُن طاقتور روح جي پوئين صلاح قبول ڪرين ها. تون اُنهن سڀني ڳالهين جي پورائي ڪرين ها، جي انسان زمين تي چاهي ٿو. يعني ڪو عبادت ڪري ها، ڪو پنهنجي ضمير کي بجا رکي ها ۽ ڪي، بنا ڪنهن اختلاف جي، ماڪوڙي جي ڍڳ وانگر بنا ڪنهن اختلاف جي، ڪائناتي اتفاق لاءِ ڪوشش ڪن ها، ڇاڪاڻ ته اِها ٽيون نمبر ۽ آخري انسان جي آرزو آهي. انسانيت هميشھ سراسري طرح اِيئن چاهيندي آهي ته ڪائناتي طريقن کي ترتيب ڏئي. هتي ڪيتريون قومون پنهنجي عظيم تاريخ سان گذريون آهن پر جيتري قدر هنن ترقي ڪئي، اوتري قدر ناخوش رهيون. ڇاڪاڻ ته هـُـو ٻين جي نسبت تنگ دل هيون. ٻين اِهو ٿي چاهيو ته بين الاقوامي اتفاق قائم ڪيو وڃي. عظيم فاتح تيمور ۽ چنگيز خان، زمين تي طوفان وانگر آيا ۽ انسانن کي تابع بڻائڻ لاءِ وڙهندا رهيا، پر اُهي به ساڳيءَ ريت ڪائناتي اتحاد جا بي ضمير آرزومند نڪتا. جيڪڏهن تون دنيا تي قبضو ڪرين ها ۽ سيزر جو ڀڙڪيدار لباس پهرين ها ته تون ڪائناتي سلطنت جو بنياد رکي، دنيا کي ڪائناتي آرام ڏئين ها. ڇاڪاڻ ته دنيا تي اِهڙي حڪومت ڪير ڪري سگهي ٿو، جنهن کي سندن ضمير به هٿ ۾ هجي ۽ ماني به؟ اسان سيرز جي شمشير ته هٿ ۾ ورتي آهي. اُن کي کڻندي، اسان توکي رد ڪري، اُن جي پٺ ورتي آهي. هاڻي اَڃا به زمانا کپن، جو آزاد خياليءَ جي لاءِ مونجهارو لهي. يعني سندن سائنس ۽ اُن جي آدمخوري گهٽجي وڃي. جيڪڏهن هـِـنن اسان کان سواءِ بابل جو منارو تعمير ڪيو ته يقيناً اُن جي پڇاڙي آدمخوريءَ تي ختم ٿيندي. پر پوءِ هي وحشي جانور اسان ڏي چـُـرڻ شروع ڪندا، اسان جي قدمن کي چٽيندا، مٿن غلاظت جا ڇنڊا اڀرندا ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا. اَسان اُن جانور تي چڙهي ويهنداسون ۽ پيالي کي هٿ ۾ کڻنداسون، جنهن تي لکيل هوندو ”راز“. پر پوءِ صلح، سانت، خوشي ۽ مسرت جو راڄ انسان لاءِ اَچي ويندو. تون پنهنجي انتخاب تي فخر وٺين ٿو، پر تون فقط انتخاب تي خوش آهين، حقيقت ۽ صحيح مسرت ته انسان کي اَسان ڏيون ٿا. هن کان سواءِ، هنن منتخب ٿيل انسانن مان، اُهي طاقتور جي انتخاب ٿي سگهيا آهن، ڪيترو نه تنهنجي لاءِ ترسي ترسي ٿڪجي پيا آهن. هنن پنهنجي روح جي طاقت ۽ گرميءَ لاءِ، اَلائجي، ڪيترين جاين تي پاڻ کي ڦيرايو آهي ۽ اَڃا ڦيرائيندا رهندا. آخر ۾ سندن پڄاڻي هيءَ ٿيندي جو تنهنجي خلاف ئي پنهنجي جهنڊي کي بلند ڪندا. تو پنهنجي هٿن سان جهنڊي کي بلند به ڪيو آهي؟ جيڪڏهن تون اَسان سان گڏجي رهندين ته خوش رهندين، ڪو به باغي نه رهندو ۽ تنهنجي آزادي جي اندر ڪو به وري برباد ٿي نه سگهندو. ها اسان کين ترغيب ڏينداسون ته هـُـو صحيح آزادي تڏهن حاصل ڪري سگهندا، جڏهن هـُـو پنهنجي آزادي صحيح ريت اَسان جي هٿن ۾ ڏيندا. پوءِ اَسان حق تي هجون يا ڪوڙ تي. هـُـو مڃي ويندا ته اَسان حق تي آهيون. ڇاڪاڻ ته هنن کي اُهي خطرا ياد ايندا، جي غلامي ۽ مونجهاري جي صورت ۾، تنهنجي آزاديءَ مٿن آندا آهن. آزادي، آزاد خيالي ۽ سائنس، کين اِهڙي ته پيچ ۽ خم ۾ وٺي ويندي ۽ اِهڙن عجائبات ۽ رازن سان منهن ڏيندي، جو اُن مان ڪي، جي خوفناڪ باغي هوندا، پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيندا ۽ ٻيا ڪمزور باغي هڪ ٻئي کي ناس ڪري ڇڏيندا. باقي جي ڪمزور باغي هوندا، اَسان جي قدمن ۾ اَچي ڪرندا ۽ ليلائي چوندا، ته توهان صحيح هئا، توهان تنها فقط اُن جي راز کي ڄاڻو ٿا. اسان توهان ڏي موٽي آيا آهيون ۽ اسان کي بچايو.
اسان کان ماني وٺندي، هـُـو صاف ڏسندا ته جا ماني اَسان کين ڏني آهي، سا اُنهن جي هٿن جي ئي تيار ٿيل آهي. بنا ڪنهن ڪرامت جي کين اِهڙي ريت مانيءَ جو ملڻ، کين شڪر گذار بڻائيندو ۽ هـُـو سمجهندا ته اَسان ماني کي پٿر ۾ نه ٿا بدلايون، تنهنڪري هـُـو ماني کان وڌيڪ اَسان جي رويي لاءِ شڪر گذار ٿيندا. کين ياد ايندو ته ماضي ۾، اسان جي مدد کان سواءِ، توڙي جو ماني، هـُـو تيار ڪندا هئا، سندن هٿن ۾ پٿر بڻجي ويندي هئي. پر جڏهن ته هـُـو اَسان ڏي موٽي آيا آهن ته پٿر به سندن هٿن ۾ ماني بڻجي ويا آهن. آهستي آهستي هـُـو مڪمل طرح تابعداريءَ جي قيمت سمجهندا! پر جيستائين انسانن هـِـن کي نه سمجهيو آهي، هـُـو ناخوش ٿي رهندا. ٻڌاءِ ته هاڻي سندن بيخبري لاءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏئي سگهجي ٿو. ڳالهاءِ، ڳالهاءِ. ڪنهن هنن ڌڻن کي بي راهه ڪيو ۽ اڻ ڄاتل رستي تي موڪلي ڏنو؟ پر هيءُ ڌڻ وري اَچي گڏبا ۽ تابعداري جو اظهار ڪندا ۽ اِهو آخري موقعو هوندو. پوءِ اسان کين نماڻن ساهوارن وانگر، جيئن سندن فطرت آهي، خوشي ڏينداسون. آخرڪار اَسان کين ترغيب ڏينداسون ته هـُـو مغرور نه ٿين. ڇاڪاڻ ته تو هنن کي مٿي کنيو آهي ۽ مغرور بڻايو آهي. اَسان کين ڏيکارينداسون ته هـُـو ڪمزور آهن ۽ فقط غمزده ٻار آهن. پر ٻاراڻي خوشي سڀ کان شيرين ٿيندي آهي. هـُـو بزدل ٿي پوندا ۽ اَسان ڏي نيڻ کڻي واجهائيندا ۽ خوف کان اسان کي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا، جيئن چوزا ڪڪڙ جي حالت ۾ ڪندا آهن. هـُـو اَسان کي عجب مان نهاريندا ۽ اَسان جي سامهون خوفزده ٿي رهندا. اسان جي مٿان، اسان جي طاقتور ۽ عقلمند هئڻ سبب فخر وٺندا ته اسان هزارن ۽ لکن شورش پسند ڌڻن کي ڪيئن تابع ڪيو آهي. هـُـو اسان جي غصي جي اڳيان نامردي کان ڏڪندا، سندن دليون خطري سان ڀرجي وينديون ۽ هـُـو رنن ۽ ٻارن وانگر ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا، پر هـُـو هن لاءِ به تيار رهندا ته اسان کان نشاني ملندي ئي، کلڻ شروع ڪري ڏين، خوشيون ڪن ۽ ٻاراڻا گيت ڳائن. هائو اَسان کين ڪم تي لائينداسون، پر سندن واندڪائي جي گهڙين ۾ اسان سندن زندگي کي ٻاراڻي راند بڻائينداسون، جن ۾ ٻاراڻا گيت، ۽ معصوم رقص هوندو. اَسان کين گناهه ڪرڻ جي اِجازت ڏينداسون، ڇاڪاڻ ته هـُـو ڪمزور ۽ بي يار آهن. هـُـو اَسان کي ٻارن وانگر پيار ڪرڻ شروع ڪندا، ڇاڪاڻ ته اَسان کين گناهه ڪرڻ جي اِجازت ڏينداسون. اَسان کين ٻڌائينداسون ته اُهو گناهه جو اسان جي اِجازت سان ڪيو ويندو، اُن جو ڪفارو ڏنو ويندو. اسان کين گناهه جي اِجازت انهيءَ ڪري ڏينداسون جو ساڻن اَسان جي محبت آهي ۽ اِنهن گناهن جي سزا، اسان پنهنجي وٺنداسون، اِهڙي ريت خدا جي سامهون، سندن گناهن جي ذميداري وٺڻ سبب، هـُـو اسان کي پنهنجي لاءِ شفاعت ڪرڻ وارا سمجهندا ۽ پوءِ ڪو به ڳجهه اسان کان لڪيل نه رکندا. اسان کين اِجازت ڏينداسون ته هـُـو پنهنجي زالن ۽ داشته عورتن سان گڏ رهن. پوءِ کين ٻار ٿئي يا نه. اِهو سندن تابعداري ۽ نه تابعداري تي منحصر هوندو. هـُـو اسان وٽ وڏي خوشي ۽ راحت مان پيش پوندا. اُهي اسان وٽ پنهنجي ضمير جي پـُـر درد ڳـُـجهن کي آڻيندا ۽ اَسان کين اِنهن سڀني ڳالهين جا جواب ڏينداسون. هـُـو خوشي مان اَسان جي جوابن تي يقين آڻيندا، ڇو ته اِهي کين وڏي انتظاري ۽ خطرناڪ مصيبت کان بچائي وٺندا، جي هـُـو، هاڻي پنهنجي آزاد راءِ جي باعث برداشت ڪندا رَهن ٿا. هـُـو سڀيئي خوش هوندا، اِهي لکين ساهوارا، سواءِ ٿورن هزارن جي، جي مٿن حڪومت ڪندا. فقط اسان جي اُن راز جي نگهباني ڪريون ٿا، ناخوش هونداسون. لکين ڪروڙين انسان خوش هوندا، فقط ٿورا هزار ناخوش هوندا، جن پنهنجي سـَـر تي نيڪي ۽ بدي جي علم جي ڄاڻڻ جو پـٽَ پاراتو کنيو آهي. اُهي تنهنجو نالو وٺي، آرام ۽ سانت سان جهان مان موڪلائي ويندا ۽ پوءِ قبر جي پريان ٻيو ڪجهه به نه ڏسندس، پر موت! پوءِ به اَسان اُن راز کي سانڍينداسون ۽ سندن خوشي جي لاءِ، کين آسماني انعامن ۽ حيات جاوداني سان پرچائينداسون. جيڪڏهن ٻئي جهان ۾ ڪا شيءِ هوندي به ته يقيناًهنن جهڙي نه هوندي. هي پيشنگوئي موجود آهي ته تون وري فاتحا ٿي ايندين. تون پنهنجي منتخب ۽ طاقتور گروهه سان ايندين، پر اسان چونداسون ته هنن فقط پاڻ کي بچايو آهي، پر اَسان سڀني کي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اُها فاحشه جا وحشي جانور جي مٿان سوار آهي ۽ ڳجهن کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي ٿي، اُن کي ندامت ۾ وڌو ويندو. يعني ڪمزور وري اُٿي بيهندا ۽ پنهنجي شاهي جوڙي کي لاهي ڇڏيندا ۽ پنهنجي مڪروهه ۽ عريان جسم جي نمائش ڪندا. اُن وقت مان اُٿي بيهندس ۽ توکي ظاهر ڪري ڏيکاريندس ته ڪروڙين اِهڙا خوشنصيب به آهن، جن گناهه ڄاتو ئي نه آهي ۽ اَسان، جن سندن گناهن کي پنهنجي سر ورتو آهي، توکي چونداسون ته، ”جيڪڏهن تون ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهين ۽ همٿ ڪا نه اَٿئي ته اَسان جي بابت غور ڪر. ” توکي هيءَ خبر هئڻ گهرجي، ته توکان مون کي ڪو به خوف نه ٿو ٿئي. توکي هيءَ به خبر هئڻ گهرجي ته مان تو وانگر آوارگيءَ ۾ رُليو آهيان. مان پاڻ وڻن جي پاڙن ۽ پنن ۽ ماڪڙ تي گذران ڪيو آهي. مون کي پاڻ اُها آزادگي انعام ۾ حاصل ٿي آهي، جنهن مان تو انسانن کي نوازيو آهي. مان پاڻ تنهنجي منتخب ٿيل انسانن سان جهڳڙندو رهيو آهيان. اُنهن طاقتور ۽ مضبوط انسانن جي وچ ۾ عدد کي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رَهيو آهيان. مان ماڻهن کي جاڳايو آهي، ۽ ڪنهن به جنون جو مظاهرو نه ڪيو اٿم. مان پوئتي موٽي، اُن رتبي وارن سان شامل ٿيو آهيان، جن تنهنجي عمل جي اصلاح ڪئي آهي. مان معذور کي ڇڏي نماز وارن ڏي ويس، انهيءَ لاءِ ته نماڻن کي راحت حاصل ٿئي. جو ڪجهه مان توکي چوان ٿو، اُهو گذري ويندو ۽ اسان جي سلطنت تيار ٿي ويندي. مان وري دهرايان ٿو ته سڀاڻي تون اُهو نيازمند ڌڻ ڏسندين، جو مون کان حڪم ملڻ تي، هـُـو توکي باهه جي ڍڳ تي آڻي، لوهي شيخن سان جلائيندا. اُها توکي اِنهيءَ جي لاءِ سزا هوندي، جو تو، اسان جي ڪم ۾ اَچي رڪاوٽون وڌيون آهن. سڀاڻي مان توکي باهه ۾ جلائيندس.“
ايون خاموش ٿي ويو. هـُـو، ڳالهائيندي ڳالهائيندي جوشَ ۾ ڀرجي ويو هو، جڏهن هن پنهنجي گفتگو پورا ڪئي ته مـُـشڪڻ لڳو.
اليوشا کيس خاموشيءَ سان ڌيان ڏيئي ٻـُـڌندو رهيو. گفتگوءَ جي آخر ۾ مٿس بيحد اَثر پيو. هـُـن ڪيترائي دفعا وچ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻ کي روڪي ٿي ورتائين. هاڻي سندس الفاظ تيزيءَ سان نڪرڻ لڳا.
”پر هي سڀ واهيات هو. ” اِيئن چوندي هـُـو ڳاڙهو ٿي ويو. تنهنجو نظم حضرت مسيح جي ساراهه ۾ آهي نه سندس خلاف. جيڪڏهن اُن جو ڪو مطلب ٿي سگهي ٿو ته. پر توتي نجات ۽ آزادي جي بابت يقين ئي ڪير ڪندو؟ ڇا اُن جي سمجهڻ جو اِهو ئي طريقو آهي؟ مذهبي ديول جو اِهو ته مطلب نه آهي.... اِهو روم آهي، پر سڄو روم ته اِيئن نه هوندو. هي سڀ ڪوڙ آهي. هـُـو ڪئٿولڪ بيحد بدنام آهن، ديول جا انتقام وٺندڙ آهن ۽ يسوعي آهن، اِنهيءَ ۾ ڪو عجب نه آهي پر تنهنجي ديول جي حساب جي عظيم محقق جهڙو، ڪو جنوني ڪو نه هوندو. انسانيت جا اُهي ڪهڙا گناهه آهن، جي هـُـو پنهنجي سر تي وٺڻ گهري ٿو؟ اُهي ڪهڙا رازدان آهن، جن پنهنجي مٿان، انسانيت جي خوشي لاءِ سڀ مصيبتون ورتيون آهن؟ اُنهن کي ڪڏهن ڏٺو ويو آهي؟ مان يسوعين کي سڃاڻان ٿو، اُنهن بابت بـُـرو ڳالهايو ويندو آهي پر اُهي اِهڙا بڇڙا نه آهن، جيئن تو سندن بيان ڪيو آهي؟ اُهي اِيئن نه آهن. قطعي اِيئن نه آهن. هـُـو فقط رومي سپاهين وانگر آهن، جي دنيا جي آئنده شهنشاهت لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. اِهو اِنهن جو اصول ٿي سگي ٿو، مگر اها ڪا رازداري نه آهي، نه وري ڪا اِنهيءَ جي بابت ڪا مٿانهين افسردگي موجود آهي. اِهو فقط طاقت جو هوس آهي ۽ غليظ حڪومت جي منور تي جو فائدو. هڪ ڪائناتي غلامي جي اندر پاڻ کي ملڪ جو مالڪ سمجهڻ. فقط اِنهن ڳالهين لاءِ ئي هي ڪوشان آهي. هو شايد خدا ۾ به ايمان نه ٿا رکن. تنهنجو مصيبت زده حسابدان صحيح معنيٰ ۾ جنوني آهي.“
ايون کلندي چيو ته، ”ترس، ترس. ڪيترو نه تون گرم ٿي ويو آهين! تون هن کي جنون سڏين ٿو، ته اِيئن هوندو. بيشڪ اِهو جنون آهي. پر مون کي هيئن چوڻ جي اِجازت ڏي، ته ڇا تون هن کي اِيئن سمجهين ٿو، ته رومن ڪئٿولڪ تحريڪ، گذريل صدين کان ڪجهه به نه آهي، پر طاقت جو هوس ۽ زمين جي قوت جو فائدو؟ اِها ئي راهب پايسي جي سکيا آهي؟“
”نه نه، پر اُن جي خلاف راهب پايسي، هڪ ڀيري ڪجهه اِيئن چيو ٿي، جيئن تون.... بيشڪ اِها ايتري ساڳي ڳالهه نه هئي. ” اليوشا جلديءَ ۾ پاڻ کي صحيح ڪيو.
”نهايت قيمتي قبوليت، جيتوڻيڪ اُن سان گڏ، هي لفظ به آهن، ته ايتري ساڳي حقيقت نه هئي. مان توکان پڇان ٿو، ته ڇو تنهنجا يسوعي ۽ ديول جو حسابدان، بيهوده مادي فائدي لاءِ، پاڻ ۾ متفق ٿيا آهن؟ ڇو اِنهن جي اندر ڪو به اِهڙو قرباني ڏيندڙ موجود نه آهي، جو ڪنهن وڏي غم جو ايذايل هجي ۽ انسانيت کي پيار ڪري؟ تون اِهو سوچ، ته جيڪڏهن اِنهن ۾ هڪڙو ئي ماڻهو اِهڙو هجي، جو مادي طاقت جي هوس کان عليحده هجي ۽ منهنجي قديم حسابدان وانگر، هن رڻ پٽ جيان سندس پاڙون کاڌل هجن ۽ پنهنجي گوشت ۽ ٻوست کي ايڏو ته سـُـڪايو هج ي، جو پاڻ کي مڪمل ۽ آزاد بڻائي سگهي. جيتوڻيڪ هـُـو سڄي حياتي انسانيت سان پيار ڪندو رَهيو ۽ اوچتو سندس اکيون پٽجي وڃن ٿيون ۽ هـُـو ڏسي ٿو، ته آزادي ۽ تڪميل ته ڪا وڏي اخلاقي جرئت ڪانه آهي. ساڳي وقت اِيئن به ڪو خيال ڪري ته هي ڪروڙين خدا جا پيدا ڪيل ساهوارا، ڪي عبث شيون نه آهن پر هـُـو ڪڏهن به پنهنجي آزاديءَ کي استعمال ڪري نه سگهندا ۽ جي غريب باغي انسان ڪڏهن به ديون ۾ بدلجي نه سگهندا، جو مناري جي تڪميل ڪري سگهن. هنن بدڪن جي لاءِ جن عظيم با اُصول شخصيتن خواب ڏٺو هو، ته هي راحت جا حقدار آهن، سي هي نه آهن. هي سڀ ڪجهه ڏسي به هنن کان هـُـن منهن مٽايو ۽ چالاڪ ماڻهن سان وڃي گڏيو، ڇا سڄو قصو اِئين نه ٿئي ها.“
”هو ڪنهن سان وڃي گڏيو ۽ اِهي ڪهڙا چالاڪ ماڻهو هئا؟ ” اليوشا هوش کان نڪري رڙ سان چيو. هنن وٽ ايڏي عظيم چالاڪي، راز ۽ اسرار ڪٿي آهن، ڪجهه نه پر لاديني، اِهوئي سندن سڄو راز آهي. تنهنجي ديول جو حسابدان، خدا جو انڪاري آهي ۽ اِهو ئي سڄو راز آهي!“
”ڇا اِيئن آهي! آخرڪار تو اِها قبوليت ڏني. اِهو صحيح آهي ۽ اِهو ئي سچو پچو راز آهي. پر اِهو عذاب نه آهي، سو به اُن ماڻهو لاءِ، جنهن پنهنجي سڄي حياتي رڻ پٽ ۾ وڃائي هجي ۽ اُن هوندي به سندس انسانيت جي صحتمند محبت ۾ ڪو به لوڏو نه آيو هجي؟ هـُـو هن صحيح فيصلي تي پهچي ٿو، ته عظيم ڀوائتن روحن جي مشوري سان، هـُـو ڪنهن بار کڻندڙ جهڙي حياتي ڪمزورن، فسادين ۽ غير مڪمل ساهوارن لاءِ تيار ڪري سگهي ٿو، جي مذاق ۾ پيدا ڪيا ويا هئا. اُن ڪري هـُـو قبول ڪري ٿو، ته هن کي داناءَ روحن، يا بربادي ۽ خوف جي روحن جي صلاح جي پٺ وٺڻ گهرجي. اُن ڪري هـُـو ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کي چاهي ٿو ۽ انسانن کي ڄاڻي ٻجهي موت ۽ بربادي ڏي وٺي وڃي ٿو. کين ايڏو ته ٺڳي ٿو، جو سڄي واٽ ۾ هي غريب اَنڌا ساهوارا اِهو سوچي ئي نه ٿا سگهن، ته کين گمراهه ڪيو وڃي ٿو. هـُـو ته پاڻ کي سـُـکيا ٿا سمجهن. اِهو به خيال ڪر ته هيءَ سڄي ٺڳي اُن جي نالي سان ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي اُصولن ۾ پوڙهو سڄي حياتي وڏي شوق مان يقين رکندو ٿي آيو. ڇا اِها المناڪ حقيقت نه آهي. جيڪڏهن هڪڙو ئي سڄي فوج مان طاقت جي هوس سان ٻاهر نڪري اَچي ۽ ناپاڪ فائدي کي حاصل ڪري گهري ته اُهو هڪ المئي کي بڻائڻ لاءِ ڪافي نه آهي؟ اِنهيءَ وڌيڪ، هڪ اِهڙو ئي ماڻهو، اِهڙن ئي خيالن سان ۽ رومي چرچ جي اعتقادن، پنهنجي فوجن ۽ يسوعين سان اِهڙي فضا پيدا ڪري نه ٿو سگهي. مان توکي صاف ٻڌايان ٿو ته منهنجو يقين آهي ته هر تحريڪ ۾ جي ماڻهو شامل ٿين ٿا، اُنهن ۾ ڪي اِهڙا ماڻهو ضرور آهن. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته خود رومي پوپن جي اندر اِهڙا ماڻهو هجن. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اُن چاچي پوڙهي روح وانگر، جنهن انسانيت کي پنهنجي طريقي سان نٺر ٿي پيار ڪيو ٿي، موجوده پوڙهن جي گروهه ۾ موجود هجن. اهي اتفاقي نه آهن پر پنهنجي قبوليت وارا آهن. هنن گهڻو اڳي، اُن راز جي حفاظت لاءِ پنهنجي جماعت بڻائي هوندي ته، جيئن ڪمزورن ۽ ناخوش انسانن کان لڪائي، اُن وسيلي سان کين خوش ڪيو وڃي. بي شڪ اِيئن آهي ۽ اِيئن ئي ٿي سگهي ٿو. مون کي تعجب ٿو لڳي ته فري ميسن (هڪ مذهبي فرقو) وارن جي تهه ۾ به اِهڙو ئي راز آهي. اِهو ئي سبب آهي جو ڪئٿولڪ، فري ميسن کي پنهنجو رقيب سمجهي، سندن خيالن جي اتفاق کي ٽڪرا ڪندا رهن ٿا، هوڏانهن هيءُ بلڪل ضروري آهي، ته ڌڻ هڪ ٿيڻ گهرجي ۽ ڌنار هڪ. پر جنهن رستي سان مان پنهنجي خيال جو بچاءُ ڪري رهيو آهيان، پنهنجي ۽ تنهنجي تنقيد لا، هڪ بي صبر مصنف هجان، بس اِهو ڪافي آهي. ”
”تون پاڻ فري ميسن آهين!“ اليوشا ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”تون خدا کي نه ٿو مڃين.“ هـُـن نهايت ڏک مان اِهي لفظ چيا. هن کي عجب لڳو ته سندس ڀاءُ کيس طنز مان ڏسي رهيو هو. هن منهن هيٺ ڪري چيو ته ”تنهنجو نظم ڪهڙيءَ ريت پورو ٿئي ٿو يا پوري ٿي وئي؟“
”مان جيڪر اُن کي هيئن پورو ڪريان. جڏهن ديول جي حسابدان، ڳالهائڻ پورو ڪيو ته ڪجهه وقت جواب لاءِ قيديءَ کي نهارڻ لڳو. سندس خاموشي اُن جي لاءِ بار بڻجي پئي. هن ڏٺو هو ته قيدي نهايت ڌيان سان اُن کي ٻـُـڌي رَهيو هو ۽ سندس چهري ۾ نهاري رهيو هو، پر هـُـو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، پوڙهو ڪجهه وقت سندس انتظار ڪرڻ لڳو ته ڪجهه چوي، پوءِ کڻي اُهو ڪوڙو يا مٺو هجي. اوچتو هو ماٺ ماٺ ۾ نهايت نرمائيءَ سان پوڙهي وٽ پهتو، ۽ سندس خون کان سواءِ چپن کي چميائين. اِهو ئي سندس جواب هو. پوڙهو ڏڪي ويو. سندس چپ چـُـرڻ لڳا. هن دروازي کي کوليو ۽ کيس چيائين ته وڃ ۽ وري نه اچجانءِ. ڪڏهن به نه اچجانءِ، ڪڏهن به نه. هن کيس اونداهي شهر جي گهٽين جي ور وڪڙن ۾ ڇڏي ڏنو ۽ قيدي هليو ويو.“
” ۽ پوڙهو؟“
”اُها چمي، سندس اندر ۾ چمڪي، پر پوڙهو پنهنجي خيال کي چهٽيو رهيو.“
” ۽ تون به اُن سان گڏ.“ اليوشا غم مان چيو ۽ ايون کلندو رهيو.
”اليوشا، ڇو، هيءَ سڀ بيوقوفي جي ڳالهه آهي. هيءَ نظم ڪنهن به مطلب کانسواءِ، هڪ بنا مطب شاگرد جي تصنيف آهي، جو ٻه سٽون به شعر جون لکي نه سگهندو آهي. تون هن کي ايڏو معنيٰ دار ڇو ٿو سمجهين؟ تون يقين سان سمجهه ته مان سڌو يسوعين ڏي ڪو نه ٿو وڃان، جي هن جي عمل ۾ اصلاح آڻيندا رهن ٿا. خدا ڄاڻي ٿو ته منهنجو اُنهن سان ڪو به واسطو نه آهي. مان توکي ٻڌايو آهي ته مان ٽيهن سالن تائين حياتي گذارڻ گهران ٿو. پوءِ اِهو پيالو زمين تي هڻي ڀڃي ڇڏيندس.“
”تون ته تر ۽ تازه پنن، قيمتي قبرن، نيري آسمان ۽ عورت کي محبت ڪندو آهين! پوءِ تون ڪيئن رَهي سگهندين ۽ اُنهن کي ڪيئن پيار ڪندين؟ ” اليوشا ڏک مان کيس چيو. ”جڏهن ته تنهنجي دل ۽ دماغ ۾ اِهو دوزخ موجود آهي ته تون ڪيئن گذاري سگهندين؟ نه، تون اِنهيءَ لاءِ ئي وڃي رهيو آهين ته اُنهن سان وڃي گڏجين... جيڪڏهن تو اِيئن نه ڪيو ته پاڻ کي ماري وجهندين ۽ پنهنجي پڇاڙي اِيئن آڻيندين.“
سڀ ڪنهن ڳالهه جي خاتمي آڻڻ لاءِ طاقت کپندي آهي. ” ايون ڦڪي کـِـلَ سان چيو.
”ڪهڙي طاقت؟“
”ڪرامازوف جي طاقت - ڪرامازوف جي بنيادي طاقت.“
”يعني، زنا ۾ مبتلا ٿي وڃڻ ۽ پنهنجي روح کي غلاظت سان آلودو ڪرڻ، اِيئن نه.“
”اِيئن به ٿي سگهي ٿو.... هي فقط ٽيهن سالن تائين هوندو ۽ اُن کان پوءِ مان ترڪ ڪندس.“
”پر تون اُن کي، ڪيئن ترڪ ڪندين؟ ته تنهنجي خيالن موجب اِهو ناممڪن آهي.“
”وري به ڪرامازوف جي طريقي سان.“
”تنهنجو مطلب آهي ته هر ڪا شيءِ قانون سان ٻڌل آهي - اِيئن نه؟“
ايون بدمزاج بڻجي ويو ۽ اوچتو پـِـيلو ٿي ويو.
”اڙي تو ڪالهه واري اصطلاح کي هٿ ڪيو آهي، جنهن ميوسوف کي رنج ڏنو هو، جنهن کي دمتري، وسارڻ گهريو ۽ اُن جي تشريح ڪئي. ” هـُـو لرزندي مشڪيو هائو، جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته سڀ ڪا شيءِ قانون سان واسطو رکي ٿي. جنهن وقت کان وٺي تو هيءُ لفظ چيو آهي، مون کي اُن کان انڪار نه آهي ۽ مـِـتيا جي تشريح به ڪا خراب نه آهي.“
اليوشا خاموشيءَ مان کيس ڏٺو.
”مان خيال ڪيو هو ته هاڻ وڃڻ کان اڳ ۾ توسان ضرور ملان. ” ايون اوچتو اُميد جي خلاف، جذبات سان چيو. ”پر هاڻي مان ڏسان ٿو ته پيارا سنياسي تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ جاءِ ڪانه آهي. اِها اُصولي ترڪيب ته سڀ ”قانون پٽاندڙ “ آهي، مان اُن کي پاڻ کان جدا ڪري نه ٿو سگهان. ”ڇا تون مون کي اِنهيءَ ڪري جدا ڪري ڇڏيندين. هائو؟“
اليوشا اُٿيو ۽ اُن ڏي ويو ۽ آهستگيءَ سان اُن جي چپن تي چمي ڏنائين.
هي ڏسي ايون بيحد خوش ٿي چيو ته، ”هيءَ ته منهنجي مضمون جي چوري آهي. تو هيءُ منهنجي نظم مان چورايو آهي. اُن هوندي به اوهان جي مهرباني. اليوشا اُٿي، اَسين ٻئي موڪلايون ٿا.“
ٻئي ٻاهر نڪري ويا. پر اُن تفريح گاهه جي دروازي تي ٻئي بيهي رهيا.
ايون پنهنجي فيصلي ڪندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو ته ”ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ اليوشا، جيڪڏهن مان ڪنهن سلسلي ننڍڙي پن جي سچ پچ ڪاڻ ڪڍڻ گهري به، ته مان فقط توکي ياد ڪري، اُن سان محبت ڪندس. منهنجي لاءِ هي ڪافي آهي ته تون هتي ڪاٿي منهنجي لاءِ موجود آهين. اُن جي ڪري، مان پنهنجي حياتيءَ جي هوس کي ڪو نه وڃائيندس. ڇا اِهو تنهنجي لاءِ به ڪافي نه آهي؟ تون هن کي، جيڪڏهن پسند اچيئي ته محبت جو اعلان سمجهه. هاڻي تون ساڄي وڃ ۽ مان کاٻي ويندس. اهو ڪافي آهي. ڇا تون اِهو ڪافي ٻڌين ٿو. منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن مان سڀاڻي نه وڃي سگهيس، (مان خيال ڪريان ٿو ته سڀاڻي ضرور ويندس) ته وري پاڻ ۾ ملنداسون. هن مضمون تي وري هڪ لفظ به وڌيڪ نه ڳالهائج. مان توکي پنهنجي لاءِ ۽ دمتريءَ لاءِ اِهو ئي عرض ڪريان ٿو. ” اوچتو هن غصي ۾ اَچي وڌيڪ چيو ته ”مان توکي خاص طرح چوان ٿو ته مون سان وري نه ڳالهائج. هنن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ ورائي ورائي، ڇا اِيئن نه آهي؟ مان هن جي عيوض ۾ توسان هڪ انجام ڪريان ٿو. ٽيهن سالن جي عمر ۾ مان جڏهن پيالي کي زمين تي هڻندس، مان جتي به هوندس، توسان اچي هڪ دفعو وڌيڪ ڳالهائيندس. توڙي کڻي مان آمريڪا ۾ ڇو نه هجان، پر توکي هن جي بابت يقين هئڻ کپي. مان ڪنهن مطلب سان ايندس ۽ توسان ملاقات ڪرڻ دلچسپي جو باعث ٿيندي. هيءَ حقيقت ڏسڻ منهنجي لاءِ بيحد مزيدار ٿيندي ته تون اُن وقت ڪهڙي حال ۾ آهين. توسان منهنجو اِهو مضبوط واعدو آهي، پوءِ ڀلي اسان هڪٻئي کان ست سال يا ڏهه سال جدا ٿي وڃون. اچ، تون هاڻي پنهنجي مربي ڏي وڃ، جو هاڻي مري رَهيو آهي. جيڪڏهن هـُـو تو کان سواءِ مري ويو ته تون مون تي اِنهيءَ لاءِ ڪاوڙ ڪندين ته مان توکي هت ترسائي ڇڏيو، خدا حافظ، هڪ دفعو وڌيڪ مون کي پيار ڪر. اِجهو هي ساڄو پاسو آهي ۽ هاڻي وڃ.“
ايون اوچتو ڦريو ۽ پوئتي ڏسڻ کانسواءِ هليو ويو. هي ساڳيو وقت هو، جڏهن دمتري کان اليوشا جدا ٿيو هو. سندن اُها علحدگي ٻي قسم جي هـُـئي. پر اُن جي مشابهت ۾ هاڻي، عجيب قسم جو تير، موقعي جي مناسبت سان اليوشا جي دل ۾ لڳي، سور ۽ غم پيدا ڪري رهيو هو. هـُـو ٿورو ترسيو ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ڏسندو رَهيو. هن اوچتو ڏٺو ته ايون ڄڻ گهمڻ ۾ لڏندو وڃي ٿو ۽ سندس سڄو ڪلهو، کٻي کان گهڻي هيٺ ٿو ڏسڻ ۾ اَچي. هن کيس ڪڏهن به اڳي اِيئن نه ڏٺو هو. پر اوچتو هي به ڦريو ۽ ڊوڙندو خانقاهه ڏي ويو. هاڻي اوندهه ٿي چـُـڪي هئي ۽ هـُـو خوفزده ٿي ويو هو. ڪا نئين ڳالهه سندس قلب ۾ پيدا ٿي رَهي هئي، جنهن جو هـُـو اَندازو لڳائي نه ٿي سگهيو. اڳئين شام وانگر هوا وري لڳڻ شروع ٿي هئي، ۽ قديم بلوط جو وڻ، هڪ ٻي سان ڄڻ ته اُن بابت، اُداسائي ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. عين اُن وقت هـُـو سنياسين جي جاءِ گهڙيو. هـُـو پيٽر سيرافيڪوس جي طرف ڊوڙيو، جو نالو هن پنهنجي مربي لاءِ، ايون کان ٻـُـڌو هو. اليوشا عجب ۾ پئجي ويو.
”ايون، غريب ايون، وري الائجي مان هن کي ڪڏهن ڏسندس....؟ هي آهي سنياس. ها ها هي پيٽر سيرافيڪوس آهي. هـُـو مون کي بچائي وٺندو، سنياس کان ۽ هميشھ لاءِ.“
هن پوءِ ڪيترائي دفعا هن ڳالهه تي عجب کاڌو ته هن ايون کان جدا ٿيندي، پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ کي مڪمل طرح وساري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هن اڄوڪي صبح جو پورو اِرادو ڪيو هو ته هن کي ڳولهي لهندو ۽ جيستائين ساڻس نه ملندو، تيستائين خانقاهه ڏي نه موٽندو، پوءِ ڀلي ته رات ٿي وڃي.

_________
(1) ڊانٽي - وينس جو مشهور شاعر، ڊوائين ”ڪاميڊي“ جو مصنف.
(2) وڪٽر هيوگو: فرانس جو مشهور ناول نگار ۽ شاعر.

باب ڇهون: ٿورو اونداهون وقت

ايون، اليوشا کان جدا ٿي، سـِـڌو فيودور پاولوچ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. پر هيءَ عجب جي ڳالهه هئي، جو راهه ۾ منجهسَ اڻ سهڻ جهڙي پريشاني پيدا ٿي، جا گهر ڏانهن ويندي، سندس هر قدم تي گهڻي ٿيندي وئي. هيءَ پريشاني، هن جي لاءِ ڪا نئين نه هئي. پر عجب جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته ايون اُن جو ڪو به سبب ٻـُـڌائي نه ٿي سگهيو. هـُـو اڳ به ڪيئي ڀيرا گهر ويندي، پريشانيءَ ۾ مبتلا رَهيو هو، اُن ڪري هـِـن وقت به سندس انتظار جو ڪو به سبب نه هو. جيتوڻيڪ هـُـو دل شڪسته ٿي موٽيو هو ۽ اُن ڏينهن هڪ اڻ ڄاتل نئين مستقبل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تياري ڪري رَهيو هو. جيتري قدر ٿي سگهيو ٿي، هن وري پاڻ کي تنهائي ۾ رکڻ گهريو ٿي. جيتوڻيڪ کيس پنهنجي حياتي بابت وڏيون اُميدون هيون، پر هـُـو پنهنجي اُميدن ۽ خواهشن بابت ڪو به واضح حساب ڪتاب لڳائي نه سگهيو.
جيتوڻيڪ اُن گهڙيءَ ۾ نين ۽ اَڻ ڄاتل اُميدن سندس دل ۾ گهر ڪري ورتو هو، پر جا شيءِ کيس تڪليف ڏئي رَهي هئي، سا ڪجهه علحده پئي لڳي. هن عجب کائي پاڻ کي چيو ته ”مون کي پنهنجي پيءُ جي گهر کان نفرت آهي. بيشڪ مان هن کان ايترو ته بيزار آهيان، جو جيتوڻيڪ هيءُ آخري ڀيرو اَٿم، اُن هوندي به مان هن کان نفرت ٿو ڪريان.... پر اِيئن به نه آهي. ڇا هيءَ سڄي ناخوشي اليوشا جي سبب کان آهي، سندس گفتگو ۽ موڪلائڻ جي سبب. مان ڪيترن سالن کان سڄي دنيا سان خاموش رهيو آهيان ۽ ڪو به گفتگو اُن سان ڪرڻ نه ٿي گهريم ۽ هاڻي اوچتو هڪ واهيات داستان ۾ پاڻ کي سرگردان ڪري وڌم. يقيناًهيءَ جواني جي بي راهه روي ۽ ناتجربيڪاري ۽ خودپسندي ٿي سگهي ٿي. خاص ڪري اليوشا جهڙي ماڻهوءَ سان. جنهن جي لاءِ سندس دل يقيناًاعتماد سان ڀريل آهي.
بيشڪ اِها ڪوفت ٿي سگهي ۽ منهنجي ناخوشي ۾ اُن جو اَثر هجي، پر هيءَ پريشاني اُن کان نه آهي. مان هن پريشاني کان تنگ آيو آهيان، اُن هوندي به مان ٻڌائي نه ٿو سگهان ته مون کي ڇا کپي؟ چڱو آهي ته هن تي ڳالهه ئي نه ڪريان.“
ايون ڪوشش ڪئي ته اُن ڏي ڌيان نه ڏي، پر اِهو به ڪارآمد نه ٿيو. جنهن نڪتي سندس پريشاني ۽ ناخوشي کي وڌايو ٿي، اِيئن ٿي ڏٺو ته هيءَ سڄي ڪوفت ڪنهن ٻاهرين ۽ اوچتي سبب جي ڪري پيدا ٿي آهي. هـُـو هن حقيقت کي پوري ريت محسوس ڪري رهيو هو. سندس مقابلي ۾ هڪ اِهڙي شيءِ جو وجود هو، جنهن کيس بيحد ٿي آزاريو. ڪڏهن ڪڏهن اِهڙو به اتفاق ٿيندو آهي، جو ڪي ماڻهو يا شيون ڪنهن جاءِ تي بيٺل نظر اينديون آهن، جي نگاهن ۾ نخل بڻجي وينديون آهن. ماڻهو ڪم ۾ مشغول هئڻ باعث يا گفتگوءَ سبب گهڻي وقت تائين اُنهن ڏي ڌيان ڏيئي نه سگهيو هجي، پر هـُـو کين جڏهن محسوس ڪندو آهي، ته اِهي کيس جوش ڏيارينديون آهن يا عذاب ۾ وجهنديون آهن. پوءِ اُهو ڇو نه رومال هجي، يا ڪتاب، جو پنهنجي جاءِ کان ڪنهن ٻي جاءِ تي اُڇلايو ويو هجي. بهرحال ايون ڪشيده طبعيت ۽ اَڻ وڻندڙ جذبات سان پيءُ جي گهر پهتو. اوچتو هن پندرهن قدمن جي پنڌ تي باغ جي دروازي وٽ، اوچتو اُن شيءِ کي ڏٺو، جنهن جي ڏسڻ سان هن پنهنجي پريشاني ۽ ناخوشي جي سبب کان سمجهي ورتو.
دروازي جي بينچ تي ملازم سميرڊياڪوف ويٺو هو، جو شام جي سرديءَ جو مزو وٺي رهيو هو. هڪڙي ئي نگاهه ۾ ايون سمجهي ويو ته سميرڊياڪوف ئي سندس دل تي بار آهي ۽ اِهو ئي ماڻهو آهي، جنهن کان سندس دل کي ڪوفت آهي. اوچتو سندس دل تي سڀني ڳالهين جو انڪشاف ٿي ويو ۽ وٽس سڀ ظاهر ٿي پيون. ٿورو اڳ اليوشا کيس سميرڊياڪوف سان سندس ملاقات جي ڳالهه ٻڌائي هئي، ۽ مٿس اوچتو اُداسي ۽ ڪوفت ڇانئجي وئي هئي، جن سندس دل ۾ غصي کي پيدا ڪيو هو. اُن کان پوءِ جيئن هن پنهنجي ڀاءُ سان گفتگو ڪئي ٿي، سميرڊياڪوف کانئس ٿوري وقت لاءِ کانئس وسري چـُـڪو هو. پر هـُـو اَڃا به سندس دل تي پئي ٿي تريو. جيئن ئي ايون اليوشا کان جدا ٿيو ۽ گهر ڏانهن هلڻ لڳو ته اُهو وسريل جذبو وري پنهنجو پاڻ سندس دل ۾ داخل ٿيڻ لڳو. ”ٿي سگهي ٿو ته هي بدبخت ۽ نفرت جهڙو انسان مون کي ايتري پريشاني ڏئي سگهي؟ ” هـُـو اَڻ سهڻ جهڙي غصي جي حالت ۾ عجب کائڻ لڳو.
هيءَ حقيقت آهي ته پوين آخري ڏينهن ۾، ايون شدت سان هن کي ناپسند ڪرڻ لڳو هو. هن پاڻ ۾ اِهڙا جذبا اُڀرندي ڏٺا هئا، جن مان اُن جي لاءِ نمايان نفرت پئي ظاهر ٿي. شايد هن نفرت جو باعث هيءُ هيو، ته جڏهن ايون پهريائين هن کي انڪار ڪيو هو، ته هـُـن کيس ٻي طرح ٿي سمجهيو. تنهن کان پوءِ هن سميرڊياڪوف ۾، خاص دلچسپي ورتي ۽ اُن ۾ ڪجهه اصليت ڏٺائين. هن کيس جرئت ڏياري، ته هـُـو ساڻس گفتگو ڪندو رَهي. جيتوڻيڪ هـُـو سندس پريشاني، اَڃا به بيقراري کي سندس اندر ۾ ڏسي عجب کائيندو ٿي رهيو ۽ سمجهي نه ٿي سگهيو ته اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا مسلسل هن زندگي جي گيان ۽ ڌيان واري انسان جي دماغ ۽ ذهن کي پريشان ڪري رَهي آهي. بحث ۾ آيل فلسفي جا سوال، هنن چڱيءَ ريت هڪ ٻئي ۾ پئي ٿي ويچاريا. هيءُ سوال به، ته پهرئين ڏينهن نور پيدا ڪيو ويو ۽ سج، چنڊ ۽ ستارا، چوٿين ڏينهن تي پيدا ڪيا ويا، ڇا اِيئن به ٿي سگهي ٿو؟ پر ايون جلدي ڏٺو ته جيتوڻيڪ سج، چنڊ ۽ ستارا، دلچسپ مضامين ٿي سگن ٿا پر هي شيون سميرڊياڪوف لاءِ ثانوي حيثيت رکندڙ هيون. هـُـو مڪمل طرح ڪنهن ٻي خيال ۾ آهي. هن هڪ طرح يا ٻي طرح پنهنجي نفس جي عزت واري حس کي سڀ کان مٿي ٿي سمجهيو. هن پنهنجي شڪسته عزت کي قائم رکڻ لاءِ، فريب کان ڪم پئي ورتو. جنهن کي اڳتي هلي ايون ناپسند ڪيو. هن شيءِ پهريائين سندس دل ۾ ڪراهت پيدا ڪئي. اُن کان پوءِ گهر ۾ فساد پيدا ٿيو. گروشينڪا موقعي تي ظاهر ٿي ۽ سندس ڀاءُ دمتريءَ سان ناجائز تعلقات قائم ٿيا هئا. هنن ٻنهي هن حقيقت تي به بحث مباحثو ٿي ڪيو. جيتوڻيڪ سميرڊياڪوف، هن ڳالهه تي نهايت جوش مان ڳالهائيندو هو، پر هيءَ ناشدني هئي، ته ڪو ڳولي سگهي ته سندس خواهش ڪهڙي آهي. هيءَ حيرت انگيز حقيقت هئي ته سندس ميل غير منطقي ۽ غير مسلسل ڳالهين سان هيو. سندس سڄيون خواهشون گمراهه ڪندڙ ۽ بي تـُـڪيون هيون. سميرڊياڪوف هميشھ حالات کي جاچڻ لاءِ اَڻ سڌا ۽ ظاهري پيشبندي سان ڀريل سوال پڇندو هو، پر سندس مطلب ڪهڙو هو، اُن جي وضاحت نه ڪندو هو. سندس دستور هوندو هو ته ضروري گهڙيءَ تي گفتگو کي ڪـَـپي ڇڏيندو هو يا وري ڪنهن ٻي مضمون ڏي هليو ويندو هو. آخري طرح ايون کي جنهن ڳالهه وڌيڪ غصو ڏياريو، ۽ ناپسندي پيدا ڪئي، سا اِها هئي، ته منجهس خاص بغاوت جهڙي قربت پيدا ٿي پئي هئي ۽ سميرڊياڪوف ظاهر ظهور اُن کي ڏيکاريندو ٿي رهيو. اِيئن نه هو ته هـُـن پنهنجي شخصيت کي وساري ڇڏيو يا بي مروت بڻجي ويو هو، پر اُن جي خلاف هـُـو هميشھ ايون سان بيحد عزت سان ڳالهائيندو هو، پر سندس هلت مان اِيئن پئي معلوم ٿيو ته ڪنهن نامعلوم علت کان، هن پاڻ کي ڪن مسئلن ۾ ايون جو غمخوار ٿي سمجهيو. ساڻس اِهڙي نموني گفتگو ٿي ڪيائين، ڄڻ ته هـُـو ڪنهن ڳجهي سازش ۾ هڪٻئي سان شامل آهن. هـِـن کانسواءِ، ڄڻ ته سندن وچ ۾ جو گفتگو ٿئي ٿو، اُهو فقط هيءُ ٻئي سمجهي سگهن ٿا ۽ ٻئي کي اُن جي سمجهڻ جو ڪو به ادراڪ حاصل نه آهي. اِهڙي ريت گهڻي وقت کان ايون فيودورووچ جي نفرت اِهڙي حالتن جي هوندي، سندس خلاف ڏينهون ڏينهن وڌندي رَهي، پر هـُـو اُن جي حقيقي سببن کي پوءِ به سمجهي نه سگهيو هو ۽ گهڻو پوءِ، هـُـو اُن جي بنياد کي سمجهي سگهيو هو.
هن ناپسندي ۽ غصي جي جذبات کان، هـُـن چاهيو ٿي ته سميرڊياڪوف کي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ کانسواءِ، دروازي کان گذري وڃي، پر سميرڊياڪوف بينچ کان اُٿي بيٺو ۽ سندس عمل مان ايون سمجهيو ته هـُـو خاص طرح ساڻس ڳالهائڻ گهري ٿو. ايون کيس ڏٺو ۽ بيهي رهيو. حقيقت هيءَ هئي ته هـُـو اُتان گذرڻ جي بجا ترسيو هو، ٿورو وقت اڳ ۾ سندس اِهو ئي ارادو هو، پر هن تبديليءَ جي باعث کيس غصو اَچي ويو هو. غصي ۽ نفرت مان هن سميرڊياڪوف جي نامردي واري ۽ مريض چـَـهري کي ڏٺو. سندس پيشاني تي گهنڊيدار وار هئا، جن کي ڦڻي ڏنل هئي. سندس کٻي اک شيطانيت سان چمڪي رَهي هئي، ڄڻ چئي رهي هئي ته، ”تون هتان آساني ۽ سادگي سان گذري نه سگهندين ۽ تون ڏسين ٿو ته اَسان ٻه سياڻا ماڻهو ڪجهه هڪٻئي سان ڳالهائينداسون.“
ايون لـُـڏيو ۽ چوڻ گهريائين ته، ”دور ٿي بدقسمت بيوقوف، منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي. “ پر هـُـن اُن جي بدران کانئس پڇيو ته، ”منهنجو پيءُ ننڊ ۾ آهي يا جاڳي ٿو؟“
هن کانئس هي سوال نرمي ۽ نماڻائيءَ سان ڪيو ۽ پاڻ تي عجب کائڻ لڳو ۽ هڪدم وري پاڻ تي عجب کائيندي بينچ تي ويهي رهيو. ٿوري وقت لاءِ هـُـن پاڻ کي ڊنل سمجهيو، جو پوءِ کيس چڱيءَ ريت ياد ٿي آيو. سميرڊياڪوف سندس سامهون بيٺو رهيو. سندس پٺيءَ پويان هئا ۽ هـُـو کيس سخت نظر سان نهاري رهيو هو.
”هـو عزت ماب اَڃا تائين ننڊ ۾ آهي. ” ڄڻ ته هن غصي مان ڄاڻي واڻي چوڻ ٿي گهريو ته ”تو ئي پهريائين مون سان ڳالهايو آهي نه مان.“ هن پوءِ چيو ته، ”اوهان کي ڏسي سائين مون کي عجب ٿو لڳي“. ٿورو وقت چپ ٿي ويو ۽ پنهنجون اکيون مڪاريءَ سان زمين ۾ هنيائين ۽ پنهنجي سڄي پير کي وڌائي، پنهنجي پالش ٿيل بوٽ جي نوڪ سان کيڏڻ لڳو.
ايون دخل ڏيندي ۽ غصي مان کيس چيو ته، ”مون کي ڏسي توکي ڇو عجب لڳو آهي.“ هـُـن پاڻ کي ضابطي ۾ رکڻ گهريو. اوچتو هن محسوس ڪيو، ته اُن جي اَندر حيرت جهڙي حالت پيدا ٿي آهي ۽ هـُـو ڪڏهن به ۽ ڪنهن به حالت ۾، پاڻ کي تسلي ڏيڻ کانسواءِ، اُتان نه چـُـري.
سميرڊياڪوف اوچتو پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اُنسيت مان مشڪندي کيس چيو ته ”ڇو تون شرماشينا نه ٿو وڃين. مان ڇو مشڪي رهيو آهيان، تون اُن مان پاڻ کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهين ٿو. جيڪڏهن ٿورو عقل رکين ٿو ته توتي هن حقيقت جي وضاحت ٿي ويندي.“
”مان ڇو شرماشينا وڃان؟ ” ايون عجب مان کانئس پڇيو.
سميرڊياڪوف وري چـُـپ ٿي ويو.
ٿوري ويرم رکي، هن آهستگيءَ سان اِهڙي ريت ڳالهايو، ڄڻ ته سندس جواب کي ڪا به اهميت ڪانه آهي، ”فيودورپاولوچ“ به ته اوهان کي اِهو ئي عرض ڪيو هو. ٻيو سبب اوهان جي ترسائڻ لاءِ اِهو اَٿم ته اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو اٿم.
”واهيات، ڳالهاءِ، توکي ڇا کپي!، ايون غصي مان کيس جواب ڏنو، هـُـو هاڻي نهٺائي کان گذري غضبناڪ بڻجي ويو هو.
سميرڊياڪوف پنهنجي سڄي پير کي کڻي کٻي سان ملايو ۽ پاڻ کي مٿي ڇڪيائين پر اَڃا به مشڪندي، ساڳي ڳنڀير حالت سان کيس نهاريندو رَهيو.
”مضمون جي لحاظ کان ته ڪجهه به نه پر ڳالهه ٻولهه جي لحاظ کان ڪجهه چوڻو اَٿم.“
وري چـُـپ ٿي ويا، هنن هڪٻئي سان منٽ کن ڪجهه به نه ڳالهايو. ايون چڱو سمجهيو ته هـُـو اُٿي بيهي ۽ پنهنجي غصي جو اظهار ڪري. هوڏانهن سميرڊياڪوف اُٿي بيٺو هو ۽ ڏسڻ ۾ اِئين پئي آيو ته هـُـو اندازو لڳائي رَهيو آهي ته ايون ڪاوڙجي ٿو يا نه. ايون جي به اِهڙي حالت هئي. آخر هـُـو اُٿڻ لاءِ چـُـريو.
سميرڊياڪوف اُن گهڙيءَ کي وڃائڻ نه گهريو.
”ايون فيودورووچ مان نهايت خطرناڪ حالت ۾ آهيان. مون کي ڪا به خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي ريت پنهنجي مدد ڪريان. ” هـُـن محڪم اِرادي سان هي لفظ چيا ۽ آخري لفظ چوندي هن ٿڌو ساهه کنيو. ايون فيودورووچ وري ويهي رَهيو.
”هـُـو ٻئي بلڪل سودائي ۽ جذباتي آهن ۽ ننڍڙن ٻارن جهڙا آهن.“ سميرڊياڪوف ڳالهائيندو رَهيو. ”مان تنهنجي عزيز والد ۽ تنهنجي ڀاءُ دمتري فيودورووچ جي متعلق ڳالهائي رَهيو آهيان. هتي فيودورووچ جڏهن اُٿي ٿو ته مون کي تڪليف ۾ وجهڻ شرع ڪري ٿو. هـُـو سوال ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته، هـُـوءَ آئي هئي؟ ڇو نه آئي؟ اِهڙي قسم جا سوال اَڌ رات تائين ۽ اُن کان پوءِ به هلندا رهن ٿا. جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊروونا نه ٿي اَچي (ظاهر آهي ته هوءَ هيڏي اَچڻ پسند نه ٿي ڪري) ته هيءُ وري صبح ٿيندي ئي، مون تي حملو ڪري ڏيندو ته، ڇو هو نه آئي؟ هوءَ ڪڏهن ايندي؟. ڄڻ ته هي سڀ ڪجهه منهنجو ڏوهه آهي. ٻيو پاسو به چڱو نه آهي. جيئن ئي رات جي اونداهي ايندي آهي يا اُن کان اڳڀرو، تنهنجو ڀاءُ اَچي ظاهر ٿيندو. سندس هٿ ۾ بندوق هوندي آهي. هـُـو چوڻ لڳندو آهي ته ”هيڏي ڏس بدمعاش، يخني ٺاهڻ وارا، جيڪڏهن تو، هن جي بابت ڪوڙ ڳالهايو ۽ مون کي هيءُ نه ٻڌايو ته هوءَ هتي آئي هئي يا نه؟ ته مان توکي ماري ڇڏيندس. جڏهن رات گذرندي آهي ۽ صبح ٿيندو آهي ته هو به فيودورووچ وانگر مون کي تڪليف ڏيڻ شروع ڪندو آهي ۽ مارڻ تائين وڃي پهچندو آهي. هـُـو پڇندو آهي ته هوءَ ڇو نه آئي؟ هوءَ جلدي ايندي؟ هـُـو پڻ مون کي هن لاءِ گنهگار سمجهندو آهي ته ڇاڪاڻ ته سندس بيگم صاحبه نه آئي آهي. سڀ ڪنهن ڏينهن، سڀ ڪنهن ڪلاڪ ۾، هـُـو سخت غصي ۾ ڀرجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو ڪنهن ڪنهن وقت مان اِيئن سوچيندو آهيان ته هن خوف کان پاڻ کي ماري نه وجهان. مان هنن تي ڪو به اعتبار ڪري نه ٿو سگهان، سائين.“
ايون غصي مان کيس چيو ته ”تو ڇو تڪرار ڪيو؟ دمتري فيودورووچ جي لاءِ تو ڇو جاسوسي شروع ڪري ڏني؟“
”مان هن تڪرار کان پاڻ کي ڪهڙي ريت بچائي ٿي سگهيس. جيتوڻيڪ، سچ پچ ته مون ڪو به تڪرار ڪو نه ڪيو هو. توکي ته صحيح حقيقت جي خبر به آهي. مان شروع کان وٺي خاموش رهيو هوس. جواب ڏيڻ جي به توفيق نه هيم. پر دمتري مون کي پنهنجو نوڪر ٿي سمجهيو. اُن وقت کان وٺي، هو لڳاتار منهنجي پوئتان پيو آهي ۽ چوندو ٿو رَهي ته ”اي رذيل! جيڪڏهن هوءَ هن گهر ۾ داخل ٿي ته توکي ماري ڇڏيندس. مون کي ته خوف ٿو ٿئي سائين. مان سمجهان ٿو ته سڀاڻي مون تي وڏو جنون جو حملو ٿيندو.“
”جنون جي وڏي حملي کان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“
”جنون جو وڏو حملو - اُهو جو گهڻو وقت هلندو آهي، ڪيئي ڪلاڪ. اَڃا به هڪ يا ٻه ڏينهن. هڪ ڀيرو هي ساندهه ٽي ڏينهن هليو. مان اُن وقت مٿئين ڪمري کان هيٺ ڪـِـري پيو هوس. هيءَ ڇڪتاڻ ڍري ٿي ته ٻي ڀيري وري ٽن ڏينهن تائين هوش ۾ اَچي نه سگهيس. فيودورپاولووچ، هرزينسٽيوب کي گهرائي ورتو. ڊاڪٽر منهنجي مٿي تي برف رکرائي ۽ اُن کان سواءِ ٻيو به علاج ڪيائين.... مان شايد مري وڃان ها.“
”پر ماڻهو چوندا آهن ته جڏهن هي دماغي دورو پوندو آهي ته ڪو به يقين سان اڳ ۾ اُن بابت ٻـُـڌائي نه سگهندو آهي. تون ڪيئن ٿو چوين ته سڀاڻي، توتي اُن جو اَثر ظاهر ٿيندو. ” ايون کانئس، خاص غصي ۽ حيرت جي ملاوٽ سان هي معلوم ڪرڻ گهريو.
هيءُ ظاهر آهي ته تون اڳ ۾ ٻـُـڌائي نه ٿو سگهين.
اُن کانسواءِ جڏهن تون وري ڪنهن مٿانهين ڪمري مان ڪـِـري پوين.“
"مان ڏهاڙي مٿئين ڪوٺيءَ تي چڙهي ويندو آهيان. ٿي سگهي ٿو، ته مان اُتان سڀاڻي وري ڪـِـري پوان. جيڪڏهن اِيئن نه ته مان ڏاڪڻ جي ڪنهن ڏاڪي تان ڪـِـري پوان. ڇاڪاڻ ته مان روزانو اُن تي لهان ۽ چڙهان ٿو."
ايون کيس گهڻو وقت گهوريندو رهيو.
”مان ڏسان ٿو ته تون بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪندو ٿو رَهين. مان ته توکي سمجهي ئي نه ٿو سگهان.“ ايون کيس آهستي پر ڌمڪي ڏيندي چيو. ”تنهنجو مطلب اِهو ته سڀاڻي تون مڪاريءَ سان ٽن ڏينهن لاءِ بيمار ٿي پوندين. واهه.“
سميرڊياڪوف جو وري زمين ڏي نهاري رهيو هو ۽ پنهنجي بوٽ جي اڳئين حصي سان کيڏي رَهيو هو، پنهنجي پير کي هيٺ ڪيائين ۽ کٻي پير کي اڳتي وڌائي، مسخريءَ جي نموني ڏند ڪڍي چوڻ لڳو ته:
”جيڪڏهن مون ۾ اِهڙي فريب کيڏڻ جي طاقت هجي ها يعني اِهڙي جنون جي دوري کي مڪاريءَ سان آڻي سگهان هان ته اِهو اُن ماڻهوءَ لاءِ نهايت آسان آهي، جو اُن جو هيراڪ ٿئي ٿو. مون کي ته پورو پورو حق آهي ته مان اهڙين ڳالهين کي استعمال ڪري، پاڻ کي موت کان بچايان. جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊرووينا کڻي پنهنجي پيءُ کي ڏسڻ به اچي، ته هـُـو بيمار ماڻهو کان ڪجهه به پڇي نه سگهندو ” اِهڙي سوال ڪرڻ وقت هـُـو شرمندو ٿيندو.“
”کڏ ۾ وجهه سڀني کي. ” ايون رڙ ڪري چيو، سندس منهن مان ڪاوڙ بکڻ لڳي. ”تون هميشھ پنهنجي حياتيءَ لاءِ ايڏو ڇو ٿو ڊڄندو رهين؟ منهنجي ڀاءُ دمتري جون هي سڀئي ڌمڪيون فقط زباني آهن، جن جو ڪو به مطلب نه آهي. هـُـو توکي ڪونه ماريندو.“
”هـُـو سڀ کان اڳ ۾ مون کي مک وانگر مروڙي ڇڏيندو. مون کي اَڃا به وڌيڪ هيءُ خوف ٿو ٿئي ته هـُـو جڏهن پنهنجي پيءُ سان جنون جو ڪو فعل اختيار ڪندو ته هـُـو اُن سان گڏ مون کي به شامل ڪندو."
"هـُـو توکي اُن سان گڏ ڏوهه جو ڀائيوار ڇو سمجهندو؟“
”هـُـو مون کي ساڻس شريڪ جرم سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته مان کيس ڳجهن اشارن جي خبر ڏيندو رهيو آهيان.“
”ڪهڙيون نشانيون؟ ۽ تو، ڪنهن کي ٻڌايون آهن؟ خدا توسان سمجهي، ڪجهه کـُـلي ڳالهه ڪر.“
”مان ٻـَـڌل آهيان ته حقيقت کي قبول ڪريان. سميرڊياڪوف منطقي بڻجي، اطمينان سان چٻي چٿي چوڻ لڳو ته،“ هن ڪم ۾ منهنجي ۽ فيودورپاولووچ جي وچ ۾ هڪ راز آهي. جيئن تون ڄاڻين ٿو ۽ فقط تون ئي ڄاڻين ٿو، ته هن پاڻ کي ڪيترن ڏينهن کان بند ڪري ڇڏيو آهي. خاص طرح شام کان، جڏهن رات اَچي ٿي. گهڻن ڏينهن کان تون ماڙيءَ تي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ سويرو شام جو ويندو آهين. ڪالهه ته تون هيٺ لٿو ئي نه هئين، اُن ڪري شايد توکي خبر نه هجي ته هن ڪهڙيءَ ريت خبرداريءَ سان رات جو پاڻ کي بند ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن گريگري ويسلبووچ دروازي ڏي ايندو آهي ته ايستائين کيس دروازو نه کوليندو آهي، جيستائين اُن جو آواز نه ٻڌندو آهي. پر گريگري هاڻي وٽس گهڻو نه ايندو آهي، ڇو ته مان اَڪيلو سندس ڪمري ۾ موجود هوندو آهيان. هيءُ بندوبست آهن، جي هـُـن اگرافينا اليگزينڊووينا جي لاءِ ڪري ڇڏيا آهن. پر رات جي وقت سندس حڪم سان مان پنهنجي رهائشگاهه تي ويندو آهيان ۽ اَڌ رات تائين جاڳندو آهيان ۽ ٽـُـوهه ۾ هوندو آهيان. مان اَڱڻ ۾ گهمندو رهندو آهيان ته متان اگرافينا اليگزينڊرووينا اَچي وڃي. ٿورن ڏينهن کان هـُـو جنوني بڻجي ويو آهي ۽ اُميد ٿو رکي ته هـُـو وٽس ايندي. هـُـو اُن لاءِ جي دليل ڏئي ٿو، سي هيءُ آهن ته هـُـوءَ دمتري فيودورووچ کان بيحد ڊڄي ٿو. (هـُـو کيس متيا ٿو سڏي.) اِهڙي ريت هـُـو چوي ٿو ته هوءَ پٺئين پاسي کان ايندي، رات جو دير سان مون ڏي ضرور ايندي. تون کيس اَڌ رات تائين يا اَڃا به دير تائين ڏسندو ڪر. جيڪڏهن هـُـوءَ اچي ته ڊوڙي اَچي دروازي کي کڙڪاءِ يا باغ کان منهنجي دريءَ تي کڙڪو ڪر. پهريائين ٻه ڀيرا آرام سان کڙڪاءِ پوءِ ٽي ڀيرا تڪڙو تڪڙو کڙڪاءِ. مان يڪدم سمجهي ويندس ته هوءَ آئي آهي ۽ مان آهستگيءَ سان دروازو کوليندس. ٻيو اِشارو جو هـُـن مون کي ڏنو آهي، اُهو اُميد جي خلاف هئڻ واري حالت بابت آهي. پهريائين ٻه کڙڪا، ٿوري وقت کانپوءِ وري ڪجهه وڏي آواز سان کڙڪا ۽ جنهن مان هـُـو سمجهي ويندو ته اوچتو ڪجهه ٿي پيو آهي. هـُـو پوءِ منهنجي لاءِ دروازو کوليندو ته مان وڃي ساڻس ڳالهايان. هيءُ سڀ اِنهيءَ حالت ۾ هوندو ته جي اگرافينا اليگزينڊرووينا پاڻ نه آئي هجي ۽ سندس ڪو پيغام آيو هجي. اُن کان سواءِ متان دمتري اَچي وڃي ۽ اگرافينا اليگزينڊرووينا، اُن وقت وٽس موجود هجي ته مان هن لاءِ ٻـَـڌل آهيان ته اِهڙو اطلاع کيس هڪدم پهچايان. اُن حالت ۾ مون کي ٽي ڀيرا کڙڪا ڪرڻا پوندا. اِهڙي ريت پهرئين اِشاري موجب پنجن کڙڪن مان مطلب آهي ته اگرافينا آئي آهي. ٻي اشاري موجب ٽن کڙڪن کان مطلب آهي ته ڪا خاص ڳالهه مون کي ٻڌائڻي آهي. هن جناب مون کي ڪيئي ڀيرا اِهو ٻـُـڌايو آهي ۽ سمجهايو آهي. جيئن، ته سڄي ڪائنات ۾ ڪو به هنن اشارن کي، مون کان سواءِ ۽ هـُـن جناب کانسواءِ نه ٿو ڄاڻي، اُن ڪري هـُـو دروازي کي بنا ڪنهن ٿوري هٻڪ جي به کولي ڇڏيندو. (هـُـو سڏ ڪرڻ کان بـُـري طرح خوفزده آهي). ها، هاڻي هي اِشارا به دمتري فيودورووچ کي معلوم ٿي ويا آهن.“
”ڪيئن هن کي معلوم ٿيا آهن؟ ڇا توئي کيس ٻـُـڌايو آهي؟ توکي ايتري همٿ ڪيئن ٿي، جو تو، کيس اِهي ٻڌائي ڇڏيا آهن؟“
مان هيءُ سڀ ڪجهه خوف کان ڪيو آهي. مون کي ڪهڙي طاقت هئي، جو هيءُ مان اُن کان لڪائي سگهان ها؟ ” دمتري هر روز مون تي دٻاءُ آڻي رهيو هو ۽ چوي پيو ته، ”تون مون کي ٺڳين ٿو ۽ مون کان ڪجهه لڪائي رهيو آهين. مان تنهنجون ٻئي ٽنگون ڀڃي ڇڏيندس. اِنهيءَ ڪري مان کيس اِهي رازداراڻا اشارا ۽ نشان، اِنهيءَ ڪري ٻڌائي ڇڏيا ته هـُـو مون کي پنهنجو طرفدار سمجهي ۽ راضي ٿي خيال ڪري ته مان کيس ٺڳي نه رهيو آهيان پر اُٽلو جو ڪجهه مون وٽ آهي، اُن کي ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان.“
”جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته اِنهن اشارن جو فائدو وٺندو ۽ اندر اَچڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُن کي اندر اَچڻ نه ڏي.“
”پر جيڪڏهن اُن وقت مون کي دورو ٿي پوي ته مان کيس اندر اَچڻ کان ڪهڙي ريت روڪي سگهندس. توڙي کڻي مان روڪڻ جي کيس ڪوشش به ڪريان، پر اوهان کي خبر آهي ته هـُـو ڪيتري قدر نه خطرناڪ آهي.“
”کڏ ۾ وجهينس! پر توکي اِهو ڪيئن ٿو يقين اَچي ته توکي اُن وقت دورو پئجي ويندو؟ ڇا تون مون تي کلي رهيو آهين؟“
”مان اوهان تي ڪهڙي ريت کلڻ جي همٿ ڪري سگهان ٿو. هن خوف ۾ مون کي ڪيئن کلڻ ايندو. مان محسوس ٿو ڪريان ته مون کي دورو اَچي رهيو آهي. مان سندس اظهار کي سمجهان ٿو. خوف ئي هن شيءِ کي منهنجي مٿان آڻي ٿو.“
”هن دوري جي ستياناس ٿي! جيڪڏهن توکي دورو پئجي وڃي ته گريگري نگهباني تي هوندي. کيس سڀئي اشارا سمجهائي ڇڏ. مون کي پـَـڪَ آهي ته هـُـو کيس ڪڏهن به اندر نه ڇڏيندو.“
مان پنهنجي مالڪ جي حڪم کانسواءِ، کيس ڪڏهن به اِهي اشارا نه ٻڌائيندس. اُن کانسواءِ گريگري کي هيءُ ٻڌايان ۽ کيس آگاهه ڪريان، هـُـو ته اڳ ۾ بيمار آهي ۽ مارفا ايگنٽيوينيا، سڀاڻي اِرادو ڪيو آهي ته کيس دوا وٺي ڏئي. هنن پاڻ ۾ ٿورو وقت ٿيو آهي، جو اِها صلاح ڪئي آهي. مارفا جي علاج جو اِهو طريقو توجهه جي لائق آهي. مارفا جا دوا استعمال ڪندي آهي، اُن کي پاڻ تيار ڪندي آهي ۽ پاڻ تائين محدود رکندي آهي. اِها هڪ عجيب شيءِ آهي، جا هوءَ جهنگلي ٻوٽين مان بڻائيندي آهي. کيس اِهو راز معلوم آهي، ۽ سال ۾ ٽي ڀيرا گريگري کي اِها ڏيندي آهي، جڏهن جڏهن سندس ڪمر ۾ درد ٿيندو آهي ۽ اُن جي اَثر هيٺ ايندو آهي ته هيءَ سندس اِهو علاج ڪندي آهي. هـُـوءَ ٽوال کڻي اُن دوا ۾ ٻوڙيندي آهي ۽ سندس جي پٺيءَ کي مهٽيندي آهي، تان جو اَڌ ڪلاڪ کان پوءِ سندس سڄي پٺي ڳاڙهي ٿي ويندي آهي ۽ سـُـڄي پوندي آهي. جو ڪجهه شيشيءَ ۾ بچندو آهي، اُهو کيس پياري ڇڏيندي آهي. اُن لاءِ ڪا دوا به گهرندي آهي. اُن موقعي تي هوءَ دوا مان ڪجهه پاڻ لاءِ به ڇڏيندي آهي ۽ پاڻ پي ويندي آهي. جيئن ته هـُـو ڪڏهن به سخت نشي وارو شراب نه پيئندا آهن، اُن دوا جي اَثر کان سمهي پوندا آهن ۽ کين جلد ننڊ وٺي ويندي آهي ۽ اُها گهڻي وقت تائين هلندي اَٿن. جڏهن گريگري ننڊ مان اُٿندو آهي ته مڪمل ريت تندرست هوندو آهي. پر مارفا کي هميشھ اِهو مٿي جو سور رهندو آهي. جيڪڏهن سڀاڻي مارفا جو اِهڙو اِرادو هوندو ته هـُـو ڪجهه به نه ٻڌندا، نه وري دمتريءَ لاءِ رُڪاوٽ پيدا ڪندا. هـُـو ته گهـَـري ننڊ ۾ هوندا.“
”ڪيڏيون واهيات ڳالهيون ڄڻ ته اِهي سڀ ڳالهيون هڪدم ٿي پونديون. ڄڻ ته اِهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي رٿيو ويو آهي. ايون رڙ ڪري چيو ته ”توکي دورو پوندو ۽ هـُـو ٻئي بيهوش هوندا. اِئين ته نه آهي ته سڀ ڪنهن جو تون اڳ ۾ بندوبست ڪري رهيو آهين. ” هـُـن اوچتو کيس ڇڏي ڏنو ۽ غصي ۾ اَچي کيس دڙڪا ڏيڻ لڳو.
”مان اِيئن ڪيئن ڪري سگهندس؟ مان اِيئن ڇو ڪندس، جڏهن ته سڀ ڪا ڳالهه دمتري ۽ سندس منصوبن تي رکيل آهي؟ جيڪڏهن کيس ڪجهه ڪرڻو هوندو ته ڪندو. جيڪڏهن سندس مرضي نه هوندي ته مان زبردستي سان هن کي، سندس پيءُ جي مٿان ڦٽي نه ڪندس.“
”پر هـُـو ڇو پنهنجي پيءُ تي چڙهي وڃي، جڏهن تون چوين ٿو ته اگرافينا اليگزينڊرووينا ايندي ئي ڪونه؟“ ايون غصي کان ڳاڙهو ٿيندو ويو. ”تون پاڻ چوين ٿو ۽ مان به هت سمورو وقت رهان ٿو، مون کي يقين آهي ته هيءُ سڀ پوڙهي جو تماشو آهي ۽ هوءَ هن ڏي ڪڏهن به نه ايندي. دمتريءَ کي ڪهڙي پئي آهي، جو جڏهن هوءَ موجود ئي نه هجي ته هـُـو هليو اَچي. ڳالهاءِ، مان هيءُ ڄاڻڻ گهران ٿو ته تون ڪهڙو خيال ڪري رهيو آهي؟ “
”تون ڄاڻين ٿو ته هـُـو ڇو ايندو؟ مان جو ڪجهه خيال ڪريان ٿو، اُن مان ڪهڙو فائدو؟ هـُـو جناب فقط اِنهيءَ لاءِ ايندو، ڇاڪاڻ ته هـُـو منهنجي بيماريءَ تي غصي ۾ هوندو يا شڪ ۽ شبهي ۾ مبتلا ٿي ويندو. هـُـو هڪدم اندر گهڙي پوندو، جيئن هن پنهنجي بي صبريءَ کان ڪالهه ڪيو هو ته جيئن ڪوٺين کي ڳولهي پـَـڪ ڪري ته هـُـوءَ چالاڪيءَ سان کانئس لڪي ته نه ويئي آهي. هن کانسواءِ کيس پوري ريت خبر آهي ته فيودورپاولووچ وٽ هڪ وڏي لفافي ۾ ٽي هزار روبل آهن، جو لفافو، هڪ ڪپڙي جي سنهي پٽيءَ سان ٻڌل آهي، جنهن تي ٽي مهرون موجود آهن، جنهن جي مٿان سندس هٿ اکرن سان لکيل آهي ته ”هي منهنجي ملائڪ گروشينڪا لاءِ آهن، جيڪڏهن هوءَ اَچي.“ ٽي ڏينهن پوءِ، هـُـن اُن تي وڌيڪ لکي ڇڏيو آهي. ”منهنجي چوزيءَ لاءِ. سڄو خطرو هن ۾ آهي.“
ايون پاڻ کي سنڀاليندي رڙ ڪري چيو ته، ”بيوقوف، دمتري ڪڏهن پيسن چورائڻ ۽ منهنجي پيءُ کي قتل ڪرڻ لاءِ نه ايندو. ڪالهه هـُـو گروشينڪا جي ڪري، شايد کيس ماري ڇڏي ها. ڇاڪاڻ ته هـُـو جذباتي ۽ وحشي بيوقوف آهي، پر هـُـو چوري ڪڏهن به نه ڪندو.“
”کيس هاڻي پيسي جي ڏاڍي ضرورت آهي. تمام وڏي ۾ وڏي ضرورت ايون فيودورووچ. توکي خبر نه آهي ته هـُـو ڪهڙي ضرورت ۾ آهي.“ سميرڊياڪوف نهايت يقين ۽ پختگيءَ سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. ”هـُـو اِنهن ٽن هزارن تي پنهنجو حق ٿو سمجهي. هـُـن مون کي چيو ٿي ته منهنجي پيءُ کي اَڃا مون کي ٽي هزار روبل ڏيڻا آهن. پر هن کانسواءِ اَڃا ٻي به ڳالهه آهي، جا وسهڻ جهڙي آهي. اگرافينا اليگزينڊرووينا، جيڪڏهن کيس هن لاءِ پرواهه آهي ته مٿس زور ڀريندي ته هـُـو ساڻس شادي ڪري. منهنجو مطلب پنهنجي آقا فيودورپاولووچ کان آهي. جيڪڏهن کيس هـِـن لاءِ ڪاڻِ آهي. مان سمجهان ٿو ته کيس اِهو غرض هوندو. جو ڪجهه به مان چيو آهي، اُن مان مطلب هيءُ ٿو نڪري ته هوءَ نه ايندي. پر ٿي سگهي ٿو ته هوءَ هن کان به دور ڏسندي هجي. منهنجو مطلب آهي ته هوءَ متان گهر جي مالڪياڻي ٿيڻ گهري. مون کي خبر آهي سامسونوف سندس واپاري، ساڻس کلي، چئي رهيو هو ته ڪا به اِهڙي بيوقوفي جي ڳالهه نه ڪجان، ۽ هوءَ وڏي حساس عورت آهي. دمتري فيودورووچ جهڙي پينو سان هوءَ ڪڏهن به شادي نه ڪندي. هن ڳالهه کي ڌيان ۾ وٺڻ سان ايون فيودورووچ توکي خيال ڪرڻ گهرجي ته پوءِ نه دمتري فيوڊورووچ نه تون نه وري تنهنجو ڀاءُ اليگزي فيودورووچ، آقا جي موت کان پوءِ ڪجهه حاصل ڪري سگهندا. هڪڙي روبل به نه. ڇاڪاڻ ته اگرافينا اليگزينڊرووينا، هـن سان فقط شادي ئي اِنهيءَ لاءِ ڪندي ته سندس سڄي ملڪيت تي قبضو ڪري، پر جيڪڏهن اوهان جو پيءُ هاڻي مري وڃي ته مون کي پـَـڪ آهي ته وٽس چاليهه هزار روبل کن ٿيندا. اُن مان دمتري فيودورووچ کي به حصو ملي ويندو، جنهن کي هـُـو بيحد ڌڪاري ٿو. هـُـن ڪا به وصيت ڪانه ڪئي آهي ۽ ..... دمتري فيودورووچ، هنن ڳالهين کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو.“
ايون جي چهري تي نامعلوم خوف جا آثار پيدا ٿي ويا ۽ هـُـو هڪدم ڳاڙهو ٿي ويو.
هن سميرڊياڪوف جي گفتگوءَ ۾ مداخلت ڪندي چيو ته، ”پوءِ تون مون کي ڇو شرماشينا ڏي وڃڻ جي صلاح ٿو ڏئين؟ تنهنجو اِنهيءَ کان ڪهڙو مطلب آهي؟ جيڪڏهن بالفرض مان هليو وڃان ته هت ڪهڙو حال ٿيندو؟ ” ايون ساهه به ڏکيائي سان کڻي رهيو هو.
”بلڪل اِهڙيءَ طرح، اِهو صحيح آهي. ” سميرڊياڪوف، بلڪل خبرداريءَ سان ايون ڏانهن نهاريندي، آهستگيءَ ۽ سمجهه سان چيو.
”اِهو صحيح آهي ان کان، تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ ” ايون کيس سوال ڪيو. سندس اکين مان ڌمڪي واضح طور تي نظر ٿي آئي ۽ هـُـو ڏاڍو مشڪل سان پاڻ کي ضابطي ۾ رکي سگهيو.
”مان توسان جو ڪجهه ڳالهايو آهي، اُهو اِنهيءَ لاءِ ته مون کي تنهنجي لاءِ به ڏک ٿو ٿئي.
جيڪڏهن مان تنهنجي جاءِ تي هجان ته جيڪر سڀ ڦٽو ڪري ڇڏيان.... اِنهيءَ کان جو هن حالت ۾ هجان. ” سميرڊياڪوف صاف گوئي سان ايون جي چمڪندڙ اکين ڏانهن نهاريندي چيو. هـو ٻئي چپ ٿي ويا.
تون هڪڙو پورو پورو بيوقوف ٿو نظر اَچين ۽ اُن کان وڌيڪ هڪ.... خطرناڪ لـُـچُ. ” ايون اوچتو بينچ تان اُٿي بيٺو. هـُـو سڌو دروازي مان لنگهي اندر وڃڻ وارو هو، پر هـُـو ٿوري دير لاءِ بيهي رهيو ۽ سميرڊياڪوف ڏانهن مڙيو. اُن وقت هڪ عجيب ڳالهه ٿي پئي. ايون غصي جي دوري کان، پنهنجي چـَـپَ ۾ چـَـڪُ وڌو، پنهنجي مـُـٺ کي ڀيڪوڙيو ۽ سميرڊياڪوف تي جيڪر چڙهي وڃي ها، پر هن ڪنهن ريت سندس اِرادي کي سمجهي ورتو. هـُـن ڇرڪ ڀريو ۽ پوئتي هـَـٽي ويو. اُها گهڙي سميرڊياڪوف کي ڪنهن نقصان پهچائڻ کانسواءِ گذري وئي. ايون خاموشيءَ سان، مونجهاري جي حالت ۾ دروازي ڏانهن مڙيو.
”مان سڀاڻي ماسڪو وڃي رهيو آهيان، جيڪڏهن تون ڄاڻڻ گهرين ٿو ته سڀاڻي سويرو صبح سان. ختم. ” هن غصي مان رڙ ڪري چيو. جيتوڻيڪ هـُـو حيران هو، ته هـُـن اِها ڳالهه سميرڊياڪوف کي ڇو ٻڌائي.
”اِها سـُـٺي ڳالهه آهي، جا تون ڪري رهيو آهين. ” هـُـن اِيئن ڏيکاريو ڄڻ ته کيس اُميد هئي ته هـُـو اِيئن ئي چوندو. ” هن کانسواءِ جيڪڏهن هتي ڪجهه ٿي به پيو ته تون ماسڪو کان آسانيءَ سان تار ڪري سگهندين.“
ايون وري بيهي رهيو ۽ تڪڙو تڪڙو سميرڊياڪوف ڏي وڌي ويو. پر هن ۾ به هڪ عجيب تبديلي اَچي وئي هئي. سندس سڄي گهـَـرائي ۽ بي پرواهي پوري ريت غائب ٿي چـُـڪي هئي. سندس چهري مان خبرداري ۽ اُميد ظاهر ٿي ڏٺي. پر ٿوري بزدلي به نمايان هئي.
هن ايون جي چهري ۾ نگاهون کپائيندي چيو ته ”ڇا توکي ڪجهه وڌيڪ به چوڻو آهي يا بس؟“
ايون فيودورووچ، اوچتو بي اختيار ٿي چيو ته ”جيڪڏهن هت ڪجهه ٿي پيو ته ڇا مون کي شرماشينا مان گهرايو ويندو؟“
”هائو شرماشينا مان به توکي گهرايو ويندو. خدانخواسته، جيڪڏهن هت ڪجهه ٿي پيو ته. ” سميرڊياڪوف جواب ڏنو، پر ڄڻ ته ڀڻڪي رهيو هو. ظاهر ۾ بي تعلق ٿي نظر ڀر ڪنهن خيال کان، ايون جي اکين ۾ نهاري رهيو هو.
”ماسڪو پري آهي ۽ شرماشينا ويجهي. تون شايد شرماشينا ڏي وڃڻ لاءِ اِنهيءَ ڪري زور ڀري رهيو آهين ته اِيئن ڪندي مان پنهنجو ڀاڙو به بچائي سگهندس ۽ ويجهو به ٿيندس.“
”بلڪل ٺيڪ“. سميرڊياڪوف ڀڻڪيو. سندس آواز شڪسته پئي معلوم ٿيو. هن ايون ڏي طنزيه مشڪندي ڏٺو ۽ پوئتي هٽڻ لڳو. پر هن کي عجب لڳو، جڏهن هـُـن ڏٺو ته ايون وڃي کـِـلَ ۾ پيو آهي ۽ دروازي ڏي به کلندو ويو. جيڪڏهن کيس ڪو اُن گهڙيءَ ڏسي ها ته سندس منهن مان معلوم ڪري ها ته هـُـو دل جي بار کي هلڪي ڪرڻ لاءِ نه کـِـلي رهيو آهي، پر ڪنهن ٻي خيال کان. هـُـو جيڪر سمجهائي به نه سگهي ها ته هـُـو اُن وقت ڪهڙن جذبن جي هيٺ هيو. هـُـو چـُـريو ۽ ڄڻ ڪنهن اعصابي دوري سان گهمي رهيو هو.

