ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 10
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جڳ مشھور روسي اديب دوستو وسڪيءَ جو ناول ”ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار احسان بدوي آھي.
دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

ڇپائيندڙ پاران

ادب جي دُنيا ۾ ناول نويسي انتهائي مقبول پر محنت طلب صنف آهي، ڇاڪاڻ جو ناول لکندي هڪ ليکڪ نه رڳو فني ۽ ٽيڪنيڪي نزاڪتن کي نظر ۾ رکي ٿو، پر گهري ادراڪ، مشاهدي، مطالعي ۽ انساني نفسيات بابت گهڻ رُخي ڄاڻ رکڻ سان گڏ هڪ منفرد تصوراتي دُنيا جي اُڻت به ڪري ٿو. ان ننڍي دُنيا ۾ ڪي ڪردار چـُـرندي پـُـرندي، ساهه کڻندي، احساساتي ڀائيچارو ڪندي، مرندي نظر اچن ٿا- ۽ مري ٻيهر زندهه ٿيندي بلڪه ڪن مرحلن تي اُهي اَمـَـر به ٿي وڃن ٿا! رڳو ڪردار ئي ڇو، انهن تحريرن جي ڀاڪرن ۾ آيل جايون، جڳهون، جهلڪون، ادائون، صورتحالون (Situations) ۽ ناتا به ياد جي ڦرهيءَ تي اُڪرجي وڃن ٿا.
ادب ۾ ناول نگاريءَ جو اهو مقام هوندي به ضروري ناهي ته دُنيا ۾ لکيل/ لکجندڙ سڀ ناول انهيءَ پـَـدَ تي پـُـورا لهن. انساني لکت جي تاريخ ۾ بيشمار ناولن جي عـُـمر چند هفتن، مهينن ۽ سالن تي به محيط رهي آهي. بلڪه ادب جي دُنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ناول به لکيا ويا، جن کي ڇپجڻ ته نصيب ضرور ٿيو، پر اُهي پڙهندڙن جو ڪو خاص ڌيان نه ڇڪائي سگهيا ۽ آخرڪار ڪٻاڙ خانن، ڊرائنگ رومن ۽ رديءَ جي ٽوڪرين جو بـَـکُ بڻجي ويا. تنهن ڪري اها حقيقت سمجهڻ گهرجي، ته اُهي ناول جن انساني دل ۽ ذهن تي صدين ۽ ڏهاڪن تائين حـُـڪمراني ڪئي، سي چند درجنن کان مٿي هرگز به نه آهن. ڇاڪاڻ جو مٿي ڪيل گذارش مطابق ناول لکڻ لاءِ نه رڳو انساني حواسن، تجربن جو َتتُ پيش ڪرڻو ٿو پوي، پر اهڙي ڪنهن لافاني تحرير لاءِ قدرت جي ڪرم نوازيءَ جو هـُـجڻ به بيحد ضروري آهي. يعني انساني جستجو ۽ فطرت جي مهربانيءَ سان عطا ٿيل ڏات جو لاڳاپو، جڏهن پورڻتا جي حد تائين هڪ ٻئي سان سنجوڳ ڪري ٿو، تڏهن ڪو غير معمولي ناول جنم وٺي ٿو.
انهيءَ حوالي سان ناول جي صنف ۾ دُنيا جي عظيم ترين ناول نگارن ۾ جن ڪلاڪارن کي امتيازي حيثيت حاصل آهي، تن مان روس جو فيودور دوستو وسڪي پهرين قطار ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. موضوعن جي نـُـدرت، فڪر جي گهرائي ۽ انساني سڀاءَ جو گهرو ادراڪ رکندڙ هيءُ ناميارو ليکڪ فقط ناول نويسيءَ ۾ ئي نه، پر نثر جي دُنيا جو به اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن جي قلم جي جولان سان هن سرشٽيءَ جو شايد ئي ڪو ٻيو قلمڪار بـَـرُميچي سگهي. انتهائي سادن پلاٽن کي بيشمار ڪردارن سان ٽمٽار ڪندي، جنهن تـُـز طريقي سان دوستو وسڪي زندگيءَ جي جيڪا سچي ۽ ايذائيندڙ منظر ڪشي ڪئي آهي، سا عام پڙهندڙ کي ”خاص شخص“ ۽ خاص شخص کي هڪ شاندار ليکڪ بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. دوستو وسڪي پنهنجين تحريرن جي ابتدا ۾ هڪ عام قصه گو وانگر انتهائي آسان ۽ روايتي ڪهاڻيون بيان ڪرڻ لڳي ٿو، پر وقت گـُـذرندي هـُـو پڙهندڙ کي فني سحر ۾ جڪڙي ۽ انساني نفسيات جي پيچيدگين تان پردو کڻندي، کيس پنهنجين تحريرن جو ديوانو بڻائي ڇڏي ٿو. اهوئي سبب آهي جو گـُـذريل سوا صديءَ دوران ناول نگاريءَ جي دُنيا ۾ جيترا سندس مداح پيدا ٿيا، ايترا شايد ئي ڪنهن ٻئي ليکڪ کي ميسر ٿيا هـُـجن!
دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي-- ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن. هڪ ننڍڙي روسي ڪـُـٽنب سان لاڳاپيل فردن جي روزاني زندگيءَ کي بحث ۾ آڻيندي، هـُـن دراصل انساني دل ۽ دماغ جي وچ ۾ ٿيندڙ تضادن کي چٽو ڪري، اُنهن تضادن جا حل ڏَسيا آهن- ۽ ائين ڪندي هڪ ’ڪامل راهه‘ جو تصور عطا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.
”ڪرامازوف ڀائر“ اڻويهين صديءَ جي روس ۾ فئشني مادي پرستي، ڪٽر يسوعي اعتقاد پرستي ۽ لذت پسنديءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ جو مجموعو آهي، جن ٽڪرائن جي نمائندگي ڪرامازوف خاندان جا فرد ترتيبوار ايون، اليوشا ۽ دمتريءَ جا ڪردار ڪندي نظر اچن ٿا. روس جي تاريخ جو هيءُ اهڙو دور آهي، جنهن ۾ عيسائي مذهبي ڌريون، روسي شهنشاهيت ۽ لبرل قوتون هڪٻئي خلاف جاکوڙيندي ۽ پاڻ کي مضبوط ڪندي نظر اچن ٿيون. ڪرامازوف ڀائرن جي وچ ۾ ٿيندڙ خيالن جي رساڪشي دراصل ان دور جي روسي سماج ۾ ٿيندڙ فڪري ۽ اختياراتي تضادن جو اولڙو آهي. ناول اندر انهيءَ ويڙهه ۾ ڪاميابي بهرحال ڪرامازوف ڀائرن جي پيءُ جهوني فيودور کي حاصل ٿئي ٿي، جيڪو پنهنجي اندر تمام تر بشري بـُـرايون رکندي به هڪ صوفي منش آهي. هـُـو انساني ڪمزورين جو مجموعو هوندي به نظرين، فرقن ۽ روايتي فڪر جو داعي نه پر ڌرتي ۽ اُن جي روايتن جو امين ۽ اعليٰ انساني قدرن ۾ يقين رکندڙ هڪ گنهگار شخص آهي. دوستو وسڪي پاڻ پراڻ پسند مسيحي هوندي به سڄي عمر ڪئين بـُـرين عادتن ۾ ڦاٿل رهيو، پر هـُـن ڪڏهن به انسانيت لاءِ دل ۾ موجود احترام ۽ پيار کي پنهنجي اندر مان هڪالڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته: ”ڪرامازوف ڀائر“ هن عظيم ليکڪ جي آخري تحرير ئي نه پر سڄي عـُـمر جي علم، مشاهدي ۽ تفڪر جو تـَـتُ آهي، جنهن کي هـُـن انتهائي شاندار طريقي سان عام پڙهندڙ تائين پـُـڄائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
”ڪرامازوف ڀائر“ جو پهريون ڇاپو سن1880ع ۾ روسي ٻوليءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ اُن ڪتاب ٿوري ئي عرصي ۾ عالمي سطح تي شـُـهرت حاصل ڪري ورتي. ويهين صدي شروع ٿيندي ئي هيءُ ناول دُنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو ۽ اُن يورپ سميت دُنيا جي مڙني لکندڙن، پڙهندڙن ۽ سوچيندڙن جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ”ڪرامازوف ڀائر“ جو انگريزي ترجمو سن 1915ع ۾ ”Constance Carnett“ جي هٿان ٿيو، نتيجي ۾ هيءُ ناول ننڍي کنڊ جي علمي ۽ ادبي حلقن تائين پهچي ويو. ۽ اهڙيءَ طرح وقت گذرندي ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. ڪتاب جو سنڌي ترجمو نامياري ليکڪ مرحوم احسان بدويءَ هٿان سن1965ع ۾ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ سن 1978ع ۾ مڪمل ٿي سنڌي ادبي بورڊ تائين پهتو. پر افسوس جي ڳالهه آهي، ته ايترو عرصو اڳ بورڊ کي سونپيل هن ڪتاب جي سنڌي مسودي کي موجوده روپ ۾ توهان جي هٿن تائين پهچڻ ۾ ٽيهن سالن جو وڏو عرصو لڳي ويو.
ظاهر آهي ته ايترو وقت گذرندي، ڪنهن به تحرير جي ٻولي، لهجي، بلڪه مـُـحاورن ۾ ڪافي فرق پئجي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ حقيقت پسنديءَ جي تقاضا اها هئي ته موجوده دور جي نسل تائين پهچائڻ کان اڳ ان شاهڪار جو نئين سر ترجمو ٿئي ها، پر محنت، معيار ۽ صبر کان پري ڀڄندڙ اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اهو مـُـمڪن نظر نه آيو، ته ڪو علم جو صاحب گوڏو ڀڃي هزار صفحن تي ڦهليل هن تحرير کي ٻيهر ترجمو ڪرڻ جو ڪشٽ پنهنجي سر تي کڻي سگهندو. تنهن ڪري عافيت انهيءَ ڳالهه ۾ سمجهي وئي، ته بورڊ جي لائبريريءَ ۾ پيل مسودي کي ادب جي ڪنهن ڪـُـل وقتي عاشق وٽان سنواري سـُـڌاري شايع ڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ ڪشالو ڪرڻ جو ڪـُـڻو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ جناب نصير مرزا جي نالي تي نڪتو، جنهن صاحب ڪيترا مهينا ڪتاب جي مسودي تي نظر ثانيءَ جو پورهيو ڪندي، اُن کي ڇپائيءَ جي لائق بنائڻ ۾ اداري جي سهائتا ڪئي ۽ ڪتاب کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ هٿ ونڊايو. مرزاصاحب ان کان علاوه ڪتاب توڙي مصنف بابت تفصيلي ۽ معلومات نوٽس لکي، ڪتاب کي خوبصورت بنائڻ لاءِ پڻ جستجو ڪئي. ادارو سندس ۽ بورڊ جي ٻين مڙني ورڪرن جا ٿورا مڃيندي ”ڪرامازوف ڀائر“ کي سنڌ واسين تائين پهچائيندي انتهائي مـُـسرت محسوس ڪري ٿو. اُميد اٿئون، ته هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن توڙي لکندڙن لاءِ املهه سوکڙي ثابت ٿيندو.

ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي بابت

ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ جو ’ڀاڱو ٻيو‘ مهربان پڙهندڙ حضرات جي هٿن ۾ آهي. هن ناول جو ’ڀاڱو پهريون‘ جولاءِ 2005ع ۾ بورڊ جي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ’ڪرامازوف ڀائر‘ ناول جو تفصيلي تعارف اسان ڀاڱي پهرئين ۾ بيان ڪري چڪا آهيون، پر هتي نهايت اختصار مان ڪم وٺندي صرف ايترو عرض رکنداسين، ته هيءُ ناول اصل ۾ روسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جيڪو جڳ مشهور روسي ناول نگار فيودور دوستووسڪي جي سحرانگيز قلم جو تخليقي ثمر آهي. تقريباً چاليهه سال اڳ هن ناول جو ’ڀاڱو پهريون‘ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب پروفيسر احسان بدويءَ ترجمو ڪيو هئو جڏهن، ته پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جي فيصلي مطابق هن ڀاڱي جي پنجين باب کان پڄاڻي تائين ترجمو ٿيل حصو، نامياري ليکڪ جناب سليم خواجه ڪيو آهي، ڇو ته پروفيسر احسان بدويءَ جو مذڪوره ترجمي جو آخري حصو گهڻي ڳولا جي باوجود نه ملي سگهيو. بورڊ جناب سليم نور حسين خواجه جو ٿورائتو آهي، جنهن صاحب محدود وقت اندر باقي رهيل حـصي جو ترجمو ڪري ڏنو.
’ڪرامازوف ڀائر‘ ناول جو ’ڀاڱو ٻيو‘ اوهان لائق پڙهندڙن جي هٿن ۾ ڏسي سچ پچ اسان کي خوشي محسوس ٿئي ٿي. هن شاهڪار ناول جي ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ سميت ٻين اشاعتي مرحلن ۾ الاهي محنت ۽ وقت صرف ٿيو آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪردارن جا نالا نهايت منجهائيندڙ ۽ ڏکيا هئا، تنهنڪري ضروري هو، ته انهن نالن لاءِ ڪنهن هڪ صورت تي اڪتفا ڪيو وڃي. اسان وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها ڪئي آهي، ته ڪردارن جا نالا، جيڪي ڀاڱي پهرين ۾ ڏنا ويا آهن، سي جيئن جو تيئن ڀاڱي ٻئي ۾ به ڏنا وڃن. ان هوندي به ٿي سگهي ٿو، ته هن ڀاڱي ۾ ڪٿي ڪا ڪمي پيشي رهجي وئي هجي، ان لاءِ لائق پڙهندڙن حضرت کان معذرت ڪجي ٿي.
اسان کي اميد آهي، ته ناول جو هيءُ ڀاڱو، پهرين ڀاڱي وانگر باذوق ادبي حلقي ۾ ضرور مقبوليت ماڻيندو.

انعام الله شيخ
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ
جمعة المبارڪ 8- ربيع الاول 1427هه
بمطابق 7- اپريل 2006ع

ليکڪ جو تعارف

فيودور ميخائل دوستووسڪي سن 1821ع ڌاري ماسڪو ۾ پيدا ٿيو هو. سندس والد شهر جي هڪڙي خيراتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو.
دوستووسڪيءَ، ابتدائي تعليم ماسڪو جي ڪنهن خانگي اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ بعد، سينٽ پيٽرسبرگ جي فوجي انجنيئرنگ اسڪول منجهان گريجوئيشن ڪئي ۽ ان ئي سال فوج جي انجنيئرنگ واري شعبي ۾ ڊزائينر مقرر ٿيو. اِن ملازمت سان سندس دل نه لڳي، ته سن 1844ع ڌاري استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين ۽ لکڻ پڙهڻ کي پنهنجو پيشو بنايائين. سن 1864ع ڌاري سندس پهريون ناول ’ويچارا ماڻهو‘ شايع ٿيو. ۽ 1860ع ڌاري هـُـن جو ٻيو جڳ مشهور ناول پڌرو ٿيو: ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘. سن 1861ع ڌاري هن پنهنجي ڀاءُ جي سهڪار سان ’زمانو‘ رسالو جاري ڪيو، جنهن کي سن 1863ع ڌاري رياست بندش هيٺ آڻي ڇڏيو. سن 1866ع ۾ سندس شاهڪار ناول ’جـُـرم ۽ سزا‘ شايع ٿيو. سن 1871ع ۾ ’ڀوت پريت‘ ۽
سن 1869ع ۾ سندس ٻيو جڳ مشهور ناول ’اِيڊيٽ‘ شايع ٿيو. سن 80-1879ع ڌاري دوستووسڪيءَ پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ضخيم ترين ناول: ’ڪرامازوف ڀائر‘ تحرير ڪيو، جنهن جي شايع ٿيڻ سان ئي وڏي شهرت ماڻي ورتي.
دنيا جا سڀ وڏا نقاد، اڄ اِن ڳالهه تي سهمت آهن، ته ناول نويسيءَ جو فنَ، فيودور دوستووسڪيءَ تي ختم آهي. روسي ادب ۾، دوستووسڪيءَ کي روسي ليکڪن جو ’سرتاج‘ ليکڪ ڪري مڃيندا آهن.
سن 1881ع ڌاري، عظيم روسي شاعر پشڪن جي ورسيءَ جي موقعي تي، هـُـن جيڪا شاندار تقرير ڪئي هئي، اُن دوستووسڪيءَ جي ادبي ساک کي ڄڻ سونا کنڀَ هڻي ڇڏيا هئا.
افسوس! اِن ئي سال، موت، هن عظيم ليکڪ جو رستو روڪي، سندس اڳيان اچي بيهي رهيو. ڪجهه عرصو شديد عليل رهڻ کان پوءِ، نيٺ دوستووسڪيءَ هـِـن جهان مان لڏيو.
دنيا جي هن عظيم ناول نگار جو مڙهه، نهايت وقار ۽ پوري اعزاز سان ايئن کنيو ويو، جو چوڻ وارن چيو، ته اهڙي احترام ۽ اعزاز تي ته جيڪر بادشاهه به رشڪ ڪن! نقادن جو چوڻ آهي، ته دنيا جي ادب کي، سڃاڻپ لاءِ، ورهايو وڃي، ته ان جا صرف ٻه دور ٿي سگهندا. هڪڙو دوستووسڪيءَ کان پهرين وارو ۽ ٻيو هن کان پوءِ واري ادب جو دور!

(نصير مرزا)

سنڌيڪار پروفيسر احسان بدويءَ بابت

سنڌ جي نوجوان اديب ۽ شاعر، پروفيسر احسان بدويءَ هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾، 22- نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.
مرحوم احسان، سنڌ جي مشهور اديب ۽ اهل قلم پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمت جو سلسلو، پنهنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو هي نوشگفته گل، جواني ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.
احسان، مارچ 1926ع ۾، شڪارپور ۾ ڄائو، ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. سن 1944ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ سن 1945ع ۾ سي- ايس گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
سن 1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته مٿئين ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ گورنمينٽ، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور آندو، ته اُهي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ ويو، ۽ اُتي ايس- ايم- ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي- اي- آنرس پرشين ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم جي دور ۾، شمس العلما ِّ علامه دائود پوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي- اي پاس ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينئر ڪلارڪ بنيو. پر علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ جلدي دل برداشته ٿي پيو.
هن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم- اي پاس ڪئي. ان سلسلي ۾ هيءُ پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم- اي پاس ڪئي. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ايم- اي پڻ ڪيائين.
آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (اڳوڻي پرنسيپال، ايس- ايم ڪاليج ڪراچي جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرباد چئي، ايس- ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو. اتي هڪ صالح ۽ با اخلاق استاد جي حيثيت سان پندرنهن سال خدمت ڪيائين.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾، مهراڻ رسالي، ۽ نئين زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا آهن. نثر سان گڏ شعر جو پاڪيزه ورثو به کيس پنهنجي والد وٽان عطا ٿيل هو. سندس ڪلام جو وڏو حصو رسالن ۾ شايع ٿيل آهي.
سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، هو هميشھ ”سنڌي ادبي سنگت“ سان وابسته رهيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو آيو.
تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:
1- تنقيد ۽ تنقيد نگاري. 2- ڊان ويسٽ 3- انقلاب جو فلسفو 3-منتخب ڪلام سانگي.
سندس انداز بيان، سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو آهي. سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آهي.

______________
”وياسي وينجهار“ - از: غلام محمد گرامي

حصو پهريون: مـِـتيا

---

باب پهريون: ڪزوما سامسونوف

دمتري، جنهن لاءِ گروشينڪا، نئين حياتيءَ ڏانهن ويندي ويندي، پيغام ڏنو هو، ته هو سندس محبت جي هڪ گهڙيءَ کي هميشھ لاءِ ياد رکي، تنهن نه ٿي ڄاتو ته هن سان ڇا وهيو ۽ واپريو؟ ان وقت کيس تپ جهڙو جوش هو. ڇاڪاڻ ته گذريل ٻن ڏينهن کان هو پنهنجي پريشانيءَ ۾ ايڏو ته مبتلا هو، جو کيس آسانيءَ سان مغز جو بخار ٿي پئي سگهيو. هن اهڙو اظهار پوءِ ڪيو هو. اليوشا هڪ ڏينهن اڳ ۾ کيس هٿ ڪري نه سگهيو هو. ايون پڻ شرابخاني ۾ ساڳئي ڏينهن ساڻس ملي نه سگهيو هو. سندس رهڻ واري جاءِ جي ماڻهن، سندس حڪم موجب، سندس چـُـرپـُـر کي مخفي رکيو هو.
هـُـن هي ٻه ڏينهن، اِيئن کڻي چئجي ته هيڏي هوڏي ڊڪندي گذاريا هئا. جيئن هن پوءِ چيو هو، ”اهي ڏينهن هن پنهنجي قسمت ۽ پاڻ کي بچائڻ ۾ گذاريا هئا.“ ڪن ڪلاڪن لاءِ پاڻ کي شهر ۾ ڪنهن ضروري ڪم لاءِ هيڏي هوڏي ڌڪا کارايا هئا. هن جي لاءِ گروشينڪا جي هڪ گهڙيءَ جي جدائي به نهايت خطرناڪ شيءِ هئي. اهو سڀ ڪجهه پوءِ تفصيل سان ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڏنو ويو هو. پر في الحال اسان انهن ٻن خطرناڪ ڏينهن جي مکيه واقعن کي، جنهن کي ڀوائتو انقلاب چئجي، بيان ڪريون ٿا، جو اوچتو ان جي مٿان نازل ٿيو هو.
اهو سچ آهي، ته گروشينڪا، هڪ گهڙيءَ لاءِ ساڻس صداقت ڀري ۽ خصوصيت واري محبت ڪئي هئي، پر ان هوندي به هوءَ کيس وڏي بي رحميءَ سان عذاب ڏيندي هئي. سڀ کان بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، ته هو ٻڌائي به نه سگهندو هو، ته آخر هن جو مقصد ڇا آهي؟ هن کي ڪنهن ڳالهه بابت مجبور ڪرڻ لاءِ ، زور ۽ شفقت ٻئي بي مقصد هئا. هوءَ ڪنهن به شيءِ کي مڃڻ واري نه هئي. هوءَ فقط غصي ۾ اچي کانئس هميشھ لاءِ منهن ڦيرائي ويندي. ان کي هن چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي، هوءَ ڪنهن اندروني ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي ۽ غير معمولي طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪري هو ڪنهن به شيءِ جي لاءِ غير مطمئن هئي ۽ ڪوبه فيصلو ڪري نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به چڱي سبب کان سواءِ هو ٻڏل دل سان ويچاريندو هو، ته ڪنهن به گهڙيءَ ۾ هو کيس ۽ سندس اشتياق کي نفرت سان ڏسڻ شروع ڪري ڏي. شايد اهو سندس خيال صحيح هجي، پر ڪهڙي ڳالهه گروشينڪا کي ڏک ٿي ڏنو، اها سمجهي نه ٿي سگهيو. هن اِيئن ٿي سمجهيو ته هيءُ سڄو عذاب ڏيندڙ سوال، سندس ۽ فيودورپاولوچ جي وچ ۾ آهي.
هتي اسان هڪ حقيقت کي ٻڌائڻ گهرون ٿا. هن کي يقين هو، ته فيودورپاولوچ، کيس آڇ ڪندو يا آڇ ڪئي اٿائين، ته گروشينڪا ساڻس قانوني طرح شادي ڪري، هن کي هيءُ به يقين هو، ته پوڙهو عياش ٽي هزار روبل ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندو. مـِـتيا، هيءُ نتيجو پنهنجي ادراڪ ۽ گروشينڪا جي ڪردار مان ڄاتو ٿي. ان ڪري هو ڪڏهن ڪڏهن خيال ڪندو هو، ته گروشينڪا جي سڄي پريشاني انهيءَ سبب کان هئي، ته سندس فائدي لاءِ ڪهڙو طرف وٺي ۽ ڪنهن کي انتخاب ڪري؟
هيءَ عجيب ڳالهه هئي، جو ان زماني ۾ کيس ڪڏهن به اهو خيال نه آيو هو، ته هو ان آفيسر جي موٽي اچڻ جو خيال ڪري، جنهن جو گروشينڪا جي حياتيءَ ۾ موتمار اثر موجود هو ۽ جنهن جي آمد کي هن وڏي جذبي ۽ خوف سان ياد ٿي ڪيو. هيءُ به سچ آهي ته گروشينڪا پوءِ ان جي ڪري خاموش ٿي رهي. پر کيس ان خط جي پوري پوري خبر هئي، جو هن وٽ مهينو کن اڳ ۾ سندس اغوا ڪرڻ واري کان پهتو هو ۽ خود ان جي چپن مان ٻڌي چڪو هو. کيس هيءَ به خبر هئي، ته ان خط ۾ ڇا آهي؟ هڪ وقت غصي ۾ گروشينڪا کيس اهو خط به ڏيکاريو هو. مگر هن کي هيءُ ڏسي حيرت پئي ٿي، ته هن کي انجام جي باري ڪابه پرواهه نه هئي. اِيئن چئي نه ٿو سگهجي ته اِيئن ڇو پئي ٿيو. جيئن ته هو پيءُ جي سخت خوف کان، هن عورت بابت ڪشمڪش ۾ مبتلا هو، ان ڪري هن وڌيڪ خوف ڏي ڌيان ئي نه ڏنو، جو ڪنهن به وقت کيس پيش اچي ٿي سگهيو. هن ان رقيب جي لاءِ ڪڏهن به هيءُ خيال نه ٿي ڪيو، ته پنجن سالن جي غير حاضريءَ کان پوءِ ، هو ڪو موٽي ايندو ۽ ايترو جلدي. ان کان سواءِ ان آفيسر جي پهرئين خط ۾، جو مـِـتيا کي ڏيکاريو ويو هو، سندس نئين رقيب جي آمد کي جي معنيٰ ڏيکاريو ويو هو. خط غير مستقل، اجائي تعريف سان ڀريل ۽ جذباتي ٿي ڏٺو. هتي هيءُ ٻڌائڻ ضروري آهي، ته گروشينڪا خط جون پويون سٽون ان کان لڪايون هيون. جنهن ۾ ان جي موٽي اچڻ کي صاف لکيو ويو هو. ان کان سواءِ ، هن گروشينڪا جي منهن ان وقت، ان جي سائيبريا کان موٽي اچڻ تي سخت نفرت سان ٿي ڏٺو. گروشينڪا بعد ۾ کيس ڪجهه به نه ٻڌايو هو، ته سندس ۽ ان جي وچ ۾ ڇا ٿي گذريو هو؟ ان ڪري آهستي آهستي، هن آفيسر جي موجودگيءَ کي بلڪل وساري ڇڏيو هو. هن خيال ٿي ڪيو ته بعد ۾ حالتون ڪهڙو به رخ وٺن، مگر کيس فيودرپاولووچ سان ڪنهن به حالت ۾ فيصلو ڪرڻ گهرجي ۽ هن حالت کي سڀ کان اڳ ۾ ختم ڪرڻ گهرجي. هو ٻڏندڙ دل سان هرگهڙي، انهيءَ اميد ۾ ٿي رهيو، ته گروشينڪا ڄاڻ پنهنجو فيصلو ڏنو. کيس هيءُ احساس هو ته هوءَ اوچتو پنهنجو فيصلو ڏئي ويهندي. سندس خيال هو ته هو اوچتو چوندي ته، ”مون کي وٺي هل، مان هميشھ تنهنجي آهيان.“ ۽ سڄي ڳالهه ختم ٿي ويندي. هو پوءِ ان کي وٺي پري نڪري ويندو. جيتري قدر کانئس ٿي سگهندو. دنيا جي نهايت پرانهين حصي ڏانهن. تنهن کان پوءِ ، هو ان سان شادي ڪندو ۽ گهريلو زندگي گذاريندو. ايتري قدر ته هو دنيا کي وساري ڇڏيندو، جو ڪنهن کي به سندس خبر ڪانه پئجي سگهندي. هتي يا ڪنهن ٻي جاءِ تي. ان کان پوءِ ، هڪدم نئين حياتي شروع ٿي ويندي.
هن جدا، سڌاريل ۽ گڻوان حياتيءَ (اها ضرور گڻوان هوندي) جا هو پريشانيءَ سان ڀريل خواب ڏسندو ٿي رهيو. هو ڄڻ اصلاح ۾ نوائيءَ لاءِ مرندو ٿي رهيو. غليظ چـِـڪڻ، جنهن ۾ هو پنهنجي مرضيءَ سان وڃي ڦاٿو هو، سندس بغاوت جو ڪارڻ بڻجي پيو هو ۽ اڪثر ماڻهن وانگر سندس راءِ مقام جي تبديليءَ ۾ وڃي ڦاٿي هئي. کڻي ٻين ماڻهن لاءِ اِيئن نه هجي، کڻي ان لاءِ اهي اسباب نه به هجن. هن فقط هيءُ چاهيو ٿي، ته ان نحس مقام کان هليو وڃي، جنهن ڪري کيس نئين حياتي ملي ويندي ۽ وري نئين رستي ۾ داخل ٿي ويندو. اهائي حقيقت هئي، جنهن تي سندس عقيدو هو ۽ ان جي لاءِ ، پئي پريشان ٿيو.
پر هنن سڀني ڳالهين جو مدار پهرئين ڌر تي هو ۽ هن سوال جو خوشگوار حل ان جي هٿ ۾ هو. هن حالت جو ٻيو طرف به هو، جنهن جي پڄاڻي نهايت خطرناڪ هئي. اِيئن به ٿي سگهي ٿو، ته هو اوچتو وٽس اچي ۽ کيس چوي ته، ”مان هاڻي فيودورپاولووچ سان شرط طئي ڪري آئي آهيان. مان ان سان شادي ڪرڻ گهران ٿي ۽ تون مون کي نه ٿو گهرجين.“ ۽ پوءِ ........... پوءِ .......... مگر مـِـتيا نه ٿي ڄاتو، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ آخري گهڙيءَ تائين به، هن ان کي نه ٿي ڄاتو. هن ۾ به سندس ڀلائي هئي، ڇو ته سندس ڪوبه واضح ارادو ڪونه هو. هن ڪو به گناهه نه رٿيو هو. هو فقط تڪليف ۾ ڏسندو ٿي رهيو ۽ جاچيندو به ٿي رهيو. ان وقت هو پنهنجي قسمت جي پهرئين خوشگوار ماحول لاءِ پاڻ کي تيار ڪندو ٿي رهيو. شايد سندس دل ۾ ڪي ٻيا به خيال هجن!
جيڪڏهن هو کيس چوي ها ته، ”مان تنهنجي آهيان ۽ مون کي وٺي هل.“ تڏهن به هو کيس ڪاڏي وٺي وڃي ها؟ کيس ان جي لاءِ ڪو وسيلو ئي نه هو. پيسا ڪٿي هئا؟ ڇاڪاڻ ته هيءُ اهو وقت هو، جڏهن آمدنيءَ جا سڀئي رستا، فيودورپاولووچ جي هٿ ۾ هئا ۽ جو ڪجهه به کيس هو، ڪيترا سال ٿيا، جو هو خرچ ڪري چڪو هو ۽ هاڻي آمدني بند ٿي چڪي هئي. بيشڪ گروشينڪا وٽ پيسو موجود هو، پر مـِـتيا کي اوچتو خيال ٿيو هو، ته هو سندس دست نگر نه رهندو. هن چاهيو ٿي، ته هو کيس پاڻ سان وٺي وڃي ۽ پاڻ تي ڀاڙي. پاڻ خرچ ڪري ۽ هن جي پيسي تي نه گذاري. هن کانئس پيسي وٺڻ جو ڪوبه خيال نه ٿي ڪيو، اٽلو هن ڳالهه کي نفرت سان ٿي ڏٺو. مان هن قصي کي نه ڊگهو ڪندس نه وري ان جو تجزيو ڪندس، پر فقط سندس هن ذڪر کي ڪافي ٿو سمجهان. ان وقت سندس اها حالت هئي. شايد هيءُ سڀ ڳالهيون اڻ سڌيءَ طرح ۽ بنا ڪنهن سوچ ۽ ويچار جي، ضمير جي انهن ڏنگن جي باعث وٽس پيدا ٿيون هيون، ڇاڪاڻ ته هن ڪيٽرينا ايونونا جي پيسن کي بي ايمانيءَ سان هضم ڪيو هو. هن هيءُ خيال ٿي ڪيو، ته ”مان هڪ جي نگاهن ۾ پاڻ کي خفيف ۽ بي آبرو ثابت ڪيو آهي ۽ هاڻي وري ٻيءَ جي نگاهن ۾ اِيئن بڻجي ويندس.“ جيئن هن پوءِ اظهار ڪيو هو، ته ”جڏهن گروشينڪا کي هيءَ خبر پوندي، ته هوءَ مون جهڙي بدمعاش جي ڪابه پرواهه نه ڪندي.“
تڏهن هو ڪٿان پنهنجي وسيلن کي پيدا ڪري. تڏهن هو ڪٿان پنهنجي قسمت جي ٺاهڻ لاءِ پيسو پيدا ڪري؟ ان کان سواءِ ته سڀڪجهه وڃائي ويهندو ۽ ڪجهه به ٿي نه سگهندو. هن چيو ٿي، ته ”ڇاڪاڻ ته مون وٽ پيسو ڪونه آهي ۽ منهنجي لاءِ اِها شرمندگي آهي.“
شايد هن ڄاتو ٿي، ته اهو پيسو ڪٿان هٿ ڪري؟
شايد هن ڄاتو ٿي، ته اهو پيسو ڪٿي آهي؟ مان هن مسئلي جي ننڍين گهٽين ۾ داخل ٿيڻ نه ٿو گهران، ڇاڪاڻ ته هيءَ سڄي حقيقت اڳتي هلي، خودبخود ظاهر ٿي پوندي. ان هوندي به هيءُ ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان، ته هن سڄي حقيقت جي بنيادي صورت ڪهڙي هئي؟ هن کي خبر هئي، ته پيسا ڪٿان حاصل ڪري سگهبا ۽ هن جي لاءِ لازمي هو، ته پهريائين ڪيٽرينا ايونونا کي ٽي هزار روبل موٽائي ڏئي. جيڪڏهن نه ته، هن چيو ٿي، ته ”مان ڳنڍيڇوڙ ۽ بدمعاش آهيان ۽ مان نه ٿو چاهيان، ته بدمعاش جي حيثيت ۾ مان پنهنجي نئين حياتي شروع ڪريان.“ مـِـتيا جو هيءُ فيصلو هو. ان ڪري هن پختو ارادو ڪيو، ته زمين ۽ آسمان کي لوڏي به ڪيٽرينا ايونونا کي، هو سڀ کان اڳ ۾ ٽي هزار روبل موٽائي ڏيندو. هن فيصلي جي آخري گهڙي، اِيئن کڻي چئجي، ته پوين ٿورن ڪلاڪن تي اچي پهتي هئي. يعني اليوشا سان آخري ملاقات کان پوءِ ، جا ساڻس رستي تي ٻه ڏينهن اڳ ٿي هئي ۽ ساڳي شام جو جڏهن گروشينڪا، ڪيٽرينا جي بي عزتي ڪئي هئي. مـِـتيا، اليوشا کان حقيقت ٻڌي، کيس چيو هو ته ”هو واقعي بدمعاش آهي ۽ جيڪڏهن ڪيٽرينا کانئس ڪا راحت گهري ٿي، ته هوءَ کيس ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“ ان رات جو ڀاءُ کان جدا ٿيڻ بعد، هو هن جنون ۾ مبتلا ٿي ويو هو، ته ”چڱو اِيئن آهي ته ڪٽيا کي قرض نه ڏيڻ جي حالت ۾ ڪنهن جو خوف ڪري پيسو حاصل ڪيو وڃي. مون کي ماڻهو اڳ ۾ ئي خوني ۽ ڌاڙيل سمجهن ٿا. انهيءَ کان چڱو آهي، ته مان سائبيريا ڏي وڃان. اِيئن نه ٿئي ته ڪٽيا منهنجي لاءِ چوي ته مان کيس ٺڳي رقم چورائي آهي ۽ ان رقم سان مان گروشينڪا سان گڏجي نئين حياتي گذارڻ گهران ٿو. مان اهو ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگهندس.“ اهڙي ريت مـِـتيا، ڏند ڪرٽيندي، اهو فيصلو ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته هن ڪيترن وقتن تي، اِيئن به محسوس ڪيو هجي، ته سندس دماغ ڪوبه ڪم ڪري نه ٿو سگهي. پر ان هوندي به هو، هن ڪشمڪش سان وڙهندو رهيو .......
هيءَ عجب جهڙي ڳالهه هئي، ته جيڪڏهن سڀ ڪنهن سمجهيو ٿي، ته وٽس نااميديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه رهيو هو. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ڪو اهڙو اتفاق ئي نه رهيو هو، جنهن سان هو ايتري رقم هٿ ڪري سگهي، پر ان هوندي به پڇاڙيءَ تائين، هن اميد تي قائم هو ته اهي ٽي هزار روبل، ڪهڙيءَ ريت به پنهنجو پاڻ وٽس ايندا. ڄڻ ته اها رقم آسمان کان اچي هيٺ ڪرندي. هيءُ اهوئي طريقو آهي، جنهن سان دمتري جهڙا ماڻهو، پيدا لاءِ ڪجهه به نه سوچيندا آهن ۽ جو ڪجهه ورثي ۾ ملندو اٿن، اهو فضول خرچيءَ ۾ وڃائي ڇڏيندا آهن ۽ نه وري کين ڪا ڪوشش ڪرڻ ايندي آهي، ته پيسو ڪهڙيءَ ريت حاصل ڪجي؟ ٻه ڏينهن اڳ، اليوشا کان جدا ٿيندي، واچوڙي وانگر هڪ چرئي وارو خيال، سندس دماغ تي فوراً ڇانئجي ويو هو. جنهن سندس خيالن کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. اهڙيءَ ريت هن پهريون ڀيرو، مڪمل طرح ان وحشياڻي مهم لاءِ رضامندي ڏيکاري. شايد اهڙي ماڻهو لاءِ ، اهڙي اسباب هيٺ، نهايت غير معياري ۽ ناممڪن رٿون، پهريون ڀيرو خيال ۾ آيون ۽ هن انهن کي بلڪل عمل جوڳو سمجهيو.
هن اوچتو فيصلو ڪيو، ته هو گروشينڪا جي سنڀاليندڙ، سامسونوف واپاري وٽ وڃي ۽ کيس ڪا رٿ ڏئي، کانئس فوراً، گهربل رقم حاصل ڪري. واپاري لحاظ کان سندس رٿ، انهيءَ ۾ شڪ نه آهي، ته عمل جهڙي هئي، پر ساڳي وقت کيس يقين به نه ٿي آيو، ته الائجي سامسونوف سندس خيال تي واپاري نقطهِّ نگاهه سان نظر وجهي به يا نه؟ جيتوڻيڪ مـِـتيا واپاريءَ کي ڏٺو هو، پر ساڻس سندس ڪابه واقفيت نه هئي ۽ نه وري ان سان هڪ لفظ به ڳالهايو هئائين. پر ڪن اڻ ڄاتل سببن جي ڪري، هو گهڻي وقت کان، هن فيصلي تي بيٺو هو ته پوڙهو مردود، جو موت جي دروازي تي پهچي چڪو هو، هاڻي گروشينڪا جي عزت واري حيثيت حاصل ڪرڻ تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪندو ۽ اهڙي ماڻهو سان سندس شادي کي پسند ڪندو، جنهن تي هوءَ پنهنجو آڌار ڪري سگهي ٿي. نه فقط کيس اهو يقين هو، پر سندس هيءُ به خيال هو، ته سندس اها ئي خواهش به آهي. جيڪڏهن قسمت جو سانگ بڻيو، ته هو سندس مدد ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو. ڪن افواهن کان، يا خود گروشينڪا جي وقتي لفاظيءَ کان، هو هن نتيجي تي پهتو هو، ته هو گروشينڪا جي لاءِ فيودورپاولووچ کان کيس وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو.
ٿي سگهي ٿو ته منهنجي ناول جا گهڻا پڙهندڙ، اهو خيال ڪن ته اهو سڄو محاسبو گستاخي ڀريو آهي ۽ دمتريءَ کي اها خوشي پئي ٿي، ته هو پنهنجيءَ ڪنوار کي ان جي سنڀاليندڙ کان حاصل ڪري سگهندو. مان اهو ڏيکاريندس ته مـِـتيا اِيئن ٿي سمجهيو، ته گروشينڪا جو سڄو ماضي مدفون ٿي چڪو آهي. هن ماضيءَ کي لامحدود ڏک سان ٿي ڏٺو ۽ پنهنجي محبت تي اعتبار ڪندي، هن سوچيو ٿي ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو گروشينڪا سندس محبت جو اعتراف ڪيو ۽ شاديءَ لاءِ تيار ٿي وئي، ته ان جو هيءُ مطلب ٿيندو، ته هو نئين گروشينڪا بڻجي ويندي ۽ پاڻ نئون دمتري. جن وٽ ڪابه بدي نه هوندي. هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏيندا ۽ وري تازا توانا ٿي، گڏجي زندگي گذاريندا. ڪزوما سامسونوف لاءِ دمتريءَ خيال ٿي ڪيو، ته هڪ انسان جي حيثيت ۾، گروشينڪا جي ماضيءَ واري دور تي سندس بيحد اثر هو، جيتوڻيڪ هن ساڻس ڪڏهن به محبت نه ڪئي هئي. هو هاڻي ماضيءَ جي هڪ وساريل شيءِ هو ۽ مڪمل طرح ختم ٿي چڪو هو. اِيئن کڻي چئجي، ته هو وجود ۾ ئي نه هو. ان کان سواءِ مـِـتيا کيس مرد ئي نه سمجهندو هو. ڇاڪاڻ ته شهر جي سڀني ماڻهن کي خبر هئي، ته سندس حياتي اچي پوري ٿي آهي ۽ گروشينڪا سان سندس تعلقات پيءُ ۽ پـُـٽ وارا آهن، جنهن کي گهڻو زمانو گذري چڪو آهي.
ڪيئن به هجي، مـِـتيا جي حالت ۾ سندس سادگي ٿي نظر آئي. سندس بدڪارين جي باوجود، هو نهايت ساده دل انسان هو. سندس سادگيءَ جو هيءُ مثال ڏسڻ جهڙو هو، جو مـِـتيا يقيني طرح سمجهيو ٿي ته پوڙهو ڪزوما، جنهن جي حياتيءَ جي شام گذرڻ واري هئي، نهايت سچائيءَ سان، پنهنجي ۽ گروشينڪا جي گذريل تعلقات تي پنهنجي پڇتاءُ جو اظهار ڪندو. ان کان سواءِ هن سوچيو ٿي ته هاڻي هن جي لاءِ ، به ڪو اهڙو صادق دوست ۽ رکوال، هن بي ضرر پوڙهي بنا ٻيو ڪونه آهي.
رستي جي موڙ تي، اليوشا سان گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ، هن مشڪل سان رات جو آرام ڪيو. ٻئي ڏينهن ڏهين وڳي، هو سامسونوف جي دروازي تي وڃي پهتو ۽ خادم کي چيائين، ته کيس سندس آمد جو اطلاع ڏئي. هو نهايت وڏو ۽ اداس اداس پراڻو گهر ٿي ڏٺو. هوءَ ٻه ماڙ جاءِ هئي، جنهن ۾ رهڻ جي جاءِ کان سواءِ ، نوڪرن جي رهڻ جون جايون به هيون. هيٺينءَ جاءِ سامسونوف جا ٻه پٽ ڪٽنب سان ٿي رهيا ۽ ساڻن گڏ پوڙهي ڀيڻ ۽ ڪنواري ڌيءُ به ٿي رهي. گهر جي ٻئي حصي ۾ سندس ٻه منشي ٿي رهيا، جن مان هڪ کي وڏو ڪٽنب هو. اها سڄي جاءِ ، ماڻهن سان ڀريل ٿي ڏٺي. پوڙهي پنهنجي لاءِ مٿي ماڙيءَ کي والاريو هو ۽ هن اتي پنهنجي ڌيءَ کي به رهڻ نه ڏنو هو. جيتوڻيڪ هوءَ سندس خدمت ۽ چاڪري به ڪندي هئي. توڻي جو هوءَ دم جي مريضا به هئي. سندس اچڻ جو وقت مقرر هو ۽ اِيئن به هو، ته هو ڪڏهن به کيس سڏ ڪري ۽ هوءَ هيٺان کان مٿي وڃي.
مٿينءَ جاءِ ڪيتريون ئي ڪوٺيون هيون، جي فقط ڏيکاءَ لاءِ هيون. واپارين جي پراڻي نموني سان سينگاريل هيون. هنن ۾ ديوارين سان گڏ، ڪيتريون پراڻيون، ساڳ جون ڪرسيون پيل هيون. ڪيئي شيشي جون ڍڪ سان بتيون هيون، ۽ ميرانجهڙا آئينا ڀتين تي لڳل هئا. هي سڀئي ڪمرا گهڻو ڪري خالي هئا ۽ استعمال هيٺ ئي نه آيل هئا. پوڙهي جي لاءِ فقط هڪ ڪوٺي مخصوص هئي. ٿورو پرڀرو سندس سمهڻ جو ننڍڙو ڪمرو هو، جتي سندس هڪ پوڙهي خدمتگار موجود هئي، جنهن کي مٿي تي هڪ رومال ويڙهيل هو. ان کان سواءِ هڪ ڇوڪرو به هو، جو بند دروازي جي گهٽيءَ ۾ ٿي رهيو. ٽنگن جي سوڄ جي ڪري پوڙهو، مشڪل سان گهمي ٿي سگهيو. ورلي کيس چمڙي واري ڪرسيءَ ۾ وجهي اٿاريو ويندو هو، ان وقت سندس پوڙهي ملازمه کيس سهارو ڏئي، هڪ يا ٻه دفعا، ڪمري ۾ هيٺ مٿي آڻيندي، نيندي هئي. هن پوڙهيءَ عورت سان به سندس هلت سخت هئي ۽ ان کي گهٽ وڌ به ڳالهائيندو هو.
جڏهن کيس ”ڪپتان“ جي اچڻ جي خبر ڏني وئي، ته هن هڪدم سندس ڏسڻ کان انڪار ڪيو. سامسونوف ان ڇوڪري کان هڪدم سوال پڇڻ شروع ڪري ڏنا ته، ”هو ڪيئن ٿي ڏٺو؟ شراب پيتل ته نه هوس؟“ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته هو نهايت سنجيده آهي، پر ان هوندي به هن ساڻس ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ ٻيو ڀيرو به زور آندو ويو، ته هن وري به ملڻ کان انڪار ڪيو. هيءُ ڏسي مـِـتيا، جنهن اڳ ۾ ئي پينسل ۽ پنو، پاڻ سان آندو هو، پني تي کيس هي لفظ لکي موڪليائين، ته ”خاص ڪم لاءِ آيو آهيان.“ جنهن جو تعلق اگرافينا اليگزينڊرووينا سان آهي.“ اهو پرزو مٿي پوڙهي ڏي ڏياري موڪليائين.
سامسونوف ڪجهه وقت جي خيال ڪرڻ کان پوءِ ، ڇوڪري کي چيو ته کيس ملاقات جي ڪمري ۾ وٺي اچي ۽ پوڙهي عورت کي حڪم ڏنائين، ته سندس ننڍي پٽ کي هڪدم ٻڌائي ته مٿي اچي. سندس ننڍو پٽ جو قريباً ڇهه فوٽ قدآور هو ۽ غير معمولي طاقتور هو، ۽ سندس ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ مغربي لباس پهريل هوس، (جيتوڻيڪ سندس پيءُ کي ڏاڙهي هئي ۽ ڊگهو جبو پهريل هو.) پيءُ جي سڏ تي هڪدم مٿي هليو آيو. حقيقت ۾ سڄو گهر ان پوڙهي کان ٿي ڏڪيو. پوڙهي هن ديو کي مٿي، انهيءَ لاءِ نه گهرايو هو، ته هو ڪپتان کان ڏڪيو ٿي، (انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هو جهڳڙالو طبعيت جو هو. پر انهيءَ لاءِ ته ڪن ضروري حالتن ۾) مٿس شاهد رهي. ڇوڪري ۽ پٽ جي مدد سان هو آخرڪار رڙهي اچي ملاقات واري ڪمري ۾ پهتو. هيءُ ٻڌائڻ به ضروري آهي، ته کيس چڱو انتظار پيدا ٿي چڪو هو. ملاقات جو ڪمرو جنهن ۾ مـِـتيا ويٺو هو، وسيع ته هو، پر ايڏو ته اداس ٿي نظر آيو، جو ان جي تڪليف جو احساس قلب تي سنئون سڌو ٿي پيو. هن کي ٻٽي درين جي قطار هئي. هڪ گئلري، سنگمرمر جون ديوارون، وڏا ۽ عمدا فانوس، جن جي مٿان شيشا چڙهيل هئا ۽ انهن جي مٿان ڍڪ رکيل هئا.
مـِـتيا، هڪ ننڍڙي ڪرسيءَ تي دروازي جي ڀرسان ويٺو هو ۽ نهايت بي صبريءَ سان پنهنجي قسمت جي فيصلي جي انتظار ۾ هو. جڏهن پوڙهو ٻي پاسي جي دروازي کان ظاهر ٿيو، مـِـتيا، ستر فوٽن جي مفاصلي هوندي به ٽپو ڏئي اٿيو ۽ ڊگها فوجي قدم کڻندو، سندس ملڻ لاءِ وڌيو. مـِـتيا چڱي لباس ۾ هو. ڊگهو فراڪ ڪوٽ هوس، جنهن کي بٽڻ لڳل هئا ۽ اهي سڀئي بند هئا. مٿي تي گول ٽوپي پاتل هئس ۽ هٿن ۾ ڪارا دستانا چڙهيل هئس. سندس لباس بلڪل اهڙي نموني هو، جيئن ٿورا ڏينهن اڳ ۾، خانداني ميڙ ۾ مربي وٽ هئس، پوڙهو وڏي رعب سان، نن جي لاءِ ترسي بيٺو. مـِـتيا محسوس ڪيو، ته هو کيس غور سان ڏسي رهيو آهي. سامسونوف جي وڏي ۽ سڄيل منهن جو، مٿس بيحد اثر پيو. سندس هيٺيون چپ، جو هميشھ ٿلهو ڏسڻ ۾ ايندو هو، هاڻي لڙڪي پيو هو. هن وڏي رعب سان، خاموشيءَ ۾ پنهنجي مهمان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اشاري سان تنگ ڪرسيءَ جي بجاءِ صوفي تي ويهڻ لاءِ چيو. پنهنجي پٽ جي ٻانهن جي مٿان جـُـهڪندي، هن سامهون پيل صوفي تي ويهڻ لاءِ نمڻ شروع ڪيو. هو سور کان ايترو ته ڪنجهي رهيو هو، جو مـِـتيا سندس تڪليف کي چڱيءَ ريت محسوس ڪري رهيو هو. مـِـتيا جڏهن سندس تڪليف کي محسوس ڪيو، ته کيس احساس ٿيو ته هن هڪ لاچارشخص کي تڪليف ڏني آهي، جنهن جي مقابلي ۾ هو نهايت حقير شخص آهي. انهيءَ خيال ايندي ئي، کيس بيحد ندامت ۽ پشيماني ٿي.
ان پوڙهي ماڻهو، ڄاڻي ٻجهي، سختيءَ سان، جنهن ۾ ڪجهه مروت به هئي، کيس چيو ته ”اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ اوهان مون کي تڪليف ڏني آهي؟“ آخر هو پنهنجي جاءِ تي ويٺو.
مـِـتيا کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ٽپو ڏنو، پر آخر پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. هن هڪدم زور واري آواز، ذهني تڪڙ، هٿن جي اشارن ۽ پوري دماغي انتشار سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. هو غلطيءَ کان سواءِ ، اهڙي قسم جو ماڻهو هو، جو برباديءَ جي ڪناري تي پهچي، ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو هو. هو پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ، سهارو وٺي رهيو هو. پوڙهي سامسونوف جون سڀيئي ڳالهيون سمجهي ورتيون هيون، جيتوڻيڪ سندس چهرو، بت وانگر سرد ۽ غير متحرڪ هو.
”عزت مآب سائين ڪزوماڪزمچ، انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته اوهان هڪ ڀيري کان وڌيڪ دفعا، منهنجي ۽ منهنجي پيءُ فيودورپاولووچ ڪرامازوف جي وچ ۾ جهڳڙي کي ٻڌو آهي، جنهن مون کي، منهنجي ماءُ جي ورثي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي...... اوهان کي خبر آهي، ته سڄو شهر، ان لاءِ غلط افواهه پکيڙي رهيو آهي.... جو کين ڪڏهن به ڪرڻ نه کپندو هو....... ان کان سواءِ ، گروشينڪا کان اوهان کي ڪي ٻيون به خبرون مليون هجن. مون کي معاف ڪجو، جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊرووينا کان......... مون کي ان جي لاءِ بيحد عزت آهي...“ اهڙي ريت مـِـتيا، پنهنجي گفتگوءَ کي شروع ڪيو ۽ پهرئين ئي جملي ۾ هٻڪڻ لڳو. اسان هتي سندس تقرير کي لفظ به لفظ نه ڏينداسين، پر ان جو خلاصو پيش ڪنداسين. هن چيو ته، ”ٽي مهينا اڳ، هن بلڪل مضبوط ارادي سان علائقي جي وڏي شهر جي مشهور وڪيل پاول پاولوچ ڪارنيا پلوڊوف سان مشورو ڪيو هو. اوهان شايد ان جي نالي کي ٻڌو به هجي؟ هو وڏو قابل ماڻهو آهي ۽ هڪ وڏي سياستدان جي دل ٿو رکي........ هو اوهان کي به ڄاڻي پيو......... ۽ اوهان جي بابت نهايت عزت جو اظهار ڪري رهيو هو......“ مـِـتيا وري خاموش ٿي ويو. هو اِهي خال هڪدم ڀرڻ لڳو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪشمڪش ڪندو رهيو.
هن ڪارنيپلوڊوف، ٿورن منٽن جي سوالن ۽ ڪاغذن جي ڏسڻ کان پوءِ ، (مـِـتيا هنن ڪاغذن ۽ مضمون کان جلدي جلدي گذرندو ويو) پنهنجي راءِ ڏني ته پڪ سان شرماشينا جي ڳوٺ بابت سندس ڪاروائي اثر واري ٿيندي. هن چيو ٿي ته اها ملڪيت مون کي پنهنجي ماءُ کان ملي آهي ۽ ان تي منهنجي پيءُ قبضو ڪري ورتو آهي. جيئن ته ان جي لاءِ هرهڪ در بند نه آهي ۽ انصاف جو دروازو کليل آهي، ان ڪري ممڪن آهي، ته ڪو ڳٿو نڪري پوي. هاڻي ڇهه يا ست هزار روبل فيودورپاولوچ کان وٺڻ گهران ٿو. هوڏانهن شرماشينا جي قسمت، پنجويهن هزارن کان اٺاويهه هزار روبل ٿيندي....... ڇا ٻڌايان اعتبار ڪيو، ٽيهن هزارن کان گهٽ نه آهي، ڪزوماڪزمچ! مگر هن سنگدل کان مون کي سترهن هزار روبل به نه ٿا ملن. مان اهو سڄو معاملو اِيئن ڇڏي ڏنو هو، جو مون کي قاعدي قانون جي ڪابه خبر نه هئي. پر جڏهن مان انهيءَ تي پهتو آهيان، تڏهن مان پنهنجي حق کي صاف ڏسي، وائڙو ٿي ويو آهيان. (هتي مـِـتيا وري منجهڻ لڳو، پر بي پرواهي سان اڳتي وڌيو) ان ڪري عزت مآب ۽ وڏي مرتبي وارا ڪزوماڪزمچ! اوهان انهيءَ سڀني حقن کي بدفطرت بلا جي خلاف فقط ٽي هزار روبل ۾ وٺڻ لاءِ تيار نه ٿيندا؟ توهان کي انهيءَ ۾ ڪوبه نقصان نه ٿيندو. مان پنهنجي عزت جو قسم ايمانداريءَ سان کڻي چوان ٿو، ته انهن ٽن هزارن جي بدران توکي ست، اٺ هزار روبل ملي ويندا. انهيءَ کان سواءِ مان چاهيان ٿو، ته اهو سڄو معاملو اڄ ئي طئي ٿي وڃي.
مان سڄو معاملو دستاويز جي داخلا رکڻ واري وٽ طئي ڪندس، يا جيئن هوندو..... سچ پچ مان سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان....... مان سڀئي دستاويز اوهان کي ڏئي ڇڏيندس....... توهان جهڙي ريت چيو، مان اهڙيءَ ريت صحيح ڪندس.... ۽ اسان هڪدم قبوليت ڏينداسون..... جيڪڏهن اِيئن ٿي سگهي ٿو، ته صبح تائين اسان کي ڪم لاهڻ گهرجي....... توهان مون کي ٽي هزار روبل ڏيو، ڇاڪاڻ ته شهر ۾ اهڙو ڪوبه سرمائيدار ڪونه آهي، جنهن سان اوهان جي ڀيٽ ڪري سگهجي..... ان ڪري توهان مون کي بچائي وٺو........ هن ۾ جيڪي آهي ۽ مان هن کي عزت ڀريو عمل چوندس..... ڇاڪاڻ ته مون وٽ هڪ شخصيت جي لاءِ ، عزت ڀريا جذبا آهن، جنهن کي اوهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ۽ پيءُ وانگر سنڀاليو ٿا. مان اوهان وٽ جيڪر نه اچان ها، جيڪڏهن مون کي خبر پوي ها، ته اوهان کيس پيءُ وانگر نه ٿا سنڀاليو. سچ پچ هن معاملي ۾ ٽن ماڻهن جي ڪشمڪش آهي ۽ هيءَ عجيب قسمت جي ڳالهه آهي. نهايت خطرناڪ چيز ڪزوماڪزمچ! هيءُ هڪ الميو آهي الميو! جيئن ته توهان گهڻو اڳي هن معاملي کي ترڪ ڪيو آهي، اُن ڪري هيءَ سڄي جنگ هاڻي ٻن جي وچ ۾ آهي. مان هيءُ سڀ ڪجهه شايد ناموزون طريقي سان بيان ڪيو هجي، پر اوهان کي خبر هجي، ته مان ڪوڙو ماڻهو نه آهيان. توهان ڏسو ٿا ته هڪ طرف مان آهيان ۽ ٻئي طرف هوءَ آفت! هاڻي اوهان تي ڇڏيل آهي ته اوهان جيڪو به پاسو انتخاب ڪريو. مان يا هوءَ بلا! اهو سڀ اوهان تي ڇڏيل آهي. ٽن ماڻهن جي قسمت جو فيصلو ۽ ٻن جي خوشي....... مون کي معاف ڪريو، جو مان بي ترتيبيءَ ۾ اهو ٻڌائي رهيو آهيان، پر ان کي اوهان چڱيءَ ريت سمجهو ٿا........ مان اوهان جي دورانديش اکين مان سمجهان ٿو، ته اوهان سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا. جيڪڏهن اوهان نه ٿا ڄاڻو ته پوءِ ، منهنجو خاتمو آهي..... ان ڪري اوهان غور ڪريو!“
مـِـتيا پنهنجي مبهم تقرير کي ”ان ڪري اوهان غور ڪريو.“ وٽ پهچائي، ٽپو ڏيئي پنهنجي جاءِ کان اُٿيو ۽ پنهنجي انهيءَ سوال جي جواب ٻڌڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. پوين لفظن وٽ پهچندي، هو اوچتو نااميديءَ کان خبردار ٿي ويو، ته هن جيڪو ڪجهه چيو چوايو، بيڪار ويو آهي ۽ ان کان سواءِ هن جو به ڳالهايو آهي، اها سندس بي سمجهي هئي.
”ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي، رستي ۾ ته هيءُ خيال صحيح هو، پر هاڻي ڪجهه به نه، پر رڳي بي سمجهي!“ اوچتو هيءُ خيال سندس نااميد دل تي اُڀري آيو. هو سڄو وقت ڳالهائيندو ٿي رهيو ۽ پوڙهو سمورو وقت، بنا ڪنهن چرپر جي کيس ٻڌندو رهيو ۽ پنهنجي برف جهڙين سرد اکين سان نهاريندو رهيو. ڪجهه وقت هو، شڪ ۽ شبهي ۾ رهيو، جو ڪزوماڪزمچ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جو قطعي ۽ نااميديءَ سان ڀريل ۽ سرد آواز ۾ هو:

”مون کي معاف ڪريو، اسان اهڙا معاملا نه ڪندا آهيون.“
مـِـتيا محسوس ڪيو، ته سندس ٽنگون لـُـڏي رهيون آهن.
”مان هاڻي ڇا ڪريان، ڪزوماڪزمچ؟“ هن ڦڪي کـِـلَ کلندي چيو. ”مان سمجهان ٿو ته منهنجو ڪم لهي ويو. اوهان ڇا ٿا خيال ڪريو؟“
”مون کي معاف ڪر.“
مـِـتيا بيٺو ئي رهيو ۽ بنا ڪنهن چرپر جي کيس ڏسندو رهيو. هن اوچتو پوڙهي جي منهن ۾ چرپر ٿيندي ڏٺي. هن چوڻ شروع ڪيو.
”سائين هن قسم جو ڌنڌو اسان وٽ ڪونه آهي. اوهان جي لاءِ ڪورٽ به آهي ۽ وڪيل به. واقعي هي مڪمل مصيبت آهي. پر جيڪڏهن تون پسند ڪرين ته هت هڪ اهڙو به ماڻهو آهي، جنهن سان تون گڏجي سگهين ٿو.“
”خدايا!، اهو ڪير آهي؟ تون منهنجو نجات ڏيندڙ آهين، ڪزوماڪزمچ!“ مـِـتيا ڄڻ ته هٻڪڻ لڳو.
”هو هتي نه رهندو آهي ۽ هاڻي به هتي نه آهي. هو هڪ ڳوٺاڻو آهي. هو ديال جي ڪاٺين جو ڌنڌو ڪندو آهي. سندس نالو لياگاوي آهي. هو گذريل سال کان پنهنجي ڌنڌي جي لاءِ ، شرماشينا جي متعلق فيودورپاولووچ سان ڳالهيون ڪندو رهي ٿو، پر هو سودي جي قيمتن تي هڪٻئي سان نه ٿا ٺهن. شايد تو به ٻڌو هجي؟ هاڻي هو وري موٽي آيو آهي ۽ هاڻي ايلينسڪي جي راهب وٽ مقيم آهي. اها جاءِ ولويا جي اسٽيشن کان ٻارهن ميلن تي آهي. هن مون ڏي به سودي جي مشوري لاءِ لکيو هو. فيودورپاولوچ جي خواهش آهي، ته پاڻ وڃي ان کي ڏسي. هاڻي جيڪڏهن تون اڳ ۾ وڃي پهچندين ۽ لياگاوي سان به اهائي حقيقت بيان ڪندين، جا مون سان ڪئي اٿئي، شايد........“
”نهايت عمدو خيال!“ مـِـتيا وچ ۾ دخل ڏيندي چيو. ”هيءُ اهوئي ماڻهو آهي، جنهن سان سندس معاملو ملي رهيو آهي. هن کانئس سودي جي لاءِ تمام گهڻو گهريو آهي. هاڻي کيس سڀئي سـَـنـَدون پيش ڪيون وينديون، جي ملڪيت لاءِ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. ها، ها، ها!“
مـِـتيا اوچتو پنهنجي رواجي سخت کـِـلَ شروع ڪئي، جنهن کان سامسونوف ڊڄي ويو.
”مان ڪهڙيءَ ريت تنهنجو شڪريو بجا آڻيان ڪزوماڪزمچ؟“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو.
”ان جو ذڪر نه ڪر“، سامسونوف پنهنجي مٿي کي آڌر ڏيندي چيو.
”پر توکي خبر نه آهي، تو مون کي بچائي ورتو آهي. شايد ايندڙ واقعن مون کي تو وٽ پهچايو آهي...... هاڻي راهب ڏي وڃڻو اٿم.“
”شڪرئي جي ڪابه ضرورت نه آهي.“
”مون کي جلدي ڪرڻ گهرجي ۽ اتي اڏامي پهچڻ گهرجي. مون کي ندامت ٿي ٿئي، ته مان اوهان کي وڌيڪ تڪليف ڏني آهي. مان ڪڏهن به اِن ڳالهه کي وساري نه سگهندس. بقول هڪ روسي، ڪزوماڪزمچ....... هڪ حقيقي روسي آهي.“
”يقيناً“
مـِـتيا سندس هٿن کي وٺي زور ڏيڻ ٿي چاهيو. پر هن پوڙهي جي اکين ۾ نفرت جي ڄڀي ڏٺي. هن پنهنجي هٿن کي روڪي ورتو، پر ساڳي وقت هن پاڻ کي مٿس بي اعتباري رکڻ لاءِ گناهگار سمجهيو.
هن خيال ڪيو، ته ”متان هو ٿڪايل هجي.“
”ان جي صدقي، ان جي صدقي ڪزوماڪزمچ! تون چڱيءَ ريت سمجهين ٿو، ته هيءُ سڀ ڪجهه ان جي لاءِ آهي.“ سندس آواز ڪمري ۾ گونجي رهيو هو. هو جهڪيو، چوڌاري ڦريو ۽ ساڳين قدمن سان، پوئتي ڏسڻ کان سواءِ ، دروازي ڏي وڌيو. هو خوشيءَ کان لرزي رهيو هو.
”منهنجي سڀ ڪا شيءِ تباهيءَ جي حد تي پهچي چڪي هئي. منهنجي محافظ فرشتي مون کي بچائي ورتو آهي.“ سندس دل تي هيءُ خيال تري آيو. جيڪڏهن اهڙو ڌنڌي وارو، جنهن جي لاءِ سامسونوف (جو وڏي عزت ۽ مرتبي وارو آهي) مشورو ڏنو آهي، ته پوءِ ڪاميابي يقيني آهي، کيس يڪدم اڏامي پهچڻ گهرجي. مان رات جو پوئتي موٽي ايندس. شايد رات کان به اڳ ۾ موٽي اچان ۽ سڄو ڪم پورو ٿي ويندو. جيئن ئي مـِـتيا پنهنجي گهر ڏي وڏا قدم کڻندو ٿي ويو، سندس دل ۾ خيال آيو، ته ٿي سگهي ٿو، ته هو پوڙهو مون تي کـِـلي رهيو هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو ان بابت ڪجهه به خيال نه ڪري سگهيو، پر ڇا صلاح هن ڏني هئي، سا هڪ عملي ڌنڌي واري ماڻهوءَ جي هئي. ڇاڪاڻ ته هو ڌنڌي جو ڄاڻندڙ هو ۽ هن لياگاوي (عجيب نالو آهي) سان معاملي طيءَ ڪرڻ لاءِ مشورو ڏنو هو يا پنهنجي جان ڇڏائي هئي. پوڙهو مٿس کلي رهيو هو.
افسوس جو هن معاملي ۾ پوئين ڳالهه صحيح هئي. گهڻو پوءِ جڏهن هيءُ ڊرامو پوري ٿيڻ تي آيو هو. سامسونوف پاڻ کلندي اعتراف ڪيو هو ته، ”هن ڪپتان کي بيوقوف بڻايو هو. هو سرد مهر، پـُـرنفرت ۽ بدجنس ماڻهو هو ۽ هميشھ ٻين کي زهر ڀريل ڏنگن هڻڻ لاءِ تيار هوندو هو. ڪپتان جو اهو پرجوش چهرو هو يا سندس بيوقوفيءَ سان ڀريل يا وري گروشينڪا جي بابت رقابت هئي، مان ان کي ٻڌائي نه ٿو سگهان. پر ان وقت جڏهن مـِـتيا سندس سامهون بيٺو هو ۽ سندس ٽنگون ڏڪي رهيون هيون ۽ پنهنجي حماقت سان چئي رهيو هو، ته هو برباد ٿي رهيو آهي. تڏهن ان پوڙهي کيس پوري حقارت سان ٿي نهاريو ۽ فيصلو ڪيو هو، ته هو سندس مذاق اڏائي ۽ کل جو ذريعو بڻائي. جڏهن مـِـتيا هليو ويو، تڏهن ڪزوماڪزمچ غصي کان ڳاڙهو ٿي ويو هو. پنهنجي پٽ ڏانهن ڦريو ۽ کيس حڪم ڏنائين ته هو ڏسي ته هيءُ پينو سندس دروازي تي وري نه اچي ۽ کيس ڪڏهن به گهر جي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.
جيتوڻيڪ هن ڪابه ڌمڪي نه ڏني هئي، پر ان هوندي به سندس پٽ، جنهن کي سندس ڪاوڙ جي خبر هئي، خوف کان پئي ٿي ڏڪيو. پوڙهو هن کان پوءِ ساندهه ڪلاڪ کن، ڪاوڙ کان پئي ٿي ڦٿڪيو. شام جو سندس حالت خراب ٿي وئي، ۽ ڊاڪٽر ڏي ماڻهو موڪليو ويو.

باب ٻيو: لياگاوي

سو هاڻي، کيس پوري تيزيءَ سان وڃڻ گهرجي، پر کيس گهوڙن لاءِ ڪو به پيسو موجود نه هو. کيس فقط چاليهه ”ڪو پڪس“ ننڍا روسي سڪا هئا، مـِـتيا، جي سندس هيڏي ساري آسودگيءَ جي حياتي جي بچت هئي، پر کيس گهر ۾ چانديءَ جي هڪ واچ موجود هئي، جا ڪيتري وقت کان بيڪار پئي هئي. اها کڻي هڪ يهودي واچ ميڪر ڏي ويو، جنهن جو دڪان مارڪيٽ ۾ هو. يهودي کيس اُن جا ڇهه روبل ڏنا.
مـِـتيا، بي پرواهيءَ ۽ نااُميديءَ ۾ چيو، ته ” مون کي ته انهن جي به اُميد نه هئي، (هوُ اڃا پريشانيءَ ۾ هو.) هنُ ڇهن روبلن کي کنيو ۽ گهر ڏانهن ڊوڙيو. گهر ۾ هنُ گهر جي ڀاتين کان ٽي روبل قرض ورتو. هوُ کيس بيحد ڀائيندا هئا ۽ هنن کيس اها رقم ڏئي ڇڏي. جيتوڻيڪ انهيءَ رقم کان سواءِ ، وٽن ٻيو ڪجهه به نه هو. مـِـتيا پنهنجي جوش ۾ کين ٻڌايو، ته سندس قسمت جو فيصلو اڄ ٿي ويندو. هوُ پنهنجي نااُميديءَ سان، سامسونوف جي سڄي رٿ، سندس فيصلي ۽ پنهنجي مستقبل جي اُميدن کي بيان ڪندو ويو. هنن ماڻهن کي پنهنجي گڏ رهڻ واري جا ڪيئي راز معلوم هئا ۽ هوُ کيس سکر ماڻهو سمجهندا هئا، جنهن وٽ ڪڏهن به غرور نه هو. سچ اهو آهي، ته هوُ کيس پاڻ مان هڪ سمجهندا هئا. مـِـتيا نـَـو روبل هٿ ۾ ڪري، گهوڙي گاڏي لاءِ ماڻهو موڪليو، ته هو کيس ولويا اسٽيشن تائين وٺي وڃي. هيءَ حقيقت ياد رکڻ جي لائق آهي، ته هن واقعي واري ڏينهن، منجهند جو مـِـتيا وٽ هڪ پيسو به ڪونه هو. هن پنهنجي واچ وڪڻي، ڪجهه پيسو گڏ ڪيو ۽ پنهنجي گهر جي مالڪ کان ٽي روبل قرض ورتو هئائين. هيءُ سڀ شاهدن جي اڳيان ٿي گذريو هو. مان هيءَ حقيقت خاص طرح انهيءَ لاءِ ڏني آهي، ته اڳتي هلي اوهان کي خبر پوندي ته مان اِيئن ڇو ڪيو هو.
جيتوڻيڪ هوُ پنهنجي مستقبل کان اڳواٽ ئي خوش هو، ته هوُ پنهنجي تڪليفن کي آخر سلجهائي وٺندو، پر جيئن هو ولويا اسٽيشن کي ويجهو ٿيندو ويو، هوُ هن خيال کان ايندي ڏڪي ويو، ته سندس غير حاضريءَ ۾ گروشينڪا الائجي ڇا ڪندي؟ اِيئن به ٿي سگهي ٿو، ته هوءَ اڄ فيودورپاولوچ ڏي وڃڻ جو ارادو ڪري. اهوئي سبب هو، جو هنُ وڃڻ وقت، کانئس موڪلايو ئي نه هو. هن گهر جي مالڪياڻيءَ کي حڪم ڏنو هو، ته هوءَ ڪنهن کي به نه ٻڌائي ته هوُ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ جيڪڏهن ڪو کانئس پڇي به، ته پنهنجي لاعلميءَ جو اظهار ڪري.
”مون کي رات جو ضرور گهر موٽڻ گهرجي.“ هن گاڏيءَ ۾ لوڏا کائيندي دهرايو. ”مان اِيئن پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته لياگاوي کي هيڏي، دستاويز جي لاءِ وٺي ايندس.“ مـِـتيا دل جي ڌڪ ڌڪ سان، هن حقيقت جو پرو وٺي رهيو هو، پر افسوس! سندس خواب سڄو اجايو هو.
هن پنهنجي سفر کي ئي دير سان شروع ڪيو هو. هن جو مختصر رستو اختيار ڪيو هو، سوولويا اسٽيشن تائين ٻارهن ميلن بجاءِ ارڙنهن ميل هو. ٻيو النسڪي ۾ راهب کيس گهر ۾ نه مليو. هن کي ڀرواري ڳوٺڙي ۾ وڃڻو پيو. مـِـتيا ٿڪيل گهوڙن جي رستي پنهنجو سفر جاري رکيو، جنهن ڪري اوندهه ٿي وئي.
اهب شرميلو ۽ مروت وارو نوجوان ٿي ڏٺو. جنهن کيس هڪدم ٻڌايو ته لياگاوي برابر پهريائين ساڻس گڏ رهندو هو، پر هاڻي هوُ سهائي پوسولڪ جي ڳوٺ ۾ فاريسٽر جي جهوپڙيءَ ۾ ٿو رهي. ڇاڪاڻ ته هو اڄ ڪلهه ڪاٺين جي خريداريءَ ۾ مشغول آهي. مـِـتيا جي عرض ڪرڻ تي، هو کيس ساڻ وٺي ويندو ۽ انهيءَ ۾ هن سان گفتگو ڪرڻ ۾ کيس آساني ٿيندي، راهب ساڻس متفق ٿيو. ٿوري ڇڪتاڻ کان پوءِ ، هو کيس سهائي پوسولڪ ڏانهن وٺي ويو. هاڻي هو منجهي پيا، ته ڇا ڪجي؟ بدقسمتيءَ سان راهب کيس صلاح ڏني، ته اهو پنڌ جو هڪ ميل کان مٿي نه آهي، پيادو پورو ڪرڻ گهرجي. مـِـتيا ساڻس متفق ٿيو ۽ وڏا وڏا قدم ڀريندو اهڙيءَ ريت پنڌ پيو، جو ويچارو راهب سندس پويان ڊوڙندو رهيو. جيتوڻيڪ هوُ عمر جو وڏو هو پر هيو نهايت خبردار.
مـِـتيا هڪدم ساڻس پنهنجي رٿن بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو. پريشانيءَ ۽ جوش مان لياگاوي جي متعلق ڳالهيون معلوم ڪرڻ گهريون. هوُ سڄو رستو ڳالهيون ڪندو رهيو. هوُ مـِـتيا جي سوالن کي هيئن ختم ڪندو رهيو، ته مون کي ڪا به خبر نه آهي، مان چئي نه ٿو سگهان يا مان ڪيئن چئي سگهان، وغيره. جڏهن مـِـتيا پنهنجي پيءُ جي جهڳڙي جي حقيقت کي چوريو ۽ ورثي جي ذڪر کي ڇيڙيو ته راهب پريشان ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هوُ فيودورپاولووچ جي امداد تي ڀروسو رکندڙ هو. ڪيئن به هجي هن کانئس پڇيو، ته هوُ اُن ڳوٺاڻي واپاريءَ کي جنهن جو نالو گورسٽڪين آهي، لياگاوي (جانور) ڇو ٿو سڏي. مـِـتيا تي هن ٿورو ڪندي، کيس سمجهايو ته جيتوڻيڪ هوُ سچ پچ لياگاوي جي نالي سان مشهور آهي، پر اِيئن چوڻ سان هو غصي ۾ اچي ويندو، اُن ڪري کيس گورسٽڪين سڏي. پر جيڪڏهن کيس سڏيو ويو، ته هو ڪجهه به نه ڪندو ۽ شايد ڪجهه ڌيان ڏئي به نه ٻڌي.
مـِـتيا ٿوري وقت لاءِ عجب ۾ پئجي ويو ۽ کيس ٻڌايائين ته هن اِيئن چيو آهي، جو کيس سامسونوف ٻڌايو هو. هيءُ جواب ٻڌندي، راهب سڄي گفتگو کي بند ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هوُ سامسونوف بابت پنهنجي شڪ کي لفظن ۾ چڱيءَ ريت ٻڌائي ٿي سگهيو، جنهن کيس اُن اڻپڙهئي ڏي موڪليو هو، جنهن کي لياگاوي ٿي سڏيائين. جنهن مان صاف معلوم پئي ٿيو، ته هوُ کيس مونجهاري ۾ وجهي رهيو آهي. پر مـِـتيا وٽ ايترو وقت نه هو، جو هنن خطرناڪ ڳالهين تي سوچي. هوُ وڏا وڏا قدم کڻندو، اڳتي وڌندو رهيو. جڏهن هوُ منزل مقصود تي پهتو، تڏهن راهب کيس چيو ته هيءُ هڪ ميل يا ڏيڍ ميل جو مفاصلو نه هو، پر گهٽ ۾ گهٽ ٽي ميل هئا. هيءُ ٻڌي کيس غصو ته آيو، پر هنُ پاڻ تي ضابطو ڪري ورتو.
هو اندر جهوپڙيءَ ۾ ويا. ٻيلي جو محافظ، جهوپڙيءَ جي اڌ ۾ ٿي رهيو ۽ گورسٽڪين ٻي اڌ تي ٿي رهيو. جو رستي جي ٻي پاسي، بهتر حصو هو. هوُ انُ ڪوٺيءَ ۾ ويا ۽ ميڻ بتي کي ٻاريائون. ڪمرو حد کان وڌيڪ گرم هو. ميز جي مٿان سماور هو، جو اُجهامي چڪو هو، هڪ ڪٻٽ هو، جنهن ۾ ڪي پياليون رکيون هيون. شراب جي هڪ خالي بوتل هئي ۽ وڊڪا (جون جو شراب) جي هڪ اڌ وڏي بوتل به هئي. ميز تي ڪڻڪ جي مانيءَ جا ڪجهه ڀورا به پيل هئا. مهمان هڪ بينچ تي، سنئون سڌو سمهيو پيو هو. ڪوٽ سندس مٿي کان وهاڻي وانگر رکيو هو ۽ سندس کونگهرن جو آواز زور سان ٿي آيو. مـِـتيا مونجهاري ۾ بيهي رهيو.
”مون کي جاڳائڻ گهرجي، ڇو ته منهنجو ڪم نهايت ضروري آهي ۽ تڪڙ به آهي، جيئن مان اڄ ئي موٽي وڃان.“ هن اهو نهايت جوش مان چيو. راهب ۽ ٻيلي جو محافظ ٻئي خاموش بيٺا رهيا ۽ هنن پنهنجي ڪابه راءِ نه ڏني. مـِـتيا وڌي ويو ۽ اُن کي پاڻ جاڳائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن وڏي ڪوشش ورتي، پر ننڊ وارو جاڳي نه سگهيو.
مـِـتيا آخر فيصلو ڏنو، ته ”هوُ نشي ۾ آهي. خدايا! مان هاڻي ڇا ڪريان؟“ هوُ حد کان وڌيڪ بي صبر بڻجي چڪو هو. هوُ کيس ٻانهن کان ته ڪڏهن ٽنگن کان وٺي ڇڪڻ لڳو ۽ سندس مٿي کي ڇڪي بينچ تي ويهارڻ لڳو. پر وڏي تڪليف کان پوءِ ، هوُ هن کي جاڳائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر نشي ۾ چور ماڻهو هن تي سخت بدشد ڳالهائڻ لڳو.
”نه، تو کي ڪجهه وقت ترسڻ گهرجي!“ راهب آخر کيس چيو. ”ڇاڪاڻ ته هوُ پنهنجي هوش ۾ ئي نه آهي.“
”هو سڄو ڏينهن پيئندو رهيو هو.“ ٻيلي جي ّمحافظ کيس سمجهايو.
”خدايا!“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو، ته ”ڪاش اوهان کي هيءَ خبر هجي ها، ته منهنجو ڪم ڪيڏو نه ضروري آهي ۽ مان ڪيڏو نه نااُميد بڻجي ويو آهيان؟“
”نه، توکي صبح تائين ترسڻ کپي.“ راهب وري دهرايو.
”صبح تائين، خدايا! اهو ته ناممڪن آهي.“
هوُ نااُميديءَ ۾ ننڊ ۾ پيل ماڻهوءَ تي وري ذري گهٽ حملي ڪرڻ تي هو، پر هڪدم هن پاڻ سنڀالي ورتو. ڇاڪاڻ ته کيس احساس ٿيو، ته هي سندس سڀئي ڪوششون رائگان وينديون. راهب ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ ٻيلي جو ننڊاکڙو محافظ اُداس ٿي ڏٺو. ”سڄي حياتيءَ ۾ انسان سان اهي الميا ڪيئن نه کيڏندا رهن ٿا.“ مـِـتيا مڪمل طور تي نااميديءَ ۾ چيو. سندس چهري مان پگهر وهي رهيو هو. راهب وقت جي مناسبت سان مدلل طرح کيس سمجهايو، ته هوُ جيڪڏهن کيس جاڳائڻ ۾ ڪامياب به ٿيو، ته هوُ اڃا به نشي ۾ هوندو ۽ ڪنهن به گفتگوءَ جي قابل نه هوندو. ”تنهنجو ڪم نهايت اهم آهي.“ هن چيو: ”اُن ڪري چڱو آهي، ته صبح تائين ترسي پؤ.“ مـِـتيا نااميديءَ جو اظهار ڪندي قبول ڪيو.
”مربي، مان هتي ترسي ٿو پوان ۽ موقعي واري گهڙيءَ جو انتظار ڪندس. جيئن هوُ جاڳندو، مان ساڻس پنهنجي ڳالهه شروع ڪري ڏيندس. مان توکي ان جي قيمت ادا ڪندس.“ هنُ ٻيلي جي محافظ ڏي منهن ڪري چيو ته ”رات جي گذاري لاءِ به دمتري ڪرامازوف کي ياد ڪجو. مان فقط هن ڳالهه ۾ منجهيل آهيان، ته اوهان ڪٿي سمهندا ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي - مربي؟“
”نه مان گهر موٽي ٿو وڃان. مان هن جو گهوڙو ڪاهي ٿو وڃان ۽ گهر پهچي ويندس.“ هن ٻيلي جي ّمحافظ ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”چڱو هاڻي خداحافظ. منهنجي خواهش آهي، ته توکي ڪاميابي حاصل ٿئي.“
معاملو اهڙيءَ ريت ختم ٿي ويو. راهب، جهنگ جي محافظ جي گهوڙي تي سوار ٿي روانو ٿي ويو. هيءُ خوش هو ته سندس جان ڇٽي. جيتوڻيڪ هوُ پنهنجي مٿي کي بي آراميءَ مان لوڏيندو رهيو ۽ حيران هو، ته ٻئي ڏينهن تي، هن عجيب حقيقت کي هوُ پنهنجي مربي فيودورپاولوچ سان بيان ڪري يا نه؟ متان هوُ ڪنهن منحوس گهڙيءَ ۾ اها ڳالهه ٻڌي ۽ ساڻس پنهنجي مهربانين کي ختم ڪري ڇڏي.
ٻيلي جو صاحب پنهنجي جسم کي کنهندو، بنا ڪنهن گفتگوءَ جي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هليو ويو. مـِـتيا بينچ تي، انتظار ۾ ويهي رهيو. سندس دل تي غم گهاٽي ڪوهيڙي وانگر ڇانئجي ويو هو. جنهن کي مڪمل غم چئي سگهجي ٿو. هوُ گهڻو ئي غور ڪرڻ لڳو، پر ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيو. ميڻ بتي جـَـهڪي ٿي، ٻري ۽ تـِـڏن جو آواز ٿي آيو. اهڙي سخت گرم ڪوٺيءَ ۾، سندس بند هجڻ، سندس برداشت کان مٿي هو. اوچتو سندس اکين جي سامهون، باغ ۽ باغ وارو رستو ۽ سندس پيءُ جي گهر وارو دروازو، تصوير وانگر اچي ويو. هنُ تصور ۾ ڏٺو، ته اُهو کلي پيو آهي ۽ گروشينڪا اُن ۾ اندر گهڙي وئي آهي. هوُ بينچ تان ٽپو ڏئي اُٿيو.
هن ڏندن کي ڪرٽيندي چيو، ته هيءُ هڪ الميو آهي. هوُ غير ارادي طور، ننڊ ۾ پيل ماڻهوءَ ڏانهن ويو ۽ سندس منهن ۾ نهاريائين. هوُ ڪمزور، وچينءَ عمر وارو ڳوٺاڻو ٿي ڏٺو. سندس منهن ڪافي ڊگهو هو، کهرا وار ۽ ڊگهي، سنهي ۽ سرخ ڏاڙهي هئس. کيس سوٽي قميص هئي ۽ ڪاري رنگ جي صدري، جنهن جي کيسي مان واچ جي چانديءَ واري زنجيري صاف ٿي ڏٺي. مـِـتيا کيس پوريءَ نفرت سان ڏٺو. الائي ڪهڙي سبب جي ڪري، خاص طرح سندس گهنڊيدار وارن کي ڏسي، بيحد غصو آيو.
هيترين قربانين ۽ مکيه ڳالهين جي هوندي به، هيءَ ڳالهه نهايت ناقابل برداشت هئي، ته مـِـتيا بلڪل ٿڪايل منزل جي آخري موڙ تي اهڙيءَ ريت بيٺو هو، جو سندس قسمت جو سڄو دارومدار اتي هو. ننڊ ۾ پيل ماڻهوءَ جي جيئن خرخر ٿي آئي، هن سمجهيو ٿي، ته ڄڻ ڳالهه ۾ ڪجهه به نه آهي ۽ هوُ ڄڻ ته ڪنهن ٻي سياري مان اُڇلايو ويو آهي.
”اوهه، هي قسمت جي ستم ظريفي آهي“! مـِـتيا واڪو ڪري چيو. ڄڻ ته هن پنهنجو دماغي توازن وڃائي ڇڏيو هو. هنُ وري اُن نشئي ڳوٺاڻي کي اٿارڻ گهريو کيس ڇڪيائين ۽ ڌڪا ڏنائين. کيس ماريائين به. پر پنجن منٽن جي اجائي محنت کان پوءِ به، هوُ نا اُميديءَ ۾ پوئتي موٽي آيو ۽ بينچ تي ويهي رهيو.
مـِـتيا رڙ ڪري چيو، ته ”بيوقوفي! بيوقوفي! ڪيڏي نه هيءَ بي عزتيءَ جي ڳالهه آهي.“ هو اِيئن چوندو ويو. نهايت سخت، هن مٿي ۾ سور محسوس ڪيو. ”ڇا هوُ هن ڳالهه کي ڇڏي ۽ هليو وڃي؟“ هوُ حيرت جي دنيا ۾ هو. نه، هاڻي سڀاڻي تائين ترسڻ گهرجي. جنهن ڪم لاءِ آيو آهيان، اُن کي نڀائڻ گهرجي. تڏهن باقي ڇا جي لاءِ هيڏي آيس؟ اُن کان سواءِ هاڻي موٽي وڃڻ به چڱو نه آهي. خبر نه آهي ته هاڻي، ڪيئن ڇوٽڪارو ملندو؟
پر سندس مٿي جو سور وڌندو رهيو. هوُ بنا چرپر جي ويٺو رهيو. بيهوشيءَ ۾ اونگهڻ لڳو ۽ جيئن ويٺو هو، تيئن کيس ننڊ وٺي وئي. هوُ ٻن ڪلاڪن يا اُن کان ٿورو مٿي ننڊ ۾ پيو رهيو. سندس مٿي جي ناقابل برداشت سور کيس جاڳايو ۽ اهو ايڏو ته مٿس غالب پئجي ويو هو، جو ذري گهٽ کانئس دانهون نڪرڻ تي هيون. سندس مٿي جي چوٽيءَ ۾ ڌڪ لڳي رهيا هئا. جاڳڻ کان پوءِ به کيس، گهڻو وقت هوش ۾ اچڻ لاءِ لڳو ته هوُ سمجهي سگهي، ته کيس ڇا ٿيو آهي؟
آخر هن محسوس ڪيو ته سڄي ڪوٺي، ڪوئلي جي آتشدان جي بدبوءِ کان مچي وئي آهي ۽ هوُ اُن حبس کان مري ويندو. نشئي ويندو. نشئي ڳوٺاڻو اڃا ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو. ميڻ بتي ڳري وئي هئي ۽ وسامڻ لاءِ جهٽڪا ڏئي رهي هئي. مـِـتيا، دانهون ڪندو ۽ ڌڪا کائيندو، ٻيلي جي ّمحافظ جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. هوُ مـِـتيا جي دانهن ۽ دٻڪن کان جاڳي پيو. هنُ سندس حقيقت کي قبول ڪيو، پر اُن ۾ به عجيب بي طرفداري هئي. جيتوڻيڪ هوُ، انُ نظاري کي ڏسڻ لاءِ به ويو.
”پر هيءُ ته مري ويو آهي!“..... هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ مـِـتيا بنهه جنوني حالت ۾ چيو.
هنن دروازا ۽ دريون کولي ڇڏيون. چمنيءَ کي به کوليو. مـِـتيا گهر جي گهٽيءَ مان پاڻيءَ جو ڏول کڻي آيو. پهريائين هن پنهنجي مٿي کي آلو ڪيو. تنهن کان پوءِ اڳڙين کي اُتان هٿ ڪري، انهن کي پاڻي ۾ تر ڪري، لياگاوي جي مٿي تي رکيائين. ٻيلي جي محافظ اڃا به هن سڄي حالت کي معمولي ٿي سمجهيو، پر جڏهن دريءَ کي کوليائين ته چئي ڏنائين ته:
”هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.“
هوُ وري ننڊ ڪرڻ لاءِ هليو ويو ۽ مـِـتيا جي لاءِ ٻرندڙ فانوس ڇڏي ويو. مـِـتيا اڌ ڪلاڪ لاءِ اُن نشئي ڳوٺاڻي کي ڏسندو رهيو. هوُ پنهنجي مٿي کي تـَـرڪندو رهيو ۽ فيصلو ڪيائين، ته هوُ سڄي رات جاڳي گذاريندو. پر هوُ ايڏو ته ٿڪجي پيو هو، جو جڏهن ساهه کڻڻ لاءِ ٿورو وقت ويٺو، ته سندس اکيون بند ٿي ويون. بيهوشيءَ ۾ هن پاڻ کي سڌو ڪيو ۽ مئي ماڻهوءَ وانگر بڻجي ويو.
ڪافي دير ٿي وئي هئي، جڏهن هوُ جاڳيو. گهٽ وڌ نائين بجي جو وقت هو. جهوپڙي جي ٻن درين مان سج چمڪي رهيو هو. گهنڊيدار وارن وارو ڳوٺاڻو بينچ تي اُٿي ويٺو هو ۽ کيس ڪوٽ پهريل هو. سندس اڳيان ٻيو سماور ۽ ٻي شراب جي بوتل هئي. ڪالهوڪي بوتل ختم ٿي چڪي هئي ۽ هيءَ به باقي اڌ وڃي رهي هئي. مـِـتيا ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ يڪدم سمجهي ويو، ته بدبخت ڳوٺاڻو وري نشي ۾ آهي. جنهن جو نه ڪو علاج آهي، نه اُن ۾ ڪا اُميد رکي سگهجي ٿي. هوُ اکيون کولي هڪ گهڙيءَ لاءِ کيس ڏسندو رهيو. دهقاني کيس خاموشي ۽ حرڪتي نموني سان ڏسي رهيو هو. اڃا به بي عزتي ۽ نفرت سان نهاري رهيو هو. مـِـتيا مٿس عجب کاڌو ۽ اُن ڏانهن ڊوڙي پيو.
”مون کي معاف ڪريو...... اُميد ته اوهان ٻيلي جي محافظ کان هن جهوپڙيءَ ۾ ٻڌو هوندو. مان ليفٽيننٽ دمتري ڪرامازوف آهيان. پوڙهي ڪرامازوف جو پٽ، جنهن کان تون ٻيلي جو ڪوچو خريد ڪري رهيو آهين.“
”هي ڪوڙ آهي!“ ڳوٺاڻي نهايت تحمل ۽ سياڻپ سان جواب ڏنو.
”ڪوڙ؟ تون فيودورپاولوچ کي نه ٿو سڃاڻين؟“
مان ڪنهن به تنهنجي فيودورپاولووچ کي نه ٿو سڃاڻان.”ڳوٺاڻي ڪجهه کهرو ٿي چيو. “
”تون ٻيلي جي ڪوچي لاءِ ساڻس سودو ڪري رهيو آهين. ذرا سجاڳ ٿي ۽ هوش ۾ اچ. اليڪسي جو راهب پاويل مون کي هتي وٺي آيو هو، تو سامسونوف ڏي به لکيو هو ۽ هن مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي.“ مـِـتيا دم کڻڻ بنا ڳالهائيندو رهيو.
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ” لياگاوي وري غصي ۾ اچي ويو. مـِـتيا جون ٽنگون ٿڌيون ٿينديون ويون.
”ڪجهه رحم ڪريو! اهو ّمذاق ته نه آهي. تون نشي ۾ آهين، پر توکي ڳالهه سمجهي ڳالهائڻ گهرجي...... ٻي حالت ۾ شايد مان ڪجهه به نه ٿو سمجهان!“
”تون شايد مصور آهين؟“
”ڪجهه رحم ڪر، مان ڪرامازوف، دمتري ڪرامازوف آهيان. مان توهان وٽ سودي لاءِ آيو آهيان. ٻيلي جي بابت نفعي واري سودي لاءِ .“
ڳوٺاڻي پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پئي ٿي کنهيو.
”نه، تو انهيءَ معاملي ۾ ٺيڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي بدمعاشي ٿو ڪرين. تون نيچ آهين!“
”مان توکي يقين ٿو ڏياريان، ته تون غلطيءَ تي آهين.“ مـِـتيا نااُميدي ۾ هٿن کي مهٽيندي چيو. دهقاني اڃا تائين ڏاڙهيءَ کي پئي ٿي پٽيو ۽ هنُ اوچتو شيطاني اکيون مٿي کڻي کيس چياِيئن ته:
”نه مون کي ٻڌاءِ ۽ ڏيکار ته ڪهڙي قانون ۾ بدمعاشي جائز آهي؟ تون ٻڌين به ٿو؟ تون گهٽيا آهين! سمجهين ٿو؟“
مـِـتيا مايوس ٿي قدم پوئتي هٽايو. اوچتو هن سمجهيو، ته ڪا شيءِ سندس مٿي ۾ لڳي آهي. هنُ اها حقيقت پوءِ ٻڌائي هئي. ان گهڙيءَ ۾ سندس دل ۾ اوچتو ڪا روشني پيدا ٿي. روشني منهنجي اندر ۾ اُجاگر ٿي ۽ اُن نور مون کان سڀ شيون پري ڪري ڇڏيون. هوُ گهڙي کن حيرت ۽ عجب ۾ بيٺو رهيو ۽ ڪيئن نه هوُ سياڻو سڄو ٿي، اهڙي بيوقوفيءَ کي اختيار ڪري عجيب قسمت آزمائيءَ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو اٿائين ۽ چوويهه ڪلاڪ هن لياگاوي جي چوڌاري ڦرندو رهيو آهي ۽ سندس مٿي کي ٿڌو ڪندو رهيو آهي.
”هيءُ نشي ۾ آهي ۽ اَلوٽ آهي، هاڻي هيءُ هفتي تائين اِيئن ئي پيئندو رهندو. وڌيڪ هتي ترسڻ ۾ ڪهڙو فائدو؟ سامسونوف آخر مون کي هتي ڪهڙي مقصد لاءِ موڪليو هو؟ جيڪڏهن هن کي خبر پوي ته هوءَ ڇا چوندي؟ خدايا! مان هيءُ ڇا ڪيو؟“
ڳوٺاڻو کيس گهري نظر سان ڏسندو ۽ ڏند ڪرٽيندو رهيو. مـِـتيا شايد اڳتي هلي، جوش مان کيس ماري ڇڏي ها، پر هوُ ساڳي وقت پاڻ کي ٻار وانگر ڪمزور سمجهڻ لڳو. هوُ خاموشيءَ سان بينچ ڏي وڌي ويو. پنهنجو اوورڪوٽ کنيائين ۽ اُن کي پاتائين. بنا ڪنهن لفظ ڪڇڻ جي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويو. ٻيءَ ڪوٺي ۾ کيس ٻيلي جو محافظ نظر نه آيو ۽ نه وري ڪو ٻيو موجود هو. هن پنجاهه ڪوپڪس جو خردو پنهنجي کيسي مان ڪڍي ميز تي رکيو، جو سندس رات جي رهڻ جي عيوض ۾ هو. جنهن ۾ ميڻ بتي ۽ سندس تڪليف جو ورتل معاوضو به هو. جهوپڙيءَ کان ٻاهر ايندي، هن پنهنجي چوڌاري وسيع ٻيلي کي ڏٺو. هوُ منجهيل هو. کيس ڪابه خبر نه ٿي پئي، ته هوُ جهوپڙيءَ جي ڪهڙي پاسي کان اڳتي وڌي، کٻي يا سڄي. رات جو راهب سان گڏجي، تڪڙ ۾ ايندي کيس رستو ياد ئي نه رهيو هو. کيس ڪنهن لاءِ به انتقامي خيال نه هيو، سامسونوف لاءِ به نه، هوُ ٻيلي جي هڪ سنهڙي پيچري تي هلڻ لڳو. بنا ڪنهن مقصد جي ۽ بنا ڪنهن ڏس جي هوُ اڳتي وڌندو رهيو. هوُ جسم ۽ روح ۾ ايڏو ته ڪمزور ٿي ويو هو، جو کيس هڪ ٻار به ڪيرائي ٿي سگهيو. هوُ ٻيلي کان ڪيئن به ڪري ٻاهر نڪري آيو. انُ کان پوءِ اُهي زمينون آيون، جي لاباري کان پوءِ ، بلڪل اُگهاڙيون ٿي ڏٺيون. هيءُ سلسلو اکين جي حد تائين وسيع هو. هوُ ڊگها ڊگها قدم هڻندو به ٿي ويو ۽ چوندو به ٿي ويو ته:
”ڪيڏي نه نااُميدي! ڪيڏي نه موت جهڙي خاموشي!“
ر هيءُ هڪ پوڙهي واپاريءَ جي ملاقات سان بچي ويو، جو هڪ ڀاڙي جي گاڏيءَ ۾ اُتان گذري رهيو هو. جڏهن هنُ کيس گاڏيءَ ۾ کنيو، ته مـِـتيا کي معلوم ٿيو، ته هوُ به ولوويا اسٽيشن ڏي وڃي رهيو آهي. ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هيءُ پنهنجي منزل مقصود تي پهچي ويا. ولوويا ۾ پهچندي مـِـتيا هڪدم گهوڙي گاڏيءَ کي ڀاڙي تي ورتو ۽ جلدي شهر پهچڻ جو ارادو ڪيو، پر اوچتو هنُ محسوس ڪيو ته کيس سخت بک لڳي آهي. جيستائين گهوڙن کي جوٽيو ويو، ايستائين هن جي لاءِ بيضن کي تريو ويو. هن پيٽ ڀري کاڌو. هڪ ڳوري ماني ۽ اُن سان گڏ ساس به هيس. اُن جي مٿان ٽي گلاس وُڊڪا (بير جو قسم) جا به پيتائين. کاڌي کائڻ کان پوءِ ، هن پاڻ کي هلڪو ۽ خوش محسوس ڪيو. اُن کان پوءِ شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ ڪوچبان تي زور آندائين، ته کيس شهر ۾ جلدي پهچائي. گاڏي ۾ ويهڻ کان پوءِ ، اُن وري اُن منحوس رقم جي هٿ ڪرڻ لاءِ ،نئين رٿ تيار ڪئي، جيئن اُها کيس شام کان اڳ ۾ ملي وڃي. هوُ خيال ڪرڻ لڳو، ته ”هن حقيقت تي وري وري غور ڪرڻ گهرجي ته انساني زندگي فقط ٽي هزار روبل لاءِ برباد ٿي رهي آهي. مون کي ڪيئن به ڪري، اهو معاملو اڄ ختم ڪرڻ گهرجي.“ جيڪڏهن کيس گروشينڪا جو خيال نه ستائي ها، جو کانئس ڪنهن به قيمت تي ڌار ٿي نه ٿي سگهيو، جيڪر هوُ وري شگفته بڻجي وڃي ها.... پر ان جو خيال ڄڻ ته سندس دل جي اندر خنجر هڻي رهيو هو. آخر گاڏي شهر ۾ پهچي وئي ۽ مـِـتيا هڪدم گروشينڪا ڏي روانو ٿيو.

باب ٽيون: سون جون کاڻيون

هيءَ اُها ملاقات هئي، جنهنجو ذڪر، گروشينڪا، ريڪٽن سان ڊنل حالت ۾ ڪيو هو. هوُ اُن پيغام جي لاءِ منتظر هئي ۽ خوش هئي، ته مـِـتيا کيس هڪ ڏينهن اڳ ۾ ۽ اُن ڏينهن نه مليو هو. هوُ دعا گهري رهي هئي، ته خدا ڪري هو ايستائين نه اچي، جيستائين هوءَ اُتان هلي وڃي. پر هوُ آيو ۽ مٿس اُٿلي پيو هو، وڌيڪ حقيقت جي اسان کي اڳ ۾ ئي خبر آهي. گروشينڪا کانئس جان ڇڏائڻ لاءِ ، هڪدم اُن جي اڳيان رٿ رکي، ته کيس (گروشينڪا کي) هڪدم سامسونوف وٽ وڃي، حساب ڪتاب کي صاف ڪرڻ گهرجي. مـِـتيا ساڻس متفق ٿيو ۽ گڏجي هليو. گروشينڪا، دروازي تي پهچي کيس خداحافظ چيو ۽ ساڻس وعدو ڪيو ته هوُ ٻارهين بجي اچي، کيس اتان وٺي وڃي. مـِـتيا هن وعدي تي نهايت خوش ٿيو. هن سمجهيو ته هوُ جيڪڏهن سامسونوف وٽ آهي، ته ڪڏهن به فيودورپاولووچ وٽ نه ويندي. پر هنُ يڪدم هيءُ به چئي ڏنو، ته جيڪڏهن هنُ ڪوڙ نه ڳالهايو آهي ته ..... پر هن خيال ڪيو ته هن ڪوڙ نه ڳالهايو هو.
هوُ اُن ساڙيلي قسم جي ماڻهن مان هو، جي پنهنجي محبوب عورت جي غير حاضريءَ ۾ خطرناڪ خيالن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. ۽ اُن جي لاءِ طرحين طرحين گمان آڻيندا آهن، ته هوءَ ڪيئن، نه کين فريب ڏئي رهي آهي، پر جڏهن هـُـو لـُـڏندي لمندي، دل شڪسته ٿي سندس وفاداريءَ کان متاثر ٿيندا آهن، ته وري اُن ڏي ڊوڙي پوندا آهن. هنُ جي چهري ۾ پهرين ئي نگاهه سان، سندس مسرت ڀري،کلندڙ ۽ نياز منداڻي چهري کي ڏسي، هوُ هڪدم خيالن کي ڦيرائيندا آهن، سڀني شڪ ۽ شبهن کي پري رکي، پاڻ کي ملامت ڪندا آهن، ته هنن اهڙي قسم جي ساڙ جو ڇو مظاهرو ڪيو هو.
گروشينڪا کي دروازي وٽ ڇڏي، هوُ گهر ڏي تڪڙو تڪڙو موٽيو. کيس هن ڏينهن تي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو. ڪيئن به هوُ، سندس دل تان بار لهي چڪو هو.
”هاڻي مون کي تڪڙ ڪرڻ کپي ۽ سميرڊياڪوف کان معلوم ڪرڻ گهرجي، ته گذريل رات ڇا وهيو واپريو؟ هوءَ ڪنهن طريقي سان فيودورپاولووچ وٽ وئي يا نه؟ اُف!“ هيءُ خيال هئا جي سندس دل تي تري رهيا هئا.
ايتري وقت ۾ جو، هوُ گهر پهچي وڃي، رقيباڻن خيالن سندس بي قرار دل کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو.
”رقابت! آ ٿيلو(1) کي ڪو به حسد نه هو، پر کيس ته اعتماد هو.“ پشڪن جو اهو قول آهي. هيءَ راءِ ڪافي آهي جا ڏيکاري ٿي، ته اسان جو عظيم شاعر ڪيڏو نه بالغ نظر هو. آٿيلو جو قلب ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو هو ۽ سندس نقطهِّ نگاهه تي بادل ڇانئجي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته سندس مقصد برباد ٿي چڪو هو، پر آٿيلو ڪڏهن به نه لڪيو هو، نه جاسوسي ڪئي هئائين، نه وري جهاتيون پاتيون هئائين. اُن جي برعڪس کيس گمراهه ڪيو ويو، اڳتي ڌڪيو ويو. انهيءَ کان اڳي جو هوُ فريب کي سمجهي سگهي، کيس بيحد جوش ڏياريو ويو. سچو پچو حاسد اِيئن نه ٿيندو آهي. اهو نهايت مشڪل آهي، ته اهڙي ماڻهوءَ جي اخلاقي ڪوتاهي ۽ شرمندگيءَ جي تصوير ڪڍي وڃي، جو حاسد انسان جي حيثيت ۾ ضمير جي ڪمزوريءَ جي باعث پـَـستيءَ ڏي لهي اچي. اِيئن به نه آهي ته محبت جو هر حاسد بيهودو ۽ بدنام دل جو مالڪ آهي، پر اُها مٿانهين شخصيت، جنهنجي محبت پاڪ ۽ خود قربانين سان ڀريل آهي، مجبور ٿي ميزن جي هيٺان به لڪي ٿو ۽ بد ترين ماهن کي رشوت ڏئي ٿو. هوُ جاسوسي جي ذليل حرڪت ۽ ڪـَـن ڏيئي، بيهي ٻڌڻ جي عادت سان هري وڃي ٿو.
آٿيلو،! هن ڪڏهن به نه ٿي چاهيو، ته پنهنجي اندر ۾ بي اعتباريءَ کي جاءِ ڏي. نه وري هن اهو چاهيو ٿي، ته انهن ڳالهين کي هوُ معاف ڪري ڇڏي. پر کيس اِيئن مجبوراً ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ سندس روح ّمعصوم هو ۽ ننڍي ٻار وانگر خرابين کان پاڪ. هيءُ ڳالهيون سچي پچي حاسد ماڻهوءَ سان لاڳو نه هونديون آهن. اهو نهايت ڏکيو آهي، جو ويهي خيال ڪجي ته ڪي حاسد ماڻهوءَ ڪهڙا بـُـرا خيال دل ۾ رکن ٿا، ڪهڙن خيالن کي ڇڏي ڏين ٿا ۽ ڪهڙن خيالن کي معاف ڪن ٿا. حاسد ماڻهو معاف ڪرڻ ۾ به اُٻهرا هوندا آهن ۽ اها سڀني عورتن کي خبر هوندي آهي. حاسد غير معمولي تڪڙ سان معاف ڪندو آهي (جيتوڻيڪ گهڻي جنجال ۽ وحشت انگيزيءَ کان پوءِ ). هوُ اُن خيانت کي به بخشي ڇڏيندو آهي، جا ذري گهٽ ثابت به هوندي آهي. هـُـو پيار ۽ محبت جي عمل کان، جو کيس ٻي ڌر کان حاصل ٿئي ٿو، ڪيئن به هجي، هوُ متاثر ٿئي ٿو، ته هيءُ سڀ آخري طور ٿي گذريو آهي ۽ سندس رقيب غائب ٿي دنيا جي ٻئي ڇيڙي تي پهچي ويو آهي ۽ وري نظر نه ايندو، يا هوُ پنهنجي محبوبا کي اهڙي جاءِ تي وٺي وڃي ٿو، جتي هو خطرناڪ رقيب، اُن جي ويجهو اچي ئي نه سگهندو، پر اهو ٺاهه ۽ پرچاءُ فقط ڪلاڪ لاءِ هوندو آهي. ڇو ته سندس رقيب ٻئي ڏينهن تي ڇو نه غائب ٿي وڃي، پر هوُ وري ڪو نئون رقيب پيدا ڪندو آهي ۽ وري اُن تي حسد ڪرڻ شروع ڪندو آهي. واقعي هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، ته اهڙي محبت جي لاءِ ڇا چئجي، جنهن جي نگراني ڪئي وڃي. اُن محبت جي ڪهڙي قيمت آهي، جنهن جي سختيءَ سان نگهباني ڪئي وڃي. پر حاسد هن کي ڪڏهن به نه سمجهندو، پر اُن هوندي به هنن ۾ شاندار دل واريون شخصيتون به ٿين ٿيون. هيءَ به ڏسڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هيءُ شاندار دلين جا مالڪ، اسان کي ڪنهن الماريءَ جي پويان، لڪيل جاسوسي ۽ ڪن ڏيڻ ۾ مشغول نظر ايندا. کين اُن وقت ضمير تي ڪو به ڏنگ لڳندي نظر نه ايندو. ڪيئن به هجي هوُُ پنهنجي شاندار دلين جي هوندي، هن شرمندگي جي اونهائيءَ کي سمجهندي به، اُن ۾ غرق نظر ايندا. هي سڀ محبت جو ڪرشمو آهي.
گروشينڪا کي ڏسندي مـِـتيا جي رقابت جو خيال مٽجي ويو ۽ ٿوري وقت لاءِ ، هوُ اعتماد وارو ۽ سنجيده بڻجي ويو. پاڻ کي هن بڇڙن خيالن لاءِ ملامت ڪرڻ لڳو. پر هن حقيقت فقط هيءُ ثابت ڪيو ته عورت جي محبت ۾ سندس ڪو مٿانهون عنصر شامل آهي، جو سندس سمجهه کان گهڻو مٿي هو. اُن ۾ نه نفساني خواهشون هيون نه بدن جي گولائي، جن جي بابت هن اليوشا سان ذڪر ڪيو هو، پر جيئن ئي گروشينڪا وٽانئس هلي وئي، مـِـتيا سندس بي وفائي ۽ بد ترين فريب جي اُٿندڙ شڪ ۽ شبهن تي سوچيندو رهيو، مگر هاڻي هن پنهنجي ضمير تي ڪوبه ڏنگ لڳندي محسوس نه ڪيو.
اهڙيءَ ريت حسد وري سندس اندر ۾ باهه ٻارڻ شروع ڪئي، کيس ڪنهن به حالت ۾ تيزيءَ کان ڪم وٺڻو هو. پهرين ڳالهه جا کيس ڪرڻي هئي، سا هئي ته کيس ٿوري ئي رقم ڪنهن به طرح عارضي طرح حاصل ڪرڻي هئي. وٽس جي نـَـوَ روبل هئا، سي سندس سفر ۾ خرچ ٿي چڪا هئا ۽ اسان ڄاڻون ٿا، ته پيسي کان سواءِ ، ڪو به ماڻهو هڪ قدم به کڻي نه ٿو سگهي. پر هنُ گاڏيءَ ۾ اهو خيال ڪيو ته هوُ پيسو ڪٿان حاصل ڪري سگهندو. وٽس هڪ عمدو پستول هو، مياڻ جي اندر موجود هو. هنُ اُن کي اڃا تائين گروي نه رکيو هو، ڇو ته سڄي ملڪيت کان وڌيڪ هوُ اُن کي پيارو گهرندو هو.
”ميٽروپولس ” جي شرابخاني ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندس هڪ نوجوان آفيسر سان گڏجاڻي ٿيندي هئي. هنُ سمجهي ورتو هو ته اُن نوجوان ڪنواري آفيسر کي هٿيارن سان ڏاڍو شوق هو. هو هميشھ پستول، ريوالور ۽ خنجر خريد ڪندو رهندو هو، جي سندس ڪمري جي ديوارين تي لڙڪندا ٿي رهيا ۽ سندس واقفيت جي شاهدي ڏيندا ٿي رهيا. هـُـن انهن شين تي فخر ٿي ورتو ۽ ريوالور جي مشين جو خاص طرح ماهر هو. مـِـتيا وڌيڪ غور ڪرڻ کان سواءِ ، هڪدم وٽس لنگهي ويو ۽ ڏهه روبل ۾ وٽس ريوالور گروي رکڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪيائين. آفيسر هيءَ ٻڌي نهايت خوش ٿيو ۽ کيس وڪڻڻ جي لاءِ آڇ ڪيائين، مگر مـِـتيا قبول نه ڪيو. نوجوان آفيسر کيس ڏهه روبل ڏنا ۽ کيس چيائين ته اُن لاءِ ڪوبه وياج نه ورتو ويندو. هوُ دوستاڻي نموني هڪ ٻئي کان جدا ٿيا.
ـِـتيا نهايت تڪڙ ڪرڻ ٿي چاهي، هوُ تڪڙو تڪڙو پٺئين رستي کان فيودورپاولوچ ڏانهن روانو ٿيو. هن ان وڻن ۽ ولين جي ڪنڊ ڏانهن، هن مقصد سان وڃڻ ٿي گهريو، ته هوُ سميرڊياڪوف کي جيتري قدر جلد ٿي سگهي اُن کي هٿ ڪري. اهڙي موقعي تي هن حقيقت جو بنياد رکيو ويو، ته ٽي يا چار ڪلاڪ اڳ ۾ مـِـتيا وٽ پائي به نه هئي، پر ڪنهن اهڙي واقعي جي باعث، جنهن جو ذڪر مان پوءِ ڪندس، اُهو شخص جو پنهنجي قيمتي شيءِ کي ڏهه روبل ۾ گروي پيو رکي، هاڻي هزارن جو مالڪ هو....... مان پيش بنديءَ کان ڪم وٺي رهيو آهيان. ماريا ڪنڊيٽريوونيا (اُها عورت جا فيودورپاولوچ جي ويجهو ٿي رهي) کان کيس سميرڊياڪوف جي علالت جي پريشان ڪندڙ خبر ملي. هن کان کيس معلوم ٿيو، ته هو ڪهڙيءَ ريت ماڙيءَ جي حجري مان ڪري پيو هو ۽ ڪيئن بيهوش رهيو ۽ وٽس ڪهڙي ريت ڊاڪٽر آيو. فيودورپاولوچ کي ڪيڏو نه ان جو انتظار هو. هن وڏي دلچسپيءَ سان هن ذڪر کي ٻڌو ته سندس ڀاءُ ساڳي صبح جو ماسڪو روانو ٿي ويو آهي.
دمتريءَ خيال ڪيو، ته ”انهيءَ جي معنيٰ اها آهي ته هوُ مون کان اڳ ۾ ولوويا جي اسٽيشن تي پهتو هوندو.“ پر کيس سميرڊياڪوف جي حالت بابت وڏي پريشاني هئي. ”هاڻي ڇا ٿيندو؟ منهنجي لاءِ هاڻي ڪير نگهباني ڪندو؟ ۽ مون کي ڪير خبرون ٻڌائيندو“ هوُ خيال ڪرڻ لڳو. هوُ هٻـڇ مان اُن عورت کان سوال ڪرڻ لڳو، ته هنُ اڳئين شام تي ڪو نئون واقعو به ڏٺو هو. هن عورت چڱيءَ ريت سندس سوالن جو مقصد پئي سمجهيو، ته هوُ ڪهڙي ريت کانئس اصل مطلب ڪڍائڻ ٿو گهري. هنُ کيس مڪمل طرح يقين ڏياريو، ته اُن شام جو ڪو به گهر ۾ ڪو نه آيو هو. ايون فيودورپاولووچ سڄي رات گهر ۾ هو ۽ سڀ ڪجهه معمول وانگر هيو، جيئن هوندو آهي. مـِـتيا خيالن ۾ پئجي ويو. هن خيال ڪيو ته اڄ کيس پوري ريت جاچ رکڻ گهرجي، پر ڪٿي؟ سامسونوف جي دروازي تي؟ هنُ فيصلو ڪيو ته هو هـِـتي ۽ هـُـتي ٻنهي جاين تي پنهنجي نگهباني قائم رکندو. ساڳي وقت کيس هيءَ به مشڪل هئي، ته پنهنجي نين رٿن کي، جي هن سفر ۾ سوچيون هيون، عملي جامو پهرائي. کيس پنهنجي ڪاميابي جو يقين هو، پر پنهنجي عمل ۾ دير نه وجهي. مـِـتيا فيصلو ڪيو، ته هوُ ان جي لاءِ هڪ ڪلاڪ جي قرباني ڪندو. ”هڪ ڪلاڪ جي اندر مان سڀ ڪجهه ڪري وٺندس ۽ سڀ ڪجهه ٿي ويندو. اُن کان پوءِ سامسونوف ڏي هليو ويندس. اُتان پڇا ڪندس ته گروشينڪا اُتي آهي ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ ۾ موٽي ايندس ۽ وري سامسونوف جي گهر يارهين بجي وڃي، کيس پنهنجي گهر پهچائي ايندس.“ هيءُ پروگرام هو، جو هن پنهنجي دل ۾ رٿيو هو.
هوُ گهر ڏي تيزيءَ سان ويو. وهنجي، وارن کي ڦڻي ڏنائين، ڪپڙن کي صاف ڪيائين ۽ انهن کي پهري بيگم هائلڪوف ڏانهن ويو. افسوس! هن پنهنجن اميدن کي مٿس رکيو. هن فيصلو ڪيو هو ته هوُ کانئس ٽي هزار روبل قرض طور وٺندو. هـُـن اوچتو هي به محسوس ڪيو ته هوءَ کيس قرض ڏيڻ ۾ ڪڏهن به انڪار نه ڪندي. شايد هن تي عجب جو اظهار ڪيو وڃي ته جڏهن کيس اهڙي به پڪ هئي، ته ڇو نه پهريائين اُن ڏي ٿي ويو. هوءَ اُن جهڙي هئي، جنهن سان ڳالهائڻ ۾ کيس آساني به هئي، به نسبت سامسونوف جي، جنهن سان سندس ڪابه واقفيت ڪانه هئي ۽ نه وري سندس ڪوفي مان به هو. کيس اها به خبر ڪانه هئي، ته ساڻس ڪهڙي ريت گفتگو ڪري؟
پر هيءَ حقيقت هئي، ته هو بيگم هائلڪوف کي به چڱي ريت نه سڃاڻندو هو ۽ گذريل مهيني ۾ ته هو ساڻس مليو به نه هو. اُن کان سواءِ هن ڄاتو ٿي ته هوءَ ڪڏهن به کيس برداشت نه ڪري سگهندي. هوءَ کيس بري نظر سان ڏسي رهي هئي، ڇو ته هو پهريائين ڪيٽرينا ايونونا سان مڱيل هو ۽ هوءَ ڪن سببن جي ڪري هن ڳالهه ڏي مائل هئي، ته ڪيٽرينا کيس ڦٽو ڪري ڇڏي ۽ ايون جهڙي خوبصورت، مردانه خصلتن جي مالڪ ۽ وضعدار سان شادي ڪري. مـِـتيا جي لڇڻن کي هوُ نفرت سان ڏسي رهي هئي. مـِـتيا مٿس کلندو هو ۽ کيس هڪ ڏينهن چئي ڏنو هئائين، ته ”هوءَ ايتري ئي حسين آهي، جيتري غير تهذيب يافته آهي.“ پر اُن صبح جو گاڏيءَ ۾ هڪ عجيب خيال پيدا ٿيو هو، ته ”جيڪڏهن هوءَ ايتري منتظر آهي ته مان ڪيٽرينا سان شادي نه ڪريان (ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته ان ڳالهه جو کيس جنون آهي) پوءِ کيس ٽن هزارن کان ڇو انڪار ڪرڻ گهرجي، هوُ مون کي ٽي هزار روبل ڏيئي، انهيءَ جي قابل بڻائيندي، ته مان ڪيٽرينا کي ڇڏي ڏيان ۽ کانئس هميشھ لاءِ دور ٿي وڃان. هيءُ غلاظت ڀريون حسين بيگمون، جڏهن ڪنهن چيز تي دل رکنديون آهن، ته اُن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به خرچ جي پرواهه نه ڪنديون آهن. اُن کان سواءِ هوءَ ڪافي شاهوڪار آهي.“ مـِـتيا هيءُ به دليل ڏنو.
سندس رٿ اِيئن کڻي چئجي، ته اڳين جهڙن وانگر هئي. اهائي رٿ، جنهن موجب هن پنهنجي حقن جي آڇ شرماشينا جي لاءِ پيش ڪئي هئي. پر هن ۾ ڪوبه تجارتي مقصد ڪونه هو، جيئن سامسونوف جي حالت ۾ هو. هنُ اها ڪوشش نه ٿي ڪئي، ته هو اُن بيگم کي لالـچ ڏئي، ته کيس ستن اٺن هزارن جو فائدو ٿيندو. فقط قرض جي ضمانت. جيئن هوُ هن خيال تي غور ڪندو رهيو، هو خوشيءَ سان ڀربو ويو. جيئن هميشھ هوُ اهڙين حالتن تي اظهار ڪندو رهندو هو، جي ناگهاني طور منجهس پيدا ٿينديون رهنديون هيون. هوُ هرهڪ خيال وٽ وڏي جوش واري خوشيءَ مان پاڻ کي سپرد ڪندو ٿي رهيو. پر جڏهن هو بيگم هائلڪوف جي گهر جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو ته هن محسوس ڪيو، ته سندس پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ خوف جي ڏڪڻي پيدا ٿي آهي. اُن وقت هـُـن ڏٺو، ته حسابي انداز سان هيءَ سندس آخري ڪوشش آهي. جيڪڏهن سندس هيءَ اميد به پوري نه ٿي، ته پوءِ دنيا ۾ هن جي لاءِ ٻي ڪا به شيءِ نه رهي هئي، انهيءَ کان سواءِ ته هو خون ۽ ڌاڙي سان ٽي هزار روبل گڏ ڪري سگهي. اُن وقت ساڍا ست ٿيا هئا، جو هن گهنڊڻي وڄائي.
پهريائين ته بخت ڄڻ مٿس مشڪي رهيو هو. جيئن ئي کيس گهرايو ويو، سندس مرحبا غير معمولي طرح ٿي. ”ڄڻ ته هوءَ سندس انتظار ۾ هئي. مـِـتيا اهو خيال ڪندي، ملاقات جي ڪمري ۾ گهڙيو. کيس ڏسندي گهر جي مالڪياڻي ڊوڙي پئي ۽ هن ظاهر ڪيو ته هوءَ ان جي انتظار ۾ هئي.“
”مان توکي ياد ٿي ڪيو، مان توکي ياد ٿي ڪيو.“ جيتوڻيڪ مون کي اِيئن وسهڻ لاءِ ڪوبه سبب ته نه هو، تون پاڻ به ان کي سمجهي سگهين ٿو. پر ان هوندي به مون کي تنهنجي اچڻ جي اميد هئي. دمتري فيودورووچ تون شايد منهنجي هن حقيقت کي ڪرامت سمجهين، پر مان صبح کان وٺي، تنهنجي آمد جي پئي ٿي اميد رکي.“
”واقعي هيءَ عجب جهڙي حقيقت آهي،بيگم ” مـِـتيا کيس عاجزاڻي طرح چيو. ”پر مان تو وٽ ضروري ڪم سان آيو آهيان.......... پر هيءُ نهايت ضروري ڪم آهي بيگم....... اهو منهنجو شخصي آهي......... ۽ مان تيزيءَ سان آيو آهيان.....“
مان ڄاڻان ٿي، دمتري فيودورپاولووچ ته تون نهايت ضروري ڪم سان آيو آهين. هيءَ ڪا الهامي شيءِ يا معجزو نه آهي، (مربي زوسيما لاءِ ڪجهه ٻڌو اٿيئي؟) جو مون کي اوهان جي اچڻ جي خبر پئي، بلڪ هيءُ هڪ رياضي جو دليل آهي. ڪيٽرينا ايونونا سان جو ڪجهه گذريو. ان کان پوءِ تون پاڻ کي هيڏي اچڻ کان روڪي ئي نه ٿي سگهين. انهيءَ ۾ ئي رياضي جي صداقت آهي.
”بيگم روزمره جي زندگيءَ جي اهائي حقيقت آهي، بس. مگر مون کي اجازت ڏي، ته مان ان جي تشريح ڪريان.“
هائو دمتري فيودورپاولووچ! اها ئي عين حقيقت آهي. مان به هاڻي اصل حقيقت جي پيروي جي طلبگار آهيان. معجزن ڏي ويندي، مان پڻ عبرت جو سبق حاصل ڪيو آهي. تو کي خبر آهي ته مربي زوسيما گذاري ويو.
دمتري ٿورو متاثر ٿيندي کانئس پڇيو، ته ”نه بيگم، ڇا هوُ گذاري ويو؟ هيءَ پهريائين اوهان کان ٿو ٻڌان.“ مـِـتيا عجب ۾ پئجي ويو ۽ اليوشا جو عڪس سندس دل ۾ اُٿڻ لڳو.
”ڪالهه رات ۾ اوهان خيال ڪيو ته......“
مگر دمتري سندس جملي کي ڪاٽي، چوڻ لڳو ته ”بيگم، مان هن کان سواءِ ٻيو خيال ئي نه ڪيو هو، ته مان خود نااُميديءَ جي حالت ۾ آهيان ۽ جيڪڏهن تون مون کي مدد نه ڪندين، ته منهنجو سڀ ڪجهه غم ۾ بدلجي ويندو. مان انهن کان اڳ ۾ تباهه ٿي ويندس. مان توکان پنهنجي هن گفتگو جي لاءِ معافي ٿو گهران. پر اوهان کي خبر هجي ته مون کي بخار آهي.“
”مون کي خبر آهي، ته توکي بخار آهي. مان سڀني حالتن جي نشيب ۽ فراز کان آگاهه آهيان. تون مون کي جو ڪجهه چوڻ گهرين ٿو، اُن کان به باخبر آهيان. مان گهڻي وقت کان وٺي تنهنجي عاقبت تي ويچاريندي رهي آهيان. مان تنهنجي حالتن تي نگاهه به وجهندي رهان ٿي ۽ مطالع به ڪندي رهان ٿي. فيودورووچ توکي هي خبر هئڻ کپي، ته مان روح جي تجربيڪار طبيب آهيان.“
”بيگم، جيڪڏهن تون تجربي ڪار طبيب آهين، ته مان به تجربي ڪار مريض آهيان.“ مـِـتيا پنهنجي گفتگو ۾ ڪوشش ٿي ڪئي ته هو حليمت کي اختيار ڪري. ”مون کي احساس ٿو ٿئي، ته جيڪڏهن تون اهڙيءَ ريت منهنجي قسمت جي نگراني ٿي ڪرين ته تون ضرور منهنجي بربادي ۾ مون سان مدد ڪندينءَ، اُن ڪري مون کي اجازت ڏي ته گهٽ ۾ گهٽ تنهنجي اڳيان مان پنهنجي رٿ جي سمجهاڻي ڏيان، جنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ تو وٽ پنڌ ڪري آيو آهيان....... ۽ مون کي تو ۾ ڪهڙي اميد آهي...... بيگم توکي سمجهائڻ لاءِ آيو آهيان.“
اُن جي تشريح نه ڪر، اها ثانوي ضرورت آهي. جيستائين مدد جو سوال آهي، تون ڪو پهريون نه آهين، جنهن جي مان مدد ڪريان ٿي. مان سمجهان ٿي، تو ضرور منهنجي سوٽ بيگم بيلميسوف بابت ٻڌو هوندو. سندس مرد تباهه ٿي ويو هو، هوُ تڪليف ۾ اچي ويو هو، جيئن تون. مان کيس صلاح ڏني، ته هو گهوڙن جي پرورش ڪري. هاڻي هوُ خوشحال آهي. دمتري فيودورپاولووچ توکي گهوڙن جي پرورش جو خيال چڱو لڳي ٿو.
مـِـتيا پنهنجي ذهني بيصبريءَ کان پريشان ٿي، پنهنجي جاءِ کان اُٿي بيٺو ۽ واڪو ڪري چيائين، ته ”همٿ هارڻ نه گهرجي بيگم، همٿ هارڻ نه گهرجي. مان توکي عرض ڪريان ٿو ته تون فقط منهنجي حقيقت کي ڌيان ڏيئي ٻڌ. مون کي آزاد گفتگو لاءِ فقط ٻه منٽ ڏي، ته جيئن مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان. سڄي ئي رٿ، جنهن کي کڻي مان تو وٽ آيو آهيان. اُن کان سواءِ مون کي تمام ٿورو وقت آهي. مون کي نهايت جلدي آهي.“ مـِـتيا جنوني ڪيفيت ۾ واڪا ڪندو رهيو. هن محسوس ٿي ڪيو، ته هوءَ وري ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندي، جنهن کي هن ٿوري ۾ ئي قطح ڪرڻ گهريو ٿي. ”مان نااُميديءَ ۾ تو وٽ آيو آهيان. اها منهنجي آخري نااُميدي آهي. مان توکي عرض ٿو ڪريان، ته مون کي ٽي هزار روبل قرض ڏي. جنهن جي لاءِ مان نهايت سلامتي واري ضمانت ڏيڻ گهران ٿو بيگم. جنهن جي لاءِ مان اعتبار جهڙو يقين ڏيارڻ گهران ٿو. مون کي فقط تشريح ڪرڻ ڏي......“
”تون مون کي هي سڀ ڪجهه پوءِ ٻڌائجانءِ “ بيگم هائلڪوف جهٽڪي سان اِيئن چوندي، پنهنجي واري تي سندس خاموشي ٿي چاهي. ”تون جو ڪجهه مون کي ٻڌائيندينءَ، مان اُن کي اڳ ۾ ئي ڄاڻان ٿي. مان توکي اهو اڳ ۾ به ٻڌايو آهي. تو ڪنهن رقم جي گهر ڪئي آهي، ٽي هزار روبل جي لاءِ ، پر مان توکي وڌيڪ ڏينديس. اندازي کان وڌيڪ. مان توکي بچائي وٺنديس، دمتري فيودورپاولووچ، پر تون مون کي ڌيان سان ٻڌ.“
مـِـتيا وري پنهنجي جاءِ تان اُٿڻ لڳو.
”بيگم، سچ پچ تون ايڏي مهربان ٿيندين؟“ عجيب جذبي سان هن رڙ ڪري چيو. ”خدايا! تو مون کي هڪ خطرناڪ موت کان بچائي روتو آهي. هڪ گوليءَ کان..... جنهن لاءِ منهنجي دائمي شڪرگذاريءَ کي قبول ڪر......“
”مان توکي وڌيڪ ڏينديس، بيحد گهڻو، ٽن هزارن کان مٿي.“ بيگم هائلڪوف روشن مشڪ سان مـِـتيا جي پريشاني کي ڏسندي زور سان چيو.
”بي حد، پر مون کي وڌيڪ ضرورت نه آهي. مون کي انهن بد بخت ٽن هزارن جي ضرورت آهي. پنهنجي طرفان مان انهن پيسن جي ضمانت شڪرگذاريءَ سان ڏيان ٿو. مان پنهنجي طرفان هڪ رٿ ڏيان ٿو، جا.......“
”ڪافي آهي دمتري فيودورپاولووچ، جنهن چيو تنهن ڪيو.“ بيگم هائلڪوف سندس جملي کي قطع ڪندي چيو، جنهن ۾ شرميلي سخاوت جي خوشي ٿي ڏٺي. ”مان واعدو ڪيو آهي، ته توکي بچائي وٺنديس ۽ مان توکي بچائينديس، جهڙي ريت بيلميسوف کي بچايو هيم. دمتري فيودورپاولووچ، سون جي کاڻين لاءِ تون ڇا ٿو خيال ڪرين؟“
”سون جون کاڻيون بيگم، مان انهن جي بابت ڪڏهن به نه سوچيو آهي.“
”پر مان انهن کي تنهنجي لاءِ سوچيو آهي. مان ورائي ورائي سوچيو آهي. مان گذريل مهيني کان تنهنجي نگراني ڪندي رهي آهيان. تون جيئن گهمندو لنگهيو آهين، مان توکي سوين ڀيرا ڏسندي رهي آهيان ۽ پاڻ کي خطاب ڪندي رهي آهيان، ته هن ماڻهو ۾ اُهي صلاحيتون آهن، جو سون جي کاڻين ۾ هجي. مان تنهنجي هلڻ جي انداز جو مطالعو ڪيو آهي ۽ هن نتيجي تي پهتي آهيان، ته هيءُ ئي ماڻهو آهي، جو سون کي ڳولهي لهندو.“
”منهنجي هلڻ جي انداز مان بيگم؟“ مـِـتيا مشڪندي چيو.
”هائو تنهنجي هلڻ جي انداز مان. تون هن کان انڪار نه ڪندين ته هلڻ جي انداز مان انسان جي ڪردار کي معلوم ڪري سگهجي ٿو. سائنس هن خيال جي تائيد ٿي ڪري. مان هاڻي سائنس ۽ حقيقت پسنديءَ جي معتقد آهيان. هيءَ سڄي تبديلي مربي زوسيما جي باعث آهي، جنهن مون کي منجهائي ڇڏيو آهي. مان اُن ڏينهن کان حقيقت پسند بڻجي وئي آهيان، ۽ مان آئندهه عملي مفاد جي شين لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي اصلاح ٿي چڪي آهي. ڪافي آهي، جيئن ترگنيف چيو آهي.“
”پر بيگم، تو وڏي مهربانيءَ سان مون کي ٽي هزار روبل قرض ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.....“
”دمتري فيودورپاولووچ، اهي تنهنجا آهن، بيگم وري به سندس گفتگو کي قطع ڪندي چيو. پيسا ڄڻ تنهنجي کيسي ۾ پيا آهن. ٽي هزار نه، پر ٽيهه لک! سي به تمام ٿوري وقت ۾. مان توکي هن ڪم جو خاڪو پيش ڪنديس. تون سون جي کاڻين کي دريافت ڪر ۽ لکين روبل گڏ ڪري موٽي اچ ۽ وڏو ماڻهو بڻجي وڃ. اسان کي جاڳاءِ ۽ عمدن ڪمن جي طرف وٺي وڃ. ڇا اسان هي سڀ ڪجهه يهودين کي ئي ڏيئي ڇڏيون؟ تون علمي ادارن جو بنياد رک ۽ سڀني خير جي ڪمن ۾ بهرو وٺ. تون غريبن کي مدد ڪري سگهندين ۽ هوُ توکي دعائون ڏيندا. هيءَ ريلوي جو زمانو آهي فيودورپاولووچ. تون مالي محڪمي جو لازمي طرح رڪن بڻجي ويندين، جو هاڻي بري حالت ۾ آهي. تون مشهور ٿي ويندين. روبل جي قيمت جي گهٽجڻ سبب اڪثر مان راتين جو جاڳندي آهيان. ماڻهن کي منهنجي هن پاسي جي خبر ئي نه آهي......“
”بيگم، بيگم ” دمتريءَ سخت اضطراب جي حالت ۾ وچ ۾ دخل ڏيئي چيو، ته ”مان سچ پچ اوهان جي مشوري تي هلندس. اوهان جي نيڪ صلاح تي بيگم..... مان سون جي کاڻين ڏانهن روانو ٿي ويندس........ مان هن ڳالهه جي لاءِ وري اوهان سان اچي ملندس..... ڪيئي ڀيرا سچ پچ...... پر هاڻي اُهي ٽي هزار روبل جي اوهان وڏي مهربانيءَ سان مون کي ڏيڻا ڪيا آهن......... اُهي مون کي تڪليف کان آزاد ڪندا، پر جيڪڏهن اُهي اڄ ڏئين ته...... تون ڏسين ٿي ته مون وٽ منٽ به وڏو آهي ۽ مان اڄ هڪ منٽ به وڃائڻ نه ٿو گهران.....“ ”بس بس دمتري فيودورپاولووچ بس!.“ بيگم هائلڪوف، پنهنجي جملي تي زور ڏيندي تپي پئي. ”سوال اهو آهي ته تون سون جي کاڻين ڏي ويندين يا نه؟ تنهنجو ارادو آهي به يا نه؟ جواب ڏي هائو يا نه؟“
”بيگم مان ڪجهه وقت کان پوءِ ويندس..... مان اوڏانهين ويندس، جيڏانهن تون چاهين ٿي.... پر هاڻي...“
””ترس“، بيگم هائلڪوف رڙ ڪري چيو ۽ ٽپو ڏيئي، پنهنجي دلڪش الماريءَ ڏانهن وئي، جنهن ۾ ڪيترائي خانا هئا. هوءَ هڪ خاني جي پويان ٻيو خانو کوليندي وئي. جن ۾ نااُميديءَ جي حالت ۾ ڪجهه ڳولهيندي رهي.
”ٽي هزار روبل“ مـِـتيا خيال ڪيو. سندس دل ڄڻ ته بيهڻ لڳي هئي... ”هيءُ سڀ ڪجهه هن ئي گهڙيءَ ۾ ....... سواءِ ڪنهن ڪاغذ ۽ قبوليت جي! واقعي هيءَ وڏي وضعداري آهي. هيءَ ته عجيب نيڪ عورت آهي، پر جيڪڏهن منجهس گهڻي ڳالهائڻ جي عادت نه هجي.“
”هيڏي ” بيگم هائلڪوف کيس رڙ ڪري چيو. هوءَ خوشيءَ مان وري مـِـتيا ڏي ڊوڙي آئي. ”اجهو هيءَ شيءِ هئي، جنهن کي مون ڳولهيو ٿي!“
هيءُ هڪڙو چانديءَ جو ننڍڙو مجسمو هو، جو هڪ ڌاڳي ۾ پوتل هو. اهو اهڙي قسم جو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن صليب سان گڏ پهريو ويندو آهي.
”هي ڪيف جي شهر مان آيو آهي، دمتري فيودورپاولووچ“. هوءَ بزرگن وانگر ڳالهائيندي وئي. مقدس شهيد واراويرا جي نشانين مان آهي. مان اُن کي تنهنجي ڳچي ۾ وجهان ٿي، جنهن کان تنهنجي نئين حياتيءَ جو آغاز ٿئي ٿو.“
هن سچ پچ اُهو ڌاڳو سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ اُن کي ٺاهڻ لڳي. مـِـتيا انتهائي بي صبريءَ ۾، هيٺ جهڪيو ۽ کيس مدد ڪرڻ لڳو. آخر هن اُن کي نيڪٽاءِ جي هيٺان آندو ۽ قميص جي ڪالر کان هيٺ سيني ڏي وڌائي ڇڏيائين.
”هاڻي تون ڀلي وڃ ” بيگم هائلڪوف اِيئن چوندي بيحد خوشيءَ مان وري پنهنجي جاءِ تي ويهندي چيو.
”بيگم، مان توهان کان بيحد متاثر ٿيو آهيان. مان نه ٿو ڄاڻان ته ڪهڙي ريت توهان جو شڪريو ادا ڪريان..... سچ پچ.... تنهنجي ايڏي مهرباني لاءِ ، پر....... جيڪر توهان کي خبر هجي ها، ته منهنجو وقت ڪيڏو نه قيمتي آهي..... رقم جنهن جي لاءِ مان اوهان جي مهربانين جو مقروض ٿي رهندس.... بيگم جيئن ته تون مون تي بيحد مهربان آهين ۽ منهنجي احساس کان به وڌيڪ (مـِـتيا بي اختياريءَ مان ڳالهائيندو ويو.) مان اُن ڪري تو وٽ ظاهر ڪرڻ گهران ٿو..... جيتوڻيڪ تون اُن کي گهڻي وقت کان ڄاڻين ٿي...... ته مان هتي ڪنهن سان محبت ڪريان ٿو..... مان ڪيٽيا سان بي وفائي ڪئي آهي....... مون کي کيس ڪيٽرينا ايونونا چوڻ گهرجي. افسوس منهنجي روش ساڻس انسانيت سوز ۽ بي عزتيءَ واري رهي آهي. مان هتي ڪنهن ٻي عورت جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪو آهيان..... اُها عورت، جنهن کي بيگم اوهان نفرت جي نگاهن سان ٿا ڏسو. ڇاڪاڻ ته اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي. پر مان اُن کي پنهنجي طرف کان ڇڏي نه ٿو سگهان. اُن ڪري ٽي هزار هاڻي......“
بيگم هائلڪوف نهايت فريبي نموني ۾ چوڻ لڳي، ته ”دمتري فيودورپاولووچ سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏي. خاص طرح عورت کي. تنهنجي نگاهه جو مرڪز سون جون کاڻيون هئڻ گهرجن. اهڙي حالت ۾ اتي ڪنهن به عورت جو مقام ٿي نه ٿو سگهي. پوءِ جڏهن تون مشهور ۽ شاهوڪار ٿي موٽندين، پنهنجي دل موافق ڪنهن مٿانهين سماج واري ڇوڪريءَ کي انتخاب ڪجانءِ . اُها هڪ جديد قسم جي ڇوڪري هوندي. تعليم يافته ۽ خيالن ۾ ترقي پذير. ايندڙ دور ۾ جديد عورتن جو سوال حل ٿي ويندو ۽ جديد عورت پيدا ٿي ويندي.“
”بيگم، منهنجو خيال اهو نه آهي، ڪڏهن به نه ....“ مـِـتيا پنهنجي هٿن کي نااُميديءَ ۾ مهٽيندو رهيو.
هائو دمتري فيودورپاولووچ، اهو ئي خيال آهي، جنهن جي توکي گهرج آهي. انهيءَ ئي شيءِ لاءِ تڙپندو رهين ٿو، جيتوڻيڪ توکي ان جي لاءِ ڪوبه احساس ڪونه آهي. مان موجوده عورت جي تحريڪ جي هروڀرو خلاف به نه آهيان، دمتري فيودورپاولووچ. عورت جي اصلاح ۽ قريبي مستقبل ۾ سندس سياسي آزادي منهنجو مقصد آهي. مون کي به پنهنجي ڌيءَ آهي، پر ماڻهو منهنجي طرف کان بي خبر آهن. مان هڪ خط اُن مضمون بابت مصنف شسندرين کي لکيو آهي. هن مون کي عورت جي صلاحيت بابت گهڻو ڪجهه سيکاريو آهي. سو گذريل سال، مان کيس ٻن سٽن ۾، هڪ گمنام خط لکي موڪليو، ته مان توکي جديد عورت جي طرفان پيار ڪريان ٿي. ثابت قدم رهجو. مان اُن تي صحيح ڪئي، هڪ ماءُ . مان خيال ڪيو ته اُن تي مان پنهنجي صحيح ’همعصر ماءُ‘ وجهان، مگر اُن جي ترديد ڪري، سادي صحيح ’هڪ ماءُ‘ ڪافي سمجهيم. دمتري فيودورپاولووچ هن ۾ هڪ اخلاقي دلڪشي آهي. لفظ همعصر کان ممڪن هو ته سندس ذهن ۾ ڪا تلخي پيدا ٿئي. خدايا! توکي ڇا آهي؟“
مـِـتيا آخر پنهنجي جاءِ کان ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ اُن جي سامهون پنهنجي هٿن کي مهٽيندي چيائين ته ”بيگم جيڪڏهن تون دير وجهندينءَ ته مون کي تنهنجي بلند همٿيءَ تي روئڻ اچي ويندو.“
”ها، روءَ، دمتري فيودورپاولووچ روءَ. اهو شاندار جذبو آهي....... اهو ئي رستو تنهنجي اڳيان کليل آهي! ڳوڙها ئي تنهنجي دل کي آرام ڏيئي سگهن ٿا ۽ اُنهن جي هارڻ کان پوءِ ، ئي توکي خوشي حاصل ٿي سگهي ٿي. تون سائبيريا کان مون وٽ هن نقطهِّ نگاهه کان موٽي ايندين ۽ پنهنجي خوشيءَ ۾ مون کي شريڪ ڪندين.“
”مون کي اجازت ڏي.“ مـِـتيا زور سان چيو ته ”مان آخري طرح اوهان کي عرض ڪري چڪو آهيان، مون کي اُها رقم جنهن جو اوهان وعدو ڪيو آهي، اڄ ملندي؟ جيڪڏهن نه ته مان اُن کي ڪڏهن وٺڻ اچان؟“
”ڪهڙي رقم دمتري فيودورپاولووچ؟“
”ٽي هزار روبل جنهن جو اوهان واعدو ڪيو آهي؟..... اُنهن جي لاءِ اوهان جي وڏي مهرباني.“
”ٽي هزار روبل؟ نه نه مون وٽ ٽي هزار ڪٿان آيا؟“ بيگم هائلڪوف نهايت سنجيده تعجب سان کيس جواب ڏنو. مـِـتيا حيرت زدهه رهجي ويو.
”ڇو،“ تو هاڻي ته چيو هو........... تو اهڙي ريت چيو هو، ڄڻ ته اها رقم منهنجي مٺ ۾ آهي.....“
نه، نه. تو غلط سمجهيو آهي، دمتري فيودورپاولووچ. توکي هن معاملي ۾ غلطي ٿي آهي. مان سون جي کاڻين جي ڳالهه ڪري رهي هيس. هي سچ آهي ته مون توسان، انهيءَ رقم کان به وڌيڪ جو وعدو ڪيو آهي. يقيناً ٽن هزار روبلن کان مٿي. مون کي هاڻي به چڱي طرح ياد آهي. پر منهنجو حوالو سون جي کاڻين لاءِ هو.“
”پر رقم؟ ٽي هزار روبل؟“ مـِـتيا اڻ وڻندڙ لهجي ۾ چيو.
”اڙي جيڪڏهن تنهنجو مطلب ڪنهن رقم کان هو، ته مون وٽ ته هڪ پيسو به ڪونه آهي. مان ته پنهنجي ڪوچبان سان پيسي جي لاءِ به وڙهندي رهان ٿي. مان تازو ميوسوف کان 500 روبل قرض ورتو آهي. نه نه، مون وٽ ڪو به پيسو ڪونه آهي، پر دمتري فيودورپاولووچ، توکي خبر آهي. مون وٽ جيڪڏهن ڪجهه هجي به ها، ته توکي ڪڏهن به نه ڏيان. پهريائين ته مان ڪنهن کي قرض نه ڏيندي آهيان. قرض ڏيڻ جي معنيٰ دوستي وڃائڻ ۽ مان خاص طرح ته جيڪر توکي اصل قرض نه ڏيان. ڇاڪاڻ ته مان توکي پسند ڪريان ٿي ۽ توکي بچائڻ گهران ٿي. توکي سون جي کاڻين جي گهرج آهي. سون جون کاڻيون، سون جون کاڻيون.“
مـِـتيا گـجندي چيو، ”شيطان ڪٿان جي!“ پنهنجي پوري زور سان هن مٺ کي ميز تي هنيو.
اڙي، اڙي، بيگم هائلڪوف دهشت زده ٿي چيو ۽ ملاقات جي ڪمري جي ٻي پڇاڙيءَ تي وڃي پهتي.
مـِـتيا، زمين تي ٿـُـڪ ڦٽي ڪئي. ڊگها ڊگها قدم کڻندي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ۽ اونداهي گهٽيءَ ۾ وڃي پهتو. هوُ اهڙي نموني سان گهمي رهيو هو، ڄڻ ته پنهنجي سيني کي ڌڪ هڻي رهيو آهي. هوُ انهيءَ جاءِ تي پهچي ويو، جتي ٻه ڏينهن اڳ ۾ هن پاڻ کي، اليوشا جي سامهون ڌڪ هنيا هئا. سندس سيني تي هنن ڌڪن کان ڪهڙو مطلب هو؟ اهو وقت جي لحاظ کان هڪ راز هو. جنهن جي دنيا ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي. جنهن جي اليوشا کي به خبر نه هئي. پر هيءُ راز اُن جي لاءِ پريشانيءَ کان به گهڻو مٿي هو. اُن جو مطلب هو، بربادي ۽ خودڪشي. هن محڪم ارادو ڪيو هو، ته جيڪڏهن هوُ ٽي هزار روبل حاصل ڪري نه سگهيو ۽ ڪيٽرينا ايونونا کي قرض ڏيئي، اُن بار کي سيني تان هلڪو ڪري نه سگهيو، ته انهيءَ داغ کي جو سيني تي لڳل آهي، اُن کي صاف ڪندو. اُن بيشرميءَ کي، جا سندس ضمير تي سوار آهي دور ڪندو. هيءُ سڀ تفصيل سان پڙهندڙ جي اڳيان بعد ۾ پيش ڪندس. پر هاڻي جڏهن سندس آخري اُميد به موڪلائي وئي، ايڏو سارو ڏسڻ جو ڏيل، بيگم هائلڪوف جي گهر کان ٿورا قدم اڳتي هلي، ٻار وانگر روئڻ لڳو. هوُ هلندو رهيو، جيتوڻيڪ کيس ڪابه خبر نه ٿي پئي، ته هوُ ڇا ڪري رهيو آهي؟ هوُ پنهنجي اکين جا ڳوڙها، هٿ جي مـُـٺ سان اُگهي رهيو هو. اهڙي ريت هوُ چونڪ وٽ پهتو. اوچتو هن محسوس ڪيو، ته هوُ ڪنهن شيءِ سان ٽڪرجي ڪريو آهي. هن متاثر ڪرڻ واري دانهن ٻڌي. اُها هڪ پوڙهي عورت جي هئي، جنهن کي هن ڪيرائي وڌو هو.
”خدايا! تو ته مون کي ذري گهٽ ماري ڇڏيو هو. تون چڱيءَ ريت ڇو نه ٿو ڏسين؟ پر تون وڃي ڪيڏانهن رهيو آهين وحشي؟“
”اڙي تون آهين؟“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو. هن اونداهي ۾ پوڙهي عورت کي سڃاڻي ورتو هو. هيءَ سامسونوف جي پوڙهي نوڪرياڻي هئي. جنهن کي مـِـتيا خاص طرح اُن ڏينهن تي ڏٺو هو.
”پر تون ڪير آهين؟ نيڪ بخت؟“ پوڙهيءَ بلڪل جداگانه لهجي ۾ چيو ”مان توکي اونداهي ۾ سڃاڻي نه ٿي سگهان!“
”تون ڪزوماڪزمچ وٽ رهندي آهين. تون اُتي نوڪري ۾ آهين نه ؟“
”اِيئن برابر آهي سائين. مان پروهورچ ٿي ويس. پر مان توکي هاڻي نه ٿي سڃاڻان.“
”منهنجي نيڪ عورت، مون کي ٻڌاءِ ته اگرافينا اليگزينڊرووينا، هاڻي اُتي هئي؟“ مـِـتيا کيس شڪ گڏيل خيال سان چيو. ”مان ٿورو وقت ٿيو، کيس اوڏانهن ويندي ڏٺو هو.“
”هوءَ اُتي هئي سائين. ٿورو وقت ترسي ۽ وري هلي وئي.“
”ڇا؟ هلي وئي؟“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو. ” پر هوءَ ڪهڙي وقت وئي؟“
”اڙي، اڙي،“ ڪراڙي عورت هٻڪندي چيو، پر مـِـتيا وڃي چڪو هو.
هوُ گروشينڪا جي گهر ڏي پوري زور سان ڊوڙيو. هوُ اُن وقت اُتي پهتو، جڏهن هوءَ ماڪروءَ جي رستي تي هئي. هوُ سندس وڃڻ کان پندرنهن منٽ کن پوءِ پهتو.
فينا پنهنجي ڏاڏيءَ سان اُتي موجود هئي. پوڙهي بورچياڻي ميٽرونا رڌڻي ۾ هئي. ڪپتان اندر گهڙي آيو. کيس ڏسندي ئي فينا کان رڙ نڪري وئي.
مـِـتيا رڙ ڪري چيو ته ”تون ته رڙيون ٿي ڪرين، پر هوءَ ڪٿي آهي؟“
انهيءَ کان اڳي جو هوءَ خوفزده ڪجهه ڳالهائي، هوُ ڍير وانگر سندس پيرن ۾ ڪري پيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته ”فينا، مسيح جي صدقي ٻڌاءِ ته هوءَ ڪٿي آهي؟“
”منهنجا پيارا دمتري فيودورپاولووچ، مون کي ڪابه خبر نه آهي. مون کي ڀلي ماري ڇڏ، پر مون کي ڪابه خبر نه آهي.“ فينا قسم کڻڻ لڳي ۽ اعتراض ڪرڻ لڳي ته ”گهڻو وقت ٿيو، تون ته اُن سان گڏجي ويو هئين.....“
”هوءَ موٽي آئي آهي.“
”سچ پچ، هوءَ هيڏي نه آئي آهي. مان خدا جو قسم کڻي چوان ٿي، ته هوءَ هيڏي نه آئي آهي.“
”تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين،“ مـِـتيا کيس چيو،“ مان تنهنجي خوف مان ڄاڻان ٿو ته هوءَ ڪٿي آهي؟“
هو تيزيءَ سان هليو ويو. خوفزده فينا خوش ٿي، ته سندس جان جلدي ڇٽي وئي. پر هن ضرور سمجهيو ته هوُ تڪڙ ۾ هو، ان ڪري اِيئن ٿيو، نه ته ايترو جلدي سندس جان ڪين ڇٽي ها. پر جيئن هوُ ٻوڙيندو ٿي ويو، کيس فينا ۽ پوڙهي ميٽريونا جي غير معمولي حرڪتن تي عجب ٿي لڳو، ميز تي ٽامي جي ڪونڊي رکي هئي، جنهن ۾ ٽامي جو ننڍڙو ڏنڊو به هو، جو ڇهن انچن کان مٿي نه هو. مـِـتيا اڳ ۾ ئي، هڪ هٿ سان دروازو کوليو ۽ ٻئي هٿ سان اُن ڏنڊي کي کڻي کيسي ۾ وڌائين.
”خدايا! هيءُ ڪنهن کي خون ڪندو ” فينا هٿن کي مهٽيندي رڙ ڪندي چيو.

___________
(1) شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ڪردار

باب چوٿون: اونداهيءَ ۾

هوُ ڪيڏانهن ڊوڙي رهيو هو؟ فيودورووچ پاولووچ کان سواءِ ، هوءَ ٻي هنڌ ڪٿي هوندي؟ هيءَ هاڻي صاف هو ته هوءَ سامسونوف کان، اُن ڏي ئي وئي آهي. هيءُ سڄو منصوبو هو ۽ ظاهر ظهور فريب! هيءُ خيال سندس دماغ ۾ چڪر لڳائيندا رهيا. هوُ ماريا ڪونڊٽريونيا ڏي ڪونه ويو ”اُن ڏي وڃڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي...... ذري جيتري به ضرورت ڪانه آهي..... هوُ ڪوبه خطري جو آواز نه ڪڍندو...... هيءُ ته سنئون سڌو کيس ٻڌائيندا... ماريا ۽ سميرڊياڪوف، ٻئي هن منصوبي ۾ شامل نظر اچن ٿا. سڀني کي هنُ خريد ڪري ورتو آهي.“
هن پنهنجي عمل جو نئون طريقو سوچيو. هوُ فيودورپاولووچ جي گهر جي چوڌاري، ايڏو ڊگهو رستو ڊوڙندو رهيو. گهٽيءَ کان ٽپي، دمترووسڪي رستي کان ڊوڙندو، ننڍي پل تي پهتو. اُتان سڌو اُن پٺ واري ويران ڪوٺي وٽ اچي نڪتو. اُها خالي هئي ۽ اُن ۾ ڪو به نه رهندو هو. اُن جي هڪ پاسي کان پاڙيسريءَ جي رڌڻي جي باغ جو لوڙهو هو. اُن جي ڀرسان نهايت مضبوط ۽ بلند، فيودورپاولووچ جي باغ جو لوڙهو هو. هوُ ان جي چوڌاري ڊوڙندو رهيو. آخر هن هڪ جاءِ کي چونڊيو. هيءَ اُها ساڳي جاءِ هئي، جنهن کي هنُ گذريل روايت موجب بخوبي ڄاتو ٿي، ته هڪ ڀيري لزاوٽيا، اُن تي چڙهي وئي هئي. هن خيال ڪيو ته ”جيڪڏهن هڪ عورت اُن تي چڙهي سگهي ٿي، ته پڪ سان مان به اُن تي چڙهي ويندس.“ خدا ڄاڻي، اهو خيال سندس دل ۾ الائي ڪيئن آيو. هن ٽپو ڏنو ۽ لوڙهي جي مٿان وڃي ويٺو. باغ ۾ ڀرسان غسل خانو هو. پر هوُ لوڙهي کان گهر جي دري به ڏسي سگهيو ٿي، جنهن مان روشني اچي رهي هئي.
”هان، پوڙهي جي سمهڻ واري ڪمري ۾ روشني آهي. هوءَ يقيناً اتي آهي!“ هوُ ٽپو ڏئي، لوڙهي کان هيٺ باغ ۾ آيو. جيتوڻيڪ کيس خبر هئي، ته گريگري بيمار آهي ۽ سميرڊياڪوف به ۽ کيس ڏسڻ وارو ٻيو هيوئي ڪونه، پر اُن هوندي به هن پاڻ کي لڪائي ڇڏيو. هوُ خاموش بيٺو رهيو ۽ ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳو. پر هتي بلڪل خاموشي هئي ۽ چوڌاري چپ چپات. ايتري قدر جو هوا جو به ڪو کڙڪو ڪونه هو. بلڪل خاموشي هئي. ڪو دليل وارو خيال سندس دل ۾ جاڳيو. مان سمجهان ٿو ته لوڙهي جي مٿان، مون کي ٽپو ڏيندي، ڪنهن نه ڏٺو آهي. هڪ منٽ جي ترسڻ کان پوءِ ، هوُ آهستي باغ ۾ گاهه مٿان گهمڻ لڳو. وڻن ۽ ٻوٽن کان پاسو ڪندو ويو. هر قدم تي چورن وانگر چرندو ٿي ويو. فقط پنهنجي قدمن جي آواز کي ٿي ٻڌائين. فقط پنجن منٽن ۾ هوُ روشنيءَ واري دريءَ وٽ وڃي پهتو. کيس ياد آيو، ته دريءَ جي هيٺان ڪيئي ڪنڊن وارا ٻوٽا ۽ اوڀڙ موجود آهن. کٻي هٿ تي باغ ڏانهن کلندڙ دروازو بند هو. هنُ دروازي جي لنگهه کي ڪنهن مقصد سان پوري ريت جاچي ڏٺو. آخر اُهو اُن ٻوٽن تائين پهتو ۽ اُنهن ّ۾ لڪي ويو. هنُ پنهنجي ساهه کي روڪيو. هنُ خيال ڪيو، ته کيس اُتي ترسڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن سندس قدمن جي آواز کي ٻڌو به آهي ته کين سندس بابت پڪ ٿي ويندي ۽ هوُ ڏسي وٺندا. ”مون کي نه کنگهڻ گهرجي نه زور سان ساهه کڻڻ گهرجي.“
هوُ ٻه منٽ ترسيو. سندس دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي. اهڙي حالت ۾ به هوُ مشڪل سان ساهه کڻي رهيو هو. هن خيال ڪيو ته دل جي هيءَ ڌڪ ڌڪ ڪڏهن به بس نه ٿيندي ۽ مان گهڻو وقت ترسي نه ٿو سگهان. هوُ هڪ ٻوٽي جي پويان، پاڇي ۾ بيٺو هو. دريءَ جي روشني، ٻوٽي جي اڳئين حصي تي پئجي رهي هئي.
”ڪهڙيون نه اڇيون ۽ ڳاڙهيون ٻيريون سهڻيون آهن!“ بنا ڪنهن ارادي جي هوُ چوڻ لڳو. هوريان هوريان بنا ڪنهن لڙُ ۽ گوڙ جي، هوُ قدم به قدم وڃي دريءَ وٽ پهتو ۽ کڙين تي بيهي رهيو. هاڻي فيودورپاولووچ جي سمهڻ وارو ڪمرو سڄوئي سندس سامهون هو. هيءَ ڪا وڏي ڪوٺي نه هئي. ڳاڙهي پردي سان هوءَ ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. اهو ڪپڙو چيني هيو. جيئن فيودورپاولووچ اُن کي سڏيو ٿي. چيني مـِـتيا جي اندر ۾ بجلي وانگر چمڪو ڏنو. هن خيال ڪيو ته اُن پردي جي پويان گروشينڪا موجود آهي. هوُ فيودورپاولووچ کي جاچڻ لڳو، جنهن کي نئون پٽاپٽي ريشم جو، شب خوابي جو چوغو پيل هو. جنهن کي مـِـتيا اڳ ۾ ڪونه ڏٺو هو. سندس چيلهه جي چوڌاري ريشمي ڏوري ٿي ڏٺي. هڪ صاف سٿري، لؤن جي قميص، سونن بٽڻن سان، چوغي جي ڪالر جي اندران صاف ٿي نظر آئي. فيودورپاولووچ جي مٿي تي هڪ سرخ پٽي هئي، جنهن کي اليوشا ڏٺو هو.
”هن چڱيءَ ريت پاڻ کي سينگاريو آهي.“ مـِـتيا سو چيو.
سندس پيءُ دريءَ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ پنهنجي خيالن ۾ گم هو. اوچتو هنُ پنهنجي مٿي کي لوڏيو. ويرم لاءِ ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳو. جڏهن ڪو به آواز نه ٻڌائين تڏهن ميز ڏي ويو. بي پرواهيءَ سان اڳتي وڌيو ۽ دريءَ مان اڌورو گلاس برانڊيءَ جو کڻي پي ويو. اُن کان پوءِ ٿڌو ساهه کنيائين. گهڙي کن بيهي رهيو ۽ ڀت ۾ لڳل آئيني ڏانهن ويو. سڄو هٿ مٿي کنيائين. مٿي جي پٽي کي ٿورو مٿي ڪري زخمن ۽ نشانن کي غور سان ڏسڻ لڳو، جي اڃا پنهنجي جاءِ تي موجود هئا.
”هيءُ اڪيلو آهي،“ مـِـتيا خيال ڪيو ته ”هيءُ يقيناً اڪيلو آهي.“
فيودورپاولووچ، آئيني کان اڳتي وڌيو، اوچتو دريءَ ڏي هليو آيو ۽ ٻاهر نهاريائين. مـِـتيا هڪدم ڀاڇي ڏانهن سرڪي ويو.
”ٿي سگهي ٿو ته هوءَ پردي جي پوئتان هجي ۽ هاڻي ننڊ پئي هجي.“ هن دل ۾ سٽ محسوس ڪئي. فيودورپاولووچ، دريءَ کان سرڪي ويو. ”هوُ اُن جي لاءِ دريءَ کان نهاري رهيو آهي ۽ هوءَ وٽس ڪانه آهي. هوُ نه ته ڇو، اونداهي ۾ گهوري نهاري. هوءَ اتي نه آهي ۽ هيءُ بي صبريءَ کان وحشي بڻجي ويو آهي.“ .... مـِـتيا وري پوئتي هٽي ويو ۽ وري دريءَ مان نهارڻ لڳو. پوڙهو ميز جي ڀرسان ويٺو هو. هوُ بلڪل نااُميد ٿي ڏٺو. آخر هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي رکي ۽ پنهنجي سڄي ڳل کي هٿ تي ٽيڪ ڏنائين. مـِـتيا کيس وڏي شوق مان ڏسڻ لڳو.
”هيءُ اڪيلو آهي، هيءُ اڪيلو آهي.“ هوُ ورائي ورائي چوڻ لڳو. ”هوءَ جيڪڏهن هتي هجي ها، ته سندس چهرو ٻيءَ طرح هجي ها.“
عجب جهڙي ڳالهه هئي جو، گروشينڪا جي غير موجودگيءَ سبب، منجهس غصي جي رڳ ڦڙڪي اُٿي. انهيءَ حالت کان متاثر ٿي چيو، ته اُن جي نه هئڻ سبب، منهنجي دل ۾ غصو نه آهي، جيڪڏهن آهي به ته انهيءَ لاءِ ، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر نه آهي ته هوءَ ڪٿي آهي؟ مـِـتيا پوءِ ياد ٿي ڪيو، ته اُن وقت سندس دل خاص طرح صاف هئي ۽ هن هر شيءِ کي تفصيل سان ٿي ڏٺو. ڪا به ڳالهه هن کان نه ٿي گـُـٿي. اُن هوندي به سندس اضطراب ۽ شڪ، دل ۾ سخت کان سخت ٿيندو ٿي ويو. هنُ اوچتو پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪيو ۽ پنهنجو هٿ ڪڍي دريءَ جي طاق کي آهستي کڙڪايائين. هنُ اُهي ساڳيون نشانيون ڪم آنديون، جي پوڙهي ۽ سميرڊياڪوف جي وچ ۾ مقرر ٿيل هيون. ٻه ڀيرا آهستي ۽ ٽي ڀيرا جلدي. انهيءَ اشاري جو مطلب هو ته گروشينڪا موجود آهي!
پوڙهي کان ڇرڪ نڪري ويو، هن پنهنجي مٿي کي لوڏو ڏنو. تڪڙ ۾ ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ دريءَ ڏي ڊوڙيو. مـِـتيا، وري پاڇي ۾ سرڪي ويو. فيودورپاولووچ دريءَ کي کوليو ۽ اُن مان پنهنجو سڄو مٿو ٻاهر ڪڍيائين ۽ چوڻ لڳو:
”گروشينڪا تون آهين؟ تون آهين؟“ سندس آواز جيتوڻيڪ ڀڻڪي وانگر هو، پر پئي ٿي ڏڪيو. ”تون ڪٿي آهين؟ منهنجا فرشتا؟ تون ڪٿي آهين؟“ هوُ جوش ۾ خوفزدهه هو ۽ ساهه کڻي نه ٿي سگهيو.
مـِـتيا کي يقين ٿي ويو ته هوُ اڪيلو آهي.
”ڪٿي آهين؟“ پوڙهي زور سان چيو. هن پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ڪلهن تائين نڪري ويو. کٻي ۽ سڄي نهاري چوڻ لڳو ته ”هيڏي اچ. مون وٽ تنهنجي لاءِ سوکڙي آهي، اچ ته ڏيکاريانءِ .“
”هان! سندس مطلب ٽن هزارن کان آهي.“ مـِـتيا سوچيو.
”پر تون ڪٿي آهين، دروازي وٽ. مان اُن کي کوليان ٿو.“
پوڙهو ذري گهٽ دروازي جي مٿان چڙهي ويو. هوُ سڄي طرف جتي باغ جو دروازو هو، نهارڻ لڳو. وڏي ڪوشش سان اونداهي ۾ هيڏي هوڏي گهورڻ لڳو ۽ هوُ سيڪنڊ کان پوءِ ، گروشينڪا جي آواز ٻڌڻ کان سواءِ ئي دروازي کولڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
ـِـتيا، هيڏي هوڏي ٿيڻ کان سواءِ ، کيس ڏٺو. پوڙهي جي چهري جي تصوير، جنهن کي هن نفرت سان ڏٺو، حضرت آدم عليه السلام جي صورت وانگر لڙڪيل ٿي ڏٺي. سندس نوڪدار نڪ، سندس چپ جي شهواني شوق ۾ مرڪي رهيا هئا، فانوس جي روشنيءَ ۾، جا ڪمري جي کٻي طرف کان ٿي آئي. صاف ڏٺا. مـِـتيا جي دل ۾ اوچتو خطرناڪ نفرت جو جذبو پيدا ٿيو. سندس رقيب موجود هو. هيءُ اُهو ماڻهو هو، جنهن سندس زندگيءَ کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو هو. هيءَ اهڙي ته جوش ڀري ۽ انتقام ۽ غصي واري باهه هئي، جنهن بابت هن چار ڏينهن اڳ ۾ وڻن جي جـُـهنڊ ۾، اليوشا جي هن سوال تي ته ”تون پنهنجي پيءُ کي ماريندين؟“ هنُ چيو هو ته ”مون کي خبر نه آهي، ته مون کان ڇا ٿي گذرندو! شايد مان هن کي نه ماريان يا ماري ڇڏيان. مون کي خوف ٿو ٿئي، ته هوُ منهنجي لاءِ ڪنهن وقت گهڻي نفرت جهڙو نه بڻجي وڃي. مان سندس ٻٽي کاڏي، سندس نڪ ۽ سندس اکين ۽ سندس بيشرميءَ جي نگاهن کي نفرت سان ٿو ڏسان. مون ۾ شخصي طرح ڪراهت پيدا ٿي وڃي ٿي. مون کي اُن جي لاءِ ڌڪار آهي ۽ شايد مان اُن کي برداشت ڪري نه سگهان......“ هيءَ شخصي نفرت هاڻي سـَـهڻ کان نڪرندي ٿي وئي، هوش ۾ هوندي به هن اوچتو ٽامي جو ڏنڊو پنهنجي کيسي مان ڪڍي ورتو.
”خدا مون کي اُن وقت ڏسي رهيو هو.“ مـِـتيا پوءِ پاڻ ٻڌايو ٿي. اُن وقت گريگري پنهنجي بيماري جي بستري تي جاڳي پيو. ساجهري شام جو، هوُ علاج هيٺ آيل هو، جنهن جو ذڪر سميرڊياڪوف ايون سان ڪيو هو. هن پنهنجي سڄي بدن کي ڪنهن پراسرار عرق سان مالش ڪئي هئي ۽ اُن جي بچيل حصي کي پيتو هئائين. اُن وقت مارفا دعا ٿي گهري. سندس ننڊ کان پوءِ هن به اُن عرق کي پيتو ۽ اُن جي اَثر کان مـُـردي وانگر، مڙس جي پاسي ۾ پئجي رهي.
پر گريگري رات جو ننڊ مان اوچتو جاڳي پيو. ٿوري وقت جي خيال کان پوءِ ، جيتوڻيڪ هن پٺ ۾ تيز سور کي محسوس ڪيو به، اُٿي ويٺو. هنُ پوءِ ڄاڻي واڻي، اُٿي تڪڙ ۾ ڪپڙا پاتا. شايد سندس ضمير ۾ بي چيني پيدا ٿئي هئي، ڇاڪاڻ ته سڄو گهر غير ّمحفوظ هو ۽ هوُ ننڊ ۾ هو. سو به اهڙي تڪليف واري زماني ۾. سميرڊياڪوف، پنهنجي بيهوشيءَ جي حملي سبب، ٻي ڪمري ۾ ڪنهن به چـُـر پـُـر کان سواءِ بي خبر پيو هو. مارفااگناٽيانا به بي حرڪت پئي هئي. گريگري کيس نهاريندي چيو ته: ”اهڙي قسم جي شيءِ عورت جي لاءِ تمام خراب آهي.“ اِيئن ڀڻڪندو، هوُ ڏاڪن ڏي هليو ويو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سندس مقصد فقط اِهو هو، ته فقط ڏاڪڻ کان نگاهه ڪري، ڇاڪاڻ ته هوُ پنڌ ڪرڻ جي لائق نه هو. سندس پٺيءَ ۽ سڄيءَ ٽنگ ۾ سور برداشت کان ٻاهر هوس. پر اوچتو کيس ياد آيو، ته هن، شام جو باغ جي دروازي کي قلف نه ڏنو هو. هوُ نهايت وقت تي ڪم ڪندڙ ۽ سوچڻ وارو ماڻهو هو، ڪيتري وقت کان نه تبديل ٿيندڙ عادتن جو عادي هو، جيڪي هوُ سالن کان اختيار ڪري چڪو هو. سور سان ڌڏندو ۽ لڏندو، هو ڏاڪڻ کان لهي باغ ڏي ويو. هن دروازي کي کليل ڏٺو. خود بخود سندس قدم باغ ڏي هلڻ لڳا. ٿي سگهيو ٿي، ته ڪنهن شيءِ جو کيس احساس ٿيو هجي يا ٿي سگهي ٿو، ته هنُ ڪو آواز ٻڌو هجي. کٻي طرف ڏي ڏسندي، هنُ پنهنجي آقا جي دري کليل ڏٺي. اُن وقت اُن مان ڪنهن به نه ٿي نهاريو. ”هيءَ ڇو کـُـلي پئي آهي؟ هاڻي اونهارو ته نه آهي.“ گريگري خيال ڪيو. اوچتو اُن ويرم ۾، هنُ باغ ۾ غير معمولي نظاري کي پنهنجي سامهون ڏٺو. چاليهه قدم پري، هنُ هڪ ماڻهوءَ کي اونداهي ۾ ڊوڙندي ڏٺو. هڪ پاڇي جو قسم هو، جو نهايت تيزيءَ سان ٿي ويو. هنُ قريبي رستي کي ورتو ڇاڪاڻ ته هوُ باغ جو پورو پورو واقف هو ۽ هن ڀڄندڙ ماڻهو کي وٺڻ ٿي گهريو. ڀڄندڙ ماڻهو غسلخاني ڏانهن ويو ۽ اُن جي پويان ڦري، هن لوڙهي ڏانهن وڃڻ ٿي گهريو. گريگري ان جي پويان پيو ۽ کيس نظر کان غائب ٿيڻ نه ڏنائين. کانئس ٻيو سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو. اُن وقت ماڻهو لوڙهي تي چڙهڻ لڳو. گريگري رڙ ڪري، کيس روڪڻ گهريو ۽ اُن جي ٽنگ کي ٻن هٿن سان ورتائين.
هاڻي، اُن جو جسم کيس ٺڳي نه سگهيو. هنُ، هـِـن بلا کي سڃاتو. هي اُهوئي ”پدرڪش“ هو.
”پدرڪش ” پوڙهي بلند آواز سان چيو، جيئن پاڙو پنو اُن کي ٻڌي سگهي. پر وٽس وڌيڪ وقت ڪونه هو، جو هوُ وڌيڪ دانهون ڪري سگهي. مـِـتيا جي هٿ ۾ ٽامي جو ننڍو ڏنڊو هو، جنهن کي رمز سان هن گاهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. گريگري ڪري پيو. ٽامي جو ڏنڊو گريگري کان ٻن قدمن تي وڃي ڪريو. اهو گاهه ۾ نه ڪـِـريو پر رستي تي وڃي پيو. ٿورن سيڪنڊن لاءِ هن منهن ڀر پيل ماڻهو کي جاچي ڏٺو. پوڙهي جو سڄو مٿو رت سان ڀريل هو. مـِـتيا پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ۽ اُن جي مٿي کي لائي ڏٺائين ۽ کيس احساس ٿيو. هن پوءِ ياد ٿي ڪيو، ته هن اُن وقت ڏٺو هو ته پوڙهي جو مغز ڦاٽي پيو آهي يا کيس معمولي زخم آيا آهن. پر رت خوفناڪ طرح سان وهندو رهيو ۽ ٿوري وقت ۾ مـِـتيا جون آڱريون گرم رت سان ڀرجي ويون. هن کي پوءِ ياد آيو ٿي، ته هن پنهنجي کيسي مان هڪ صاف ۽ سفيد رومال ڪڍي ورتو هو، جنهن کي هن بيگم هائلڪوف جي ملاقات لاءِ پاڻ سان کنيو هو. هن اُن کي پوڙهي جي مٿي تي رکيو ۽ بيهوشي ۾ سندس مٿي ۽ نرڙ کي اُن سان صاف ڪندو ٿي رهيو. اُن وقت سندس سڄو رومال رت سان آلو ٿي ويو.
خدايا! مان هي ڇا جي لاءِ ڪري رهيو آهيان؟ اوچتو پاڻ کي سميٽيندي هن چيو. جيڪڏهن مان سندس مغز جي هڏي کي ڀڃي ڇڏيو آهي، ته اُهو هاڻي ڪٿان ايندو؟ ۽ هن مان ڪهڙو فائدو؟ هوُ نااُميدي ۾ چوندو ويو. ”جيڪڏهن مان کيس قتل ڪيو آهي، ته اُن لاءِ ڪهڙو ڏک ڪريان. پوڙها تون اتي ئي پيو رهه.“ پويون جملو هن زور سان چيو. اُن کان پوءِ هوُ لوڙهي ڏي ڦريو ۽ اُن تان ٽپي گهٽيءَ ۾ آيو ۽ ڀڄڻ لڳو. رت ڀريل رومال سندس هٿ ۾ هو، ڊڪندي هن، اُن کي ڪوٽ جي پٺ واري کيسي ۾ وڌو. هوُ تيز ڊوڙڻ لڳو. رستي ۾ کيس تمام ٿورا ماڻهو مليا. اُنهن کي پوءِ ياد آيو، ته اونداهي ۾ کين هڪ ماڻهو ڊوڙندي نظر آيو هو. هوُ وري موروزوف جي بيوهه جي گهر ڏانهن مڙيو.
اُن شام جو جيئن ئي هن فينا کي ڇڏيو هو، هوءَ مکيه چوڪيدار نذر ايوانووچ ڏي ڀڄندي وئي ۽ هنُ کيس عرض ڪيو، ته حضرت عيسيٰ جي صدقي، هو وري ڪپتان کي اڄ يا سڀاڻ وٽس اچڻ جي اجازت نه ڏي. هن ساڻس انجام ڪيو. پر بدقسمتيءَ سان سندس مالڪياڻي کيس بالاخاني ڏي سڏي ورتو. هن پنهنجي ڀائٽي کي، جو ويهه ورهين جو ڇوڪرو هو ۽ تازو ٻهراڙيءَ کان آيو هو، دروازي تي بيهاري هليو ويو. کانئس وسري ويو، ته هو کيس سڄي ڳالهه سمجهائي وڃي. ايتري ۾ مـِـتيا ڊوڙندو آيو ۽ دروازي کي کڙڪايائين. ڇوڪري کيس سڃاتو. ڇاڪاڻ ته مـِـتيا کيس ڪيئي ڀيرا رشوت ڏئي چڪو هو. هن دروازو کوليو ۽ کيس اندر اچڻ ڏنائين ۽ وٽس تڪڙ مان پهتو، ته کيس مشڪندي ٻڌائي ته اگرافينا اليگزينڊرووينا، هن وقت گهر ۾ موجود ڪانه آهي.
”تڏهن ڪٿي آهي، پروهوور؟“ مـِـتيا ٿورو ترسندي کانئس پڇيو.
”هوءَ اڄ شام جو ٻه ڪلاڪ کن اڳ ۾ ٽموفي سان گڏ ماڪرو هلي وئي آهي.“
”ڇو؟“ مـِـتيا کانئس پڇيو.
”اها مون کي خبر نه آهي. شايد ڪنهن آفيسر کي ڏسڻ وئي آهي. کيس ڪنهن دعوت ڏني آهي، ڇو ته گهوڙا کيس وٺي وڃڻ لاءِ موڪليا ويا هئا.“
مـِـتيا کيس ڇڏي، چرين وانگر فينا ڏي ڊوڙيو.

باب پنجون: هڪ اڻٽر ارادو

هوءَ پنهنجي ڏاڏي سان گڏ رڌڻي ۾ ويٺي هئي. هوُ سمهڻ جي تيارين ۾ هيون، ڇو ته کين نذر ايوانووچ جو آسرو هو ۽ انهيءَ ڪري هنن دروازي کي قلف به نه هنيو هو. مـِـتيا ڊوڙي اندر پهتو. فينا تي حملي آور ٿيو ۽ کيس سيني کان جهليائين.
”مون کي جلدي ٻڌاءِ ، ته هوءَ ڪٿي آهي؟ هاڻي ڪنهن وٽ آهي؟ ماڪرو ۾ آهي؟“ مـِـتيا وڏي جوش مان رڙ ڪري پڇيو.
ٻئي زالون ڏڪي ويون.
”اڙي مان توکي ٻڌايان ٿي، منهنجا پيارا دمتري فيودورووچ. مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي. ڪا به ڳالهه توکان نه لڪائينديس.“ فينا موت جي خوف کان ٻاتي ٿي وئي. ”هوءَ ماڪرو پنهنجي آفيسر ڏي وئي آهي.“
”ڪهڙو آفيسر؟“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو.

”اُهو آَفيسر، جنهن کي هوءَ اڳ ۾ ئي سڃاڻندي هئي. اُهو جنهن کيس پنج سال ٿڏي ڇڏيو هو.“ جيئن هوُ ڏاڍو تڪڙو ڳالهائي رهي هئي، سندس زبان وڌيڪ وچڙڻ لڳي.
مـِـتيا پنهنجي هٿن کي ڍرو ڪري ڇڏيو، جنهن سان هن سندس سيني کي پڪڙيو هو. هو سندس سامهون اِيئن بيٺو هيو، ڄڻ ته سڪرات کان هيڊو ٿي ويو آهي. سندس زبان مان ڪو به اکر اُڪلي نه سگهيو. پر سندس اکين مان معلوم پئي ٿيو، ته کيس اُن سڄي حقيقت جو احساس آهي. هوُ الف کان ي تائين سمجهي ويو هو ۽ سڄي حالت جو کيس اندازو ٿي ويو هو. غريب فينا اُن وقت اهڙي حالت ۾ هئي، جو هو سمجهي نه ٿي سگهيو، ته هـُـن سمجهيو به آهي يا نه. هوءَ اهڙي ريت ئي صندوق تي ويٺي هئي، جيئن اُن جي اچڻ وقت ڪوٺيءَ ۾ ويٺي هئي. هوءَ سڄي ڏڪي رهي هئي ۽ هن پنهنجا ٻئي هٿ ٻاهر ڪڍي ڇڏيا هئا، ڄڻ ته هوءَ پنهنجي بچاءَ لاءِ تيار آهي. اِيئن ڏسڻ ۾ پئي آيو، ڄڻ ته سندس مـَـتيـَـون منجهي ويون آهن. سندس کليل ۽ خوف گڏيل اکيون، هن تي کـُـپيل هيون، جن ۾ ڪا به چر پر ڪانه هئي. هن جڏهن سندس ٻئي هٿ رت ۾ ڀريل ڏٺا، ته حالت وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويس. ٿي سگهي ٿو ته رستي ۾ ڊوڙندي هن پنهنجي پگهر کي ڇنڊڻ لاءِ ، رت هاڻا هٿ، منهن تي لڳايا هئا، جنهن ڪري سندس نراڙ ۽ ڳلن تي رت جا داغ هئا. فينا هن حالت کان ذري گهٽ پاڳل بڻجي وئي. پوڙهي بورچياڻي پنهنجي جاءِ کان ٽپو ڏئي اُٿي هئي ۽ کيس چرين وانگر نهاري رهي هئي. هوءَ خوف کان ڄڻ ته بيهوش هئي.
مـِـتيا ٿوري ويرم بيٺو رهيو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ فينا جي ڀرسان ڪرسيءَ ۾ ڪري پيو. هو خيال ڪرڻ لاءِ نه ويٺو هو، پر مٿس خوف ڇانيل هو، ڄڻ ته پنهنجي هوش ۾ نه آهي. اُن هوندي به سڀ ڪا شيءِ روز روشن وانگر صاف هئي. آفيسر! هن جي کيس خبر هئي ۽ پوري ريت خبر هئي. هن خود گروشينڪا کان ان جي باري ۾ ٻڌو هو. کيس اها به خبر هئي، ته هڪ مهينو اڳ ۾، وٽانئس هڪ خط آيو. هيءُ سڄو مهينو مخفي طرح اها ڪارروائي هلندي ٿي رهي. تان جو اُهو نئون ماڻهو پهچي ويو هو، پر مـِـتيا اُن بابت ڪو به خيال نه ڪيو هو. پر ڇو، هن، اُن جي لاءِ ڪوبه خيال نه ڪيو هو. اِيئن ڪيئن پئي ٿي سگهيو؟ اِيئن ڪيئن پئي ٿي سگهيو، ته هن کيس وساري ڇڏيو ۽ ڇو وساري ڇڏيو هو؟ هن ٻـُـڌي به اهڙي آفيسر جي خبر نه رکي هئي! اهي سوال هئا، جي سندس اڳيان بلائن وانگر ٿي آيا ۽ هو خوف کان سرد ٿي ويو هو.
پر اوچتو، مهرباني ۽ نرميءَ سان، جيئن ٻاجهارو ۽ پيار ڀريو ٻار هوندو آهي، هن فينا سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. کانئس هيءَ حقيقت صاف وسري چڪي هئي، ته جهٽ اڳ ۾ هن کيس ڪيترو نه تڪليف ۽ مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هوُ هاڻي پوري هوش سان فينا کان سوال ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته هو حيرت جي حالت ۾ هو، هوڏانهن هوءَ ڇوڪري سندس رت لڳل هٿن کي وحشياڻي طرح ڏسي رهي هئي. هوءَ پڻ عجب ۽ حيرت جهڙي جلديءَ سان سندس هر سوال جو جواب ڏئي رهي هئي ۽ هوءَ سڄي سچ کي سندس سامهون پيش ڪري رهي هئي. آهستي آهستي، هن ڪنهن خوشيءَ کان، کيس هر تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪيو. هيءُ سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ نه هو، ته هوءَ کيس عذاب ڏئي، پر کيس اشتياق هو، ته هوءَ سندس خدمت جي لائق بڻجي. هن سڄي ڏينهن جي ڪاروائي کيس تفصيل سان ٻڌائي. ريڪٽن ۽ اليوشا جي ملاقات وقت، ڪيئن هوءَ (فينا) نگهباني جي لاءِ بيٺي هئي. ڪهڙي ريت سندس مالڪياڻي رواني ٿي وئي ۽ ڪهڙي ريت هن اليوشا کي دري مان سڏ ڪري مـِـتيا جي لاءِ هيءَ پيغام ڏنو، ته کيس چئجانءِ ته ”هو، هڪ گهڙيءَ جي محبت کي، جا هن ساڻس ڪئي هئي، سڄي عمر ياد رکي.“
هن پيغام کي ٻڌندي، مـِـتيا اوچتو مشڪي ويٺو. سندس زرد ڳلن تي سرخي پکڙجي وئي. فينا اُن وقت، خوف کان ٻاهر ٿي چـُـڪي هئي ۽ سرگوشي طرح کيس چيائين ته:
”دمتري فيودورپاولووچ، پنهنجي هٿن ڏي نهار، اهي رت سان ڀريل آهن!“
”هائو“، مـِـتيا کيس خودبخود چئي ڏنو. هن بي پرواهيءَ سان هٿن کي ڏٺو ۽ ٿوريءَ گهڙيءَ لاءِ فينا جي سوال کي وساري ڇڏيائين.
هوُ وري خاموش ٿي ويو. ويهه منٽ گذريا هئا، جو هو اُتي آيو هو. سندس پهريون خوف ختم ٿي چڪو هو، پر ساڳي وقت اُن جي جاءِ تي سندس نئون پختو ارادو جاءِ وٺي رهيو هو. هوُ اوچتو نيم خوابيءَ جي حالت ۾ اٿي بيٺو ۽ مشڪڻ لڳو.
فينا کيس چيو ته ”سائين توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ هن وري به سندس هٿن ڏي اشارو ڪيو. هوءَ ساڻس رحم ڀري آواز ۾ ڳالهائي رهي هئي، ڄڻ ته هوءَ هاڻي سندس ڏک ۾ قريب تر ٿي چڪي هئي. مـِـتيا وري پنهنجي هٿن کي ڏٺو.
”هيءَ رت آهي فينا“ هن اِيئن چوندي، هڪ عجيب نگاهه سان کيس ڏٺو. هيءَ انساني رت آهي ۽ منهنجا خدا! هيءَ ڇو هاري وئي. پر.... فينا...... پر هتي ڪو لوڙهو آهي ڇا (هن کيس اِيئن ڏٺو، ڄڻ ته کيس ڳـُـجهارت ڏئي رهيو هو.) ”نهايت بلند لوڙهو ۽ اُن ڏي ڏسڻ به خطرناڪ، پر سڀاڻي پرهه ڦٽيءَ جو، جڏهن سج اُڀرندو، مـِـتيا اُن لوڙهي کي ٽپي ويندو... تون اهو نه سمجهي سگهندينءَ فينا ته اُهوڪهڙو لوڙهو! ۽ پرواهه به نه ڪئي. تون سڀاڻي ٻڌينءَ ۽ سمجهي ويندينءَ .... هاڻي خدا حافظ. مان اُن جي رستي ۾ روڪ نه ٿيندس. مان پاسيرو ٿي ويندس. مون کي پاسيرو به ٿيڻ ايندو آهي. تون خوش گذار منهنجي خوشي........ تو مون سان هڪ گهڙيءَ لاءِ محبت ڪئي آهي. ياد رک مـِـتيا نيڪا ڪرامازوف تو سان سڄي زندگي محبت ڪندو رهندو..... هوءَ مون کي هميشھ مـِـتيا نيڪا سڏيندي هئي، توکي ياد اچي ٿو؟“
اهي لفظ چوندي، هوُ اوچتو رڌڻي کان ٻاهر نڪري ويو. فينا سندس هن اوچتي موڪلائڻ کان گهڻي خوفزدهه ٿي وئي. اُن کان به زيادهه جڏهن هو اُتي آيو هو ۽ ساڻس وچڙيو هو.
ڏهه منٽ پوءِ دمتري پيوٽراليچ پرهوٽن، اُن نوجوان آفيسر وٽ پهچي ويو، جنهن وٽ هن پنهنجو پستول گروي رکيو هو. اُن وقت ساڍا اٺ ٿيا هئا ۽ پيوٽراليچ پنهنجي شام جي چاءِ جي دور کي پورو ڪري چڪو هو. هـُـو ’ميٽرو پولس‘ ڏي بليئرڊ جي راند کيڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو ۽ ڪوٽ پائي رهيو هو. مـِـتيا کيس ٻاهر ايندو ڏٺو.

سندس منهن کي رت سان ڀريل ڏسي، اُن نوجوان کان عجب مان دانهن نڪري وئي.

”خدايا! خير ته آهي؟“
مان پنهنجي پستول لاءِ آيو آهيان. مـِـتيا کيس چيو.”مان تو وٽ پيسا آندا آهن. تنهنجو شڪريو. مان نهايت تڪڙو آهيان. پيوٽراليچ ذرا جلدي ڪر.“
پيوٽراليچ وڌ کان وڌ وسمي ۾ پوندو ويو. هن اوچتو مـِـتيا جي هٿن ۾ نوٽن جو بنڊل ڏٺو. کيس عجب لاءِ وڌيڪ سبب هيءُ به هو، ته کيس گهمندي به نوٽ هٿن ۾ هئا ۽ اُهي وٽس اهڙي ريت هئا، جيئن انهن کي ڪو به اِيئن کڻي نه گهمندو آهي. اُهي سندس سڄي هٿ ۾ هئا ۽ اُهي، هن اهڙي ريت جهليا هئا، ڄڻ ته هوُ انهن کي ڏيکارڻ پيو گهري. پر هوٽن جي نينگر ملازم پوءِ ٻڌايو ٿي، ته هو اُن گهٽيءَ ۾ ساڳي ريت پيسن کي هٿ ۾ جهليو آيو ٿي. شايد اهڙي ريت هن سڄي رستي ۾ به اِيئن ڪيو هجي. اُهي سڀ انڊلٺ جي رنگ جهڙا هئا ۽ سئو سئو روبل جا نوٽ هئا. جن آڱرين ۾ اُنهن کي جهليو هئائين، سي سڀ رت سان ڀريل هيون.
جڏهن پيوٽراليچ کان پوءِ پيسن جي بابت سوال ڪيو ويو هو، تڏهن هن ٻڌايو ته، هيءُ نهايت مشڪل آهي ته هڪ نگاهه ۾ اِيئن چئي سگهجي ته اُهي ٻه هزار هئا يا ٽي، پر نوٽن جو بنڊل ٿلهو هو. ”دمتري فيودورپاولووچ“ جيئن پوءِ هن جي پڇا کان ظاهر ٿيو ”پنهنجي پاڻ ۾ به نه هو. کيس نشو نه هو، پر هوُ اُن کان به مٿي، پنهنجو ذهن وڃائي چڪو هو، پر ساڳي وقت، جيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو، منجهيل هو. ڄڻ ته هو فڪر ۾ هو ۽ ڪنهن کي ڳولهي رهيو هو، پر ڪنهن به فيصلي تي نه ٿي آيو. هوُ نهايت تڪڙ ۾ هو. هن جواب جهلي جهلي ٿي ڏنو ۽ نهايت عجيب. ڪنهن ڪنهن وقت، غمگين هئڻ جي بجا اُٽلو خوش ٿي ڏٺو.“
”پر توکي ڇا ٿيو آهي؟“ ڪهڙي ويڌن ٿي اٿيئي؟ ”پيوٽراليچ کانئس رڙ ڪري پچيو ۽ اُن وحشي مهمان جي منهن ۾ گهوري ڏٺائين. ”ڪهڙو سبب آهي، جو تون، هيئن رت سان ڀرجي ويو آهين؟ ڇا تون ڪٿان ڪري پيو آهين؟ تون ذرا پاڻ ڏي ته نهار!“
هو کيس ٺونٺ کان جهلي آئيني ڏي وٺي ويو.
مـِـتيا پنهنجي منهن کي رت سان ڀريل ڏسي، غصي ۽ جوش ۾ ڀرجي ويو.
”کڏ ۾ وجهينس! هيءُ آخري ڪک هو.“ دمتريءَ غصي مان چيو. هي تڪڙ مان سڄي هٿ مان کٻي هٿ ۾ نوٽ بدلائيندو رهيو. هن پنهنجي کيسي مان رومال کي ڪڍي ورتو، پر سڄو رومال رت سان ڀريل هو. (هيءُ اُهو رومال هو، جنهن سان هن گريگري جي منهن کي صاف ڪيو هو.) اُن ۾ مشڪل سان ڪا صاف جاءِ خالي هئي. هو اڃا سـُـڪو به نه هو. وڪوڙجي کينهون وانگر بڻجي ويو هو ۽ کـُـلي نه ٿي سگهيو. مـِـتيا غصي ّمان اُن کي زمين تي اڇلائي ڇڏيو.
”کڏ ۾ پوي“، هن چيو، ”تو وٽ ڪو اڳڙيءَ جو ٽڪرو ڪونه آهي، جنهن سان مان پنهنجي منهن کي صاف ڪري سگهان.“
”سو تون فقط رت سان ڀريل آهين ۽ ڪو به زخم نه آيو اٿيئي، چڱو آهي ته اُن کي ڌوءُ.“ پيوٽراليچ کيس چيو ”هوءَ ڌوئڻ جي جاءِ آهي، مان تنهنجي مٿان پاڻي وجهان ٿو.“
”هان، اها ڌوئڻ جي جاءِ آهي. ٺيڪ آهي. پر هيءُ مان ڪٿي رکان؟“
سخت مونجهاري ۾ هن، سؤ روبل جي نوٽن جي ٿـَـهي ڏي اشارو ڪيو. ۽ پيوٽراليچ ڏي تفتيش جي نگاهه وڌائين، بلڪل اهڙي ريت ڄڻ ته کيس اُن جو فيصلو ڪرڻو هو، ته هو پيسن کي ڇا ڪري؟
”پنهنجي کيسي ۾ رک يا هن ميز تي. اهي ويندا ڪونه.“
”هان منهنجي کيسي ۾، منهنجي کيسي ۾، ٺيڪ آهي...... پر مان چوان ٿو ته هيءَ سڄي بيوقوفي آهي.“ هن رڙ ڪري چيو. ڄڻ ته هوُ ڪنهن خواب مان جاڳي پيو هو. ”هيڏي نهار‍ پهريائين اسان کي پستول جي معاملي کي صاف ڪرڻو آهي. مون کي اُهو موٽائي ڏي ۽ پنهنجا پيسا موٽائي وٺ.“
نوٽن مان مٿيون نوٽ ڪڍي، هن پيوٽراليچ کي ڏنو.
”پر مون وٽ مٽيل ڪونه آهي. ڇا تو وٽ ننڍا نوٽ ڪونه آهن؟“
”نه.“ مـِـتيا کيس چيو. هن وري نوٽن جي بنڊل کي ڏٺو. لفظن ۾ جواب ڏيڻ بدران هو مٿين نوٽن کي اُٿلائيندو رهيو.
”نه هيءُ سڀيئي هڪجهڙا نوٽ آهن.“ هن وري به معلوم ڪرڻ واري نگاهه پيوٽراليچ تي وڌي.
”تون ڪيئن شاهوڪار بڻجي وئين؟“ پوئين کانئس پڇيو. ترس مان پنهنجو ڇوڪرو پلاٽينڪوف ڏي موڪليان ٿو. هو پنهنجو دڪان دير سان بند ڪندو آهي. اُهو نوٽ بدلائي ڏيندو. مشا‍! هيڏي، هن گهٽيءَ ڏي منهن ڪري سڏ ڪيو.
”پلا ٽينڪوف جي دڪان ڏانهن، ٺيڪ آهي.“ مـِـتيا پڇيو ڄڻ ته هيءَ ڳالهه کيس پسند آئي هئي. هو نوڪر ڏي مڙيو ۽ کيس چيائين ته مشا، هيڏي نهار پلاٽينڪوف ڏي ڊوڙي وڃ ۽ کيس چئج ته دمتري فيودورپاولووچ تو کي سلام ڏنا، هو تو ڏي ايندو به....... پر ڌيان ڏيئي ٻڌ، کيس چئج ته شئمپين جون ٽي ڊزن بوتلون تيار رک. اُنهن کي منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ چڱي طرح ويڙهي رک، ڇو ته مون کي اهي ماڪرو کڻي وڃڻيون آهن. (هن پيوٽراليچ ڏي منهن ڪري چيو، ته چار ڊزن هئڻ گهرجن.) هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، تون وڌيڪ تڪليف نه ڪج مشا. هو وري ڇوڪري ڏي مڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو، ته ترس ۽ ٻڌ کيس چئجانءِ ته پنير به هجي ۽ ڪجهه پيٽرسبرگ جي مٺائي به. ڪجهه مڇي، ڪجهه کٽاڻ، ڪجهه مربو. مطلب ته دڪان ۾، جو ڪجهه موجود هجي، اُهو هڪ سئو روبل يا هڪ سو ويهه روبل جو تيار ڪري رکي. هنن پيسن ۾ شئمپين به شامل سمجهه...... پر... بيهه، گلابي ۽ ٻه ٽي هنداڻا به هجن، ڪجهه صوف به، چاڪليٽ ۽ ٽافي، انهن کان سواءِ . حقيقت ۾ اهي سقڀيئي شيون شئمپين سميت ٽي سو روبل جون هئڻ گهرجن. هنن سڀني ڳالهين کي ياد رکجانءِ مشا، جيڪڏهن تو مشا آهين. هن جو نالو مشا آهي نه؟“ هن پيوٽراليچ ڏي منهن ڪري چيو.
”هڪڙو منٽ ترس ” ، پيوٽراليچ کيس روڪيندي چيو ۽ بي آراميءَ سان ڏٺو. ” چڱو ٿيندو، ته تون پاڻ اُن ڏي وڃ. هوُ توکي چڱي ريت سمجهي سگهندو.“
”هيءُ اهو ڪم ڪري سگهندو مان سمجهان ٿو. اڙي مشا، منهنجي دل ٿي چاهي، ته مان توکي چميان..... جيڪڏهن تو غلطي نه ڪئي ته ڏهه روبل تنهنجا آهن. ڊوڙ ۽ جلدي ڪر..... شئمپين مکيه شيءِ آهي. برانڊي ۽ ڳاڙهو ۽ اڇو شراب به. مان هيءُ سڀ کڻي ويندس..... هن کي جيئن خبر پوي، ته مون وٽ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون آهن.“
”پر ٻـُـڌ،“ پيوٽراليچ بي صبريءَ مان وچ ۾ ٽپي پيو. ”مان چاهيان ٿو ته هيءُ فقط ڊوڙي وڃي پيسا بدلائي اچي ۽ هـُـن کي چوي، ته دڪان کي ايستائين بند نه ڪري، جيستائين تون اُتي پهچين..... کيس نوٽ ڏي. مشا جلدي ڊوڙ.“
پيوٽراليچ چاهيو ته مشا، اُتان جلدي پنهنجي ڪم لاءِ هليو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڇوڪري جو اُتي بيٺي، عجب کان وات ڦاٽي ويو هو ۽ اکيون کليون ئي رهجي ويون هيون. کيس مـِـتيا جو حڪم ٿورو ياد بيٺو هو. هوُ عجب ۽ خوف کان نهاري رهيو هو، ڇو ته سندس منهن رت جي داغن سان ڀريل هو ۽ آڱريون جن ۾ نوٽ هئا، رت سان ڀريل هيون ۽ پئي ٿي ڏڪيون.
”چڱو هاڻي اچ ۽ ڌوءُ “ پيوٽراليچ کيس سختيءَ سان چيو. ”پيسا ميز تي رک يا کيسي ۾،...... اِيئن ٺيڪ آهي، هيڏي اچ ۽ ڪوٽ کي لاهه.“
اِيئن چئي هن کيس ڪوٽ لاهڻ ّ۾ مدد ڪئي ۽ وري کيس چيائين ته ”هيڏي ڏس، تنهنجو سڄو ڪوٽ به ته رت سان ڀريل آهي؟“
”هيءُ...... سڄي ڪوٽ تي ڪٿي آهي، هيءَ ته رڳو ٻانهن تي داغ آهي.... هيءَ فقط انهيءَ جاءِ تي آهي، جتي مون رومال کي رکيو هو. شايد هوُ سڄو آلو هو. مان شايد فنيا وٽ اُن جي مٿان ويٺو هوس ۽ اُن مان ئي هن کي رت لڳو آهي.“ مـِـتيا ٻارن وانگر بيخبري ۾ سمجهائڻ لڳو. اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي. پيوٽراليچ، کيس ڌيان ڏئي ٻڌي رهيو هو.
”ٺيڪ آهي، تنهنجو معاملو ڪنهن سان ضرور ٿيو آهي. تون ڪنهن سان وڙهي آيو آهين؟“ هن کانئس پڇيو.
هنن گڏجي ڌوئڻ شروع ڪيو. پيوٽراليچ کي هٿ ۾ وڏي صراحي هئي ۽ پاڻي پـَـلٽي رهيو هو. مـِـتيا، نااُميدي جهڙي تڪڙ ۾ هٿن کي صابڻ هڻي رهيو هو (اهي ڏڪي رهيا هئا، جيئن پوءِ پيوٽر اُن کي ياد ڪري ٿي چيو.) پر اُن نوجوان آفيسر مٿس زور ٿي آندو، ته هو چڱيءَ طرح وڌيڪ صابڻ هڻي، اُن کي صاف ڪري ۽ مهٽي. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هوُ مـِـتيا تي وڌيڪ کان وڌيڪ پنهنجو اثر وجهي رهيو هو ۽ وقت گذرندو رهيو. هن سموري وقت ۾ هو مضبوط اخلاق وارو نوجوان ٿي ڏٺو.
”ڏس تون پنهنجي نهن کي صاف نه ڪري سگهيو آهين. هاڻي منهن کي مهٽ. ها نرڙ کي. ڪنن کي به ..... ڇا انهيءَ ئي قميص ۾ ويندين؟ هاڻي ڪا ڏي ويندين؟ ذرا ڏس تنهنجي سڄي ٻانهن جا ڪـَـنَ رت سان ڀريل آهن.“
”هائو اهي سڀ رت سان ڀريل آهن.“ مـِـتيا پنهنجي قميص جي ڪـَـنـَـن کي نهاريندي چيو.
”ٺيڪ آهي، پنهنجي قميص کي بدلاءِ .“
”مون کي ايترو وقت ڪونه آهي. توکي خبر آهي ته مان......“ مـِـتيا سليقي سان چوندو ويو ۽ ٽوال سان منهن ۽ هٿن کي اُگهندو به ويو. هن ڪوٽ پاتو ۽ چوڻ لڳو ته ”مان هن کي ڪراين تائين ويڙهي ڇڏيندس ۽ پوءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو.... ڪيئن؟“
”هاڻي مون کي ٻڌاءِ ، ته تو ڪهڙي راند کيڏي آهي؟ ڪنهن سان وڙهي آيو آهين؟ “
ڇا اڳي وانگر شراب خاني ۾ ڪجهه ٿيو آهي؟ تو وري اُن ڪپتان کي ماريو آهي ڇا؟“ پيوٽراليچ کانئس وري وري پڇڻ لڳو. ”هاڻي وري ڪنهن کي ڌڪ هنيا اٿئي يا ماري ڇڏيو اٿئي؟“
”بيوقوف ” مـِـتيا کيس چيو
”ڇا جي بيوقوفي؟“
”گهٻراءِ نه“ مـِـتيا کيس چيو. هوُ اوچتو کلڻ لڳو. ”مان هڪ پوڙهي عورت سان هاڻي مارڪيٽ ۾ ٽڪريو هوس.“
”ٽڪريو هئين؟ هڪ پوڙهي عورت سان؟“
”هڪ پوڙهو ماڻهو!“ مـِـتيا واڪو ڪري چيو. هوُ پيوٽراليچ جي منهن ۾ سڌو نهارڻ لڳو ۽ مٿس کلندو ۽ واڪا ڪندو رهيو. ڄڻ ته هوُ ٻوڙو هو.
اهو ته منجهيل آهي. هڪ پوڙهي عورت يا پوڙهو مرد؟....... ڇا تو ڪنهن کي قتل ڪيو آهي؟
”اسان هڪٻئي سان صلح ڪيو آهي..... پهريائين مقابلو هو ۽ پوءِ صلح ڪيوسين ۽ ٻن دوستن وانگر جدا ٿياسون...... هو هڪ بيوقوف آهي..... هن مون کي بخشيو آهي .... مون کي يقين آهي، ته هن وقت تائين هـُـن مون کي بخشي ڇڏيو هوندو..... پر جيڪڏهن اُٿي پيو ته هو مون کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو.“ مـِـتيا جلدي پنهنجي اکين کي ٻوٽيو. ”کڏ ۾ وجهينس، پيوٽراليچ مان توکي چوان ٿو، ته کڏ ۾ وجهينس. تون هن جي لاءِ هاڻي ڪو به فڪر نه ڪر. هن وقت مان اِها ڳالهه ڪرڻ پسند نٿو ڪريان.“ مـِـتيا فيصلائتي آواز ۾ چيو.
”تون سڀ سان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري جهڳڙا ڪندو ٿو وتين؟ جيئن تو هـُـن ڪپتان سان ڪنهن بيوقوفيءَ جهڙي ڳالهه تي جهيڙو ڪيو..... تون هميشھ وڙهندو رهيو آهين ۽ هاڻي وڙهڻ کان پوءِ عيش ۽ نشاط جي محفل کي قائم ڪرڻ گهرين ٿو. اهي ئي ته تنهنجا ڪارناما آهن. ٽي ڊزن شيمپين! اهي توکي ڇا لاءِ گهرجن؟“
”شاباس! مون کي هاڻي پستول ڏي. مون کي ايترو وقت ڪو نه آهي. مان چاهيان ٿو، ته توسان گفتگو ڪندو رهان، پر ايترو وقت نه اٿم، منهنجا پيارا نوجوان! ڳالهائڻ جي ضرورت به نه آهي، ڇو ته گهڻي دير ٿي وئي آهي. منهنجا پيسا ڪاڏي ويا؟ مون اُنهن کي ڪٿي رکيو؟“ وڏي واڪي سان اِيئن چوندي هوُ پنهنجا کيسا اُٿلائڻ پٿلائڻ لڳو.
”تو اُنهن کي ميز تي رکيو آهي... تون پاڻ....... اجهو هيءُ آهن. توکان شايد ڳالهه ئي وسري وئي آهي. پيسو ته تو وٽ غلاظت ڀري پاڻيءَ وانگر آهي. مون کي ته اِيئن ڏسڻ ۾ ٿو اچي. اجهو هيءُ آهي پستول. هيءَ هڪ پراڻي شيءِ آهي. هيءَ عجيب ڳالهه آهي، ته ستين بجي تو هن کي ڏهه روبل ۾ گروي رکڻ لاءِ منٿ ٿي ڪئي ۽ هاڻي تون هزارن جو مالڪ آهين. ٻه يا ٽي هزار روبل!
”ٽي، تنهنجو اندازو ٺيڪ آهي.“ مـِـتيا کلندي، سوٽ جي کيسي ۾ نوٽن کي ڳوليندو ويو.
”تون هنن کي وڃائيندين به اِيئن. ڇا توکي ڪا سون جي کاڻ هٿ آئي آهي؟“
”کاڻيون، سون جون کاڻيون؟“ مـِـتيا واڪو ڪري چيو ۽ کل جو گجگوڙ پيدا ڪري ڇڏيائين. تون انهن کاڻين ڏي وڃڻ گهرين ٿو پروهيٽن؟ هتي هڪڙي بيگم آهي، جا توکي ٽي هزار هڪدم ڏئي ڇڏيندي. جيڪڏهن تون اُن وٽ فقط وڃين. منهنجي لاءِ به هنُ ئي هي سڀ ڪجهه ڪيو آهي. هوءَ سون جي کاڻين جي بيحد شوقين آهي. بيگم هائلڪوف کي سڃاڻين ٿو.“
”مان کيس نه سڃاڻان، پر مان کيس ٻڌو به آهي ۽ ڏٺو به آهي. سچ پچ هن توکي ٽي هزار ڏنا آهن؟ سچ پچ؟ پيوٽراليچ کيس عياري سان اکين جون ميڇون ڏيندو رهيو.“
”جيئن ئي سڀاڻي سج اُڀري ۽ صبح جو ديوتا مٿي اُڏامي، خدا جو نالو وٺي، هن ڏي هليو وڃ. کيس چؤ ته هوءَ توکي ٽي هزار ڏئي ٿي يا نه. ڪوشش ڪري ڏس.“
مون کي خبر نه آهي، ته تنهنجا ساڻس ڪهڙا ڪهڙا تعلقات آهن؟ جيئن ته تون هن حقيقت تي زور ڏئي رهيو آهين، مان سمجهان ٿو، ته هن توکي اهي پيسا ڏنا آهن. اهي پيسا تنهنجي هٿ ۾ آهن، پر تون سائبيريا ڏي وڃڻ بدران، اهي پيسا هت خرچ ڪري رهيو آهين..... هاڻي ڪاڏي وڃڻ جو ارادو آهي؟
”ماڪرو ڏانهن“
”ماڪرو ڏانهن، پر هاڻي ته رات آهي؟“
”ڪڏهن ته سڀ ڪجهه هو، پر هاڻي ڪجهه به نه آهي.“
”هاڻي، ڪيئن ڪجهه نه آهي؟ تون ته هزارن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهين.“
”مان هزارن جون ڳالهيون نه ٿو ڪريان. کڏ ۾ وجهه هزارن کي! مان عورت جي ڪردار جي ڳالهه ٿو ڪريان.“
”عورت جي دل پرُ فريب آهي،“
”ٺڳ باز ۽ خرابين سان ڀريل.“
”مان هن حقيقت ۾ يولائيس (يوناني بهادر) سان متفق آهيان. هن سچ چيو آهي.“
”مان توکي سمجهي نه ٿو سگهان!“
”مان شراب پيتو آهي؟“
”تو شراب نه پيتو آهي، پر اُن کان به بدتر حالت ۾ آهين.“
”پيوٽراليچ، مان روحاني طرح پيتل آهيان. ها! روحاني طرح پيتل. پر اهو ڪافي آهي.“
”ڇا ٿو ڪرين؟ پستول کي ٿو ڀرين؟“
”هائو مان پستول کي ڀريان ٿو.“

پستول جي مياڻ کي کوليندي، مـِـتيا سچ پچ بارود جي ڦوٽڙي کي کوليو ۽ پستول کي اُن سان ڀريائين. اُنهيءَ کان اڳي جو، هوُ گولي، اُن ۾ وجهي، اُن کي ميڻ بتي جي روشنيءَ ۾ چتائي ڏسندو رهيو.
”تون گوليءَ کي چتائي ڇو ٿو ڏسين؟“ پيوٽراليچ کيس بي آرامي ۽ مونجهاري سان نهاريندي چيو.
”اڙي ڇو؟ هن ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ فرض ڪجي ته جيڪڏهن هيءَ گولي تون پنهنجي مغز ۾ هڻڻ چاهين، ته تون اُن کي چتائي ڏسندين يا نه؟“
”هن کي ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“
”هيءَ منهنجي دماغ ۾ ويندي. ان ڪري هن کي ڏسڻ دلچسپي جو باعث آهي، ته اها ڪهڙي شيءِ آهي؟ پر اها بيوقوفي آهي. گهڙيءَ کن جي بيوقوفي. هاڻي جڏهن ته سڀ ڪم پورو ٿي ويو آهي،“ هن گولي کي وجهندي چيو، ”پيوٽراليچ منهنجا عزيز دوست! هيءَ سڄي بيوقوفي آهي، سڄي بيوقوفي. فقط توکي خبر پوي، ته اُها ڪهڙي بيوقوفي آهي؟ مون کي ڪوئي ڪاغذ جو ٽڪرو ڏي.“
”اجهو هيءُ ڪاغذ آهي.“
”نه، هڪ صاف ۽ نئون لکڻ جو ڪاغذ کپي. هيءُ به ٺيڪ آهي.“ ميز تان هڪ قلم کڻي مـِـتيا جلديءَ مان ٻه سٽون لکيون. ڪاغذ کي چئن حصن ۾ آڻي ويڙهيائين ۽ اُن کي پنهنجي صدري جي کيسي ۾ وڌائين. هن پستول کي وري مياڻ ۾ وڌو. اُن کي بند ڪري هٿ ۾ ورتائين. اُُن کان پوءِ هن پيوٽراليچ کي آهستي ۽ خيال سان مشڪندي ڏٺو.
”هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي.“
اسان کي ڪاڏي هلڻو پوندو؟ نه، هڪ منٽ ترس..... ”ڇا تون انهيءَ گولي کي پنهنجي مغز ۾ هڻڻ جو ارادو ٿو رکين؟“ پيوٽراليچ کانئس بي آراميءَ مان پڇيو.
”مان هن گولي کي بيوقوف ٿي بڻائڻ گهريو. مان جيئرو رهڻ گهران ٿو ۽ حياتي پياري اٿم. توکي هن جي خاطري هئڻ گهرجي. مان سونهري وارن واري صبح جي ديوتا کي پيار ٿو ڪريان ۽ سندس گرم روشني پسند اٿم.... عزيز پيوٽراليچ توکي خبر آهي ته پاسو ڪيئن ڪري وڃبو آهي؟“
”پاسو ڪري وڃڻ کان، تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“
”هڪ پيار ڀري انسان ۽ هڪ اهڙي انسان لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ، جنهن کي مان نفرت سان ڏسان ٿو. اِيئن ڪرڻ سان هڪ نفرت وارو به عزيز بڻجي ويندو. پاسو ڪرڻ کان اهوئي مطلب آهي! ۽ کين اِيئن چوڻ ته خدا اوهان تي رحم ڪري، پنهنجو رستو وٺو. لنگهي وڃو ۽ مان......“
” ” تون؟“
”اهو ڪافي آهي. اسان کي هلڻ کپي.“
”مان انجام ٿو ڪريان، ته مان ڪنهن کي چوندس ته هوُ توکي اوڏانهن وڃڻ کان روڪي.“ پيوٽراليچ کيس ڏٺو. ”تون هاڻي ماڪرو، ڇو ٿو وڃين؟“
”اُتي هڪ عورت آهي هڪ عورت.“ منهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي، وڌيڪ نه پڇ.“
ڌيان ڏيئي ٻڌُ، جيتوڻيڪ تون هڪ وحشي آهين، مگر تو سان هميشھ پيار ڪندو رهيو آهيان....... مون کي اُن ڪري انتظار آهي.
”مهرباني منهنجا پراڻا دوست. مان وحشي آهيان، جيئن تون چوين ٿو. وحشي، وحشي، اهوئي سبب آهي، جو مان پاڻ کي وحشي چوندو رهيو آهيان! ڇو مشا ته آهي، مون کان ته هيءُ وسري ويو هو.“
مشا نهايت تيزي سان آيو هو. کيس هٿ ۾ ننڍا ننڍا نوٽ هئا ۽ هن کين ٻڌايو ته پلاٽينڪوف ۾ اڃا چڱو چهچٽو متو پيو هو. اُتي بوتلون به هيون، مڇي به هئي ۽ چاءِ به. هرڪا آساني سان ملي سگهندي. مـِـتيا ڏهه روبل هٿ ۾ ورتا ۽ پيوٽراليچ کي ڏنائين ۽ ٻيا ڏهه نوٽ ڦيرائيندي مشا کي ڏنائين.
اهڙي شيءِ جي جرئت نه ڪر! پيوٽر واڪو ڪري چيو. منهنجي گهر ۾ ته اِيئن نه ڪر، اها بري ۽ خرابي پيدا ڪندڙ عادت آهي. پنهنجي پيسن کي پري ڪر. پاڻ وٽ رک ۽ اُنهن کي ضايع نه ڪر. اهي توکي سڀاڻي ڪم ايندا. مون کي يقين آهي، ته تون وري مون وٽ ۽ ڏهه روبل قرض وٺندين. تون اهي پيسا پنهنجي پاسي واري کيسي ۾ ڇو ٿو رکين؟ افسوس تون وڃائي ويهندين!“
”مان توکي عزيز دوست چوان ٿو، ته مون سان گڏجي ماڪرو هل.“
”مان ڪهڙي ڳالهه جي لاءِ هلان؟“
”مان چوان ٿو، ته هڪ بوتل کي فوري کوليو وڃي ۽ زندگي جي شادمانين لاءِ اُن کي پيئجي. مان شراب پيئڻ گهران ٿو، پر خاص طرح توسان گڏ. مان توسان ڪڏهن به گڏجي شراب نه پيتو آهي، اِيئن نه؟“
”چڱو ته پوءِ ميٽرو پولس ڏانهن هلون، مان اوڏانهن ويس ٿي.“
”مون کي اوڏانهن هلڻ لاءِ ايترو وقت ڪونه آهي. اسان کي پلاٽينڪوف ڏي هلي شراب پيئڻ گهرجي. مان توکي هڪ ڳجهارت ڏيان؟“
”ڏيئي ڇڏ.“
مـِـتيا پنهنجي صدري جي کيسي مان ڪاغذ جو ٽڪرو ڪڍيو. اُن کي کوليائين ۽ کيس ڏيکاريائين. وڏن اکرن ۾ وضاحت سان اُن کي لکيو ويو هو.
”مان پاڻ کي پنهنجي سڄي حياتي ۾ سزا ڏيندو رهندس ۽ سڄي حياتي.“
”مان يقيناً وڃي ڪنهن کي ٻڌائيندس. هڪدم ويندس.“ پيوٽراليچ ڪاغذ کي پڙهڻ کان پوءِ هڪدم چئي ڏنو.
”توکي ايترو وقت ئي ڪونه آهي عزيز ٻار. اچ ته شراب پيئون. تکو ٿي.“
پلاٽينڪوف جو دڪان،گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي وٽ هيو ۽ پيوٽراليچ جي دروازي کان ٻي نمبر تي. اهو اسان جي شهر ۾ بقالي جو دڪان هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته بري شيءِ هو. جنهن جا مالڪ ڪي شاهوڪار واپاري هئا. هنن اُن ۾ اُهو سڀ ڪجهه آڻي رکيو، پيٽرسبرگ جي دُڪان ۾ ملي ٿي سگهيو. سڀ ڪنهن قسم جو سامان، شراب جنهن کي ايليزيوف ڀائرن، شيشن ۾ بند ڪيو هو. هن کان سواءِ ميوو، سگريٽ، چانهه، ڪافي، کنڊ ۽ اهڙي ريت ٻيون شيون به موجود ٿي رهيون. دُڪان ۾ ٽي نائب ڪم ڪندڙ هئا ۽ ٻه گراهڪن کي سودو ڏيندڙ ڇوڪرا. جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ جو هيءُ حصو غريب ٿي ويو آهي ۽ زميندار لڏي ويا آهن ۽ واپاريءَ جي حالت بدترين ٿي وئي آهي، ان هوندي به بقالين جا دُڪان ڪافي ترقي تي آهن. هر سال سندن آسودگي ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي. سندس سامان کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترائي گراهڪ موجود آهن.
مـِـتيا اُتي بي صبريءَ سان انتظار ڪندو رهيو. کين پوري پوري يادگيري آهي ته ڪيئن نه ٽي يا چار هفتا اڳ ۾ هن شراب ۽ ٻي سامان جي خريداري ڪئي هئي، جنهن جي قيمت سوين روبل هئي ۽ هن سڀ روڪ پيسا ڏنا هئا، (ڇو ته هوُ ڪڏهن به کيس ڪا شيءِ اوڌر تي نه ڏين ها.) هنن کي ياد ٿي آيو، ته هاڻي وانگر کيس سوين روبل جي نوٽن جي ٿهي هٿ ۾ هئي ۽ هن اُنهن کي بي ترتيبي سان پکيڙي ڇڏيو هو. کيس سودي وٺڻ ۾ به وڏي بي پرواهي هئي. هن سوچيو به نه ٿي، ته کيس ايترو شراب ۽ ٻيو سامان ڪهڙي ڪم ايندو. هيءَ ڳالهه سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي هئي، ته هن گروشينڪا سان ماڪرو ڏي ويندي، هڪڙي رات ۽ ڏينهن ۾ ٽي هزار روبل خرچ ڪري ڇڏيا هئا ۽ جڏهن عيش ۽ نشاط جي محفل کان موٽي آيو هو، ته وٽس ڪچي ڪوڏي به ڪانه هئي. هن خانه بدوشن جي سڄي جماعت کي پاڻ سان کنيو هو. (اُهي اُن وقت اسان جي پاڙي ۾ اچي رهيا هيا) اُنهن سندس نشي جي حالت ۾، انهن ٻن ڏينهن ۾ کانئس ڪافي پيسو حاصل ڪيو هو ۽ قيمتي شراب کي وڏي بيهودگي سان اُڏايو هو. ماڻهن کلندي مـِـتيا جي بابت ٻڌايو ٿي، ته هن ڪيئن نه شئمپين کي سنگدل ڪڙمين جي هٿن ۾ ٿي ڏنو ۽ ڪيئن نه ڳوٺاڻين عورتن ۽ ڇوڪرين کي، مٺائي ۽ پيٽرسبرگ جي شين تي بي ترتيبي سان دعوت ٿي ڏني. هوُ مـِـتيا جي منهن تي به ٿي کليا. جيتوڻيڪ سندس سامهون کلڻ نهايت خطرناڪ شيءِ هئي. سندس پوئتان ته ماڻهو کل ۾ ٻٽ ٿي ويندا هئا. خاص ڪري شرابخاني ۾. سندس پنهنجو به اهوئي اعتراف هو، ته هن هيڏي اسراف جي هوندي به، نتيجو فقط اهو نڪتو هو ته هوُ گروشينڪا جي قدمن کي چمي ڏي.
ٿوري وقت ۾ مـِـتيا ۽ پيوٽراليچ دُڪان تي پهچي ويا. اُتي هڪ گاڏي ٽن گهوڙن سان موجود هئي. گهوڙن جي سيني وٽ گهنڊڻيون ٻڌل هيون. ائنڊري ڪوچبان لنگهه وٽ متيا جي انتظار ۾ هو. دُڪان ۾ ذري گهٽ سڀ سامان هڪ پيتيءَ ۾ بند ڪيو ويو هو ۽ هوُ مـِـتيا جي انتظار ۾ هئا، ته هوُ اچي ته پيتيءَ کي ڪوڪا هڻي بند ڪيو وڃي ۽ گاڏيءَ ۾ رکيو وڃي. پيوٽراليچ هيءُ سڀ ڏسي بيحد حيران ٿي ويو.
”هيڏي تڪڙ ۾ هيءَ گاڏي ڪٿان آئي؟“ هنُ مـِـتيا کان پڇيو.
”مان جيئن تو ڏي ٿي آيس، واٽ تي ائنڊري مليو هو. مون کيس چيو هو، ته هو پنهنجي گاڏي، سڌو دڪان وٽ آڻي بيهاري. مون کي ڪو به وقت وڃائڻو نه هو. پوئين ڀيري مان ٽموفي جي گاڏي ۾ ويو هوس. هو هاڻي مون کان اڳ ۾ جادوگرياڻيءَ سان ويو آهي. ائنڊري ڇا اسان کي گهڻي دير ٿي ويندي.“
”هو اسان کان، هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ مس پهچندا، مان ٽموفي کي تيار ٿيندي ڏٺو هو. مون کي خبر آهي، ته هوُ ڪيئن ٿي ويو. سندس قدم اسان جهڙا تيز نه هوندا.“ دمتري فيودورپاولووچ اهو ٿي نه ٿو سگهي. هو اسان کان هڪ ڪلاڪ مس الڳ ۾ پهچندا.“ ائنڊري ڊگهي قد ۽ ڪمزور بدن ۽ ڳاڙهن وارن سان وچولي قد وارو هو. کيس ڊگهو ڪوٽ پهريل هو. هن کيس وري به گرم جوشيءَ سان چيو ته:
جيڪڏهن مان هڪ ڪلاڪ اُتي کانئن پوءِ پهچان، ته مون کي وڊڪا (شراب جو قسم) جي لاءِ 50 رپيا انعام طور ڏنا وڃن.
دمتري فيودورپاولووچ، مان وقت سان مقابلي جو اعلان ٿو ڪريان. هوُ اسان کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ پهچندا. هاڻي ڪلاڪ به نه.
دمتري فيودورپاولووچ تڪڙ ۾ عجيب حڪم ڏئي رهيو هو. هن ٽاريءَ کان هن ٽاريءَ تي پئي اڏريو. جنهن جملي کي شروع ٿي ڪيائين، اُن کي اڏوري ٿي ڇڏيائين. پيوٽراليچ ضروري سمجهيو، ته اُن جي گفتگو ۾ دخل ڏي ۽ سندس مدد ڪري.
”چار سؤ روبل جون شيون هئڻ گهرجن، انهن کان گهٽ نه.“ مـِـتيا حڪم ڏنو. چار ڊزن شئمپين. هڪ شيشي به گهٽ هئڻ نه گهرجي.“
”ايترو ڇا جي لاءِ ؟ ڪنهن جي لاءِ ، ڪنهن جي لاءِ ؟“ پيوٽر رڙ ڪري چيو. ”هيءَ ڇا جي پيٽي آهي، ۽ اُن ۾ ڇا آهي؟ پڪ سان هن ۾ چئن سون جو مال نه آهي.“
دڪان جي عهديدارن نرمائي سان سمجهائڻ شروع ڪيو، ته هڪڙي پيٽيءَ ۾ اڌ ڊزن شئمپين جون بوتلون آهن ۽ ٻيو سامان، جيئن ته مٺائي، ٽافيون وغيره. سامان جو مکيه حصو، جنهن لاءِ حڪم ڏنو ويو آهي، اُهو ٺاهي پوءِ موڪليو ويندو ۽ موقعي آهر سڀ کان اڳ ۾ ڪنهن گاڏيّ ۾ خاص طور تي روانو ڪيو ويندو. اُن گاڏيءَ ۾ به ٽي گهوڙا هوندا ۽ تيز رفتار، هي سامان دمتري جي پهچڻ کان پوءِ هڪ ڪلاڪ اندر اُتي پهچي ويندو.
”مان هڪ ڪلاڪ اندر، اُن سامان ۾ وڌيڪ ٽافيون ۽ مٺائي وڌي وڃي، ڇاڪاڻ ته اُتي جون ڇوڪريون انهن شين کي وڌيڪ پسند ڪنديون آهن.“ مـِـتيا هن جملي تي گرم جوشيءَ سان زور ڏنو.
”مٺائي وغيره ته ٺيڪ آهي، پر تون چار ڊزن شئمپين ڇا ڪندين؟ هڪ ڊزن ئي ڪافي آهي.“ پيوٽر غصي مان چيو. پر هوُ سودي گهرڻ ۽ بل وٺڻ ۾ مشغول هو ۽ ڪنهن به ريت راضپي ڏيکارڻ کان انڪاري هو. پر هن ريڙهه پيڙهه ۾ هو... ! روبل بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخر ۾ هي قبول ڪيو ويو، ته سڀئي شيون ٽي سؤ روبل جون هئڻ کپن.
”ٺهيو، هاڻي تون شيطان ڏي وڃي رهيو آهين؟“ پيوٽراليچ ٻي خيال ايندي کيس چيو. ”منهنجو ڪهڙو واسطو. انهيءَ سڄي رقم کي اُڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي حاصل ڪرڻ ۾ تنهنجو ڪوبه خرچ نه ٿيو آهي.“
”هن رستي کان، علم الاقتصاد جا ماهر، هن رستي کان. غصي نه ٿي.“ مـِـتيا دُڪان جي پٺ کان کيس ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ چيو. ”هوُ اسان کي هتي بوتل پهچائي ويندا ۽ اُتي ئي اسين ان جو مزو چکنداسون. پيوٽراليچ مون سان گڏجي اچ. ڇاڪاڻ ته تون وڻندڙ ماڻهو آهين ۽ مون کي اهڙي قسم جا ماڻهو کپن.“
متيا، ميز جي سامهون هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، جنهن جي مٿان رات جي ماني جو غليظ رومال پيل هو. پيوٽراليچ سندس سامهون ويهي رهيو. شئمپين جلدي اچي ويو ۽ کين مڇي جي ٽڪرن جي آڇ ڪئي وئي. ”نهايت عمدا مڇيءَ جا ٽڪرا ۽ آخري.“
”کڏ ۾ وجهو مڇيءَ جي ٽڪرن کي. مان اُهي نه کائيندو آهيان. اسان کي وڌيڪ ڪجهه به نه گهرجي.“ پيوٽراليچ، غصي مان چيو.
”مڇيءَ جي کائڻ جيترو وقت هاڻي ڪونه آهي.“ مـِـتيا چيو.“ مون کي بک به ڪانه آهي.“ هن عجيب احساس سان وري چيو ته ”مان هن بي انتظاميءَ کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو آهي.“
”اهو وري ٻئي ڪنهن کي ڪيئن پسند ايندو. شئمپين جا ٽي ڊزن ڪڙمين لاءِ . مان سچ ٿو چوان ته اهڙي شيءِ آهي، جا ڪنهن کي غصي ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي.“
”منهنجو اهو مطلب نه آهي. مان ڪنهن مٿانهين انتظام جي ڳالهه ٿو ڪريان. خود مون ۾ به ڪو انتظام نه آهي. هان مٿانهون انتظام...... پر سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي. هن تي ڏک ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هاڻي هي بعد از وقت آهي. کڏ ۾ وجهينس، منهنجي سڄي حياتي بدانتظاميءَ ۾ گذري آهي. هاڻي اُن کي ڪو انتظام ۾ آڻي. اها ڳالهه هاڻي بعد از وقت آهي ۽ مذاق آهي.“
”هيءُ مذاق نه آهي، پر بيهودهه گفتگو آهي.“
”آسمان ۾ خدا جو شان آهي“
”هي شعر هڪ ڀيري منهنجي دل مان نڪتو هو. هيءُ شعر نه آهي، پر منهنجا لڙڪ آهن...... انهن کي مان ئي وهايو هو........ اُن وقت نه، جڏهن مان ڪپتان جي ڏاڙهيءَ کي ٿي ڇڪيو.“
”تو هن جي ڳالهه کي، اوچتو ۽ هاڻي ڇو آڻي وڌو؟“
”مان ڇو هن بيوقوفيءَ واريءَ ڳالهه ۾ پيو آهيان؟ سڀئي ڳالهيون پڄاڻيءَ تي پهچي وڃن ٿيون ۽ يڪسانيت اچي ٿي وڃي. هن ۾ طوالت به آهي ۽ اختصار به.“
”توکي خبر آهي، مان تنهنجي پستول جي بابت خيال ڪندو رهان ٿو.“
”هي پڻ بيوقوفي آهي. تون شراب کي پيءُ ۽ عجب نه کاءُ. مان زندگيءَ کي پيارو ٿو گهران ۽ مان هميشھ هن کي پيار ڪندو رهيو آهيان، ۽ بي شرميءَ سان. هيءُ ڪافي آهي، اچ ته زندگي جي زندگيءَ جو شراب پيئون، عجيب ٻار! مان توکي ٻڌائڻ ٿو گهران، ته زندگيءَ جي لباس کي سلامتيءَ سان بلند رکندس. مان ڇو پاڻ کان راضي رهان. مان هڪ بدڪردار انسان آهيان، پر پاڻ کان راضي آهيان. دنيا کي برڪت ٿو سمجهان. هن وقت به خدا ۽ اُن جي مخلوق کي برڪت وارو ٿو سمجهان، پر هڪ موذي بلا کي نابود ڪرڻ گهرجي. جيئن اُن وٽ ٻين کي زهر ڏيڻ لاءِ طاقت نه رهي. اچ، منهنجا پيارا دوست، ته زندگيءَ جي سلامتي لاءِ پيئون. حياتيءَ کان وڌيڪ ٻي قيمتي شيءِ ڪهڙي آهي؟ ٻي ڪابه ڪانه آهي. زندگي جي سلامتي، جا راڻين جي راڻي آهي.“
”هان، تڏهن اچ ته زندگي جي سلامتي ۽ تنهنجي راڻين جي راڻيءَ لاءِ پيئون.“
هنن هڪ گلاس پيتو. جيتوڻيڪ مـِـتيا جوش ۾ فضول خرچ ٿي نظر آيو، پر دردمند به ٿي ڏٺو. نظر ۾ ٿي آيو، ته مٿس ڪو ڳرو ۽ وڏي انتظار وارو بار ڪري پيو آهي.“
”مشا........... اجهو هيءُ تنهنجو مشا آيو آهي! مشا هيڏي اچ. هن گلاس کي سڀاڻي جي صبح جي سونهري وارن واري ديوتا جي سلامتي لاءِ پيءُ......“