باب ستون: عقلمند سان گفتگو چڱو آهي

اُن اعصابي دوري جي حالت ۾ هـُـو ڳالهائيندو ويو. ملاقات جي ڪمري ۾ کيس فيودورپاولووچ مليو پر هو سڌو اڳتي وڌي ويو. هٿن کي لوڏيندي کيس چوندو ويو ته، ”مان توڏي نه ٿو اَچان، سڌو مٿي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ٿو وڃان. خدا حافظ“ هـُـو گذري ويو. هـُـن پيءُ ڏي نهاريو به نه. ٿي سگهي ٿو ته اُن وقت پوڙهو کيس حقارت جهڙو نظر آيو هجي. هي نفرت جهڙي دشمني ڏسي، خود فيودورپاولووچ حيرت ۾ پئجي ويو. پوڙهي چاهيو ٿي ته فوري طور تي کيس ڪجهه ٻـُـڌائي، اُن ڪري هـُـو ساڻس ملڻ لاءِ، ملاقات جي ڪمري ۾ هلي آيو هو، پر هن غير مناسب گڏجاڻيءَ جي حالت ۾ هـُـو خاموش بيهجي ويو ۽ کيس گهري نظر سان ڪوٺيءَ تي چڙهندو ڏٺائين، تان جو هـُـو گذري ويو.
”هن کي ڇا ٿيو آهي؟ ” هـُـن سميرڊياڪوف کان رعب مان پڇيو، جو ايون جي پويان اَچي رهيو هو.“
”ڪنهن ڳالهه تي غصي ۾ آهي، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ ” نوڪر جهيڻي آواز ۾ چيو.
”کڏ ۾ وجهينس، ڀلي ڪاوڙ ۾ هجي. تون سماور کي اندر کڻي اَچ. هيڏي نهار، ڪا به خبر ڪانه آهي؟“
اُن کان پوءِ هن اُنهن سوالن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، جن بابت سميرڊياڪوف، ايون کي دانهن ڏني هئي. هي سڀئي سوال اُن اُميد ڀري ملاقاتي لاءِ هئا. اُنهن سوالن کي هتي نه ٿو ڏنو وڃي. اَڌ ڪلاڪ کان پوءِ سڄي گهر کي بند ڪيو ويو ۽ جذباتي پوڙهو، اَڪيلو ڪوٺين ۾ ڦرندو ٿي رهيو، اِنهيءَ سوداءَ واري اُميد ۾ ڄاڻ پنج کڙڪا ٿيا. هر هر اونداهيءَ ۾ هـُـو جهاتيون پائيندو رَهيو، پر کيس ڪجهه به نظر نه ٿي آيو.
تمام گهڻي دير ٿي وئي هئي پر ايون اَڃا جاڳيو ٿي ۽ خيالن ۾ مبتلا هو. هـُـو اُن رات اُٿي ويهي رهيو ۽ ٻي بجي تائين اِنهيءَ حالت ۾ هو، پر اسان هتي سندس خيالن جي تشريح کي ڏيڻ نه ٿا گهرون ۽ هيءَ مناسب جاءِ به نه آهي ته سندس روح ۾ نهاريون. اُن جو موقعو ايندو. جيڪڏهن سندس خيالن جي ڏيڻ جي ڪو، ڪوشش به ڪري ته اِيئن چوڻو پوندو، ته وٽس ڪو به خيال ڪو نه هو پر اَجايون ڳالهيون، جن مان کڙ نه ڪو تيل. فقط منجهس جوش ٿي ڏٺو. هـُـن پاڻ محسوس ٿي ڪيو، ته وٽانئس سهڻ جي طاقت موڪلائي وئي آهي. حيرت ۾ وجهندڙ طرحين طرحين خواهشن جي قطار وٽس موجود هئي. مثلاً: اڌ رات جي وقت اوچتو کيس غصي ڏياريندڙ خواهش پيدا ٿي ته هيٺ وڃي دروازو کولي ۽ رهائشي ڪمري ۾ وڃي سميرڊياڪوف کي ڌڪ هڻي، پر جيڪڏهن کانئس اِيئن ڪرڻ لاءِ سبب پڇيو وڃي ها ته هـُـو ٻڌائي نه سگهي ها. فقط اِهو ئي سبب وسهڻ ۾ اَچي ها ته هـُـو اُن نوڪر جي خلاف اِن ڪري هو، جو هـُـن سندس بي عزتي اِهڙي ته ڪئي هئي، جو دنيا ۾ اڳ ڪنهن به سندس نه ڪئي هئي. اُن کان سواءِ، اُن رات ڪيئي ڀيرا کيس اسرار جهڙي خوف جو احساس ٿيندو رَهيو، جنهن کان کيس شرمندي پئي ٿي. اِنهن حالتن هيٺ، هـُـن اِيئن پئي سمجهيو ته سندس قوت جسماني زائل ٿي چـُـڪي آهي. سندس مٿي ۾ سور پيدا ٿي ويو هو ۽ هـُـن پاڻ کي پريشان ٿي سمجهيو. نفرت جو جذبو سندس دل ۾ پيدا ٿي چـُـڪو هو ۽ هـُـن ڪنهن کان اُن جو انتقام وٺڻ ٿي چاهيو. هـُـن اليوشا کي به نفرت سان ٿي ڏٺو. کيس سندس گفتگو ياد ٿي آيو، جو ساڻس ڪري آيو هو. اُن وقت هـُـو پاڻ کي به نفرت سان ڏسي رهيو هو. ڪيٽرينا ايونونا بابت ته سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو هئائون. خاص ڪري هي کيس پوري ريت ياد هو، ته جڏهن هن ڪيٽرينا وٽ دليريءَ سان اعتراض وٺندي ظاهر ڪيو هو ته هـُـو ٻي ڏينهن ماسڪو هليو ويندو، اُن وقت سندس دل ڪجهه ڀـُـڻڪي رَهي هئي. يعني ”تون بيوقوف آهين، سڀاڻي تون نه ويندين، اِيئن ڪونه ٿيندو، جيئن تون هتي لاف هڻي رهيو آهين.“
گهڻو پوءِ هن رات کي ياد ڪندي، هن کي ناخوشيءَ ۾ ياد آيو ته هـُـو ڪيئن نه اوچتو صوفي کان اُٿي، چوري چوري، اِنهيءَ خوف کان ته ڄڻ ڪو کيس ڏسي رهيو آهي، دروازي کي کوليو هئائين ۽ ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويو هو، جتي فيودورپاولوچ ڦـِـري رهيو هو. هـُـو ڪيترو وقت سندس قدمن جي آواز کي ٻـُـڌندو رهيو. پنج منٽ - هـُـو عجيب پريشانيءَ سان دم بخود هو ۽ سندس دل ٽپا ڏيئي رَهي هئي. هـُـن هي سڀ ڪجهه ڇو ڪيو هو ۽ ڪن ڇو ٿي ڏنائين. هـِـن ڳالهه کي هـُـن پاڻ به نه ٿي ڄاتو. اُن کان پوءِ هـُـن پنهنجي سڄي عمر ۾ جڏهن به هـِـن قدم بابت پئي ٿي سوچيو ته اُن کي پنهنجي عمر جو هڪ ناپسند ۽ بدترين عمل ٿي سمجهيو. خير اُن وقت کيس فيودورپاولوچ جي لاءِ نفرت جو ڪو به احساس نه هو، پر کيس فقط حيرت هئي ته هـُـو ڄاڻي سگهي ته هـُـو هيٺ ڪيئن نه اَچي وڃي ٿو ۽ هاڻي هـُـو ڇا ڪري رهيو هوندو. کيس هن تصور تي عجب ٿي لڳو ته هـُـو ڪيئن نه اونداهين درين مان جهاتيون پائي رَهيو آهي ۽ ڪوٺي جي وچ ۾ بيهي، ڪنهن آواز کي ڌيان ڏيئي ٻـُـڌي رهيو آهي ته ڪو اَچي کڙڪائي. ايون اِهڙي ريت ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لاءِ، ٻه ڀيرا ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويو هو.
اٽڪل ٻه بجي جڏهن چوڌاري چپ چپات هئي، ۽ فيودورپاولوچ به بستري ۾ هو، ايون به بستري ۾ داخل ٿيو ۽ فيصلو ڪيائين ته هڪدم ننڊ ڪندو. ڇاڪاڻ ته هـُـن پاڻ کي غير معمولي ٿڪيل ٿي سمجهيو. هـُـو گهري ننڊ ۾ پئجي ويو، کيس سوير ستين بجي جاڳ ٿي، جڏهن ڪافي ڏينهن جي روشني ٿي چـُـڪي هئي. اکيون کوليندي ئي، هن پاڻ کي، طاقتور ڏٺو. ٽپو ڏيئي پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو لباس پهريائين ۽ پنهنجي پيٽيءَ کي ڇڪي ورتائين ۽ پنهنجي سامان کي بند ڪرڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته اڳئين ڏينهن تي سندس ڪپڙا ڌوٻيءَ کان آيا هئا. ايون هن حقيقت تي کليو ته هر ڪا شيءِ سندس اوچتي الوداع ۾ مدد ڪري رَهي آهي ۽ سندس هي الوداع به يقيناًاوچتو هو. جيتوڻيڪ ايون هڪ ڏينهن اڳ ۾، ڪيٽرينا، اليوشا ۽ سميرڊياڪوف کي ٻڌايو هو ته هـُـو سڀاڻي وڃي رهيو آهي، پر جيئن کيس ياد ٿي آيو ته بستري ۾ وڃڻ تائين کيس ٻاهر وڃڻ جو ڪو به اِرادو نه هو. گهٽ ۾ گهٽ کيس خواب ۾ به خيال نه هو ته صبح سان سندس پهريون ڪم اِهو هوندو ته هـُـو پنهنجي پيٽي ۽ بئگ کي سفر لاءِ تيار ڪندو. نائين بجي جو وقت هو، جو دستور موجب مارفا ايگنٽيوينيا، کانئس پڇڻ آئي ته، ”هـُـو چانهه پنهنجي ڪمري ۾ پيئندو يا هيٺ؟ ” هـُـو ڏاڍو سرهو ٿي ڏٺو پر سندس لفظن ۾ ۽ اُنهن جي اَدا ڪرڻ ۾ ڪجهه تيزي ۽ انفراديت ٿي نظر آئي. پيءُ کي کـِـلي کيڪاريائين ۽ خاص طرح سندس صحت لاءِ پڇيائين، جيتوڻيڪ سندس جواب جو ڪو به انتظار نه ڪيائين. هن کان پوءِ هن ظاهر ڪيو ته هـُـو ڪنهن بهتريءَ جي لاءِ، ماسڪو وڃي رهيو آهي، اُن ڪري گهوڙن کي گهرايو وڃي. سندس پيءُ هن پڌرائيءَ کي ڪنهن به عجب کان سواءِ ٻـُـڌو ۽ کانئس انسانيت جي طور تي همدرديءَ جو اظهار وسري ويو ۽ اِيئن به چئي نه سگهيو ته سندس جدائي ڏک ڏيندڙ آهي. اُن جي بجاءِ هـُـو پنهنجي ضروري ڪمن ڪارين کي ياد ڪرڻ لڳو.
”تون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين، اِها حقيقت تو، مون کي ڪالهه به نه ٻـُـڌائي آهي. خيال نه ڪر، سڀ ڳالهه جو بندوبست ٿي ويندو. مهرباني ڪري، منهنجو هڪڙو ڪم ضرور ڪر. واٽ تي شرماشينا ڏي وڃج. ولوويا جي اسٽيشن کان فقط ٿورو کٻي طرف ڦيرو آهي. فقط ٻارنهن فرلانگ کان پوءِ شرماشينا اَچي ويندو.“
”مون کي افسوس آهي، جو مان اِيئن نه ڪري سگهندس. اِها جاءِ اسٽيشن کان اَسي فرلانگ پري آهي ۽ ماسڪو ڏانهن ويندڙ گاڏي، رات جو ستين بجي تيار ٿئي ٿي، مون کي اُها هٿ ڪرڻي آهي.“
”تون اِها گاڏي سڀاڻي يا ٻي ڏينهن وٺج. پر اڄ تون شرماشينا وڃ. پيءُ کي آرام ڏيڻ لاءِ هن زحمت کي برداشت ڪر. جيڪڏهن مون کي هتي ڪو ضروري ڪم سوگهو نه ڪري ها ته مان پاڻ ڪڏهن جو اُتي پهچي وڃان ها. ڇاڪاڻ ته مون کي اُتي بيحد ضروري ڪم آهي. پر مان هتي.... هيءُ وقت منهنجي ٻاهر نڪرڻ جو نه آهي.... مون کي اُتي ڪاٺين جي جهنگ جا ٻه ٽڪرا آهن. مئلوفس هڪ جهونو واپاري ۽ سندس پـُـٽ ديال جي ڪاٺين لاءِ اَٺ هزار روبل ڏيئي رهيا هئا. پر گذريل سال مون کان ٻيو واپاري گـُـسي ويو. جو ٻارنهن هزار روبل ڏيئي رهيو هو. هتي ڪو به ڪونه آهي، جو اُن جو خريدار بڻجي. مئلوفس کي پنهنجي لالـچ آهي. جو ڪجهه هـُـو ڏيئي رهيو آهي، اُن کي وٺڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هتي ڪو به سندن خلاف واڪ ڏيڻ جي همٿ نه ڪندو. اليانسڪو جي راهب گذريل خميس جي ڏينهن مون کي لکي موڪليو هو ته هڪ واپاري، جنهن کي گورسٽڪن سڏين ٿا، جنهن کي مان سڃاڻان ٿو، اُنهن جي خريداري لاءِ تيار آهي. هـُـو جيئن ته هتان جو نه آهي، اُن ڪري کيس مئلوفس جو ڪو به خوف نه آهي. هو چوي ٿو ته مون کي جهنگ جي اِنهن ٻن ٽڪرن لاءِ يارنهن هزار روبل ڏيندو. تون ٻڌين ٿو نه؟ راهب مون کي لکي موڪليو آهي ته هـُـو اُتي فقط هڪ هفتو رهندو. سر تون هڪدم اوڏانهن وڃ ۽ اُن سان سودو ڪري ڇڏ.“
”توهان راهب کي لکي ڇڏيو، هـُـو اُتي سودو ڪري ڇڏيندو.“
”هو نه ڪري سگهندو. وٽس ڌنڌي واريون اکيون ئي ڪو نه آهن. هـُـو فقط خزانچي آهي. مان کيس ويهه هزار روبل بنا ڪنهن رسيد جي ڏئي ڇڏيا آهن ته هـُـو منهنجي ڪمن ڪارين جي خبر گيري ڪري. پر هـُـو ڌنڌي کان ناواقف آهي. هـُـو محض ٻار آهي ۽ کيس ڪانءُ به ٺڳي سگهي ٿو. اُن هوندي به جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين ته هـُـو عالم ۽ فاضل آهي. هي گورسٽڪن ڏسڻ ۾ ڪـُـڙمي آهي ۽ هيٺ نيري قبا پهريندو آهي. پر هو عوامي بدمعاش آهي. اُن جي لاءِ هيءَ عام دانهن آهي. اُن کانسواءِ هـُـو ڪوڙو به آهي. ڪڏهن ڪڏهن اِهڙو ته ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، جو ٻڌندڙ کي عجب لڳندو ته اِهڙو ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائي. هڪ سال اڳ ۾ هـُـن مون کي ٻڌايو هو ته ”سندس زال مري وئي آهي ۽ هـُـن نئين شادي ڪئي آهي. حقيقت ۾ سندس هڪ به لفظ صحيح نه هو. سندس زال اڄ ڏينهن تائين جيئري آهي ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا کيس موچڙا هڻندي آهي. اُن ڪري توکي ڏسڻو آهي ته هـُـو جو ڪجهه چئي رهيو آهي، اُهو سچ آهي يا ڪوڙ. ڇا هـُـو سچ پچ چوي ٿو ته اُنهن کي خريد ڪندو ۽ يارنهن هزار روبل ڏيندو.“
”مان هن معاملي ۾ ڪمائتو ٿي نه سگهندس. مون وٽ به ڌنڌي واري اک ڪا نه آهي.“
”ٿورو وقت ترس. تون ڪمائتو ٿي سگهندين. مان توکي ڪي نشانيون ٻڌائيندس، جنهن سان تون گورسٽڪن کي سمجهي ويندين. مان ساڻس گهڻو وقت ڌنڌو ڪيو آهي. تون سندس ڏاڙهيءَ کي ڏسج. سندس ڏاڙهي ننڍي، منجهيل ۽ مهيندي جي رنگ جهڙي آهي. جيڪڏهن سندس ڏاڙهي ڳالهائڻ وقت ڏڪي ۽ جذباتي بڻجي وڃي ته ٺيڪ آهي. توکي سمجهڻ گهرجي ته هـُـو جو ڪجهه چوي ٿو، اُهو صحيح آهي ۽ ڌنڌو ڪرڻ گهري ٿو. پر جيڪڏهن هـُـو کٻي هٿ سان ڏاڙهيءَ کي ڌڪ هڻي ۽ ڪجهه شوخي ڏيکاري ته سمجهڻ گهرجي ته هـُـو ٺڳي ڪري رهيو آهي. سندس اکين کي نه ڏسجانءِ. سندس اکين مان توکي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. هـُـو ڏاڍو گهرو ۽ بدمعاش آهي. سندس ڏاڙهي کي ڏسج. مان توکي ڪجهه لکي ڏيندس، اُهو اُن کي ڏيکارج. کيس گورسٽڪن سڏيندا آهن، جيتوڻيڪ سندس نالو لياگوي آهي. پر کيس اِنهيءَ نالي سان نه سڏج. کيس ڏک ٿيندو. جڏهن تون ساڻس ڪنهن ٺاهه تي پهچي وڃين ۽ ڏسين ته ٺيڪ آهي ته مون کي هڪدم لکي موڪل. توکي فقط لکڻ جي تڪليف ڪرڻي پوندي ته هـُـو ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي. يارنهن هزارن جو خيال ڪر. هڪ هزار تون کڻ، مٿي جو خيال نه ڪجانءِ. ڪجهه خيال ڪر، اَٺن هزارن ۽ يارهن هزارن جي تفاوت کي ڏس. ٽن هزارن جو فائدو ڪو ٿورو نه آهي. ٻيو خريدار ملڻ به مشڪل آهي ۽ مون کي پيسي جي سخت ضرورت آهي. فقط مون کي اها خبر ڏي ته هن ۾ صداقت آهي ۽ مان اُن ڏي ڊوڙي پوندس. مان ڪنهن ريت وقت ڪڍي وٺندس. پر جيڪڏهن راهب جو هي خيال آهي ته اوڏانهن وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڪيئن تون ويندين نه؟“
”مان ڪنهن به ريت وقت بچائي نه ٿو سگهان. مون کي معاف ڪريو.“
”توکي پنهنجي پيءُ تي ٿورو ڪرڻ گهرجي. مان هن کي وساري نه سگهندس. ڇا وٽس دل نه آهي، جو تون هن لاءِ سوچي سگهين. هڪ يا ٻن ڏينهن جي ڪهڙي ڳالهه آهي! تون هاڻي ڪاڏي وڃي رهيو آهين -وينس؟ وينس ۾ تون کڻي ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ رهي پئجان. مان جيڪر اليوشا کي اوڏانهن موڪليان ها، پر اِهڙي معاملي ۾ اليوشا ڇا ڪري سگهندو؟ مان توکي اِنهيءَ ڪري ئي موڪلي رهيو آهيان، جو تون سياڻو آهين. تون سمجهين ٿو ته مان اِها ڳالهه چڱي ريت سمجهان ٿو. توکي ديال جي ڪاٺين جي ڪا به خبر نه آهي، پر تو وٽ اکيون آهن. فقط هيءَ ڳالهه ڏسڻي آهي ته اُن ماڻهو وٽ انتظاري آهي. مان توکي جيئن چوان ٿو، تون فقط سندس ڏاڙهيءَ کي ڏسج. جيڪڏهن سندس ڏاڙهي ڏڪي ته ڄاڻج ته کيس انتظار آهي.“
تون مون کي پاڻ اُن واهيات جاءِ شرماشينا ڏي زور ڪري موڪلي رهيو آهين؟“
ايون ڪيني جي نموني مشڪندي چيو.
فيودورپاولووچ ڪيني واري نموني کي ته نظر اَنداز ڪري ڇڏيو، پر سندس مشڪڻ کي خيال ۾ ورتائين.
”ها تڏهن تون ويندين ۽ ضرور ويندين، مان تنهنجي لاءِ نوٽ هاڻي ئي لکي وٺان ٿو.“
”مون کي خبر نه ٿي پوي ته اوڏانهن ويندس يا نه؟ مان اِهو رستي ۾ فيصلو ڪندس.“
”بيوقوف! اِهو يڪدم فيصلو ڪر. منهنجا پيارا، اِهو هڪدم فيصلو ڪر. جيڪڏهن تون اِهو فيصلو ڪرين ته مان هڪ سـِـٽَ لکي وٺان. تون لکي راهب کي ڏج، هـُـو پاڻيهي مون ڏي موڪلي ڏيندو. مان توکي گهڻو وقت نه ٿو ترسايان، تون پوءِ وينس هليو وڃ. راهب توکي وولويا اسٽيشن تائين گهوڙو ڏيندو.“
پوڙهو نهايت خوش هو. هـُـن خط لکي ورتو ۽ گهوڙن لاءِ ماڻهو موڪليائين. هلڪي ناشتي کي برانڊي سان پيش ڪيو ويو. جڏهن جڏهن فيودورپاولووچ خوشيءَ ۾ اَچي ويندو هو ته خرچائو بڻجي ويندو هو. هـُـن هڪ لفظ به نه ڪڇيو. هن جدائي جو مٿس ڪو به اَثر نه هو، پر اُٽلو کانئس ڪجهه چوڻ وسريو ٿي ويو. دمتريءَ لاءِ هن هڪ حرف به نه چيو. ايون کيس خاص طرح ڏسندو ۽ سمجهندو رهيو. هن خيال ڪيو ته ”هو مون کان ڪڪ ٿي پيو هو. ”جڏهن پنهنجي پٽ سان گڏجي، ڏاڪن کان هيٺ لهي آيو ته پوڙهي تي ڪجهه اَثر پيو. هـُـو جيڪر کيس چمي ڏئي ها پر ايون تڪڙ مان سندس هٿ کي جهلي ورتو. ظاهر ظهور سندس چمي کان پاسو ڪري ورتائين. سندس پيءُ هيءُ ڏٺو ۽ پاڻ کي پوئتي ڇڪي ورتائين.
”خوش قسمتي تنهنجو ساٿ ڏئي، خوش قسمتي تنهنجو ساٿ ڏئي. ” هـُـو ڏاڪن تان چوندو رهيو. ”تون وري اڳي پوءِ موٽي ايندين ۽ ضرور اَچج. مان هميشھ توکي ڏسي خوش ٿيندس. خير، عيسيٰ مسيح تنهنجو حافظ هجي.“
ايون گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺو.
”خدا حافظ ايون. اُميد ته تون مون کان ناراض نه هوندين. ” پڻس کيس آخري ڀيرو واڪو ڪري چيو.
سڄو گهر جو گهر کانئس موڪلائڻ آيو. سميرڊياڪوف، مارفا ۽ گريگري. ايون هر هڪ کي ڏهه روبل ڏنا. جڏهن هـُـو گاڏي ۾ ويٺو ته سميرڊياڪوف اندر آيو ۽ سندس پيرن ۾ پيل غاليچي کي درست ڪيو.
”توکي خبر آهي، مان شرماشينا وڃي رهيو آهيان. ” ايون چوڻ شروع ڪيو. لفظ سندس زبان مان ڪـِـرڻ لڳا، جيئن اڳئين ڏينهن پنهنجو پاڻ ڪري رهيا هئا ۽ هـُـو خاص اعصابي ۽ خاص کـِـل کلڻ لڳو. هن کي هـُـو پوءِ به گهڻو وقت ياد ڪندو رهيو.
”تڏهن اِهو سچ چئي ويا آهن ته ” ڪنهن عقلمند سان گفتگو ڪرڻ چڱو آهي.“ سميرڊياڪوف، ايون کي وضاحت سان ڏسندي، پختگيءَ سان چيو.
گاڏي هلي پئي. ايون جي روح ۾ ڪا به ڳالهه صاف نه هئي، پر هـُـو نهايت شوق مان چوڌاري، زمينن، ٽڪرين، وڻن ۽ آڙين جي ولرن کي، جي سندس مٿان چمڪندڙ آسمانن ۾ اڏامي رهيون هيون، نهاري رهيو هو. اوچتو هـُـو خوشيءَ سان ڀرجي ويو. هن ڪوچبان سان ڳالهائڻ گهريو ۽ اُن هاري جي جواب کان بيحد خوش ٿيو. مگر هڪ منٽ کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته اُن هاري جي جواب مان ڪا به عقلمندي ڪانه ٿي ڏٺي، اُن ڪري چپ ٿي ويو. چڱو به اِيئن هو. هوا تازي ۽ ٿڌيري هئي ۽ آسمان چمڪندڙ. اليوشا ۽ ڪيٽرينا ايونونا جو تصور سندس دل تي تـَـري آيو. هـُـو فقط مشڪيو، هن آهستگي سان دوستاڻي ڳالهين تي غور ڪيو ۽ اِهي خيالَ کانئس موڪلائي ويا. هن خيال ڪيو ته اِنهن جي سوچڻ لاءِ گهڻو ئي وقت پيو آهي. هـُـو اسٽيشن وٽ جلدي پهچي ويا. گهوڙا بدلايائون ۽ وولوينا ڏانهن هليا. ”ڇو ڪنهن عقلمند سان ڳالهائڻ چڱو آهي.“ هن کان سندس مطلب ڪهڙو هو؟ اوچتو هيءُ خيال ڄڻ ته سندس ساهه کڻڻ تي به قابض ٿي ويو. ”مان کيس هي ڇو ٻڌايو ته مان شرما شينا ڏي وڃي رهيو آهيان.“ هيءُ وولوينا جي اسٽيشن تي پهچي ويا. ايون گاڏي کان ٻاهر نڪتو ۽ ڪوچبان، سندس چوڌاري ڦري آيا ۽ شرما شينا جي لاءِ، ڀاڙي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هن کين گهوڙن ٻڌڻ لاءِ چيو. هـُـو اسٽيشن جي جاءِ ڏانهن ويو ۽ چوڌاري ڏٺائين ۽ هڪ اوور سيئر جي زال تي سندس نظر پئي. اوچتو هـُـو پوئتي موٽي ويو.
”مان شرماشينا ڪو نه ويندس. ڀائرو مان ستين بجي ريل تي پهچي نه سگهندس.“
”اسان پهچائي سگهنداسون. ڇا گاڏي ٻاهر ڪڍون؟“
”اوهان مان ڪوئي سڀاڻي شهر ويندو؟“
”هائو دمـِـتري ويندو“
”دمتري تون منهنجو هڪڙو ڪم ڪندين. تون منهنجي پيءُ فيودورپاولووچ ڪرامازوف وٽ وڃج. کيس چئج ته مان شرماشينا نه وڃي سگهيس. ڇا تون اِيئن ڪندين؟“
”بيشڪ مان اِيئن ڪندس. مان گهڻي وقت کان فيودورپاولووچ کي سڃاڻان.“
”ها هيءُ ڪجهه پيسا تنهنجي لاءِ آهن. ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته هـُـو توکي ڪجهه به نه ڏيندو. ” ايون خوشيءَ مان کلندي چيو.
دمـِـتري به ساڳي ريت کلندي چيو ته ”اُن تي آسرو ڪرڻ غلط آهي، هـُـو ڪونه ڏيندو.“
”اوهان جي مهرباني، مان کيس پـَـڪ سان چوندس.“
ستين بجي ايون ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ گاڏي ماسڪو رواني ٿي. گذري کي ياد نه ڪر، مان پراڻي دنيا کان هميشھ لاءِ موڪلائي ڇڏيو. هاڻي نه اُن جي خبر هوندي نه پڙاڏو. هاڻي نئين زندگي ۽ نئون مقام هوندو. پوئتي نهارڻ جي ڪا به ضرورت نه پوندي! ” مگر اُن هوندي به سندس روح کي ڪا به خوشي نه هئي پر اُداسائي هئي. سندس دل ڪنهن اندروني جـَـذبي کان ڏُکي رَهي هئي. جنهن کان اڳي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ دوچار نه ٿيو هو. هـُـو سڄي رات سوچيندو رَهيو. ريل گاڏي اُڏامندي ٿي وئي. پرهه ڦٽيءَ جو جڏهن هـُـو ماسڪو کي ويجهو ٿي رهيو هو. هـُـو انهن کي ڇڏي اٿي بيٺو ۽ پاڻ کي چوڻ لڳو ته، ”مان ته بدمعاش آهيان.“
فيودورپاولووچ پنهنجي پٽ کي ويندو ڏسي، ڏاڍو خوش هو. ڇاڪاڻ ته ٻن ڪلاڪن کان پوءِ، هن پاڻ کي ڏاڍو خوش محسوس ڪيو ۽ برانڊي کولي پيئڻ لڳو. پر اوچتو هڪ اهڙو ناخوشگوار واقعو ظهور ۾ آيو، جنهن گهر جي سڀني ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو. فيودورپاولووچ جو سڪون قلب درهم برهم ٿي ويو. سميرڊيا ڪوف جيئن تهخاني ۾ ڪنهن شيءِ جي کڻڻ لاءِ ويو ته ڏاڪن تان ڪري پيو. خوش قسمتي سان مارفا اڱڻ ۾ هئي ۽ وقت تي سندس ڪـِـرڻ جو آواز ٻڌائين. هـُـن کيس ڪرندو ته نه ڏٺو پر سندس چيخ ٻڌي هئائين. جا هڪ عجيب ۽ خاص چيخ هئي. هو چئي نه ٿي سگهيا ته اِهو دورو کيس ڪو ڏاڪن تان لهندي ٿيو هو يا هـُـو اڳ ۾ بيهوش ٿي ڏاڪن تان ڪريو، پوءِ کيس ڌڪ کان مرگهيءَ جو دورو ٿيو هو. ڪيئن به هجي کيس بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڏٺائون. هـُـو تهخاني جي ڏاڪن ۾ تـَـري ۾ پيو هو. هـُـو ڦٿڪيو ٿي ۽ سندس وات مان گـِـفَ ٿي نڪتي. پهريائين اِيئن خيال ڪيو ويو ته سندس ڪو عضوو ڀڄي پيو آهي. ٻانهن يا ٽنگ - يا ڪو ٻيو ڌڪ اَٿس. پر مارفا جيئن اظهار ڪيو ته، ”خدا کيس بچائي ورتو آهي“ کيس ڪو به ڌڪ لڳل نه هو. پر هيءُ ڏکيو هو ته کيس تهخاني مان کڻي ٻاهر آڻجي. هنن پاڙيسرين کي مدد لاءِ چيو ۽ ڪنهن به ريت کيس کڻي ورتائون. فيودورپاولووچ هن سڄي ڪم ۾ پاڻ موجود رَهيو. هن پاڻ ٻين کي مدد ٿي ڪئي ۽ پريشان ٿي نظر آيو. بيمار کي وري هوش نه آيو. ٿوري وقت لاءِ اُن ۾ ڇڪتاڻ بند ٿي وئي هئي پر وري شروع ٿي ۽ سڀني خيال ڪيو ته هاڻي به اُهائي ساڳي حالت ٿيندي جا گذريل سال ظهور ۾ آئي هئي، جڏهن هـُـو ڪوٺي واري ڪمري کان ڪـِـري پيو هو. کين ياد آيو ته اُن وقت سندس مٿي تي برف رکي وئي هئي. برف اَڃا به تهخاني ۾ موجود هئي ۽ مارفا اُن مان ڪجهه کڻي آئي. شام جو فيودورپاولووچ ڊاڪٽر هرزينسٽيوب کي گهرائي ورتو، جو هڪدم پهچي ويو. هـُـو وڏي عزت وارو پوڙهو هو ۽ اُن علائقي ۾ نهايت خبردار ۽ ڄاڻ وارو ڊاڪٽر هو. مريضن کي چڱيءَ ريت چڪاس ڪرڻ کان پوءِ، هن راءِ ڏني ته هن تي شديد حملو ٿيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اُن جا نتيجا اُگرا نڪرن. اُن وقت ته هرزينسٽيوب ته حالتون چڱي ريت سمجهي نه سگهيو، پر چيائين ته جيڪڏهن هي علاج مفيد ثابت نه ٿيو ته سڀاڻي صبح سان وري ٻي ڪا ڪوشش ڪندو. بيمار کي سندس رهائش جي جاءِ ڏانهن نيو ويو، جا ڪوٺي، مارفا ۽ گريگري جي رهائش سان گڏ هئي.
پر فيودورپاولووچ کي هڪ بدقسمتيءَ جي پويان ٻي به آئي. مارفا سندس رات جي ماني ڪئي هئي. هـُـن جا يخني تيار ڪئي هئي، سا سميرڊياڪوف جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ کان وڌيڪ نه هئي ۽ ڪـُـڪڙ کي ايڏو ته سڪايو ويو هو ۽ ايترو ته ڪچو هو، جو اُن کي چٻاڙڻ ئي ناممڪن هو. آقا جي سخت پر واجبي اعتراض تي، مارفا کيس جواب ڏنو ته ڪڪڙ نهايت وڏي عمر جو هو ۽ اُن کانسواءِ، هن اڳ ۾ ڪڏهن به بورچي جو ڪم نه ڪيو آهي. رات جو کيس وري ٻي مصيبت پيش آئي. کيس معلوم ٿيو ته گريگري جو ڪيترن ڏينهن کان بيمار هو، هاڻي بستري ۾ داخل آهي. فيودورپاولوچ کان جيتري قدر جلي ٿي سگهيو، هـُـن چانهه کي پيتو ۽ اَڪيلو جاءِ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيائين. هـُـو سخت روحاني پريشاني ۽ تڪليف ۾ مبتلا هو. اُن شام جو هـُـو گروشينڪا جي لاءِ بيحد منتظر هو، ڇو ته کيس اُن جي اَچڻ جي پـَـڪ هئي. صبح سان سميرڊياڪوف کيس پـَـڪَ ڏني هئي ته ”هـُـن واعدو ڪيو آهي ته هـُـوءَ ضرور ايندي. ” پوڙهي جو قلب، اُن پريشانيءَ کان بـُـريءَ طرح دَڪ دَڪ ڪري رهيو هو ۽ اُن خالي جاءِ آواز جي ٻڌڻ لاءِ پئي ٿي آيو ۽ ويو. هـُـو بلڪل خبردار هو ته متان دمتري ڪنهن جاءِ تي هجي ۽ دريءَ تي سندس کڙڪي جي آواز کي ٻـُـڌي. ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف ٻه ڏينهن اڳ ۾ کيس ٻڌايو هو ته هوءَ ڪٿان ۽ ڪهڙي ريت کڙڪا ڪندي. اِنهن کڙڪن کي ٻـُـڌي دروازي کي هڪدم کوليو ويندو. پر اِيئن نه ٿئي ته ساڻس هـُـو به هليو اَچي ۽ خدا نه ڪري هوءَ خوف کان ڀڄي وڃي. فيودورپاولووچ هنن ڳالهين تي غور ڪري رهيو هو ۽ خوف ۾ به کيس اُميدن جو ميٺاج ٿي نظر آيو. هن ڀيري هـُـو چئي رهيو هو ته هوءَ يقينا ًايندي!

حصو ڇهون: روسي راهب

---

باب پهريون: مربي زوسيما ۽ سندس ملاقاتي

جڏهن اليوشا انتظار ۽ غم ڀـَـري دل سان مربي جي ڪمري ۾ گهڙيو ته هـُـو عجب ۾ پئجي ويو. هن بيمار کي منجهيل ساهه کڻندڙ ۽ بيهوش هئڻ جي بجاءِ، ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺو. هـُـو جيتوڻيڪ ڪمزور ۽ ٿڪايل ٿي ڏٺو، مگر سندس چهرو چمڪندڙ ۽ خوشيءَ ڀريو هو. سندس چوڌاري ملاقاتي هئا ۽ هـُـو اُنهن سان سنجيدگيءَ سان گفتگوءَ ۾ مشغول هو. هـُـو اليوشا جي پهچڻ کان فقط پندرنهن منٽ اڳ ۾ بستري تان اُٿي ويٺو هو. سنس ملاقاتي اڳ ۾ ئي سندس ڪمري ۾ جمع ٿيا هئا ۽ سندس جاڳڻ جي لاءِ انتظار ۾ هئا. راهب پائسي کان کين يقين مليو هو، ته ”هـُـو معلم ٿيندو ۽ هـُـن پاڻ صبح سان واعدو ڪيو آهي، ته هـُـو پنهنجي پيارن سان هڪ ڀيرو وڌيڪ گفتگو ڪندو. راهب پائسي، کي مرندڙ مربي جي واعدي ۽ سندس هر لفظ ۾ پورو پورو يقين هو. جيڪڏهن هـُـو کيس بيهوش به ڏسي ها يا مرڻ جي ڪنڌي تي ڇو نه ڏسي پر کيس پنهنجي پير جي واعدي ۾ ايڏو ته ايمان هو، ته هـُـو ضرور اُٿندو ۽ کيس خدا حافظ چوندو. هـُـو سندس موت تي به اعتبار نه ڪري ۽ اِيئن چوي ها ته هـُـو ضرور اُٿندو ۽ ساڻس گفتگو ڪندو. زوسيما سويرو صبح جو کيس سمهڻ کان اڳ ٻيهر چيو هو ته ”مان اوهان پيارن سان ٻي خوشگوار گفتگو ڪرڻ کان سواءِ نه مرندس. مان هڪ ڀيرو وڌيڪ اوهان جي پيارن چهرن کي ڏسندس ۽ پنهنجي دل جي اُمنگن کي اوهان وٽ پيش ڪندس. ” اُهي راهب جي سندس آخري گفتگو ٻڌڻ جي لاءِ اَچي جمع ٿيا هئا، سي سڀ ورهين کان سندس مخلص دوست هئي. هـُـو ڪل چار هئا. راهب ايوسف، راهب پائسي، راهب ميخائيل. ميخائيل اُن سنياس جي جاءِ جو وڏو شمار پئي ٿيو. هـُـو ڪرڙوڍ هو ۽ ايتري ڄاڻ وارو به نه هو. هـُـو نماڻي طبعيت، مضبوط اِرادي، پختي اعتقاد وارو، سندس قلب مهر ۽ شفقت سان ڀريل هو. هـُـو اِنهن خاصيتن کي لڪائيندو ٿي رهيو، ڇو ته کيس اِنهن جي اظهار کان شرمندگي محسوس ٿيندي هئي. چوٿون راهب انفيم، بيحد پوڙهو هو ۽ نهايت نماڻو، غربت زده هارين جي گروهه مان هو. هـُـو اَڻ پڙهيل هو. نهايت خاموش، مشڪل سان ڪنهن سان گفتگو ڪندو هو. هـُـو نيازمندن جو به نيازمند هو ۽ اِيئن ڏسڻ ۾ ايندو هو ته هـُـو ڪنهن شاهين ادراڪ جي زير اَثر آهي. مربي زوسيما کي هن لاءِ بيحد احترام هو ۽ کيس بيحد عزت سان پيش ايندو هو. جيتوڻيڪ هـُـو مقدس روس ۾ سالن جا سال گڏ ساڻس سير ڪندو رَهيو، پر اُن هوندي به هڪ ٻي سان گهٽ ڳالهائيندا هئا. هن کي گهڻو وقت گذريو، چاليهه سال اڳ، جڏهن مربي زوسيما، پنهنجي راهباڻي زندگي جي سادي ۽ غريباڻي خانقاه ڪئسٽروما ۾ ابتدا ڪئي هئي. اُن کان ٿورو پوءِ هن راهب انفيم سان گڏ، اُن خانقاه جي لاءِ خيرات وٺڻ لاءِ ملڪ جو دورو ڪيو هو.
هيءَ سڄي جماعت خوابگاهه ۾ هئي، جنهن لاءِ اَسان اڳ ۾ چئي چـُـڪا آهيون ته نهايت ننڍي هئي ۽ مشڪل سان منجهس چئن ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ هئي. لاچار پر خير نئون سيکڙاٽ راهب اُتي بيٺو هو. چئن ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون، قيامگاهه جي ڪوٺيءَ مان آنديون ويون هيون. ان وقت اونداهي پکڙندي ٿي رَهي. شمع ۽ فانوس مجسمن جي سامهون روشن ڪيا ويا هئا.
مربي زوسيما، اليوشا کي دروازي وٽ منجهيل بيٺل ڏسي مشڪيو ۽ پنهنجو هٿ مٿي ڪري، کيس کيڪاريائين.
”سلام منهنجي عزيز دوست، سلام منهنجا پيارا. تون اَچي وئين. مان سمجهيو ٿي ته تون ايندين.“
اليوشا وٽس وڌي ويو، ۽ سندس اڳيان زمين تي جهڪي، روئن لڳو. سندس دل شڪسته هئي ۽ سندس روح لرزي رهيو هو. هن چاهيو ٿي، ته خوب روئي.
”اچ، مون تي اَڃا نه روءُ. ”مربي زوسيما، سندس مٿي تي سڄو هٿ رکي مشڪيو.“
”تون ڏسين ٿو ته مان ويٺو آهيان ۽ ڳالهايان ٿو. ٿي سگهي ٿو ته مان ويهه ورهيه وڌيڪ جيئرو رهان. ڪالهه هڪ دشيگوري جي نيڪ عورت پنهنجي ننڍڙي نينگر لزاويٽا کي ڀاڪر ۾ جهلي، اِهڙي خواهش جو اظهار ٿي ڪيو. خدا اُن ماءُ ۽ ننڍڙي نينگر لزاويٽا تي پنهنجون برڪتون نازل ڪري.“ هن پاڻ تي صليب جو نشان بڻايو. ” پروفيسر، تو سندس نذرانو اُن جاءِ تي پهچايو، جنهن لاءِ توکي چيو هيم.
اُن نيڪ عورت اڳئين ڏينهن 60 ڪاپڪس(سڪا) اِنهيءَ لاءِ آندا هئا، ته اُهي ڪنهن اِهڙي عورت کي ڏنا وڃن، جا کانئس وڌيڪ محتاج هجي. پيسن جو هي نذرانو، اِهڙي قسم جو ڪفارو آهي، جنهن کي هر ڪو ماڻهو، دل جي خوشيءَ سان قبول ڪندو آهي. مربي پرفيري کي اڳئين شام جو هڪ رن زال ڏي موڪليو هو، جنهن جو گهر ٿورو وقت اڳ ۾ باهه ۾ سڙي ويو هو ۽ جا باهه لڳڻ کان پوءِ ٻارن سميت خيرات پنڻ لاءِ نڪري پئي هئي. پرفيري تڪڙ مان جواب ڏنو ته کيس جيئن هدايت ڪئي وئي هئي، اِهڙي ريت اُها رقم اُن کي هيئن چئي پهچائي وئي اهي ته اِها ڪنهن نامعلوم خيرات ڪندڙ جي طرفان آهي.“
”اي منهنجا پيارا ڇوڪرا!“ مربي، اليوشا کي چيو. ”مان توکي هڪ نظر سان ڏسڻ گهران ٿو. ڇا تون پنهنجي گهر وئين هئين ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ڏسي آئين؟ ” اليوشا کي هن سوال تي تعجب لڳو جو رازداراڻي ۽ مخلصاڻي نموني ۾ فقط هڪ ڀاءُ لاءِ پڇيو ويو هو. پر کيس اِها خبر نه پئي ته هو ڪهڙي ڀاءُ لاءِ پڇي رهيو آهي؟ شايد اُنهيءَ ڀاءُ لاءِ، جنهن لاءِ کيس ڪالهه ۽ اَڄ، اُن ڏانهن موڪليو ويو هو.
”مان پنهنجي ڀائرن مان هڪ کي ڏٺو آهي. ” اليوشا جواب ڏنو.
”منهنجو اشارو وڏي ڀاءُ ڏانهن آهي، جنهن کي مون جهڪي سلام ڪيو هو.“
”مان هن سان ڪالهه مليو هئس ۽ اُن کي اَڄ لـَـهي نه سگهيس.“ اليوشا وراڻيو.
”جلدي ڪر ۽ کيس ڳولي وٺ. وري سڀاڻي به وڃ. جلدي وڃ. سڀ ڪجهه ڇڏي، جلدي وڃ، شايد اَڃا به توکي وقت ملي ته ڪنهن امڪاني خطري کي روڪي وٺين. مان ڪالهه کيس اِنهيءَ لاءِ جهڪي سلام ڪيو هو ته اُن جي لاءِ ڪيتريون ئي مصيبتون پيدا ٿي ويون آهن.“
هـُـو اوچتو خاموش ٿي ويو ۽ اِيئن نظر ٿي آيو، ته ڪجهه سوچي رهيو آهي. سندس لفظ حيرت پيدا ڪندڙ هئا. راهب ايوسف جنهن ڪالهه سڄي نظاري کي ڏٺو هو، راهب پايسي سان اکيون ملائڻ لڳو. اليوشا پڇڻ کانسواءِ رَهي نه سگهيو.
”مربي ۽ اُستاد! ” هن انتهائي جوش مان چوڻ شروع ڪيو: “ اوهان جا لفظ نهايت منجهيل آهن... اُها ڪهڙي تڪليف آهي، جا هـُـن لاءِ جمع ڪئي وئي آهي.“
”اِهو مون کان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر. مون کي ڪالهه ڪجهه خوفناڪ حالت نظر آئي هئي.... ڄڻ ته سندس سڄو مستقبل اکين ۾ سميٽجي آيو هو. سندس نگاهه، اِهڙي قسم جي اکين مان اُٿي هئي، جنهن کي ڏسي، مان اُن وقت ڊڄي ويو هوس. مان حيران ٿي ويو هوس ته هيءُ ماڻهو پاڻ کي ڪهڙيءَ ڳالهه لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. پنهنجي حياتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا، ڪنهن ماڻهوءَ جي اهڙي نگاهه ڏٺي اَٿم ۽ سندس قسمت جو عڪس، اُن ۾ لـَـڌو هيم. افسوس سندس مستقبل ۾ اُها تقدير جي ڪاروائي گذرندي ڏٺي اَٿم. اليگزي مان توکي اُن ڏي موڪليو هيم، ته مـَـنَ تنهنجي ڀائپي جو چهرو، سندس مدد ڪري سگهي. اليگزي مان ڪيئي مرتبا، خاموشي ۾ تنهنجي لاءِ دعائون گهريون اَٿم. پر اسان جي هر شيءِ، خدا جي تقدير ۾ آهي. جيستائين ڪڻڪ جو داڻو، زمين جي اندر نه ويو آهي، اَڪيلو پيو رَهي ٿو، پر جڏهن هـُـو مٽي ۾ اندر وڃي ٿو، تڏهن ڪيترائي داڻا اُن کي ميسر ٿين ٿا. هن نقطي کي هميشھ پنهنجي ذهن ۾ رکج. ” مربي، مشڪندي کيس چيو، ”مان تنهنجي لاءِ جيڪو سوچيو آهي. اُهو هيءُ آهي، ته تون هنن ديوارين کان هليو ويندين، پر دنيا ۾ راهب وانگر ٿي رهندين. تنهنجا ڪيترائي دشمن آهن، پر تنهنجا دشمن به آخر ۾ توسان محبت ڪندا. زندگيءَ ۾ توکي ڪيترين بدنصيبين سان منهن ڏيڻو پوندو، پر تون هميشھ اُنهن ۾ راحت محسوس ڪندين. تنهنجي حياتي برڪتن واري حياتيءَ هوندي ۽ ٻين جي حياتيءَ کي به برڪتن وارو بڻائيندين. تنهنجي بابت منهنجو اِهو ئي عقيدو آهي. ” هـُـن پوءِ پنهنجي دوستن کي مشڪندي خطاب ڪيو ته، “ مربيو ۽ اُستادو! مان هن کي اڄ ڏينهن تائين اِهو نه ٻڌايو هو، ته ڇو سندس چهرو مون کي پيارو آهي. مان هاڻي اوهان کي ٻڌايان ٿو. هن جي چهري مان مون کي ڪي يادگيريون ۽ پيشگويون ٿي نظر آيون. منهنجي زندگيءَ جي صبح وقت، جڏهن مان اَڃا ٻار هوس، مون کي هڪ وڏو ڀاءُ هو، جو سترهن ورهين جي ڄمار ۾ مري ويو. وقت گذرڻ کان پوءِ، اڳتي هلي مان پنهنجي حياتيءَ ۾ سمجهيو، ته منهنجو ڀاءُ منهنجي رهبريءَ لاءِ خدائي نشان جي مثال هو. جيڪڏهن هـُـو نه هجي ها، ته مان بيشڪ راهب نه بڻجي سگهان ها ۽ نه وري هن واٽ تي قدم رکي سگهان ها. هـُـو منهنجي آڳاٽي زندگيءَ ۾ مون تي ظاهر ٿيو هو ۽ هاڻي منهنجي آخري وقت ۾ به مان سمجهان ٿو، ته هـُـو مون ڏي وري موٽي آيو آهي. مربيو ۽ اُستادو، هيءَ هڪ عجيب حقيقت آهي. اليگزي، جنهن جي چهري جي ٿوري مشابهت اُن سان آهي ۽ گهڻي نه، مون کي روحاني طرح اُن وانگر نظر اَچي ٿو. مان ڪيئي ڀيرا کيس پنهنجي نوجوان ڀاءُ وانگر پئي سمجهيو آهي ۽ ڄاڻندو رهيو آهيان، ته هيءُ پراسرار طور تي منهنجي آخري وقت ۾، منهنجي روحاني فيض لاءِ موٽي آيو آهي. مان يقيناًپنهنجي اندر، هن عجيب خواب تي عجب کائيندو رهيو آهيان. پرفيري تون هيءَ ڳالهه سمجهين ٿو؟ ” هـُـو اُن سيکڙاٽ راهب ڏي مڙيو، جو سندس ڀرسان بيٺو هو. ”ڪيئي دفعا مان تنهنجي چهري ۾ ريس جون نگاهون ڏٺيون آهن، ته مان اليڪسي کي توکان وڌيڪ پيار ٿو ڪريان. هاڻي توکي خبر پئي هوندي، ته مان اِيئن ڇو ڪندو هوس. پر مان توسان به محبت ڪريان ٿو. توکي خبر هئڻ کپي، ته مان ڪيئي ڀيرا، تنهنجي هن ريس تي ڏک ۾ ڀـَـرجي ٿي ويس. منهنجا پيارا دوست، مان هاڻي چاهيان ٿو، ته مان اُن نوجوان ڀاءُ جي بابت ڪجهه ٻڌايان، ڇاڪاڻ ته منهنجي حياتيءَ ۾، هن کان وڌيڪ قيمتي، معنيٰ خيز ۽ پـُـر اَثر شخصيت ٻي ڪانه رَهي آهي. منهنجي قلب ۾، شفقت ڀريل آهي، ۽ مان پنهنجي گذريل زندگي ۾ اِهڙو ته محوَ ٿي ويو آهيان، ڄڻ ته هن گهڙيءَ ۾ ٻيهر، گذريل عمر کي وري طيءَ ڪري رهيو آهيان.“
مان هتي هيءُ ٻڌائڻ گهران ٿو، ته مربي زوسيما، پنهنجي حياتيءَ جي پوئين ڏينهن تي جا گفتگو پنهنجي ملاقاتين سان ڪئي هئي، اُن کي ياداشت جي طور لکيو ويو هو، اليڪسي فيودورووچ، پنهنجي يادگيريءَ تان، مربي جي موت کان ٿورو پوءِ اُن کي قلمبند ڪيو هو. خبر نه ٿي پوي، ته هي سڄي اُن وقت جي گفتگو هئي يا اُنهن گذريل گفتگوئن جا ٽڪرا به گڏ ڪيا ويا هئا، جي وقت بوقت هـُـو کانئس ٻڌندو رهيو هو. مان هن بابت يقين سان چئي نه ٿو سگهان. هن ياداشت ۾ مربي زوسيما جي گفتگوءَ بنا ڪنهن قطع جي هلندي نظر اَچ ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته هـُـو پنهنجي زندگيءَ جو احوال آکاڻيءَ جي صورت ۾ ٻڌائي رهيو آهي. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هيءَ ياداشت، اُن شام جي گفتگو جي لحاظ کان نمايان هئي. جيتوڻيڪ ملاقاتي سندس گفتگوءَ ۾ دخل اَنداز نه هئا پر هنن به ڳالهايو ٿي. مربي زوسيما پاڻ اُن کي لاڳيتو ٻڌائي نه ٿي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن ساهه کڻڻ لاءِ دم ٿي کنيائين ۽ سندس آواز ڪمزور ٿـِـي پئي ويو. اُن ڪري ڪجهه وقت آرام لاءِ ليٽي ٿـَـي پيو، پر کيس ننڊ نه ٿـَـي آئي ۽ نه وري ملاقاتين ئي پنهنجي جاءِ ٿـَـي ڇڏي. هڪ يا ٻه ڀيرا گفتگو، راهب پايسي جي انجيل پڙهڻ ڪري، به رڪجي وئي هئي. هيءَ به ٻڌائڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن به اِيئن نه ٿي سمجهيو، ته هـُـو اُن رات مري ويندو. ڇاڪاڻ ته اُن شام جو، ڏينهن جي ننڊ سبب، سندس حياتيءَ ۾ نئين قوت ۽ شگفتگي اَچي وئي هئي. جنهن کيس سندس طويل گفتگوءَ دوران اُجاگر ٿـَـي رکيو. اِهو ڄڻ ته سندس محبت جو آخري اظهار هو، جنهن کيس عجيب قوت بخشي هئي. هيءُ سڀ ڪجهه ٿوري وقت لاءِ هو، ڇاڪاڻ ته ٿورو پوءِ جلد ئي سندس حياتيءَ جو رشتو ڪٽجي ويو.... مان هاڻي سندس گفتگوءَ جي باري ۾ ڪجهه چوندس. مان فقط هيءُ وڌيڪ ٻڌائيندس، ته مان پاڻ کي اليگري فيودورپاوولووچ ڪرامازوف جي ياداشت تائين محدود رکيو آهي. اهو مختصر ۽ اَڻ ٿڪائيندڙ هوندو. بيشڪ مان اُن کي دهرائيندس، جنهن کي گذريل گفتگوءَ موجب اليوشا جمع ڪري ورتو هو.