”هن کي هيءَ ڇا جي لاءِ ٿو ڏئين؟“ پيوٽراليچ کيس غصي مان چيو.
”هائو، هائو، هائو، مون کي اجازت ڏي مان هن کي ڏيندس.“
”هان.“
مشا گلاس خالي ڪري، نميو ۽ سلام ڪري ڀڄي ويو.
”هي بعد ۾ ياد ڪندو.“ مـِـتيا پنهنجي راءِ ڏني.“ عورت، مان عورت سان محبت ڪريان ٿو! عورت ڇا آهي؟ خلقت جي راڻي! منهنجي دل غمگين آهي. پيوٽراليچ، توکي هئمليٽ ياد آهي. مون کي سخت غم آهي، نيڪ هوريشيو! افسوس غريب يورڪ! شايد مان اهو آهيان. هائو مان هاڻي يورڪ آهيان ۽ پوءِ فقط هڏن جو پڃرو.“
پيوٽراليچ، خاموشي سان ڌيان ڏيئي ٻڌو. مـِـتيا پڻ ٿوري وقت لاءِ خاموش ٿي ويو.
”هيءُ ڪهڙو ڪتو آهي، جو هتي تو ڌاريو آهي؟“ هن دڪاندار کان پڇيو. هن ڪنڊ ۾ ويٺل لئپلئنڊ جي هڪ سهڻي ۽ ڪارين اکين واري ڪتي ڏانهن اشارو ڪيو.
”هي وار وارا اليگزيوينيا، مالڪياڻي جو آهي.“ ڪلارڪ کيس جواب ڏنو. هوءَ هن کي هتي وٺي آئي هئي، پر کانئس وسري ويو آهي. هيءُ کيس موٽائي ڏنو ويندو.
”مان هن جهڙو هڪ فوج ۾ ڏٺو هو.“ مـِـتيا ننڊاکڙي حالت ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. ”ان جون پويون ٽنگون ڀڳل هيون پيوٽراليچ مان توکان غير ارادي طور تي پڇڻ گهران ٿو، ته تو ڪڏهن پنهنجي حياتي ۾ چوري ڪئي آهي؟“
”عجيب سوال؟“
”منهنجو اهو مطلب نه آهي، ته تو ڪنهن جي کيسي تي ڌاڙو هنيو آهي. منهنجو خيال سرڪاري پيسي جو غبن به نه آهي، ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪانه ڪا چوري ڪري ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته توبه اِيئن ضرور ڪيو هوندو........“
”تون ته شيطاني ڳالهيون ڪري رهيو آهين.“
”مان توسان ٻين ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ڪنهن کيسي مان يا ٻٽونءَ مان؟“
”مان لاولي ڪاپيڪس (روسي ننڍڙو سـِـڪو) ماءُ جا چورايا هئا. ان وقت مان نون ورهين جو هوس. مان اهي ميز تان کنيا هئا ۽ انهن کي هٿ ۾ لڪائي رکيو هيم.“
”ٺيڪ آهي، پوءِ ڇا ٿيو؟“
”اڙي ڪجهه به نه، مان ٽي ڏينهن اهي لڪائي رکيا. ان کان پوءِ مون کي شرم آيو. ماءُ جي اڳيان قبوليت ڏئي، انهن کي موٽائي ڏنم.“
”ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟“
”فطرتاً مون کي چهبڪ هنيا ويا. پر تون مون کان اها ڳالهه ڇو ٿو پڇين؟ ڇا توبه ڪا چوري ڪئي آهي ڇا؟“
”هائو“، مـِـتيا اکين کي بيوقوفيءَ سان ڇنڀيندي چيو.
پيوٽراليچ کانئس عجب مان پڇيو ته ”تو ڇا چورايو آهي؟“
”مان ماءُ جا ويهه ”ڪاپيڪس“، جڏهن نون ورهين جو هوس، ته چورايا هيم ۽ وري ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس موٽائي ڏنا هيم.“
اِيئن چئي مـِـتيا هڪدم اٿي بيٺو.
ائنڊري، دڪان جي دروازي مان کيس چيو ته ”دمتري فيودورپاولووچ تون اڃا به نه ايندين ڇا؟“
”تون تيار آهين ته اسان اچون؟“ مـِـتيا تيار ٿيو. آخري فقط چار لفظ..... ائنڊري. تياريءَ جي لاءِ هڪ وڊڪا (هلڪو شراب) جو گلاس....... هن کي ڪجهه برانڊي به ڏيو. هي پيتي؟ (جنهن ۾ پستول به هو). هن کي منهنجي ويهڻ واري جاءِ جي هيٺان رکو. خدا حافظ، پيوٽراليچ، منهنجي لاءِ ڪو خراب خيال قائم نه ڪج.
”پر تون ته سڀاڻي موٽي ايندين؟“
”بيشڪ“
”بل جا پيسا اوهان هاڻي ئي ڏيو ٿا؟ “ ڪلارڪ اڳتي ٽپو ڏيندي ۽ رڙ ڪندي چيو.
”هائو بل، بيشڪ“
هن نوٽن جي بنڊل کي وري کيسي مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ان مان ٽي سؤ نوٽ ڪڍي، دڪان جي تختي تي ڦٽا ڪياِئين ۽ تڪڙ ۾ ڊوڙندو دڪان کان ٻاهر نڪري ويو. سڀ ڪو سندس پويان ٻاهر نڪتو ۽ کيس خوش قسمتي لاءِ دعائون ڏيڻ لڳو. ائنڊري جنهن تازو برانڊيءَ کي ڳڙڪايو هو، کنگهندو، گاڏيءَ جي پيٽي تي وڃي ويٺو. مـِـتيا اڃا پنهنجي جاءِ تي مس ويٺو هو جو اوچتو هن پنهنجي اڳيان فينا کي بيٺل ڏٺو. کيس ڏسي عجب لڳو. هوءَ دانهون ڪندي ڊوڙندي آئي. هوُ سندس سامهون هٿن کي مهٽيندي ۽ روئيندي رهي. پوءِ يڪدم سندس پيرن تي ڪري پئي.
”دمتري فيودورپاولووچ، پيارا نيڪ دمتري فيودورپاولووچ، منهنجي مالڪياڻيءَ کي تڪليف نه ڏي. مان توکي ان جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي. هن کي خون نه ڪجانءِ . هن تي رحم ڪج. هوُ گروشينڪا جو اڳ ۾ ئي دوست هو. هن جي خواهش آهي، ته ساڻس شادي ڪري. انهيءَ ڳالهه لاءِ هوُ سائبيريا کان آيو آهي....... دمتري فيودورپاولووچ اُن کي قتل نه ڪج.“
”هان، هان، ڳالهه تڏهن اِيئن آهي؟ تون انهيءَ لاءِ وڃي رهيو آهين، ته اُتي وڃي مصيبت پيدا ڪرين. پيوٽراليچ کيس چيو. ”هاڻي ڳالهه روشن سج وانگر صاف ٿي چڪي آهي. دمتري فيودورپاولووچ، پستول مون کي ڏي. جيڪڏهن تون مرد آهين ته مون کي واپس ڏيندين“. هن زور سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”پستول، ٿورو وقت ترس ڀاءُ. مان هن کي رستي تي ڪنهن کڏ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندس. “ مـِـتيا کيس چيو. ”فينا اُٿي منهنجي سامهون گوڏن ڀر نه ٿي. مـِـتيا ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيندو. هي بيوقوف وري ڪنهن کي ايذاءُ نه پهچائيندو. پر مان چوان ٿو فينا ته......“ هن پنهنجي جاءِ تي ويهندي چيو ”مان توکي هاڻي تڪليف ڏني هئي، اُن لاءِ مون کي معاف ڪر. هن بدمعاش کي بخش... پر جيڪڏهن تون اُن کي نه ٿي بخشي سگهين ته ٺهيو. اها ساڳي ڳالهه ٿيندي. ائنڊري هاڻي، گاڏيءَ کي اُڏار.“
ائنڊري گهوڙن کي چهبڪ هنيو ۽ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون.
”پيوٽراليچ خدا حافظ، منهنجا آخري ڳوڙها تنهنجي لاءِ آهن.......“
”هن پيتو نه آهي، پر اِيئن ٿو ڳالهائي، ڄڻ ته نشي ۾ آهي. پيوٽراليچ کيس ويندي ڏسي چيو. هن بد دليءَ سان چاهيو، ته ترسي اُن سامان کي ڏسي، جو بعد ۾ وڃڻ وارو هو. يقيناً هوُ مـِـتيا سان ٺڳي ۽ فريب ڪندا. پر اوچتو هوُ پنهنجو پاڻ مونجهاري ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ سڄي ڳالهه تي لعنت وجهندو، هوُ ميخاني ڏانهن بليئرڊ راند کيڏڻ لاءِ ويو.
هيءُ بيوقوف آهي، جيتوڻيڪ چڱو ماڻهو آهي. هنُ پنڌ ڪندي خيال ڪيو. ”مان اُن آفيسر يعني: گروشينڪا جي پهرئين شعلي بابت ٻڌو آهي. جيڪڏهن هن اُن پستول کان ڪم ورتو ته..... کڏ ۾ وجهينس، مان اُن جو رکوال ته نه آهيان! ڀلي جيڪي وڻين سو ڪن. اُن کان سواءِ ، هن جو ڪوبه نتيجو ڪونه نڪرندو. هيءُ ٻئي جهڳڙالو آهن ۽ بس. هيءُ پيئندا ۽ وڙهندا. وڙهي وري دوست بڻجي ويندا. هيءُ اُهي ماڻهو ئي نه آهن، جي سچ پچ ڪجهه ڪري سگهن. پر هن جو هن کان مطلب ڇا هو، ته مان پنهنجي قدمن کي هٽايان ٿو ۽ پاڻ کي سزا ڏيان ٿو.، ڪجهه به نتيجو نه نڪرندو.“ هن ڪيئي ڀيرا، اهي جملا دهرايا آهن ۽ شرابخاني ۾ هزارين ڀيرا! پر هاڻي ته هيءُ پيتل نه هو. پر روحاني طرح پيتل هو. اهڙا بدمعاش اهڙن جملن جي چوڻ جا عادي هوندا آهن. ڇا مان سندس رکوال آهيان؟ هوُ ڪنهن سان ضرور وڙهي آيو هو. سندس منهن رت سان ڀريل هو. پر ڪنهن سان؟ مان ميٽرو پولس ۾ جاچي وٺندس. سندس رومال سڄو رت ۾ ڀريل هو...... اُهو اڃا تائين منهنجي ڪمري جي فرش تي پيو آهي.... کڏ ۾ وجهينس.
هوُ شرابخاني ۾ پهچي ويو. پر سندس مزاج بگڙيل هو. هن هڪدم راند شروع ڪري ڏني. راند کيس راحت ڏني. هن ٻي به راند کيڏي. هن اوچتو پنهنجي ڀائيوارن مان هڪ کي چيو، ته دمتري ڪرامازوف کي وري پيسا ملي ويا آهن. قريباً ٽي هزار روبل. هو ماڪرو وري ويو آهي، ته گروشينڪا سان وري اُهي اڏائي... هن حقيقت ڌيان ڏيندڙن ۾ هڪجهڙي دلچسپي پيدا ڪئي. سڀيئي ان بابت ڳالهائڻ لڳا. وٽن کل جي بجاءِ هڪ عجيب ڪشش هئي. سڀني راند ڪرڻ ڇڏي ڏني.
”ٽي هزار! پر هن اهي ٽي هزار روبل ڪٿان آندا؟“
سوال ٿيندا رهيا. بيگم هائلڪوف جي ڪهاڻيءَ کي شڪ سان ٻڌو ويو.
”اِيئن ته نه آهي، ته هن پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ڦريو آهي؟ اهو سوال آهي؟“
”ٽي هزار روبل! دال ۾ ڪجهه ڪارو نظر اچي ٿو.“
”هن وڏي آواز سان هتي لاف هنئين هئي، ته هو پنهنجي پيءُ کي ماريندو. اسان سڀني کيس اِيئن چوندي ٻڌو هو. ان کانسواءِ هن ٽن هزارن لاءِ به چيو ٿي.“
پيوٽراليچ هي سڀ ڌيان ڏيئي ٿي ٻڌو. اوچتو هو پنهنجي جوابن ۾ مختصر ۽ خشڪ بڻجي ويو. مـِـتيا جي هٿن تي ۽ منهن تي رت جي لڳل داغن بابت هن ڪوبه ذڪر نه ڪيو، جيتوڻيڪ سندس دل چاهيو ٿي ته ان جو ذڪر ڪري.
هنن ٽئين راند شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي مـِـتيا جي بابت گفتگو ختم ٿي وئي. ٽئين راند جي ختم ٿيندي ئي، پيوٽر جي دل ۾ وڌيڪ راند کيڏڻ جي خواهش نه رهي هئي. هن بليئرڊ جي راند کي ڇڏيو ۽ رات جي ماني کائڻ کان سواءِ جنهن جو کيس ارادو هو، هو تفريح گاهه کان ٻاهر نڪري ويو. هو جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو، ته هو سخت مونجهاري ۾ بيهي رهيو ۽ پاڻ کي عجب مان ڏسڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ته کيس هن ڳالهه جي طلب هئي، ته هو فيودورپاولووچ وٽ وڃي معلوم ڪري، ته اتي ڪو حادثو ته نه ٿيو آهي؟ ”هيءُ سڀ ڪجهه بيوقوفي جو باعث ٿيندو، جنهن جو پورو يقين اٿم_ مان سڄي گهر کي اٿاريندس ۽ وڏو جنجل پيدا ٿي ويندو.“ هن پاڻ سان ڳالهايو. ”کڏ ۾ وجهين، اهو منهنجو ڪم آهي ڇا، ته مان سندن رکوالي ڪريان؟“
هو سخت بي ترتيبيءَ ۾ سڌو پنهنجي گهر ڏانهن هليو. اوچتو کيس فينا ياد اچي وئي. ”سڀني کي کڏ ۾ وجهه. مون کي ان وقت کانئس سوال پڇڻ کپندا هئا.“ هن سخت پريشانيءَ ۾ خيال ڪيو، ته ”اهڙي ريت مان سڀ ڪجهه معلوم ڪري سگهان ٿو.“ سندس دل ۾ خواهش پيدا ٿي، ته هو ان سان ڳالهائي ۽ کانئس حقيقت معلوم ڪري. هيءُ خيال مٿس ايڏو ته غالب پئي ويو، جو گهر ڏانهن ويندي اڌ پنڌ کان مڙيو ۽ سڌو ان جاءِ ڏانهن هليو، جتي گروشينڪا ٿي رهي. دروازي وٽ وڃي ان کي کڙڪايائين. رات جي خاموشيءَ ۾ دروازي جي کڙڪي سندس سرمستي کي وڃائي ڇڏيو ۽ بي مزي بڻجي ويو. ڪوبه جواب نه آيو، ڇو ته گهر ۾ سڀئي ننڊ ۾ هئا. کيس سخت درد جو احساس ٿيو ۽ چوڻ لڳو، ته ”هيءُ سڀ بيهودگي آهي.“ اتان هلي وڃڻ جي بجاءِ ، هو هاڻي پوري طاقت سان دروازي کي ورائي ورائي کڙڪائڻ لڳو، جنهن کان سڄي گهٽي شور سان ڀرجي وئي.
”ڪوبه نه ٿو اچي؟ ٺيڪ آهي مان در کي کڙڪائي سڀني کي اٿاريندس.“ هو هر کڙڪي تي اِيئن ڀڻڪندو رهيو ۽ جوش ۾ ايندو رهيو ۽ ساڳي وقت، هن دروازي تي کڙڪن جو انداز ٻيڻو ڪري ڇڏيو.

باب ڇهون: مان پڻ اَچان ٿو

دمتري فيودورپاولووچ رستي تي تيزيءَ سان وڃي رهيو هو. ماڪرويه ويهن ميلن کان ٿورو مٿي هو. مگر ائنڊري جا ٽي گهوڙا ايترو ته تيزيءَ سان ڊوڙي رهيا هئا، جو اِيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ته اِهو مفاصلو ڪلاڪ سوا ۾ پورو ٿي ويندو. هن تيز رفتار مـِـتيا کي تسلي ڏني. هوا تازي ۽ ٿڌيري هئي. آسمان ۾ ستارا چمڪي رهيا هئا. هيءُ اُهو وقت هو، ۽ اُها رات هئي، جڏهن اليوشا زمين تي ڪـِـري، سجدي ۾ وڏي شوق سان قسم ٿي کنيو، ته هـُـو زمين کي هميشھ محبوب رکندو. دمتريءَ جو روح اونداهو هو ۽ سندس آشفتگي جو ڪو اندازو ئي نه هو. باوجود هن اضطراب، وحشت جي سندس قلب پريشان نه هو ۽ سندس وجود جي تاڃي پيٽي کيس سندس راڻي گروشينڪا ڏي پئي ٿي ڇڪيو ۽ سندس ڪوشش هئي، ته هـُـو اُن تائين جلدي پهچي وڃي ۽ اُن سان آخري ملاقات ڪري، پاڻ کي اُن جي شوق جي نشي ۾ غرق ڪري ڇڏي. هڪ شيءِ مان پختگيءَ سان ٻڌايان ٿو. سندس دل لحظي لاءِ به نه ٿي لـُـڏي. هن حقيقت تي اعتبار ڪرڻ گهرجي، ته هن عاشق هڪ گهڙي به پنهنجي نئين رقيب لاءِ حسد کي دل ۾ جاءِ نه ڏني هئي، جو اوچتو ٽپو ڏئي، زمين کان نڪري ويو هو. جيڪڏهن ٻيو ڪو اِهڙيءَ ريت ظاهر ٿئي ها، ته هـُـو اُن جو هڪدم حاسد بڻجي وڃي ها ۽ هـُـو وري پنهنجي خوفناڪ هٿن کي رت سان ڀـَـري ڇڏي ها، پر هـُـو رات جو جيئن تيزيءَ سان ويو ٿي، هـُـن نه بغض نه دشمنيءَ کي ٿي محسوس ڪيو. ڇاڪاڻ ته اِهو ماڻهو پهريون عاشق هو .... هيءَ به حقيقت آهي، ته هن اُن کي اَڃا تائين ڏٺو به نه هو.
”هتي ڪنهن جهڳڙي جو سوال ئي نه آهي. اِهو هن جو (گروشينڪا جو) ۽ هـُـن جو حق هو. هيءَ هـُـن جي پهرئين محبت هئي، جنهن کي وساري نه سگهي هئي. هو ساڻس پنج سال ساندهه محبت ڪندي رَهي ۽ هاڻي مان ڪيئن اُن جي آڏو اَچان؟ مون کي اُن لاءِ ڪهڙو حق آهي؟ هن آفيسر جي باعث سڀ ڪا ڳالهه ختم ٿي چـُـڪي آهي. جيڪڏهن هـُـو ظاهر نه به ٿئي ها، ته اُن جي معاملي ۾ هرڪا ڳالهه ختم سمجهڻ ۾ اَچي ها ....“
هي لفظ سراسري طور سندس جذبات کي ظاهر ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن هـُـو دليل جو صاحب هجي ها، ته اُنهن کي سمجهي ها، پر اُن وقت ڪنهن به دليل وٽس ڪم نه ٿي ڪيو. سندس موجوده عمل جي رٿ، دليل کان سواءِ جاڳي پئي هئي.
فينا جي آخري لفظن سندس جذبات ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي هئي. اُن مان جيڪي نتيجا نڪتا ٿي، اُهي سندس اندر ۾ چمڪاٽ ڏئي رهيا هئا. اُن هوندي به ڪنهن محڪم اِرادي جي بجاءِ سندس روح ۾ مونجهارو ٿي ڏٺو. هڪ درد ڏيندڙ مونجهارو سندس محڪم اِرادو به کيس جمعيت ڏئي نه ٿي سگهيو. اِهي پس پرده اِهڙيون حقيقتون هيون، جيڪي کيس عذاب ڏئي رَهيون هيون. اِنهن گهڙين ۾ کيس هرڪا شيءِ عجيب ٿي نظر آئي. اِيئن کڻي چئجي، ته هن پنهنجي قلم سان ڪاغذ تي خود موت جي فتويٰ ٿي لکي. ”مون کي پاڻ کي سزا ڏيڻ گهرجي.“ اِهو ڪاغذ هردم تيار سندس کيسي ۾ هو. پستول به ڀريل هو. هن اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو هو، ته هـُـو ايندڙ سونن وارن واري ديوتا يعني صبح جو ڪهڙيءَ ريت انتظار ڪري.
اُن هوندي به هـُـو ماضيءَ کي وساري نه ٿي سگهيو، جو سندس پوئتان هو، جنهن کيس عذاب ٿي ڏنو. کيس اُن جو وڏو احساس هو ۽ اُن جي خيال کان سندس دل ٻـُـڏي ٿي وئي ۽ نااُميدي ٿي جهلڪي. هن حالت ۾ وٽس هڪ گهڙي اِهڙي به آئي، جنهن ۾ هن چاهيو ٿي، ته ائنڊري کي روڪي ۽ گاڏيءَ مان ٽپو ڏئي هيٺ لهي، پنهنجي پستول کي ڇڪي ۽ پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ هر شيءِ جو خاتمو ڪري ڇڏي. پر اُها گهڙي هڪ چڻنگ وانگر چمڪي ۽ ختم ٿي وئي. گهوڙا تيزيءَ سان ڊوڙندا ٿي ويا ۽ زمين جي مفاصلي کي ڳڙڪائيندا ٿي ويا. جيئن هـُـو پنهنجي منزل مقصود کي ويجهو ٿيندو ويو. هـُـن خيال، تنها ۽ سندس روح کي وٺي قابو ڪيو ۽ اُن خطرناڪ خيالن جي عڪس کي وٺي ٻاهر ڪيو، جي کيس ڊيڄاري رهيا هئا. ڪيتري قدر نه کيس انتظار هو، ته هـُـو کيس ڏسي، ڇو ته هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ئي پوءِ اِهو پريان ئي هجي.
”هوءَ هاڻي اُن سان آهي،“ هـُـن خيال ڪيو. ”هاڻي مان ڏسندس، ته هوءَ هن کان ڪيتري قدر راضي آهي، جا هـُـن جي پهرئين محبت آهي. هاڻي مان اِهو ڏسندس.“ باوجود هن حقيقت جي ته اُن عورت جي محبت سندس دل سان کيڏندي ٿي رَهي، مگر ڪڏهن به هن پنهنجي دل ۾ ايڏي جلائيندڙ محبت جو احساس ئي نه ڪيو هو، جو هاڻي کيس هو. هيءَ اِهڙي باهه هئي، جنهن کيس ششدر ڪيو هو ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هـُـو پرستش ۽ نابوديءَ جي حد تي پهچي چـُـڪو هو ۽ سندس دل
بي اختياريءَ ۾ مبتلا هئي. اوچتو هن پريشانيءَ ۽ بي خبريءَ جي حالت ۾ چيو ته، ”هائو، هن راهه ۾ مون کي عشق نابود ڪري ڇڏيندو.“
گهوڙا قريباََ هڪ ڪلاڪ ڊوڙندا رَهيا. مـِـتيا خاموش هو. ائنڊري باوجود ڳوٺاڻي جي جيتوڻيڪ گهڻ ڳالهائو هو، هن به هڪ لفظ نه ڳالهايو. هن کي گفتگوءَ کان خوف پئي ٿيو. هن فقط چالاڪيءَ سان پنهنجي ڪمزور گهوڙن کي چهبڪ تي چهبڪ ٿي هنيا. اوچتو مـِـتيا پنهنجي خطرناڪ انتظار سان کانئس پڇيو ته:
”ائنڊري ڇا ٿيندو؟ جي هـُـو ننڊ ۾ هجن؟“
هن خيال ڄڻ ته کيس چماٽ هڻي ڪڍي. هيءُ خيال کيس اڳ ۾ آيو ئي نه هو.
ائنڊري کيس جواب ڏنو ته، ”دمتري فيودورپاولووچ اِهو چڱو ٿيندو، ته هـُـو هن وقت ننڊ ۾ هجن.“
مـِـتيا هن جواب تي درد کان بي تاب ٿي ويو. هائو سچ پچ ..... هـُـو اوڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهيو هو ..... عجيب جذبن سان ..... ۽ اِهڙي وقت ۾ هـُـو ننڊ ۾ هوندا .... شايد هوءَ به ننڊ ۾ هجي ...... سندس دل ۾ ڪاوڙ ڀريل جذبا پيدا ٿيڻ لڳا.
هن خودبخود رڙ ڪري چيو، ته ”گهوڙن کي تيز ڪر ائنڊري، چهبڪ هڻينِ.“
”ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو اَڃا ستا هجن.“ ويرم رکي ائنڊري چيو. ”ٽيموفي چيو ٿي، ته اُتي گهڻئي اَچي گڏ ٿيا آهن.“
”اسٽيشن وٽ؟“
”نه، گاڏين جي اسٽينڊ وٽ نه، پر پلاسٽونوف جي مسافرخاني ۾.“
دمتري، جو هن اَڻ ٿيڻي حقيقت کان وائڙو ٿي ويو هو، پڇڻ لڳو ته، ”اُنهن جو عدد گهڻو آهي؟ ڪهڙي ريت؟ ڪهڙا ماڻهو اُتي موجود آهن؟“
”ٽيموفي چيو ٿي، ته سڀئي مرد آهن. ٻه ته اُنهن مان اَسان جي شهر جا آهن. مگر مان اُنهن کي نه ٿو سڃاڻان. پر ٽيموفي چيو ٿي، ته اُهي اسان جي شهر جا آهن. ٻه اجنبي آهن. شايد ڪو ٻيو به ماڻهو هجي. مان کانئس خاص طرح ڪونه پڇيو هو. هـُـن ٻڌايو ٿي، ته هـُـو تاش جي راند کيڏي رهيا هئا.“
”تاش؟“
”اُن ڪري ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو تاش کيڏڻ جي ڪري، شايد اَڃا سـُـتل نه هجن. اَڃا دير به نه آهي، يارنهن وڄڻ ۾ هوندا.“
”تڪڙو ٿيءُ ائنڊري، تڪڙو ٿيءُ.“ مـِـتيا بيتابيءَ مان وري کيس چيو.
”مان ڪجهه اوهان کان پڇان سائين؟“ ائنڊري کيس چيو، پر مون کي اوهان جي ڪاوڙ کان خوف ٿو ٿئي.
”توکي ڇا چوڻو آهي؟“
”اُهو ڪهڙو سبب هو، جو ٿوري دير اڳ ۾ فينا تنهنجي قدمن ۾ ڪـِـري پئي هئي ۽ توکي عرض ڪري رَهي هئي، ته تون سندس مالڪياڻي کي تڪليف پهچائڻ کان باز اَچ يا ڪنهن ٻئي کي به .....؟ اُن ڪري سائين ..... مان ئي آهيان، جو توکي اُن طرف وٺي وڃي رَهيو آهيان ..... معاف ڪر سائين، هيءُ هاڻي منهنجو ضمير آهي .... شايد اِهڙيءَ ريت هيءَ منهنجي گفتگو بيوقوفي هجي.“
مـِـتيا اوچتو سندس ٻانهن کي پوئتان جهلي، غصي مان چيو، ته ”تون ڪوچبان آهين نه؟“
”هائو سائين .....“
”اُن ڪري توکي ڄاڻڻ کپي، ته ڪنهن کي به پنهنجي درجي کان مٿي نه وڃڻ کپي. تون ئي ٻڌاءِ ته هڪ ڪوچبان کي ڪهڙو جواب ڏيڻ گهرجي؟ ڇا تون هڪ ڪريل ماڻهو تي پنهنجي گاڏي هلائيندين؟ هڪ ڪوچبان کي اِهو نه ٿو ٺهي، ته هـُـو ماڻهن جي مٿان گاڏي هلائيندو رَهي. ڪنهن کي به انسانن جي زندگيءَ کي خراب نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تو ڪنهن جي حياتيءَ کي خراب ڪيو آهي، ته اُن لاءِ پاڻ کي سزا ڏي ..... جيڪڏهن تو ڪنهن جي حياتيءَ کي برباد ڪيو آهي، ته اُن لاءِ به پاڻ کي سزا ڏي ۽ هليو وڃ.“ هي الفاظ مـِـتيا کان جنون جي حالت ۾ نڪرندا رهيا. ائنڊري سندس گفتگوءَ کان حيرت ۾ هو، پر هـُـن پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکيو.
”اِهو صحيح آهي، دمتري فيودورپاولووچ. توهان بلڪل صحيح آهيو. ڪنهن به ماڻهو کي نه کپي، ته هـُـو ٻي کي لتاڙي يا عذاب ڏئي. پوءِ هـُـو انسان آهي يا ٻي مخلوق. ڇاڪاڻ ته هر مخلوق خدا جي پيدائش آهي. مثال طور، هڪ گهوڙو وٺو، ماڻهن وٽ توڙي ڪوچبانن وٽ، اُن کي ڊوڙائڻو آهي، اِنهيءَ کان ته ڪنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي. هو ته هن کي تيز ڊوڙائيندا رهندا.“
”جهنم ۾ وجهينس،“ مـِـتيا وچ ۾ ٽپي پيو ۽ پنهنجي دستوري مخصوص کـِـلَ سان کلڻ لڳو. ”ائنبري سادا روح!“ هن وري کيس سندس ڪلهن کان جهليو، ”مون کي ٻڌاءِ ته دمتري فيودورپاولووچ ڪرامازوف دوزخ ۾ ويندو يا نه؟ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“
”منهنجا عزيز، مون کي اِن جي لاءِ ڪابه خبر نه آهي. اِهو ته توتي مدار رکي ٿو ..... سائين توهان کي اِها خبر آهي، ته جڏهن خدا جي پياري کي صليب تي ڪليون هڻي چاڙهيو ويو ۽ هـُـو مري ويو، ته هـُـو پهريائين جهنم ۾ پهتو ۽ سڀني گنهگارن کي اُت ويندي نجات ڏنائين، جي عذاب ۾ ورتل هئا. شيطان گـُـرڪندو رهيو. ڇاڪاڻ ته کيس هن ڳالهه تي افسوس ٿيو، ته هاڻي جهنم ۾ ڪوبه گنهگار نه هوندو. اُن وقت کيس خدا کان آواز آيو، ته غم نه ڪر، ڇاڪاڻ ته تنهنجي لاءِ زمين تي وڏا طاقتور موجود آهن. بادشاهه، وڏا منصف ۽ شاهوڪار. اهي هن کي هر دور ۾ ڀريندا رهندا، جيستائين منهنجو پيارو وري دنيا ۾ موٽي وڃي. هي آهن سندس صداقت ڀريا لفظَ.“
”هڪ ڳوٺاڻو داستان! نهايت سنگين! ائنڊري کٻي پاسي ڏي گهوڙي کي تيز ڪر.“
”اِهڙي ريت سائين تون ڏسي سگهين ٿو، ته دوزخ ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي.“ ائنڊري گهوڙي کي چهبڪ هڻندي، کٻي پاسي ڏي موڙيو. پر تون هڪ ننڍڙي ٻار وانگر آهين ..... اسان هميشھ توکي اِيئن ڏسندا رهيا آهيون .... توکي هميشھ تڪڙي طبعيت وارو سمجهندا رهيا آهيون. مگر خدا تعاليٰ توکي چڱيءَ دل جي صدقي بخشيندو.
”پر تون، تون ائنڊري مون کي بخشين ٿو؟“
”مان ڪهڙي ڳالهه جي لاءِ توکي بخشيان. تو ته مون کي ڪابه تڪليف نه ڏني آهي؟“
”نه، سڀ ڪنهن جي لاءِ، هن رستي جي مٿان اَڪيلو، تون مون کي ٻين جي لاءِ به بخشي سگهين ٿو؟ ڳالهاءِ سادي ڳوٺاڻي دل!“
”اڙي سائين، مان توکي سواريءَ ۾ آندو آهي، اِنهيءَ لاءِ به مون کي خوف ٿو ٿئي. تون ته عجيب ڳالهيون ڪري رهيو آهين.“
پر مـِـتيا کيس ٻڌوئي نه. هـُـو جنوني حالت ۾ دعائون گهري رهيو هو ۽ پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو.
”خدايا، منهنجي بيقاعدگين جي باوجود منهنجي دستگيري ڪر ۽ مون کي خوار نه ڪر. مون کي پنهنجي فيصلي کان گذرڻ ڏي ...... مون کي خوار نه ڪر. ڇو ته مان پاڻ کي گهڻو خوار ڪري چڪو آهيان. مون کي وڌيڪ خوار نه ڪر، مان ته توسان محبت ڪريان ٿو. مان مصيبت ماريل آهيان، پر مان توسان محبت ڪريان ٿو. جيڪڏهن تون مون کي جهنم ۾ موڪليندين تڏهن به توسان اُتي محبت ڪندس ۽ اُتان دانهون ڪري چوندس، ته مان توسان محبت ڪريان ٿو ۽ فقط توسان، هميشھ لاءِ محبت ڪريان ٿو ..... مون کي آخر تائين محبت ڪرڻ ڏي ..... هتي ۽ هاڻي فقط پنجن ڪلاڪن جي لاءِ آٿت ڏي ..... ايستائين جو ڏينهن جي پهرئين روشني پيدا ٿئي ..... ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي روح جي راڻيءَ سان محبت ڪريان ٿو ...... مان اُن جي محبت کان پاڻ کي روڪي نه ٿو سگهان ..... تنهنجي منهنجي دل تي پوريءَ ريت نگاهه آهي ...... مان ڊوڙندو ويندس ۽ اُن جي قدمن ۾ ڪـِـري چوندس، ته تو چڱو ڪيو جو هلي آئين ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿئي. هاڻي خدا حافظ! پنهنجي شڪار کي معاف ڪر ..... منهنجي لاءِ ڪڏهن به پنهنجي دل ۾ تنگي نه آڻ.“
”ماڪرو!“ ائنڊري رڙ ڪري چيو. هن پنهنجي چهبڪ سان اُن ڏانهن اِشارو ڪيو.
اُداس اُداس رات جي اونداهيءَ مان، جاين جو ڪارو پاڇو نظر ٿي آيو. جنهن جي اڳيان وسيع ميدان هو. ماڪرو جي ڳوٺ جي آدمشماري ٻه هزار کن هئي. سڄي آبادي ننڊ ۾ هئي، مگر هڪ ٻن جاين تي روشني پئي ٿـَـي ٽمڪي.
”ائنڊري گهوڙن کي تکو ڪر، مان پهچي ويس.“ مـِـتيا بيتابيءَ سان چيو.
”هـُـو اَڃا سمهيا پيا آهن.“ ائنڊري وري پلاسٽينيوف جي سرائي ڏانهن چهبڪ سان اشارو ڪندي چيو، جا ڳوٺ جي بلڪل منهن وٽ هئي. گهٽيءَ جي طرف واريون ڇهه ئي دريون روشن ٿي ڏٺيون.
”هـُـو اَڃا نه ستا آهن،“ مـِـتيا خوشيءَ مان دهرايو. ”جلدي ڪر ائنڊري، گهوڙن کي هڪل ڏي ۽ تيز ڪر. گهنٽيءَ کي وڄائڻ شروع ڪر! ڀلي ته سڀني کي خبر پوي ته مان آيو آهيان. مان پڻ اَچان ٿو، مان پڻ اَچان ٿو.“
ائنڊري ٿڪل گهوڙن کي ڊوڙائڻ شروع ڪيو ۽ سندن واڳن کي ڇڪڻ شروع ڪيائين ۽ ٿڪل گهوڙا، وڏين گامن سان ڊوڙڻ لڳا.
مـِـتيا جيئن ئي گاڏيءَ مان ٽپو ڏيئي هيٺ لٿو، سراءِ جي مالڪ، جو پنهنجي بستري ڏانهن ٿي ويو، ڏاڪڻ تان ليئو پائي ڏٺو ۽ عجب مان نهارڻ لڳو، ته ڪير آيو آهي؟
”تريفان بورسووچ تون آهين؟“
سراءِ جو مالڪ جهڪي ويو ۽ چتائي ڏسڻ لڳو. هـُـو ڏاڪڻ تان ڊوڙندو وڏي هيج مان مهمان کي ملڻ لاءِ وڌيو.
”دمتري فيودورپاولووچ! مان اوهان کي ٻيهر ڏسي رهيو آهيان؟“
تريفان بورسووچ، جسم جو چڱو ٿلهو هو ۽ صحتمند ڳوٺاڻو ٿي ڏٺو. سندس قد وچولو هو ۽ منهن ٿلهو. سندس خط و خال مان هـُـو تنگ مزاج ۽ وحشي ٿي ڏٺو. خاص ڪري ماڪرو جي رهندڙن لاءِ سختگير هو. پر اُن هوندي به جڏهن کيس پنهنجي نفعي جو احساس پيدا ٿيندو هو، ته نهايت مؤدب ۽ مهربان بڻجي ويندو هو. کيس بدن تي روسي لباس هو. وٽس پيسو جام هو، پر هميشھ اِنهيءَ خيال ۾ ٿي رهيو، ته اُن کي وڌ کان وڌ وڌائي.
ماڪرو جا اڌ ڳوٺاڻا، جي سندس مقروض هئا، سندس گرفت ۾ هئا. هـُـو پسگردائيءَ جي زميندارن کان سندن زمينون خريد ڪندو ٿي رهيو ۽ اِنهن کي، اُنهن ماڻهن جي هٿن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ٿي ڏنائين، جيڪي سندس مقروض هئا ۽ کيس اُميد هئي، ته سندس ڪڏهن به مخالف نه ٿيندا. سندس زال مري چڪي هئي ۽ اُن مان کيس چار ڌيئرون هيون، جي هاڻي بالغ هيون. اُنهن مان هڪ رنڙ هئي، جا پنهنجي ٻن ٻارن سان سراءِ ٿي رهي. جي سندس ڏوهٽا هئا. هيءُ وٽس خادمن وانگر ڪم ڪندا ٿي رهيا. سندس باقي ڌيئر ڪن چڱن آفيسرن سان پرڻيل هيون، جي سراءِ جي هڪ ڪمري جي ڀت تي لڳل خانداني فوٽو ۾ صاف ٿي ڏٺا. سندن آفيسري لباس ۾ آسانيءَ سان سندن سڃاڻپ ٿي پئي سگهي. سندس ٻن ڌيئرن کي فيشن واري نيري ۽ سائي رنگ جي لباس پهرڻ جو شوق هو. سندن لباس پٺيءَ کان تنگ هو، مگر سندن دامن نهايت دراز هئا. پر هيءُ لباس هـُـو اُن وقت پهرينديون هيون، جڏهن ديول جي موڪل هوندي هئي يا هـُـو ڪاڏي گهمڻ لاءِ وينديون هيون، پر صبح ٿيندي ئي، هــُـو پرهه ڦٽيءَ جو اُٿنديون هيون ۽ دستور موجب ڪمرن کي ٻـُـهاري صاف ڪنديون هيون ۽ مهمانن جي ڪمرن جي ٺاهه ٺوهه ۾ لڳي وينديون هيون.
هزارين روبل جي هوندي به جي هن بچايا هئا، تريفان بورسووچ، شرابي مهمانن جي کيسن کي نشي ۾ خوب ڦـُـرڻ جو عادي هو. هن کي ياد هو، ته مهينو کن اڳي هن چوويهن ڪلاڪن ۾ دمتريءَ کان ٻه نه پر ٽي سـَـؤ روبل هٿ آندا هئا. اُن وقت جڏهن هـُـو گروشينڪا کي پابنديءَ کان ٻاهر ڪـَـڍي آيو هو. هي هاڻي کيس ڏاڍي شوق مان مليو. هـُـن اُن وقت ئي پنهنجي شڪار تي سوچڻ شروع ڪيو، جڏهن دمتري ڏاڪڻ تي چڙهڻ شروع ڪيو.
”دمتري فيودورپاولووچ، مان توکي ٻيهر ڏسي خوش ٿيو آهيان.“
”ترس، تريفان بورسووچ، پهرئين ۽ ضروري ڳالهه، هوءَ ڪٿي آهي؟“
”آگرافينا اليگزينڊرووينا؟“ سراءِ جي مالڪ هڪدم سمجهي ورتو. هن مـِـتيا جي منهن ۾ تيز نگاهن سان ڏٺو، هوءَ پڻ هتي آهي .....
”ڪنهن سان؟ ڪنهن سان؟“
”ڪي اوپرا ماڻهو آهن. هڪ ڪو آفيسر ۽ سکر ماڻهو ٿو ڏسجي. مان سندس گفتگوءَ مان سمجهيو آهي، ته هـُـو پولينڊ جو آهي. هن هتان اُن جي لاءِ گهوڙا موڪليا هئا. ٻيو ڪو سندس دوست آهي. يا ته سندس دوست آهي يا سفر جو رفيق. کين پوشاڪ ملڪي ماڻهن جهڙي آهي.“
”ٺيڪ آهي. هنن جي دعوت آهي. ڪو پيسو به اَٿن؟“
”هڪ سادي سودي دعوت، جنهن جي لاءِ ڪابه لاف هڻي نه ٿي سگهجي، فيودورپاولووچ.“
”ها، اُن لاءِ ڪابه لاف هڻي نه ٿي سگهجي. پر ٻيا ڪير آهن؟“
”ٻه ٻيا شهر جا ماڻهو آهن. اُهي شرني کان آيا آهن ۽ هتي رهيا پيا آهن. هڪ ته نوجوان آهي ۽ مسٽر ميرسوف جو عزيز آهي. مون کان سندس نالو وسري ويو آهي ... مان سمجهان ٿو، ته ٻئي کي تون سڃاڻندو هوندين؟ سندس نالو ميڪزيموف آهي. جيئن هن ٻڌايو، هـُـو ڪنهن زيارت تي ويو هو، شايد ڪنهن شهر جي مڙهيءَ کي ڏسڻ لاءِ. هـُـو ميرسوف جي مائٽ سان گڏ سفر ڪري رهيو آهي.“
”بس اِهي ئي آهن؟“
”هائو.“
”ترس، ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ، تريفان بورسووچ. مون کي مکيه ڳالهه ٻڌاءِ. تو هن کي ڪيئن ڏٺو؟ هوءَ ڪهڙي حالت ۾ آهي؟“
”هن کي ٿورو وقت آئي ٿيو آهي ۽ هوءَ هنن سان گڏ ويٺي آهي.“
”هوءَ خوش آهي ۽ کـِـلي به ٿي!؟“
”نه، مان سمجهان ٿو، ته هوءَ گهڻو نه ٿي کـِـلي. هـُـوءَ ڪنهن مونجهاري ۾ ڦاٿل آهي. هوءَ اُن نوجوان جي وارن کي ڦڻي ڏئي رَهي آهي.“
”پولينڊ واري آفيسر کي .....؟“
اُهو ته نوجوان نه آهي، شايد هـُـو آفيسر به نه آهي. اُن کي نه سائين، مان اُن نوجوان مهربان جي ڳالهه ٿو ڪريان، ميرسوف جي عزيز جي. مون کان سندس نالو وسري ٿو وڃي .....“
”ڪالگانوف؟“
”ها ڪالگانوف.“
”ٺيڪ آهي. اُن کي مان پاڻهي ڏسندس. ڇا هـُـو تاش (پتي راند) کيڏي رهيا آهن؟“
”اُهي کيڏي ته رهيا هئا، پر هاڻي راند بند ڪئي اَٿن. هو هاڻي چاءِ پي رهيا آهن. اُن آفيسر شراب لاءِ چيو آهي.“
ترس تريفان بورسووچ. منهنجا عزيز دوست! مان اِنهن سڀني ڳالهين کي پاڻ ڏسندس. هاڻي هڪ وڌيڪ سوال جو جواب ڏي. ڇا خانه بدوش هتي آهن؟
”خانه بدوش هاڻي ڪٿي آهن دمتري فيودورپاولووچ. هتي جي حاڪمن اُنهن کي هڪالي ڇڏيو آهي. پر يهودي اَڃا موجود آهن، جي دف ۽ سارنگين کي ڳوٺ ۾ وڄائين ٿا. هـُـو اَچي ويندا، جيڪڏهن اُنهن کي ماڻهو موڪليو ويو.“
”يقيناً، اِنهن ڏي ماڻهو موڪل.“ مـِـتيا جواب ڏنو. اڳين ڀيري وانگر ڇوڪريون به ملي وينديون. خاص طور ماريا، اسٽينيڊا ۽ آرينا پڻ. هن ڪورس جي لاءِ ٻه سـَـؤ روبل ڏبا.
ايتري رقم تي، ته مان سڄي ڳوٺ کي، جيتوڻيڪ هاڻي هـُـو ننڊ ۾ آهن، گڏ ڪري سگهان ٿو. هتان جا ڳوٺاڻا ڇوڪرا يا ڇوڪريون، دمتري فيودورپاولووچ ايتري قيمت به رکن ٿا؟ ايتري موڙي ۾ اِهڙن جي تميز ۽ ڪوڏي مهانگن ماڻهن لاءِ! ڪنهن دهقاني کي سگار پيئارڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هي ڏنگيندڙ جيت آهن ۽ ڇوڪريون سڀئي جونئن ڀريون. مون وٽ پنهنجون ڌيئرون آهن، اُهي مفت ۾ وَهن ٿيون، هاڻي ته ايڏي وڏي رقم آهي. هـُـو هاڻي سمهڻ لاءِ ويون آهن. مان هاڻي اُنهن کي اُٿاري، راڳ ڪرڻ لاءِ تيار ڪندس. تو ته ٻئي ڏينهن ڳوٺاڻين کي به شئمپين پيئڻ لاءِ ڏنو هو. ها، ها، ها!
تريفان بوروسووچ وڏي مڪاريءَ سان دلسوزيءَ جو اظهار ٿي ڪيو. هن اڳئين دفعي اڌ ڊزن شئمپين جون بوتلون کسڪائي ورتيون هيون ۽ ميز جي هيٺان سؤ روبل ترڪائي ورتا هئائين، جي سندس چنبي ۾ ئي رهجي ويا.
”تريفان بوروسووچ مان گذريل ڀيري، جڏهن مان هت هوس هڪ هزار روبل خرچ ڪيا هئا. توکي ياد آهي؟“
”بيشڪ تو ايترو خرچ ڪيو هو، تون سچ ٿو چوين. تو وٽ اَڃا ٻه ٽي هزار روبل هئا.“
”خير، مان وري به ساڳي ريت آيو آهيان. توکي خبر هجي.“
هن هڪدم نوٽن جي ٿـَـهي کي ڪـَـڍي ورتو ۽ اُنهن کي سراءِ جي مالڪ جي نڪ وٽ جهلي بيٺو.
”هاڻي ڌيان لائي ٻـُـڌ. ڪلاڪ کن جي اندر شراب پهچي ويندو ۽ اُن کانسواءِ مٺائي ۽ ٻيون نمڪين شيون. اُهي سڀئي هڪدم هتي کڻي پهچاءِ. ائنڊري وٽ جا پيتي آهي، اُها کڻي اَچ. اُن کي کول ۽ شئمپين کي پنهنجي قبضي ۾ ڪر. مون کي ڇوڪريون کپن، ڇوڪريون....... خاص طرح ماريا.“
هو گاڏيءَ ڏي مڙيو ۽ پستول جو مياڻ کڻي ورتائين.
”چڱو ائنڊري، هاڻي توسان معاملو صفا ڪريان. پندرنهن روبل ڀاڙي لاءِ ۽ پنجاهه روبل وڊڪا (شراب) جي لاءِ ...... هيءُ تنهنجي تيزي ۽ محبت لاءِ انعام آهي .... ڪرامازوف کي ياد رکجانءِ!“
”مون کي خوف ٿو ٿئي سائين. مون کي پندرنهن روبل ڀاڙي لاءِ ڪافي آهن ۽ پندرنهن وڌيڪ کڻي ڏيو. مان ايترا پيسا ڪونه وٺندس.“ ائنڊري صفائيءَ سان چيو. تريفان بورسووچ هن تي شاهد آهي. منهنجي بيوقوفيءَ جي لفظن کي معاف ڪجانءِ.
”توکي ڪهڙو خوف ٿو ٿئي؟“ مـِـتيا کيس خيال ۾ توريندي، پڇيو.
”چڱو وڃي کڏ ۾ پـَـؤ. پاڻ ڄاڻُ. هن ڏي پنج روبل ڦٽي ڪري ڇڏيائين. هاڻي تريفان بورسووچ، مون کي اطمينان سان وٺي هل. پر بيهه، مون کي هنن تي هڪ نظر وجهڻ ڏي. پر اِهڙيءَ ريت جيئن مون کي هـُـو نه ڏسن. هـُـو ڪٿي آهن؟ نيري ڪمري ۾؟“
تريفان بورسووچ کيس مسلسل ڏٺو ۽ ساڳي وقت کيس اُن جي اِجازت به ڏنائين. کيس گهٽي مان وٺي هليو ۽ پاڻ پهريائين هڪ وڏي ڪمري ۾ گهڙي ويو، جا اُن ڪمري سان گڏ هئي، جنهن ۾ ملاقاتي گڏ موجود هئا. هن روشني پري ڪري ڇڏي ۽ نحفي طرح مـِـتيا کي اندر وٺي ويو. اونداهي ۾ هڪ ڪمري جي ڪـُـنڊ ۾ اُن کي بيهاري ڇڏيائين. جتي هـُـو آزاديءَ سان اُن سڄي جماعت کي ڏسي ٿي سگهيو. پر مـِـتيا گهڻو وقت نه ترسيو. سچ پچ ته هو ٻين کي ڏسي نه سگهيو. هـِـن فقط هـُـن (گروشينڪا) کي ڏٺو. اُن وقت سندس دل خطرناڪ نموني ۾ ٽپا ڏيئي رَهي هئي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه سندس اکين اڳيان اونداهو بڻجي ويو.
هـُـوءَ ميز جي پاسي ۾ هڪ هيٺانهين ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. سندس پاسي ۾ هڪ صوفي تي حسين نوجوان ڪلگنوف ويٺو هو. هـُـن اُن جي هٿ کي وٺي کليو ٿي. هـُـو ڪجهه منجهيل ٿي ڏٺو. هـُـن گروشينڪا ڏي نه ٿي نهاريو، پر مڪئزيموف کي بلند آواز ۾ ڪجهه چئي رهيو هو، جو ميز جي ٻي پاسي، گروشينڪا ڏي منهن ڪيو ويٺو هو. مڪئزيموف ڪنهن ڳالهه تي زور سان کـِـلي رهيو هو. صوفي تي هـُـو ويٺو هو ۽ صوفي جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ڪو اجنبي ٿي ڏٺو. صوفي تي ويٺل ماڻهو پٺتي لڏي رهيو هو ۽ پنهنجي پائيپ کي تيار ڪري رهيو. مـِـتيا اُن کي ڏسي خيال ڪيو، ته هـُـو چڱو مضبوط، وڏي منهن وارو ڪوتاهه قد آهي. هـُـو ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙيل ٿي ڏٺو. سندس دوست، هـُـو اجنبي، مـِـتيا کي ڊگهي قد وارو لڳو ۽ اُن بابت وڌيڪ ڪجهه به جاچي نه سگهيو. هـُـن پنهنجي ساهه کي روڪيو. هـُـو هڪ گهڙيءَ لاءِ به هيءُ نظارو سهي نه سگهيو. هن پستول جي مياڻ کي سيني وٽ هٿ لائي ڏٺو. دل جي ڌڪ ڌڪ سان گهمندو رهيو. هـُـو ڄڻ ته ٿڌو ٿي ويو هو. گهمندي گهمندي، هـُـو نيري ڪمري ۾ اُن جماعت کي منهن ڏيڻ لاءِ اندر گهڙي ويو.
”اَڙي!“ گروشينڪا کيس پهريائين ڏسي، وڏي آواز سان رڙ ڪئي.

باب ستون: پهريون ۽ فرض شناس عاشق

ڊگها قدم کڻندو مـِـتيا سـِـڌو ميز وٽ پهتو.
”مهربان!“ هن وڏي آواز ۾ چيو، ڄڻ ته رڙيون ڪري رهيو هو، ۽ اُن هوندي به هر هڪ لفظ تي جهڪيو ٿي. ”مان ..... مان ٺيڪ آهيان! مون کان خوف نه کائو. ڪابه اِهڙي شيءِ ڪانه آهي.“ هـُـو اوچتو گروشينڪا ڏي مـُـڙيو، جا ڪرسيءَ تي ڪلگنوف جي طرف جهڪي پئي هئي ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن کي قابو جهليو هئائين. ”مان پڻ اَچي ويو آهيان ۽ صبح تائين هتي هوندس.“ هن چيو. ”مهربانو،مان هتي صبح تائين ترسي سگهان ٿو؟ هن ڪوٺيءَ ۾ فقط صبح تائين.“
اِيئن چوندي، هـُـو وري اُن ڪوتاهه قد ۽ ٿلهي ماڻهوءِ ڏي ڦريو. جو صوفي تي ويٺو هو ۽ کيس هٿ ۾ پائيپ هو. هن پنهنجي پائيپ کي چپن کان سوريو. هـُـن ڪافي شان شوڪت جو مظاهرو ڪندي، سختيءَ سان چيو:
”هون، هتي اَسين ڳجهيءَ طرح گڏ ٿيا آهيون. هن کان سواءِ ٻيون به ڪوٺيون آهن.“
”اڙي تون، ته دمتري فيودورپاولووچ آهين. تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ ڪلگنوف کيس تڪڙ ۾ چيو. ”اسان سان ڀلي گڏجي ويهه. تون خوش ته آهين؟“
”توکي ڏسي پيارا مون کي بيحد خوشي ٿي آهي ...... منهنجا لاجواب دوست. مان تنهنجي لاءِ هميشھ بهتر سوچيندو رَهيو آهيان.“ مـِـتيا خوشي ۽ شوق مان کيس جواب ڏنو ۽ پنهنجي هٿ کي هڪدم ميز ڏي ڊگهو ڪيائين.
”اڙي ڪيڏو نه زور سان پيڄائي هٿ کي جهليو اَٿئي! تو منهنجون آڱريون ئي ڀڃي وڌيون.“ ڪلگنوف کلندي کيس چيو.
”هي هميشھ اِيئن زور ڏيڻ جو عادي آهي.“ گروشينڪا خوشيءَ مان چوڻ لڳي. سندس مشڪڻ مان بزدلي پئي ظاهر ٿي. اوچتو اِيئن ايندي به هن مـِـتيا جي منهن مان سمجهي ورتو هو، ته هـُـو ڪنهن به هـُـل بکيڙي لاءِ نه آيو آهي. هوءَ کيس وڏي پريشانيءَ مان جاچي ۽ نهاري رَهي هئي ۽ اَڃا به کيس سڪون نه هو. هوءَ مـِـتيا جي حالت کان متاثر ٿي ڏٺي. هن آخر ۾ هيءَ اُميد نه ٿي رکي، ته هـُـو سچ پچ ايڏو تڪڙو ايندو ۽ اِهڙيءَ حالت ۾ ڳالهائيندو.
”شام بخير“ ، ميڪزيموف، کيس دوستاڻي نموني ۾ کيڪاريو. مـِـتيا اُن ڏي ڊوڙي پيو.
”شام بخير،“ تون پڻ هتي آهين. توکي هتي ڏسي بيحد خوشي ٿي اَٿم. مهربانو، مهربانو، مان .... (هن پولينڊ جي سکر ماڻهوءَ ڏانهن نهاري چيو، جنهن وري پائيپ منهن سان لڳايو هو ۽ هـُـو ڄڻ ته سڀني ۾ معزز ٿي لڳو.) ”مان هيڏي آيس .... مان چاهيو ٿي، ته پنهنجو آخري ڏينهن ۽ پنهنجي آخري گهڙي هن ڪمري ۾ گذاريان، جتي مون پڻ پنهنجي راڻيءَ جو جشن ملهايو هو. مون کي معاف ڪر صاحب،“ هـُـن جوش مان رڙ ڪري چيو، مان هيڏي هليو آيس، جنهن جو مون کي ڏک آهي. تون مون کان خوف نه کاءُ، هيءَ منهنجي آخري رات آهي! اَچو ته هن آشتيءَ تي شراب کي پيئون. هـُـو شراب کي هڪدم کڻي ايندا. مان پاڻ سان اُن کي کڻي آيو آهيان. (کيس ڪو خيال آيو ۽ هـُـن نوٽن جي بنڊل کي ڪـَـڍي ورتو.) مون کي اجازت ڏي صاحب؟ مون کي موسيقي ۽ راڳ کپي. جيئن اڳ ڪيو هئم. پر هيءُ، غير ضروري ڪينئون هتان رڙهي ويندو ۽ وري ڪونه هوندو. مون کي پنهنجي خوشي ۽ آخري رات جو جشن ملهائڻ ڏيو.
هـُـو وڏي خفي ۾ هو. هن گهڻي کان گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ ٿي گهريو. پر هيءُ عجيب جملا هئا، جي سندس زبان کان اَدا ٿيا هئا. پول هن کي چتائي ٿي ڏٺو. خاص ڪري نوٽن جي بنڊل کي، جي سندس هٿ ۾ هئا. هـُـو گروشينڪا ڏي به نهاري رهيو هو ۽ بيحد مونجهاري ۾ هو.
”جيڪڏهن مون کي ساهي خاتون اِجازت ڏي .....“ هن وري ڳالهائڻ ٿي گهريو.
”تنهنجو ’ساهي‘ کان ڪهڙو مطلب آهي، تون شايد ’شاهي‘ چوڻ گهرين ٿو؟ مان توتي کلڻ کانسواءِ رَهي نه ٿي سگهان. تنهنجو ڳالهائڻ عجيب آهي. ويهي رَهه مـِـتيا، تون ڪهڙي حقيقت لاءِ ڳالهائڻ گهرين ٿو؟ مهرباني ڪري اَسان کي ڊيڄار نه. اُميد ته تون اَسان کي نه ڊيڄاريندين. اِيئن نه؟ جيڪڏهن تون اِيئن ڪندين، ته مان توکي ڏسي بيحد خوش ٿينديس .....“
”مان ۽ توکي ڊيڄاريندس!“ هـُـو هٿن کي مهٽڻ لڳو. ”مون وٽان گذري وڃ، پنهنجو رستو وٺ. مان توکي تڪليف نه ڏيندس ......“
اوچتو هـُـن سڀني کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. اِنهيءَ ۾ شڪ نه آهي، ته پاڻ کي به، هـُـن پاڻ کي ڪرسي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ ڳوڙها وهائڻ لڳو. سامهون واري ڀت کان منهن ڦيرائي، هن پنهنجي ٻانهن سان ڪرسيءَ کي مضبوط جهليو. ڄڻ ته اُن کي آغوش ۾ وٺي رهيو هو.
”ڇڏ، ڇڏ، عجيب ماڻهو ٿو ڏسڻ ۾ اَچين.“ گروشينڪا دوستاڻي نموني کيس چيو. ”اِجهو هيءُ هاڻي منهنجي ملاقات لاءِ آيو آهي. هن ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ مون کي خبر نه ٿي پوي، ته هن جو مقصد ڪهڙو آهي؟ هـُـن اڳي به اِيئن ڪيو هو ۽ هاڻي به اِيئن ئي ڪري رهيو آهي. هي بيشرميءَ جهڙي ڳالهه آهي! تون ڇو ٿو دانهون ڪرين؟ ڄڻ ته ڪا اِهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي توکي دانهون ڪرڻيون آهن.“ هـُـن هرهڪ لفظ کي ڳجهارت جي نموني ۾، جنهن ۾ ڪجهه ڪاوڙ به هئي، سمجهائڻ شروع ڪيو.
”...... مان دانهون ڪونه ٿو ڪريان .......... خير شام بخير“ . هـُـو پنهنجي ڪرسيءَ ۾ ڦريو. هـُـو اوچتو کليو. سندس کـِـلَ دستوري نه هئي، پر هڪ طويل، لرزه خيز.
”وري پنهنجي حال ۾ اَچي وئين ..... اَچ پاڻ کي خوش ڪر.“ گروشينڪا مٿس زور آڻيندي چيو. ”مان تنهنجي اَچڻ تي بيحد خوش ٿي آهيان. مـِـتيا تون ٻڌين به ٿو، مان ڏاڍي خوش آهيان. مان چاهيان ٿي، ته هيءُ اَسان سان گڏ هجي. هن زور آڻيندي، سڄي جماعت کي چيو. جيتوڻيڪ سندس مخاطب خاص طرح صوفي تي ويٺل ماڻهو هو. منهنجي اِها مرضي آهي، اِها مرضي آهي. جيڪڏهن هيءُ هليو ويندو، ته مان به هلي وينديس.“ هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون.
”منهنجي راڻي قانوني لهجي ۾ حڪم ٿي ڏي.“ ٻول هي اعلان ڪندي، ڏاڍي دليريءَ سان، گروشينڪا جي هٿ کي چميو. ”مان توکي عرض ٿو ڪريان صاحب، ته اَسان جي جماعت ۾ شامل ٿي وڃ.“ هن مـِـتيا کي بيحد مروت سان چيو.
مـِـتيا پنهنجي محڪم اِرادي سان ٽپو ڏئي اُٿڻ وارو هو، ته هـُـن پنهنجي ٽوڪ واري تقرير کي وري جاري رکيو، پر لفظن کيس سهارو نه ڏنو.
”اچ ته شراب پيئون صاحب!“ هن تقرير ڪرڻ جي بجاءِ سادي جملي کان ڪم ورتو. سڀ ڪو کلڻ لڳو.
”خدايا! مان سمجهيو ٿي، ته هيءُ وري ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندو!“ گروشينڪا پريشانيءَ جي حالت ۾ پڇيو. ”مـِـتيا ٻڌين ٿو.“ هـُـو ڳالهائيندي وئي. ”ٽپا نه ڏي، تو چڱو ڪيو جو شئمپين آندو اَٿئي. مون کي پاڻ اُن جي گهرج آهي. مون کي معمولي شراب پسند نه آهي. سڀ کان وڌيڪ ڀلي ڳالهه هيءَ آهي، ته تون پاڻ آيو آهين. اسين هتي ڏاڍا مونجهيا هئاسون ..... تون وري عيش جي محفل لاءِ آيو آهين. پر پنهنجي رقم کي پنهنجي کيسي ۾ وجهه. توکي هيءَ رقم ڪٿان هٿ آئي؟“
مـِـتيا هن سموري وقت ۾ مروڙيل نوٽن کي هٿ ۾ رکيو ويٺو هو، جن تي سڀني جون اکيون ٿي پيون. خاص طرح اُن پول جون. هـُـن مونجهاري ۾ تيزيءَ سان نوٽن کي کيسي ۾ وڌو ۽ ڳاڙهو ٿي ويو. عين اُن وقت سراءِ جو مالڪ شئمپين جي هڪ کـُـليل بوتل کي کڻي اندر آيو. مگر هـُـو ايترو ته منجهيل هو، جو کيس ڪابه خبرنه ٿي پئي، ته اُن کي ڇا ڪري؟ ڪلگنوف اُن کان بوتل ورتي ۽ شئمپين کي اوتڻ لڳو.
”ٻي به، ٻي به بوتل“ سراءِ جي مالڪ کي رڙ ڪري چيو. هن کان هيءَ ڳالهه ئي وسري وئي هئي، ته هن اُن پول کي باهمي صلح جي ڪري شراب جي گلاس جي دعوت ڏني هئي. هـُـو ڪنهن ٻي جي لاءِ ترسڻ کان سواءِ، ڀريل گلاس پي ويو. اوچتو سندس چهرو تبديل ٿي ويو. جن سادن ۽ مفهوم خيالن سان هـُـو اندر آيو هو، اُهي وٽانئس غائب ٿي ويا ۽ ٻاراڻي جهلڪ سندس منهن مان ظاهر ٿيڻ لڳي. هـُـو اوچتو مهربان ۽ صابر بڻجي ويو هو. هـُـو هر ڪنهن کي شرمائڻ وانگي، ۽ خوشيءَ مان نهارڻ لڳو ۽ بد دماغيءَ سان هلڪيءَ کـِـلَ سان کلڻ لڳو. هـُـو اُن روحاني خوشيءَ سان معمور هو، جا غلط ڪم جي نتيجي سزا جي صورت ۾ حاصل ٿيندي آهي ۽ وساري ويندي آهي. اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته هن سڀ ڪنهن شيءِ کي وساري ڇڏيو آهي ۽ سڀ ڪنهن کي، چوڌاري خوشيءَ مان هر ڪنهن کي ڏسڻ لڳو. هـُـو گروشينڪا کي ساندهه ڏسندو ۽ کلندو رهيو ۽ پنهنجي ڪرسي کڻي اُن جي ويجهو وڃي ويٺو. آهستي آهستي هن ٻن پول جي بابت سوچڻ شروع ڪيو، جيتوڻيڪ هن اُنهن بابت اَڃا ڪابه راءِ قائم نه ڪئي هئي.
صوفي تي ويٺل پول، پنهنجي عزت ڀريءَ وضع ۽ پول جي سليقي سان مٿس وڏو اَثر ڪيو. خاص ڪري سندس پائيپ کيس بيحد پسند آيو. ”هن جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هيءُ ته پڻ سٺي ڳالهه آهي، جو هـُـو پائيپ کي ٿو ڇڪي.“ هـُـو غور ڪندو رَهيو. پول جي وچئين عمر وارو چهرو دونهين سان ڀريل هو. جنهن ۾ بينو نڪ ۽ خضاب لڳل بيحيا ۽ بدتميز مـڇون موجود هيون. پر اُنهن مـِـتيا تي ڪو به اَثر نه آندو. هن تي خاص طرح سائيبريا ۾ وارن جي ٺهيل ٽوپي ته ڪو اثر نه ڪيو، پر پنهنجي وارن کي جنهن بيوقوفي سان ڦڻي ڏني هئائين، اُن جو مٿس ضرور اَثر ٿيو. ”مان سمجهان ٿو، ته هيءُ به ٺيڪ آهي، جڏهن ته هـُـو وارن جي ٽوپي ٿو پائي.“ هـُـو سندس حالت مان مزو وٺي رهيو هو. ٻيو اُن کان ننڍي عمر وارو پول جو بي دلي ۽ مونجهاري ۾ مجلس ۾ ويٺو هو، خاموش ۽ نفرت سان گفتگوءَ کي ٻڌي رهيو هو، مـِـتيا کي وڌيڪ متاثر ڪيو. سندس طويل قد جو صوفي تي ويٺل ماڻهو کان بلڪل مختلف هو، مـِـتيا چتائي ڏسندو رَهيو. ”جيڪڏهن هي اُٿي بيٺو، ته ڇهه فوٽ ٽي اَنچ ٿي ويندو.“ هي خيال مـِـتيا جي دل جي اندر ڦرندو رهيو. هـُـو اندر ئي اندر پاڻ کي چوڻ لڳو، ته هيءُ ڊگهي قد وارو ٻيءَ جو دوست ۽ رفيق آهي. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ، اُن جو محافظ هجي. ڏسڻ ۾ به اِيئن ٿي آيو، ته هـُـو ننڍي قد پائيپ وارو کيس حڪم ڏئي رهيو هو. هي سڀ ڪجهه مـِـتيا جي دل ۾ صحيح ۽ پورو ٿي نظر آيو، جنهن تي ڪنهن به ٻئي سوال جي ضرورت نه هئي. هـُـو جنهن ريت صابر بڻجي ويو هو، اُن سندس رقابت جو سڄو احساس ختم ڪري ڇڏيو هو.
گروشينڪا جي طرز ۽ سندس ڪن ڳجهارت جهڙن لفظن کي، هـُـو مڪمل ريت سمجهي نه سگهيو. هـُـو پنهنجي دهڪندڙ دل سان فقط هيءُ ئي سمجهي سگهيو هو، ته هوءَ مٿس مهربان آهي ۽ کيس معاف ڪري پنهنجي ڀرسان جاءِ ڏني اَٿس. هـُـو پنهنجي ڀـَـر ۾ بيحد خوش ٿي ڏٺو ۽ شئمپين جي گلاس کي انتظار سان پيئندي ٿي ڏٺائين. سڄي گروهه جي خاموشي مٿس اَثر وجهڻ شروع ڪيو هو ۽ هـُـو چوڌاري هر ڪنهن کي اُميد ڀرين اکين سان نهاري رهيو هو.
”نيڪ مردو! اسان هتي اِيئن ڇو ويٺا آهيون؟ ڇو نه ٿا اوهان ڪنهن ڪم ڪار کي لڳو؟“ مـِـتيا جي روشن اکين مان ڄڻ اهي سوال بار بار ٿي نڪتا.
”هيءُ ته بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪندو ٿو رَهي ۽ اَسان سڀ هن تي کلندا ٿا رهون.“ ڪلگنوف ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڄڻ ته پنهنجي خيالن کي الهامي ٿي سمجهائين. سندس خطاب ميڪزيموف ڏانهن هو.
مـِـتيا عجب مان پهريائين ڪلنگوف ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ميڪزيموف کي ڏٺائين.
”هيءُ بيوقوفي جون ڳالهيون ٿو ڪري.“ هـُـو پنهنجي دستوري کـِـلَ کليو، ڄڻ ته ڪنهن اوچتي خوشيءَ کان خوش ٿي ڏٺو.
”هائو! جيڪڏهن اعتبار ڪريو، ته هيءُ هن ڳالهه تي غور ڪري رَهيو آهي، ته سن 1820ع کان وٺي سوار فوج جو هر آفيسر پولينڊ جي عورتن کي پنهنجي گهر ۾ آڻي ٿو. هيءَ خطرناڪ ڳالهه نه آهي؟“
دمتري جو خوشيءَ جي موج ۾ هو، چوڻ لڳو ته، ”پولينڊ جي زال.“
ڪلگنوف پوريءَ ريت مـِـتيا ۽ گروشينڪا جي مناسبت کي سمجهيو ٿي. هن پول ڏانهن به نهاريو، پر اُن ۾ کيس ڪابه دلچسپي نظر نه آئي. سندس جيڪڏهن ڪابه دلچسپي هئي، ته اُها ميڪزيموف ۾ هئي. اتفاقاََ هي ميڪزيموف سان اُتي گڏجي آيو هو ۽ هـُـو هن سراءِ پهريون ڀيرو پول سان مليو هو. گروشينڪا کي هـُـو اڳ ۾ ئي ڄاڻندو هو. هڪ دفعو اڳ ۾ به هـُـو ڪنهن سان گڏجي ساڻس مـِـليو هو، پر هـُـن ڏانهس ڪوبه ڌيان نه ڏنو هو. پر هتي هوءَ کيس بيحد پيار مان ڏسي رهي هئي. مـِـتيا جي پهچڻ کان اڳ ۾ هوءَ منجهس گهڻي دلچسپي وٺي رَهي هئي. مگر هاڻي وري اُن تي، هـِـن جو ڪوبه اَثر نه ٿي پيو. هيءُ ويهن ورهين جو نوجوان هو، کيس سهڻو لباس پهريل هو. سندس چهرو نهايت دلنشين ۽ ملائم ٿي ڏٺو ۽ وار گهاٽا ۽ وڻندڙ هئس. سندس چهري ۾ دلڪش ۽ اُداس نيريون اکيون ٿي ڏٺيون، جن مان ذهانت ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهري خيالات جي جهلڪ ٿي نظر آئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن نوجوان اِيئن ٿي ڳالهايو ۽ ڏٺو، ڄڻ ته هـُـو ٻار آهي. اُن کان کيس ڪابه شرمندگي نه پئي ٿي. هـُـو پنهنجي حالت کان پوريءَ ريت واقف هو. سراسري طرح هـُـو مخصوص طبعيت جو مالڪ ۽ هوسـَـباز هو، پر نهايت پـُـر لطف ٿي لڳو. ڪڏهن ڪڏهن منجهس شرارت به نظر ٿي آئي. هـُـن ڏٺو به ٿي ۽ ڳالهين کي ڌيان به ڏئي ٿي ٻـُـڌو، مگر معلوم پئي ٿيو، ته هـُـو پنهنجي ڪن خيالن ۾ غرق آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هـُـو
بي خيالو ۽ سست پئي ڏٺو. ڪن موقعن تي وري جوشيلو بڻجي ٿي ويو، سو به ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي.
ڪلگنوف وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته ”مان چئن ڏينهن کان وٺي، هن کي پاڻ سان گهمائيندو رهيو آهيان.“ سندس لفظ آرام طلبيءَ سان نڪري رهيا هئا. بلڪل طبعي نموني، جيتوڻيڪ اُنهن ۾ ٿورو پيار ڀريو لهجو به هو. ”توکي ياد هوندو ته جنهن ڏينهن اوهان جي ڀاءُ هن کي گاڏي مان اُڇلايو هو، اُن موقعي تي مون کي هن ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ مان کيس ٻهراڙيءَ ۾ وٺي ويس. پر هيءُ ايترو ته بيهودو ڳالهائي ٿو، جو مون کي شـَـرم ٿو اَچي، ته مان هن سان گڏ ڇو آهيان؟ مان کيس پوئتي موٽائي ٿو وڃان.“
”هن مهربان ڪڏهن پول زالون ڏٺيون ئي نه آهن. هيءُ جو ڪجهه چوي ٿو، ته اُهو ناممڪن آهي.“ پول پنهنجي پائيپ سان گڏ ميڪزيموف کي ڏٺو.
هـُـو روسي زبان چڱيءَ ريت ڳالهائي رهيو هو. ڪيئن به هجي، هـُـو ڪجهه ڏيکاءُ به ڪري رهيو هو. هـُـو جيڪڏهن روسي لفظ ڳالهائي به پيو، ته اُنهن کي پولينڊ جي لهجي ۾ موڙيندو ٿي رهيو.
”پر مان ته پاڻ هڪ پول عورت سان شادي ڪئي هئي.“ ميڪزيموف کيس ٽوڪيندي چيو.
”پر تو سوار فوج ۾ نوڪري به ڪئي آهي؟ تو سوار فوج جي گفتگو ٿي ڪئي. تون سوار فوج ۾ آفيسر هئين ڇا؟“ اِيئن چوندي ڪلگنوف کيس روڪيو.
”سچ پچ هيءُ سوار فوج جو آفيسر به هو ڇا؟ ها، ها“ مـِـتيا واڪو ڪري چيو. هـُـو ڌيان ڏيئي، نهايت شوق مان هرهڪ کي ڏسڻ لڳو. ڄڻ ته کيس انتظار هو ته ٻڌندڙ اُن جو ڪهڙو جواب ٿا ڏين.
”نه“ ميڪزيموف اُن ڏانهن ڦريو. ”منهنجو مطلب آهي، ته جڏهن هيءُ پول عورت اسان جي سوارن سان نچنديون آهن ...... يعني اُنهن مان جڏهن هڪ اسان جي سوار سان نچندي آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي گوڏن کي ٻليءَ وانگر ٽپا ڏياريندي آهي .... هوءَ سفيد ننڍڙي عورت ..... سندس ماءُ ۽ پيءُ کيس اِيئن ڪندي ڏسندا آهن ۽ اُن جي اِجازت ڏيندا آهن ...... ٻي ڏينهن اُهو سوار موٽي ايندو آهي ۽ اُن جي خاطرداري ڪندو آهي ...... قصو اِهوئي آهي. ها ها.“ ميڪزيموف پنهنجي طعني زنيءَ کي پورو ڪيو.
اوچتو، اُن پول جيڪو ڀت جي ڀرسان ويٺو هو چيو، ته ”هيءُ بدبخت آهي.“ هن پنهنجي هڪ ٽنگ ٻي ٽنگ جي مٿان ورائي. مـِـتيا سندس ڳوري ۽ سڻڀي بوٽ کي ڏٺو. جنهن جو تـَـرو ٿـُـلهو ۽ غليظ هو. ٻنهي پولَ جي پوشاڪ کي سڻڀو ڏٺو.
گروشينڪا سخت ڪاوڙ ۾ آئي ۽ چيائينس ته ”نهايت بدبخت ٻار! هنن جي توهين ٿو ڪري.“
اُن پول جنهن جي وات ۾ پائيپ هو، گروشينڪا کي چيو ته:
”خاتون هن پولينڊ ۾ فقط بازاري عورتون ڏٺيون آهن، هن پولينڊ جي شريف عورتن ۽ ڪنوارين کي ڏٺوئي نه آهي.“
اُن جي دوست نفرت ڀـَـري آواز ۾ چيو، ته ”اها حقيقت آهي.“
گروشينڪا کين ملامت ڪندي چيو، ته ”هيءَ گفتگو ڪاچڱي نه آهي. ٻين تي طعني زني ڪرڻ مان ڇا حاصل؟ اِهي ڳالهيون ته کـِـل جهڙيون آهن.“
”مان هن کي ڳالهائڻ کان نه ٿو روڪيان محترمه“ وارن واري ٽوپي پهريل همراهه چيو. هن گروشينڪا ڏي ڊگهي نظر سان ڏٺو ۽ وڏي شان سان، ڪرسيءَ جي پٺ ڏي موٽي، پائيپ کي وري پيئڻ لڳو.
”نه، نه، هن مهربان پول سچ چيو آهي.“ ڪلگنوف وري جوش ۾ اَچي ويو. ڄڻ ته هيءُ سوال بيحد ضروري ٿي ڏٺو. ”هيءُ پولينڊ ويو ئي نه آهي، اُن ڪري هـُـو ڪيئن ٿو اُتان جون ڳالهيون ڪري؟ مان سمجهان ٿو، هن پولينڊ ۾ شادي ئي نه ڪئي آهي. ڪيئن اِيئن آهي نه؟“
”نه مان سمولينسڪ جي حصي ۾ شادي ڪئي آهي. اُن کان اڳ ۾ هڪ فوجي سوار اُن کي روس ۾ آندو هو. منهنجي مستقبل واري زال سان سندس ماءُ، ماسي ۽ ٻيون رشتيدار عورتون به ساڻ هيون ۽ هڪ چڱيءَ عمر وارو پٽ به ساڻس هيس. هـُـن اُن کي سـِـڌو پولينڊ کان آندو هو ۽ پوءِ منهنجي حوالي ڪيو هئائين. هـُـو اَسان جي فوجي دستي ۾ ليفٽيننٽ هو. نهايت ذهين نوجوان هو. پهريائين سندس خيال هو، ته اُن سان پاڻ شادي ڪري، پر هن اُن سان شادي نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ مـَـنڊي ٿي پئي هئي.“
”ها تو هڪ منڊي عورت سان شادي ڪئي؟“ ڪلگنوف کيس وراڻيو.
”هائو، اُنهن ٻنهي مون کي ٺڳيو هو ۽ سڄي ڳالهه کي ڳجهو رکيو هو. مان خيال ٿي ڪيو، ته شايد کيس ٽپن ڏيڻ جي عادت آهي ۽ هوءَ هميشھ ٽپن ڏيڻ ۾ مشغول هوندي آهي. مان ڄاتو ٿي، ته اهو سڀ ڪجهه خوشيءَ مان ڪندي ٿي رَهي. مان هن کي مزيدار مذاق ٿي سمجهيو.“
ڪلگنوف پنهنجي آواز کي ڪجهه تيز ڪيو ۽ ٻاراڻي نموني ۾ کيس چيائين ته، ”چئبو ته هن پنهنجي راضپي سان، توسان شادي ڪئي هئي.“
”هائو، مگر هتي ته ڳالهه ئي ٻي نڪري پئي. پوءِ جڏهن اَسان شادي ڪئي، ته پهرئين ئي رات جو هـُـن قبول ڪيو ۽ نهايت پـُـراَثر آواز ۾ چيو، ته مان جڏهن ٻار هيس ته مٽيءَ جي گاري جي مٿان ٽپو ڏنو هيم ۽ اُن ڪري منهنجي ٽنگ زخمي ٿي پئي هئي. ها، ها.“
ڪلگنوف هيءُ ٻڌي ٻاراڻي کل ۾ ٻـُـڏي ويو. ايتري قدر جو صوفي تي ڪري پيو. گروشينڪا پڻ کلڻ لڳي ۽ مـِـتيا ته خوشيءَ ۾ اونڌو ٿي پيو.
”اوهان کي خبر آهي، هيءُ هاڻي سچ ٿو ڳالهائي.“ ڪلگنوف راءِ ڏيندي چيو ۽ مـِـتيا ڏي نهارڻ لڳو. ”اوهان کي خبر آهي، ته هن ٻه شاديون ڪيون آهن. هيءَ سندس پهرئين زال جي ڳالهه آهي، پر اوهان کي سندس ٻي زال جي خبر نه آهي، هوءَ ته اَصل وٽانئس ڀڄي وئي. هوءَ هن وقت جيئري آهي.“
”ڇا اِيئن ٿي سگهي ٿو؟“ هـُـن ميڪزيموف ڏي منهن ڦريندي چيو. سندس منهن مان حيرت ۽ عجب جا اُهڃاڻ ٿي نظر آيا.
”هائو، هوءَ ڀڄي وئي، مون کي اِهو ناخوشگوار تجربو به حاصل ٿيو.“ ميڪزيموف ندامت ڏيکاريندي اقرار ڪيو. هوءَ هڪ مانشيور (فرينچ مسٽر) سان ڀڄي وئي. سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ ٿي، ته هـُـن منهنجي ٿوري ملڪيت به پنهنجي نالي تي تبديل ڪري ڇڏي. هـُـن اُن بابت اِيئن چوندي فيصلو ڪيو، ته تون تعليم يافته ماڻهو آهين ۽ پنهنجو گذران حاصل ڪري سگهندين. هڪ عزت مآب پادريءَ هڪ ڀيري مون کي چيو، ته ”تنهنجي زالن مان هڪ منڊي هئي، پر ٻي ٽنگن ۾ تيز نڪتي ها، ها.“
”ٻـُـڌو ٻـُـڌو،“ ڪلگنوف ڀڻڪندي چيو، ته ”هيءُ ڪوڙ ڳالهائي رَهيو آهي. هي اَڪثر اِيئن ڪندو آهي - پر هيءُ جو ڪجهه به ڪندو آهي، اَسان کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي. هن ۾ ڪابه خرابي نه آهي. ڪا آهي ڇا؟ توهان کي خبر آهي، هيءُ ڪنهن وقت مون کي ڏاڍو پسند ايندو آهي. ڪي ماڻهو پنهنجي فائدي جي خاطر حقير بڻجي ويندا آهن. جيتوڻيڪ هي نهايت حقير آهي، پر اها هن جي فطرت آهي. هيءُ پنهنجي سادگيءَ جي باعث اِيئن آهي. اوهان کي عجب لڳندو، ته هيءُ چوي ٿو ته (ڪالهه هـُـو ان حقيقت بابت بحث ڪندو ٿي آيو) گوگول پنهنجو ڪتاب ’مئل روح‘ اُن جي لاءِ ئي لکيو هو. توهان کي ياد هوندو، ته اُن ڪتاب ۾ هڪ زميندار ميڪزيموف جو نالو اَچي ٿو. جنهن کي نازدريوف ماريو هو. اُن ڪري مٿس مقدمو هليو هو، ته هن نشي جي حالت ۾ زميندار ميڪزيموف کي لٺيون هڻي زخمي ڪيو هو. هيءُ چوي ٿو، ته اُهو ميڪزيموف مان آهيان. ڇا اوهان کي هن ڳالهه تي اعتبار به ايندو؟ چوي ٿو ته هن کي ئي مارَ ملي هئي! پر اِهو ٿي به سگهي ٿو، چيڪوف سن 1820ع ڌاري سفر ڪيو هو. اِهو سندس پويون سفر هو. تاريخون ته پاڻ ۾ ملن ئي نه ٿيون. هن کي پوءِ مار ڪيئن ملي؟ هيءُ ته ٿي ئي نه ٿو سگهي.“
اِهو خيال ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو، ته ڪلگنوف اِنهيءَ حقيقت بابت سخت جوش ۾ هو، پر سندس جوش سچائيءَ وارو هو. مـِـتيا سندس رهنمائيءَ کي بنا ڪنهن اعتراض جي قبول ڪيو.
”پر جيڪڏهن هنن کيس ماريو به آهي، ته هيءُ ٿي سگهي ٿو،“ مـِـتيا کلندي چيو.
”اِيئن نه آهي، ته هنن مون کي سچ پچ ڪو ماريو هو، پر منهنجو مطلب آهي، ته ....“ ميڪزيموف ڳالهايو.
”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ توکي هنن ماريو يا نه؟“
پائيپ واري پول، پنهنجي ڊگهي قد واري دوست کان پڇيو، ته ”هاڻي گهڻا لڳا هوندا؟“ هـُـو بيمزي ٿي نظر آيو. ٻئي فقط جواب ۾ پنهنجي ڪلهن کي ڌوڏيو. ڪنهن وٽ به واچ ڪونه هئي.
”ٻيا ماڻهو به ڳالهائين ٿا، تون به ڳالهاءِ. ٻيا ماڻهو توسان نه ڳالهائين، ڇاڪاڻ ته تون بي مزي ٿو ڏسجين.“ گروشينڪا سندس غلطيءَ کي محسوس ڪندي، کيس جهڻڪيو. مـِـتيا جي دل تي پهريون ڀيرو ڪا حقيقت چمڪي اُٿي. هن ڀيري پول ڪجهه محسوس ڪندي، کيس ڪاوڙ مان چيو:
”راڻي، مان ته ڪابه مخالفت نه ٿو ڪريان. مان ته ڪجهه نه ٿو چوان.“
”ته پوءِ شڪ آهي، اچ ۽ اسان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻـُـڌاءِ.“ گروشينڪا ميڪزيموف کي چيو. ”اوهان سڀئي خاموش ڇو آهيو؟“
”ٻڌائڻ جهڙي ته ڪابه ڳالهه ڪانه آهي. هيءَ سڀ بيوقوفي هئي.“ ميڪزيموف کيس هڪدم چئي ڏنو. جنهن مان سندس نمايان تسلي ٿي ڏٺي، جنهن ۾ ڪجهه احتياط به هو. اُن کان سراءِ گوگول جي تصنيف ۾ مثال ترتيب به نظر ايندي. ڇاڪاڻ ته سندس نالن ۾ ڪو مطلب رکيل آهي. نازدريوف جو اصلي نالو نوسوف ۽ ڪـُـوَشـَـيـِـنيڪوف جو نالو ڪو ٻيو هو. هن کي شڪورنيف ٿي سڏيائون. فينارڊي جو اصلي نالو به فينارڊي هو. پر هو اطالوي هئڻ بجاءِ روسي هو. بيگم فينارڊي حـَـسين ڇوڪري هئي. مضبوط ٽنگن واري، جنهن کي ننڍي دامن واري قميص پهريل هوندي هئي، جنهن تي سـُـرمي ۽ ستارن جو ڪم ٿيل هوندو هو. هـُـوءَ هميشھ رقص ۾ مشغول هوندي هئي، چار ڪلاڪ نه پر چار منٽ اِنهيءَ عرصي ۾ به هوءَ ماڻهن جون دليون کسي وٺندي هئي ......“
”پر توکي ڇو مارَ ملي؟“ ڪلگنوف کانئس پڇيو.
”پيرون جي لاءِ“ ميڪزيموف جواب ڏنو.
”پيرون ڪير آهي؟“ دمتري کانئس سوال ڪيو.
”مشهور فرينچ مصنف پيرونءِ. اَسان هڪ وڏي جماعت جي حيثيت ۾ هڪ هوٽل ۾ شراب پي رهيا هئاسين. هيءُ هڪ ميلي جو موقعو هو. هنن مون کي به دعوت ڏني هئي. شروع ۾ مان ئي هـَـجوَ جا شعر ٻڌائڻ شروع ڪيا. ’بوالو اِهو تون آهين؟ ڪهڙو نه مسخري جهڙو لباس پهريو اَٿئي؟‘ بوالي کيس جواب ڏنو ته ”هـُـو حمام ۾ ٿو وڃي. هاها.“ هـُـو هن طعني کان ڪاوڙجي ويا. مان بي پرواهيءَ سان وڌيڪ هجو وارا شعر، جن کي علم وارا ڄاڻن ٿا ۽ مشهور آهن، پڙهڻ شروع ڪيم:
”هائو اَسان سيفو ۽ فائون آهيون،
پـَـر هڪ ڏک مون کي جهوري رهيو آهي،
ته تون سمنڊ جي راهه نه ٿي ڄاڻين.“
هيءُ ٻڌي هـُـو وڌيڪ بگڙيا ۽ مون کي بـُـريءَ طرح بـَـدشـَـد ڳالهائڻ لڳا. جيئن ته منهنجي بدقسمتي هئي، مان ڳالهه کي ٺاهي نه سگهيس. مان پيرون جي بابت شائسته ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنيون، ته هـُـو ڪهڙيءَ ريت فرينچ اڪيڊميءَ ۾ مقبول نه پيو ۽ هـُـن ڪيئن انتقامي طور تي پنهنجي قبر لاءِ، هي ڪتبو لکيو:
”هيءَ پيرون جي قبر آهي، جنهن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو،
هيءُ اڪيڊمي جو رُڪن به ٿي نه سگهيو.“
”هنن مون کي جهلي مارڻ شروع ڪيو.“
”پر ڇا جي لاءِ؟“
”منهنجي تعليم لاءِ. ماڻهو ڪنهن به ڳالهه لاءِ ڪنهن کي ماري سگهن ٿا.“ ميڪزيموف پنهنجي حقيقت کي مختصر ڪندي چيو.
”بس، بس، ڪافي آهي! هيءَ سڄي بيوقوفي آهي. مان هن کي ٻـُـڌڻ نه ٿي گهران. مان سمجهيو ٿي، ته ڪا چڱي ٻـُـڌڻ جهڙي ڳالهه هوندي.“ گروشينڪا کيس وچ ۾ ڪاٽيندي چيو.
مـِـتيا کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو. هن هڪدم کلڻ ڇڏي ڏنو. ڊگهي قد وارو پول اُٿي بيٺو. سندس منهن مان شوخي ٿي ڏٺي، ڄڻ ته تنگ ٿي پيو هو. هـُـو ڪوٺيءَ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ٿي آيو ۽ ويو. سندس هـَـٿَ پٺيءَ پويان وريل هئا.
”اڙي! هيءُ ماٺ ڪري ويهي نه ٿو سگهي.“ گروشينڪا کيس نفرت مان نهاريندي چيو. مـِـتيا انتظار ۾ پئجي ويو. هن هيءُ به ڏٺو، ته صوفي تي ويٺل پول کيس غصي جي نگاهن سان ڏسي رَهيو آهي.
”راڻي،“ مـِـتيا کيس چيو، ته ”اَچو ته پيئون.“
هـُـن جهٽڪي ۾ ٽي گلاس کڻي ورتا ۽ اُنهن کي شئمپين سان ڀريائين.
”هي پولينڊ لاءِ دوستو. مان تنهنجي پولينڊ لاءِ هي پيئان ٿو.“ مـِـتيا وڏي آواز سان چيو.
صوفي تي ويٺل پول چيو، ته ”مون کي هن لاءِ خوشي آهي دوستو!“ هن وڏي شان ۽ غرور سان هي لفظ چيا، جيتوڻيڪ هـُـو مهربان به ٿي ڏٺو.
”هيءُ ٻئي دوست لاءِ آهي، سندس نالو ڇا آهي؟ شوق سان پيءُ. پنهنجي گلاس کي کڻ.“ مـِـتيا کيس چيو.
”پان وريو بليڪسي.“ صوفي تي ويٺل پول چيو.
پان وريو بليسڪي گهمندي ميز ڏي وڌي آيو.
”ها پولينڊ جي لاءِ دوستو!“ مـِـتيا پنهنجي گلاس کي کڻندي چيو.
هنن ٽنهي پيتو. مـِـتيا وري بوتل کنئي ۽ وري ٽنهي گلاسن ۾ شراب اوتيائين.
”هاڻي رشيا جي لاءِ دوستو! اَسان سڀني کي پاڻ ۾ ڀائر بڻجي وڃڻ کپي.“
”اَسان جي لاءِ به ڪجهه اوت.“ گروشينڪا کيس چيو. ”مان پاڻ رشيا جي لاءِ پيئڻ گهران ٿي.“
”ها، ها!“ ڪلگنوف چيو.
” ۽ مان به رشيا جي لاءِ ....... قديم مادر وطن!“ ميڪزيموف طعني طور چيو.
”سڀئي“ مـِـتيا واڪو ڪري چيو. ”تريفان بورسووچ! ڪجهه وڌيڪ بوتلون کپن.“
ٽي ٻيون بوتلون، جي مـِـتيا آنديون هيون، اُهي ميز تي رکيون ويون ۽ هـُـن گلاسن کي ڀريو.
”رشيا، شاباس،“ هـُـن ٻيهر رڙ ڪري چيو. سڀني هن دعوت ۾ شريڪ ٿي پيتو، مگر پولَ اُن ۾ شريڪ نه ٿيا. گروشينڪا، هڪ ئي ڳيت ۾ گلاس پي وئي. مگر پولن مان ڪنهن به گلاس کي هٿ نه لاتو.
”هيءُ ڇا آهي دوستو؟ ڇا اوهين نه پيئندا؟ مـِـتيا کانئن پڇيو.“
پان وريوبليڪسي گلاس وٺي زوردار آواز ۾ چيو، ته ”رشيا جي لاءِ جا سن 1772ع کان اڳ ۾ هئي.“
”ٺيڪ آهه“ ، ٻئي پول واڪو ڪري چيو ۽ هنن ٻنهي گلاسن کي هڪدم پي، خالي ڪري ڇڏيو.
”اوهان بيوقوف آهيو،“ مـِـتيا اوچتو چئي ڏنو.
”راڻي،“ ٻنهي پولن رڙ ڪري چيو. هـُـو مـِـتيا تي اِيئن جلهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، جيئن ٻه ڪڪڙ هوندا آهن. پان وريوبليڪسي وڌيڪ جوش ۾ ٿي ڏٺو ۽ رڙ ڪري چيائين ته:
”ڇا ڪنهن کي به پنهنجي ملڪ سان محبت ڪرڻ کان روڪي سگهجي ٿو!؟“
”خاموش، پاڻ ۾ نه وڙهو. مون کي ڪوبه جهڳڙو نه کپي.“ گروشينڪا گجندي چيو ۽ هـُـن پنهنجي پير کي زمين تي زور سان هنيو. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اکيون چمڪڻ لڳس. اُن گلاس کي جيڪو پيتو هئائين، اُن جو اَثر هاڻي منجهس صاف ٿي ڏٺو. مـِـتيا سخت پريشان ٿي ويو.
”دوستو مون کي معاف ڪريو! هيءَ منهنجي غلطي هئي. وريوبليڪسي، دوست وريوبليڪسي، مون کي معاف ڪر.“
”پنهنجي زبان کي ڪنهن به طرح سان بند ڪري تون ويهي رَهه بيوقوف!“ گروشينڪا غصي مان کين ڇينڀيو.
هرڪو ويهي رَهيو. خاموشي ٿي وئي. هرڪو هڪٻئي کي ڏسڻ لڳو.
”مهربانو! مان ئي اِنهن سڀني ڳالهين جو ذميدار آهيان.“ مـِـتيا وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن ڪوشش ڪئي، ته مـِـتيا جي لفظن کي دهرائي. ”اَچو اَسين هت ڇا جي لاءِ ويٺا آهيون؟ ڀلا ڇا ويهي ڪريون ...... ڪجهه ته وري پاڻ کي وندرايون؟“
”ها، ڪجهه هجي پر وندرائيندڙ“ ڪلگنوف چيو، جنهن مان سندس سستي صاف ٿي ڏٺي.
”اَچو ته وري فارو (پتن تي جوا) کيڏون. جيئن هاڻي ڪئي سون پئي.“ ميڪزيموف دٻيل کـِـلَ سان چيو.
”فارو، نهايت عمدي ڳالهه.“ مـِـتيا جواب ڏنو ”جيڪڏهن هي دوست .....“
صوفي تي ويٺل چيو، ته ”دوستو! دير ٿي وئي آهي.“ معلوم پئي ٿيو، ته هيءُ سندس دل وٽان نه آهي.
پان وريوبليڪسي سندس تائيد ڪندي چيو، ته ”اِهو سچ آهي.“
”دير ٿي وئي آهي، اِنهيءَ کان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ گروشينڪا کانئس پڇيو.“
”راڻي دير کان منهنجو مطلب آهي، ته گهڻو وقت گذري ويو آهي.“ صوفي تي ويٺل پول کيس سمجهايو.
”هنن جي لاءِ هميشھ دير آهي. هنن مان ڪجهه به نه ورندو.“ گروشينڪا ڪافي ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو. هي پاڻ بي مزي آهن، اُن ڪري ٻين کي به بي مزي ٿا بڻائين. مـِـتيا تنهنجي اَچڻ کان اڳ ۾ به هاڻي وانگر ماٺ ۾ هئا ۽ مون تي ناسون پئي هنيائون.“
صوفي تي ويٺل پول چيو، ته ”راڻي تنهنجي بي اعتباريءَ کي ڏسي، مون کي ڏک ٿو ٿئي.“ وري دمتري ڏي منهن ڪري چيائين ته:
”مان حاضر آهيان.“
”چڱو اَچو ته کيڏون“ مـِـتيا قبول ڪندي، پنهنجي کيسي مان نوٽن جي ٿـَـهي ڪڍي ورتي ۽ اُنهن مان ٻه سـَـؤ روبل جا نوٽ ميز تي رکيائين. مان تو وٽ گهڻي رقم هارائڻ گهران ٿو. ها هيءُ پتا وٺ ۽ ورهاءِ.
”اَسان کي تاش، سراءِ واري کان وٺڻ گهرجي“ اُن ڪوتاهه قد تحمل ۽ صفائيءَ سان چيو.
”اِهو ٺيڪ طريقو آهي.“ پان وريوبليڪسي، ساڳين لفظن کي دهرايو.
”سراءِ جي مالڪ کان، ٺيڪ آهي. مان سمجهيو، اَسان کي تاش اُن کان وٺڻ گهرجي. مـِـتيا سراءِ جي مالڪ کي رڙ ڪري چيو، ”پتا!“
سراءِ جو مالڪ تاش جو نئون بنڊل کليل کڻي آيو ۽ مـِـتيا کي اطلاع ڏنائين ته ڇوڪريون تيار ٿي رهيون آهن ۽ يهودي جانجهر ۽ باجن سان ڄاڻ پهتا، پر سامان سان ڀريل گاڏي اَڃا نه پهتي هئي. مـِـتيا ميز جي پاسي کان ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ حڪم ڏيڻ لاءِ ٻي ڪوٺي ۾ هليو ويو. فقط ٽي ڇوڪريون موجود هيون ۽ ماريا موجود نه هئي. هن کي پاڻ خبر نه ٿي پئي، ته هـُـو کين ڪهڙي ريت حڪم ڏئي ۽ هيڏي ڇو هليو آيو آهي؟ هـُـن فقط ايترو چيو، ته پيتيءَ مان سوکڙيون ڪڍي ڇوڪرين کي ڏيو. مٺائي، ٽافيون ۽ ٻيون شيون. ”ائنڊري کي وڊڪا (شراب جو قسم) ڏيو.“ هو تڪڙ ۾ چوندو ويو. ”مان ائنڊريءَ سان بي مروتي ڏيکاري آهي.“
اوچتو ميڪزيموف، جو سندس پويان لڳو آيو هو، سندس ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائينس، ته ”مون کي پنج روبل ڏئي. مان به جوا ۾ داءُ لڳائيندس. ها، ها.“
”تون به موڙي سيڙائين ٿو. ڏاڍو عمدو. ها هيءُ وٺ ڏهه روبل.“
هن وري به پنهنجي کيسي مان سڀئي نوٽ ڪڍيا ۽ ڏهن جو نوٽ جدا ڪندي کيس ڏيندي چيائين، ته ”جڏهن تون هارائين، ته وري اَچج ۽ وري اَچج.“
”ٺيڪ آهي!“ ميڪزيموف خوشيءَ مان چيو ۽ وري پٺتي موٽي ويو. مـِـتيا پڻ جلدي موٽيو ۽ سندن انتظار جي لاءِ کانئن معافي ورتائين. پول اڳ ۾ ئي ويهجي ويا هئا ۽ هنن پتن جي بنڊل کي کوليو هو. هـُـو هاڻي صلح پسند ۽ مهربان ٿي ڏٺا. صوفي تي ويٺل پول پنهنجي پائيپ کي نئين طرح سان ڀـَـري دکايو ۽ مطمئن ٿي ڏٺو.
”پنهنجي جاين تي ويهجي وڃو، مهربانو!“ پان وريوبليڪسي رڙ ڪري چيو.
”نه، مان وڌيڪ کيڏڻ نه ٿو گهران“ ، ڪلگنوف پنهنجي راءِ ڏني. ”مان هاڻي پنجاهه روبل هنن وٽ هارائي چـُـڪو آهيان.“
”هن دوست جي قسمت چڱي نه هئي، هاڻي کٽندو، سندس قسمت چمڪي پوندي.“ صوفي تي ويٺل پولَ، اُن ڏانهن منهن ڪري چيو.
”داءُ گهڻو آهي؟ اِهو ٻڌايو؟“ مـِـتيا کين چيو.
”اِهو پنهنجي راءِ تي ڇڏيل آهي. سـَـؤ به ٿي سگهن ٿا. ٻه سـَـؤ به ٿي سگهن ٿا، جيتري تون شرط رکين!“
”ڏهه لک!“ مـِـتيا کليو.
”منهنجي دوست ڪپتان، شايد پان پوڊويسوٽسڪي جي نالي شايد ٻڌو آهي؟“
”ڪهڙو پوڊويسوٽسڪي؟“
”وارسا ۾ هڪ جوا جو اَڏو هو، ۽ هرڪو اُتي اَچي داءُ لڳائيندو هو. پوڊويسوٽسڪي اُتي آيو. اُتي هـُـن هڪ هزار سونا سڪا رکيل ڏٺا. هن اُتي هنن لاءِ داءُ لڳايو. اُتان جي مالڪ کيس چيو، ته پان پوڊويسوٽسڪي تون داءُ جي رقم ڏئين ٿو يا تنهنجي مٿان اعتبار ڪيو وڃي؟ هن کين جواب ڏنو، ته منهنجي واعدي تي اعتبار ڪيو وڃي. ٺيڪ آهي، مالڪ چيو. هن ڍاري کي اُڇلايو. پوڊويسوٽسڪي کي ڏسي چيائين، ته تو کٽيو. هن پنهنجي خاني کي کوليو ۽ کيس هڪ لک ڏئي ڇڏيائين ۽ چيائين، ته تو کٽيو آهي. هوڏي اُن اَڏي جي بئنڪ ۾ فقط هڪ لک روبل هئا. پوڊويسوٽسڪي ڏي هن منهن ڪري چيو ته، ”تو پنهنجي واعدي تي قائم رهڻ گهريو، هاڻي اَسان کي به پنهنجي واعدي تي قائم رهڻ گهرجي.“ پوڊويسوٽسڪي کي هڪ لک روبل ملي ويا.“
”اِهو صحيح نه آهي.“ ڪلگنوف کيس چيو.
”عزيز ڪلگنوف، سکر ماڻهن جي مجلس ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪبيون آهن.“
”ڄڻ ته پولينڊ جو ويٺل جواري، هڪ لک روبل ڏئي ڇڏيندو.“ مـِـتيا چيو ته سهي پر يڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتائين. ”معاف ڪر دوست! مون کان وري غلطي ٿي وئي آهي. هي هڪ لک ڏئي سگهي ٿو. پولينڊ کي عزت ڏيڻ لاءِ، هيءُ هڪ لک به ڏئي سگهي ٿو. ڪيئن نه مان پولينڊ جي زبان ۾ ڳالهائي رَهيو آهيان. ها، ها. مان ڏهه روبل جو داءُ لڳايان ٿو.“
”مان هڪ روبل راڻيءَ تي رکان ٿو، جا دلين جي راڻي آهي. ننڍڙي ۽ سهڻي گـُـڏي. ها، ها.“ ميڪزيموف کلندي راڻيءَ کي ٻاهر ڪڍيو. ڄڻ ته هـُـو سڀني کان اُن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هـُـو سنئون سڌو اڳتي وڌيو. هـُـو تڪڙو ميز کان نڪري آيو ۽ چيائين ته ”مـِـتيا کٽيو ۽ روبل پڻ کٽيو.“
”پاسي!“ اُن وقت مـِـتيا چيو.
”مان ٻي روبل جو داءُ لڳايان ٿو!“ ميڪزيموف هڪ روبل جي کٽڻ جي خوشيءَ ۾، نهايت خوشيءِ مان چيو.
اُن وقت دمتريءَ رڙ ڪري چيو، ته ”مون هارايو پر اُن کي هاڻي ٻيڻو ٿو ڪريان.“ پر اهي به هن هارايا.
اوچتو ڪلگنوف زور سان چيو ته ”بيهو.“
”ٻيڻو، ٻيڻو!“ مـِـتيا رقم کي ٻيڻو ڪندو ٿي ويو. هر گهڙي هـُـو داءَ کي اڳي کان ٻيڻ ۾ وڌائيندو رَهيو. مگر پول تاش جي پتن کي کوليندي کٽندا ئي ٿي رهيا ۽ هڪ روبل جو داءُ کـُـٽندو ٿي ويو.
مـِـتيا جوش ۾ اَچي واڪو ڪري چيو ته ”ٻيڻ، اَڃا به ٻيڻ.“
”دوست تون ٻه سـَـؤ روبل هارائي چـُـڪو آهين. ڇا اَڃا به وڌيڪ سـَـؤ روبل جو داءُ رکندين؟“ صوفي تي ويٺل پول کانئس معلوم ڪرڻ گهريو.
”ڇا مون ٻه سـَـؤ روبل هارايا آهن، هاڻي وري ٻيا ٻه سـَـؤ. سڀ ٻيڻ تي هوندا!؟“ هـُـن کيسي مان پيسن کي ٻاهر ڪڍيو. مـِـتيا راڻيءَ تي ٻه سؤ روبل رکڻ وارو هو، جو ڪلگنوف پنهنجي هٿن سان نوٽن کي ڍڪيو.
”هي ڪافي آهن،“ هـُـن پنهنجي آواز سان خبردار ڪيو.
”آخر ڇا آهي؟“ مـِـتيا کيس عجب مان ڏسي چيو.
”بس ڪافي آهي. مان نه ٿو چاهيان ته وڌيڪ راند کيڏين. نه بس آهي.“
”پر ڇو؟“
”ڇاڪاڻ ته مان نه ٿو چاهيان. کڏ ۾ وجهينس، پـَـري ٿي وڃ. مان نه ٿو چاهيان ته تون کيڏين.“
مـِـتيا کيس عجب مان نهارڻ لڳو.
”مـِـتيا هاڻي راند کي بـَـس ڪر. جيئن هيءُ چوي ٿو، اِيئن هوندو، تو گهڻو ئي هارايو آهي.“ گروشينڪا کيس نرالي آواز سان چيو. ٻئي پول پنهنجي جاءِ تان بيحد ناراض ٿي اُٿيا.
بندري ماڻهوءَ کيس چيو ته، ”راڻي! تون شايد مذاق ڪـَـري رهي آهين؟“ هـُـو ڪلگنوف کي نفرت جي نگاهن سان ڏسڻ لڳو.
”توکي اِها همٿ ڪيئن پيدا ٿي؟“ وريوبليڪسي کيس ڪاوڙ مان چيو.
”اِيئن رڙيون ڪري نه ڳالهاءِ،“ گروشينڪا واڪوڪري چيو. ”ويڙهو ڪڪڙ خيال ڪر.“
مـِـتيا واري تي ٻنهي کي ڏسندو رهيو. هـُـن اوچتو گروشينڪا جي منهن ۾ ڪاٻي شيءِ ڏٺي ۽ سندس دل ۾ ڪا نئين شيءِ چمڪڻ لڳي - بلڪل هڪ نئون خيال.
”راڻي اگريپنيا،“ ڪوتاهه قد پول ڳالهائڻ شروع ڪيو. هـُـو ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو هو. مـِـتيا اوچتو وڌي ويو ۽ سندس ڪلهي تي ڌڪ هڻي ڪڍيائين.
”منهنجا مهربان! مان توسان ٻه لفظ ڳالهائڻ گهران ٿو.“
”توکي ڇا کپي؟“
”ٻي ڪوٺيءَ ڏانهن هـَـل، مان توسان ٻه لفظ ڳالهائڻ گهران ٿو ۽ نهايت وڻندڙ ڳالهه آهي. تون ٻـُـڌي خوش ٿيندين.“
ننڍي قد واري پول، کيس عجب مان نهارڻ لڳو. هـُـن اِها ڳالهه هڪدم قبول ڪئي، پر کيس شرط وڌائين ته سندس دوست وريوبليڪسي به ساڻس گڏ هوندو.
”هي تنهنجو ساٿي ۽ رکوال، ڀلي اَچي. مون کي هن جي به ضرورت آهي. هيءُ ضرور هجي،“ مـِـتيا چيو. ”چڱو هاڻي هلون ٿا دوست!“
”ڪا ڏي ٿا وڃو؟“ گروشينڪا کانئن انتظاريءَ مان پڇيو.
”اسان جلدي موٽي ٿا اَچون،“ مـِـتيا کيس جواب ڏنو.
سندس اکين ۾ اعتماد چمڪڻ لڳو. سندس چهرو، ڪوٺيءَ ۾ گهڙڻ کان ڪلاڪ کن اڳ ۾، جو مايوس ٿي ڏٺو، هاڻي اُن کان بلڪل نيارو ٿي ڏٺو.
هـُـو پـُـول پاڻ سان گڏ وٺي وڏي ڪمري ۾ داخل ٿيو، جتي ڇوڪرين جي راڳ جي محفل کي تيار ٿي ڪيو ويو ۽ هـُـو سڀ ميز جي چوڌاري وڃي گڏ ٿيون هيون. اُن ڪمري ۾ ساڄي طرف خواب گاهه جو ڪمرو به هو، جنهن ۾ پيٽيون ۽ بقچه رکيل هئا. اُن ۾ ٻه وڏا بسترا موجود هئا، جن تي وهاڻن جا انبار رکيل هئا. اُن ڪوٺي جي ڪنڊ ۾ هڪ ميز پيل هئي،جنهن تي ڏيئو رکيل هو. ننڍي قد وارو ۽ مـِـتيا هڪ ٻي ڏي منهن ڪري ميز جي ڀرسان ويهي رهيا ۽ ڳوري جسم وارو وريوبليڪسي، سندن پاسي ۾ بيهي رهيو. ٻئي پول سخت مزاج بڻجي ويا هئا، پر معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ ٿي ڏٺا.
ننڍي قد واري پول کيس چيو، ته ”دوست توکي ڇا کپي؟
”ها هيڏي نهار دوست! مان توکي گهڻو وقت نه ترسائيندس.“ تنهنجي لاءِ رقم موجود آهي. هن پنهنجي نوٽن کي ڪڍيو. توکي ٽي هزار روبل کپن؟ اِهي وٺ ۽ هليو وڃ.“
پول جون اکيون کـُـلي ويون ۽ هـُـو مـِـتيا کي عجب مان نهارڻ لڳو.
”ٽي هزار دوست؟“ هن وريوبليوسڪي ڏي اکين سان اِشارو ڪيو.
ٽي، دوست ٽي، ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ. تون سمجهدار ٿو ڏسجين. ٽي هزار روبل وٺ ۽ گم ٿي ۽ توسان گڏ وريوبليڪسي به هوندو - تون ٻـُـڌين ٿو؟ پر هڪدم. هاڻي ۽ هميشھ لاءِ. تون چڱيءَ ريت سمجهين ٿو دوست، هميشھ لاءِ، هو دروازو آهي ۽ اُن مان نڪري وڃ. تنهنجو هـُـتي آهي ئي ڇا؟ هڪ ڪوٽ، اُن وارو ڪوٽ؟ مان اُهو کڻي اَچي توکي ڏيندس. گهوڙا بيٺا آهن ۽ تنهن کانپوءِ، خدا حافظ دوست!“
مـِـتيا، جواب جي منظوريءَ لاءِ ترسيو. هن وٽ ڪوبه شڪ ۽ شبهو ڪونه هو. وٽس پولَ جي خيال جي پختگيءَ جو عجب اظهار هو.
”پيسا دوست؟“
”پيسا؟ پنج سـَـؤ روبل مان توکي هاڻي ڏيان ٿو، جي توکي سفر لاءِ ڪم ايندا. هيءَ منهنجي پهرين قسط آهي ۽ باقي ٻه هزار ۽ پنج سـَـؤ روبل، سڀاڻي شهر ۾. مان پنهنجي عزت جو قسم کڻي چوان ٿو، ته اُهي سڀاڻي مون کي ملندا، ڪنهن به قيمت تي ملندا.“ مـِـتيا کيس واڪو ڪري چيو.
پولَ هڪٻئي ۾ اکيون بدلائڻ لڳا. ننڍي قد واري جو چهرو وڌيڪ نفرت انگيز ٿيڻ لڳو.
”ست سـَـؤ، سـَـت سـَـؤ روبل، پنج سـَـؤ نه. اُهي هاڻي هن گهڙيءَ اَدا ڪريان ٿو.“ مـِـتيا کيس چيو. هن ڪجهه غلطي محسوس ڪئي. دوست ڇا آهي؟ توکي مون تي اعتبار نه ٿو اَچي ڇا؟ مان توکي سنوان سڌا ٽي هزار روبل ڏئي نه ٿو سگهان. جيڪڏهن مان سڀئي ڏيئي ڇڏيان، ته تون شايد موٽي اَچين ..... اُن کان سواءِ ٽي هزار روبل هت مون وٽ موجود به آهن. اُهي شهر ۾ منهنجي گهر ۾ آهن.“ مـِـتيا نااُٰميديءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ سندس دل ٻڏڻ لڳي. هڪ هڪ لفظ تي جنهن کي هـُـو ڳالهائي رهيو هو، جـُـهرڻ لڳو. ”منهنجي زبان تي اعتبار ڪريو، اِها رقم، گهر ۾ مون وٽ لڪيل آهي.“
اُن ئي گهڙيءَ ۾ هڪ غير معمولي، شخصي عزت جو خيال اُن ڪوتاهه قد جي چهري ۾ جهلڪ ڏيڻ لڳو.
”ٻيو ڇا؟“ هن کيس طنزيه انداز ۾ چيو. ”توکي شرم اَچڻ کپي!“ هـُـن زمين تي ٿـُـڪ اُڇلائي، وريوبليوسڪي به اُن وانگر زمين تي ٿـُـڪ اُڇلائي.
”دوست توکي اِيئن ڪرڻ گهرجي!“ مـِـتيا سڀ ڪا ڳالهه هٿن مان ويندي ڏسي کيس چيو. اوهان کي شايد گروشينڪا جي لاءِ وڌيڪ وصول ڪرڻو آهي. توهان چڱا نامرد ٿا ڏسجو.
”اها وڏي بي عزتي آهي!“ ننڍي قد وارو پول غصي کان ڳاڙهو ٿي ويو. هـُـو ڪمري کان نڪري ويو، نهايت آهستگيءَ سان، ڄڻ ته هـُـو ٻيو ڪجهه ٻـُـڌڻ لاءِ تيار نه هو. وريوبليڪسي به اُن جي پوئتان هليو ويو ۽ آخر ۾ مـِـتيا مـُـنجهيل ۽ پريشان نڪتو. کيس گروشينڪا کان خوف پئي ٿيو. ڇاڪاڻ ته پول هڪدم لـُـڙ مچائيندو. سچ پچ هـُـن اِيئن ڪيو. پول ڪمري ۾ گهڙيو ۽ نهايت ڊرامائي انداز ۾ گروشينڪا جي سامهون پاڻ کي اُڇلايائين.
”راڻي اگريپنيا! منهنجي سخت بي عزتي ٿي آهي.“ هن ٻڌائڻ شروع ڪيو. پر گروشينڪا اوچتو پنهنجو صبر وڃائي ويٺي. ڄڻ ته کيس ڪنهن نازڪ جاءِ تي زخم پهچايو ويو هو.
”روسي زبان ۾ ڳالهاءِ!“ هـُـن رڙ ڪري چيو ”وري پولينڊ جي زبان جو هڪ لفظ به هيئن نه گهرجي. تون ته روسي ڳالهائيندو هئين. اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته تو پنجن سالن ۾ اُن کي وساري ڇڏيو هوندو.“ هوءَ بي صبريءَ کان سـُـرخ ٿي وئي هئي.
”راڻي! گريپنيا......“
”منهنجو نالو اگرافينا آهي. تون روسي زبان ۾ ڳالهاءِ، ٻي حالت ۾ مان تنهنجو ڪجهه به نه ٻڌنديس.“
پول پنهنجي شان کي مجروح ٿيندي ڏٺو، پر جلدي روسي ٻوليءَ ۾ پنهنجي شان کي قائم رکندي چيائين ته:
”مان هتي آيو هوس، ته ماضي کي وساري ڇڏيان. اُنهن سڀني ڳالهين کي فراموش ڪري ڇڏيان، جي اڳ ۾ ٿي گذريون هيون.“
”عفو؟ تون هتي مون کي معاف ڪرڻ آيو آهين؟“ گروشينڪا کيس ٿوري ۾ قطع ڪرڻ گهريو. هوءَ پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿي.
”اِيئن برابر آهي راڻي. مان بزدل نه آهيان مان بلند حوصلي وارو آهيان. پر مون کي سخت صدمو پهتو آهي، جڏهن مان تنهنجي عاشقن کي ڏٺو آهي! منهنجي دوست مـِـتيا، مون کي ٻي ڪمري ۾ ٽي هزار روبل آڇيا هئا، ته مان توکي ڇڏي وڃان. مان هن دوست جي منهن ۾ ٿوڪاري ڇڏيو.“
”ڇا؟ هـُـن منهنجي لاءِ توکي پيسن جي آڇ ڪئي هئي؟“ گروشينڪا واڪو ڪري چيو. ”اِهو سچ آهي مـِـتيا؟ توکي اِها ڪيئن همت ٿي؟ ڇا مان وڪري جي لاءِ آهيان؟“
”راڻي، راڻي،“ مـِـتيا هٻڪندي چيو ”هيءَ پاڪ ۽ روشن آهي. مان هن جو ڪڏهن به عاشق نه رهيو آهيان! هيءُ ڪوڙ آهي ......“
”توکي ڪيئن جرئت ٿي آهي، جو تون منهنجو بچاءُ ٿو ڪرين. جيڪڏهن مان پاڪ رَهي به آهيان، ته اِها منهنجي عصمت هئي، ڪـُـوزماجي خوف کان اِيئن نه ٿيو آهي. هيءُ سڀ پنهنجي نفس جي عزت هئي. مان اهو چاهيان پئي، ته همٿ سان جڏهن هن جي صورت ڏسان، ته اُن کي ٿوڪاريان.“
دمتري ڳالهائڻ لڳو، ته ”هن پيسن کي ته قبول ڪيو هو، پر ٽي هزار روبل هڪدم ٿي گهريائين. مگر مون وٽ ستن سـَـون کان وڌيڪ نه هئا.“
”معاملو صاف آهي.“ گروشينڪا چوڻ لڳي، ته ”هن کي خبر پئي آهي، ته مون وٽ رقم آهي، اُن ڪري هيءُ مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آيو آهي.“
پول جواب ڏنو ته ”راڻي گروشينڪا مان هڪ اصيل ۽ اخلاق وارو آهيان، مان ذليل ۽ ڪمظرف نه آهيان. مان آيو هوس، ته توسان شادي ڪريان. پر هتي مان ڪنهن ٻي عورت کي ڏسي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته اُها اڳئين عورت نه آهي، جنهن کي مان پوريءَ ريت سڃاتو ٿي. هيءَ ته حوس واري ۽ گستاخ عورت آهي.“
گروشينڪا، جنهن کان مڪمل طرح هوش ڇڏائي ويو هو، کيس چيو ته:
”جنهن خيال سان تون آيو آهين، اُن سان موٽي وڃ. مان هنن کي حڪم ڏيان ته هـُـو توکي لوڌي ٻاهر ڪڍن. ڪيتري قدر نه مان بيوقوف هيس، جو هن جي لاءِ پاڻ کي تڪليفون ڏيندي رهيس. اِيئن نه آهي، ته مان هن جي ڪري پاڻ کي ايذاءَ ڏيندي رهيس، پر هيءُ پاڻ سان دشمني ۽ وير هو، جو هن کي دوست ٿي رکيم. گذريو. اِهو پهريون ماڻهو نه آهي، شايد ڪو ٻيو هو. هيءُ ماڻهو جو منهنجي سامهون بيٺو آهي، اُن پهرئين جو شايد پيءُ آهي ...... هيءَ وارن واري ٽوپي ڪٿان آندي اَٿئي؟ هـُـو هڪ باز هو ۽ هيءُ اُن جو طعمو. هـُـو منهنجي لاءِ کلندو ۽ ڳائيندو هو. مان هن جي لاءِ پنج ورهيه روئيندي پٽيندي رهيس. نهايت بيوقوف ۽ بي شرم هيس.“
هـُـوءَ پنهنجي هيٺانهين ڪرسيءَ ۾ پـُـٺ سان وڃي لڳي ۽ پنهنجو مـُـنهن هٿن ۾ لڪائي ڇڏيائين. اُن وقت ماڪرو جي ڇوڪرين جو نغمو شروع ٿي ويو، جي کٻي پاسي واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ڳائي رهيون هيون. رقص جو هڪ ڌماچوڪڙيءَ وارو راڳ.
سراءِ جو مالڪ، جو ڪجهه وقت کان ڪمري ۾ جهاتيون پائي رهيو هو، واڪا ٻـُـڌي سمجهيائين، ته سندس مهمان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. هڪدم ڪمري ۾ گهڙي آيو.
”ڇا جي لاءِ اوهان واڪا ٿا ڪريو؟ توهان پنهنجي سيني کي ڇنڻ ٿا گهرو؟“ هن وريوبليوسڪي ڏي بي مروتيءَ سان نهاريندي عجب مان چيو.
”جانور“ ، بڙبڙ ڪندي وريوبليوسڪي چيو.
”جانور؟ اِهي ڪهڙي قسم جا پتا هئا، جن سان اوهان هاڻي کيڏي رهيا هئا؟ مان توهان کي پتن جو بنڊل ڏنو، اوهان ان کي لڪائي رکيو. اوهان نشان ڏنل پتن سان کيڏندا رهيا! مان توهان کي ڪوڙن پتن جي کيڏڻ سان سائيبريا موڪلي سگهان ٿو. توهان کي خبر آهي، ته هيءُ ايترو ئي ڏوهه آهي، جيترو ڪوڙا نوٽ هلائڻ .....“
هـُـو پوءِ صوفي ڏي هليو ويو. هن صوفي جي پٺ ۽ گاديلي جي وچان هڪ بند ٿيل تاش جو بنڊل ڪڍي ورتو.
”هيءُ منهنجو بند ٿيل پتن جو بنڊل آهي.“
هن اُن کي هٿ ۾وٺي سڀني کي ڏيکاريو. ”جتي مان بيٺو هوس، اُتان ڏٺم ته هنن ڪيئن نه بنڊل کي سـُـرڪائي ورتو ۽ اُن جي جاءِ تي ٻي کي رکيائون - اوهان ٺڳ آهيو، شريف ڪٿي آهيو؟“
”مان ٻه ڀيرا ڏٺو هو، ته هن دوست پنهنجي پتن کي پئي ٿي ڦيرايو.“ ڪلگنوف شاهدي ڏني.
”ڪيتري نه بي شرمي، ڪيڏي نه بي شرمي؟“ ، گروشينڪا هٿن کي مهٽيندي چيو. شرمندگيءَ کان ڳاڙهي ٿي وئي. خدايا! هيءُ هتي اِنهيءَ لاءِ آيا هئا.
”مان پاڻ اِيئن خيال ٿي ڪيو.“ مـِـتيا چيو. پر اِنهيءَ کان اڳي جو هو پنهنجي جملي کي پورو ڪري، وريوبليسڪي منجهيل ۽ ڪاوڙ ڀريل منهن سان، پنهنجو ٺؤنشو گروشينڪا ڏي وڌايو ۽ واڪو ڪري چيائين ته:
”تون ذليل ۽ بدمعاش عورت!“
مـِـتيا هڪدم اُن ڏي جهٽيو. ٻنهي هٿن ۾ کيس جهليائين، هوا ۾ مٿي کڻي ويس ۽ اک ڇنڀ ۾ ڪوٺيءَ ۾ کڻي ويس، جا سڄي پاسي ڏي هئي، جنهن مان هـُـو تازو موٽي آيا هئا.
”مان هن کي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو آهي.“ هـُـن سڀني کي ٻڌايو. هو نهايت جوش ۾ ٿي ڏٺو. ”هـُـو بدمعاشي ڏيکاري رهيو هو. پر هـُـو موٽي نه ايندو. هاڻي ان مان ڪوبه خوف نه آهي.“ هن بند ٿيل دروازي جي هڪ تاڪ کي ٿورو کوليو ۽ ٻي تاڪ کي ٿورو پـَـٽي، هـُـن ڪوتاهه قد پول کي سـَـڏ ڪيو.
”نهايت بلند ڪردار وارا، ڪهڙو نه چڱو ٿئي، ته تون به هتان هليو وڃ!؟“
”منهنجا عزيز دمتري فيودورپاولووچ“ کيس سراءِ جي مالڪ چيو، ته ”هنن کان اُها رقم موٽائي وٺ، جا تو هنن وٽ هارائي آهي. هنن اُها توکان چورائي آهي.“
”مون کي پنهنجا پنجاهه روبل نه کپن!“ ڪلگنوف هڪدم پنهنجي طرفان اظهار ڪيو.
”مون کي به پنهنجا ٻـَـه ســَـؤ روبل نه کپن!“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو. مان ڪجهه به نه وٺندس. اِهي پيسا هنن کي پنهنجي تسليءَ لاءِ رکڻ کپن.“
”شاباس مـِـتيا، تون وڏو بهادر آهين مـِـتيا.“ گروشينڪا زور سان چيو. سندس گفتگو مان غصي جو اظهار ٿي ڏٺو.
ڪوتاهه قد دوست، ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو هو. پر اَڃا تائين به پنهنجي شان کي اڳڙيون وجهي رَهيو هو. هـُـو دروازي ڏي وڌي رهيو هو، پر هـُـو اُتي ٿوري وقفي لاءِ ترسيو ۽ گروشينڪا ڏي نهاري، اُن کي چيائين ته:
”راڻي! جيڪڏهن تون مون سان اَچڻ گهرين ٿي ته اَچ. جيڪڏهن نه ته خدا حافظ!“
بي عزتي ۽ بي همتيءَ سان هـُـو سڄي، دروازي کان ٻاهر نڪري ويو. هيءُ اخلاق وارو انسان هو. هن کي پنهنجي لاءِ ايڏي ته عمدي راءِ هئي، جو هيتري حالت گذرڻ کان پوءِ به، کيس اَڃا اُميد هئي، ته هوءَ ساڻس شادي ڪند ي. مـِـتيا سندس وڃڻ کان پوءِ دروازي کي بند ڪري ڇڏيو.
قلف ڏئي ڇڏينس، ڪلگنوف کيس چيو. پر ڪنجي جي ڦرڻ جو ٻي طرف کان آواز آيو. هنن پاڻ ئي دروازي کي بند ڪري ڇڏيو.
گروشينڪا، ظالماڻي آواز ۾ چيو، ته ”ڏاڍو چڱو ٿيو، هـُـو پنهنجي سزا کي پهتا.“

باب اٺون: خــمـــار

پوءِ ڇا ٿي گذريو، اِها سڄي بدمستي هئي. هڪ دعوت جنهن ۾ سڀني کي شريڪ ٿيڻ جي اِجازت هئي. گروشينڪا سڀ کان اڳ ۾ شراب جي پيئڻ جي خواهش ڏيکاري.
”مان پيئڻ گهران ٿي، مان چاهيان ٿي ته شراب ۾ غرق ٿي وڃان. بلڪل اِهڙي ريت، جيئن اڳ ۾ ٿيا هئاسون. توکي ياد هوندو مـِـتيا، اڳئين ڀيري، هتي ڪيئن نه دوست بڻايا هئاسين.“
مـِـتيا پاڻ به چڱي خمار ۾ هو. کيس احساس هو، ته سندس خوشي اجهو ٿي شروع ٿئي. پر گروشينڪا کيس مسلسل پاڻ کان پري، موڪليندي ٿي رَهي.
”وڃ ۽ پاڻ کي خوش رک. هنن کي چـَـؤ ته نـچن. پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ ڀلي ته لوهي چلهه ۽ جهوپڙيءَ ۾ نچن. جيئن اڳئين ڀيري ٿيو هو.“ هوءَ ڳالهائيندي رَهي. هوءَ نهايت جوش ۾ هئي. هوڏانهن مـِـتيا سندس حڪم جي تعميل لاءِ حاضر هو. راڳ جي محفل ٻئي ڪمري ۾ ٿي رهي هئي. جنهن ڪمري ۾ هي ويٺا هئا، اهو ڪمرو نهايت ننڍو هو ۽ سوٽي پردن سان ٻن حصن ۾ ورهايل هو. اُن جي پوئتان هڪ ڳرو بسترو موجود هو، جنهن ۾ هڪ پٿرڻي، پکين جي کنڀن سان ڀريل هئي ۽ اُن جي مٿان وهاڻن جو پهاڙ رکيل هو. اُتي اِهڙيون چار ڪوٺيون هيون، جتي ملاقاتين جي لاءِ چار بسترا موجود هئا. گروشينڪا، جا دروازي جي ڀرسان وڃي ويٺي هئي. مـِـتيا هڪ آرام ڪرسي تي، سندس ويجهو ويٺو هو، هوءَ اڳي وانگر اُن جاءِ تي ويٺي هئي. جتان رقص ۽ راڳ کي چڱيءَ ريت ڏسي ٿي سگهي. هيءُ ٻئي اُتي نهايت خوش ٿي ڏٺا. سڀئي ڇوڪريون جي آيون هيون، اُتي ٿي ڏٺيون. يهودي باجن وارن جو ٽولو، جنهن ۾ سارنگيون ۽ سرود به هئا، اَچي ويا هئا. آخر جنهن گاڏيءَ جو انتظار ٿي ڪيو ويو، اُها کاڌي ۽ شراب سان اَچي پهتي.
مـِـتيا ڪافي مشغول ٿي ڏٺو. سڀني قسمن جا ماڻهو، ڪمري ۾ هن محفل کي ڏسڻ لاءِ ايندا ٿي ويا. هاري ۽ سندن زالون به هيون، جي ننڊ مان جاڳي پيا هئا ۽ هن عجيب محفل کي ڏسڻ لاءِ آيا ٿي ۽ کين اُهائي وندر حاصل ٿيندي، جا مهينو اڳ کين حاصل ٿي هئي. مـِـتيا سندن چهرن کي سڃاتو ٿي. جن کي ڄاتائين ٿي، اُنهن کي ڀاڪر پائي کيڪاريائين ٿي. هن شراب جي بوتلن جا ٻوچ کولي، سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي، جي اُتي آيا ٿي، شراب اَوتي ٿي ڏنو. فقط ڇوڪريون ئي شئمپين جون شوقين ٿي ڏٺيون. ماڻهن معمولي شراب ۽ برانڊيءَ کي پسند ٿي ڪيو. هنن کان به وڌيڪ گرم پنچ کي ٿي چاهيو، جنهن ۾ گرم کير سان گڏ شراب ملايو ٿي ويو. مـِـتيا سڀني ڇوڪرين جي لاءِ چاڪليٽ مهيا ڪيا هئا ۽ حڪم ڏنو هئائين، ته ٽي سماور تيار هجن، جن تي سڄي رات چاءِ ۽ پنچ ڪڙهندو رَهي ۽ ماڻهو پاڻ استعمال ڪندا رهن.
شروع ۾ ئي هيءَ عياشي جي بساط درهم برهم ٿيڻ لڳي. پر دمتري نشي ۾ هو، جيئن ئي بدانتظامي ۽ آشفتگي وڌندي ٿي وئي، تيئن شور ۽ پريشاني ٿي پيدا ٿي. مـِـتيا کي وڌيڪ تڪليف ٿي آئي. جنهن ڳوٺاڻي کانئس اُن وقت رقم جي طلب ٿي ڪئي، هن کيسي ۾ هٿ وجهي نوٽن کي ٻاهر ٿي ڪڍيو ۽ کٻي ۽ سڄي کيسن مان جهجها پيسا ڪڍي ٿي ڏنائين. اِهوئي سبب هو، جو سراءِ جو مالڪ تريفان بورسووچ، سندس سنڀال لهڻ لاءِ مٿس ڪـَـڙي نظر ٿي رکي. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هـُـن اُن رات ننڊ ڪرڻ جو ارادو ئي ڇڏي ڏنو هو. هن شراب به ٿورو پيتو هو، فقط پنچ جو هڪ گلاس، هـُـو مـِـتيا جي دلچسپين تي پوري نظر ڪري رهيو هو، پر پنهنجي طريقي سان. عين اُن وقت هو معاملي جي وچ ۾ اَچي ويو ۽ مـِـتيا تي زور آندائين، ته هـُـو سگار ۽ شراب ضايع نه ڪري. سڀ کان وڌيڪ کيس اِنهيءَ کان روڪيائين ته هـُـو رقم ڳوٺاڻن کي نه ڏئي، جيئن اڳي ڪيو هئائين. اهو ڏسي هن کي بيحد نفرت پئي ٿي، ته ڳوٺاڻيون ڇوڪريون بي انتها شراب ۽ مٺائي لـُـٽائي رهيون هيون. کيس چوڻ لڳيون، ته ”هيءُ ته رت چـُـوس ڄورون آهن، دمتري فيودورپاولووچ، مان ته هنن مان هر ڪنهن کي لـَـتون هڻندو آهيان ۽ هيءُ اُن کي پنهنجي عزت سمجهندا آهن - هنن جي قيمت ته اِهائي آهي.“
مـِـتيا کي وري ائنڊري ياد اَچي ويو. حڪم ڏنائين، ته ٻاهر کيس پنچ موڪليو وڃي.
ڪلگنوف، شراب پيئڻ نه ٿي گهريو، پهريائين، ته ڇوڪرين جو راڳ ٻـُـڌڻ به نه ٿي چاهيائين، پر جڏهن شئمپين جا ٻه گلاس چاڙهيائين، ته هـُـو غير معمولي طرح زنده دل بڻجي ويو ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ لڳو. موسيقي ۽ راڳن کي پسند ڪندو، کلندو ٿي وتيو. سڀ ڪنهن شيءِ جي تعريف ڪندو ٿي ڦريو. ميڪزيموف ڏاڍي شوق مان ٿي پيتو ۽ گروشينڪا سندس پاسي کي نه ٿي ڇڏيو. هو پاڻ به پي رهي هئي، ڪلگنوف ڏي اشارو ڪندي، هن مـِـتيا کي چيو ته:
”ڪهڙو نه وڻندڙ ۽ پيارو ٻار آهي؟“
مـِـتيا، ڪلگنوف ۽ ميڪزيموف کي چمي ڏيڻ لاءِ، ڊوڙيو. ڪيڏيون نه سندس عظيم اُميدون هيون. گروشينڪا اَڃا ڪجهه نه ٿي ڪڇيو. ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هـُـن ڄاڻي واڻي پاڻ کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو هو. پر هوءَ وقت بوقت کيس پيار ۽ شوق جي نگاهن سان نهاري رَهي هئي. آخر هن اوچتو سندس هٿ کي ورتو ۽ پيار مان کيس پاڻ ڏي ڇڪي ورتائين. هوءَ اُن وقت هڪ هيٺانهين ڪرسيءَ تي دروازي جي ڀرسان ويٺي هئي.
”تون هتي ڪيئن آئين؟ ڪهڙي نموني سان هت پهتين؟ ...... مان ته ڊڄي وئي هيس. تون اِنهيءَ لاءِ آيو هئين، ته مون کي هن جي حوالي ڪري ڇڏين. اِئين نه؟ سچ پچ تو اِيئن ٿي چاهيو.“
”مان تنهنجي خوشيءَ کي وڃائڻ نه ٿي گهريو!“ مـِـتيا خوشيءَ مان عاجزي سان چيو، پر کيس سندس جواب جي ڪابه ضرورت نه هئي.
”چڱو، وڃ ۽ پاڻ کي وڃي وندراءِ ...!“ هـُـن وري کيس پاڻ کان، هڪ ڀيرو وڌيڪ پـَـري ڪري ڇڏيو. ”غم نه ڪر، مان توکي وري پاڻ وٽ سڏينديس.“
هـُـو هليو ويو ۽ هوءَ راڳ ۽ ناچ کي ڏسندي ۽ ٻڌندي رَهي، جيتوڻيڪ سندس اکيون جيڏانهن به ويو ٿي کيس، نهارينديون ئي رَهيون.
”اَچ ۽ منهنجي ڀرسان ٿي ويهه. مون کي ٻڌاءِ ته توکي منهنجي ڪيئن خبر پئي، ته مان ڪالهه هيڏي هلي آئي آهيان؟ توکي پهريائين ڪنهن ٻڌايو؟“
مـِـتيا کيس سڄي حقيقت ٻڌائڻ شروع ڪئي. ان وقت هو غير مسلسل، نامنظم ۽ درهم برهم حالت ۾ هو. هن عجيب طرح ٿي ڳالهايو، ڪڏهن سندس نراڙ ۾ گهنج ٿي پيا، ته ڪڏهن ڳالهائيندي ڳالهائيندي چپ پئي ٿي ويو.
”تنهنجي پيشانيءَ ۾ گهنج ڇو ٿا پون؟“ هن کانئس پڇيو.
”ڪجهه به نه ...... مان هڪ ماڻهوءَ کي بيمار ڇڏي آيو آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ جا ڏهه سال کيس ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، جي هو خوش ٿئي. جيڪر مون کي خبر پوي، ته هو خوش آهي!“
”خير پرواهه نه آهي، جيڪڏهن هـُـو بيمار آهي. تڏهن تو پاڻ کي ڪالهه گولي هڻڻ ٿي چاهي! ڪهڙو نه احمق ڇوڪرو آهين! ڇاجي لاءِ؟ مان اهڙن نااُميد ماڻهن کي پيار ڪندي آهيان.“ هن هٻڪندي ۽ زبان تي ضابطو رکندي چيو. ”تڏهن تون منهنجي لاءِ حدون به ٽپي ويندين. ڇا سچ پچ تون سڀاڻي پاڻ کي گولي هڻندين؟ بيوقوف! نه، ٿورو ترس. سڀاڻي، مون کي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي .... مان اڄ نه چونديس پر سڀاڻي. وڃ وڃي پاڻ کي وندراءِ.“
هن ڀيري، هـُـن جڏهن کيس سڏيو، ته اِها پريشانيءَ جهڙي ڳجهارت هئي.
”تون ڇو غمگين ٿو ڏسجين؟ مان ڏسان ٿي، ته تون غمگين آهين ..... هائو مان ڏسان ٿي.“ هن سندس اکين ۾ سنئون سڌو نهاريو. ”جيتوڻيڪ تون ڳوٺاڻين ڇوڪرين کي چمندو، واڪا ڪندو رهين ٿو، پر مان ڪا شيءِ تو ۾ ڏسان ٿي! تون خوش ٿيءُ، مان به خوش آهيان ۽ تون به خوش ٿي ..... مان هتي ڪنهن سان محبت ضرور ڪريان ٿي. اَندازو لڳاءِ ته اهو ڪير آهي؟ ڏس هيءُ منهنجو ٻار ننڊ پيو آهي. هن عزيز کي نشو آهي.“
سندس اشارو ڪلگنوف ڏانهن هو. هـُـو سچ پچ نشي ۾ هو. هـُـو ٿوري وقت لاءِ صوفي تي ويٺي ئي ننڊ پئجي ويو هو، پر هو فقط نشي کان ننڊاکڙو نه هو. هـُـو اوچتو اُداس بڻجي ويو هو. اِيئن کڻي چئجي، ته ڪڪ ٿي پيو هو. هـُـو ڇوڪرين جي راڳ کان تڪليف ۾ هو. مٿس فقط شراب جو اَثر نه هو، پر جيئن جيئن شراب پيئندو ٿي ويو، وڌيڪ نااُميد ۽ پريشان ٿيندو ٿي ويو. رقص، جو ٿي رهيو هو، اُهو به ڪو چڱو نه هو. ٻه ڇوڪريون رڇن جي لباس ۾ اندر گهڙي آيون. هڪ چڱي حسين ڇوڪري، جنهن جو نالو اسٽيپاينڊا هو، اُن کي هٿ ۾ لڪڻ هو ۽ هوءَ رڇ واري جو پارٽ اَدا ڪري رهي هئي ۽ اُنهن کي نچائي رَهي هئي.
”ماريا! چڱيءَ طرح، نه ته هيءُ لڪڻ توکي لڳندو.“
آخر هيءُ رڇ زمين تي بـُـريءَ طرح ليٿڙيون پائڻ لڳو ۽ ماڻهن جي گڏ ٿيل ميڙ مان، کـِـلَ جا ڪوڪرا اَچڻ لڳا.
گروشينڪا خوشيءَ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳي، ته ”ڇڏيوِ، ڇڏيوِ! جڏهن هيءُ وندر جو ڏينهن ماڻهن کي ميسر ٿيو آهي، ته هنن کي خوش ٿيڻ ڏيو؟“
مگر ڪلگنوف هن تماشي کان بيزار ٿي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، ته ”ڳوٺاڻين جي هيءَ مسخري بازي ڪيتري نه اَڻ وڻندڙ آهي.“ پري سـُـرندي هن پنهنجي راءِ ڏني، ته ”اِها ئي راند آهي، جا هي، اونهاري جي سڄي رات ۾، جڏهن روشنائي ميسر آهي، کيڏندا رهن ٿا.“
خاص ڪري کيس هڪ نئون نغمو، جو رقص جي لئي ۾ هو، پسند نه آيو. اُن ۾ ذڪر ڪيو ويو هو، ته هڪ شريف ماڻهو آيو ۽ ڇوڪرين سان قسمت آزمائي ڪرڻ لڳو. سندس مراد هئي، ته هـُـو ڏسي ته اهي ساڻس محبت ڪن ٿيون يا نه؟
”هـُـو آقا آيو، اِنهيءَ لاءِ ته ڇوڪرين کي آزمائي،
ته هـُـو ساڻس محبت ڪن ٿيون يا نه؟“
پر ڇوڪريون اُن آقا سان محبت نه ٿيون ڪن.
”هيءُ مون کي تڪليفن ۽ ايذائن سان ماريندو،
” اِهڙي محبت منهنجي لاءِ سودمند نه ٿيندي.“
هاڻي هڪ اوباش اَچي ٿو ۽ اُهو به قسمت آزمائي ڪري ٿو.
”هڪ اوباش آيو، ڇوڪرين کي آزمائڻ لاءِ
ته اهي هن کي پيار ڪن ٿيون يا نه؟“
پر هـُـو اوباش سان به محبت نه ٿيون ڪن.
”مون کي ڊپ ٿو ٿئي، هيءُ ڪو چور نه هجي!
” منهنجي ڳوڙهن وهائڻ جو سبب نه بڻجي.“
ٻيا به گهڻائي ماڻهو قسمت آزمائي لاءِ آيا، اُنهن ۾ هڪ فوجي سپاهي به هو:
”فوجي سپاهي ڇوڪرين وٽ قسمت آزمائي ڪرڻ آيو،
ته اُهي هـِـن سان محبت ڪنديون يا نه؟“
پر فوجي سپاهيءَ کي نفرت سان رد ڪيو ويو. اِهو شعر ٻن سٽن ۾ هو، جنهن ۾ بلڪل صفائي ۽ صراحت سان اُن کي انڪار ڪيو ويو، جنهنڪري حاضرين ۾ عجيب لهر پيدا ٿي وئي. راڳ هڪ واپاريءَ جي ذڪر سان وڃي پورو ٿيو.
”واپاري ڇوڪرين کي آزمائڻ لاءِ آيو،
ته اُهي ساڻس محبت ڪن ٿيون يا نه؟“
اِهو ڏسڻ ۾ ٿو اَچي، ته هـُـو بازي کـَـٽي ويو آهي.
”واپاري منهنجي لاءِ سون گڏ ڪندو،
” مان خوشيءَ سان سندس راڻي ٿينديس.“
ڪلگنوف جي ڪاوڙ هن شعر کي ٻـُـڌي انتها تي پهچي وئي. هن رڙ ڪري چيو ته ”هيءُ راڳ ڄڻ ته سڀاڻي جو ٿو نظر اَچي. ڪير آهي جو هيءُ ڳالهيون، هنن لاءِ ٿو لکي؟ هنن جي لاءِ ڪو ريلوي وارو ۽ ڪو يهودي به قسمت آزمائي لاءِ هئڻ کپندو هو. هنن کي ته اِهي سڀئي آڻڻ کپندا هئا.“
جيئن ته هي سندس شخصي ڌڪار هئي، هن اُتي ئي ظاهر ڪيو، ته هـُـو تنگ اَچي ويو آهي، هو جيئن ئي صوفي تي ويٺو هو، تيئن ئي کيس جلد ننڊ اَچي وئي. سندس سهڻو چهرو ڪومايل ٿي ڏٺو، جيئن ئي هـُـو گاديلي تي ليٽيو. مـِـتيا کي پاڻ ڏي سوريندي، گروشينڪا کيس چيو ته:
”ڏس ته هيءُ ڪهڙو نه سهڻو ٿو لڳي. مان سندس وارن کي هاڻي ڦڻي ٿي ڏني. سندس وار ڄڻ ته سـِـڻي وانگر آهن ۽ نهايت گهاٽا.“
هوءَ اُن جي مٿان نـِـوڙي ۽ سندس پيشانيءَ کي چميائين. ڪلگنوف اُن وقت پنهنجون اکيون کوليون ۽ اُن ڏي نهاري اُٿي بيٺو ۽ نهايت انتظار مان پڇيائين، ته ميڪزيموف ڪٿي آهي؟ گروشينڪا کلي کيس چيو، ته ”هڪ منٽ مون وٽ ترس.“ پوءِ مـِـتيا ڏي نهاري چيائين، ته ”ڊوڙ ۽ ميڪزيموف کي لـَـهي اچ!“
ميڪزيموف! ڏسڻ ۾ اِيئن ٿي آيو، ته هـُـو گهڙي به ڇوڪرين کان پـَـري نه پئي ٿيو. هـُـو سندن گلاسن کي ڀرڻ لاءِ وقت بوقت ڊوڙندو ٿي رهيو. هـُـن چاڪليٽ جا ٻه گلاس پيتا هئا. اهي ايڏا ته مٺا هئا، جنهن ڪري سندس نڙي وٺجي وئي هئي. سندس منهن ڳاڙهو، نڪ گلابي ٿي لڳو ۽ اکيون پـُـر آب هيس. هـُـو ڇوڪرين کي چئي رهيو ته هو، ساڻن ڳوٺاڻي رقص ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
”مون کي سڀئي عامي رقص سيکاريا هئائون، جڏهن مان ننڍو هوس.“
”مـِـتيا تون هن ساڻ وڃ! مان هتان ڏسنديس، ته هو ڪيئن ٿو ناچ ڪري!“ گروشينڪا چيو.
”نه، نه مان ڏِسڻ اَچان ٿو“ ڪلگنوف نهايت سادگي سان، گروشينڪا جي آرزو کي ته هـُـو ساڻس گڏ ويهي، رد ڪندي چيو. هـُـو سڀئي ڏسڻ لاءِ هليا ويا. ميڪزيموف رقص ڪرڻ لڳو. مگر هو مـِـتيا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به پسنديدگي حاصل ڪري نه سگهيو. وٽس ٽپن ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. هـُـو پنهنجي پيرن سان ڄڻ ته هوا ۾ ٿڏا هڻي رهيو هو. هرهڪ ٽپي تي هـُـو پنهنجي پير جي تـَـري کي ڄڻ چماٽون هڻي رهيو هو. ڪلگنوف کي هرگز هي ناچ نه ٿي وڻيو، پر مـِـتيا رقاص کي چمي رهيو هو.
”مهرباني. تون شايد ٿڪجي پيو آهين؟ توکي ڪجهه کپي!؟ مٺائي يا سگريٽ؟“
”ها سگريٽ!“
”توکي شراب نه کپي؟“

”مان هاڻي شراب پيتو آهي ...... توهان وٽ چاڪليٽ نه آهن ڇا؟“
”هائو، ميز تي، اُنهن جو ڍير آهي، تون پسند ڪري اُنهن مان کڻي وٺ!“
”مون کي هنن مان هڪ مٺاڻ وارو کپي، جو پوڙهن کي پسند ايندو آهي. ها، ها، ها!“
”نه، اِهو خاص قسم جو اسان وٽ ڪونه آهي.“
”مان چوان ٿو،“ هن پيرسن بڻجي، مـِـتيا جي ڪن ۾ آهستي چيو ته، ”هيءَ ڇوڪري، ماريا. ها، ها. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو تون ساڻس دوستي رکڻ ۾ منهنجي مدد ڪرين؟“
”ها، تڏهن اِهائي ڳالهه آهي، جنهن جي پوئتان تون آهين؟ نه عزيز اِيئن ٿي نه سگهندو.“
”مان ته ڪنهن کي نقصان نه پهچايو آهي،“ ناراضپي سان ميڪزيموف جواب ڏنو.
”چڱو، چڱو، هيءُ ته هتي نچڻ ۽ ڳائڻ لاءِ آيون آهن، جنهن جي توکي خبر آهي. پر کڏ ۾ وجهينس، ٿورو وقت ترس ...... کاءُ، پيءُ ۽ خوش ٿيءُ. توکي پيسا نه کپن؟“
”اِهي پوءِ.“ ميڪزيموف مشڪيو.
”چڱو، چڱو.“
مـِـتيا جو مٿو ڄڻ ته جلي رهيو هو. هـُـو ڪاٺ جي وڌاوڙي ڏي هليو ويو. جو سڄيءَ جاءِ جي اندر ٺهيل هو، جنهن مان هيٺ اڱڻ ۾ چڱيءَ ريت نظر ٿي پئي. تازي هوا منجهس خيالن کي وري آندو. هـُـو اونداهي گوشي ۾ بيهي رَهيو ۽ اوچتو ٻنهي هٿن ۾ پنهنجي مٿي کي جهليائين. سندس ڇڙوڇڙ خيال وري يڪجا ٿي ويا. سندس احساس هڪ مرڪز تي جمع ٿي ويا. اوچتو ڄڻ اُن نقطي کان کنوڻ چمڪي. هيءَ کنوڻ نهايت وحشت ڏيندڙ هئي. دمتري پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو ته:
”جيڪڏهن مان چاهيان ٿو، ته خودڪـَـشي ڪريان، ته هي سـُـٺو موقعو آهي. وڃان ۽ پستول کڻي اَچان! هن اونداهيءَ ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾پنهنجي ڪم کي پورو ڪريان.هڪ گهڙيءَ کان پوءِ مان مردو هوندس.“ هـُـو منٽ کن فيصلي کان سواءِ اُتي بيٺو رهيو. ٿورا ڪلاڪ اڳ جڏهن هـُـو هتي ڌڪا کائي رهيو هو، تڏهن هـُـو پريشاني ۾ گرفتار هو. هـُـن چوري ڪئي هئي، ۽ رت هاريو هئائين .... هن جي لاءِ، اُن وقت خودڪـَـشي ڪرڻ آسان هئي ۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ها. هـِـن اُن کي (گروشينڪا) وڃايو هو ۽ هٿن مان ڏئي ڇڏيو هو. هوءَ به کانئس هلي وئي هئي. اُن وقت هن جي لاءِ موت آسان هو. گهٽ ۾ گهٽ هن جي لاءِ هيءُ ضروري ۽ لازمي هو، ته هـُـو ڪنهن جي لاءِ هن زمين تي ترسي؟
پر هاڻي؟ ڇا ساڳي حالت هئي؟ هاڻي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ وهمي صورت ۾ هڪ خوف پنهنجي پڄاڻيءَ تي اَچي ويو هو. پهريون حقدار محبت ڪرڻ وارو، هـُـو بدقسمت انسان غائب ٿي چـُـڪو هو ۽ سندس ڪوبه نشان ڪونه هو. اِها خطرناڪ وهمي، هڪ عجيب مذاق ۾ بدلجي وئي هئي. هـُـو آرام واري ڪمري ۾ پهچي بند ٿي ويو هو. هـُـو وري موٽڻ وارو نه هو. هوءَ شرمنده هئي ۽ سندس اکين مان صاف ٿي ڏٺو، ته هـُـوءَ ڪنهن کي پيار ٿي ڪـَـري. هاڻي هن جي لاءِ موقعو هو، ته پنهنجي حياتيءَ کي خوشيءَ سان ڀـَـري. ...... پر هن جيئرو رَهڻ نه ٿي گهريو. افسوس اَبدي لعنت! ”خدايا اُن ماڻهو جي حياتيءَ کي موٽاءِ، جنهن کي مون لوڙهي جي ڀرسان ڪيرايو هو. هي خطرناڪ پيالو مون کان گذري وڃي. خدايا! تون، مون جهڙي گنهگار لاءِ مسخ ٿيل ڪرامتون رکين ٿو. پر ڇا، ڇا، جيڪڏهن هـُـو پوڙهو جيئرو آهي. اڙي، پوءِ ته مون کي ٻين شرمندگين لاءِ سوچڻو پوندو. اُنهن کي صاف ڪـَـري ويندس. مان چورايل رقم کي واپس ڪندس. مان اِها موٽائيندس. ڪيئن به ڪري هٿ ڪندس. ڪوبه اُن ندامت جو نشان نه رهندو، پر سواءِ منهنجي دل ۾ جو هميشھ رهندو! پر نه، نه، نهايت مشڪل. هي سڀ بزدليءَ جا خواب آهن!
پر سندس اونداهيءَ ۾ اَڃا به اُميد جو ڪرڻو ٿي ڏٺو. هـُـو ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ موٽي ڪمري ڏانهن ڊوڙيو - اُن ڏانهن، جا سندس هميشھ جي راڻي هئي. ڇا سندس محبت جي هڪ گهڙي، سندس تڪليف ۽ مصيبتن جي هوندي، سندس باقي حياتيءَ جي قيمت نه هئي.هن وحشي خيال سندس دل کي چنبن ۾ قابو ڪري رکيو هو. ”ها هن ڏانهن، فقط هن ڏانهن. اُن کي ڏسڻ گهرجي ۽ اُن کي ٻڌڻ گهرجي. ٻئي ڪنهن به ڳالهه جو خيال نه ڪرڻ گهرجي ۽ سڀ کي وساري ڇڏڻ گهرجي. فقط هن رات جي لاءِ ۽ هڪ گهڙيءَ جي لاءِ.“ جيئن ئي هـُـو اُن وڌاوڙي کان پوئتي موٽيو ۽ گهٽي کان گذريو ته جاءِ جو مالڪ سندس منهن ۾ پئجي ويو. هـُـن خيال ڪيو، ته هـُـو مايوس ۽ غمگين آهي، ۽ عجب کاڌائين، ته هـُـو کيس ئي ڳولهڻ آيو آهي.
”ڇو تريفان بورسووچ تون منهنجي انتظار ۾ آهين؟“
”نه سائين!“ جاءِ مالڪ بي تعلق ٿي نظر آيو. ”مان اوهان جي لاءِ ڇو انتظار ۾ هجان؟ توهان ڪٿي هئا؟“
”تون اُداس نظر اَچي رهيو آهين، ڇو؟ تون ڪاوڙ ۾ ته نه آهين؟ ٿوري گهڙي ترس، پوءِ تون ننڊ ۾ هوندين. وقت ڇا ٿيو آهي؟“
”ٽي يا سوا ٽي ضرور ٿيا هوندا.“
”اَسان جلدي وينداسون، جلدي!“
”اُن جو ذڪر نه ڪريو. اِن ۾ ڪابه حرڪت نه آهي، جيستائين اوهان جي مرضي پوي ايستائين ڀلي ويٺا رهو.“
هن کي اَلائي ڇا ٿيو آهي؟ مـِـتيا عجب ۾ پئجي ويو. هـُـو اُن ڪوٺيءَ ڏي ڊوڙي پيو، جتي ڇوڪرين جو رقص ٿي رهيو هو. پر هوءَ اُتي ڪانه هئي، نه وري نيري ڪمري ۾ هئي. اُتي ٻيو ڪوبه ڪونه هو، پر صوفي تي ڪلگنوف ننڊ ۾ هو. مـِـتيا، پردي جي پويان جهاتي پائي ڏٺي - هوءَ اُتي هئي. هوءَ هڪ ٽرنڪ تي ڪنڊ ۾ ويٺي هئي. هوءَ اڳتي مـُـڙيل هئي. سندس مٿو ۽ ٻانهون ڀرسان وڇايل بستري تي هئا. هوءَ حد کان وڌ روئي رَهي هئي ۽ پنهنجي سـُـڏڪن کي سختيءَ سان روڪي رَهي هئي، ته جيئن ڪو اُن کي نه ٻـُـڌي. مـِـتيا کي ڏسندي، هـُـن پنهنجي پـُـٺي اُن ڏانهن ڦيرائي. جڏهن هـُـو اُن ڏانهن ڊوڙيو، ته هـُـن سندس هـَـٿَ کي مضبوطيءَ سان جهليو.
”مـِـتيا، مـِـتيا، تون ڄاڻين ٿو، ته مان هن کي ڪيڏو نه پيار ٿي ڪيو. پنج سال مان کيس ڪيڏو نه پيار ڪندي رهيس. ڇا، مان کيس پيار ڪندي هيس يا پنهنجو پاڻ کي! نه هن کي، هن کي! اِهو ڪوڙ ٿيندو ته مان پنهنجو پاڻ کي پيار ڪندي هيس. مـِـتيا مان اُن وقت فقط سترنهن ورهين جي هيس. هـُـو ايترو ته مون تي مهربان ۽ خوش هو، جو هو مون لاءِ ڳائيندو هو ۽ موج ۾ اَچي ويندو هو. سو به مون جهڙي بيوقوف ڇوڪريءَ جي لاءِ ..... ۽ هاڻي خدايا! هيءُ ساڳيو ماڻهو نه آهي. سندس چهرو به اِيئن نه آهي، هـُـو بلڪل بدلجي ويو آهي. مان جيڪر هن سان واقفيت پيدا نه ڪريان ها. مان ٽموفاءِ سان گڏجي بگيءَ ۾ هتي آيس. سڄي واٽ مان اِهو فڪر ڪندي آيس، ته اُن سان ڪيئن ملنديس؟ اُن کي ڇا چونديس ۽ ڪهڙي ريت اسان هڪ ٻي کي نهارينداسون؟ منهنجي روح کي وڏي ضرب لڳي، جڏهن مون ڏٺو ته اوچتو ئي اوچتو، ڄڻ ته هن مون تي غليظ پاڻيءَ جو ڪينگر اُڇلائي ڇڏيو آهي. هـُـو مون سان اسڪول ماستر وانگر ڳالهائڻ لڳو. هڪ بردبار ۽ عالم جيئان. هـُـو مون سان اِهڙي ته ڳنڀيرتا سان مليو، جو مان حيران ٿي ويس. مان هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهيس پهريائين مان اِيئن خيال ڪيو، ته کيس ڊگهي پول جي موجودگي ۾ شرم اَچي رهيو آهي. مان کيس عجب مان نهاريندي رهيس، ته مان هينئر هن سان ڇو نه ڳالهايو آهي. هيءُ سندس زال جو ڪارنامو آهي، جنهن کيس برباد ڪري ڇڏيو آهي. تون ڄاڻين ٿو، ته هن مون کي اِنهيءَ لاءِ ڦٽو ڪري ڇڏيو، ته هـُـن سان شادي ڪري. هـُـن کيس اِهڙي ريت بدلائي ڇڏيو هوندو. مـِـتيا، هيءَ ڪيڏي نه بي شرميءَ جي ڳالهه آهي! او مـِـتيا، مون کي ندامت آهي ۽ مون کي سڄي حياتي ندامت رهندي! اِهي پنج سال، پاراتو هئا. پاراتو هئا، پاراتو!!“
هـُـو وري ڳوڙها وهائڻ لڳي. مگر مـِـتيا جي هٿن کي چنبڙي پئي ۽ اُنهن کي ڇڏڻ نه ٿي گهريائين.
”پيارا مـِـتيا ترس ۽ هليو نه وڃ. مان توکي ڪجهه چوڻ گهران ٿي.“ هن ڀڻڪيو ۽ پنهنجو چهرو، اُن ڏي وڌايائين. ”ڌيان ڏي ۽ مون کي ٻـُـڌاءِ ته اُهو ڪير آهي، جنهن سان مان محبت ڪريان ٿي؟ مان هتي هڪ ماڻهوءَ سان محبت ڪريان ٿي. اُهو ڪير آهي، تون مون کي اِهو ٻڌاءِ؟“
روئڻ جي ڪري سندس سـُـڄيل منهن تي مرڪ اَچي وئي ۽ نيم تاريڪيءَ ۾ سندس اکيون روشن نظر اَچڻ لڳيون.
”هڪ باز اُڏريو ۽ منهنجي دل ٻـُـڏي وئي. اُهو بيوقوف هو، جنهن سان تو محبت ٿي ڪئي!“ اِهائي ڳالهه هئي، جا سرگوشيءَ جي طرح منهنجي دل مون سان ٿي ڪئي. تون آئين ۽ سڀڪجهه روشن ٿي ويو. هـُـو ڇا کان ٿي ڊنو؟ مون کي عجب ٿي لڳو. ڇاڪاڻ ته تون ڊنل ٿي لڳين. تون ڳالهائي به نه ٿي سگهين. توکي هنن کان ڪوبه خوف نه هو. ڇا تون ڪنهن کان ڊڄي به سگهين ٿو؟ مان خيال ڪيو، ته اِها مان آهيان، جنهن کان تون ڊڄي رهيو آهين. تڏهن فينا توکي هيءُ به ٻڌايو هو، ته مان ڪهڙيءَ ريت دريءَ مان رڙ ڪري اليوشا کي چيو هو، ته مان مٽنڪيا سان فقط هڪ ڪلاڪ محبت ڪئي آهي، جنهن کي مان هاڻي ڇڏي، ڪنهن ٻئي سان محبت ڪرڻ لاءِ وڃي رَهي آهيان. ”مـِـتيا، مـِـتيا. مان اِهڙي بيوقوف ڪيئن ٿينديس جو توکان پوءِ ڪنهن ٻئي سان محبت ڪريان؟ مـِـتيا تون مون کي بخشيندين؟ تون مون کي معاف ڪندين يا نه؟ تون مون سان محبت به ڪرين ٿو؟“ هوءَ ٽپو ڏئي اُٿي ۽ سندس ڪلهن کي ٻنهي هٿن سان جهليائين. مـِـتيا عجيب بي خوديءَ ۾ خاموش ٿي ويو هو. هـُـو فقط سندس نگاهن کي نهاري رهيو هو. هو سندس چهري کي ۽ مرڪڻ کي ڏسي رهيو هو. اوچتو هن کيس مضبوطيءَ سان پنهنجي ٻانهن ۾ جهليو ۽ نهايت بي خوديءَ مان کيس چمڻ لڳو.
”تون مون کي اُنهن سڀني عذابن لاءِ معافي ڏيندين، جي توکي ڏنا اٿم؟ اِها منهنجي اندر جي جنب ٿي هئي، جو مان توکي عذاب ڏيندي رهيس. اِهو سڀ حسد هو، جو مان پوڙهي ماڻهوءَ کي وچ ۾ آڻي وڌو هو. توکي ياد هوندو، ته هڪ ڏينهن تو مون وٽ شراب پيتو هو ۽ گلاس ڀڃي وڌو هو؟ مون کي اِهو ياد هو. مان اڄ گلاس ڀڳو آهي ۽ پنهنجي بي قدر دل کي شراب پياريو اَٿم. مـِـتيا، منهنجا باز، مون کي ڇو نه ٿو چمين؟ تون مون کي هڪ دفعو چمي، پاڻ کي علحده ڪري ويو آهين. تون فقط ٻڌين ٿو ۽ ڌيان ٿو ڏئين. ڇا لاءِ هيءُ ڌيان ڏئي ٻڌڻ آهي؟ مون کي چـُـم ۽ زور سان چـُـم. اِهو بهتر آهي. جيڪڏهن توکي محبت ڪرڻ اَچي ٿي، ته چڱيءَ طرح ڪر. مان هاڻي، تنهنجي غلام ٿي رهنديس ۽ سڄي حياتيءَ لاءِ غلام ٿي رهنديس. غلام ٿي رهڻ نهايت شيرين آهي. مون کي چم. ڀلي مون سان بڇڙو برتاءُ به ڪر. مون سان اِيئن ڪر، جيئن توکي پسند اَچي .... مان اُن جي برداشت ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان. ترس پوءِ شايد مان اِيئن نه ڪري سگهان.“ هـُـن اوچتو مـِـتيا کي ڌِڪو ڏنو. ”وڃ مـِـتيا، مان اَچان ٿي ۽ مون کي ڪجهه شراب کپي. مان پيئڻ گهران ٿي ۽ رقص ڪرڻ گهران ٿي.“ هـُـن، اُن کان پاڻ کي ڇڏايو ۽ پـَـردي جي پوئتان نڪري وئي. مـِـتيا پيتل ماڻهو وانگر اُن جي پويان ويو.
”هائو! اچ، پوءِ جو ڪجهه به ٿئي. هڪ منٽ جي لاءِ مان سڄي دنيا کان بي نياز ٿي وڃڻ گهران ٿو.“ هن خيال ڪيو. گروشينڪا اِيئن ئي ڪيو، جيئن چيو هئائين. هن هڪئي ڳيت ۾ سڄو گلاس خالي ڪري ڇڏيو ۽ هڪدم خمار ۾ اَچي وئي. هو اڳي وانگر ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي رَهي ۽ سندس چهري تي موهيندڙ مـُـشڪ ٿي ڏٺي. سندس ڳـلَ چمڪيا ٿي، سندس چپ جليا ٿي ۽ سندس اکيون آليون هيون ۽ اُنهن ۾ هڪ جذباتي دعوت هئي. ڪلگنوف جهڙي ماڻهوءَ جي اندر ۾ به، چرپر پيدا ٿي وئي ۽ هـُـو اُن ڏي وڌي ويو.
”ڇا توکي هن ڳالهه جو احساس ٿيو هو، ته تون جڏهن ننڊ ۾ هئين، ته مان توکي چميو هو!؟“ هن ٿلهو ڳالهائيندي چيو. ”مان هاڻي پيتل آهيان، اُن ڪري اِيئن ٿي رهيو آهي ...... ڇا تون پيتل نه آهين؟ ڇا مـِـتيا نه پي رهيو آهي؟ ڇو مـِـتيا تون نه ٿو پيئين؟ مان پيئان ٿي، تون ڇو نه ٿو پيئين؟“
”مان پيتو آهي..... مان توسان گڏ پيتو آهي ۽ هاڻي شراب کي به پيئان ٿو.“
هـُـو ٻيو گلاس به پي ويو. اُن جي پيئڻ سان هن پاڻ کي ڪنهن ٻي دنيا ۾ ڏٺو. اِنهيءَ گلاس کيس بلڪل هوش کان ڪـَـڍي ڇڏيو. هـُـو اوچتو نشي ۾ مست ٿي ويو، جيتوڻيڪ هـِـن کان اڳ هـُـو بلڪل هوش ۾ هو. هن کي هيءَ ڳالهه پوري ريت ياد هئي. هاڻي کيس هرڪاشيءِ ڦرندي ٿي نظر آئي. اِيئن پئي معلوم ٿيو، ته هـُـو بلڪل خمار ۾ آهي. هو سڀ ڪنهن سان کلندو ۽ ڳالهائيندو ٿي رَهيو. کيس ڪابه خبرنه ٿي پئي ته هـُـو ڇا ڪري رهيو آهي؟ فقط هڪ سنسني خيز ڄاڻ هئي، جا هن مسلسل پنهنجي اندر محسوس ٿي ڪئي. اُها سندس دل ۾ هڪ شعلي وانگر هئي. هـُـو اُن جي ڀرسان ويٺو. اُن ڏي نهارڻ لڳو ۽ ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لڳو. هوءَ هاڻي گهڻ ڳالهائو بڻجي پئي ۽ سڀ ڪنهن کي پاڻ ڏي سڏڻ لڳي. ڪورس ڳائڻ وارين ڇوڪرين ڏي پٺ ڏئي ويهي رَهي. جڏهن به ڪا ڇوڪري آئي ٿي، ته اُن کي چميائين ٿي يا اُن جي مٿان صليب جو نشان ٿي ڪڍيائين. ڪنهن ڪنهن وقت روئي به ٿي ڏنائين. هـُـو ڪوتاهه قد ميڪزيموف کان بيحد وندريل ٿي ڏٺي. هـوءَ منٽ منٽ ۾ ڊوڙي سندس هٿن کي چميون ڏيندي رَهي. هـُـو هاڻي هڪ پراڻي راڳ تي رقص ڪري رهيو هو، جنهن کي هن پاڻ ٿي ڳايو. هـُـو نئين شوق ۽ ذوق سان خاص رقص ڪري رهيو هو.
ننڍو مرون چوي ٿو: اُف، ُاف، اُف
ننڍو گابو چوي ٿو: مو، مو، مو
ننڍڙيءَ بدڪ چوي ٿي: غا، غا، غا
ننڍڙو هنج چوي ٿو: ڪـُـوِڪُ، ڪـُـوِڪُ، ڪـُـوِڪُ،
ڪڪڙ، پنهنجي کـُـڏيءَ ۾ چرندي وڃي ٿي،
ٿـَـرو - رو، رو، رو، رو هوءَ اِيئن چوي ٿي،
ٿرو - رو، رو، رو، رو - هوءَ اِئين چوي ٿي.
”مـِـتيا هن کي ڪجهه انعام ڏي. هيءُ غريب آهي. غريب ۽ ڌڪاريل .... مـِـتيا توکي خبر آهي، مان راهب خاني ۾ وينديس. مان هڪ ڏينهن وينديس. اليوشا مون کي اڄ اهڙي ڳالهه ٻڌائي هئي، جو مان سڄي حياتي ياد ڪنديس .... هائو ..... پر اڄ آءُ ته رقص ڪريون. سڀاڻي راهب خاني ڏي. اِنهيءَ ۾ پوءِ ڪهڙو حرج آهي، نيڪ اِنسانو. خدا تعاليٰ اسان کي معاف ڪندو. مان معافيءَ لاءِ التجا ڪـَـري رهي آهيان. نيڪ انسانو! مون کي معاف ڪريو، مان هڪ ذليل عورت آهيان. مان وحشي جانور آهيان. پر مان التجا ڪندي رهنديس. ڄڻ ته مان هڪ ننڍڙو بصر ٿي ڏيان. جيئن ته مان بدڪار هيس، هاڻي مغفرت گهران ٿي. مـِـتيا هنن کي نچڻ ڏي ۽ کين نه روڪ. دنيا جي اندر جيڪو به آهي، چڱو آهي. توڙي جو بدتر کان بدترين آهي. دنيا هڪ وڻندڙ جاءِ آهي. جيتوڻيڪ اَسان بڇڙا آهيون، پر دنيا چڱي جاءِ آهي. اَسين چڱا به آهيون ۽ بڇڙا به آهيون ..... هيڏي اچ توکي ڪجهه چوڻو آهي. اوهان مان هيڏي سڀڪوئي اَچي، مان توهان کي ڪجهه چونديس. مان ايتري ڇو چڱي آهيان؟ توهان کي خبر آهي، مان چڱي آهيان .... اَچو مان ايتري ڇو چڱي آهيان؟“
گروشينڪا اِهڙي ريت نشي ۾ آفر ڪندي رَهي. گهڻي کان گهڻي نشي ۾ وڌندي وئي. آخر هـُـن اعلان ڪيو، ته هوءَ نچندي. هوءَ لـُـڏندي لمندي ڪرسيءَ تان اُٿي ۽ چوڻ لڳي ته ”مـِـتيا مون کي وڌيڪ شراب نه ڏي. جيڪڏهن مان توکي چوان به، ته به مون کي نه ڏي. شراب سڪون نه ٿو ڏئي. ڄڻ ته هر شيءِ ڦـِـري رهي آهي. باهه جو چلهو، مطلب ته هر شيءِ. مان رقص ڪرڻ گهران ٿي. ڀلي هرڪو ڏسي ته مان ڪيئن ٿي نچان .... ڀلي هـُـو ڏسن ته مان ڪهڙو نه عمدو ناچ ٿي ڪريان .....؟“
سندس سچ پچ اِهو اِرادو هو. هن پنهنجي کيسي مان هڪ اڇو سوٽي رومال ڪڍيو. پنهنجي سڄي هٿ ۾ اُن جي ڪنڊ کي جهليائين، ته جيئن اُن کي ناچ مهل هوا ۽ لوڏيندي رَهي. مـِـتيا هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳو. ڇوڪريون خاموش ٿي ويون. هـُـو تيار ٿي ويون، ته ناچ جي شروع ٿيڻ جي اشاري سان ڳائڻ لڳن. ميڪزيموف جڏهن ٻڌو ته گروشينڪا نچڻ ٿي گهري، ته هـُـو خوشيءَ کان مست ٿي ويو. راڳ ڳائيندو، ٽپا ڏيندو، اُن جي اڳيان هليو ويو:
”نازڪ ٽنگن سان ۽ صدا ڏيندڙ پاسن سان،
سندس پڇ ڏنگو پر مضبوط آهي.“
پر گروشينڪا پنهنجي رومال کي لوڏيو ۽ هن کي هڪالي ڇڏيائين.
”مـِـتيا، هـُـو ڇو نه ٿا اَچن؟ ڀلي ته هرڪو اَچي ڏسي. هنن کي به سڏ ڪر. هـُـو ته اندر بند آهن ..... تو، هنن کي ڇو بند ڪري ڇڏيو آهي؟ کين ٻڌاءِ ته مان نچان ٿي. ڀلي ته هـُـو به اَچي ڏسن .....“
مـِـتيا ٿڙڪندڙ قدمن سان، اُن در ڏي ويو، جنهن کي قلف ڏنل هو. در کي هٿ هڻي ۽ چيائين ته، ”اڙي! او يودووتسڪي اَچو، گروشينڪا نـچي ٿي ۽ اوهان کي سيو اَٿس.“
”بدمعاش!“ هڪ پول کيس جواب ۾ چيو.
تون پاڻ بدمعاش آهين ۽ تون پاڻ لوفر آهين.“
ڪلگنوف جو شراب کان مست هو، کين شـَـدمـَـد سان چوڻ لڳو ته:
”پولينڊ جي توهين نه ڪريو.“
”جيڪڏهن مان هنن کي ذليل چيو آهي، ته تون ڇوڪرا چپ ڪر. هن جو مقصد نه آهي، ته مان سڄي پولينڊ کي اِيئن ٿو سمجهان. چپ ڪر، منهنجا حسين ٻار اَچي مٺائي کاءُ.“
”ها ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن! اِيئن ٿو معلوم ٿئي، ته هي انسان ئي نه آهن. هي ڇو نه ٿا دوست پيدا ڪن!؟“ اِيئن چئي گروشينڪا رقص لاءِ هلي. ڪورس شروع ٿي ويو.
’وهواهه منهنجي گهر جو وڌاوڙو، منهنجو نئون وڌاوڙو.‘
گروشينڪا پنهنجي مـَـٿي کي هلايو ۽ پنهنجي چپن کي اَڌ کوليو. مشڪي ۽ رومال کي لوڏيائين. اوچتو سندس پير ترڪيا. تعجب ۽ ناخوشيءَ ۾ ڪـَـمري جي وچ ۾ بيهي چوڻ لڳي ته:
”مان ڪمزور آهيان، معافي ٿي گهران، ناتوان آهيان، مون کي بخشيو، مان رقص ڪري نه ٿي سگهان.“
هن ڪورس وارين کي سلام ڪيو، کٻي ۽ سڄي بيٺل ماڻهن جي تعظيم ڪيائين ۽ نهايت نماڻائيءَ سان چيائين، ته معافي ٿي گهران.
ماڻهن مان ڪن چيو ته ”وڌيڪ پي وئي آهي، حد کان وڌيڪ.“
ميڪزيموف ڇوڪرين کي چيو، ته ”هيءَ مست آهي. ها، ها.“
گروشينڪا جيئن ته اُتي ويجهي هئي، زمين تي ڪـِـري پئي. مـِـتيا کي چوڻ لڳي ته ”مون کي کڻ ۽ منهنجي مدد ڪر.“ مـِـتيا وٽس تيز قدميءَ سان پهتو ۽ کيس ٻانهن ۾ کنيائين ۽ هن قيمتي بار کي کڻي پـَـردن جي پوئتان هليو ويو.
”ٺيڪ آهي، هاڻي مون کي وڃڻ کپي!“ ڪلگنوف خيال ڪيو. هـُـو نيري ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو ۽ دروازي جي ٻنهي طاقن کي ٻيڪڙي ڇڏيائين. پر وڏي ڪمري ۾، جلسي جو جوش ۽ خروش وڌندو رَهيو. مـِـتيا، گروشينڪا کي بستري تي آڻي سمهاريو ۽ سندس چپن کي چمڻ لڳو.
”مون کي هٿ نه لاءِ“ هـُـن تجسس جي طور تي چيو. ”مون کي هٿ نه لاءِ، جيستائين مان تنهنجي بڻجان .... مان توکي چيو آهي، ته مان تنهنجي آهيان، پر مون کي تيستائين هٿ نه لاءِ ..... هـُـو هتي آهن ۽ گڏ آهن، توکي اِيئن نه ڪرڻ گهرجي. هـُـو اِتي آهي، هو فاحش اِتي آهي.
”مان تنهنجي حڪم کي مڃان ٿو! مان اِن لاءِ ڪوبه خيال نه ڪندس. مان ته تنهنجي پوڄا ٿو ڪريان!“ مـِـتيا کيس جواب ڏنو. هائو هـُـو فاحش هتي آهي. اِها نفرت جهڙي ڳالهه ٿيندي.“
”مان ڄاڻان ٿي، ته تون سفاڪ آهين“ ، گروشينڪا کيس نمايان طرح چيو. پر ”تون شريف به آهين. پر آئنده سڀ ڪجهه عزت سان ٿيڻ گهرجي. اَسان کي نيڪ ٿيڻ کپي نه وحشي جانور. مون کي وٺي هل جيڏانهن به وڻيئي وٺي هل. تون هيءُ ٻڌين به ٿو؟ مان نه ٿي چاهيان، ته هتي هجان. مون کي پـَـري وٺي هل.“
”ها، اِيئن ٿيڻ به گهرجي. مـِـتيا کيس ڀاڪر ۾ زور ڏيندي چيو. مان توکي هتان کڻي اُڏري ويندس. افسوس جيڪڏهن هو رت جو معاملو نه هجي ها، ته مان پنهنجي سڄي حياتي، تنهنجي هڪ سال لاءِ قربان ڪريان ها.“
”ڪهڙو رت؟“ ، گروشينڪا هٻڪندي کانئس پڇيو.
”ڪجهه به نه،“ مـِـتيا ڏندن کي ڀيڪوڙيندي چيو. ”گروشينڪا تون ايماندار ٿي چاهين، پر مان ته چور آهيان. مان ڪٽيا جي رقم چورائي آهي. افسوس، افسوس.“
ڪـِـٽيا، اُن نوجوان شريف عورت جي چوري ڪئي اَٿئي؟ نه توکي چوري نه ڪرڻ کپندي هئي. اُن کي موٽائي ڏي ۽ مون کان وٺ ..... اَجائي بدنامي ڇو کڻجي؟ هاڻي منهنجي هرڪاشيءِ تنهنجي آهي. پيسي جو ڪهڙو سوال آهي؟ اسان کي ڪنهن ريت رقم کپائڻي آهي ..... اسان جهڙن ماڻهن لاءِ ضروري آهي، ته پيسي کي وڃائين. پر اسان کي وڃڻ کپي ۽ ڪنهن زمين تي ڪم ڪرڻ کپي. مان چاهيان ٿي، ته پنهنجي هٿن سان زمين کي کوٽيان. ٻڌين ٿو، اسان کي ڪم ڪرڻ کپي. اليوشا به اِئين ٿي چيو. مان تنهنجي مالڪياڻي ڪونه ٿينديس. مان توسان وفادار ٿي رهنديس ۽ غلام ٿي رهنديس. تنهنجي لاءِ ڪم ڪنديس. اَسان اُن نوجوان عورت ڏي گڏجي هلنداسون ۽ اُن جي اڳيان نياز سان جهڪنداسون. هـُـو اَسان کي بخشيندي ۽ پوءِ اسان هليا هلنداسون. جيڪڏهن هن نه بخشيو ته به هلڻو ئي پوندو. هن ڏي سندس رقم کڻي وڃ ۽ مون کي پيار ڪر ..... هن سان محبت نه ڪر .....ساڻس وري محبت نه ڪجانءِ. جيڪڏهن تون ساڻس محبت ڪندين، ته مان کيس تباهه ڪري ڇڏينديس.... مان سندس ٻئي اکيون سـُـوئيءَ سان ڪڍي ڇڏينديس.“
”مان توسان محبت ڪريان ٿو ۽ توسان محبت ڪندس .... مان توکي سائبيريا ۾ به محبت ڪندس.“
”سائيبريا ڇو؟ پرواهه نه آهي، جيڪڏهن تون سائيبريا ٿو پسند ڪرين. مون کي پرواهه نه آهي، اَسان اُتي به ڪم ڪنداسون ..... سائبيريا ۾ ته برف آهي ... مون کي برف ۾ سواري پسند ايندي آهي ..... اُتي گهنڊڻيون ضرور هئڻ گهرجن ... تون ٻڌين ٿو گهنڊڻيون وڄي رهيون آهن. اِهي الائجي ڪٿان وڄي رهيون آهن؟ شايد ڪي ماڻهو اَچي رهيا آهن. اَسان کي هيءَ مجلس هاڻي ختم ڪرڻ گهرجي.“
هن پنهنجي ٿڪايل اکين کي ٻوٽيو ۽ ٿوري وقت لاءِ کيس ننڊ اَچي وئي. يقيناََ گهنڊڻين جو، پري کان آواز ٿي آيو. هاڻي اُهي بند ٿي ويون هيون. مـِـتيا جو ڪنڌ اُن جي سيني تي جهڪي ويو. کيس اِها خبر نه پئي ته گهنڊڻيون وڄڻ بند ٿي ويون آهن، نه وري کيس خبر پئي، ته راڳ بند ٿي ويو آهي. ڳائڻ وڄائڻ ۾ شراب جي گوڙ شور ۾ هاڻي خاموشي اَچي وئي هئي. سڄي گهر ۾ ماٺ هئي. گروشينڪا اُن وقت پنهنجون اکيون کوليون.
”ڇا آهي؟ مون کي ننڊ اَچي وئي هئي؟ هائو ..... هـُـو گهنڊڻي ..... مان ننڊ ۾ هيس ۽ خواب ٿي ڏٺم، ته مان گهنڊڻين سان گڏ برف تي سواري ڪري رهي آهيان. مون کي ننڊ جو جهوٽو اَچي ويو. مان ڪنهن محبت واري سان گڏ ويس. توسان ئي، ۽ پري پري ٿي وياسون. مان توکي قابو جهلي چميو ٿي. تنهنجي قريب تر ٿي ويس. مان ٿڌي ٿي ويس ۽ برف چمڪي ٿي. توکي خبر آهي، ته برف رات جو ڪيئن چمڪندي آهي. سو به چانڊوڪي رات ۾. مان اِيئن ٿي سمجهيو، ته مان گويا هن ڌرتي تي نه آهيان. مان جاڳي پيس ۽ ڏٺم ته منهنجو مـِـٺڙو، مون سان گڏ آهي. اِهو ڪهڙو نه شيرين خواب هو!؟“
”ها نه، تنهنجي قريب!“ مـِـتيا ڀڻڪڻ لڳو. هـُـو سندس لباس، سندس سيني ۽ سندس هٿن کي چمڻ لڳو. اوچتو هـُـو، هن حقيقت کي ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويو، ته هوءَ سندس منهن ۾ ڏسڻ بجاءِ، سـِـڌو نهاري رَهي هئي. سندس مٿي کان به مٿي ڏسي رَهي هئي ۽ سندس نگاهون ڪنهن پـُـر اسرار نقطي تي ڄميل هيون. اوچتو هن عجب سان گڏيل ۽ خوف ڀـَـري دانهن ڪئي.
”مـِـتيا، هـُـو ڪير آهي، جو اسان کي نهاري رهيو آهي؟“ هـُـن سرگوشيءَ جي آواز ۾ چيو.
مـِـتيا ڦريو ۽ ڏٺائين ته سچ پچ ڪو پـَـردي کي کولي، کين ڏسي رَهيو آهي. پر هيءُ به ڪو اَڪيلو نظر نه ٿي آيو.
هـُـو ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ تيزي سان پنڌ ڪندو، اُن لنگهه وَٽ وَڃي پهتو.
”هيڏي اَچ، اَسان ڏي آءُ!“ هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. جو جيتوڻيڪ هوريان هو، پر اُن ۾ زور ۽ حڪم هو.
مـِـتيا، پـَـردي جي ٻي پاسي کان گذريو ۽ بلڪل خاموش رهجي ويو. ڪمرو ماڻهن سان ڀريل هو، پر اُنهن سان نه، جي اُتي اڳي موجود هئا. سندس پٺيءَ ۾ هڪدم ڏڪڻي پيدا ٿي وئي ۽ هـُـو لرزي ويو. هـُـن سڀني ماڻهن کي سڃاتو. اُنهن مان هڪ ڊگهو ۽ مضبوط پوڙهو ماڻهو هو، جنهن کي اوور ڪوٽ ۽ ڍڪ واري ٽوپي پاتل هئي، هي پوليس جو ڪپتان، مهائيڪل مئڪرووچ هو. اُن سان گڏ هڪ مريض، جو صاف ۽ وڻندڙ ٿي ڏٺو ۽ جو هميشھ پالش ٿيل بوٽ پائڻ جو شوقين هو، گڏ هو. هي ڊپٽي پراسڪيوٽير (ننڍي مقدمي جي صفائي پيش ڪندڙ) هو. کيس هڪ جهازي گهڙي، سوَن روبلن جي هئي، جا هن کيس ڪنهن وقت ڏيکاري هئي. ٻيو هڪ نوجوان عينڪ سان هو ..... مـِـتيا کان سندس خانداني نالو وسريل هو، جيتوڻيڪ هـُـو کيس ڄاڻندو هو. هو جاچ ڪندڙ وڪيل هو. هـُـو تازو قانون جي اسڪول کان شهر ۾ آيو هو. اُن کان سواءِ پوليس انسپيڪٽر ماورڪي ماويڪريووچ به هو، جو نهايت گهڻي ڄاڻ وارو هو ۽ دمتري سان واقفيت هيس. هنن کان سواءِ، ڪي ماڻهو جن کي ٽامي جي اکرن جا نشان لڳل هئا، اُتي موجود هئا. دمتري اُنهن کي ڏسڻ لڳو ۽ اِهي اِتي ڇو آيا آهن. ٻه دهقاني ماڻهو، ڪنڊ ۾ موجود هئا. اُنهن جي پويان در جي ڀرسان ڪلگنوف ۽ تريفان بوريسووچ موجود هئا.
دمتري، جنهن جي زبان ۾ هاڻي ڏڪڻي اَچي وئي هئي، کانئن پڇيو، ته ”صاحبو! ڪهڙي خبر آهي؟“ پر اوچتو، هـُـو پنهنجي خيال ۾، ڄڻ ته کيس ڪا به خبر نه ٿي پئي ته هـُـو ڇا ڪري رَهيو آهي. هن نهايت بلند آواز ۾ چيو ته:
”مان سمجهيو.“
عينڪ وارو نوجوان اوچتو اڳتي وڌي آيو ۽ مـِـتيا وٽ پهچي، وڏي شان جي اَنداز ۾ چيائين، ته ”اسان هتي آيا آهيون .... مختصر ته مان توهان کي عرض ٿو ڪريان، ته اوهان هيڏي اَچو، صوفي ڏي اَچو ..... مون کي اوهان کان بيان وٺڻو آهي.“
مـِـتيا جوش مان جواب ڏنو ته، ”هـُـو پوڙهو انسان. هـُـو پوڙهو ماڻهو ۽ سندس خون! ..... مان سمجهيو.“
هـُـو پوءِ هڪ ڪرسيءَ تي ڄڻ ته ڪـِـري پيو. ڄڻ ته کيس ڪنهن ڏاٽي سان وَڍي ڇڏيو هو.
”تون سمجهين ٿو ۽ تو سمجهيو آهي. اڙي راڪاس! تنهنجي خلاف تنهنجي پيءُ جو خون پـُـڪاري رَهيو آهي!“ پوڙهي ڪپتان اوچتو رڙ ڪندي، اُن ڏانهن قدم وڌايو.
هـُـو سـَـمجهي ويو هو. سندس چهرو ڪاراٽجي ويو هو ۽ هـُـو مٿي کان پيرن تائين ٿي ڏڪيو.
”هيءَ اَڻ ٿيڻي آهي،“ نوجوان ڳالهائيندي چيو. ”مائيڪل ميڪرووچ، مائيڪل ميڪرووچ، اِيئن ڪيئن ٿيندو ..... مان عرض ٿو ڪريان، ته مون کي به ڳالهائڻ ڏيو. مون کي توهان مان اِهڙي هلت جي اُميد نه هئي.“
”هيءُ هڪ جنوني واردات آهي، جنوني،“ پوليس ڪپتان رڙ ڪري چيو. ”هن ڏي نهار رات جي هن بيوقت وڳڙي ۾، شراب کان بيهوش آهي. سو به هڪ بي عزت عورت جي صحبت ۾، سندس پيءُ جي خون جي رت سان هٿن کي لڳي پئي آهي .... هيءُ جنون ئي آهي ......“
”مان توکي خصوصيت سان عرض ڪندس، ته پنهنجي جذبات کي قبضي ۾ رک.“ پراسيڪيوٽر، جلدي مان پوڙهي ڪپتان کي سرگوشي طرح چيو: ”نه ته مون کي مجبورََا ايڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو .....“
ننڍڙي وڪيل، سندس جملي کي به پورو ڪرڻ نه ڏنو. ڪئپٽن مـِـتيا ڏي مـُـڙيو ۽ کيس وڏي، مضبوط ۽ شاندار آواز ۾ چيائين ته:
”اڳوڻا - ليفٽيننٽ ڪرامازوف! هيءُ منهنجو فرض آهي، ته مان توکي اطلاع ڏيان، ته تنهنجي مٿان تهمت آهي، ته تو پنهنجي پيءُ فيودورپاولووچ ڪرامازوف کي رات جي وقت خون ڪيو آهي .....“
هن ڪجهه وڌيڪ به چيو ۽ پراسيڪيوٽر به چيو. جيتوڻيڪ مـِـتيا کين ٻـُـڌو به ٿي، پر سمجهي نه سگهيو. هـُـو فقط وحشي اکين سان نهاريندو رَهيو.

حصو ٻيو: اِبتدائي جاچ

---

باب پهريون: پرهوٽين جي خدمت جي ابتدا

پيوٽراليچ پرهوٽين، جنهن کي اَسان بيواهه موروزوف جي گهر جي بند ٿيل دروازي کي کڙڪائيندي ڇڏيو هيوسين، پنهنجو کڙڪو بند ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اُن جو آواز ٻـُـڌو ويو هو. فينا جا اَڃا تائين خوف کان گهٻرايل هئي، اُها بيزاريءَ سان بستري تي وڃڻ لاءِ تيار هئي، جو اوچتو دروازي تي جوش وارو کـُـڙڪو ٻـُـڌي خوف کان چرين وانگر بڻجي وئي. هن سمجهيو ته دمتري فيودورپاولووچ وري موٽي آيو آهي. جيتوڻيڪ هـُـن خود کيس ويندي ڏٺو هو. کيس پـَـڪ هئي، ته اِهڙو وحشياڻي طرح دروازي کڙڪائڻ وارو، اِهوئي ٿي سگهي ٿو. هوءَ گهر جي چوڪيدار ڏي ڀڳي، جو اڳ ۾ئي جاڳيو ۽ دروازي ڏي هليو ويو هو. هن کيس زور ڀريو ته هـُـو ڪنهن ضروري معاملي بابت فينا سان ڳالهائيندو. چوڪيدار آخر فيصلو ڪيو، ته هـُـو دروازو کوليندو. پيوٽر کيس اجازت ڏني، ته فينا جي رڌڻي ۾ وڃي. پر فينا کي دمتري کان اِجازت وٺڻ گهرجي، ته سندن گفتگو وقت چوڪيدار به حاضر رَهي. ڇاڪاڻ ته کانئس، ان کان خوف پئي ٿيو. هـُـن فينا کان گهڻائي سوال پڇيا ۽ يڪدم موتمار حقيقت تائين وڃي پهتو. اُها هيءَ حقيقت هئي، ته جڏهن پهريون ڀيرو دمتري، گروشينڪا کي ٻاهر ڳولڻ لاءِ ويو ٿي، ته اُتان هاون دستو کڻي ويو هو. پر جڏهن هيءُ موٽي آيو، ته اِهو دستو وٽس موجود نه هو ۽ سندس هٿ رُت ۾ رڱيل هئا.
رت ڄڻ ته سندس هٿن مان وهي رَهيو هئو. فينا هيءَ حقيقت بيان ڪري رَهي هئي، پر جيئن فينا جو سڄو خيال ئي وائڙو هو، هـُـن اِيئن سمجهيو ٿي، ته دمتريءَ جي هٿن مان رت وهي زمين تي ٿي ڪـِـريو. پر اِئين نه هو. هيءَ سندس خوف گڏيل فڪر جو جـُـڙتو وهم هو. پيوٽراليچ، خود اُن جي هٿن کي ڏٺو هو، جن تي رت جا داغ موجود هئا ۽ هن کيس هٿن ڌئارڻ ۾ مدد به ڪئي هئي. وٽس هاڻي هي سـِـوال نه هو، ته خيال ڪري ته سندس رت هاڻا هٿ ڪڏهن سـُـڪا، پر کيس فڪر هو، ته اُن دستي سان دمتري فيودورپاولووچ ڪيڏانهن ويو هو؟ ڇا سچ پچ هـُـو فيودورپاولووچ ڏي ويو. هـُـو اُن بابت به ڪهڙي ريت خاطري ڪري ٿي سگهيو. پيوٽراليچ پنهنجي نقطـِّه خيال ڏانهن موٽڻ ٿي گهريو. جيتوڻيڪ هـُـو ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيو هو، پر ضرور هن پيروي تي هو ته دمتري فيودورپاولووچ ٻيو ڪاڏي نه ويو آهي، پر پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن. اُتي ضرور ڪجهه حادثو ٿيو آهي.
جڏهن هـُـو وري ٻيو ڀيرو موٽي آيو، ته فينا ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو، ته مان کيس سموري ڳالهه ڪري ٻـُـڌائي ۽ تنهن کان پوءِ مان کانئس سوال ڪرڻ لڳس، ته تنهنجي هٿن تي، هيءَ رت ڪٿان آيو؟ هن جواب ڏنو ته هيءُ انساني خون آهي ۽ هن هاڻي ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو آهي. هن مون وٽ سڄي قبوليت ڏني ۽ هڪ پاڳل ماڻهوءَ وانگر، مون وٽ ڊوڙندو آيو. مان ويهي رَهيس ۽ خيال ڪرڻ لڳس ته خبر نه آهي، ته هاڻي اَلائجي ڪيڏانهن ويندو؟ مان سوچيندي، سمجهيو، ته هيءُ هاڻي ماڪرو ويندو ۽ منهنجي مالڪياڻيءَ جو به خون ڪندو. مان اُتان ڊوڙيس ته کيس عرض ڪريان، ته منهنجي مالڪياڻي کي نه ماري. مان سندس رهڻ واري جاءِ ڏي ٿي ويس، پر راهه ۾ پلاٽينڪوف جي دڪان تي ڏٺم، ته هـُـو اُن ۾ گهڙي وڃي رهيو آهي ۽ اُن وقت سندس هٿن تي ڪوبه رت جو نشان موجود نه هو. (فينا کيس ڏٺو هو ۽ کيس پوري ريت ياد هو.) فينا جي پوڙهي ڏاڏي به هن شاهديءَ کي جيتري قدر سندس يادگيري هئي، تصديق ڪئي. ٻين ڪن سوالن جي پڇڻ کان پوءِ، پيوٽراليچ گهر ڇڏي ويو. هـُـو، هن وقت، گهر ۾ گهڙڻ واري پهرئين حالت کان به وڌيڪ پريشان ۽ بي آرام ٿي ڏٺو.
سڀ کان وڌيڪ سنئين سـِـڌي ۽ آسان شيءِ، هن لاءِ اِها هئي، ته سـِـڌو فيودورپاولووچ ڏي وڃي ۽ معلوم ڪري ته اُتي ڪو واقعو ته نه ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٿيو آهي، ته اُهو ڇا آهي؟ جڏهن کيس واقعي جي اهميت پوري ريت معلوم ٿي، ته هـُـن پختو اِرادو ڪيو، ته هـُـو پوليس ڪپتان ڏي هليو وڃي. پر رات جي اونداهي هئي ۽ فيودورپاولووچ جا دروازا نهايت مضبوط هئا، اُن ڪري کيس دروازو کڙڪائڻو ئي پوندو. سندس واقفيت فيودورپاولووچ سان معمولي هئي. اِنهيءَ ۾ ڇا آهي، هـُـو دروازو کڙڪائيندو ۽ هـُـو کوليندا. پر جيڪڏهن اُتي ڪجهه نه ٿيو هوندو، ته فيودورپاولووچ پنهنجي ٽوڪ بازيءَ جي نموني، سڄي شهر ۾ پکيڙي ڇڏيندو ته هڪڙو اجنبي پروهيٽن نالي، اَڌ رات جو وٽس هلي آيو هو، ته کيس ڪنهن قتل ته نه ڪيو آهي! هيءَ ناحق بدنامي ٿيندي ۽ پيوٽراليچ وري جهان ۾ بدناميءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ کان نه ٿي ڊنو.
پر هن کي جو احساس جو جذبو هو، اُهو ايڏو ته مضبوط هو، جو جيتوڻيڪ هـُـو پنهنجو پير ڪاوڙ مان زمين تي هڻي رهيو هو ۽ پاڻ سان قسم کڻي رهيو هو، ته هن حقيقت کي معلوم ڪرڻ گهرجي. هـُـو وري تيار ٿي هليو. فيودورپاولووچ ڏي نه، پر بيگم هائلڪوف ڏي. هن خيال ڪيو، ته جيڪڏهن اُن دمتريءَ کي ٽي هزار روبل ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ته هـُـو سڌو پوليس ڪپتان ڏي هليو ويندو، پر جيڪڏهن هن اِها ڳالهه قبول ڪئي، ته کيس اِها رقم ڏني اَٿس، ته پوءِ هـُـو پنهنجي گهر موٽي ايندو. ڀلي ته صبح تائين هيءُ معاملو پيو رَهي.
پر هيءَ نهايت مشڪل ڳالهه هئي، ته هـُـو گهڻي بدنامي پنهنجي سر تي کڻي ته يارهين بجي رات جو هڪ فيشنبل بيگم وٽ وڃي، سو به پوري ريت اَجنبي! کيس ننڊ مان اُٿاري ۽ عجب ۾ وجهندڙ سوال پڇي. اِنهيءَ کان چڱو آهي، ته فيودورپاولووچ وٽ وَڃي، پر هي سڄو معاملو ڪجهه اِهڙي قسم جو هو ۽ خاص ڪري هن جهڙن واقعن ۾ بلغمي مزاج وارو باقاعده ڪوبه فيصلو ڏئي نه سگهندو آهي. پيوٽرايليچ، اُن گهڙيءَ ۾ بلغمي مزاج وارو ته نه بڻجي ويو هو، پر کيس ياد ٿي آيو، ته ڪيئن نه خائف ڪندڙ، پريشاني، هوريان هوريان، کيس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ جو آهستي آهستي عذاب ڏيندڙ ٿيندو ٿي ويو ۽ کيس سندس مرضيءَ جي خلاف ڀڻڪائي رهيو هو. پر هـُـو سڄي واٽ پاڻ کي، بيگم وٽ وڃڻ لاءِ، بددعائون ڏيندو ٿي ويو. ”پر مان هن جي تهه تائين ويندس.“ هن اِهو جملو ڏهه ڀيرا ورائي ورائي ٿي چيو. هـُـو پنهنجا ڏند ڪرٽي، پنهنجي دل جي راءِ کي ظاهر ڪري رَهيو هو.
اُن وقت پورا يارنهن ٿيا هئا، جو هـُـو بيگم هائلڪوف جي گهر وٽ پهتو. کيس گهر جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ جي جلد ئي اِجازت ملي وئي. پر هـُـو جاچ جي خيال کان سوچي رَهيو هو، ته هوءَ جاڳي به ٿي يا نه؟ چوڪيدار اُن بابت ڪوبه جواب ڏئي نه ٿي سگهيو، پر هـُـن کيس فقط اِهو ٻڌايو ته هوءَ دستور موجب پنهنجي بستري ۾ آهي.
”تون مٿي ڏاڪڻ تي وڃي پڇا ڪر. هوءَ جيڪڏهن توسان ملڻ گهرندي ته ملندي. پر جيڪڏهن هـُـن نه ملڻ چاهيو ته بس.“
پيوٽرايليچ مٿي ته چڙهي ويو، پر هتي کيس ڪابه سولائي نظر نه آئي. پيادو سندس نالو ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو، پر هن هڪ ڇوڪريءَ کي سڏي ورتو. پيوٽر نهايت نرميءَ سان پر زور ڏيندي عرض ڪيو، ته هوءَ، بيگم کي ٻڌائي ته شهر جو هڪ سرڪاري آفيسر جنهن جو نالو پروهيٽن آهي، ڪنهن ضروري ڪم جي لاءِ وٽس ملڻ لاءِ آيو آهي. جيڪڏهن اِهو خاص نه هجي ها، ته هيءُ ڪڏهن به نه اَچي ها. ”مهرباني ڪري اِهي ئي لفظ کيس چئج.“
هوءَ هلي وئي، ۽ هيءُ لنگهه وٽ اُن جو انتظار ڪرڻ لڳو. بيگم هائلڪوف اڳ ۾ ئي پنهنجي سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ هئي ۽ کيس اَڃا ننڊ نه آئي هئي. هوءَ مـِـتيا جي ملاقات کان پوءِ، وياڪل هئي. هوءَ طبعيت جي حالت مان سمجهي وئي هئي، ته سندس رات مٿي جي سور کان ڏاڍي ڏکي گذرندي. هاڻي ته هن سور سان گڏ، کيس جوش به هو. هوءَ هن اطلاع تي عجب ۾ پئجي وئي. هن غصي مان ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته رات جي وڳڙي ۾، شهر جو سرڪاري ڪامورو، ساڻس ملاقات ڪرڻ اَچي، سو به قطعي اجنبي، هن جي دل ۾، زناني پريشاني ۽ عجب کي پيدا ڪيو. پر هن ڀيري پيوٽر ايلووچ، خچر وانگر نٺر بڻجي ويو. هن وري به ملازمه کي عرض ڪيو، ته اڳين لفطن سان گڏ ٻيو به نياپو کڻي وڃي ته:
”هـُـو نهايت ضروري ڪم سان آيو آهي. جيڪڏهن هوءَ هاڻي کيس نه ملندي ته پوءِ کيس بيحد ڏک ٿيندو.“
بعد ۾ هن بيان ٿي ڪيو، ته ”اُن رات، هـُـن پوريءَ ريت جوکم پنهنجي سر تي کنيو هو.“
ملازمه، کيس عجب مان ڏسندي رَهي ۽ پوءِ هوءَ وري پيغام کڻي وئي. بيگم هائلڪوف تي اَثر پيو. هـُـن ٿورو خيال ڪيو ۽ ملازمه ڇوڪريءَ کان سندس شڪل ۽ صورت پڇيائين. جڏهن خبر پيس ته هو چڱي پوشاڪ پهريل آهي ۽ نوجوان ۽ اخلاق وارو آهي، تڏهن ڪجهه سوچڻ لڳي. اَسان کي هتي هيءُ ياد رکڻ گهرجي، ته پيوٽر چڱو سهڻو ۽ نوجوان هو. آخر بيگم هائلڪوف سندس ملاقات لاءِ دل ٻڌي. هـُـوءَ ڊگهي قبا ۽ سليپر ۾ هئي، پر هن پنهنجي ڪلهن تي هڪ ڪاري شال وجهي ڇڏي. ’آفيسر‘ کي چيو ويو، ته ملاقاتين جي ڪمري ۾ ترسي. هيءَ اُها ساڳي ڪوٺي هئي، جنهن ۾ مـِـتيا ساڻس گڏيو هو. بيگم ملاقاتي سان ملڻ لاءِ آئي. سندس چهرو سخت ۽ معلومات ڄاڻڻ وارو ٿي ڏٺو. کيس ويهڻ جي آڇ ڪرڻ بدران، هوءَ کانئس هڪٻئي پٺيان سوال پڇندي وئي.
”توکي ڇا کپي؟“
”مان اوهان جي آرام ۾ خلل وڌو آهي بيگم. مون کي دمتري فيودورپاولووچ جي ڪا حقيقت معلوم ڪرڻي آهي، جنهن سان اوهان جي ۽ منهنجي هڪجهڙي واقفيت آهي.“ پرهوٽين ڳالهائڻ شروع ڪيو.
پر هـُـن مشڪل سان، سندس نالو ورتو هو، جو بيگم جي چهري ۾ سخت غصي جون نشانيون ظاهر ٿيون. هن ذري گهٽ رڙ ڪئي ۽ جوش مان مداخلت ڪئي.
”مان ڪيستائين هن خوفناڪ ماڻهو لاءِ پاڻ کي پريشان رکنديس.“ هن جنون مان چيو. توکي اِهڙي همت ڪيئن ٿي آهي! تون هڪ اِجنبيءَ جي حيثيت ۾ هڪ عزت واري عورت جي آرام ۾ خلل وجهڻ آيو آهين. سو به سندس گهر ۾ ۽ هن اَويلي وقت ۾ ....... تون هڪ عورت تي زور آڻي رهيو آهين، ته تون اُن ماڻهو لاءِ ڳالهائين، جو هن ساڳي ملاقاتي ڪمري ۾، ٽي ڪلاڪ اڳ اِنهيءَ لاءِ آيو هو، ته منهنجو خون ڪري، پر زمين کي قدمن جا ڌڪ هڻندو هليو ويو. اِهڙي ريت ڪهڙو سکر ماڻهو، ڪنهن چڱي گهر مان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. مان توکي ٻڌايان ٿي سائين، ته مان تنهنجي خلاف فرياد داخل ڪنديس. مهرباني ڪري هڪدم هليو وڃ ..... مان ماءُ آهيان، مان، مان .......“
”خون!، هـُـو تڏهن توکي به خون پيو ڪري؟“
”ڇا هن ڪنهن ٻئي کي خون ڪيو آهي؟“ بيگم هائلڪوف کانئس پريشانيءَ مان پڇيو.
”جيڪڏهن تون ٿوري وقت لاءِ بيگم ڌيان ڏئي ٻڌين، ته مان توکي ٻن لفظن ۾ سمجهائي ويندس.“ پرهوٽين کيس جواب ۾ چيو. اڄ پنجين وڳي شام جو دمتري فيودورپاولووچ، مون کان ڏهه روبل قرض ورتو هو. هيءَ حقيقت آهي ته وٽس ڪوبه پيسو ڪونه هو. پر نائين بجي هـُـو مون کي ڏسڻ آيو، اُن وقت سندس هٿ ۾ سـَـوَ سـَـوَ روبل جي نوٽن جا ٿها هئا. مان سمجهان ٿو، ته ٻه يا ٽي هزار روبل هئا. سندس هـَـٿ ۽ چهرو رت سان ڀريل هو ۽ هـُـو پاڳلن وانگر نظر اَچي رهيو هو. جڏهن مان کانئس پڇيو ته اِهي پيسا ڪٿان آندا اَٿئي؟ تڏهن مون کي ٻڌايائين، ته اهي اوهان کان ئي مليا اَٿس. هن ٻڌايو ته اوهان کيس ٽي هزار روبل اِنهيءَ لاءِ ڏنا آهن، ته هـُـو سون جي کاڻين ڏانهن وڃي ......“
بيگم هائلڪوف جو چهرو ڳنڀير بڻجي ويو ۽ منجهس درد پيدا ڪندڙ جوش پيدا ٿيو.
”خدايا! هن ضرور پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ماريو آهي.“ هن هٿن کي مهٽيندي چيو. مان کيس ڪوبه پيسو نه ڏنو آهي. ڪڏهن به نه! ڊوڙ، ڊوڙ، ...... ٻي ڳالهه نه ٻـُـڌاءِ! پوڙهي کي بچاءِ ..... ڊوڙ سندس پيءُ ڏي ڊوڙ .....!“
”مون کي معاف ڪر بيگم، تڏهن تو، کيس ڪجهه به نه ڏنو هو؟ توکي هيءَ حقيقت چڱي ريت ياد آهي، ته تو کيس ڪجهه به نه ڏنو هو؟“
”نه مان ڪجهه به کيس نه ڏنو هو. مان کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. جنهن کي هن پسند نه ٿي ڪيو. هـُـو ڏاڍي جوش مان، زمين تي پير هڻندو نڪتو هو. هـُـو مون تي حملو ڪري آيو هو، پر مان کانئس ترڪي ويس. مان هاڻي توکي سڀ ٻڌايان ٿي ۽ ڪجهه به توکان نه لڪائينديس ...... هن مون ڏي ٿـُـڪ اُڇلائي. ڇا توکي هن ڳالهه تي حيرت نه ٿي لڳي. پر اَسان بيٺا ڇو آهيون؟ .... مون کي معاف ڪر ...... ويهه ..... چڱو آهي ته تون ڊوڙ ۽ اُن مسڪين پوڙهي کي خوفناڪ موت کان بچاءِ!“
”پر جيڪڏهن، هـُـن اُن کي اڳ ۾ ماري ڇڏيو هجي ته.“
”خدايا، هائو! پر هاڻي اَسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تون خيال ڪر ته هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟“
اُن وقت هن پيوٽرايليچ کي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ به ويهي رَهي. مختصر پر صاف طرح پيوٽرايليچ کيس سڄي معاملي جي تاريخ ٻڌائي. خاص اُهو حصو وضاحت سان ٻڌايائين. جنهن کي هن ڏٺو هو. هن کيس فينا سان سندس ملاقات جو ٻڌايو ۽ کيس همام دستي لاءِ به ٻـُـڌايائين. هن سڄي تفصيل، بيگم تي خوف طاري ڪري ڇڏيو. هوءَ منهن کي هٿ ڏئي رڙيون ڪرڻ لڳي.
”تون اعتبار ڪندين؟ مان اڳ ۾ ئي هيءُ سمجهي ورتو هو! مون وٽ اِهڙي خاص طاقت موجود آهي، جو مان جيڪو به خيال ڪندي آهيان، اُن کي عملي صورت ملي ويندي آهي. مان اَڪثر هن خوفناڪ ماڻهوءَ کي ڏسندي رهندي هيس ۽ خيال ڪندي هيس، ته هن ماڻهو جي پڄاڻي منهنجي موت سان ٿيندي ۽ هاڻي وري هيءُ ٿي پيو ..... يعني هن مون کي ته خون نه ڪيو، پر پنهنجي پيءُ کي به ماري وڌو. اهو ڪيئن ٿيو؟ اِها فقط خدا جي مهرباني هئي، جنهن مون کي پنهنجي حفاظت ۾ رکيو هو. وڌيڪ هيءَ به ڳالهه هئي، ته هـُـو مون کي قتل ڪري نه سگهي ها، ڇو ته مان کيس هڪ مقدس تعويذ ۽ شهيد ۽ ولي وار وارا جي ڇڏيل نشانين مان سندس ڳچيءَ ۾ پاتو هو ..... تون خيال ڪري ڏس، ته مان اُن وقت ڪيتري نه موت جي قريب هيس. مان سندس ڀرسان به وئي هيس. هن پنهنجي ڳچي ڊگهي ڪري، مون کي ڏٺو به .... توکي خبر آهي پيوٽراليچ (مان سمجهان ٿي ته هـُـن پنهنجو نالو پيوٽراليچ ٻـُـڌايو هو) منهنجو ڪرامتن ۾ يقين نه هوندو آهي، پر هاڻي هن تعويذ منهنجي لڏندڙ اعتقاد کي ويتر لوڏي وڌو آهي ۽ مان هاڻي سڀ ڪنهن شيءِ کي مڃينديس، جنهن لاءِ تون چوين. تو ڪجهه مربي زوسيما لاءِ ٻڌو آهي؟ ...... پر مون کي خبر نه ٿي پوي، ته مان ڇا ڳالهائيندي وڃان ٿي ....؟ هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، ته اُن تعويذ جي باعث، هن مون ڏي فقط ٿـُـڪ اُڇلائي ..... هي سچ آهي ته هـُـن مون ڏي فقط ٿـُـڪ اُڇلائي ۽ مون کي خون نه ڪيو. هـُـو ٿاٻڙندو هليو ويو! پر اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“
پيوٽراليچ اُٿي بيٺو ۽ هن ظاهر ڪيو، ته هـُـو سـِـڌو پوليس ڪپتان ڏي وڃي رَهيو آهي ۽ کيس سڀ ڪجهه ٻـُـڌائي ڇڏيندو. پوءِ سندس مرضي آهي، ته جيئن به ڪاروائي ڪري.
”اَڙي! هو نهايت سـُـٺو ماڻهو آهي. مهائيل ماڪرووچ. مان کيس سڃاڻندي آهيان. بيشڪ هيءُ ئي ماڻهو آهي، جنهن ڏي توکي وڃڻ کپي. ڪيتري قدر نه تون عملي ماڻهو آهين. تو ڪهڙي عمدي ريت هرهڪ ڳالهه کي سوچيو آهي. مان تنهنجي جاءِ تي هجان ها، ته ايڏاهين خيال ئي نه وَڃي ها.“
”خاص طرح جڏهن ته پوليس ڪپتان نهايت عمدو ماڻهو آهي.“ پيوٽرالووچ خيال ڪرڻ لڳو، جو اَڃا اُتي بيٺو هو ۽ خاص طرح اِنهيءَ انتظار ۾ هو، ته تڪڙو نڪري وڃي ۽ جيتري قدر کانئس ٿي سگهي، اُن من موجي عورت وٽان هليو وڃي ۽ کيس خدا حافظ به نه چوي.
”توکي يقين رکڻ گهرجي.“ هوءَ ڳالهائيندي وئي، ته ”جڏهن تون اُن سان ملي موٽي اَچين، تڏهن مون کي اَچي ٻڌائج ته تو اُتي ڇا ڏٺو ....؟ توکي اُتي ڇا معلوم ٿيو .....؟ هـُـو ڪيئن مقدمو قائم ڪندا ....؟ مٿس ڪهڙو ڏوهه مـَـڙهيو ويو آهي ......؟ مون کي ٻـُـڌاءِ، اَسان وٽ ڪا ايڏي وڏي سـَـزا ته ڪانه آهي. آهي ڇا؟ پر يقيني طرح مون وٽ اچجانءِ. پوءِ کڻي رات جا ٽي وڳا هجن، چار يا ساڍا چار ..... مون کي جاڳائج، جيڪڏهن مان نه جاڳان، ته مون کي لوڏي به اُٿارج ..... پر خدايا! مون کي ننڊ ڪٿان ايندي؟ ترس. اِيئن چڱو نه ٿيندو، ته مان توسان گڏجي هلان!؟“
”نه، نه. پر جيڪڏهن تون فقط ٽي سٽون لکي ڏئين، ته تو دمتري فيودورپاولووچ کي ڪابه رقم نه ڏني آهي ..... اِها تحرير ڪم واري ٿيندي ........... جيڪڏهن اُن جي ضرورت پئي ته.......“
”تون يقين رک!“ بيگم هائلڪوف، ٽپو ڏيندي، خوشيءَ مان پنهنجي خبر ڏيندڙ کي چيو ته، ”تون سمجهين سگهين ٿو، ته مان وڏي سادگيءَ سان توکان متاثر ٿي آهيان. مون کي تنهنجي ڪوششن کي ڏسي خوشي ٿي آهي. اِهڙن معاملن ۾ تون چڱي سمجهه رکين ٿو. تون هتي ڪٿي ملازمت ۾ آهين؟ مون کي خوشي ٿي ٿئي، ته تون هتي ملازمت ۾ آهين.“
اِهڙي ريت ڳالهائيندي، هـُـن پيپر جي اَڌ تي هيٺيون سٽون لکيون:
”مان سڄي حياتيءَ ۾ هن بدقسمت انسان کي ڪوبه قرض نه ڏنو آهي. منهنجو مطلب دمتري فيودورپاولووچ ڪرامازوف آهي. (هـُـو سڀ ڪنهن صورت ۾ بدقسمت آهي.) نه وري اڄ مون کيس ٽي هزار روبل ڏنا آهن. مان کيس ڪڏهن به نه ڏنا آهن. هر مقدس شيءِ جو قسم کڻي چوان ٿي. ڪي - هائلڪوف“
”اِجهو هيءَ آهي تحرير.“ هـُـوءَ جلديءَ مان پيوٽراليچ ڏي ڦري ۽ کيس چوڻ لڳي ته: ”وڃ هن کي بچاءِ، اِهو تنهنجو نهايت نيڪ ڪم ٿيندو.“
اُن کان پوءِ، هن سندس مٿان ٽي ڀيرا صليب جو نشان ڪڍيو. هوءَ کيس گهٽيءَ تائين ڇڏڻ لاءِ آئي.
مان ڪيڏي نه تنهنجي ٿورائتي آهيان، جو تون پهريائين مون وٽ آيو آهين. اِهو ڪيئن ٿيو، مان ته توسان اڳ ۾ ملي به نه آهيان. ڪيڏي نه مان خوشي محسوس ڪنديس. جو تون آئنده به منهنجي گهر ۾ ايندين. اِها ڪيڏي نه راحت ڀـَـري ڳالهه آهي، جو هتي تون رَهين ٿو. ڪيڏي نه عملي قوت .......! اُهي تنهنجي سچ پچ ساراهه ڪندا. هـُـو توکي يقيناََ سمجهندا. جيڪڏهن اِهڙي ڪا ڳالهه هجي، ته مان اُن کي پورو ڪنديس. تون يقين رک ته مان نوجوانن کي پيار ڪندي آهيان. هي نوجوان نسل اسان جي ڏکاري ملڪ جو سهارو آهن ..... اسان جي واحد اُميد ..... چڱو وڃ، وڃ ......“
پر پيوٽر اڳ ۾ هلي پيو، نه ته شايد هوءَ اَڃا به کيس نه ڇڏي ها. پر بيگم هائلڪوف مٿس چڱو اَثر ڇڏيو هو ۽ سندس انتظار ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي هئي، سو به اِهڙي اَڻ وڻندڙ معاملي ۾. هر ڪنهن جو مذاق جدا جدا ٿئي ٿو، جنهن کي اسان سڀ سمجهون ٿا. ”هي ڪا ايڏي وڏي عمر جي به نه آهي.“ هن خيال ڪيو ۽ اُن تي کيس خوشي به ٿي. مان جيڪر کيس سندس ڌيءَ کان وڌيڪ پسند ڪريان.“
هوڏانهن بيگم هائلڪوف به هن نوجوان کان خوش هئي. ”ايترو احساس! هڪ نوجوان ۾ ايتري خوبي! سو به اَسان جي وقت ۾. اِهڙا لڇڻ ۽ اِهڙي صورت! ماڻهو ته اِيئن ٿا چون، ته هن دور ۾، نوجوان ڪنهن به ڪم جا نه آهن. پر هيءُ ته مثال آهي، جو ڏيئي سگهجي ٿو. وغيره وغيره“ . سو هوءَ سادگيءَ سان اُن خطرناڪ معاملي کي وساري رَهي هئي. اِهو فقط اِنهيءَ ڪري هو، جو بستري ۾ داخل ٿي رَهي هئي. اوچتو وري کيس يادگيري آئي، ”مان ڪيتري نه موت کي قريب هيس.“ هن زور سان چيو. ”اڙي هي، خوفناڪ هو، خوفناڪ!“
پر هـُـوءَ جلدئي، شيرين ۽ وڻندڙ ننڊ ۾ غافل ٿي وئي.
جيئن ته اُن ڪارائتي نوجوان ۽ هن بيواهه جي وچ ۾ هن ملاقات کي ايترو تفصيل ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي، پر جيئن ته هن عملي ۽ شائسته نوجوان جي حياتيءَ جي نشوونما جو بنياد هي ملاقات نه بڻجڻ واري هئي، اُن ڪري مان هن کي تفصيل سان ڏنو آهي. اَسان جي شهر ۾ اڄ به هيءَ ڪهاڻي عجب سان ٻڌائي ويندي آهي. جڏهن مان ڪرامازوف ڀائرن جي طويل تاريخ پوري ڪئي، ته مان شايد هن بابت به لکان.