متوفي پادري ۽ راهب، مربي زوسيما جي زندگي جي ياداشت، اليڪسي فيودورپاوولوچ ڪرامازوف جي زباني بيان ڪيل

سوانح حيات جي ياداشت

مربي زوسيما جو ڀاءُ

عزيز راهبو ۽ اُستادو! مان اُتر جي ڏورانهين علائقي جي، وي شهر ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ نسلاً، هڪ سکر ماڻهو هو، پر سندس حيثيت ڪا ايڏي وڏي نه هئي. هو اُن وقت وفات ڪري ويو، جڏهن منهنجي عمر فقط ٻه سال هئي ۽ مون کي اُن جي ڪا به يادگيري ڪانه آهي. هـُـو منهنجي ماءُ جي لاءِ هڪ گهر ڇڏي ويو، جو ڪاٺيءَ جو ٺهيل هو ۽ ميراث، جا ايتري گهڻي ته نه هئي، پر سندس ٻارن کي آسودي رکڻ لاءِ ڪافي هئي. اسان ٻه ٻار هئاسون. هڪ منهنجو وڏو ڀاءُ مارخيل ۽ ٻيو مان. مارخيل مون کان عمر ۾ اَٺ ورهيه وڏو هو. هـُـو جلد باز ۽ جوشيلي طبعيت وارو ضرور هو، پر دل جو نرم ۽ ڪڏهن به سخت نظر نه آيو. هـُـو غير معمولي طرح خاموش طبعيت وارو هو، پر خاص طرح گهر ۾، مون سان، ماءُ سان ۽ نوڪرن سان زياده خاموشيءَ سان هلندو هو. هـُـو اسڪول ۾ هوشيار هو، پر پنهنجي هم ڪلاسين سان ٺهي نه سگهيو. جيتوڻيڪ هن ڪنهن سان به جهيڙو ۽ جهڳڙو نه ڪيو، پر جيئن منهنجي ماءُ مون کي ٻڌايو هو، ته ڇهه مهينا سندس موت کان اڳ، جڏهن هـُـو سترهن ورهين جو هو، سندس هڪ سياسي ملڪ بدر ماڻهوءَ سان واقفيت ٿي، جنهن کي سندس آزاد خياليءَ جي سبب ماسڪو مان اسان جي شهر ۾ ملڪ نيڪالي ڏني وئي هئي. هـُـو چڱو تعليم يافته هو ۽ يونيورسٽي مان فلاسافيءَ ۾ امتياز سان ڪاميابيءَ حاصل ڪيائين. ڪنهن سبب جي ڪري هن مارخيل ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ کيس هميشھ ملاقات جي لاءِ ترغيب ڪندو ٿي رهيو. هيءَ نوجوان اُن سياري جي شام جو سمورو وقت ساڻس گڏ گذاريندو ٿي رهيو. تان جو اُن شهر بدر آدميءَ کي سينٽر پيٽرسبرگ ۾ سندس درخواست موجب وري گهرايو ويو، ته هـُـو پنهنجي عهدي جي موٽي اَچي چارج وٺي. ڇاڪاڻ ته اُتي سندس وڏا طاقتور دوست موجود هئا. اُن لينٽ جي صحبت جو ابتدائي اَثر مارخيل تي اِهو پيو، جو هـُـو روزي جو منڪر بڻجي ويو. منهنجي ماءُ، اَسان جا نوڪر ۽ مان، هيءُ ٻڌي ڊڄي وياسون. مان اُن وقت جيتوڻيڪ نون ورهين جو هوس پر اُن جا اهي لفظ ٻڌي مان به حيران ٿي ويس. اَسان وٽ چار نوڪر هئا، جي سڀ خريد ڪيل غلام هئا. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، ته منهنجي ماءُ انهن مان هڪ کي، جا بورچياڻي هئي ۽ سندس نالو افيميا هو، سـَـٺ روبل ۾ وڪڻي ڇڏيو هو. هوءَ منڊي ۽ پوڙهي هئي، اُن جي جاءِ تي هـُـن هڪ آزاد ۽ پگهاردار غلام کي رکيو.

لينٽ کان ڇهه هفتا پوءِ، منهنجو ڀاءُ جو نهايت ڪمزور هو ۽ سلهه جو مريض ٿي ڏٺو، بيمار ٿي پيو. هـُـو قد جو ڊگهو، پر سنهو ۽ ڏسڻ جو موچارو هو. سندس چهرو ڏاڍو پيارو هو. مان اِيئن سمجهيو، ته کيس زڪام ٿي پيو آهي. ڪجهه به هجي، جڏهن ڊاڪٽر آيو ته هـُـن ڏسندي ئي منهنجي ماءُ سان سرگوشي ڪئي، ته هن کي سلهه آهي ۽ بهار تائين مشڪل سان جيئرو رَهي سگهندو. منهنجي ماءُ روئڻ شروع ڪيو، پر نهايت خبرداري سان، جيئن کيس ڪا به خبر نه پوي. هن منهنجي ڀاءُ کي مشورو ڏنو، ته هـُـو ديول ۾ وڃي دعا گهري ۽ پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪري. ڇاڪاڻ ته هـُـو اَڃا گهمي ڦـِـري سگهيو ٿـَـي. هو، هن ڳالهه تي چڙي ويو ۽ هـُـن ديول جي مذمت ۾ ڪجهه چيو. هـُـو فڪر ۾ پئجي ويو پر هن هڪدم سهي ڪري ورتو، ته هـُـو سخت بيمار آهي. اِهو ئي ته سبب هو جو سندس ماءُ کيس دعا ۽ اعتراف لاءِ عرض ڪري رهي هئي. هـُـو گهڻي وقت کان سچ پچ خوش نه هو ۽ پنهنجي ناچاڪيءَ کان خبردار هو. هڪ سال اڳ ۾ هن رات جي ماني تي، منهنجي ماءُ کي چيو هو ته، ”منهنجي حياتي اوهان جي درميان ڪو گهڻو وقت نه آهي. ٿي سگهي ٿو، ته مان ٻي سال جيئرو نه رهان.“ اُها هاڻي ڄڻ ته پيشگوئي ٿي نظر آئي.

ٽي ڏينهن گذري ويا ۽ پاڪ هفتو آيو. اڱاري جي صبح جو منهنجو ڀاءُ ديول ڏي وڃڻ لڳو. هـُـو چوڻ لڳو ته، ”منهنجي ماءُ، مان هيءَ سڀ ڪجهه توکي راضي رکڻ ۽ آرام ڏيڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان.“ منهنجي ماءُ خوشيءَ ۽ ڏک مان روئڻ لڳي. هن خيال ڪيو، ته سندس موت ويجهو آهي. تڏهن ته منجهس اها تبديلي اَچي وئي آهي، پر هـُـو گهڻو وقت ديول ڏي وڃي نه سگهيو. هـُـو بستري داخل ٿي ويو، سندس اعتراف ۽ دعا، اُن ڪري سندس گهر ۾ ئي ٿي.

ايسٽر اَچي وئي هئي، ڏينهن هاڻي روشن، وڻندڙ ۽ خوشبو سان ڀريل هئا. مون کي ياد آهي، ته هـُـو سڄي رات کنگهندو رهندو هو ۽ ٿورو سمهندو هو، پر صبح جو چڱيءَ ريت لباس پهري، آرام ڪرسيءَ تي ويهندو هو. مون کي هاڻي به سندس ويهڻ ياد آهي. شيرين ۽ تلفظ آميز مشڪڻ، سندس چهرو روشن ۽ خوشيءَ سان ڀريل، ڄڻ ته کيس بيماريءَ جو ڪو به اَثر نه هو. هڪ عجيب تبديلي منجهس اَچي وئي هئي. هن جو روح ڦٽيل ٿي ڏٺو. پوڙهي دائي ايندي هئي ۽ چوندي هئي ته، ”منهنجا پيارا! مون کي اِجازت ڏئي، ته مقدس تصوير جي سامهون بتي روشن ڪريان. ” هڪ ڀيري ته اُن کي اجازت نه ڏني ۽ فانوس کي وسائي ٻاهر موڪلي ڇڏيائين.

”ها، هن کي روشن ڪر، روشن ڪر. مان هڪ ڪمبخت هوس، جو توکي هن کان روڪيندو رهيو آهيان. تون جڏهن فانوس کي روشن ڪرين ٿي ۽ دعائون گهرين ٿي ۽ جڏهن مان توکي دعائون گهرندو ڏسان ٿو، ته توسان شامل ٿي وڃان ٿو. اِهڙيءَ ريت اَسان هڪڙي ئي خدا جي عبادت ڪريون ٿا.“

هي سندس لفظ اَسان کي نهايت عجيب لڳا. منهنجي ماءُ جڏهن پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ويندي هئي، ته خوب روئندي هئي، پر جڏهن هن جي ڪوٺيءَ ۾ ويندي هئي ته هوءَ پنهنجي اکين کي ڳوڙهن کان صاف ڪري، خوشنما بڻجي ويندي هئي. هـُـو چوندو هو ته، ”منهنجي مٺڙي اَمڙ! تون نه روءُ. مان اَڃا گهڻو وقت توسان جيئرو رهندس. حياتي ته خوشي ۽ مسرت آهي.“

”اڙي پيارا ٻار! تون ڪيڏيون نه خوشيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪرين، هوڏانهن رات جو بخار آهي. ايترو ته کنگهين ٿو، ڄڻ ته تون پاڻ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندين.“

”اَمان دانهون نه ڪر! ” هـُـو جواب ڏيندو هو، ”حياتي جنت آهي ۽ اسان سڀ جنت ۾ آهيون. پر اَسان اُن کي نه ڏسنداسون، توڙي کڻي چاهيون به. جڏهن اَسان هن نقطي کي ڄاڻنداسون، تڏهن هيءَ سڄي زمين بهشت بڻجي ويندي.“

هـُـن جهڙي ريت مضبوطيءَ ۽ پختگيءَ سان ڳالهايو ٿي، اُن هر ڪنهن ماڻهوءَ کي عجب ۾ ٿي وڌو. اَسان سڀ اُن کان غم ۾ ڀرجي ٿي وياسون ۽ رُناسون ٿي. اَسان کي دوست ڏسڻ ٿي آيا. هن اُنهن کي چيو ٿي ته، ”مان اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، جو اوهان سڀ مون کي پيار ٿا ڪريو. اوهان مون سان جا محبت ڪري رهيا آهيو، اُن کي مان اڳ ۾ نه ٿي ڄاتو، نه ته جيڪر اُن جو قدر ڪريان ها.“

جيڪڏهن نوڪر وٽس ايندا هئا، ته هـُـو کين چوندو هو ته، ”منهنجا مهربان ۽ عزيزو، اوهان منهنجي ايتري خدمت ڇو ٿا ڪريو. مان اِن جي لائق به آهيان؟ جيڪڏهن خدا جي مرضي هوندي، ته مان جيئرو رهان، ته مان اوهان ۾ رهندس. ڇاڪاڻ ته ماڻهو هڪ ٻئي جي آسري تي ئي رهن ٿا.“

اَمڙ سندس اِهي ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندي هئي ۽ مٿو لوڏيندي هئي. ”منهنجا پيارا، هيءَ تنهنجي بيماري آهي، جا توکي اِنهيءَ طرح جي گفتگو ٿي ڪرائي.“

هـُـو کيس جواب ڏيندو هو ته، ”پياري ماءُ! دنيا ۾ آقا به ٿيندا آهن ۽ خادم به، جيڪڏهن اِيئن آهي، ته مان خادمن جو به خادم ٿيندس. بلڪل اِهڙيءَ ريت جيئن هو منهنجا آهن. ٻي ڳالهه هيءَ آهي اَمڙ، ته دنيا ۾ هر ڪو انسان گناهه ڪري ٿو، پر مان سڀني کان وڌيڪ گنهگار آهيان.“

اَمڙ اِنهيءَ تي کلي ويهندي هئي. ڳوڙهن جي وچ ۾ کلندي هئي. ”ڇو ۽ ڪيئن سڀني کان وڌيڪ گناهه ڪيو آهي؟ اِهي ته ڦورو ۽ قاتل ٿي سگهن ٿا. پر تو اِهڙو، ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو تون سڀني کان وڌيڪ پاڻ کي گنهگار ٿو سمجهين.“

”امڙ منهنجي ننڍڙي دل، ” (هو اُن وقت نهايت اَثر وارا ۽ چڀندڙ لفظ ڳالهائيندو هو.) ”مان منهنجي ننڍڙي دل، ۽ منهنجي خوشي. مون تي اعتبار ڪر ته هر هڪ ماڻهو، سڀني انسانن لاءِ جوابدار آهي. مان سمجهي نه ٿو سگهان، ته ڪهڙيءَ ريت اُن جي تشريح توکي ڪري ٻـُـڌايان. پر مون کي هن جو احساس نهايت تڪليف ڏيڻ وارو آهي. هيءَ عجيب ڳالهه آهي، ته اَسان رهون به گڏ ٿا ۽ غصي به ٿيون ٿا پر اُن هوندي به ڪجهه نه ٿا ڄاڻون؟“

اِهڙيءَ ريت هـُـو ڏينهون ڏينهن، وڌيڪ مٺو، پـُـر مـُـسرت ۽ محبت جو پيڪر بڻبو ويو. جڏهن پوڙهو جرمن ڊاڪٽر، جنهن کي سندس اسپنسر ٿي سڏيائون، وٽس ٿي آيو، ته اُن کي مذاق طور چيائين ته، ”ڊاڪٽر، مان سڀاڻي هن جهان ۾ هوندس به؟“

”تون اَڃا گهڻائي ڏينهن دنيا ۾ جيئرو رهندين، مهينا ۽ ورهيه.“

هن کيس جواب ڏنو ته، ”مهينا ۽ سال! هي ڏينهن جو شمار ڇو؟ ماڻهوءَ جي لاءِ راحت جو هڪ ڏينهن ئي ڪافي آهي. منهنجا عزيزو، اسان کي جهڳڙو ڇو ڪرڻ گهرجي. ڪوشش اِها ڪرڻ گهرجي ته هڪ ٻئي کي ڪم اَچون. هيءَ هڪ ٻئي سان دل ۾ عداوت ڇو؟ اسان کي باغ ۾ سنئون سڌو وڃڻ گهرجي. گهمڻ ۽ رانديون ڪرڻ گهرجن. هڪٻئي کي پيار ڪرڻ گهرجي، هڪٻئي کي ساراهڻ گهرجي ۽ چـُـمڻ گهرجي. هن حياتيءَ کي مبارڪ بنائڻ گهرجي.“

”تنهنجو پٽ گهڻو وقت جيئرو نه رهندو. ” ڊاڪٽر منهنجي ماءُ کي چيو، جا ساڻس دروازي تائين ساڻ هئي. ”مرض سندس دماغ تي اگرو اَثر وجهي رهيو آهي.“

سندس ڪمري جون دريون باغ ڏانهن ٿي کـُـليون ۽ اسان جو باغ سايي دار هو. منجهس پراڻا وڻ ڪثرت سان هئا، جي هاڻي ڦـُـٽي رهيا هئا. بهار جا پهريان پکي، ٽارين تي ٽپا ڏيئي رهيا هئا ۽ درين جي مٿان ٻوليون ڪري رهيا هئا. اُنهن ڏي نهاريندي ۽ پيار ڪندي، هـُـو اوچتو، اُنهن کان به بخشش جو طالب ٿي ويندو هو. ”آسماني پرندؤ، راحت ڀريل پکيؤ، مون کي معاف ڪريو، اوهان جو ڪيترو ئي گناهه ڪيو آهي! ” ڪو به ماڻهو اُن وقت سندس گفتگوءَ کي سمجهي نه سگهندو هو، پر هـُـو راحت مان لـُـڙڪ هاريندو رهندو هو. ”هائو“، هـُـو چوندو هو ته ”خدا جي ڪيڏي نه عظمت منهنجي سامهون هئي، هيءُ پکي، وڻ، ميدان ۽ آسمان. مان ڪيڏو نه شرميلو ٿي رهيس ۽ هنن شين جو قدر نه ڪيم. مان سندس نه شان ڏسي سگهيم نه جمال. ”

منهنجي ماءُ کيس چوندي هئي ته، ”پٽ، پاڻ کي حد کان وڌيڪ گنهگار ٿو سمجهين.“

”منهنجي مٺڙي ماءُ، مان هي سڀڪجهه راحت جي باعث چوان ٿو، اهو ڏک نه آهي، جنهن کان مان دانهون ٿو ڪريان. جيتوڻيڪ مان هن بابت ڪا به سمجهاڻي ڏئي نه ٿو سگهان، مان پاڻ کي هنن جي اڳيان نماڻو ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته مان نه ٿو ڄاڻان ته کين پوريءَ ريت ڪيئن محبت ڪريان. جيڪڏهن مان هنن سڀني جو گناهه ڪريان ها، ته اِهو به هـُـو مون کي بخشي ڇڏين ها. بهشت اِهو ئي ته آهي. پوءِ ڇا مان بهشت ۾ نه آهيان؟“
هن کان وڌيڪ ٻيون به ڳالهيون هيون، جي مون کي هاڻي ياد نه آهن. مون کي ياد آهي، ته مان هڪ ڀيري سندس ڪمري ۾ ويو هوس. اُن وقت وٽس ٻيو ڪو به ڪو نه هو. هوءَ هڪ روشن شام هئي. سج غروب ٿي رهيو هو ۽ سڄي ڪوٺي منور ٿي وئي هئي. هن جي مون ڏانهن پٺ هئي ۽ مان وٽس ويس. هن منهنجي ڪلهن تي هٿ رکيا ۽ پيار مان منهنجي منهن ۾ ڏٺائين. هن هڪ منٽ لاءِ ڪجهه به نه چيو ۽ مون کي نهاريندو رهيو.
”هان“، هـُـن چيو. ”وڃ، وڃي ڊوڙ ۽ راند ڪر. منهنجي بدران به حياتي جو اِهو مزو وٺ.“
مان ٻاهر نڪري ويس ۽ وڃي کيڏڻ بيٺس. مان پوءِ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيئي ڀيرا، مون کي ڳوڙهن سان ياد ايندو رَهيو ته هن ڪيئن نه چيو ٿي ته، مان حياتيءَ جو مزو اُن لاءِ به وٺان. هن جا ٻيا به ڪيترائي عجيب ۽ عمدا نقطا هئا، جن کي اسان اُن وقت سمجهي نه ٿي سگهياسون. هـُـن ۾ پوئين گهڙيءَ تائين به ڪا تبديلي نه آئي. هـُـو ايسٽر کان ٽي هفتا پوءِ گذاري ويو. کيس پورو هوش هو، جيتوڻيڪ هـُـو ڳالهائي نه ٿي سگهيو. هـُـو خوش ٿي نظر آيو، سندس اکين ۾ چمڪ هئي، جنهن سان هـُـو اَسان کي ڏسندو ٿي رهيو. هـُـو اسان کي ڏسي مشڪيو ٿي ۽ اَسان کي پاڻ ڏي سڏيائين ٿي. سندس موت بابت شهر ۾ چڱو چوبچو ٿي. مون تي سندس موت جو اَثر پيو پر ايترو نه. جيتوڻيڪ مان سندس دفن تي رڙيون ڪري رُنس. مان اُن وقت ننڍو هوس ۽ بلڪل ٻار. پر ڳجهو اثر ۽ غم جو جذبو، منهنجي دل ۾ رهندو آيو. جڏهن وقت آيو، ته اِهي بيدار ٿي پيا. اِهو واقعو اِهڙي ريت گذري ويو.
زوسيما جي حياتيءَ ۾ مقدس ڪتاب جو اَثر
مان پنهنجي ماءُ سان اَڪيلو رَهجي ويس. منهنجي ماءُ کي سندس دوست صلاحون ڏيڻ لڳا، ته مون کي تعليم لاءِ سينٽر پيٽرسبرگ موڪليو وڃي، جيئن ٻين ٻارن جا والدين ڪـَـري رهيا آهن. ”توکي هاڻي هڪ پٽ آهي، ” اُنهن کيس چيو، “ ” توکي چڱي آمدني آهي. تون هن کي هتي رکي، کانئس مستقبل ۾ ترقي کسي رَهي آهين. ” هنن کيس صلاح ڏني، ته مون کي سينٽر پيٽرسبرگ ۾ ابتدائي فوجي اسڪول ۾ موڪلي ڏي. جتان مان شايد شاهي گارڊ جي ملازمت ۾ داخل ٿي وڃان. منهنجي ماءُ گهڻي وقت تائين سوچ ويچار ڪندي رَهي. ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي هڪڙي ئي ٻار کان جدا ٿيڻ مشڪل ٿي لڳو. پر آخر هـُـن پنهنجي دل ٻـَـڌي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي به هـُـن، هـِـن مشوري کي منهنجي بهتري جي خيال کان قبول ڪيو، هوءَ مون کي پيٽرسبرگ وٺي آئي ۽ مون کي ابتدائي فوجي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين. اُن کان پوءِ مان وري کيس نه ڏٺو. ڇاڪاڻ ته هـُـوءَ ٽن سالن کان پوءِ گذاري وئي. هـُـن اُهي ٽي سال، روئندي ۽ ماتم ڪندي گذاري ڇڏيا.
مان پنهنجي ننڍپڻ جي گهر مان فقط قيمتي يادگيرين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ڪـَـري سگهيس. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس پهرئين گهـَـر جي ابتدائي يادگيرين کان مٿي ٻي ڪا به قيمتي شيءِ نه هوندي آهي. اِهو به تڏهن، جڏهن محبت ۽ اخلاص ڪٽنب ۾ هوندو آهي. قيمتي يادگيريون ته بـُـري گهر جون به ياد رهنديون آهن. اهو فقط دل ئي ڄاڻندي آهي، ته اِهي يادگيريون ڇو قيمتي ٿين ٿيون؟ مان پنهنجي اُنهن يادگيرين سان گڏ، انجيل جي يادگيريءَ کي به شمار ڪري سگهان ٿو. ٻاراڻي عمر ۾ به مون کي اُن جي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. مون وٽ اُن مقدس ڪتاب جي تاريخ جو هڪ بي بها تصويرن وارو نسخو هو، جنهن جو نالو هو، ”توريت ۽ انجيل جون هڪ سـَـؤ چار آکاڻيون.“ مان اُن مان پڙهڻ سکيو. مون وٽ هاڻي به اُهو ڪٻٽ جي مٿان موجود آهي. مان هن کي ماضيءَ جي قيمتي يادگار ٿو سمجهان. مان جيتوڻيڪ اڳ ۾ پڙهڻ سکيو هو. مون کي ياد آهي، ته اَٺن ورهين جي عمر ۾ مان پهريائين قرباني واري جذبن جي احساس سان روشناس ٿيو هوس. منهنجي ماءُ مون کي اَڪيلو ديول ڏي وٺي وئي. (مون کي ياد نه آهي منهنجو ڀاءُ اُن وقت ڪٿي هو) اِهو ايسٽر کان اڳ وارو صبح هو. ڏاڍو وڻندڙ ڏينهن هو. مون کي اڄ به ياد ٿو اَچي، ته اِئين ٿو سمجهان، ته ڄڻ هاڻي ڏسي رهيو آهيان. ڪيئن نه لوبان جو دونهون لوبان داني مان اُٿي، آهستي آهستي مٿي ترندو ٿي ويو ۽ گنبذ تائين وڃي ٿي پهتو، جتي سج جي ترورن سان گڏجي، لهرين جي صورت ۾ درين مان ٻاهر ٿي نڪتو. مان اُن نظاري ۾ محو ٿي ويس ۽ پهريون دفعو حياتيءَ ۾ منهنجي دل ۾ خدائي لفظن اَچي جاءِ ورتي. هڪ نوجوان، ديول جي وچ ۾ آيو ۽ وٽس ايڏو وڏو ڪتاب هو، جنهن کي ڏسي مان عجب کاڌو، ته هـُـو اُن کي مس کڻي سگهيو هوندو. هـُـن اُن کي پڙهڻ واري ميز تي رکيو. اُن کي کوليائين ۽ پڙهڻ لڳ، پر اوچتو پهريون دفعو مان سمجهيو، ته خدا جي ديول ۾ ڇا پڙهيو ويندو آهي. اُن جي ملڪ ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو، نهايت نيڪ، خدا شناس ۽ خدا ترس. کيس تمام گهڻي دولت هئي. اُٺ، رڍون ۽ گڏهه، جنهن کي ڏسي سندس ٻار ڏاڍا خوش ٿيندا هئا. هـُـو کين ڏاڍو پيار ڪندو هو ۽ اُنهن جي لاءِ دعائون گهرندو هو. هـُـو خيال ڪندو هو، ته ٿي سگهي ٿو، ته منهنجي ٻارن کان هن خوشيءَ ۾ ڪو گناهه ٿيو هجي. هاڻي شيطان خدا جي سامهون آيو ۽ کيس عرض ڪيائين، ته ”هـُـو زمين تي هيٺ ۽ مٿي ويو آهي. ” خدا کيس فرمايو ته، ”تو منهنجي ٻانهي حضرت ايوب عليه السلام(Jole) کي ڏٺو آهي. خدا تعاليٰ شيطان سان اُن جي وڏي تعريف ڪئي. شيطان کليو ۽ چوڻ لڳو ته، ”اهو ٻانهو منهنجي قبضي ۾ ڏي، تون ڏسندين، ته تنهنجو ٻانهو تنهنجي خلاف ٿي ويندو ۽ تنهنجو نالو ئي نه وٺندو. خدا تعاليٰ اُن نيڪو ڪار کي، جنهن کي هـُـو پيار ڪندو هو، شيطان جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو. شيطان سندس ٻارن ۽ ڍورن تي تباهي آڻي وڌي. سندس سموري دولت تباهه ٿي وئي. ڄڻ ته آسمان کان مٿن کنوڻ اَچي ڪري هئي. حضرت ايوب عليه السلام پنهنجي قبا کي ڦاڙيو ۽ زمين تي ڪـِـري پيو ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته، ”مان پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان اُگهاڙو آيو هوس ۽ اِئين ئي مان زمين جي پيٽ ۾ ويندس. خدا هيءُ سڀ ڪجهه ڏنو هو ۽ اُن ئي موٽائي ورتو. مبارڪ رهندو نالو خدا جو هميشھ ۽ هميشھ.“
مربيو ۽ اُستادو! هن وقت منهنجي اکين مان ڳوڙهن کي ڳڙندو ڏسي، معاف ڪجو. ڇاڪاڻ ته منهنجو ننڍپڻ وري منهنجي اکين جي سامهون سميٽجي آيو آهي. مان هاڻي اِهڙيءَ ريت ساهه کڻي رهيو آهيان، جيئن اُن وقت کڻندو هوس. بلڪل اِهڙي ريت جيئن اَٺن ورهين جي ٻار جو سينو تحرڪ ۾ هوندو آهي ۽ مان خوف، عجب ۽ خوشيءَ کي اِهڙيءَ ريت محسوس ڪريان ٿو، جيئن اُن وقت ڪندو هوس. اُن وقت اُٺَ منهنجي تصوير ۾ ڦرڻ لڳا ۽ شيطان، جنهن اِهڙيءَ ريت خدا سان گفتگو ڪئي هئي ۽ خدا، جنهن پنهنجي نيڪ ٻانهي کي تباهي جي هٿن ۾ ڏنو هو ۽ سندس ٻانهي پـُـڪاريو ٿي ته، ”مبارڪ آهي تنهنجو نالو، پوءِ ڇو نه مون کي سزا ڏني وڃي.“ اُن کان پوءِ ديول جو شيرين ۽ هلڪو گيت ٻـُـڌڻ ۾ آيو ته، ”مون کي پنهنجي عبادت ڪرڻ جي اِجازت ڏي. وري راهب جي لوبان دانيءَ مان لوبان جو دونهون اُٿيو ۽ هـُـو عبادت لاءِ گوڏن ڀـَـر ٿـِـي ويو. اُن کان پوءِ وري مان اُن کي پڙهيو ۽ پڙهندي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيس. ڪيتري نه عظيم، پـُـر اسرار ۽ عميق حقيقت اُن ۾ آهي. اُن کان پوءِ مان طعني ۽ شڪوي جا مغرور لفظ ٻـُـڌا ته، ”اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، ته خدا پنهنجي پيارن ولين کي شيطان جي سپرد ڪري ۽ تفريح سان ڏسي، ته هـُـو سندس ٻانهن کي ڪيئن ٿو نابود ڪري ۽ سندس جان کي زخمي ڪري، اِئين ڏسي ته چيچلائڻ سان ڪيئن ٿو پاڻ کي پاڪ ڪري ۽ خدا هي سڀئي قدم اِنهيءَ ڪري ٿي کنيا، ته هـُـو شيطان جي اڳيان پنهنجي خود نمائي ڏيکاري ۽ چوي ته، ”ڏس ته هن مرد مقدس کي مون سان ڪيڏي نه محبت آهي ۽ هـُـو ڪيڏيون نه مشقتون ٿو برداشت ڪري. ” پر هن سڄي ڳالهه جي عظمت هن ۾ آهي، ته هيءُ هڪ اسرار آهي. هن ۾ زميني ڏيکاءَ کي هميشھ واري حقيقت ۾ جمع ڪيو ويو آهي. زميني صداقت مان هميشھ واري صداقت حاصل ڪيو ويو آهي. خالق جيئن پيدائش جي پهرئين ڏينهن تي، هن تڪميل جي ساراهه ۾ چيو ٿي ته، ”جا شيءِ خلقي آهي، اُن ۾ چڱائي آهي، ” اُن جي مد نظر هـُـو ايوب کي ڏسي ٿو ۽ پنهنجي پيدائش جي تعريف ڪري ٿو. حضرت ايوب عليه السلام پنهنجي مالڪ جي تعريف ڪندي نه فقط سندس جلال ۽ عظمت جو ثبوت ڏنو، بلڪه سڄي ڪرم ڀري تقدير جو نسلاً بعد نسلاً اظهار ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس وجود جي فلسفي جو حاصل خدا جي تعريف ئي هئي. خدايا، ڪهڙو عمدو هيءُ ڪتاب آهي ۽ ڪهڙا نه عمدا سبق اُن ۾ ڏنل آهن! انجيل ڪهڙو نه عمدو ڪتاب آهي. ڪهڙو نه معجزو آهي. هن سان انسان کي ڪيڏي نه قوت حاصل ٿي ٿئي. ڄڻ ته هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ انسان، انساني فطرت ۽ اُن سان تعلق رکندڙ سڀني شين، لاءِ قانون موجود آهن. اُن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه اسرار ۽ مسئلا، ظاهر ۽ حل ڪيا ويا آهن. خدا تعاليٰ وري حضرت ايوب عليه السلام کي وڌايو ۽ کيس وري دولت عطا ڪئي. سال گذري ويا، کيس وري ٻيا ٻار ٿيا ۽ اُنهن کي محبت ڪرڻ لڳو. پر هـُـو ڪهڙي ريت نون ٻارن کي پيار ڪري ٿي سگهيو، جڏهن ٻيا ٻار وٽس نه رهيا هئا ۽ اُنهن کي وڃائي ويٺو هو. اُنهن کي ياد ڪندي، نون مان کيس ڪهڙي خوشي ايندي هئي، پوءِ ڇو نه کيس هي نوان پيارا هجن؟ پر کيس اِيئن ڪرڻو ٿي پيو. انساني زندگيءَ جو هيءُ وڏي ۾ وڏو راز آهي، ته پراڻو غم آهستي آهستي نئين خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جوانيءَ جو جوش ۽ خروش، پيريءَ جي آرام سان تبديل ٿي ويندو آهي. مان هر هڪ ڏينهن تي طلوع ٿيندڙ سج کي برڪت وارو سمجهندو آهيان ۽ منهنجي دل اُن سان اڳ ۾ ئي ملڻ لاءِ خوشيءَ جا راڳ ڳائيندي آهي. پر مان هاڻي سندس غروب ٿيڻ کي وڌيڪ پيار ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته اُن سان سندس طويل پاسيرن ڪرڻن ۾ هلڪيون ۽ نازڪ وقت جون گذريل يادگيريون اَچن ٿيون ۽ منهنجي طويل ۽ راحت ڀري زندگيءَ جون تصويرون اکين اڳيان ڦري وڃن ٿيون. اُن کان وڌيڪ اَبدي صداقت، خدا جي حقانيت ۽ عفو ياد ٿو اَچي. مان چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو، ته منهنجي حياتي پوري ٿي رَهي آهي. پر اُهي ڏينهن جي، منهنجي لاءِ بچيا آهن، اُنهن مان محسوس ٿو ڪريان، ته ڪيئن نه منهنجي زميني زندگي، هڪ نئين لامحدود ۽ اَڻ ڄاتل ايندڙ حياتيءَ سان شامل ٿيندي وڃي ٿي، جنهن جي نزديڪي کان منهنجو روح، خوشيءَ کان لرزندو رَهي ٿو. منهنجو خيال روشن آهي ۽ منهنجي دل راحت کان روئي ٿي.
دوستو ۽ اُستادو! مان گهڻو ئي ٻڌو آهي ۽ گهڻي وقت کان اَڪثر اِيئن ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته راهب، خاص طرح ڳوٺاڻا راهب، سڀني طرفن کان هيءَ شڪايت ڪندا رهن ٿا، ته سندس آمدني نه هئڻ برابر آهي ۽ سندن قسمت بدبختيءَ جهڙي آهي. هنن صاف طرح ظاهر ڪيو آهي، توڙي ڇپيل اشتهارن ۾، جن کي مون پڙهيو آهي، ته هـُـو انجيل جي تعليم چڱيءَ ريت ڏيئي نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته سندن پيدائش نهايت ٿوري آهي. جيڪڏهن لوٿر جا پوئلڳ ۽ سنياسي کين اوجهڙ ۾ وٺي ويندا، ته ڀلي وٺي وڃن، ڇاڪاڻ ته سندن شڪايت واجبي آهي. پر جيڪڏهن مان سچ چوان ته هن سڄي معاملي ۾ ڏوهه ڪنهن جو آهي، ته هيءَ سڄي غفلت اَسان جي آهي. ٿي سگهي ٿو، ته هنن وٽ وقت جي ڪوتاهي هجي ۽ هي به سچ چوندا هجن ته هـُـو سمورو وقت ڪم ۽ رسومات ۾ مشغول آهن، پر اُن هوندي به کين اَڃا به وقت آهي ۽ هـُـو فقط هڪ ڪلاڪ ئي خدا جي يادگيري ڪري سگهن ٿا. هـُـو سڄو سال، ته اِنهن ڪمن ۾ مشغول رَهي نه ٿا سگهن. هـُـو شام جو ئي، هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪي ڪلاڪ ماڻهو پاڻ وٽ گڏ ڪن. پهريائين فقط ٻارڙا ئي سگهي، جڏهن اُنهن جا پيءُ هيءَ خبر ٻڌندا ته هـُـو خودبخود ڇڪجي ايندا. هن لاءِ ڪن وڏن ڪمرن جي ٺهرائڻ جي ضرورت ڪانه آهي، ڀلي، ته هنن کي پنهنجي جهوپڙي ۾ وٺي وڃي. هـُـو اُتي فقط هڪ ڪلاڪ ئي هوندا. هـُـو سندس جهوپڙي کي خراب ڪونه ڪندا. هنن کي ڪتاب کولي، ڏکين لفظن ۽ آب و تاب وارن جملن جي بغير اُهو پڙهڻ گهرجي. کين، خاص ڪرم نوازيون جي ڏيارڻ بجا، پيار ۽ مهربانيءَ سان، اِنهيءَ خوشيءَ کي نظر رکي ته هـُـو سندن سامهون ڪتاب پڙهي رهيا آهن ۽ هـُـو ڌيان سان ٻڌي رهيا آهن، پنهنجي لفظن کي پيار ڪندي، هيءُ فقط اُتي ترسندا هلن، جتي هـُـو سمجهن، ته هـُـو ڳوٺاڻا ۽ جاهل هاري اُنهن لفظن کي نه ٿا سمجهن، پوءِ آُنهن جي سمجهاڻي ڏين. ڪو به انتظار نه ڪرڻ گهرجي. هـُـو پاڻهي سڀ ڪجهه سمجهندا. هڪ مذهبي رنگ جو قلب سڀ سمجهي ويندو! اُنهن جي اڳيان حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ بيبي ساران جي حقيقت پڙهڻ گهرجي، اسحاق ۽ ربيڪا بابت بيان ڪرڻ گهرجي. کين اِهو ٻڌائڻ گهرجي، ته ڪهڙيءَ ريت حضرت يعقوب عليه السلام لبنان ويو ۽ خواب ۾ خدا پاڪ کي چيو هئائين ته، ”هيءُ مڪان وحشت انگيز آهي.“ اِنهن ڳالهين جي ٻڌائڻ سان جاهلن جي دلين تي اَثر پوندو ۽ هـُـو قربانيءَ لاءِ تيار ٿي ويندا. اُنهن کي پڙهي ٻڌايو وڃي، خاص طرح ٻارن کي ته ڪيئن حضرت يوسف عليه السلام کي ڀائرن وڪيو هو. ڪهڙيءَ ريت هيءُ نازڪ ٻار، خواب جو تعبير ڪندڙ ۽ پيغمبر غلام بڻيو ۽ سندس ڀائرن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو، ته هڪ جهنگلي جانور کيس کائي ويو ۽ کيس اُن جا رت لڳل ڪپڙا ڏيکاريائون. کين هيءُ به ٻڌائجي، ته ڪيئن نه سندس ڀائرن وري اَن ملڻ جي لاءِ مصر جو سفر ڪيو. حضرت يوسف عليه السلام جو اُتي وڏو حاڪم هو، اُن کي هنن نه سڃاتو. کين تهمت هيٺ آندو ويو ۽ ايذاءُ ڏنو ويو ۽ پنهنجي ڀاءُ بن يامين کي حضرت يوسف عليه السلام پاڻ وٽ اَمانت طور روڪي ورتو. هيءَ سڄي ڪاروائي محبت جي باعث هئي. ۽ مان توسان محبت ٿو ڪريان ۽ هيءُ سڄو ايذاءُ محبت جي ڪري آهي. حضرت يوسف عليه السلام پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ هن ڳالهه کي ياد ٿي رکيو، ته سندس ڀائرن کيس هڪ واپاريءَ وٽ وڪيو ٿي. صحرا ۾ هڪ کوهه جي ڀرسان، هن ڪيئن نه هٿ مهٽي ۽ روئيندي، پنهنجي ڀائرن کي عرض ڪيو هو ته، اجبني زمين ۾ بطور غلام کيس وڪڻي نه موڪلين. ڪيئن نه ڪيترن ورهين کان پوءِ، کين ڏسي، حد کان وڌيڪ ساڻن محبت ڪرڻ لڳو. هن کين جو به ايذاءُ ڏنو ۽ ڊيڄاريو، سو سڀ محبت کان هو. پنهنجي دل جي تڪليف کي هـُـو سـَـهي نه سگهيو ۽ آخر کين آزاد ڪيائين ۽ سندن بستري تي ڪـِـري ۽ رُنو. پنهنجي ڳوڙهن کي اُگهي، هـُـو خوشيءَ مان وٽن ويو ۽ کين چيائين ته، ”ڀائرو، مان اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان.“ کين هيءُ به پڙهي ٻڌايو ته ڪيئن نه اڳتي هلي، سندس پيءُ پوڙهي حضرت يعقوب عليه السلام کي ٻڌي، هيءَ خوشي حاصل ٿي، ته سندس پٽ اَڃا جيئرو آهي. هـُـو ڪيئن نه، پنهنجي ملڪ کي ڇڏي مصر ۾ ويو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. اُن وقت هن پنهنجي عظيم پيشنگوئي ڪئي هئي، جا سندس معصوم دل ۾ سڄي حياتي پـُـراسرار طور مخفي رَهي هئي، ته سندس اولاد مان دنيا جي عظيم اُميد پيدا ٿيندي، جنهن جو نالو حضرت مسيح عليه السلام هوندو.
مربيو ۽ اُستادو! مون کي معاف ڪجو، ۽ غصي نه ٿجو، مان هڪ ننڍڙي ٻار وانگر بيبيندو رَهيو آهيان، جنهن کي اوهان گهڻي وقت کان ڄاڻو ٿا. مان اهو به ڄاڻان ٿو، ته اوهان سوين ڀيرا وڌيڪ جوش ۽ خروش سان تربيت ڏيئي سگهو ٿا. اوهان خوشيءَ مان ڳالهايو ۽ منهنجي ڳوڙهن کي معاف ڪريو، ڇاڪاڻ ته مان انجيل سان محبت ٿو ڪريان. خدا جي راهب کي، پڻ روئڻ گهرجي ۽ کيس يقين رکڻ گهرجي، ته اُن جي عيوض ۾ سندس ٻڌندڙن جون دليون زور سان ڌَڪ ڌَڪ ڪنديون. فقط هڪ ننڍڙي، ٻج جي ضرورت آهي. اُن کي هاريءَ جي دل ۾ وجهو، اُهو نه مرندو. هيءُ اُن جي روح ۾ وڌيڪ رهندو. اُهو گناهه جي اونداهيءَ جي وچ ۾ مخفي رهندو ۽ داغ وانگر پاڇيءَ جي صورت ۾ باقي رهندو. ڪنهن به گهڻي تربيت ۽ تشريح جي ضرورت نه آهي. هـُـو سڀ ڪجهه سمجهي ويندا. توهان اِيئن خيال ڪريو ٿا، ته هاري نه سمجهندا. ڪوشش ڪري کين حسين اَسٽر ۽ وشتي مغرور جي پـُـر اَثر آکاڻي ٻڌايو يا حضرت يونس جي مانگر مڇ جي پيٽ ۾ رهڻ واري ڳالهه کين پڙهي ٻـُـڌايو. اَسان جي مالڪ (حضرت مسيح) جي فرمودن کي نه وساريو. سينٽ ليوڪ جي انجيل مان، خاص طرح اُنهن کي چونڊيو (جيئن مون ٿي ڪيو) پڻ سائول جي سلطنت ۽ بي بي مريم مصري جي حقيقت، يعني اُن شهيد نيڪ بخت جو داستان، جنهن ۾ وڏي عظمت آهي، ٻڌايو ۽ اُنهن کي فراموش نه ڪريو. اوهان اِنهن سادين آکاڻين جي رستي، سندن دلين ۾ پيهي ويندا. اوهان پنهنجي مفلسيءَ جي باعث، کين هفتي ۾ فقط هڪ ڪلاڪ ڏيو. اوهان پنهنجو پاڻ ڏسندا ته اَسان جا ماڻهو نيڪ ۽ شڪر گذار آهن ۽ اُن جي عيوض ۾ سؤ بار وڌيڪ اوهان جا حق شناس ٿيندا. پنهنجي راهبن جي مهربانيءَ جي احساس کان ۽ سندن تاثير وارن لفظن کان، جي کانئن، هـُـو ٻڌندا هـُـو پنهنجو پاڻ کين ٻنين ۾ ۽ سندن گهرن ۾، اڳي کان وڌيڪ احترام سان مدد ڪندا. اُن ڪري سندن دنيائي حالت به سـُـڌري ويندي. هيءَ ڳالهه ايتري ته سادي آهي، جو ڪنهن وقت اُن کي لفظن ۾ وجهڻ کان به خوف ٿو ٿئي، ته متان اُن تي ڪو کلي نه ويهي. پر ڪيتري نه هن ۾ صداقت آهي! هـُـو ماڻهو جنهن کي خدا ۾ اعتقاد نه آهي، خدا جي انسانن ۾ به اعتماد نه ٿو رکي. اُهو، جو خدا جي انسانن ۾ اعتماد ٿو رکي، اُن جي مقدس ذات کي به ڏسي ٿو. فقط انسان ۽ سندن روحاني مستقبل واري طاقت، خدا جي منڪرن کي بدلائي سگهي ٿي، جن پنهنجي وطني زمين کان پاڻ کي ڇني ڇڏيو آهي.
باقي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي لفظن جي ٻڌڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي، جو جيستائين، اُن کي پنهنجي لاءِ مثال نه بڻايو ويو آهي. ماڻهو خدائي لفظن کانسواءِ گمراهه ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته سندن روح اُنهن لفظن جو پياسو آهي، جن ۾ فقط نيڪي ئي آهي.
گهڻو اڳي، جوانيءَ ۾، جنهن کي چاليهه ورهيه گذريا، مان راهب انعيم سان گڏ، هڪ مڙهيءَ واسطي، چندي گڏ ڪرڻ لاءِ، سڄي روس جو سفر ڪيو هو. هڪ رات اسان، هڪ وڏي آمدو رفت واري نديءَ جي ڪناري تي ڪن مهاڻن جي وچ ۾ گذاري سون. هڪ چڱي مهانڊي وارو ڳوٺاڻو ڇوڪرو، ارڙهن ورهين جي عمر وارو، اَسان سان اَچي گڏيو. هـُـو تڪڙ ۾ هو، ڇاڪاڻ ته کيس هڪ واپاريءَ جي ٻيڙيءَ کي ڇڪي، ڪناري تي آڻڻو هو. مان کيس سڌي نگاهه وارو، صاف ۽ نازڪ اکين وارو ڏٺو. هوءَ هڪ جولاءِ جي، روشن، گرم ۽ خاموش رات هئي. ڪشادي ندي مان ٿڌو ڪوهيڙو ٿي اُٿيو. اَسان مڇين جي غوطا خوريءَ جو آواز ٻڌي رهيا هئاسون ۽ پکي به خاموش هئا. سڀ ڪو سڪوت ۾ هو ۽ اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته ڪائنات خدا جي يادگيري ۾ مصروف آهي. اَسان ٻه، هـُـو ڳوٺاڻو نوجوان ۽ مان پئي جاڳياسون ۽ ننڊ نه ٿي آئي. شروع ۾ هر طرف کان جهان جوڙيندڙ جي جلال ۽ اُن جي اسرار تي بحث ڪيوسون. هن نقطي تي ويچار ڪيوسون ته هر سبزي، هر حيوان، تان جو ڪئلي ۽ سونهري ماکيءَ جي مک، جي عقل ۽ هوش کان محروم آهن، پاڻ کي سڃاڻن ٿا ۽ اسرار اِلاهي جا مظاهر آهن ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن. مان ڏٺو ته اُن عزيز ڇوڪري جي دل اُن کان متاثر ٿي. هـُـن مون کي ٻـُـڌايو ته هـُـو ٻيلن ۽ ٻيلي جي پکين کي بيحد پيارو گهرندو آهي. هـُـو پکين کي ڦاسائيندڙ هو ۽ سندن لاتين کي چڱيءَ ريت ڄاڻندڙ هو ۽ اُنهن جي قسمن کي سڃاڻندڙ هو. هن چيو ته، ”مان ٻيلي جي رهائش کي سڀ کان افضل سمجهندو آهيان، جيتوڻيڪ سڀئي جايون وڻندڙ آهن.“
مان کيس جواب ڏنو ته، ”تون سچ ٿو چوين. سڀئي شيون عمديون آهن، ڇاڪاڻ ته سڀني ۾ صداقت آهي.“ مان کيس چيو ته، ”هيڏي نهار! گهوڙو جو عظيم جانور آهي ۽ انسان کي نهايت قريب آهي ۽ هيٺاهون ۽ نماڻو ڏاند، جو انسان کي کارائي ٿو ۽ اُن لاءِ وَهي ٿو، اِنهن ٻنهي جي چهرن ۾ ڏس! ڪيڏي نه نماڻائي ۽ انسان لاءِ قرباني اَٿن، هو اَڪثر کين، بي رحميءَ سان ماري ٿو. ڪيڏي نه نيڪي، ڪيڏي نه محبت ۽ ڪيڏي نه خوبي! ڪيڏي نه هيءَ متاثر ڪندڙ حقيقت آهي، ته منجهن ڪو به گناهه نه آهي، پر اُن هوندي به انسان پنهنجي روش ۾ بي گناهه آهي. ڇاڪاڻ ته اُنهن سان به حضرت عيسيٰ عليه السلام، اَسان کان اڳ ۾ گڏ هو.“
”ڇو“، ڇوڪري پڇيو ته ”ڇا حضرت عيسيٰ عليه السلام به اُنهن سان گڏ آهي؟“
”اِهو وسهڻ ۾ ته نه ٿو اَچي، پر اِيئن آهي.“ مان کيس چيو. ”جيئن ته لفظ سڀ سان شامل آهي جنهن مان مطلب آهي، سڄي مخلوقات ۽ سڀئي شيون. هرڪو پن به اُن لفظ سان گڏ آهي. هـُـو خدا جي شان کي ڳائين ٿا ۽ حضرت مسيح وٽ روئن ٿا. هيءُ سڀ ڪجهه، بنا ڪنهن سمجهه جي ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هـُـو پنهنجي فرضن کي، پنهنجي گناهه کانسواءِ واري حياتيءَ سان پـُـراسرار طور پورو ڪن ٿا. ٻيلي ۾ خوفناڪ رڇ گهمي ٿو. وحشي ۽ انتقام وارو، پر اُن ۾ به معصوميت آهي. ” مان کيس ٻڌايو، ته ڪيئن نه هڪ ڀيري، هڪ رڇ، هڪ وڏي وليءَ جي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي آيو، جتي هن پناهه ورتي هئائين. هن عظيم وليءَ مٿس رحم جو اظهار ڪيو ۽ وٽس ويو ۽ کيس مانيءَ جو ٽڪر ڏنو. اِئين ڪندي کيس ڪو به خوف نه ٿيو. هن کيس چيو ته، ”هليو وڃ، حضرت عيسيٰ عليه السلام تنهنجو مددگار ٿيندو. ” وحشي جانور، نماڻائي ۽ اَدب سان هليو ويو ۽ ڪو به ايذاءُ نه ڏنائين. ڇوڪري کي ٻڌي خوشي ٿي، ته هـُـو وليءَ کي بنا ڪنهن تڪليف ڏيڻ جي هليو ويو. ڇاڪاڻ ته مسيح اُن سان گڏ هو. هن چيو ته، “هيءُ ڪيڏو نه دلڪش آهي ۽ ڪيڏو نه خدا جو هر عمل سهڻو ۽ دلڪش آهي.“ هـُـن ويٺي اُن جي مٺاس ۽ محبت جو مزو ورتو. مان ڏٺو ته هن سڄي حقيقت کي سمجهيو آهي. هـُـو پوءِ منهنجي پاسي ۾ سمهي پيو ۽ شيرين ۽ بي عيب ننڊ ۾ ڳهرجي ويو. خدا تعاليٰ نوجوانن کي برڪت وارو ڪري! مان ننڊ ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ اُن لاءِ دعا گهري ته، ”مالڪ پنهنجي اِنسان کي ساز ۽ سلوڪ بخش!“

باب ٻيو: مربي زوسيما جي جوانيءَ جون يادگيريون اِنهيءَ کان اڳ ۾ جو هـُـو راهب بڻيو