باب ٻيو: خطري جي گهنٽي

اسان جو پوليس ڪپتان مائيڪل ماڪرووچ ماڪروف، پينشن تي آيل ليفٽيننٽ ڪرنل، نهايت عمدو ماڻهو ۽ رنڙ هو. هـُـو ٽي سال اڳ اسان وٽ آيو هو، هن عوام ۾ عزت حاصل ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته هـُـو خاص طور تي اها ڳالهه ڄاڻندو هو ته سماج کي ڪيئن ميل ميلاپ سان هلائجي. وٽس ملاقاتي هميشھ موجود ٿي رهيا ۽ هـُـو اُنهن کانسواءِ رَهي به نه ٿي سگهيو. ڪو نه ڪو سندس کاڌي ۾ شريڪ هوندو هو. هـُـو ميز تي ڪڏهن به مهمان کانسواءِ نه ويٺو. سڀني موقعن تي عام کاڌي جون دعوتون ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اِهي دعوتون عجب ۾ وجهندڙ هونديون هيون. جيتوڻيڪ ظاهر جي خيال کان اِهڙو ته نه ٿي ڏٺو. پر وٽس گهڻو ڪجهه هو. سجي جا ٽڪرا نهايت عمدا وٽس موجود هوندا هئا، شراب به گهڻي اَنداز ۾ کيس ميسر هو، جيتوڻيڪ قسم جي لحاظ کان گهٽ هو.
پهريون ڪمرو، جنهن ۾ مهمان اَچي داخل ٿيندا هئا. اُها ساز ۽ سامان سان سينگاريل ’بليئرڊ ڪوٺي‘ هئي. سڄي ڪمري ۾ انگريزي شرط جي گهوڙن جون تصويرون ڪاري فريم ۾ ڀتين تي ٽنگيل هيون، جي اِهڙي ڪمري جي سينگار لاءِ ضروري سمجهيون وينديون آهن. ڇاڪاڻ ته اَسان کي اڳ ۾ ئي خبر آهي، ته اڪيلي رهندڙ ماڻهوءَ جي ’بليئرڊ ڪوٺي‘ اِيئن ئي ٿيندي آهي. هرهڪ شام تي وٽس تاش راند به ٿيندي ٿي رَهي. جيتوڻيڪ اُها هڪڙي ئي ميز هئي. ڪڏهن ڪڏهن آزاداڻن وقفن ۾، اسان جي شهر جي سڄي سوسائٽي، نوجوان عورتن ۽ سندن نوڪراڻين سان رقص لاءِ، آئي ٿي ۽ سڄي جاءِ ڀرجي ٿي وئي. جيتوڻيڪ مائيڪل ماڪرووچ رنڙ هو، پر هـُـو اَڪيلو نه رهندو هو. سندس بيواهه ڌيءَ پنهنجين ٻن جوان ڇوڪرين سان گڏ رهندي هئي، جن پنهنجي تعليم تازو پوري ڪئي هئي. اُهي وڻندڙ صورت جون هيون ۽ سندن سيرت به پسند جهڙي هئي. جيتوڻيڪ سڀني کي خبر هئي، ته وٽن ڪوبه ڏاج ڏانوڻ ڪونه آهي، اَن هوندي به سڀيئي نوجوان ڇڪجي سندن ناني جي گهر ايندا هئا.
اِنهيءَ ۾ ڪوشڪ نه آهي، ته مائيڪل ماڪرووچ، پنهنجي ڪم ۾ بيحد ڪامياب هو. جيتوڻيڪ هـُـو پنهنجي قرض اَدائي ۾ ٻين کان ڪو چڱو نه هو. مان اِيئن وضاحت سان چوندس، ته سندس تعليم ڪا چڱي نه هئي. سندس انتظامي حدن جي طاقت جي سمجهه تي آسرو ٿي نه پئي سگهيو. هـُـو ڪيترن ئي سڌارن کي، جي هن حڪومت جي دور ۾ عمل ۾ آيا ٿي، اُنهن تي هـُـو عمل ڪري نه سگهيو هو. يا ته هـُـو اُٰنهن کي سمجهي نه سگهيو هو،يا اُنهن کي بد ٿي سمجهيائين. هيءَ سندس حالت اِنهيءَ لاءِ به نه هئي، ته کيس پوري سمجهه نه هئي، پر هـُـو آزاد طبع هو ۽ نون سڌارن کي مطالعي ڪرڻ لاءِ کيس وقت نه هو. پاڻ به اِيئن چوندو هو، ته ”مون وٽ هڪ فوجيءَ جي دل آهي، نه ڪنهن منتظم آفيسر جي.“ مثلاً: هن زرعي سڌارن جي آزاديءَ لاءِ، ۽ سندس بنيادي اُصولن جي لاءِ ڪابه واضح راءِ نه ٿي رَکي، پر هن جو ڪجهه به حاصل ڪيو هو، سو اَڻ سڌيءَ طرح، سال به سال عملي ڄاڻ جي وسيلي. جيتوڻيڪ هـُـو پاڻ به زميندار هو. پيوٽراليچ اُن شام جو خيال ڪيو، ته هـُـو ساڻس سندس ڪنهن دوست جي معرفت ملاقات ڪري. پر کيس خبر نه ٿي پئي، ته ڪنهنجي معرفت. هيءُ عجيب اتفاق هو، جو اُن وقت سرڪاري وڪيل ۽ وارونسڪي، اَسان جي ضلعي جو نوجوان ڊاڪٽر، جو تازو اَسان وٽ پيٽرسبرگ کان جو ’طبيب اڪيڊمي‘ مان پنهنجي سند وٺي آيو هو. هـُـو ٻئي، پوليس ڪپتان وٽ ’تاش‘ کيڏي رهيا هئا. آئپولٽ ڪيريلووچ سرڪاري وڪيل (جيتوڻيڪ هـُـو ننڍو سرڪاري وڪيل هو، پر کيس هميشھ سرڪاري وڪيل سڏيندا هئا)، خاص قسم جو ماڻهو هو. سندس عمر پنجٽيهه سال هئي، پر سلهه جي بيماريءَ کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. هـُـن هڪ ٿلهي متاري عورت سان شادي ڪئي هئي ۽ اُن مان کيس ڪو به اولاد نه هو. هـُـو بيڪار ۽ جوشيلو هو، جيتوڻيڪ کيس چڱو ذهن هو ۽ مهربان دل. منجهس جا وڏي ۾ وڏي غلطي هئي، سا هيءَ ته کيس پنهنجي لاءِ مٿانهين راءِ هئي، جا سندس قابليت سان نه ٿي ٺهڪي. هن راءِ منجهس بي آرامي پيدا ڪري ڇڏي هئي. سڀ کان وڌيڪ کيس علم نفسيات جي طرف فنڪاراڻي رغبت هئي. مثال لاءِ هن خاص طور تي انساني دل جي راز معلوم ڪرڻ جو مطالعو ڪيو هو ۽ ڏوهين ۽ ڏوهه جي بابت سندس چڱو مطالعو هو. کيس هميشھ هن دنيا کان شڪايت رهندي هئي، ته هن پنهنجي زندگي ملازمت ۾ گذاري آهي، پر مٿانهين طبقي کان کيس ڪابه شاباس نه ملي آهي، اُٽلو سندس دشمن آهن. مايوس گهڙين ۾ هـُـو، به دڙڪو ڏئي وٺندو هو، ته هـُـو پنهنجي ملازمت ڇڏي ڏيندو ۽ فوجداري مقدمن ۾ وڪيل ٿي ڪم ڪندو. اُميد جي خلاف ڪرامازوف مقدمي، منجهس گهڻي پريشاني پيدا ڪئي. ”هي اُهو مقدمو آهي، جنهن تي سڄي رشيا ۾ ڳالهايو ويندو. جنهن جي مان ئي ابتدا ڪري رَهيو آهيان.“
نڪولائي پارفينووچ نـِـليوڊوف نوجوان جاچ ڪندڙ وڪيل، جو پيٽرسبرگ کان فقط ٻه مهينا اڳ ۾ آيو هو، ٻئي ڪمري ۾ نوجوان عورتن سان ويٺو هو، ماڻهن پوءِ ڳالهه ٿي ڪئي، ته هيءُ هڪ عجيب اتفاق هو، جو هيءُ سڀئي شريف انسان، ڏوهه واري شام جو ڪاروباري حاڪم جي گهر اَچي گڏ ٿيا هئا. معلوم پئي ٿيو، ته اِهو سڀ ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هو. پر هن ۾ سڀ سادگي هئي ۽ جو ڪجهه به ٿيو هو، سو سڀ قدرتي هو.
آبيوليٽ ڪيريلووچ جي زال ڏندن جي سور ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان بيمار هئي، هـُـو مجبور هو، ته هـُـو سور وارين دانهن کان ٿوري وقت لاءِ پـَـري هليو وڃي. ڊاڪٽر پنهنجي طبعيت کان مجبور هو، هـُـو پنهنجي شام تاش راند ڪرڻ کانسواءِ گذاري نه ٿي سگهيو. نڪولا نليوڊوف، ٿورا ڏينهن اڳ ۾ اِرادو ڪيو، ته مائيڪل ماڪرووچ جي گهر وڃي ۽ سندس وڏيءَ ڏهٽيءَ اولگامائلوونا کي چيڙائي ۽ کيس چوي، ته هـُـو سندس مخفي رازن کان واقف آهي. مثلاََ: هـُـو ڄاڻي ٿو، ته اڄ سندس ڄمڻ جو ڏينهن آهي ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي اِن لاءِ لڪايو اَٿائين، ته پنهنجي گهر، پنهنجي دوستن کي رقص جي دعوت نه ڏي ۽ خواهه مخواهه چيڙائي، ته هـُـو سندس حقيقي عمر کي سڄي شهر ۾ مشهور ڪندو. مائيڪل ماڪرووچ جي ڏهٽين هن کي ’شيطان‘ جو لقب ڏنو هو ۽ هـُـو هن لقب تي بيحد خوش هو. هيءَ ڳالهه ٻـُـڌائڻ ضروري آهي، ته نڪولا هڪ تربيت ورتل نوجوان هو ۽ هڪ شريف خاندان مان هو. سندس خيال نهايت پاڪ هئا. هـُـو خوش گذارڻ ۽ تفريح وارن سان هميشھ گڏ گذارڻ جو متلاشي هو. هـُـو پاڪ هو ۽ دوستيءَ ۽ عفت کان پير هرگز ٻاهر نه ٿي ڪڍيائين. عضوا ننڍڙا ۽ جسم ڪمزور هيس. اُن ڪري وڏيون منڊيون سندس ننڍين آڱرين تي پئي ٿي چمڪيون. هـُـو پنهنجي ڪم ۾ ڏکيو ۽ سختگير هو. کيس هي خاص خدائي ڏات هئي، ته هـُـو خونن ۽ ڳوٺاڻن جي ڏوهن ۾، سوال جواب جي سلسلي ۾، حقيقت کي سمجهي وٺندو هو. هـُـن فقط پنهنجي عزت حاصل ڪري ورتي هئي، پر يقيناً هـُـو سندن حيرت کي وڌائڻ ۾ به ڪامياب هو.
پيوٽراليچ، جڏهن پوليس ڪپتان وٽ ويو، ته هو بلڪل خاموش هو. هن ڏٺو ته هـُـو سڀئي ڄڻ اِنهيءَ معاملي کان واقف آهن ۽ تاش راند کي ختم ڪري ڇڏيو اَٿائون. سڀ بيٺا هئا ۽ ڳالهيون ڪري رَهيا هئا. نڪولاءِ پارفينووچ به نوجوان عورتن کي ڇڏي ڏنو هو ۽ بحث ۾ سرگرمي ڏيکارڻ لاءِ وڃي پهتو. پيوٽراليچ کي هي عجب ۾ وجهندڙ ڳالهه معلوم ٿي، ته سچ پچ پوڙهي فيودورپاولووچ، اُن شام جو سندس خون ڪيو ويو آهي ۽ ڦـُـريو ويو آهي. اِها خبر کين، هاڻي هاڻي ملي هئي.
مارفا اگناتووينيا، گريگري جي زال، اُن وقت به جڏهن هـُـو لوڙهي جي ڀرسان بيهوش پيو هو، پنهنجي بستري ۾ گهري ننڊ ۾ هئي ۽ اُن دوا جي بدولت، جنهن کي اُن ورتو هو، شايد صبح تائين به نه جاڳي ها. هـُـو سميرڊياڪوف جي خطرناڪ ۽ جنون ڀري رڙ کان جاڳي، جو ٻي ڪمري ۾ بيهوش پيو هو. اِها رڙ هميشھ سندس دوري کي ظاهر ڪندي هئي، مارفيا اُن کان ڊڄي ۽ پريشان ٿي ويندي هئي. هـُـو ڪڏهن به اُن جي عادي نه ٿي سگهي هئي. هـُـوءَ ٽپو ڏيئي ۽ ننڊاکڙي حالت ۾ سميرڊياڪوف جي ڪمري ۾ هلي وئي. پر اُتي اوندهه هئي ۽ هوءَ فقط بيمار جي تڪڙي ساهه کڻڻ ۽ سندس ڪشمڪش کي ٻـُـڌي رَهي هئي. هن کان رڙ نڪري وئي. هـُـو مڙس کي سڏڻ لاءِ وئي ٿي، ته اوچتو کيس ياد آيو، ته جڏهن هوءَ اُٿي هئي، ته سندس مڙس بستري تي نه هو. هوءَ وري کٽ ڏي موٽي وئي. هٿوراڙيون ڏئي ڏسڻ لڳي. پر بسترو بلڪل خالي هو. تڏهن هن خيال ڪيو ته هـُـو ضرور ٻاهر ويو آهي - پر ڪاڏي؟ هوءَ ڏاڪڻ ڏي وڌي ۽ خوف مان کيس سڏڻ لڳي. پر کيس ڪوبه جواب نه آيو. پر ٿورو پرڀرو کيس ڪنهن جي ڪـُـنجهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آواز اوندهه ۾ باغ کان اَچي رَهيو هو. هن ڌيان ڏيئي ٻـُـڌو. ڪنجهڻ جو آواز وري آيو ۽ کيس هاڻي پـَـڪ ٿي، ته آواز باغ مان اَچي رهيو آهي.
”خدايا! هيءُ آواز ته ڄڻ لزاويٽيا سميرڊشڪووينيا جو نالو ۽ فرياد آهي. هوءَ ڊڄندي ڏاڪڻ کان هيٺ لـَـٿي ۽ ڏٺائين، ته باغ جو دروازو کـُـليل آهي. ”منهنجو پيارو ضرور اِتي آهي. ويچارو!“ هن خيال ڪيو. هـُـو دروازي تائين هلي وئي ۽ اوچتو ٻڌائين ته گريگري، کيس مارفا، مارفيا ڪري سڏي رهيو آهي. سندس آواز ڪمزور ۽ خوفائتو آهي.
”خدايا! اسان کي مصيبتن کان بچاءِ!“ . مارفيا ڀڻڪندي، اُن آواز ڏي ڊوڙي. اِهڙي ريت هن گريگريءَ کي ڳولي ورتو هو. هن کيس لوڙهي وٽ نه ڏٺو هو، جتي هو ڪـَـريو هو، پر ويهه قدم پرڀرو هو. پوءِ ظاهر ٿيو هو، ته هـُـو چــُـرندو ۽ رڙهندو اُتي پهتو هو. کيس هوش ۾ اَچڻ لاءِ گهڻو وقت لڳو هوندو. مٿس بيهوشي وري وري طاري ٿيندي ٿي رَهي. هن هڪدم ڏٺو، ته هـُـو سڄو رَت سان ڀـَـريو پيو آهي. هـُـن پنهنجي آواز کي پري تائين پهچائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ ڪجهه چوڻ ٿي گهريائين.
”هن خون ڪيو آهي ..... سندس پيءُ خون ٿي ويو آهي .... بيوقوف رڙيون ڇو ٿي ڪرين ..... ڊوڙ ..... ڪنهن کي وٺي اَچ.“
پر مارفيا رڙيون ڪندي رَهي. جڏهن ڏٺائين، ته سندس آقا جي ڪمري جي دري کليل آهي ۽ جڏهن ڏٺائين ته اندر روشني آهي، تڏهن هـُـوءَ اوڏانهين ڊوڙندي وئي ۽ فيودورپاولوچ کي سـَـڏ ڪرڻ لڳي. جڏهن کيس ڪوبه آواز نه آيو، ته هـُـن دريءَ مان ليئو پائي ڏٺو. هن کي هڪ ڀوائتو منظر نظر آيو. سندس آقا سنئون سڌو، بنا ڪنهن چـُـرپـُـر جي زمين تي ليٽيو پيو آهي. سندس هلڪي رنگ جي قبا ۽ اڇي قميص، رت ۾ ٻـُـڏل آهن. ميڻ بتي وڏي روشنيءَ سان ميز تي چمڪي رَهي هئي ۽ اُن جي چمڪ فيودورپاولووچ جي لٿل منهن تي صاف پئجي رَهي هئي. خوفزده مارفيا، دريءَ کان ٿيندي، باغ کان ڊوڙندي ٻاهر نڪتي، وڏي دروازي جي ڪـَـڙي کي لاٿائين ۽ نهايت تيزيءَ سان پنهنجي پاڙي واريءَ مارياڪانڊيٽيوينيا وٽ وئي، جتي ماءُ ۽ ڌيءَ ٻئي آرام ۾ هيون. پر هـُـو ٻئي مارفيا جي وڏيءَ دانهن ۽ دروازي جي ڌڪن تي سجاڳ ٿيون. مارفيا دانهون ڪندي ۽ روُئندي، کين مکيه ڳالهه ٻڌائي ۽ کين مدد لاءِ التجا ڪئي. هيءُ هڪ اتفاق هو، جو فوما پنهنجي آوارا گرديءَ کان موٽي آئي هئي ۽ هن ماءُ ۽ ڌيءَ سان ان رات اَچي رَهي هئي. هـُـو سڀئي گڏجي اُٿيون ۽ واردات جي جاءِ ڏي هليون.
رستي ۾ مارفيا ڪانڊيٽيوينيا، کي ياد آيو، ته اٽڪل اٺين وڳي، هـُـن باغ مان، هڪ خوفناڪ دانهن ايندي ٻـُـڌي هئي. اِها گريگري جي هئي. هـُـن مـِـتيا جي ٽنگ کي جهليندي، ’پدرڪشن‘ جو آواز وڏي رڙ سان ڪيو هو.
هـُـن ٻين کي ٻڌايو، ته ڪنهن ماڻهوءَ رڙ ڪئي هئي ۽ اُن کان پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي. اُن جاءِ ڏانهن ڊوڙندي، جتي گريگري پيو هو، جڏهن پهتيون، تڏهن ٻنهي عورتن، فوما جي مدد سان کيس کڻي پنهنجي ڪمري ۾پهچايو. هنن هڪ ميڻ بتي روشن ڪئي ۽ ڏٺائون ته سميرڊياڪوف جي حالت تمام نازڪ هئي. سندس اکيون بگڙيل هيون، ڄڻ ته کوپن مان تارا نڪري رهيا هئا ۽ سندس زبان ٻاهر نڪري آئي هئي ۽ گجي سندس وات کان ٻاهر نڪري رَهي هئي. هنن هڪدم پاڻيءَ سان گريگري جي نرڙ کي آلو ڪيو. پاڻي هڪدم مٿس اَثر ڪيو. هن هڪدم پڇيو ته:
”ڇا آقا قتل ٿي ويو آهي؟“
اُن کان پوءِ فوما ۽ ٻئي عورتون، گهر ڏي ڊوڙيون، پر هن دفعي هنن ڏٺو، ته نه فقط دَري پر باغ وارو دروازو به کليل آهي. جيتوڻيڪ فيودورپاولووچ، گذريل هفتي کان، پاڻ اُن کي قلف ڏيندو هو ۽ ڪنهن کي به اُتان لنگهڻ جي اجازت نه هوندي هئي. خود گريگري کي به، ڪهڙي به حالت ۾ اُتان گذرڻ جي موڪل نه هئي. دروازي کي کـُـليل ڏسي، کين فيودورپاولوچ ڏي ويندي خوف ٿيو، ته متان پوءِ ڪا ٻي ڳالهه نه بڻجي پوي. جڏهن هـُـو موٽي آيون، ته هن کين چيو ته اوهان سـِـڌو پوليس ڪپتان ڏي هليون وڃو. هـُـو پيوٽراليچ کان ڪي ٿورا منٽ اڳ ۾ پهتيون هيون. مارفيا کيس سڄي حقيقت کان واقف ڪيو. اُن ڪري پيوٽر جي ڪهاڻي، قياس آرائيءَ کانسواءِ ڪا نظرئي واري شيءِ ته نه هئي، پر شاهد جي سنئين سڌي قبوليت هئي. هيءَ مجرم جي براهه راست سڃاڻپ هئي. (پر هن پنهنجي دل جي گهراين ۾ دمتريءَ کي هميشھ ڏوهي نه ٿي سمجهيو.
اُن ڪري صلاح ڪئي وئي، ته هن ڪم ۾ وڏي سرگرمي ورتي وڃي. ڊپٽي پوليس انسپيڪٽر کي حڪم ڏنو ويو، ته چئن مشيرن کي ساڻ وٺي، فيودورپاولووچ جي گهر ۾ وڃي، جاچ جي ابتدا ڪن. اِهو رواجي دستور هو ۽ مان اُن ۾ وڃڻ نه ٿو گهران. ضلعي جو ڊاڪٽر جيڪو چوٽيءَ وارن ڄاڻن مان هو، هن ڳالهه تي زور ڏنو، ته پوليس ڪپتان سان گڏ، پراسيڪيوٽر ۽ جاچ ڪندڙ وڪيل به هجن.
مان هتي مختصر طرح واضح ڪرڻ گهران ٿو، ته فيودورپاولوچ بلڪل مرده حالت ۾ لڌو ويو. سندس مغز جا هڏ ڀڳل هئا. پر اِهي ڪنهن سان ڀڳا ويا هئا؟ گهڻو ڪري اُنهيءَ ساڳئي هٿيار سان، جنهن سان پوءِ گريگري تي حملو ڪيو ويو هو. جلد ئي، اُهو هٿيار ملي ويو. گريگري، جنهن کي جيتري قدر ٿي سگهيو ٿي، هڪدم لهي اِمداد پهچائي وئي ۽ هـُـو هفتي اندر منجهيل آواز ۾ ٻڌايو، ته ڪيئن کيس هيٺ ڪيرايو ويو هو. هنن فانوس کڻي لوڙهي جي وَٽِ کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ کين ٽامي جو ننڍڙو دستو ملي ويو. هـُـن باغ ۾ ظاهر ظهور رستي جي وچ تي پيل هو. جنهن ڪمري ۾ فيودورپاولوچ پيل هو، ڪابه گڙٻڙ نه هئي. پر بستري جي ڀرسان، پردي پويان، هنن فرش تان هڪ وڏو ٿلهو لفافو کنيو، جنهن تي لکيل هو:
”ٽن هزار روبلن جو تحفو، منهنجي ملائڪ غريب گروشينڪا لاءِ، جيڪڏهن هوءَ مون وٽ اَچڻ جو اِرادو ڪري؟“ اُن جي هيٺان هيءُ به لکيو ويو هو، ”منهنجي ننڍڙي چوزي لاءِ.“
اُن جي مٿان، ڳاڙهي رنگ جي لاکَ جون ٽي مهرون هيون. پر اُنهن کي ڀڳو ويو هو ۽ لفافي ۾ ڪجهه به نه هو. رقم منجهانئس ڪڍي وئي هئي. هنن زمين تان گلابي رنگ جي ڏوري جو هڪ ٽڪرو به هٿ ڪيو، جنهن سان لفافي کي ٻـَـڌو ويو هو.
پيوٽراليچ جي بيان جي هڪ ٽڪري، وڏو اَثر پيدا ڪيو. پراسيڪيوٽر ۽ تحقيقات ڪندڙ آفيسر نهايت متاثر ٿيا. اِها هيءَ حقيقت هئي، ته دمتري فيودورپاولووچ، صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته هـُـن اِهو فيصلو ڪيو هو ۽ پيوٽر کي ٻڌايو به هئائين. هن هيءُ به ٻڌايو، ته هن پستول کي سندس سامهون گولين سان ڀريو هو، هڪ تحرير لکي پنهنجي کيسي ۾ رکيائين، وغيره وغيره. جڏهن پيوٽراليچ (جنهن کي اَڃا به دمتري جي ڏوهه ثابت ٿيڻ ۾ کيس شڪ هو) کيس ڌمڪايو، ته هـُـو ڪنهن کي ضرور ٻڌائيندو، ته توکي خودڪـَـشي کان روڪي، تڏهن مـِـتيا، کيس ڏند ڪرٽيندي چيو هو، ته ”اِهو نهايت دير سان هوندو“ . اُن ڪري کين ماڪرو وڃڻ لاءِ جلدي ڪرڻ کپي، ته جيئن هـُـو پاڻ کي گولي هڻڻ کان اڳ ۾ هٿ اَچي.
”اِهو صاف آهي، اِهو صاف آهي،“ پراسيڪيوٽر وڏي جوش مان چيو ”اِهي پاڳل ماڻهو اِهڙوئي رستو اختيار ڪندا آهن، ته مان سڀاڻي پاڻ کي ماري ڇڏيندس، اُن ڪري لازمي آهي، ته ڪو دم خوش گذاريان!“
هن ڪهاڻيءَ، ته هـُـن ڪهڙي ريت، شراب ۽ سيڌي کي خريد ڪيو هو، پراسيڪيوٽر کي ايترو ته جوش ڏياريو، جو اڳي ڪڏهن به کيس نه آيو هو.
”توکي، اُهو ماڻهو ياد آهي، جنهن هڪ واپاري اولسيووف کي قتل ڪيو هو. هن پندرهن سـَـؤ روبل چوري ڪيا هئا، هڪدم وارن کي وڪڙ ڏيارڻ ۽ ٺهرائڻ لاءِ ويو هو. اُن کانپوءِ رقم کي لڪائڻ جي بجاءِ ساڳي ريت، هـُـو ڇوڪرين ڏي هليو ويو هو.“
جاچ ڪري سڀني کي دير ٿي وئي. فيودور جي گهر ۾ ڪجهه ڳولا ڪرڻي هئي ۽ ڪجهه ٻين قانوني ڳالهين کي به ڏسڻو هو. جيئن ته هن ۾ وقت لڳڻو هو، اُن ڪري هنن پنهنجي سنبت کان ٻه ڪلاڪ اڳ، ماڪرو ڏانهن ڳوٺاڻي پوليس جو هڪ آفيسر ملوريڪي ماوريڪيووچ شهرسوف کي موڪلي ڏنو، جو هڪ ڏينهن اڳ شهر ۾ پگهار وٺڻ لاءِ آيو هو. کيس هدايت ڪئي وئي هئي، ته هروڀرو اُتي وڃي، ڪنهن خوف کي نه جاڳائي، پر فقط ’مجرم‘ تي ڪـَـڙي نظر رکي، جيستائين، حاڪم پهچي وڃن. سندس گرفتاريءَ لاءِ، پوليس جي سپاهين ۽ شاهدن جو بندوبست رکي. ماوريڪي کي جيئن چيو ويو هو. هن اِيئن ئي ڪيو. هن پاڻ کي پوري ريت مخفي رکيو، فقط تريفان بوريسووچ کي، جنهن سان سندس واقفيت گهڻي وقت کان هئي، پنهنجي اَچڻ جي مقصد کي ٻڌايو. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن مـِـتيا سان سراءِ جو مالڪ بالاخاني تي مليو هو ۽ هن سندس تبديل ٿيل حالت کي اونداهيءَ ۾ به سمجهي ورتو هو، ڇو ته تريفان جي چهري ۽ آواز ۾ گهڻي تبديلي ٿي ڏٺي. اُن ڪري نه مـِـتيا نه ڪنهن ٻي کي خبر پئي، ته هن جي نگراني ڪئي وڃي ٿي. پستول جي پيتي تريفان کڻي ورتي هئي ۽ مناسب جاءِ تي ڦٽي ڪري ڇڏي هئائين. چئين بجي کان پوءِ، اِيئن کڻي چئجي، ته سج اُڀرڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾، سڀئي آفيسر، پوليس ڪپتان، پراسيڪيوٽر ۽ جاچ ڪندڙ وڪيل، ٻن گاڏين ۾ چڙهي روانا ٿيا، جن کي ٽي گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. ڊاڪٽر اُتي رهجي پيو، ڇاڪاڻ ته کيس صبح سان فيودورپاولوچ جو پوسٽ مارٽم (چيرڦاڙ) ڪرڻو هو، پر هـُـو خاص طرح، ملازم سميرڊياڪوف جي بيماريءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيو هو. هن وڏي تعجب ۽ شوق مان پنهنجي ساٿين کي چيو ٿي، ته ”هي سخت ۽ ڊگها دورا، جي عجيب معلوم ٿين ٿا، اِهي سائنس جي لحاظ کان، ڪافي دلچسپيءَ وارا آهن.“ جيئن هنن کانئس موڪلايو، کلندي کيس مبارڪ ڏني، ته اِهڙي قسم جو مريض کيس هٿ آيو آهي. کين پوري ريت ياد هو، ته ڊاڪٽر چيو ٿي، ته سميرڊياڪوف رات مشڪل سان جيئرو رَهي سگهندو.
هن طوفاني ۽ ڊگهي وضاحت کانپوءِ، اَسان ڳالهه جي اُن وقت ڏانهن موٽون ٿا، جتي اُن کي ڇڏيو هيوسون.

باب ٽيون: هڪ روح جا تـَـاثر: پهريون دردِ دل

دمتري، پهريائين ته سخت ششدر ٿي ويو ۽ حيرانيءَ مان پئي چوڌاري نهاريائين، ته ڏسي ته هـُـو کيس وڌيڪ ڇا ٿا چون؟ اوچتو بيهي رهيو ۽ ٻئي هٿ اَسان ڏي کڻي چيائين ته:
”مان بيگناهه آهيان، مان هن رت هارڻ جو ڏوهاري نه آهيان. مان پنهنجي پيءُ کي خون نه ڪيو آهي ..... مان کيس ملڻ گهريو ٿي، پر مان اُن کي مارڻ جو گنهگار نه آهيان. ها، مان نه آهيان.“
اَڃا هن مشڪل سان پنهنجي لفظن کي پورو ڪيو هو، ته گروشينڪا پرَدي جي پويان ڊوڙندي آئي ۽ پاڻ کي پوليس ڪپتان جي پيرن تي اُڇلائي ڇڏيائين.
هـُـن دل ڀـِـڄائيندڙ آواز ۾، ڳوڙها وَهائيندي، هٿ ٻـَـڌي، کين چيو ته، ”اِها منهنجي غلطي آهي، منهنجي! منهنجي بڇڙائي. هن هيءُ سڀڪجهه منهنجي ئي ذريعي ڪيو آهي. مان کيس عذاب ڏئي. اِنهيءَ پاسي ڏي تڙي ڇڏيو هو. مان اُن غريب پوڙهي کي به عذاب ڏنا، جو هاڻي مري ويو آهي. اِها منهنجي بڇڙائي هئي، جو مان کيس اِن حالت تي پهچايو! اِها منهنجي غلطي آهي، پهريائين منهنجي ۽ نهايت بدترين غلطي!“
”هائو، اِها تنهنجي غلطي هئي. تون مـُـک ڏوهاري آهين. تون خطرناڪ، بدپيشه آهين ۽ تنهنجي مٿان ئي اِهو الزام آهي.“ پوليس ڪپتان وڏي آواز ۾، کيس هٿ سان دٻائيندي چيو.
پر اُن کي روڪيو ويو ۽ خاموش ڪيو ويو. پراسيڪيوٽر، سندس هٿ کي ورتو ۽ چيائين، ته هيءَ مهل نه آهي. اوهان ته تحقيقات کي خراب ٿا ڪريو ...... توهان ته مقدمي ۾ خلل ٿا پيدا ڪريو.
نڪولاءِ پارفينوويچ، خوف ۽ جوش مان رڙ ڪري چيو، ته ”دستور موجب ڪم کي اُڪلايو، جيئن هميشھ ڪيو ويندو آهي. ٻي حالت ۾ معاملو مشڪل ٿي پوندو.“
گروشينڪا نهايت بي چينيءَ ۾ کيس دانهن ڪري چيو، ته ”اَسان ٻنهي کي گڏجي سزا ڏيو. جيڪڏهن، هن کي ڦاهيءَ تي وڃڻو هوندو، ته مان به هن سان گڏجي وينديس.“ هوءَ اَڃا به گوڏن ڀر هئي.
”گروشينڪا منهنجي زندگي، منهنجو خون ۽ مون لاءِ مقدس شيءِ!“ مـِـتيا به اُن جي ڀرسان، نڪولاءِ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ گروشينڪا کي پنهنجي آغوش ۾ مضبوطيءَ سان جهلي ورتائين. زورسان چوڻ لڳو ته ”هيءَ ڪنهن به ڳالهه جي ڏوهاري نه آهي. ڪنهن به رتوڇاڻ جي يا ڪنهن ٻي شيءِ جي.“
کيس پوءِ ياد ٿي آيو، ته کيس ڪيترن ئي ماڻهن، زور سان گروشينڪا کان جدا ڪيو هو ۽ اُن کي اُتان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. هو جڏهن هوش ۾ آيو، ته پاڻ کي ڏٺائين، ته هـُـو ميز جي سامهون ويٺو آهي. پنهنجي ڀرسان ۽ پويان ڪيترن ماڻهن کي بيٺل ڏٺائين ۽ جن کي هٿن ۾ فولادي زنجيرون هيون. ميز جي ٻي پاسي نڪولاءِ پارفينوويچ، جاچ ڪندڙ وڪيل ويٺو هو. هـُـو مٿس زور آڻي رَهيو هو، ته هو ميز تي رکيل گلاس مان پاڻي کي پيئي.
”هي توکي تازگي ڏيندو ۽ آرام. ڪوبه خوف نه ڪر.“ هـُـن بيحد مروت سان کيس چيو. مـِـتيا (جيئن هـُـن پوءِ ٻـُـڌايو ٿي) اوچتو سندس هٿ ۾ پيل مـُـنڊين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. جن مان هڪ ۾ ياقوت جي ٽـِـڪَ هئي ۽ ٻيءَ ۾ هڪ زرد قيمتي پٿر. ٻنهي ۾ عجيب چـَـمڪ هئي. گهڻي وقت کانپوءِ، کيس عجب مان ياد آيو ٿي، ته اِنهن ٻن منڊين، ڪهڙيءَ ريت، انهي خطرناڪ جاچ جي وقت ۾، سندس ڌيان کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو هو. اِنهن جو مٿس ايڏو ته اَثر هو، جو هـُـو اُنهن مان پنهنجون اکيون نه ڪڍي سگهيو ۽ سمورو وقت اُنهن ۾ اَٽڪيو رَهيو. ڳالهه سندس منهن تي نه ٿي پيئي. مـِـتيا جي کاٻي پاسي ئي، اُن ساڳي جاءِ تي، جتي اڳ مڪزيموف ويٺو هو، هاڻي پراسيڪيوٽر ويٺو هو. سندس ساڄي طرف، جتي گروشينڪا ويٺي هئي، هاڻي هڪ گلابي ڳلن وارو نينگر ويٺو هو، جنهن کي پراڻو شڪاري لباس پيل هو ۽ سندس اڳيان مس ۽ قلم رکيو هو. هيءُ جاچ ڪندڙ وڪيل جو منشي هو، جنهن کي هـُـن پاڻ سان آندو هو. پوليس ڪپتان هاڻي ڪمري جي پوئين دريءَ وٽ بيٺو هو ۽ سندس ڀرسان ڪلنگوف ويٺو هو.
جاچ ڪندڙ وڪيل، کيس نرمائيءَ سان چيو ته ”ڪجهه پاڻي پيءُ.“ هيءُ کيس ڏهون ڀيرو هو، جو هن کي پاڻيءَ پيئڻ جي دعوت ڏئي رهيو هو.
”مان پاڻي پيتو آهي عزيز، ..... ها، مان پيتو آهي ...... پر ..... اڄ جناب مون کي سزا ڏي ۽ مهٽي ڇڏ .... منهنجي قسمت جو فيصلو ڪر!“ مـِـتيا واڪو ڪري چيو، ته سندس اکيون خوفناڪ طرح سان کليل هيون ۽ هـُـو جاچ ڪندڙ وڪيل کي چـِـتائي ڏسي رهيو هو.
”ها تڏهن تون پـَـڪ سان ظاهر ٿو ڪرين، ته تون پنهنجي پيءُ جو قاتل نه آهين؟“ جاچ ڪندڙ وڪيل، زور ڏيندي، نرمائيءَ سان کانئس پڇيو.
”مان ڏوهي نه آهيان، پر مان هڪ ٻئي پوڙهي ماڻهوءَ جي خون جو ذميوار آهيان، پنهنجي پيءُ جو نه آهيان. جنهن لاءِ مان ڳوڙها ٿو ڳاڙيان! مان اُن کي ماريو آهي، مان اُن کي ماريو آهي ۽ اُن کي زمين تي ڪيرايو آهي، پر مان ٻئي خون جي بابت ڪجهه به ٻڌائي نه ٿو سگهان. اِهو هڪ خوفناڪ قتل آهي، جنهن جو مان گنهگار نه آهيان، پر ڪنهن منهنجي پيءُ کي ماريو؟ جيڪڏهن مان، نه ته ٻيو ڪير هن کي ماري سگهي ٿو؟ هيءَ عجيب، غير معمولي ۽ اَڻ ٿيڻي حقيقت آهي.“
”هائو، هن کي ڪير ماريندو؟“ جاچ ڪندڙ وڪيل، پنهنجي جواب کي شروع ڪيو، پر پراسيڪيوٽر ائپولٽ ڪيريلووچ، کيس نهاريندي مـِـتيا کي چيو ته:
”توکي پوڙهي ملازم گريگري ويسيلوويچ بابت انتظار ڪرڻ نه کپي. هـُـو جيئرو آهي ۽ هوش ۾ آهي. باوجود کيس سخت ڌڪ لڳو هو، جيئن هن پنهنجي زباني ڏني آهي ۽ تون به اِيئن ٿو، چوين، هـُـو موت کان بچي ويو آهي ۽ جيئرو رهندو. ڊاڪٽر جي اِها راءِ آهي.“
”جيئرو! هـُـو جيئرو آهي.“ مـِـتيا هٿن کي مهٽيندي زور سان چيو. سندس چهرو چمڪڻ لڳو. خدايا! مان سندءِ هن اعجاز لاءِ شڪرانو اَدا ڪريان ٿو، جو تو مون جهڙي بدسيرت ۽ گنهگار کي نوازيو آهي. هيءُ منهنجي دعا جو اَثر آهي، مان سڄي رات دعائون گهرندو رهيو هوس. هن پوءِ پنهنجي مٿان صليب جون ٽي ڀيرا نشانيون ڪڍيون. هـُـو سچ پچ خوشيءَ کان ساهه نه ٿي کڻي سگهيو.
”ها، ته اِنهيءَ گريگري کان، اَسان کي تنهنجي بابت ضروري ثابتيون مليون آهن، ته تون ......“ پراسيڪيوٽر اَڃابه سلسلي سان ڳالهائي ها، پر مـِـتيا اوچتو، ڪرسيءَ تان ٽپو ڏيئي اُٿيو.
”خدا جي واسطي هڪ منٽ شريف انسان! فقط هڪ منٽ، مان هن تائين وڃڻ گهران ٿو.“
”هن وقت مون کي معاف ڪر، اِيئن ٿي نه سگهندو.“ نڪولاءِ پارفينووچ، ڄڻ ته رڙ ڪرڻ چاهي. هـُـو پڻ ٽپو ڏيئي اُٿي بيٺو. مـِـتيا کي اُن ماڻهوءَ جهلي ورتو، جنهن کي هٿڪڙيون لڳل هيون، پر هو، پنهنجو پاڻ ويهي رهيو ......
”شريف انسان! ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي. مان ته هن کي فقط هڪ منٽ ڏسڻ ٿي گهريو، مان کيس ٻڌائڻ ٿي چاهيو، ته اُهو سڀ رَتُ ڌوپي ويو ۽ گم ٿي ويو، جو سڄيءَ رات منهنجي دل تي بار هو. مان هاڻي خوني نه آهيان! شريف انسان، هوءَ منهنجي مڱيندي آهي.“ هن سڀني ڏي چوڌاري نهاريندي متانت ۾ عزت سان چيو. ”مان تنهنجو بيحد شڪرگذار آهيان شريف انسان! تو، هڪ منٽ ۾ مون کي نئين زندگي ڏئي ڇڏي آهي ..... اِهو پوڙهو انسان، مون کي ڀاڪر ۾ کڻي گهمائيندو هو. مان جڏهن ٽن ورهين جو ننڍڙو ٻار هوس، تڏهن هـُـو ٽب ۾ مون کي وهنجاريندو هو. هيءُ مون کي پنهنجي پيءُ وانگر هو.“
”اُنڪري تون .....“ جاچ ڪندڙ وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”شريف انسان! مون کي هڪ منٽ وڌيڪ مهلت ڏي.“ مـِـتيا کيس وچ ۾ روڪيندي چيو. هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي رکي ۽ ٻنهي هٿن سان منهن کي ڍَڪي ڇڏيو. ”شريف انسان! مون کي هڪ گهڙي خيال ڪرڻ ڏئي ۽ چڱيءَ ريت ساهه کڻڻ ڏئي. هيءُ سڀ ڪجهه جو ٿي رهيو آهي، نهايت پريشان ڪندڙ آهي، شريف انسان! ماڻهو دهل ته ڪين آهي!“
”ٿورو پاڻي وڌيڪ پيءُ.“ نڪولاءِ پارفينوويچ، کيس آهستي چيو. مـِـتيا، پنهنجي چهري تان هٿ کڻي ورتا ۽ ٿورو مـُـرڪيو. سندس اکين مان اطمينان ظاهر ٿيڻ لڳو. هـُـو ڄڻ، ته هڪ گهڙيءَ ۾ بلڪل بدلجي چـُـڪو هو. سندس سڄو انتظار ختم ٿي ويو هو. هيءُ هاڻي ٻيهر، اِنهن ماڻهن جهڙو ئي هو، هنن سان سندس واقفيت به هئي. هـُـو هڪ ڏينهن اڳ ۾، جڏهن ڪجهه به نه ٿيو هو، ساڻن هڪ مقامي مجلس ۾ گڏ هو. هيءَ حقيقت ٻڌائيندي، اَسان کي ياد رکڻ کپي، ته پوليس ڪپتان جي پهريائين اَچڻ تي، هن دل کولي سندس مرحبا ڪئي هئي، پر پوءِ آخري مهيني جي وچ ۾ خاص طرح مـِـتيا کي ڪڏهن به نه سڏيو هئائين، پر جڏهن هـُـو ٻئي اتفاقاََ گهٽيءَ ۾ ملي ٿي ويا، ته مـِـتيا کيس منهن ۾ گهنج وجهندي ٿي ڏٺو ۽ هن فقط ظاهرداريءَ جي لياقت جي مدنظر سلام ٿي ڪيو. سندس پراسيڪيوٽر سان واقفيت ايتري گهـَـري نه هئي. جيتوڻيڪ هيءُ سندس زال، سان جا هڪ مزيدار ۽ ڪمزور فطرت جي مالڪـ$$$ هئي، مروت جي باعث ملاقاتون ڪندو هو، پر کيس اِها خبر نه پوندي هئي، ته اِيئن ڇو ڪـَـري رهيو آهي. هوءَ ساڻس هميشھ وڏيءَ حـُـب مان ملندي هئي. معلوم ٿو ٿئي، ته هوءَ ڪنهن سبب جي ڪري، آخر تائين، هن ۾ دلچسپي وٺندي رَهي. وٽس جاچ ڪندڙ وڪيل جي ملڻ لاءِ ڪو وقت ڪونه هو، جيتوڻيڪ هـُـو، ساڻس ٻه دفعا اڳ ۾ ملي چـُـڪو هو، ۽ پاڻ ۾ عورتن جي باري ۾ گفتگو به ڪئي هئائون.
مـِـتيا مـُـرڪندي کيس چيو، ته ”تون نهايت شائسته وڪيل آهين، نڪولاءِ پارفينوويچ! مان هاڻي تنهنجي مدد ڪندس. شريف انسان! مان هاڻي پاڻ کي بلڪل نئون انسان ٿو سمجهان. مان توکي جيڪو سادگيءَ ۽ سڌيءَ طرح سان خطاب ڪري رهيو آهيان، اُن تي ناراض به نه ٿجانءِ. مان شراب به پيتو آهي ۽ اِها ڳالهه مان توسان بلڪل صاف طرح ڪري رهيو آهيان. نڪولاءِ پارفينووچ، مان سمجهان ٿو، ته پنهنجي عزيز ميوسوف وٽ، مان اوهان سان مليو آهيان. شريف انسان! شريف انسان! تون اِيئن نه ڄاڻ ته مان ڪو توسان برابريءَ جو ڍونگ ڏيکاري رَهيو آهيان. مان چڱيءَ ريت سمجهان ٿو، ته ڪهڙي سلسلي ۾ مان تو وٽ ويٺو آهيان. بيشڪ منهنجي لاءِ خطرناڪ شڪ موجود آهي .... جو مون کي تڪليف ڏيئي رهيو آهي .... جڏهن گريگري اِهڙي ثابتي ڏيئي چـُـڪو آهي .... نهايت خطرناڪ گناهه، مان سمجهان ٿو، اُهو نهايت ڀوائتو آهي، ڀوائتو. پر شريف انسانو! مان چاهيان ٿو، ته هن سڄي معاملي کي اسان گهڙيءَ ۾ پورو ڪري ڇڏيون. شريف انسانو! ڌيان ڏيئي ٻڌو، مان ڄاڻان ٿو، ته مان معصوم آهيان. اُن ڪري اسان کي هـِـن معاملي کي هڪ گهڙيءَ ۾ پورو ڪرڻ گهرجي. ڇا اسان اِيئن نه ٿا ڪري سگهون؟ “
مـِـتيا، گهڻو تڪڙو، بي چينيءَ ڀريو ۽ منجهيل ڳالهائيندو ويو. اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته هـُـو ڄڻ ٻڌندڙن کي پنهنجو بهترين دوست، تصور ڪري رهيو هو.
”سو هاڻي، اسان لکنداسون، ته تون اُن تهمت کان قطعي انڪاري آهين، جا تو تي مڙهي وئي آهي.“ نڪولائي پارفينووچ، کانئس اَثر وٺندي چيو. هـُـو تنهنجي سيڪريٽريءَ ڏي جهـُـڪيو ۽ کيس آهستگيءَ سان لکڻ لاءِ، چوڻ لڳو:
اِنهيءَ کان اڳي، جو هـُـو سيڪريٽري کي ڪجهه لکائي، مـِـتيا اُن کي چيو، ته ”لـِـک ۽ ڇا لکندين؟ چڱو لـِـک، مان قبول ٿو ڪريان ۽ عزيز دوست مان پوري قبوليت ٿو ڏيان، فقط هيءَ ته ...... ترس، ترس، پر هيءُ لـِـک ته مان پنهنجي بيهودگيءَ جي ڪري، مان هڪ پوڙهي جي مٿان مصيبت آڻڻ جو ڏوهاري آهيان. اَڃا به وڌيڪ منهنجي دل جي گهرائين ۾ ٻي ڳالهه به آهي، جنهن جو به مان گنهگار آهيان، پر هن حقيقت جي لکڻ جي ضرورت نه آهي، (ُهو، هڪدم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڦريو.) اِها منهنجي ذاتي زندگي آهي، شريف انسان! اِنهيءَ سان تنهنجو ڪوبه لاڳاپو نه آهي. اِيئن کڻي چوان، ته منهنجي دل جي گهرائين سان تنهنجو ڪهڙو واسطو ..... پر مان پنهنجي پيءُ جي خون جو ڏوهي نه آهيان. اِهو وحشياڻو خيال آهي. يقيناً اِهو وحشياڻو خيال آهي ..... مان اُن کي ثابت ڪندس ۽ تون اُن کان ضرور متاثر ٿيندين ..... شريف انسان! تون کلندين. تون پنهنجو پاڻ، پنهنجي مـَـشڪ تي کلندين .....“
”دمتري فيودورپاولووچ تحمل ڪر“ ، جاچ ڪندڙ آفيسر کيس چيو. هـُـن چاهيو ٿي ته مـِـتيا جي جوش کي جيتري قدر ٿي سگهي گهٽ ڪري. ”اِنهيءَ کان اڳي جو اَسان پنهنجي جاچ کي وڌايون. مان چاهيان ٿو، ته تون منهنجي سوال جي جواب ۾ اِهو قول ڪندين، ته تون پنهنجي پيءُ کي ناپسند ڪندو هئين ۽ ساڻس لاڳيتو جهڳڙن ۾ هئين. هن کان اَڌ ڪلاڪ اڳ ۾ تو هتي ئي چيو هو، ته تون کيس قتل ڪرڻ گهريو ٿي، پر تو کيس نه ماريو آهي.“
ڇا مون اِيئن چيو هو؟ شريف انسان! ته پوءِ اِيئن ئي آهي! مان پريشانيءَ ۽ ناخوشيءَ مان کيس مارڻ ٿي گهريو ..... ڪيترائي ڀيرا مان اِيئن ڪرڻ ٿي گهريو ... ناخوشيءَ جي باعث، ناخوشيءَ جي باعث!
”تو اِيئن ڪرڻ گهريو ٿي. تون هن قبوليت جو اقرار ڪندي، کولي ٻڌائيندين، ته اُهي ڪهڙيون ناگوار حالتون هيون، جن توکي پنهنجي مائٽن جي خلاف ايتري نفرت جي حد تي پهچايو هو؟“
”شريف انسان! هن تفصيل بيان ڪرڻ مان فائدو،“ مـِـتيا پنهنجي ڪلهن کي پريشانيءَ کان سوڙهو ڪيو ۽ زمين ڏي نهارڻ لڳو. ”مان ڪڏهن به پنهنجي جذبات کي لڪائڻ نه گهريو آهي. هيءَ ڳالهه شهر ۾ هرڪو ڄاڻي ٿو. مان زوسيما جي حجري ۾ ٿورو وقت اڳ، هن حقيقت جو اعلان ڪري چـُـڪو هوس ..... ۽ ساڳي ڏينهن شام جو، مان پنهنجي پيءُ کي ماريو هو. مان کيس ذري گهٽ قتل ڪيو هو. مان قسم کڻي چوان ٿو، ته مان ٻيهر به وٽس آيو هوس، ته شاهدن جي سامهون، کيس قتل ڪريان ..... ها هزار شاهدن جي سامهون! مان گذريل مهيني کان وٺي، وڏي واڪي، اِهو آواز ڪڍندو رهيو آهيان. هرڪو توکي اِها حقيقت ٻڌائيندو ........ حقيقت تنهنجي منهن ۾ حيرت کي آڻي وڌو آهي. اِها حالت پنهنجو پاڻ ڳالهائي ٿي، مگر شريف انسان، جذبات ڪاٻي شيءِ آهي. شريف انسان! (مـِـتيا جي منهن ۾ گهنج پئجي ويا.) مان سمجهان ٿو، ته منهنجي جذبات جي باري ۾ توکي سوال پڇڻ جو ڪوبه حق نه آهي. مان ڄاڻان ٿو، ته تون پنهنجي عهدي جو ذميدار آهين، پر هيءُ منهنجو پنهنجو، ذاتي ۽ قريبي معاملو آهي، پر ...... جيئن ته مان اڳ به پنهنجي جذبات کي راز بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ..... مثال لاءِ هوٽل ۾، مان هيءَ ڳالهه سڀني سان ڪندو رهيو آهيان، اِهڙيءَ ريت، هاڻي به اُن کي راز بڻائڻ نه ٿو گهران. شريف انسان! مان ڄاڻان ٿو، ته هن معاملي ۾ پنهنجي خلاف نهايت خطرناڪ حقيقتون موجود آهن، مان سڀني کي چئي ڇڏيو هو، ته اُن کي ماريندس. هاڻي بلڪل اوچتو، هـُـو قتل ڪيو ويو آهي. اُن ڪري مان ئي سندس قاتل هوندس! ها، ها! شريف انسان! مان توکي هن ڳالهه جي مڃڻ جي اجازت ڏيندس. مان هن بدناميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهيان. جيڪڏهن مان نه آهيان، ته ڀـَـلا ٻيو ڪير اُن کي ماريندو؟ اِهوئي نتيجو ٿو نڪري، هائو نه! واقعي جي مان نه آهيان، ته ٻيو ڪير هوندو؟ شريف انسان! مان اِهو ڄاڻڻ ٿو گهران ۽ اُن تي زور ٿو ڏيان.“ اِهي لفظ هـُـن زور ڏيئي چيا. ”کيس ڪٿي قتل ڪيو ويو آهي؟ ڪهڙيءَ ريت کيس ماريو ويو آهي؟ ڇا سان کيس ماريو ويو آهي؟ مون کي اهي سڀئي حقيقتون ٻـُـڌايو.“ هـُـن جلديءَ مان پنهنجي وڪيلن ڏي نهاريندي، کين چيو.
”اسان کيس سندس مطالعي واري ڪمري ۾ ڏٺو. هـُـو زمين تي پٺيءَ ڀـَـر پيو هو، ۽ سندس مٿو ٽڪرا ٽڪرا ٿيل هو.“ پراسيڪيوٽر کيس چيو.
نڪولائي پارفينووچ وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته: ”اَسان کي پنهنجو سلسلو قائم رکڻ گهرجي.“
”اِهو نهايت خطرناڪ واقعو آهي،“ مـِـتيا ڏڪي ويو. هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي ٽـِـڪائي ۽ پنهنجي منهن کي سڄي هٿ ۾ جهليو.
نڪولائي کانئس پڇيو ته: ”اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن توکي مجبور ڪيو، ته تون ساڻس ايڏي نفرت رکين؟ تو عام ۾ به اُن جو اظهار ڪيو آهي. مون کي هاڻي يقين آهي، ته هن جو بنياد ساڙ ئي هو.“
”هائو ساڙ، پر فقط ساڙ نه.“
”پيسي جي بابت جهڳڙو؟“
”هائو پيسي جي به ڳالهه هئي.“
”ٽي هزار روبل تي جهڳڙو هو، جنهن کي تو پنهنجي ورثي جو حق ٿي سمجهيو؟“
”ٽي هزار، اُٺن کان گهڻو مٿي“ ڪاوڙ مان مـِـتيا جواب ڏنو. ”ڇهن هزارن کان به مٿي، شايد ڏهن هزارن کان به مٿي، جن جي لاءِ مان ماڻهن کي رڙيون ڪري ٻـُـڌائيندو هوس، پر پوءِ مون ٽن هزارن کي ڪافي سمجهيو. مون کي اِنهن ٽن هزارن جي بيحد گهرج هئي ...... مون کي سندس ٽن هزارن جي ٿـَـهي جي خبر هئي، جي هـُـو پنهنجي وهاڻي جي هيٺان، گروشينڪا کي ڏيڻ لاءِ هميشھ تيار رکندو هو. مان خيال ڪيو، ته اِهي پيسا مان آسانيءَ سان چورائي سگهندس. هائو شريف انسانو! مان اِنهن پيسن کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو ......“
پراسيڪيوٽر، جاچ ڪندڙ آفيسر ڏانهن وضاحت لاءِ ڏٺو، ۽ هن بيوقوفيءَ تي چاهيو ته کيس اک جو اشارو ڪري.
وڪيل مستعدي ڏيکاريندي چيو ته: ”اسان هن حقيقت ڏي پوءِ اينداسون، پهريان تون اِجازت ڏي، ته اسان هن حقيقت کي لکون، ته تو اِنهن پيسن کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو.“
”بيشڪ! اوهان اُن کي لکو. مان سمجهان ٿو، ته اِها ٻي حقيقت آهي، جا منهنجي خلاف ٿيندي، پر مان حقيقتن کان خوف نه ٿو کاوان ۽ مان پاڻ ئي پنهنجي خلاف اُنهن کي ٻڌايان ٿو. شريف انسانو! اوهان مون کي جيئن ڏسو ٿا، اُن کان ٻي طرح جو انسان ڪري سمجهو.“ هن اوچتو اُداسائيءَ ۽ پريشانيءَ مان چيو. ”اوهان کي هڪ عزت واري ماڻهوءَ سان معاملو پيو آهي. نهايت مٿانهين عزت وارو ماڻهو! سڀ کان مٿي - اُن کي نگاهه کان ٻاهر نه رکو. اُهو ماڻهو جنهن گهڻيون بيهوديون حرڪتون ڪيون آهن، پر جو پنهنجي دل جي گهرائين ۾، هميشھ ۽ اَڃا به عزت وارو آهي. مان هن حقيقت کي چڱيءَ طرح بيان ڪري نه ٿو سگهان. اِهائي ڳالهه آهي، جنهن مون کي سڄي حياتي عذاب ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي. مان هميشھ عزت جي لاءِ پئي آرزو ڪئي آهي. ڄڻ ته مان عزت جي سمجهه ۽ فڪر جو شهيد هوس. مان اُن کي هڪ فانوس سان ڳولهيندو ٿي رهيس، تشخيص جي فانوس سان، پر اُن هوندي به مان پنهنجي سڄي حياتي خراب ڪمن ۾، ٻين سڀني وانگر وڃائيندو رهيس، شريف انسانو! ... مان هن راهه ۾ اَڪيلو آهيان. اَڪيلو، اَڪيلو! ..... شريف انسانو! منهنجو مٿو سور ٿو ڪري.“ سندس رڳون واقعي ڦـُـنڊي ويون هيون. ”شريف انسانو! مان سندس نگاهن کي برداشت ڪري نه ٿي سگهيس. اُن ۾ اَڻپورو احساس، مستحده پن، سڀني پاڪيزه شين جي خلاف، گستاخي ڀريل نفرت ۽ ايمان جي قلت، موجود هئي. مان اُن جي اِنهن شين کان نفرت ٿي ڪئي، پر هاڻي جيئن ته هـُـو گذري چـُـڪو، مان ڪو ٻيو خيال ٿو ڪريان.“
”تنهنجو، اِنهيءَ مان مطلب ڇا آهي؟“
”مون کي ڪنهن ٻي احساس جو قطعي خيال نه آهي، پر مان سوچيان ٿو، ته مون کي ساڻس ايتري نفرت نه رکڻ کپندي هئي.“
”تون پاڻ کي پشيمان ٿو سمجهين؟“
نه - پشيمان نه، مهرباني ڪري اِهو نه لکجو. مان پاڻ چڱو نه آهيان. اُن ڪري مون کي ڪوبه حق نه ٿو پهچي، ته مان اُن کي خراب سمجهان. اِهائي منهنجي مدعا آهي! اِهو توهان ڀلي لکو، جيڪڏهن اوهان کي پسند اَچي!
اِيئن چوندي، مـِـتيا ماتم زده بڻجي ويو. جيئن جاچ مسلسل ٿيندي رَهي، هـُـو وڌ کان وڌ اُداس بڻجي ويو.
اُن گهڙيءَ اُميد جي خلاف، هڪ ٻيو منظر پيدا ٿي پيو. جيتوڻيڪ گروشينڪا کي اُتان ڪڍيو ويو هو، پر کيس پـَـري نه نيو ويو هو. هوءَ نيري ڪمري جي بلڪل ڀـَـر واري ڪمري ۾ موجود هئي، جنهن ۾ آڏي پڇا هلي رَهي هئي. هيءُ ننڍو ڪمرو هو، جنهن ۾ هڪ دَري هئي، جنهن جي پريان وڏو ڪمرو هو،جنهن ۾ رقص ۽ دعوت جو بندوبست ڪيو ويو هو. هوءَ اُن ڪمري ۾ ويٺي هئي، پر وٽس فقط ميڪزيموف موجود هو، جنهن کي سخت رنج پهتو هو ۽ ڊنل هو. هو پنهنجي سلامتي لاءِ، ڄڻ ته گروشينڪا کي چهـُـٽي پيو هو. دروازي تي هڪ ڳوٺاڻو ڪنهن ڌاتوءَ جو ٽڪرو کنيو بيٺو هو. هوءَ روئي رَهي هئي، اوچتو سندس ڏک بيحد وڌي ويو. هـُـو ٽپو ڏئي اُٿي. هـُـن پنهنجي ٻانهن کي ڪشادو ڪيو. غم جي گهڻائي کان پارَ ڪڍندي، اُن جي ڪمري ۾ ڊوڙندي وئي. ايترو ته هوءَ اوچتي ۽ اُميد جي خلاف پنهنجي مـِـتيا ڏي وئي، جو ڪو به کيس روڪي نه سگهيو. مـِـتيا سندس روئڻ کي ٻـُـڌي ڏڪي ويو ۽ ٽپو ڏئي اُٿيو. کيس ڪابه خبر نه پئي، ته هـُـو ڇا ڪري رهيو هو؟ پر کين پاڻ ۾ گڏجڻ جي اِجازت نه ڏني وئي. مـِـتيا کي ٻانهن کان جهليو ويو. هـُـو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڪشمڪش ۾ پئجي ويو. هاڻي کيس ٽن چئن ماڻهن سوگهو جهليو. گروشينڪا کي پڻ جهلي ورتائون. مـِـتيا ڏٺو، ته هـُـن هڪ ٻانهن ڏانهس وڌائي. هـُـن کي جيئن گهليندا ٿي ويا، هـُـن رڙيون ڪري کين روڪيو. جڏهن هيءُ منظر پورو ٿيو، ته هـُـو وري پنهنجي هوش ۾ اَچي ويو. اڳي وانگر هـُـو پنهنجي جاءِ تي وڃي ويهي رهيو. سندس سامهون جاچ ڪندڙ ٻه وڪيل هئا، جن کي هـُـن روئندي چيو ته:
”توهان کي هـُـن مان ڇا کپي؟ توهان کيس ڇو عذاب ڏئي رهيا آهيو؟ هـُـن ته ڪجهه به نه ڪيو آهي.“
وڪيل ڪوشش ڪرڻ لڳا، ته کيس ٿڌو ڪن. اٽڪل ڏهه منٽ اِنهيءَ حالت ۾ گذري ويا. آخر مائيڪل مائڪرووچ، جو سمورو وقت غير حاضر هو، اندر تڪڙو تڪڙو گهڙي آيو ۽ وڏي آواز ۽ جوش مان جاچ ڪندڙ عملدار کي چيائين ته:
”هن کي عليحده ڪيو ويو آهي ۽ هوءَ هاڻي هيٺ آهي. شريف انسانو، مون کي اِجازت ڏيو، ته مان هن بدبخت انسان کي ٻه لفظ چوان. مان هن سان اوهان جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائڻ گهران ٿو.“
”بيشڪ مائيڪل مائڪرووچ،“ جاچ ڪندڙ وڪيل جواب ڏنو. ”موجوده حالت ۾ هن جي خلاف ڪجهه به چوڻو نه آهي.“
”منهنجا عزيز دمتري فيودورپاولووچ ڌيان ڏئي ٻڌ.“ پوليس ڪپتان ڳالهائڻ شروع ڪيو. وٽس اُن بدقسمت قيديءَ لاءِ پيءُ جهڙي گرم جوشي ٿي ڏٺي. ”مان پاڻ تنهنجي اگرافينا اليگزينڊرووينا کي هيٺ وٺي ويو آهيان ۽ جاءِ جي مالڪ جي نياڻين کي چيو اٿم، ته اهي سندس چڱيءَ ريت خبرگيري ڪن ۽ سمورو وقت پوڙهو ميڪزيموف ساڻس گڏ رهيو آهي. تون ٻڌين ٿو، مان کيس ٿڌو ڪيو آهي. مان کيس وضاحت سان ٻڌايو آهي، ته توکي پنهنجيءَ حالت کي پاڻ صاف ڪرڻو آهي، اُن ڪري اُن ۾ اَٽڪاءُ نه بڻجي، ۽ نه توکي غمگين بڻائي. جيڪڏهن تو غلط بيان ڏنو، ته پنهنجو سر وڃائي ويهندين. حقيقتاََ مان جو ڪجهه هـُـن سان ڳالهايو آهي، اُن کي هـُـن چڱيءَ ريت سمجهيو آهي. هوءَ سمجهه واري ڇوڪري آهي ۽ نيڪدل. هن منهنجي پوڙهن هٿن کي چميو ۽ تنهنجي مدد لاءِ عرض ڪيو آهي. هـُـن مون کي توڏانهن موڪليو آهي، ته اُن جي لاءِ تون ڪوبه انتظار نه ڪر. مان هاڻي وٽس ويندس ۽ کيس ٻڌائيندس، ته تون بلڪل مطمئن آهين ۽ اُن جي لاءِ توکي ڪو به انتظار ڪونه آهي. تون هن کي چڱيءَ ريت سمجهين ٿو. منهنجي روش هن سان ڪا چڱي نه هئي، پر هـُـو عيسائي روح آهي، شريف انسان! هائو هوءَ هڪ شريف روح آهي ۽ مٿس ڪوبه الزام اَچي نه ٿو سگهي. ها! دمتري فيودورپاولووچ جيئن مان هن کي چيو آهي، تون سانت ۾ ويهندين يا نه؟“
نيڪ طبعيت ڪپتان، رواج جي خلاف کيس گهڻو ڪجهه چيو. اِهو اِنهيءَ ڪري هو، جو گروشينڪا جي مصيبت ۽ پاڻ جهڙي انسان جي تڪليف سندس نيڪ فطرت دل تي وڏو اَثر ڪيو هو، ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. مـِـتيا ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ اُن ڏي ڊوڙي پيو.
”شريف انسان! مون کي معاف ڪر.“ هـُـن رڙ ڪري چيو. ”مائيڪل ماڪرووچ تو وٽ هڪ ملائڪ جي دل آهي. مان اُن جي لاءِ تنهنجو شڪرانو اَدا ڪريان ٿو. مان مطمئن ۽ خوش رهندس. توهان پنهنجي مهربان روح جي گهرائي مان کيس چئو، ته مان نهايت خوش آهيان. هڪ منٽ جي اندر مان کلڻ شروع ڪري ڏيندس، ڇو ته مون کي هاڻي خبر آهي، ته تو جهڙو ملائڪ اُن جو سنڀاليندڙ آهي. مان هاڻي سنئون سڌو ڪاروائي کي منهن ڏيندس ۽ جيئن ئي آزاد ٿيندس، ته اُن ڏي هليو ويندس. مان ساڻس گڏ هوندس. کيس منهنجي لاءِ ترسڻ کپي.“ هن پوءِ ٻن وڪيلن ڏي منهن ڪري چيو، ته ”هاڻي مان پنهنجي سڄي روح کي کولي، اوهان ڏي متوجهه ٿيندس. مان سڀئي ڳالهيون بيان ڪندس ۽ وڏيءَ خوشي سان اُنهن کي پورو ڪندس. اَسين آخر ۾ اِنهن ڳالهين تي کلنداسون. ڪيئن، اِيئن نه؟ پر شريف انسانو! هوءَ عورت منهنجي دل جي راڻي آهي. اِهو به مان اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان. هڪڙي ٻي ڳالهه به اوهان کي ٻڌايان ٿو، ته مان عزت وارن ماڻهن سان پاڻ کي گڏ ٿو ڏسان. هوءَ منهنجي لاءِ روشني آهي ۽ مقدس آهي. جيڪر اوهان اُن کي ڄاڻو! اوهان سندس دانهن کي ٻـُـڌو، هـُـوءَ چئي رَهي هئي، ته مان توسان گڏ موت لاءِ به تيار آهيان؟ مون وٽ ڇا آهي، هڪ پيسي کان سواءِ فقير آهيان. اُن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ايڏي محبت ڇو؟ مون جهڙو جنوني، بڇڙو ۽ وحشي ۽ بدصورت اِهڙي محبت جي لاءِ ڪيئن لائق ٿي سگهي ٿو. ايتري قدر جو هـُـو مون سان ملڪ بدر ٿيڻ لاءِ به تيار آهي؟ ڪيئن نه هوءَ منهنجي لاءِ اوهان جي قدمن ۾ ڪري پئي هئي؟ اِجهو هاڻي! ...... اُن هوندي به هـُـو مجبور آهي ۽ هـُـن ڪجهه به نه ڪيو آهي! مان ڪيئن نه اُن کي سنوارڻ ۾ مدد ڪريان ۽ ڪيئن نه روئي اُن ڏي ڊوڙان. اوهان اِهو سڀڪجهه هاڻي ڏٺو آهي. شريف انسانو، مون کي معاف ڪريو! پر هاڻي، هاڻي مان بلڪل مطمئن آهيان.
هـُـو ڪرسيءَ جي پٺ ڏي وري ليٽي پيو ۽ ٻنهي هٿن سان منهن کي ڍَڪي، ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو، پر اِهي خوشيءَ جا لـُـڙڪ هئا. هـُـن اِنهيءَ وقت ۾ پاڻ کي سنڀالي ورتو هو. پوڙهو پوليس ڪپتان، نهايت خوش ٿي ڏٺو ۽ اُن سان گڏ وڪيل به. هنن محسوس ڪيو، ته امتحان هاڻي نئين صورت اختيار ڪري رهيو آهي. جڏهن پوليس ڪپتان ٻاهر نڪري ويو، ته مـِـتيا بلڪل خوش هو.
”شريف انسانو، مان هاڻي اوهان جي حڪم جي تعميل لاءِ تيار آهيان ۽ سڄوئي اوهان جي هٿن ۾ آهيان. جيڪڏهن هي بي لطف تفصيل اوهان سڀني جي اڳيان نه هجي ها، ته شريف انسانو، مان اوهان جي حڪم جي تعميل لاءِ حاضر آهيان، پر مان هيءُ ظاهر ڪرڻ گهران ٿو، ته اسان کي پاڻ ۾ هڪٻئي تي ويساهه رکڻ گهرجي. اوهان کي مون ۾، ۽ مون کي اوهان ۾. جيڪڏهن اِيئن نه ٿيو، ته اِها بي نتيجي شيءِ ٿي پوندي ۽ اُها پڄاڻيءَ تائين پهچي نه سگهندي. مان اوهان جي فائدي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. شريف انسانو، اوهان پنهنجو ڪم ڪريو ۽ منهنجي روح کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪريو. اوهان دڙڪن سان مون کي نه هيسايو، پر فقط حقيقت جي مون کان پڇا ڪريو، ته حالتون ڇا آهن؟ مان هڪدم اوهان کي مطمئن ڪندس. وڌيڪ تفصيل کي کڏ ۾ وجهو!“
مـِـتيا اِيئن ڳالهائيندو رَهيو ۽ سوال، جواب وري شروع ٿيا.

باب چوٿون: ٻي سخت آزمائش

”تون نه ٿو ڄاڻين دمتري فيودورپاولووچ، تنهنجي جواب ڏيڻ جي جلد، ڪيڏي نه اَسان کي همت ٿي ڏياري.“ نڪولائي پارفينووچ، وڏي هيج ۽ مڪمل تسليءَ سان کيس چيو، جا سندس مٿانهين ۽ گهٽ نظر وارين ڀورين اکين ۾ چمڪي رهي هئي. جن تان ٿورو اڳ هن پنهنجي عينڪ لاهي ورتي هئي. ”تو هاڻي هڪٻئي ۾ اعتبار رکڻ جي، جا راءِ ڏني آهي، اُن کان سواءِ، اِهڙي ضروري معاملي ۾ هي بلڪل ڏکيو ٿيندو، جو اُن جي تـَـهه تائين پهچي سگهجي. اِهڙيءَ حالت ۾ ٻي ڌر پنهنجي بچاءَ کي چڱيءَ ريت پيش ڪري سگهندي ۽ اُن جي خواهش ۽ اُميد پوري ٿي سگهندي. اسان پنهنجي طرفان جو ڪجهه اَسان جي طاقت ۾ آهي، تون ڏسين ٿو، ته ڪهڙي ريت مقدمي جي پيروي ڪري رهيا آهيون. ائپولٽ ڪريووچ ڇا، تون به مون سان موافقت رکين ٿو؟“ هن مڙي اُن کي چيو.
”بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي.“ جاچ ڪندڙ وڪيل جواب ڏنو. سندس آواز سرد مهريءَ وارو هو ۽ نڪولائي پارفينووچ کان بلڪل ٻيءِ طرح جو هو.
”مان اوهان کي ٻڌائي آيو آهيان، ته نڪولائي پارفينووچ جيتوڻيڪ اسان وٽ پوءِ آيو هو، پر کيس شروع کان ئي ائپولٽ ڪريووچ لاءِ وڏي عزت هئي ۽ سندس يارِ غار هو. هـُـو اڪيلو فرد هو، جنهن کي، هن ۽ سندس غير معمولي لياقتن ۽ نفسيات جي جوهر جو پورو پورو يقين هو. هـُـو سٺو مقرر هو ۽ انصاف جي تڪليفن کان پوريءَ ريت واقف هو. هن سندس ساراهه پيٽرسبرگ ۾ ٻڌي هئي. ٻي طرف نوجوان نڪولائي پارفينووچ اُهو ماڻهو هو، جنهن کي اَسان جي مختصر جاچ ڪندڙ عملدار، دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ٿي چاهيو.“ ماڪرو ڏي ايندي رستي تي موجود مقدمي جي بابت، هنن ٻنهي جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي چـُـڪو هو. هاڻي جڏهن ته هيءَ ميز جي سامهون ويٺا هئا، تيز لياقتن واري ننڍي آفيسر، پنهنجي وڏي آفيسر جي سامهون هر ڳالهه ۾ دخل ڏيئي، اُن ڏانهن اِشارو ٿي ڪيو. پوءِ اُهي ٿورا لفظ هئا، يا نگاهه يا اک ٻوٽ.
”شريف انسانو! مون کي اِجازت ڏيو، ته مان اوهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان ۽ اوهان اُن مان ڪي ڀوائتا سوال نه پڇو. مان اوهان کي لحظي ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس.“ مـِـتيا کين جوش مان چيو.
”نهايت چڱو، مهرباني، پر اِنهيءَ کان اڳي، جو اسان تنهنجي سلسلي کي غور سان ٻـُـڌون، تون اسان کي اِجازت ڏيندين، ته اسان توکان ڪا حقيقت پڇون، جنهن ۾ اَسان جي گهڻي دلچسپي آهي. منهنجو مطلب آهي، اُنهن ڏهن روبل کان، جي اوهان ڪالهه پنجين بجي، پنهنجي دوست پيوٽراليچ پروهيٽن کان، پستول گروي رکندي ورتا هئا؟“
”ها ورتا هئا، شريف انسانو! هائو مان ڏهه روبل ورتا هئا، اوهان کي وڌيڪ ڇا کپي؟ ڳالهه ته فقط ايتري آهي، مان شهر ويس ۽ پستول گروي رکيم.“
”تون شهر موٽي وئين؟ تون شهر کان ٻاهر به ويو هئين ڇا؟“
”هائو، مان پنج ورسٽ (ميل) ٻهراڙي ۾ سفر تي ويو هوس. ڇا توهان اِهو نه ٿا ڄاڻو؟“
جاچ ڪندڙ عملدار ۽ نڪولائي پارفينووچ، پاڻ ۾ نگاهن کي ملايو.
”ٺيڪ آهي، هاڻي تون ڪيئن پنهنجي ڪهاڻي شروع کان بيان ڪندين، جو ڪالهه کان يعني صبح کان ۽ اڳتي، سڄو ئي تفصيل سلسليوار اُن ۾ اَچي وڃي؟ مثال طور، اَسان کي اِجازت ڏي، ته اَسان توکان جاچ ڪريون، ته تون ڪالهه شهر کان ڇو غير حاضر هئين؟ اُهو سڀڪجهه ٻڌاءِ، ته تون ڪهڙي وقت شهر مان نڪتين ۽ ڪهڙي وقت موٽي آئين - هيءُ سڀيئي حقيقتون ٻڌاءِ؟“
”اوهان شروع ۾، مون کان اِهڙيءَ ريت پڇو ها.“ مـِـتيا زور سان کلندي کين چيو. ”پر جيڪڏهن اوهان کي پسند هجي، ته اسان حقيقتون ڪالهه کان شروع نه ڪنداسون، پر هڪ ڏينهن اُن کان به اڳ کان شروع ڪنداسون. تڏهن ئي اوهان سمجهي سگهندا، ته ڪيئن، ڇو، ۽ ڪٿي ڪٿي مان ويس؟ شريف انسانو! مان ڪالهه کان هڪ ڏينهن اڳ، شهر جي هڪ واپاري وٽ ويو هوس، جنهن جو نالو سامسونوف آهي. مان اُن کان سلامتيءَ واري ضمانت تي ٽي هزار روبل اُڌارا وٺڻ ويو هوس. شريف انسانو، اِهو ضروري معاملو هو ۽ اتفاقي ضرورت لاءِ هو.“
”مون کي دخل ڏيڻ جي اِجازت ڏي“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس نرمائيءَ سان چيو، ”تون اُن ڪهڙيءَ سخت ضرورت ۾ هئين، جو توکي ٽي هزار روبل گهربل هئا.“
”شريف انسانو، اوهان هن تفصيل ۾ نه پئو. ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇو مون کي اِنهيءَ رقم جي ضرورت هئي؟ هي سڀ بيڪار داستان آهي. هيءَ حقيقت ٽن وڏن جلدن ۾ اَچي سگهي ٿي، ۽ پوءِ ئي اوهان اُن جي تتمي (آخري باب) کي ٻڌي سگهندا.“
مـِـتيا هيءَ سڀ ڪجهه نيڪ نيتيءَ سان چيو، پر هڪ بي صبر رواداريءَ سان، اُن ماڻهو وانگر جو سڄيءَ حقيقت کي انتظار سان ٻڌائڻ لاءِ تيار هجي، ۽ سڄو ئي نيڪ نيتيءَ سان معمور هجي.
”شريف انسانو!“ هن جلديءَ مان پنهنجي تصحيح ڪئي. ”اوهان منهنجي بيقراريءَ کان اَثر نه وٺو. مان اوهان کي وري به اِهو عرض ٿو ڪريان. مون کي اوهان جي لاءِ وڏي عزت آهي ۽ معاملي جي صحيح مقام کي مان ڄاڻان ٿو. اِيئن نه سمجهو، ته مان پيتل آهيان. مان هاڻي بلڪل هوشيار آهيان. شراب پيتل جي حيثيت ۾ به، اوهان جي لاءِ رڪاوٽ نه ٿيندس. اُن چـَـوڻيءَ وانگر، مون تي جو گذري رهيو آهي، اُن کي مان ڄاڻان ٿو، يعني ’اُهو جو سنجيده آهي، وڏو بيوقوف آهي، پر جڏهن هو، پيتل آهي، ته وڏو داناءُ آهي.‘ ها، ها، پر شريف انسانو، هيءَ ڪا صحيح شيءِ نه آهي، ته مان اوهان سان مذاق ڪريان. منهنجو مطلب آهي، ته جيستائين اَسان هڪٻئي کي سمجهي سگهون. اُن کان سواءِ مون کي پنهنجي به عزت آهي، جنهن کي برقرار رکڻ گهران ٿو. مان هن گهڙيءَ جي تفاوتن کي به چڱيءَ ريت سمجهي سگهان ٿو. مان آخر ته ڏوهيءَ جي حيثيت ۾ آهيان. اُن ڪري اوهان سان هڪجهڙي حيثيت کان گهڻو پري آهيان. اِهو اوهان جو عمل آهي، ته منهنجي نگراني ڪريو. مان اوهان ۾ اُميد ٿو رکان، ته منهنجي مٿي تي ٿڦڙون هڻو، ڇاڪاڻ ته مون گريگريءَ سان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، ڇو ته ڪوبه پوڙهي ماڻهوءَ جي مٿي کي ڀڃڻ کان پوءِ، آزاد ٿيڻ جي اُميد نه رکندو. مان سمجهان ٿو، ته اوهان مون کي ڇهه مهينا يا سال شايد اصلاحي گهر (جيل) ۾ بند رکو. مون کي خبر نه آهي، ته اُن جي ڪهڙي سزا آهي؟ پر اِنهيءَ هوندي به مون کي پنهنجي رتبي ۾ ڪوبه نقصان نه پوندو. اِيئن نه؟ ان ڪري شريف انسانو، مان، اوهان جي ۽ پنهنجي وچ ۾ تفاوت کي چڱيءَ ريت سمجهان ٿو ...... پر اوهان کي هيءُ ڏسڻ گهرجي، ته اِهڙن سوالن سان، ته اوهان وڏن عقلمندن کي به منجهائي سگهو ٿا. مثلاََ: تون ڏاڪي تي ڪيئن چڙهين؟ تون ڪٿان چڙهين؟ تون ڪڏهن چڙهين؟ ڪهڙي شيءِ تي چڙهين؟ مان منجهي پوندس، جيڪڏهن اوهان اِهڙيءَ ريت پڇا ڪئي ۽ يقيناً اوهان سڀ ڪجهه منهنجي خلاف ئي ڏيندا. اُن مان نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ يعني ڪجهه به نه! توڙي جو هاڻي مان بيوقوفيءَ سان ڳالهائي رهيو آهيان، اُن کي پورو ڪرڻ ڏيو. اوهان شريف انسانو، وڏيءَ عزت ۽ حيثيت وارا آهيو، مون کي معاف ڪري ڇڏيندا. شريف انسانو، مان هيئن چئي پنهنجي گفتگو کي ختم ڪندس ته غير طبعي سوالن جي طريقي کي ڇڏي ڏيو. منهنجو مطلب آهي، ته ابتدا ڪنهن اَجاين ۽ مصيبت پيدا ڪندڙ سوالن سان نه ڪريو. جيئن ته مان ننڊ مان ڪيئن جاڳيس؟ مون کي ناشتي ۾ ڇا هو؟ مان ڪيئن ٿـُـڪ اڇلائي ۽ اها ڪٿي مون ڦٽي ڪئي؟ اِهڙيءَ ريت اوهان هڪ ڏوهيءَ جي لاءِ ڏکيائي پيدا ڪري، سندس توجهه، ڪين جهڙن مسئلن ڏانهن موڙي ڇڏيندا. اُن بعد اوچتو اوهان اُن کان منجهائيندڙ سوال شروع ڪري ڏيندا، ته تو ڪنهن کي قتل ڪيو؟ تو ڪنهن کي ڦـُـريو؟ ها، ها، اِهوئي اوهان جو باقاعده طريقو آهي؟ اِنهيءَ ۾ ته اوهان جي سڄي مڪاري سمائجي ٿي وڃي. اوهان ڳوٺاڻن جي نگرانيءَ کي ته پري ڪري سگهو ٿا، جيتوڻيڪ مون کي نه. مان اِهي سڀيئي حيلا ڄاڻان ٿو. مان پاڻ ملازمت ۾ رهيو آهيان. ها، ها، ها! شريف انسانو! اوهان ناراض ته نه آهيو؟ منهنجي گستاخيءَ کي معاف ڪريو.“ هو نيڪ نيتيءَ سان کين ڏسندو رهيو، جو نهايت حيرت ۾ وجهندڙ منظر هو. ”اوهان کي خبر آهي، ته هيءُ رڳو مـِـتيا ڪرامازوف، آهي، اُنڪري سندس غلطين کان درگذر ڪيو. هڪ سمجهه واري ماڻهوءَ جي لاءِ، جيتوڻيڪ هيءُ معاف ڪرڻ جي لائق نه آهي، پر اوهان مـِـتيا جي حالت ۾ کيس معاف ڪريو. ها، ها!“
نڪولائي پارفينووچ، کيس ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کليو. جيتوڻيڪ جاچ ڪندڙ عملدار نه کـِـليو. هـُـن پنهنجون اکيون وڏي غور سان مـِـتيا ۾ کپائي ڇڏيون، ڄڻ ته انتظار ۾ هو، ته هو سندس ڪنهن به جملي کي نه وساري ۽ سندس چهري جي ٿوري به هيٺ مٿانهين کان غافل نه رَهي.
”اِهوئي سبب آهي، جو اَسان جي هلت شروع کان وٺي توسان خوشگوار رَهي آهي.“ نڪولائي پارفينوويچ کيس چيو، هـُـو اَڃا به کلي رَهيو هو. ”اسان اِها ڪوشش نه ڪئي آهي، ته توکان پڇون ته صبح سان تون ڪيئن جاڳين ۽ تو ناشتو ڇا جو ڪيو؟ سچ پچ اَسان اُهي سوال پڇيا آهن، جي وڏيءَ ضرورت وارا آهن.“
”مان سمجهان ٿو ۽ مان ڏٺو آهي، جنهن جي ساراهه ڪريان ٿو. مان اَڃا به اوهان جي وڌيڪ تعريف ڪندس، جو اوهان جي هلت مهربانيءَ واري آهي ۽ بي لوث مهربانيءَ واري، جا اوهان جي شاندار دلين جي لائق آهي. اَسان هتي ٽي شريف انسان آهيون ۽ اسان جي وچ ۾ سڀ ڪجهه پڙهيل ۽ تهذيب يافته انسانن وانگر هئڻ کپي، ۽ هڪٻئي ۾ اعتبار جي بنياد تي ٿيڻ کپي. ڇاڪاڻ ته اَسان شاندار پيدائش ۽ عزت رکون ٿا. ڪنهن به حالت ۾، مون کي اِجازت ڏيو، ته مان پنهنجي حياتيءَ جي هر گهڙيءَ ۾ اوهان کي پنهنجو بهترين دوست تصور ڪريان. هن گهڙيءَ ۾ به، جڏهن منهنجي عزت داغدار بڻجي وئي آهي. شريف انسانو! اِهو اوهان جي لاءِ گناهه جو باعث نه ٿيندو، اِيئن نه؟“
”دمتري فيودورپاولووچ، تو اُن جي خلاف، حقيقتون نهايت صاف بيانيءَ سان ٻڌايون آهن.“ نڪولائي پارفينووچ، يقين ڀـَـري آواز ۾ سندس ساراهه ڪندي چيو.
”شريف انسانو، اِهي ڀوائتا سوال ڪافي آهن، جن ۾ فقط فريب آهي.“ مـِـتيا پـُـر شوق لهجي ۾ چيو. هن صورت ۾ اَسان ڪنهن نتيجي تي جلدي نه پهچي سگهنداسون. ڇا مان صحيح نه آهيان؟“
”مان تنهنجي سمجهه ڀري صلاح جي پٺ وٺندس،“ جاچ ڪندڙ عملدار مـِـتيا کي خطاب ڪندي وچ ۾ ڳالهايو، پر ”مان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي سوالن کي بند نه ڪندس. هاڻي هيءُ ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي، ته توکي اُن رقم جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ منهنجو مطلب خاص طرح ٽن هزارن سان آهي.“
”مون کي ڇو ٽن هزارن جي ضرورت هئي ...... هڪ ڳالهه لاءِ، ۽ ٻيو ته ....... ٺيڪ آهي، مون کي قرض اَدا ڪرڻو هو.“
”اِهو قرض ڪنهن جو هو؟“
”شريف انسانو، مان هن جو جواب ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان. مان اِهو جواب ڇو نه ٿو ڏيان؟ اِهو اِنهيءَ لاءِ نه آهي، ته مون کي اُن جي بيان ڪرڻ جي جرئت نه آهي، يا اِنهيءَ مان، مون کي ڪو نقصان پهچندو، پر اُن جي ڪابه اهميت نه آهي ۽ هيءُ معاملو منهنجي زندگيءَ سان واسطو ٿو رکي. مان اِهو نه ٻـُـڌائيندس. هيءُ هڪ اُصول جو معاملو آهي. اِها منهنجي ذاتي زندگي آهي ۽ مان ڪڏهن به نه چاهيندس، ته ڪو منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل ڏئي. هن مقدمي ۾ اوهان جو هي سوال بي فائدي آهي. هي منهنجو ذاتي معاملو آهي. مون کي قرض اَدا ڪرڻو هو. مون کي عزت سان قرض ڏيڻو هو، پر اِهو ڪنهن کي ڏيڻو هو؟ اِهو نه ٻڌائيندس.“
”اسان کي اِجازت ڏي، ته اِهو نقطو درج ڪريون.“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس چيو.
”بيشڪ اوهان هيءُ نقطو لکو، ته مان ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهيان. اِهو منهنجي
بي عزتيءَ جو باعث آهي ۽ مان اِيئن ئي خيال ڪريان ٿو. توهان هيءُ ڀلي لکو ۽ پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو.“
”مون کي اِجازت ڏي سائين، ته مان توکي خبردار ڪريان ۽ توکي هڪ ڀيرو وڌيڪ يادگيري ڏياريان، متان تون اُن کان خبردار نه هجين،“ جاچ ڪندڙ عملدار هڪ خاص اَنداز ۽ سخت لـَـهجي ۾ کيس چيو، ته ”توکي هرڪو حق حاصل آهي، ته تون اُن سوال جو، جو هاڻي توکي ڪيو ويو آهي، جواب نه ڏئين ۽ اَسان کي ڪوبه حق نه ٿو پهچي، ته توکي اُن جواب لاءِ مجبور ڪريون، جنهن کي تون ڪنهن سبب جي ڪري ٻڌائڻ نه ٿو گهرين. اِهو مڪمل طرح تنهنجي فيصلي تي منحصر آهي ۽ اِهو تنهنجو ذاتي معاملو آهي، پر هيءُ اَسان جو فرض آهي، ته اِهڙن مقدمن جي حالت ۾ اَسان توکي ٻڌايون، ته اِيئن ڪندي، ڪهڙي درجي جو زخم پاڻ کي پهچائي رهيو آهين؟ مان هاڻي توکي عرض ڪندس، ته پنهنجي سلسلي کي جاري رک.“
شريف انسانو! مان ڪاوڙ ۾ نه آهيان ..... مان ......“ مـِـتيا ترديد ڪرڻ واري لهجي ۾ چيو. ”ها شريف انسانو، مان اِنهيءَ ڪري سافسوف ڏي ويو هيس.“
هتي اُن ڪهاڻيءَ کي وري دهرائڻ جي ضرورت نه آهي، جا اڳ ۾ ئي پڙهندڙن کي ٻڌائي وئي آهي. مـِـتيا بي صبريءَ سان منتظر هو، ته جيئن هو ڪابه حقيقت ترڪ نه ڪري ۽ سڀ تفصيل سان ٻڌائي. اُن وقت هـُـو تڪڙ ۾ به هو، ته سڄي ڪهاڻي جلدي پوري ڪري. جيئن جيئن هو پنهنجو بيان ڏيندو ٿي ويو، هـُـو لکندا ٿي ويا. اُن ڪري هـُـو کيس مٿي ڇڪيندا ٿي ويا. جيتوڻيڪ مـِـتيا کي هيءَ ڳالهه ناپسند هئي، مگر هو بجاآوري ڪندو ٿي رهيو. هـُـو ڪاوڙ ۾ به آيو ٿي، پر سندس روش وڻندڙ هئي. هـُـن اُن جو مظاهرو به ڪيو ۽ کين وقت بوقت چوندو رَهيو، ته ”هيءُ ملائڪ لاءِ به ڪافي آهي، ته بي صبر بڻجي وڃي.“ يا کين چيائين ٿي، ته ”شريف انسانو! هيءُ اوهان جي لاءِ چڱو نه آهي، جو اوهان مون کي جوش ۾ ٿا آڻيو.“
جيتوڻيڪ هـُـو بيزاريءَ جهڙي گفتگو ڪري رهيو هو، پر پنهنجي روش کي قائم رکڻ لاءِ پاڻ کي پوريءَ ريت سنڀالي رهيو هو. هـُـو کين ٻڌائندو رهيو، ته ڪيئن سافسوف ٻه ڏينهن کيس بيوقوف بڻائي رکيو هو. (هـُـو هاڻي مڪمل طرح سمجهي ويو هو، ته کيس بيوقوف بڻايو ويو هو.) واچ جي وڪري مان ڇهه روبل جي کيس پنهنجي مسافريءَ لاءِ حاصل ٿيا هئا، اُها ڳالهه وڪيلن جي لاءِ هڪ نئين ڳالهه ٿي پئي. هـُـو هڪدم منجهس دلچسپي وٺڻ لڳا. توڙي جو هن حقيقت کان مـِـتيا جي سخت توهين هئي، پر هنن هن کي لکڻ گهريو، ته هيءَ ثانوي يقيني حالت هئي، جنهن اِهڙا اسباب پيدا ڪيا هئا، جو اُن وقت مشڪل سان هن جي کيسي ۾ ڪا ڪچي ڪوڏي به رهي هوندي. مـِـتيا هوريان هوريان مضبوط ٿيندو ويو. تنهن کان پوءِ، هن لياگاوي جي ملاقات جو ذڪر ڪيو، ۽ ٻڌايائين ته هـُـن ڪيئن نه، اُها رات تنگ ۽ تاريڪ جهوپڙيءَ ۾ گذاري هئي، ۽ ڪهڙي ريت هـُـو وري شهر ڏي موٽي آيو هو! هاڻي هـُـن ڪنهن خاص حالت جي بغير ٻڌائڻ شروع ڪيو، ته گروشينڪا جي رقابت جي باعث کيس ڪهڙي ڪهڙي عذاب کان گذرڻو پيو هو؟
کيس خاموشي ۽ ڌيان سان ٻـُـڌو ٿي ويو. هنن کانئس هيءَ حقيقت خاص طور تي پڇي، ته هـُـو ڪهڙن سببن جي ڪري ماريا ڪانڊريٽووينيا جي گهر ۾ تاڙ جي لاءِ وڃي لڪيو هو، جو گهر، فيودورپاولووچ جي باغ جي پويان هو ۽ اُتي هن گروشينڪا جي لاءِ ڪهڙي نظرداري ڪئي ۽ سميرڊياڪوف کان کيس ڪهڙو اطلاع مليو؟ هنن، هن حقيقت تي خاص ڌيان ڏنو ۽ اُن کي لکي ڇڏيائون. هن پنهنجي رقابت کي گرم جوشيءَ سان ٻڌايو ۽ نهايت ڊيگهه سان. جيتوڻيڪ هـُـو اِيئن ڪندي پنهنجي اندروني جذبات جي باعث شرمسار به پئي ٿيو. اِيئن کڻي چئجي، ته هـُـو پنهنجي ’عام بدناميءَ‘ هوندي به سچ ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي ظاهر ظهور شرمساريءَ تي قابض ٿي چڪو هو. پر تيز ۽ تـُـز سختيءَ، جنهن کان، جاچ ڪندڙ عملدار ۽ وڪيل ڪم وٺي رَهيا هئا. اُن مٿس اثر وڌڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هـُـو پنهنجي آکاڻي ٻڌائيندو رهيو، مٿس هن روش خاطرخواه اَثر ڪيو.
”هيءُ ڇوڪرو نڪولائي پارفينووچ، جنهن سان مان ٿورا ڏينهن اڳ عورتن جي بابت بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪندو هوس ۽ هيءَ بيمار جاچ ڪندڙ آفيسر، هن جي لائق آهن ئي نه، جو هنن سان هي ڳالهيون ڪيون وڃن.“ هن ماتم زده حالت ۾ هيءُ خيال ڪيو. هيءَ وڏي بدنامي آهي. ”صبر ڪري ۽ نماڻو ٿي، پنهنجي دل جي جميعت کي نه وڃاءِ.“ هن پنهنجي خيالن کي مٿئين سٽ جي روشنيءَ ۾ جلد ئي ختم ڪري ڇڏيو. هن وري پنهنجي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌايو. جڏهن هـُـو بيگم هائلڪوف سان پنهنجي ملاقات جي ڳالهه ڪرڻ لڳو، تڏهن سندس روح وري جمعيت ۾ اَچي ويو ۽ هن هيءَ ظريفاڻي ڪهاڻي ٻڌائڻ گهري، جنهن جو هن مقدمي سان ڪوبه واسطو نه هو. پر جاچ ڪندڙ عملدار کيس روڪيو ۽ چيائينس، ته هـُـن کي ڇڏي، ڪن ضروري ۽ مکيه حقيقتن ڏي اَچي. آخر جڏهن هـُـو پنهنجي نااُميديءَ جي حقيقت کي دهرائڻ لڳو ۽ ٻڌايائين، ته جڏهن هن بيگم هائلڪوف کي ڇڏيو، تڏهن هن سوچيو، ته هو ڪنهن کي قتل ڪري، ٽي هزار روبل حاصل ڪري سگهي ٿو. مـِـتيا کين هن حقيقت لکڻ کان نه روڪيو. آخر هـُـو ڪهاڻيءَ جي اُن نقطي تي اَچي ويو، جڏهن گروشينڪا کيس جـَـلُ ڏئي سافسوف جي گهر کان نڪري آئي، جتي هن کيس ٻڌايو هو، ته هوءَ اَڌ رات تائين اُتي رهندي.
”شريف انسانو، مان اُن وقت فينا کي قتل نه ڪيو، اُن جو سبب فقط هيءُ هيو، جو مون کي وقت نه هو.“ هـُـو يڪايڪ هن نقطي تي پهچي، سڄي ڳالهه کي ٽوڙي ويهي رهيو. هيءَ حقيقت به نهايت خبرداريءَ سان لکي وئي. مـِـتيا اُن لاءِ اُداس اُداس ترسيو ۽ وري ٻڌايائين، ته هـُـو ڪيئن پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن ڊوڙيو. اُن وقت جاچ ڪندڙ عملدار کيس اوچتو روڪيو ۽ پنهنجو وڏو پورٽ فوليو کوليائين، جو سندس ڀرسان صوفي تي پيو هو. هـُـن اُن مان ٽامي جو دستو ڪڍيو.
”تون هن شيءِ کي سڃاڻين ٿو؟“ مـِـتيا کي ڏيکاري کانئس پڇيائين.
”اڙي،“ هـُـو اَداسيءَ مان کليو. ”بيشڪ مان هن کي سڃاڻان ٿو. مون کي هن تي نگاهه وجهڻ ڏيو ..... کڏ ۾ وجهوس، هن جو خيال نه ڪريو.“
”توکان هيءُ ٻڌائڻ وسري ويو هو.“ جاچ ڪندڙ وڪيل کيس چيو.
”هنن سڀني کي کڏ ۾ وجهو. مون کي اِها حقيقت لڪائڻ نه کپندي هئي. توهان خيال ڪري سگهو ٿا، ته مان هن کانسواءِ ڪجهه ڪـَـري به ٿي سگهيس؟ هيءُ ڳالهه منهنجي يادگيريءَ کان لـَـهي وئي هئي.“
”مهرباني ڪري اَسان کي ٻڌاءِ، ته تون هن سان ڪيئن هٿياربند ٿئين؟“
”يقين سان مان نيڪ بڻجي اوهان کي ٻڌائيندس، شريف انسانو.“
اُن کان پوءِ مـِـتيا کين ٻڌايو، ته هـُـو ڪيئن اِهو دستو کڻي اُتان ڊوڙيو.
”پر اِهڙي هٿيار کي ساڻ کڻي، تنهنجو اِرادو ڪهڙو هو؟“
”ڪهڙو ارادو؟ ڪوبه مطلب ڪونه هو، مان هن کي هٿ ۾ کڻي، اِيئن ئي ڊوڙيو هوس.“
”جڏهن تنهنجو ڪوبه مطلب نه هو، ته هن کي ڇا جي لاءِ کنيو هـِـئي؟“
مـِـتيا، جو ڪاوڙ جهڙي، شعلي وانگر بڻجي ويو. هـُـن ڄاڻي واڻي ”ڇوڪري“ ڏي نهاريو. نفرت ۽ اُداسيءَ مان مشڪيو. هـُـو گهڻي کان گهڻو شرمسار ٿيڻ لڳو، ته هن، اِنهن ماڻهن کي پنهنجيءَ رقابت جي ڪهاڻي، ايتري صداقت ۽ وضاحت سان ڇو ٻـُـڌائي هئي؟ هن اوچتو زور سان چيو ته: ”دستي جي گمراهي کي ڇڏيو.“
”پر اَڃا به ......“
”هن ڪـُـتن کي پري رکڻ لاءِ ..... اُن وقت اونداهي هئي .... خوف پئي ٿيو، ته هـُـو هليا نه اَچن.“
پر اڳي به ڪن موقعن تي، تو اِهڙو هٿيار کنيو هو، ڇاڪاڻ ته تون اونداهيءَ کان خوف کائيندڙ آهين؟
”اف! شريف انسانو، هنن سڀني ڳالهين کي کڏ ۾ وجهو. هاڻي اوهان سان ڪابه گفتگو نه ٿيندي. مـِـتيا برداشت کان ٻاهر هليو ويو ۽ رڙ ڪري چيائين. هـُـو ڪاوڙ کان ٻاهر ٿي ويو، ۽ سندس رنگ گلابي بڻجي ويو. تڪڙ ۽ جوش مان سيڪريٽري کي چيائين ته:
”هڪدم لک ...... ته مان دستو اِنهيءَ لاءِ کنيو هو، ته پنهنجي پيءُ کي وڃي قتل ڪريان ...... فيودورپاولووچ کي ...... هن سان سندس مٿي ۾ ڌڪ هڻان ... ٺيڪ آهي. هاڻي ته اوهان راضي ٿيا؟ توهان جون دليون هن فڪر کان آزاد ٿيون؟“ هـُـو مخالف وڪيلن ڏي نهارڻ لڳو.
”اَسان چڱيءَ ريت سمجهون ٿا، ته هاڻي تو، جو بيان ڏنو آهي، اُهو غم ۽ ڪاوڙ کان ڏنو آهي. توکان جو سوال ڪيو ويو آهي، اُهو تڪليف ڏيندڙ آهي. جيتوڻيڪ هي سوال حقيقت ۾ ضروري آهن.“ جاچ ڪندڙ عملدار، کيس خشڪ آواز ۾ جواب ڏنو.
”ٺيڪ آهي، شريف انسانو، مان دستو کنيو..... اِهڙي وقت ۾، ڪو اِهڙيون شيون ڇو کڻندو آهي؟ مون کي خبر نه آهي، ته مون اِيئن ڇو ڪيو؟ مان اُن کي کنيو ۽ ڊوڙيس - اِهائي ڳالهه آهي. شريف انسانو، منهنجي لاءِ تحمل اختيارڪريو،نه ته ٻـِـي حالت ۾ مان اوهان کي ڪجهه به نه ٻڌائيندس!“
هـُـو ويهي رهيو ۽ ٺونٺ ميز تي رکيائين ۽ پنهنجو مٿو، هٿن ۾ جهليائين. هـُـو سندن پاسي ۾ ويهي رهيو ۽ ڀت ڏانهن نهارڻ لڳو. هـُـو ڄڻ ته اُلٽيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو. حقيقت ۾ کيس هڪ خطرناڪ موڙ اَچي ويو هو، ۽ هن چاهيو ٿي، ته کين اُٿي ٻڌائي، ته هـُـو هڪ لفظ به هاڻي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. جيتوڻيڪ کيس ڇو نه ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي.
”شريف انسانو!“ هن وڏيءَ مشڪل سان پاڻ تي ضابطو ڪندي چيو. ”اوهان ڏسو ٿا، ته مان اوهان کي ڌيان ڏئي ٻڌان ٿو ۽ مان هڪ خواب کان پريشان آهيان ..... هيءُ اُهو خواب آهي، جو مان اَڪثر ڏسندو آهيان - اِهو گهڻو ڪري ساڳيو ئي هوندو آهي ......مون کي نظر ايندو آهي، ته ڪو مون کي پريشان ڪري ڊيڄاري رهيو آهي .... مان اُن کان بيحد خوفزده هوندو آهيان ..... اِنهيءَ لاءِ ته هـُـو مون کي گگهه اوندهه ۾، رات جو ڊيڄاري رهيو آهي .... هـُـو منهنجي پويان هوندو آهي، ۽ مان اُن کان ڪٿي پاڻ کي لڪائيندو آهيان . ڪڏهن دروازي جي پويان، ڪڏهن الماريءَ جي پويان. ڏاڍي بي عزتيءَ جي حالت ۾ پاڻ کي لڪائيندو آهيان. سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ هوندي آهي، ته کيس اِها خبر هوندي آهي، ته مان ڪٿي لڪل آهيان، پـُـر هو اِهڙو نمونو اختيار ڪندو آهي، جو ڄڻ ته کيس ڪابه خبر نه آهي. اُن عذاب ۽ پنهنجي خوف مان مزي وٺڻ لاءِ .....هاڻي ڏسان ٿو، ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو، هيءُ سڀ اُن خواب وانگر پيو نظر اَچي.“
”ڇا، اِهڙي ئي قسم جي خواب کي تون ڏسندو آهين؟“ جاچ ڪندڙ عملدار کانئس پڇيو.
”هن جي لکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، پر هيءَ ٻڌڻ جهڙي ڳالهه آهي، ته تون اِهڙا عجيب خواب ڏسندو آهين؟“
”هائو اِيئن برابر آهي، پر توهان کي اُن جي لکڻ جي ڪا ضرورت ڪانه آهي،“ مـِـتيا جي چهري تي مشڪڻ ظاهر ٿيو. ”شريف انسانو، هاڻي، ته خواب جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، هيءَ ته صداقت ڀري حقيقت آهي. هيءَ حقيقي زندگي آهي! مان هڪ هرڻ آهيان ۽ اوهان شڪاري. ٺيڪ آهي، مون کي پنهنجو شڪار بڻائي ڇڏيو.“
”تون غلط آهين، جو اِهڙي ڀيٽ ڪري رهيو آهين. نڪولائي پارفينووچ پنهنجي پڇا کي آهستگيءَ ۽ غير معمولي نرمائيءَ سان شروع ڪري ڏني.“
”نه، مان غلط نه آهيان، ۽ ڪڏهن به غلط نه هوندس.“ مـِـتيا وري جوش ۾ اَچي ويو. جيتوڻيڪ سندس ڪاوڙ، سندس دل کي ظاهر ظهور ڇوٽڪارو ڏنو هو. هـُـو هرهڪ لفظ تي مذاق ڪندو ٿي ويو. ”توهان هڪ ڏوهيءَ يا مقدمي ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ کي، پنهنجي سوالن سان عذاب ڏيو ٿا، پر هڪ خوددار انسان ۽ عزت ڀرئي دل جي لاهه چاڙهه سان، (مان همٿ سان چوان ٿو) نه - توهان کي ويساهه رکڻ گهرجي، ته توهان کي سچ پچ ڪوبه حق نه آهي .... پر-
”دل خاموش ٿي، بردبار ۽ نيازڪش ٿيءُ، تون پنهنجي تسلي کي قابو رک.“
خير، مان اڳتي وڌان؟“ هن اُداسائيءَ سان چيو.
نڪولائي پارفينووچ کيس جواب ڏنو ته: ”جيڪڏهن تون مهرباني ڪرڻ چاهين.“