مان وڏو عرصو، قريباً اٺ سال پيٽرسبرگ جي ابتدائي فوجي اسڪول ۾ گذاريا. تعليم وٺڻ جي دوران ۾، اُتي جي چوڌاري شيون نظر آيون، اُنهن جو اَثر جيتوڻيڪ ٻاراڻي وَهيءَ جي سبب جهڪو ٿي ويو آهي، پر مان اُنهن کي وساري نه سگهيو آهيان. مان اُتي ڪيتريون ئي نيون عادتون ۽ رايا پرايا. مان هڪ سنگدل، وحشي ۽ ظالم بڻجي پيس. فقط سماج جي لاءِ مهرباني ۽ ٻيون رسمي ڳالهيون، مٿاڇري طور سکيم. اِهي به فرينچ زبان جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ.
اَسين سڀ ۽ مان به، ملازمت جي زماني ۾ سپاهين کي ڍورن وانگر سمجهندا رهياسين. مان هن معاملي ۾ ٻين کان وڌيڪ خراب هوس. ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي همراهن کان وڌيڪ حساس هوس. وقت گذرڻ تي اَسان آفيسر جي حيثيت ۾ اسڪول کي ڇڏيو. هاڻي اَسين فوج جي ناموس لاءِ، پنهنجي حياتين کي به قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئاسون پر اَسان مان ڪنهن کي به صحيح عزت ۽ ناموس جي سـُـڌ نه هئي. جيڪڏهن ڪو اُنهن مان هن کي ڄاڻي به ها ته به هـُـو پهريون ماڻهو هجي ها، جو اُن جو مذاق اُڏائي ها. شراب، زنا ۽ شيطانيت، اُهي شيون هيون، جن تي اَسان فخر ٿي ڪيو. مان اِيئن نه ٿو چوان ته اَسان سڀئي فطرتاً خراب هئاسون. هيءُ سڀ نوجوان چڱا ماڻهو هئا، پر سندن هلت خراب هئي ۽ مان ته اُنهن سڀني ۾ بڇڙو هوس. هن خرابيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو هو، جو مون کي پنهنجي به دولت هئي، اُن ڪري مان عيش ۽ عشرت جي زندگي ۾ ڪـِـري پيس ۽ جوانيءَ جي سڀني بدڪارين ۾ ڪاهي پيس.
مان پڙهڻ جو ڏاڍو شوقين هوس. پر هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، ته اُن مطالعي جي شوق هوندي به مان ڪڏهن به انجيل کي نه کوليو. جيتوڻيڪ مان هميشھ اُن کي پاڻ سان گڏ رکندو هوس ۽ اُن کان ڪڏهن به جدا نه ٿيس. حقيقت هيءَ آهي، ته مان اُن ڪتاب کي، ڪنهن گهڙي، ڪنهن مهيني ۽ ڪنهن سال جي لاءِ نگاهه ۾ ٿي رکيم. جيتوڻيڪ مان اُن کي نه ٿي سمجهيو.
چئن سالن جي هن زندگي کان پوءِ، مون کي ”ڪي“ شهر ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. جتي اَسان جي فوج جو دستو، اُن وقت اُتي مقيم هو. مان اُن شهر جي ماڻهن کي همدرد، شاهوڪار ۽ تفريح جو شوقين ڏٺو. مون کي اُتي جتي ڪٿي همدرداڻي آجيان ملي. جيئن مان زندهه دل طبعيت جو هوس ۽ دولتمند مشهور هوس، اُن ڪري وڏي مرحبا ٿي. ڇو ته دولتمنديءَ کي دنيا ۾ وڏي عزت حاصل آهي. اُن کان پوءِ اِهڙو اتفاق ٿيو، جنهن منهنجي لاءِ اهم حادثا پيدا ڪيا.
منهنجي هڪ حسين ۽ ذهين نوجوان ڇوڪريءَ سان واقفيت پيدا ٿي، جا هڪ اَميراڻي ۽ اعليٰ خاندان مان هئي. هوءَ اُن خاندان مان هئي، جنهن جي گهڻي عزت ٿي ڪئي وئي. هـُـو ماڻهو وڏي درجي ۽ اَثر وارا هئا. هـُـو هميشھ منهنجي همدرداڻي ۽ دوستاڻي مرحبا ڪندا هئا. مان عجب مان ڏسندو هوس، ته اُها نوجوان سکر ڇوڪري، مون کي هميشھ پيار سان ڏسندي هئي، ۽ منهنجي دل هن حالت کي ڏسي ڀڙڪي اُٿندي هئي. مون پوءِ ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح محسوس ڪيو، ته مان سندس محبت ۾ ايڏو بي تاب نه هوس، پر مان سندس قلب جي گهـَـرائي ۽ اخلاق کان واقف ٿيڻ ٿي گهريو. اِئين برابر آهي، ته مان اِئين ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيس. مان پنهنجي خود مطلبيءَ جي باعث کيس پنهنجي خواهش کي پيش ڪرڻ کان به رڪجي ويس. ڇاڪاڻ، ته مون کي هيءُ ڏکيو ٿي لڳو، ته هن جوانيءَ ۽ اقبال جي زماني ۾، زندگيءَ جي لطف، آزاديءَ ۽ عيش عشرت کان، پاڻ کي پري رکان. مان پنهنجي جذبات جي لاءِ ڪي اِشارا ضرور ڪيا، جيتوڻيڪ مان پنهنجي آخري فيصلي جي ڏاڪي کي ڪجهه وقت لاءِ مهمل ڪري ڇڏيو. اُن وقت اوچتو ئي اوچتو، اسان کي ٻن مهينن لاءِ، ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ وڃڻ جو حڪم مليو.
جڏهن مان موٽي آيس، ته اُن ڇوڪريءَ کي هڪ پاڙيسري، شاهوڪار زميندار سان پرڻيل ڏٺو. هو محبت جي لائق، ننڍي عمر وارو پر مون کان عمر ۾ وڏو هو. هـُـو پيٽرسبرگ جي اعليٰ سوسائٽي سان وابسته هو، جنهن سان مان ڳنڍيل نه هوس. هـُـو اعليٰ تعليم يافته هو ۽ مان نه هوس. مان هن اُميد جي خلاف معاملي کان ايترو، ته متاثر ٿيس، جو منهنجي دل ۾ غم جا ڪڪر ڇانئجي ويا. سڀ کان بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، جيئن مان پوءِ ٻـُـڌو ته، هـُـو نوجوان زميندار، ساڻس گهڻي وقت کان مڱيل هو ۽ سچ پچ مان ڪيئي ڀيرا، ساڻس، هن جي گهر ۾ مليو هوس. پر مان پنهنجي تصور ۾ ايڏو، ته اَنڌو ٿي ويو هوس، جو مان ڪجهه به نه ٿي سمجهيو. مان هن کي خاص طرح پنهنجي لاءِ ذلالت سمجهي. اَڪثر سڀني ماڻهن، هن کي سمجهيو ٿي پر مون کي ڪا به خبر نه هئي. مان اوچتو سخت جوش ۾ اَچي ويس. منهنجي چهري جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ مون کي ياد آيو، ته مان ڪيئن نه، پنهنجي محبت کي پڌري ڪرڻ واري منزل تي پهچي چـُـڪو هوس ۽ هـُـن ڪڏهن به اِها ڪوشش نه ڪئي ته مون کي اِيئن ڪرڻ کان روڪي يا خبردار ڪري. مان هن نتيجي تي پهتس، ته هوءَ سمورو وقت، مون تي کلندي هوندي. گهڻو پوءِ، بيشڪ مان خيال ڪيو ۽ ياد آندو، ته هوءَ منهنجي مٿان کلڻ کان گهڻو پري هئي. پر اُن جي خلاف هوءَ منهنجي محبت جي اظهار کي مذاق ۾ بدلائي ڇڏيندي هئي ۽ ٻين مضمونن تي ڳالهائيندي هئي، پر اُن وقت مان ايترو سوچي ئي نه سگهيس ۽ مون کي فقط انتقام جو انتظار هو. مان اُن ڳالهه کي ياد ڪري عجب ٿو کاوان، ته منهنجي غصي ۽ انتقام وارا جذبا، منهنجي پنهنجي فطرت جي ڪيڏو نه ابتڙ هئا. پنهنجي سادي ۽ عياش طبعيت جي باعث، مون لاءِ هيءُ ڏکيو هو، ته ڪنهن سان گهڻو وقت ڪاوڙيو رهان، اُن ڪري مون نقلي ۽ هٿرادو طرح، پاڻ کي تيار ڪرڻ لڳس ۽ آخرڪار باغي ۽ عقل کان خارج بڻجي ويس.
مان موقعي جو منتظر رهيس ۽ هڪ وڏي مجلس ۾، پنهنجي رقيب جي بي عزتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. مان سندس بي عزتي سندس راءِ تي، جا هڪ مکيه عوامي واقعي بابت هئي، عذر طور وٺي، تمسخر ڪئي! هيءَ 1826ع جي ڳالهه آهي، ماڻهن چيو ٿي، ته منهنجو اِهو مذاق، نهايت کـُـليل ۽ اَثرائتو هو. اُن کان پوءِ مان معافي وٺڻ لاءِ مٿس ايڏو ته زور وڌو ۽ ساڻس ايڏو ته ناروا هليس، جو عمر جي وڏي تفاوت هوندي به هن منهنجي مقابلي جي سـَـڏ کي قبول ڪيو. مان کانئس عمر ۾ ننڍو هوس ۽ مرتبي جي لحاظ کان به مان اُن جي مقابلي جهڙو نه هوس. مون کي پوءِ خبر پئي ته سندس حاسداڻي جذبات ئي کيس منهنجي مقابلي جي سڏ جي جواب لاءِ تيار ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته هـُـو پنهنجي شاديءَ کان اڳ ۾ پنهنجي زال جي ڪري مون سان حسد ڪندو ٿي رهيو. هو هاڻي منجهي پيو ته جيڪڏهن هـُـو مون کان دٻجي ويو ۽ پنهنجي بي عزتي جي باعث، منهنجي مقابلي جي سڏ کي نه ٿو قبول ڪري ته سندس زال اهو ٻڌي، متان کانئس نفرت ڪري ۽ اُن جي محبت ۾ غم اَچي وڃي. مون کي آسانيءَ سان شاهد ملي ويو، جو منهنجي فوجي دستي مان هو ۽ منهنجو دوست هو. اُن زماني ۾ هي شخصي مقابلا سخت ممنوع هئا ۽ اُنهن جي لاءِ سخت سزا هئي، پر اِهڙي قسم جا مقابلا، آفيسرن ۾ رسم ۽ رواج سمجهيا ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته سندن وحشياڻيون عادتون، منجهن گهريون هيون ۽ اُهي ڪڏهن ڪڏهن بـُـري طرح اُِڀري اينديون هيون.
جون جي پڇاڙي هئي ۽ اسان جو مقابلو هڪ ڏينهن، صبح جو ستين وڳي، شهر جي پسگردائيءَ ۾ رکيل هو. اُن وقت هڪ اِهڙو واقعو ٿي پيو، جنهن سچ پچ منهنجي حياتيءَ جي راهه کي ئي بدلائي ڇڏيو. شام جو جڏهن مان گهر موٽي رهيو هوس ۽ اُن وقت جوش ۽ وحشانيت جي حالت ۾ هوس، مان پنهنجي اَردلي آفناسي تي غصي ۾ اَچي ويس ۽ وڏي زور مان سندس منهن تي ٻه چماٽون وهائي ڪڍيم. اُهي ايڏيون، ته زور واريون هيون جو سندس منهن مان رت نڪري آيو. هـُـو منهنجي ملازمت ۾ ڪو گهڻي وقت کان نه هو. مان کيس اڳي به ماريو هو، پر ايڏو جوشيلو ۽ ظالماڻو نه. جيتوڻيڪ اُن کي چاليهه ورهيه گذري ويا آهن، پر جيڪڏهن اوهان مون تي اعتبار ڪريو، ته اڄ به اُن واقعي کي ياد ڪري، ندامت ۽ درد ٿو ٿئي. مان بستري تي ويس ۽ ٽي ڪلاڪ کن ننڊ ڪيم. مان جڏهن جاڳيس ته ڏينهن ٿي ويو هو. مان اُٿيس ۽ وڌيڪ وقت ننڊ ڪرڻ نه چاهيم. مان دريءَ ڏي ويس ۽ ان کي کوليم. اُها باغ جي طرف ٿي کـُـلي. مان ڏٺو ته سج اُڀري رَهيو آهي. هـُـو گرم ۽ سهڻو ٿي لڳو ۽ پکي پنهنجون لاتيون ڪري رهيا هئا.
مان خيال ڪيو، ته هن ڪائنات جو مقصد ڇا آهي؟ مان پنهنجي دل ۾ نفرت ۽ شرمندگيءَ کي محسوس ڪيو. ڇا هن جو مطلب ۽ مقصد اِهو آهي، ته مان رت هارڻ ٿو وڃان؟ مان خيال ڪيو، ته هـِـن جو اِهو مقصد نه آهي. ڇا اِيئن ٿي سگهي ٿو، ته مان موت کان ڊڄان ٿو ۽ خوف ٿو ٿئيم، ته ماريو ويندس؟ نه نه، اِئين نه آهي. اوچتو منهنجي سمجهه ۾ اَچي ويو. هيءَ جذبات جي ڪشمڪش اِنهيءَ لاءِ هئي ته مان گذريل شام تي، افناسي کي ماريو هو. منهنجي ذهن تي سڀئي ڳالهيون تـَـري آيون ۽ اُهي اِيئن ٿي لڳيون، ڄڻ ته وري دهرايون ٿيون وڃن. ڄڻ ته هـُـو منهنجي اڳيان بيٺو آهي، ۽ مان سندس منهن تي سنئيون سڌيون چماٽون هڻي رهيو آهيان. هـُـن پنهنجي ٻانهن کي زور سان لڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ سندس مٿو اِهڙي ريت سنئون آهي، ڄڻ پيريڊ ۾ بيٺو آهي. هـُـو هر هڪ ڌڪ کي ٿاٻڙندي برداشت ڪـَـري رهيو آهي. ۽ کيس اِها به طاقت نه رَهي آهي، ته هـُـو هـَـٿ مٿي کڻي پنهنجو بچاءُ ڪري. هيءُ هڪ انسان جو ڪارنامو هو، جو پنهنجي همجنس کي اِهڙي ريت ماري رَهيو هو. ڪيڏو نه گناهه جو ڪم ڪري رهيو هو. مان اِيئن سمجهيو، ته ڪنهن منهنجي اندر ۾ ڄڻ ته تيز ڌار وارو خنجر هڻي ڇڏيو آهي. مان اِنهيءَ خيال ۾ اِئين بيهي رَهيس، ڄڻ ته بلڪل ٻوڙو ٿي ويو آهيان. اُن وقت سج چمڪي رهيو هو، وڻن جي پنن مان خوشي ٿي نظر آئي ۽ پکي خدا جي ساراهه پنهنجي لاتين ۾ ڪـَـري رهيا هئا. مان پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪايو. بستري ۾ ڪـِـري پيس ۽ اکين مان ڳوڙهن جو طوفان جاري ٿي ويو. اُن وقت مون کي منهنجو ڀاءُ مارخيل ۽ سندس موت جي بستري ۾ چيل قول ياد آيو، جو هن پنهنجي ملازمن کي چيو هو:
”منهنجا عزيزو! اوهان منهنجي ايتري خدمت ڇو ٿا ڪريو ۽ مون سان ايڏي محبت ڇو ٿا ڪريو؟ ڇا مان ايتريقدر ۽ قيمت وارو آهيان، جو اوهان منهنجي ايڏي خدمت ٿا ڪريو؟“
”هائو، مان ايتري قيمت جو آهيان سهين؟ اِهو خيال منهنجي اندر ۾ جاڳيو. آخر مان ايتري قيمت جو آهيان سـَـهين جو ٻيو ماڻهو، منهنجو همجنس، جو مون وانگر خدا جو سايو آهي، منهنجي خدمت ڪـَـري؟ پهريون ڀيرو، منهنجي حياتيءَ ۾ هيءُ سوال، منهنجي اندر مان اُٿيو. مارخيل چيو هو: ”اَما، مان ۽ منهنجي ننڍڙي دل، اَسين سچ پچ سڀ جي لاءِ جوابدار آهيون. هي فقط انسان ئي آهي، جو ڳالهيون نه ٿو ڄاڻي. جيڪر هـُـو اُنهن کي ڄاڻي ته هيءَ دنيا هڪدم بهشت بڻجي وڃي.“
”خدايا هيءُ غلط ٿي سگهي ٿو؟“ جيئن مان رنس ٿي، ته هيءُ خيال آيو: ”شايد مان سڀني شين جي لاءِ، سڀ کان وڌيڪ جوابدار هوس ۽ جهان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڏوهاري.“ اوچتو سموري صداقت، پنهنجي مڪمل روشنيءَ سان، منهنجي سامهون ظاهر ٿي. مان ڇا ڪرڻ وارو هوس؟ مان هڪ نيڪ، قابل ۽ رئيس کي قتل ڪرڻ لاءِ ٿي ويس، جنهن مون کي ڪو به نقصان نه پهچايو هو. مان هن جي گهر واريءَ کي سڄي زندگي جي خوشيءَ کان محروم ڪري رهيو هوس. مان کيس عذاب ڏئي رهيو هوس ۽ قتل ڪرڻ لاءِ تيار هوس. اِهڙيءَ ريت مان بستري ۾ پيو رهيس ۽ منهنجو منهن وهاڻي تي هو. بنا ڪنهن ڌيان جي وقت گذرندو ٿي ويو. اوچتو منهنجو شاهد، پستول سان گڏ، مون کي وٺڻ لاءِ آيو.
”اڙي!“ هن چيو، ”هيءُ ڏاڍو چڱو ٿيو جو تون سوير جاڳيو آهين. اسان کي وقت سر هلڻ گهرجي، اَچ.“
مون کي خبر نه ٿي پئي، ته ڇا ڪرڻ گهرجي. مان بنا ڪنهن فيصلي جي هيڏي هوڏي تڪڙو ڦرندو رَهيس. ڪنهن به طرح، اَسان ٻاهر گاڏيءَ تائين وياسون.
مان کيس چيو ته هڪ منٽ ترس. مان جلدي موٽي ٿو اَچان. مون کان پنهنجو ٻٽون کڻڻ وسري ويو آهي.
مان اَڪيلو، سڌو ئي سڌو، افناسيءَ جي ننڍڙي ڪمري ڏانهن ڊوڙيس.
”افناسي“ مان چيو مانس، ”ڪالهه توکي مون منهن واريون چماٽون هنيون هيون، مون کي معاف ڪر.“
اهو ٻڌي، هـُـن اِهڙيءَ ريت ڇرڪ ڀريو، ڄڻ ته ڊڄي ويو آهي ۽ مون کي ڏسڻ لڳو. مان ڏٺو، ته اهو ڪافي نه آهي، اُن ڪري اُتي جو اُتي، سندس پيرن تي ڪري پيس ۽ منهنجو مٿو، زمين ڏانهن جهڪي ويو. مون وري به کيس چيو ته، ”مون کي معاف ڪر“.
اهو ڏسي هـُـو حيران ٿي ويو.
”جناب عالي.... سائين، هيءُ اوهان ڇا ٿا ڪريو، مان هن جي لاءِ لائق نه آهيان.“
هـُـو پوءِ روئڻ لڳو، جهڙيءَ ريت مان اڳ ۾ رُنو هوس. هن پنهنجي هٿن ۾ پنهنجي منهن کي لڪايو، دريءَ ڏانهن ڦريو ۽ سڏڪا ڀريندي ڏڪي رهيو هو، مان پنهنجي همراهه ڏي ڊوڙيس ۽ گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺس.
مان کيس رڙ ڪري چيو ته، ”مان تيار آهيان.“ کانئس پڇيم ته، ”تو ڪڏهن ڪو فاتح ڏٺو آهي؟ اُنهن مان هڪ تنهنجي سامهون بيٺو آهي.“
مان بيحد خوشيءَ ۾ هوس. ساڻس سڄي واٽ ڳالهائيندو ويس پر ياد نه اَٿم ته ڇا.
هن مون ڏي نهاريو ۽ چيو ته، ”ٺيڪ آهي ڀاءُ! تون بهادر آهين ۽ مون کي اُميد آهي، ته تون ورديءَ جوشان برقرار رکندين.
اِهڙيءَ ريت اَسان اُن جاءِ تي پهتاسون ۽ ٻيءَ ڌر کي اُتي بيٺل ڏٺو سون. اسان ٻارنهن قدم هڪ ٻئي کان پري بيٺاسون. هن کي پهريائين گولي هڻڻي هئي. مان راحت مان کيس ڏسندو رهيس. منهنجي نگاهه سندس منهن ۾ هئي. منهنجي اک به نه ڇنڀي. مان يڪ ٽڪ کيس پيار مان نهاريندو رهيس، ڇو ته مان ڄاتو ٿي، ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. هن جي گولي، منهنجي ڪن ۽ منهن جي پاسي کان گذري وئي.
مان رڙ ڪري چيو ته، ”خدا جو شڪر آهي، ته ڪو به نه مئو. ” مان کانئس پنهنجو پستول ورتو. ۽ مـُـڙي اُن کي پري جهنگ ۾ ڦٽو ڪيم.
مان وري به رڙ ڪري چيو، ته اِنهيءَ جي اِها ئي جاءِ آهي.
مان پنهنجي مقابل ڏي مڙيس ۽ چيومانس:
”مون کي معاف ڪر، مان هڪ نادان نوجوان آهيان. مان ڪنهن جنون سبب تنهنجي بي عزتي ڪري، توکي مجبور ڪيم، ته مون تي گولي هلائين. مان توکان ڏهه ڀيرا وڌيڪ بڇڙو آهيان ۽ شايد اَڃا به وڌيڪ. اِها حقيقت تون اُن کي وڃي ٻڌاءِ، جا توکي سڄي جهان کان وڌيڪ پياري محبوبا آهي.“
جيئن ئي مان هي لفظ چيا ۽ هـُـو ٽيئي منهنجي مٿان آواز ڏيڻ لڳا.
منهنجي حريف، غصي ۾ اَچي مون کي چيو ته، ”جيڪڏهن توکي وڙهڻو به نه هو ته تڪليف ڇو ڏني؟“
”ڪالهه مان بيوقوف هوس ۽ اڄ بهتر ٿو ڄاڻان. ” مان خوشيءَ مان کيس جواب ڏنو.
”ڪالهه لاءِ ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، پراڄ تنهنجي راءِ بابت اِيئن سمجهان ٿو ته سياڻو ٿي ويو آهين.“
”شاباس! ” مان تاڙي وڄائيندي چيو. مان توسان اِنهيءَ ڳالهه ۾ متفق آهيان.“
تون گولي هڻندين يا نه؟
”نه، جيڪڏهن تون چاهين، ته ٻيهر به مون تي گولي هلائي سگهين ٿو. پر چڱو ٿيندو ته اِئين نه ڪرين.“
منهنجو همراهه به رڙيون ڪري رهيو هو ته، ”ڇا تون فوجي دستي جي توهين ڪندين. تون پنهنجي مقابلي واري جي سامهون آهين ۽ اُن کان معافي گهري رهيو آهين! افسوس اِها خبر مون کي اڳ ۾ هجي ها.“
مان هاڻي سڀني کي منهن ڏئي بيهي رهيس پر کليم نه ٿي.
”عزيزو! ” مان کين چيو ته ”موجوده دور ۾ هي واقعي عجيب آهي ته ماڻهو پنهنجي بيوقوفي تي پڇتائي ۽ عام ۾ پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري؟“
”پر مقابلي جي دعوت ۾ ايئن نه ٿيندو آهي. ” منهنجي همراهه ۽ شاهد چيو.
”اِها ئي ته حيران ڪندڙ حقيقت آهي. ” مان کيس چيو. ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي غلطيءَ کي هتي ئي اَچي سمجهيو. هن جي گولي هڻڻ کان ٿورو اڳ ۾، جڏهن کيس وڏي گناهه ۾ مبتلا ڪرڻ ٿي گهريم. اسان پنهنجي حياتي کي بي سروپا بڻايو ۽ اِهڙي ريت هلياسون، جو ناممڪن هو، ڇاڪاڻ ته ٻارهن قدمن جي فاصلي تي، سندس گولي هڻڻ کان پوءِ ئي منهنجن لفظن جي ڪا قيمت ٿي پئي سگهي. جيڪڏهن اِهي لفظ مان اڳ ۾ چوان ها، ته هي چوي ها، ته هيءُ بزدل آهي. پستول کي ڏسي ڊڄي ويو آهي ۽ هن جي ڳالهه ڏي ڌيان نه ڏنو وڃي.
عزيزو! مان کين اوچتو چيو. لفظ ڄڻ، ته منهنجي اَندر مان چيرجي ٿي نڪتا. اوهان چوڌاري خدا جي نعمتن کي ڏسو. صاف آسمان، نرمل هوا، نازڪ گاهه ۽ پکي. فطرت حسين ۽ بي داغ آهي، پر فقط اسان گنهگار ۽ بيوقوف آهيون ۽ سمجهي نه سگهيا آهيون، ته اسان جي حياتي به خدا جي نعمتن مان آهي. اَسان کي فقط سمجهڻ گهرجي ۽ اَسان جي حياتي هڪدم فطرت جي حسن سان ڀرجي ويندي ۽ اسان هڪ ٻي کي ڀـَـاڪر ۾ وٺنداسون ۽ روئنداسون.
مان وڌيڪ چوان ها پر چئي نه سگهيس. منهنجو آواز جوانيءَ جي شيرين ۽ شگفتگيءَ کان رڪجي ويو. مان پنهنجي اندر ۾ لذت جي احساس کي اِهڙيءَ ريت محسوس ڪيو، جنهن کي حياتيءَ ۾ اڳي ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هيم.
منهنجي حريف مون کي چيو ته، ”هيءُ جو به ڪجهه ٿي رهيو آهي، اُهو اخلاقي ۽ منطقي آهي. ڪيئن به هجي، تون هڪ اصليت واري شخصيت آهين.“
”تون ڀلي کـِـل ” مان به کلندي کيس چيو، ”پر پوءِ تون هن کي ضرور قبول ڪندين.“
”اڙي، مان ته هاڻي به هن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ڇا تون مون سان هٿ ملائيندين، ڇاڪاڻ ته مون کي، تون هر حيثيت ۾ سچو ٿو نظر اَچين.“
”نه! ” چيومانس، “ هاڻي نه، پوءِ جڏهن مان اُن جي لائق ٿيس ۽ تنهنجي مرتبي جهڙو ٿيس، ته هٿ ملائينداسون، اِهو چڱو ٿيندو.“
اسان گهر ڏانهن موٽياسين. منهنجو همراهه گـُـر گـُـر ڪندو ٿي آيو ۽ مان کيس اُن وقت چميو. منهنجي سڀني رفيقن هڪدم هن ماجرا کي ٻـُـڌو ۽ اُن ڏينهن تي ئي سڀ گڏ ٿيا، ته منهنجي هلت بابت پنهنجو فيصلو ڏين.
هنن چيو ته، ”هن فوجي ورديءَ جي بي عزتي ڪئي آهي. کيس پنهنجي عهدي کان استعيفا ڏيڻ گهرجي.“
ڪي منهنجي طرف کان اُٿي بيٺا ۽ چيائون ته، ”هن گوليءَ جو مقابلو ڪيو آهي.“
”اِيئن برابر آهي“، هنن چيو، ”پر هـُـو ٻي گوليءَ کان ڊنل هو ۽ اُن ڪري ئي معافي ورتي اَٿائين.“
منهنجي طرفدارن کين چيو ته، ”جيڪڏهن هـُـو ٻي گولي کان ڊنل ٿئي ها، ته معافي وٺڻ کان اڳ ۾ پنهنجي گولي هڻي ها. مگر هـُـن اُن وقت پنهنجي گولين سان ڀريل پستول کي جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو.“
مان کين ٻڌي رهيو هوس ۽ نهاري به رهيو هوس. سندن گفتگو کان لطف اندوز ٿي رهيو هوس. کين چيم ته، ”دوستو ۽ رفيقو! اوهان کي منهنجي ڪميشن تان استعيفا ڏيڻ لاءِ مونجهه نه ڪرڻ گهرجي. مان اڳ ۾ اِيئن ڪري ڇڏيو آهي. مان پنهنجي ڪاغذن سا گڏ پنهنجي استعيفا، صبح سويري ڏياري موڪلي آهي. جڏهن مون کي بيدخل ڪيو ويندو ته مان، مڙهيءَ ۾ هليو ويندس. اِنهيءَ مقصد لاءِ مان فوجي دستي کي ڇڏي رهيو آهيان.“
مان جڏهن اِيئن چيو ته هر ڪو، اُنهن مان کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳا ته، ”اِها حقيت توکي اڳ ۾ ٻڌائڻ کپندي هئي، جنهن ڪري سڀ ڪا ڳالهه واضح ٿي وڃي ها. اَسان ڪنهن به راهب بابت فيصلو ڏيئي نه ٿا سگهون.“
هـُـو کلندا رهيا ۽ پاڻ کي روڪي نه سگهيا. سندن کلڻ نفرت کان نه پر ٻاجهارو ۽ خوشيءَ ڀريل هو. هـُـو هڪدم منهنجا دوست بڻجي ويا. اُهي به جي، منهنجي هلت کان سخت راءِ رکندڙ هئا. منهنجي بي دخليءَ کان اڳ وارا ۽ مهيني ۾، هـُـو مون تي بيحد مهربان رهيا.
هـُـو مون کي راهب ڪري سڏيندا هئا ۽ منهنجي لاءِ پيار جا لفظ ڪم آڻيندا هئا. هنن مون کي برغلائڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي مٿان رحم کائي چوندا هئا ته، ”تون ڪيڏو نه پاڻ سان ناحق ڪري رهيو آهين؟“
هـُـو چوندا هئا ته، ”نه هيءُ بهادر انسان آهي. هـُـن گوليءَ کي منهن ڏنو هو ۽ پنهنجي پستول مان به گولي هڻي ها، پر هن هڪ رات اڳ خواب ۾ ڏٺو هو، ته هـُـو راهب ٿيندو، اُن ڪري ئي، هن اِهو رخ ورتو هو.“
اِها ساڳي حالت شهر واسين جي هئي. مون سان هـُـو مروت ۽ مدار سان ته مليا ٿي، پر ڪو خاص ڌيان نه ٿي ڏنائون. پر هاڻي يڪايڪ سڀني کي خبر پئي پئجي وئي ۽ هـُـو مون کي مدعو ڪرڻ لڳا. هـُـو مون تي کلندا هئا پر ساڻس گڏ محبت به ڪندا هئا. مون کي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته جيتوڻيڪ اسان جي مقابلي بابت هر ڪو ظاهر ظهور گفتگو ڪندو ٿي رهيو، پر حڪومت اُن جي بابت ڪو به قدم نه کنيو. ڇاڪاڻ ته منهنجو حريف، اسان جي جنرل سان قريبي عزازت رکندڙ هو. جيئن ته ڪا به رتوڇاڻ نه ٿي هئي ۽ نه وري اُن مان ڪو اُگرو نتيجو نڪتو هو ۽ مان پنهنجي عهدي کان استعيفا به ڏئي ڇڏي هئي، اُن ڪري، حڪومت هن کي مذاق سمجهيو. هاڻي مان زور سان ۽ بيخوف سندن بي توقير مذاق تي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندن اِهو مذاق مهربانيءَ وارو هو ۽ اُن ۾ ڪا به نفرت نه هئي. هيءَ گفتگو اَڪثر شام جي وقت، بيگمن جي مجلس ۾ ٿيندي هئي. عورتون خاص طرح منهنجي گفتگوءَ کي ڌيان ڏئي ٻڌنديون هيون ۽ مردن کي به ڌيان ڏئي ٻڌڻ لاءِ رغبت ڏيارينديون هيون.
هـُـو مون ڏي نهاري کلندي چوندا هئا ته، ”اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ٻئي جي گناهه لاءِ، اَسان پاڻ کي جوابدار سمجهون. مثال طور: مان تنهنجي لاءِ جوابدار ڪيئن ٿي سگهان ٿو؟“
مان کين جواب ڏيندو هوس ته، ”اوهان شايد چڱيءَ ريت نه ڄاڻندا هجو. جيئن ته سڄي دنيا، عرصي کان راهه ئي ٻي اختيار ڪئي آهي، اُن ڪري اَسان ڪوڙ کي سچ سمجهون ٿا، ۽ ٻين کان به ڪوڙ جي ئي طلب ڪريون ٿا. جڏهن ته مان اتفاقاً پنهنجي حياتيءَ ۾ صداقت جو اظهار ڪيو آهي، ته اوهان سڀ مون کي چريو ٿا سمجهو. جيتوڻيڪ اوهان مون سان دوستاڻي انداز ۾ پيش اَچو ٿا، پر اُن هوندي به مون تي کلندا رهو ٿا.
منهنجي ميزبان عورت کلندي چيو ته، ”اسان دوستيءَ جي باوجود به تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهون ٿا.“ ڪمرو ماڻهن سان ڀريل هو. اوچتو هڪ نوجوان بيگم اُٿي بيٺي، جنهن جي باعث ئي، اِهو مقابلو ٿيو هو ۽ جنهن کي مان اڳي، پنهنجي ٿيڻ واري زال ٿي سمجهيو. مان کيس ڪمري ۾ ايندو نه ڏٺو هو. هوءَ اُٿي بيٺي ۽ مون وٽ آئي ۽ پنهنجا هٿ جهلي بيٺي.
”مان توکي ٻڌائڻ ٿي گهران، ” هـُـن چيو، ”مان اُها پهرين عورت آهيان، جا توتي نه کـِـلي آهيان. پر اُن جي بجاءِ، لـُـڙڪن سان تنهنجو شڪريو اَدا ڪريان ٿي ۽ تنهنجي لاءِ عزت جو اظهار ڪريان ٿي، تون ۽ تنهنجو ڪارنامو آفرين جي لائق آهي.“
هن جو مرد به هليو آيو ۽ ٻيا به اُن جي پٺيان ايندا ويا ۽ مون کي چـُـمڻ لڳا. منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وئي، پر منهنجو سڄو ڌيان وڃي هڪ وچولي عمر واري ماڻهو ڏانهن پيو، جو ٻين سان گڏجي مون ڏي وڌي آيو هو. مون کي سندس نالو ته اڳ ۾ ئي معلوم هو، پر ساڻس ڪڏهن به وافقيت نه ٿي هئي، نه وري اُن شام تائين هڪ ٻئي سان ڳالهايو هيوسين.

پـُـراسرار مهمان

هن گهڻي وقت کان شهر جي عملداري طبقي ۾ گذاريو هو. هـُـو اعليٰ رتبي تي هو ۽ سڀئي ماڻهو سندس عزت ۽ توقير ڪندا ٿي رهيا. هـُـو ڪافي دولتمند هو ۽ پنهنجيءَ سخا کان مشهور هو. هـُـو چڱي رقم چندي طور، خيرات خاني ۽ يتيمن جي پرورش گاهه ۾ ڏيندو هو. اُن کانسواءِ هـُـو ڏاڍي ڳجهي ۽ لڪائي خيرات ڪندو هو، جنهن جي خبر سندس مرڻ کان پوءِ پئي. سندس عمر پنجاهه سالن جي قريب هئي، ڏسڻ ۾ بيحد سخت ۽ گهٽ ڳالهائو هو. ڏهه سال اڳ، هن شادي ڪئي هئي ۽ سندس گهر واري اَڃا جوان هئي ۽ اُن مان کيس ٽي ٻار ٿيا هئا. خير، ٻي رات تي جيئن مان پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ اَڪيلو ويٺو هوس، دروازو اوچتو کـُـليو ۽ اهو سکر ماڻهو اندر گهڙي آيو.
مان هت، هيءُ ٻڌائڻ گهران ٿو ته مان هاڻي پنهنجي اڳئين جاءِ نه ٿي رهيس. جيئن ئي مان پنهنجي عهدي کان استعيفا ڏني، مان هڪ پوڙهي عورت کان ڪي ڪمرا وٺي اُن ۾ رهڻ لڳو هوس. هوءَ هڪ سرڪاري ڪلارڪ جي بيواهه هئي. جاءِ جي مالڪياڻيءَ جو خادم، منهنجي به خدمت ڪندو هو. مان هنن ڪمرن ۾ فقط هن لاءِ اَچي رهيو هوس، جو هـُـن مقابلي کان موٽڻ بعد، مان افناسي کي فوج ڏي موٽائي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته ساڻس آخري ملاقات کان پوءِ، سندس موجودگيءَ کان مون کي شرمندگي پئي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن دنيا جو انسان ايڏو ته ڪـِـريل آهي جو صحيح قدم کڻندي به کيس ندامت ٿي ٿئي.
منهنجي ملاقاتيءَ مون کي چيو ته، ”مان ٿورن ڏينهن کان مختلف گهرن ۾ توکي ڳالهائيندو ٻڌو آهي. مان آخر هي فيصلو ڪيو، ته توسان شخصي واقفيت پيدا ڪريان. جيئن مان توسان وڌيڪ دوستاڻو گفتگو ڪري سگهان. منهنجا عزيز، ڇا تون مون کي اِهڙي خدمت جي اِجازت ڏئي سگهين ٿو؟“
”مان ته هن کي پنهنجي لاءِ وڏي راحت ٿو سمجهان ۽ عزت. ” مان جيتوڻيڪ منجهيل هوس، پر اُن هوندي به کيس اِهو جواب ڏنم. ڇاڪاڻ ته هن ماڻهو جي آمد مون کي پهرئين ساعت ۾ ئي متاثر ڪيو هو. جيتوڻيڪ ٻين ماڻهن به مون کي دلچسپي ۽ ڌيان سان ٻڌو هو، پر مون وٽ ڪو به ماڻهو اڳ ۾ اهڙي نازڪ، مضبوط ۽ خوشگوار چهري سان ڪو نه آيو هو. پر هيءُ ئي ماڻهو مون کي منهنجي ڪمري ۾ ڏسڻ آيو هو. هـُـو ويهي رهيو.
هن چيو ته، ”مان ڏسان ٿو ته تون ڪردار جي قوت وارو ماڻهو آهين. تو وڏي همت سان صداقت کي پيش ڪيو آهي. اِئين ڪندي تو ماڻهن جي نفرت جو بار به پنهنجي سر تي کڻڻ گهريو آهي.“
”اوهان جي هيءَ تعريف، شايد مبالغي سان ڀريل هجي. ” مون کيس چيو.
هن مون کي چيو، ”هن ۾ ڪو به مبالغو نه آهي. مون تي اعتبار ڪر، اِهڙي ڪاروائي، خيال ڪرڻ ۾ به ڏکي آهي. اِنهيءَ ئي مون کي متاثر ڪيو آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو مان تو وٽ لنگهي آيو آهيان. ” هـُـو مسلسل ڳالهائيندو ويو. ”جيڪڏهن توکي منهنجي تحقيق جو شوق ناگوار نه ٿو لڳي، ته مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ ته جڏهن تو مقابلي جي وقت معافي ورتي هئي، ته تنهنجي دل تي ڇا گذري رهيو هو؟ منهنجي سوال کي ٻاراڻو نه سمجهه. هن سوال سان، منهنجو پنهنجو به هڪ راز ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن خدا گهريو ۽ اَسان هڪ ٻئي کي وڌيڪ قريب ٿياسون ته اِهو توکي پوءِ ٻڌائيندس.“
سڄو وقت اَسان ڳالهائيندا رهياسون. مان سندس منهن ۾ سنئون سڌو نهاري رهيو هوس ۽ مان هڪدم پرکي ورتو ته هيءُ ماڻهو اعتبار جي لائق آهي. منهنجي تحقيق جو شوق به وڌيڪ ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته مان سمجهي ورتو ته هن جي سيني ۾ ڪو وڏو راز لڪل آهي.
”تو، مون کان پڇيو آهي ته حريف کان معافي وٺڻ وقت منهنجي دل ۾ ڪهڙو احساس پيدا ٿيو هو. ” مان کيس جواب ڏنو. ”چڱو اِيئن ٿيندو، ته مان توکي شروع کان هي ڪهاڻي ٻڌايان، جا مون هن کان اڳي ڪنهن کي به نه ٻڌائي آهي. ” اُن کان پوءِ مون کيس سڀ ڪجهه بيان ڪري ٻڌايو. افناسي ۽ منهنجي وچ ۾ جو ڪجهه به گذريو هو، کيس ٻڌايم ته ڪهڙيءَ ريت مان سندس سامهون زمين تائين جهـُـڪي ويو هوس ۽ سندس پيرن تائين وڃي پهتو هوس. ”اِنهيءَ مان اوهان خود پاڻ نتيجو ڪڍي سگهو ٿا. ” مان گفتگوءَ کي ختم ڪندي چيو ته، ”مقابلي جي وقت اِيئن ڪرڻ بيحد آسان هو، ڇو ته مان اڳ ۾، اِنهيءَ ڳالهه جي ابتدا پنهنجي گهر ۾ ڪئي هئي. جڏهن ته مان هڪ راهه تي پنڌ پيو هوس، ته اڳتي وڌان ته پوءِ هيءُ منهنجي لاءِ مشڪل نه هو. پر اُٽلو منهنجي لاءِ خوشي ۽ راحت جو باعث هو.“
جيئن هو مون کي ٻـُـڌي رهيو هو، مان سندس نهارڻ جي طريقي کي پيار ٿي ڪيو. هن جواب ڏنو ته، ”هي سڀ ڪجهه، حد کان وڌيڪ دلچسپ آهي. مان توکي ڏسڻ لاءِ وري وري پيو ايندس.“
هن ملاقات کان پوءِ، هـُـو اَڪثر مون کي هر شام تي ڏسڻ ايندو هو. اَسان پاڻ ۾ دوست ٿي وياسون، پر هـُـن ڪڏهن به پنهنجي لاءِ ڪا به گفتگو نه ڪئي. هـُـو هميشھ لاڳيتو مون کان منهنجي بابت ئي پڇندو رهندو هو. هن کانسواءِ، مان سندس مشتاق بڻجي پيس ۽ ساڻس پنهنجي تمنائن بابت مڪمل وضاحت سان ڳالهائيندو رَهيس. مون خيال ڪيو ٿي ته هن جي راز جي ٻڌڻ جي آخر مون کي ضرورت به ڪهڙي آهي. مان ڏسان ٿو ته هـُـو نيڪ مرد آهي. هـِـن کان سواءِ مون خيال ڪيو ته، جيتوڻيڪ هـُـو پڪو ماڻهو آهي، پر مون کان عمر ۾ وڏو آهي. اُن هوندي به هـُـو پاڻ کان گهٽ عمر واري کي ڏسڻ اَچي ٿو ۽ مون سان برابري جهڙي هلت وٺي ٿو ۽ مان کانئس گهڻيون ئي فائدي واريون ڳالهيون پرايان ٿو، ڇو ته هـُـو مٿانهين دل وارو ماڻهو آهي.
هڪ ڏينهن هن مون کي اوچتو چيو، ”زندگي بهشت آهي، مان هن جي لاءِ گهڻو وقت خيال ڪندو رَهيو آهيان. ” هـُـن وري هڪدم چئي ڏنو ته، ”منهنجو سڄو فڪر، اُن ڏانهن متوجهه آهي.“ هن مون ڏي نهاريو ۽ مشڪيو. ”مان توکان وڌيڪ هن کان متاثر آهيان. ” اِهو مان توکي بعد ۾ ٻڌائيندس.“
مان کيس ڌيان ڏئي ٿي ٻـُـڌو ۽ سوچيم، ته کيس ڪجهه مون کي ظاهر ڪري ٻڌائڻو آهي.
”خدايا“، هن پنهنجي گفتگوءَ جي سلسلي کي جاري رکندي چيو ته، ”اِهو بهشت اَسان سڀني جي اَندر ۾ لڪل آهي... اِجهو هاڻي مون وٽ به اِهو بهشت موجود آهي. جيڪڏهن مون کي اُن جي خواهش رَهي، ته سڀاڻي به مون وٽ ظاهر ٿيندو ۽ هميشھ مون سان گڏ هوندو.“
مان هن ڏانهن نهاريو. هـُـو وڏي جوش سان ڳالهائي رهيو هو ۽ مون ڏانهن پـُـر اسرار نموني نهاري رهيو هو، ڄڻ ته مون کان ڪي سوال ڪري رَهيو آهي.
” ۽ اَسين سڀ ڪنهن شيءِ لاءِ، سڀ سان جوابدار آهيون ۽ اَسان جا گناهه اسان سان آهن. تون اِنهن ڳالهين جي سوچڻ ۾ ڪيڏو نه صحيح هئين. هيءَ ڪيڏي نه تعجب جهڙي ڳالهه آهي، جو تو سڀ ۾ ڪيئن هڪدم اُن جي شناخت ڪري ورتي. حقيقت به اِهائي آهي، ته جڏهن انسان آسماني شهنشاهيت کي سمجهي ٿو، ته اُهو اُن جي لاءِ خواب نه هوندو پر حقيقت.“
مان اُن جي تاثر کان رڙ ڪري چيو ته، ”پر اِها آرزو ڪڏهن پوري ٿيندي. ” ڇا اِيئن نه آهي ته اِهو فقط اسان جو خواب آهي؟“
”ڇا تڏهن، تنهنجو هن حقيقت ۾ اعتبار نه آهي؟ ” هن چيو. تون هن فڪر کي، ته رواج هيٺ آڻين ٿو، پر خود اُن ۾ اعتبار نه ٿو رکين. مون ۾ يقين رک ته جنهن کي تون خواب ٿو سڏين، بلاشبه تڪميل تي پهچي ويندو. اِيئن ٿيندو، پر هاڻي نه. ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن عمل جو پنهنجو پنهنجو قانون ٿئي ٿو. هي روحاني ۽ معنوي عمل آهي. دنيا ۾ تبديلي آڻڻ ۽ اُن کي وري نئين سر تخليق ڪرڻ لاءِ، انسان کي ڪنهن ٻي رستي تي نفسياتي طرح هلڻو پوندو. جيستائين تون، اُن جي عملي حقيقت ۾ صادق بڻجي، سڀ جو ڀاءُ نه بڻيو آهين، ڀائپي ۽ برادري ڪڏهن به نه ايندي. ڪا به سائنسي تربيت نه کپي، نه ڪنهن عوامي دلچسپيءَ جي ضرورت آهي. اِهي شيون ڪڏهن به انسان کي، ملڪيت ۽ مساوات جي مطابق، حصي وٺڻ جي لاءِ تيار نه ڪنديون. هر ڪو اِيئن پيو سمجهندو، ته سندس حصو اَڻپورو آهي ۽ هـُـو پيا اعتراض ڪندا، دانهون ڪندا ۽ هڪٻئي سان پيا وڙهندا رهندا. تو چيو آهي ته اِها آرزو ڪڏهن پوري ٿيندي، اِها پوري ٿيندي، پر اسان کي پهريائين علحدگي جي دور کان گذرڻو پوندو.“
”علحدگيءَ کان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ مون کانئس پڇيو.
”ڇا، علحدگي ته سڀ جاءِ تي پئي ٿي ڏسجي. اَسان جي دور ۾ ته عام آهي. جيتوڻيڪ هن اَڃا تائين پوري ترقي نه ڪئي آهي ۽ اَڃا پنهنجي حدن تي نه پهتي آهي. ڇاڪاڻ ته هرڪو، کانئس جيتري قدر ٿي سگهي ٿو، پنهنجي انفراديت علحده سمجهي ٿو ۽ سندس خواهش اِها آهي، ته جيتري قدر ٿي سگه ي، هـُـو زندگيءَ جون رعايتون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري. پر ساڳي وقت سندس هي ڪوششون، زندگي جي مڪمل رعايتن حاصل ڪرڻ بدران سندس تباهي جو سامان بڻجي وڃن ٿيون. خودشناسيءَ جي بجاءِ هي تنها بڻجي وڃي ٿو. اسان جي دور ۾ انسانيت گروهن ۾ ورهائجي وئي آهي. هي هڪ ٻي کان جدا پنهنجي پنهنجي لڪير جا فقير آهن. هر ڪو هڪٻئي کان دور آهي ۽ پاڻ کي لڪائيندو رَهي ٿو. جو ڪجهه به کيس ميسر آهي، اُهو ٻين کان لـِـڪائي ٿو. سندس خاتمو ٻين جي ڌڪار سان ٿئي ٿو، جنهن ڪري هـُـو ٻين کي به ڌڪاري ٿو. هـُـو پنهنجي لاءِ دولت جا ڍير گڏ ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته هـُـو ڪيڏو نه طاقتور ۽ سلامت آهي. هن جنون ۾ هيءَ ڳالهه هـُـو سمجهي ئي نه ٿو، ته جيئن جيئن وٽس دولت جا ڍير جمع ٿيندا وڃن ٿا، هـُـو پنهنجي نامردي جهڙي برباديءَ ۾ غرق ٿيندو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هـُـو پاڻ تائين محدود آهي ۽ پنهنجي اَڪيلائيءَ تي اعتماد ٿو رکي ۽ ٻين کان بلڪل جدا ٿي ويو آهي. کيس اِها تربيت ئي نه ملي آهي، ته هـُـو ٻين جي مدد ۾ يقين رکي. جڏهن ته هـُـو انسان ۽ انسانيت کان بيزار آهي، هـُـو فقط اِنهيءَ خوف کان لـَـرزندو رَهي ٿو، ته اِيئن نه ٿئي، ته هـُـو پنهنجي دولت وڃائي ويهي ۽ جي رعايتون هن حاصل ڪيون آهن، سي کانئس کسجي نه وڃن. اڄ ڪلهه پنهنجي حماقت کان انسان اِيئن نه ٿو سمجهي، ته صحيح طور تي سلامتي، فقط سماجي استحڪام ۾ آهي، نه افرادي، اڪيلائپ ۾. ڇاڪاڻ ته هن خطرناڪ انفراديت جو اَنت لازمي آهي. اوچتو هي سڀئي سمجهي ويندا، ته هيءُ ڪيڏو نه غير فطري عمل هو، جو هڪٻئي کان جدا ٿي رهيا آهيون. هيءَ وقت جو روح بڻجي ويندو ۽ انسان حيرت ۾ پئجي ويندا، ته هـُـو ڪيترو وقت نه روشنيءَ کان دور اونداهيءَ ۾ رهيا آهن. اُن وقت فرزندانِ انسان جي روشني آسمان تي طلوع ٿيندي.... پر اُن هوندي به اَسان کي اُن موقعي تي کپي، ته پنهنجي ڪاميابي جي جهنڊي جي حفاظت ڪريون. ٿي سگهي ٿو، ته ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن ۾ علحدگيءَ جو خيال اَچي وڃي ۽ سندس هلت ناروا ٿابت ٿئي، اُن لاءِ کپي ته ٻي کي اُن لاءِ مثال بڻجڻ گهرجي ۽ اُن جي روح کي علحدگي کان ٻاهر ڪڍي اَچي. کيس ڀائپي جو عمل پيش ڪري، جيئن اُهو عظيم مقصد فوت نه ٿئي.
اَسان جي هر هڪ شام، هڪٻئي پٺيان اڪثر اِهڙي قسم جي خوشگوار ۽ وڻندڙ بحثن ۾ گذري ويندي هئي. مان ڪنهن به مجلس ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان به گهٽ ملڻ لڳس. اُن کانسواءِ ماڻهن ۾ به مون بابت هاڻي چوپچو گهٽ ٿي وئي هئي. مان کين ڏوهاري سمجهي، هيءَ ڳالهه نه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته هـُـو مون سان اَڃا به محبت ڪري رهيا هئا ۽ نيڪ نيتيءَ سان ملندا ٿي رهيا. پر هن کان به انڪار ٿي نه ٿو سگهي، ته سماج ۾ وضعداري به هڪ وڏي طاقت آهي. مان پنهنجي پـُـراسرار ملاقاتيءَ کي پيار ۽ عزت سان ڏسڻ لڳس. ڇاڪاڻ ته مان سندس قابليت کان بهره ور ٿيڻ کانسواءِ، اِيئن سمجهڻ لڳس ته سندس ذهن ۾ ڪا رٿ آهي، جنهن تي ويچار ڪندو رَهي ٿو ۽ هـُـو پاڻ کي ڪنهن عظيم عمل جي لاءِ تيار ڪري رَهيو آهي. شايد هن پنهنجي مونجهاري ڀريل راز بابت مون کي ڪجهه به ٻڌائڻ پسند نه ٿي ڪيو. نه وري مان اِئين چاهيو ٿي، ته کانئس سنئون سڌو، اُن راز بابت پڇان. نه وري اُن بابت ڪو اِشارو ڪرڻ به پسند ٿي ڪيم. پر مون آخر ڏٺو، ته منجهس اِهڙا آثار اَچي موجود ٿيا آهن، جو مون کي ڪجهه ٻـُـڌائي. پهرئين ملاقات کان هڪ مهينو بعد، هي اُن لاءِ سچ پچ لازمي بڻجي پيو هو.
هڪ ڀيري هـُـن چيو ته، ”خبر اَٿئي ته ماڻهن ۾ اَسان جي بابت وڏي چوپچو آهي. هـُـو متعجب آهن ته مان اَڪثر، ڇو اوهان وٽ ايندو رهندو آهيان. پر کين عجب کائڻ ڏي. جلد ئي سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو.“
ڪڏهن ڪڏهن هـُـو غير معمولي جوش ۾ ڀرجي ويندو هو. اِهڙن موقعن تي گهڻو ڪري، هميشھ اُٿي بيهندو هو ۽ هليو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري، طويل چڀندڙ نگاهن سان مون کي نهاريندو هو ۽ مان سمجهندو هوس ته هـُـو، هاڻي ڪجهه مون کي چوندو، پر هـُـو اوچتو وري ڪن معمولي ڳالهين تي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. اَڪثر هـُـو مٿي جي سور جي شڪايت ڪندو رهندو هو.
هڪ ڏينهن، سچ پچ، بلڪل اُميد جي خلاف، جڏهن هـُـو نهايت جوش مان گهڻو وقت ڳالهائيندو رهيو، مان ڏٺو ته پيلو ٿي ويو آهي. سندس صورت بدلجي وئي ۽ پنهنجون اکيون مون ۾ کـُـپائي ڇڏيائين.
”خير ته آهي“، مان پڇيومانس. ”اوهان بيمار آهيو؟ ٿورو وقت اڳ هـُـن مٿي جي سور جي شڪايت ٿي ڪئي.“
”مان...... توکي خبر آهي..... خون ڪيو آهي.“
هـُـو اِيئن چئي مشڪيو ۽ سندس منهن چاڪ کان وڌيڪ سفيد ٿي ويو. ”شايد هـُـو انهيءَ ڪري مشڪي رهيو آهي. ” اِنهيءَ کان اڳي، جو مان ٻيو ڪجهه محسوس ڪريان، اِهو خيال، منهنجي اندر، بجليءَ وانگر پکڙجي ويو. مان پاڻ پيلو ٿي ويس ۽ رڙ ڪري چيومانس:
”تون اِهو ڇا ٿو چوين؟“
هـُـن ڦڪي مـُـشڪ سان چيو ”ها، مان ڪيڏي نه تڪليف سان اِهي پهريان لفظ چيا آهن. هاڻي مان چئي ويٺو آهيان ۽ سمجهان ٿو ته مان پهريون قدم کنيو آهي ۽ اڳتي وڌي سگهندس.“
مون کي ڪيتري وقت تائين سندس ڳالهه تي اعتبار ئي نه ٿي آيو. پر ٽن ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ، هـُـن مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. مان سمجهيو ته هـُـو پاڳل آهي. پر آخر ۾ مان کانئس بيحد متاثر ٿيس ۽ اُن جي لاءِ غم ۽ حيرت کي محسوس ڪيم. سندس گناهه عظيم ۽ خطرناڪ هو.

چوڏهن سال اڳ، هـُـن هڪ زميندار جي زال جو خون ڪيو هو. هـُـوءَ عورت دولتمند ۽ حسين نوجوان هئي. سندس گهر اَسان جي شهر ۾ هو. هيءُ سندس محبت ۾ ديوانو بڻجي ويو هو. هـُـن مٿس پنهنجي محبت جو اظهار ڪري، شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. پر هـُـن عورت اڳ ۾ ئي پنهنجي دل ٻي ماڻهوءَ کي ڏئي ڇڏي هئي، جو هڪ لائق خاندان مان هو. کيس چڱي نوڪري هئي ۽ آفيسر هو. هـُـو اُن وقت پري جنگ جي ميدان ۾ هو ۽ هن عورت کي اُميد هئي، ته هـُـو جلدي موٽي ايندو. هن سندس خواهش کان انڪار ڪيو ۽ کيس عرض ڪيائين ته هـُـو ملاقات لاءِ وٽس نه اَچي. جڏهن هن سان سندس ملاقات بند ٿي وئي، ته هـُـن سندس گهر بابت خبرچار رکڻ شروع ڪئي. هـُـو رات جي وقت، باغ جي رستي، ڇت تان ٽپي، گهر ۾ داخل ٿيندو هو ۽ هن جاچ جوچ لاءِ وڏي خطري ۾ پئجي ويندو هو. پر جيئن اَڪثر ٿيندو آهي، ته جڏهن گناهه غير معمولي دليريءَ سان ڪيو ويندو آهي، ته اُهو ٻين گناهن کان وڌيڪ ڪامياب ويندو آهي.
آسمان جي روشني ۾ دريءَ کان داخل ٿي، هـُـو ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويو ۽ هن اُميد ته هيٺيون دروازو، نوڪرن جي غفلت کان شايد کـُـليل هجي، اُتي پهتو ۽ اُهو کليل هو. هـُـو اونداهيءَ ۾ اُن جي بستري ڏانهن وڌيو، جتي روشني ٿي ڏٺي. اتفاقاًسندس ٻئي نوڪرياڻيون، سندس اِجازت کانسواءِ، سالگره جي مجلس ۾ هليون ويون هيون. سندس ٻيا نوڪر، پنهنجي ڪوٺين ۾ يا رڌڻي ۾ ستل هئا. کيس ننڊ ۾ ڏسي هن جا وحشي جذبا جاڳي پيا. انتقام ۽ حاسداڻي غصي، سندس دل جي مٿان قبضو ڪري ورتو. هڪ شرابي ۽ نشئي وانگر، هن پنهنجي چاقو کوليو ۽ سندس دل ۾ اِهڙيءَ ريت پيوست ڪيو، جيئن ڪا به دانهن نه ڪري سگهي. تنهن کانپوءِ هن شيطانيت ۾ مڪاريءَ جيان، ڪوشش ڪئي ته شڪ جو سڄو بار نوڪرن تي وڃي پوي. هـُـو ايڏو ته رذيل بڻجي ويو، جو سندس ٻٽون کڻي ورتو ۽ سندس وهاڻي جي هيٺان ڪنجي کڻي، سندس ٽجوڙي کي کولڻ گهريو ۽ اُن مان ڪن شين کي کڻڻ چاهيائين. اِهو اِنهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين، ته جيئن اِئين معلوم ٿئي، ته هيءُ ڪم ڪنهن اَڻ ڄاڻ نوڪر جو آهي. قيمتي ڪاغذن کي ڇڏي ڏنائين ۽ نقدي رقم کڻي ورتائين. هـُـن سون جون وڏيون شيون کڻي ورتيون ۽ ننڍيون شيون ڇڏي ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي ڏهه دفعا وڌيڪ هنن شين کان قيمتي هيون. هن ڪي شيون، اُتان پنهنجي يادگيريءَ لاءِ به کنيون. هن ڀوائتي فعل کان پوءِ هو، ساڳيءَ واٽ کان موٽي آيو.
نه وري ٻئي ڏينهن، خطرو جاڳيو، نه وري سڄي حياتي ۾ ڪنهن خيال يا گمان ڪيو، ته هيءُ ئي ڏوهاري آهي. ڪنهن کي به سندس محبت جي خبر نه هئي، ڇاڪاڻ ته هـُـو هميشھ گوشه نشين ۽ خاموش رهندو هو ۽ کيس دوست ئي ڪونه هو، جنهن وٽ پنهنجي دل جي روئداد کي کولي. مقتول عورت جو کيس فقط واقف ڪار سمجهيو ويو، نه قريبي دوست، ڇاڪاڻ ته هـُـو پوين ٻن هفتن ۾ ساڻس مليو ئي نه هو. عورت جي هڪ نوڪر تي جنهن جو نالو پيوٽر هو، يڪدم شڪ رکيو ويو ۽ ارباب اِهڙا هئا، جو شڪ کي پختگي ٿي ملي. ماڻهن کي خبر هئي سندس مالڪياڻي، هن ڳالهه کي ڳجهو نه رکيو هو. سندس مرضي هئي، ته نوڪرن مان هڪ کي ڀرتي ۾ موڪلي ۽ هـُـن اِرادو ڪيو هو، ته هن کي موڪلي ڏي. ڇاڪاڻ ته کيس ڪو به مٽ مائٽ ڪونه هو ۽ سندس هلت به غير تسلي بخش هئي.
مئخاني ۾ شراب جي نشي ۾، ماڻهن کيس، هيئن دڙڪو ڏيندي ٻـُـڌو هو، ته هـُـو، هن کي قتل ڪندو. هن جي موت کان ٻه ڏينهن اڳ ۾، هـُـو ڀڄي ويو هو ۽ خبر نه آهي ته شهر ۾ ڪنهن وٽ وڃي رهيو هو، خون کان هڪ ڏينهن پوءِ، سخت نشي جي حالت ۾ کيس شهر ڏانهن ايندڙ رستي تي لڌو ويو هو. سندس کيسي ۾ چاقو هيو ۽ سندس سڄو هٿ رت سان ڀريل هو. هن ٻڌايو ته سندس نڪ مان رت وَهي رهيو آهي، پر ڪنهن به مٿس اعتبار نه ٿي ڪيو. مقتول عورت جي نوڪرياڻين، هن ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته هـُـو برابر دعوت تي ويون هيون ۽ گهٽي وارو دروازو، جيستائين هـُـو موٽي آيون، کليل هو. ڪيترائي ٻيا ساڳي قسم جا تفصيل ظاهر ٿي پيا ۽ اُن معصوم بابت شڪ پيدا ٿي پيو.
کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس خون جو مقدمو قائم ڪيو ويو. گرفتاريءَ جي هفتي کان پوءِ قيدي تپ جي سبب بيمار ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ مري ويو. سندس موت جي باعث سڄو معاملو ختم ٿي ويو. ججن، حاڪمن ۽ شهر جي ماڻهن تي هيءُ پورو پورو اَثر پيو ته هيءُ سڄو ڪم اُن نوڪر جو هو، نه ڪنهن ٻئي جو. اُن بعد منهنجي لاءِ سزا شروع ٿي.
منهنجو پـُـر اسرار ملاقاتي، جو هاڻي منهنجو دوست هو، مون کي ٻـُـڌايو ته هـُـو ضمير جي آواز کان، پهريائين ڪنهن به تڪليف ۾ مبتلا نه هو. هـُـو گهڻي وقت تائين پريشانيءَ ۾ ضرور هو، پر اِنهيءَ واقعي جي باعث نه. فقط اِنهي ڏک کان ته هـُـن اُن کي ماريو هو، جنهن سان سندس محبت هئي. هاڻي هوءَ جهان ۾ ڪانه هئي. کيس مارڻ سان، هن پنهنجي محبت جو خون ڪيو هو. هوڏانهن سندس محبت جي آگ، اَڃا سندس رڳن ۾ موجود هئي. پر سندس خيال هن طرف نه ٿي ويو ته، هـُـن هڪ معصوم جو رت هاريو آهي ۽ پاڻ جهڙي انسان کي خون ڪيو آهي. سندس هي تصور ته سندس شڪار ڪنهن ٻي جي زال بڻجي ها، کانئس نه ٿي وسريو. اُن ڪري گهڻي وقت تائين، هـُـو پنهنجي ضمير کان مطمئن هو ته هـُـو، ٻيو ڪري ئي ڇا ٿي سگهيو؟
هـُـو پهريائين نوڪر جي گرفتاري تي پريشان هو، پر اُن جي بيماري ۽ موت کان پوءِ، هـُـو مطمئن ٿي ويو هو. هـُـن خيال ٿي ڪيو، اُن جو موت گرفتاري يا سندس خوف جي باعث نه ٿيو هو، پر اُن سردي کان، ٿيو هو، جنهن ڏينهن، هـُـو ڀڄي ويو. سڄي رات شراب پيئڻ ۽ گهميل زمين تي هئڻ سبب، سندس موت ٿيو هو. چوريءَ جي ڏوهه ۽ چوري جي شين کيس گهٽ تڪليف ٿي ڏني. اُن لاءِ سندس دليل هو ته هـُـن هيئن، چوريءَ جي خيال کان نه ڪئي هئي، پر شڪ ۽ شبهي جي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي، شهر ۾ اسپتال ٺهرائڻ لاءِ ڏيئي ڇڏي هئي. هـِـن اِهو اِنهيءَ لاءِ ڪيو هو، ته چوريءَ جي بابت سندس ضمير کي تسلي ملي وڃي ۽ اِها ٻڌائڻ جهڙي حقيقت آهي، ته هـُـو وڏي عرصي تائين مطمئن هو. هيءُ سڀ ڪجهه، هـُـن مون کي پاڻ ٻڌايو هو. هـُـو پوءِ پنهنجي قسمت ۽ زندگي کي ٺاهڻ لاءِ نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ وڏا وڏا ڪارناما انجام ڏنائين. هـُـن پاڻ کي مشڪل ۽ محنت ڀريل فرائض لاءِ پيش ڪيو، جنهن ۾ سندس ٻه سال گذري ويا. جيئن ته هـُـو مضبوط اِرادي جو ماڻهو هو، اُن ڪري کانئس ماضي وسري ويو. جيڪڏهن کيس ڪا يادگيري آئي به ٿي ته اُن کي ڪا به اهميت نه ٿي ڏنائين. هـُـو حد کان وڌيڪ سخي بڻجي ويو هو. هـُـن شهر جي ڪيترن اِدارن کي قائم ڪيو ۽ ڪيترن کي امداد ڏني. هـُـن ٻنهي گادين جي هنڌن، پيٽرسبرگ ۽ ماسڪو ۾ گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو ۽ خيراتي جماعتن جو ميمبر چونڊيو ويو.
ڪيئن به هجي، آخر هـُـو ماضيءَ تي سوچڻ لڳو ۽ هي سلسلو اُن جي لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويو. اُن کانپوءِ، کيس هڪ حسين ۽ ذهين ڇوڪريءَ جي محبت ڇڪي ورتو، جنهن سان هن شادي ڪئي. کيس اُميد هئي ته هيءَ شادي، سندس تنهائي جي پريشانين کي دُور ڪندي. نئين حياتيءَ ۾ قدم رکڻ سان، ۽ پنهنجي فرضن کي پوري ڪرڻ سان، جي سندس زال ۽ ٻارن جي طرفان عائد پئي ٿيا. هـُـو ماضيءَ جي يادگيرين کي بلڪل فراموش ڪري ڇڏيندو، پر سڀ ڪجهه اُن جي خلاف ٿي پيو. شاديءَ جي پهرئين مهيني ۾ هيءُ خيال کيس مسلسل ستائڻ لڳو. مان خيال ڪرڻ لڳس ته منهنجي زال مون کي پيار ٿي ڪري، پر ڇا ٿيندو، جي کيس اِها خبر پئجي وڃي؟ هن جڏهن مون کي پهريون ڀيرو ٻڌايو ته، ”هوءَ ٻار پيدا ڪري رَهي آهي ته هن کي بيحد روحاني تڪليف درپيش آئي“ ۽ چيائين ته، ”مون وٽ هڪ زندگي اَچي رَهي آهي، مان ته زندگي وَٺي چڪو آهيان. ٻارَ پيدا ٿيندا رهيا. مون کي همٿ نه پئي ٿي ته ساڻن محبت ڪريان، سندن تربيت ڪريان ۽ تعليم ڏياريان.“ مان سوچيو ٿي ته ڪيئن ساڻن اخلاق جون ڳالهيون ڪريان. مان ته رَتُ هاريو هو؟ هـُـو دلڪش ٻار هئا. هـُـو کين پيار ڪرڻ لاءِ سڪيو ٿي، پر سوچيائين ٿي ته، ”مان هنن جي مخلص ۽ معصوم چهرن ڏانهن ڏسي نه ٿو سگهان، مان اُنهن جي لائق نه آهيان.“ آخر مقتول جي خون، دهشت انگيز ۽ ڊيڄاريندڙ نظارا ڏيکارڻ شروع ڪيا، جن ۾ انتقام جي طلب هئي. کيس هاڻي خوفناڪ خواب نظر اَچڻ لڳا. پر جيئن ته هـُـو مصيبت ۾ تحمل ڪرڻ وارو هو، هن عذاب کي گهڻو وقت سهندو رَهيو ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته، ”مان هي عذاب سهندس، پر هـُـن راز کي ظاهر نه ڪندس. ” پر هيءَ اُميد به اَجائي هئي، جيئن وقت گذرندو ويو، هيءَ روحاني تڪليف به وڌندي رَهي.
هـُـو سماج ۾ پنهنجي خيرات جي سبب، نهايت عزت سان ڏٺو ويندو هو. جيتوڻيڪ سندس تاريخ ۽ سخت گير طبعيت لاءِ، هر ڪنهن کي شڪايت هئي، جيئن جيئن سندس عزت وڌندي وئي، تيئن تيئن، اُها، اُن جي لاءِ ناقابل برداشت بڻجي وئي. هـُـن مون سان اِهو به قبول ڪيو ته هـُـو خودڪشي لاءِ تيار ٿي ويو هو، پر ٻي انديشي، سندس ذهن ۾ اَچي جاءِ ورتي. جنهن انديشي کي هن پهريائين، تصور کان خارج ۽ اَڻ ٿيڻي پئي سمجهيو. آخر اُن انديشي سندس دل تي غلبو حاصل ڪري ورتو ۽ اُن کي لوڏي نه ٿي سگهيو. هـُـن سوچيو ته سڀني ماڻهن جي سامهون وڃي، هيءُ اقرار ڪري ته هـُـن خون ڪيو آهي. ٽي سال تائين اِهو خيال مٿس قابض رهيو ۽ جدا جدا رنگن ۾ کيس ستائيندو رهيو. آخر کيس يڪدلي سان هيءُ يقين اَچي ويو، ته جيڪڏهن، هيءُ پنهنجي گناهه جو اقرار ڪندو، ته سندس روح کي تسلي اَچي ويندي ۽ هميشھ لاءِ کيس سـُـڪون حاصل ٿي ويندو. مگر هن اعتقاد کيس خوف سان ڀـَـري ڇڏيو ته هـُـو ڪهڙي ريت اُن جي پوئواري ڪري سگهندو؟ تنهن کانپوءِ منهنجي مقابلي جو واقعو ٿي گذريو.
”توکي ڏسي، منهنجي اِرادي ۾ قوت اَچي وئي آهي.“
مان هن ڏي ڏٺو.
مان هٿن کي مهٽيندي چيو ته، ”ٿي سگهي ٿو ته اِهڙي غير معمولي واقعي، توکي اِهڙي محڪم فيصلي لاءِ تيار ڪيو هجي؟“
”ٽن سالن کان هي محڪم فيصلو، منهنجي دل ۾ وڌندو رَهيو آهي. ” هن جواب ڏنو. تنهنجي ڪهاڻي، هن کي آخري صورت ڏني آهي. توڏي نهاريندي مان پاڻ تائين پهتس ۽ پاڻ کي ملامت ڪيم ۽ توتي ريس آيم.“
”پر توتي ڪير اعتبار ڪندو؟ ” مان کيس چيو، ”واقعي کي چوڏهن سال گذري ويا آهن.“
”مون وٽ ثابتيون آهن، گهڻيون ئي ثابتيون، مان اِهي کين ڏيکاريندس.“
مان اُن وقت دانهون ڪرڻ لڳس ۽ کيس چيم.
هن مون کي چيو، ”مون کي فقط هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ، هڪڙي (ڄڻ ته سڀ ڳالهه مون تي رکيل هئي)، منهنجي زال ۽ منهنجا ٻار! منهنجي زال غم کان مري ويندي. جيتوڻيڪ منهنجي ٻارن جي رتبي ۽ ملڪيت ۾ ڪو به تفاوت نه پوندو. پر هـُـو هميشھ قاتل جا ٻار ٿي رهندا. مان سندن دلين ۾ پنهنجي لاءِ ڪيڏي نه بـُـري يادگيري ڇڏي ويندس!“
مان کيس ڪجهه به نه چيو.
”کانئن هميشھ لاءِ جدا ٿيڻو پوندو ۽ هميشھ لاءِ ڇڏڻو پوندو؟ ها هميشھ لاءِ، تون ڄاڻين ٿو هميشھ لاءِ.“
مان خاموش ويٺو رهيس ۽ چپ چاپ دعا ڪرڻ لڳس. آخر مان اُٿيس ۽ مون کي خوف ٿيڻ لڳو.
”چڱو“. هـُـن مون ڏي نهاري چيو.
”وڃ“ مان کيس چيو، ”اعتراف ڪر، هر ڪا شيءِ گذرڻ واري آهي ۽ فقط صداقت باقي آهي. تنهنجا ٻار هن حقيقت کي سمجهندا. جڏهن وڏا ٿيا، ته تنهنجي محڪم فيصلي جي عظمت کي ڄاڻندا.“
هـُـن اُن وقت مون کي اِئين ڇڏيو، ڄڻ ته اُن اِرادي تي محڪم آهي. اُن کانپوءِ هـُـو يڪو ٻه هفتا شام کانپوءِ، مون وٽ ايندو رهيو. جيئن ته هـُـن پاڻ کي اَڃا اُن منزل جي لائق نه ٿي سمجهيو، اُن عرصي ۾ پاڻ کي تيار ڪندو رَهيو. منهنجي لاءِ هن دل جو درد پيدا ڪري ڇڏيو. مان ڏٺو ته هـُـو هڪ ڏينهن محڪم اِرادي سان آيو ۽ مون کي صاف طرح چيائين ته:
”مان سمجهان ٿو، ته اِهو منهنجي لاءِ بهشت هوندو، جڏهن مان پنهنجي قبوليت ڏني. چوڏهن سال مان دوزخ ۾ هوس. مون کي هاڻي سزا وٺڻي آهي. ۽ برداشت ڪرڻو آهي ۽ آزاد ٿي رهڻو آهي. اوهان دنيا ۾ غلط ڪم ڪري، گذري سگهو ٿا، مگر اُهو موٽي نه ايندو. مون کي هاڻي نه پنهنجي پاڙيسرين سان پيار ڪرڻ گهرجي نه ٻارن سان. خدايا، منهنجا ٻار هن کي سمجهندا، ته مون کي پنهنجي سزا وٺڻ لاءِ، ڪيتري قيمت اَدا ڪرڻي پئي ۽ پوءِ هـُـو مون کي اُن لاءِ ڪو به ڏوهه نه ڏيندا. خدا طاقت جي اظهار ۾ نه آهي پر صداقت ۾ آهي!“
مان کيس چيو ته، ”سڀ تنهنجي قرباني کي سمجهندا. جيڪڏهن هنن هڪدم نه سمجهيو ته بعد ۾ سمجهندا. ڇاڪاڻ ته تو سچ جي پٺ ورتي آهي. سچ به اُهو جو نهايت مٿانهون آهي ۽ زميني نه آهي.“
هـُـو مطمئن ٿي هليو ويندو هو، پر ٻي ڏينهن وري، تڪليف زده، زرد ۽ مايوس ٿي ايندو هو.
هڪ ڏينهن هـُـن مون کي چيو ته، ”جڏهن به مان تو وٽ اَچان ٿو، ته تون مون کي جستجو جي نگاهن سان ڏسين ٿو، ڄڻ ته مون کي چوڻ گهرين ٿو، ته هـُـن اَڃا اعتراف نه ڪيو! ٿورو ترس، مون کي نفرت سان نه ڏس. اِيئن ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه نه آهي، جيئن تون سمجهين ٿو. تون وڃين منهنجي خلاف ته ڇا تون اِئين ڪندين؟“
هن کي تعجب سان نهارڻ کان وڌيڪ، مون کي اُن ڏي نهارڻ کان ئي خوف پئي ٿيو. مان انتظار کان بيمار ٿي پيو هوس ۽ منهنجو قلب ڳوڙهن سان ڀـَـرجي ويو هو. مان سڄي رات ننڊ ڪري نه سگهيس.
”مان هاڻي پنهنجي زال وٽان اَچان ٿو.“ هـُـو چوڻ لڳو ته، ”تون چڱيءَ ريت سمجهي سگهين ٿو، ته زال جي لفظ جو مطلب ڪهڙو آهي؟ جڏهن مان ٻاهر وڃڻ لڳس، ته ٻار مون کي چوڻ لڳا ته، ”خدا حافظ بابا سائين جلدي موٽي اَچ، اَسان کي ٻارن جو رسالو؟ پڙهي ٻڌايو. نه تون هن کي نه ٿو سمجهي سگهين. ڪو به ٻيو ماڻهو، ٻئي جي مصيبت کي سمجهي نه ٿو سگهي؟“
سندس اکيون چمڪي رهيون هيون ۽ سندس چپ ڏڪي رهيا هئا. اوچتو هـُـن پنهنجي مـُـٺ ميز تي هنئين، ميز تي جي به شيون هيون، ڄڻ رقصَ ۾ اچي ويون. هـُـو نهايت نرم دل هو ۽ هـُـن پهريون ڀيرو اِيئن ڪيو هو.
”ڇا هيءُ منهنجي لاءِ لازمي آهي؟“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”مون کي ئي اِيئن ڪرڻ گهرجي؟ ڪنهن جي مٿان به ڏوهه نه آيو آهي، نه وري ڪو منهنجي بجاءِ سزا لاءِ سائيبيريا ڏانهن موڪليو ويو آهي. هـُـو ته بخار جي وگهي مري ويو هو. منهنجي مٿان جو عذاب گذري چـُـڪو آهي، اُها اُن رت هارڻ جي سزا آهي، مون تي ڪو به اعتبار نه ڪندو، نه وري منهنجي ثابتين کي ڪو قبول ڪندو. مون کي اعتراف جي ضرورت به آهي؟ مان جو خون هاريو آهي، اُن جي سزا ۾ سڄي حياتي عذاب سهڻ لاءِ تيار آهيان، پر جيڪڏهن منهنجي زال ۽ ٻارن کي بچايو وڃي. ڇا هنن کي به مون سان گڏ برباد ڪيو ويندو؟ ڇا اَسان غلطي نه ڪري رهيا آهيون؟ هن حالت ۾ صحيح قدم ڪهڙو ٿيندو؟ ڇا ماڻهو هن کي مقبول شيءِ سمجهندا، ساراهه ڪندا ۽ عزت ڏيندا؟“
”خدايا!“ مان سوچيو، هيءُ هـِـن پوئين گهڙيءَ ۾ به ٻين جي عزت جو خيال ٿو ڪري! ” مون کي هن لاءِ پوءِ همدردي پيدا ٿي. مون کي سندس قسمت ۾ ڀائيوار ٿيڻ پسند هو، جيڪڏهن کيس اِها ڀائيواري آرام ڏئي سگهي ها ته. مان ڏٺو ته هـُـو پنهنجي حال ۾ نه آهي. مان حيران هوس. مان پنهنجي دل ۽ دماغ سان محسوس ٿي ڪيو، ته آخر سندس فيصلي جو مطلب ڪهڙو آهي؟
هن وري ڳالهايو ته، ”منهنجي قسمت جو فيصلو ڏي.“
”وڃ ۽ وڃي اعتراف ڪر! ” مان ڀڻڪندي چيو. منهنجو آواز ڪـِـري پيو هو پر مان اِرادي جي مضبوطي سان ڀڻڪيو. مان جديد انجيل کي ميز تان کنيو، جو روسي زبان ۾ ترجمو ٿيل هو ۽ کيس سينٽ جان جي آيت 12 ۽ شعر 24 ڏيکاريم.
”مان اوهان کي صداقت سان ٻڌايان ٿو ته جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين تي ڪري نه ٿو ۽ مـَـري نه ٿو تيستائين هـُـو اڪيلو ٿو رهي، پر جڏهن هـُـو مري ٿو تڏهن گهڻو ئي اَنُ ٿو ڏئي.“
هـُـن پڙهيو ۽ چيائين ته، ”اِهو سچ آهي“، پر زهرخند مشڪيو. ٻيهر چوڻ لڳو ته، ”هيءُ نهايت خطرناڪ آهي، جو تون اِهڙيون ڳالهيون ڪتابن مان ٿو چونڊين. اِهو ته آسان آهي، ته اِهڙيون ڳالهيون، ڪنهن ٻي جي سـَـر تي ٿڦيون وڃن. پر اِهي ڳالهيون لکيون ڪنهن آهن؟ ڇا اِهو ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪارنامو آهي؟“
”مقدس روح!“ هن کي لکيو آهي، مان کيس چيو.
”تنهنجي لاءِ هيءَ فضول گوئي آهي.“ هـُـو وري مشڪيو. سندس مشڪڻ مان نفرت ٿي ڏٺي.
مان وري ڪتاب کي کنيو ۽ اُن کي کوليم. اُن کي ٻي جاءِ تان پڙهڻ شروع ڪيم. يهودين جي خط جو حصو، باب 10 ۽ شعر 31. هـُـن پڙهيو.
”اِهو نهايت خطرناڪ آهي، جو پاڻ کي جيئري خدا جي هٿن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي.“
هـُـن پڙهڻ کانپوءِ، ڪتاب کي ڦٽو ڪيو. هـُـو مٿي کان وٺي پيرن تائين لرزي رهيو هو.
”خطرناڪ پڙهڻي! ” هن چيو. هن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته تو انتخاب صحيح ڪيو آهي.“

هـُـو ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو. ”خير “ هن چيو، ”خدا حافظ، مان وري نه ايندس. اسان وري خدا وٽ ملنداسون. مان چوڏهن سال زندهه خدا جي هٿن ۾ رهيو آهيان. انهن چوڏهن سالن لاءِ سوچڻ به وڏي ڳالهه آهي. سڀاڻي مان اُن کي عرض ڪندس ته هاڻي مون کي ڇوٽڪارو ڏي.“
مان چاهيو ٿي، ته اُن کي ڀاڪر ۾ وٺي چمان، پر مون کي اِها همٿ نه ٿي. سندس صورت سخت گير ۽ سنگين ٿي وئي هئي، هـُـو هليو ويو.
”خدايا! ” مان سوچيو، هيءُ ڪهڙي شيءِ کي منهن ڏيڻ لاءِ ويو آهي. مان مجسمي جي سامهون گوڏن ڀـَـر ٿيس ۽ بي بي مريم جي سامهون اُن جي لاءِ روئندو رهيس. جا اسان جي جلد بچاءُ ڪندڙ ۽ مددگار آهي. مان اَڌ ڪلاڪ ڳوڙها ڳاڙيندو رَهيس ۽ اُن لاءِ دعا گهرندو رهيس. دير ٿي وئي هئي، اَڌ رات جو وقت هو، دروازو کليو ۽ هـُـو وري اندر پيهي آيو. مان کيس ڏسي عجب ۾ پئجي ويس.
مان کانئس پڇيو ته، ”تون ڪٿي هئين؟“
هن چيو ته، ”مان سمجهان ٿو ته ڪجهه وساريو اَٿم. شايد رومال.... خير مون جيڪڏهن هت ڪجهه به نه وساريو آهي ته به گهڙي کن ترسندس.“
هـُـو ويهي رَهيو ۽ مان مٿس بيهي رهيس.
اَسان کي ويٺي اَڃا ٻه منٽ مس گذريا هئا، جو هـُـن اِرادي سان مون ڏي نهاريو ۽ يڪايڪ مشڪي ويٺو. مون کي ياد اچي ويو، هـُـو اُٿي بيٺو، مون کي ڀاڪر پاتائين ۽ جوش مان چمڻ لڳو.
”ياد رک!“هن چيو، ”مان ڪيئن نه ٻيو ڀيرو تو وٽ آيو آهيان. ٻڌين ٿو. هن کي ياد رکج“.
هـُـو ٻاهر هليو ويو.
”سڀاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. ”مان خيال ڪيو.
اِيئن ئي ٿيو. مون کي خبر نه هئي ته هن شام کان پوءِ ڏينهن تي ڪو سندس ڄمڻ جو ڏينهن هو. مان ٻه ٽي ڏينهن ٻاهر نه نڪتو هوس، اُن ڪري، اُن جي بابت ڪجهه به ٻڌي نه سگهيو هوس. سندس ڄمڻ واري ڏينهن تي وٽس ماڻهن جو وڏو مجموعو گڏ ٿيندو هو. شهر جو سڀڪو ماڻهو اُن ۾ شامل ٿيندو هو. رات جي ماني کان پوءِ، هـُـو هڪ ڪاغذ کڻي، ڪمري جي وچ ۾ آيو. اُن ۾ رسمي طور تي هڪ گذارش هئي، جا هن پنهنجي محڪمي جي آفيسر لاءِ لکي هئي، جو اُتي موجود هو. هـُـن اُن گذارش کي وڏي آواز سان مجموعي ۾ پڙهيو. جنهن ۾ ڏوهه بابت حقيقت پوري تفصيل سان ڏنل هئي.
”مان ماڻهن کان هڪ بلا جي صورت ۾ جدا ٿي وڃان ٿو. خدا مون سان ملاقات ڪئي آهي. ” هن آخر ۾ چيو ته ”مان چاهيان ٿو ته پنهنجي گناهه جي لاءِ سڀ ڪجهه برداشت ڪريان. ” اُن کان پوءِ هـُـو اُنهن سڀني شين کي کڻي آيو، جي هـُـن چوڏهن سالن کان وٺي سانڍي رکيون هيون. جنهن لاءِ هن خيال ڪيو ٿي ته سندس ڏوهه کي هي ثابت ڪنديون. اُهي هيرا جي، هن پنهنجي ڏوهه کي ڇپائڻ لاءِ، مقتول عورت جا چورايا هئا. صليب ۽ ليڪٽ، جنهن ۾ سندس مڱيندي جي تصوير هئي ۽ سندس هڪ نوٽ بـُـڪ ۽ ٻه خط. اُنهن مان هڪ خط سندس مڱيندي جو هو، جنهن ۾ هـُـن کيس لکيو هو ته هـُـو وٽس جلدي پهچي ويندو ۽ ٻيو اُن مقتول عورت جي نالي تي خط هو، جو هـُـن ميز تان کنيو هو، جنهن کي هوءَ ٻي ڏينهن تي مڱيندي ڏانهن موڪلڻ واري هئي. هـُـن اُهي ٻه خط ڇو کنيا هئا، اُن مان سندس مطلب ڪهڙو هو؟ هن اُنهن خطن کي چوڏهن سالن تائين ڇو سانڍيو هو، حالانڪه هي ڏوهه جا ثبوت هئا ۽ هـُـن اُنهن کي، ايڏي طويل عرصي ۾ ڇو نه تباهه ڪري ڇڏيو هو؟
اُن کان پوءِ هيئن ٿيو. هر ڪو نه فقط عجب ۾ پئجي ويو پر خوف سان ڀرجي ويو. هر ڪنهن اُن جي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ خيال ڪيائون ته ڪا بيماري ٿي پئي اَٿس. اگرچه کيس سڀني پوري توجهه سان ٻـُـڌو هو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هر گهر ۾ هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته هيءُ بدبخت انسان چريو ٿي پيو آهي. قانوني اختياري وارن هن مقدمي کي وٺڻ کان ته انڪار نه ڪيو، پر جلد ئي هٿ ڪڍي ورتو. جيتوڻيڪ چوريءَ جي شين ۽ خطن کين مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو، پر اُن هوندي به هنن سوچيو ته جيتوڻيڪ کڻي هي شيون حقيقي به هجن، تڏهن به فقط هنن تي ڪو به فيصلو ٿي نه سگهندو. ٿي سگهي ٿو ته هـُـن اِهي شيون کيس دوست جي حيثيت ۾ ڏنيون هجن، يا کيس سنڀال لاءِ سونپيون هجن. مان پوءِ ٻڌو ته، جيتوڻيڪ مقتول عورت جي دوستن ۽ عزيزن، اُنهن شين جي موجودگيءَ کان، معاملي جي تهه تائين وڃي، شڪ کي يقين تائين پهچايو، پر اُن هوندي به ڪو نتيجو نه نڪتو.
پنجن ڏينهن کانپوءِ، سڀ ڪنهن ٻڌو ته هـُـو بيمار آهي ۽ سندس حياتي خطري ۾ آهي. کيس بيماري ڪهڙي هئي، مان اُن کي ٻـُـڌائي نه ٿو سگهان. ماڻهن ٻڌايو ٿي ته کيس دل تي حملو ٿيو آهي. هيءَ به خبر پئي ته سندس زال ڊاڪٽرن کي راضي ڪيو، ته سندس ذهني حالت جو به معائنو ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر هن نتيجي تي پهتا، ته هيءَ جنون جي بيماري آهي. مان ڪا به ڳالهه نه ڪئي. جيتوڻيڪ ماڻهو مون ڏي پڇڻ لاءِ ڊوڙندا ٿي آيا، پر مان جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ گهري، ته مون کي گهڻي وقت تائين اِجازت نه ڏني وئي. سڀ کان وڌيڪ سندس زال جي مرضي نه هئي.
”تون ئي سندس بيماريءَ جو سبب آهين“ هن چيو. ”هـُـو هميشھ اُداس رهندو هو. پر گذريل سال کان ماڻهن ڏٺو ته هـُـو خاص طرح بي چين هو ۽ کانئس عجيب شيون ظهور ۾ اينديون ٿي رهيون. هاڻي تون ئي سندس بربادي جو سبب بڻيو آهين. تنهنجي واعظ، کيس هن حالت تي پهچايو آهي. گذريل مهيني ۾ هـُـو توسان گڏ پئي رهيو آهي.“
سچ پچ ته سندس گهر واري، پر سڄو شهر مون تي چڙهي آيو ۽ مون کي اُن جو ڏوهه ٿي ڏنائون. ”هيءُ سڀ تون ئي ڪري رهيو آهين.“ هـُـو چوڻ لڳا. مان خاموش ٿي ويندو هوس پر دل ۾ خوش ٿيندو هوس. ڇاڪاڻ ته مان هن ماڻهوءَ لاءِ صاف خدا جي رحمت ٿي ڏٺي، جو پاڻ کي ڏوهاري سمجهي، سزا جي لاءِ تيار ٿي ويو هو. مان سندس ديوانگي جو قائل نه هوس.
آخر هنن مون کي سندس ملاقات جي اِجازت ڏني. هن خود، هنن تي زور آندو، ته هـُـو مون کي خدا حافظ چوي. مان وٽس ويس ۽ ڏٺم ته نه فقط ڏينهن پر گهڙيون سندس باقي آهن. هـُـو ڪمزور ۽ پيلو ٿي ويو هو. سندس هٿ ڏڪيا ٿي ۽ مشڪل سان ساهه ٿي کنيائين، پر سندس چهرو روشن ٿي نظر آيو ۽ خوشيءَ جي جذبات سان ڀريل.
”معاملو ختم ٿي ويو! ” هن چيو، ”مان ڪيتري وقت کان تنهنجي ڏسڻ لاءِ پئي سڪيس. تون ايندو ڇو نه هئين؟“
مان کيس اهو نه ٻڌايو ته مون کي سندس ڏسڻ لاءِ اِجازت نه ٿي ڏني وئي.
”خدا تعاليٰ منهنجي مٿان رحم ڪيو آهي ۽ مون کي پاڻ ڏانهن گهرائي ٿو. مان ڄاڻان ٿو، ته مان مران ٿو، پر مان ڪيترن سالن کان پوءِ خوشي ۽ دل جو سڪون حاصل ڪيو آهي. هاڻي مون ۾ همٿ پيدا ٿي آهي، ته پنهنجي ٻارن کي پيار ڪريان ۽ کين چـُـمان. نه منهنجي زال، نه ججن، نه وري ڪنهن ٻي، هن ڳالهه تي اعتبار ڪيو آهي. منهنجا ٻار به ڪڏهن هن حقيقت تي اعتبار نه ڪندا. مان هن ۾ مٿن خدا جي رحمت ٿو سمجهان. مان مري ويندس پر منهنجو نالو هنن جي لاءِ داغ نه رهندو. مان هاڻي خدا کي قريب ٿو سمجهان ۽ منهنجي دل هاڻي اِيئن خوش آهي، ڄڻ ته بهشت ۾ آهي. مان پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي.“
اسان گهڻو وقت ڳالهائي نه سگهياسون، ڇو ته سندس زال اَسان کي ڏسي رَهي هئي، پر هـُـو اُن هوندي به ڀڻڪندو رَهيو.
”توکي ياد هوندو، ته اَڌ رات جي وقت مان توڏي ٻيهر آيو هوس. مان توکي چيو هو ته ياد رکجانءِ. توکي خبر آهي ته مان توڏي ڇو موٽي آيو هوس؟ فقط توکي مارڻ لاءِ!“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
”مان توکان موڪلائي اوندهه ۾ هليو ويس. مان پاڻ سان جهڳڙندو گهٽين ۾ رُلندو رهيس. اوچتو مان توکي نفرت سان ڏسڻ لڳس. ايتري قدر جو مان اُن کي برداشت ڪري نه سگهيس. مان خيال ڪيو، ته هن ئي مون کي ٻـَـڌي قابو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هيءُ ئي منهنجو جج آهي. مان سڀاڻي پنهنجي سزا وٺڻ کان ڪڏهن به انڪار ڪري نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته هيءُ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. مون کي هن کان ڪو به خوف نه هو، ته تو مون کي راهه کان بيراهه ڪيو آهي (مان اُن جو خيال به نه ٿي ڪري سگهيس) پر مان خيال ٿي ڪيو، ته هاڻي مان جيڪڏهن اعتراف نه ٿو ڪريان، ته سندس منهن ۾ ڪيئن نهاري سگهندس؟ اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن تون هت نه به هجين ها، دنيا جي ڪنهن دور دراز گوشي ۾ هجين ها، ته به ڳالهه ساڳي ٿئي ها. هيءُ خيال برداشت کان ٻاهر هو، ته تون جيئرو هجين، سڀ ڪجهه ڄاڻندو هجين ۽ مون کي ڏوهاري سمجهندو رهين. مان توکي هن جو سبب سمجهي ڌڪارڻ لڳس ۽ سمجهيم، ته هن سڄي ڳالهه جو ڏوهي تون آهين. مان اُن ڪري ٻيهر تو وٽ موٽي آيس. مون کي ياد آيو، ته تنهنجي ميز تي هڪ خنجر رکيو آهي. مان ويهي رهيس ۽ توکي به ويهڻ لاءِ چيم. مان هڪ منٽ کن منجهي ويس. مان جيڪڏهن توکي ماريان ها ته هن قتل جي باعث برباد ٿي وڃان ها، جيتوڻيڪ ٻي جي لاءِ ڪا به منهنجي قبوليت موجود نه هئي. پر مان اُن جي بابت ڪجهه به نه سوچيو، ڇاڪاڻ ته اُن مهل مون اِهو سوچڻ ئي نه ٿي گهريو. مان اُن وقت توکي ڌڪاريو ٿي ۽ مان منتظر هوس، ته هنن سڀني حالتن جو توکان انتقام وٺان، پر خدا منهنجي دل مان شيطان کي دور ڪيو. مان توکي هيءُ به ٻڌائڻ گهران ٿو، ته تون ڪڏهن به موت جي ويجهو نه هئين.“
هفتي کن کان پوءِ، هـُـو مري ويو. سڄو شهر سندس جنازي سان گڏ، مقام تائين ويو. مکيه پادري جذبات سان ڀريل تقرير ڪئي. سڀئي ماڻهو سندس خطرناڪ بيماري تي ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا، جنهن سندس حياتي کي ختم ڪري ڇڏيو هو. سندس دفنائڻ کانپوءِ، سڄو شهر منهنجي خلاف اُٿي بيٺو ۽ ايتري قدر جو ماڻهن مون کي ڏسڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. پهريائين ڪجهه، پوءِ ٿورا ۽ اُن کان پوءِ گهڻا ماڻهو اُن جي ڪهاڻي کي سچ سمجهڻ لڳا ۽ مون سان ملاقات ڪري سوال پڇڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته اَڪثر ماڻهن کي ڪنهن سڌي راهه تي هلڻ واري جي توهين ۽ تباهي پسند ايندي آهي ۽ هـُـو بي فائدي به اُن ۾ دلچسپي ۽ شوق ڏيکاريندا آهن. پر مان پنهنجي زبان کي روڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ مون شهر به ڇڏيو. پوءِ خدا جي مهرباني سان مان سنئين سڌي رستي ۾ داخل ٿيس ۽ اُن اَڻ ڏٺي آڱر جي ساراهه ڪرڻ لڳس، جنهن جي صاف اِشاري منهنجي رهنمائي ڪئي هئي، پر مان اڄ ڏينهن تائين، خدا جي ٻانهي مهائيل کي پنهنجي دعائن ۾ شريڪ ڪندو رهيو آهيان، جنهن تمام گهڻو سـَـٺو هو.

باب ٽيون: مربي زوسيما جا سخن ۽ نصيحتون

روسي راهب ۽ سندس مراد

مربيو ۽ اُستادو! راهب ڇا آهي؟ هن مهذب دنيا ۾ اڄ ڪلهه، هيءُ لفظ ڪي ماڻهو نفرت طور ڪم آڻين ٿا ۽ ڪي گار طور. هي نفرت راهب جي لاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. افسوس هيءَ حقيقت به سچ آهي، ته راهبن ۾ ڪي، تن پرور، عياش، پيٽ پوڄاري، اَجائي گفتگو ڪندڙ ۽ بيڪار فقير به موجود آهن. تعليم يافته ماڻهو، اِهڙن راهبن ڏي اشارو ڪري چوندا آهن ته، ”هيءُ سماج جا نڪما ۽ بيڪار فرد آهن. هي ٻين جي محنت تي گذران ڪن ٿا ۽ بي شرم فقير آهن. ” پر اُن هوندي به ڪيترا نياز وارا ۽ نهٺا، راهب موجود آهن، جي سڪون قلب جي لاءِ تنهائيءَ ۾ عبادت ڪندا رهن ٿا. اُنهن ڏي گهٽ نهاريو ويندو آهي ۽ هـُـو خاموشيءَ سان گذاري ويندا آهن. ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندا، جيڪڏهن مان هيئن چوان، ته هن نياز وارن راهبن کان، جي اَڪيلائيءَ ۾ عبادت ڪندا رهن ٿا، رشيا جي نجات ٿيندي. هنن جا ڏينهن، ڪلاڪ، مهينا ۽ سال اِئين ئي گذرن ٿا. ڇاڪاڻ ته هيءُ پنهنجي تنهائيءَ ۾ مسيح جي تصوير کي، زيبائي ۽ درستيءَ سان پنهنجي سامهون رکن ٿا، بلڪل اِهڙيءَ ريت، جيئن اڳئين زماني جا مربي، مقدس شخص ۽ شهيد، خدا جي تصور جي پاڪائي ۾ ڏسندا هئا. جڏهن وقت ايندو ته هـُـو پنهنجو جلوه، هن متزلزل جهان کي ڏيکاريندا، پر مون کي خوف ٿو ٿئي ته هيءُ ستارو مشرق کان اُڀرندو.
راهب جي لاءِ منهنجي اِها راءِ آهي، ڇا اِها غلط آهي؟ ڇا هيءَ غرور سان ڀريل ته نه آهي؟ دنيا وارن ڏي نهاريو، اُهي جي پاڻ کي خدا جي مخلوق کان مٿي سمجهن ٿا. ڇا اِنهن وٽ خدا جو تصور موجود نه آهي؟ مگر هـُـو اُن کي پنهنجي اندر ۾ مروڙي نه ٿا ڇڏين؟ هنن وٽ سائنس آهي، پر سائنس ۾ ڪجهه به نه آهي، پر حواسن جي شيءِ آهي. ماڻهوءَ جي اعليٰ رتبي لاءِ روحاني دنيا آهي، جنهن کي هن رد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ هـُـو پنهنجي خوشي ٿو سمجهي ۽ حقارت ڏيکاريندو ٿو رَهي. دنيا آزاديءَ جي راڄ جو اعلان ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هن ۾ دير پئي آهي. پر اَسان سندن آزادي ۾ ڇا ٿا ڏسون؟ ڪجهه به نه پر غلامي ۽ پنهنجي بربادي! ڇو ته دنيا چوي ٿي:
”اوهان کي خواهشون آهن ۽ اُنهن کي پورو ڪيو. ڇاڪاڻ ته اوهان کي به ساڳيائي حق آهن، جهڙا طاقتور ۽ شاهوڪار انسانن کي. اوهان پنهنجي خواهشن کي پوري ڪرڻ ۽ اِنهن کي وڌائڻ کان به خوف نه کائو. ” جديد دنيا جي اِها ئي تعليم آهي. اِنهيءَ ۾ ئي هـُـو پنهنجي آزادي ڏسن ٿا پر هـِـن خواهش وڌائڻ واري اُصول کان ڇا حاصل ٿئي ٿو. شاهوڪار جي لاءِ جدا حيثيت ۾ روحاني خودڪشي. غريب جي لاءِ ڌاڙو ۽ خون! ڇاڪاڻ ته هنن کي حق، ته ڏنا ويا آهن پر کين اِهو نه سيکاريو ويو آهي، ته هـُـو پنهنجي گهـُـرجن جي مقصد کي ڪهڙيءَ ريت پورو ڪن. هـُـو اظهار ڪن ٿا ته دنيا وڌ کان وڌ متفق ٿيندي وڃي ٿي ۽ وڌ کان وڌ پنهنجي ڀائپي ۽ برادري ۾ ٻڌجي وڃي ٿي. پر ويڇو وڌندو وڃي ٿو ۽ سندن خيال هوا ۾ اُڏامندا رهن ٿا.
افسوس اِهڙي اتفاق جي ٻنڌڻ ۾ اعتقاد نه رکجو. آزاديءَ جي اوٽ ۾ هيءَ خواهشن جي زيادتي ۽ اُن جي پورائي جي تيز تر مهم آهي. هن ۾ ماڻهو پنهنجي فطرت کي بگاڙي ٿو ڇڏي. ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ئي نادانيءَ واريون ۽ احمقاڻيون خواهشون هن ۾ پيون ٿيون اُٿن. هـُـو فقط پنهنجي لاءِ غارتگريءَ ۾ مشغول رَهي ٿو ۽ نمائش ۽ عياشي چاهي ٿو. دعوتون، ملاقاتون، گاڏيون، مانُ مرتبو ۽ غلام، هنن سڀني شين کي، ضرورتن مان سمجهيو وڃي ٿو. هنن جي لاءِ زندگي، عزت ۽ انساني جذبات جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. جيڪڏهن اِنهن شين جو پورائو ٿي نه ٿو سگهي، ته اَڪثر ماڻهو خودڪـُـشيءَ کان به نه ٿا مڙن. هي شيون اَسان کي اُنهن ۾ به ڏسڻ ۾ اَچن ٿيون، جي شاهوڪار نه آهن. غريب جڏهن پنهنجي خواهشن کي لـُـڙهندو ڏسي ٿو، ته هـُـو نشي ۾ متبلا ٿي وڃي ٿو. جلد ئي هـُـو شراب جي بجاءِ پنهنجو خون پيئڻ شروع ڪن ٿا. مان اوهان کان پڇان ٿو، ته هيءَ آزادي آهي؟ مون کي هڪُ آزادي جي مدعي، جي خبر آهي. هن مون کي پاڻ ٻڌايو هو ته جڏهن قيدخاني ۾ کانئس تماڪ کسيو ويو هو، تڏهن هـُـو اَڪيلائي ۾ ايڏو، ته عذاب ۾ اَچي ويو هو، جو هـُـو تماڪ جي ٿوري مقدار حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ايمان کي به ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو. اِهڙو ماڻهو جيڪڏهن اِئين چوي ته، ”مان انسانيت جي مفاد لاءِ وڙهي رهيو آهيان“، عجيب آهي.
اِهڙو ماڻهو ڪيئن وڙهي سگهندو. هيءُ اُن جي لاءِ لائق به آهي. هـُـو تڙ تڪڙ ۾ شايد ڪنهن عمل جي لاءِ پاڻ کي لائق سمجهي، پر گهڻو وقت هلي نه سگهندو. هن ۾ ڪا به عجب جي ڳالهه نه آهي ته اِهڙا ماڻهو آزاديءَ جي حاصل ڪرڻ بدران، غلامي ۾ وڃي غرق ٿين ٿا. برادري جي محبت ۽ انسانيت ۽ انسانيت جي بهبودي جي لاءِ خدمت ڪرڻ بجاءِ وڃي، نفاق ۽ دورنگي ۾ ڪرن ٿا. مون کي منهنجي جواني ۾، منهنجي اُستاد ۽ پراسرار ملاقاتيءَ به اِيئن ئي ٻـُـڌايو هو. اِنهن حالتن جي ڪري، انسانيت جي خدمت جو مقصد، برادري جي محبت ۽ انسان ذات جو اتحاد، جيئن پوءِ تيئن، دنيا کان موڪلائيندو وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ ته سچ پچ، هنن ڳالهين کي به مذاق سمجهيو وڃي ٿو. اُهو ماڻهو ڪهڙي ريت اُنهن عادتن کي ڇڏي سگهي ٿو، جي اُن جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويون هجن ۽ جن سان هـُـو پنهنجي لاتعداد خواهشن کي، جي هن پاڻ پيدا ڪيون آهن، پورو ڪندو رَهي ٿو، هـُـو پاڻ کي واحد شخصيت سمجهي ٿو ۽ سندس انسانيت سان ڪهڙو واسطو؟ هي برابر آهي ته هنن پنهنجي مقصد کي گهڻي حد تائين حاصل ڪري ورتو آهي، پر حقيقي مسرت جهان ۾ گهٽ آهي.
مڙهيءَ جو رستو بلڪل الڳ آهي. فرمانبرداري، روزي ۽ عبادت تي کليو وڃي ٿو، پر اِنهن شين جي معرفت حقيقي آزاديءَ جو رستو حاصل ٿئي ٿو. مان پنهنجي غير ضروري ۽ بي فائدي گهـُـرجن کي ختم ڪندو رهان ٿو، مان پنهنجي هٺيلي ۽ اَجائي خواهش کي، خدا جي تابعداري ۽ مدد سان زير ڪندو رَهان ٿو. هن سان مون کي روح جي آزادي جي باعث روحاني خوشي حاصل ٿئي ٿي. هاڻي غور ڪريو، هنن ٻنهي مان، يعني تنها دولتمند ۽ ” اُهو راهب، جنهن پنهنجي خواهشن جي تابعداري کان نجات ورتي آهي، ڪير بهتر ٿي سگهي ٿو. ڪير هنن ٻنهي مان وڌيڪ لائق آهي ته اُن عظيم مقصد کي انجام ڏئي. راهب گوشي نشينيءَ کي اختيار ڪيو آهي. اوهان پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ کي مڙهيءَ جي ديوارن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ انسانيت جي خدمت جو ڀائپي ڀريل ڀاؤُ وساري ڇڏيو آهي! پر اسان کي ڏسڻو آهي ته برادراڻي محبت جي اُصول ۾ ڪير وڌيڪ فائق ثابت ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان اُهي نه آهيون، پر اُهي آهن، جي سڀ کان جدا پنهنجي زندگي گذارين ٿا. جيتوڻيڪ هـُـو هن حقيقت کي نه ٿا ڏسن. قديم زماني ۾ انسانن جا رهنما اَسان مان ئي هئا، پوءِ ڇو نه وري به هي ٿين؟ هيءُ نهٺا ۽ نماڻا سنياسي وري اُٿندا ۽ عظيم مقصد جي لاءِ وري ڪم ڪندا. رشيا جو ڇوٽڪارو اِنهن جي ئي هٿن ۾ آهي. اسان اِنهيءَ ڪري الڳ گذاريون ٿا، ڇاڪاڻ ته ماڻهو به جداگانه گذارين ٿا. پر روسي راهب هميشھ انسانن جا طرفدار رهيا آهن. اَسان جي عمل ۾ ماڻهو اعتقاد رکن ٿا. رشيا ۾ ايمان کي نه رکندڙ مصلح ڪجهه به ڪري نه سگهندو، توڙي جو هـُـو کڻي دل جو مخلص ۽ لائق ڇو نه هجي. هن کي ياد رکو! ته ماڻهو خدا جا منڪر بڻجي ويندا ۽ هي غلبو حاصل ڪندا ۽ رشيا هڪ ٿي ويندو ۽ مذهب پرست. هارين جي خير گيري ڪريو ۽ اُنهن جي دلين جي محافظت ڪريو. وڃو، کين خاموشي ۾ تعليم ڏيو. اِهو ئي اوهان جو راهب جي حيثيت ۾ فرض آهي. ڇاڪاڻ ته خلق جون دليون خدا جو گهر آهن.
ڇا اِهو ممڪن آهي، حاڪم ۽ رعيت روحاني طرح

ڀائپيءَ ۾ اَچي سگهن ٿا
مان هن ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪريان، ته هارين ۾ به گناهه آهي. خرابيءَ جي آڳ ظاهر ظهور، روز بروز مٿين کان هيٺين ڏي پکڙندي ٿي وڃي. الڳ ۽ اڪيلو گذارڻ جو روح، عوام ۾ به ايندو ٿو وڃي. وياج خور ۽ انقلابي طبعيت رکڻ وارن کي ڳڙڪائيندڙ سـُـجاڳَ آهن. اڳ ۾ ئي واپاري مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ماندا آهن ۽ هـُـو ڏيکارڻ گهرن ٿا، ته هـُـو تهذيب وارا آهن، جيتوڻيڪ منجهن تهذيب جو ڪو اکر ئي نه آهي. جنهن جو نتيجو اِهو آهي، ته هـُـو پنهنجي قديم رسم ۽ رواجن کي نفرت سان ٿا ڏسن. هـُـو اَميرن سان ملاقاتون ڪن ٿا، جيتوڻيڪ فقط بگڙيل هاري آهن.
هاري نشي ۾ پاڻ کي خراب ڪندا رهن ٿا ۽ انهيءَ خراب عادت کي ڇڏي نه ٿا سگهن. ڪيڏو نه سندن زالن ۽ ٻارن سان ظلم آهي! هي سڀ نشي کان! مان ڪارخانن ۾ نون ورهين جي ٻارن کي ڏٺو آهي، ڪيڏا نه ڪمزور، بيمار ۽ ڪـُـٻا نظر ٿا اَچن. ڪارخاني جون سوڙهيون جايون، مشينن جا آواز، سڄو ڏينهن محنت، بدگفتگو ۽ شراب نوشي. شراب نوشي ئي آهي جنهن کي، هيءَ ننڍڙي دل به چاهي ٿي. هن کي ته اُس، ٻاراڻي راند روند ۽ نيڪ مثال کپن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ ٿورو پيار. هنن لاءِ، اڳتي هـُـو ڳالهيون نه هئڻ کپن. ٻارن جي لاءِ عذاب وڌي رهيو آهي. راهبو اُٿو اُنهن جي لاءِ جدوجهد ڪريو. ها جلدي ڪريو، جلدي ڪريو.
خدا تعاليٰ رشيا کي بچائي وٺندو. جيتوڻيڪ هاري گناهن سان ڀريل آهن ۽ پنهنجي ناپاڪ گناهن کان الڳ ٿي نه ٿا سگهن، پر کين هيءَ ڄاڻ آهي ته هـُـو گناهه ڪندي، غلط ڪم ڪري رهيا آهن. اُن ڪري ڏسڻ ۾ اِئين ٿو اَچي، ته اَسان جا هيءُ ماڻهو، نيڪيءَ ۾ اعتقاد رکن ٿا ۽ خدا ۾ ايمان اَٿن ۽ پنهنجي توبهه لاءِ ڳوڙها ڳاڙين ٿا.
مٿانهين درجي وارن ماڻهن جي ڳالهه ئي ٻي آهي. هـُـو سائنس جا پوئلڳ آهن. هـُـو تنها دليل تي انصاف کي چاهين ٿا، نه حضرت عيسيٰ مسيح عليه السلام جي طريقي سان. هنن اڳ ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، ته نه ڪو ڏوهه آهي نه گناهه. هو پنهنجي خيال ۾ صحيح آهن. ڇو ته جيڪڏهن خدا جو وجود نه آهي ته گناهه ڇا جو؟ يورپ ۾ ماڻهو اڳيئي، شاهوڪارن جي خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ماڻهن جا رهنما جتي ڪٿي، کين خونريزيءَ لاءِ اُڀاري رهيا آهن. کين تربيت ڏئي رهيا آهن ته هو پنهنجي مؤقف ۾ صحيح آهن، پر سندن مؤقف جيئن، ته ظلم تي رکيل آهي، انڪري ملعون آهي، پر خدا تعاليٰ رشيا کي بچائي وٺندو، جيئن ڪيئي ڀيرا اڳ ۾ کيس بچائي ورتو اٿائين. ڇوٽڪارو عوام کان ايندو ۽ سندن اعتقاد ۽ نياز، تابعداريءَ کان ايندو.
”مربيو ۽ استادو! ماڻهن جي اعتقاد تي نگاهه رکو ۽ اُن کي خواب نه سمجهيو. مان پنهنجي سڄي حياتي پنهنجي عظيم انسانن ۾ گذاري آهي. مان منجهن حقيقي ۽ مضبوط ويساهه کي ڏٺو آهي.مان هن حقيقت جي شاهدي ڏئي سگهان ٿو، ڇو ته منجهن هيءَ شيءَ پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي. تنزل پذير گناهن ۽ غربت زده نظارن ۾ به مان هنن ڳوٺاڻن کي اعليٰ ڏٺو آهي. هو ذليل نه آهن، جيتوڻيڪ هنن ٻه صديون غلاميءَ ۾ گذاريون آهن، اُن هوندي به هوُ پنهنجي عادتن ۾ آزار برداشت ڪندڙ آهن، البت منجهن ٿوري گستاخي آهي. پر هو انتقام وٺندڙ ۽ حاسد نه آهن.
توهان شاهوڪار ۽ اَمير آهيو. اوهان دانا ِّ ۽ شائسته آهيو. شال خدا اوهان کي برڪتون ڏي. مان اوهان جي عزت ڪريان ٿو، پر مان هيءُ به ڄاڻان، ته مان انسان آهيان. هيءَ حقيقت آهي ته مان اوهان جو احترام ڪريان ٿو، ۽ اُها بنا ڪنهن حسد جي آهي ۽ اِيئن ڪندي مان انسان جي حيثيت ۾ پنهنجي شان ۽ مرتبي کي ثابت نه ٿو ڪريان.“
در حقيقت هوُ زبان سان اِيئن نه ٿا چون (ڇاڪاڻ ته اڃا هوُ اِيئن چوڻ نه سکيا آهن)پر سندن عمل اِيئن ئي آهي. مان کين پاڻ ڏٺو آهي ۽ مان کين ڄاتو آهي. تون اعتبار ڪندين، جيتري قدر اسان جا ڪڙمي غريب آهن، اوتري قدر، صاف پرُسڪون ۽ نيڪ آهن. پر هيءَ سڀ ڪجهه اسان جي بي پرواهيءَ جي باعث ٿيو آهي. پر خدا پنهنجي مخلوق کي بچائيندو. ڇاڪاڻ ته روس پنهنجي تواضع ۾ عظيم آهي. مان پنهنجي مشاهدي ۾، اڳ ئي سندس آئندو واضع ۽ روشن ڏسان ٿو. اهو به ايندو ۽ گذري ويندو ته اسان جا سخت بدنيت شاهوڪار، آخر پنهنجي دولت منديءَ جي لاءِ غريبن وٽ شرمسار ٿيندا. غريب سندن تواضع کي ڏسي، کين سمجهندا ۽ پاڻ وٽ جاءِ ڏيندا. سندن عزت ڀري شرمساري جي باعث، حقيقي خوشيءَ جو اظهار ڪندا. مون تي اعتبار ڪريو، هيءُ سڀ ڪجهه اِيئن ئي ٿيندو. حالتون اِيئن ئي چرُنديون رهن ٿيون. مساوات انسانن ۾ روحاني توقير جي وسيلي ئي ايندي آهي. اسان پاڻ ۾ اهڙي ئي ريت اُن کي سمجهي سگهون ٿا. جيڪڏهن اَسان پاڻ ۾ ڀائر ٿي وڃون ته برادراڻا تعلقات پيدا ٿي ويندا، پر هن شيءِ جي وجود ۾ اَچڻ کان اڳ ۾، دولت جي تقسيم جا ڪڏهن به قائل نه ٿيندا. اسان حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تصوير کي سانڍينداسون ۽ اُها دنيا ۾ قيمتي هيري وانگر جهڳمڳ ڪندي. اِيئن ٿيندو ۽ اِيئن ٿيندو!
مربيو ۽ اُستادو! هڪ ڀيري رُلندي مون سان هڪ چڀندڙ واقعو ٿي گذريو. ”ڪي ” شهر ۾ مون کي پنهنجو ملازم افناسي مليو. مون کي اٺ سال کانئس جدا ٿئي گذريا هئا. مارڪيٽ ۾ اسان کي هڪ ٻئي جي ڏسڻ جو موقعو مليو. هن مون کي سڃاتو ۽ مون ڏي ڊوڙي پيو. هوُ ڪيڏو نه خوش ٿي ڏٺو. هو مون کي فقط هيءُ چئي سگهيو ته ”عزيز آقا اوهان آهيو؟ سچ پچ مان ڇا اوهان کي ٿو ڏسان؟“ هوُ مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو.
هو گهڻو وقت فوج ۾ نه رهيو هو. هن شادي ڪئي هئي ۽ کيس ٻه ٻار هئا. هـُـن ۽ سندس زال مارڪيٽ ۾ ميوا فروشيءَ جو ڌنڌو ويٺي ڪيو. سندس ڪمرو غريبن جهڙو هو پر صاف ۽ دلڪش. هن مون کي ويهاريو. سماور ۾ باهه روشن ڪيائين. پنهنجي زال ڏي ماڻهو موڪليائين. ڄڻ اِيئن پئي معلوم ٿيو ته منهنجي آمد ڄڻ ته ڪو مبارڪ ڏينهن آهي. هو مون وٽ پنهنجي ٻارن کي وٺي آيو ۽ چياِيئن ته ”مربي، هن کي دعا ڪريو.“
”اهو منهنجي لاءِ آهي ته مان هنن کي دعا ڪريان؟“ مان ته فقط هڪ ناچيز راهب آهيان. مان ته هنن لاءِ فقط سوال ئي ڪندس. افناسي پاولووچ، اُن ڏينهن کان وٺي مان توکي دعائون ڪندو رهندو آهيان، ڇاڪاڻ ته هيءُ سڀ ڪجهه تنهنجي ئي طفيل حاصل ٿيو اٿم. ” مان هيءَ حقيقت کيس واضع ڪري ٻڌائي، جيتري قدر ڪري سگهيس. اوهان ڇا ٿا خيال ڪريو. هوُ مون کي نهاريندو رهيو. کيس اعتبار ئي نه ٿي آيو ته سندس آقا ۽ عملدار، هن لباس ۽ حالت، ۾ سندس اکين جي سامهون آهي. هوُ لڙڪ هارڻ لڳو.
مان کيس چيو ته ”تون ڇو ٿو روئين؟ ” منهنجا پيارا دوست توکي مون تي خوشي ڪرڻ کپي ۽ انهيءَ ڳالهه کي مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ڇاڪاڻ ته منهنجو سمورو رستو سون ۽ مسرت ڀريل آهي.“
هن ڪجهه به نه چيو پر ٿڌا ساهه کڻندو رهيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي مٿي کي لوڏيندو رهيو.
هن مون کان پڇيو، ”هو اوهان جو مرتبو ڪاڏي ويو؟“
”مان اُهو مڙهيءَ کي ڏئي ڇڏيو. مان هاڻي هڪ عوامي ماڻهو وانگر گذاريان ٿو.“ مان کيس جواب ڏنو.
چانهه کان پوءِ مان کين خدا حافظ چيو. هو اوچتو اٿيو ۽ اڌ روبل مڙهيءَ جي لاءِ نذر ڏنائين. مان ڏٺو ته باقي اڌ روبل، هن منهنجي هٿ ۾ ڏنو. ”مربي، هيءُ تنهنجي لاءِ آهي، متان ڪٿي تنهنجي ڪنهن ڪم اچي.“
مان کانئس اڌ روبل ورتو. کيس ۽ سندس زال کي جهڪي سلام ڪيم. خوشيءَ ۾ ٻاهر نڪري ويس. رستي ۾ مون خيال ڪيو ته: ”اسان ٻئي هاڻي هن حال ۾ آهيون، هوُ گهر ۾ آهي ۽ مان راهه ۾. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان ٿڌا ساهه ڀريندا رهياسون ۽ مٿو ڌوڻيندا رهياسون، پر خوشيءَ ۾ مشڪندي ۽ پوري دل جي حضور سان. ياد ٿو اچي ته ڪيئن نه خداتعاليٰ اسان ٻنهي کي وري ۽ هڪ ٻئي سان ملايو آهي.“
اُن کانپوءِ وري هنن سان ملڻ نه ٿيو. مان سندس آقا هوس ۽ هو منهنجو خادم هو، پر هاڻي جڏهن اسان هڪ ٻئي سان پيار سان ملياسون، ته اسان جو دليون هلڪيون ٿيون، تڏهن اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ عظيم انساني ٻنڌڻ پيدا ٿي ويو هو. مان اُن تي گهڻو وقت خيال ڪندو رهيس ۽ هاڻي جو مون سمجهيو آهي، اُهو هيءُ آهي، ته عظيم ۽ ساده دلين جي يڪجهتي، شايد ٿوري وقت ۾، روسي ماڻهن جي وچ ۾ عالمي بڻجي وڃي. منهنجو اعتماد آهي، ته اِيئن ٿيندو ۽ اُهو وقت ويجهو آهي.
نوڪرن ۽ خادمن جي بابت مان هيترو چوڻ گهران ٿو ته پراڻي وقت ۾ جڏهن مان ننڍو هوس، مان اڪثر نوڪرن تي ڪاوڙبو هوس ۽ چوندو هوس ته ”بورچيءَ گرم کاڌو ڏنو آهي ۽ نوڪر منهنجي ڪپڙن کي برش نه هنيو آهي.“ پر جو ڪجهه مون سکيو، سو پنهنجي پياري ڀاءُ کان. مان ننڍپڻ ۾ کانئس ٻڌندو هوس ته، ”ڇا مان هن جي لاءِ لائق آهيان، ته هوُ منهنجي خدمت ڪن، يا مان کين سندن غربت ۽ اَڻ ڄاڻائي هوندي به حڪم ڏيندو رهان؟ ” مان اُن وقت عجب کائيندو هوس ته اهڙا سادا ۽ خودشناسيءَ جا خيال ڪيئن نه آهستگيءَ سان خيالن تي اثر وجهندا رهن ٿا.
اهو ته ناممڪن آهي ته دنيا ۾ خادمن جو وجود ئي نه هجي، پر ساڻن اهڙي هلت روا رکو، ته هوُ روحاني طرح آزاد هجن ۽ پاڻ کي خادم تصور نه ڪن. ڇا اِيئن ٿي نه ٿو سگهي ته مان پنهنجو خادم بڻجي وڃان ۽ هيءُ اُن کي ڏيکاريان ۽ هي سڀ ڪجهه منهنجي فخر کان سواءِ ۽ اُن تي اعتبار ڪرڻ کان سواءِ هئڻ گهرجي. منهنجو خادم ڇو نه منهنجي عزيزن وانگر هئڻ گهرجي، ۽ مان کيس پنهنجي ڪٽنب ۾ شامل ڪري، ڇو نه خوشي حاصل ڪريان؟ اِيئن هاڻي به ڪري سگهجي ٿو. هيءُ طريقو اسان کي مستقبل ۾، انسان جي عظيم اتحاد ڏانهن وٺي ويندو. جڏهن انسان پنهنجي لاءِ خادمن جي ڳولا نه ڪندو ۽ جيئن هاڻي هوُ پاڻ جهڙن انسانن کي خادم بڻائڻ جي خواهش رکي ٿو: پر ان جي خلاف هو سچي دل سان سڀ جو خادم بڻجي ويندو، جيئن انجيل سيکاري ٿو.
ڇا اهو خواب جي مثال آهي ته ماڻهو آخر ۾ پنهنجي خوشي هاڻي وانگر، جفاڪار مسرت، تجمل، تڪبر، لاف زني ۽ ٻين تي حڪمت ڪرڻ ۾ ڏسي يا عمل جي روشني ۽ رحم ۾ ڏسي؟ مون کي پوري ريت يقين آهي، ته اِيئن نه ٿيندو ۽ اُهو وقت ويجهو آهي. ماڻهو کلن ٿا ۽ پڇن ٿا ته، ”ڪڏهن اُهو وقت ايندو ۽ اُهو وقت ايندو به يا نه؟ ” مون کي يقين آهي ته اسان حضرت مسيح جي مدد سان، هن وڏي شيءِ کي پورو ڪري وٺنداسون. هن زمين تي ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون انساني تاريخ جون هيون، جن تي خيال ئي نه ٿي ڪيو ويو، پر ڏهن سالن کان پوءِ، اُهي ظهور ۾ اچي ويون. پر اُنهن لاءِ وقت مقرر ٿيل آهي. جڏهن اُهو مقرر ٿيل وقت پهچي وڃي ٿو تڏهن هو ظهور ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ سڄي زمين تي پکڙجي وڃن ٿيون. اهڙيءَ ريت اَسان سان به ٿيندو ۽ اسان جا ماڻهو دنيا ۾ چمڪندا ۽ سڀئي ماڻهو چوندا ته، ”پٿر، جنهن کي معمار رد ڪيو هو، اُهو هاڻي عمارت جو نمايان پٿر بڻيو آهي“
اسان انهن پـُـر حقارت انسانن کان پڇنداسون ته، ”جيڪڏهن اسان جي اُميد، خواب آهي ته اوهان ڪڏهن اخلاقي اصلاح ڪندا ۽ پنهنجي ذهن سان سينن کي، حضرت عيسيٰ مسيح جي مدد کان سواءِ، منصفاڻي طور تي ترتيب ڏيندا؟ جيڪڏهن هو، اعلان ڪن ته هو ئي آهن، جي اتفاق جي طرف وک وڌائيندا رهن ٿا، ته هن حقيقت تي فقط ساده دل انسان ئي اعتبار ڪري سگهندا. اهڙي سادگي تي هو فقط حيران ئي رهجي وڃن ٿا. سچ ته هـُـو اسان کان وڌيڪ جنوني خواب رکن ٿا. سندن نگاهه انصاف تي آهي ۽ حضرت مسيح کان انڪار آهي، سندن پڄاڻي زمين تي رت جي سيلاب آڻڻ سان ٿيندي. ڇاڪاڻ ته رت، رَت کي چاهيندي آهي. اُهو جو تلوار هٿ ۾ کڻي ٿو، تلوار سان ئي پورو ٿئي ٿو. جيڪڏهن هيءُ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي خانقاهي سالڪن جو گروهه نه هجي ها ته هي هڪ ٻي کي ماري، زمين تي فقط ٻه ماڻهو بس ڇڏين ها. هيءُ ٻه ماڻهو، پنهنجي فخر جي باعث ڪڏهن به ساز ۽ سلوڪ سان رهي نه سگهن ها. هڪڙو ٻئي کي ماري وجهي ها ۽ پوءِ پاڻ کي. جيڪڏهن حضرت مسيح جو نيڪ دلين ۽ نمائڻ لاءِ واعدو نه هجي ها ته اِيئن ٿئي ها ۽ هيءُ ڏينهن ئي گهٽجي وڃن ها.
اُن وقت جڏهن مان اڃا آفيسر جي لباس ۾ هوس ۽ مقابلي کان پوءِ، مان عام مجلس ۾ نوڪرن جي بابت ڳالهايو هو ۽ مون کي ياد ٿو اچي ته مون کي سڀني عجب مان ٿي نهاريو. ”ڇا“ اُنهن پڇيو: ”اسان نوڪرن کي صوفي تي ويهاري، کين پاءِ پيارون؟“ مان کين جواب ڏنو ته: ”ڇو نه، ڪڏهن ڪڏهن اِيئن ڪيو وڃي.“ هوُ سڀئي کلڻ لڳا. هنن جو سوال مذاقي هو ۽ منهنجو جواب صاف هو. پر جو خيال منهنجي جواب ۾ هو، اُهو ڪنهن حد تاِيئن برابر هو.

دعا، محبت ۽ ٻي دنيا سان لاڳاپو

نوجوانو، دعا کي هرگز نه وسارجو. سڀ ڪنهن وقت اوهان دعا گهرندا رهو. جيڪڏهن اوهان جي دعا ۾ سچائي آهي ۽ منجهس ڪا به خواهش ۽ ِٻيو مطلب نه آهي ته اها اوهان ۾ تازي همٿ پيدا ڪندي ۽ اوهان کي خبر پوندي ته دعا تعليم آهي. هيءُ به ياد رکو ته سڀ ڪنهن سان هيئن چوندا، رهو ته، ”مالڪ، اُنهن سڀني تي ٻاجهه ڪر، جي اڄ تنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيا آهن. ڇاڪاڻ، ته سڀ ڪنهن ڪلاڪ ۾، سڀ ڪنهن وقت، هن زمين تي هزارين ماڻهو پنهنجي زندگي کي پورو ڪن ٿا ۽ سندن روح خدا جي اڳيان حاضر ٿين ٿا. اُنهن مان الائجي ڪيترا، تنهائي ۾ موڪلاِئين ٿا، اَڻ ڄاتل، مايوس ۽ ڏکويل، جن تي ڪوبه ماتم ڪرڻ وارو ڪونه آهي، نه وري ايترو ڪو ڄاڻي ٿو ته هوُ دنيا ۾ رهيا به ٿي يا نه. ياد رکو دنيا جو پرانهن حصو ڇو نه هجي، اوهان جي دعا سندن آرام لاءِ خلقڻ هار وٽ پهچي ويندي. جيتوڻيڪ اوهان کين نه ڄاڻو ٿا نه سڃاڻو ٿا، نه وري هوُ اوهان کي ڄاڻن ٿا. هيءَ ڪيڏي نه متاثر ڪندڙ حقيقت آهي، ته هڪ روح جو ڊنل حالت ۾ پنهنجي مالڪ جي سامهون هجي، اُن کي هيءَ خبر پوي ته زمين تي هڪ اهڙوبه هم جنس آهي، جو ساڻس محبت ڪري ٿو ۽ ان جي لاءِ دعا گهري ٿو. ڪيڏي نه اُن وقت کيس خوشي حاصل ٿيندي. خدا اوهان ٻنهي تي رحم مان نهاريندو. ڇاڪاڻ ته اوهان ايتري قدر، جڏهن ٻي تي رحم کائو ٿا، تڏهن اهو جو لاحد آهي ۽ وڌيڪ محبت ڪندڙ ۽ مهربان آهي، ڪيترو نه توتي رحم کائيندو ۽ هو هن کي، تنهنجي ڪري معاف ڪري ڇڏيندو.
ڀائرو، انسان جي گناهه کان خوف نه کائو. گناهه جي هوندي به انسان سان محبت ڪريو. ڇاڪاڻ ته اصل دوستي عشقِ الاهيءَ جو مظهر آهي ۽ لافاني آهي. نوع انسانيءَ لاءِ بلند مرتبي واري دوستي آهي. خدا جي سڄي مخلوق سان پيار ڪرڻ گهرجي. سڀ سان، ڇو نه واريءَ جو ننڍڙو ذرڙو هجي! سڀ ڪنهن پن سان محبت ڪريو ۽ خدا جي روشنيءَ جي هر ڪـِـرڻي سان محبت رکو. جانورن سان پيار ڪريو، هر ٻوٽي سان پيار ڪريو ۽ سڀ ڪنهن شيءِ سان پيار ڪريو. جيڪڏهن اوهان سڀ ڪنهن شيءِ سان پيار ڪندا ته اوهان کي شين جي لازوال راز جي ڄاڻ حاصل ٿيندي. جيڪڏهن اوهان اُن کي هڪ ڀيرو ڄاتو ته روزانو اُن کي بهتر سمجهڻ شروع ڪندا. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو، جو آخر اوهان سڄي جهان کي پيار ڪندا ۽ اُهو آغوش ۾ وٺڻ جهڙو پيار هوندو. جانورن سان پيار ڪريو. خداتعاليٰ کين فڪر جا ابتدائي اُصول بخشيا آهن ۽ خوشي، جنهن کي ڪابه تڪليف ڪانه آهي. اُنهن کي تڪليف نه ڏيو. انهن کي ڊيڄاريو نه کانئن سندن خوشي نه کسيو. خدا ئي مقصد جي خلاف عمل نه ڪريو انسان ٿي، جانورن حي بالادستيءَ تي فخر نه ڪريو. وٽن گناهه ڪونه آهي ۽ اوهان پنهنجي عظمت هوندي به، اُن زمين جي، جنهن تي اوهان رهو ٿا، توهين ڪندا رهو ٿا ۽ پنهنجي اڍنگي روش جا نشان پنهنجي پوئتان ڇڏيو ٿا. افسوس، هيءُ اسان سڀني جي لاءِ بلڪل سچ ٿو نظر اچي! ٻارن کي خاص طرح محبت ڪريو. ڇاڪاڻ ته اُهي به ملائڪن وانگر بي عيب آهن. هوُ اسان جي دلين کي صاف ۽ پاڪ بڻاِئين ٿا ۽ اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. افسوس آهي، اُنهن تي، جي ٻارن جون دليون رنجاِئين ٿا! مربي مون کي ٻارن سان محبت ڪرڻ سيکاريو هو. هنُ مهربان ۽ خاموش انسان، اڪثر اسان جي سير ۽ سفر واري زماني ۾ پنهنجو پئسو، ٻارن جي مٺائي ۽ ڪيڪ لاءِ صرف ٿي ڪيو. هوُ ڪنهن به ٻار وٽان جوش ۽ جذبي کان سواءِ نه ٿي گذريو. اهائي ان انسان جي فطرت هئي.
ڪن خيالن تي انسان مونجهاري ۾ پئجي ويندو آهي. خاطر طرح انسان کي گناهه ڪندو ڏسي، هو عجب ۾ پئجي وڃي ٿو، ته هو اتي پنهنجي طاقت ڪم آڻي يا نماڻي محبت کي. هميشھ نماڻي محبت کي استعمال ڪرڻ جو ارادو رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان هڪ ڀيرو هميشھ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته سڄي دنيا کي تابع ڪري سگهندا. نماڻي محبت حيرت انگيز مضبوطي رکي ٿي. هوءَ سڀني شين کان طاقتور آهي ۽ اُن جهڙي ٻي ڪابه شيءِ پائيدار ٿي نه ٿي سگهي.
هر ڏينهن، هر ڪلاڪ ۽ هر منٽ ۾ پنهنجي چوڌاري ڦري پنهنجو محاسبو ڪر. ڏس ته تنهنجو عڪس ڏسڻ جهڙو آهي. تون ننڍڙي ٻار وٽان گذرين ٿو، پر بد نيت ۽ بڇڙن لفظن ۽ ڪيني ڀري دل سان. تو ٻار جو جائزو نه ورتو آهي پر هو تو کي ڏسي ٿو، تنهنجي عڪس کي ڏسي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي غير محفوظ دل ۾ اُن کي اڻ ڏٺو ۽ رذيل سمجهي. تون هن کي نه ٿو ڄاڻين پر تون سندس دل ۾ بديءَ جي ٻج کي پوکين ٿو، جو وڏو ٿي ويندو. هيءُ سڀ انهيءَ ڪري ٿيو، جو تو ٻار جي سامهون خبرداريءَ کان ڪم نه ورتو. هي سڀ انهيءَ ڪري هو، جو تنهنجي اندر، هڪ خبردار، باعمل ۽ سخي محبت جو ڪوبه نشان نه هو. ڀائرو محبت علم آهي. پر فقط هي ڄاڻڻ گهرجي، ته اُن کي ڪيئن حاصل ڪجي. اها نهايت مهانگي خريدي ويندي آهي. اها آهستي آهستي، وڏي محنت کان پوءِ حاصل ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي محبت اتفاقي ۽ موقعي آهر نه هئڻ گهرجي گهڙيءَ لاءِ نه پر هميشھ لاءِ هئڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن پيار ته هر ڪو ڪندو آهي، ۽ اهو ته بڇڙو به ڪندو آهي.
منهنجي ڀاءُ پکين کي چيو ٿي، ته هو کيس معاف ڪن. هيءَ هڪ حقيقت نظر ايندي، پر هن ۾ صداقت آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ سڀ ڪجهه هڪ وڏي سمنڊ وانگر آهي، اسان سڀ اُن جي وهڪري ۾ وهندا وڃون ٿا ۽ اُن ۾ ملي وڃون ٿا. زمين کي هڪڙي هنڌ ڇهڻ سان، اُن جي چرپر کيس ٻي هنڌ پهچائي ٿي. پکين منجهان غصي جي طلب بي معنيٰ ٿي سگهي ٿي، پر پکي اوهان جي طرف کان خوشيءَ سان ڀرجي ويندا. کين ٿوري خوشي حاصل ٿيندي. جيڪڏهن اوهان جيئن هاڻي آهيو، اُن کان ٿورو شاندار بڻجي وڃو، ته ٻارن ۽ جانورن جي لاءِ به ساڳيءَ ريت خوشيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهو ٿا. هيءُ سڀ ڪجهه وڏي سمنڊ وانگر آهي، جيئن مان اوهان کي ٻڌايو آهي. هيءُ جهان هڪ وڏي سمنڊ وانگر آهي، مان اوهان کي ٻڌايان ٿو. محبت کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي، اوهان کي پکين لاءِ به دعا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي خود عشق ڪامل رکن ٿا ۽ محبت جو شديد جذبو. دعا گهر ته هو پڻ تنهنجي گناهن کي بخش ڪن. هن وجداني حالت کي پاڻ وٽ جمع ڪر، توڙي جو ماڻهوءَ لاءِ ڇو نه بي مقصد هجي.
”منهنجا دوستو، خداتعاليٰ کان خوشي ۽ سرور جي طلب ڪيو. اوهان معصوم ٻارن ۽ آسماني پکين وانگر خوش ٿي رهو. انسانن جي گناهه کان نه ڊڄو. اِيئن نه ٿئي ته هو اوهان جي عمل جي لاءِ رڪاوٽ بڻجي وڃن. خوف نه کائو ته انهن جو گناهه، اوهان جي عمل جي نقشي کي لوڏي ۾ آڻي ڇڏيندو. اِيئن نه چئو ته گناهه طاقتور آهي. بدي طاقتور آهي. بڇڙائي جو ماحول طاقتور آهي ۽ اسان اڪيلا ۽ بي يار آهيون ۽ بدي ۽ بديءَ جو ماحول پري وٺي وڃي رهيو هو ۽ اسان کي نيڪو ڪاريءَ کان روڪي رهيو آهي. ” غم مايوسيءَ کان پري ڀڄو عزيزو! هن کان نجات جو هڪ ئي وسيلو آهي، ته اوهان پاڻ کي سڀني انسانن جي گناهه لاءِ جوابدار سمجهو. ان ۾ صداقت آهي، اوهان کي خبر هجي دوستو، ته جيئن ئي اوهان سچائي سان هر شيءِ جي لاءِ ۽ هر هڪ ماڻهوءَ جي لاءِ پاڻ کي جوابدار سمجهندا ته اوهان هڪدم ڏسندا ته سچ پچ حالت اِيئن آهي ۽ اوهان کي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ ۽ سڀ ڪنهن شيءِ لاءِ ڏوهه ڏيئي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن پنهنجي ناتواني اوهان ٻين جي گردن ۾ اڇلائي ڇڏيندا ته ڄڻ اوهان شيطاني تڪبر ۾ ڀائيوار ٿي ويندا ۽ خدا جي خلاف پيا ڀڻ ڀڻ ڪندا.
جيئن مان خيال ڪريان ٿو، شيطان جي سڄي وڏائي هن ۾ آهي: ڌرتي تي اسان لاءِ ناممڪن آهي ته اسان ان جي لاءِ ڪجهه ادراڪ ڪري سگهون. اُن ڪري اسان آسانيءَ سان غلطي ۾ وڃي پئون ٿا ۽ اُن جا ڀائيوار بڻجون ٿا. توڙي جو اسان اِيئن ڇو نه خيال ڪريون، ته اسان هڪ عمدو ۽ عظيم عمل ڪري رهيا آهيون. سچ سچ ڪيترا اهڙا جذبا ۽ ڪيتريون اهڙيون طاقتور حرڪتون اسان جي فطرت ۾ داخل آهن، جن بابت اسان ڌرتيءَ تي ڪوبه ادراڪ ڪري نه ٿا سگهون. اِيئن نه ٿي، ته هيءَ تنهنجي لاءِ رڪاوٽ جو سبب بڻجن ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه جي لاءِ تائيد جي طور تي ڪم اچن. ڇاڪاڻ ته غير فاني منصف توهان کان اُن شيءِ جي طلب ڪري ٿو، جنهن کي اوهان ادراڪ ڪري سگهو ٿا. نه انهيءَ شيءِ جي، جنهن کي اوهان ادراڪ ڪري ئي نه ٿا سگهو. اوهان ڪڏهن هن کان واقف ٿيندا ۽ پوءِ ٻين شين کي صداقت سان ڏسندا ۽ ڪوبه جهڳڙو باقي نه رهندو. سچ پچ زمين تي اسان سرگردان هئاسون. جڏهن اسان جي سامهون حضرت عيسيٰ عليه السلام جو قيمتي نقش نه هجي ها ته اسان نامڪمل هجون ها ۽ پوري ريت گمراهه. جهڙي ريت هڪ سيلاب جي سامهون انساني نسل! ڌرتي جي مٿان گهڻو ڪجهه اسان کان لڪل آهي. پر ان جي عوض ۾ اسان کي قيمتي اسرار ڀري حـِـس عطا ڪئي وئي آهي، جا اسان جي زندگي ۽ ٻئي جهان جي وچ ۾ پنڌن جي صورت ۾ موجود آهي. مٿانهين آسماني جهان سان. اسان جي فڪر ۽ جذبن جون پاڙون هتي نه آهن پر ٻين جهانن ۾ آهن. اهوئي سبب آهي جو فلاسافر چون ٿا ته شين جي صداقت کي اسان زمين تي سمجهي ئي نه ٿا سگهون.
خداتعاليٰ جدا جدا جهانن مان ٻج کي ورتو ۽ زمين تي پوکيو. سندس ِِِِِڦل ڦولاريو ” سڀ ڪا شيءِ ٻاهر آئي،جا اچڻ جهڙي هئي،پر اهي شيون جي ٻاهر، موجود آهن، اهي فقط هن جذبي ۽ تعلق جي باعث جو، کين پر اسرار جهانن سان اُهي زندهه آهن.جيڪڏهن اهو جذبو اوهان ۾ ضعيف يا تباهه ٿي وڃي، ته اها آسماني نشوونما به اوهان ۾ فنا ٿي ويندي. پوءِ اوهان جي زندگيءَ ۾ ناهمواري پيدا ٿي پوندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي ان جي لاءِ حقارت پيدا ٿي پوي. منهنجو ته اهوئي قياس آهي.

ٿي سگهي ٿو ته انسان پاڻ جهڙن سان انصاف ڪري سگهي

ياد رک، ته تون ڪنهن جو به خاص طرح منصف ٿي نه ٿو سگهين. ڪو به ماڻهو ڪنهن به ڏوهيءَ بابت انصاف نه ٿو ڪري سگهي، جيستاِيئن هو اِيئن نه سمجهي ته هو به ان ڏوهاريءَ جهڙو آهي،جو سندس سامهون بيٺو آهي ۽ هوئي آهي، جنهن کي شايد سڀني ماڻهن کان وڌيڪ ان ڏوهه جي ميار ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن هو هن حقيقت کي سمجهندو،تڏهن ئي هو منصف ٿيڻ جي قابل ٿيندوـ جيتوڻيڪ هي ظاهر ۾ فضول نظر اچي ٿو پر آهي سچ. جيڪڏهن مان حق تي هجان ته پوءِ شايد ڪوبه ڏوهاري منهنجي سامهون بيٺل نه هجي ها. جيڪڏهن تون اُن ڏوهاريءَ جو ڏوهه پنهنجي ذمي وٺڻ گهرين ٿو جنهن جو نبيرو تون پنهنجي دل ۾ ڪرين ٿو ته هڪدم اُن کي وٺ. ان جي لاءِ تڪليف کي برداشت ڪر ۽ کيس طعني زني کان سواءِ وڃڻ ڏي. جيڪڏهن قانون کڻي توکي اُن جو منصف ڇو نه مقرر ڪري، ته تون جيتري قدر ٿي سگهي، ته اهڙي روح سان ئي عمل ڪر. هو گذري ويندو ۽ جو ڪجهه تو ڪيو آهي، اُن لاءِ سختي سان پاڻ کي ڏوهه ڏي. پر جيڪڏهن ايتري پيار کانپوءِ به هو بنا ڪنهن اثر جي، توتي طعني بازي ڪندو وڃي ٿو، تون اُن جي خيال کي پنهنجي لاءِ رڪاوٽ نه سمجهه. توکي ڄاڻڻ کپي ته سندس هدايت جو وقت اڃا نه آيو آهي. پر اُهو ٿوري وقت کانپوءِ ايندو. پر جيڪڏهن اهو وقت نه آيو ته اُن جي پرواهه نه آهي. جيڪڏهن هو راهه راست تي اچي نه سگهيو آهي ته ڪو ٻيو اُن حقيقت کي سمجهندو ۽ تڪليف کي برداشت ڪندو. هوُ حقيقت کي توريندو ۽ پاڻ کي ئي سزاوار سمجهندو ۽ اهڙي صداقت پنهنجي صورت وٺندي. هن ّ۾ يقين رک ۽ بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي اُن تي يقين رک. ڇاڪاڻ ته هن ئي طريقي نيڪ مردن جون اُميدون ۽ عقيدا شامل رهن ٿا. لاڳيتو ڪم ڪندو رهه. جڏهن رات جو سمهڻ لاءِ وڃي ۽ توکي ياد اچي ته مون کي جو ڪم ڪرڻو هو، اهو نه ڪري سگهيو آهيان، ته هڪدم اٿي ۽ ان کي پورو ڪر. جيڪڏهن تنهنجي سامهون اهڙا ماڻهو آهن جي بدنيت ۽ بي حسد آهن ۽ تنهنجي نه ٿا ٻڌن، ته انهن جي اڳيان جهڪي وڃ ۽ انهن کي بخشش لاءِ عرض ڪر، ڇاڪاڻ ته اهو ڏوهه تنهنجو ئي آهي، جو هو توکي نه ٿا ٻڌن. جيڪڏهن تون انهن جي سخت هلت جي باعث، ساڻن ڳالهائي نه ٿو سگهين ته سندن خاموش ۽ نياز منداڻي طريقي سان خدمت ڪر ۽ ڪڏهن به نااميد نه ٿيءُ جيڪڏهن ماڻهن توکي ڇڏي ڏنو آهي ۽ زور سان هڪالي ڇڏيو آهي ۽ جڏهن تـُـون ڌرتيءَ تي اڪيلو رهجي ويو آهين، تڏهن ان کي پنهنجي لڙڪن سان پاڻي ڏي. هيءُ تنهنجي لاءِ ميوا آڻيندو. جيتوڻيڪ تنهائيءَ جي گوشي ۾ نه ڪنهن توکي ٻڌو آهي نه ڏٺو آهي. آخر تاِيئن يقين کي نه ڇڏ. توڙي جو، سڀئي ماڻهو ڇو نه گمراهه بڻجي وڃن ۽ تون اڪيلو ايماندار رهجي وڃين. تون پنهنجي لاءِ دعائن ڀريو هٿ کڻ ۽ تنهائي ۾ خدا جي ساراهه ڪر. پر جيڪڏهن اوهان ٻه گڏ آهيو ته پوءِ اوهان ٻئي هڪ ٻئي کي پيار سان آغوش ۾ وٺو ۽ خدا جي ساراهه ڪريو، ڇو ته هن اوهان ٻن ۾ ئي پنهنجي صداقت کي موجود ڪيو آهي.