باب پنجون: ٽئين سخت آزمائش

مـِـتيا خيال ڪندو، دل جي درد مان ڳالهائيندو ويو. هيءُ ظاهر ٿي ڏٺو، ته هـُـو گهڻي کان گهڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ته جيئن سندس ڪهاڻيءَ جي تفصيل مان کانئس ڪابه ڳالهه وسري يا رهجي نه وڃي. هن کين ٻڌايو، ته هـُـو ڪهڙيءَ ريت پيءُ جي باغ واري لوڙهي کان ٽپيو هو. ڪهڙي ريت هو دريءَ وٽ پهتو هو. اُن کانپوءِ کين اُهو سڀ ڪجهه ٻڌايان، جو اُن دريءَ وٽ ٿي گذريو هو. وضاحت سان، آهستگيءَ سان ۽ تحقيق سان، هن پنهنجي جذبات کي ٻڌايو، جي کيس اُن وقت تڪليف ڏئي رهيا هئا. باغ ۾ اُنهن گهڙين کيس ڪيترو نه پريشان رکيو هو، جڏهن هن خطرناڪ طريقي سان ڄاڻڻ ٿي گهريو، ته گروشينڪا سندس پيءُ وٽ آهي يا نه؟ پر هيءَ عجيب ڳالهه هئي، جو هاڻي ٻئي وڪيل کيس خوفزده حالت ۾ خاموش ٻـُـڌي رهيا هئا ۽
سرد مهريءَ مان کيس نهاري رهيا هئا ۽ هنن کانئس ڪي ٿورا سوال پڇيا. مـِـتيا سندن چهرن مان ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهيو.
”هـُـو شايد ڪاوڙ ۾ پنهنجي بي عزتيءَ جي خيال ۾ آهن،“ مـِـتيا سوچيو. ”ڀلي هو اِنهيءَ حالت ۾ هجن.“
جڏهن هـُـن ٻڌائڻ شروع ڪيو، ته آخر هـُـن فيصلو ڪيو، ته گروشينڪا جي اَچڻ واري ’نشاني‘ کي استعمال ڪري، ته سندس پيءُ کي خبر پوي، ته گروشينڪا اَچي وئي آهي، ۽ هـُـو دريءَ کي کولي. تڏهن وڪيلن سندس لفظ ’نشاني‘ ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. ڄڻ، ته هـُـو پوريءَ ريت اُن لفظ جي معنيٰ سمجهڻ ۾ ناڪام بڻجي ويا هئا. هـُـو اِهڙيءَ ريت اُن لفظ جي سمجهڻ کان قاصر ٿي ڏٺا، جو مـِـتيا اُن کي پـَـرکي ورتو. آخر هـُـو اُن گهڙيءَ جي ذڪر تي آيو، جڏهن سندس پيءُ دريءَ مان ليئا پائي رهيو هو. سندس نفرت جوش کائي اُٿي هئي ۽ هن دستي کي ڇڪيو. مگر اوچتو ئي اوچتو ڪنهن خيال کان هـُـو رڪجي ويو. هـُـو ڀت کي ويهي ڏسندو رهيو ۽ هـُـو هن کان خبردار هو، ته سندس پيءُ جون اکيون مٿانئس کتل هيون.
”صحيح“ . جاچ ڪندڙ عملدار چيو. ”تو هٿيار کي ڇڪي ورتو هو،..... پوءِ ڇا ٿيو؟“
”پوءِ مان کيس قتل ڪيو ..... اُن کي مٿي تي ڌڪ هنيم ۽ سندس مغز ڦاٽي پيو ..... ها، اوهان جي اِهائي ڪهاڻي هوندي. اِهائي!“
سندس اکين ۾ اوچتو چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ سندس آواز ۾ آيل ڪاوڙ، اوچتو جاڳي پئي، جنهن ۾ روح جي غير معمولي بغاوت شامل هئي.
”اسان جي ڪهاڻي،“ نڪولائي پارفينووچ وري دهرايو. ”ٺيڪ آهي ۽ تنهنجي؟“
مـِـتيا پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون ۽ ڪيترو وقت خاموش ٿي ويو.
”شريف انسانو! منهنجي ڪهاڻي؟ ٺيڪ آهي، اُها هن ريت آهي.“ هن نرمائيءَ سان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”شايد هي ڪنهن جا ڳوڙها هئا يا منهنجي ماءُ جون دعائون يا ڪنهن نيڪ فرشتي مون کي اُن وقت چميو هو، مان نه ٿو ڄاڻان، پر اُن وقت شيطان تي فتح حاصل ٿي چـُـڪي هئي. مان دريءَ کان ڊوڙيس ۽ لوڙهي ڏي ڀڳس. منهنجي پيءُ تي خوف طاري ٿيل هو، هن پهريون ڀيرو مون کي ڏٺو هو، رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ دريءَ کان ٽپو ڏئي، پوئتي هـَـٽي ويو. مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي، ته مان باغ جي آرپار ٿي لوڙهي ڏانهن ڊوڙيس ..... اُن گريگري مون کي جهليو، مان اُن وقت لوڙهي تي ويهي چڪو هوس.“
هن وقت، هن پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ ڌيان سان ٻـُـڌي رهيا آهن. مـِـتيا جي روح تي ڪاوڙ جي دوري، نفرت جي حالت پيدا ڪئي.
”شريف انسانو، هن گهڙيءَ ۾ اوهان مون تي ڇو کلي رهيا آهيو.“ هـُـو اوچتو بگڙي ويو.
”تون ڪيئن ٿو اِيئن خيال ڪرين؟“ نڪولائي پارفينووچ کيس چيو.
توهان منهنجي ڪنهن به لفظ کي معتبر نه ٿا سمجهو، تڏهن اِيئن ٿئي ٿو. مان بنا شڪ سمجهان ٿو، ته مان هاڻي نهايت خطرناڪ نقطي تي اَچي ويو آهيان. پوڙهي جو مٿو ڀڳل آهي ۽ هـُـو اُتي پيو آهي ۽ مان ڊرامائي انداز ۾ ٻڌائي رهيو آهيان، ته مان هن کي ڪيئن قتل ڪرڻ ٿي گهريو ۽ مان ڪيـئن دستي کي ڇڪي ورتو هو - مان ڪيئن اوچتو دريءَ کان ڀڄي ويس. هڪ رومانُ آهي ۽ هڪ شعر آهي! ڄڻ ته ڪو، ڪنهن جي لفظ تي اعتبار به ڪري سگهي ٿو. ها، ها! شريف انسانو اوهان طعني باز آهيو.“
هـُـو اُن وقت ڪرسيءَ تي اِيئن ڦرڻ لڳو، جو منجهانئس چـَـرچـَـر جا آواز اَچڻ لڳا.
جاچ ڪندڙ عملدار کيس اوچتو چيو، ته ”تون ڏسين ٿو،“ هن ڄڻ ته مـِـتيا جي جوش کي خيال ۾ ئي نه ورتو هو، ”پر تو هيءُ ڏٺو هو، ته باغ جو دروازو کليل هو؟“
”نه اُهو کليل نه هو.“
”اٰهو کليل نه هو؟“
اُهو بند هو، پر اُن کي کولي ڪير ها؟ کڏ ۾ وجهو دروازي کي. ٿورو ترسو. هـُـو پاڻ اوچتو گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو. ڄڻ ته کانئس ڇـِـرڪ نڪري ويو.
”ڇا اوهان دروازي کي کليل ڏٺو هو؟“
”هائو اُهو کليل هو“ .
”پوءِ دروازو ڪير کوليندو؟ جيڪڏهن اوهان اُن کي نه کوليو آهي، ته“ مـِـتيا سخت حيرت مان واڪو ڪري چيو.
”در سچ پچ کليل هو ۽ تنهنجي پيءُ جو قاتل، اُن مان ئي اندر ويو هوندو.گناهه جي تڪميل ڪرڻ کانپوءِ، اِنهيءَ ئي دروازي مان نڪري ويو هوندو.“ جاچ ڪندڙ عملدار ڄاڻي واڻي هن حقيقت کي ظاهر ڪيو. ڄڻ ته سندس هرهڪ لفظ مـِـتيا جي قلب ۾ تير ۽ نشتر هڻي رهيو هو. ”هيءُ ته صاف ظاهر آهي، ته خون ڪمري ۾ ٿيو آهي ۽ نه دريءَ جي رستي. جيئن تلاشي ورتي وئي آهي، اُن مان يقين ٿي ويو آهي، اُن کانسواءِ جسم جي جاءِ ۽ ٻين ڳالهين مان اِيئن ئي معلوم ٿيو آهي. اِنهيءَ ڪارڻ ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش نه آهي.
مـِـتيا، بلڪل حيرت زده بڻجي ويو.
آخر هن واڪو ڪري چيو ته ”اِها اَڻ ٿيڻي ڳالهه آهي! مان .... مان اندر نه ويو آهيان. مان اوهان کي پـَـڪ ۽ خاطري ڏيان ٿو، ته دروازو سمورو وقت بند هو، جيستائين مان باغ ۾ هيس. مان فقط دريءَ وٽ بيٺو هوس ۽ دريءَ مان ئي کيس ڏٺو هوم. بس .... بس اِهائي ڳالهه آهي. مون کي هرهڪ شيءِ پوئين منٽ تائين به ياد آهي، پر جيڪڏهن مون کي ياد نه به هجي، ته ڳالهه اِهائي آهي. مان ئي ڄاڻان ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪوبه اِهي نشانيون ڄاڻي نه ٿو سگهي، پر مان، سميرڊياڪوف ۽ مقتول، اُن نشانيءَ کانسواءِ، دنيا جي ٻئي ڪنهن به ماڻهو لاءِ هـُـو دروازو نه کولي ها.“
”نشانيون، ڪهڙيون نشانيون؟“ جاچ ڪندڙ عملدار جنوني حالت ۾ عجب مان هٻڇ سان چيو. هن وٽ اُن وقت پنهنجي مرتبي ۽ خودداريءَ جو ڪوبه نشان نه رهيو هو. منجهس شوق ۽ نرمي اَچي وئي هئي. کيس هڪ مکيه حقيقت جي بوءِ اَچڻ لڳي، جنهن بابت کيس اڳ ڪابه خبر نه هئي. کيس خوف پئي ٿيو، ته متان مـِـتيا شايد راز نه کولي!
”سو توکي اُنهن جي خبر نه آهي؟“ مـِـتيا توهين آميز مذاق سان کيس اک هڻي مشڪيو. ”ڇا ٿئي جيڪڏهن مان توکي اِهو نه ٻڌايان؟ توهان کي ٻئي هنڌان ڪٿان به هيءَ معلومات ملي نه سگهندي، ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف، منهنجي پيءُ ۽ مون کان سواءِ، اِنهن نشانين جي ٻئي ڪنهن کي به خبر نه آهي. خدا کي اُن جي خبر آهي، پر هـُـو اوهان کي نه ٻـُـڌائيندو، پر اِها دلچسپي جهڙي حقيقت آهي. ڪنهن کي به خبر نه آهي، ته اوهان اُن تي ڪهڙي تعميل ڪندا. ها، ها، شريف انسانو، اوهان تسلي رکو، اوهان کي سڄي حقيقت ٻڌائيندس. اوهان جي دلين ۾ ڪو ٻيو بيوقوفيءَ جو خيال آهي. توهان کي خبر نه آهي، ته هن ماڻهوءَ سان ڪيئن هلڻ گهرجي! اوهان کي ته هڪ قيديءَ کان خود اُن جي خلاف ثابتي وٺڻي آهي، جنهن ۾ سندس ئي نقصان آهي. ها مان عزت وارو انسان آهيان ۽ اوهان نه.“
جاچ ڪندڙ عملدار بنا ڪنهن ڀڻ ڀڻ جي اهو سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ويو. هـُـو
بي صبريءَ مان، نئين حقيقت کي ٻڌڻ لاءِ ڏڪي رهيو هو. هوريان هوريان وضاحت سان مـِـتيا نشانين بابت کين سڀ ڪجهه ٻڌايو، جي فيودورپاولوچ، سميرڊياڪوف لاءِ ايجاد ڪيون هيون. هن کين پوريءَ طرح ٻڌايو، ته دريءَ تي ڪيترن ڌڪن هڻڻ سان ڪهڙو ٿي مطلب نڪتو؟ هن ميز تي ڌڪ هڻي ڏيکاريا. جڏهن نڪولائي پارفينووچ کانئس پڇيو، ته فرض ڪجي، ته هن جڏهن هيءَ نشاني ڏني، ته گروشينڪا آئي آهي تڏهن واقعي سندس پيءُ اِيئن سمجهيو هو، ته گروشينڪا آئي آهي.
”هاڻي جيئن وڻي، تيئن اوهان پنهنجي مناري کي بڻايو.“ مـِـتيا کين چيو ۽ وري عزت واري نموني کانئن پري ٿي ويو.
ها، تڏهن اِهي نشانيون تنهنجي پيءُ، اُن جي نوڪر ۽ توکان سواءِ ٻيو ڪوبه نه ٿو ڄاڻي؟ ٻيو ڪوبه نه؟ نڪولائي پارفينووچ، هڪ ڀيرو وڌيڪ کانئس پـَـڪَ ڪرڻ گهري.
”هائو سميرڊياڪوف ۽ خدا. خدا لاءِ به لکي ڇڏيو. اِهو به شايد اوهان کي ڪم اَچي وڃي. اُن کانسواءِ خدا جي اوهان کي ضرورت به آهي.“
واقعي هنن اڳ ۾ لکڻ شروع ڪري ڏنو هو، پر جڏهن هـُـو لکي رهيا هئا، تڏهن جاچ ڪندڙ عملدار اوچتو ڪجهه چوڻ لڳو، ڄڻ ته هـُـو ڪنهن نئين خيال کي قائم ڪري رهيو هو.
”پر جيڪڏهن سميرڊياڪوف به اِهي نشانيون ڄاڻي ٿو ۽ تون پيءُ جي قتل کان قطعي انڪاري آهين، ته اِيئن ٿي نه ٿو سگهي، ته هن قبول ڪيل نشانين کي کڙڪايو هجي ۽ تنهنجي پيءُ کي لالچايو هجي، ته دروازو کولي ۽ اُن کان پوءِ ..... ڏوهه ڪيائين.“
مـِـتيا اُن تي مڪمل ريت طعني ڀري نگاهه وڌي، جنهن مان پوري نفرت ظاهر پئي ٿي. سندس خاموش نگاهون ايتريون، ته ڊگهيون ٿي ويون هيون، جو جاچ ڪندڙ عملدار اکيون ڇنڀڻ لڳو.
مـِـتيا تشريح ڪندي جواب ڏنو، ته ”اوهان گدڙ کي وري ڦاسايو آهي. توهان مرونءَ کي پڇ کان ورتو آهي. ها، ها، جاچ ڪندڙ عملدار، مان ته اِيئن ئي ٿو ڏسان. توهان اِيئن خيال ڪيو آهي، ته مان اُن تي ٽپو ڏيندس ۽ توهان جي اشاري تي اُن کي ڦاسائيندس ۽ پنهنجي پوري زور سان واڪا ڪري چوندس، ته سميرڊياڪوف قاتل آهي. توهان قبوليت ڏيو، ته اوهان جي دل ۾ اِهي خيال آهن يا نه؟ قبوليت ڏيو، ته مان اڳتي وڌان!“
پر جاچ ڪندڙ عملدار ڪابه قبوليت نه ڏني. هن پنهنجي زبان کي روڪي ورتو ۽ ترسيو.
”توهان غلط آهيو، مان اِيئن ڪڏهن به واڪا نه ڪندس، ته سميرڊياڪوف قاتل آهي.“ مـِـتيا چيو.
”تون اُن ۾ فقط شڪ به نه ٿو آڻين؟“
”ڇو، اوهان منجهس شڪ آڻيو ٿا؟“
”هـُـن ۾ پڻ شڪ آڻي ٿو سگهجي.“
مـِـتيا پنهنجي نگاهن کي زمين ۾ کپائي ڇڏيو.
”مذاق کي ٻاهر رکو.“ اُداسائيءَ مان چيو، ”ٻـُـڌو، شروع کان ئي، بلڪل اُن گهڙيءَ کان، جڏهن مان اوهان کان ڊوڙي پردي جي پويان ويو هوس، مون کي سميرڊياڪوف جو خيال، دل ۾ موجود هو. مان هتي ويهي، اِيئن واڪا ڪندو ٿي رَهيس مان معصوم آهيان، ۽ سمورو وقت خيال ڪندو رهيس، ته سميرڊياڪوف! مان سميرڊياڪوف کي ڪو دماغ مان ڪڍي نه سگهيس. مان پڻ هاڻي سميرڊياڪوف لاءِ پئي خيال ڪيو ۽ هڪدم! پر ٿورن سيڪنڊن لاءِ، پر پوءِ مان خيال ڪيو، ته شريف انسانو نه، هيءُ سميرڊياڪوف جو ڪم نه آهي.
”اِهڙيءَ حالت ۾ تون ٻئي ڪنهن ۾ شڪ رکي سگهين ٿو؟“ نڪولائي پارفينووچ خبرداريءَ سان کانئس پڇيو.
”مون کي ڪابه خبر نه آهي، ته ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ اَلائجي هن ۾ خدا جو هٿ آهي يا شيطان جو .....؟ پر سميرڊياڪوف ٿي نه ٿو سگهي.“ مـِـتيا فيصلا ڪـُـن انداز ۾ چيو.
”پر اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جو توکي يقين ۽ وضاحت ڏياري ٿي، ته هيءُ ڏوهي نه آهي؟“
”پنهنجي فيصلي ۽ پنهنجي اَثر کان. ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف سخت بزدل نموني جو ڪردار آهي. هيءُ فقط بزدل نه آهي، پر سڄيءَ دنيا جي بزدليءَ جو نچوڙ آهي، کيس هڪ چـُـوزي جي دل آهي. جڏهن هن مون سان ڳالهايو آهي، هـُـو مون کان ڪنبندو رهندو آهي. کيس خوف هوندو آهي، ته مان کيس قتل نه ڪري وجهان. جيتوڻيڪ مان ڪڏهن به مٿس هٿ نه کنيو آهي. هـُـو منهنجي پيرن تي ڪرندو آهي ۽ ٻت ٻت ڪندو آهي. هـُـو منهنجي هنن بوٽن کي چمي ڏيندو آهي، جنهن جو مطلب آهي، ته مان کيس نه ڊيڄاريان. توهان ٻڌو ٿا نه؟ اِنهيءَ لاءِ ته مان کيس نه ڊيڄاريان. ڪهڙي ڳالهه ڪجي! مان ته کيس پيسا به آڇيا هئا. هـُـو رِين رِين ڪرڻ وارو چوزو آهي - بيمار، مرگهيءَ وارو ۽ ڪمزور دل جو ماڻهو آهي. ايتري قدر جو اَٺن سالن جو ٻار به کيس مار ڏئي سگهي ٿو. وٽس ڪو لڇڻ ئي ڪونهي. جو اُن کي ٻڌايو وڃي. شريف انسانو، سميرڊياڪوف ٿي نه ٿو سگهي. کيس نه پيسي جي پرواهه آهي ۽ نه وري منهنجي سوکڙين کي ڪڏهن قبول ڪيو اَٿس. اُن کانسواءِ پوڙهي ماڻهوءَ جي قتل ڪرڻ مان سندس ڪهڙو مطلب ٿي پورو ٿيو؟ هـُـو ته سندس پٽن وانگر هو .... هن جو جسماني پـُـٽ. توهان کي اُن جي خبر آهي؟“
”اسان اِهو داستان ٻڌو آهي، پر تون پنهنجي پيءُ جو پڻ پـُـٽ به آهين، جا توکي خبر آهي، پر اُن هوندي به تون سڀ کي چوندو ٿو وتين ته تون پنهنجي پيءُ کي قتل ڪندين؟“
”اِهو هڪ دڙڪو پڻ، هڪ بيهودگي ۽ ڪميڻائپ، پر مون کي ڪوبه خوف نه آهي. شريف انسانو، ڇا هيءَ بنيادي حقيقت نه آهي، جا اوهان مون کي منهنجي منهن تي چئو ٿا، ڇاڪاڻ ته اِها حقيقت مان ئي اوهان کي ٻـُـڌائي آهي. مان فقط کيس قتل ڪرڻ نه ٿي گهريو، پر شايد اِيئن ڪريان به ها. اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا! مان اوجهڙ ۾ وڃي، اوهان کي سڀ ڪجهه پاڻ ٻڌايو آهي، ته مان کيس ويجهو، ويجهو قتل ڪرڻ تي پهتو هوس، پر مان کيس قتل نه ڪيو آهي. منهنجي محافظ فرشتي مون کي بچائي ورتو - اِهائي ڳالهه آهي، جنهن کي اوهان پنهنجي جاچ ۾ نه آندو آهي. اِهوئي سبب آهي، جو اوهان وٽ اِها بنيادي حقيقت بڻجي وئي آهي، پر مان ته هن کي قتل نه ڪيو آهي. مان هن کي قتل نه ڪيو آهي، توهان ٻڌو به اَٿا، مان هن کي قتل نه ڪيو آهي.“
هو بيحد پريشان ٿي ويو هو. هـُـو سڄي سوال جواب ۾ ڪڏهن به ايترو غمزده نه ٿيو هو.
”شريف انسانو!“ پر هـُـن اوهان کي ڇا چيو - ”سميرڊياڪوف کان منهنجو مطلب آهي....؟“ ٿوري ويرم رکي، هن وري چيو ته، ”ڇا مان اِهو سوال پڇي سگهان ٿو؟“
”تون ڪوبه سوال پڇي سگهين ٿو.“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس غير معمولي سختيءَ سان چيو. ”ڪوبه سوال جنهن جو مقدمي سان رابطو هجي. اسان ٻڌل آهيون، ته اُن جو جواب ڏيون. اسان سميرڊياڪوف جي ملازم کي، جنهن جي لاءِ تون پڇي رهيو آهين، بستري ۾ بيهوش پيل ڏٺو. جنهن جي مٿان مرگهيءَ جو سخت دورو هو. ٿي سگهي ٿو، ته اِهو دورو مٿس ڏهه ڀيرا پيو هجي. ڊاڪٽر جو اسان سان گڏ هو، اُن کيس ڏسي ٻڌايو، ته ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو رات مشڪل سان جيئرو رَهي سگهي.“
”صحيح، جيڪڏهن اِيئن آهي، ته شيطان ئي کيس قتل ڪيو هوندو.“ مـِـتيا کان اوچتو هيءُ جملو نڪري ويو. ڄڻ ته هـُـو اُن وقت تائين گهريءَ سوچ ۾ هو، ۽ پاڻ کان پڇي رهيو هو ته: ”اِهو سميرڊياڪوف ٿي سگهي ٿو يا نه؟“
”اسان هن ڏي پوءِ اينداسين،“ نڪولائي پارفينووچ، پختگيءَ سان چيو. هاڻي تون جيڪر پنهنجي بيان کي جاري نه رکين؟“
مـِـتيا کين آرام وٺڻ لاءِ چيو. سندس عرض کي نهايت مروت سان قبول ڪيو ويو. آرام وٺڻ کان پوءِ، هن وري پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي، پر هـُـو ڏاڍو غمناڪ هو. هـُـو ٿڪل ۽ اخلاقي طرح زبون هو. حالتن کي خراب ڪرڻ لاءِ جاچ ڪندڙ عملدار کيس غصو ڏياري رهيو هو. ڄڻ ته هيءُ سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي اِهڙين ڳالهين ۽ نقطن جي دخل اندازي ڏيڻ سان ڪيو ٿي ويو. مشڪل سان مـِـتيا هي بيان ڪري رهيو هو، ته ڪهڙي ريت هو لوڙهي تي ويٺو، ڪيئن، گريگريءَ کي مٿي وارو دستو هنيو هئائين ۽ هـُـن کيس ڪيئن کٻي ٽنگ کان جهليو ۽ ڪيئن هـُـو ٽپو ڏيئي، هيٺ کيس ڏسڻ لاءِ لٿو، ته اُن وقت جاچ ڪندڙ عملدار کيس روڪيو ۽ چيائينس ته هـُـو ڏيکاري، ته ڪيئن هـُـو پوريءَ ريت ديوار تي ويٺو هو. مـِـتيا کي عجب لڳو.
”ها، مان اِهڙيءَ ريت ڀت تي ويٺو هوس. هڪ ٽنگ ڀت جي هڪ پاسي هئي، ۽ ٻي، ٻي پاسي.“
” ۽ دستو؟“
”دستو منهنجي هٿ ۾ هو.“
”تنهنجي کيسي ۾، ته نه هو؟ توکي چڱيءَ ريت ياد آهي؟ ڇا اِهو سخت ڌڪ هو، جو تو اُن کي هنيو هو؟“
”اِهو سخت ڌڪ هوندو، پر اوهان سوال ڇو ٿا پڇو؟“
تون اَسان کي ڪرسيءَ تي ويهي ڏيکاريندين، جيئن تون اُن وقت ديوار تي ويٺو هـُـئين؟ اَسان کي اِهو به ڏيکار، ته تو ٻانهن کي ڪيئن تحرڪ ۾ آندو هو، ۽ ڪهڙي طرف ڏئي؟“
”اوهان مون سان مذاق ڪري رهيا آهيو، هائو نه؟“ مـِـتيا گرم ٿي ڳالهائيندڙ ڏانهن ڏٺو، پر هـُـن اُن ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو.
مـِـتيا هڪدم ڦريو، ڪرسيءَ تي لانگ ورائي ويٺو ۽ پنهنجي ٻانهن کي هوا ۾ هلايائين.
”اِهڙيءَ ريت مان کيس ڌڪ هنيو هو، ۽ اِهڙيءَ ريت مان کيس هيٺ ڪيرايو هو! توکي وڌيڪ ٻيو ڇا کپي؟“
”شڪريه، مان هاڻي توکي اڃا تڪليف ڏئي رهيو آهيان، ته مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندين، ته تون هيٺ ڇو لهي وئين، اِيئن ڪرڻ سان تنهنجي ڪهڙي مراد هئي؟“
”کڏ ۾ وجهينس ..... مان هيٺ ٽپو ڏئي اِنهيءَ لاءِ آيو هوس، ته مان اُن ماڻهوءَ کي ڏسان، جنهن کي مون ڌڪ هنيو آهي ..... مون کي خبر نه آهي، ته مون اِيئن ڇو ڪيو!؟“
”تون جيتوڻيڪ جوش ۾ هـُـئين ۽ اُتان ڀڄندو به ٿي وئين؟“
”هائو، جيتوڻيڪ مان جوش ۾ هئس ۽ اُتان ڀڄڻ ٿي گهريم.“
”تو کيس مدد ٿي ڪرڻ گهري؟“
”مدد! ..... هائو، شايد مان کيس مدد ڪرڻ ٿي گهري ..... پر مون کي ياد نه ٿو اَچي.“
”توکي ياد نه ٿو اَچي؟ تڏهن تون پوريءَ ريت نه ٿو ڄاڻين، ته تون ڇا ڪري رهيو آهين؟“
”اِيئن نه آهي، مونکي سڀ ڪجهه ياد آهي - سڀڪو ئي تفصيل. مان ٽپو ڏيئي هيٺ لهي آيس، ته اُن کي ڏسان. مان پنهنجي رومال سان اُن جي منهن کي اُگهيو.“
”اسان تنهنجي رومال کي ڏٺو آهي. توکي اُميد هئي، ته اُن کي تون هوش ۾ آڻي سگهندين؟“
”مان اِهڙيءَ اُميد ٿي رکي، مون کي اُن جي خبر نه آهي. مون کي فقط اِها پـَـڪ ڪرڻي هئي، ته هـُـو جيئرو آهي يا نه؟“
”ها، ته توکي اِها پـَـڪ ڪرڻي هئي. ٺيڪ آهي پوءِ ڇا ٿيو!؟“
”مان ڊاڪٽر نه آهيان، مان ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيس. مان اُتان هيءُ خيال ڪري ڀڳس، ته مان اُن کي ماري ڇڏيو آهي، پر هـُـو هاڻي چڙهي پيو آهي.“
”نهايت خوب!“ جاچ ڪندڙ عملدار تشريح ڪندي چيو. مهربان! مون کي اِهائي حقيقت کپندي هئي. مهرباني ڪري اڳتي وڌو.“
افسوس مـِـتيا جي مغز ۾ اِها ڳالهه نه آئي، ته کين ٻڌائي، جا کيس ياد به هئي ته هـُـو رحم ۽ افسوس جي باعث هيٺ ٽپو ڏئي آيو هو. جڏهن اُن گوشت جي ڍڳ مٿان بيٺو هو، تڏهن سندس زبان کان ڪي لفظ نڪتا هئا، اُهي ڏک ڀريا لفظ هئا، ته ”تون ته ڏک ۾ اَچي وئين پوڙها ماڻهو - مان تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان؟ تون اِتي پيو رهه.“
جاچ ڪندڙ عملدار فقط هڪ نتيجي تي پهتو، ته ماڻهو اِنهيءَ لاءِ ٽپو ڏيئي هيٺ آيو هو، ته اِهڙيءَ گهڙيءَ ۾، ۽ اِهڙي جوش ۾، هـُـن هيءُ ڏسڻ ٿي گهريو، ته قتل جو فقط اِهو شاهد، جيئرو آهي يا مري ويو آهي! اُن وقت هـُـو وڏيءَ طاقت وارو، ٿڌو، فيصلي وارو ۽ وڏي نگاهه وارو هوندو، جيئن اهڙن موقعن تي اَڪثر ٿيندو آهي ....“ جاچ ڪندڙ عملدار کي تسلي ٿي وئي. ”مان هن منجهيل انسان کي، پيچيدگين سان، اِنهيءَ کان گهڻو وڌيڪ چورايو اَٿم، جو کيس چوڻو هو.“
تڪليف ڏيندڙ نوع ۾، مـِـتيا اڳتي وڌيو، پر هن ڀيري جلد ئي نڪولائي پارفينووچ کيس پاڻ ڏانهن ڇـِـڪي ورتو.
تون ڪيئن فيودوسويا مارڪووينا ملازم ڏي ڊوڙندو وئين؟ تنهنجا هٿ رَت سان ڀريل هئا ۽ جيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو تنهنجو منهن به-؟“
”ها، مان اُن وقت رت کي ڏٺو ئي ڪونه هو.“ مـِـتيا جواب ڏنو.
”اِيئن ٿي سگهي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اِيئن ٿيندو آهي.“ جاچ ڪندڙ عملدار ۽ نڪولائي پارفينووچ، نگاهن ۾ ڪجهه، هڪٻئي کي چيو.
”مان اُن کي نه ڏٺو هو. تون بلڪل صحيح آهين، جاچ ڪندڙ عملدار.“ مـِـتيا اوچتو قبوليت ڏني.
هاڻي مـِـتيا، جي اُها حقيقت ٿي آئي، جو هن اوچتي پختي خيال سان، سڀ ڪجهه پـَـري رکي، پنهنجي خوشيءَ لاءِ راهه ٿي گهڙي. پر هـُـن اِهو مناسب نه سمجهيو، ته هـُـو اڳ وانگر سندن اڳيان دل کولي رکي ۽ کين پنهنجي روح جي راڻيءَ لاءِ ٻڌائي. کيس هيءُ ناپسند هو، ته اِهڙين سردمهر طبعيتن جي اڳيان، اُن جي بابت ڳالهائي، جي مـَـکن وانگر کيس ويڙهي ويا هئا، اُنڪري هـُـو سندس سوالن جا جواب مـختصر طرح ڏيندو رَهيو.
”خير مان فيصلو ڪيو هو، ته پنهنجو خاتمو آڻيان. منهنجي جيئڻ جو هاڻي سامان ئي ڪهڙو هو؟ اِهوئي سوال هو، جو مون کي منهن ۾ ٿي آيو. هـُـن جو پهريون حقدار محبت وارو پهچي چـُـڪو هو، جنهن ماڻهو ساڻس غلط روش اختيار ڪئي هئي! جو پنجن سالن کانپوءِ کانئس محبت وصول ڪرڻ آيو هو ۽ غلط شاديءَ جي لاءِ ...... اُنڪري منهنجي لاءِ سڀ ختم ٿي چڪو هو ..... منهنجي پويان غمناڪي هئي ۽ اِها رت ...... گريگريءَ جي ...... باقي جيئڻ ڇا جو هو؟ اُنڪري مان ويس ته پستول کي ڪڍان، جيئن منهنجو فيصلو هو، اُن ۾ گولي وجهان ۽ سڀاڻي پنهنجي مٿي ۾ هڻان.“
” ۽ اُن کان اڳ ۾ هڪ وڏي دعوت هئي؟“
”هائو، هڪ رات اڳ ۾ هڪ وڏي دعوت هئي، شريف انسانو، هنن سڀني کي کڏ ۾ وجهو. جلدي ڪريو ۽ هن کي پورو ڪريو.... منهنجو مقصد هو، ته مان هتي پاڻ کي گولي نه هڻان، پر ڳوٺ جي ٻاهران. مان اِهو فيصلو ڪيو هو، ته پنجين وڳي صبح جو پاڻ کي پورو ڪريان. مان هڪ بيان لکي، پنهنجي کيسي ۾ رکيو هو. مان اِهو پروهيٽن وٽ ليکو هو، جڏهن مان پستول کي گولين سان ڀريو هو. اِجهو هيءُ آهي، اُهو خط. هن کي پڙهو، جيتوڻيڪ اهو اوهان جي لاءِ نه آهي!“ هـُـن اِهو جملو نفرت مان چيو. هـُـن اِهو خط پنهنجي صدريءَ جي کيسي مان ڪڍيو ۽ ميز تي اُڇلايائين. وڪيلن اُن کي وڏيءَ حيرت سان پڙهيو ۽ رواجي طور اُن کي مقدمي جي ٻين ڪاغذن سان گڏ رکيائون.
”توکي پروهيٽن وٽ رڳو هٿن ڌوئڻ جو به خيال نه آيو؟ توکي اِهو به خوف نه ٿيو ته متان اُن مان ڪو شـَـڪ جاڳي پوي؟“
”ڇا جو شڪ ۽ شبهو؟ شڪ پيدا ٿئي پيو يا نه؟ مان هتي ساڳئي خيال سان، نه آيو هوس ۽ پنجين بجي مان پاڻ کي گولي هڻي پورو ڪـِـري ڇڏيان ها. جڏهن اوهان وقت تي ئي نه پهچو ها، ته ڇا ڪريو ها! جيڪڏهن اِيئن نه ٿئي ها، جو ڪجهه منهنجي پيءُ سان ٿي گذريو آهي، ته اوهان کي ڪابه خبر نه پوي ها، ۽ نه وري هيڏي اَچو به ها. ها، هي شيطان جو ڪم آهي. اِهو شيطان هو، جنهن منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو، ۽ اِهو شيطان ئي هو، جنهن جي معرفت اوهان هن حقيقت کي جلدئي معلوم ڪري ورتو. توهان هتي ڪيئن ايترو جلدي پهتا.“ اِها ڪرامت آهي، يا خواب!“
”مسٽر پروهيٽن اَسان کي ٻڌايو هو، ته تون جڏهن وٽس ويو هئين، ته تنهنجي هٿن ۾ ....... رت جي داغن سان ڀريل..... تو وٽ پيسا هئا ..... تمام گهڻي رقم ...... سـَـؤُ روبل جي نوٽن جي ٿهي هئي، جنهن کي سندس ملازم ڇوڪري به ڏٺو هو.“
”شريف انسانو، اِهو سچ آهي، مون کي ياد آهي، اِيئن برابر هو.“
”هاڻي، اُن مان نهايت ٿوري ڳالهه پيدا ٿئي ٿي.“ نڪولائي پارفينووچ کانئس پڇڻ شروع ڪيو، ته ”تون ٻڌائي سگهندين، ته تو اِها رقم اوچتو ڪٿان هٿ ڪئي؟ جڏهن حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ۽ وقت جي اَندازي مان ڏِسڻ ۾ اَچي ٿو، ته تون گهر ويو ئي نه هئين.“ نڪولائيءَ جي آواز ۾ مروت ٿي ڏٺي.
جاچ ڪندڙ عملدار جي ڀرون ۽ سوال تي تشنج پيدا ٿي ويو. سوال بلڪل وضاحت سان پڇيو ويو هو، پر هن نڪولائي پارفينووچ جي سوال کان پوءِ ڪجهه نه ڳالهايو.
”نه، مان گهر نه ويو هوس.“ مـِـتيا بلڪل صاف ۽ قبول ڪندي جواب ڏنو، پر هـُـو زمين ڏي نهاري رهيو هو.
”مون کي اِجازت ڏي ته مان پنهنجي سوال کي وري دهرايان.“ نڪولائي پارفينووچ پنهنجي سوال ڏي وڌيو، ڄڻ ته هـُـو اُن مضمون ڏي آهستگيءَ سان چرندو ٿي ويو. ”تو ڪٿان ۽ فوري طور تي ايڏي رقم حاصل ڪري ورتي، جڏهن تنهنجي ئي قبوليت موجب، ساڳي ڏينهن پنجين بجي .....“
”مون کي ڏهه روبل جي ضرورت هئي، جنهن جي لاءِ مان پروهيٽن وٽ پنهنجو پستول گروي رکيو هو. اُن کان پوءِ بيگم هائلڪوف ڏي ويو هوس، ته کانئس ٽي هزار روبل قرض وٺان، پر هن مون کي نه ڏنا ۽ اِهڙيءَ ريت ٻين وٽ به ويس.“ مـِـتيا جلديءَ مان وچ ۾ دخل ڏيندي چيو. ”هائو شريف انسانو، مان ڏاڍي گهرج ۾ هوس. اوچتو هزارين روبل ملي پيا. توهان ڄاڻو به ٿا، شريف انسانو! توهان ٻنهي کي هاڻي اِهو خوف درپيش آهي، ته هاڻي هيءُ اَسان کي نه ٻڌائيندو، ته اِها رقم کيس ڪٿان هٿ آئي؟ ڪيئن اِيئن آهي نه؟ توهان جو خيال برابر درست آهي. اوهان کي اِها خبر ڪڏهن به نه پوندي.“ مـِـتيا هرهڪ لفظ کي ڳڻي ۽ ڳوتي، غير معمولي فيصلي ڪندڙ انداز ۾ چيو. وڪيل ويرم لاءِ خاموش ٿي ويا.
”مسٽرڪرامازوف توکي ڄاڻڻ کپي، ته اَسان کي اِنهيءَ ڄاڻ جي شدت سان ضرورت آهي.“ نڪولائي پارفينووچ، آهستي ۽ صاف طرح کيس چيو.
”مان اِهو ڄاڻان ٿو، پر اوهان کي نه ٻڌائيندس.“
جاچ ڪندڙ عملدار به دخل ڏيڻ شروع ڪيو ۽ کيس وري به ياد ڏياريائين، ته ”قيديءَ کي پوري آزادي آهي، ته هـُـو ڪنهن سوال جو جواب ڏئي يا نه ڏئي؟ پر جيڪڏهن اُن ۾ سندس فائدو هجي، پر پنهنجي خاموشي سان، پاڻ کي هـُـو جو نقصان پهچائي ٿو، خاص ڪري اِهڙي مقدمي ۾، نهايت وڏو آهي ......“
”شريف انسانو! اڳتي وڌو اڳتي. ڪافي آهي. مان هن فضول گفتگوءَ کي اڳ ۾ به ٻـُـڌي چڪو آهيان.“ مـِـتيا وري به وچ ۾ دخل اَندازي ڪئي. مان پاڻ ڏسان ٿ و، ته اِهو سوال ڪيترو نه اهم آهي ۽ اِها حقيقت نهايت ضروري آهي، پر اُن هوندي به مان ٻـُـڌائيندس.“
”اسان جو ڇا؟ اِهو تنهنجو پنهنجو عمل آهي. تون پاڻ کي پاڻ نقصان پهچائي رهيو آهين.“ نڪولائي پارفينووچ کيس پريشانيءَ مان چيو.
”مذاق کي ڇڏيو، شريف انسانو،“ مـِـتيا پنهنجي اکين کي مٿي کڻي، پختگيءَ سان ٻنهي ڏي نهاريو. مون کي شروع کان ئي خفيف شبهو هو، ته اَسان ڪنهن حقيقت تي احمق بڻجي وينداسون. پر پهريائين جڏهن مان پنهنجي زباني ڏيڻ شروع ڪئي هئي، ته خاموشي ۽ اونداهي هئي، ۽ سڀ ڪا ڳالهه پئي ٻـُـڏي ۽ تري، مان ايترو ته سادو هوس، جو مان پنهنجي ابتدا ئي هن فڪر سان ڪئي هئي، ته ٻنهي طرفن جي وچ ۾ پورو پورو اعتبار رهندو، پر هاڻي مان پاڻ کي ئي ڏسان ٿو، ته اِها رازداري رهي ئي نه آهي ۽ اُن جي لاءِ ڪو سوال ئي نه ٿو اُٿي. منهنجي حالت ۾ اسان لاءِ ضروري هو، ته هن نحس ۽ منجهائيندڙ منزل تي اَچي وڃون. هاڻي اسان اُتي پهچي ويا آهيون! اِها ناشـُـدني به آهي ۽ اِتي پڄاڻي به ٿئي ٿي! پر مان هن لاءِ اوهان کي ڪوبه ڏوهه نه ڏيندس. توهان فقط منهنجي لفظ تي اعتبار نه ٿا ڪري سگهو. مان بيشڪ هن کي سمجهان ٿو.“
هـُـو وري اَداس اُداس خاموشيءَ ڏانهن هليو ويو.
”ڇا تون، هن مکيه حقيقت جي لاءِ، پنهنجي خاموشيءَ جي پختي فيصلي کي بدلائي نه ٿو سگهين؟ اَسان کي ڪا ٿوري حقيقت ئي هن معاملي بابت ڏي، جا ايتري مضبوط آهي ۽ توکي لالچائي ٿي، ته تون اُن جو انڪار ڪرين. سو به اِهڙي نازڪ موقعي تي، جڏهن تون پوريءَ ريت خطري ۾ گهيريل آهين؟“
مـِـتيا ماتم زده نموني ۾ مشڪيو، ڄڻ ته هو خواب ۾ هو.
”شريف انسانو، مان اِنهيءَ کان گهڻو وڌيڪ نيڪ طبعيت وارو آهيان، جيئن اوهان سمجهو ٿا. مان اوهان کي اُن جو سبب به ٻڌائيندس، ته هاڻي اِيئن ڇو ٿيو ۽ ڪجهه اشارو به. جيتوڻيڪ اوهان اُن جي لائق نه آهيو. شريف انسانو! مان هن جي لاءِ وڌيڪ نه ڳالهائيندس. ڇاڪاڻ ته اِهو منهنجي عزت جي لاءِ داغ ٿيندو. هن سوال جو جواب، ته مان اِها رقم ڪٿان آندي، خون ۽ پنهنجي پيءُ کي ڦرڻ کان به وڌيڪ ڏک ڏيندڙ ٿيندي! جيڪڏهن مان اُن کي خون ڪيو هجي ها يا ڦريو هجي ها. اِهوئي سبب آهي، جو مان اوهان کي نه ٿو ٻڌائڻ گهران. هي سڀ اُن ڏک جي سبب کان آهي. شريف انسانو، ڇا اوهان اِهو به لکڻ چاهيو ٿا؟“
”هائو، اَسان اهو به لکنداسون.“ نڪولائي پارفينووچ هٻڪندي چيو.
”توهان منهنجي هن ندامت کي نه لکو. مان اوهان کي هيءُ سڀڪجهه نيڪدليءَ جي ڪري ٻڌايو آهي. مان جيڪر اوهان کي نه ٻڌايان ها. مان اِيئن چوان ته، هيءُ سڀ ڪجهه اوهان جي لاءِ تحفي طور هو ۽ اوهان اُن تي هڪدم زور ڏئي رهيا آهيو - چڱو لکو. جيڪي اوهان کي وڻي سو لکو.“ هن نفرت جي جهـَـلڪ سان پنهنجي گفتگو کي پورو ڪيو. ”مون کي اوهان کان ڪوبه خوف نه آهي ۽ منهنجو سـَـر اَڃا به اوهان جي اڳيان بلند آهي.“
”پر تون پنهنجي ندامت جي حقيقت کي ٻڌائي نه ٿو سگهين؟“ نڪولائي پارفينووچ خطري کي پنهنجي سـَـر تي کڻي چيو.
جاچ ڪندڙ عملدار سخت بگڙجي ويو.
”نه، نه، توهان پاڻ کي تڪليف ۾ نه وجهو. مان سزا پنهنجي هٿن سان ڀوڳي رهيو آهيان. مان پنهنجي هٿن سان گهڻو ئي پوکي چـُـڪو آهيان، جيئن اوهان ڏسو ٿا. توهان اِنهيءَ جي لائق ئي نه آهيو. ڪوبه نه آهي ..... ختم. شريف انسانو. مان اڳتي ڪجهه به نه چوندس.“
هيءُ سڀ ڪجهه نهايت وضاحت سان چيو ويو، نڪولائي پارفينووچ، اُن تي وڌيڪ زور نه ڏنو. پر هن ائپولٽ ڪريليوويچ جي اکين مان ڏٺو، ته هن اُميد لاهي نه ڇڏي آهي.
”ڇا تون ايترو به نه ٻڌائي سگهندين؟ تون جڏهن پروهيٽن وٽ ويو هئين، ته تنهنجي هٿ ۾ ڪيتري رقم هئي - صحيح صحيح ڪيترا روبل هئا؟“
”مان اِهو اوهان کي ٻڌائي سگهندس.“
”تو مسٽر پروهيٽن کي جيئن ٻڌايو هو، ته بيگم هائلڪوف کان توکي ٽي هزار روبل مليا هئا.“
”شايد مون اِيئن چيو هجي. شريف انسانو، بس، بس. مان اِهو نه ٻڌائيندس ته مون وٽ ڪيترا روبل هئا.“
”تون فقط هاڻي اِهو ٻـُـڌاءِ ته تون هتي ڪيئن آئين ۽ هتي پهچڻ کان پوءِ، تو ڇا ڇا ڪيو؟“
”او، اوهان، هتان جي بابت ماڻهن کان پڇي سگهو ٿا، پر جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي، ته مان اِهو به توهان کي ٻڌائيندس.“
هـُـو سڄي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو، پر اَسان هتي اُن کي نه دهرائينداسون. هن نهايت خشڪ ۽ اَڻ وڻندڙ نموني سان ٻڌايو. محبت جي جذبات جي بابت هـُـن ڪجهه به نه ٻڌايو، پر کين ٻڌايائين، ته حالتن جي نون پرَماڻن موجب، هن پاڻ کي گولي هڻڻ جي خيال کي ترڪ ڪري ڇڏيو. هن تفصيل ۽ حقيقي اِرادي ۾ وڃڻ جي بجاءِ رڳي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن ڀيري وڪيلن به کيس گهڻي پريشاني نه ڏني. اِيئن به هو، ته هن مقام تي سندن لاءِ ڪو ضروري دلچسپي جهڙو نقطو به ڪونه رهيو هو.
”اسان هن جي پوري جاچ پڙتال ڪنداسون. اَسان هن حقيقت ڏي وري موٽي اينداسون، جڏهن شاهدن جي پڇا ڪنداسون. جا پڻ تنهنجي حاضري ۾ ٿيندي.“ نڪولائي پارفينوويچ آخر ۾ چيو. ”هاڻي مون کي اِجازت ڏي ته مان توکي عرض ڪريان، ته تنهنجي قبضي ۾، جو ڪجهه به آهي، اُهو ميز تي ٻاهر ڪڍي رک. خاص ڪري پيسا.“
”شريف انسانو، منهنجي رقم؟ يقينـََـا. مان سمجهان ٿو، ته اِها ضروري شيءِ آهي. مون کي سچ پچ عجب ٿو لڳي، ته اوهان اڳ ۾ اُن جي بابت جاچ ئي نه ڪئي آهي؟ اِهو به سچ آهي، ته مان ڪاڏي ڀڳو نه ٿي ويس. مان اِتيئي ويٺو آهيان، جتي اوهان ڏسو ٿا. اِجها هيءَ آهي، منهنجي رقم! کڻو. مان خيال ڪريان ٿو، ته اِهائي آهي.“
هن کيسي مان سڀ رقم ٻاهر ڪڍي. ايتري قدر جو ننڍن سڪن کي به ٻاهر ڪڍيو، جي فقط ويهه هئا - هن پنهنجي صدريءَ جي کيسن کي به اُٿلايو پٿلايو. هنن رقم کي ڳڻڻ شروع ڪيو. اُها ڪـُـل اَٺ سـَـو ڇٽيهه روبل ۽ چاليهه ڪاپڪس ٿي.
جاچ ڪندڙ عملدار کانئس پڇيو ته ”ڇا سڄي رقم اِهائي هئي؟“
”هائو.“
”تو هاڻي پنهنجي بيان ۾ چيو هو، ته تو پلاٽينڪوف وٽ ٽي سـَـؤ روبل خرچ ڪيا هئا. تو پروهيٽن کي ڏهه ڏنا ۽ ڪوچبان کي ويهه ۽ هتي تو ٻـَـه سـَـؤ کپايا. پوءِ ...“
نڪولائي پارفينووچ، هنن سڀني جو جوڙ ملايو. مـِـتيا کيس مدد ڪرڻ لڳو. هنن پائي پائي کي ياد ڪيو، ۽ اُن کي به حساب ۾ وڌائون. نڪولائيءَ جلد ۾ جوڙ ڪري ملايو.
”هنن اَٺن سـَـون سوڌو، تو وٽ پهريائين پندرنهن سـَـؤ روبل هوندا؟“
”ٿي سگهي ٿو“ مـِـتيا آهستگيءَ سان چيو.
”اِهو ڪيئن آهي، ته ٻيا چون ٿا، ته تو وٽ هن کان وڌيڪ رقم هئي؟“
”ڀلي کين اِيئن چوڻ ڏيو.“
”پر تو به ته اِيئن يقين سان ٿي چيو؟“
”هائو، مان به اِيئن ٿي چيو.“
اسان هن حقيقت کي ٻين جي بيان سان ڀيٽينداسون، جن کان اَڃا پڇيو ئي نه ويو آهي. تون پنهنجي رقم جي لاءِ انتظار نه ڪر. اُن جي پوري پوري خبرداري ڪئي ويندي. آخر ۾ توکي ئي ملندي، پر اِهو ڏسڻو پوندو ۽ ثابت ڪرڻو پوندو، ته تنهنجو اِنهيءَ رقم تي بنا ڪنهن جهڳڙي جي پورو پورو حق آهي ......“
نڪولائي پارفينووچ، اوچتو اُٿي بيٺو ۽ مـِـتيا کي وثوق سان چيائين ته: ”اِهو سندن فرض آهي، ته سندس ڪپڙن ۽ ٻين شين جي جهڙتي ڏي ......“
”بيشڪ شريف انسانو! اوهان منهنجي کيسن کي جنهن ريت اُٿلائي پٿلائي ڏسو، جيڪڏهن اوهان جي خواهش آهي؟“
اِيئن چئي هن سچ پچ پنهنجي کيسن کي اُٿلائڻ پٿلائڻ شروع ڪيو.
”اِهو ضروري آهي، ته تون پنهنجي سڀني ڪپڙن کي لاهه.“
”ڇا اُگهاڙو ٿيان .... اُف! اِنهيءَ ڳالهه کي ڇڏيو. اوهان منهنجي بدن جي اِيئن ڳولها ڪري نه ٿا سگهو، جيئن آهيان! ڇا اِيئن نه ٿا ڪري سگهو؟“
”اِهو تمام ضروري آهي، فيودورپاولووچ. توکي پنهنجا ڪپڙا لاهڻا پوندا.“
مـِـتيا کي رنج ٿيندي قبول ڪرڻو پيو ۽ چيائين ته: ”جيئن اوهان جي مرضي، پر هتي نه پردي جي پويان. پر ڳولا ڪير ڪندو؟“
”پردي جي پوئتان، ٺيڪ آهي؟“
نڪولائي پارفينووچ، منظور ڪندي، پنهنجي ڪنڌ کي جهڪايو. سندس ننڍڙي منهن تي، سنجيدگيءَ جون لڪيريون اُڀري آيون.

باب ڇهون: جاچ ڪندڙ، مـِـتيا کي جهلي ٿو

ڪا شيءِ قطعي اُميد جي خلاف ۽ عجب ۾ وجهندڙ، مـِـتيا جي مٿان گذري. ان کان اڳ هڪ منٽ به سندس دل ۾ اها ڳالهه ڪڏهن به نه گذري هئي، ته ڪو به اِهڙي ناروا هلت ساڻس هلندو. سڀ کان بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، ته هنن جي طرفان اها سڄي ڪارروائي کيس بڇڙي ڪرڻ جي لاءِ هئي. ضعيف اعتقاد واري ۽ نفرت سان ڀريل.هن جي لاءِ ڪوٽ لاهڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي، پر اُگهاڙو ٿيڻ ڏکيو هو. هنن کيس ڪپڙن لاهڻ لاءِ چيو، نه پر حڪم ڏنو هو. جنهن کي هن چڱيءَ ريت ٿي سمجهيو. پنهنجي غروري خودداريءَ کان، هن اُن کي بنا ڪنهن ٻڙڪ ڪـُـڇڻ جي جلد ئي قبول ڪري ورتو هو. ڪيترائي سر ڦريا ماڻهو وڪيلن سان گڏجي پيا ۽ پردي جي ساڳي پاسي وڃي بيهي رهيا. اِنهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن زور جي ضرورت پوي، ته هـُـو ان کي پورو ڪن. مـِـتيا کي ته اِهو خيال آيو، پر شايد ڪي ٻيا سبب به هجن!
”ٺيڪ آهي، ڇا مان پنهنجي قميص به لاهيان؟“ هـُـن تيزيءَ سان پڇيو، پر نڪولائي پارفينووچ کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. هو جاچ ڪندڙ عملدار سان گڏ، ڪوٽ جي معائني ڪرڻ ۾ بيحد مشغول هو. هـُـو ڪوٽ سان گڏ، شلوار، صدري ۽ ٽوپيءَ کي به ڏسي رهيا هئا. هيءَ حقيقت آهي، ته هـُـو، هـُـن تفتيش ۾ بيحد دلـچسپي وٺي رهيا هئا. هنن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو. مـِـتيا اُن وقت خيال ڪيو ته ”هي ٿوري مروت به ڏيکاري نه ٿا سگهن.“
”مان اوهان کان ٻيهر پڇان ٿو، ته ڇا مون کي قميص لاهڻ جي ضرورت آهي؟“ هن وڏيءَ ڪاوڙ مان چيو.
”پاڻ کي تڪليف نه ڏي. اسان توکي پاڻهي چونداسين، ته تون ڇا ڪر؟“ نڪولائي پارفينووچ کيس چيو ۽ مـِـتيا سمجهيو، ته اُن ۾ قطعي تڪ مان آواز هو.
ساڳي وقت وڪيلن جي وچ ۾ آواز جي آهستگيءَ سان ڪا صلاح ۽ مشورو ٿي رهيو هو. هـُـو ڪوٽ تي ڳالهائي رهيا هئا. خاص ڪري ڪوٽ جي پٺ واري ڏائي پاسي تي، جتي هڪ وڏو رت جو داغ موجود هو، جو خشڪ ۽ سخت ٿي ويو هو. رت جا داغ شلوار تي به هئا، جيڪي پڻ خشڪ ۽ سخت هئا. نڪولائي پارفينووچ، ڳوٺاڻن جي حاضريءَ ۾، شهادت لاءِ، ڪوٽ جي ڪالر ۽ ڪفن کي ۽ شلوار جي هرهڪ حصي کي آڱريون ٿي هڻي ڏٺو. خاص ڪري ڪنهن شيءِ جي لاءِ نهاري رهيو هو - يعني ڪنهن رقم جي لاءِ. هن پنهنجي شڪ کي مـِـتيا کان به نه لڪايو، ته هن شايد پيسن کي اندر سبي ۽ لڪايو هجي.
”هيءُ مون سان، هڪ آفيسر جي حيثيت سان نه، پر هڪ چور جي حيثيت سان هلت هـَـلي رهيو آهي.“ مـِـتيا پاڻ سان ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪندو رهيو. هـُـو پاڻ ۾ به هڪٻئي سان، عجب ۾ وجهندڙ کليل طرح سان، هن حقيقت کي دهرائيندا رهيا. مثال لاءِ سيڪريٽري، جو اُن پردي جي پويان هو، مذاق ڪندي ۽ ڌيان ڏيندي، نڪولائي پارفينووچ جو ڌيان ٽوپي ڏانهن ڇڪايو، جنهن کي به هو، آڱريون هڻي رهيا هئا.
”توهان کي نقل نويس منشي گرائيڊنيڪو ياد هوندو،“ سيڪريٽري چوڻ لڳو. ”گذريل اونهاري کيس سڄي دفتر جون پگهارون مليون هيون، هـُـن نمونو ڪيو، ته نشي ۾ سندس پيسا گم ٿي ويا آهن. پر اُهي پيسا ڪٿي لڌا ويا؟ اُهي سندس ٽوپيءَ جي چندي ۾ هئا. سـَـؤ روبل نوٽن کي ڄمائي ۽ ويڙهي، چـَـندي ۾ سبيو ويو هو.“
ٻنهي وڪيلن کي گرائيڊينوڪا جو مقدمو پوريءَ ريت ياد هو. هنن مـِـتيا جي ٽوپيءَ کي پاسيرو رکيو ۽ فيصلو ڪيائون، ته ڪپڙن کي پوءِ وري چڱيءَ ريت جاچي ڏٺو ويندو.
”مون کي معاف ڪر!“ اوچتو نڪولائي پارفينووچ مـِـتيا جي قميص جي ڪف کي ويڙهيل ۽ رت سان ڀريل ڏسي رڙ ڪري چيو ته، ”اِهو ڇا آهي! رت!؟“
”هائو!“ مـِـتيا کيس ڌڪو ڏيندي چيو.
”اِهو ته رت آهي ..... پر ڪف کي ڇو ويڙهيو ويو آهي؟“
مـِـتيا کيس ٻڌايو ته ڪهڙيءَ ريت گريگري کي ڏسندي، سندس ٻانهن رت سان داغدار بڻجي پئي. جڏهن هن پرهوٽين وٽ پنهنجي هٿن کي ڌوتو ته ڪـَـفَ ويڙهي ڇڏيا هئائين.
”تون پنهنجي قميص به لاهه! اِها ضروري ۽ گهربل ثابتي آهي.“
مـِـتيا ڪاوڙ ۾ ڀرجي ڳاڙهو ٿي ويو.
هن واڪو ڪري چيو ته، ”ڇا مان اُگهاڙو ٿيندس؟“
”پريشان نه ٿيءُ، اسان توکي ٻي قميص ڏيون ٿا، ۽ ها... اِهي جوراب به لاهه!“
”توهان مذاق ته نه ٿا ڪريو؟ ڇا اِهو ضروري آهي؟“ مـِـتيا جون اکيون ڪاوڙ کان ڳاڙهيون ٿي ويون.
”اسان وٽ ڪوبه مذاق نه آهي.“ نڪولائي پارفينووچ سختيءَ سان جواب ڏنو.
”ٺيڪ آ مان اِئين ڪريان ٿو.“ مـِـتيا ڀڻڪندي چيو. بستري تي ويهي، هن پنهنجي جورابن کي لاهڻ شروع ڪيو. هـُـو برداشت کان ٻاهر بيراهه بڻجي ويو هو. ٻين سڀني کي ڪپڙا هئا، پر هيءُ اُگهاڙو هو. هيءَ حقيقت به هئي، ته جڏهن هـُـو اُگهاڙو ٿيو، ته ٻين جي موجودگيءَ ۾ پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪرڻ لڳو. کيس هاڻي يقين ٿيڻ لڳو، ته هـُـو هاڻي رتبي ۾ سڀني کان گهٽ آهي ۽ هنن کي هاڻي پورو پورو حق آهي، ته هو کيس ڇا به ڪن.
جڏهن سڀئي اُگهاڙا هوندا آهن، ته ڪو به پاڻ کي شرمندو محسوس نه ڪندو آهي، پر جڏهن هڪڙو عريان هوندو آهي ۽ ٻيا سڀ کيس ڏسڻ وارا هوندا آهن، تڏهن اِها بي عزتيءَ جهڙي حالت هوندي آهي. هـُـو ورائي ورائي پاڻ کي چوڻ لڳو ته، ”هيءُ خواب ته نه آهي. مان خواب ۾ به اِهڙي بي عزتي جي حالت کي نه ڏٺو آهي.“ هن لاءِ جوراب لاهڻ وڏي مصيبت هئي. اِهي سخت ميرا ۽ بدبودار هئا ۽ اِهائي حالت سندس ڪپڙن جي به هئي. هاڻي ته سڀ اُن کي چڱيءَ طرح ڏسي ٿي سگهيا. سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ هئي، جو هـُـو پنهنجي پيرن کي بڇڙو ڀائيندو هو. هن سڄي حياتي ٻنهي کـُـڙين کي بدنما ٿي سمجهيو. خاص ڪري هن سڄي پير جي ننهن کي، جن جون نوڪون نڪتل هيون، بيحد بدزيب ٿي سمجهيو. ”هاڻي ته سڀڪو اُن کي ڏسندو.“ هن خيال کيس برداشت کان وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو ۽ شرمندو ٿي ويو. هـُـو فوري طور تي ڄاڻي واڻي کهـُـرو بڻجي ويو. هـُـن پاڻ پنهنجي قميص کي ڇڪي لاٿو.
”اوهان کي جيڪڏهن شرم نه اَچي، ته ڇا ٻي ڪنهن جاءِ کي به ڏسندا؟“
”نه، هاڻي اَڃا ته اُن جي ضرورت ڪانه آهي.“
”تڏهن ڇا، مان اِيئن ئي اُگهاڙو رهندس؟“ هن وحشياڻي نموني ۾ چيو.
”هائو، ٿوري وقت لاءِ ڪجهه به ٿي نه سگهندو ..... مهرباني ڪري گهڙي کن هتي ويهه. بستري مان چادر ڪڍي پاڻ کي ويڙهه ۽ مان .... هنن سڀني کي ڏسندس.“
سڀئي شيون شاهدن کي ڏيکاريون ويون. ڪپڙن جي تلاشي جي حقيقت درج ڪئي وئي. آخر نڪولائي پارفينووچ چوڻ لڳو ته، ”جڏهن توکان هن ڳالهه جو قطعي انڪار ٿيو آهي، ته تو اِها رقم ڪٿان حاصل ڪئي، تڏهن اَسان هن گهڙي ....“ آخر نڪولائي پارفينووچ ٻاهر ويو ۽ ڪپڙا سندس پويان کڻي ويا. آئپولٽ ڪيرليووچ به ٻاهر هليو ويو. مـِـتيا اَڪيلو ڳوٺاڻن سان رهجي ويو، جي خاموش بيٺا هئا ۽ منجهانئس اکيون ئي نه پيا ڪڍن. مـِـتيا چادر ۾ پاڻ کي ويڙهي ڇڏيو ۽ هـُـو سردي محسوس ڪرڻ لڳو. سندس پير ڄمي ويا هئا ۽ هـُـو چادر سان پنهنجا پير ڪنهن به صورت ۾ ڍَڪي نه ٿي سگهيو. نڪولائي پارفينووچ گهڻي وقت لاءِ ٻاهر هليو ويو، جو برداشت کان وڌي ويو هو. ”هـُـو مون کي ڪتو ٿا سمجهن.“ مـِـتيا خيال ڪيو ۽ سندس ڏند ٿڌ کان کڙڪڻ لڳا. ”بد جنس جاچ ڪندڙ عملدار به غائب ٿي ويو. اِنهيءَ ۾ شڪ نه آهي، ته کيس نفرت هئي ۽ هـُـن مون کي اُگهاڙو ڏسڻ ٿي چاهيو.“
مـِـتيا وري به خيال ٿي ڪيو، ته سندس ڪپڙن کي جاچ ڪرڻ بعد موٽايو ويندو. پر هن بي عزتيءَ جو ڇا ڪجي، جڏهن نڪولائي پارفينووچ ٻيا ڪپڙا کڻائي موٽي آيو؟
هـُـن هوائي طرح کيس چيو ته، ”اِجهو هي ڪپڙا تنهنجي لاءِ آهن.“ هـُـو پنهنجي عمل تي نهايت خوش ٿي ڏٺو. مسٽر ڪلگنوف مهرباني ڪري، ضرورت جي مدنظر هي مهيا ڪـِـري ڏنا آهن. جن ۾ صاف قميص به آهي. خوش قسمتيءَ سان هي سڀ سندس پيتيءَ ۾ هئا. تون پنهنجا جوراب ۽ ڪپڙا پاڻ وٽ رکي سگهين ٿو.
مـِـتيا عجيب جذبات ۾ اَچي ويو.
”مان ٻي ماڻهوءَ جا ڪپڙا نه پائيندس.“ هـُـن وضاحت سان واڪو ڪري چيو. مونکي پنهنجا ڪپڙا موٽائي ڏيو؟“
”مون کي منهنجا ڪپڙا ڏيو. کـَـڏ ۾ وجهو ڪلگنوف ۽ اُن جي ڪپڙن کي.“
کين ڪيترو وقت هنن کي راضي ڪرڻ ۾ لڳو. پر ڪيئن به هنن کيس راضي ڪري ورتو. هنن کيس هيئن چئي متاثر ڪيو، ته جيئن ته اِنهن تي رت جا داغ آهن، اُن ڪري ثابتيءَ جي لاءِ، ٻين شين سان گڏ، هن جو موجود هئڻ به لازمي آهي. کين هاڻي ڪوبه حق نه آهي، ته اُنهن کي هاڻي موٽائي ڏين ..... هنن مقدمي جي ضروري شين کي پنهنجي ڌيان ۾ ٿي آندو. مـِـتيا آخر هن حقيقت کي سمجهيو. هـُـو تاريڪي خاموشيءَ سان چپ ٿي ويو ۽ جلديءَ ۾ ڪپڙا پاتائين. هن اُن وقت محسوس ڪيو، ته هي ڪپڙا، سندس ڪپڙن کان بهتر هئا. مگر هـُـن اُن تبديليءَ کي پسند نه ٿي ڪيو. پر هي ڪپڙا جيئن ته سوڙها هئا.
هنن کيس وري وڌاءَ ڪرڻ جي لاءِ دٻايو، ڇو ته ڪلگنوف، کانئس ٿورو ڊگهو هو ۽ فقط سٿڻ ئي اُن کان ٿوري وڏي هئي. پر ڪوٽ سچ پچ ڪلهن وٽ کيس سوڙهو ٿي لڳو. ”سڀني کي کڏ ۾ وجهو. مان مشڪل سان بٽڻ پائي ٿو سگهان.“ مـِـتيا بڙ بڙ ڪرڻ لڳو. اوهان مهرباني ڪري ڪلگنوف کي چئو، ته ”مان ڪڏهن به کانئس ڪپڙا نه گهريا آهن ۽ هيءَ منهنجو ڪارنامو نه آهي، جو مون کي مسخري جهڙي پوشاڪ پهرائي وئي آهي.“
”هو پاڻ ئي هن ڳالهه کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو. کيس ڪپڙن لاءِ ڪوبه ڏک نه آهي، جي توکي اُڌارا وٺي ڏنا ويا آهن، پر هـُـو هن سڄي ڪارگذاريءَ کان غمناڪ آهي.“ نڪولائي پارفينووچ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
هن پنهنجي ڏک کي لڪائيندي چيو ته: ”ٺيڪ آهي، هاڻي ڪهڙو اِرادو آهي ۽ مان ڪاڏي وڃان؟“
کيس چيو ويو ته، هـُـو هاڻي ٻي ڪمري ۾ وڃي، مـِـتيا ڪاوڙ ۾ بـُـڙ بـُـڙ ڪندو اوڏانهن هليو ويو. هن ڪوشش ڪئي، ته هو ڪنهن کي به نه ڏسي. ٻئي ماڻهوءَ جي ڪپڙن ۾ پاڻ کي ڏسي، بيحد رنجيده هو. پر ڳوٺاڻن جي نظر ۾ به حقير ٿي ڏٺو ۽ تريفان بورسووچ جي نگاهه ۾ به، جنهن ڪنهن سبب کان دروازي مان منهن ڪڍيو هو ۽ جلد ئي غائب ٿي ويو هو. مـِـتيا پنهنجي دل ۾ خيال ڪيو، ته هـُـو کيس هن عجيب پوشاڪ ۾ ئي ڏسڻ لاءِ آيو هو. هـُـو اڳي وانگر ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيس واهيات خواب جهڙا جذبا محسوس ٿيڻ لڳا. ڄڻ ته هـُـو پنهنجي حال ۾ نه هو.
”ٺيڪ آهي، پر هاڻي ڇا ٿيندو؟“ هـُـن کين چوڻ شروع ڪيو ته ”مون کي بيد ئي لڳايا ويندا. اوهان جي لاءِ هاڻي، اِهوئي ته باقي رهيو آهي. هن ڏندن کي ڪـَـرٽيو. هن فقط جاچ ڪندڙ عملدار سان ٿي ڳالهايو ۽ نڪولائي پارفينووچ ڏي ڪو به ڌيان نه ٿي ڏنو، ڄڻ ته هن ساڻس ڳالهائڻ نه ٿي گهريو.“
”بدمعاش! هو ته هن جي جوراب کي ويجهو ٿي نهاري رهيو هو ۽ ٻاهر کڻي اِنهيءَ لاءِ ڏيکاري رهيو هو، ته ڪيڏا نه غليظ آهن.“
”خير، هاڻي اَسان کي پنهنجي شاهدن ڏي رجوع ٿيڻ گهرجي.“ نڪولائي پارفينووچ چيو. ڄڻ ته هـُـو، مـِـتيا جو جواب ڏئي رهيو ه و.
”هائو!“ جاچ ڪندڙ عملدار چيو، هـُـو ڪنهن گهـَـري خيال ۾ ٿي ڏٺو.
”دمتري فيودورپاولووچ، اَسان تنهنجي فائدي لاءِ اُهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي، جو ڪرڻ کپندو هو.“ نڪولائي پارفينووچ ڳالهائڻ لڳو، پر جڏهن ته توکان، اُن پيسن جي متعلق ته توکي اُهي ڪٿان هٿ آيا، تنهنجو انڪاري جواب آهي، اُنڪري اَسان هن گهڙي ........“
”تنهنجي منڊيءَ ۾ اِهو ڪهڙو پٿر آهي؟“ وري به مـِـتيا دخل ڏيندي وچ ۾ چيو. ڄڻ ته هـُـو ڪنهن رويا کان جاڳي پيو هو. هـُـن اُنهن ٽن مـُـنڊين مان، جي نڪولائي پارفينووچ جي هٿ ۾ پيون هيون، هڪ ڏي اشارو ڪري چيو.
نڪولائي پارفينووچ کيس عجب مان چيو ته ”منڊي؟“
”هائو اِها .... جا تنهنجي وچئين آڱر ۾ آهي، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون رڳون ٿيون ڏسجن. اِهو ڪهڙو پٿر آهي؟“ مـِـتيا ننڍڙي ٻار وانگر اُن تي زور ڏيڻ لڳو.
”هيءُ ميرانجهڙو پکراج آهي.“ نڪولائي پارفينووچ کيس مشڪندي چيو. ”تون هن کي ڏسندين؟ مان لاهي ٿو وٺان.“
مـِـتيا جوش مان واڪو ڪري چيو، ”نه، نه لاهجانءِ. اوچتو هـُـو ڄڻ ته جاڳي پيو ۽ پاڻ تي ڪاوڙجڻ ٿيڻ لڳو. ”نه لاهجانءِ!“ ..... اُن جي ڪابه ضرورت نه آهي .... کڏ ۾ وجهينس. شريف انسانو! اوهان منهنجي دل کي داغ هڻي ڇڏيو. ڇا اوهان اِيئن خيال به ڪري سگهو ٿا، ته جيڪڏهن مان پنهنجي پيءُ کي ماريو هجي ها، ته اوهان کان اُن کي ڳجهو رکان ها. مان سخن سازي ڪريان ها، ڪوڙ ڳالهايان ها ۽ لڪي وڃان ها. پر اِهو دمتري ڪرامازوف جو وَڙ نه آهي. هـُـو اِهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندو. جيڪڏهن مان ڏوهي هجان ها، ته مان قسم کڻي ٿو چوان، ته اوهان جي لاءِ ڪڏهن به نه ترسان ها ۽ جيئن مان اوهان کي ٻڌايو آهي، ته پاڻ کي مارڻ لاءِ صبح تائين ترسيو هوس، اُن حالت ۾ اڳ ۾ ئي پاڻ کي ماري ڇڏيان ها. پرهه ڦٽيءَ تائين به نه ترسان ها. مون کي هاڻ پنهنجي لاءِ خبر پوي ٿي. مان ويهن ورهين ۾ ته ڪجهه به سکي نه سگهيو هوس، پر هن منحوس رات ۾ جو ڪجهه سکيو اٿم، سوگهڻو ڪجهه آهي ..... ڇا اِهڙيءَ رات ۾ مان اِيئن ٿي پئي سگهيس. جيئن اوهان ڏسو ٿا؟ ۽ هيئن اوهان جي سامهون يا ٻين جي سامهون اِيئن ويهي ٿي سگهيس، جيڪڏهن مان پنهنجي پيءُ جو قاتل هجان ها. جڏهن ته اتفاقي طور تي گريگري جو قتل مون کي سڄي رات آرام ڏئي نه سگهيو آهي. خوف کان نه - اوهان جي سزا جي خوف کان نه! فقط ڏک ۽ افسوس کان. اوهان اُميد ٿا رکو، ته اوهان جهڙن طعني هڻندڙن جي اڳيان، مان کـُـلي ڳالهايان، جي پاڻ ڪجهه نه آهن، نه وري وٽن ڪو اعتبار آهي. اَنڌيون رڍون ۽ طعنيزن! اوهان کي وري اُها ٻي اَڻ وڻندڙ ڳالهه ٻڌايان، ته مان هيئن ڪيو آهي. اِهو وري ٻيو غم ٿيندو. مان ڪڏهن به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه ٿيندس، پوءِ ڇو نه اِيئن ڪرڻ سان، مان اوهان جي تهمت کان بچي وڃان. نه اِنهيءَ کان سائبيريا چڱي آهي! اُنهيءَ ماڻهوءَ جنهن منهنجي پيءُ جو دروازو کوليو آهي، اُنهيءَ ئي کيس قتل ڪيو آهي ۽ ڦـُـريو آهي. اُهو ڪير آهي؟ مان پنهنجي دماغ کي ڦيرائي رهيو آهيان ۽ سوچ ۾ آهيان، ته اُهو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ پر مان اوهان کي صاف ٻڌايان ٿو، ته اُهو دمتري ڪرامازوف نه آهي. بس اِهائي حقيقت آهي، جا مان اوهان کي ٻڌائي سگهان ٿو. اِهائي ڪافي آهي. هاڻي مون کي اَڪيلو ڇڏيو ...... مون کي ملڪ بدر ڪريو، پر مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪريو. هاڻي پنهنجي شاهدن کي سڏيو.“
مـِـتيا پنهنجي ڊرامي جي تنها ڪلامي پوري ڪئي، ڄڻ ته هـُـو فيصلو ڪري چڪو هو، ته هـُـو آئنده بلڪل چپ رهندو. جاچ ڪندڙ عملدار سمورو وقت گهـُـوري نهاريندو رهيو، پر جڏهن هن ڳالهائڻ بند ڪيو، تڏهن ڄڻ ته هـُـن اِيئن سمجهيو، ته اِها بلڪل معمولي ڳالهه هئي. وٽس ڪوبه اَثر يا همدردي ڪانه هئي.
”ها، جنهن کليل دروازي جي باري ۾ هاڻي تو ڳالهايو، اَسان توکي ٻڌايون ٿا، ته اِها نهايت دلچسپيءَ جهڙي ثابتي آهي. تنهنجي لاءِ به ۽ اَسان جي لاءِ به. اسان وٽ گريگري اُن حقيقت کي پيش ڪيو آهي. ها اُن پوڙهي، جنهن کي تو زخمي ڪيو آهي. جڏهن هـُـو هوش ۾ آيو، تڏهن وضاحت ۽ صفائيءَ سان ٻـُـڌايو ۽ اَسان جي سوال جي جواب ۾، ته جڏهن هـُـو ڏاڪن تي ٻاهر آيو ۽ باغ ۾ لـُـڙ ٻڌائين. تڏهن هن پختو اِرادو ڪيو، ته هـُـو اُن ننڍڙي دروازي کان اوڏانهن ويندو، جو اُن وقت کليل هو. تنهنجي ڊوڙڻ کان اڳ ۾ جو اِهو واقعو آهي. جيئن تون اڳ ۾ ٻڌائي چـُـڪو آهين، ته اونداهي ۾، تو کليل دريءَ مان پنهنجي پيءُ کي ڏٺو. گريگري کٻي طرف نهاريو ۽ ان وقت دريءَ کي کليل ڏسي، هن پنهنجي تمام ويجهو ڏٺو، ته دروازو کليل هو. جنهن دروازي جي بابت تو ٻڌايو هو، ته هـُـو کليل هو. تون سمورو وقت باغ ۾ هئين. مان توکان هي نه لڪائيندس، ته پختي طرح ۽ رازدارانه سندس شاهدي آهي، ته تون پڻ اُن دروازي مان ضرور ڊوڙيو هوندين. جيتوڻيڪ هن پنهنجي اکين سان توکي اِيئن ڪندي نه ڏٺو هو. هن توکي پهريائين، ڪجهه فاصلي تي باغ ۾ ڏٺو ۽ تون لوڙهي ڏانهن ڊوڙندو ٿي وئين.“
مـِـتيا گفتگو تي پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿڻ وارو هو.
”بيوقوف! هن ڪاوڙ مان چيو. هيءَ هڪ نسورو ڪوڙ آهي. هن ڪڏهن به دروازي کي کليل نه ڏٺو هوندو، ڇاڪاڻ ته اُهو بند هو. هـُـو ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“
”منهنجو هيءُ فرض آهي، ته مان هن حقيقت کي وري دهرايان، ته هـُـو پنهنجي بيان ۾ نهايت پختو هو. هـُـو ڪٿي به نه لڏيو. هـُـو اُن تي پوريءَ ريت قابو آهي. اسان کانئس ڪيترا ڀيرا آڏي پڇا ڪري چـُـڪا آهيون.“
نڪولائي پارفينووچ کيس پوريءَ طرح يقين ڏياريندي چيو، ته اَسان کانئس ڪيئي ڀيرا آڏي پڇا ڪري چـُـڪا آهيون.
اِهو ڪوڙ آهي، اِهو ڪوڙ آهي! مون کي تباهه ڪرڻ جي هيءَ ڪوشش آهي. اُن پاڳل ماڻهوءَ جي تصور جو فريب آهي. مـِـتيا اَڃا واڪا ڪري چوڻ لڳو، ته ”هـُـو پنهنجي رت جي گهڻي وهڻ سبب، بـَـڪي رهيو آهي ...... هـُـن اُن کي چڱيءَ ريت ڏٺو هوندو، جڏهن، هـُـو اُتي آيو هوندو. هـُـو بـَـڪي رَهيو آهي.“
”هائو، پر هن پنهنجي زخمن کان پوءِ، دروازي کي کـُـليل نه ڏٺو هو، اڳ ۾ ئي ڏٺو هو. يعني جيئن هو پنهنجي جاءِ مان باغ ۾ ويو هو.“
”پر اِهو ڪوڙ آهي، غلط آهي! اِيئن ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي. هـُـو مون کي ڦاسائي رهيو آهي، رڳو نفرت کان ..... هـُـن ڪڏهن به اِيئن نه ڏٺو هوندو .... مان ڪڏهن به اِنهيءَ دروازي کان نه آيو هوس،“ مـِـتيا جواب ڏنو.
جاچ ڪندڙ عملدار، نڪولائي پارفينووچ ڏي مـُـڙيو ۽ کيس اَثرائتي آواز ۾ چيائين ته:
”هاڻي هن کي سندس سامهون پيش ڪر.“
”تون هن شيءِ کي سڃاڻين ٿو؟“
نڪولائي پارفينووچ ميز تي هڪ ڊگهو ۽ ٿلهو سرڪاري لفافو رکيو، جنهن تي ٽي مهرون اَڃا لڳل ٿي ڏٺيون. لفافو خالي هو. اُهو هڪ طرف کان ڦاٽل ٿي نظر آيو. مـِـتيا جون اکيون اُن کي ڏسي ڦاٽي ويون ۽ عجب مان اُن کي گهوري نهارڻ لڳو.
”هيءُ، هيءُ منهنجي پيءُ جو هئڻ گهرجي. اِهو، اُهو لفافو آهي، جنهن ۾ ٽي هزار روبل پيل هئا. جيڪڏهن ان تي اِيئن لکيل آهي ته: ”منهنجي نوخيز چوزي لاءِ، ته اُن ۾ ٽي هزار روبل هئا.“ مـِـتيا واڪو ڪري چوڻ لڳو. ”اوهان ڏسو ٿا، ته اُن تي ٽي هزار روبل لکيل آهن؟“
”بيشڪ اسان ڏسون ٿا، پر هن ۾ رقم ته موجود ڪانه آهي. هي خالي آهي. هيءُ، مقتول جي هنڌ جي ڀرسان زمين تي پيو هو ۽ پردي جي پويان.“
ٿورن منٽن لاءِ مـِـتيا ڀت بڻجي ويو. پوءِ چوڻ لڳو: ”شريف انسانو، هيءُ ڪم سميرڊياڪوف جو آهي. هو ئي آهي، جنهن کيس قتل ڪيو آهي ۽ ڦـُـريو آهي. ٻي ڪنهن به ماڻهوءَ کي خبر نه هئي، ته اِهو لفافو ڪٿي رکيو آهي؟ اِهو سميرڊياڪوف ئي آهي، اِها ڳالهه هاڻي ظاهر آهي.“
”پر تون به ته هن لفافي کي ڄاڻين ٿو ۽ اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو؟“
”مان هن کي ڪڏهن به نه ٿي ڄاتو ۽ نه وري مان ڪڏهن هن کي ڏٺو هو. هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو مان هن کي ڏٺو آهي. مان فقط سميرڊياڪوف کان هن جي بابت ٻـُـڌو هو. هيءُ ئي ماڻهو آهي، جنهن کي خبر هئي، ته پوڙهي اُن کي ڪٿي لڪائي رکيو آهي؟ مون کي ڪابه خبر نه هئي!“ مـِـتيا جو مڪمل طرح ساهه هيٺ مٿي کڄي رهيو هو.
”پر تو ته اَسان کي پاڻ ٻڌايو، ته اِهو لفافو فوتي يعني تنهنجي پيءُ جي وهاڻي هيٺان هو. تو خاص طرح اِها ڳالهه ٻڌائي، ته اِهو سندس وهاڻي هيٺان هو. توکي پـَـڪ سان اُن جي خبر هئي.“ نڪولائي پارفينووچ چيو، ته اَسان اِهو لکي ڇڏيو آهي ۽ اُن کي قبول ڪيو اَٿئون.
”بيوقوف! هيءُ ته واهيات آهي! منهنجي ڪڏهن به اِها مراد نه هئي، ته اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو.“ ڪڏهن به اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان ٿي نه ٿو سگهي. هيءُ فقط اتفاقي گمان ٿي سگهي ٿو، ته اِهو خط سندس وهاڻي هيٺان هو. سميرڊياڪوف ڇا ٿو چوي؟ اوهان کانئس پڇيو آهي، ته اِهو ڪٿي هو؟ اِهائي ته مکيه ڳالهه آهي ..... مان ته اوجهڙ وڃي پنهنجي خلاف ئي ڳالهائي رَهيو آهيان. مان خيال ڪرڻ کان سواءِ ئي اِيئن چئي ڏنو، ته اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو. هاڻي اوهان ڄاڻو ٿا، ته ڪيئن نه هڪ ماڻهو غلط ڳالهيون، بنا ڪنهن مطلب جي ٻڌائي ٿو. پر اِهي سڀئي ڳالهيون سميرڊياڪوف ڄاڻي ٿو، فقط سميرڊياڪوف، نه ٻيو ...... هـُـن هيءُ مون کي ڪڏهن به نه ٻڌايو هو، ته اُهو ڪٿي رکيو آهي؟ پر اِهو سڄو ئي سندس ڪم آهي. اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. هن ئي کيس قتل ڪيو آهي، اِهو روز روشن وانگر ظاهر آهي.“ مـِـتيا گهڻي کان گهڻو جوش ۾ ڀرجي ويو. ”توهان هن کي چڱيءَ ريت سمجهو ٿا ۽ اُن کي گرفتار ڪيو ..... هـُـن کيس اُن وقت قتل ڪيو. اِيئن جنهن وقت مان ڊوڙندو ٿي ويس ۽ گريگري بيهوش هو ..... اِهو هاڻي بلڪل صاف ٿو معلوم ٿئي ...... هـُـن کيس نشاني ڏني ۽ منهنجي پيءُ دروازو کوليو .... ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪوبه نه، پر هيءُ ئي نشانيون ڄاڻندو هو. نشانيءَ کانسواءِ منهنجو پيءُ ڪڏهن به دروازو نه کولي ها .......“
”تون وري به اسباب کي وساري رهيو آهين.“ جاچ ڪندڙ عملدار پنهنجي راءِ ڏيندي چيو. هـُـو اَڃا به ساڳي روڪ سان ڳالهائي رَهيو هو. جيتوڻيڪ اُن ۾ سندس خوشي به پئي ڏٺي. ”حقيقت ۾ اِشاري ڏيڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي، جڏهن ته دروازو اڳ ۾ کليل هو. تون اُن وقت باغ ۾ هئين ......“
”در، در،“ مـِـتيا زور سان چيو. هـُـن بنا ڪنهن گفتگو جي جاچ ڪندڙ عملدار کي عجب مان ڏٺو ۽ نااُميديءَ مان ڪرسي جي پٺ ڏي وڃي ڪريو. سڀئي خاموش ٿي ويا.
”هائو، دروازو! .... هيءُ هڪ خواب هو ..... خدا منهنجي خلاف ٿو ڏسجي.“ هن پريشانيءَ مان چيو. هن مڪمل طرح، مضبوط ڪرڻ واري عجب جي نگاهه سان اُن کي ڏٺو.
”ٻـُـڌ“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس چيو، ” ۽ تون پنهنجو پاڻ فيصلو ڪر، دمتري فيودورپاولووچ. هڪ طرف اسان وٽ هيءَ ثابتي آهي، ته تون اُن دروازي کان ڀڳو هئين، جو کليل هو. هيءَ اُها حقيقت آهي، جا توکي ۽ اسان کي وڪوڙي وئي آهي. ٻئي طرف تنهنجي، سمجهه کان ٻاهر ثابت قدمي ۽ اَڃا به اِيئن چئجي، ته اُن حقيقت کي ٻڌائڻ کان ضد واري خاموشي، ته اِها رقم توکي ڪٿان ملي هئي، جا اوچتو تنهنجي هٿن ۾ ڏٺي وئي، جڏهن ته ٽي ڪلاڪ اڳ ۾، تنهنجي ئي زبان موجب، تو پنهنجي پستول کي ڏهن روبلن جي لاءِ گروي رکيو هو! اِنهن سڀني حقيقتن کي هاڻي پنهنجي سامهون رکي، پاڻ ئي فيصلو ڪر! اسان ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪريون ۽ ڪهڙيءَ جي تائيد ڪريون؟ اسان جي سرد مهري، سختي ۽ بي پرواهي جي شڪايت نه ڪر، جي تنهنجي دل جي مهربانيءَ واري ڌَڪ ڌَڪ کي سمجهڻ کان قاصر آهن ...... ڪوشش ڪري اسان جي جوابدارين ۾ لنگهي اچ .......“
مـِـتيا، بيان ڪرڻ کان ٻاهر ڪاوڙ ۾ اَچي ويو ۽ سندس منهن جو رنگ هيڊو ٿي ويو.
”ٺيڪ آهي!“ هـُـن اوچتو رڙ ڪري چيو. ”مان اوهان کي پنهنجو راز ٻڌايان ٿو. مان هيءُ اوهان کي ٻڌائيندس، ته اِها رقم مون کي ڪٿان هٿ آئي ..... مان پنهنجي ندامت کي ظاهر ڪريان ٿو. اُن جي لاءِ، هن کانپوءِ نه مان اوهان کي ڪو ڏوهه ڏيندس نه پاڻ کي.“
”دمتري فيودورپاولووچ، اسان ۾ يقين رک.“ نڪولائي پارفينووچ خوشي ۽ رحم ڀري گڏيل آواز سان کيس چيو ته، ”اُها سڀڪا خلوص واري قبوليت، جا تنهنجي طرف کان هوندي، پوءِ پوري ريت اَثر واري ۽ تنهنجي فائدي ۾ هوندي ۽ شايد اُن کان به مٿي وڃي .....“
پر جاچ ڪندڙ عملدار، کيس ميز جي هيٺان خفيف ڌڪو ڏنو ۽ هـُـن ڳالهائيندي پاڻ کي سنڀالي ورتو. مـِـتيا، کين سمجهي نه سگهيو.

باب ستون: مـِـتيا جو راز، نفرت سان ظاهر ٿئي ٿو

”شريف انسانو!“ هن ساڳي جوش مان چوڻ شروع ڪيو: ”مان پنهنجي پوري قبوليت ڏيڻ گهران ٿو، ته اِها سموري رقم منهنجي پنهنجي هئي.“
هيءُ ٻڌي وڪيلن جا منهن ئي لهي ويا. کين اِنهيءَ جواب ٻـُـڌڻ جي اُميد ئي نه هئي.
”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ نڪولائي پارفينووچ هٻڪڻ لڳو. ”جڏهن ته ساڳي ڏينهن پنجين بجي، تنهنجي پنهنجي قبوليت موجب ......“
”کڏ ۾ وجهو ساڳي ڏينهن، پنجين بجي کي ۽ منهنجي قبوليت کي. هاڻي اُنهن جو ڪوبه سوال پيدا نه ٿو ٿئي. اِها منهنجي پنهنجي رقم آهي. جنهن کي مان چورايو هو. منهنجو مطلب آهي، ته اِها منهنجي نه هئي، پر مان اُن کي چورايو هو. اِهي پندرنهن سـَـؤ روبل هئا ۽ اِهي هميشھ مون سان ٿي رهيا .....“
”پر اِهي توکي ڪٿان هٿ آيا؟“
”اِهي مان پنهنجي ڳچيءَ مان ورتا. شريف انسانو، هن ساڳي پنهنجي ڳچيءَ کان ...... اِهي منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري هئا ۽ هڪ اڳڙيءَ ۾ سبيل. اِهي منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ٿي رهيا. نهايت گهڻي وقت کان، ويجهي، مهيني کان منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ٿي رَهيا ..... اِها منهنجي لاءِ ندامت ۽ پشيماني آهي.“
”پر! هي تو ڪنهن کان تڳائي ورتا هئا؟“
تنهنجو مطلب چوريءَ کان آهي؟ هاڻي صاف ڳالهاءِ. مان اِيئن خيال ڪريان ٿو، ته حقيقت ۾ مون اِهي چورايا هئا، پر اوهان اُن کي اَڃا به وڌيڪ سمجهو. مون اِهي پيسا دغا سان تڳايا هئا، پر مان اِيئن سمجهان ٿو، ته اِها چوري ڪئي اَٿم، يعني گذريل رات اِهو ڪم ڪيو اَٿم.
”گذريل رات! تو ته ٻڌايو، ته گذريل مهيني کان تو، اِها رقم حاصل ڪئي آهي؟“
”هائو، پر پنهنجي پيءُ کان نه، اوهان پريشان نه ٿيو. مان اِها رقم پنهنجي پيءُ جي نه چورائي آهي، پر هڪ عورت کان. اوهان جي دخل اندازي ڏيڻ کان اڳ ۾، سڀڪجهه ٻڌائڻ گهران ٿو. اِهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. مهينو کن اڳ ۾، مون کي ڪيٽرينا ايونونا پاڻ وٽ گهرايو هو. منهنجيءَ اڳوڻي مڱيندي! ڇا تون اُن کي ڄاڻين ٿو؟“
”هائو!“
”مان ڄاڻان ٿو، ته تون کيس ڄاڻين ٿو. هوءَ نهايت شاهاڻي عورت آهي. شاهاڻين کان شاهاڻي. گهڻي وقت کان هوءَ مون کي نفرت سان ڏسي رَهي آهي. ڪنهن بهتر اسباب هيٺ، هوءَ مون کي حقارت سان ڏسي ٿي!“
”ڪيٽرينا ايونونا!“ نڪولائي پارفينووچ، حيرت مان چيو. جاچ ڪندڙ عملدار کان به ڇرڪ نڪري ويو.
”اڙي، سندس نالو بيهوديءَ ريت نه وٺو. مان بدمعاش آهيان، جو سندس نالو، هن معاملي ۾ گهلي آيو آهيان. هائو مون ڏٺو آهي، ته هوءَ مون کي ڌڪاري ٿي ..... گهڻي وقت کان .... شروع کان ئي .... اِنهيءَ شام جي وقت کان ئي، جڏهن هوءَ منهنجي گهر ۾ آئي هئي .... پر هيءُ ڪافي آهي. توهان هن جي لائق ئي نه آهيو، جو هن حقيقت کي ٻڌو. هن جي ڪابه ضرورت نه آهي. مان اوهان کي فقط اِهو ٻڌائيندس، ته مهينو اڳ ۾، هـُـن مون کي ٽي هزار روبل ڏنا هئا، ته مان سندس ڀيڻ ۽ ٻي مائٽ ڏي ماسڪو موڪليان. (ڄڻ ته هوءَ اوڏانهين پاڻ موڪلي نه ٿي سگهي، مان ..... اُن بدنصيب گهڙيءَ ۾، جا منهنجي حياتيءَ جي سخت اونداهي ساعت هئي، ٻيءَ سان محبت ڪرڻ لڳو هوس. جا هاڻي هيٺ ويٺي آهي، يعني گروشينڪا. مان اُن کي هتي ماڪرو ۾ وٺي آيس ۽ ٻن ڏينهن ۾ اُنهن منحوس پيسن مان، اَڌ هتي وڃايم. يعني ٽن هزارن مان. باقي اَڌ رقم پاڻ وٽ محفوظ رکيم. مون اِهي پندرنهن سـَـؤ روبل ڳچيءَ جي تعويذ وانگر، پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائي رکيا. پر ڪالهه مان اُنهن کي کوليو ۽ خرچ ڪيم. اُنهن مان ڇا بچيو؟ اِهي اَٺ سـَـؤ روبل، جي هاڻي اوهان جي قبضي ۾ آهن، نڪولائي پارفينووچ. اِهائي باقي رقم آهي، جا ڪالهه مون وٽ هئي.“
”مون کي معاف ڪر، اِهو ڪهڙي ريت؟ ڇو جڏهن مهينو اڳ ۾ تون هتي آيو هئين، ته ٽي هزار روبل خرچ ڪيا هـُـيئي نه پندرنهن سـَـؤ. سڀڪوئي اِها حققت ڄاڻي ٿو.“
”ڪير ٿو اُن کي ڄاڻي؟ ڪنهن اُنهن کي ڳڻيو هو؟ ڇا مان ڪنهن کي چيو هو، ته اُن رقم کي ڳڻي؟“
”ڇو، تو سڀ کي، پاڻ ئي ته اِيئن ٻـُـڌايو هو، ته تو پورا ٽي هزار روبل خرچ ڪيا هئا؟“
اِهو سچ آهي، مان اِيئن چيو هو. مان سڄي شهر کي اِيئن ٻڌايو هو ۽ ٻين کي. هتي ماڪرو ۾ به، هر شخص اِهوئي حساب ٿي لڳايو، ته رقم ٽي هزار روبل هئي. پر مان ٽي هزار روبل خرچ نه ڪيا هئا، پر پندرنهن سـَـؤ، باقي پندرنهن سـَـؤ روبل مان سبي، هڪ ڳوٿريءَ ۾ رکيا. هيءَ اُهائي رقم هئي شريف انسانو! ڪالهه اَتان ئي اِهي پيسا مون کي مليا هئا ......“
”هيءَ ته ڪرامت چئبي!“ نڪولائي پارفينووچ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو.
”جاچ ڪندڙ عملدار کيس آخر ۾ چيو، ته مون کي اِجازت ڏي، ته مان توکان پڇان ته تو اڳي، هي حقيقتون، ڪنهن کي ٻڌايون به هيون. منهنجو مطلب آهي پندرنهن سـَـؤ روبل کان، جي تو وٽ مهينو کن اڳ ۾ بچيا هئا؟“
”مان ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو.
”هيءَ عجيب حقيقت آهي. ڪنهن کي به نه؟“
”هرگز نه، ڪنهن کي به نه.“
”پر اُن کي مخفي رکڻ جو سبب ڪهڙو هو ۽ راز بڻائڻ جي مراد ڪهڙي هئي؟ جيڪڏهن اَڃا به وضاحت ڪبي، ته آخر تو پنهنجي راز کي پاڻ ئي ٻڌايو آهي ۽ تنهنجي لفظن ۾ هيءَ نهايت پشيماني واري حقيقت به آهي. اِيئن سچ پچ هجي به - جيڪڏهن هن کي ڪنهن مناسبت سان ڏسجي، ته هيءُ واقعو ٽي هزار روبل جي ٺڳيءَ جو آهي، جي ڪنهن ٻئي جي ملڪيت آهن، پر منهنجي نظر ۾ ٿوري وقت لاءِ، هي عمل ناعاقبت انديشي جو آهي، نه ڪنهن ندامت يا پشيمانيءَ جو. سو به تڏهن، جڏهن ڪو تنهنجي ڪردار کي بحث ۾ وٺي .... اِيئن به کڻي قبول ڪجي، ته هيءُ عمل بيحد شرمناڪ آهي. پر هر شرمناڪ شيءِ ذلت واري نه هوندي آهي .... ڪيترن ماڻهن هن مهيني اندر،ڪيٽرينا ايونونا جا ٽي هزار روبل، توکي لٽائيندو ڏٺو آهي ۽ مان هن داستان کي پاڻ ٻڌو آهي ..... تنهنجي قبوليت کان سواءِ، مثال لاءِ مائيڪل ماڪرووچ به اُن کي ٻڌو آهي. اُن ڪري اِهو مشڪل سان راز رهيو آهي. سچ ته شهر وارن جي لاءِ هڪ گپوڙي واري ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن مان غلطي نه ٿو ڪريان، ته هن ۾ ڪي اشارا به آهن، ته تو پاڻ ڪنهن سان هي قبوليت ڏني آهي، جنهن کان منهنجو مقصد آهي، ته اِها رقم ڪيٽرينا ايونونا جي آهي. اِهڙي ريت هيءَ نهايت تعجب جي ڳالهه آهي، ته تون هن وقت تائين اُنهن پندرنهن سون کي هڪ غير معمولي راز ٿو سمجهين! ۽ اُن ڳـُـجهه سان تون هڪ مڪمل خوف کي وڃي ٿو ملائين؟ ........ هي اعتبار ڪرڻ ئي مشڪل آهي، ته تو وٽ اُن واقعي ايترو ڏک پيدا ڪيو، جو تون اُن راز جي قبوليت ڏئي نٿو سگهين. تو هاڻي به واڪا ڪري ٿي چيو، ته هن راز جي ٻڌائڻ کان سائبيريا ڏي وڃڻ بهتر آهي.“
جاچ ڪندڙ عملدار، گفتگوءَ کي پورو ڪيو. هـُـو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو هو. هـُــو پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائي نه سگهيو، جنهن کي ڪاوڙ ئي چئجي. سندس ضمير جي اندر جو ڪجهه به هو، اُن کي بنا ڪنهن رَک رَکاءَ جي چئي ڏنائين.
”اِهي پندرنهن سؤ روبل ذلت جو باعث نه آهن، پر اُها رقم آهي، جا مان جدا ڪري رکي هئي.“ مـِـتيا چيو.
”ڇو؟“ جاچ ڪندڙ عملدار جوش مان مشڪي چيو. ”تڏهن تنهنجي خيال ۾ اُها ڪهڙي ذلت آهي؟ اُهي پندرنهن سـَـؤ، جيڪي تو شرمناڪ طريقي سان جدا ڪري رکيا هئا! تون اُن کي ٺڳيءَ کان به مٿي ٿو سمجهين؟ حقيقت ۾ اهي ٽي هزار روبل گهڻا ضروري آهن. اِنهيءَ کان، جو اوهان، اُن سان ڪري گذريا. تو اُن سان اِهڙو قدم ئي ڇو کنيو هو؟ اوهان اِهي پندرنهن سـَـؤ روبل ڇو بچايا هئا؟ اوهان کي ڇا منظور هو، اُن جي بابت ڪا سمجهاڻي ڏيو؟“
”شريف انسانو! اِنهيءَ ئي نقطي تي، ته سڄي حقيقت بيٺل آهي!“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو. ”مان اُن کي پاسيرو رکيو، ڇو ته مان لائق نه هوس. مان اِنهن ٽن هزارن مان چڱيءَ ريت ڳڻي پندرنهن سـَـؤ روبل ٻاهر ڪڍيا هئا ۽ اِهو حساب شرمناڪ هو. اهائي نالائقي سڄو مهينو هلندي رَهي.“
”هيءَ ته سمجهه ۾ اَچڻ جهڙي ڳالهه نه آهي.“
مون کي ته توتي عجب ٿو لڳي، پر مان اَڃا به وضاحت ڪندس. شايد هيءَ سچ پچ سمجهه ۾ نه اَچڻ جهڙي ڳالهه هجي. مهرباني ڪري هن ڏي ڌيان ڏي، جو ڪجهه مان چوان ٿو، مان ٽي هزار روبل جي ٺڳي ڪئي، جو منهنجي عزت جو سوال هو. مان عيش جي مجلس ۾ اُن کي خرچ ڪري ڇڏيو. اِيئن کڻي چئجي، ته مان سڀئي پئسا خرچ ڪري ڇڏيا. ٻي ڏينهن مان اُن وٽ وڃي ۽ کيس چوان، ڪٽيا، مون کان غلطي ٿي آهي، مان تنهنجي ٽن هزار روبل کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. ڇا اُهو چڱو ۽ صحيح طريقو ٿئي ها؟ نه اِهو صحيح نه آهي. اِها بي ايماني آهي ۽ بي همٿي. مان هڪ جانور آهيان - اُهو جانور جنهن کي پاڻ تي ضابطو نه هجي. اِهو اِيئن آهي نه؟ پر اُن هوندي به مان اَڃا چور نه آهيان. بد ڪردار چور نه آهيان. تون هن کي قبول ڪندين. مان اُن رقم کي فضول خرچيءَ ۾ وڃايو آهي، پر چور نه آهيان. هاڻي هڪ سيڪنڊ لاءِ، هن جي ٻي صورت ٻڌو، جا وڌيڪ فائدي واري آهي. مون کي خبرداريءَ سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، متان مان وري منجهي نه پوان - منهنجو مٿو ڦري رهيو آهي، ها وري ٻيو حل. مان هتي ٽن هزار روبل مان پندرنهن سـَـؤ روبل خرچ ڪيا، جو اُن جو اَڌ آهي. ٻي ڏينهن جيڪڏهن مان اِهو اَڌ کڻي اُن وٽ وڃان ها ۽ چوان ها، ته ڪٽيا مون کان پندرنهن سـَـؤ روبل وٺ، مان هڪ جانور آهيان ۽ بي اعتبار بدمعاش، ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي اَڌ رقم ضايع ڪري ڇڏي آهي ۽ هيءَ به ضايع ڪري ڇڏيندس، مون کي هن هوَس کان بچائي وٺ! پوءِ اوهان هن ٻي صورت لاءِ ڇا چئو ها؟ مون کي جانور چئو ها يا بدمعاش! جيئن اوهان جي مرضي، پر اوهان ڪڏهن به چور نه چئو ها. يا ته مون کي ڪجهه به بچائي اَچڻ نه گهربو هو، پر مان اُٰن کي بچائي رکيو هو. مان اُن اَڌ کي وٽس کڻي وڃان ها ۽ هوءَ ڏسي ها ۽ باقي جو اَڌ خرچ ڪيو هيم، اُن کي پهچائي ڏيان ها، جنهن لاءِ مان ڪوشش ڪريان ها، ته اُن کي موٽائي ڏيان. اِهڙي حالت ۾ به، مان بدمعاش ته بڻجان ٿو، پر چور نه! توهان ٻيو ڪجهه به چئو پر چور نه!“
”مان قبول ٿو ڪريان ته هن ۾ تفاوت ضرور آهي.“ جاچ ڪندڙ عملدار ٿڌي طرح مشڪندي چيو. ”پر هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، جو تون هن اختلاف جي بنياد کي به ڄاڻين ٿو.“
”هائو، مان هن جي بنيادي اختلاف کي ڄاڻان ٿو. سڀڪو ماڻهو بدمعاش ٿي سگهي ٿو ۽ شايد هرڪو ماڻهو، بدمعاش هجي به. پر هرڪو چور ٿي نه ٿو سگهي. پر هن سوال جو حل ڪرڻ منهنجو موضوع نه آهي. نه وري مان هن جو موزون تفاوت ئي ڄاڻان ٿو .... پر هڪ چور، هڪ بدمعاش کان گهڻو حقير آهي. منهنجي اِهائي راءِ آهي. ڌيان ڏيئي ٻڌو، مان اِها رقم، مهينو ساندهه، پاڻ سان گڏ گهمائيندو رهيس. مان هميشھ اِهو اِرادو ٿي رکيو، ته موٽائي ڏيندس ۽ مان بدمعاش به نه رهندس. پر مون کان اِها همٿ نه ٿي. جيتوڻيڪ اوهان ٻڌو ٿا، ته مان ڏهاڙي اِهو اِرادو ڪندو ٿي رهيس. روزانو پاڻ تي زور ڏيندو ٿي رهيس، ته اِيئن ڪريان، پر سڄي مهيني ۾ مان اُن لاءِ تيار ٿي نه سگهيس. ڇا اوهان جي خيال ۾ هيءُ صحيح طريقو هو؟“
”يقينـََـا! اِهو صحيح طريقو نه هو. مان اُن کي پوري ريت سمجهان ٿو ۽ ڪوبه پس و پيش نه ٿو ڪريان.“ جاچ ڪندڙ عملدار، پاڻ کي سنڀاليندي چيو. ”اَسان کي هنن اَجائي ۽ جزوي اختلافن تي بحث نه ڪرڻ گهرجي. تنهنجي مهرباني ٿيندي، جيڪڏهن تون مکيه نقطي ڏي اَچين. اُهو نقطو آهي، ته تو اَڃا اسان کي ٻڌايو ئي نه آهي، جيتوڻيڪ اَسان توکان پڇندا رهيا آهيون، ته تو ڇو اَڌ فضول خرچي ۾ وڃايو ۽ اَڌ پاڻ وٽ بچائي رکيو؟ اُهو ڪهڙو مقصد هو، جنهنڪري تو اُن رقم کي لڪائي رکيو هو. تنهنجو اِنهن پندرنهن سون مان ڪهڙو مطلب پئي پورو ٿيو. دمتري فيودورپاولووچ، مان هن سوال تي زور ٿو ڏيان.“
”هائو، بيشڪ! “ مـِـتيا، نراڙ کي ڌڪ هڻندي چيو. مونکي معاف ڪريو، مان پاڻ کي پريشان ڪري رَهيو آهيان ۽ مکيه نقطي جي تشريح نه ٿو ڪري سگهان، نه ته جيڪر اوهان منٽ ۾ اُن کي سمجهي وڃو ها. ڇاڪاڻ ته اُن جي مراد ئي ’نفرت‘ آهي. هي سڀ ڪجهه اُن پوڙهي ماڻهوءَ لاءِ ڪرڻو ٿي پيو، يعني فوتي پيءُ لاءِ. هو هميشھ اگرافينا اليگزينڊرووينا جي لاءِ ٿي صدقي ٿيو ۽ مون کي حسد هو. مان اُن وقت سمجهيو، ته هـُـوءَ منهنجي ۽ اُن جي وچ ۾ انتخاب جي لاءِ ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. اُن ڪري مان روزانو پيو سوچيندو هوس. مثلاً: هـُـو اوچتو پنهنجو رخ ڦيرائي وجهي ۽ مون کي عذاب ڏيئي ڇڏي ڏي ۽ چوي ته مان توسان محبت ٿي ڪريان، نه هن سان! مون کي دنيا جي ڪنهن انتهائي ڇيڙي تي وٺي هل ۽ مون وٽ فقط چاليهه ڪوپڪس (ننڍڙا سڪا) هجن، ته پوءِ مان ڪيئن اُن کي وٺي وڃي ٿي سگهيس. مان اُن کي وڃائي ويهان ها. اوهان کي خبر هئڻ گهرجي، ته مان اُن وقت کيس نه ٿي سڃاتو. مان کيس نه ٿي سمجهيو. مان سمجهيو ٿي، ته کيس پيسو کپي ۽ هوءَ ڪڏهن به منهنجي مفلسيءَ کي وساري نه سگهندي. اِنهيءَ ڪري مان آخري طرح ٽن هزارن جو اَڌ ڳڻي، پاڻ وٽ سبي رکيو. شراب جي پيئڻ کان اڳ مون اُن کي سبيو ۽ پوءِ ئي شراب پيئڻ لاءِ ويس. اِهائي بنيادي حقيقت آهي، جنهن کي اوهان سمجهيو هوندو.
ٻئي وڪيل کلڻ لڳا.
”مان هن کي تنهنجي پاران، هڪ سمجهه ڀـَـري ۽ اخلاقي شيءِ سمجهان ٿو.“ نڪولائي پارفينووچ فخر مان کلندي چيو. ”هيءَ ٺڳي ته آهي ئي نه. ڇاڪاڻ ته اِهي پيسا ڇا جي لاءِ گڏ ڪري رکيا ويا هئا؟“
”اِنهيءَ لاءِ ئي ته مان چوري ڪئي هئي. بنيادي حقيقت اِها آهي، اوهان اِهو نه سمجهڻ جي ڪري ڊيڄاري رهيا آهيو. هرهڪ ڏينهن تي مان، اِنهن پندرنهن سـَـون جي بابت، جيڪي منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري تعويز ۾ سبيل هئا، چوندو ٿي رهيس ته مان چور آهيان، مان چور آهيان! اِهو سبب هو، جو، مان سڄي مهيني ۾ وحشي بڻيو رهيو هوس. اِهوئي سبب هو، جو مان ساقي خاني ۾ وڙهيو هوس. اِهوئي سبب هو، جو مان پنهنجي پيءُ تي حملو ڪيو هو. اِنهيءَ ڪري ئي مان همٿ نه ٻڌي سگهيو هوس. اِنهيءَ سبب جي ڪري، مان پنهنجي ڀاءُ اليوشا کي به اِنهن پندرنهن سـَـون لاءِ نه ٻڌائي سگهيو هوس. مان محسوس ٿي ڪيو، ته مان ذليل آهيان ۽ ڳنڍيءَ ڇوڙ، پر اوهان کي خبر آهي، ته جڏهن مان اِن رقم کي کنيو ٿي، پاڻ کي چوندو ٿي رهيس ۽ هر گهڙي ته: ”نه دمتري فيودورپاولووچ، تون اَڃا به چور نه آهين، ڇو؟ ڇاڪاڻ ته مان شايد ٻي ڏينهن تي، وڃي ڪيٽرينا کي اِها رقم موٽائي ڏيان. ڪالهه ئي مان اِرادو ڪيو، ته پنهنجي ڳچيءَ مان اُن اڳڙيءَ کي ڦاڙي ڇڏيان. مون کي اِهو خيال رستي تي آيو هو. جڏهن فينا کان پروهيٽن ڏي ٿي ويس. اِنهيءَ گهڙيءَ کان اڳ ۾، مان ڪڏهن به اِئين ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار نه ڪري سگهيو هوس. اُن اڳڙيءَ کي ڦاڙڻ کان پوءِ مان ذليل چور بڻجي ويس. هڪ چور ۽ سڄي حياتيءَ لاءِ بي ايمان انسان! ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اِيئن ڪندي، مان پنهنجي اُن خواب کي به برباد ڪري ڇڏيو، جنهن جو تعلق، ڪٽيا ڏي وڃڻ سان هيو، ته مان بدمعاش ته آهيان، پر چور نه آهيان. توهان هاڻي سمجهيو؟ توهان هاڻي سمجهيو.“
”اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهنڪري تو ڪالهه، اِيئن ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو؟“ نڪولائي پارفينووچ، وچ ۾ دخل ڏيندي چيو.
”ڇو؟ اِهو ته پڇڻ ئي اَجايو آهي. مان صبح سان پنجين بجي پاڻ کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. هتي ۽ پرهه ڦٽيءَ جو. مان خيال ڪيو، ته هاڻي هڪ چور ۽ عزت واري ماڻهوءَ جو ڪو تفاوت ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جڏهن ته مرڻو اَٿم. شريف انسانو! مون تي اعتبار ڪريو، ته مون کي جنهن شيءِ اڄ گهڻو عذاب ڏنو، اُهو اُن پوڙهي ملازم جو خون نه هو، پر مان هن خوف ۾ هوس، ته مون کي اُن وقت سائبيريا موڪليو ويندو، جڏهن مون کي پنهنجي محبت جو انعام ملي رَهيو آهي ۽ جنت جا دروازا وري مون لاءِ کلي ويا آهن. اِهو خيال مون کي عذاب ڏيندو رَهيو، پر اِهڙي طرح نه، جيئن هي ملعون رقم ۽ اڳڙيءَ جو ڦاڙي، اُن کي خرچ ڪرڻ! مان ذليل چور بڻجي چـُـڪو هوس. شريف انسانو! مان اوهان کي پنهنجي پـُـرخون دل سان ٻڌايان ٿو، ته مان اِنهيءَ رات ۾ گهڻو ڪجهه پرايو آهي، ته نه فقط بدمعاش ٿي رهڻ ڏکيو آهي، پر بدمعاش ٿي مرڻ به ڏکيو آهي ...... نه شريف انسانو! ايماندار ٿي مرڻ ئي بهتر آهي.“
مـِـتيا جو رنگ زرد ٿي ويو. سندس نگاهون جوشيليون هئڻ جي بجاءِ خوفزده ۽ ٿڪايل ٿي ڏٺيون.
”دمتري فيودورپاولووچ، هاڻي مان توکي سمجهڻ شروع ڪيو آهي.“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس آهستي ۽ رحم ڀـَـري آواز ۾ چيو.
”پر هيءُ سڀ ڪجهه، جيڪڏهن تون منهنجي چوڻ کي معاف ڪرين، ته اعصابي پريشانيءَ جي باعث هو. منهنجي اِها راءِ آهي ..... تنهنجا مڪمل ريت خرابيءَ سان ڀريل اعصاب،اِنهن جي ڪري ئي اِيئن ٿيو آهي. ڇو؟ ٿوري وقت لاءِ خيال ڪر، ڇا تو پاڻ کي سڄو مهينو هن مصيبت کان بچايو نه هو؟ تون اُنهن پندرنهن سون لاءِ، اُن عورت ڏي، جنهن تنهنجي مٿان اعتبار ڪيو هو، سڄو مهينو آئين ۽ وئين نه ٿي؟ پوءِ ڇو تون هن کي اِها ڳالهه ٻڌائي نه ٿي سگهين؟ پنهنجي حيثيت جي لحاظ کان، جيئن تو اُن کي خطرناڪ ٻـُـڌايو آهي، ڇو تون اُن رٿ تي عمل نه ڪري سگهين، جا فطرتـََـا ڪنهن جي دل تي تـَـري اَچي ٿي، يعني عزت سان پنهنجي غلطين کي اُن وٽ بيان ڪرڻ. تو اِيئن هن کي ڇو نه ٿي چيو، ته تنهنجي خرچن لاءِ، هوءَ توکي قرض ڏئي. جو هوءَ پنهنجي نيڪ دليءَ سان ڪڏهن به انڪار نه ڪري ها. جڏهن ته اُن جي لاءِ، ڪا ضمانت به هجي ها. يا اُن سلامتيءَ تي، جا تون سامنسوف واپاريءَ ۽ بيگم هائلڪوف کي ڏئي رهيو هئين. مان سمجهان ٿو، ته تون اَڃا به اُن ضمانت کي قيمت وارو ٿو سمجهين!“
مـِـتيا اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو.
”مون کي يقين آهي، ته اوهان مون کي ايترو ويل بدمعاش نه سمجهندا هوندا؟ اوهان سنجيدگيءَ سان نه ٿا ڳالهايو.“ هـُـو نفرت سان چوڻ لڳو ۽ جاچ ڪندڙ عملدار جي منهن ۾ گهوري نهارڻ لڳو. ڄڻ ته کيس پنهنجي ڪنن تي اعتبار ئي نه ٿي آيو.
”مان توکي يقين ٿو ڏياريان، ته مان سنجيدهه آهيان ..... تون اِيئن ڇو ٿو خيال ڪرين، ته مان سنجيده نه آهيان ...... تون اِيئن ڇو ٿو تصور ڪرين، ته مان مستعد نه آهيان؟“ هاڻي جاچ ڪندڙ عملدار جي حيران ٿيڻ جو وارو هو.
”اڙي اِهڙي سازش وڌيڪ ننگ ۽ ڪار واري هئي. شريف انسانو! اوهان کي خبر پوي ٿي، ته اوهان مون کي عذاب ڏئي رهيا آهيو! ڪجهه به ٿي پوي، مون کي سڀ ڪجهه چوڻ ڏيو. مان پنهنجي جنهن بڇڙائيءَ کي قبول ٿو ڪريان ۽ اوهان کي به شرمندگيءَ ۾ ٿو آڻڻ گهران. اوهان خود، پنهنجو پاڻ حيرت ۾ پئجي ويندا، ته بشر ۽ احساس ڪيتري قدر نه بديءَ جي پستيءَ ڏي لهي ٿو اَچي! شريف انسانو! هائو، جا رٿ جاچ ڪندڙ عملدار هاڻي پيش ڪئي آهي، منهنجي به ذهن ۾ آئي هئي. هلندڙ مهيني ۾ اهو خيال منهنجي اندر ۾ موجود هو، ۽ مان ارادو به ڪيو هو، ته ڪٽيا ڏي وڃان - مان اِنهيءَ لاءِ پورو پورو لائق به هوس. اُن ڏي وڃڻ ۽ پنهنجي مڪاري ٻڌائڻ، ۽ اُن مڪاريءَ مان پورو پورو فائدو وٺڻ ۽ ڪٽيا کي رقم لاءِ عرض ڪرڻ،(يعني پنڻ، سمجهو ٿا پنڻ) ۽ اُن کان وري ٻي ڏي وڃڻ، سندس رقيب ڏي وڃڻ، جنهن سندس بي عزتي ڪئي هئي. نهايت عجيب خيال آهي! شايد تون چريو ٿي پيو آهين، جاچ ڪندڙ عملدار!“
”مان چريو ته نه آهيان، پر جلديءَ مان ڳالهائيندو ٿو وڃان ..... مان عورتن جي ساڙ ۽ حسد کي خيال ۾ ئي نه آندو آهي. هن ساڙ ۽ حسد جي حالت ۾، جنهن جو تون يقين ٿو ڏئين ...... هائو، شايد اِنهيءَ ۾ اِهڙي قسم جي ڳالهه هجي.“ جاچ ڪندڙ عملدار مشڪندي چيو.
”پر اِهو بيحد نفرت انگيز ٿئي ها.“ مـِـتيا خوفناڪ طرح سان ميز ڏي مڪ وڌائي. ”اِهو ته سڀ کان وڌيڪ خراب ڪم ٿئي ها. هائو! اوهان کي خبر آهي، ته هوءَ اِها رقم مون کي ڏئي به ڇڏي ها ۽ وساري به ڇڏي ها، پر هوءَ هي سڀ ڪجهه پنهنجي انتقام کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪري ها. مون لاءِ پنهنجي نفرت کي ڏيکارڻ لاءِ ڪري ها. ڇاڪاڻ ته هوءَ شيطاني طبعيت واري آهي ۽ وڏي غصي واري عورت آهي. مان اُن کان اِها رقم وٺان به ها ۽ وٺان ها، پر پوءِ سڄي حياتي .... خدايا! شريف انسانو! مون کي معاف ڪريو، مان هيءَ جا فرياد ٿو ڪريان، اُن لاءِ معافي ٿو گهران. مان هيءُ واڪا اِنهيءَ لاءِ ٿو ڪريان، ته ٻه ڏينهن اڳ جڏهن رات جو لياگاوي وٽ ڦاٿو هوس ۽ ڪالهه به اِنهيءَ فڪر ۾ گرفتار هوس. مون کي اُن جي پختي يادگيري آهي. ايستائين اِهو فڪر ساڻ هيم، جيستائين اِهو حادثو عمل ۾ آيو.“
نڪولائي پارفينووچ، سندس گفتگوءَ کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو ته:
”ڪهڙو حادثو؟“
پر دمتري سندس ڳالهه کي ئي نه ٻـُـڌو.
”مان اوهان وٽ، پنهنجي خطرناڪ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي.“ مـِـتيا مايوسيءَ مان چيو. ”توهان هن جو قدر ڪيو. اَڃا به وڌيڪ، هن جي عزت ڪريو. جيڪڏهن هي ڳالهيون، اوهان جي دلين ۾ رحم اُڀاري نه ٿيون سگهن، ته پوءِ، اوهان کي منهنجي لاءِ ڪابه عزت نه آهي. شريف انسانو! مان اوهان کي ٻڌايان ٿو، ته مان هن ندامت کان مري ويندس، ته مان توهان جهڙن ماڻهن وٽ پنهنجي قبوليت ڇو ڏني؟ مان پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيندس! هائو مان اڳ ۾ ئي ڏسي چڪو آهيان، ته اوهان کي مون تي ڪو به اعتبار ڪونه آهي. ڇا اوهان اِها به ڳالهه لکڻ گهرو ٿا.“ هن جهڪو ٿيندي چيو.
”هائو! تو هاڻي جو ڪجهه به چيو.“ نڪولائي پارفينووچ کيس حيرت مان نهاريندي چيو. ”اِهو ته تون آخري گهڙيءَ تائين ڪيٽرينا ايونونا ڏي وڃڻ لاءِ سوچيندو رهيو هئين، ته وٽس وڃي رقم لاءِ عرض ڪريان. مان توکي يقين ٿو ڏياريان، ته هيءُ ثبوت جو نهايت ضروري حصو آهي، دمتري فيودورپاولووچ..... مان سمجهان ٿو، ته سڄي مقدمي ۾ هي ضروري آهي. خاص ڪري، تنهنجي لاءِ نهايت ضروري آهي.“
”شريف انسانو! مون تي رحم ڪريو!“ مـِـتيا پنهنجي هٿن کي هوا ۾ هلايو. ”اِنهيءَ کي ڪنهن به حالت ۾ نه لکو. ڪجهه شرم به ڌاريو. مان ته پنهنجي دل ڦاڙي اوهان جي اڳيان رکي آهي ۽ اوهان هن موقعي جو فائدو ٿا وٺو. ٻنهي طرفن کان منهنجي زخم ۾ آڱريون ٿا ٽنبيو، او خدايا!“
هن نااُميديءَ مان پنهنجي منهن کي هٿن ۾ لڪلائي ڇڏيو.
”دمتري فيودورپاولووچ، پاڻ کي ايترو پريشان نه ڪر.“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس چيو. ”هتي جو ڪجهه به لکيو وڃي ٿو، اُهو سڀ وري توکي ٻڌايو ويندو. جنهن سان تون اتفاق نه ڪندين، اُن کي تون پنهنجي خواهش سان بدلائي سگهندين. هاڻي مان توکان هڪ ننڍڙو سوال ٿو پڇان ۽ اِهو ٻيو ڀيرو ٿيندو. جنهن رقم کي تو سبيو هو، اُن جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي. توکي مان ٻڌايان ٿو، ته اِها اعتبار ۾ اَچڻ جهڙي حقيقت ئي نه آهي.“
”ڪنهن کي به نه، ڪنهن کي به نه، مان اوهان کي اڳ ۾ ٻڌائي چـُـڪو آهيان. يا ته اوهان ڪا ڳالهه سمجهي ئي نه ٿا سگهو، مون کي اَڪيلو ڇڏي ڏيو.“
”صحيح آهي. پر هن حقيقت جي لاءِ تشريح جي ضرورت آهي. اُن جي لاءِ گهڻو ئي وقت آهي، پر ساڳي وقت ڌيان ڏي اَسان وٽ ڪي شاهد به آهن، جن کي تو هر جاءِ تي پکيڙي ڇڏيو آهي. ٽن هزارن بابت ته هر هنڌ واڪا ڪري چيو آهي. اُنهن کي تو هتي خرچ ڪيو آهي. ٽي هزار روبل، پندرنهن سـَـؤ نه! هاڻي به جڏهن توکي پيسا مليا آهن، يعني ڪالهه، ته تو ماڻهن کي اِيئن خيال ڪرڻ جو وجهه ڏنو آهي، ته تون پاڻ سان ٽي هزار روبل کڻي آيو آهين.“
”اوهان وٽ ڊزن نه پر سوين شاهد موجود آهن. ٻه سـَـؤ، ٻه سـَـؤ ماڻهن اُنهن کي ٻڌو آهي. هزارن اُن کي ٻڌو آهي.“ مـِـتيا رڙ ڪري چيو.
”ها، سڀئي اِها شاهدي ڏين ٿا. هڪ ئي لفظ، جنهن جي معنيٰ ساڳي آهي.“
اِنهيءَ مان ڪوبه مطلب نه ٿو نڪري. ڪنهن کي به مان نه ٻڌايو، پر هرڪو اُن کي دهرائيندو ٿو رَهي.“
”پر ڪهڙي ضرورت پئي هئي، ته تون اِهڙي خراب ڳالهه کي ڪرين، جنهن کي تون پاڻ به چوين ٿو؟“
”شيطان ئي هي ڄاڻي سگهي ٿو. پنهنجي غلط بهادري ڏيکارڻ لاءِ .... ته مان ايترو پيسو ضايع ڪري سگهان ٿو ..... اُن رقم کي وسارڻ لاءِ، ته مان ان کي سبي ڇڏيو هو ..... هائو، اِنهيءَ لاءِ ..... کڏ ۾ وجهوس ...... خبر نه آهي، ته اوهان اِهو سوال مون کان ڪيترا ڀيرا پڇندا؟ ٺيڪ آهي، مان اوهان کي به ضرور ڪوڙ ٻڌايو آهي. اِنهيءَ جي پڄاڻي ٿي چـُـڪي آهي. مان هڪ ڀيرو اوهان کي ٻڌايو آهي. مان هاڻي اُن کي صحيح ڪريان، اُن جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڇو، ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي؟“
”پر هن جو فيصلو نهايت ڏکيو آهي، دمتري فيودورپاولووچ ته ماڻهو کي ڪهڙي شيءِ آهي، جا ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ، راضي ٿي ڪري.“ جاچ ڪندڙ عملدار، ڪنهن اَثر هيٺ اَچي چيو. مون کي ٻڌاءِ، ته اُها ڳنڍ جا، تنهنجي ڳچيءَ وٽ، جيئن تون چوين ٿو، وڏي هئي؟“
”نه، ايڏي وڏي نه هئي.“
”مثال لاءِ ڪيتري وڏي هئي؟“
”جيڪڏهن تون سـَـو روبل کي، اَڌ تي ٻيڻائيندين، ته اِهائي اُن جي ماپ ٿيندي.“
”تون اَسان کي اِيئن موڙي ڏيکار. اُهو ڪپڙو اَڃا تو وٽ هوندو؟“
”ڪيڏي نه بيوقوفي آهي، اها، هاڻي اُهو ڪپڙو مون وٽ ڪٿي آهي!؟“
”هڪ گهڙيءَ لاءِ اِجازت ڏيو، ته مان اوهان کان پڇان، ته ڪڏهن ۽ ڪٿي اوهان اُن ڳنڍ کي کوليو، جا اوهان جي ڳچيءَ سان هئي؟ اوهان ٻڌايو آهي، ته اوهان پنهنجي گهر نه ويا هئا.“
”جڏهن مان فينا کان پرهيٽن ڏي ٿي ويس. رستي ۾، مان اُن کي پنهنجي ڳچيءَ مان ٽوڙيو ۽ رقم ڪڍي ورتم.“
”اونداهيءَ ۾؟“
”مون کي روشني جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ مان هڪ ٻن منٽن ۾ پنهنجي آڱرين سان اُن کي ٽوڙي ڇڏيو.“
”ڪئنچيءَ کانسواءِ گهٽيءَ ۾؟“
”مان خيال ڪريان ٿو، ته مارڪيٽ ۾. ڪئنچيءَ جي ڪهڙي گهرج هئي؟ پر اوهان اِهو ڇو ٿا پڇو؟“
”پوءِ تو اُن کي ڪٿي ڦٽو ڪيو؟“
”مان اُن اڳڙيءَ کي اُتي ئي ڦٽو ڪيو.“
”مارڪيٽ ۾، مارڪيٽ ۾. شيطان ئي ڄاڻي سگهي ٿو، ته ڪٿي؟“
”هي سوال نهايت ضروري آهي، دمتري فيودورپاولووچ. اِها شيءِ تنهنجي فائدي لاءِ ثابتي آهي. ڪيئن تون اِنهيءَ کي نه ٿو سمجهين؟ اِنهيءَ جي سبڻ ۾ توکي ڪنهن مدد ڪئي هئي؟“
”ڪنهن به مون کي مدد نه ڪئي، مان پاڻ ئي سبيو هو.“
”تون سبي به سگهين ٿو؟“
هڪ سپاهيءَ کي سبڻ اَچڻ گهرجي. ڪنهن به وڌيڪ ڄاڻ جي هن ۾ ضرورت ڪانه هئي.
”تو اِهو سامان ڪٿان آندو؟ يعني اُها اڳڙي، جنهن ۾ تو اُن رقم کي سبيو هو؟“
”ڇا اوهان مون تي کلو ته نه ٿا؟“
”ڪڏهن به نه. نه وري اَسان کلڻ جي موڊ ۾ آهيون. دمتري فيودورپاولووچ.“
”مون کي خبر نه آهي، ته مون اُها اُڳڙي ڪٿان آندي - مان خيال ڪريان ٿو، ته هتان، هتان.“
”مان سمجهان ٿو، ته تو اُن کي وساريو نه هوندو؟“
”مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان، ته مون کي ياد نه رهيو آهي. مان شايد ڪنهن پنهنجي ڪپڙي مان ڦاڙيو هوندو.“
”هيءُ نهايت دلچسپ آهي. اَسان سڀاڻي تنهنجي رهڻ واري جاءِ مان اُن کي ڳولهينداسون. پوءِ اُها قميص آهي يا ٻيو ڪو ڪپڙو. اُهو عام ڪپڙو يا شلوار؟
”نيڪي ٿي ڄاڻي ته اهو ڪهڙو ڪپڙو هو؟ پر ترسو ....! مان سمجهان ٿو، ته ڪنهن مان به نه ڦاڙيو هيم. اهو ڪئليڪو جي ڪپڙي جو قسم هو. مون کي ياد ٿو اَچي ته مان گهر واري عورت جي ٽوپيءَ مان ڦاڙي اُن کي سبيو هو.“
”تنهنجي گهر جي مالڪياڻي جي ٽوپيءَ ۾؟“
”هائو! مان اُن مان ئي کنيو هو.“
”تو اُن کي ڪيئن حاصل ڪيو؟“
”مون کي ياد ٿو اَچي، ته هڪ ڀيري مان اُن ٽوپي کي پنهنجي قلم صاف ڪرڻ لاءِ کنيو هو. کانئس پڇڻ کان سواءِ کنيو هيم. ڇاڪاڻ ته اِها بيڪار ۽ بي قيمت شيءِ هئي. مان اُن کي ڦاڙيو. نوٽ کنيم ۽ اُن ۾ سبيم. منهنجو خيال آهي، ته اِنهيءَ ئي اڳڙيءَ ۾ مان پيسن کي سبيو هو. هڪ پراڻو ڪئليڪي جو ٽڪرو هو، جنهن کي هزارين ڀيرا ڌوتو ويو هو.“
”توکي اِنهيءَ حقيقت جو پورو يقين آهي؟“
”مون کي اَڃا به پـَـڪ نه ٿي پوي. مان خيال ڪريان ٿو، ته اِها ٽوپي ئي هئي. کڏ ۾ وجهوس، اوهان کي اُن مان ڪهڙو فائدو؟“
هن حالت ۾ تنهنجي مڪان جي مالڪياڻيءَ کي ياد هئڻ گهرجي، ته سندس ڪا شيءِ گم ٿيل آهي.
”نه، هـُـن کي ياد نه هوندو. هـُـن پنهنجي شيءِ وڃائي ته ڪانه هئي. هو هڪ پراڻو ڪپڙو هو، مان ٻڌايان ٿو، ته اُهو پراڻو ڪپڙو هو، جنهن جي قيمت هڪ پائي به نه هئي.“
”پر تو، سـُـئي ۽ ڌاڳو ڪٿان آندو؟“
”مان هاڻي چپ رهندس ۽ ڪجهه به نه ٻڌائيندس. ڪافي ٿي گذريو آهي!“ مـِـتيا آخر پنهنجو صبر وڃائي ويٺو.
”واقعي هن ڳالهه تي تعجب ٿو لڳي، ته مارڪيٽ ۾ تو اُن اڳڙيءَ کي ڪٿي ڦٽو ڪيو هو؟“
”اوهان سڀاڻي حڪم ڏيو، ته مارڪيٽ کي ٻـُـهاريو وڃي. پوءِ اوهان شايد اُن کي لـَـڀي وجهو.“ مـِـتيا پيچ تاب کائيندي چيو. ”شريف انسانو! هيءُ ڪافي آهي ڪافي. هن ٿڪيل آواز ۾ پنهنجي اِرادي کي پختگي سان ٻڌايو. مان سمجهان ٿو، ته اوهان جو مون تي اعتبار نه آهي! هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه. اها منهنجي غلطي آهي، اوهان جي نه. مون کي ايترو مستعد ٿيڻ نه گهربو هو. ڇا لاءِ مون اوهان کي پنهنجو راز ٻڌائي بي عزتو ڪيو. اوهان جي لاءِ، هيءُ مذاق آهي، جنهن کي مان اوهان جي اکين مان ڏسي رهيو آهيان. جاچ ڪندڙ عملدار، تو ئي ته منهنجي هن حقيقت ڏانهن رهنمائي ڪئي آهي. توهان کي، جيڪڏهن ڪو گيت ياد اَچي ٿو، ته پنهنجي ڪاميابي تي ڳايو. منهنجا عذاب ڏيندڙ وڃي کڏ ۾ پئو.“
هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ۽ چهري کي هٿن سان ڍڪيو. وڪيل خاموش ٿي ويا. ٿوري ويرم کان پوءِ هن پنهنجي مٿي کي مٿي کنيو ۽ خالي خالي نگاهن سان کين نهارڻ لڳو. سندس منهن مان هاڻي مڪمل نااُميدي پئي ظاهر ٿي. هـُـو مايوس ۽ غمگين ٿي ڏٺو، ڄڻ ته سندس چوڌاري، جو ڪجهه وهيو ۽ واپريو ٿي، اُن جي کيس ڪابه سـُـڌ ٻـُـڌ نه هئي. اُن وقت هـُـو به سڀ ڪجهه ختم ڪري چـُـڪا هئا، جنهن جي کين ضرورت هئي. هنن جلدي مان شاهدن جي پڇا شروع ڪري ڏني. اُن وقت صبح جا اَٺَ ٿي رهيا هئا. روشنيءَ کي گهڻو اڳ ۾ وسايو ويو هو. مائيڪل ماڪرووچ ۽ ڪلگنوف سمورو وقت مسلسل ڪمري جي اندر آيا ويا ٿي، جيستائين پڇا هلي رَهي هئي، هاڻي هـُـو به ٻاهر نڪري آيا هئا. وڪيل پڻ ٿڪيل ٿي نظر آيا. اِهو هڪ بدقسمت صبح هو. سڄو آسمان ڪڪرن سان ڀريل هو ۽ مينهن ڄڻ ته ڳڙا هاري رهيو هو. مـِـتيا خالي نگاهن سان دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو.
”مان دريءَ کان ٻاهر ڏسان؟“ هن اوچتو نڪولائي پارفينووچ کان پڇيو.
”بيشڪ! جيترو وقت تنهنجي مرضي هجي.“ هـُـن کيس جواب ڏنو.
مـِـتيا اُٿيو ۽ دريءَ ڏي هليو ويو. مينهن دريءَ جي سائيرڙن شيشن تي زور سان پئجي رهيو هو. کيس گپ سان ڀريل رستو، هيٺ دريءَ مان صاف نظر اَچي رهيو هو. ٿورو پـَـري، مينهن جي ڪوهيڙي مان، غريبن جي جهوپڙين جي ڪاري ۽ ميرانجهڙي قطار نظر اَچي رَهي هئي، جا مينهن ۾ گهڻي ڪاري ۽ غريباڻي ٿي نظر آئي. سندس ذهن، فيبس سونهري وارن واري صبح جي ديوتا ڏانهن منتقل ٿي ويو، جڏهن هـُـو پاڻ کي گولي هڻي پورو ڪرڻ وارو هو. اِهڙي ئي صبح تي اِيئن ڪرڻ مناسب ٿي نظر آيو. هن مشڪندي خيال ڪيو. اوچتو هـُـن پنهنجي هٿ کي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ هـُـو پنهنجي عذاب ڏيندڙ ڏي ڦريو.
”شريف انسانو!“ هن واڪو ڪري چيو. ”مان ڏسان ٿو، ته ختم ٿي چڪو آهيان! هوءَ؟ مان هـُـن جي لاءِ ڪجهه چوڻ گهران ٿو. مان اوهان کي عرض ٿو ڪريان. مون کي يقين آهي، ته هن کي مون سان گڏ برباد نه ڪيو ويندو؟ هوءَ معصوم آهي. اوهان کي معلوم آهي، ته هن گذريل رات جو ڪجهه به ڪيو هو، اُهو اِنهيءَ کان، ته هوءَ پنهنجي خيال ۾ نه هئي. هيءَ سڀ منهنجي غلطي هئي.“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس هڪدم جواب ڏنو، جنهن ۾ قانوني مستعدي ٿي ڏٺي، ته ”جيتري قدر اَسان ڏٺو آهي، اِنهيءَ خاتون جي خلاف اَسان کي ڪابه بنيادي ڳالهه نظر نه آئي آهي، جنهن ۾ تنهنجي دلچسپي آهي. مون کي يقين آهي، ته پوءِ به مقدمي ۾ اِهائي ساڳي ڳالهه رهندي. اسان هن معاملي ۾ پنهنجي به سڄي قوت صرف ڪنداسون، جا اَسان کي آهي. توکي هن بابت ڪو به فڪر نه ڪرڻ گهرجي، دمتري فيودورپاولووچ. توکي مڪمل آرام هئڻ کپي.“
”شريف انسانو، مان اوهان جا ٿورا مڃان ٿو. مون کي خبر هئي، ته اوهان ايماندار ۽ سنوان سڌا آهيو. اوهان منهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ڇڏيو. ٺيڪ آهي، هاڻي ڇا ڪرڻو آهي؟ مان تيار آهيان.“
”اَسان کي جلدي ڪرڻ گهرجي ۽ بنا ڪنهن دير جي شاهدن کان پڇا ڪرڻ گهرجي. اِهو سڀ ڪجهه تنهنجي حاضريءَ ۾ ٿيندو، اُن ڪري .....“
”پهريائين جيڪر چاءِ نه پيئون.“ نڪولائي پارفينووچ چيو. ”يقيناً اسان اِنهيءَ جا مستحق به آهيون!“
هنن فيصلو ڪيو، ته ماڙيءَ کان هيٺ جيڪڏهن چاءِ تيار آهي، ته اُن کي پيئڻ گهرجي. (مائيڪل ماڪرووچ، هيٺ چاءِ کڻڻ لاءِ هليو ويو هو.) کين هڪ هڪ گلاس پيئڻو هو ۽ پوءِ، هل هلان هئي. جيڪڏهن پورو ناشتو ملي وڃي ها، ته اِها سندن وڌيڪ خوش نصيبي هئي. چاءِ سچ پچ هيٺ تيار هئي ۽ جلدي اَچي وئي. مـِـتيا پهريائين، گلاس وٺڻ کان انڪار ڪيو، جو کيس نڪولائي پارفينووچ نهايت مروت سان پيش ڪيو هو. پر پوءِ هن پاڻ ئي اُن جي طلب ڪئي ۽ نهايت شوق سان اُن کي پي ويو. هـُـو حيرت جهڙو ٿڪايل ٿي نظر آيو. اِهو خيال ٿي ڪيو ويو، ته سندس غير معمولي قوت جي سبب هڪ رات جو اوجاڳو ۽ اوسيئڙو، جنهن سان گڏ بيحد جوش به هو، مٿس ڪو خاص اَثر نه وجهندا، مگر هـُـو مشڪل سان پنهنجي مٿي کي جهلي ٿي سگهيو. وقت بوقت، سڀئي شيون، جن ساڻس تعلق ٿي رکيو، سندس سامهون رقص ڪنديون ٿي نظر آيون. ”ٿورو وڌيڪ ۽ مان ڊپ ۾ مبتلا ٿي ويندس.“ هن پاڻ کي چيو.

باب اٺون: شاهدن جون شاهديون

شاهدن جون شاهديون شروع ٿيون. پر اسان پنهنجي ڪهاڻيءَ کي اِيئن مسلسل بيان نه ڪنداسون، جيئن اڳي. اَسان اِنهيءَ تي اڪتفا نه ڪنداسون، ته ڪيئن نه نڪولائي پارفينووچ سڀ ڪنهن شاهد تي زور ٿي آندو، ته هـُـو پنهنجي شاهدي سچ ۽ پنهنجي ضمير جي موافق ڏي ۽ اُن کان پوءِ ساڳي شاهديءَ قسم تي وري دهرائي. اِهڙيءَ ريت هرهڪ شاهد کي سڏيو ٿي ويو، ته پنهنجي شاهدي جي اصلي مسودي تي اَچي صحيح ڪري. اَسان هتي فقط اُنهيءَ حقيقت تي، جنهن تي خاص طور زور ٿي ڏنو ويو، بيان ڪنداسون. يعني ٽي هزار روبل جي سوال تي، جا رقم اُتي خرچ ڪئي وئي هئي. ماڪرو ۾ ۽ مـِـتيا جي هٿان ۽ مهينو اڳ. اُهي ٽي هزار هئا يا پندرنهن سـَـؤ؟ اُن کان پوءِ هن وري، ٽي هزار يا پندرنهن سـَـؤ روبل وري به خرچ ڪيا هئا. پر افسوس، جو جنهن به شاهدي ڏني، اُها مـِـتيا جي خلاف هئي. ڪو هڪڙو به سندس فائدي ۾ نه هو. ڪن شاهدن ته ڪي نيون حقيقتون ٻڌايون، جي سندس تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون، اُهي مـِـتيا جي ڪهاڻي کان بلڪل الڳ ٿي ڏٺيون.
پهريون شاهد، جنهن کان پڇا ڪئي وئي، تريفان بورسووچ هو. کيس وڪيلن جي سامهون بيهڻ ۾ ڪوبه شرم نه ٿي آيو. مگر اُن جي خلاف ، سندس مجرم بابت روش سخت ۽ نفرت واري هئي. جنهن منجهس صداقت ۽ پنهنجي رتبي جو ڏيکاءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو. هـُـن تمام ٿورو ڳالهايو، حد اندر ۽ پنهنجي سوالن لاءِ ترسيو ٿي. جواب ڏنائين ٿي، ته به مختصر ۽ چڱيءَ ريت سوچي ۽ سمجهي. هن پختگي ۽ ڪنهن به هٻڪ کان سواءِ ٻڌايو، ته مهينو اڳي جا رقم اُتي خرچ ڪئي وئي هئي. اُها ٽن هزارن کان گهٽ نه هئي. هتي جا سڀئي ڳوٺاڻا، اُن جي تائيد ڪندا، ته خود دمتري فيودورپاولووچ پاڻ خرچ ڪيل رقم ٽي هزار روبل ٿي ٻڌائي. هن خانه بدوش ڇوڪرين تي ڪافي خرچ ڪيو هو. مان هام هڻي چوان ٿو، ته اِها رقم هڪ هزار روبل کان گهٽ نه هوندي.
مـِـتيا پاسي ۾ ويٺو هو ۽ سندس پـُـٺ پـَـردي ڏانهن هئي. هـُـن مايوسيءَ مان سڀ ڪجهه ٻڌو ٿي. مٿس غم ۽ ٿـَـڪ سوار هئا. هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، هي اعتبار جي لائق نه آهي. مان اُنهن تي پنج سـَـؤ روبل خرچ ڪيا هئا. ”هيءَ سندس مايوس ڀـَـري تشريح هئي. مون کي افسوس آهي، ته مون اُن وقت پيسن کي نه ڳڻيو هو، مان پيتل هوس.“ هـُـن تريفان ڏي منهن ڪري چيو، ته ”هاڻي توکي، جو ڪجهه چوڻو هجي، چئي ڏي. اِنهيءَ کان ڪو تفاوت نه پوندو.“
”دمتري فيودورپاولووچ تو، هزار روبل کان مٿي اُنهن تي خرچ ڪيو هو.“ تريفان بورسووچ اعتماد سان چيو. ”تو اڻ ڳڻيل پيسا اُنهن ڏي اُڇلايا ٿي ۽ اُنهن پئي ٿي کنيا. اِنهن گهوڙن جي بيوقوفن چورن کي ڪافي مليو هو. کين هتان هڪاليو ويو آهي، نه ته هـُـو پاڻ شاهدي ڏين ٿا، ته کين ڪيترو پيسو حاصل ٿيو هو. مان پاڻ تنهنجي هٿن ۾ رقم کي ڏٺو هو. ڳڻيو مان نه هو، نه وري تو اُن جي اِجازت ڏني هئي - اِها ته حقيقت آهي - پر اُن جي ڏسڻ مان، مان چئي ٿو سگهان، ته اِهي پئسا سچ پچ پندرنهن سـَـؤ روبل کان گهڻا هئا. اَسان به رقم ڏٺي هئي ۽ اُن جو اندازو چڱيءَ ريت لڳائي سگهون ٿا ......“
”ڪالهه جا رقم هن خرچ ڪئي هئي، اُن لاءِ دمتري فيودورپاولووچ پهچندي ئي ٻڌايو هو، ته ٽي هزار روبل آهن.“
”هاڻي ٻڌاءِ ته اِيئن آهي ڇا؟ تريفان بورسووچ!“ مـِـتيا کيس جواب ڏنو. ”مان اِهو يقين سان ته ظاهر نه ڪيو هو، ته مان پاڻ سان ٽي هزار روبل آندا آهن؟“
”تو اِيئن چيو هو دمتري فيودورپاولووچ! تو ائنڊري جي سامهون اِها حقيقت بيان ڪئي هئي. اَئنڊري اَڃا به موجود آهي. کيس گهرائي وٺ. هال ۾ جڏهن تو ’ڪورس‘ ٿي ٻـُـڌو، ته واڪو ڪري چيو هو، ته تون پنهنجي ڇهه هزار روبلن کي هت وڃائي اُٿندين. اِنهيءَ مان ئي ته اَسان سمجهيو، ته هن کان اڳ ۾ تو وٽ ڇا هو؟ اسٽپيان ۽ سميان اُن کي ٻڌو هو. پيوٽرفوموچ ڪلگنوف به ڀرسان اُن وقت بيٺو هو. ٿي سگهي ٿو ته کيس به ياد هجي .....“
ڇهن هزارن جي شاهدي، وڪيلن جي مٿان وڏو اَثر پيدا ڪيو. هن نئين حساب ڪتاب کان هـُـو بيحد خوشيءَ ۾ ڀـَـرجي ويا. هـُـو حساب ڪرڻ لڳا، ته ٽي هزار روبل ۽ ٽي هزار، ڇهه هزار ٿيا، ٽي هزار روبل هاڻي ۽ ٽي هزار روبل اڳ ۾. هاڻي ته بلڪل صاف ٿي ويو.
جيئن تريفان کين مشورو ڏنو هو، هنن سڀني ڳوٺاڻين، اسٽپيان، سميان، ڪوچبان ائنڊري ۽ ڪلگنوف کان سوال ڪيا. ڳوٺاڻين ۽ ڪوچبان بنا ڪنهن هٻڪ جي هن کي قبول ڪيو. هنن تريفان جي شاهدي کي ٽيڪو ڏنو. هنن، هن حقيقت کي خاص طرح خبرداريءَ سان لکيو. اُن کان سواءِ اُها گفتگو به جا رستي ۾ ائنڊري ۽ مـِـتيا جي وچ ۾ ٿي هئي. جتي هن چيو هو ته ”دمتري فيودورپاولووچ جي حيثيت ۾ مان بهشت ڏي وڃي رهيو آهيان، يا جهنم ڏي. مان ٻئي جهان ۾ بخشيو به ويندس يا نه؟“
نفسيات جي ماهر ائپولٽ ڪريليووچ، ڳنڀير مـُـرڪ سان اُن کي ٻـُـڌو. هن آخر ۾ سفارش ڪئي، ته دمتري فيودورپاولووچ جا هي رايا، جي کيس ڪنهن طرف وٺي ٿي ويا، مقدمي ۾ شامل ڪيا وڃن.
ڪلگنوف کي جڏهن سڏ ٿيو، ته هـُـو بيدليءَ سان آيو. سندس پيشانيءَ ۾ گهنج هئا ۽ خوش مزاجيءَ کان ٻاهر هو. هن وڪيلن سان اِيئن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڄڻ ته سڄي حياتيءَ ۾ ساڻن مليو ئي نه هو. جيتوڻيڪ سندن واقفيت هئي ۽ ڪيتري وقت کان هـُـو، هڪٻئي سان ملندا ٿي رهيا. اڪثر ڏهاڙي. هـُـن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته کيس ڪابه خبر ڪانه آهي، نه وري اُن جي بابت هو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو. پر هيءُ ظاهر ٿيو، ته هن ڇهن هزارن لاءِ ٻڌو هو. هـُـن هيءُ به قبول ڪيو، ته هـُـو اُن وقت سندس قريب بيٺو هو. پيسن جي ڏسڻ بابت ٻڌايو، ته کيس ڪابه خبر پئجي نه سگهي ته مـِـتيا جي هٿ ۾ ڪيتري رقم هئي؟ هـُـن هيءُ به قبول ڪيو، ته پتن جي راند ۾ پولن ساڻس ٺڳي ڪئي هئي، بار بار دهرائڻ وارن سوالن جي جواب ۾ هن چيو، ته جڏهن پولن کي ٻاهر هڪاليو ويو، ته مـِـتيا جا تعلقات اگرافينا اليگزينڊرووينا سان، يقينـََـا خوشگوار بڻجي ويا هئا. هـُـن کيس هيئن به چيو هو، ته هوءَ ساڻس محبت ٿي ڪري. هن اگرافينا اليگزينڊرووينا جي لاءِ، عزت ۽ احترام سان ڳالهايو. ڄڻ ته هوءَ سماج جي بهترين عورت آهي. هن هڪ ڀيرو به کيس گروشينڪا جي نالي سان نه سڏيو. اُن نوجوان جي واضح ناموافقت هوندي، به شاهدي ڏيندو رهندو ڪرينلووچ، کانئس طويل پڇا ڪئي. پر اُن کان فقط هيءُ ئي تفصيل ٻڌي سگهيو، ته مـِـتيا اُن رات پنهنجي رومان کي ڪيئن نڀايو هو. مـِـتيا هڪ ڀيرو به ڪلگنوف جو توجهه پنهنجي طرف نه ڦيرايو. آخر اُنهن، هـُـن نوجوان کي وڃڻ لاءِ اِجازت ڏني. هو، پنهنجي نفرت کي ڏيکاريندي، ڪمري کي ڇڏي ويو.
پولن کان پڻ پڇا ڪئي وئي، جيتوڻيڪ هـُـو پنهنجي ڪمري ۾ آرام لاءِ هليا ويا هئا. هنن سڄي رات آرام نه ڪيو، پر پوليس جي پهچڻ شرط، هنن يڪدم پنهنجي لباس کي پهريو ۽ تيار ٿي ويا، کين محسوس پئي ٿيو، ته هـُــو شاهدي لاءِ يقينـََـا گهرايا ويندا. هنن وڏي شان سان پنهنجي شاهدي ڏني. جيتوڻيڪ منجهن پريشاني به هئي. ننڍي قد وارو پول، هڪ خارج ٿيل آفيسر هو. هن سائبيريا ۾ جانورن جي ڊاڪٽريءَ جا فرائض اَدا ڪيا هئا. سندس نالو ميسالووچ هو. پان وريوبليوسڪي، بنا سـَـند جي ڏندن جو ڊاڪٽر هو. جيتوڻيڪ نڪولائي پارفينووچ، کين ڪوٺيءَ ۾ گهڙندي ئي ، سوالن جي ڀـَـرمار ڪري ڏني، پر هنن پنهنجا جواب مهائيل ماڪرووچ کي ٿي ڏنا، هـُـو پاسي سان بيٺو هو، مگر هنن کيس وڏي شخصيت ٿي سمجهيو ۽ هرهڪ لفظ سان کيس ’پان ڪرنل‘ ٿي سڏيائون. هنن خود مائيڪل ماڪرووچ جي اظهار ڪيل ڪيترين ڳالهين مان فقط، هي نتيجو ڪڍيو، ته کين جواب نڪولائي پارفينووچ کي ڏيڻ گهرجن. هيءُ به ظاهر ٿيو، ته هـُـو روسي زبان چڱيءَ ريت ڳالهائي ٿي سگهيا، سواءِ ڪن ٿورن لفظن جي. حال ۽ ماضي ۾ گروشينڪا جي تعلقات بابت سيالووچ نهايت گرمجوشي ۽ فخر سان حقيقت کي ٻڌايو. هيءُ ٻڌندي ئي مـِـتيا هڪدم پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ ظاهر ڪيائين، ته هـُـو ڪڏهن به هيءُ برداشت نه ڪندو، ته هيءُ بدمعاش، سندس حاضريءَ ۾ اِهڙيءَ ريت گفتگو ڪن! سيالووچ، هڪدم بدمعاش جي لفظ ڏانهن سڀني جو ڌيان ڇڪايو ۽ کين عرض ڪيائين، ته پنهنجي ياداشت ۾ اُن کي داخل ڪن. مـِـتيا اُن وقت ڪاوڙ سان ڀرجي ويو.
”هيءُ بدمعاش آهي، بدمعاش، اوهان هن کي ضرور لکو ۽ هيءُ به لکو، ته ياداشت ۾ لکڻ کان پوءِ به مان اِيئن چوندس، ته هيءُ بدمعاش آهي.“ هن واڪو ڪري چيو.
جيتوڻيڪ نڪولائي پارفينووچ، هن کي ياداشت ۾ داخل ڪيو، پر هن تعريف جهڙي روش ۽ انتظام رکيو. مـِـتيا کي سخت ڇينڀ ڪرڻ کان پوءِ، هن بلڪل مختصر نموني مقدمي جي رومانوي حقيقت بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. هـُـو هڪدم ضروري حقيقت ڏي مڙيو. پڇا جي هڪ حصي وڪيلن ۾ وڏي دلچسپي پيدا ڪئي، ته هن ساڳي ڪمري ۾ ڪيئن مـِـتيا، مسيالووچ کان گروشينڪا جي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، کيس ٽي هزار روبل اِنهيءَ لاءِ ٿي ڏنا، ته هـُـو دستبردار ٿي وڃي. ست سـَـؤ روبل هڪدم ۽ باقي ٻه هزار ۽ ٽي سـَـؤ روبل هن سڀاڻي تي شهر ۾ ڏيڻا ڪيا هئا. مـِـتيا هن حقيقت تي گرم ٿي ويو ۽ چيائين، ته هي غلط آهي. هن چيو هو، ته کيس پـَـڪَ آهي، ته اها رقم هـُـو شهر ۾ سڀاڻي ڏيندو. هـُـن قسم تي اِيئن ڪونه چيو هو، ته ماڪرو ۽ وٽس پيسا ڪونه آهن ۽ شهر ۾ آهن. پر پان وريوبليوسڪي اُن شاهديءَ جي تصديق ڪئي. مـِـتيا ٿوري ويرم کان پوءِ ڪاوڙ ۾، هن حقيقت کي قبول ڪيو، ته شايد اِيئن ئي هجي، جيئن هي پول چون ٿا. هن وڌيڪ هيءُ به ٻڌايو ته هـُـو اُن وقت جوش ۾ هو. ٿي سگهي ٿو، ته سچ پچ، هن اِيئن چيو هجي.
جاچ ڪندڙ عملدار هن شاهديءَ جي هيٺان ليڪو ڏنو. جنهن مان معلوم پئي ٿيو، ته اُن کي وڌيڪ جاچ لاءِ رکيو ويو آهي، (هنن سچ پچ هن کي بنيادي حقيقت بڻايو.) ته اُهي پيسا جي مـِـتيا کي هٿ آيا آهن، اُنهن جو اَڌ يا ڪو حصو، سچ پچ شهر ۾ لڪايو ويو هجي يا اِيئن به ٿي سگهي ٿو، ته اِهي پيسا هتي ماڪرو ۾ ڪٿي لڪل هجن. هيءَ حقيقت ئي اُن سبب کي سمجهائيندي ته ڇو جاچ کي مروڙيو سروڙيو ويو آهي؟ اِنهيءَ ڪري ئي شايد هجي، ته مـِـتيا کان فقط اَٺَ سـَـؤ روبل هٿ آيا آهن. هيءُ سبب ثابتيءَ جو هڪ اِهڙو حصو هو، جو جيتوڻيڪ خفيف آهي، پر جيئن ٻڌايو ويو آهي، ڪنهن حد تائين مـِـتيا جي فائدي ۾ آهي. پر هن شاهديءَ جي حصي کي مايوس ڪيو ويو. جاچ ڪندڙ عملدار جي پڇا ۾، ته اِهي ٻه هزار ٽي سـَـؤ روبل ڪٿي آهن؟ جيئن ته هـُـن پاڻ ئي انڪار ڪيو آهي، ته وٽس پندرنهن سـَـؤ روبل کان مٿي ڪجهه به نه هو. مـِـتيا رازداراڻي نموني جواب ڏنو، ته سندس مطلب ته هـُـو هـُـن ننڍي قد واري، کي شرماشينا جا اُهي سڀئي حق ڏيندو، جي هن اڳ ۾ ئي مسونوف ۽ خاتون هائلڪوف کي ڏيڻا ڪيا هئا. جاچ ڪندڙ عملدار، اعتماد سان سندس سخن سازيءَ جي معصوميت تي مرڪڻ لڳو.
”تو اِيئن خيال ڪيو هو، ته هـُـو ٻه هزار ٽي سـَـؤ روبل نقد جي عيوض، تنهنجي هن سودي کي قبول ڪندو؟“
”هـُـو يقينـََـا هن کي قبول ڪري ها.“ مـِـتيا گرم جوشيءَ سان ظاهر ڪيو. ڇو؟ هيڏي نهاريو، هـُـو اِيئن ڪرڻ سان شايد ٻن کان وڌيڪ، چار اَڃا به وڌيڪ ڇهه هزار روبل حاصل ڪري ها. هـُـو پنهنجا پول ۽ يهودي وڪيل هن معاملي لاءِ ڇڏي ها ۽ شايد ٽن هزارن کان سواءِ اُن پوڙهي کان سڄي ملڪيت حاصل ڪري ها.
پان مسيولووچ جي شاهدي کي ياداشت ۾ داخل ڪيو ويو ۽ پوري تفصيل سان، اُن کان پوءِ پول کي رخصت ڏني وئي. پتن تي جا ٺڳي ڪئي وئي هئي، اُن کي مشڪل سان هٿ لاتو ويو. نڪولائي پارفينووچ کائن بيحد خوش هو ۽ هن نه ٿي چاهيو ته ٿوري رقم جي لاءِ، پاڻ کي رنج ۾ وجهن، جا هڪ بيوقوفي هئي ۽ نشي جو جهڳڙو. اُن رات ڪافي بدنظمي ۽ شراب جو دور هو ..... اِن ڪري، ٻه سـَـؤ روبل پول جي کيسي ۾ ئي رهجي ويا.
هنن کان پوءِ ميڪزيموف کي سڏيو ويو. هـُـو بزدليءَ جو اظهار ڪندو، ننڍڙيون ننڍڙيون وکون کڻندو آيو. هـُـو پريشان ۽ ڏکويل پئي معلوم ٿيو. هن سموري وقت ۾، هـُـو گروشينڪا سان گڏ هو. سندس پاسي ۾ هيٺ خاموش ويٺو هو. هـُـو وقت بوقت چپ ڪڍي، مٿس روئي رَهيو هو ۽ اکين جي ڳوڙهن کي چيڪ جي نيري رومال سان اُگهندو ٿي رهيو. جيئن مائيڪل ماڪرووچ پوءِ ٻڌايو ٿي، ته سندس حالت اُن وقت بيحد خراب هئي، ايتري قدر جو هوءَ کيس تسلي ڏيندي ۽ پرچائيندي ٿي رَهي. پوڙهي هڪدم قبول ڪيو، ته هـُـن پنهنجي غربت جي باعث ڏهه روبل هن کان قرض طور ورتا هئا ۽ هـُـو کيس موٽائي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. نڪولائي پارفينووچ جي سـِـڌن سوالن موجب، ته اُن وقت دمتري فيودورپاولووچ جي هٿن ۾ ڪيتري رقم هئي ۽ جيئن ته هن کيس ڏهه روبل ڏنا هئا، اِهڙيءَ حالت ۾ هـُـو کيس ايترو ته ويجهو هو، جو رقم کي هـُـو چڱيءَ ريت ڏسي سگهيو هوندو. ميڪزيموف بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي ڏنو ته، ”ويهه هزار روبل!“
”تو اڳي ايتري رقم، ٻي هنڌ به ڪٿي ڏٺي آهي؟“ نڪولائي پارفينووچ کانئس پڇيو.
”ويهه هزار روبل ته نه، پر يقين سان مان چوان ٿو، ته ست هزار روبل مان ڏٺا آهن. منهنجي زال منهنجي ملڪيت، ايترن پيسن ۾ گروي رکي هئي. هـُـن مون کي اِها رقم پري کان ڏيکاري هئي ۽ اُن بابت لاف هڻي رَهي هئي. اِهو هڪ ٿلهو بنڊل هو ۽ سڀئي نوٽ انڊلٺ جي رنگ وارا هئا. دمتري فيودورپاولووچ جا به ساڳي رنگ وارا هئا .....“
کيس گهڻو وقت نه ترسايو ويو. آخر گروشينڪا جو وارو آيو. نڪولائي پارفينووچ، هن خوف کي محسوس ڪيو، ته سندس آمد جو اَثر مـِـتيا تي ضرور پوندو. اُن ڪري، هن اڳ ۾ ئي ٿورا لفظ تسليءَ لاءِ کيس چيا. پر مـِـتيا خاموشيءَ سان پنهنجي مٿي کي جهڪايو، جنهن مان سندس مطلب هو، ته هـُـو ڪوبه تماشو نه بڻائيندو. مائيڪل ماڪرووچ پاڻ گروشينڪا کي اندر وٺي آيو. هوءَ سخت ۽ اُداس چهري سان اندر آئي. نڪولائي پارفينووچ جي آڇڻ تي، خاموشيءَ سان ڪرسي تي ويهي رَهي. هوءَ زرد ۽ سرد ٿي نظر آئي ۽ پاڻ کي هڪ شاندار ڪاري شال سان ڍَڪي ڇڏيو هئائين. هو خفيف سرديءَ جي بخار کي محسوس ڪري رَهي هئي. هيءَ اُن طويل بيماريءَ جا جيوڙا هئا، جي اُن رات جي اَثر جي سبب کان هئا. سندس ڳنڀير روش، سندس سنئين سـِـڌي انتظار واري نگاهه، ۽ ماٺيڻين عادتن، اُتي جي ويٺلن تي، سندس ئي فائدي ۾ وڏو اَثر پيدا ڪيو. خود نڪولائي پارفينووچ، سندس هن شان شوڪت کان ڪنهن حد اندر موهجي چـُـڪو هو. هن بعد ۾ انهيءَ حقيقت کي قبول ٿي ڪيو، ته هـُـن پهريون ڀيرو ڏٺو هو، ته عورت ڪيتري قدر حسين ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ هن ڪيترائي دفعا اڳ به کيس ڏٺو هو، پر هـُـو هميشھ کيس شهر جي هڪ بيوفا عورت سمجهندو ٿي رهيو. کيس سماج جون بهترين خوبيون حاصل هيون. جيئن ته پوءِ هن ڪيترين شريف عورتن ۾ چيو ٿي، ته هيءَ عورت وڏي شخصيت ۽ لڇڻن واري آهي. ايتري قدر جو زالن جي صف ۾ ۽ هر طرح سان اول رهڻ جي حقدار آهي. اُنهن عورتن کيس ناراض ٿي، هڪ ٻئي جوابدار نوجوان جو مهڻو ڏنو.
جيئن هوءَ ڪمري ۾ اندر آئي، ٿوري وقت لاءِ هن مـِـتيا ڏي ڏٺو. جنهن بي آراميءَ سان کيس نهاريو ٿي. سندس چهري کي ڏسندي ئي، منجهس پختگي پيدا ٿي وئي. ابتدائي لازمي جاچ کان پوءِ نڪولائي پارفينووچ، هٻڪندي کيس چيو، جنهن ۾ وڏي مروت به هئي، ته هوءَ ڪهڙن شرطن سان، برطرف ٿيل ليفٽيننٽ سان گڏ هئي؟ يعني دمتري فيودورپاولووچ ڪرامازوف سان؟ هن سوال جي جواب ۾ گروشينڪا، نهايت مستعدي ۽ خاموشيءَ سان چيو ته:
”هـُـو منهنجو ڏٺل هو. هڪ واقف جي حيثيت سان هڪ مهينو اڳ، هـُـو مون کي ڏسڻ لاءِ آيو هو.“ پڇيل سوالن ۾ هن نهايت صراحت ۽ مڪمل وضاحت سان جواب ٿي ڏنا. جيئن ته ڪن وقتن تي، هـُـن کيس نهايت جاذب ۽ موهيندڙ ٿي ڏٺو، پر هـُـن جي ساڻس محبت ڪانه هئي. پر هوءَ سندس ۽ سندس پوڙهي جي دل کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. هوءَ پنهنجي بد جنسي ۽ پستيءَ جي ڪري، هـُـن ڏٺو ته مـِـتيا، پنهنجي پيءُ ۽ منهنجي ٻين دوستن سان ساڙ ٿو رکي. پر هن سڄي تماشي کان سندس مقصد هو ’مزو وٺڻ‘. سندس مقصد ڪڏهن به اِهو نه هو، ته فيودورپاولووچ ڏي وڃي. هوءَ فقط مٿس کلندي ٿي رَهي. ”گذريل مهيني ۾، هنن ٻنهي مان ڪنهن سان به منهنجي محبت ڪرڻ جو اِرادو نه هو. هن سڄي مهيني ۾ مان ڪنهن ٻي ماڻهوءَ جي انتظار ۾ هيس، جنهن مون کي تباهه ڪيو هو. پر مان خيال ڪريان ٿي،“ هن پڇاڙيءَ ۾ چيو، ته ”پر توهان کي اِنهن ڳالهين جي پڇڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. نه وري مون لاءِ ضروري آهي، ته اُنهن جا جواب ڏيان. ڇاڪاڻ ته هيءُ منهنجو پنهنجو معاملو آهي.“
نڪولائي پارفينووچ، هڪدم هن اِشاري تي هلڻ لڳو. هن هڪدم مقدمي جي رومانوي پس منظر کي ڇڏي ڏنو ۽ لازمي شين ڏي مـُـڙيو. جيئن ته هن نهايت ضروري سوال پڇڻ شروع ڪيا، جن جو تعلق ٽن هزار روبلن سان هو. گروشينڪا هڪدم قبول ڪيو ته ماڪرو جي پهرئين نشاط جي محفل ۾ ٽي هزار روبل خرچ ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ هـُـن پاڻ اُن رقم کي نه ڳڻيو هو، پر هن دمتري فيودورپاولووچ جي زبان کان اِيئن ٻڌو هو.
”ڇا هن اِهو توکي اڪيلائيءَ ۾ ٻڌايو هو يا ڪنهن ٻي جي سامهون به. يا ٻين کي ٻڌائيندي، توکيس اِيئن چوندي ٻڌو هو؟“ جاچ ڪندڙ عملدار جلديءَ مان کانئس پڇيو.
هن سوال جي جواب ۾ گروشينڪا کيس ٻڌايو، ته هن ٻين ماڻهن جي سامهون کيس اِيئن چوندي ٻڌو هو ۽ اَڪيلائيءَ ۾ به کيس اِيئن ئي چوندي ٻڌو هو.
”ڇا هن اَڪيلائيءَ ۾ توکي هڪ دفعو اِيئن ٻڌايو هو، يا ڪيئي ڀيرا.“ جاچ ڪندڙ عملدار کانئس پڇيو ۽ کيس هيءُ حاصل ٿيو، ته هـُـن ڪيئي ڀيرا، کيس اِيئن چيو هو.
ائبولٽ ڪريليووچ، هن شاهدي جي ٽڪري کان بلڪل مطمئن ٿي نظر آيو. وڌيڪ شاهدي وٺڻ مان معلوم ٿيو، ته گروشينڪا کي پڻ اِها خبر هئي، ته اِها رقم ڪٿان آئي هئي؟ دمتري فيودورپاولووچ، اِها رقم ڪيٽرينا ايونونا کان ئي حاصل ڪئي هئي.
”تو ڪڏهن به اِيئن نه ٻڌو هو ته رقم، جا صرف ڪئي وئي هئي، سا ٽي هزار روبل نه هئي، پر اُن کان گهٽ هئي ۽ دمتري فيودورپاولووچ اُن مان اَڌ بچائي پنهنجي مقصد لاءِ رکي هئي؟“
”نه مان اِيئن ڪڏهن به نه ٻڌو هو“ گروشينڪا جواب ڏنو.
”هن وڌيڪ ٻڌايو ته مـِـتيا، اُن جي برعڪس اڪثر اِيئن ٿي ٻڌايو، ته وٽس ڪچي ڪوڏي به ڪانه آهي.“ گروشينڪا آخر ۾ چيو.
”ڇا، هن تنهنجي سامهون، ڪنهن سبب کان يا ڪاوڙ ۾،“ نڪولائي پارفينووچ اوچتو کانئس پڇيو، ته ”هـُـو پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ تي حملي ڪرڻ جو اِرادو ٿو رکي؟“
”اڙي،“ هن ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته، ”ڪيئي ڀيرا.“
”هـُـو ڪيئي دفعا، ڪاوڙ ۾ اِيئن چوندو هو.“
”ڇا توکي يقين هو ته اِيئن ڪندو به؟“
”نه، مان ڪڏهن به اِيئن نه ٿي سمجهيو.“ هن يقين، سان جواب ڏنو. ”مون کي سندس شاندار دل لاءِ پورو پورو ويساهه هو.“
”شريف انسانو! مون کي اجازت ڏيو.“ اوچتو مـِـتيا رڙ ڪري چيو، ته ”مون کي اِجازت ڏيو، ته اوهان جي حاضري ۾ اگرافينا اليگزينڊرووينا کي ڪي لفظ چوان.“
”تون ڳالهائي سگهين ٿو!“ نڪولائي پارفينووچ قبول ڪندي چيو.
”اگرافينا اليگزينڊرووينا!“ مـِـتيا پنهنجي ڪرسي تان اُٿي بيٺو، ”خدا ۽ مون ۾ پنهنجو اعتبار رک. مان پنهنجي پيءُ جو قاتل نه آهيان.“
هنن لفظن چوڻ کان پوءِ، وري پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. گروشينڪا اُٿي بيٺي ۽ بي بي مريم جي مجسمي جي سامهون، وڏيءَ حب مان، پنهنجي مٿان صليب جو نشان بڻايو.
”خدايا! مان تنهنجو شڪر اَدا ڪريان ٿي.“ هـُـن چيو. سندس آواز جوش سان ڀريل هو ۽ هوءَ اَڃا بيٺي هئي. هن نڪولائي پارفينووچ ڏي منهن ڪري چيو ته:
”هن، هاڻي جو ڪجهه چيو آهي، اُن تي اوهان اعتبار ڪريو. مان هن کي ڄاڻان ٿي. هـُـو جو به چوندو آهي، اُهو يا ته مذاق هوندو آهي يا ٺٺرائپ. مگر هيءُ پنهنجي ضمير جي خلاف ڪڏهن به اوهان کي فريب نه ڏيندو. هـُـو جو ڪجهه به چوي ٿو، سچ چوي ٿو ۽ اوهان کي اعتبار ڪرڻ گهرجي.“
”مهرباني! اگرافينا اليگزينڊرووينا، تو مون کي تازي همٿ ڏياري آهي.“ مـِـتيا سست ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو.
”اُهي پيسا جي ڪالهه خرچ ڪيا ويا هئا!؟“ هـُـن جواب ڏيندي چيو، ته ”اُنهن جي مون کي خبر نه آهي، ته ڪيترا هئا. پر مان ڪيترن ماڻهن کي کيس چوندي ٻـُـڌو هو، ته وٽس ٽي هزار روبل آهن.“ هن سوال تي ته هـُـن اِهي پيسا ڪٿان آندا، گروشينڪا کين ٻڌايو، ته هن کيس چيو ٿي ته هو اِها رقم کيس موٽائي ڏي ۽ اِها چورائڻ نه کپندي هئي. جاچ ڪندڙ عملدار کانئس هن حقيقت جي وضاحت گهري، ته اها رقم جا هن ڪيٽرينا ايونونا جي چورائي هئي، سا ساڳي هئي، جا هن ڪالهه خرچ ڪئي هئي ۽ اُن مان هئي، جا مهينو اڳ هن اِتي خرچ ڪئي هئي. هن جي جواب ۾ هـُـن وضاحت ڪندي چيو، ته اِها رقم اِنهيءَ مان ئي هئي، جا هـُـن مهينو اڳ اُتي خرچ ڪئي هئي. هـُـن اِيئن ٿي سمجهيو.
گروشينڪا کي آخر ڇڏيو ويو. نڪولائي پارفينووچ کيس زور ڏيندي چيو، ته هوءَ هڪدم شهر ڏي موٽي وڃي. جيڪڏهن کيس ڪا مدد کپي يعني گهوڙن وغيره جي يا ڪنهن بورائي ته هـُـو، کيس ميسر ڪري ڏيندو.
”مان سچيءَ دل سان اوهان جي مهرباني اَدا ڪريان ٿي.“ گروشينڪا کيس جهڪندي چيو. ”مان هن پوڙهي ماڻهوءَ سان گڏجي شهر ڏي وينديس ۽ هن کي ئي ساڻ وٺي وينديس. پر جيڪڏهن اوهان مون کي اِجازت ڏيو، ته مان هيٺ ترسان، ايستائين جو مون کي خبر پوي، ته دمتري فيودورپاولووچ جي لاءِ اوهان ڪهڙو ٿا فيصلو ڏيو؟“
هـُـو ٻاهر نڪري وئي. مـِـتيا بلڪل خاموش هو ۽ شگفته ٿي نظر آيو. پر فقط هڪ گهڙيءَ جي لاءِ. هـُـو طبعي ڪمزوري کان گهڙي گهڙي نٻل پوندو ٿي ويو. سندس اکيون ٿـَـڪ ۽ اوجاڳي کان بند ٿينديون ٿي ويون. شاهدن جون شاهديون آخر پوريون ٿيون. هـُـو آخري طرح تحريري ياداشت کي دهرائڻ لڳا. مـِـتيا اُٿيو ۽ پنهنجي ڪرسيءَ کي ڇڏيائين. هـُـو پردي جي آخري ڪـُـنڊ تائين هليو ويو. هـُـو وڏي پيتي جي مٿان، جنهن تي ڪنبل پيو هو، سمهي پيو ۽ کيس ننڊ کڻي وئي
کيس هڪ عجيب خواب نظر آيو، جو وقت ۽ جاءِ جي مناسبت کان بلڪل عليحده هو.
هـُـو اُٰن ميدان مان گذري رهيو هو، جتي هـُـو گهڻو اڳي ملازمت ۾ هو. هڪ ڪوچبان، کيس هڪ گاڏيءَ ۾ سوار ڪري وٺيو ٿي ويو. گاڏيءَ ۾ گهوڙن جو جوڙو هو. هـُـو کيس برف ۽ طوفان مان وٺيو ٿي ويو. کيس سردي پئي محسوس ٿي. اِها نومبر جي ابتدا ٿي ڏٺي ۽ برف وڏن ڳڙن جي صورت ۾ وسي رَهي هئي. زمين تي ڪرندي ڳري ٿي وئي. ڪوچبان کيس چالاڪيءَ سان وٺيو ٿي ويو. کيس نهايت عمدي ۽ ڊگهي ڏاڙهي هئي. هـُـو ايترو پوڙهو نه هو، پر پنجاهه ورهين جو ٿي لڳو. کيس جسم تي ڪڙمين جهڙي پراڻي ۽ ڀوري رنگ جي پوستين پيل هئي. اُتان هڪ ڳوٺ ويجهو ٿي ڏٺو. هـُـو اُتان جهوپڙين کي صاف ڏسي رهيو هو، جن مان اَڌ سڙيل هيون. پري کان اُنهن جي ڪاراڻ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نظر نه ٿي آئي. جيئن هـُـو پنهنجي سواري کي اوڏانهن وٺي ويا، کين رستي تي ڳوٺاڻيون عورتون نظر آيون. زالن جو هڪ وڏو گروهه يعني سڄي قطار. سڀئي ڀوري رنگ جون ٿي ڏٺيون، خاص ڪري، اُنهن مان هڪ قد جي ڊگهي، ڀريل هڏن واري ۽ ڪمزور چهري واري رستي جي ڪناري تي دمتريءَ کي نظر آئي، جا چاليهن ورهين جي ٿي ڏٺي. ممڪن آهي ته سندس صحيح عمر ويهه ورهيه هجي. سندس منهن اُڀو ۽ سنهو هو. سندس ٻانهن ۾ هڪ ٻار روئي رَهيو هو. سندس ڇاتي ايتري ته سڪل هئي، جو منجهس کير جي ڦـُـڙي جي اُميد به ڪانه هئي. سندس اُگهاڙين ٻانهن ۾ ٻار روئندو ٿي رهيو. اُن جا ننڍڙا هٿ ٿڌ کان نيرا ٿي ويا هئا.
هـُـوءَ جيئن وٽانئس گذري، مـِـتيا پڇيو ته ”هيءُ ڇو روئي رهيو آهي؟“
”هيءُ ٻار آهي،“ ڪوچبان کيس جواب ڏنو. ”ٻار روئي رهيو آهي.“ ڳوٺاڻڪي جواب مـِـتيا تي وڏو اَثر ڪيو. ’ٻار‘ هڪ عجيب جواب هو. کيس ڳوٺاڻيءَ جو ’ٻار‘ چوڻ ڏاڍو پسند آيو. اُن جي اندر رحم جو گهڻو عنصر هو.
”پر هي ڇو روئي رهيو آهي؟“ مـِـتيا بيوقوفيءَ کان اُن تي زور ڏيڻ لڳو.
”ڇو، هيءُ غريب آهن، سندن گهر سڙي ويا آهن ۽ هيءُ مجبور ٿي پنڻ لاءِ نڪتيون آهن.“
”هن جون ننڍڙيون ٻانهون اُگهاڙيون ڇو آهن، کيس ڪپڙي ۾ ويڙهين ڇو نه ٿيون؟“
”ٻار کي ٿڌ ٿي ٿئي. سندن ڪپڙا ٿڌ کان ڄمي ويا آهن، پوءِ هيءَ ڪهڙي ريت کيس گرم ڪن؟“
نه، نه، مـِـتيا اَڃا به نه سمجهيو. هو چوڻ لڳو، ته مون کي ٻڌاءِ ته هيءُ غريب مائرون اِتي ڇو بيٺيون آهن؟ هيءُ ماڻهو ڇو غريب آهن؟ هيءُ ٻار ڇو غريب آهن؟ هن ميدان کي ڇو باهه لڳي آهي؟ هيءُ ڇو نه ٿيون هڪٻئي کي ڀاڪر پائين، چمين؟ هو ڇو نه ٿيون خوشيءَ جا راڳ ڳائين. هيءُ ڪارين يادگيرين کان ايترو تاريڪ ڇو آهن؟ ٻار کي ڇو نه ٿيون کارائين؟“
جيتوڻيڪ هن محسوس ٿي ڪيو، ته سندس سوال بي معنيٰ ۽ بي سمجهيءَ وارا هئا، پر هـُـن چاهيو ٿي، ته اُهي پڇي ۽ هو اِهڙي ريت پڇي رهيو هو. هن ساڳي وقت رحم جي جذبات کي به محسوس ڪيو، جي اڳي ڪڏهن به محسوس نه ڪيا هئائين، نه وري سندس دل ۾ اِيئن ڪڏهن اُڀريا هئا. هن چاهيو ٿي، ته پاڻ به روئي ۽ اُنهن جي لاءِ ڪجهه ڪـَـري، جيئن اُهو ٻار وري نه روئي ۽ اُها اونداهي منهن واري ۽ سڪل ڇاتيءَ واري ماءُ وري نه روئي. نه وري، اُن گهڙيءَ کان پوءِ، ڪا وري ڳوڙها ڳاڙي. هـُـن چاهيو ٿي، ته هـُـو جلدي اِيئن ڪري. ڪرامازوف خاندان جي غلطين ۾ گهٽتائين هوندي به هـُـن هڪدم اِيئن ڪيو.
”مان به توڏي اَچان ٿي. مان هاڻي توکي باقي رهيل حياتيءَ ۾ اَڪيلو نه ڇڏينديس. مان توڏي اَچان ٿي.“ هن پنهنجي قريب، پاسي ۾ گروشينڪا جي نازڪ آواز کي ٻڌو، جا جوش کان ڏڪي رهي هئي، پر سندس دل چمڪي رَهي هئي. هـُـو روشنيءَ ڏي وڌڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳو. سندس دل ۾ اُمنگ پيدا ٿي، ته هـُـو جيئرو رَهي، ۽ نئين روشني ڏي وڌندو رَهي، اُن لاءِ هـُـو هاڻي ئي تڪڙ ڪري ۽ هڪدم!
”ڇا؟ ۽ ڪٿي؟ هـُـن اکيون کوليندي چيو. هـُـو صندوق تي اُٿي ويهي رَهيو. ڄڻ ته هـُـو ڪنهن بيهوشيءَ مان اُٿيو هو. هـُـو خوشيءَ مان مشڪي رهيو هو. نڪولائي پارفينووچ سندس مٿان بيٺو هو ۽ کيس چئي رهيو هو، ته هـُـو لکيل يادگيرين کي ٻڌي، جا هاڻي وڏي آواز سان کيس پڙهي ٻڌائڻي هئي ۽ کانئس صحيح وٺڻي هئي. مـِـتيا سمجهيو، ته هن ڪلاڪ يا اُن کان مٿي ننڊ ڪئي آهي. هن نڪولائي پارفينووچ کي ٻڌوئي نه، کيس حيرت ٿي ته جنهن وقت هو، صندوق تي سمهيو هو، ته سندس مٿي جي هيٺان وهاڻو نه هو. جڏهن هـُـو پوئتي جهڪيو هو ته اُهو موجود ڏٺائين.
”هيءُ وهاڻو ڪنهن منهنجي مٿي جي هيٺان رکيو؟ ۽ اِهو مهربان ڪير آهي؟“ سندس آواز خوشيءَ کان جهومندو رهيو. ڄڻ ته ڪنهن مٿس وڏو ٿورو ڪيو هو.
هـُـو ڪڏهن به اُن مهربان انسان کي ڳولي نه سگهيو. شايد ڪو ڳوٺاڻو شاهد هجي، يا نڪولائي پارفينووچ جو ننڍڙو منشي، جنهن ترس کائي سوچيو هجي، ته سندس مٿي جي هيٺان وهاڻو رکي. پر سندس سڄو روح ڄڻ ته ڳوڙها ڳاڙي رَهيو هو ۽ ڏڪي رهيو هو. هـُـو ميز ڏي وڌيو ۽ کين چيائين، ته جيئن هـُـو چاهين، ۽ هـُـو صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
”مان هڪ عجيب خواب ڏٺو آهي، شريف انسانو.“ هـُـن نهايت عجيب اَنداز ۾ چيو. سندس چهري مان، خوشيءَ جي نئين روشني نظر اَچي رهي هئي.

باب نائون: مـِـتيا کي پـَـري وٺي وڃن ٿا

جڏهن لکيل يادگيرين تي صحيح ٿي چـُـڪي، نڪولائي پارفينووچ خاموشيءَ سان قيدي ڏي ڦريو ۽ اُن جي سامهون وڏي آب تاب واري آواز سان ان لکيل کي پڙهيائين، جنهن ۾ لکيو ويو هو، ته فلاڻي سال جي فلاڻي ڏينهن ۾ فلاڻي جاءِ تي، جاچ ڪندڙ عملدار، فلاڻي ضلع ڪورٽ جي، فلاڻن فلاڻن شاهدن (مـِـتيا جي معاملي بابت) کان پڇا ڪئي آهي ۽ سڀني تهمتن کي لکيو ويو آهي. اُنهن مان ڏسڻ ۾ اَچي ٿو، ته جوابدار، جيئن ته متن جو ڏوهي ٺهرايو ويو آهي، اُن جي خلاف ڪوبه بچاءِ ڏئي نه سگهيو آهي. ٻي طرف فلاڻن فلاڻن شاهدن ۽ فلاڻن فلاڻن سببن، سندس خلاف پنهنجو اظهار ڪيو آهي. اُن ڪري، قانون جي ڪتاب جي فلاڻي، فلاڻي جز موجب حڪم ٿو ڪجي، ته فلاڻي (مـِـتيا) کي مقدمي جي صفائي ۽ فيصلي تائين فلاڻي جيل ۾ نظربند رکيو وڃي ٿو. هن پابنديءَ جي حڪم جو نقل، ڊپٽي پراسيڪيوٽر ۽ ٻين ڏي موڪليو وڃي ٿو.
مختصر ته مـِـتيا کي ٻڌايو، ته هـُـو اُن گهڙيءَ کان قيدي آهي ۽ کيس هڪدم شهر ڏي وٺي وڃبو ۽ کيس ڪنهن اڻ وڻندڙ جاءِ تي بند ڪيو ويندو. مـِـتيا خبرداريءَ سان ڌيان ڏئي ٻڌو. هن فقط پنهنجي ڪلهن کي جهڪايو.
”شريف انسانو! مان اوهان کي ڪوبه الزام نه ٿو ڏيان. مان تيار آهيان .... مان ڄاڻان ٿو، ته اوهان هن کان سواءِ، ٻيو ڪري ئي ڇا ٿا سگهو؟“
نڪولائي پارفينووچ نرمائيءَ سان اطلاع ڏنو، ته کيس هڪدم ڳوٺاڻي پوليس جو آفيسر ماورڪي ماروڪووچ پاڻ سان وٺي ويندو، جو اُتي موجود هو.
مـِـتيا، اوچتو وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، ته ”ترسو!“ ۽ هن اُن جذبات سان، جا سندس ضابطي کان ٻاهر هئي، ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن کي خطاب ڪري چيو ته:
”مهربانو! اَسان سڀ ظالم آهيون ۽ اسان سڀ واڳون آهيون. اسان فقط ماڻهن کي روئارڻ ڄاڻون ٿا. مائرن ۽ ٻارن کي پريشان ڪرڻ اَچي ٿو. پر اوهان سڀني مان، هاڻي هت فيصلو ٿيڻ گهرجي، ته مان گهٽيا نانگ آهيان. پنهنجي عمر ۾ مان ڏهاڙي سيني اندر هي قسم کڻندو ٿي رهيس، ته پنهنجي اصلاح ڪندس. پر وري به اِنهن ساڳين پنهنجي بيهوده ڪاررواين ۾ مشغول رهيو آهيان. مان هاڻي سمجهان ٿو، ته مون جهڙي ماڻهوءَ کي اُن جي سزا ملڻ کپي. اُها سزا تقدير جي ضرب هئڻ گهرجي، جو پنهنجي ڦاسيءَ ۾ ڦاسائي ٿو ۽ زور سان قابو ڪري رکي ٿو. جيئن ته هاڻي سندس کنوڻ منهنجي مٿان ڪري رهي آهي، مان هن تهمت جي عذاب کي قبول ٿو ڪريان ۽ اَن کان سواءِ عوام جي اڳيان شرمساري! مون کي اِهو عذاب سهڻ گهرجي ۽ هن برداشت جي باعث مان پاڪ ٿي ويندس، شريف انسانو! پر آخري دفعي لاءِ ڌيان ڏيئي ٻڌو. مان پنهنجي پيءُ جي رت هارڻ جو گنهگار نه آهيان. مان پنهنجي سزا کي اِنهيءَ لاءِ قبول نه ٿو ڪريان، ته مان اُن کي ماريو آهي، پر سچ پچ سان کيس ماريان ها. شايد مان کيس ماري به وجهان ها. مان اَڃا به هن حقيقت جي لاءِ وڙهندس، جنهن لاءِ مان اوهان کي خبردار ٿو ڪريان. مان پنهنجي لاءِ آخري دم تائين وڙهندس ۽ پوءِ خدا ئي فيصلو ڪندو. شريف انسانو! الوداع! مون تي اِنهيءَ لاءِ رنج نه ٿجو، ته مان پڇا جي دوران اوهان سان واڪا ڪري ٿي ڳالهايو. مان اَڃا به ته ساڳيو ئي بيوقوف هوس ...... منٽ کان پوءِ مان قيدي هوندس، پر هاڻي هن آخري وقت ۾ آزاد انسان آهيان ۽ دمتري ڪرامازوف اوهان سان هٿ ٿو ملائي. مان اوهان کي خدا حافظ چوان ٿو ۽ هتي جيڪي موجود آهن تن انسانن کي به.“
سندس آواز ڏڪي رهيو هو، هن پنهنجي هٿن کي وڌايو، پر نڪولائي پارفينووچ جو اتفاق سان سندس ويجهو بيٺو هو، پنهنجي هٿن کي پٺيءَ جي پويان لڪائي ڇڏيو. هي سڀ اوچتو ۽ بيخوديءَ ۾ ٿي گذريو. مـِـتيا ان وقت ئي کيس ڏسي ورتو ۽ کانئس ڇرڪ نڪري ويو ۽ سندس ٻاهر نڪتل هٿ، هيٺ ڪري پيا.
”ابتدائي جاچ اَڃا پوري نه ٿي آهي.“ نڪولائي پارفينووچ هٻڪندي چيو، هـُـو ڪجهه منجهيل ٿي ڏٺو. اَسان هن کي شهر ۾ به جاري رکنداسون. مان پنهنجي طرفان، بيشڪ تيار آهيان، ته توکي ڪاميابي حاصل ٿئي ..... جيئن حقيقتون آهن .. توکي بچاءَ ۾ فائدو ٿئي، دمتري فيودورپاولووچ. مان هميشھ تنهنجي عزت جو لحاظ رکيو آهي ۽ مان اِيئن سمجهيو آهي، ته گنهگار کان وڌيڪ تون بدقسمت آهين. اَسان سڀئي جي هتي موجود آهيون، هن خيال جا آهيون، ته تون بلڪل نيڪ ۽ شريف نوجوان آهين، پر افسوس جو تون پنهنجي نفساني هوَس جي چنبي ۾ حد کان گهڻو گرفتار آهين.“
جاچ ڪندڙ عملدار، پنهنجي گفتگو کي پوري ڪرڻ کان پوءِ سنجيده بڻجي ويو. اوچتو دمتريءَ کي اِيئن نظر آيو، ته هي اَجائي گفتگو ڪندڙ جوان، کيس آغوش ۾ وٺڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس گوشي ۾ وٺي، وري ”ڇوڪرين“ جي بابت گفتگو ڪرڻ لاءِ راضي ڪري رهيو آهي. پر اِهڙا ڪيئي بيهوده خيال ۽ غير سنجيده فڪر، ڪڏهن ڪڏهن قيديءَ جي دل ۾ اُجاگر ٿيندا آهن، جڏهن کيس موت جي سزا لاءِ وٺي ويندا آهن.
”شريف انسانو! اوهان، نيڪ، انسانيت وارا آهيو. ڇا مان هن کي آخري ڀيرو الوداع چئي سگهان ٿو؟“ مـِـتيا کانئن پڇيو.
”بيشڪ، پر ..... اسان جو خيال آهي، ته اِها ملاقات اَسان جي روبرو اوهان کي ميسر ٿي سگهندي.“
”بهتر، اِيئن ئي، پر ملاقات ضرور ٿيڻ گهرجي.“
گروشينڪا کي اندر گهرايو ويو، پر هيءَ موڪلاڻي نهايت مختصر هئي ۽ ٿورن لفظن ۾ هئي. نڪولائي پارفينووچ کي ڪابه تسلي نه ٿي. گروشينڪا، مـِـتيا کي بيحد جـُـهڪي سلام ڪيو.
”مان توکي ٻڌايو آهي، ته مان تنهنجي آهيان ۽ مان تنهنجي ئي ٿي رهنديس. مان هميشھ لاءِ تنهنجي ئي پٺ وٺنديس. ڪٿي به توکي موڪليندا، مان تنهنجي پويان هونديس. الوداع! تون بي ڏوهي آهين، جيتوڻيڪ هيءُ تنهنجون پنهنجون ئي غلطيون آهن.“
سندس چپ ڏڪي رهيا هئا ۽ سندس اکين مان لـُـڙڪ وهي رهيا هئا.
”مون کي معاف ڪر گروشينڪا، منهنجي محبت جي صدقي مون کي معاف ڪر. مان پنهنجي محبت سان توکي برباد ڪيو آهي.“
مـِـتيا اَڃا به ڪجهه وڌيڪ چوي ها، پر هـُـو ٽٽي پيو ۽ ٻاهر هليو ويو. هڪدم اُهي ماڻهو کيس ويڙهي ويا، جي سندس سخت نگراني ڪري رهيا هئا. ڏاڪڻ جي هيٺ، جتي، هڪ ڏينهن اڳ ۾ ائنڊري جي ٽن گهوڙن واري سواريءَ ۾ تيزي سان پهتو هو، ٻه گاڏيون تيار بيٺيون هيون. ماورڪي ماروڪووچ، هڪ مضبوط ۽ پهلوان قسم جو ماڻهو هو، جنهن جي منهن ۾ ڪيئي گهنج هئا، ڪنهن ڳالهه تان پريشان هو. ڪنهن اوچتو بي قاعدگيءَ کان خفا ٿي ڏٺو. هـُـو ڪاوڙ مان واڪا ڪري رهيو هو. هن مـِـتيا کي سخت خفگيءَ سان گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ حڪم ڏنو.
”جڏهن مان هن کي شرابخاني ۾ شراب پيئندي ڏٺو هو، ته سندس چهرو بلڪل ٻي طرح جو هو.“ مـِـتيا سوچيو. اِيئن سوچيندي هـُـو گاڏيءَ ۾ اندر گهڙيو. دروازي وٽ ماڻهن جو انبوهه هو. ماڻهو، ڪـُـڙمي، ڪوچبان ۽ عورتون تريفان بورسووچ پڻ ڏاڪڻ کان هيٺ لهي آيو. سڀ مـِـتيا کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا.
هن جدائيءَ جي وقت نيڪ انسانو! مـِـتيا اوچتو گاڏي مان واڪو ڪري چيو.
”اسان کي به معاف ڪر! هن ٽن چئين آوازن کي ٻڌو.
”تنهنجو به خدا حافظ! تريفان بورسووچ“
پر تريفان بورسووچ، کيس مـُـڙي به نه ڏٺو. هو بيحد مشغول ٿي ڏٺو. هـُـو پڻ ڪنهن ڳالهه کان واڪا ۽ لـُـڙ ڪندو ٿي رَهيو. ان مان معلوم پئي ٿيو، ته ٻي گاڏيءَ ۾ اَڃا بندوبست مڪمل نه ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻه سپاهي ماورڪي ماروڪووچ سان گڏ وڃڻ وارا هئا. ڪڙمي، جنهن ڪوچبان کي ٻي گاڏي هلائڻي هئي، هو پنهنجي پوستين کي ڇڪي اِهو مضبوطيءَ سان ظاهر ڪري رهيو هو، ته سندس وڃڻ جو وارو نه آهي، پر آڪم جو. پر آڪم نظر ئي نه ٿي آيو. هـُـو کيس ڏسڻ لاءِ ڊوڙيا. ڪوچبان مٿن زور آندو ۽ عرض ڪيو، ته هـُـو ٿورو ترسن.
”ڏسين ٿو ماورڪي ماروڪووچ، اَسان جا ڪوچبان ڪهڙي قسم جا آهن. کين ڪوبه شرم ڪونه آهي.“ تريفان بورسووچ چوڻ لڳو. ”آڪم ڪالهه توکي پنجويهه ڪاپيڪس (سڪا) ڏنا هئا. تو اُنهن جو شراب پيتو. هاڻي وري دانهون به ڪرين ٿو. ماورڪي ماروڪووچ، مان هنن گهٽ ذات وارن سان تنهنجي نيڪ طبعيت کي ڏسي عجب ٿو کاوان. مان اِيئن ئي چوندس.“
”پر ٻي گاڏي اوهان کي ڇا جي لاءِ کپي؟“ مـِـتيا سوال ڪيو. اَسان کي تيار ٿيڻ کپي ۽ هن هڪ سان ئي هلڻ کپي، ماورڪي ماروڪووچ. مان انتظام ۾ رخنو نه وجهندس، نه وري ڀڄي ويندس. هيءُ پوليس جو حفاظتي دستو ڇا جي لاءِ؟“
”مان جيڪر توکي تڪليف ڏيان، ته تون اهو سکين، ته مون سان توکي ڪيئن ڳالهائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته تو اڃا ڳالهائڻ سکيو ئي نه آهي. مان هاڻي تنهنجو پراڻو واقفڪار نه آهيان. تون پنهنجي صلاح کي ڪنهن ٻي موقعي جي لاءِ سانڍي رک.“ ماورڪي، هڪ وحشي وانگر بڙ بڙ ڪندو رهيو. ڄڻ ته هـُـو خوش پئي ٿيو، ته پنهنجي ڪاوڙ کي ڪنهن تي هاري رهيو آهي.
مـِـتيا خاموش ٿي ويو، پر ڪاوڙ کان بي تاب هو. اُن وقت هو سردي محسوس ڪرڻ لڳو. برسات هاڻي بند ٿي وئي هئي، پر آسمان، اَڃا ڪڪرن سان ڀريل هو ۽ سخت هوا سندس منهن تي لڳي رَهي هئي.
”مون کي شايد ٿڌ لڳي آهي.“ مـِـتيا پنهنجي ڪلهن کي سڪوڙيندي چيو.
آخر ماورڪي ماروڪووچ، گاڏيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. هن مـِـتيا کي اِهڙيءَ ريت ويهندي ڏٺو، ڄڻ ته کيس اُن جي ڪابه خبر نه آهي. هـُـو ڪـُـنڊ ۾ ڦاسي پيو. هيءُ سچ هو ته هـُـو پنهنجي مزي ۾ نه هو. جو ڪم کيس حوالي ڪيو ويو هو، اُن کي هن پسند به نه ٿي ڪيو.
”الوداع، تريفان بورسووچ!“ مـِـتيا وري واڪو ڪري چيو. هن محسوس ڪيو، ته هن ڀيري، هـُـن نيڪ خيال سان کيس اهي لفظ نه چيا آهن، پر ڪاوڙ مان.
هـُـو مٿي اُگهاڙو، اِيئن غرور سان بيٺو رَهيو. سندس ٻئي هٿ، پٺيءَ جي پويان هئا. هـُـو ڪاوڙ ۽ جوش مان سنئون سڌو مـِـتيا طرف نهاري رهيو هو ۽ ڪوبه جواب نه ڏنائين.
”الوداع، دمتري الوداع!“ هن اوچتو ڪلگنوف جي آواز کي ٻڌو. هـُـو نهايت تيزيءَ سان گاڏي ڏي ڊوڙيو، هـُـن پنهنجي هٿ کي وڌايو. سندس مٿي تي به ٽوپي ڪانه هئي.
مـِـتيا وٽ ايترو وقت هو، جو سندس هٿ کي جهلي ۽ اُن کي زور ڏي.
”منهنجا عزيز ساٿي، خدا حافظ! مان تنهنجي نيڪدل کي وساري نه سگهندس.“ هن گرم جوشيءَ سان کيس چيو.
پر گاڏي هلڻ لڳي ۽ سندن هٿ جدا ٿي ويا. گهنڊڻي وڄڻ لڳي ۽ مـِـتيا کي پري وٺي ويا.
ڪلگنوف ڊوڙي پوئتي موٽي آيو ۽ ڪـُـنڊ ۾ ويهي رهيو. سندس مٿو جهڪي ويو ۽ پنهنجي منهن کي هٿن ۾ جهليائين. هـُـو وڃي روڄ ۾ پيو. ڪيتري وقت تائين، هـُـو اُن حالت ۾ ويٺو رهيو. هـُـو ننڍن ٻارن وانگر روئيندو رَهيو. هـُـن بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، مـِـتيا کي بيگناهه ٿي سمجهيو.
”هيءُ ماڻهو ڪهڙي قسم جا آهن؟ هنن کي انسان چئي ئي ڪيئن ٿو سگهجي؟ هنن ۾ ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي؟“ هـُـو پاڻ سان پاڻ نااُميديءَ ۾ چوندو رَهيو. اُن وقت ڄڻ ته سندس دل ۾ زندگيءَ جي لاءِ ڪوبه اتساهه ئي نه رهيو هو.
”هـِـن جي اهائي قيمت آهي؟ هن جو اِهوئي قدر آهي.“ هـُـو ٻار، رنج ۾ اِيئن چوندو رَهيو.

حصو ٽيون: ڇوڪرا

---

باب پهريون: ڪوليا ڪراسوتڪين

هيءَ نومبر جي ابتدا هئي. سخت پارو ٿي ڄميو. ٿرماميٽر يارنهن ڊگرين تي وڃي پهتو هو،حالا نڪ برفباري ڪانه هئي، پر برفيلي زمين تي رات جي ٿوري خشڪ برفباري ٿي چڪي هئي، اسان جي شهر جي ويران گهٽين ۾ سخت هوا لڳي رهي هئي.خاص ڪري مارڪيٽ جي طرف. هيءُ هڪ اداس صبح هو، پر هاڻي برفباري بند ٿي چڪي هئي.
مارڪيٽ کان گهڻو پري نه، پلاٽنيڪوف جي دڪان جي ڀرسان، هڪڙي ننڍڙي جاءِ موجود آهي. نهايت صاف، اندران توڙي ٻاهران نهايت وڻندڙ! اهو گهر، خاتون ڪراسوتڪين جو آهي، جا اڳوڻي صوبائي سيڪريٽريءَ جي بيواهه آهي. جنهن کي مئي چوڏهن سال گذريا. سندس بيواهه ٻٽيهن ورهين جي، اڃا به دلڪش صورت واري، هن صاف ۽ ننڍڙي گهر ۾، خانگي زندگي گذاري رهي هئي. هوءَ عزت واري مـجرد حياتي بسر ڪري رهي هئي. هوءَ اڃا به آرام ۽ راحت سان گذاريندي ٿي رهي. پنهنجي مڙس جي موت جي وقت هوءَ ارڙنهن سالن جي هئي. سندس شادي کي هڪ سال گذريو هو، هن پنهنجي روح ۽ دل کي، اُن ٻار جي پرورش لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، جو سندس قيمتي خزانو هو. سندس نالو ڪوليا هو. جيتوڻيڪ هوءَ ساڻس غير معمولي محبت ڪندي ٿي رهي، پر هنن چوڏهن سالن ۾ هن کي خوشيءَ کان وڌيڪ تڪليفن مان گذرڻو پيو هو. سندس ماءُ هرروز خوف کان ڏڪندي ۽ ڪنبندي ٿي رهي ته متان بيمار نه ٿي پوي. کيس ٿڌ نه لڳي. ڪا حرڪت نه ڪري ويهي. ڪنهن ڪرسي تي چڙهي، ڪري نه پوي. اهڙا خيال هئا، جي کيس ستائيندا ٿي رهيا. جڏهن ڪوليا، اسڪول وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس ماءُ، ساڻس گڏ اُهي مضمون پڙهڻ شروع ڪيا، جيئن هوءَ سندس سبقن ۾ کيس مدد ڪري سگهي. هن استادن سان به جلدي واقفيت پيدا ڪرڻ شروع ڪئي، سندن زالن سان به گهرائي پيدا ڪيائين. نه فقط ايترو، پر ڪوليا جي هم مڪتب ٻارن سان به ڄاڻ سڃاڻ رکيائين، جيئن هوُ کيس نه چيڙائين نه مٿس ٺٺوليون ڪن نه مارين. هوءَ ايترو ته وڌي وئي، جو ٻارن، ڇوڪري تي طعني بازي شروع ڪئي، ته هوُ ماءُ جو لاڏلو آهي. پر هيءُ ٻار پنهنجي راهه تي روان هو، آهستي آهستي پنهنجي بچاءُ جي فن کي حاصل ڪندو رهيو. هوُ پختي طبعيت وارو ۽ غير معمولي طاقتور هو. هن اڳتي هلي هي ثابت ڪري ڏيکاريو، ته هوُ چـُـست ۽ چالاڪ، مضبوط ارادي وارو ۽ بي باڪ ۽ منچلي طبعيت جو مالڪ آهي. هوُ پنهنجي سبقن ۾ ايترو ته قابل هو، جو ڪلاس ۾ هيءَ افواهي حقيقت گشت ڪندي ٿي رهي، ته هوُ پنهنجي استادن ڊارڊانيلوف کي حسابن ۽ عالمي تاريخ ۾ شڪست ڏئي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ مٿس سڀ جي نظر ٿي پئي هوُ نخوت پسند نه هو، پر چڱو رفيق هو. هوُ پنهنجي هم مڪتب وارن کان عزت ته وٺندو هو، جنهن جو هو مستحق به هو، پر سڀني سان سندس تعلقات دوستاڻا هئا. سڀ کان مٿي کيس خبر هئي ته پنهنجي ارادي کي ڪهڙي ريت منزل مقصود تي پهچائي. مرڪن موقعن تي، پاڻ کي ڪهڙي حد ّ۾ رکڻ جو عادي هو،استادن جي تعلقات جي حالت ۾، هو ڪڏهن به پنهنجي حد کان اڳتي نه وڌيو هو ۽ ڪڏهن به شيطانيت کي پاڻ وٽ جاءِ نه ڏني هئائين، جيئن انتظام ۾ ناقابل بخشش ڪو رخنو پيدا نه ٿئي. پر هوُ هر موقعي تي حرڪت ۽ شرارت ڪرڻ جو ضرور عادي هو، جيتوڻيڪ اسڪول ۾ ننڍي ۾ ننڍو ڇوڪرو پئي شمار ٿيو. خاص ڪري اهڙن موقعن تي، جڏهن خود نمائي ۽ پنهنجي برتري، سندس مقصد هوندو هو، تڏهن هو ننڍن ٻارن وانگر، شرارت کان نه مڙندو هو. هوُ پنهنجي خودداريءَ جو وڏو شوقين هو. ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ کي به پنهنجي قبضي ۾ آڻي وڌو هئائين. اُن سان سندس هلت شوخي واري هئي. پر هوءَ گهڻي وقت کان سندس ضابطي ۾ اچي چڪي هئي. شايد اهڙي حالت ۾ ڪو خيال ڪري ته اها حالت برداشت کان ٻاهر آهي ۽ سندس ماءُ اهو سهي نه سگهي، ته ٻار کي ساڻس ڪا به محبت نه آهي. هوءَ هميشھ عجب کائيندي رهندي هئي، ته ڪوليا سندس معاملي ۾ ڪيڏو نه بي احساس آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ جنوني حالت ۾ لڙڪ وهائيندي رهندي هئي. هوءَ سندس سرد مهري جي باعث به ساڻس گرم جوشيءَ سان ملندي هئي. پر ٻارن کي ناپسند ڪندو هو. جيتري منجهس مهر ۽ محبت جي اُميد ٿي رکي وئي، هوُ سنگدليءَ ۽ سختيءَ ۾ وڌندو ٿي ويو. هن ڄاڻي واڻي هن سرد مهريءَ جو اظهار نه ٿي ڪيو، پر بنيادي طرح سندس طبعيت اهڙي هئي. سندس ماءُ کي به شڪ ۽ شبهو ٿي رهيو. جيتوڻيڪ هوءَ غلطي تي هئي. هو ماءُ کي بيحد پيار ڪندو هو. کيس فقط روز جهڙا بزدلاڻا خيال پسند نه هئا، جن کي هوُ اسڪول جي ٻاراڻي زبان ۾ ظاهر ڪندو ٿي رهيو.
وٽن ڪتابن جي هڪ الماڙي هئي، جنهن ۾ سندس پيءُ جا ٿورا ڪتاب موجود هئا. ڪوليا مطالعي جو ڏاڍو شوقين هو. هن انهن مان ڪيترائي پاڻ پڙهي ورتا هئا. سندس ماءُ کي ڪوبه اعتراض نه هو، پر هوءَ هيءُ ڏسي عجب ۾ ٿي پئي، ته ٻار ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪيئن نه الماڙي جي ڀرسان، بيٺو آهي ۽ راند جي بجاءِ، ڪتابن جي مطالعي ۾ غرق آهي. اهڙي ريت ڪوليا، ڪي اهڙيون به ڳالهيون پڙهيون، جي سندس عمر لاءِ ناموزون هيون.
قاعدي موجب، ڇوڪري کي هيءَ خبر هوندي آهي، ته هو پنهنجي شرارت جي ليڪ کي ڪٿان ڇڪي، پر هن گهڻو اڳي شوخيءَ جا اُهي سڀ طريقا ڪم آڻڻ شروع ڪيا هئا، جن کي ڏسي، سندس ماءُ خوفزده ٿي وئي هئي. هيءَ به حقيقت آهي، ته هوُ جو ڪجهه به ڪري رهيو هو، اُن ۾ ڪا به بري ڳالهه ڪانه هئي. فقط وحشياڻي عاقبت انديشي هئي.
جولاءِ جي وئڪيشن ۾ هڪ عجيب اتفاق بڻيو. ماءُ پٽ پنهنجي ڏورانهن مائٽن سان ملڻ لاءِ ٻي ضلعي ۾ ويا، جو اُتان چاليهه پنجيتاليهه ميلن تي هو. کين هڪ هفتي لاءِ اُتي رهڻو هو. سندن ان مائٽياڻيءَ جو مڙس، ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو آفيسر هو. (هيءُ اُها ساڳي اسٽيشن آهي، جتان مهينو کن اڳي، ايون فيودورووچ ڪرامازوف ماسڪو ويو هو.) ڪوليا خبرداريءَ سان ريلوي جي هر ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءُ لاءِ ته جيئن پنهنجي گهر موٽي وڃي، ته پنهنجي هم ڪلاسين کي اهي خبرون ٻڌائي عجب ۾ وجهي. اتفاقاً اُتي ڪي ٻيا ڇوڪرا به ٿي رهيا جي جلد ئي سندس دوست بڻجي ويا. انهن مان ڪي اسٽيشن جي نزديڪ ٿي رهيا، ته ڪي ان جي پسگردائي ۾. اهي ڇهه يا ست هئا، جن جون عمريون ٻارنهن ۽ پندرنهن ورهين جي وچ ۾ هيون. انهن مان ٻه ته اسان جي شهر جا هئا. هيءُ سڀئي پاڻ ۾ گڏجي رانديون ڪرڻ لڳا. اسٽيشن تي ڪوليا جي اچڻ کان چار يا پنج ڏينهن پوءِ، هڪ بيوقوفيءَ واري شرط ٻارن پاڻ ۾ رکي. ڪوليا، جو هن ٽولي ۾ سڀ کان ننڍو هو ۽ ان ڪري ٻين جي نگاهن ۾ نه ٿي سمايو، ڪجهه خودداري جي باعث ۽ ڪجهه بيباڪي ۽ خودسريءَ جي باعث، ساڻن ٻن روبل جي شرط ٻڌي، ته رات جو يارهين بجي، جڏهن گاڏي اتان گذري ته هو لوهي ريلن جي وچ ۾، پٺيرا ٿي سمهن ۽ اهڙيءَ ريت گاڏي تيز رفتاريءَ سان مٿانئن گذري وڃي. حقيقت ۾ هن، اڳ ۾ هن حقيقت کي ڏسي ڇڏيو هو، ته ٻن لوهي ريلن جي وچ ۾ ڪو سنئون سڌو ٿي سمهي پوندو، ته گاڏي ان کي ڇهي ئي نه سگهندي. هاڻي کيس اهو ڏسڻو هو، ته اهڙو ڪهڙو ڇوڪرو آهي، جو هن خطرناڪ آزمائش کي پنهنجي سر تي ٿو کڻي. سڀني هن شرط کي مذاق سمجهيو. پر ڪوليا مضبوطيءَ سان چيو، ته هو اِيئن ڪري سگهندو. پهريائين ته هو مٿس کلڻ لڳا ۽ کيس ننڍڙو ڪوڙ ۽ لاف زن سڏڻ لڳا، پر هو هن طعني زنيءَ کان وڌيڪ پختو ٿي ويو، جنهن ڳالهه کيس وڌيڪ کجايو، سا هيءَ هئي، ته هنن پندرنهن سالن جي ٻارن حقارت کان مٿس نڪ کي ٿي موڙيو ۽ چيڙايو. هنن غرور کان کيس ننڍڙو ٻار ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي صحبت جي لائق نه ٿي ڄاتو. هيءَ هڪ نه سهڻ جهڙي بي عزتي هئي.
هاڻي اهو فيصلو ڪيو ويو، ته شام جو اسٽيشن کان اڌ ميل پري وڃي ترسجي، جتان گاڏي، اسٽيشن کي ڇڏي ڪافي تيز رفتاريءَ سان گذرندي. ٻار سڀئي گڏ ٿي ويا. هي سخت اونداهي رات هئي. چنڊ جو ڪوبه نالو ۽ نشان نه هو. مقرر وقت تي ڪوليا، لوهي بند جي وچ ۾ سمهي پيو. پنج ڇوڪرا، جن ساڻس شرط رکي هئي، مٽيءَ جي بند جي هيٺان ٻوٽن جي جهنڊ ۾ وڃي ويٺا. سندس دليون خوف کان لرزي رهيون هيون، جن ۾ خوف ۽ رحم جهلڪا ڏئي رهيا هئا. آخر هنن پري کان گاڏي جي گڙگڙاهٽ کي ٻڌو، جنهن هاڻي اسٽيشن کي ڇڏيو هو. اونداهيءَ ۾ ٻه ڳاڙهيون روشنيون چمڪڻ لڳيون. هوءَ بلا جيئن ويجهو ٿي پئي، تيئن سندس شور وڌيڪ ٿيندو ٿي ويو.
”بند کان ٻاهر ڀڄي وڃ. ڊوڙ. ڊوڙ ۽ ڇوڪرن ٻوٽن جي جهنڊ مان، ڪوليا کي رڙيون ڪري چيو. هوُ خوف کان بي دم ٿي چڪا هئا. پر هاڻي هيءُ سڀ دير سان هو. گاڏي تيزيءَ سان آئي ۽ اڏري وئي، ڇوڪرا ڪوليا ڏي ڊوڙيا. هو بنا ڪنهن چرپر جي سمهيو پيو هو، هو کيس ڇڪڻ ۽ ڌوڏڻ لڳا. هوُ اوچتو اُٿي پيو ۽ بنا ڳالهائڻ جي هلڻ لڳو. هن کين ٻڌايو ته هو اهڙي ريت سمهي پيو هو، جو ڄڻ ته کيس هوش ئي نه آهي. در حقيقت هوُ کين ڊيڄاري رهيو هو. پر حقيقت هيءَ هئي ته هوُ سچ پچ خوف کان بيهوش ٿي ويو هو. گهڻو پوءِ، هن ماءُ سان اُن جو اقرار به ڪيو هو. اهڙي ريت سندس شهرت، هڪ بيباڪ ڪردار جي حيثيت ۾ هميشھ لاءِ قائم ٿي وئي. هوُ اسٽيشن کان گهر اهڙيءَ ريت موٽيو، جو سفيد ڪاغذ کان وڌيڪ سندس رنگ اڇو ٿي ويو هو. ٻي ڏينهن مٿانئس هلڪي بخار جو حملو ٿيو. پر ان هوندي به هو اُن کان بيپرواهه هو ۽ پاڻ کان بيحد خوش هو. هيءُ واقعو هڪدم ته مشهور نه ٿيو، پر جڏهن هوُ پنهنجي شهر ۾ موٽي آيو، ته هي واقعو اسڪول ۾ اچي ويو ۽ ماسترن تائين به وڃي پهتو. ڪوليا جي ماءُ جلدي ۾ ماسترن تائين وڃي پهتي. آخر ۾ ڊارڊانيلوف جو عزت ۽ اثر وارو استاد هو، هن معاملي کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو. سندس فائدي ۾ ڪم ڪيو ۽ معاملو رفع دفع ٿي ويو.
ڊارڊانيلوف ڪرڙوڍ ۽ ڪنوارو هو، جنهن جي بيگم ڪراسوتڪين سان غير معمولي محبت هئي، جنهن کي سال گذري چڪا هئا. ايتري قدر جو هڪ ڀيري، جنهن کي سال کن گذريو هو، هن خوف کان ڏڪندي، پنهنجي جذبات جي فراواني کان، نهايت عزت سان کيس ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، پر هن کيس صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. سندس خيال هو، ته سندس استدعا کي قبول ڪرڻ، پنهنجي پٽ سان ڄڻ ته دغا ڪرڻ جي برابر ٿيندو. جيتوڻيڪ ڊارڊانيلوف ڪن مخفي ڳالهين مان سمجهي ويو هو، ته غمگين ۽ عصمت مآب بيواهه، ساڻس شادي ڪرڻ ۾ سچ پچ ناراض نه آهي. ڪوليا جي هن چريائيءَ واري شرارت، هن مشڪل کي آسان ڪري ڇڏيو ۽ ڊارڊانيلوف جي خدمتن جي باعث، سندس آرزوئن جي پوري ٿيڻ ۾ اميد پيدا ٿي. جيتوڻيڪ هن اميدواريءَ ۾ ڪا پختگي نه ٿي ڏني. پر ڊارڊانيلوف ايترو ته پاڪائيءَ جو مجسمو هو، جو ڪجهه وقت لاءِ اهو ڪافي هو، ته اُن کان خوش بڻجي وڃي. کيس ڇوڪري سان بيحد پيار هو. پر اُن هوندي به هن محسوس ٿي ڪيو، ته هوُ ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي به سگهندو يا نه. ڪلاس ۾ هوُ ساڻس نهايت سخت ۽ تندپيش ايندو هو. ڪوليا پڻ کيس عزت سان، ڪجهه دور فاصلي تي رکندو هو. هوُ پنهنجي سبق کي چڱيءَ ريت سکندو هو. هوُ پنهنجي ڪلاس ۾ ٻئي نمبر تي هو ۽ ڊارڊانيلوف سان مخصوص هو. سڄي ڪلاس کي هي پختگيءَ سان يقين هو، ته ڪوليا عوامي تاريخ جي مضمون ۾ ايترو هوشيار آهي، جو ڊارڊانيلوف کي به ماري سگهي ٿو. ڪوليا سچ پچ، هن کان اهڙا سوال پڇندو به هو، ته ”ٽراءِ کي ڪنهن آباد ڪيو هو؟“ جنهن جو جواب ڊارڊانيلوف کيس بي سمجهي جهڙو ڏيندو هو. هوُ قومن جي لڏ پلاڻ جي قصي کي ڇيڙيندو هو ۽ عهد قديم جي ڳالهين ۽ حسن جي تاريخ جي داستانن ۾ وڃي پوندو هو. پر اهو سوال ته ٽراءِ ڪنهن آباد ڪيو هو؟ پنهنجي جاءِ تي جواب کان سواءِ رهجي ويندو هو. ايتري قدر جو ڪوليا جي سوال کي مهمل ۽ بي معنيٰ سمجهيو ويندو هو. هي حالات ڏسي ڇوڪرن کي يقين ٿي ويو هو، ته ڊارڊانيلوف اهو به نه ٿو ڄاڻي ته ٽراءِ کي پهريائين ڪنهن آباد ڪيو هو. هوڏانهن ڪوليا کي هي خبر اسماراگنوف جي ڪتاب مان پئي هئي، جو ڪتاب، سندس پيءُ جي ڪتابن مان هو. آخر سڀئي ٻارهن سوال ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا، ته ٽراءِ کي پهريائين ڪنهن آباد ڪيو هو؟ پر ڪراسوتڪين هن راز کي ظاهر ڪرڻ نه ٿي گهريو ۽ سندس علم جي شهرت پنهنجي جاءِ تي قائم رهجي وئي.
ريل گاڏي جي واقعي کان پوءِ ڪوليا جي طبعيت ۾ ماءُ جي لاءِ عجيب تبديلي پيدا ٿي وئي هئي. جڏهن اينا فيڊرووينا بيگم ڪراسوتڪين، پٽ جي بيهودي روش کي ٻڌو، ته هوءَ خوف کان پاڳل ٿيڻ جي قريب وڃي پهتي. مٿس جنون جا خطرناڪ حملا ٿيڻ لڳا. جي ڪيترا ڏينهن لاڳيتا هلندا ٿي رهيا. آخر ڪوليا، ماءُ جي بيماريءَ کان سخت هراس ۾ اچي ويو. هن پاڻ سان انجام ڪيو، ته هوُ وري اهڙيون شرارتون نه ڪندو. هن ماءُ جي حاضريءَ ۾، حضرت عيسيٰ عليـھ السلام جي تصوير جي سامهون ۽ پيءُ جي يادگيري ۾ ٿي قسم کنيو. بي پرواهه ڪوليا اهڙي ريت هنجون هارڻ لڳو، ڄڻ ته ڇهن ورهين جو ننڍڙو ٻار آهي. اُهو سڄو ڏينهن هيءُ ۽ سندس ماءُ، هڪٻئي سان ڀاڪر ۾ چنبڙي روئندا رهيا. ٻي ڏينهن ڪوليا، دستور موجب بي احساس ٿي اُٿيو، پر هو اڳي کان وڌيڪ خاموش، وڌيڪ فڪر وارو بڻجي پيو.
هيءَ حقيقت آهي، ته ڇهه هفتا پوءِ، هوُ اهڙي حادثي ۾ اچي ويو، جنهن جي ڪري سندس نالو اسان جي منصف تائين پهچي ويو، هيءُ حادثو بلڪل ٻي نوع جو هو، جنهن مان سندس بيوقوفيءَ ۽ کل جهڙي شرارت، اڳئين کان به وڌيڪ ٿي نظر آئي. هن اُن ۾ ڪو به وڏو حصو نه ورتو هو، پر ٻين جي تقليد ڪئي هئائين. سندس ماءُ اڃا به رُني ۽ لرزي ٿي. هو اڃا به وڌيڪ بي چين ٿي ڏٺي، جنهنڪري ڊارڊانيلوف جون اميدون وڌيڪ سرسبز ٿينديون ٿي نظر آيون. هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته ڪوليا سمجهي ويو هو، ته ڊارڊانيلوف جي دل ۾ ڪهڙيون اميدون آهن. اُن ڪري هوُ کانئس متنفر هو. ايتري قدر جو ماءُ جي حاضريءَ ۾ به هوُ هن نفرت جو اظهار ڪندو ٿي رهيو. هوُ اشارن ۽ رمزن ۾ ظاهر ڪندو ٿي رهيو، ته ڊارڊانيلوف جي من ۾ ڇا وهي واپري ٿو؟ پر ريل گاڏي واري واقعي کان پوءِ، سندس روش ۽ استاد جي عزت ۾ گهڻي تبديلي اچي وئي هئي. هن هنن رمزن ۽ اشارن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ ماءُ جي اڳيان ڊارڊانيلوف جي لاءِ وڏي عزت سان سندس بيحد شڪرگذاري پئي ظاهر ٿي. پر جڏهن ڪنهن به ملاقاتي جي سامهون، ڪوليا جي حاضري ۽ ڊارڊانيلوف جو ذڪر ٿي آيو، ته هوءَ گلاب جي گل وانگر ڳاڙهي بڻجي ٿي وئي. اُن وقت ڪوليا بي چينيءَ کان يا ته دريءَ کان ٻاهر نهاريندو هو يا بوٽن کي ڏسندو هو، يا غصي مان پنهنجي ڪتي پريزيوان کي سڏيندو هيو. پريزيوان قد ۾ نهايت وڏو هو ۽ سندس جسم تي بي انداز پشم هئي ۽ ڏسڻ جو نهايت بد هو. ڪوليا هڪ مهينو اڳ ۾، ان کي پنهنجي گهر ۾ کڻي آيو هو ۽ معلوم ٿي نه سگهيو هو، ته هن ڪهڙي سبب کان اُن کي گهر ۾ پنهنجي دوستن کان لڪائي رکيو هو. هو ان حيوان کي آزاريندو ٿي رهيو ۽ اُن سان گڏ تربيت به ڏيندو ٿي رهيو. کيس طرحين طرحين رانديون سيکاريندو ٿي رهيو. اُن ڪري هي غريب ڪتو، جڏهن هوُ اسڪول جي سبب گهر کان غير حاضر هوندو هو، ته زور سان ڀؤنڪندو هو. جڏهن هو، گهر موٽي ايندو هو، ته خوشيءَ کان ٽپا ڏيڻ شروع ڪندو هو. هوُ زمين تي اهڙيءَ ريت ليٽي پوندو هو، ڄڻ ته هو مري ويو آهي ۽ ٻيون به عجيب حرڪتون ڪندو هو. حقيقت ۾ هوُ اهي سڀئي بازيون ڪري ڏيکاريندو هو، جي کيس سيکاريون ويون هيون. هيءُ هنر هو ڪنهن حڪم يا اشاري تي نه ڪندو هو، پر پنهنجي حق شناسيءَ جي جوش جي انتها کان مجبور ٿي ڪندو هو.
هتي مون کان هيءَ حقيقت ٻڌائڻ وسري وئي هئي، ته ڪوليا ڪراسوتڪين اهو ڇوڪرو هو، جنهن کي، هڪ ڇوڪري چاقو هنيو هو. هن ڪتاب جي پڙهندڙن کي ياد هوندو، ته ڪپتان اسنگيريوف جي پٽ اسلوشيا، پنهنجي پيءُ جي بچاءَ ۾، جنهن بابت هو کيس چيڙائي رهيا هئا، کيس گهرو زخم رسايو هو.

باب ٻيو: ٻـــارَ

سو اُن ڪوهيڙي واري، برفاني ۽ طوفاني نومبر جي ڏينهن تي، ڪوليا ڪراسو تڪين گهر ۾ ويٺو هو. اُهو آچر جو ڏينهن هو ۽ اسڪول بند هو. اُن وقت يارنهن لڳا هئا ۽ کيس خاص طرح ضروري ڪم سان ٻاهر وڃڻو هو، پر کيس گهر جي سنڀال لاءِ روڪيو ويو هو. اتفاقاً گهر جا سڀئي وڏا ڀاتي هڪ اوچتي ۽ اڪيلي معاملي جي سبب ٻاهر هليا ويا. خاتون ڪراسوتڪين گهر جي ٻن ڪمرن کي، جي هڪ گهٽيءَ جي ڪري گهر کان جدا هئا، هڪ ڊاڪٽر جي زال کي، جنهن کي ٻه ٻار هئا، مسواڙ تي ڏنا هئا. اُها خاتون، اينا فيودوروينا جي همعمر هئي ۽ سندس دوست هئي. سندس مڙس ڊاڪٽر، ٻارنهن مهينن کان ٻاهر موڪلائي ويو هو، هوُ پهريائين اورينبرگ ويو هو ۽ پوءِ تاشقند. ڇهن مهينن کان هن خاتون کي سندس ڪابه خبر نه ملي هئي. جيڪڏهن سندس بيگم ڪراسوتڪين سان دوستي نه هجي ها، جا هن بدقسمت عورت جي لاءِ تسلي جو سبب هئي، ته هوند ڳوڙها ڳاڙيندي مري وڃي ها. هاڻي سندس بدقسمتيءَ ۾ هڪ وڌيڪ اضافو ٿيو هو. سندس ملازمه ڪيٽرينا هڪ ڏينهن اڳ شام جو ظاهر ڪيو هو، ته هوءَ صبح کان اڳ دنيا ۾ ٻار پيدا ڪرڻ واري آهي. سندس مالڪياڻيءَ کي هي ٻڌي بيحد عجب لڳو هو. هيءَ ڄڻ ته سڀ جي لاءِ پـُـراسرار ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي به اڳ اهڙيءَ حالت جي خبر نه هئي. عجب ۾ پيل ڊاڪٽر جي زال فيصلو ڪيو، ته ڪيٽرينا کي اتان ڪنهن ٻي جاءِ تي پهچائي. اڃا به وقت هو، ته هوءَ کيس اُن دائيءَ وٽ وٺي وڃي، جنهن شهر ۾ اهڙن نازڪ موقعن جي لاءِ بندوبست ڪري رکيو هو. جيئن ته ڪيٽرينا سان سندس بيحد محبت هئي، هن، انهيءَ رٿ تي عمل ڪيو ۽ اُن جي خدمت لاءِ اُتي رهي پئي. صبح جو بيگم ڪراسوتڪين، جي اندر ۾ اُن جي لاءِ محبت جو جوش پيدا ٿيو ۽ هن چاهيو، ته اُن جي مدد ڪري ۽ هن حالت ۾ ڪنهن کي عرض ڪري ته هوُ سندس پـُـرگهور لهي.
انهيءَ ڪري هي ٻئي عورتون گهر کان غير حاضر هيون. ڪراسوتڪين جي خادمه آئيافا، بازار وئي هئي ۽ ڪوليا کي ٿوري وقت لاءِ ڇڏيو ويو هو، ته ٻارن جي نگهباني ڪري: يعني ڊاڪٽر جي ڌيءَ پٽ، جي گهر ۾ اڪيلا هئا. ڪوليا کي گهر جي سنڀال ڪندي، ڪو به خوف ڪونه پئي ٿيو. اُن کان سواءِ وٽس پريوان به هو، جنهن کي حڪم ڏنو ويو هو، ته هوُ سنئون سڌو ٿي ليٽي پوي، بينچ جي هيٺان ڪنهن به چرپر کان سواءِ پيو رهي. ڪوليا هر وقت، ڪمرن ۾ هيڏي هوڏي آيو ۽ ويو ٿي ۽ وري هال ۾ آيو ٿي، ڪتو پنهنجي مٿي کي لوڏي رهيو هو ۽ پڇ سان زمين تي ٺڪاءَ ڪري رهيو هو، پر افسوس جو ڪوليا جي سيٽي کان کيس ڇوٽڪارو نه ٿي مليو. ڪوليا اُن بدقسمت کي شوخيءَ سان نهاري رهيو هو، جو وري فرمانبرداريءَ جي سخت ڦندي ۾ هو. هڪ ڳالهه، جا ڪوليا کي تڪليف ڏيئي رهي هئي، سا هئي انهن ٻارن جي نظرداري. هوُ ڪيٽرينا جي هن اوچتي ڪارنامي کي نفرت سان نهاري رهيو هو، پر هن هنن ٻارن کي حد کان وڌيڪ محبت ٿي ڪئي. هن کين اڳ ۾ ئي هڪ تصويرن وارو ڪتاب ڏئي ڇڏيو هو. ناستيا جا عمر ۾ وڏي هئي ۽ اٺن ورهين جي هئي. پڙهي سگهي ٿي. ڇوڪرو ڪوسٽيا، جنهن جي عمر ست ورهيه هئي، ڀيڻ جي پڙهڻ کي نهايت شوق سان ٻڌڻ جو عادي هو. ڪراسوتڪين سندن وندرائڻ لاءِ، اڃا به وڌيڪ ڳالهيون مهيا ٿي ڪيون. هن کين هڪٻئي سان ملائي ٿي بيهاريو ۽ ساڻن فوجي رانديون ڪري رهيو هو يا کين لڪ ڇپ جي راند ٿي ڪرايائين. هوُ اڳ ۾ به کين اهڙي ريت وندرائيندو رهندو هو ۽ کيس ٻارن سان راند ڪرڻ ۾ ڪوبه عار نه هوندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري اسڪول ۾ مشهور ٿيو هو، ته ڪراسوتڪين، گهر ۾ ننڍن ٻارن سان گهوڙي راند ڪندو هو ۽ شرط جي گهوڙن وانگر پنهنجي مٿي کي هڪ طرف رکي ڊوڙندو ٿي رهيو. پر هوُ نفرت سان هن مذاق واري حملي کي رد ڪندو هو. چوندو هو، ته گهوڙي راند پنهنجي هم سن تيرنهن سالن جي ٻارن سان کيڏڻ شرم جي ڳالهه آهي، سو به هن عمر ۾. پر هوُ ٻارن جي تفريح لاءِ اِيئن ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته هوُ کين پيار ڪندو هو. انهيءَ ڪري ڪنهن کي به حق نه هو، ته سندس جذبات جي باعث، ڪو مٿس حرف گيري ڪري. اهي ٻئي ٻار به کيس پيار ڪندا هئا.
پر هن موقعي تي سندس طبعيت راند جي طرف مائل نه هئي، کيس پنهنجو ضروري ڪم درپيش هو، جو نهايت پراسرار هو. وقت گذري رهيو هو، آگافيا اڃا بازار کان نه موٽي، جنهن جي سنڀال ۾ هوند، هوُ ٻارن کي ڇڏي وڃي ها. هوُ ڪيئي ڀيرا گهٽيءَ کان گذري، مسواڙيءَ جي ڪوٺي جو دروازو کولي اندر ويندو هو ۽ ڏاڍي شوق مان ٻارن کي ڏسندو هو، جي ڪنهن ڪتاب جي مٿان ويٺا هوندا هئا، جو هوُ کين ڏئي ايندو هو. جڏهن جڏهن هوُ دروازو کولي وٽن ويندو هو، ته کيس ڏسي بيحد خوش ٿيندا هئا ۽ سمجهندا هئا، ته هوُ اندر اچي، انهن جي خوشي ۽ وندر جو سامان پيدا ڪندو. پر هن ڀيري ڪوليا، ايترو ته منجهيل هو، جو دروازو کولي، اُنهن ڏي نه ويو.
آخر يارنهن وڳا ۽ هن پختو ارادو ڪيو، ته جيڪڏهن آگافيا ڏهن منٽن جي اندر موٽي نه آئي، ته هوُ، اُن جي لاءِ وڌيڪ ترسڻ کان سواءِ، ٻاهر هليو ويندو. هن خيال ڪيو، ته هوُ ٻارن کان واعدو وٺندو، ته هوُ سندس غير حاضري ۾ بهادر ۽ باهمٿ ٿي رهندا. نه شرارت ڪندا، نه وري خوف کان دانهون ڪندا. اِيئن خيال ڪندي، هن سياري جي وڏي ڪوٽ کي کنيو، جنهن جي ڪالر تي ٻليءَ جي کل لڳل هئي. هن اُن کي پاتو ۽ شال کي ڪلهن جي چوڌاري ويڙهيائين. ماءُ جي بار بار هن تاڪيد کان، ته اهڙي سردي ۾ هو پيرن ۾ جورابن کي ضرور پائي، ڪناره ڪشي ڪندي، اُنهن کي ڏسندو هال کان گذريو ۽ فقط بوٽ ئي پاتائين. پريزيوان کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ سنبريل ڏسي، فرش تي زور زور سان پنهنجو پـڇ هڻڻ لڳو. سندس سڄو بدن لرزش ۾ اچي ويو هو ۽ ڀؤنڪڻ لڳو. پر ڪوليا، پنهنجي ڪتي جي جوشيلي بي صبري کي ڏسي، ارادو ڪيو، ته هن سندس انتظام ۾ جيئن ته رخنو وڌو آهي، ان ڪري کيس ڪجهه وڌيڪ وقت بينچ جي هيٺان رهڻ گهرجي. هن گهٽيءَ جو دروازو کوليندي، کيس فقط سيٽي جو آواز ڏنو. ڪتو ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ وحشي جانورن وانگر سندس سامهون جهڪي، ليٽ پيٽ ٿيڻ لڳو.