جيڪڏهن اوهان کان گناهه ٿيو آهي ته اُن گناهه لاءِ موت تاِئين پشيمانيءَ جو اظهار ڪندا رهو يا جيڪڏهن اوهان کان ڪو اوچتو گناهه ٿيو آهي، ته اوهان ٻين لاءِ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، صالح انسان لاءِ خوشي جو اظهار ڪيو. جيڪڏهن اوهان، گناهه ڪيو آهي ته خوشي ڪريو ته هو صالح آهي ۽ هن ڪو به گناهه نه ڪيو آهي.
جيڪڏهن بد نيت انسان جو عمل توهان کي غم ۽ غصو ڏئي ۽ توهان جي دل ۾ بدڪارن کان انتقام وٺڻ جو خيال پيدا ڪري ته اُن کي مٽائي ڇڏيو ۽ اهڙي جذبي کي ختم ڪري ڇڏيو. هڪدم وڃو ۽ پنهنجي لاءِ تڪليفن جي جستجو ڪريو. ڄڻ ته اوهان ئي غلطي جو ارتڪاب ڪيو آهي. انهن ڏکن ۽ ڏاکڙن کي قبول ڪريو ۽ اُن کي سهو. اِيئن ڪندي اوهان کي دلي آرام ملندو ۽ اوهان سمجهي سگهندا ته اوهان پڻ ڏوهاري آهيو ۽ اوهان کي بدڪارن لاءِ نرم ٿيڻ کپندو هو. اوهان اِيئن سمجهندا ته هڪ ماڻهو بي گناهه هو، جنهن لاءِ اوهان نرم نه ٿي سگهيا. جيڪڏهن اوهان نرم ٿيو ها، ته اوهان ٻين جي لاءِ به اُن رستي کي روشن بڻايو ها. شايد اِيئن ٿي پوي ها ته اوهان جي روشنيءَ جي باعث گنهگار بچي وڃن ها. اوهان جي روشني جهڳمڳ ته ڪندي رهي ٿي، پر اوهان ڏسو ٿا ته اُها ڪنهن کي به بچائي نه ٿي سگهي. اوهان اُن روشني کي مضبوط جهليو ۽ آسماني روشنيءَ جي طاقت ۾ ڪو به شڪ ۽ شبهو نه آڻيو. يقين رکو ته هوُ جيڪڏهن هاڻي نه بچايا ويا آهن ته هن کانپوءِ هو ضرور بچايا ويندا. جيڪڏهن هو پوءِ به محفوظ نه رهي سگهيا ته سندن اولاد محفوظ ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته اوهان جي روشني ڪڏهن به نه اُجها مندي، توڙي جو اوهان مري به ڇو نه وڃو. نيڪ انسان جدا ته ٿي وڃي ٿو پر سندس روشني باقي آهي. ماڻهو پنهنجي پيغمبرن جو انڪار ڪن ٿا ۽ کين پڻ قتل به ڪن ٿا. پر هو پنهنجي شهيدن سان محبت ڪن ٿا ۽ اُنهن جي عزت ڪن ٿا، جن کي هنن ماريو آهي. اوهان سڄي دنيا جي لاءِ ڪم ڪريو ٿا ۽ مستقبل جي لاءِ ڪوشش ڪريو ٿا. ڪنهن به انعام جي طلب نه ڪريو، ڇو ته زمين تي اوهان جي لاءِ وڏو انعام آهي. ڇاڪاڻ ته روحاني خوشي فقط نيڪ ماڻهوءَ کي عنايت ڪئي وئي آهي. ڪنهن به وڏي ۽ طاقتور کان خوف نه کائو پر سياڻا ۽ هميشه صاف ۽ پرسڪون ٿي گذاريو. وزن ۽ ماپ کي ڄاڻو، وقت جي دور کي ڄاڻو ۽ انهن جو مطالعو ڪندا رهو. جڏهن اوهان اڪيلائي ۾ هجو ته دعا گهرندا رهو. زمين تي سجدي ۾ ڪرڻ ۽ اُن کي چمڻ سان محبت ڪريو. زمين کي چمو اُن غير معمولي اشتياق ۽ حرص سان پيار ڪريو. سڀني انسانن ۽ هر شيءِ کي پيار ڪريو. بيخودي ۽ انتهائي خوشيءَ کي ڳول. پنهنجي خوشي جي لڙڪن سان زمين کي تر ڪر ۽ اُنهن لڙڪن کي پيار ڪر. تون پنهنجي انتهائي خوشي کان شرمندو نه ٿي. اُن کي انعام طور وٺ. ڇاڪاڻ ته هيءُ خدا جو انعام آهي ۽ نهايت عظيم. هيءُ انعام سڀ کي نه ملندو آهي پر منتخب انسانن کي ملندو آهي.

جهنم ۽ جهنم جي باهه جو ذڪر ۽ صوفياڻا امڪان

مربيو ۽ اُستادو! مان خيال ڪريان ٿو ته دوزخ ڇا آهي؟ مان ٻڌايان ٿو ته، هيءُ اهو عذاب آهي، جو محبت جي محروميءَ جو نتيجو آهي. ”هڪ ڀيرو هن لا محدود حيات ۽ اڻ ڪٿ وقت ۽ فضا ۾، هڪ روحاني جاندار کي زمين ڏي ايندي، هن چوڻ جي طاقت ڏني وئي ته، ”مان آهيان ۽ محبت ڪريان ٿو.“ هڪ ڀيرو ۽ فقط هڪ ڀيرو، کيس عملي طور تي، محبت گذارڻ جو وقت بخشيو ويو ۽ انهيءَ ڪري ئي کيس زميني زندگي، اوقات ۽ موسمن سان گڏ ڏني وئي. پر اُن خوش بخت، انسان، اُن بي بها انعام کي رد ڪري ڇڏيو. اُن کي هن نه انعام سمجهيو ۽ نه اُن سان محبت ڏيکاري. ان کي هن نفرت سان ڏٺو ۽ طعني زني ڪئي. اهڙو انسان جڏهن زمين کي ڇڏي ٿو، هو حضرت ابراهيم (عليه السلام) جي سيني کي ڏسي ٿو ۽ حضرت ابراهيم (عليه السلام) سان گفتگو ڪري ٿو، جيئن اسان کي، هڪ دولتمند شخص ۽ لزاريوس جي چوڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي، هيءُ آسمان کي گرفت ۾ وٺي ٿو ۽ پنهنجي خالق تاِئين پهچي ٿو. پر هي سڀ ڪجهه سندس عذاب جو باعث آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان محبت ڪرڻ بغير، هو پنهنجي خالق تاِئين ڪيئن پهچي سگهي ٿو. سوبه انهن جي قريب، جن اُن سان محبت ڪئي ۽ هن انهن کي حقارت سان ڏٺو. ڇاڪاڻ ته هوُ واضح طور تي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي چوي ٿو ته، مان هاڻي سمجهان ٿو، جيتوڻيڪ مان هاڻي محبت ڪرڻ چاهيان ٿو، پر مون وٽ هاڻي نه ڪا عظيم شيءِ آهي، نه وري منهنجي محبت جي ڪا قرباني آهي. ڇاڪاڻ ته منهنجي زميني زندگي ختم ٿي چڪي آهي، ۽ ابراهيم (عليه السلام) ڪڏهن به مون وٽ آبِ حيات جي هڪ ڦڙي کي به نه آڻيندو، ”جو زمين تي عملي زندگي جو انعام آهي“ جو منهنجي روحاني محبت جي تشنگي کي، جا منهنجي اندر موجود آهي، سرد ڪري سگهي، جنهن کي مان زمين تي حقارت سان نهاريندو ٿي رهيس. هاڻي منهنجي لاءِ ڪا به حياتي ڪا نه آهي نه وري مڪان ۽ زمان! کڻي مان هاڻي ٻين جي لاءِ پنهنجي حياتي ڇو نه قربان ڪريان، پر اهو ٿي نه ٿو سگهي، ڇو ته اُها حياتي گذري چڪي جا محبت ۾ قربان ٿي سگهي ها. هاڻي حياتي ۽ اُن جي وجود ۾ وڏو ويڇو اچي چڪو آهي.
هو دوزخ جي باهه ۽ ان جي مادي تي عمل جي بابت ڳالهيون ڪن ٿا، مان اُن راز نياز ۾ وڃڻ نه ٿو گهران ۽ اُن کي ختم ٿو ڪريان، پر مان خيال ٿو ڪريان ته جيڪڏهن اها باهه مادي طور تي موجود آهي ته، هو ان جي موجودگيءَ کان خوش ٿيندا، ڇاڪاڻ ته مان خيال ٿو ڪريان ته مادي عذاب ۾ سندن عظيم تر روحاني عذاب ٿوري گهڙيءَ لاءِ کانئن وسري ويندو. مگر روحاني عذاب کانئن جدا ٿي نه سگهندو، ڇو ته هيءَ ٻاهرين شيءِ نه آهي پر سندن اندروني آهي. جيڪڏهن اهو عذاب کانئن پري به ڪيو وڃي ته اها ڳالهه هنن جي لاءِ وڌيڪ ايذاءَ ڏيندڙ ٿي پوندي. توڙي جو نيڪ شخص کين معاف به ڪن، سندن عذاب کي روڪين ۽ کين پنهنجي لامحدود محبت جي ذريعي آسمان ڏي گهراِئين ته هوُ پنهنجي عذاب کي تورڻ لڳندا، ڇاڪاڻ ته هي منجهن جوابدارانه، عملي ۽ شڪر گذار محبت جي لاءِ ناممڪن شيءِ هوندي. مان پنهنجي ڏڪندڙ دل سان سوچيان ٿو ته سندن هن ناتواني جي قبوليت، شايد آخر کين تسڪين ڏئي. ڇاڪاڻ ته نيڪ شخص جي محبت کي قبول ڪندي، ان جي عيوض کي ڏيڻ کان پاڻ کي قاصر ڏسي، پنهنجي نياز ۽ فرمانبرداريءَ سان، آخر هو عملي محبت جي طريقي کي حاصل ڪري وٺندا، جنهن کي هنن پنهنجي زندگيءَ ۾ حقارت سان ٺڪرايو هو.... مون کي ڏک ٿو ٿئي، منهنجا دوستو ڀائرو، مان هن حقيقت جي چڱيءَ ريت وضاحت نه ٿو ڪري سگهان. پر افسوس آهي انهن تي، جن هن زمين تي پاڻ کي ماريو ۽ خود ڪشي ڪئي. مان خيال ٿو ڪريان، ته دنيا ۾ هنن کان وڌيڪ ڪو بدبخت ٿي نه ٿو سگهي. مون کي چيو وڃي ٿو، ته هنن لاءِ دعا گهرڻ گناهه آهي ۽ ديول، ظاهر ۾ مٿن لعنت ٿي موڪلي، پر مان پنهنجي دل جي گهراين ۾ پاڻ کي چوان ٿو، ته هنن جي لاءِ پڻ دعا ڪرڻ گهرجي. حضرت مسيح اسان جي هن روش کان، جا اسان هنن لاءِ وٺون ٿا، هرگز غصي نه ٿيندو. مربيو ۽ ڀائرو! مان اعتراف ٿو ڪريان ته مان پنهنجي سڄي زندگي ۾ اندرئي اندر، انهن لاءِ دعا ڪندو رهيو آهيان ۽ هاڻي به سڀ ڪنهن ڏينهن تي، انهن لاءِ دعا گهرندو رهندو آهيان.
ها! ڪي اهڙا به آهن، جي پنهنجي ڄاڻ ۽ صداقت جي موجودگيءَ ۾، جهنم ۾ به مغرور ۽ خونخوار آهن. هي اهي ئي ٿورا خوفناڪ انسان آهن، جن پاڻ کي شيطان ۽ سندس مغرور روح وٽ پوري طرح سپرد ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي لاءِ جهنم لازمي ۽ سندس باهه حاسد آهي. کين سندن انتخاب جي باعث هيءُ عذاب آهي. ڇاڪاڻ ته هنن پاڻ کي برباد ڪيو هو، خدا ۽ زندگي کي ٺڪرايو هو، هنن پنهنجي زندگي انتقامي مغروريءَ سان گذاري هئي، بلڪل اهڙيءَ ريت، جيئن رڻ پٽ ۾ هڪ بک ۾ مرندڙ انسان، پنهنجي بدن مان رت کي ڪڍي پيئندو آهي پر کين ڪڏهن به تسلي حاصل نه ٿيندي، هو عفو جا منڪر ئي رهندا، هو خدا جي مخالفت تي ڪمر ڪشيو بيهندا، توڙي جو خدا کين پنهنجي طرف سڏي ٿو. پر هي پنهنجي احساس خصومت جي باعث زندهه خدا کي ڏسي نه ٿا سگهن ۽ کين هيءَ اميد آهي ته خدا جو وجود ئي نه آهي. هوئي پاڻ کي ۽ پنهنجي مخلوقات کي برباد ڪري رهيو آهي. هو هميشھ لاءِ پنهنجي غصي جي باهه ۾ خود ئي جلن ٿا ۽ پنهنجي موت ۽ سستي لاءِ پيا ٿا واجهائين. پر هو پنهنجي آرزوءَ کي ۽ موت کي ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگهندا....
هتي اليڪسي فيودورووچ ڪرامازوف جو دستخط نسخو پورو ٿئي ٿو. مان هيءَ ڳالهه وري دهرايان ٿو، ته هيءَ نامڪمل ۽ مختصر آهي. سوانح حيات جي تفصيل جي نظر کان هن ۾ فقط مربي زوسيما جي ابتدائي جواني جو احوال ڏنو ويو آهي. سندس تعليم ۽ راين جي مدنظر، فقط سندس اُهي اقوال ڏنا ويا آهن، جي هن مختلف موقعن تي چيا هئا. پر سندس مجموعي اخلاق جي خبر اسان کي اليڪسي فيودورووچ جي دستخط مان چڱيءَ ريت پئجي سگهي ٿي.
مربيءَ جو موت آخر ۾، اميد جي خلاف اوچتو واقع ٿيو. جيتوڻيڪ انهن جي، اُن آخري شام جو، سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيا هئا، محسوس ٿي ڪيو، ته سندس موت قريب آهي. پر وٽن اهو تصور نه هو، ته سندس موت ڪو ايڏو اوچتو ٿيندو. پر هن خيال جي خلاف، سندس دوستن جيئن مان اڳ ۾ چيو آهي، کيس خوش ڳالهائيندو ٿي ڏٺو. کين يقين هو ته سندس حالت ۾ عارضي طرح چڱي تبديلي اچي وئي آهي. سندس موت کان ٿورا منٽ اڳ، هنن چيو ٿي ته سندس حالت عجب جهڙي آهي ۽ مشڪل سان سندس موت جو خيال ڪري سگهجي ٿو. اوچتو هن پنهنجي سيني ۾ سخت سور محسوس ڪيو. هو زرد ٿي ويو ۽ پنهنجي هٿن کي دل تي رکيائين. سڀئي پنهنجي جاين تان اٿيا ۽ تيزيءَ سان وٽس پهتا. جيتوڻيڪ کيس سخت سور هو پر اڃا به کين مشڪندي نهاري رهيو هو. هو هوريان ڪرسي کان گوڏن ڏي گهرڪندو ويو. تنهن کان پوءِ هن پنهنجو منهن زمين ڏي جهڪايو. پنهنجي ٻانهن کي ڊگهو ڪيائين، ڄڻ ته هوُ خوشي ۽ آنند مان، دعا به گهري رهيو هو ۽ زمين کي چمي به رهيو هو. اهڙيءَ ريت خاموشي ۽ خوشيءَ سان، هن پنهنجو روح خالق کي سپرد ڪري ڇڏيو.
سندس موت جي خبر هڪدم راهبن کان مڙهيءَ تاِئين پهچي وئي. مري ويل جا قريبي دوست ۽ جن جو سندن مقام کان اهو فرض هو، انهن لاش کي قديم رواج موجب کڻي ليٽايو ۽ سڀئي راهب ديول ۾ وڃي گڏ ٿيا. پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ سندس موت جي خبر شهر ۾ پکڙجي وئي. شهر ۾ صبح جو سڀ ماڻهو هن واقعي تي گفتگو ڪندا رهيا ۽ گروهه در گروهه ماڻهو شهر کان مڙهيءَ ڏي ايندا رهيا، پر هيءُ مضمون ٻي ڪتاب ۾ ڏنو ويندو. مان هتي فقط هيترو چوڻ گهران ٿو، ته هڪ ڏينهن کان پوءِ هڪ ڳالهه اوچتو اهڙي ٿي گذري، جا پنهنجي اثرکان راهبن لاءِ عجيب، مايوسي پيدا ڪندڙ ۽ منجهائيندڙ هئي پر شهر وارن لاءِ به. ۽ اها ڳالهه ڪيترن سالن جي گذرڻ کانپوءِ به چٽيءَ طرح سان شهر وارن کي ياد آهي.

حصو ستون: اليوشا

---

باب پهريون: خرابيءَ جي بوءِ

مربي زوسيما جو لاش، مقرر ڪيل رواج موجب، دفن ڪرڻ لاءِ تيار هو. هيءَ اڳ ۾ ئي رسم هئي، ته مري ويلن راهبن ۽ سنياسين جي لاشن کي غسل ڏنو ويندو هو. ديول جي قانون ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”جيڪڏهن ڪو راهب پنهنجي مالڪ ڏي موڪلائي وڃي ته سندس جانشين راهب، سندس جسم کي گرم پاڻيءَ سان صاف ڪندو. پهريائين اسپنج سان سندس پيشاني تي صليب جو نشان ٺاهيندو، تنهن کان پوءِ، سيني، هٿن، پيرن ۽ گوڏن تي ساڳيو نشان ڏيندو ۽ هي سڀ ڪجهه مربي پايسي ڪري ڇڏيو هو. هن مـُـردي کي سندس مڙهيءَ وارا ڪپڙا ڍڪايا هئا ۽ هڪ قبا ۾ ويڙهيو، جنهن کي رواج موجب، چير ڏئي، صليب جي شڪل ۾ ڳنڍ ڏني وئي هئي. سندس مٿي تي راهبن جي خاص ٽوپي رکي وئي هئي، جنهن کي اَٺ پاسا هئا، جنهن جي هر هڪ ڪنڊ ۾ صليب صاف ٿي نظر آيو. سندس هٿ ۾ حضرت مسيح جو هڪ مجسمو هو. صبح سان ئي جنازي کي، اهڙي نموني جو لباس پهرائي تابوت ۾ رکيو ويو هو. (جو تابوت ڪيتري وقت کان اتي موجود هو.) فيصلو ڪيو ويو، ته تابوت کي سڄو ڏينهن ڪمري ۾ رکيو وڃي. ان وڏي ڪوٺيءَ ۾ جتي مربي هميشھ پنهنجي ملاقاتين سان ملندو هو. جيئن ته فوتيءَ کي وڏي پادريءَ جو درجو هو، ان ڪري مقدس قانون موجب، مٿس دعائن جي ڪتاب جي بجاءِ فقط انجيل کي ئي پڙهڻو هو. تدفين جي رسم کان پوءِ هڪدم راهب ابو يوسف انجيل کي پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. مربي پايسي جي خواهش هئي، ته سندس دوست جي مٿان انجيل رات ڏينهن پڙهيو وڃي. پر موجود راهب ۽ سنياسين جو نگران ڪار، ڏاڍو مشغول هو، جنهن ڪري، هوُ هڪ غير معمولي حقيقت کي، جنهن ۾ هڪ اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل پريشاني ۽ بي صبريءَ جو جوش هو، ڏسي نه سگهيو هو. جو راهبن، مڙهيءَ جي رهڻ وارن ۽ شهر کان بي انداز ايندڙن به چٽائيءَ سان ٿي ڏٺو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن وڌيڪ، هيءَ شيءِ زور وٺندي رهي. ٻئي نگران ڪار، ايوسف ۽ پايسي، ماڻهن جي عام آواز کي ۽ سندن مخالفاڻي راءِ کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.“
جڏهن صبح جي روشني چڱي ريت پکڙجي وئي، ته ڪي ماڻهو بيمارن کي وٺي آيا، جن ۾ اڪثريت ٻارن جي هئي. هوُ ڄڻ ته ان گهڙيءَ جي سخت انتظار ۾ هئا، ڇو ته هنن سمجهيو ٿي، ته مربيءَ جي لاش ۾ شفا جي طاقت رکيل آهي ۽ هو ڪنهن جي وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي عقيدي موجب ان جو فائدو حاصل ڪن. هيءُ صاف ظاهر ٿي نظر آيو ته شهر ۾ بنا ڪنهن چون چران جي، سڀ ڪنهن قبول ٿي ڪيو ته مربي زوسيما، پنهنجي حياتيءَ جي زماني ۾ وڏو سـَـنتُ هو. هي سڀئي ماڻهو، جي شهر کان اُتي آيا هئا، عوام مان نه هئا. معتقدن جون هيءُ يقين واريون اميدون، اهڙي ريت ته جلد ظهور ۾ آيون ۽ ايتريون کـُـليل ۽ ايتريون ته بي صبري واريون هيون، جن مربي پايسي تي وڏو اثر ڪيو ۽ ساڳي وقت کيس هي ڳالهيون ڏکيون به لڳيون. جيتوڻيڪ هن هيءَ ڳالهيون گهڻي وقت کان ڏٺيون هيون، پر جذبات جو هيءُ تاڃي پيٽو، سندس قياس کان نهايت مٿي هو. جڏهن هو ڪن راهبن وٽان گذريو ٿي ۽ کين اهڙي جذبات جو مظاهرو ڪندي ڏٺاِئين ٿي ته کين ڇينڀائين ٿي ۽ چيائين ٿي ته، ”هي انتظار ۽ بي صبري، جا هن عظيم واقعي مان پيدا ٿي آهي، سي ڪم عقليءَ جون نشانيون آهن، جي ٻين ماڻهن وٽ ته وڻندڙ هجن پر اسان راهبن ۾ نه هئڻ گهرجن. ” پر ڪنهن به کيس ڪن نه ٿي ڏنو. جنهن ڪري هو هن تي وڌيڪ کان وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو هو. پر هو پاڻ (جيڪڏهن سڄي ڳالهه سچائيءَ سان ٻڌائي وڃي) پنهنجي دل جي گهراين ۾ ڳجهيءَ طرح، اهڙيون اميدون ٿي رکيون ۽ هو به ٻين وانگر، ڪنهن عظيم حادثي جي انتظار ۾ هو. جنهن جي کيس ڪابه خبر نه ٿي پئي. جيتوڻيڪ هوُ پنهنجي چوڌاري، هيءَ بي صبريءَ جون حالتون ڏسي، نهايت غصي ۾ هو. کيس هن سڄي معاملي ۾ شڪ ۽ رنجيدگي ٿي نظر آئي.
انُ هوندي به خاص طرح، ڪن ماڻهن سان ملڻ، کيس پسند نه ٿي آيو، جن جي موجودگيءَ، سندس دل ۾ گهڻائي شڪ ٿي اُٿاريا. مردي جي ڪوٺڙيءَ ۾ جو گوڙ هو، هن، ان کي بيزاريءَ سان ڏٺو. (هن ان لاءِ هڪدم پاڻ کي ملامت ڪئي.) ريڪٽن جي موجودگي ۽ ايڊورسڪ جو راهب، جي اڃا مڙهيءَ ۾ ٽـِـڪيل هئا. کيس انهن جو وڏو اونو هو. هو تنهنجي بابت شڪ ۽ شبهي ۾ مبتلا هو. جيتوڻيڪ ٻين جي لاءِ کيس ساڳيو خيال رکڻ گهربو هو.
ابڊورسڪ جو راهب نمايان طور تي، ان جوش ڀرئي ميڙ ۾، ننڍين ننڍين ڳالهين کي وڏو سمجهي رهيو هو. هوُ سڀ ڪنهن جاءِ تي نظر ٿي آيو، سڀ ڪنهن جاءِ تي هو سوال ڪري رهيو هو، سڀ ڪنهن جاءِ تي ڪن ڏئي رهيو هو ۽ سڀ ڪنهن طرف خاص رازداراڻي طريقي سان ڀڻڪندو ٿي رهيو. سندس اظهارِ خيال سندس عزم بي صبري ۽ اڃا به سندس جوش کي اصل حالت ۾ ڏيکاري رهيو هو.
ريڪٽن دير سان ظاهر ٿيو هو، جيتوڻيڪ راهبن جي جاءِ تي نهايت سوير، ميڊم هائلڪوف جي خاص عرض تي آيو هو. جيئن ئي ان نيڪ دل ۽ ڪمزور طبعيت عورت، ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ مربي زوسيما جي موت جي خبر ٻڌي ته مٿس ايڏو ته اثر پيو، جو هن هڪدم ريڪٽن کي مڙهيءَ ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته اتي جو به گذري، ان جو اطلاع کيس هر هڪ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ خط جي رستي موڪلي ڏي. هو ريڪٽن کي بيحد ديندار ۽ ڄاڻو نوجوان سمجهي رهي هئي. هيءُ خاص طرح ماڻهن جي چوڌاري ڦرڻ ۽ انهن جي مذاق موجب ڳالهين ۾ حصي وٺڻ لاءِ نهايت سياڻو هو. پر ان ۾ سندس هيءَ خواهش هئي ته، کيس اِيئن ڪندي ڪو ٿورو ئي فائدو حاصل ٿي سگهي.
اهو صاف ۽ روشن ڏينهن هو ۽ ڪيترا ملاقاتي قبرستان ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، جتي قبرن ۽ ديول جي چوڌاري ۽ مڙهيءَ جي پاسن ۾ گهڻي انداز ۾ هيڏي هوڏي پکڙيون پيون هيون. هوا مڙهيءَ جي چوڌاري ڦرندي رهي، مربي پايسي، اليوشا کي ياد ڪيو، جنهن کي هن گهڻي وقت کان ڏٺوئي نه هو. جيئن ئي هن ان جو خيال ڪيو، هن هڪدم کيس، ڪجهه پري ڪنڊ ۾، مڙهيءَ جي باغ ۾ ڏٺو. هو هڪ راهب جي قبر جي پٿر جي ڀرسان ويٺو هو، جو راهب گهڻو وقت اڳي، پنهجي ولايت کان گهڻو مشهور هو. سندس پٺ مڙهيءَ ڏانهن هئي ۽ منهن ڀت ڏانهن هو. ڄڻ ته هو پنهنجي منهن کي قبر جي پٿر ۾ لڪائي رهيو هو. وٽس وڃي مربي پايسي ڏٺو ته هو پوريءَ شدت سان آهستي روئي رهيو آهي، سندس منهن سندس هٿن ۾ ڍڪيل هو ۽ اِيئن پئي معلوم ٿيو، ته سندس سڄو جسم اوڇنگارن جي باعث ڏڪي رهيو آهي. مربي پايسي، ٿوري دير لاءِ مٿس بيهي رهيو.
آخر هن پنهنجي جذبات جي رؤ ۾ وهندي چيو ته، ”عزيز فرزند بس، پيارا بس تون ڇو ٿو روئين، توکي خوش ٿيڻ کپي. توکي خبر نه آهي ته هيءُ اڄوڪو ڏينهن نهايت عظيم آهي؟ تون فقط اهو خيال ڪر، ته هو هن وقت ۽ هن گهڙيءَ ڪٿي آهي؟“
اليوشا کيس ڏٺو ۽ پنهنجي وات کي کوليو، جو ٻارن وانگر روئندي سڄو سـُـڄي ويو هو، پر هن بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي منهن ڦيرايو ۽ ان کي وري هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو.
”شايد هي چڱا هجن؟“ مربي پايسي خيالن جي ٽٻيءَ مان ٻاهر نڪرندي چيو، حضرت عيسيٰ ئي ته هي لڙڪ توڏي موڪليا آهن.“
اليوشا کان دور ويندي، هن کيس پيار ڪندي پاڻ کي چيو ته: ”تنهنجا هيءُ پر اثر ڳوڙها، تنهنجي روح لاءِ نجات آهن. اهي تنهنجي محبت سان ڀريل دل کي مسرت بخشيندا. ” هو تڪڙو تڪڙو، کانئس اڳتي وڌي ويو، ڇاڪاڻ ته هن محسوس ٿي ڪيو ته هو پڻ کيس ڏسي روئي ويهندو.
وقت گذرندو ٿي ويو. مڙهيءَ جا رسم ۽ رواج ۽ مـُـئي جي نوحه خوانيءَ جو سلسلو جاري هو. مربي پايسي تابوت جي ڀرسان وري ايوسف راهب جي لڳ وڃي بيٺو ۽ انجيل کي پڙهڻ لڳو، پر شام جو ستين بجي کان اڳ، ڪا ڳالهه ظهور ۾ آئي، جنهن جو ذڪر مان گذريل ڪتاب جي آخر ۾ ڪيو آهي. اسان سڀني جي اميد جي خلاف، اوچتو هيءُ سڀ ٿي گذريو ۽ هيءُ عام خواهش جي خلاف هو. مان هن بي لطف واقعي کي وري دهرايان ٿو، جو اڃا تائين، هن شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ کي چڱيءَ ريت ياد آهي. مان هتي هيءُ به چوندس ته شخصي طرح، مان ان واقعي کي وري دهرائڻ مڪروهه سمجهان ٿو، جنهن غير سنجيده غم ۽ غصي کي پيدا ڪيو هو ۽ ڪيترن ماڻهن جي لاءِ ناقابل برداشت حقيقت بنجي پيو هو. جيتوڻيڪ حقيقت ۾، اهو نهايت فطري هو ۽ بي لطف پڻ! مان جيڪر انهيءَ سڄي حقيقت کي ترڪ ڪري ڇڏيان ها، جيڪڏهن ان جو طاقتور زور ۽ اثر، مکيه ماڻهوءَ جي دل ۽ روح تي جو هن ڪهاڻي جو آئنده روح روان اليوشا آهي، پنهنجو مظاهرو نه ڪري ها. جنهن جي روحاني ترقي ۾، هن تبديليءَ نازڪ بحران آڻي وڌو ۽ سندس ذهن کي اهڙي ته ضرب هنئين، جنهن جي باعث هو سڄي حياتي ان تي آخري طور مضبوط بيهي رهيو ۽ ان کي قطعي نصب العين بڻايائين.
هاڻي اسان پنهنجي ڪهاڻي ڏي اچون ٿا، پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ، هنن مربي زوسيما جي مڙهه کي ، تابوت ۾ رکيو ۽ سامهون واري ڪوٺيءَ ۾ آندائون. تابوت جي چوڌاري، جي ماڻهو هئا، انهن درين جي کولڻ جو سوال اُٿاريو. پر هن مشوري کي ڪن غير اهم قرار ڏنو ۽ ان جو ڪو به جواب نه ڏنو ويو، نه وري، ان کي ڌيان ۾ آندو ويو، پر اتي، جيڪي موجود هئا، تن مان ڪن، خيال پئي ڪيو. سندن تصور ۾ هيءَ ڳالهه اچي ويٺي هئي ته اهڙي ڪامل شخص جي جسم ۾ خرابي ۽ گهٽتائي اچڻ جو امڪان ئي سچ پچ واهيات عمل آهي. اهو خيال کلڻ هاب ٿيندو ۽ بي ايماني! ڇاڪاڻ، ته هنن بلڪل ٻيءَ طرح ٿي سوچيو.
پر جلد ئي منجهند کان پوءِ ڪي نشانيون ظاهر ٿيون پهريائين انهن خاموشيءَ سان ڏٺو، جي اندر ۽ ٻاهر آيا ۽ ويا ٿي. هو ڄاڻي ٻجهي، دل جي هن خيال کي ٻين کي ٻڌائڻ ۾ خوف کائي رهيا هئا. پر ٽين وڳي هيءُ نشانيون واضح ۽ بنا ڪنهن غلطيءَ جي نظر اچڻ لڳيون. مڙهيءَ ۾ هيءَ خبر جلد ئي سڀني راهبن ۽ ملاقاتين تائين پهچي وئي، جي اُن جاءِ اندر گهڙي آيا هئا ۽ سڀئي راهب عجب ۾ پئجي ويا. هيءَ خبر مختصر وقت اندر شهر ۾ پکڙجي وئي. هرڪو جوش ۾ ڀرجي ويو، پوءِ اُهو بيدين هويا بادين، خوش ٿي رهيو هو. گهڻا ديندار ته بيدينن کان به وڌيڪ خوش ٿيا، ڇاڪاڻ، ته بيدين انسان، نيڪ مرد جي زوال ۽ تڪليف تي خوش ٿيندو آهي.
حقيقت هيءَ آهي، ته تابوت مان لاش جي بدبوءِ اچڻ شروع ٿي هئي ۽ آهستي آهستي، اُها وڌندي وئي ۽ ٽين وڳي تاِئين ايتري ته پکڙجي وئي جو ان جي چوڌاري ماڻهو بيهي نه ٿي سگهيا. مڙهيءَ جي ماضيءَ جي تاريخ ۾، ڪڏهن به اهڙو بدناميءَ جهڙو واقعو نه گذريو هو. ٻين حالات جي ماتحت به اهڙو واقعو اڻ ٿيڻ جهڙو هو. خود راهبن ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي هئي. هن واقعي کان پوءِ ڪيئي سال پوءِ، ڪن سمجهدار راهبن کي عجب هوندو هو ۽ هو خوف کائيندا هئا، ته اها بدنامي ڪيتري نه حد کان وڌيڪ هئي. ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ به ڪيترائي پاڪيزه زندگي وارا راهب فوت ٿيا هئا، خدا کان ڊڄندڙ پوڙها انسان، جن جي پاڪائيءَ کي سڀني قبول ڪري ورتو هو، سندن تابوت مان عفونت جي هوا ته ايندي رهندي هئي پر ايڏي نه، جيئن سڀني مرده ماڻهن مان فطرتي طرح ايندي آهي، پر انهن بابت نه بدنامي جو خيال هو نه وري ڪا پريشاني ئي پيدا ٿي هئي، بيشڪ ماضيءَ ۾ مڙهين ۾ سـَـنتَ هئا، جن جي ياد کي خبرداريءَ سان قائم رکيو ويندو هو ۽ سندن عضون کي روايتن موجب، ڪنهن به خرابيءَ جي نشانين کان ٻاهر سمجهيو ويندو هو. هن حقيقت کي راهب پر اثر ۽ اسرار وانگر سمجهندا هئا، ۽ هنن روايتن کي هو مبارڪ ۽ الهامي شين وانگر عزيز سمجهندا هئا ۽ سندن تربتن کي خدا جي مهربانين مان، سندس واعدي موجب، مستقبل جي لاءِ، هڪ شاندار شيءِ ڄاڻندا هئا.
اهڙي هڪ يادگيري، جنهن کي خاص طرح ياد ٿي ڪيو ويو ۽ عزيز ٿي رکيو ويو، هڪ ڪراڙو راهب، هڪ سؤ پنجاهه ورهين جي عمر ۾ ستر سال اڳ فوت ٿيو هو. هو هڪ مثالي سنياسي هو. سندس قبر کي ملاقاتين جي پهچڻ تي خاص طرح عزت ۽ پر اسرار هدايتن سان ڏيکاريو ويندو هو، ڄڻ ته ان سان وڏيون اميدون ڳنڍيل آهن. (هي اهائي قبر هئي،جتي مربي پايسي صبح جي وقت اليوشا کي ويٺل ڏٺو هو). مڙهيءَ جي اندر ٻي يادگيري، مربي وارسونوف جي عزت سان ياد ڪئي ويندي هئي، جو ٿورو وقت اڳي مري ويو هو ۽ جنهن جو مربي زوسيما جانشين بڻيو هو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ مڙهيءَ جي سڀني زيارتين وٽ، هڪ سودائي راهب سمجهيو ويندو هو. هنن ٻنهي جي بابت روايت آهي، ته هو ٻئي پنهنجي تابوت جي اندر اِيئن موجود هئا،ڄڻ ته جيئرا آهن. دفن ڪرڻ جي وقت منجهن ڪا به خرابي موجود نه هئي. سندن چهرن مان مقدس نور جي روشني ٿي ڏٺي، ڪن ماڻهن هيئن به ٻڌايو ٿي، ته انهن مان دلڪش خوشبوءِ ٿي آئي.
پر هن روحاني ۽ اخلاقي اصلاح جي يادگيرين هوندي به، اهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ته ڇو اِهي، بي لطف، مهمل ۽ بدناميءَ جهڙيون ڳالهيون مربي زوسيما جي تابوت جي ڀرسان ٿي ڪيون ويون. منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ موجب، هن لاءِ ڪيئي جدا جدا سبب پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ سرگرم ڪار هئا. مثال لاءِ، اوهان دشمنيءَ جون گهريون پاڙون، جي جدا جدا مربين جي تعليم جي باعث هيون. جي تباهه ڪار جديد طريقن سان گهڙيو ويون هيون ۽ جن بابت راهبن جي دلين ۾ لڪيل نفرت موجود هئي. اڃا به هن کان وڌيڪ طاقتور اهو حسد هو، جو ان مئل انسان جي نيڪ مرديءَ جي خلاف هو. اهو سندس حياتيءَ جي دور ۾ ئي قائم ٿي چڪو هو ۽ ان جي بابت ڪنهن به سوال پڇڻ جي منع هئي، جيئن ته مرحوم مربي، ڪيترين دلين کي فتح ڪري ورتو هو، ڪن کي محبت ۽ مروت سان ته ڪن کي ڪرامتن سان، جنهن ڪري سندس چوڌاري شائقن جو وڏو گروهه اچي موجود ٿيو هو. گهٽ وڌ انهيءَ جي ڪري ئي، ساڻس حسد پيدا ٿيو هو ۽ سندس ڪيترائي کليل ۽ لڪيل دشمن، مڙهيءَ ۾ خواهه ٻاهر موجود هئا. هن ڪنهن کي به ايذاءُ نه پهچايو هو، پر ”هنن ان هوندي به کيس نيڪ مرد ڇو ٿي شمار ڪيو؟ ” هيءُ سوال ئي هيو، جو اڪيلو درجي به درجي اُٿندو ٿي رهيو ۽ انهيءَ ئي ، سندس دشمنن ۾ بي پناهه حقارت ٿي پکيڙي. منهنجي نظر ۾ اهوئي سبب هو، جو حاسدن، ان بوءِ کي جا سندس جنازي مان اچي رهي هئي، ان کي ٿوري عرصي ۾ (ڇاڪاڻ ته مربي کي مئي مشڪل سان هڪ ڏينهن گذريو هو) محسوس ڪري،خوش پئي ٿيا. ايتري قدر جو مربيءَ جا ڪيترائي مريد، جي سندس احترام ڪندا هئا، هن حادثي کان ايڏا ته متاثر ٿيا هئا، پنهنجي شان جي وقت منجهن ڪابه خرابي موجود نه هئي. سندن چهرن مان مقدس نور جي روشني ٿي ڏٺي. ڪن ماڻهن هيئن به ٻڌايو ٿي، ته انهن مان دلڪش خوشبو ٿي آئي.
جيئن ئي هن عفونت جون نشانيون ظاهر ٿيون، سڀئي راهب، اُن حجري ۾ داخل ٿي، مخفي طرح گمراهي جي منصوبن کي عمل ۾ آڻڻ لڳا. هو اندر ويا ٿي ۽ ڪجهه وقت ترسي، ٻاهر آيا ٿي ۽ ان خبر جي ٻاهر ويٺل راهبن وٽ تصديق ٿي ڪيائون. اُنهن مان ڪن ماتمي طور تي ڪنڌ ٿي ڌوڻيو پر ٻين ته هن اطلاع جي خوشيءَ کي لڪائڻ جي پرواهه به نه ٿي ڪئي، جا انهن جي حاسد اکين ۾ چمڪي رهي هئي. هاڻي ڪوبه کانئن اهو پڇڻ نه ٿي آيو نه وري ڪنهن خلاف آواز ٿي اٿاريو، جا هڪ عجيب ڳالهه هئي، ڇو ته راهبن ۾ اڪثريت انهن جي هئي، جن جي عقيدت مئل مربي سان هئي. پر خدا جي مرضي اها هئي ته ڀلي اوليت جو هٿ اڪثريت جي مٿان هجي.
ٻاهريان ملاقاتي، خاص طرح تعليم يافته طبقو پڻ حجري ۾ ويا ٿي، ۽ سندن نيت به ساڳي جاسوسيءَ واري هئي. ڳوٺاڻن ماڻهن مان ٿورا حجري جي اندر ويا، جيتوڻيڪ مڙهيءَ جي دروازي وٽ سندن وڏو مجموعو هو. ٽين وڳي کان پوءِ دنياوي ملاقاتين جو گوڙ وڌيڪ وڌي ويو ۽ اهو شايد ان تڪليف ڏيندڙ اطلاع جي باعث هو. ماڻهن ۾ گويا هن خبر جي باعث ڪشش پيدا ٿي هئي ۽ هو گهڻي انداز ۾ ٿي آيا، ٻيءَ حالت ۾ هو شايد نه به اچن ها. هنن ملاقاتين ۾ ڪي وڏي بيهڪ وارا به هئا. ٻاهرين شائستگي اڃا به موجود هئي، مربي پايسي پنهنجي سخت گير چهري سان، مضبوط ۽ اوچي آواز ۾ انجيل کي مسلسل پڙهي رهيو هو، ۽ هو هن کان بي پرواهه هو، ته سندس چوڌاري ڇا ٿي رهيو آهي؟ جيتوڻيڪ هـُـنَ حقيقت ۾، گهڻو اڳي ڪنهن غير معمولي شيءِ کي ڄاڻي ورتو هو. پر آخر ڀڻ ڀڻ زوردار آواز ۾ بدلجي وئي ۽ ظاهر ظهور ان تائين به پهچي وئي. مربي پايسي، ڪنهن کي اوچتو چوندي ٻڌو ته، ”هن مان ظاهر آهي ته خدا جو فيصلو، ڪو انساني فيصلو نه آهي. ” پهريائين جنهن هي لفظ چيا، سو شهر جو هڪ وڏي ّدرجي وارو عملدار هو ۽ وڏي عمر وارو شمار پئي ٿيو. ان جي لاءِ مشهور هو، ته وڏو مذهبي آهي. پر هن فقط وڏي آواز ۾ اهوئي چيو، جو راهب ڀڻ ڀڻ ڪري چئي رهيا هئا. هنن گهڻو وقت اڳي هن حقيقت کي ورائي ورائي ٿي چيو ۽ سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ هئي ته، هيءُ سڀئي گڏجي پاڻ ۾ فتحمنداڻي احساس سان ڳالهائي رهيا هئا ۽ سندن اها خوشي گهڙي گهڙي وڌندي ٿي وئي. جلدئي هنن ٻاهرين، شائستگي کي به ڇڏي ڏنو ۽ اِيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هنن کي هيءُ حق ٿي پهتو، ته هوُ خرابي ڪن.
”ڪهڙي سبب جي ڪري هيءَ حالت پيدا ٿي آهي؟“ ڪن راهبن پهريائين غم و غصي جي لهجي ۾ چيو. ”سندس جسم ڪمزور هو ۽ سندس گوشت هڏن تي سڪي ويو هو، آخر اُها ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن کي ايڏي بربادي پهتي؟“
”هيءَ آسماني نشاني آهي، ٻين تڪڙ ۾ وڌائي چيو، سندن راءِ کي هڪدم بنا ڪنهن اعتراض جي قبول ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اُن وقت هيءُ به اظهار ڪيو ويو هو ته هيءُ جسماني زوال فطري طور تي هڪ گنهگار جسم جي لاءِ ٿي سگهي ٿو. ٿي سگهيو پئي، ته هيءَ حالت چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ ظهور ۾ اچي ها، پر هيءَ وقت کان اڳ ۾ خرابي، ”قدرت جي طرف کان آهي. هيءُ خدا جو هٿ آهي، جو ان طرف اشارو ٿو ڪري ۽ هيءَ سڄي حڪمت الاهي آهي.“ نتيجو واقعي ناقابلِ انڪار هو.
مهربان مربي ايوسف، ڪتاب خاني جو سنڀاليندڙ، مئل ماڻهوءَ جي وڏي مداح، ڪوشش ڪئي، ته اُن بدگفتگو ڪرڻ وارن کي جواب ڏئي ته، ”سڀ ڪنهن جاءِ تي اِيئن نه ٿيندو آهي. ” هيءَ جسمن جي خرابي، ڪا ڪٽر ڪليسا جي عقيدن ۾ داخل نه آهي پر فقط راءِ جو اظهار آهي، آتوس جهڙي متبرڪ مقام ۾ به اِيئن قياس نه ڪيو ويندو آهي. عفونت جي باعث، ان جي ترتيب تي غور نه ڪيو ويندو آهي، مردي جي راستبازيءَ کي سندس عفونت تي نه پرکيو ويندو آهي، پر هڏن جي رنگ کان. جڏهن جسم دفنايو ويندو آهي ۽ ان کي گهڻا سال گذري ويندا آهن ۽ اهو ڳري ويندو آهي ته جيڪڏهن، ان جي هڏن جو رنگ زرد هوندو آهي ته ان کي خدا جي بخشش سمجهيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن اهو زرد جي بجاءِ ڪارو هوندو آهي ته، اِيئن سمجهڻ ۾ ايندو آهي ته هو خدا جي بخشش کان محروم آهي. هيءُ آتوس جو عقيدو آهي، جا عظيم جاءِ آهي، جتي قديم زماني کان مذهبي اُصولن کي سانڍيو ويندو آهي. ” راهب ايوسف، آخر ۾ هيءُ به چيو ته، ”هي اصول ڪڏهن به ڀڃي نه ٿا سگهجن ۽ عظيم تقدس وارا آهن. “
پر هن نماڻي راهب جي لفظن ڪو خاص اثر پيدا ڪونه ڪيو، اٽلو ماڻهو مٿس کلڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته هي سڄي ڪتاب پرستي ۽ هٿراڌو حقيقت آهي، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اسان قديم تعليم جا پابند آهيون،موجوده دور ۾ گهڻيون ئي نيون نيون ڳالهيون پيون ايجاد ٿين. ڇا اسان کي انهن سڀني ڳالهين جي پٺ وٺڻي پوندي.
ڪيترا ته هيستاِئين وڏي واڪي چوڻ لڳا ته، ”اسان وٽ ايترا گهڻا مقدس مربي آهن، جيترا ٻين وٽ ٿي نه ٿا سگهن.“ هنن ترڪن جي اثر هيٺ رهي، سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي. هنن جي تعليم گهڻي وقت کان ناپاڪ ٿي وئي ۽ ان ۾ هاڻي ڪوبه آواز نه رهيو آهي.
مربي ايوسف گهمندو نڪري ويو ۽ پنهنجي راءِ بابت افسوس ڪندو ويو، جيتوڻيڪ کيس پنهنجي ڳالهه تي خود به اعتبار نه ٿي آيو. هن اڳڪٿي ڪندي ڏٺو ته ڪا غير معمولي شيءِ شروع ٿيڻ واري آهي ۽ نافرمانيءَ جون نشانيون ظاهر آهن. آهستي آهستي سڀئي سمجهدار راهب ايوسف وانگر خاموش ٿي ويا. هاڻي هيءَ حالت بڻي هئي، جو، جن مربي سان محبت ٿي ڪئي ” وڏي فرمانبردار سان سندس مربياڻي اداري کي قبول ٿي ڪيو، اهي هڪدل افسوسناڪ طريقي سان، سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا هئا ۽ جڏهن گڏيا ٿي ته بي دليءَ سان، هڪ ٻئي جي منهن ۾ نهاريندا ٿي رهيا. اهي جي مربين جي اداري جي خلاف هئا، پنهنجي نئين طرز سان، فخر مان ڪنڌ مٿي کڻي ٿي گهميا. ”مرحوم مربي وارسونوفاءِ ڪا به عفونت نه هئي پر اُن مان دل پذير خوشبوءِ ٿي آئي.“ هنن بدنيتيءَ سان گذريل ڳالهه کي دهرايو. هن هيءَ امتياز، مربي هئڻ جي حيثيت ۾ حاصل نه ڪيو هو، پر هو هڪ نيڪ مرد هو.
هنن ڳالهين کانپوءِ نقطئه چيني شروع ٿي وئي ۽ مربي زوسيما تي الزام ڌرڻ کان به نه رهيا. ”سندس تعليم سچي باطل هئي، سندس تربيت هئي، ته انساني زندگي سڄي نشاط ۽ مسرت آهي نه لڙڪن جي وادي؟ ڪن ته هن کان به وڌيڪ بي دليل ڳالهيون ڪيون.“ هو طرز جديد جو معتقد هو، هو دوزخ جي مادي آگ ۾ يقين نه رکندو هو،ٻين هن کان به وڌيڪ مٿس الزام ڌريو ته هو روزي رکڻ جو ايترو قائل نه هو. هو هميشھ مٺيون شيون کائينديون هو. هو ّشيري جو مربو، چاءِ سان کائيندو هو، اهو مربو کيس عورتون موڪليندو هيون. ڇا هيءُ ڪنهن ڪٽر راهب جو وطيرو آهي ته هو چاءِ پيئي؟ سندسن ٻين مخالفن تائيد ڪندي چيو ٿي ته، ” هو ڏاڍي غرور مان پنهنجي جاءِ تي ويهندو هو. ” سندس مخالفن مان هڪ بدنيت، تعصب کان چيو ته، ” هو پاڻ کي وڏو ولي سمجهندو هو، ۽ جڏهن ماڻهو سندس سامهون نوڙندا هئا، ته هو ان ۾ پنهنجو فخر سمجهندو هو. هو اعتراف جي رسم کي باطل سمجهندو هو. ” پوئين ڳالهه سندس هڪ خطرناڪ مخالف چئي، جو مربين جي جماعت جو ڪٽر دشمن هو. هنن ۾ ڪي پراڻا راهب به هئا، جي پنهنجي زهد ۽ عبادت ۾ سخت گير هئا. عملي سنياسي، جن هن مربي جي حياتيءَ ۾ زبان به نه چوري هئي، سندس اوچتو چپ کلي ويا. هيءَ ڳالهه نهايت خطرناڪ هئي. ڇاڪاڻ ته سندن لفظن جو اثر نوجوان راهبن تي غير معمولي هو ۽ اڃا هنن ڪوبه پنهنجو فيصلو نه ڏنو هو. آبڊورسڪ جي راهب، نهايت خيال سان، هن سڄي حقيقت کي ٻڌو. هو ٿڌا ساهه کڻي رهيو هو ۽ مٿي کي ڌوڻي رهيو هو. ”هائو مربي فيرا پانٽ ڪالهه پنهنجي فيصلي ۾ بلڪل صحيح هو.“ ان وقت فيرا پانٽ پاڻ به اتي پهچي ويو، ڄڻ ته سندس مقصد هو ته هيءُ مونجهارو اڃا به وڌي وڃي.
مان مٿي ٻڌائي آيو آهيان، ته هو مشڪل سان پنهنجو ڪاٺيءَ جو حجرو، جنهن کي مانارو سڏيندو هو. ورلي ديول ۾ نظر ايندو هو، سندس هن غير حاضريءَ کي سندس سودائي طبعيت سان منسوب ڪري اهميت نه ڏني ويندي هئي ۽ کيس قاعدن ۽ قانونن جي ٻنڌڻن کان آزاد سمجهيو ويندو هو. حقيقت هيءَ آهي ته جيڪڏهن سچ کي سامهون رکي چئجي، ته کيس مشڪل سان ڪوشمار ۾ آڻيندو هو. ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪو فائدو به نه هو ته ايڏي وڏي سنياسي کي قانون جي متابعت ڪرڻ لاءِ زور آڻجي، جو رات ڏينهن عبادت ۾ مشغول ٿي رهيو. (ايتري قدر جو ننڊ به گوڏن ڀر ويهي ڪندو هو.) جيڪڏهن ان تي زور آندو به ٿي ويو ته راهب چوندا هئا ته، ”هيءُ اسان سڀني کان مقدس آهي ۽ اسان کان به سخت قانون جي تابعداري ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هو ديول نه ٿو وڃي، ته هو چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، ته ڪهڙي وقت اوڏانهين وڃي، کيس پنهنجا قانون آهن. ” هوُ هن گناهه آلود ڀڻ ڀڻ کان پري هو ۽ واقعي مربي فيراپانٽ آرام ۾ هو.
هيءَ سڀني کي خبر هئي، ته مربي فيراپانٽ، مربي زوسيما کي ڪونه ڀائيندو هو. هاڻي سندس جهوپڙيءَ ۾ هي خبرون پهچي چڪيون هيون ته، ”خدا جو فيصلو، انسان جهڙو نه هوندو آهي، ” ڪجهه فطرت جي خلاف ظهور ۾ آيو آهي. خيال ڪيو وڃي ٿو، ته پهرين ماڻهن ۾ جن هن خبر کي ٻڌي، اتي پاڻ کي پهچايو هو، آبڊورسڪ جو راهب به هو، جنهن کيس اڳئين شام ئي ڏٺو هو ۽ خوفزده ٿي حجري کان ٻاهر آيو هو.
مان مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته جيتوڻيڪ مربي پايسي، نهايت مضبوط ۽ بنا ڪنهن چرپر جي، تابوت جي مٿان انجيل پڙهي رهيو هو ۽ حجري کان ٻاهر جو ڪجهه ٿي رهيو هو، پايسي اُن کان بي پرواهه هو، پر هو ڪيترن شين کي واضح طرح سان توري رهيو هو. خير، اُن تي انهن شين جو ڪوبه اثر نه هو، پر هو ڪنهن به خوف کانسواءِ انتظار ۾ هو ته هن عام جوش ۽ خروش جو نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري.
اوچتو سندس ڪن تي رستي جو پرشور، نافرماني ڀريل، شائستگي کان دور آواز آيو. دروازو جهٽڪي سان کلي پيو ۽ مربي فيراپانٽ، دروازي کان ظاهر ٿيو. ان جي پويان وڏي تعداد ۾ راهب نظر ٿي آيا، جن سان گڏ شهر جا ماڻهو به هئا. اُهي حجري ۾ ته داخل نه ٿيا. ڏاڪن وٽ منتظر ٿي بيٺا ته ڏسون ته مربي فيراپانٽ ڇا ٿو چوي يا ڪهڙو قدم ٿو کڻي؟ هو پنهنجي دليري يا اضطراب جي باعث سوچي رهيا هئا ته هو، هتي اجايو نه آيو آهي. دروازي وٽ فيراپانٽ پنهنجي ٻنهي ٻانهن کي مٿي کنيو.سندس ساڄي ٻانهن جي هيٺان آبڊورسڪ جي راهب جون، مڪمل پريشانيءَ ۾ وجهندڙ اکيون جهاتيون پائي رهيون هيون. هو اڪيلو مربي فيراپانٽ جي پويان، ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيو هو. ٻيا ان جي ابتڙ ناگهاني خطري ڀريل آواز کان پوئتي موٽڻ لاءِ زور ڀري رهيا هئا ۽ هو دروازي کي زور سان کلندو ڏسي، خوف ۾ ڀرجي ويا هئا. راهب فيراپانٽ پنهنجي ٻنهي هٿن کي جهليندي، زور واري آواز ۾ چيو ته: ”شيطان، ڀڄي وڃ، شيطان ڀڄي وڃ!“ هن هر دفعي صليب جو نشان ٺاهيندي، لفظن کي دهرايو. ”مان هن کي ٻاهر ٿو ڪڍان.“ هن وري زوردار آواز ۾ چيو. هن هڪدم چئني ڀتين تي ۽ حجري جي چئني ڪنڊن تي، صليب جا نشان ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا. اهي جي ساڻس گڏجي آيا هئا، سندس عمل کي سمجهي ويا. ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر هئي، ته هو جيڏانهن به ويندو هو، اِيئن ڪندو هو. هو ايستاِيئن نه ويهندو هو، يا ڳالهائيندو هو، جيستاِيئن بد روحن کي هڪالي نه ڇڏيندو هو.
کيس راهبن واري سادي قبا پيل هئي ۽ اڳٺ جي بجاءِ نوڙي هئي. سندس اگهاڙو سينو، اڇن وارن سان ڀريل، قبا جي خالي ڳچي مان نظر اچي رهيا هئا. جيئن ئي هن پنهنجي ٻانهن کي ٿي لوڏيو، سندس بدن تي پهريل سخت لوهه جي زنجيرن جي کڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.
مربي پايسي، پنهنجي پڙهڻ کي روڪيو. قدم وڌائي، انتظار ۾ سندس سامهون بيهي رهيو.
”تون ڇا جي لاءِ آيو آهين، عزت مآب مربي؟ پاڪ ڪتاب جي توهين ڇو ٿو ڪرين؟ ماڻهن جي آرام ۾ بي آرامي ڇو آڻي رهيو آهين؟“ هن آخر ۾خار منجهان کيس ڏٺو.
”مان ڇا جي لاءِ آيو آهيان؟ تون پڇين ٿو ته ڇو؟ تنهنجو ڪهڙو عقيدو آهي؟“ راهب فيراپانٽ، ديوانگي مان چيو. ”مان هتي انهيءَ لاءِ آيو آهيان ته تنهنجي ملاقاتين کي ٻاهر ڪڍان، ناپاڪ شيطانن کي. مان چاهيان ٿو، ته انهن کي ٻهاري ٻاهر ڪڍي ڇڏيان.“
راهب پايسي بي خوف ڳالهائيندي چيو، ”تون چاهين ٿو ته بدروح کي هڪالين، پر شايد اِيئن ڪرڻ سان تون شيطان جي خدمت ٿو ڪرڻ گهرين ۽ اِيئن ڪير پاڻ لاءِ چئي سگهي ٿو، ته مان پاڪباز آهيان. ڇا تون اِيئن چئي سگهين ٿو، مربي؟“
”مان گنهگار آهيان نه پاڪباز، مان آرام ڪرسي ۾ ويهي اِيئن نه ڏسندو آهيان ته هي مون کي جهڪي بت وانگر سجدو ڪن.“ راهب فيراپانٽ گجندي چيو. ”اڄ ڪلهه ماڻهو سچي عقيدي کي برباد ڪندا رهن ٿا، اوهان جي مئل انسان، اوهان جي ولي،“ هو بيٺل ماڻهن ڏانهن مڙيو ۽ تابوت ڏي آڱر جو اشارو ڪري چوڻ لڳو ته، ”جو شيطان ۾ ڪوبه اعتقاد نه هو. ان ڪري هو ڪوريئڙن وانگر ڪـُـنڊن ۾ ڇانئجي ويا آهن ۽ هاڻي انهن پاڻ کي بدبودار بڻايو آهي. هن حالت ۾ اسان خدا جي قدرت جو وڏو مشاهدو ڪريون ٿا.“
هن جنهن واقعي ڏانهن اشارو ڪيو، سو هيءُ هيو. راهبن مان هڪ کي ڊيڄاريندڙ خواب ايندا هئا ۽ جاڳ ۾ کيس بدروح ستائيندا هئا. هن بيحد خوف جي حالت ۾ پنهنجي حقيقت زوسيما کي ٻڌائي هئي. مربي کيس مسلسل عبادت ۽ روزي رکڻ جي صلاح ڏني، پر جڏهن ان مان به ڪو فائدو نه ٿيو، تڏهن مربيءَ کيس عبادت ۽ روزي سان گڏ دوا وٺڻ جو به مشورو ڏنو. ڪيترن ماڻهن کي هن حقيقت کان وڏو صدمو رسيو ۽ هنن پنهنجي مٿن کي ڪنهن وڏي طاقتن جي مدد لاءِ مٿي کنيو ۽ ان تي گهڻو ڳالهايو. انهن مان ڪن فيراپانٽ راهب کي، جاسوسي طرح، هن عجيب فيصلي کان آگاهه ڪيو هو.
”هليو وڃ مربي! ” پايسي کيس حاڪماڻي آواز ۾ چيو. ”اهو فيصلو انسان کي نه ڪرڻو آهي پر خدا کي. شايد اسان جا هت نشاني ڏسون ٿا، ان کي نه تون نه مان ۽ نه وري ٻيو ڪو، سمجهي سگهي ٿو. وڃ مربي، ۽ مجموعي کي تڪليف ۾ نه وجهه! ” هن مؤثر نموني سان هن کي دهرايو.
”هو قاعدي موجب روزا نه رکندو هو، ان ڪري هيءَ نشاني ظهور ۾ آئي آهي. هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ۽ ان کي لڪائڻ گناهه آهي. هن متعصب وڏي جوش مان، پنهنجي دليلن سان گوءِ کڻڻ ٿي گهري. هو خاموش نه پئي ٿيو.“ هن کي مٺاين، جي وٽس عورتون لفافن جي صورت ۾ آڻينديون هيون، ورغلايو هو. هو چاءِ پيئندو هو ۽ پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪندو هو، جنهن کي هو شيرين شين سان ڀريندو هو ۽ سندس نفس برين ڳالهين سان ڀريل هو.... انهيءَ ڪري ئي، کيس هن بدناميءَ ۾ آندو ويو آهي.“
”تنهنجو گفتگو غير منطقي آهي مربي! ” مربي پايسي پڻ پنهنجي آواز کي مٿي چاڙهيو. مان تنهنجي روزن ۽ نفس جي مجاهدي جي ساراهه ٿو ڪريان، پر تون جو ڪجهه ڳالهائي رهيو آهين، سو غير منطقي ۽ ٻاراڻي غير سنجيده گفتگو آهي. مان توکي حڪم ٿو ڏيان مربي ته هليو وڃ. ” پڇاڙي ۾ مربي ڄڻ ته گـجي رهيو هو.
”مان ويندس! ” فيراپانٽ پاڻ کي روڪيندي، وڌيڪ ڪاوڙ ڀري آواز ۾ چيو ته ”اي علم ۽ دانش وارو! اوهان ايترا ته سياڻا آهيو، جو منهنجي گهٽ علم تي سوچيندا ٿا رهو. مان هتي ٿوري علم سان آيو هوس ۽ ان کي به وساري ڇڏيم. جو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو، خدا تعاليٰ منهنجي ڪمزوريءَ جي لـڄ رکندي، هن علم جي شر کان محفوظ رکيو آهي.“
مربي پايسي، هن جي مٿان بيهي رهيو ۽ وڏي استقلال سان ترسيو. فيراپانٽ دم ورتو ۽ اوچتو هن پنهنجي هٿ تي ڳل رکيو ۽ راڳ جي انداز ۾، مربي جي لاش ڏانهن نهاريندي چيو ته: ”سڀاڻي هي ماڻهو، هن تي ڳائيندا ته، اسان جو مددگار ۽ نجات ڏيندڙ،“ نهايت دلڪش گيت_ جڏهن مان مري ويندس ته منهنجي لاءِ جو ڳائيندا، سو هيءُ هوندو ته ڪهڙو نه زمين جي اندر وڃڻ لطف وارو آهي؟ (اهو راڳ، جو دفنائڻ وقت ڳايو ويندو آهي.)هن هيءُ لفظ ڳوڙها ڳاڙيندي چيا. ”توهان کي غرور آهي ۽ اُن ۾ ڦوڪجي ويا آهيو. هي مڪروهه مقام آهي. ” هن چرين وانگر هي لفظ - واڪو ڪري چيا ۽ هٿن کي هوا ۾ لوڏيندي، هو ڦريو ۽ جلدي ۾ ڏاڪن تان لهڻ لڳو. هيٺ جو مجموعو هو، اُن ۾ چرپر آئي، ڪي هڪدم سندس پويان لڳا ۽ ڪي ترسي پيا. ڇاڪاڻ ته حجرو اڃا تاِيئن کليل هو. مربي پايسي، ڏاڪن تي بيهي، فيراپانٽ کي نهاريندو رهيو. پر جوش ۾ ڀريل متعصب پوڙهو، اڃا به خاموش نه ٿيو هو. ويهه کن قدم اڳتي وڌي، هو اوچتو مڙيو ۽ غروب ٿيندڙ سج کي ڏٺائين. ٻئي ٻانهون مٿي کنياِئين ۽ پوءِ رڙ ڪري زمين تي اِيئن ڪري پيو، ڄڻ ته کيس ڪنهن وڍي ڇڏيو آهي.
منهنجي خدا جي فتح ٿي آهي! عيسيٰ غروب ٿيندڙ سج کي فتح ڪري ورتو آهي. ” هو چرين وانگر سج ڏانهن پنهنجا هٿ بلند ڪري، رڙيون ڪري رهيو هو. هو منهن ڀر زمين تي پيل هو ۽ معصوم ٻار وانگر سڏ ڪا ڀري رهيو هو. هو لرزي رهيو هو ۽ سندس ٻانهون زمين تي پکڙيل هيون. سڀئي ماڻهو اُن ڏانهن ڊوڙيا. ان جي لاءِ همدرديءَ ڀريا ڳوڙها به وهايا ويا ۽ واڪا به ڪيا ويا.... هڪ عجيب ديوانگيءَ جي حالت هنن سڀني کي وڪوڙي ورتو هو.
”هيءُ هڪڙو ئي ولي آهي. هيءُ هڪڙو ئي مقدس انسان آهي. ” ڪنهن پنهنجي خوف کي پري اڇليندي، زور واري آواز ۾ چيو. ”هن کي ئي مربي بڻايو وڃي. ” ٻين خبيثاڻي انداز ۾ چيو.
”هو مربي ڪونه ٿيندو.... هو انڪار ڪري ڇڏيندو... هو ڪنهن به هن پاراتي جهڙي نئين طريقي جي خدمت نه ڪندو.... هو هنن جي بيوقوفيءَ جو نقل نه ڪندو. ” مطلب ته ڪيئي آواز هئا، جي انهن جي نڙيءَ مان نڪري رهيا هئا. هيءُ مشڪل سان چئي سگهجي ٿو، ته هو اڃا به الائجي ڪيترو اوجهڙ ۾ وڃي ها، پر ان وقت نماز جو گهنڊ وڄڻ لڳو. مربي فيراپانٽ به اُٿي بيٺو ۽ ماڻهن کان لنگهي، پنهنجي چوڌاري ڏسڻ کان سواءِ حجري ۾ هليو ويو. هو اڃا تاِئين پنهنجي بي جوڙ گفتگو ڪندو ٿي رهيو. ڪي ٿورا ماڻهو، سندس پويان ويا ۽ گهڻا نماز جي لاءِ منتشر ٿي ويا. مربي پايسي ۽ مربي ايوسف پنهنجي پنهنجي واري تي مقدس ڪتاب پڙهندا رهيا ۽ پوءِ ٻاهر هليا ويا. متعصب انسانن جون ديوانگي سان ڀريل رڙيون پايسي کي متاثر نه ڪري سگهيون. پر سندس دل اوچتو اداسي سان ڀرجي وئي، هو خاموش بيٺو رهيو ۽ سوچڻ لڳو ته مان هن ڏک ۾، سور جي منزل تاِئين ڇو ڀرجي ويو آهيان؟ ” اوچتو کيس عجب مان خيال آيو ته سندس هيءُ اوچتو غمگيني، ڪنهن ننڍي ۽ خاص سبب کان آهي. حجري جي لنگهه وٽ، اُن بي پناهه گوڙ ۾ هن اليوشا کي ڏٺو هو ۽ هن کي ياد آيو ته هن کي ڏسندي هڪدم سندس دل کي سٽ آئي هئي. هن عجب ۾ پئي پاڻ کان پڇيو ته، ”ڇا هن جوان منهنجي روح کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي؟“
اُن وقت اليوشا وٽانئس گذريو. هو تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو، پر ديول جي طرف نه. ٻنهي جون اکيون پاڻ ۾ مليون. اليوشا يڪدم پنهنجون اکيون ڦيرائي، زمين ڏانهن جهڪايون. پايسي هن ڇوڪري جي اکين مان سمجهي ورتو ته هن گهڙيءَ ۾، منجهس وڏي تبديلي اچي رهي آهي.
”تون به ساڳي ريت هوس ۾ ڦاسي پيو آهين! ” مربي پايسي، کيس واڪو ڪري چيو. ”تون به اُن گهٽ عقيدي وارن سان شامل آهين؟ ” هن ماتمي انداز ۾ کانئس پڇيو.
اليوشا خاموش خاموش بيٺو رهيو ۽ بيڪار مربي پايسي کي نهاريندو رهيو، پر هن تڪڙ مان وري پنهنجون اکيون ڦيرايون ۽ وري زمين ڏي نهارڻ لڳو، هوُ پايسي سان بيٺو رهيو ۽ مربي پايسي ڏي منهن نه ورايائين، جو کيس ڌيان سان نهاري رهيو هو.
”تون ڪاڏي تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو آهين، نماز جي گهنڊ جو آواز تو نه ٻڌو آهي ڇا؟ ” هن کانئس وري به پڇيو، پر وري به اليوشا کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.
”تون مڙهيءَ کي ڇڏي رهيو آهين ڇا؟ بنا ڪنهن موڪل جي ۽ بنا ڪنهن دعا وٺڻ جي؟“
اليوشا اوچتو سرد مهري سان مشڪيو. عجيب ۽ نهايت عجيب طريقي سان، هن پنهنجي اڳوڻي سربراهه ۽ مربيءَ ڏانهن نهاريو. جنهن کي سندس دل ۽ روح جي بادشاهه سندس محبوب مربي، مرڻ وقت سپرد ڪيو هو. اوچتو، اڃا به ڳالهائڻ کان سواءِ، پنهنجي هٿ کي لوڏيائين، ڄڻ ته کيس، ان جي لاءِ ڪا به عزت ڪانه آهي. هو تڪڙا تڪڙا قدم کڻي، مڙهيءَ جي دروازي کان گذري ويو.
”تون وري موٽي ايندين! ” مربي پايسي ڀڻ ڀڻ ڪندي، سندس پوئتان نهاريندي، ڏک ۽ عجب مان چيو.

باب ٻيو: ڏکي گهڙي

بيشڪ مربي پايسي غلط نه هو. هن فيصلو ڪيو هو ته ”پيارو ٻار ” ضرور پوئتي موٽي ايندو. شايد سچ پچ ڪنهن حد تائين، هوُ پنهنجي ادراڪ سان، اليوشا جي روحاني حالتن جي صحيح مدار ۾ داخل ٿي چڪو هو. پر مان واضح طور تي هي اظهار ڪندس ته هيءُ منهنجي لاءِ نهايت مشڪل ٿيندو ته مان ان نوجوان شخصيت جي زندگي جي عجيب ۽ بي سود گهڙين جو واضح طور تي احوال، جنهن کي مان بيحد پيار ٿي ڪيو. مربي پايسي جو غمزده سوال ته ”تون پڻ اُن بدعقيدن سان شامل آهين“ ، سمجهان ٿو. بلڪل مختلف. هيءُ سڄي تڪليف جا کيس پهتي، سا سندس پختي عقيدي جي باعث هئي. پر اڃا به تڪليف پنهنجي جاءِ تي موجود هئي. اها ايتري قدر ته عذاب ڏيندڙ هئي، جو گهڻو پوءِ به جڏهن اليوشا اُن غمگين ڏينهن کي ياد ٿي ڪيو ته ان کي پنهنجي زندگيءَ جو سخت ترين مصيبت وارو ڏينهن ئي سمجهيو. جيڪڏهن اهو سوال پڇيو وڃي ته ”هي سڄو غم ۽ پريشاني، فقط انهيءَ لاءِ هئي ته مربي جي وقت کان اڳ ۾ ڪنهن ڪرامت ڏيکارڻ بجاءِ سندس جسم مان خرابي جي بوءِ اچي رهي هئي؟ ” مان جيڪر بنا ڪنهن اجائي عذر ۽ عذر جي، جواب ڏيان ته، ”هائو، اهائي حقيقت هئي. ” مان پڙهندڙ کي عرض ڪندس ته هوُ جلدي ۾ منهنجي نيڪ طبعيت نوجوان شخصيت تي کلڻ جي ڪوشش نه ڪري. منهنجو هيءُ مطلب نه آهي ته مان ان جي طرفان عذر خواهي ڪريان، يا سندس معصوم عقيدي بابت سندس جواني کي سزاوار ٺهرايان، يا هن جي تعليم بابت چوان ته، هن ان ۾ گهٽ واڌارو ڪيو هو، يا وري ڪو ٻيو دليل ڏيان. پر مان ان جي خلاف ظاهر ڪريان ٿو ته مون کي سندس دل جي خاصيتن لاءِ پوري ريت احترام آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ نوجوان جنهن تاِئين اثر نهايت خبرداري سان پهتا هجن، جنهن جي محبت سرد مهري واري هجي ۽ جنهن جي دل سندس عمر موجب بي حد محتاط هجي، مان قبول ٿو ڪريان ته هو، هن حقيقت کي ٽاري ڇڏيندو ته، مون واري برگزيده انسان سان ڇا ٿي گذريو. پر ڪن حالتن ۾، هن حقيقت جس لهڻي ته جو ماڻهو جوش ۽ جذبي ۾ لڙهي وڃي، پوءِ ڇو نه بي دليل هجي ۽ وري خاموش هجي. هيءُ جواني ۾ بي شڪ صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته نوجوان ماڻهو، جو هميشھ سمجهه ڀريو نه آهي، ان تي شڪ ڪري سگهجي ٿو ۽ هو ٿوري قيمت وارو ٿئي ٿو. منهنجي اهائي راءِ آهي!
پر سمجهه ڀريا ماڻهو شايد چوندا ته ”سڀڪو نوجوان اهڙين وهمي ڳالهين ۾ اعتبار نه ٿو رکي سگهي ۽ تنهنجي شخصيت ٻين لاءِ نمونو ٿي نه ٿي سگهي.“
هن لاءِ مان وري جواب ڏيندس ته، ”هائو، مون واري شخصيت وٽ عقيدو هو، پاڪ ۽ سنئون سڌو، پر ان هوندي به مان ان لاءِ ڪابه عذر خواهي نه ڪندس.
جيتوڻيڪ مان مٿي ظاهر ڪري چڪو آهيان، شايد بيحد تڪڙ مان ته مان پاڻ وري برگزيده شخصيت لاءِ ڪابه سمجهاڻي نه ڏيندس نه فيصلو. مان سمجهان ٿو ته منهنجي باقي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ، ٿوري صفائي واري سمجهاڻي ضروري آهي. اُن لاءِ مون کي اجازت ڏني وڃي ته ڪجهه چوان. هتي ڪنهن به ڪرامت جو سوال نه هو. وٽس ڪابه غير سنجيده ۽ بي صبري واري اميد، ڪرامت جي لاءِ موجود ڪانه هئي. نه وري اليوشا کي ان وقت ڪنهن ڪرامت جي گهرج هئي، جنهن مان سندس پيش بنديءَ جي خيال جي خوشي ظاهر ٿئي ها. نه، ڪڏهن به نه. هن پنهنجي اڳيان جو ڪجهه به ڏٺو ٿي سا فقط هڪ صورت هئي. پنهنجي محبوب مربي جي صورت. ان پاڪباز انسان جي صورت، جنهن کي هن دل جي گهراين مان عزت ٿي ڏني. حقيقت هيءَ آهي ته سندس پاڪ ۽ نوجوان قلب ۾، جنهن ۾ سڀ جي لاءِ بي لوث محبت لڪيل هئي، جنهن کي هن گذريل سال کان گڏ ڪري رکيو هو. ۽ اهو غلط به هجي. اها فقط هڪ انسان لاءِ سندس محبوب مربي لاءِ ئي هئي. هي به حقيقت آهي ته هيءُ شخص گهڻي وقت کان، سندس نظر ۾ بي نقص موجود ٿي رهيو. ان ڪري سندس جوانيءَ جون سڀئي قوتون، انهيءَ لاءِ خرچ پئي ٿيون ته هو ان مثالي شخصيت ڏانهن مڙي، ڇو نه ان گهڙيءَ ۾، هو هر شيءِ هر انسان کي وساري ڇڏي. هن پوءِ ياد ٿي ڪيو ته ڪيئن نه هن، اُن خوفناڪ ڏينهن تي، پنهنجي ڀاءُ دمتريءَ کي قطعي فراموش ڪري ڇڏيو هو ته کيس اليوشا جي پيءُ وٽ ٻه سؤ روبل کڻي وڃڻا هئا ۽ اُن لاءِ هن قطعي فيصلو ڪيو هو ته ايندڙ شام تي هو اِيئن ضرور ڪندو. پر ان هوندي به هن ڪنهن ڪرامت کي نه چاهيو، پر مٿانهين انصاف کي، جو سندس اعتقاد موجب پائمال ٿي چڪو هو ۽ اهائي حقيقت هئي، جنهن کان سندس دل کي درد ٿي رسيو. هن مٿانهين انصاف کي ڪهڙي اهميت هئي، اليوشا ان جي انتظار ۾ هو. هن ڏٺو ٿي ته ڪهڙي ريت اها بگڙيل حقيقت ڪرامت جي صورت ۾ اچي ٿي ۽ ڪيئن اها سندس محترم استاد جي لاش ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ڇو مڙهي ۾ سڀ ڪنهن کي اهو ساڳيو خيال هو ۽ ساڳي اميد هئي. انهن عالي دماغن وٽ ساڳيو خيال هو، جن کي اليوشا احترام جي نظر سان ٿي ڏٺو. مثال لاءِ خود مربي پايسي پاڻ به انهن مان هو. اهڙي ريت اليوشا، ڪنهن شڪ ۽ گمان کان سواءِ، ٻين وانگر ساڳيو جواب ڏسي رهيو هو. مڙهيءَ ۾ هڪ سال جي قيام جي باعث سندس دل ۾ اهڙين امنگن جي اميد پيدا پئي ٿي، جا سندس عادت بڻجي وئي هئي. پر هيءُ انصاف هو نه ڪرامت!
هن خيال ڪيو ٿي ته، اُهو ماڻهو جو سڄي دنيا ۾ سڀني کان بلند ۽ سرفراز هو ۽ جنهن جو حق عظمت ۽ ستايش هئي، اهو ان جي بجاءِ، هاڻي ڪم رتبو ۽ بي عزت بڻجي ويو آهي! اِيئن ڇو ٿيو ۽ ڪنهن اهو انصاف ڪيو؟ ڪنهن جي اها مشيت هئي؟ اهي سوال هئا، جي سندس ناتجربيڪار ۽ پاڪ قلب کي رنج ڏئي رهيا هئا. هو. شرم ۽ ذلت ۽ ناراضپي سان هن کي برداشت ڪري نه ٿي سگهيو ته مقدس کان مقدس ماڻهو به اهڙي ريت بد باطني جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ نادان گروهه جو کانئس نهايت هيٺانهون آهي، مٿس الزام آڻي سگهي ٿو. سندس اميدن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ، کڻي ڪي ڪرامتون يا عجائبات نه به هئا، پر هيءَ بي حرمتي، بي عزتي، وقت کان اڳي هي زوال ڇو؟ جيئن هڪ بد باطن راهب چيو ٿي، ته هيءُ فطرت جو مبالغو آهي. هيءَ آسماني نشاني ڇو، جنهن مربي فيراپانٽ ۽ سندس ساٿين کي خوش ٿي ڪيو ۽ هوُ اِيئن ڇو ٿا وسهن ته، هنن، هن حالت ۾ کٽيو آهي؟ قدرت جي آڱر ڪٿي آهي؟ اهڙي نازڪ گهڙيءَ تي، قدرت پنهنجي مـُـنهن کي ڇو لڪايو آهي (جيئن اليوشا خيال ٿي ڪيو)، اِيئن معلوم ٿو ٿئي ته قدرت جا قانون، ڄڻ، نابينا، ٻوڙا ۽ بي رحم آهن.
اهوئي سبب هو، جو اليوشا جي دل رت ٿي پئي هئي. جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان ته اهي ئي ڏنگ هئا، جي کيس لڳي رهيا هئا ته اُهو ماڻهو، جو سڀ کان مٿي، زمين تي کيس محبوب هو، ايتري قدر ڇو شرمسار ۽ بي قدر بڻايو ويو آهي. هيءَ ڀڻ ڀڻ، منهنجي اهم شخصيت وٽ بي دليل ۽ سطحي هئڻ گهرجي ها، پر مان ٽيون ڀيرو وري به دهرايان ٿو. ۽ مان قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته مان پنهنجي جذبات جو ڪوبه بچاءُ ڏئي نه ٿو سگهان. مان خوش آهيان ته منهنجي اهم شخصيت، ان وقت پاڻ کي ڪو گهڻو سمجهدار ثابت نه ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته هر ڪو سمجهدار ماڻهو، وقت تي ڪنهن دليل ڏانهن موٽي ايندو آهي، پر جيڪڏهن اهڙي خاص گهڙيءَ ۾، محبت جو مٿانهون هٿ، ڇوڪري جي دل ۾ پنهنجو ڪم نه ڪري سگهي، ته پوءِ هو ڪڏهن ڪندو؟ ڪيئن به هجي، مان اُن عجيب شيءِ کي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان، جا ان تاريڪ ۽ نازڪ گهڙيءَ ۾، ٿوري وقت لاءِ، اليوشا جي دل جي سطح تي آيل هئي. هيءَ نئين شيءِ، جا ڪجهه به هئي، سندس ڀاءُ ايون جو ڊيڄاريندڙ گفتگو هو، جنهن جو اثر رکي رکي، اليوشا جي قلب کي بار بار پريشان ڪري رهيو هو. هتي به اهوئي خيال کيس پريشان ڪري رهيو هو. هيءَ ڪابه اُصولي يا بنيادي ڳالهه نه هئي، جنهن تي ڪجهه ڳالهائجي، مگر هيءَ حقيقت آهي، ته سندس روح جو سڄو عقيدو لـُـڏي چڪو هو. هـُـن خدا سان محبت ٿي ڪئي ۽ اُن تي يقين ٿي رکيو، جيتوڻيڪ هوُ هاڻي هيءُ اوچتو، سندس خلاف ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪري رهيو هو. هڪ ڏينهن اڳ ايون جي گفتگوءَ جو مٿس، اجايو، عذاب ڏيندڙ ۽ بڇڙو اثر ڇڏيو هو، اُهو هاڻي هيءُ منهنجي روح ۾ وري دهرائي رهيو هو ۽ ان جي احساس کي پنهنجي ضمير جي سطح تي حاضر ٿي ڏٺائين.
نما شام جو وقت هو، جڏهن ريڪٽن مڙهيءَ واري صنوبر جي جهنگ کي لتاڙي، ديول ڏانهن وڃي رهيو هو، اوچتو سندس نظر اليوشا تي پئي، جو هڪ وڻ جي هيٺان، زمين ڏي منهن ڪيون سمهيو پيو هو. منجهس ڪابه چرپر ڪانه هئي ۽ ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هو ننڊ پيو آهي. هو ان ڏانهن ويو ۽ سندس نالو وٺي سڏ ڪيائين.
”اليڪسي تون هتي؟ تون هيڏي..... ” هوُ کيس ڏسي، عجب مان پنهنجي جملي کي پورو ڪري نه سگهيو. هـُـن پوڻ ٿي گهريو ته ”تون هيڏي ڪيئن آيو آهين؟“
اليوشا، کيس ڏٺو به نه، پر ريڪٽن سمجهيو ته هن سندس آواز کي ٻڌو آهي سمجهيو آهي.
”توکي ڇا ٿيو آهي؟ ” هوُ ڳالهائيندو ويو، پر هن کي ڏسي، هيءُ عجب لڳو ته هوُ مشڪيو ٿي، پر سندس مشڪڻ به وڌ کان وڌ مسخريءَ جهڙو ٿي ڏٺو.
”مان چوان ٿو ته مان ته تنهنجو ٻن ڪلاڪن کان انتظار ڪندو ٿي رهيس. تون اوچتو غائب ٿي وئين. تون ڪٿي هئين؟ هيءَ ڪهڙي حماقت آهي، مون ڏي نهار ته سهي؟“
اليوشا پنهنجو مٿو، مٿي کنيو، اٿيو ۽ وڻ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. جيتوڻيڪ هوُ روئي ته نه رهيو هو، پر تڪليف ۽ جوش، سندس چهري مان ظاهر هو. اُن هوندي به هنُ ريڪٽن ڏي ڪونه ڏٺو پر ان جي ٻئي طرف نهارڻ لڳو.
”توکي اها خبر آهي ته تنهنجو چهرو بلڪل بدلجي ويو آهي. اُن ۾ تنهنجي مشهور نرمي بلڪل موجود نه آهي. ڇا تون ڪنهن سان ڪاوڙيو آهين؟ ڇا هنن توسان بيهودگي جي هلت ورتي آهي؟“
اوچتو اليوشا، پنهنجي ٿڪايل هٿ کي لوڏيندي چيو ته ”مون کي اڪيلو رهڻ ڏي. ” هو اڃا به سندس ٻي پاسي نهاري رهيو هو.
”اڙي، اهڙي ريت ئي ته اسان سڀئي محسوس ڪري رهيا آهيون. تون به ٻين فاني انسانن وانگر، ماڻهن سان واڪا ڪري ڳالهائي سگهين ٿو. تون فرشتن مان آهين. اليوشا تو مون کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تون ٻڌين به ٿو؟ حقيقت ۾ هتي، مون کي هيتري وقت ۾ ڪنهن به ايترو حيرت ۾ نه وڌو آهي، جيترو تو. مان توکي هميشه هڪ عالم سمجهندو رهيو آهيان....“
اليوشا، آخر هن ڏانهن نهاريو، پر فضول، هـُـن جو ڪجهه به ڳالهايو، انُ کي هن مشڪل سان سمجهيو هوندو.
”تون سچ پچ ان ڪري پريشان آهين، ڇاڪاڻ ته تنهنجي پوڙهي مان عفونت ٿي اچي؟ تو اهو تصور ٿي ڪيو ته هـُـن مان ڪرامتون ظاهر ٿينديون؟ ريڪٽن وري به عجب مان کيس ڏٺو.
اليوشا کيس جوش مان جواب ڏنو ته، ”هائو مان يقين ئي ڪيو ۽ اِيئن يقين ڪريان ٿو اِيئن يقين ڪرڻ گهران ٿو ۽ اِيئن يقين ڪندس. تو کي ٻيو وڌيڪ ڇا ٿو گهرجي.“
”ڪجهه به نه منهنجا ٻار. اِنهن سڀني ڳالهين کي کڏ ۾ اُڇلاءِ. ڇو ڪوبه اِسڪول جو تيرنهن ورهين جو ڇوڪرو، اِنهن ڳالهين ۾ يقين رکي سگهي ٿو .... ڏسڻ ۾ اَچي ٿو ته تون هاڻي خدا سان ناراض آهين. تون خدا جي خلاف باغي بڻجڻ ٿو چاهين. ڇاڪاڻ ته هن کيس ڪوبه مرتبو نه ڏنو آهي، نه وري کيس ڪو امتيازي اعلان مليو آهي! آهه! تون اُن کان پريشان آهين.“
اليوشا ڪيتري وقت تائين اَڌ کليل اکين سان ريڪٽن کي ڏسندو رَهيو. سندن اکين ۾ ناگهاني چمڪ اَچي وئي هئي .... پر اُنهن ۾ به ريڪٽن لاءِ ڪا به ڪاوڙ ڪانه هئي.
”مان خدا سان ڪابه بغاوت نه ٿو ڪريان. مان فقط سندس هن جهان کي قبول نه ٿو ڪريان.“ اليوشا اِيئن چوندي مشڪيو ته سهي، پر سندس مشڪڻ زبردستيءَ جو هو.
”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ تون جهان کي نه ٿو قبولين؟“ ريڪٽن هن جواب تي ڪجهه وقت سوچيندو رهيو. ”هي ڪهڙي بيوقوفي آهي؟“
اليوشا کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.
”اچ، ڪافي بيوقوفي ڏيکاري اَٿئي. هاڻي ڪا ڪم جي ڳالهه ڪريون. ڪجهه کاڌو به اَٿئي؟“
”مون کي ياد نه آهي ..... مان خيال ڪريان ٿو ته ڪجهه کاڌو اٿم.“
”تنهنجي منهن مان معلوم ٿئي ٿو ته تون گـَـهري فڪر ۾ آهين. ڏسندڙ کي توڏانهن نهاريندي ڏک ٿو ٿئي. تو سڄي رات ننڊ نه ڪئي آهي، يا جيئن مون ٻڌو آهي، تون نه صلاح ۽ مشورن ۾ رهيو آهين. تنهن کان پوءِ، وري هيءُ فساد ۽ دنگو. ٿي سگهي ٿو ته تو،ڪجهه به نه کاڌو هجي، پر جيڪڏهن کاڌو به اٿئي ته پاڪ ماني جو ڪو گرهه منهنجي کيسي ۾، گوشت سان ڀريل اَنڊو موجود آهي، جو مان ضرورت جي وقت لاءِ شهر مان آندو آهي، جيڪڏهن تون کاِئين ته حاضر آهي.“
”ٿورو مون کي ڏي.“
”هان توکي وٺڻ گهرجي. هيءُ ته خيالن جي مورچا بنديءَ سان کليل بغاوت آهي. ٺيڪ آهي منهنجا ٻار، اسان کي ڪجهه کائڻ گهرجي..... منهنجي جاءِ تي هل. مان چاهيان ٿو ته ٿورو شراب کي پيئان، موت جهڙو ٿڪجي پيو آهيان. اها شيءِ تنهنجي لاءِ به موجود هوندي.... ڇا تون ان کي پسند ڪندين؟“
”ها شراب ٿورو مون کي به ڏي.“
”ڀاءُ تو تي مون کي عجب ٿو لڳي. ” ريڪٽن کيس حيرت مان ڏٺو. ”بهرحال ڪيئن به هجي، شراب ۽ گوشت ڀريو اَنڊو، ٻئي اتفاق سان چڱيون شيون آهن، انهن کي ڇڏڻ نه گهرجي. اچ، اچ.“
اليوشا، چپ چاپ ۾ اُٿي بيٺو ۽ ريڪٽن جي پويان لڳو.
”تنهنجو ننڍو ڀاءُ ايون، جيڪڏهن توکي اِيئن ڏسي ها ته عجب ۾ پئجي وڃي ها!“
”اڄ صبح ننڍو تنهنجو ڀاءُ ايون، ماسڪو روانو ٿي ويو، ڇا توکي اها خبر آهي؟“
”هائو“، اليوشا کيس بي پرواهيءَ سان جواب ڏنو. اوچتو دمتريءَ جي تصوير سندس اکين آڏو تري آئي. پر هيءَ ياد فقط منٽن لاءِ هئي. جيتوڻيڪ هن صورت ّکيس ڪا ڳالهه ياد ٿي ڏياري، جنهن کي هوُ گهڙيءَ کن لاءِ به وساري نه ٿي سگهيو. ڪجهه فرض، ڪجهه خطرناڪ مهرباني، جيتوڻيڪ هن ياد مٿس ڪو خاص اثر ڪونه ڪيو هو ۽ سندس دل جي گهراين تاِيئن نه پهتي هئي. اُن وقت ئي سندس دل مان، اها ياد مٽجي وئي هئي، پر گهڻي وقت کان پوءِ به اليوشا اُن کي ياد ڪندو رهيو.
”تنهنجي ڀاءُ ايون، هڪ ڀيري چيو هو ته مان هڪ غير متعصب احمق آهيان، جنهن وٽ ڪابه لياقت نه هجي. هڪ دفعي تو به چيو هو ته مان اڻپورو انسان آهيان. هاڻي مون کي ڏسڻو آهي ته تنهنجون لياقتون ۽ عزت جو ادراڪ، هاڻي توکي ڪاڏي وٺي ٿو وڃي“ هيءُ جملو پورو ڪندي ريڪٽن ڪجهه آهستي ڀڻڪيو ۽ وري زور دار آواز ۾ چوڻ لڳو ته:
”ٻڌ، اچ ته مڙهيءَ واري رستي کان پر ڀرو، سڌو شهر ڏي هلون. مان بيگم هائلڪوف ڏي رستي ويندي، وڃڻ گهران ٿو. فقط مزي جي لاءِ، مان ان کي جو ڪجهه ٿي گذريو آهي، لکي ڇڏيو آهي. تون اعتبار ڪندين، هن مون کي ساڳي وقت پينسل سان جواب ڏنو آهي! بيگم کي جواب ڏيڻ جو شوق آهي، ته کيس ڪڏهن به اهڙي حالت جي اميد نه هئي، سا به هڪ متبرڪ شخصيت زوسيما جي لاءِ. سندس اهو لفظ هـُـو حالت. هو بيحد غصي ۾ آهي. تون پريشان ٿي وئين! بيهه ” هن وري اوچتو رڙ ڪري چيو. هو بيهي رهيو ۽ اليوشا کي ڪلهي کان وٺي بيهاريائين.
”توکي خبر آهي اليوشا ” هن جاچ طور سندس اکين ۾ ليئو پاتو. هو اوچتو نئين خيال ۾ متغرق ٿي ويو، جو سندس دل ۾ پيدا ٿيو هو. جيتوڻيڪ هوُ ٻاهريان کليو ٿي پر کيس ساڻ ساڻ خيال پئي ٿيو ته، هو نئين حقيقت کي ٻڌائي نه ويهي. هن اڃا تاِئين عجيب ۽ بيوقت ڪيفيت ۾ پاڻ کي محسوس ٿي ڪيو، جنهن ۾ هـُـن هاڻي اليوشا کي ڏٺو هو. هنُ نيٺ پنهنجي خيال کي ٻاهر آڻي، هٻڪندي چيو ته، ”اليوشا، ڪاڏي وڃڻ بهتر ٿو سمجهين؟“
”جنهن طرف هلين..... مون کي ڪا به پرواهه نه آهي.“
”هل ته گروشينڪا ڏي هلون، ڪيئن؟ تون هلندين؟ ريڪٽن آخر چئي ڏنو، پر هٻڪندي ۽ ڏڪندي، ڪمزور خيال سان.
”هل ته گروشينڪا ڏي هلون“، اليوشا بردباريءَ سان کيس جواب ڏنو. سندس فوري، آمادگي ۽ خاموش قبوليت ريڪٽن کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو، ايتري قدر جو کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
”بهتر! مان چوان ٿو“، هن عجب مان واڪو ڪري چيو ۽ ساڻ ساڻ هنُ اليوشا کي ٻانهن کان مضبوط جهلي، رستي ڏانهن وٺي هليو ۽ کيس خوف پئي ٿيو ته متان هـُـو پنهنجو خيال بدلائي نه ڇڏي.
هوُ خاموشيءَ سان پنڌ ڪندار رهيا. ريڪٽن کي ڳالهائيندي به خوف پئي ٿيو.
”هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿيندي. ” هـُـن آهستي چيو ۽ وري خاموش ٿي وي و. حقيقت ۾ اليوشا کي وٺي وڃڻ سان گروشينڪا، ڪڏهن به خوش نه ٿيندي. هو هڪ عملي ماڻهو هو ۽ پنهنجي فائدي کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به ڳالهه بابت نه سوچيندو هو. هن حالت ۾ سندس ٻٽو مقصد هو. ”هڪ ته ان نيڪ مرد جي زوال کي ان ڏسڻ ٿي گهريو ۽ اليوشا جي بربادي، يعني وليءَ کان گناهه تاِئين پهچڻ. جنهن کي هر پنهنجي تصور ۾ خيال ڪري لذت ٿي ورتي. سندس ٻيو مقصد هو، پنهنجي لاءِ مادي فائدي کي حاصل ڪرڻ، جنهن جي لاءِ وڌيڪ پوءِ لکيو ويندو.“
”هان، ڏکي گهڙي اچي وئي آهي.“ هـُـن پنهنجي شيطاني خوشيءَ مان پاڻ کي چيو. مون کي هن جي گردن کي چنبڙي پوڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اهو ظهور ۾ اچي رهيو آهي، جو اسان چاهيو ٿي.

باب ٽيون: بصر

گروشينڪا، شهر جي مشغول حصي، ديول جي چونڪ ۾ ٿي رهي. کيس هڪ ڪاٺيءَ جو جڙيل ڪمرو هو، جو بيواهه موروزوف جي گهرجي اڱڻ ۾ هو. هي گهر ويڪرو ٻه ماڙ واريءَ عمارت وارو هو ۽ پٿر جو ٺهيل هو. پراڻو ۽ بد نما هو. بيواهه وڏيءَ عمر واري هئي ۽ ساڻس ٻه ڀائٽيون ٿي رهيون، جي ڪنواريون ۽ وڏي عمر واريون هيون. بيواهه کي ڪائي ضرورت نه هئي ته گروشينڪا کي جاءِ مسواڙ تي ڏي، پر سڀ ڪنهن کي خبر هئي ته هوءَ چئن سالن کان اتي ٿي رهي ۽ بيواهه محض پنهنجي هڪ عزيز واپاريءَ سامسونوف کي راضي ڪرڻ لاءِ کيس هيءَ جاءِ ڏني هئي، جو پاڻ کي سندس سنڀاليندڙ چوندو هو. اِيئن چوڻ ۾ ٿي آيو ته حاسد پوڙهي، گروشينڪا کي اِتي اِنهيءَ ڪري رهايو هو ته بيواهه موروزوف سندس پياريءَ جي چال تي ڪڙي نظر رکي. پر جلدئي هيءَ ثابت ٿي چڪو هو ته بيواهه جي نگهباني غير ضروري هئي ۽ آخر ۾ بيواهه موروزوف ورلي ساڻس ملندي هئي ۽ ڪنهن به طرح مٿس نگاهه رکڻ لاءِ کيس ڪوبه اونو ڪونه هو. هي حقيقت آهي ته اُن پوڙهي چار سال اڳ، علائقي جي هڪ وڏي شهر مان، هڪ سنهيءَ دلڪش، شرميلي، ڊڄڻي، خوابن واري اُداس، ارڙهن ورهين واري ڇوڪري آندي هئي ۽ ان کان پوءِ گهڻو ڪجهه گذري چڪو هو. هن ڇوڪري جي گذريل تاريخ جو ٿورو ڄاڻ ملي ٿو، سو به بي جوڙ، چئن سالن جي عرصي ۾ به ڪا وڌيڪ حقيقت اُن بابت معلوم ٿي نه سگهي هئي، جيتوڻيڪ اُن ۾ ڪيترن ماڻهن دلچسپي ٿي ورتي، جن مان هڪ اگرافينا اليگزينڊرووينا به هئي، جنهن کيس گهڻو اڳتي وڌايو هو. افواهه اِيئن به هئا، ته کيس سترهن ورهين جي عمر ۾ ڪنهن اغوا ڪيو هو، شايد ڪو آفيسر هو ۽ بعد ۾ کيس ڇڏي ويو هو. هو کانئس هليو ويو ۽ پوءِ وڃي هن شادي ڪئي ۽ گروشينڪا مصيبت ۽ مفلسيءَ ۾ رهجي وئي. ڪيئن به هجي، اِيئن به چيو وڃي ٿو ته پوڙهي سامسونوف، کيس مفلسي ۽ بدبختي کان بچائي ورتو هو، هوءَ عزت واري خاندان ۽ منشي پيشي سان تعلق رکندڙ هئي ۽ اِيئن به چيو وڃي ٿو ته هوءَ ڪنهن روحاني پيءُ جي ڌيءُ هئي شايد ڪنهن ننڍي پادريءَ جي.
چئن سالن کان پوءِ هيءَ جذباتي، زخمي ۽ ڏکويل يتيم ڇوڪري، چڱي ٿلهي، روسي گلابي قسم جي عورت بڻجي پئي هئي. هوءَ مضبوط خيال واري ۽ بي باڪ ڪردار واري هئي. مغرور ۽ گستاخ. کيس معامله فهميءَ جي وڏي ڄاڻ هئي. هو حريص، قناعت واري ۽ خبردار هئي. چڱي يا بري طريقي سان، ٿوري انداز ۾ پنهنجي قسمت ٺاهي وڌي هئي. منجهس فقط هڪ ڳالهه هئي، جنهن کي سڀني قبول ٿي ڪيو ته گروشينڪا تاِئين ڪو ماڻهو آسانيءَ سان پهچي نه ٿي سگهيو، سواءِ سندس پوڙهي سنڀاليندڙ جي. انهن چئن سالن ۾ ڪوبه سندس قرب ونڊڻ جي دعوا نه ٿي ڪري سگهيو. اها يقيني حقيقت به آهي. خاص ڪري سندس پوين ٻن سالن ۾ ڪيترن ماڻهن سندس قرب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. هنن جون سڀئي ڪوششون رائگان ويون هيون. انهن مان ڪن شائقن جي بي عزتي به ٿي هئي ۽ ڪن جو مذاق اُڏايو ويو هو، ڇاڪاڻ ته سندن سامهون مضبوط ارادي واري طنزنگار قوت واري نوجوان ڇوڪري موجود هئي. گهڻو پوءِ اِيئن چوڻ ۾ ٿي آيو ته هوءَ سٽي بازيءَ، ۾ به بيحد چالاڪ هئي ۽ گهڻن ماڻهن جو چوڻ هو ته هوءَ ڪنهن يهوديءَ کان گهٽ نه آهي. اِيئن نه آهي ته هوءَ وياج تي پيسا ڏيندي هئي، پر اِيئن چوڻ ۾ ٿي آيو ته مثال طور، ڪنهن گذريل وقت ۾ پوڙهي ڪرامازوف جي ڀائيوار هئي ۽ هوءَ اهڙن قرضن کي خريد ڪندي هئي، جن جي وصول ٿيڻ جي ڪا اميد ئي نه هوندي هئي. هوءَ نهايت ٿورن پيسن ۾ انهن کي خريد ڪندي هئي ۽ انهن مان ڏهوڻو فائدو حاصل ڪندي هئي.
پوڙهو رنڙ سامسونوف وڏي بخت وارو هو، پر بي رحم ۽ ظالم به حد درجي جو هو، هوُ پنهنجي جوان پٽن تي ظلم ڪندو رهندو هو، پر گذريل سال کان، جنهن ۾ هو بيمار ٿي پيو هو ” پنهنجي سڄيل ٽنگ جي ڪري، گهمڻ کان قاصر هو، پنهنجي زير حمايت ڇوڪريءَ جي گهڻي قدر اثر هيٺ اچي ويو هو، جنهن کي هن پهريائين سختي ۽ بيڪسيءَ جي ماحول ۾ رکيو هو، هاڻي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو، ڇو ته سندس سمجهه اِيئن ئي ٿي چيو. پر گروشينڪا قانوني معاشري کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪي هئي ۽ هن سندس وفاداريءَ ۾ حد کان وڌيڪ اعتقاد ٿي رکيو. پوڙهي کي مئي گهڻو وقت گذري چڪو آهي، سندس حياتي ۾ سندس وڏو ڪاروبار رهيو ۽ ان کان سواءِ، سندس ڪردار به چوڻ جهڙو هو. بخيل ۽ لالچي هو. جيتوڻيڪ گروشينڪا جو قبضو مٿس ايتري قدر مضبوط هو، جو هو کانئس جدا رهي نه ٿي سگهيو، (خاص ڪري پوين ٻن سالن ۾ ته هي رشتو وڌي ويو هو) پر ان هوندي به هو هن لاءِ ڪو خاص ملڪيت جو حصو ڇڏي نه ويو. نه وري هـُـن ڪو، هن طرف ڌيان ئي ڏنو هو. هن کيس ٿوري رقم پيش ڪئي هئي، جنهن کي ٻڌي هر ڪو ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويو هو. ”تون پنهنجي دماغ سان هڪ بازاري عورت آهين“، هن کيس اٺ هزار روبل ڏيندي چيو. ”هنن مان تون پنهنجو ڪم ڪڍ. پر مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو ته منهنجي موت کان پوءِ، توکي تنهنجي سالياني مواجب کان سواءِ، مون کان اڄ ڏينهن سوڌو، ٻيو ڪجهه به نه ملندو. مان پنهنجي وصيت ۾ به تولاءِ ڪجهه نه ڇڏي ويندس.“
هو پنهنجي واعدي تي پورو رهيو. هو مرڻ کان پوءِ، سڀ ڪجهه پنهنجي پٽن جي نالي ۾ ڇڏي ويو، جنهن ۾ سندن زالون ۽ ٻار حصيدار هئا، جن کي هن سڄي حياتيءَ ۾ نوڪرن وانگر ٿي هلايو. گروشينڪا جو نالو وصيت ۾ ئي موجود نه هو. هي سڀ ڳالهيون پوءِ ظاهر ٿيون هيون. هن گروشينڪا کي سندس صلاح موجب، سندس موڙيءَ جي وڌائڻ لاءِ مدد ضرور ٿي ڪئي.
جڏهن فيودورپاولوچ پهريائين سندس لهه وچڙ ۾ آيو، جا ملاقات ڪنهن سودي بازيءَ جي سلسلي ۾ هئي، هن محسوس ڪيو ته هو بري طرح سندسن محبت ۾ ڦاسي پيو آهي. پوڙهو سامسونوف سخت بيمار هو، پر هيءَ ڏسي حد کان زياده خوش ٿيو. هي ٻڌائڻ جهڙي ڳالهه آهي ته گروشينڪا پنهنجي واقفيت جي سڄي زماني ۾ بلڪل هن پوڙهي (سامسونوف) سان صادق ۽ وفادار هئي ۽ دنيا ۾ اهوئي هڪڙو ماڻهو هو، جنهن سان سندس اها روش رهي. گهڻو پوءِ جڏهن دمتري پڻ، هن معاملي ۾ آجو عاشق بڻجي آيو تڏهن کانئس کلڻ ڇڏائي ويو ۽ ان جي خلاف، هن هڪ ڀيري گروشينڪا کي سخت ۽ تهديدي تنبيهه ڪئي.
”جيڪڏهن تون هنن ٻن مان ڪنهن کي پسند ڪرڻ گهرين ٿي ته پٽ جي بدران پوڙهي پيءُ کي انتخاب ڪر. جيڪڏهن تون هن بيوقوف پوڙهي کي انتخاب ڪندين ته هو تنهنجي شادي جي وعدي تي، توکي اڳ ۾ گهڻو ڪجهه ڏيئي، تنهنجي قسمت ٺاهي ڇڏيندو، پر هن ڪئپٽن کان پرهيز ڪر، هن کان توکي ڪابه چڱائي نه ٿيندي.“
ان پوڙهي شهوت پرست جا لفظ هئا، جنهن کي اڳ ۾ احساس ٿي چڪو هو ته سندس موت ڪو دور نه آهي ۽ هيءَ حقيقت آهي، ته هو پنجن مهينن کان پوءِ جهان مان موڪلائي ويو.
مان هيءَ ڳالهه به ٻڌائڻ گهران ٿو ته جيتوڻيڪ شهر ۾ ڪيترن ماڻهن کي پيءُ ۽ پٽ جي خطرناڪ ۽ حيواني رقابت جي خبر هئي، جنهنجو ڪارڻ گروشينڪا هئي، پر ان هوندي به ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته سچ پچ گروشينڪا جي هنن ٻن بابت ڪهڙي راءِ قائم ڪيل آهي، گروشينڪا جي ٻين خادمائن به (هن ڊرامي جي پوري ٿيڻ تي، اسان انهن بابت لکنداسون) ڪورٽ جي جاچ ۾ چيو هو ته هن دمتري فيودورووچ کي فقط انهيءَ لاءِ ويجهو اچڻ ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته هن کيس مارڻ جو دڙڪو ڏنو هو. هنن خادمائن مان هڪ پراڻي بورچياڻي هئي، مريض ۽ ٻوڙي ۽ ٻي سندس پوٽي، چالاڪ ۽ ويهن ورهين جي ڇوڪري، هوءَ سندس ٻين ڪمن جي پوئواري ڪندي هئي. گروشينڪا نهايت ڪفايت سان گذاريندي هئي، سندس چوڌاري جو ڪجهه به هو، اهو مزي جي لاءِ هو. سندس گهر کي ٽي ڪوٺيون هيون، اُن ۾ جو سامان پيل هو، سو 1820ع جي فيشن وارو ساڳ جي ڪاٺي مان ٺهيل هو ۽ جاءِ جي مالڪياڻيءَ جي ملڪيت هو.
اُن وقت ڪافي اونداهي ٿي وئي هئي، جڏهن ريڪٽن ۽ اليوشا، سندس گهر جي ڪوٺين ۾ داخل ٿيا. انهن ۾ اڃا ڪا به روشني نه ڪئي وئي هئي. گروشينڪا پنهنجي ملاقات جي ڪمري ۾ هڪ پراڻي ۽ سخت صوفي ٿي ليٽيل هئي، جنهن کي ساڳ جي ڪاٺيءَ جي پٺ هئي. صوفي تي پراڻو ۽ چتين لڳل چمڙي جو پوش هو. سندس مٿي جي هيٺان ٻه سفيد وهاڻا هئا، جي هن پنهنجي بستري مان ڪڍيا هئا. هوءَ بنا ڪنهن چرپر جي ليٽيل هئي. هوءَ پٺيري ليٽيل هئي ۽ سندس هٿ، مٿي جي هيٺان هئا. کيس اهڙو لباس پيل هو، جنهن مان معلوم پئي ٿيو ته هوءَ ڪنهنجي انتظار ۾ آهي. سندس لباس ڪاري رنگ جي ريشم جو هو ۽ سندس مٿي تي دلڪش رئو هو. سندس ڪلهن تي هڪ شال به پيل هئي، جنهن کي سون جي هڪ وڏي بروچ سان بند ڪيو ويو هو. هوءَ پڪ سان ڪنهنجي انتظار ۾ هئي. هو بيصبر ۽ ٿڪايل هئي. سندس چهرو ڪوماڻيل هو ۽ سندس چپ ۽ اکيون گرم ٿي معلوم ٿيون. هن بي چينيءَ ۾، پنهنجي سڄي پير سان صوفي جي ٻانهن کي ڌڪ پئي هنيا. ريڪٽن ۽ اليوشا کي ايندو ڏسي، منجهس خفيف بي آرامي پيدا ٿي. هنن ’هال‘ ۾ گهڙندي، سندس پٺي ڏئي اُٿڻ جي آواز کي چڱي طرح ٻڌو ۽ ايتري ۾ سندس ڊڄندڙ آواز آيو ته ”ڪير آهيو؟“ پر خادما هڪدم وڃي ملاقاتين سان ملي ۽ مالڪه وٽ وڃي ٻڌايائين.
”هي اُهو نه آهي، پر هيءُ ڪي ٻيا ملاقاتي آهن.“
”الائي ڇا آهي“، ريڪٽن، اليوشا کي ملاقاتي ڪمري ڏي گهليندي، هوريان چيو.
گروشينڪا صوفي جي ڀرسان بيٺي هئي ۽ اڃا به ڊپ ۾ هئي. سندس سياهه ۽ ڀورن وارن جي چڳ، سندس فيتي کان رڙهي، سندس سڄي ڪلهي تي اچي پئي هئي، جنهن جي کيس ڪابه خبر نه پئي ۽ ايستاِئين هن، انهن کي پوئتي نه اڇلايو، جيستاِيئن هن ملاقاتين کي پوري ريت ڏٺو ۽ سڃاتو.
”اڙي، ريڪٽن تون آهين؟ تو ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. ڪنهن کي وٺي آيو آهين؟ اِهو تو سان ڪير آهي؟ خدايا تون هـُـن کي وٺي آيو آهين!“ هن اليوشا کي سڃاڻيندي چيو.
”موم بتين لاءِ ماڻهو موڪل ” هن کيس پنهنجي گهرائي ڏيکاريندي چيو. ڄڻ ته هو سندس قريبي دوست هو، ۽ کيس اها اجازت هئي، ته سندس گهر ۾ ڪوبه حڪم ڏيئي سگهي.
”موم بتين..... ها موم بتيون، فينيا..... هن کي هڪ موم بتي ڏي. ها! تو، هن کي آڻڻ لاءِ هيءُ وقت انتخاب ڪيو آهي! ” هنُ وري ڳالهايو ۽ اليوشا ڏي ڏسندي، آئيني ڏي مـُـڙي ۽ جلدي ۾ پنهنجي ٻنهي هٿن سان وارن کي جائيتو ڪرڻ لڳي. هوءَ ناراض ٿي ڏٺي.
ريڪٽن پنهنجي توهين کي سمجهندي، هڪدم کيس چيو: ته ”ڇا، مان توکي راضي ڪرڻ لاءِ هيءُ سڀ ڪجهه نه ڪيو آهي.“
”سچ پچ ريڪٽن تو مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. ” گروشينڪا مشڪندي اليوشا ڏي ڦري. ”پيارا اليوشا مون کان خوف نه کاءُ. تون اهو خيال ئي نه ڪري سگهندين ته مان توکي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿي آهيان. منهنجا، اميد جي خلاف ملاقاتي. پر ريڪٽن تو مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. مان سمجهيو ته مـِـتيا اچي ويو. تو کي خبر نه آهي، مان ان کي هاڻي ٺڳيو هو. مان کيس چيو هو ته مون تي يقين ڪر، پر اهو مان ڪوڙ ڳالهايو هيومانس. مان کيس ٻڌايو ته اڄوڪي شام مان پوڙهي ڪزماڪزمچ وٽ گذارينديس ۽ اُتي دير تائين هونديس، جيستاِيئن سندس رقم اچي وڃي ۽ اُن کي ڳڻي وٺان. مان هميشه هفتي ۾ هڪ ڀيرو سڄي شام سندس حساب ڪتاب کي ٺاهڻ لاءِ وٽس گذاريندي آهيان، اسان پاڻ کي بند ڪري ڇڏيندا آهيون. هو پيسن کي شمار ڪندو آهي، ۽ اُن وچ ۾ مان ويهي سندس ڪتاب ۾ اهي شيون داخل ڪندي آهيان. مان انسانن ۾ هڪ ئي آهيان، جنهن تي سندس اعتبار آهي. مـِـتيا اِيئن سمجهندو هوندو ته مان اُتي آهيان، پر مان موٽي آئي آهيان ۽ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيو اٿم ۽ ڪن خبرن جي انتظار ۾ آهيان. اوهان کي الائجي فينيا اندر ڇڏيو آهي. فينيا، فينيا ڊوڙ، ٻاهر وڃي ڏس ته ڪئپٽن ڪٿي نظر ته نه ٿو اچي. اهو هميشھ لڪندو ۽ جاسوسي ڪندو آهي. مان ان کان سخت خوفزدهه آهيان.
”هتي ته اگرافينا اليگزينڊرووينا ڪوبه نظر نه ٿو اچي. مان هاڻي ڏسي آئي آهيان. مان دروازي جي چيرن مان چڱي ريت جهاتيون پائي ڏٺو آهي. مان پاڻ خوفزدهه آهيان ۽ ڏڪان ٿي.“
”بادبان ته چڱي ريت بند آهن فينيا؟ اسان کي پردا ڏيڻ گهرجن. اهو چڱو ٿيندو. ” هن ڳورن پردن کي پاڻ ڇڪيو. ”هن جيڪڏهن روشني ڏٺي ته ڊوڙي پوندو. اليوشا، مان تنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کان اڄ ڏاڍو ڊڄان ٿي.“
گروشينڪا زور سان ٿي ڳالهايو، جيتوڻيڪ هوءَ خوفزدهه هئي. هوءَ ڪنهن ڳالهه کان بيحد خوش ٿي ڏٺي.
”تون اڄ ڇو خاص طرح مـِـتيا کان خوفزدهه آهين؟ ” ريڪٽن کانئس پڇيو. مان ته توکي کانئس ايترو هيسيل نه ٿي سمجهيو. تون ته پنهنجي آڱر جي اشاري تي کيس نـچائي سگهين ٿي؟“
مان توکي ٻڌايان ٿي ته مان ڪن قيمتي خبرن جي انتظار ۾ آهيان، جي نهايت بي بها آهن. ان ڪري مون کي مـِـتيا ڪنهن به حالت ۾ نه ٿو کپي. مان ڄاڻان ٿي ته کيس اهو ڪڏهن به ويساهه نه آيو هوندو ته مان ڪزماڪزمچ وٽ آهيان. هو هاڻي فيودورپاولوچ جي باغ ۾ لڪي، مون کي ڏسندو هوندو. مان کيس چيو هو ته مان اتي اڌ رات تائين ترسنديس. جيڪڏهن هـُـو اُتي آهي ته هيڏي نه ايندو. اِهو به چڱو ٿيو! پر مان سـَـچ پچ ڪزماڪزمچ مان کيس چيو هو ته اڌرات اچي، مون کي گهر وٺي هلي. هو هليو ويو ۽ مان فقط ڏهه منٽ ڪزماڪزمچ وٽ ترسيس ۽ وري هيڏي هلي آيس. اُف، مان بيحد خوفزدهه هيس. مان هن خوف کان ڊوڙندي آيس ته هوُ متان ملي نه وڃي.“
”تو ڇو هيءُ لباس پهريو آهي؟ ڪهڙي نه مزيدار ٽوپي، تنهنجي مٿي تي آهي!“
”ريڪٽن، تون پاڻ ڪيڏو نه مزيدار آهين. مان توکي ٻڌايان ٿي ته مون کي اڄ ڪو پيغام اچڻ وارو آهي. جيڪڏهن مون کي پيغام ملي ويو. مان اُڏامي وينديس. تيزيءَ سان وينديس ۽ وري تون مون کي هتي نه ڏسندين. اهو سبب آهي، جو مان اهو لباس پهريو آهي، جيئن مان تيار هجان.“
”تون ڪيڏانهن اُڏرڻ ٿي گهرين؟“
”جيڪڏهن تون وڌيڪ معلوم ڪرڻ گهرندين ته جلد ئي پوڙهو ٿي ويندين.“
”سچ پچ تون ڏاڍي خوش ٿي ڏسجين..... مان تو کي اهڙي ريت ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. تو اهڙيءَ ريت پوشاڪ پهري آهي، ڄڻ ته رقص جي محفل ۾ وڃي رهي آهين. ” ريڪٽن، کيس هيٺ، ۽ مٿي نهاريندو رهيو.
”تون رقص جي محفل کي، تڏهن ڄاڻندو آهين.“
” ۽ تون به ان جي متعلق ڄاڻندي آهين؟ “
”مان رقص جي محفل ڏٺي آهي. ٻه سال ٿيا، ڪزما ڪزمچ جو پٽ پرڻيو هو ۽ مان گئلريءَ مان، اُن مجلس کي ڏٺو هو. تون خيال ڪندو هوندين ريڪٽن ته مان توسان فقط ڳالهائڻ گهران ٿي. هيڏانهن هڪ شهزادو بيٺو آهي. اهڙو ملاقاتي! اليوشا، منهنجا پيارا ٻار، مان توڏانهن نهاريان ته ٿي، پر مون کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه ٿو اچي. خدايا، تون مون کي هت ڏسڻ لاءِ آيو آهين. مان سچ ٿي چوان ته مون کي توکي ڏسڻ جو خيال ئي نه ڪرڻ گهربو هو، نه وري هيءَ ٿي سگهيو ٿي ته مون کي تون ڏسڻ ايندين. جيتوڻيڪ هيءَ گهڙي شڪراني جي نه آهي. پر مان تو کي ڏسي بيحد خوش ٿي آهيان. صوفي تي ويهه. هان ساڄي پاسي. اهائي تنهنجي پوري جاءِ آهي، منهنجا ننڍڙا، چمڪندڙ چنڊ! مان تنهنجي هاڻي ڪابه خدمت ڪري نه ٿي سگهان. افسوس ريڪٽن، تون کيس هڪ ٻه ڏينهن اڳ آڻين ها، ڪالهه يا هڪ ڏينهن اڳ. پر هاڻي جيئن آهي، مان اُن کان به بيحد خوش آهيان. اهو به چڱو جو هاڻي ۽ هن گهڙي اچي ويو آهي، سڀاڻي ۽ پرينهن کان بچي وئي آهيان.“
هوءَ خوشي مان اليوشا ڀرسان صوفي تي ويهي رهي ۽ پوري خوشيءَ مان کيس نهاريندي رهي. واقعي هوءَ خوشيءَ ۾ هئي ۽ هن ڪو به ڪوڙ نه ٿي ڳالهايو. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون، سندس چپ کلي رهيا هئا. اها سندس نيڪ سرشت واري کل هئي. اليوشا کي سندس منهن اهڙي مهربانيءَ ڀري اظهار جي اُميد ئي نه هئي..... کيس ساڻس ملي، مشڪل سان هڪ ڏينهن ٿيو هو. کيس سندس بي رخيءَ جو گمان هو. کيس هڪ ڏينهن اڳ، ان فريب ۽ نفرت ڀري روش کان، جا هن ڪيٽرينا ايونونا سان ورتي هئي، سخت عذاب پهتو هو. هن کيس جيئن اميد ٿي ڪئي، ان روش کان بلڪل ٻي طرح ڏٺو. کيس هن حالت تي بيحد عجب لڳو. جيئن ته هو پنهنجي غم کان گهٻرايل هو، سندس اکيون، بنا ڪنهن مقصد جي، سندس چهري ۾ پوري ڌيان سان کپي ويون هيون. ڪالهه کان بلڪل ٻي طرح سندس ڪردار ۾ خوبيءَ واري تبديلي ٿي ڏٺي. مشڪل سان سندس گفتگو ۾، تبديل ٿيڻ واري ميٺاج جو اثر ٿي ڏٺو ۽ سندس هر حرڪت ۾ بي پناهه صفائي ٿي ڏٺي. ڄڻ ته سڀ ڪجهه سادو ۽ نيڪ فطرت وارو هو ۽ سندس اشارا، سنوان سڌا، تڪڙا ۽ راز داراڻا هئا. پر هوءَ وڏي جوش ۾ ٿي ڏٺي.
”منهنجا پيارا، اڄ سڀ ڳالهيون، ڪيئن نه يڪجا ٿي ويون آهن. ” هن وري خوشيءَ جي لهجي مان چيو. ”مان توکي ڏسي ايڏو ڇو خوش ٿي آهيان اليوشا! مون کي پاڻ ان جي خبر نه ٿي پوي! جيڪڏهن تون اُن بابت مون کان سوال ڪندين ته مان توکي ڪجهه به ٻڌائي نه سگهنديس.“
”اڄ، توکي خبر نه ٿي پوي، ته تون ڇو خوش آهين؟ ” ريڪٽن کيس چيو. ”تون هميشھ مون کي مجبور ڪندي هئين ته هن کي تو وٽ وٺي اچان. مان سمجهان ٿو ته هن ۾ تنهنجو ڪو مقصد هو.“
”مون کي هڪ ڀيري، ڪو جدا مقصد هو. پر هاڻي اُهو ختم ٿي چڪو آهي. هيءُ اُها گهڙي نه آهي. مان توکي چوان ٿي ته هاڻي ڪا چڱي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. مان هاڻي نيڪ طبعيت بڻجي وئي آهيان. ريڪٽن تون پڻ ويهه، بيٺو ڇو آهين. تو کي اڳ ۾ ويهڻ گهربو هو. معلوم اِيئن ٿئي ٿو ته هن ڄڻ پاڻ کي وساري ڇڏيو آهي. اليوشا ڏس، هوُ اسان جي بلڪل سامهون ويٺو آهي. هو ايتري قدر، شايد رنجيده خاطر، انهيءَ ڪري ٿو نظر اچي، جو کيس ويهڻ لاءِ مان آڇ نه ڪئي آهي. ريڪٽن گهڻو حساس ٿو نظر اچي. گهڻو حساس. ريڪٽن جذباتي نه ٿيءُ، مان اڄ چڱي خيال ۾ آهيان، پر اليوشا تون ايتري قدر غمگين ڇو آهين؟
هيءُ خوشيءَ مان کلندي، جيئن سندس اکين ڏي نهاري رهي هئي، کيس چياِيئن ته ”متان، مون کان ته نه ٿو ڊڄين؟“
”هيءُ غمگين آهي، سندس ڪابه همٿ افزائي نه ٿي آهي، ” ريڪٽن کيس چيو. ”ڪهڙي همٿ افزائي؟“
”سندس مربي مري ويوآهي.“
”ڇا، تون بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪرين. تون ڪا شرارت واري ڳالهه ٿو ڪرڻ گهرين. چپ رهه بيوقوف. اليوشا، مان تنهنجي گوڏن تي هيئن ويهڻ گهران ٿي. ” هو اوچتو اڳتي سري آئي ۽ کلندي، ٽپو ڏئي، سندس گوڏن تي ويهي رهي. ”منهنجا پاڪيزه ڇوڪرا، مان تو کي خوش ڪرڻ گهران ٿي. هائو سچ پچ، تون مون کي پنهنجي گوڏن تي ويهڻ ڏيندين؟ اميد ته تون غصي نه ٿيندين، پر جيڪڏهن تون غصي ٿئين ته مان لهي اچان.“
اليوشا ڪجهه به جواب نه ڏنو. هو چرڻ پرڻ کان به خوف کائي رهيو هو. هن اُن جا هيءُ لفظ به ٻڌا ته ’جيڪڏهن تون چوين ته مان لهي وڃان‘ پر هن کيس ڪو به جواب نه ڏنو. سندس دل ۾ ريڪٽن وانگر ڪجهه به نه هيو. جو کيس ڪنڊ مان بد نيتي سان نهاري رهيو هو. شايد هن عجب ٿي کاڌو يا ڪنهن نئين شيءِ جي وجود ۾ اچڻ جي اميد ٿي رکيائين. اليوشا جي دل ۾ سڀ ڪنهن تاثر کان پوءِ غم جي لهر لامارا ڏيندي ٿي رهي.هو ان گهڙيءَ ۾ فقط، وضاحت سان، هيءُ ئي خيال ٿي ڪري سگهيو ته، هن کي هيءُ سمجهڻ کپندو هو ته هاڻي کيس هن خواهش نفساني ۽ حرص جي ترغيب کان بچائڻ لاءِ، طاقتور هٿيارن جو بچاءُ کپي. اُن هوندي به پنهنجي روحاني حالتن جي غير جوابدارانه ۽ فضول خيال کان ۽ اُن ڏک کان، جنهن کيس وڪوڙي ورتو هو، هوُ پاڻ کي دل جي هڪ نئين ۽ عجيب اُمنگ کان روڪي نه ٿي سگهيو. هن عورت کي هـُـن خوفناڪ عورت کان هاڻي کيس ڪوبه خوف نه هو. اُهو ڪوبه خوف نه، جو ڪنهن به عورت کان پيدا ٿي سگهي ٿو، هاڻي سندس روح ۾ موجود نه هو. پر اُن جي خلاف، اُها عورت، جا ٻين کان خطرناڪ هئي، هاڻي سندس گوڏن تي ويٺي هئي ۽ کيس پنهنجي آغوش ۾ ورتو هئائين. سندس دل ۾ هاڻي بلڪل نئون، علحده، اميد جي خلاف، خاص جذبو پيدا ڪري رهي هئي. هي جذبو ڪنهن مفاد جي هيٺ هو، ڪنهن خالص مفاد جي لاءِ، ڪنهن خوف ۽ خطري کان سواءِ اها ڳالهه هئي، جنهن اُن کي ان وقت عجب ۾ ٿي وڌو.
”تو گهڻو ئي بيوقوفيءَ جو ڳالهائي ورتو“، ريڪٽن کيس چيو. چڱو آهي ته هاڻي اسان کي شئمپين پيار. تو کي خبر آهي ته اهو تو تي قرض آهي!
”هائو مون کي اهو قرض ڏيڻو آهي. اليوشا توکي خبر آهي ته مان ساڻس وعدو ڪيو هو ته هوُ تو کي مون وٽ وٺي اچي ته مان کيس شئمپين پياريندس. مان به ٿورو پيئندس. فينا، فينا، مـِـتيا جنهن شيشي کي ڇڏي ويو آهي، اُن کي کڻي اچ. جيتوڻيڪ مان ڪنجوس آهيان، پر بوتل جو وعدو پورو ٿيندو. هيءُ ته تنهنجي لاءِ نه آهي ريڪٽن، پر هن جي لاءِ آهي. تون نانگ ڦڻ جي ڇٽي آهين ۽ هي باز! جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ ڪجهه ٻيو سمايل آهي، اُن هوندي به مان اوهان سان گڏ شراب پيئندس. مان گهڻي وقت کان عياشيءَ جي لاءِ سڪندي رهي آهيان.“
”پر آخر تو سان آهي ڇا؟ آخر مان پڇان ٿو ته هيءُ ڪهڙو پيغام آهي.“ ريڪٽن هن کان معلومات جي ڄاڻڻ جي انداز ۾ چيو. هـُـن وڏي مڪاريءَ سان، پنهنجي ڌڪار کي لڪايو، جنهن جو هو مسلسل نشانو بڻجي رهيو هو.
”اڙي هيءُ ڪوبه راز نه آهي. جنهن جي تو کي به خبر آهي“ گروشينڪا اوچتو انتظار واري آواز ۾ چيو. پنهنجو مٿو ريڪٽن ڏي ڦيراياِئين ۽ اليوشا ڪجهه سري آيو. هوُ اڃا تائين، سندس گوڏن تي هئي ۽ سندس ٻانهون ان جي ڳچيءَ ۾ هيون. منهنجو آفيسر اچي ٿو ريڪٽن، منهنجو آفيسر اچي ٿو.
”مان ٻڌو هو ته، هوُ اچي ٿو، پر ڇا، هو ايترو ويجهو اچي ويو آهي؟“
”هو، هاڻي ماڪرو ۾ آهي. جيئن هن لکيو آهي، اتان موٽندي پنهنجو قاصد موڪليندو. مون کي اڄ سندس خط مليو آهي. مان هر گهڙي، سندس قاصد جو انتظار ٿي رکان.“
”تون اِيئن نه چؤ،ڀلا ماڪرو ۾ ڇو؟“
”اها ڊگهي ڪهاڻي آهي، جا مان توکي ڪافي ٻڌائي چڪي آهيان.“
”مـِـتيا، هاڻي ڪنهن طرح سان اُٿي بيهندو. مان پڇان ٿو ته هوُ هي ڳالهه ڄاڻي ٿو يا نه؟“
”هو ڄاڻي ٿو! ٿي سگهي ٿو ته نه ڄاڻندو هجي، جيڪڏهن هوُ ڄاڻي ٿو ته قتل ٿيندو. پر هاڻي مون کي، ان کان ڪوبه خوف نه آهي. مون کي ان جي چاقوءَ کان ڪوبه خوف نه آهي. ريڪٽن چپ ڪر، مون کي دمتري فيودورووچ جي ڪابه ياد گيري نه ڏيار، هـُـن منهنجي دل کي ڪافي ڏکايو آهي ۽ مان هن وقت ان جي بابت ڪو به خيال ڪرڻ نه ٿي گهران. مان فقط اليوشا جي لاءِ خيال ڪرڻ گهران ٿي ۽ هن ڏي نهارڻ گهران ٿي..... پيارا مون ڏي کلي نهار. خوش ٿي، منهنجي بيوقوفي، ۽ منهنجي راحت تي کل..... هان هيءُ مشڪي ٿو، هيءُ مشڪي ٿو! ڪيڏو نه مهربانيءَ سان مون ڏي نهاري رهيو آهي! اليوشا، مان هيءُ سمورو وقت، هن حقيقت تي غور ڪندي رهي آهيان ته تون مون تي ڪاوڙ جي ويو هئين. ڇاڪاڻ ته پرينهن ترينهن، مان اُن نوجوان بيگم سان چڱي هلت نه ورتي هئي. مان هڪ ڪـُـتي جي مثال هيس، اهو سچ آهي..... پر اهو چڱو ٿيو، جو اِيئن ٿيو. اُها هڪ تڪليف ڏيندڙ شيءِ هئي، پر چڱي به هئي. ” گروشينا اِيئن مشڪي ڄڻ ته خواب ٿي ڏسي. سندس مشڪڻ ۾ ڪي ظالماڻا ليڪا به نظر ٿي آيا.
”مـِـتيا ٻڌايو ٿي ته هـُـن واڪو ڪري چيو ٿي ته مون کي بيد هنيا وڃن.مان واقعي سندس خطرناڪ طريقي سان بي عزتي ڪئي هئي. هـُـن مون کي گهرايو هو ۽ سندس خواهش هئي، ته هوءَ مون تي فاتح بڻجي. پنهنجي چاڪليٽ سان مون تي فتح حاصل ڪري ..... نه اها چڱي ڳالهه هئي. اهڙي ريت ئي پوري ٿيڻ کپندي هئي، هوءَ وري مشڪي ”پر مان اڃا تنهنجي ڪاوڙ کان ڊڄي رهي آهيان.“
”هان، اهو بلڪل صحيح آهي.“ ريڪٽن اوچتو هڪ خاص عجب جي حالت ۾ چيو. ”اليوشا، هيءَ تو کي ننڍو چوزو سمجهي ڊڄي رهي آهي.“
”ريڪٽن، هيءُ تنهنجي لاءِ چوزڙو هوندو....... ڇاڪاڻ ته توکي ڪوبه ضمير نه آهي ۽ هيءُ سڀ ڪجهه انهيءَ جي ڪري آهي. توکي خبر آهي اليوشا مان تو کي پنهنجي روح سان مڪمل ّمحبت ڪريان ٿي؟“
”اڙي بي شرم عورت! اليڪسي هيءَ تنهنجي صاف اظهار ڪري رهي آهي!“
”ٺيڪ آهي، انهيءَ جي پرواهه به ڪهڙي آهي، مان هن سان محبت ڪريان ٿي.“
”پوءِ تنهنجي آفيسر جو ڇا حشر ٿيندو؟ ماڪرو جي پيغام جي ته ڪابه قيمت ئي نه رهي؟ ”
”اها بلڪل ٻي ڳالهه آهي.“
”عورت جي ڏسڻ جو طريقو اهو ئي هوندو آهي.“
”ريڪٽن، تون مون کي ڪاوڙاءِ نه. ” گروشينڪا کيس جوش مان قابو ڪري ڇڏيو. “ هيءَ ٻي ڳالهه آهي. مان اليوشا سان محبت ڪنهن ٻيءَ ريت ڪريان ٿي. اهو سچ آهي،اليوشا تنهنجي لاءِ مون وٽ، هن کان اڳي بيوقوفيءَ وارا منصوبا هئا. ڇاڪاڻ ته مان سنگدل ۽ وحشي طبعيت جي آهيان. پر مان ٻين موقعن تي توکي پنهنجي ضمير وانگر پئي ڏٺو آهي. مان اِيئن خيال ڪندي رهي آهيان، ته مان جهڙي نفرت ڀريل شرير کي ڪير پسند ڪندو. مان اُن ڏينهن تي، جنهن کي ٽي ڏينهن ٿيا، ان نوجوان بيگم کان گهر موٽندي، طويل وقت تنهنجي لاءِ سوچيندي رهيس ۽ مـِـتيا کي خبر آهي، ڇو ته مان ان باري ۾ ساڻس ڳالهايو هيو. مـِـتيا اُن کي سمجهيو ٿي. تون اعتبار ڪندين، مان ڪڏهن ڪڏهن توڏي ڏسي، شرمندي ٿي وڃان ٿي..... ڪيئن ۽ ڪڏهن، مان اِيئن تنهنجي لاءِ سوچڻ شروع ڪيو، ان جي لاءِ نه چئي سگهان ٿي ۽ نه وري ڪا يادگيري اٿم....
”فينيا هيڏي اچ، ڪٻٽ ۾ ٻـُـجيءَ کان سواءِ شئمپين جي هڪ بوتل ۽ ٽي گلاس کڻي اچ.“
”اجهو شئمپين اچي ويو ” ريڪٽن واڪو ڪري چيو. ”اگرافينا اليگزينڊرووينا، تون جوش ۾ ٿي ڏسجين، شايد پنهنجي پاڻ ۾ نه آهين. جڏهن تون شئمپين جو گلاس وٺندين، ته نچڻ لڳندين. ” هو بوتل کي ڏسي چوڻ لڳو ته ”هن پوڙهيءَ، هن کي رڌڻي ۾ کوليو آهي ۽ بوتل کي گرم ۽ بنا ٻـُـجيءَ جي آندو ويو آهي. بهرحال مون کي ڪجهه پيئڻ گهرجي.“
هو ميز ڏي ويو، گلاسن کي کنياِيئن ۽ هڪ ڳيت سان ان کي پي ويو ۽ وري پاڻ وڌيڪ پيئڻ شروع ڪيائين.
”ڪنهن کي هروڀرو شئمپين جي پيئڻ تي پسنو پيش نه ڪرڻ گهرجي. ” هن پنهنجي چپن کي چٽيندي چيو. ”هاڻي اليوشا گلاس کي کڻ، ڏيکار ته تون ڇا ٿو ڪرڻ گهرين! اسان کي سلامتي سان پيئڻ گهرجي. سلامتي وارا بهشت جا دروازا!“ گروشينڪا تون به گلاس کي کڻ ۽ هن کي پي، بهشت جي دروازن تاِئين پهچي وڃ.
”ڪهڙا بهشت جا دروازا؟“
هن گلاس کي کنيو، اليوشا پنهنجي کي کنيو ۽ چکياِئين ۽ موٽائي رکي ڇڏيائين. چوڻ لڳو ته، چڱو آهي ته مان ان کي نه پيئان. هو مروت سان کليو.
ريڪٽن رڙ ڪري چيو ”تڏهن تو ڊاڙ ٿي هنئين؟“
”ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اِيئن آهي ته مان به نه پيئنديس. ” گروشينڪا خاطري ڪندي چيو، ته ”سچ پچ مون کي به نه کپي. تون اڪيلو سڄي بوتل کي منهن ڏي. جيڪڏهن اليوشا ڪجهه پيتو ته مان به پيئنديس.“
ريڪٽن طنز ڪندي چيو ته، ”سڀ فضول، تون هن جي گوڏي تي ويٺي آهين. هو ته غمگين آهي، پر توکي ڇا ٿيو آهي؟ هو خدا جي خلاف بغاوت ڪري رهيو آهي ۽ هو گوشت ڀـَـري انڊي کائڻ لاءِ تيار آهي.“
”اهو ڪيئن؟“
”سندس مربي اڄ مري ويو آهي. مربي زوسيما، هڪ ولي.“
گروشينڪا رڙ ڪري چيو ته ”تڏهن مربي زوسيما مري ويو آهي. خدايا! مون کي ته ڪابه خبر نه آهي!“ هن ڏاڍي عقيدي مان هيءُ پڇيو. مون کي چڱائي ٿي، مان ڇا ڪري رهي آهيان. مان اهڙي موقعي تي سندس گوڏن تي ويٺي آهيان. هن مونجهاري ۾ ڄڻ ته ڇرڪ ڀريو ۽ انهيءَ وقت ئي، هوُ سندس گوڏن تا سرڪي آئي ۽ وڃي صوفي تي ويٺي.
اليوشا گهڻو وقت جهڪي کيس عجب سان نهاريندو رهيو ۽ سندس چهري ۾ روشني اُڀرندي ڏٺي.
اوچتو هن مضبوط ۽ وڏي آواز ۾ چيو ته ” ريڪٽن مون تي طنز نه ڪر ته مان خدا سان بغاوت ڪري رهيو آهيان. مان تو سان ڪاوڙجڻ نه ٿو گهران، تو کي به مهربان ٿيڻ گهرجي. مان اُن دولت کي وڃائي ويٺو آهيان، جا تو وٽ هئي ئي ڪانه، تون مون کي هاڻي سمجهي ئي نه سگهندين، تنهنجي لاءِ بهتر آهي ته تون هن کي ويٺو نهار، ڏسين نه ٿو ته هوءَ مون تي ڪيترو نه غمگين آهي؟ مان هتي ڪنهن بد روح جي تلاش ۾ آيو هوس. مان اُن کان به زياده بڇڙائي ڏي گهلجي ويس. ڇاڪاڻ ته مان وڌيڪ بڇڙو ۽ رذيل هوس، مون کي هتي هڪ سچي ڀيڻ ملي وئي آهي. مون کي هڪ دولت ملي وئي آهي. هڪ محبت ڪرڻ واري دل، هيءَ هاڻي مون تي ڏک ڪري رهي آهي. اگر افينا اليگزينڊرووينا، مان ته تنهنجي بابت ڳالهائي رهيو آهيان. تو منهنجي روح کي گهراين ما ڪڍي ورتو آهي. ”
اليوشا جا چپ ڏڪي رهيا هئا، گويا سندس دم بند ٿي ويو هو.
”هن توکي بچائي ورتو آهي، اِيئن ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ” ريڪٽن نفرت مان کليو. ۽ هن جي خواهش آهي ته هوءَ توکي پنهنجي چنبن ۾ قابو جهلي. توکي اهو احساس ٿئي ٿو.
”ترس ريڪٽن“، گروشينڪا ٽپو ڏئي اُٿي. ”اوهان ٻئي چپ ڪريو. مان هاڻي اوهان کي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي. اليوشا تنهنجا لفظ مون کي شرمندو ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته مان بڇڙي آهيان ۽ ڪا چڱي نه آهيان. مان اهائي آهيان. ريڪٽن تون صبر ڪر، ڇاڪاڻ ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين. هاڻي هر ڪا چيز بدلجي وئي آهي. هاڻي توکان ٻيو وڌيڪ، ڪجهه به ٻڌڻ نه ٿي گهران. ” گروشينڪا هي سڀ ڪجهه انتهائي جوش مان چيو.
ريڪٽن هنن کي عجب مان ڏسندي چيو ته ”هيءُ ٻئي سودائي ٿا نظر اچن. مان اِيئن ٿو محسوس ڪريان، ته ڄڻ ڪنهن پاڳل خاني ۾ آهيان. هي ٻئي ڪمزور ٿيندا ٿا وڃن، ڄاڻ روئي ويٺا.“
”مان واقعي روئي ويهندس. ” گروشينڪا دهرائيندي چيو. ”هن مون کي ڀيڻ چيو آهي، جنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه سگهنديس. ريڪٽن مان توکي فقط هيءُ ٻڌائڻ گهران ٿي ته جيتوڻيڪ مان بڇڙي آهيان، پر ڪنهن بصر کي ڇڏي سگهان ٿي.“
”بصر، کڏ ۾ وجهينس، تون ته سچ پچ سودائي ٿي نظر اچين.“
ريڪٽن سندن جوش کي عجب مان ڏسي رهيو هو، کيس ڏک به ٿي پيو ۽ غصي ۾ به هو، جيتوڻيڪ کيس اهو سوچڻ کپندو هو ته هنن مان هر هڪ روحاني مصائب کان گذري رهيو آهي، جي سندن زندگي ۾ ڪڏهن به نه آيا هوندا. جيتوڻيڪ ريڪٽن وڏو حساس هو ۽ هن پنهنجي لاءِ الائجي ڇا ٿي سوچيو، مگر هوُ ٻين جي جذبن ۽ احساسن جي سوچڻ ۾ نهايت ڏنگو هو. ڪجهه ته نوجواني ۽ ناتجربيڪاري جي، ڪجهه پنهنجي شديد خوديءَ جي باعث.
”اليوشا هيڏي ڏس، ” گروشينڪا اُن ڏي مڙندي، جذباتي طور تي کلي. ”مان جڏهن ريڪٽن کي چيو ته مان بصر کي ڇڏي ڏنو آهي ته اها منهنجي لاف هئي. اها هڪ ڪهاڻي آهي، پر وڻندڙ ڪهاڻي آهي. جڏهن مان ننڍي هيس ته اها ڪهاڻي، پنهنجي بورچياڻي ميٽرينيوا کان ٻڌندي هيس. هوءَ هاڻي به مون سان گڏ آهي. اُها هيٺين طرح آهي. ڪنهن زماني ۾ هڪ ڪڙمي عورت رهندي هئي، جا نهايت بڇڙي هئي. هوءَ مري وئي ۽ ڪوبه نيڪيءَ جو ڪم پويان نه ڇڏي وئي. شيطان کيس ورتو ۽ باهه جي کوري ۾ وڃي وڌائينس. سندس ڪراماًڪاتبين اتي بيٺا رهيا ۽ ياد ڪرڻ لڳا، ته جيڪڏهن هـُـن ڪو چڱو ڪم ڪيو هجي ته خدا جي حضور ۾ بيان ڪن. هنن کي ياد آيو ته هڪ ڀيري هـُـن هڪ بصر کي باغ مان پٽي، فقيرياڻي کي ڏنو هو. هنن اهو ذڪر ڪيو. خدا جي بارگاهه مان کين صدا آئي ته ”اوهان اُهو بصر کڻو ۽ ان کوري ۾ ڏيو. کيس ڇڪيو. جيڪڏهن هوءَ کوري مان ڇڪجي ٻاهر آئي ته هو بهشت ۾ هئڻ کپي. پر جيڪڏهن بصر ڀڄي پيو ته اُها اتي ئي رهڻ گهرجي، جتي آهي. هنن وڏي خبرداريءَ سان کيس ٻاهر ڇڪڻ شروع ڪيو. هنن کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ئي ٿي ته ٻين گنهگارن ڏٺو ته ڪهڙي ريت، هن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ٿو وڃي. هنن کيس مضبوطيءَ سان چنبڙڻ شروع ڪيو ته جيئن هو به ساڻس ڇڪجي ٻاهر نڪري وڃن. پر جيئن ته هوءَ بداطوار عورت هئي، کين لتون هڻڻ شروع ڪياِئين ۽ چوڻ لڳي ته ”مون کي ڪڍيو ٿو وڃي نه اوهان کي. هيءُ بصر منهنجو آهي نه اوهان جو. ” جيئن ئي هن اِيئن چيو ته بصر ڀڄي پيو ۽ هوءَ اُن کوري ۾ ڪري پئي، جتي اڄ ڏينهن تاِئين سڙندي رهي ٿي. فرشتا هيءُ ڏسي روئي ويٺا ۽ هليا ويا. اليوشا، اهائي آکاڻي آهي. مان هن کي ياد ڪري ورتو هو. مان به اهڙي ئي بڇڙي عورت آهيان. مان ريڪٽن سا لاف هنئي هئي ته هڪ بصر مان ڏيئي ڇڏيو آهي، پر مان توکي چوڻ گهران ٿي ته مان سڄي حياتيءَ ۾ ڪابه ڪمائي نه ڪئي آهي، فقط بصر ئي ڏنو اٿم. اهو ئي هڪڙو چڱو ڪم آهي، جو ڪيو اٿم. اُن ڪري اليوشا منهنجي ڪابه تعريف نه ڪر ۽ مون کي چڱو نه سمجهه. مان بڇڙي عورت آهيان. تون منهنجي تعريف ڪري، مون کي شرمندو نه ڪر. ها مون کي سڀ ڪجهه قبول ڪرڻ کپي. اليوشا ڌيان ڏئي ٻڌ، اليوشا، مان توکي ڦاسائڻ لاءِ ايڏي ته منتظر هيس، جو مان ريڪٽن سان واعدو ڪيو هو ته ، هوُ جيڪڏهن توکي مون وٽ وٺي ايندو، ته مان کيس ان جي عيوض ۾ پنجويهه روبل ڏينديس. ترس ريڪٽن ترس! ”
هوءَ تڪڙو تڪڙو ميز ڏانهن وئي. ان جو خانو کولي پرس ڪڍيائين. ان مان پنجويهه روبل نوٽ کنيائين.
ريڪٽن ناراضپي مان واڪو ڪري چيو ته ”هيءَ ڪهڙي بيوقوفي آهي، هيءُ ڪهڙي بيوقوفي آهي! ”
”ريڪٽن هي وٺ، اهو منهنجي مٿان تنهنجو قرض هو. تون جيڪڏهن هنن کي نه ٿو وٺين ته مون کي ان جو ڪو به خوف نه آهي، ڇاڪاڻ ته تو، پاڻ ئي انهيءَ رقم لاءِ چيو هو. ” هـُـن نوٽن کي اُن ڏانهن اڇلائي ڇڏي و.
”مون کي هن جي وٺڻ کان انڪار ئي ڪرڻو پوندو. ” ريڪٽن هڪ گولي وانگر ڦاٽندي چيو. هوُ شرمندو ٿي ويو، پر ان هوندي به پنهنجي مونجهاري کي شرمندگي ۽ غصي سان مٽائڻ ٿي گهريائين. چوڻ لڳو ته ”هن جو انڪار نه ڪرڻ گهرجي، هيءُ موقعي سان هٿ آيو آهي. هميشه جهان ۾ بيوقوفين جي وجود کان، سياڻو فائدو وٺندو آهي.“
”ريڪٽن پنهنجي زبان کي روڪ. هاڻي جو ڪجهه توکي چوڻ ٿو گهران، سو تنهنجي ڪنن لاءِ نه آهي. هن ڪنڊ ۾ ويهه ۽ خاموش رهه. تون اسان کي پسند نه ٿو ڪري سگهين، پنهنجي زبان کي روڪ.“
”مان توهان کي ڪهڙي ريت پسند ڪريان، ” ريڪٽن پيچ کائيندي چيو. هوُ پنهنجي طبعيت جي بديءَ کي لڪائي نه سگهيو. هن پنجويهه رپين جي نوٽ کي جيب ۾ رکيو ۽ اِيئن ڪندي، هوُ شرمندو به ٿيو، جو اليوشا کيس نهاري رهيو هو. هن نوٽ جي شمار جو، پوءِ اليوشا جي ڄاڻڻ کان سواءِ آندازو لڳايو. پنهنجي شرمندگيءَ جي باعث، هاڻي هـُـن پنهنجي طبعيت جو توازن به وڃائي ڇڏيو. گهڙي، کن لاءِ، هنُ انهيءَ ۾ چڱائي سمجهي ته باوجود گروشينڪا جي تيش زنيءَ جي کيس وڌيڪ بيزار نه ڪري. ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجي مطلب کي اڃا حاصل ڪرڻو هو، پر هاڻي هوُ به غصي سان ڀرجي ويو هو، چوڻ لڳو ته:
”هر ڪنهن کي ڪنهن مقصد جي لاءِ دوست رکيو ويندو آهي، تو، وري مون سان ڪهڙي مهرباني ڪئي آهي؟“
”توکي ماڻهن سان بي غرض ّمحبت رکڻ گهرجي، جيئن اليوشا ڪري ٿو.“
”هو توسان ڪهڙي محبت رکي ٿو؟ هنُ اُها توکي ڪيئن ڏيکاري آهي، جو تون ان جي بابت بيهودي ڳالهه ڪري رهي آهين؟“
گروشينڪا، ڪمري جي وچ ۾ بيٺي هئي. هنُ گرم ٿي ڳالهايو ۽ سندس گفتگو ۾، جنوني ڪيفيت ٿي ڏٺي.
”خاموش ريڪٽن، توکي اسان ٻنهي جي بابت ڪابه خبر نه آهي. وري مون سان اهڙي ريت ڳالهائڻ جي همٿ نه ڪج. توکي مون سان ايتري همٿ جي ڪيئن حجت پيدا ٿي آهي؟ هنُ ڪنڊ ۾وڃي ويهه. تو کي اِيئن سمجهڻ گهرجي ته تون ڄڻ منهنجو نوڪر آهين. اليوشا مان هاڻي توکي سڄي حقيقت ٻڌائينديس. جنهن مان توکي خبر پوندي ته مان ڪيڏي نه بدقسمت آهيان. مان ريڪٽن سان نه ٿي ڳالهايان، پر توسان. اليوشا، مان چاهيو ته توکي برباد ڪريان ۽ اِهائي متبرڪ ۽ سچي حقيقت آهي. منهنجو مقصد ئي اهو هو. انهيءَ ڪري ئي مون ريڪٽن کي رشوت باسي هئي، ته هوُ توکي مون وٽ وٺي اچي. پر مان اهڙي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي؟ اليوشا توکي ان جي ڪابه خبر نه آهي. تون ته منهنجي حال کان بي خبر ٿي رهين. جيڪڏهن ڪٿي ملين به ها ته مون کان منهن موڙي وڃين ها ۽ رستي کي پار ڪندي، مون کي ڏسي اکيون هيٺ ڪرين ها. پر مان توکي اڄ کان اڳ ۾ سوين ڀيرا ڏٺو آهي ۽ ماڻهن کان تنهنجي لاءِ پڇندي رهي آهيان. تنهنجي چهري منهنجي قلب کي بيتاب ڪري ڇڏيو آهي. مان خيال ڪندي هيس، ته هيءُ ته مون ڏي نهاري به نه ٿو. مان هن کي ايڏو ته محسوس ٿي ڪيو، جو آخر مان عجب جي هن حد تي اچي پهتس ته مان هڪ ڇوڪري کان، ايترو ڇو خائف آهيان. مان خيال ڪيو ته هن کي پنهنجي چنبي ۾ وٺنديس ۽ اُن تي کلنديس. مان بلڪل غصي ۽ نفرت سان ڀريل هيس. تون هن ۾ اعتبار ڪندين ته اگرافينا اليگزيّنڊرووينا ڏي، بڇڙي نيت سان اچڻ يا ڳالهائڻ جي همٿ ئي نه ٿي آهي. پوڙهو ڪزمائي فقط اهو ماڻهو آهي، جنهن سان مان هتي حجت نه ٿي ڪري سگهان. مان هن سان ٻڌل ۽ وٽس وڪاڻل آهيان. شيطان اسان ٻنهي کي گڏ آندو آهي ۽ اُن کان سواءِ ٻيو ڪو به نه آهي. پر تو ڏي ڏسندي مان خيال ڪيو هو ته مان هن کي چنبي ۾ آڻينديس ۽ مٿس کلنديس. ڏس ته مان ڪيڏي نه نفرت ڀري عورت آهيان ۽ تون وري مون کي پنهنجي ڀيڻ ٿو سڏين! هاڻي جنهن ماڻهو مون کي غلطيءَ تي اُڀاريو هو، سو آيو آهي. مان سندس نياپي لاءِ هت ويٺي آهيان ۽ توکي خبر آهي، ته اُهو ماڻهو منهنجو ڇا ٿئي؟ پنج سال اڳ جڏهن ڪزما، مون کي هتي آندو هو، مان پاڻ کي اندر بند ڪري ڇڏيو هو. جيئن ڪو به مون کي نه ڏسي ۽ نه وري منهنجو آواز ٻڌي. مان هڪ بيوقوف ۽ اڻ ڄاڻ ڇوڪري هيس. مان هتي ويهي روئيندي هيس. مان سڄي رات جاڳندي، خيال ڪندي هيس ته اُهو ماڻهو ڪٿي آهي، جنهن مون کي غلط رستو ڏيکاريو هو؟ هوُ ڪنهن ٻي عورت سا گڏ هوندو ۽ مون تي کلندو هوندو. جيڪڏهن مان فقط کيس ڏسي سگهان ۽ وري ملي سگهان ته اُن کان ان جو انتقام چڪائي وٺان! رات جو مان اونداهيءَ ۾ وهاڻي تي مٿو رکي روئيندي هيس ۽ اوجهراٽيون کائيندي هيس. مان انهيءَ خيال ۾ پنهنجي دل کي چيريندي هيس ۽ پنهنجي غصي تي قبضو ڪندي هيس. مان اُن کان انتقام چڪائي وٺنديس، اُن کان چڪائي وٺنديس. اهو خيال هو، جو مون وٽ اونداهي ۾ ڦرندو ٿي رهيو. اوچتو جڏهن مون کي هيءُ خيال ايندو هو ته سچ پچ مان هن کي ڪجهه نه ٿي ڪري سگهان ۽ هو مون تي کلي رهيو آهي ۽ مون کي قطعي وساري ڇڏيو اٿائين، تڏهن مان پاڻ کي فرش تي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هيس. ۽ زارو زار روئندي هيس ۽ اُتي صبح تاِيئن ڏڪندي گذاريندي هيس. صبح جو نفرت سان ڀرجي اُٿندي هيس ۽ سڄي دنيا کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ سوچيندي هيس. پوءِ تون ڇا ٿو خيال ڪرين؟ مان پيسو بچائڻ سکيو، سنگدل بڻجي ويس، مضبوط ٿيس ۽ گهڻي سياڻي بڻجي ويس. تون ڇا ٿو چوين؟ نه، نه، دنيا ۾ ڪو به انهن ڳالهين کي نه ٿو ڏسي ۽ نه وري انهن کي ڄاڻي ٿو. پر جڏهن رات ايندي آهي ته مان هاڻي به پنجن سالن گذرڻ بعد، بيوقوف ڇوڪريءَ وانگر، جيئن اڳي هيس، ڪڏهن ڪڏهن ڏندن کي ڀيڪوڙي سڄي رات دانهون ڪندي آهيان ۽ خيال ڪندي آهيان ته مان اُن کان بدلو چڪائي وٺنديس. تون ٻڌين ٿو؟ ٺيڪ آهي، هاڻي تون مون کي سمجهندو هوندين. مهينو کن گذريو، مون وٽ هڪ خط آيو، ته هوُ اچي رهيو آهي. هوُ هاڻي رنڙ آهي ۽ مون کي ڏسڻ گهري ٿو. هن منهنجو آرام ڦٽائي ڇڏيو. مان يڪدم سوچيو ته جيڪڏهن هو مون وٽ آيو ۽ مون کي سڏياِئين ته مان هڪ مار کاڌل ڪٽيءَ وانگر وٽس پهچي وينديس. مون کي پاڻ تي اعتبار ئي نه ٿي آيو. ڇا مان اُن جي ايترو تابعدار آهيان؟ مان وٽس ڊوڙي وڃان يا نه؟ مان هيءُ مهينو ايترو ته غصي ۾ هيس، جو شايد پنجن سالن ۾ ڪڏهن به اِيئن نه هيس. اليوشا، تون هاڻي ڏسين ٿو ته مان ڪيڏي نه غضبناڪ ۽ انتقامي فطرت جي عورت آهيان؟ مان توکي سڄي سچي حقيقت ٻڌائي آهي! مان مـِـتيا سان کيڏندي رهيس ته هو مون کي ٻين ڏي ڀڄڻ کان روڪي. صبر ڪر ريڪٽن اهو تنهنجي لاءِ نه آهي، ته منهنجي لاءِ تون ڪو فيصلو ڪري سگهين. مان توسان نه ٿي ڳالهايان. جڏهن تون هت آئين، ته مان سمهندي، انتظار ٿي ڪڍيو ۽ اوجهراٽيون ٿي کاڌيون ۽ پنهنجي باقي زندگيءَ جي لاءِ فيصلو ڪندي ٿي رهيس ۽ تو کي ڪابه خبر نه هئي ته منهنجي دل جي مٿان ڇا گذري رهيو آهي. هان اليوشا تون هن نوجوان سکر عورت کي ٻڌاءِ ته، جو ڪجهه ڪالهه يا اُن کان هڪ ڏينهن اڳ ٿي گذريو هو، اُن تي غصي نه ٿئي..... هن سڄي دنيا ۾ ڪو به ڄاڻي نه ٿو سگهي ته مان ڪهڙين حالتن کان گذري رهي آهيان. نه وري ڪو ڄاڻي سگهندو...... شايد مان اڄ پاڻ سان هڪ چاقو رکان..... مان پنهنجي دل کي ڪنهن به فيصلي تي آڻي نه ٿي سگهان.
هن خنديه جملي تي، گروشينڪا بيقرار ٿي وئي، پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪايائين، صوفي جي وهاڻن تي ڪري پئي ۽ ننڍڙن ٻارن وانگر سڏڪا ڀرڻ لڳي.
اليوشا اٿيو ۽ ريڪٽن ڏي ويو.
”مـِـتيا ” هن چيو، غصي نه ٿي. هن تنهنجي دل کي زخمي ڪيو آهي، پر ڪاوڙ نه ڪر تو ٻڌو ته هاڻي هن ڇا ٿي چيو؟ تو کي انساني برداشت جي بابت گهڻو پڇڻ نه گهرجي. ڪنهن وٽ رحمدلي به هئڻ گهرجي.“
اليوشا هي سڀ ڪجهه، ارادي کان سواءِ ظاهر ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن چاهيو ٿي ته ڪنهن سان گفتگو ڪري. انهيءَ ڪري ئي، هوُ ريڪٽن سان مخاطب ٿيو. ڇاڪاڻ ته ريڪٽن اُتي موجود هو، پر ريڪٽن مٿس مسخريءَ طور تي نظر وڌي ۽ اليوشا چپ ٿي ويو.
ريڪٽن دشمني ڀري آواز ۾ کيس چيو ته، ”تون گذريل رات پنهنجي مربيءَ جي تعليم کان ايترو ته متاثر ٿي ويو آهين، جو، هاڻي مون کي آزمائڻ ٿو گهرين ته اليڪسي خدا وارو آهي! ” اِيئن چوندي ريڪٽن نفرت ڀري کل کلڻ لڳو.
”ريڪٽن کل نه، مئل انسان جي ڳالهه نه ڪر. هوُ دنيا جي انسانن ۾ چڱو هو. ” اليوشا کيس اهڙي ريت جواب ڏنو، ڄڻ ته سندس آواز ۾ ڳوڙها هئا. مان توسان هڪ منصف جي حيثيت ۾ نه ٿو ڳالهايان، مان ته نبيري ڪرڻ وارن مان نهايت هيٺانهين درجي وارو آهيان. اُن کان سواءِ مان هن جي لاءِ ڇا آهيان؟ مان هتي پنهنجي برباديءَ جي ڳولا ۾ آيو هوس ۽ پاڻ کي چيم ٿي ته ”هي به ٺيڪ آهي؟ هيءُ منهنجي بي همٿي هئي. پر هن کي پنج سال عذاب ۾ گذارڻ کان پوءِ، جيڪڏهن ڪو دلي همدرديءَ جو لفظ چوندو ته هوءَ سڀڪجهه وساري ڇڏيندي. هيءَ پنهنجي ڳوڙهن ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندي! جنهن ماڻهو سندس عصمت کي داغدار بڻايو هو، سو موٽي آيو آهي. هن کيس نياپو موڪليو آهي ۽ هن کيس معاف ڪيو آهي ۽ خوشي مان ساڻس ملڻ گهري ٿي. هيءَ ڪڏهن به ڪـَـپُ کڻي ساڻس ملڻ نه ويندي. مان سچ ٿو چوان، هيءَ ڪڏهن به اِيئن نه ڪندي. مون کي خبر نه آهي مـِـتيا ته تون ان لاءِ ڪهڙو خيال ٿو رکين، پر منهنجو ته اهوئي خيال آهي. هي سڄوئي مون لاءِ سبق آهي...... هيءَ وڌيڪ محبت ڪرڻ جي لائق آهي. جيئن اسان سمجهون ٿا...... تو، چڱي ريت ٻڌو ته کين اڳي هن ڇا ٿي چيو...... نه تو شايد نه ٻڌو. جيڪڏهن تون ٻڌين ها، ته گهڻو اڳي هن کي سمجهي وڃين ها. هيءُ روح پاڻ اڃا آرام ۾ نه آهي. جنهن ماڻهوءَ جي ڪالهه هن بيعزتي ڪئي آهي، سو کيس ضرور بخشي ڇڏيندو. هوءَ جڏهن هيءُ ڳالهيون ٻڌندي ته هن کي معاف ڪري ڇڏيندي. اهي ڳالهيون، کيس ضرور ٻڌايون وينديون. هن سان مهربان ٿيڻ ضروري آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن روح ۾ ڪو خزانو هجي.....“
اليوشا ڳالهائڻ بند ڪيو، ڇو ته سندس ساهه کڄي رهيو هو. پنهنجي بدنيتيءَ جي باعث، ريڪٽن کيس عجب مان نهارڻ لڳو. کيس ڪڏهن به اليوشا کان ايڏي پر جوش تقرير جي اميد نه ڪئي.
”هن کي ضرورت هئي ته سندس مقصد جي ڪو وڪالت ڪري! ڇا تون هن سان عشق ٿو ڪرين؟ اگرافينا اليگزينڊريوينا، اسان جو راهب سچ پچ تنهنجي عشق ۾ ڦاسي پيو آهي. تنهنجي فتح آهي. ” هن وڏي آواز ۾ طنز جي نموني سان چيو.
گروشينڪا، وهاڻي کان پنهنجو مٿو، مٿي کنيو ۽ اليوشا ڏي نزاڪت سان مشڪندي نهاريو. سندس مشڪڻ، سندس ڳوڙهن ڀري چهري تي چمڪڻ لڳو.
”هن کي تنها رهڻ ڏي، منهنجا معصوم فرشتا اليوشا. تون ڏسين ٿو ته هيءُ ڪهڙي قسم جو انسان آهي. هيءُ اهو ماڻهو نه آهي، جنهن سان تون ڳالهائين. مائيل آسپووچ. ” هوءَ ريڪٽن ڏي ڦري. مان پنهنجي سخت هلت جي باعث توکان جيڪر معافي گهران ها، پر هاڻي اِيئن نه ڪنديس، ان جي ضرورت ڪانه آهي. ” اليوشا هيڏي اچ، مون وٽ اچي ويهه ۽ مون کي ٻڌائي. ” هن سندس هٿ ورتو ۽ سندس منهن ۾ ليئو پائي ڏسڻ لڳي ۽ مشڪي، ”مون کي ٻڌاءِ ته مان هاڻي، اُن سان پيار ڪريان يا نه؟ تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ مان اونداهيءَ ۾ پئي هيس ۽ پاڻ کان پڇان پئي ته مان هن سان محبت به ڪئي هئي. اليوشا هاڻي فيصلو ڪر. وقت اچي ويو آهي ۽ هاڻي تون جيئن چوندين، تيئن مان ڪنديس. مان کيس بخشي ڇڏيان يا نه؟“
اليوشا کيس مشڪندي چيو ته، ”تو ته کيس اڳ ۾ ئي بخشي ڇڏيو آهي.“
”هان مان کيس بخشي ڇڏيو آهي. ” گروشينڪا ڪنهن خيال ۾ گم ٿيندي چيو. ”ڪيڏي نه ذليل دل! ڪيڏي نه ذليل دل!“ هن ميز تان گلاس کي کڻي ورتو ۽ اُن کي هڪ ئي ڳيت سان خالي ڪري، هوا ۾ مٿي کنياِيئن ۽ زور سان زمين تي هنيائين. هڪ سخت آواز سان گلاس ڀڄي پيو. سندس مشڪڻ سان هڪ ظالماڻو ليڪو سندس چهري تي اُڀري آيو.
”شايد مان هن کي معاف نه ڪيو هجي ” سندس آواز ۾ ڌمڪي ٿي ڏٺي. هن پنهنجون اکيون اهڙيءَ ريت هيٺ ڪري ڇڏيون، ڄڻ ته هوءَ پاڻ سان ڳالهائي رهي آهي. شايد منهنجي دل، کيس معاف ڪرڻ لاءِ آمادهه ٿي رهي آهي. منهنجي دل هن ڪشمڪش ۾ آهي. تون ڏسين ٿو اليوشا، مان هنن پنجن سالن کان ڳوڙهن وهائڻ تي هري وئي آهيان.... مان فقط پنهنجي آزردگيءَ سان محبت ٿي ڪريان نه هن سان...“
”صحيح آهي، پر مان، هن جي جتي بڻجڻ نه ٿو چاهيان. ” ريڪٽن ڀڻڪيو.
”ٺيڪ آهي ريڪٽن، تون هن جي جتي نه ٿي، تون منهنجي بوٽ کي زنگ ڏي، اهائي جاءِ تنهنجي لاءِ موزون آهي. توکي مون جهڙي عورت ڪڏهن به نه ملندي... ۽ هن جهڙو ماڻهو به.“
”ان جي لاءِ نه آهي، تڏهن هيءَ پوشاڪ ڇا جي لاءِ پهري وئي آهي؟ ” ريڪٽن زهريلي آواز ۾ چيو.
”منهنجي لباس جي پهرڻ تي طنز نه ڪر. تو کي خبر نه آهي ته منهنجي دل ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي! جيڪڏهن مان چاهيان ته هن سينگار کي چيري ڦاڙي ڇڏيان. هاڻي بلڪل هاڻي. ” هـُـن ڪاوڙ ڀري آواز ۾ چيو ”تو کي خبر نه آهي ريڪٽن ته هيءُ سينگار ڇا جي لاءِ آهي. شايد مان هن کي ڏسي چوان ته، تو ڪڏهن مون کي اهڙو خوبصورت ڏٺو هيو؟ هن جڏهن مون کي ڇڏيو هو ته مان سترنهن ورهين جي ڪمزور ۽ دق زده ڇوڪري هيس. مان سندس قريب ويهنديس، قابو ڪنديس ۽ پنهنجو عمل شروع ڪري ڏينديس. تون ڏسين ٿو ته مان هاڻي ڪيئن بڻجي پئي آهيان؟ مان کيس اِيئن به چونديس ته منهنجا سائين، هيءُ تنهنجي لاءِ ڪافي آهي. چپن ۽ پيالي جي وچ ۾ ضرور مفاصلو ٿيندو آهي. هوُ محروم ئي رهجي ويندو. ريڪٽن اهو ئي سبب آهي، منهنجي سينگار جو.“
گروشينڪا پنهنجي گفتگوءَ کي ڪڙيءَ کل سان بند ڪيو. ”اليوشا مان آزرده ۽ خوفناڪ آهيان. مان پنهنجي سينگار کي برباد ڪري سگهان ٿي، مان پنهنجي حـُـسن کي تباهه ڪري سگهان ٿي. مان پنهنجي چهري کي چاقوءَ، سان چيري سگهان ٿي ۽ فقير بڻجي وڃان. جيڪڏهن مان اِيئن چاهيان ته هاڻي ڪنهن کي به ڏسڻ لاءِ هتان نه چران. جيڪڏهن مان اِيئن چاهيان ته ڪزما، مون کي جو ڪجهه ڏنو آهي، مان اُن کي هاڻي ئي واپس ڪري ڇڏيان ۽ سڄي حياتي گداگريءَ ۾ گذاري ڇڏيان. ريڪٽن تون شايد اهو خيال ڪرين ته مان اِيئن نه ڪري سگهنديس. پر مان اِيئن ڪري سگهان ٿي. ممڪن آهي ته بي خوف اُن سان مقابلو ڪريان. هن کان وڌيڪ مون کي نه چوريو. مان اُن ڏي موٽي وينديس، کيس آڱرين سان خراش ڏينديس ۽ هوُ وري مون کي ٻيهر ڏسي نه سگهندو.“
مٿس ايڏو ته اعصابي حملو ٿيو هو، جو پوين جملن کي هن واڪا ڪندي پورو ڪيو. ٻيهر وري پنهنجي چهري کي هٿن سان ڍڪي ڇڏياِئين ۽ وهاڻي تي ڪري پئي. ايتري قدر ته رني جو سندس بدن ۾ ڏڪڻي پئجي وئي. ريڪٽن اُٿيو ۽ چوڻ لڳو ته:
”ڪافي دير ٿي وئي آهي، اسان کي وڃڻ کپي. اِيئن نه ٿئي ته مڙهيءَ جا دروازا بند ٿي وڃن.“
گروشينڪا ٽپو ڏئي پنهنجي جاءِ ٿا اُٿي.
”اليوشا، تون سچ پچ وڃڻ ٿو گهرين ڇا“ ؟ هنُ ماتمي آواز ۾ چيو. ”تون منهنجي لاءِ ڇا ڪندين. تو منهنجي جذبات کي اُٿاريو آهي ۽ عذاب ڏنو آهي. هاڻي وري مون کي ڇڏيو ٿو وڃين ته هن اونداهي رات جو اڪيلو مقابلو ڪريان“ ؟
”هيءُ مشڪل سان توسان رات گذاري سگهندو! جيڪڏهن هوُ چاهي ٿو ته کيس موڪل ڏي. ” ريڪٽن طعني طور چيو.
”خاموش بد زبان! ” گروشينڪا ڪاوڙ مان کيس چيو. تو کي هي لفظ چوڻ نه کپندا هئا، جي تون چوڻ ٿو گهرين .“
”پر هن تون سان ڪهڙي خاص ڳالهه ڪئي آهي؟ ” ريڪٽن جوش مان چيو.
”مان ٻڌائي نه ٿي سگهان نه وري چئي ٿي سگهان. هن جو ڪجهه به چيو آهي، اُهو سنئون سڌو منهنجي دل ۾ ويو آهي. هن منهنجي دل کي خراب ڪيو آهي..... هيءُ اهو پهريون شخص آهي، جنهن کي منهنجي حال تي رحم آيو آهي. انهيءَ مان خبر پوي ٿي، ته هيءُ ڇا آهي. اي فرشتا! تون اڳ ۾ مون وٽ ڇو نه ٿي آئين؟ ” هوءَ اوچتو سندس سامهون سودائين وانگر گوڏن ڀرٿي وئي. ”مان سڄي حياتي تو جهڙي انسان جي انتظار ۾ هيس. مان سمجهيو ٿي ته تو جهڙو انسان مون وٽ ايندو ۽ مون کي سڀ ڪجهه بخشي ڇڏيندو. مون کي هيءُ يقين هو. جيتوڻيڪ مان حرفتڻ آهيان، پر مان ڄاتو ٿي ته سچ پچ مون سان ڪو محبت ڪري رهيو آهي. جا محبت شرمندگي واري نه آهي!“
”آخر مان تنهنجي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ” اليوشا مٿس جهڪندي ۽ مهربانيءَ سان مشڪندي چيو، هن نهايت نرمائيءَ سان سندس هٿن کي ورتو. ”مان تو کي فقط هڪ بصر ڏنو هو، ننڍڙو بصر ۽ بس. ” اِيئن چوندي سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. اُن وقت اوچتو، گهر جي گهٽيءَ ۾ گوڙ مچي ويو. ڪو ماڻهو هال ۾ اچي ويو هو. گروشينڪا خوفزدهه ٿي ٽپو ڏئي اُٿي بيٺي. فينيا ڊوڙندي، گوڙ ڪندي ڪمري ۾ آئي ۽ چوڻ لڳي ته: ”مالڪياڻي، پياري مالڪياڻي! هڪ قاصد آيو آهي.“ هڪ گاڏي مئڪراؤ کان آئي آهي. ٽموفاءِ اُن جو ڪوچبان، ٽن گهوڙن سان بيٺو آهي، هوُ هاڻي گهوڙن کي تبديل ڪري رهيو آهي.... هنُ هيءُ خط آندو آهي ۽ توهان کي وٺڻ آيو آهي. اجهو هيءُ خط آهي، سانئڻ.“
جيترو وقت گروشينڪا ڳالهائيندي رهي، هوءَ اُن کي هوا ۾ لوڏيندي رهي. هن اهو خط سندس هٿ مان ڇڪي ورتو ۽ شمع ڏي کڻي وئي. اُن ۾ فقط ٻه ٽي سٽون هيون، جي هنُ اک ڇنڀ ۾ پڙهي ورتيون.
هوءَ چوڻ لڳي ته ”هن مون کي گهرايو آهي. سندس چهرو انتظار کان سفيد ٿي ويو هو ۽ زهرخند کلي.“ هوُ سيٽيون ٿو وڄائي. چيو اٿس ته چرندي پوئتي اچ ڪتي.
پر ٿوري وقت لاءِ هو ڪجهه سوچڻ لاءِ بيهي رهي. اوچتو رت سندس چهري ۾ ڊوڙي وئي ۽ سندس ڳلن ۾ تازگي اچي وئي.
”مان وينديس“، هنُ واڪو ڪري چيو. منهنجي زندگيءَ جا پنج ورهيه، الوداع! الوداع اليوشا! منهنجي قسمت تي مـُـهر هنئي وئي آهي. وڃو، وڃو، مون کي سڀئي ڇڏي وڃو. گروشينڪا نئين حياتي ڏي اُڏامي رهي آهي. منهنجي خلاف، ڪنهن بڇڙائيءَ کي تون ياد نه ٿو ڪرين ريڪٽن. مان پنهنجي موت ڏي وڃين رهي آهيان. اُف، مان ڄڻ اِيئن سمجهي رهي آهيان ته ڪافي پي وئي آهيان؟
هوءَ اوچتو هنن کي ڇڏي، پنهنجي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ڏانهن ڊوڙي وئي.
”ٺيڪ آهي، هاڻي کيس اسان جي لاءِ ٻيو ڪوبه واڌو خيال نه بچيو آهي. ” ريڪٽن اعتراض وٺندي چيو. ”اسان کي هلڻ گهرجي يا اڃا به سندس زناني واڪن کي ٻڌڻ گهرجي. مان هنن ڳوڙهن ۽ رڙين کي ٻڌي بيزار ٿي پيو آهيان.“
اليوشا، چاهيو ٿي ته ڪنهن حرفت سان هتان ٻاهر نڪري. گهرجي اڱڻ ۾ هڪ ڍڪيل گاڏي بيٺل هئي. گهوڙا، گاڏيءَ جي بمن مان ڪڍيا ويا هئا ۽ ماڻهو فانوسي سان گڏ، هيڏي هوڏي ڦري رهيا هئا. ٽن تازهه دم گهوڙن کي کليل دروازي وٽ آندو ويو هو. پر جڏهن اليوشا ريڪٽن پوئين ڏاڪي تي پهتا ته گروشينڪا جي سمهڻ واري ڪوٺيءَ جي اوچتو دري کلي پئي ۽ هن سريلي آواز ۾ اليوشا کي سڏ ڪيو.
”اليوشا تون پنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کي منهنجا سلام ڏج. کيس چئج ته منهنجي بـَـدَين کي ياد نه ڪري، جيتوڻيڪ مان هن جي مٿان مصيبتن کي آندو هو. ان کي جيئن مان چوان ٿي، تيئن ئي چئج ته، گروشينڪا هڪ بدمعاش جي هٿن ۾ پئجي وئي آهي نه تو، شاندار دل جي قبضي ۾. هن کي هيءُ پڻ وڌيڪ چئج ته گروشينڪا ساڻس فقط هڪ ڪلاڪ محبت ڪئي هئي، هان مختصر هڪ ڪلاڪ، هن ساڻس محبت ٿي ڪئي، اُن ڪلاڪ کي سڄي حياتي ياد ڪج. کيس چئج ته گروشينڪا کيس اِيئن ئي ٿي چيو.“
هنُ پنهنجي گفتگوءَ کي سڏڪن سان پورو ڪيو. دري ٿوري ڌڪ سان وري بند ٿي وئي.
”تعجق!ّ تعجب! ” ريڪٽن کلندي غصي مان چيو. ”هوءَ تنهنجي ڀاءُ مـِـتيا کي قتل به ٿي ڪري ۽ وري اُن کي اِيئن به چوي ٿي ته سڄي حياتي کيس ياد ڪري. ڪيڏي نه بي حيائي!“
اليوشا کيس ڪو به جواب نه ڏنو. ڄڻ ته هن ڪجهه ٻڌوئي نه هو. هوُ ريڪٽن جي ڀرسان تيز قدمن سان ٿي ويو، ڄڻ ته کيس نهايت جلدي هئي. هوُ خيالن ۾ غرق ٿي ويو هو ۽ ڄڻ ته ڪـَـلَ وانگر ٿي چـُـريو. ريڪٽن کي اوچتو دردناڪ احساس پيدا ٿيو، ڄڻ ته سندس زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو هو. گروشينڪا جي گهر ۾، اليوشا جي آڻڻ کان ڪو ٻيو مقصد هو، پر حادثي جي صورت، سندس انتظار جي خلاف بڻجي پئي. هن ڪوشش پئي ڪئي ته پنهنجي گفتگو ۾ خود داري پيدا ڪري، پر اِيئن ڪري نه سگهيو ۽ چوڻ لڳو ته:
”سندس آفيسر پولينڊ جو ٿو معلوم ٿئي. اُن کان سواءِ ٻيو ڪو به آفيسر ٿي نه ٿو سگهي. هوُ هاڻي آفيسر نه آهي. ڪنهن وقت هوُ سائبيريا ۾ چنگيءَ جو ملازم هو ۽ چين جي سرحد تي ڪٿي هو؟ هوُ پولينڊ جي گداگرن جي گروهه مان آهي، مان اِيئن ٿو سمجهان. هاڻي جڏهن ٻڌو اٿس ته گروشينڪا مالدار آهي، ته هوُ وري پيدا ٿيو آهي. هيءُ سندس سڄو راز آهي.“
وري به اليوشا کيس ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ريڪٽن پاڻ تي ضابطو رکي نه سگهيو.
”ٺيڪ آهي تو گنهگار کي بچائي ورتو. ” هوُ حقارت سان کليو. تو هڪ بلا کي ڄڻ ته صحيح رستي تي آڻي وڌو آهي؟ تو ڄڻ ته ستن شيطانن کي هڪالي ڪڍيو آهي؟ هن سڄي اعجاز کي، جنهن جو تو کي انتظار هو، ڄڻ ته هاڻي ظهور ۾ آيو آهي!“
”خاموش ريڪٽن“، اليوشا کيس ڏک ڀري آواز ۾ چيو.
”تون شايد مون کي اُن پنجويهه روبل جي لاءِ نفرت سان ٿو ڏسين؟ تون اِيئن ٿو سمجهين ته مان انهن جي عيوض پنهنجي دوست کي وڪيو آهي. پر توکي خبر هئڻ کپي ته تون عيسيٰ نه آهين ۽ نه وري مان جوڊاس (يهودي).“
او ريڪٽن، ”مان ته انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏيو آهي ۽ تون وري اُن کي پاڻ ياد ٿو ڏيارين....“
ڄڻ ته هيءَ ريڪٽن جي لاءِ پوئين ضرب هڻي چوڻ لڳو ته: ”دوزخ اوهان سڀني کي گهلي وڃي! ڪهڙي شيطاني آڱر تي مان توکي هتي وٺي آيس؟ هن کان پوءِ مان تو سان ڪا به آشنائي رکڻ نه ٿو گهران. هيءُ تنهنجو رستو آهي ۽ اڪيلو وڃ.“
هوُ ڄاڻي واڻي هڪ گهٽيءَ ڏي مڙي ويو. اليوشا اونداهيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو. اليوشا شهر کان ٻاهر آيو ۽ ٻنين مان لنگهندو، مڙهيءَ ڏي روانو ٿيو.

باب چوٿون: ڪنعان جون ڪنواريون

ڪافي دير ٿي وئي هئي. مڙهيءَ جي قاعدن موجب دروازا بند ٿي ويا هئا، دربان اليوشا کي خاص دروازي کان اندر ڪيو. اُن وقت نـَـوَ لڳا هئا. ايتري شور ۽ شر واري ڏينهن کان پوءِ هاڻي آرام ۽ سڪون جو وقت هو. اليوشا ڊڄندي دروازو کوليو ۽ مربيءَ جي حجري ۾ ويو، جتي سندس تابوت اڃا رکيو هو. اُتي ٻيو ڪو به ڪو نه هو، پر راهب پايسي، تابوت جي مٿان انجيل کي پڙهي رهيو هو. ٻي ڪوٺيءَ ۾ نوجوان، نوآموز راهب پروفيري، گذريل رات جي گفتگو جو ٿڪايل ۽ ڏينهن جي عجيب واقعي کان پريشان، جوانيءَ جي گهري ننڊ ۾ فرش تي سمهيو پيو هو. جيتوڻيڪ راهب پايسي، اليوشا جي اندر اچڻ جو آواز ٻڌو هو، پر هن اُن طرف نه نهاريو. اليوشا دروازي کان سڌو مڙيو ۽ ڪنڊ ڏي ويو. اتي هوُ گوڏن ڀـَـر ٿي، دعائون گهرڻ لڳو.
سندس روح، ڪـَـنيءَ تاِئين ڀريل هو، پر سندس جذبا گڏيل هئا. ڪابه هڪ هيجاني ڪيفيت مٿس طاري نه هئي، پر ان جي خلاف، هڪ جي پوئتان ٻيون ڪيفيتون وٽس مسلسل پئي ڦريون. پر سندس دل ۾ عجيب شيرني هئي. عجب ته اهو هو ته اليوشا تي ان جو ڪوبه اثر نه هو. هن ٻيهر وري تابوت ڏي ڏٺو. هڪ مخفي ۽ مردهه صورت، جا هن جي لاءِ بيحد قيمتي هئي. پر روح جي اها بيقراري ۽ روح، جو کيس صبح جي وقت هيو، هاڻي نه رهيا هئا. جيئن ئي هو اندر آيو، تابوت جي سامهون ڪري پيو، بلڪل اهڙي ريت جيئن ڪنهن مقدس درگاهه ۾ ٿيندو آهي. سندس دل ۾ هڪ قسم جي خوشي اڀري رهي هئي. حجري جي هڪ دري کليل هئي. هوا تازي ۽ ٿڌيري هئي. اليوشا خيال ڪيو ته ”جيڪڏهن دريءَ کي هو کولين ها ته اها پوءِ وڌيڪ طاقتور بڻجي وڃي ها. ” هن خرابيءَ جي بوءِ هوندي به، جا هن جي لاءِ نهايت ڀوائتي هئي ۽ پريشان ڪندڙ، اها اڳ وانگر هاڻي کيس نه بيزار ڪندڙ هئي نه نفرت ڏياريندڙ. هن خاموشيءَ سان دعا گهرڻ شروع ڪئي، پر هن جلدي محسوس ڪيو ته سندس دعائون هٿراڌو آهن. خيال جي هيءَ خوشبو، سندس روح تي ترندي رهي ۽ تارن وانگر ٽمڪڻ لڳي. هيءَ شيءِ هڪدم وري کانئس الڳ ٿي وئي، انهيءَ لاءِ ته ٻيا خيال وري اچي ان جي جاءِ وٺن. پر اڃا به سندس روح ۾ شين جي مفيد اخلاقي حيثيت جو راڄ هو. ثابت قدمي ۽ راحت. هو خودار بڻجي ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن وڏي پيار مان، دعا ٿي گهري. هن چاهيو ٿي ته پنهنجي محبت ۽ شڪر گذاري کي آڻي وجهي.
پر جڏهن هن دعا ڪرڻ شروع ڪئي ته هو اوچتو ڪنهن ٻئي طرف رجوع ٿي ويو ۽ خيالن ۾ گم ٿي ويو. هن کان دعا ۽ اُها شيءِ، جنهن کيس دعا گهرڻ کان روڪيو ٿي، ٻئي وسري ويون. هن جو ڌيان راهب پايسي جي پڙهڻ ڏانهن هليو ويو. هو ٿڪ جي باعث آهستي آهستي اوجهراٽيون کائڻ لڳو.
” ۽ ٽئين ڏينهن ڪنعان ۾ شادي ٿي. ” راهب پايسي پڙهڻ لڳو. ”حضرت عيسيٰ جي والده اتي هئي. حضرت عيسيٰ ۽ سندس پوئلڳن کي شاديءَ ۾ گهرايو ويو.“
شادي؟ اُها ڇا آهي....... هيءُ خيال واچوڙي وانگر سندس دل ۾ ڦرڻ لڳو. هن جي لاءِ به خوشي هئي......... هوءَ به دعوت تي وئي...... نه هن چاقو هٿ ۾ نه کنيو هوندو. اِها فقط المناڪ اصطلاح آهي. ٺيڪ آهي اهڙا المناڪ اصطلاح معاف ڪرڻ جي لائق آهن. اهي المناڪ اصطلاح، دل کي راحت ڏين ٿا....... انهن کان سواءِ غم ايترو ته ڳرو ٿي پوندو، جو ماڻهو اُن کي برداشت ڪري نه سگهندو. ريڪٽن غلط پاسي ڏي هليو ويو آهي. جيستائين ريڪٽن غلط خيالن تي ڳڻتيون کائيندو رهندو، هو هميشھ غلطيءَ جي مقام ڏي پيو وڌندو. پر صراط المستقيم ........ هيءُ رستو ڪشادو سنئون ۽ قيمتي پٿرن وانگر روشن آهي. سج گويا سندس ڇيڙي وٽ آهي. اڙي ڇا پڙهي رهيو آهي؟“
”جڏهن هنن شراب جي طلب ڪئي، حضرت عيسيٰ جي والده کين چيو ته انهن جي لاءِ شراب نه آهي“........ اليوشا هي ٻڌو.
افسوس مون ته هيءُ ٻڌو ئي نه، مون کي اهو ٻڌڻ گهربو هو. اهو ٽڪرو مون کي پسند آهي. اهو ڪنعان جي گليلي (بيت المقدس ۾ هڪ مقام) بابت آهي. پهريون معجزو........ عجيب معجزو...... شيرين معجزو! اهو انساني غم نه هو، پر سندن مسرت، جنهن کي حضرت عيسيٰ ڏٺو هو. هـُـن هيءُ پهريون معجزو! انهيءَ لاءِ ڏيکاريو ته انسان کي خوشيءَ جي لاءِ امداد ڪري..... اُهو جو انسان سان محبت ڪري ٿو، سندس خوشيءَ سان به محبت ڪري ٿو...... هو هميشھ ان کي دهرائيندو ٿي رهيو. هيءُ سندس سڀ کان وڌيڪ ارادو هو...... هتي خوشيءَ کان سواءِ رهڻ ئي ڪهڙو. مـِـتيا چيو ٿي........ هائو مـِـتيا....... سڀ ڪا شيءِ جا صداقت ڀري ۽ چڱي آهي، اها هميشھ معافيءَ سان ڀريل ٿئي ٿي. هو به هميشھ اِيئن چوندو هو.
مسيح چيو ته، ”اي زال، هن ڳالهه جو توسان ۽ مون سان ڪهڙو تعلق؟ منهنجي گهڙي ته اڃا ڪانه آئي آهي.“
سندس ماءُ خادمن کي چيو ته ”هو جو ڪجهه به چوي ٿو، اهو پورو ڪيو.“ مان اهو پورو ڪيو. جا ڪن غريبن جي خوشي آهي. جي تمام مسڪين آهن..... بيشڪ هو غريب هئا ۽ انهيءَ ڪري ئي ته وٽن، شاديءَ جي لائق شراب موجود نه هو. مورخ لکن ٿا ته ان زماني ۾، جي نزاريٿ جي ڍنڍ جي چوڌاري رهيا ٿي، اهي نهايت مسڪين هئا..... مگر هوءَ عظيم دل هئي ۽ ٻين جا قلب به ايترائي پاڪ هئا. سندس ماءُ ڄاتو ٿي ته هو فقط پنهنجي خطرناڪ قرباني ڏيڻ لاءِ نه آيو آهي، پر کيس خبر هئي ته سندس دل غريبن لاءِ به کليل هئي. جنهن ۾ ڪابه مڪاري نه هئي، پر ڪن متفردن ۽ اڻ پڙهيلن ماڻهن کي خوش ڪرڻو هو. جن کيس وڏي هيج مان، غريباڻي شادي ۾ دعوت ڏني هئي. هن مشڪندي چيو هو، ته ”منهنجي گهڙي اڃا نه آئي آهي، ” (هن يقيناً پنهنجي ماءُ ڏي ئي مشڪي نهاريو هوندو) هن غريباڻي شادي ۾ شراب کي وافر انداز ۾ پيش ڪرڻو هو. هو زمين تي لهي آيو هو. هـُـن کي سندس ماءُ جيئن چيو، هن اِيئن ئي ڪيو.
”هو ته وري پڙهي رهيو آهي.“
”مسيح کين چيو ته پاڻي جا سڀئي برتن، پاڻيءَ سان ڀريو. هنن اُنهن کي ڪنن تاِئين ڀريو.“
”هن، کين چيو ته، هاڻي انهن کي کوليو ۽ دعوت جي گورنر تاِئين کڻي وڃو ۽ انهن کنيو.“
”جڏهن دعوت جي حاڪم ان کي چکيو ته اُهو شراب هو. کيس اها خبر نه پئي ته اهو ڪٿان آيو. (پر انهن ماڻهن، جن ان کي کنيو هو، سڀ ٿي ڄاتو) دعوت جي گورنر گهوٽ کي سڏيو ۽ کين چياِئين ته هر ڪو پنهنجو حصو وٺي. جڏهن ماڻهو چڱي ريت پي رهيا هئا، تڏهن هن چيو ته شروع ۾ بدتر شراب آندو ويو هو، مگر هي بهتر شراب ڪٿي سانڍي رکيو ويو هو؟“
”پر هيءُ ڇا آهي؟ هيءُ ڪمرو ويڪرو ڇو ٿو ٿيندو وڃي؟“......... هان هان، هيءُ شادي آهي، شادي....... هائو بيشڪ اجهو هيءُ مهمان آهن، هيءُ نوجوان جوڙو ويٺو آهي، ۽ خوشيءَ ڀريل ميڙ. دعوت جو داناءُ گورنر ڪٿي آهي؟ پر هيءُ ڪير آهي؟ وري ڀتيون چـُـرنديون ٿيون وڃن......... هو ڪير وڏي ميز کان اٿي ٿو. هو ته تابوت ۾ آهي........ پر هـُـو هتي به موجود آهي. هو اٿي بيٺو آهي، مون کي ڏسي ٿو........ هو هيڏي اچي ٿو..... خدايا!........
هائو، هو اُن ڏي هلي آيو. ننڍڙو ۽ نازڪ پوڙهو، جنهن جي منهن ۾ باريڪ گـُـهنج پيل هئا. خوشيءَ مان آهستي کلي رهيو هو. هاڻي تابوت جو ڪوبه نشان نه هو. کيس اُها پوشاڪ هئي، جا ڪالهه ساڻن گڏ، سندس بدن تي موجود هئي. سندس منهن کـُـليل هو ۽ اکيون چمڪي رهيون هيون. هيءُ ڇا نظر اچي رهيو آهي، شايد کيس به شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت آهي. هيءُ به گليلي ۾، ڪنعانين جي شادي لاءِ آيو آهي........
”هائو منهنجا عزيز، مون کي به دعوت آهي ۽ ان ۾ شرڪت لاءِ اجازت ڏني وئي آهي. هن هڪ باريڪ آواز ٻڌو، جو کيس چئي رهيو هو ته ”تون ڇو هتي آيو آهين؟ تون به اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو آهين؟“
اِهـُـو ان جو آواز هو، مربي زوسيما جو، يقيناً هو ئي ان کي پڪاري رهيو آهي! مربي اليوشا کي اُٿاريو ۽ هو جو گوڏن ڀر هو، هاڻي اُٿيو.
”اسان خوشي ڪري رهيا آهيون. ” هو ننڍڙو ۽ نازڪ پوڙهو، چوندو رهيو. اسان نئون شراب پي رهيا آهيون. نئون شراب ۽ وڏيءَ خوشيءَ وارو. ڏسين ٿو ته ڪيڏا نه مهمان آهن؟ هيءُ گهوٽ آهي ۽ هيءَ ڪنوار. هو دعوت جو عقلمند گورنر آهي. هو نئين شراب کي چکي رهيو آهي. تون مون تي عجب ڇو ٿو کائين؟ مان هڪ پينو کي بصر ڏنو هو، ان ڪري مان هتي آهيان. هتي جي آهن، انهن مان ڪيترن بصر ئي ڏنو هو- فقط هڪ ننڍڙو بصر! اهو ئي اسان جو عمل آهي ۽ تون منهنجا نيڪ ۽ مهربان ٻار، تو به اڄ هڪ پريشان عورت کي بصر ئي ڏنو آهي. تون پنهنجي عمل کي جاري رک، منهنجا عزيز ۽ مهربان. تون پنهنجي عمل کي جاري رک. تون اسان جي سج کي ڏسين ٿو، هان هن کي ڏسين ٿو؟
”مون کي خوف ٿو ٿئي. مون کي جرئت ئي نه ٿي ٿئي ته ان ڏي نهاريان. ” اليوشا آهستگيءَ سان چيو.
”هن کان خوف نه کاءُ، هو پنهنجي عظمت ۾ هولناڪ آهي ۽ رتبي ۾ ڀوائتو، پر بنيادي طرح ٻاجهارو. هو پاڻيءَ کي شراب ۾ بدلائي رهيو آهي، جيئن مهمانن جي خوشيءَ ۾ ڪابه گهٽتائي نه اچي، کيس اميد آهي ته ٻيا به مهمان ايندا. هو نون مهمانن کي سڏي رهيو آهي........ اجهو هو وري نئون شراب آڻي رهيا آهن. تون ڏسين ٿو ته هو وري نوان نوان ٿانءَ آڻي رهيا آهن........“
اليوشا جي دل ۾ ڪجهه کـُـکـُـي رهيو هو، ڪجهه ڀرجي ويو هو، جنهن سندس دل ۾ سور پيدا ڪيو هو. سندس قلب مان سرمستيءَ جا ڳوڙها ڪري رهيا هئا........ هن پنهنجي هٿن کي ڊگهو ڪيو. رڙ ڪياِئين ۽ جاڳي پيو.
وري اهوئي تابوت، کليل دري ۽ نرم ۽ شيرين آواز، انجيل جي مطالعي جو دور هو. پر اليوشا ان ڏي ڌيان نه ڏنو. هيءَ هڪ عجيب حقيقت هئي، جو کيس گوڏن تي گهري ننڊ اچي وئي هئي، پر هاڻي هو پنهنجي پيرن تي هو، ڄڻ ته اڳتي ڌڪجي ويو هو. هن تڪڙا تڪڙا ٽي قدم کنيا ۽ سڌو ئي سڌو تابوت ڏي ويو. سندس ڪلهو راهب پايسي جي ڪلهي سان، بنا ڪنهن ارادي جي وڃي لڳو. راهب پايسي ٿوري وقت لاءِ، پنهنجون اکيون ڪتاب کان مٿي کنيون پر هڪدم وري ٻئي طرف ڏسڻ لڳو. هن سوچيو ته ڪا نئين شيءِ، ڇوڪري جي لاءِ ظاهر ٿي رهي آهي. اليوشا منٽ اڌ لاءِ تابوت ڏي ڏٺو. هن ڍڪيل ۽ چرپر کان سواءِ ان مئل ماڻهو کي تابوت ۾ ڏٺو، جنهن جي سيني تي حضرت عيسيٰ جو مجسمو هو ۽ ڏهه ڪنڊي صليب سان کيس ٽوپي پهريل هئي. هن اڃا، هاڻي سندس آواز کي ٻڌو ٿي ۽ هو آواز اڃا سندس ڪنن ۾ پئي ٿي وڳو. هن اڃا ڌيان ٿي ڏنو ۽ ڪن ٻين لفظن جي ٻڌڻ جو منتظر هو. پر اوچتو هو، تيزيءَ سا ڦريو ۽ حجري کان ٻاهر نڪري ويو.
هو ڏاڪن تي به نه ترسيو ۽ تڪڙو تڪڙو هيٺ لهي ويو. سندس قلب بيخودي سان ڀرجي ويو ۽ آزادي ۽ ڪشادگيءَ لاءِ بيتاب بڻجي ويو. آسمان جو گنبذ چمڪندڙ ستارن سان ڀريل، پنهنجي وسيع ۽ عميق گهرائي سان مٿانئس موجود هو، ڪهڪشان ٻن زرد نهرين جي صورت ۾، چوٽي کان وٺي افق تاِئين ڄڻ ڊوڙندي ٿي وئي. پـُـرسڪون، تازي ۽ خاموش رات زمين کي ويڙهي ورتو هو. ديول جا سفيد منارا ۽ سونهري گنبذ، نيري آسمان جي هيٺان ڳاٽ کنيو بيٺا هئا. خزان جا دلڪش گل، گهر جي ٻارين ۾ صبح تاِئين ڄڻ ننڊ ۾ آرامي ٿي ڏٺا. زمين جي خاموشي، آسمان جي خاموشي ۾ محو ٿي وئي هئي. زمين جو اسرار، ستارن جي اسرار سان گڏجي، هڪ ٿي ويو هو........
اليوشا هن نظاري کي بيٺي نهاريو ۽ اوچتو هن پاڻ کي زمين تي اڇلائي ڇڏيو. کيس ڪابه خبر نه ٿي پئي ته هن ڇو پاڻ کي زمين تي اُڇلايو آهي. هو ٻڌائي نه ٿي سگهيو ته هو ڇو بيقراري مان ان کي چمي رهيو آهي. پر هن ان کي روئندي چميو. هن سڏڪا ڀريندي، پنهنجي اکين جي آب سان ان کي آلو ڪيو. وڏي شوق مان، ان کي محبت ڪرڻ شروع ڪيائين. جا محبت عارضي نه هئي. پر دائمي هئي. سندس روح مان پڙاڏو اُٿيو ته ”زمين کي پنهنجي خوشي ۽ محبت جي ڳوڙهن سان تر ۽ تازو ڪر.“

پر هو ڪنهن جي لاءِ روئي رهيو هو؟

اڙي! هو پنهنجي بيخوديءَ ۾ انهن ستارن جي مٿان روئي رهيو هو، جي عميق فاصلي کان مٿس چمڪي رهيا هئا ۽ هو سندن وجداني ڪيفيت کان شرمندو نه هو. کيس خدا جي لاتعداد جهانن ۾ هڪ مضبوط رشتو ٿي نظر آيو ۽ سندس روح انهن ڏانهن مائل ٿي ڏٺو. هو ٻين جهانن سان تعلق رکڻ کان لرزي رهيو هو. هو سڀ ڪنهن کي سڀ ڪنهن ڳالهه جي عفو جي لاءِ منتظر هو ۽ معافيءَ جي لاءِ پئي ٿي تانگهيائين. هو پنهنجي لاءِ نه، پر سڀني ماڻهن جي لاءِ، سڀني قصورن جي لاءِ معافيءَ جو منتظر هو. هن ڄاتو ٿي ته ٻيا به منهنجي لاءِ اِيئن دعائون گهرندا هوندا. انهن آوازن جا پڙاڏا سندس روح ۾ گونجي رهيا هئا. انهيءَ ئي وقت هن محسوس ڪيو ته ڪا شيءِ نهايت مضبوطيءَ ۽ يقين سان آسماني گنبذ جي طرح، سندس روح ۾ گهڙي وئي آهي. اِيئن پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪنهن خيال سندس قلب جي سلطنت تي قبضو ڪري ورتو آهي. جو سندس زندگي جي لاءِ دائمي طور تي هو. هو زمين تي هڪ ڪمزور ڇوڪري جي حيثيت ۾ ڪريو هو پر هو هاڻي هڪ مضبوط کيڏار وانگر اٿيو هو. هن، هـُـن حقيقت کي پنهنجي وجداني ڪيفيت سان ساڳي وقت سمجهي ورتو هو، هيءَ گهڙي اليوشا، پوءِ پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ وساري نه سگهيو.
هو پوءِ چوندو هو ته ”ان وقت ڪنهن منهنجي روح سان ملاقات ڪئي هئي.“ اِيئن چوندي، منجهانئس ان عقيدي بابت پورو پورو يقين ظاهر ٿيندو هو.
ٽن ڏينهن کان پوءِ، هو پنهنجي مربي جي چوڻ موجب مڙهيءَ کي ڇڏي ويو، جنهن کيس اجازت ڏني هئي ته، ” ٿوري وقت لاءِ دنيا ۾ وڃي قيام ڪر.“