ڪوليا دروازي کي کولي، ٻارن ڏي جهاتي پائي ڏٺو، هو دستور موجب ميز جي سامهون ويٺا هئا، هنن ان وقت پڙهيو ته ڪونه ٿي، پر ڪنهن بحث ۾ سرگرم ٿي ڏٺا. اڪثر هي ٻار انساني زندگيءَ جي حادثن ۽ مسئلن تي بحث ڪندا رهندا هئا. ناستيا جيئن ته عمر ۾ وڏي هئي، ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي هئي. جيڪڏهن ڪوستيا ساڻس متفق نه ٿيندو هو، ته هو هميشھ ڪوليا ڪراسوتڪين کي ٽياڪڙ مقرر ڪندا هئا ۽ سندس فيصلو ٻئي حرف آخر سمجهندا هئا. هن ڀيري ٻارن جو بحث ڪراسوتڪين جي لاءِ بيحد دلچسپ هو. هو گهٽيءَ ۾ ان جي ٻڌڻ لاءِ، خاموش بيهي رهيو. ٻارن ڏٺو، ته هو کين ڌيان ڏيئي ٻڌي رهيو آهي، ان ڪري سندن جهڳڙو اڳي کان به تيز ٿي ويو.
ناستيا چوڻ لڳي، ته ”مان هن ڳالهه تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪنديس، ته پوڙهيون عورتون، رڌڻي واري باغ ۾ ٻارن کي ڪڏهن به گرميءَ سبب لهي نه اينديون آهن. هاڻي ته سيارو آهي ۽ گرمي ته آهي ئي ڪونه. ان ڪري پوڙهي عورت ڪيٽرينا کي نئون ٻار ڪٿان آڻي ڏيندي؟“
ڪوليا سيٽي ڏيڻ لڳو.
”يا ته اِيئن آهي، ته اهي ٻار ڪٿان کڻي ايندا آهن، پر اهي انهن عورتن جي لاءِ هوندا آهن، جي شادي ٿيل هونديون آهن.“
ڪوستيا عجب مان ناستيا کي ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لڳو ۽ گهري ويچار ۾ پئجي ويو هو.
آخر هن چيو ته ”ناستيا تون ڪيڏو نه بيوقوف آهين.“ هيءُ جملو هن نهايت پختگيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان چيو. ”ڪيٽرينا کي ٻار ڪيئن ٿيندو، جڏهن ته هوءَ پرڻيل ئي نه آهي؟“
ناستيا غصي ۾ ڀرجي وئي. ”مان سمجهان ٿي ته کيس مڙس آهي، پر هو قيدخاني ۾ آهي. ان ڪري ئي کيس هاڻي ٻار ٿيڻ وارو هوندو.“ هن اطمينان سان چيو.
”ڇا! اهو سچ آهي، ته ڪيٽرينا جو مڙس جيل ۾ آهي؟“ ڪوستيا نهايت سنجيدگيءَ سان، کانئس اهو معلوم ڪرڻ گهريو.
ناستيا پنهنجي پهرئين حقيقت کي فراموش ڪندي، تحڪماڻي آواز ۾ چيو، ته کيس مڙس ڪونه آهي، تون هن ۾ برابر آهين. پر هوءَ چاهي ٿي، ته شادي ڪري. ان ڪري هوءَ ان تي خيال ڪندي رهي ٿي. اهڙي ريت خيال ڪندي ڪندي، ان کي حاصل ڪيو اٿس، پر اهو سندس مڙس نه آهي پر ٻار آهي.“
”پر سچ پچ اِيئن هوندو.“ ڪوستيا پوري ريت غالب ٿيندي قبول ڪيو.“ پر ”تو، اڳ ۾ ته اِيئن چيو ئي نه هو. تون ڪيئن ٿي ڄاڻين ته مان ان کي سمجهان؟“
ڪوليا، اندر قدم رکندي، کين چيو ته ”ٻارو هيڏي اچو. مان ڏسان ٿو، ته اوهان خطرناڪ ماڻهو آهيو.“
ڪوستيا مشڪندي کانئس پڇيو، ته ڇا پريزيوان به ساڻس آهي؟ اِيئن چئي هن پوءِ ڪتي کي آواز ڏنو ۽ آڱرين سان اشارا ڪرڻ لڳو.
”ٻارو مان نهايت مشڪل ۾ آهيان.“ ڪراسوتڪين نهايت ڳنڀير ٿي کين چيو. ”اوهان کي منهنجي مدد ڪرڻ کپي. آگافيا جي شايد ڪٿي ٽنگ ڀڄي پئي آهي. انهيءَ ڪري هوءَ پوئتي موٽي نه سگهي آهي. مون کي ان جو يقين آهي. مان ٻاهر ويندس. ڇا اوهان مون کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيندا؟“
ٻار هڪٻئي کي انتظار مان نهارڻ لڳا. سندن مشڪندڙ چهرن ۾ بي آرامي اچي وئي. پر اڃا تائين، هنن ان حقيقت کي نه سمجهيو هو، جيتري قدر سمجهڻ جي اميد ٿي رکيائون.
”جڏهن مان وڃان، ته اوهان ڪابه شرارت نه ڪجو. اوهان الماڙي تي چڙهي، پنهنجون ٽنگون نه ڀڃجو. اڪيلائي ۾ نه ڊڄجو نه دانهون ڪجو؟“
ٻارن جي چهرن مان گهري مايوسي ظاهر ٿيڻ لڳي.
”مان اوهان کي هڪ شيءِ انعام طور ڏيکارڻ گهران ٿو. اها ننڍڙي ٽامي جي هڪ توب آهي. ان ۾ جيڪڏهن بارود وڌو وڃي، ته اها باقاعده ڇٽي پوندي.“
انهيءَ گهڙي ٻارن جون اکيون خوشيءَ کان چمڪي اٿيون. ”اسان کي اها توب ڏيکار.“ ڪوستيا، سڄو ئي خوشيءَ سان ڀرجي ويو.
ڪراسوتڪين پنهنجو هٿ کيسي ۾ وڌو ۽ هڪ ڌات جي ننڍڙي توب ڪڍي، ميز تي رکيائين.
”توهان هن جي لاءِ هرڪا ڳالهه پڇي سگهو ٿا. هن جي ڦيٿن کي ڏسو. ”هن رانديڪي کي ميز تي گهمايو. هن مان ٺڪاءُ به نڪري سگهندو. جيڪڏهن هن کي بارود سان ڀريو وڃي، ته اها ڇٽي به پوندي.“
”ڇا! اها ڪنهن کي ماري به سگهي ٿي؟“
”بيشڪ! اها ڪنهن کي ماري به سگهي ٿي، پر شرط اهو آهي ته نشان چڱيءَ ريت ورتو وڃي.“
ان کان پوءِ ڪراسوتڪين کين سمجهائڻ شروع ڪيو، ته ڪٿي بارود وڌو وڃي ۽ ڪهڙي جاءِ تي لبلبي کي زور ڏنو وڃي؟ کين ان ۾ هڪ ننڍڙو سوراخ ڏيکاريائين، ته جڏهن لبلبي جو ڌڪ لڳندو، ته ان مان بارود ڌماڪو ڪري نڪري ايندو.
ٻار کيس پوري ڌيان سان ٻڌي رهيا هئا، سندن تصور ۾ اها ڳالهه وڌيڪ کپي وئي هئي، ته اها توب ڌڪ به هڻي سگهي ٿي.
”ڇا توکي بارود به آهي،“ ناستيا کانئس معلوم ڪرڻ گهريو.
”هائو.“
”اسان کي بارود به ڏيکار.“ ناستيا مشڪندي کيس عرض ڪرڻ جي انداز ۾ چيو. ڪراسوتڪين وري کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ هڪ ننڍڙي شيشي کوليائين، جنهن ۾ ٿورو سچو پچو بارود پيل هو. ٿورو انداز گندرف جو به ڪڍيائين. جو ڪاغذ جي پـُـڙيءَ ۾ هو. ڪجهه بارود کڻي تريءَ تي رکيائين ۽ چوڻ لڳو ته:
”ماڻهوءَ کي هميشھ خبردار ٿيڻ گهرجي، ته هن شيءِ جي ڀرسان باهه نه هجي. نه ته هيءُ ڦاٽي پوندي ۽ اسان سڀني کي ماري وجهندي.“ ڪراسوتڪين کين جذباتي طرح خطري کان آگاهي ڏني.
ٻارن نهايت خوف مان ان بارود کي ڏٺو. هنن ان جي ڏسڻ مان فقط پاڻ کي وندرائڻ گهريو. پر ڪوستيا چاهيو ٿي ته ان کي ڇٽندو به ڏسي.
”ڇٽڻ وقت، هن کي باهه لڳي ويندي؟“ هن معلوم ڪرڻ گهريو.
”نه، اِيئن نه ٿيندو.“
هن جستجو ڪرڻ واري آواز ۾ کيس چيو، ته ”مون کي اهو ڇوڙي ڏيکار؟“
”مان اوهان کي ڇوڙي ڏيکاريان ٿو. هن کي وٺ پر منهنجي موٽي اچڻ تائين پنهنجي ماءُ کي نه ڏيکارجو. هوءَ هن کي سچو پچو بارود سمجهي، يا ته خوف کان مري ويندي، يا اوهان کي خوب سيکت ڏيندي.“
”ماءُ اسان کي ڪڏهن به لڪڻ نه هڻندي.“ ناستيا هڪدم کيس جواب ڏنو.
”مان ڄاڻان ٿو. مان هيءُ پنهنجي جملي کي پوري ڪرڻ لاءِ چيو آهي. هن موقعي کان سواءِ اوهان وري ڪڏهن به پنهنجي ماءُ سان ٺڳي نه ڪجو. منهنجي موٽڻ تائين چپ رهجو. سو ٻارڙو، هاڻي مان ٻاهر وڃان؟ مان جڏهن وڃان ته نه اوهان ڊڄجو نه دانهون ڪجو.“
”اسان دانهون ڪنداسين.“ ڪوستيا مشڪندي چيو. سندس اکيون اڳ ۾ ڳوڙهن سان ڀريل هيون.
”اسان رئنداسون، توکي يقين هئڻ کپي، ته اسان رئنداسون. ناستيا بزدليءَ جو مظاهرو ڪندي تڪڙ مان چيو.
”اڙي ٻارو! اڙي ٻارو! اوهان جي هيءَ عمر ڪيڏي نه خطرناڪ آهي. ڪوبه ڪم ٿي نه ٿو سگهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه آهي، ته اوهان وٽ رهان. وقت گذرندو وڃي ٿو، اُف! خبر نه آهي ته ڪيترو وقت ترسڻو پوندو.“
ڪوستيا کيس ليلائي چيو، ته پريزيوان کي حڪم ڏي ته مردو بڻجي وڃي؟
انهيءَ کان سواءِ چارو نه آهي. اسان کي پريزيوان سان واسطو قائم ڪرڻ گهرجي. مان پريزيوان سان. ڪوليا ڪتي کي حڪم ڏيڻ لڳو، ته هن پنهنجون بازيون شروع ڪري ڏنيون.
هو کهرن وارن وارو ڪتو هو، سندس قد ۽ جسم پورو پنو هو. سندس وارن جو رنگ، لـِـلي جي گل جي رنگ جهڙو ڀورو هو ۽ سڄي اک کان انڌو هو. سندس کٻو ڪن چيريل هو. هو ڀؤنڪيو به ٿي ۽ ٽپا به ٿي ڏنائين. هو پنهنجي پوين ٽنگن تي بيٺو به ٿي ۽ گهميو به ٿي. هو ٽنگون هوا ۾ مٿي ڪري زمين تي ليٽي به ٿي پيو. هو ليٽڻ وقت ايڏو ته خاموش ۽ سخت بڻجي ٿي ويو، جو ڄڻ ته مري ويو آهي. جيئن ئي سندس پويون کيل هلي رهيو هو، دروازو کليو ۽ آگافيا بيگم ڪراسوتڪين جي خادمه، چاليهن ورهين جي مضبوط ڪرڙوڍ عورت، جنهن جي منهن تي ڪيئي ماتا جا داغ هئا، ظاهر ٿي. هوءَ بازار کان موٽي هئي ۽ سندس کٻي هٿ ۾ سودي سان ڀريل ڇٻي هئي. هوءَ خاموش بيهي رهي ۽ ڪتي کي ڏسندي رهي. جيتوڻيڪ ڪوليا سندس موٽڻ لاءِ بيحد منتظر هو، پر هن پنهنجي تماشي ۾ ڪابه ڪثر نه وڌي. مقرر وقت لاءِ کيس مردي جي صورت ۾ رکڻ کان پوءِ، آخر هن سيٽي ڏني. ڪتو ٽپو ڏئي اٿيو ۽ خوشيءَ کان پڇ لوڏيندو رهيو، ڄڻ ته هن پنهنجي فرض کي پوريءَ ريت سرانجام ڏنو هو.
”اهو خيال ڪر ته هيءَ ڪتو آهي!“ آگافيا پـُـر معنيٰ لفظن ۾ کيس ڇينڀيو.
”عورت تو دير ڇو ڪئي آهي؟“ ڪراسوتڪين سختيءَ مان کيس چيو.
”هائو ڇوڪرا! تنهنجو هن سان ڪهڙو واسطو آهي، جي مان دير به ڪئي آهي. جيڪڏهن مان دير سان آئي آهيان، ته مون کي ان جي لاءِ ڪو سـُـهائيندو سبب هوندو.“ آگافيا ڀڻڪندي کيس چيو. هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي وئي. سندس آواز ۾ نه ڪاوڙ هئي، نه ناراضپي جو اظهار. هوءَ بلڪل خوش ٿي ڏٺي. درحقيقت هو پنهنجي خوشنود ننڍڙي آقا سان مذاق ڪري رهي هئي.
”ڌيان ڏئي ٻڌ، مهمل ۽ پوڙهي عورت!“ ڪراسوتڪين صوفي تان اٿندي، ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”دنيا جي اندر، تون سڀني پاڪ شين جو قسم کڻي چوندينءَ، ته تون منهنجي غير حاضريءَ ۾، هنن ٻارن جي چڱيءَ ريت خبرداري ڪندينءَ؟ مان ٻاهر وڃي رهيو آهيان.“
”پر مان قسم ڇا جي لاءِ کڻان؟“ آگافيا کلڻ لڳي. ”مان قسم کان سواءِ به هنن جي سنڀال ڪنديس.“
”نه، جيستائين تون پنهنجي غير فاني ايمان جو قسم نه کڻندينءَ، تيستائين مان نه ويندس.“
”ٺيڪ آهي نه وڃ. منهنجو انهيءَ سان ڇا بگڙندو. ٻاهر سخت سردي آهي، توکي گهر ۾ رهڻ گهرجي.“
”ٻارو“ ڪوليا ٻارن ڏي مڙندي چيو. ”هيءَ عورت اوهان جي سنڀال ڪندي، جيستائين مان موٽي اچان يا اوهان جي ماءُ موٽي اچي، ڇاڪاڻ ته کيس گهڻو وقت اڳ ۾ موٽڻ کپندو هو. هوءَ اوهان کي مزيداريءَ سان ڏينهن جو کاڌو ڏيندي. آگافيا تون به هنن کي ڪجهه ڏي. هائو نه؟“
”مان ڏيندس.“
”خداحافظ ٻارو! مان پنهنجي دل کي سڪون ڏيڻ لاءِ وڃان ٿو.“ هو جيئن آگافيا وٽان گذريو، ته کيس هلڪي آواز ۾ چوندو ويو، ته ”ناني! مون کي اميد آهي ته تون هنن جي ننڍڙي عمر کي خيال ۾ رکي، پوڙهين زالن وانگر، ڪيٽرينا جي بابت واهيات ڳالهيون نه ٻڌائينديئن.“ ان کان پوءِ هن ڪتي کي سڏ ڪيو، ته ”اچ پريزيوان!“
هن دفعي آگافيا، سخت غصي ۾ ڀرجي وئي ۽ کيس رڙ ڪري چيائين، ته ”عجيب ڇوڪرا، تون پنهنجو رستو وٺ. اهڙين ڳالهين ڪرڻ لاءِ توکي چهبڪ هڻڻ گهرجن. ها تون چاهين به اهو ئي ٿو.“

باب ٽيون: اسڪول جو ڇوڪرو

پر ڪوليا کيس ٻڌوئي ڪونه. آخر هو ٻاهر هليو ويو. جڏهن هو دروازي کان ٻاهر نڪتو، ته چوڌاري ڏسڻ لڳو. هن پنهنجي ڪلهن کي ڀيڪوڙيو ۽ چوڻ لڳو، ته ”برف ڄمي رهي آهي.“ هو سڌو گهٽيءَ ۾ هليو ويو ۽ سڄي پاسي مارڪيٽ ڏانهن مڙيو. جڏهن هو، ان گهر وٽ پهتو، جو ڇيڙي تي بلڪل مارڪيٽ جي لڳ هو، هو ان جي دروازي تي بيهي رهيو. کيسي مان سيٽي ڪڍيائين ۽ پوري زور سان ان کي وڄايائين. ڄڻ ته ڪنهن کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ٿي ڏنائين. هو منٽ به نه ترسيو، جو هڪ گلابي ڳلن وارو ڇوڪرو، جنهن جي عمر يارنهن ورهين جي لڳ ڀڳ ٿي ڏٺي، ڊوڙندو ساڻس ملڻ لاءِ آيو. کيس گرم، صاف، فيشن وارو ڪوٽ پهريل هو. هيءُ سيموروف هو، جو تياري ڪلاس ۾ هو. (ڪوليا ڪراسوتڪين کان ٻه درجا هيٺ) وڏي عهدي واري آفيسر جو پٽ. سندس مائٽن جو کيس سخت تاڪيد هو، ته هو ڪراسوتڪين سان صحبت نه رکي. ڇو ته هي بريءَ طرح شرير ڇوڪرو مشهور هو. ان ڪري سيموروف، خوف کان لڪندو ۽ ڀڄندو آيو هو، جيڪڏهن پڙهندڙ کان وسري نه ويو هجي، ته هو انهن ڇوڪرن جي ٽولي مان هو، جن ٻه مهينا اڳ اليوشا کي پٿر هنيا هئا، اليوشا جي باعث. مان تنهنجي لاءِ سخت انتظار ۾ هوس، ڪراسوتڪين.“ سيموروف کيس شيرين آواز ۾ چيو. ٻئي ٻار وڏا وڏا قدم کڻندا. مارڪيٽ ڏي هليا.
”مون کي دير ٿي وئي.“ ڪراسوتڪين، کيس جواب ڏنو. مان ڪن سببن جي ڪري ترسي پيو هوس. توکي مون سان گڏ هئڻ جي ڪري سزا ته نه ملندي؟
”اچ، مان توکي ٻڌايان ٿو، ته مون کي ڪڏهن به مار نه ملندي آهي. اڄ ته توسان پريزيوان به آهي؟“
”هائو.“
”تون، هن کي به وٺي ٿو وڃين؟“
”هائو.“
”او! جيڪڏهن فقط زهڪا هجي ها!“
”اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. زهڪا جو وجود ئي ڪونه آهي. اهو ته گمناميءَ جي ڌنڌ ۾ غائب ٿي ويو آهي.
”او! اسان ان کي هٿ نه ٿا ڪري سگهون؟“ سيموروف سڌو ٿي بيهي رهيو.
”ٻڌ ته، اليوشا چيو ٿي، ته زهڪا به ڊگهن وارن وارو، ڀوري ۽ ناسي رنگ جو پريزيوان وانگر هو. تون کيس اِيئن ڇو نه ٿو چوين ته هيءُ زهڪا آهي. هو توتي اعتبار ڪندو.“
”ٻار، ڪوڙ کي ڇڏ. پهرئين ڳالهه. پر ان ۾ ڪو چڱو مطلب به هجي، ٻي ڳالهه. پر سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي، ته مان اميد ٿو رکان، ته تو کيس منهنجي اچڻ جو ڪوبه اطلاع نه ڏنو هوندو.“
”خدا پناهه ڏي! توکي شايد خبر نه آهي، ته مان ڪهڙي قسم جو آهيان. پر تون کيس پريزيوان سان راضي نه ڪري سگهندين.“ سميوروف ٿڌو ساهه کڻي چيو. ”تون سندس پيءُ ڪپتان کي ڄاڻين ٿو.“ چپ ٿي ٽنڊڻ“! اسان کي ٻڌايو هو، ته هو اڄ ان جي لاءِ هڪ جوان، اصل، نسل وارو، ڪاري رنگ جو ڪتو آڻيندو. هن خيال ٿي ڪيو ته هو کيس آرام ڏيندو، پر مون کي ان ۾ شڪ آهي.“
”پر اليوشا آهي ڪيئن؟“
”افسوس! سندس حالت خراب آهي. مان سمجهان ٿو، ته کيس سلهه آهي. هو بلڪل هوش ۾ آهي، پر ساهه کڻڻ ۾ تڪليف اٿس. سندس اهو نظام خراب ٿي پيو آهي. اڳئين ڏينهن تي هن چيو ٿي کيس بوٽ پارائي سڄي ڪمري ۾ گهمايو وڃي. هن گهمڻ لاءِ ڪوشش به ڪئي، پر هو بيهي نه سگهيو. جيئن مان توکي اڳ ۾ ٻڌايو هو. هن پيءُ کي چيو ٿي، ته اهو بوٽ چڱو نه هو. مان اُن سان چڱيءَ ريت گهمي نٿو سگهان. هن خيال ٿي ڪيو، ته انهن بوٽن جي سبب ئي هو پوري ريت بيهي نه ٿو سگهي، پر اها سندس ڪمزوري هئي. هو ٻيو هفتو جيئرو رهي نه سگهندو. هرزينسٽيوب سندس علاج ڪري رهيو آهي. هو وري شاهوڪار ٿي ويا آهن ۽ وٽن دولت جو ڪافي ڍير آهي.“
”هيءُ سڀئي گهٽيا آهن.“
”ڪير گهٽيا آهن؟“
”ڊاڪٽر! هيءَ سڀئي ۽ فرداً فرداً. سڄو ئي قافلو! مون کي دوائن تي ڪوبه ويساهه نه آهي. هيءَ بيڪار ادارو آهي. منهنجو مطلب آهي، ته مان انهن جو مطالعو ڪريان. مون کي نظر اِيئن ٿو اچي، ته تون اتي هر روز ويندو آهين؟ معلوم اِيئن ٿو ٿئي، ته سڄو ڪلاس روز وٽس ويندو رهندو آهي.“
”سڄو ڪلاس ته نه، پر اسان مان ڏهه ڇوڪرا فقط کيس هر روز ڏسڻ لاءِ ويندا آهن. هن ۾ ڪا خاص ڳالهه ته ڪانه آهي.“
”ڇا، مان سمجهي نه ٿو سگهان، ته هن سڄي ڪارنامي ۾ اليڪسي ڪرامازوف ڇو اهم حصو وٺي رهيو آهي. سندس ڀاءُ تي سڀاڻي يا پرينهن اهڙي ڏوهه ۾ مقدمو هلندو، جو نهايت نازڪ آهي، پر ان هوندي به هو الائجي ڪهڙي خيال کان ٻارن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيو آهي.“
”هن ۾ نرم مزاجي ۽ رحم دليءَ جو ڪهڙو سوال آهي؟ تون هاڻي پاڻ وڃين ٿو ۽ اليوشا جي حالت کي خود ئي ڏسندين ۽ ٺاهه ڪندين.“
”ساڻس ٺاهه ڪري رهيو آهيان، ڪهڙو نه بي معنيٰ جملو آهي! پر مان ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندس، ته هو منهنجي عمل جي تفريق ڪري.“
”اليوشا توکي ڏسي، ڪيڏو نه خوش! ٿئي، کيس ڪوبه خيال نه هو، ته تون وٽس ويندين. اِيئن ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن سموري وقت ۾ تون ان ڏي ڪونه ويو آهين.“ سميوروف اوچتو گرم جوشيءَ سان چيو.
”منهنجا پيارا ٻار! هيءَ منهنجو عمل آهي، نه تنهنجو. مان پاڻ ئي ان ڏي وڃان ٿو. ڇاڪاڻ ته مان ئي اهو انتخاب ڪيو آهي. پر اوهان کي ته اليڪسي ڪرامازوف دعوت ڏئي وٺي ويو آهي. هيءُ وڏو تفاوت آهي، جنهن کي تون سمجهي سگهين ٿو. مان ته اِيئن ڪونه ڪري رهيو آهيان، تنهنجو اهو بيوقوفيءَ جو جملو آهي.“
”اهو ڪرامازوف جو ڪم نه آهي. اسان جا سنگتي پنهنجو پاڻ ان ڏي ويا آهن. بيشڪ هو پهريائين ڪرامازوف سان گڏجي ويا هئا. انهيءَ ۾ ته ڪا اربع خطا ڪانه آهي. پهريائين هڪ ويو ۽ پوءِ ٻيو. سندس پيءُ اسان کي ڏسي بيحد خوش ٿيو. توکي خبر هئڻ کپي، ته جيڪڏهن اليوشا مري ويو، ته هو چريو ٿي پوندو. هو ڏسي ٿو ته اليوشا مري رهيو آهي. هو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، جو اسان اليوشا سان راس ٿي وياسون. اليوشا تنهنجو به احوال پڇيو هو ۽ ٻي ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئائين. سندس پيءُ کانئس پوءِ يا خودڪشي ڪندو يا چريو ٿي پوندو. هن اڳ ۾ به چرين جهڙو نمونو ڏيکاريو آهي. توکي خبر هئڻ کپي، ته هو نهايت معقول ماڻهو آهي. اسان کان اڳ ۾ غلطي ٿي هئي. هيءَ سڀ ان قاتل جي خطا هئي، جنهن کيس ماريو هو.“
”ڪرامازوف، ساڳي وقت منهنجي لاءِ هڪ ڳجهارت آهي. مان جيڪر هن سان پنهنجي واقفيت، گهڻو وقت اڳ ۾ پيدا ڪريان ها، پر ڪن حالتن ۾، مان پوري پوري خودداريءَ کي پسند ڪندو آهيان. ان کان سواءِ، مون وٽ ان جي لاءِ هڪ نظريو آهي، جنهن تي مان ڪم ڪري جاچ ڪندس.“
ڪوليا، شاندار خاموشيءَ سان چپ ٿي ويو. سميوروف به خاموش ٿي ويو. حقيقت ۾ سميوروف ڪراسوتڪين جي پوڄا ڪندو هو، هن خواب به نه ٿي لڌو ته ساڻس الجهي سگهي. هاڻي هو ڪوليا جي هن قول ۾ بيحد دلچسپي وٺي رهيو هو، ته ”هو پاڻ اليوشا کي ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. هن محسوس ڪيو ته ڪوليا جنهن ريت، اڄ ان کي ڏسڻ لاءِ وڃي ٿو، ان ۾ سندس ڪو راز ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ خيال اوچتو سندس دماغ ۾ اچي جائگير ٿيو هو. هو مارڪيٽ کان اڳتي وڌيا، جنهن ۾ ان وقت ڪيترا گاڏا سامان سان ڀريل ٻهراڙيءَ کان آيل ٿي ڏٺا. انهن مان گهڻن ۾ جيئريون ڪڪڙيون ٿي ڏٺيون. مارڪيٽ ۾ عورتون ڳوٽا، ڪپهه ۽ ڌاڳا وڪڻي رهيون هيون. مارڪيٽ جي اندر هميشھ آچر جو ڏينهن ميلو شمار ٿيندو آهي ۽ سال ۾ اهڙا ميلا گهڻائي لڳندا آهن.“
پريزيوان وحشياڻي رنگ ۾ ڊوڙندو ٿي ويو. ڪڏهن هڪ طرف ٿي سنگهيائين ته ڪڏهن ٻئي طرف. جڏهن هو ٻين ڪتن سان گڏيو ٿي، ته نهايت پيار سان هڪٻئي کي سنگهيائون ٿي، جو وحشي جانورن جو دستور آهي.
”مان هن حقيقت پسنديءَ جي اظهار جي منظر کي نهايت پسند ڪندو آهيان، سميوروف،“ ڪوليا اوچتو چيو. ”تو ڪڏهن ڏٺو آهي، ته ڪتا جڏهن هڪٻئي سان گڏبا آهن، ته هو هڪٻئي کي سونگهندا آهن؟ اهو سندن فطرت جو ڪو قانون آهي.“
”هائو! هي عجب ۾ وجهندڙ شيءِ آهي.“
”نه، اها ڪا عجب ۾ وجهندڙ حقيقت نه آهي. تون غلط آهين. فطرت ۾ ڪابه عجب ۾ وجهندڙ شيءِ ڪانه آهي. شايد انسان وٽ سندس بيجا تعصب جي باعث هيءَ عجيب شيءِ سمجهي وڃي. جيڪڏهن ڪتن وٽ دليل بازي ۽ تنقيد جو عنصر هجي ۽ ان سان اسان کي پرکن، ته هنن وٽ اسان جي بابت ڪيتريون ئي عجيب حقيقتون نروار ٿي پون. جيڪڏهن وڌيڪ نه، ته وٽن فقط انساني سماجي تعلقات ئي ڪافي آهن. يعني سندن آقا. مان هن حقيقت کي وري دهرايان ٿو. ڇاڪاڻ ته مان هن حقيقت جو قائل آهيان، ته اسان ۾ انهن کان وڌيڪ بيوقوفي موجود آهي. اهو ريڪٽن جو خيال آهي- انوکو خيال! مان اشتراڪيت پسند آهيان، سميوروف.“
”اشتراڪيت پسند ڇا آهي؟“ سيموروف کانئس پڇيو.
”هن جو مطلب آهي، مساوات ۽ هڪجهڙائي. سڀني جي ملڪيت ۾ هڪ جهڙو حصو. ڀلي ته ڪنهن جو ڪهڙو به مذهب ۽ قانون هجي، جنهن کي هو چاهي، ۽ ٻيون به ڳالهيون. تون اڃا ننڍو آهين، ۽ انهن ڳالهين کي سمجهي نه سگهندين. اڄ ڪافي سردي آهي.“
”هائو، پارو ٻارنهن ڊگرين تي پهتو آهي. منهنجي پيءُ هاڻي ٿرماميٽر کي ٿي ڏٺو.“
”سميوروف، تو ڪڏهن هن حقيقت ڏي ڌيان ڏنو آهي، ته سياري جي درمياني عرصي ۾، اسان کي ٿڌ جو ايترو احساس نه هوندو آهي، جڏهن ته پارو پندرنهن ۽ ارڙنهن ڊگرين تي هوندو آهي، پر هاڻي سياري جي شروع ۾ هن کي وڌيڪ محسوس ڪيو وڃي ٿو. اها اوچتي تبديلي آهي، جو پارو ٻارهن درجن تي وڃي پهتو آهي. جڏهن ته ڪا وڌيڪ برفباري به نه ٿي آهي. ان جو سبب آهي ته ماڻهو هن تي اڃا نه هريا آهن. انسان وٽ هر شيءِ جي عادت ٿئي ٿي، پوءِ اها ڇو نه سماجي يا سياسي هجي. عادت ۽ هير هڪ وڏي تحرڪ ۾ آڻيندڙ طاقت آهي. هن ڳوٺاڻي هاريءَ تي نگاهه وجهه، ڪيڏو نه کـِـل جهڙو ٿو نظر اچي.“
ڪوليا هڪ ڊگهي قد واري هاريءَ ڏي اشارو ڪيو. سندس مهانڊي مان سندس طبعيت چڱي ٿي ڏٺي. کيس ڊگهي رڍ جي کل جي پوستين پهريل هئي. هو پنهنجي گاڏيءَ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ پنهنجي بدنما چمڙيءَ جي دستانن ۾ ڍڪيل هٿن کي گرمي پهچائڻ لاءِ هڪٻئي سان مهٽي رهيو هو. سندس ڊگهي ڏاڙهي يخ زده ٿي ڏٺي.
”هن هاريءَ جي ڏاڙهي ڄمي وئي آهي.“ ڪوليا جيئن وٽانئس گذريو، وڏي آواز ۾ رڙ ڪندو چوندو ويو.
”گهڻن ئي ماڻهن جون ڏاڙهيون ڄمي ويون آهن.“ هاري تحمل ۽ آب تاب سان جواب ڏنو.
”هن کي نه چيڙاءِ.“ سميوروف خيال ڪندي کيس چيو.
”ٺيڪ آهي. هيءُ ڪونه چڙندو. هيءُ چڱو ماڻهو ٿو ڏسجي. خدا حافظ ماٽوئي.“
”خداحافظ!“
”ڇا تنهنجو نالو ماٽوئي آهي؟“
”هائو، ڇا توکي خبر نه آهي؟“
”نه، مون کي خبر نه آهي، اها منهنجي اٽڪل بازي آهي.“
”اِيئن نه چئو، تون اسڪول جو ڇوڪرو ڏسڻ ۾ ٿو اچين؟“
”هائو.“
”مون کي اميد آهي، ته توکي چهبڪ هنيا ويندا هوندا؟ مان اِيئن ٿو سمجهان.“
”انهيءَ جي ڳالهه ئي ڇو ٿو ڪرين، ڪڏهن، ڪڏهن.“
”اهي توکي ايذاءُ ڏيندا آهن؟“
”هائو، اِيئن برابر آهي.“
”اف، اهائي ته زندگي آهي!“ هاري پنهنجي دل جي گهرائين مان هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو.
”خداحافظ ماٽوئي!“
”خداحافظ! تون هڪ وڻندڙ ڇوڪرو آهين.“
ڇوڪرا اڳتي وڌي ويا.
”هيءُ مزيدار ڳوٺاڻو هاري هو،“ ڪوليا سميوروف کي چيو. ”مان اهڙن هارين سان گفتگو ڪرڻ پسند ڪندو آهيان ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ ۾ مون کي هميشھ خوشي ٿيندي آهي.“
”تو! اهو ڪوڙ ڇو ڳالهايو، ته اسڪول ۾ اسان کي مارون ملنديون آهن!؟“ سميوروف کانئس پڇيو.
”مان فقط کيس راضي ڪرڻ لاءِ اِيئن چيو.“
”انهيءَ کان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“
”سميوروف توکي خبر آهي، ته مون کي اها ڳالهه ناپسند هوندي آهي، ته مون کان ڪو ساڳيو سوال ٻه دفعا پڇي. مان چاهيندو آهيان، ته ماڻهو پهرئين دفعي سان سمجهي وڃي. ڪي شيون اهڙيون هونديون آهن، جن جي تشريح نه ڪري سگهبي آهي. ڳوٺاڻن جي خيال موجب اسڪول ۾ ٻار کي ماريو ويندو آهي ۽ کيس ضرور چهبڪ هنيا ويندا آهن. اهو اسڪول جو ڇوڪرو ئي ڪهڙو، جنهن کي چهبڪ نه هنيا ويا هجن؟ جيڪڏهن مان کيس چوان ها، ته اِيئن نه آهي، ته هو نااميد ٿي وڃي ها. پر توکي هيءَ خبر نه آهي، ته ڳوٺاڻن هارين سان ڪهڙي ريت ڳالهائجي.“
”مهرباني ڪري تون هنن کي نه چيڙاءِ، نه ته وري ٻيءَ مصيبت ۾ ڦاسي ويندين، جيئن بدڪ جي معاملي ۾ ٿيو هو.“
”تڏهن توکي خوف ٿو ٿئي؟“
”ڪوليا کل نه. بيشڪ! مان ڊنل آهيان. منهنجو پيءُ ڏاڍي ڪاوڙ ڪندو. مون کي توسان گڏ گهمڻ کان سختي سان منع ڪئي وئي آهي.“
”پريشان نه ٿيءُ، هن ڀيري ڪجهه به نه ٿيندو.“ اڙي مٽاشا! هن پڙيءَ ۾ هڪ ويٺل عورت کي سڏ ڪيو.
”مون کي مٽاشا ڪري ڀلي سڏ ڪر! توکي ٻيو ڇا کپي! منهنجو نالو ماريا آهي.“ ڪرڙوڍ مارڪيٽ جي عورت، سندس منهن ۾ رڙ ڪري چيو.
”هيءَ ماريا آهي، مان اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. خداحافظ.“
”اڙي ننڍڙا بيوقوف! تو جهڙو ڇوڪرو ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري.“
”مان تڪڙو آهيان. مان وڌيڪ ترسي نه ٿو سگهان. وڌيڪ مون کي ٻي آچر تي ٻڌائجان.“ ڪوليا پنهنجي هٿ کي لوڏي کيس سلام ڪيو. ڄڻ ته ان عورت مٿس حملو ڪيو هو.
”مون کي ٻي آچر تي، توکي ڪجهه به ٻڌائڻو نه آهي. تون مون تي چٿرون ڪري رهيو آهين، ننڍڙا باندر! مان توکي ٻيو ڪجهه به نه چونديس.“ ماريا غصي مان کيس چيو. ”تون مار کائڻ ٿو گهرين. اها شيءِ توکي کپي ٿي واهيات!“
سندس چوڌاري مارڪيٽ جي ٻين زالن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. اوچتو هڪ ماڻهو سخت غصي ۾، پري واري دڪان جي محراب کان ڊوڙندو ٻاهر آيو. هو نوجوان هو ۽ شهر جو ويٺل نظر نه ٿي آيو. سندس ڪارا، ڊگها ۽ گهنڍيدار وار هئا. سندس چهرو زرد هو. جنهن تي ماتا جا داغ هئا. کيس ڊگهو نيرو ڪوٽ پيو هو ۽ سندس مٿي تي ڪناري دار ٽوپي هئي. ڏسڻ ۾ هو، ڪنهن واپاريءَ جو منشي ٿي نظر آيو. هو بيوقوفي جهڙي جوش ۾ ڀريل ٿي نظر آيو ۽ ڪوليا تي پنهنجو ٺؤنشو الاريائين.
”مان توکي سڃاڻان ٿو.“ هن کيس غصي مان چيو. ”مان توکي سڃاڻان ٿو.“
ڪوليا عجب مان کيس ياد نه ٿي آيو، ته هن جو ۽ سندس ڪٿي مکان ميلو ٿيو هو. هن گهٽين ۾ ايترا ته حادثا ڏٺا هئا، جو هن جي لاءِ بيحد مشڪل هو، جو انهن جي يادگيري رکي سگهي. کانئس مسخراڻي آواز ۾ سوال ڪيائين، ته ”تون مون کي سڃاڻين ٿو؟“ هن کيس وري به ساڳي بيوقوفيءَ واري آواز ۾ چيو ته ”هائو، مان توکي سڃاڻان ٿو.“
”سڃاڻندو هوندين، ٺيڪ آهي. پر هن وقت مون کي ترسڻو نه آهي. خداحافظ.“
”تون وري پنهنجي جنجالي شرارتن تي آيو آهين.“ ان رڙ ڪري چيو. ”مان سمجهان ٿو، ته تون وري پنهنجي حرڪتن تي لهي آيو آهين.“
”اهو ته تنهنجو ڪم نه آهي ڀاءُ، جيڪڏهن مان وري جنجالي شرارتن تي لهي آيو آهيان.“ ڪوليا خاموش بيٺو رهيو ۽ کيس توريندو رهيو.
”منهنجو ڪم نه آهي؟“
”نه، اهو تنهنجو ڪم نه آهي.“
”تڏهن ڪنهن جو ڪم آهي، تڏهن ڪنهن جو ڪم آهي؟“
”اهو تريفان نڪيتيج جو ڪم آهي، نه تنهنجو.“
”ڪهڙو تريفان نڪيتيج!؟“ ان نوجوان کانئس پڇيو. هو ڪوليا کي عجب مان نهاريندو رهيو، پر هو اڃا ڪافي غصي ۾ ٿي ڏٺو.
”تون ڪڏهن اسينشن جي ديول ۾ ويو آهين؟“ هن اوچتو کانئس پڇيو. سندس آواز مان سختي ٿي ڏٺي.
”ڪهڙي اسينشن جي ديول! ڇا جي لاءِ؟ مان ان کي ڪونه ڏٺو آهي.“ هو ڪيتري قدر روڪجي ويو هو.
”تون سامانيوف کي سڃاڻين ٿو؟“ ڪوليا اڳي کان وڌيڪ سخت ۽ تحڪماڻي آواز ۾ چيو.
”ڪهڙو سامانيوف؟ مان کيس نه سڃاڻان.“
”جيڪڏهن اِيئن آهي، ته وڃي کڏ ۾ پئو. ڪوليا پنهنجي گفتگوءَ کي مختصر ڪندي چيو. تيزيءَ سان هن سڄي پاسي مڙندي چيو، ته ”ان ماڻهوءَ سان ڪهڙو ڳالهائڻ آهي، جو سامانيوف کي به نه ٿو سڃاڻي؟“ هو وڏا وڏا قدم کڻي اڳتي هلڻ لڳو، ڄڻ ته کيس هن سان وڌيڪ گفتگو ڪرڻي نه هئي.“
اهو ماڻهو هاڻي ڄڻ ته هوش ۾ اچي ويو هو ۽ سخت پريشان ٿي رڙ ڪري چيائين ته، ”صبر ڪر، اڙي ڪهڙي سامانيوف جي ڳالهه ٿو ڪرين؟“
اُن کان پوءِ دڪاندار عورتن ڏي منهن ڪيائين ۽ احمقاڻي طرح اُنهن ڏي نهاريندي پڇيائين، ته ”هوُ ڇا چئي رهيو آهي؟“
عورتن ۾ وري ٽهڪڙو مـچي ويو. انهن مان هڪ کيس چيو، ته ”هيءُ عجيب ٻار آهي.“
هڪ عورت کي چيو ته ”سامانيوف شايد اُهو هجي، جو ڪوزمـچيف جي نوڪري ۾ هو.“ نوجوان کيس وحشياڻي طرح نهارڻ لڳو.
ٻي عورت وري دهرايو ته ”ڪوزمـچيف وٽ جو ماڻهو هو، اُن جو نالو ته تريفان هو. سندس نالو ڪزما آهي. پر هن ٻار سندس نالو تريفان نڪيتي ورتو. ٿي سگهي ٿو، ته اهو ساڳيو هجي.“
”اُن جو نالو تريفان آهي. نه سامانيوف پر چيزوف آهي.“ ٽئين عورت ڳالهائيندي چيو، جا ڪيتري وقت کان خاموش هئي ۽ هنن جي گفتگوءَ کي بردباري سان ٻڌندي ٿي رهي. ”سندس پورو نالو اليڪسي ايوانچ چيزوف آهي. ۽ هن وري دهرايو.
”اهو چيزوف آهي. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي.“ چوٿين عورت يقين سان ان جو يقين ڏياريو.
منجهيل نوجوان، هڪ کي ڏسي، وري ٻئي ڏي ٿي نهاريو.
هن بلڪل نااميديءَ ۾ رڙ ڪري چيو ته ”نيڪ انسانو! آخر هن ڳالهه ڪرڻ مان، سندس مطلب ڇا هو؟ هن پڇيو ته تون سامانيوف کي ڄاڻين ٿو. ڪهڙي شيطان کي ضرورت پئي آهي، ته هوُ سامانيوف کي ڄاڻي؟“
”تون هڪ بيوقوف ماڻهو آهين. مان توکي ٻڌايان ٿي، ته هو سامانيوف نه آهي، پر چيزوف اليڪسي ايوانچ چيزوف.“ انهن مان هڪ عورت نالي تي زور ڏيندي واڪو ڪري چيو.
”ڪهڙو چيزوف؟ هوُ ڪير آهي؟ جيڪڏهن تون ان کي ڄاڻين ٿي، ته مون کي اُن جي لاءِ ڪجهه ٻڌاءِ؟“
”هو هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو آهي، جنهن کي وار نهايت گهڻا آهن. هن سال هو بازار ۾ ايندو رهندو هو.“
”نيڪ انسانو! آخر اوهان جي چيزوف سان منهنجو ڪهڙو ڪم؟“
”اسان کي ڪهڙي خبر ته تنهنجو اُن سان ڪهڙو واسطو آهي؟“ هڪ عورت کيس چيو.
”اهو توکي پاڻ ڄاڻڻ گهرجي، ته تنهنجو اُن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ اهو تو ئي ته جنجال پيدا ڪيو آهي. هن توسان ٿي ڳالهايو، اسان سان ته نه ٿي ڳالهايو بيوقوف! تون سچ پچ هن کي نه ٿو سڃاڻين؟“
”ڪنهن کي نه ٿو سڃاڻان؟“
”چيزوف.“
”شال! چيزوف ۽ اوهان کي شيطان پاڻ سان وٺي وڃي. کيس سبق سيکاريندس، هوُ مون تي کلي رهيو هو.“
”تون چيزوف کي سبق سيکاريندين؟ ٿي سگهي ٿو هو تو کي سبق سيکاري، تون ته احمق ٿو نظر اچين!“
”چيزوف نه، چيزوف نه! اوهين نفرت جهڙيون شرير عورتون! مان هن ڇوڪري کي سبق سيکاريندس. پڪڙيوس، پڪڙيوس، هيءُ مون تي کلي رهيو هو.“
عورتون کلي رهيون هيون، پر ڪوليا گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. هو خوشيءَ مان اڳتي ڌوڪيندو ٿي ويو. سميوروف سندس پاسي ۾ پنڌ به ڪندو ٿي ويو ۽ چوڌاري اُن مجموعي کي ڏسندو به ٿي ويو، جي سندن پويان واڪا ڪندا ٿي رهيا. هوُ پاڻ مزي ۾ هو. جيتوڻيڪ کيس خوف به پئي ٿيو، ته هو ڪوليا جي دوستي ۾ ڪنهن شرارت ۾ ڦاسي نه پوي.
”سامانيوف کان تنهنجو مطلب ڇا هو؟“ هن ڪوليا کان انهيءَ لاءِ پڇيو ته کانئس جواب ڪهڙو ٿو ملي.
”توکي ڪهڙي خبر، مان ئي هن حقيقت کي ٿو ڄاڻان. هاڻي سڄو ڏينهن هنن جي وچ ۾ اها بڪ بڪ پئي هلندي. مان چاهيندو آهيان، ته سماج جي هر قسم جي بيوقوف انسان کي ڇيڙيندو رهان. مون کي انهيءَ ۾ مزو ايندو آهي. اجهو هوُ وري ٻيو بي مغز ڪڙمي ٿو نظر اچي. ٻڌندا آهيون، ته فيرنيچ کان وڌيڪ ڪو ٻيو بيوقوف نه ٿيندو آهي. پر بيوقوف روسي جي چهري ۾ به گهڻو ڪجهه نظر ٿو اچي. تون هن ڪڙمي جي چهري مان نه ٿو سمجهين ته هوُ ڪهڙي قسم جو بيوقوف آهي!“
”ڇڏي ڏينس ڪوليا، اچ ته هلون.“
”مون کي هاڻي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي، مان هاڻي ارادو ڪري چڪو آهيان. هان صبح بخير ڪڙمي!“
هوُ هڪ مضبوط، گول منهن وارو سادو ڪڙمي ٿي ڏٺو. سندس ڏاڙهي گهاٽي ۽ ڀوري هئي، هو پاسو وٺيو پئي ويو. سلام تي هن پنهنجو مٿو مٿي کنيو ۽ ڇوڪري ڏي ڏٺائين. هوُ ايترو سنجيده نه ٿي ڏٺو.
”صبح بخير، جيڪڏهن اوهان مون سان مذاق نه ڪري رهيا آهيو؟“ هن ڄاڻي واڻي اهو جواب ڏنو.
”پر جيڪڏهن مان اِيئن ڪريان ته!“ ڪوليا کلندي چيو.
ٺيڪ آهي، مذاق، مذاق آهي. ڀلي کل. مون کي دل ۾ نه ٿيندو. مذاق ۾ ڪو حرج به نه آهي.“
”مان توکان معافي ٿو گهران. اهو مذاق هو.“
”ٺيڪ آهي. خدا توکي معاف ڪري.“
”تون به مون کي معاف ڪندين؟“
مان توکي پوري ريت معاف ڪريان ٿو. ڀلي وڃ.“
”مان چوان ٿو ته تون سياڻو ڪڙمي آهين!“
”توکان به سياڻو.“ ڪڙميءَ کيس اميد جي خلاف ساڳي ڪشش سان جواب ڏنو
”مون کي هن ۾ شڪ آهي،“ ڪوليا پاڻ تي ضابطو رکندي چيو.
”شايد اهو سچ هجي.“
”اِيئن ئي آهي.“
”سچ ٿو چوين ڀاءُ.“
”خدا حافظ ڪڙمي.“
”خدا حافظ.“
دنيا ۾ هر ڪنهن قسم جا ڪڙمي ٿين ٿا. ڪوليا سميوروف وٽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. مان ڪيئن چئي سگهان، ته هڪ داناءَ کي مون پنهنجو نشانو ٿي بڻايو. مان هميشھ هارين ۾ سندن سمجهه ۽ فهم کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.“
پري ديول جي گهڙيال ساڍا يارنهن وڄايا. ڇوڪرا هاڻي تڪڙا ٿيا ۽ تيزيءَ سان ڪپتان سنيگريوف جي گهر ڏانهن روانا ٿيا، جو اُتان ڪافي مفاصلي تي هو. هوُ تيزي سان ٿي ويا ۽ خاموش هئا. اُن گهر کان ويهه قدم پري، ڪوليا ترسيو ۽ سميوروف کي چيائين، ته تون اندر وڃ ۽ ڪرامازوف کي نياپو ڏي، ته هو هيڏي اچي.
”پهريائين ماڻهوءَ کي هيڏي هوڏي ڏسڻ گهرجي“ هن سميوروف کي چيو.
”مان هن کي ڇو چوان ته ٻاهر اچي؟“ سميوروف اعتراض ڪندي چيو. ”هوُ ته توکي ڏسي حد کان وڌيڪ خوش ٿيندا. هن ڪوهيڙي ۾ ڪهڙي ضرورت پئي آهي، ته ٻاهر ڪنهن سان دوستيءَ کي ڳنڍيو وڃي.“
”مان ئي ڄاڻان ٿو، ته ڇو ساڻس هن پاري ۾ ملڻ گهران ٿو؟“ ڪوليا آمراڻي آواز ۾ کيس قطع ڪندي چيو، هوُ هن طريقي کي ننڍن ٻارن جي حالت ۾ ڪم آڻڻ جو شوقين هو. سميوروف سندس خواهش موجب ڊوڙيو.

باب چوٿون: وڃايل ڪتو

ڪوليا وڏي شان سان لوڙهي کي ٽيڪ ڏئي اليوشا جي ظاهر ٿيڻ لاءِ انتظار ۾ بيهي رهيو. هائو کيس ساڻس ملڻ جي گهڻي وقت کان خواهش هئي. هن اُن جي بابت ٻارن کان گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌيون هيون. پر اُن هوندي به سندس روش اُن بابت بي اعتباريءَ ۽ نفرت انگيز هئي. جڏهن به سندس سامهون اُن جو نالو ٿي ورتو ويو، ته سندس پيشانيءَ ۾ گهنج ٿي پيا ۽ اُن جي بابت جو به ٻڌائين ٿي، اُن تي تنقيد ٿي ڪيائين. اُن هوندي به سندس خواهش هئي، ته ساڻس واقفيت پيدا ڪري، وٽس جو ڪجهه به اليوشا جي لاءِ چيو ٿي ويو، اُن کي سندس توجهه جذب ٿي ڪري ورتو. اُن ڪري هيءَ گهڙي هاڻي نهايت اهميت واري هئي. واقفيت جي شروع ۾ هن چاهيو ٿي، ته هو کيس لائق ٿي ڏيکاري ۽ آزاد بڻجي وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ هوُ کيس تيرهن ورهين جو ڇوڪرو ئي سمجهندو، جيئن ٻيا ڇوڪرا آهن. وٽس ٻيا ڇوڪرا ڪهڙي حيثيت رکن ٿا، هن خيال ڪيو ٿي، ته ”جڏهن ساڻس ملندس، ته کانئس پڇندس. افسوس جو مان قد جو بندرو آهيان. سيڪوف مون کان عمر ۾ ننڍو آهي، پر سندس ڳچي مون کان ڊگهي آهي. هن لاءِ افسوس ٿو ٿئيم. منهنجي چهري مان دانائيءَ جو اظهار ٿو ٿئي، جيتوڻيڪ مان خوبصورت نه آهيان. مان ڄاڻان ٿو ته مان بدنما آهيان پر منهنجو چهرو سياڻپ وارو آهي. مون کي ساڻس آزاد ٿي نه ڳالهائڻ گهرجي. نه ته هو سمجهندو ته مان سندس ڀاڪر ۾ ڪهڙو نه آساني سان اچي ڪريو آهيان. اُف اهو ڪيڏو نه خطرناڪ خيال ٿيندو......“
اهي خيال هئا، جي ڪوليا جي دل ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. اُن حالت ۾ به هن خيال ٿي ڪيو، ته پاڻ کي مستقل خيال وارو بڻائي. کيس فقط اهو خيال تڪليف ڏيئي رهيو هو، ته هوُ قد جو بندرو آهي، کيس سندس چهري جي بدنما هئڻ جو ڪوبه فڪر نه هو. هڪ سال اڳ ۾ هن پنهنجي گهر ۾ ڀـِـت تي هڪ ڪـُـنڊ ۾ پنهنجي قد جو نشان پينسل سان ڏنو هو. ان کان پوءِ، هن هر ٻئي مهيني نهايت انتظار سان پنهنجي ماپ ٿي ڪئي، ته سندس قد ڪجهه وڌيو به آهي يا نه؟ پر افسوس ته هوُ نهايت سست رفتاريءَ سان ٿي وڌيو، جنهن کي ڏسي هو نااميديءَ سان ڀرجي ٿي ويو. سندس چهرو سچ پچ بدنما هو، پر اُن جي برعڪس ڪشش وارو هو. خوبصورت کل، جنهن تي ڀورا داغ هئا. سندس ننڍڙيون، جاندار ڀوري رنگ واريون اکيون، جن مان بي خوف نگاهون ٿي ڏٺيون. اڪثر هوُ اندروني جذبن سان جهلڪنديون ٿي رهيون. سندس ڳلن جا هڏا، اُڀريل ٿي ڏٺا. چپ تمام سرخ پر ٿلها هيس. سندس نڪ ننڍو هو، پر غلطي جهڙو مٿي وريل هو. هو هميشھ چوندو هو، ته مون کي رواجي ۽ بينو نڪ آهي. ڪوليا جڏهن آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسندو هو، ته ڀڻ ڀڻ ڪري ڪجهه چوندو هو ۽ اڪثر اُن کي به نفرت مان ڇڏي ويندو هو. ”پر مون کي دانائيءَ سان ڀريل چهرو نه آهي؟“ هو پاڻ کان پڇندو هو. هو ڪڏهن ڪڏهن هن حقيقت کي به شڪ سان ڏسندو هو. پر اِيئن سمجهڻ نه گهرجي، ته سندس دل ۽ سندس چهري ۽ قد جي الجهن ۾ ڦاسي ٿي ويو. پر اُن جي برعڪس جيتوڻيڪ آئيني جي سامهون سندس پريشان گهڙيون ٿي گذريون، جن کي هن هڪدم وساري ٿي ڇڏيو ۽ ڪيتري مدت کان کانئس وسريل ٿي رهيون. هن پاڻ کي اهڙين ڳالهين ۾ مشغول ٿي رکيو، جي کيس حقيقي زندگيءَ ڏانهن وٺي ٿي ويون ۽ جن کي هن پنهنجي اُصول جي ضابطي ۾ آڻڻ ٿي گهريو.
اليوشا هڪدم ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪوليا ڏي وڌيو. انهيءَ کان اڳي جو هوُ وٽس پهچي، ڪوليا ڏٺو ته هوُ بلڪل خوش ٿي نظر آيو. ”ڇا هوُ مون کي ڏسي ايترو خوش ٿيو آهي؟“ هوُ عجب ۾ پئجي ويو ۽ خوش ٿيڻ لڳو. اسان کي هتي هيءُ ياد رکڻ گهرجي، ته اليوشا جي چهري ۾، جڏهن اسان کيس آخري دفعي ڏٺو هو، هاڻي بلڪل پوريءَ ريت تبديلي اچي چڪي هئي. هن پنهنجي راهباڻي قبا کي لاهي ڇڏيو هو ۽ کيس هاڻي عمدو وضع قطع وارو ڪوٽ پهريل هو. هڪ نرم ۽ گول ٽوپي سندس مٿي تي هئي ۽ وار ننڍا ڪٽيل هئا. هي سڀئي کيس ٺهيا ٿي ۽ هوُ پوريءَ ريت خوبصورت ٿي لڳو. سندس دلڪشيءَ ۽ دلفريب چهري مان نيڪ مزاجيءَ جو اظهار هميشھ پئي ٿي بکيو، پر سندس خوش مزاجيءَ مان شريفاڻي اطوار ۽ سنجيدگي صاف ٿي ڏٺي. ڪوليا کي هيءُ ڏسي عجب ٿي لڳو، ته هوُ اوورڪوٽ کان سواءِ ئي ٻاهر نڪري ساڻس ملڻ لاءِ آيو هو. هوُ سچ پچ تڪڙ ۾ نڪري آيو هو. هن هڪدم پنهنجو هٿ ڪوليا سان ملڻ لاءِ وڌايو.
”تون آخر اچي وئين. اسان ڪيترو نه تنهنجي انتظار ۾ هئاسون.“
”ڪي اسباب هئا، جن کي تون هاڻي سنئون سڌو ٻڌندين. ڪيئن به هجي مان خوش آهيان، ته توسان واقفيت ٿي آهي. مان گهڻي وقت کان موقعي جي اميد ٿي رکي ۽ تنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ٻڌو اٿم.“ ڪوليا ساهه کڻڻ سواءِ ڀڻڪندو رهيو.
”اسان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪٻئي سان ملڻ کپندو هو. مان پڻ تنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ٻڌو آهي، پر تو هيڏي اچڻ ۾ گهڻو وقت ورتو آهي.“
”ٻڌاءِ ته حالتون ڪيئن آهن؟“
”اليوشا توکي اڪثر ياد ڪندو رهندو آهي. هوُ سخت بيمار آهي ۽ يقيناً مرڻ تي آهي.“
”ڪيڏو نه هيبتناڪ! تون قبول ڪندين، ته دوائون رڳو فريب آهن، ڪرامازوف!“ ڪوليا گرم جوشيءَ سان رڙ ڪري چيو.
”هوُ ڪيڏو نه توکي وقت بوقت ياد ڪندو رهيو آهي. پنهنجي ننڊ ۾ توڙي بيهوشي جي ڳالهائڻ ۾. هن مان ڏسي سگهجي ٿو، ته تون هن کي ڪيڏو نه پيارو هئين....... چاقو هڻڻ واري واقعي کان اڳ ۾ ته کيس وڌيڪ پيارو هئين..... اُن کان سواءِ ڪو ٻيو به سبب آهي..... مون کي ٻڌاءِ ته هيءُ ڪتو تنهنجو آهي؟“
”هائو،پريزيوان.“
”هي زهڪا نه آهي؟“ اليوشا ڏک مان ڪوليا ڏي نهاريو ۽ سندس اکيون هيٺ ٿي ويون. شايد هو هميشھ لاءِ گم ٿي ويو.
”مان ڄاڻان ٿو، ته اوهان سڀني وٽ زهڪا پياري آهي. مان ان جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌو آهي.“ ڪوليا رازداراڻي طور تي کليو. ”ڪرامازوف ڌيان ڏيئي ٻڌ! مان توکي اُن جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. مان انهيءَ جي ڪري ئي ته آيو آهيان، ته اندر وڃڻ کان اڳ ۾ مان توکي سڄو ئي داستان بيان ڪري ٻڌايان.“ هن گرما گرميءَ مان شروع ڪيو. مان کانئس ٻه ڪلاس مٿي آهيان. مان کين فقط پري کان ئي ڏسي سگهندو آهيان. مان ڏٺو ته ڇوڪرو نهايت ڪمزور آهي ۽ ننڍو. پر هن ڪڏهن به هن وٽ هار نه مڃي. هوُ هميشھ هنن سان ڀريل هيون. مون کي اهڙا ٻار پسند هوندا آهن. هنن کيس وڌيڪ چيڙائڻ شروع ڪيو. سڀ کان وڌيڪ بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، ته سندس لباس اُن وقت بيحد ناموزون هو. سندس سوڙهو پاجامو گهڻو لـُـنڊو هو ۽ سندس بوٽ به سوڙها هئا. هو انهن جي لاءِ کيس پريشان ڪندا ٿي رهيا. هو مٿس چٿرون ڪندا رهيا. مان اهو ڏسي نه سگهيس. مان سندس طرف وٺي بيٺس. ۽ کيس چڱي گرمي ڏيکاري. مان کين ماريو، پر توکي خبر آهي ڪرامازوف! هنن منهنجو ادب ڪيو ۽ عزت رکڻ لڳا.“ ڪوليا هڪ ئي ساهه سان لاف هڻڻ لڳو. پر ٻار منهنجا ڪمزور آهن. مون وٽ گهر ۾ به هاڻي ٻه ٻار آهن. انهن ئي مون کي اڄ ترسائي ڇڏيو هو. اهڙيءَ ريت هنن اليوشا کي مارڻ ڇڏي ڏنو ۽ مان کيس پنهنجي حفاظت ۾ ورتو. مان ڏٺو، ته ٻار مغرور هو، مان توکي وري به ٻڌايان ٿو ته ٻار بيحد مغرور هو، پر آخر ۾ هو غلامن وانگر مون تي قربان ٿيڻ لڳو. هوُ منهنجي ننڍن ننڍن حڪمن جي تعميل ڪندو رهيو ۽ ايڏي فرمانبرداري ڪندو رهيو، ڄڻ ته مان هن جو مالڪ آهيان. ڪوشش ٿي ڪيائين، ته منهنجو نقل ڪري. ڪلاسن جي وچ واري وقفي ۾، هو هڪدم ڊوڙي مون وٽ ايندو هو ۽ مان گڏجي ساڻس ويو هوس. اهڙي ريت هر آچر تي به. ٻيا سڀ هيءُ ڏسي کلندا هئا، جڏهن وڏي عمر وارو ڇوڪرو، اهڙي ننڍڙي ڇوڪري سان گڏ هجي. پر اهو سڄو تعصب هو. هيءَ جيڪڏهن رغبت آهي، ته مون لاءِ ڪافي آهي. مان ٻار کي سيکاريان ٿو ۽ ان کي ترقي ٿو ڏيان. مان جيڪڏهن اُن کي پسند ڪريان ٿو، ته ان کي ترقي ڇو نه ڏيان؟ ڪرامازوف تو به ته هتي پنهنجي جاءِ جوڙي آهي. مان ڏسان ٿو ته تون ننڍي ٽهيءَ وارن تي پنهنجو اثر وجهڻ گهرين ٿو. کين ترقي ڏيڻ لاءِ ۽ سندن ڪم اچڻ لاءِ. مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته تنهنجي ڪردار جو هيءُ طريقو، جو مان هـِـتان هـُـتان ٻڌو آهي، ٻين شين کان وڌيڪ مون کي ڪشش ڪندو رهيو آهي. هاڻي وري اسان پنهنجي نـُـڪتي ڏي اچون ٿا. مان ڏٺو ته ٻار ۾ نرمائي ۽ شديد احساس پيدا ٿي چڪو هو. هوُ مغرور ضرور هو، پر هو غلامن وانگر منهنجي خدمت ڪندو ٿي رهيو. پر اوچتو ئي اوچتو سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ هن مون سان متفق ٿيڻ کان انڪار ڪيو. هوُ بحث ڪندي غصي ۾ اچي ٿي ويو. مان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن تجويز کي پيش ڪندو هوس ۽ ڏسندو هوس، ته هو ان تجويز کان ته انڪار نه ڪندو هو، پر نهايت سادگيءَ سان مون سان بغاوت ڪندو هو. مان سندس تربيت ۽ پيار جي باعث کيس روحاني پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ ٿڌو جواب ڏيندو ٿي رهيس. جيئن جيئن هو وڌيڪ نرم ٿيندو ٿي ويو، مان ساڻس تيئن تيئن بي پرواهيءَ سان پيش ايندو ٿي رهيس. مون هيءُ سڀ ڪجهه، ڪنهن مقصد جي تحت ٿي ڪيو. اهائي منهنجي آرزو هئي، ته مان سندس ڪردار کي بڻايان. کيس ڪنهن قالب ۾ وجهان، ته اڳتي هلي مرد ثابت ٿئي...... اُن کان سواءِ مون کي هن لاءِ ڪوبه شڪ نه آهي، ته مون کي تون هڪ ئي لفظ مان سمجهي سگهين ٿو. اوچتو مان ڏٺو ته هڪٻئي پٺيان ٽن ڏينهن ۾ هـُـو مايوس ۽ غمزده بڻجي ويو هو. منهنجي بي پرواهي جي باعث نه، پر ڪنهن ٻي ڳالهه جو مٿس اَثر هو، جا وڌيڪ ضروري ڳالهه هئي. مان عجب ۾ هوس ته اِها ڪهڙي حقيقت آهي؟ مان اُن کي راهه تي آڻڻ لاءِ سوال ڪندو رهيس ۽ اُن جي وضاحت پڇيم، تان جو هن ٻڌايو، ته سندس ڪنهن ريت، تنهنجي مرحوم پيءُ جي نوڪر سميرڊياڪوف سان واقفيت پيدا ٿي. هي سندس موت کان اڳي جي ڳالهه آهي. هـُـن کيس بيوقوفي واري رمز سيکارڻ گهري. جا ظالماڻي ۽ بڇڙائي واري هئي. اُها هيءَ هئي، ته هـُـو ماني جو هڪ ٽڪرو کڻي، اُن ۾ ٽاچني هڻي. پوءِ ان کي ڪنهن بـُـکئي ڪتي جي اڳيان ڦٽو ڪري. هـُـو ڏسي، ته ڪتو اُن کي چـَـڪ وجهڻ کان سواءِ، ڳـِـهي وڃي ۽ پوءِ ‘مسيحت جو نتيجو نڪري اُن کي ڏسي. سو اُنهن، اِنهيءَ سڄي حرڪت کي تيار ڪيو. ماني جي ٽڪري کي گلولي وانگر بڻايو. هـُـن زهڪا جي اڳيان اُن کي ڦٽو ڪيو. اُهو ڊگهن وارن وارو ڪتو، جنهن لاءِ مشهور آهي، ته سندس مالڪ کيس ڪڏهن به نه کارائيندا آهن ۽ هـُـو سڄو ڏينهن ڀونڪندو رهندو آهي. اڇا! تـُـون جيڪر اُن جي ڀؤنڪڻ کي پسند ڪرين، ڪرامازوف؟ مان ته جيڪر بيهي به نه سگهان.’ هـُـو ماني ڏي ڊوڙي پيو ۽ اُن کي ڳڙڪائي ويو. پوءِ ته هـُـو چيٽون ڪرڻ لڳو ۽ ڦيريون پائڻ لڳو. جلد ئي ڊوڙندو نظر کان غائب ٿي ويو. هيءَ آهي اليوشا جي حقيقت جا هـُـن پاڻ ٻڌائي هئي. هـُـن منهنجي اڳيان هيءَ قبوليت ڏني هئي ۽ زار زار روئيندو ٿي رهيو. هـُـو سڄو ڏڪي رَهيو هو ۽ اُن حالت ۾ هن مون کي ڀاڪر پاتو. هـُـو دهرائيندو رهيو، ته هـُـو چيٽون ڪندو ڊوڙندو رهيو. اِهو نظارو کيس ڊيڄاريندو رهيو. کيس سندس بي دردي جي هلت عذاب ڏيندي ٿي رَهي ۽ اُن کي مان ڏسندو رهيس. مان اُن کي غير معمولي ڳالهه سمجهي. مان پختو ارادو ڪيو، ته هن ڳالهه ۽ ٻين ڳالهين لاءِ کيس پورو سبق ڏيندس. سو مان قبول ٿو ڪريان، ته مان هميشه کان وڌيڪ چڙ کي ڏيکاريو ۽ ظاهري طور تي هميشھ کان وڌيڪ نفرت جو اظهار ڪيم. مان کيس چيو، ته تو هڪ بڇڙي شيءِ جو ارتڪاب ڪيو آهي ۽ تون هڪ بدمعاش ڇوڪرو آهين! بيشڪ مان توکي هن لاءِ ڪجهه به نه چوندس، پر ڪجهه وقت لاءِ منهنجو توسان ڪوبه واسطو نه رهندو. مان هن تي خيال ڪندس ۽ توکي سميوروف (هيءُ اهو ڇوڪرو آهي، جو هاڻي مون سان گڏجي آيو آهي ۽ هو، هميشھ منهنجي حڪم جي تعميل لاءِ تيار هوندو آهي.) جي معرفت اطلاع ڏيندس، ته آئنده منهنجو توسان واسطو نه رهندو يا هڪ بدمعاش جي حيثيت ۾ مون کي ڇڏڻو پوندو. هوُ سخت پريشان ٿي ويو. مان پاڻ محسوس ڪيو، ته پنهنجي گفتگوءَ ۾ مان بيحد وڌي ويو هوس، پر اُن کان سواءِ ٻيو چارو به نه هو. اُن وقت جيئن مون کي خيال ۾ بهتر نظر آيو، اِيئن ڪيم. هڪ ٻه ڏينهن اُن کان پوءِ، مان سميوروف کي وٽس موڪليو، ته کيس ٻڌائي ته مان ساڻس وري نه ڳالهائيندس. اهائي شيءِ آهي، جنهن کي اسان اسڪول وارا اُفي سڏيندا آهيون ۽ اُن موجب هڪٻئي سان ڪنهن به طرح جو واسطو نه رهندو آهي. ڳجهي طرح منهنجو مقصد هو، ته مان کيس راهباڻي زندگي ۾ موڪليان ۽ ٿورن ڏينهن لاءِ. اُن کان پوءِ، جڏهن ڏسان ته منجهس پشيماني اچي وئي آهي، ته وري پنهنجو هٿ ان ڏي وڌايان. اهوئي منهنجو مقصد هو. پر تون خيال ڪرين ٿو ته ڇا ٿي پيو؟ هن سميوروف جي نياپي کي ٻڌو. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. هن رڙ ڪري چيو، ته ”ڪراسوتڪين کي وڃي ٻڌاءِ، ته هاڻي مان سڀني ڪتن کي اهڙي ريت سـُـيون ڦٽي ڪندس. ها ها، سڀني کي. ان ڪري سندس طبعيت جو جوش پيدا ٿي ويو. اسان کي هن کي سيکت ڏيڻ گهرجي ۽ مان ساڻس نفرت ۽ ڪيني جي هلت وٺڻ لڳيس. جڏهن به مان ساڻس ملندو هوس، ته يا ته منهن ڦيري هليو ويندو هوس يا کيس ڏسي طنزيه طرح مشڪندو هوس. اُن کان پوءِ سندس پيءُ سان اهو واقعو ٿيو. جو توکي ياد هوندو. تون محسوس ڪندين ته انهن ڳالهين، جي اڳ ۾ گذري چڪيون هيون، مٿس خطرناڪ اثر وڌو. ڇوڪرن جڏهن ڏٺو، ته مان کيس ڇڏي ڏنو آهي، ته هنن وري کيس چيڙائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ کيس رڙيون ڪري، چپ تي ڏينڀو، چپ تي ڏينڀو! چوڻ لڳا. سندن باقاعده ننڍيون لڙايون شروع ٿي ويون. جن لاءِ مون کي بيحد افسوس آهي. هنن کيس هڪ سخت مار به ڏني. هڪ ڏينهن هو جيئن اسڪول کان ٻاهر نڪتا ته هيءُ مٿن حملو ڪري ويو. مان کانئن ٿورا وال پري بيٺو هوس ۽ کين ڏٺم ٿي. مان قسم کڻي ٿو چوان ته مون کي ياد نه آهي، ته مان ڪو مٿس کليو هوس. پر منهنجو رستو ئي ڪو ٻيو هو. مون کي ان جي لاءِ سخت افسوس پيدا ٿيو. مان ٿوري دير ۾ ڊوڙي، اُن جي طرف وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويس. پر اوچتو سندس اکيون مون سان مليون. مون کي خبر نه آهي، ته هن ڇا سمجهيو؟ پر هن چاقو کوليو ۽ مون تي حملي ڪرڻ لاءِ ڊوڙي پيو. هن منهنجي سٿر ۾ ان کي هنيو. اجهو هن سڄي ٽنگ ۾ مان چـُـريس ئي نه. ڪرامازوف مان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بهادري ڏيکارڻ لاءِ حد کان وڌي ويندو آهيان. فقط ڀري نگاهه سان اُن کي ڏٺم. ڄڻ ته مان اُن نگاهه ۾ کيس چئي رهيو هوس، ته ”تنهنجي هيتري خدمت ڪرڻ کان پوءِ، جيڪڏهن تون مون تي ٻيو وار به ڪرڻ گهرين ٿو، ته ڪر، مان تنهنجي اختيار ۾ آهيان. پر هن مون تي ٻيو وار نه ڪيو. هوُ ڇڄي پيو ۽ کيس خوف ٿيو، ته هن ڇا ڪري وڌو آهي؟ هن چاقو ڦٽي ڪري ڇڏيو ۽ زاروزار روئڻ لڳو ۽ ڀڄي ويو. مان ساڻس ڪابه شڪايت نه ڪئي ۽ مان هنن سڀني کي خاموش ڪري ڇڏيو. انهيءَ لاءِ ته استادن تائين اها ڳالهه نه پهچي. مان ماءُ سان به اها ڳالهه نه ڪئي، ڦٽ ڇٽي ويو. زخم ڇا هو، فقط هڪ رهڙو هو. ساڳي ڏينهن تي مان پوءِ ٻڌو ته هوُ پٿر اڇلائيندو رهيو ۽ تنهنجي آڱر ۾ چڪ پاتو هئائين. تون هاڻي چڱيءَ ريت سمجهي سگهين ٿو، ته هوُ اُن وقت ڪهڙيءَ حالت ۾ هو! خير هن ۾ ٻيو ٿي ئي ڇا پئي سگهيو؟ بيشڪ هي منهنجو احمقاڻو قدم هو. پر جڏهن هوُ بيمار ٿيو، ته اها منهنجي ڪيڏي نه بيوقوفي هئي، جو وٽس اچي معافي نه ورتم ۽ صلح جوئي نه ڪيم. جنهن جي لاءِ مون کي هاڻي افسوس آهي. اسان جي لاءِ ڪو خاص سبب به هو. هاڻي مان توکي سڄي حقيقت ٻڌائي چڪو آهيان. پر حقيقت اها آهي، ته هيءَ سڄي منهنجي بيوقوفي هئي.
”ها ڪيڏي افسوسناڪ حقيقت!“ اليوشا جواب ڏنو. جنهن مان سندس جذبات جي پريشاني صاف ٿي ڏٺي. ”اها مون کي خبر نه هئي، ته اوهان جا پاڻ ۾ اڳ ۾ ڪهڙا تعلقات هئا. نه ته مان جيڪر گهڻو اڳي تو وٽ اچان ها، توکي عرض ڪري پاڻ سان وٺي وڃان ها، تون جيڪڏهن مون تي اعتبار ڪرين، ته مان توکي ٻڌايان ٿو ته هوُ جڏهن بخار ۾ هوندو آهي، ته تنهنجي بابت هزياني طرح ڳالهائيندو آهي. مون کي خبر آهي، ته تون هن جي لاءِ ڇا هئين! ڇا تون سچ پچ اُن ڪتي جي لهڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهين؟ سندس پيءُ ۽ ڇوڪرا اُن ڪتي کي شهر ۾ ڳولهيندا رهيا آهن. جيڪڏهن تون اعتبار ڪرين، ته جنهن ڏينهن کان هو بيمار ٿيو آهي، ته مان ٽي ڀيرا کيس هيئن چوندي ۽ ڳوڙها وهائيندي دهرائيندي ٻڌو آهي، ته ”هيءَ سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ آهي ته مان زهڪا کي ماريو آهي.“ هيءَ بيماري تڏهن ته آهي. خدا مون کي ان جي سزا ڏيئي رهيو آهي. اهو خيال سندس مغز مان نه ٿو وڃي. جيڪڏهن ڪتو ملي پوي ۽ هوُ جيئرو ثابت ٿي پوي، ته پوءِ عجب نه آهي، ته انهيءَ خوشيءَ کان ٻار تندرست ٿي پوي. اسان سڀني جون اميدون هاڻي تو تي رکيل آهن.“
”مون کي ٻڌاءِ، ته اوهان کي منهنجي لاءِ اها ڇو اميد آهي ته مان ئي آهيان، جو اُن کي لهي سگهندس؟“ ڪوليا نهايت عجب مان اُن کان پڇيو. ”اوهان ٻي ڪنهن جي بجاءِ مون تي ڇو دارومدار رکيو آهي؟“
”اسان کي اطلاع مليو هو، ته تون ڪتي جي سراغ لڳائڻ پويان آهين ۽ جڏهن تو اُن کي لڌو، ته پاڻ سان اُن کي به وٺي ايندين. سميوروف ڪجهه اهڙي قسم جي ڳالهه ٿي ڪئي. اسان سڀيئي ڪوشش ڪري رهيا هئاسون، ته اليوشا کي يقين ڏياريون ته ڪتو جيئرو آهي ۽ اُن کي ڏٺو ويو آهي. ڇوڪرن هن جي لاءِ هڪ سهو آندو هو. هن ٿوري دير ان کي ڏٺو ۽ اداسائيءَ سان مشڪي کين چيائين، ته هن کي ٻنين ۾ وڃي آزاد ڪري اچو ۽ اسان اِيئن ئي ڪيو. سندس پيءُ هن گهڙي هڪ عمدو ڪتو ان جي لاءِ آندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُن سمجهيو ٿي، ته ٻار کي آرام ملي ويندو، پر منهنجو خيال آهي، ته هيءُ اُن کي وڌيڪ بيقرار ڪندو......“
”ڪرامازوف، مون کي ٻڌاءِ، ته سندس پيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ مان کيس ڄاڻان ٿو، پر تنهنجي راءِ معلوم ڪرڻ گهران ٿو. هوُ بيوقوف ۽ مسخرو آهي!“
نه نه، جهان ۾ گهري احساس وارا ماڻهو به رهن ٿا، جي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پامال ڪيا وڃن ٿا. تقدير جي هٿ انهن کي تباهه ڪيو آهي. انهن ۾ هن مسخري جو هئڻ، انهن ماڻهن لاءِ طعني ڀري آزردگيءَ جو اظهار آهي، جن جي هٿن کان هوُ پامال ۽ ذليل ٿيندا رهيا آهن ۽ کين صحيح حقيقت منهن تي چئي نه ٿا سگهن. مون تي اعتبار ڪر ڪراسوتڪين، هيءَ مسخرگي پنهنجي اندر غم جو دلگداز جذبو ٿي رکي. سندس سڄي حياتي هاڻي سميٽجي اليوشا تي مرڪوز ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اليوشا مري ويو، هوُ يا ته غم کان چريو ٿي پوندو يا پاڻ کي ماري وجهندو. جڏهن به مان هاڻي کيس ڏسندو آهيان، ته مون کي انهيءَ احساس جي خاطري ٿي ويندي آهي.“
”مان توکي سمجهان ٿو ڪرامازوف! مان هيءُ به سمجهان ٿو، ته تون انساني فطرت کي به چڱي ريت سمجهين ٿو.“ ڪوليا جذبات کان مغلوب ٿي چيو.
”مان جيئن ته ڪتي کي توسان ڏٺو، ته مان سمجهيو، ته تون زهڪا کي وٺي آيو آهين.“
”ترس ڪرامازوف! اسان هن کي لهي سگهنداسون. هيءُ پريزيوان آهي. مان هن کي اليوشا لاءِ آندو آهي. شايد اُن ڪتي کان هيءُ ڪتو کيس پسند اچي. ٿورو وقت ترس ڪرامازوف توکي سڀ ڪجهه هڪ منٽ ۾ معلوم ٿي ويندو.“ ڪوليا اوچتو رڙ ڪري چيو ته ”پر مان ته توکي هت ترسائي ڇڏيو آهي. توکي وڏو ڪوٽ به ڪونه آهي ۽ سردي شديد آهي. ڪيتري قدر نه مان خود پرست آهيان. افسوس ڪرامازوف اسان سڀئي ڪيتري قدر نه خود غرض آهيون.
”تون خيال نه ڪر. سردي واقعي آهي، پر مون کي اڪثر ٿڌ نه لڳندي آهي. پر اُن هوندي به اسان کي اندر هلڻ گهرجي. پر تنهنجو نالو ڇا آهي؟ مون کي خبر آهي، ته توکي ڪوليا سڏيندا آهن، پر اُن کان سواءِ ڇا؟“
”نڪولائي ايوانووچ ڪراسوتڪين يا جيئن سرڪاري دستاويزن ۾ لکيل آهي، ڪراسوتڪين جو پٽ.“ ڪوليا ڪنهن سبب کان کلڻ لڳو، پر جلدي چيائين ته ”مون کي نڪولائي جي نالي کان نفرت ايندي آهي.“
”ڇو ڀلا؟“
”ڇاڪاڻ ته اهو نالو ادنيٰ ۽ معمولي آهي.“
”تون تيرنهن ورهين ۾ هوندين؟ اليوشا کانئس پڇيو.
”نه چوڏنهن ورهيه، مان ٻن هفتن کان پوءِ چوڏهن ورهين ۾ پهچي ويندس. مان پنهنجي هڪ ڪمزوريءَ لاءِ اعتراف ٿو ڪريان، ڪرامازوف. اهو تنهنجي لاءِ آهي. جيئن ته اسان جي هيءَ پهرئين ملاقات آهي، تنهنڪري تون منهنجي ڪردار کان هڪدم ڪيئن واقف ٿيندين. مون کي عمر جي سوال تي نفرت ايندي آهي.... اُن کان سواءِ مون تي الزام لڳايا ٿا وڃن. مثلاً: اِيئن چيو ٿو وڃي، ته گذريل هفتي مان تياري ڪلاس وارن ڇوڪرن سان گڏجي کين ڌاڙي راند ٿي ڪرائي. اها حقيقت آهي، ته مان انهن سان گڏجي کيڏندو آهيان، پر اها سراسر هتڪ عزت آهي، ته اهو سڀ ڪجهه مان پنهنجي وندر لاءِ ڪندو آهيان. مون کي اُن لاءِ سبب آهن، ته مان اعتبار ڪريان ته تو اها ڪهاڻي ٻڌي آهي. پر مان پنهنجي وندر لاءِ ڪڏهن به راند نه کيڏندو آهيان. هي سڀ ڪجهه ٻارن جي لاءِ ئي هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي لاءِ ڪجهه به سوچي نه سگهندا آهن. پر انهن تائين فقط بيوقوفي ڀريون ڳالهيون ئي پهچنديون آهن. هيءُ مان توکي ٻڌايان ٿو، ته هيءَ شهر گپ شپ جي ڳالهين لاءِ نهايت خطرناڪ آهي.“
”پر هن ۾ ڇا آهي، جيڪڏهن تون پنهنجي وندر لاءِ کيڏين. هن ۾ آخر ڪهڙو حرج آهي؟“
”صحيح، مان چوان ٿو ته مان پنهنجي وندر لاءِ کيڏان ٿو. ڇا، اوهان ٻارن سان اڃا تائين گهوڙي راند نه ڪندا آهيو؟“
”تون به انهيءَ حقيقت کي اهڙي ريت سمجهه،“ اليوشا کيس مشڪندي چيو. وڏيءَ عمر وارا ماڻهو تماشگاهه ۾ وڃن ٿا، جتي بهادرن جا هر قسم جا ڪارناما ڏيکاريا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڌاڙيل ۽ لڙايون به ڏيکاريون وينديون آهن. ڇا هيءَ الڳ نموني ۾ ساڳي ڳالهه نه آهي؟ ننڍن ٻارن جون راند جي وقت، جنگي سپاهين ۽ ڌاڙيلن واريون رانديون، پهرئين درجي ۾ شامل آهن. توکي خبر هئڻ کپي، ته هوُ ننڍپڻ جي هن جي مثالن مان ٽپو ڏيئي مٿي اُسرن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن هي رانديون، تماشگاهه جي تماشن کان وڌيڪ بهترين ٿين ٿيون. فرق فقط هيءُ آهي، ته ماڻهو هتي ائڪٽرن کي ڏسڻ ويندا آهن، پر راندين ۾ ٻار پاڻ ائڪٽر هوندا آهن، پر هيءُ فطرتي آهي.“
تنهنجو خيال اِيئن آهي؟ اهائي تنهنجي راءِ آهي؟ ڪوليا کيس چتائي ڏٺو. ”ها هيءُ نهايت مزيدار راءِ آهي. جڏهن مان گهر ويندس، ته ان تي خيال ڪندس. مان قبول ٿو ڪريان ته منهنجو خيال هو ته توکان ڪجهه پرايان. مان توکان هتي سکڻ آيو آهيان، ڪرامازوف.“ ڪوليا پنهنجي گفتگوءَ کي جذبات جي وهڪري سان ڀريل آواز ۾ ختم ڪيو.“
”مان به توکان سکڻ ٿو گهران،“ اليوشا مشڪندي ۽ سندس هٿ کي زور ڏيندي چيو.
ڪوليا، اليوشا بيحد خوش ٿيو. جنهن شيءِ مٿس وڌيڪ اثر ڪيو، سا هي هئي ته هو ساڻس هڪجهڙائيءَ واري هلت وٺي رهيو هو ۽ هو ساڻس اِيئن ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ ته هو به وڏيءَ عمر وارو آهي.
مان توکي ڪجهه وضاحت سان ڏيکاريندس، ڪرامازوف، اهو تماشگاهه جهڙو ڪرتب هوندو. هن بي اختيار کلندي چيو. ”انهيءَ ڪري ئي ته مان آيو آهيان.“
”پهريائين اسان کي کپي پاسي کان گهر وارن ڏي هلڻ کپي. سڀئي ڇوڪرا پنهنجي ڪوٽن کي اتي لاهي رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪوٺي ننڍي ۽ گرم آهي.“
”ها، مان هڪ منٽ ۾ اچان ٿو. مان اتي پنهنجو ڪوٽ رکي ٿو اچان. پريزيوان هن گهٽي ۾ ترسندو ۽ مري ويندو. پريزيوان سمهي پؤ ۽ مري وڃ! ڏسينس هيءُ ڪيئن نه مري ويو آهي! مان پهريائين اندر ويندس ۽ تنهن کان پوءِ هن کي سيٽي ڏيندس ۽ اهو جنهن وقت مناسب سمجهيم. تون ڏسندين ته هو ديوانن وانگر ڊوڙندو ايندو. فقط سميوروف کان ان وقت در کولڻ وسري نه وڃي. مان سڄو ٺاهه ٺوهه پاڻ ڪندس ۽ تون ڪا شيءِ ڏسندين.“

باب پنجون: اليوشا جي بستر جي قريب

ڪمري ۾ پينشن تي آيل ڪئپٽن سينيگريوف جي رهندڙ ڀاتين کي پڙهندڙ اڳ ۾ ڄاڻن ٿا. هو ان وقت ملاقاتين جي چڱي تعداد سان سڄو ئي ڀريل ٿي ڏٺو. ڪيترائي ڇوڪرا اليوشا سان گڏ ويٺا هئا. جي سڀئي سميوروف وانگر انڪار ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۽ هنن کي ڪو اليوشا وٺي آيو هو ۽ اليوشا سان پرچايو هئائين. پر اها حقيقت هئي. هن اهڙيءَ ريت پنهنجي فن جو اظهار ڪيو هو، جو هڪ هڪ کي وٺي، بنا ڪنهن ظاهري ڏيک ويک جي اليوشا وٽ پهچايو هئائين، جنهن ۾ ڪنهن به فريب ۽ ڦند جي ڪابه صورت نه هئي. هيءَ اليوشا جي لاءِ سندس بيماري ۾ وڏي تسلي هئي، کيس ٻارن جي صداقت واري محبت ۽ همدرديءَ جو وڏو اثر پئي پيو، جي سندس دشمن هئا، پر ڪراسوتڪين ئي غائب هو، جنهن جي غير حاضري اليوشا جي دل تي وڏو بار هئي. شايد سندس بدترين يادگيرين مان بدتر ياد، ڪراسوتڪين کي چاقو هڻن وارو واقعو هو، جو سندس هڪ ئي دوست ۽ بچاءَ ڪندڙ هو. سياڻي ۽ ننڍڙي سميوروف جنهنجو پهريائين اليوشا سان ٺاهه ٿيو هو، هن حقيقت کي چڱيءَ ريت ٿي سمجهيو. پر جڏهن هن ڪراسوتڪين کي اشاري طور چيو، ته اليوشا کيس چيو آهي ته هو ساڻس ملاقات ڪري. تڏهن، تڏهن هن کيس اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ته ”ڪرامازوف کي ٻڌائي ته مان ڄاڻان ٿو مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟ مون کي ڪنهن جي صلاح نه کپي. جيڪڏهن هو اليوشا کي ڏسڻ به ويو، ته مان پنهنجي وقت کي پاڻ انتخاب ڪندس. ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجا سبب ۽ دليل آهن.“
اها هن آچر کان اڳ ٻن هفتن جي ڳالهه هئي. اهوئي سبب هو، جو اليوشا کيس ڏسي نه سگهيو هو ۽ سندس مقصد به پورو نه ٿيو هو. پر جيئن ته ترسي پيو هو، ان هوندي به هن سميوروف کي ٻيهر اُن ڏانهن موڪليو. ٻئي ڀيرا ڪراسوتڪين کيس سخت لهجي ۾ بي صبريءَ وارو انڪار ڪيو ۽ اليوشا ڏي پيغام موڪليائين، ته هن کي وري پريشان نه ڪري. جيڪڏهن هو پاڻ به ايندو ته هيءَ يعني ڪراسوتڪين، ڪنهن به صورت ۾ اليوشا ڏي نه ويندو. پوئين ڏينهن تائين به سميوروف کي هيءَ خبر نه هئي، ته ڪوليا ڪو ان صبح جو اليوشا ڏي ويندو. هن گذريل شام تي کانئس جدا ٿيندي، کيس فقط ايترو چيو، ته هو ان جي لاءِ صبح جو ترسي، ڇو ته هو ساڻس گڏجي سينيگريوف ڏي ويندو. پر هن کيس تاڪيد ڪيو هو ته هو ڪنهن کي به حقيقت نه ٻڌائي، ٿي سگهيو ٿي، ته هو اهو خيال لاهي ڇڏي. سميوروف ان جي تعميل ڪئي. سميوروف کي عجب ٿي لڳو ته ڪوليا ضرور وڃايل ڪتي کي هٿ ڪندو. ڇاڪاڻ ته هن جا لفظ هئا، ته ”هو گڏهه ثابت ٿيندو، جيڪڏهن ڪتي کي هٿ نه ڪري سگهندو، مگر شرط آهي ته هوُ جيئرو هجي.“ اهڙي ريت سميوروف موقعي جو منتظر ٿي رهيو ته هوُ کانئس ڪتي جي نشانن بابت پڇي. هن ڊڄندي ڊڄندي کانئس پڇيو. هيءُ ٻڌي ڪراسوتڪين سخت غصي ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، ”مان اهڙو گڏهه ته نه آهيان، جو ٻين ماڻهن جي ڪتن لاءِ شهر لاءِ نوسيندو وتان، جڏهن ته مون کي پنهنجو ڪتو موجود آهي! تون اهو خيال ئي ڪيئن ٿو ڪرين، ته جنهن ڪتي سـُـئيءَ کي اُڳريو آهي، اهو وري جيئرو ڪيئن هوندو؟ هيءُ هڪ بيوقوفيءَ جو خيال آهي ۽ بس!“
پوين پندرنهن ڏينهن ۾ اليوشا، پنهنجي بستري کي نه ڇڏيو ه و،جو حضرت بيبي مريم جي مجسمي جي هيٺان ڪنڊ ۾ هو، جنهن ڏينهن اليوشا جي آڱر کي هن زخمي ڪيو هو، ان ڏينهن کان وٺي، هو اسڪول ئي نه ويو هو. هو ساڳي ڏينهن تي بيمار ٿيو هو. جيتوڻيڪ هو پوءِ ٿوري وقت لاءِ ايترو خوش ٿيو هو، ته اُٿي ڪمري ۽ گهٽيءَ ۾ گهمي سگهي. پر پوءِ هوُ ايترو ته ڪمزور ٿي ويو هو، جو پيءُ جي سهاري کان سواءِ چري پري نه ٿي سگهيو. سندس پيءُ، اُن جي لاءِ، سخت ڳڻتيءَ ۾ هو. هن شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ سودائين وانگر ٿي رهيو، ته ڇوڪرو مري ويندو. اڪثر، خاص ڪري، جڏهن پنهنجي ٻانهن تي کيس ڪمري ۾ گهمائيندي، موٽائي بستري تي آڻيندو هو، ته گهٽيءَ جي اونداهي ڪنڊ ۾ ڀت تي مٿو رکي، ڏاڍو روئيندو هو ۽ اهڙيءَ ريت آهستي سڏڪا ڀريندو هو، جيئن اليوشا انهن کي ٻڌي نه سگهي.
جڏهن ڪمري ڏي موٽندو هو، ته ڪجهه نه ڪجهه ان پياري ٻار جي وندرائڻ ۽ آرام ڏيڻ لاءِ سوچيندو هو. کيس آکاڻيون ٻڌائيندو هو، ۽ مذاق واريون ڳالهيون. حياتيءَ ۾ جن پـُـر مذاق ماڻهن سان مليو هو، انهن جا پهاڪا ۽ چٽڪا کيس بيان ڪري ٻڌائيندو هو ۽ جانورن جي آواز ڪرڻ کان به نه مڙندو هو ۽ انهن جو نقل ڪندو هو. پر اليوشا پيءُ جون هيءُ بيوقوفيءَ واريون ڳالهيون برداشت ڪري نه سگهندو هو. جيتوڻيڪ ٻار پنهنجي ناپسنديءَ کي ظاهر ته نه ڪري سگهندو هو، پر هوُ درد ڀري دل سان ضرور ڏسندو هو، ته سندس پيءُ نفرت جي شيءِ بڻجي ٿو وڃي. هيءَ ياد کيس مسلسل روحاني تڪليف ڏيندي ٿي رهي، ته هوُ چپ تي ڏينڀو آهي ۽ ان سان کيس اهو ڏينهن دل تي تري ايندو هو.
نينا، اليوشا جي مروت واري ۽ منڊي ڀيڻ کي هيءُ بيوقوفي واريون ڳالهيون به پسند نه اينديون هيون. (وار وارا ماضي ۾ ڪجهه وقت لاءِ پيٽرسبرگ ۾ تعليم لاءِ وئي هئي). اليوشا جي ماءُ جا تيز عقل واري هئي، جڏهن سندس مڙيل هيءُ کل جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن هوءَ بي اختيار ٿي کلندي هئي. اهو هڪ ئي رستو هو جنهن سان هوءَ وندرجي ويندي هئي، نه ته ٻي حالت ۾ هوءَ سمورو وقت روئيندي ۽ پٽيندي رهندي هئي، ايتري قدر جو هاڻي سڀئي سندس روڄ پٽڪي جا عادي ٿي، ويا هئا ۽ ڪو به کيس اک کڻي نه نهاريندو هو، پر ٿورن ڏينهن کان، هوُ بلڪل بدلجي وئي هئي. هوُ گوشي ۾ اليوشا جي بستري کي گهري نظر سان ڏسندي هئي ۽ ڪنهن خيال ۾ گم هوندي هئي. هوءَ اڳي کان وڌيڪ خاموش نظر ايندي هئي، جيڪڏهن هوءَ روئندي به هئي، ته نهايت خاموشيءَ سان، جيئن کيس ڪوئي نه ٻڌي. ڪپتان هن ۾ هيءَ تبديلي، ماتمي مونجهاري جي نگاهه سان ڏٺي. شروع ۾ ٻار سان ملاقاتين کي ڏسي، ڪاوڙبي هئي، پر پوءِ سندن خوشيءَ ڀريا آواز ۽ آکاڻيون ٻڌي، سندس خيال ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. آخر هوءَ کين پيار ڪرڻ لڳي، ايتري قدر جو ٻار جيڪڏهن نه ايندا هئا، ته هوءَ سندن غير حاضريءَ کي ڏاڍو محسوس ڪندي هئي. جڏهن ٻار ڪا آکاڻي ٻڌائيندا هئا يا راند کيڏندا هئا، تڏهن هوءَ کلندي هئي ۽ خوشيءَ مان تاڙيون وڄائيندي هئي. هوءَ انهن مان ڪن کي پاڻ ڏي سڏيندي هئي ۽ کين چميون ڏيندي هئي. هوءَ خاص طرح سميوروف کي بيحد گـُـهرندي هئي.
ڪپتان پنهنجي جاءِ تي، ڪمري ۾ ڇوڪرن کي ڏسي، جي اليوشا کي خوش ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، بيحد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندو هو. کيس اميد هوندي هئي، ته اليوشا هاڻي پنهنجي ڪمزوري تي قبضو ڪري ويندو ۽ هوُ جلدي صحت ياب ٿي ويندو. درحقيقت هوُ آخري گهڙيءَ تائين پٽ جي صحت لاءِ پئي ٿي لرزيو ۽ کيس يقين هو، ته سندس پٽ شفاياب ٿي ويندو. هوُ سندس ننڍڙن ملاقاتين سان نهايت احترام سان ملندو هو. هٿن ۽ پيرن سان سندن خدمت ڪندو هو. هوُ پاڻ کي گهوڙي بڻائڻ کان به پرهيز ڪرڻ وارو نه هو ۽ چاهيائين ٿي، ته سندس پٺي تي ڇوڪرا سواري ڪن، پر اليوشا کي اها راند پسند نه هئي، ان ڪري ان کي ڇڏي ڏنو هئائين. هن ننڍن ٻارن جي تفريح لاءِ ننڍيون ننڍيون شيون خريد ڪرڻ شروع ڪيون هيون، جيئن ته سنڍ واريون مانيون ۽ کاڄا، هوُ کين چانهن پياريندو هو ۽ سئنڊوچ جا ٽڪرا ڏيندو هو. هتي هيءُ ظاهر ڪرڻ ضروري آهي، ته هن سموري وقت ۾ وٽس پيسو جام هو. کيس ڪيٽرينا ايونونا کان ٻه سؤ روبل مليا هئا، جا سڄي اليوشا جي پيش بندي هئي. ڪيٽرينا ايونونا پوءِ سندس گهرج ۽ ضرورت کان متاثر ٿي ۽ اليوشا جي بيماريءَ جو ٻڌي، پاڻ سندس ڏسڻ لاءِ ايندي ٿي رهي ۽ گهرجي سڀني ڀاتين سان واقفيت پيدا ڪئي هئائين ۽ نيم مـجذوب ماءُ کي پاڻ ڏي متوجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي وئي هئي. ان کان پوءِ سندس مدد ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي هئي. خوفزده ڪپتان هن خيال کان، ته ٻار مرڻ وارو آهي، پنهنجي سڄي خودداري وساري چڪو هو ۽ نهايت عاجزيءَ سان سندس امداد کي قبول ڪندو ٿي رهيو.
سمورو وقت ڊاڪٽر زينسٽيوب کي ڪيٽرينا ايونونا، هر ٻئي ڏينهن باقاعده گهرائيندي ٿي رهي، پر سندس ملاقاتين مان ڪو ٿورو فائدو ٿي پيو. هن جي دوائون بي رحميءَ سان ٿي ڏنيون، انهن مان ڪوبه نتيجو نه ٿي نڪتو. پر هن آچر جي صبح جو هڪ ٻي ڊاڪٽر جي اچڻ جي اُميد هئي، جو ماسڪو کان ٿي آيو ۽ کيس اُتي وڏي شهرت حاصل هئي. کيس ڪيٽرينا ايونونا، وڏي خرچ سان ماسڪو مان گهرايو هو. کيس پنهنجي جاءِ تي هن کان پوءِ بيان ڪيو ويندو. پر جيئن ته هوُ موقعي تي اچي ويو هو، هن کيس اليوشا جي ڏسڻ لاءِ به چيو هو ۽ ڪپتان کي سندس آمد جو اطلاع ڏنو ويو هو. کيس ڪابه خبر نه هئي، ته ڪو ڪوليا ڪراسوتڪين وٽس اچي رهيو آهي، جيتوڻيڪ هوُ ڪيتري وقت کان کيس تانگهي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس غير حاضري سندس پٽ جي لاءِ رنج جو سبب بڻجي پئي هئي.
اُن وقت جڏهن ڪراسوتڪين دروازو کولي اندر آيو، ته ڪپتان ۽ سڀئي ٻار، اليوشا جي بستري جي چوڌاري وڃي گڏ ٿيا هئا ۽ هڪ ننڍي ڪتي کي ٿي ڏٺائون، جو هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڄائو هو، جنهن لاءِ اليوشا جي خوش ڪرڻ لاءِ ڪپتان ٻڌايو ٿي ته هوُ هڪ هفتو اڳ ۾ ڄائو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار کي اڃا به اُن وڃايل ڪتي لاءِ رنج هو، جو گهڻو ڪري مري چڪو هو. اليوشا کي ٽي ڏينهن اڳ ۾ ٻڌايو ويو، هو ته وٽس هڪ گلر آندو ويندو، جو ڪنهن به صورت ۾ رواجي گلر نه هوندو، پر خاص نسل وارو هوندو. (هيءَ نهايت ضروري ڳالهه ٿي سمجهي وئي.) هيءَ ڪوشش انهيءَ لاءِ هئي، ته ٻار راضي ٿئي. ٻار به پنهنجي نيڪ جذبي هيٺ، اِيئن ٿي ڏيکاريو، ته هوُ ان گلر جي ڏسڻ کان خوش آهي. پر هيءَ حقيقت هئي ته سندس پيءُ ۽ ڇوڪرن صاف ڏٺو ٿي، ته هن ننڍڙي گلر کي ڏسي سندس دل ۾ ان بد بخت حيوان جي ياد جنهن کي هن عذاب ۾ وڌو هو، نئين سر اڀري آئي هئي. گلر، سندس ڀرسان ڪمزوري سان گهمي رهيو هو ۽ هوُ ڏک مان مشڪي رهيو هو. پنهنجي سنهڙي ۽ بي رنگ هٿ سان، ان کي ٿڦڪيون ڏيئي رهيو هو. هيءُ صاف ٿي ڏٺو، ته گـُـلر به هجي ها، ته هوُ مڪمل طرح خوش نظر اچي ها.
اوچتو هڪ ڇوڪري رڙ ڪري چيو ته ”ڪراسوتڪين.“ هوُ پهريون ڇوڪرو هو، جنهن کيس اندر ايندي ڏٺو هو.
ڪراسوتڪين جي داخلي عجيب شور پيدا ڪري ڇڏيو. ڇوڪرن ۾ چرپر اچي وئي ۽ بستري جي هڪ پاسي بيهي رهيا، جيئن هو اليوشا کي پوريءَ ريت ڏسي. ڪپتان وڏي شوق مان ڪوليا سان ملڻ لاءِ وڌيو.
”مهرباني ڪري هليو اچ...... ۽ تون ڀلي ڪري آئين!“ هن نهايت تيزيءَ مان چيو. ”اليوشا، مسٽر ڪراسوتڪين، تنهنجي ڏسڻ لاءِ آيو آهي.“
پر ڪراسوتڪين جلدي مان ساڻس هٿ ملايو ۽ ساڳي وقت هن عمدي معاشري جي اخلاق کي پوريءَ ريت سندس سامهون پيش ڪيو. هوُ پهريائين ڪپتان جي زال ڏي مڙيو، جا هڪ ڪرسيءَ تي ويٺي هئي، جا اُن وقت ڪنهن چڱي خيال ۾ نه هئي. هوءَ ٻارن کي اليوشا جي بستري ۽ پنهنجي وچ ۾ ڏسي، ڪجهه هوريان هوريان ڀڻڪي رهي هئي. هوءَ ان گلر کي ڏسي نه ٿي سگهي. بيحد نياز مان هن کيس جهڪي سلام ڪيو. ان کان پوءِ هن پنهنجي پيرن کي موڙيو ۽ نينا ڏي متوجهه ٿيو. کيس به، هڪ عزت واري عورت جي حيثيت ۾ ساڳي ريت جهڪي سلام ڪيو. هن مروت واري هلت اُن بد بخت ڇوڪريءَ تي غير معمولي اثر ڪيو، ايتري قدر جو هن کيس وڏي آواز ۾ چيو ته:
”توهان هن نوجوان کي ڏسي، هڪدم اِيئن چئي سگهو ٿا، ته هن جي تربيت نهايت عمدي طرح ٿي آهي. پر اسان جا ٻيا ملاقاتي، فقط هڪٻئي جي پويان ايندا رهن ٿا.“ تنهنجو هڪٻئي جي پويان اچڻ کان ڇا مطلب آهي اَمڙ، ڪپتان کيس نهايت پيار مان چيو جيتوڻيڪ هو نينا جي باعث انتظار ۾ هو.
”هيءُ صحيح آهي. هو هڪٻئي جي پٺ تي سوار ٿي اچن ٿا. گهٽيءَ مان هڪٻئي جي ڪلهن تي چڙهيو اچن ٿا ۽ اهڙيءَ ريت هڪ شريف ڪٽنب ڏي ٽپا ڏيندا اچن ٿا. هيءُ عجيب قسم جا ملاقاتي آهن.“
”پر امڙ، اهي ڪير آهن، جي اِيئن اچن ٿا؟“
”ڇو، هوُ ڇوڪرو، ٻيءَ جي پٺيءَ تي چڙهي آيو ۽ هيءُ وري هن جي پٺيءَ تي.“
ڪوليا، اليوشا جي بستري تائين پاڻ کي کنيو ۽ هڪ ڀرپور نگاهه سان ڪوليا ڏانهن نهاريائين. ڪوليا پنهنجي هن ننڍڙي دوست کي ٻن مهينن کان نه ڏٺو هو. کيس ڏسندي هوُ بيحد فڪر ۾ پئجي ويو. هن اهو تصور به نه ٿي ڪيو ته هوُ اهڙي بيماري ۽ پيلي رنگ واري چهري کي ڏسندو. جنهن جون اکيون پنهنجي روشني وڃائي چڪيون هيون ۽ هٿ ڳري فقط چمڙي وڃي رهيا هئا. هن رنج ۽ عجب مان اُن کي ڏٺو. سندس خشڪ چپن ۽ اُٻهري ساهه کڻڻ مٿس بيحد اثر ڪيو. هو هڪ قدم وڌيڪ کڻي سندس ويجهو ويو. سندس هٿ کي جهلي ۽ ڏک مان کيس چيائين ته:
”پوڙها ماڻهو.... تون ڪيئن آهين؟“ پر سندس آواز هلي نه سگهيو. سندس چهري مان ڪوبه اطمينان ظاهر نه ٿيو. سندس چهرو اوچتو گـُـهنج هڻي ويو ۽ سندس وات جون ڪنڊون لرزڻ لڳيون. اليوشا ڏک ڀري کل سان مشڪڻ لڳو ۽ هڪ لفظ به ٻاهر نه ڪڍي سگهيو. ڪوليا تي ڪنهن جذبي اثر ڪيو ۽ هن پنهنجو هٿ وڌايو ۽ سندس وارن تي ڦيرڻ لڳو.
”پرواهه نه ڪر،“ هن کيس خوش ڪرڻ لاءِ نهايت آهستگيءَ سان ڀڻڪندي چيو. شايد کيس به خبر نه هئي، ته هن اهي لفظ ڇو چيا؟ هڪ منٽ لاءِ هوُ ٻئي وري خاموش ٿي ويا.
”ها، توکي وري نئون ڪتو ملي ويو آهي؟“ ڪوليا کيس اوچتو، سخت آواز ۾ چيو.
”هائو!“ اليوشا هوريان ڊگهي آواز ۾ چيو ۽ ساهه کڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”هن کي ڪارو نڪ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هوُ خطرناڪ ثابت ٿيندو ۽ چڱو گهريلو ڪتو. ڪوليا اُن کي تحمل ۽ صبر سان جاچڻ لڳو، ڄڻ ته اُن جي لاءِ ان وقت فقط اهو گلر ۽ سندس ڪارو نڪ بحث جو موضوع هو. پر حقيقت ۾، هوُ پاڻ پنهنجي حالت تي ضابطو ڪري رهيو هو، ته اِيئن نه ٿئي ته هوُ ٻار وانگر روئڻ شروع ڪري ڏئي. جيڪڏهن هوُ روئي ويٺو، ته پوءِ پاڻ تي ضابطو نه ڪري سگهندو. هن وري چوڻ شروع ڪيو، ته ”جڏهن هيءُ وڏو ٿئي، ته هن کي زنجير ۾ ٻڌجو. مان اهڙن ڪتن کي چڱيءَ ريت سڃاڻندو آهيان.“
”هيءُ تمام ڳورو ڪتو ٿيندو.“ ٻارن مان هڪ واڪو ڪري چيو.
”بيشڪ هي وڏو ۽ ڳورو ٿيندو. ايڏو وڏو جيڏو گابو!“ ڪيترائي آواز گڏجي اچڻ لڳا.
”ايڏو وڏو جيئن گابو، سچو پچو گابو!“ ڪپتان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. ”مان خاص ڪري، اهڙي جنس جي ڪتي جي لاءِ، وڏي حرفت کان ڪم ورتو اٿم. هن جا مائٽ به وڏي قد وارا ۽ وحشي آهن. هنن جي قد جي بلندي گهڻي مشهور آهي.... اليوشا جي بستري تي ويهه يا هتي هن بينچ تي. تون ڀلي ڪري آئين. اسان گهڻي وقت کان تنهنجي ڏسڻ جي اميد ٿي رکي. تنهنجي هيءَ وڏي مهرباني آهي، جو اليگزي فيودورووچ سان گڏ آيو آهين.“
ڪراسوتڪين، بستري جي ڪناري تي، اليوشا جي پيرن کان ويهي رهيو. جيتوڻيڪ هوُ تيار هو، ته پنهنجي طريقي سان آزاد ۽ آسان گفتگوءَ جي ابتدا ڪري، پر هوُ هاڻي مڪمل ريت پنهنجي خيالن کي وڃائي ويٺو. هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته:
”نه ..... مان پريزيوان سان آيو آهيان. اهو ڪتو هاڻي مون وٽ آهي. جنهن کي پريزيوان سڏيندو آهيان. هيءُ سلافي نالو آهي. هوُ ٻاهر موجود آهي..... جيڪڏهن مان سيٽي وڄائيندس ته هوُ اندر هليو ايندو.“ هن اليوشا ڏي منهن ڪري چيو ته ”مان به هڪ ڪتو آندو آهي. پوڙها توکي زهڪا ياد آهي؟“ هن هڪدم ۽ اوچتي سوال کي ڦهڪائي ڏنو.
اليوشا جو ننڍڙو چهرو ڏڪڻ لڳو. هن ڪوليا ڏانهن غم ڀري انداز مان نهاريو. اليوشا دروازي وٽ بيٺو هو. هوُ شوخ ٿي ويو ۽ اشاري ۾ کيس چوڻ لڳو ته زهڪا جي بابت ڪو به گفتگو نه ڪري. پر هن کيس نه ڏٺو يا اِيئن ڏيکاريائين ته هن کيس ڏٺوئي نه آهي.
”زهڪا...... ڪٿي آهي؟“ اليوشا ٽٽل آواز سان چيو. اليوشا ڪجهه به نه ڳالهايو، پر پنهنجي نگاهه، هڪ دفعو وڌيڪ محڪم طرح ڪوليا تي وڌي. اليوشا، ڪوليا کي پاڻ ڏي متوجهه ڏسي، کيس وري به چٽائيءَ سان اشارو ڪيو. پر هن پنهنجون اکيون ڦيرائي ڇڏيون ۽ ڏيکاريائين ته ڄڻ هن کيس ڏٺو ئي نه آهي.
”هو ضرور ڪاڏي ڀڄي ويو ۽ ڪٿي مري ويو هوندو. اهڙي کاڌي کان پوءِ هن کي مرڻ ئي گهرجي.“ ڪوليا بي رحميءَ سان چوندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس ساهه کڄي نه ٿي سگهيو. ”پر مون وٽ پريزيوان هڪ ڪتو آهي........ هي سلافي نالو آهي..... مان ان کي تنهنجي ڏسڻ لاءِ آندو آهي.“
”مون کي نه کپي.“ اليوشا زور سان چيو.
”نه، نه، توکي هن کي ڏسڻ گهرجي.... هوُ توکي وندرائيندو. مان انهيءَ مقصد سا تو وٽ آندو آهي..... هوُ ان جهڙوئي گهاٽن وارن وارو ڪتو آهي.......... تون مون کي اجازت ڏي بيگم ته مان اُن کي اندر سڏيان.“ هن اوچتو بيگم سينيگريوف کي عجيب جوش جي انداز ۾ چيو.
”مون کي هوُ نه کپي، مون کي هوُ نه کپي!“ اليوشا رڙ ڪري چيو. سندس آواز ماتمي بڻجي چڪو هو ۽ سندس اکين مان ملامت خيز روشني نظر اچڻ لڳي.
”چڱو اِيئن آهي“، ڪپتان صندوق تان، جا ڀت جي ڀرسان پئي هئي، جنهن تي هوُ تازو ويٺو هو، چيو ته..... چڱو اِيئن آهي ته اها ڳالهه ٻي وقت تي توکي رکڻ گهرجي.“ پر ڪوليا سندس گفتگوءَ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هن جلدي مان سميوروف کي چيو ته ”دروازو کول.“ جيئن ئي دورازو کليو، ته هن پنهنجي سيٽي وڄائي. پريزيوان ٽپا ڏيندو اندر گهڙي آيو.
”پريزيوان ٽپو ڏئي پنهنجو تماشو ڏيکار،“ ڪوليا کيس رڙ ڪري چيو. ڪتو اليوشا جي بستري جي ڀرسان پوين ٽنگن تي بيهي رهيو، جنهن سڀني کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. اليوشا کان ڇرڪ نڪري ويو. هوُ ڪتي جي مٿان جهڪيو، شڪ ۽ اداسيءَ مان ان کي نهارڻ لڳو.
هن اوچتو رڙ ڪري چيو ته، ”هيءُ ته زهڪا آهي.“ سندس آواز خوشيءَ ۽ تڪليف کان وڌيڪ ڳنڀير بڻجي ويو.
”تون ته اِيئن پيو سمجهين ته الائي ڪهڙو ڪتو هوندو؟“ ڪراسوتڪين پنهنجي سڄي طاقت سان رڙ ڪندي چيو. سندس آواز خوشيءَ کان گهنگهرن وانگر وڄي رهيو هو. هن جهڪي ڪتي کي ورتو ۽ اليوشا وٽ کڻي آندائين ۽ کيس چوڻ لڳو ته:
”هيڏي ڏس پوڙها ماڻهو! هيءُ اک کان ڪاڻو آهي ۽ سندس کٻو ڪن چيريل آهي. اهي ئي نشانيون هيون، جي تو،مون کي ٻڌايون هيون. انهيءَ ڏس تي ئي مون هن کي لڌو آهي. هيءَ ڪنهن جي به ملڪيت نه آهي ۽ مون کي سنئون سڌو هٿ آيو آهي.“ هوُ هيءُ حقيقت بيان ڪندي، ڪپتان ڏي، سندس زال ڏي، اليوشا ڏي ۽ آخر ۾ اليوشا ڏي ڦرندو رهيو. ”هيءُ فيڊوتوف جي اڱڻّ جي پٺ ۾ ٿي رهيو. جيتوڻيڪ هن اُتي پنهنجو گهر بڻايو هو، پر هوُ کيس ڪو نه کارائيندو هو. هيءُ هڪ رولو ڪتو هو، جو ڪنهن ڳوٺ مان ڀڄي آيو هو...... مان ان کي لڌو.... پوڙها ماڻهو! تو، جو کاڌو هن کي ڏنو هو، ان کي هو اوڳاري نه سگهيو هو. جيڪڏهن هوُ اوڳاري وڃي ها به ته هو يقيناً مري وڃي ها. هن شايد اُن کي اُلٽي ڪري ڪڍيو هو، تڏهن ته جيئرو آهي. تو به هن کي اِيئن ڪندي نه ڏٺو هو. پر ٽاچڻي هن جي زبان ۾ چـُـڀجي پئي، تڏهن ته هوُ روڙههِ ڪري رهيو هو. هوُ روڙِهندو ڀڄي ويو ۽ تو سمجهيو ته هوُ اُن کي اُڳري ويو آهي. کيس روڙِڻ ته کپندو هو، ڇو ته ڪتي جي وات جي کل ڏاڍي نازڪ ٿيندي آهي...... ماڻهوءَ جي کل کان به گهڻي نازڪ!“ ڪوليا وڏي آواز سان ڳالهائيندو رهيو. سندس چهرو خوشيءَ کان چمڪي رهيو هو. اليوشا ڪجهه به نه ڳالهايو. سندس چهري جو رنگ سفيد چادر جهڙو ٿي ويو هو ۽ سندس وات کليل رهجي ويو، جنهن سان هوُ ڪوليا ڏي نهاري رهيو هو. سندس وڏيون اکيون، هن جي مٿي ۾ کپي ويون هيون ڪراسوتڪين کي هيءُ شڪ ۽ شبهو ته هيوئي ڪونه ته هيءَ خطرناڪ ۽ مصيبت خيز خبر ننڍڙي بيمار جي سلامتي تي ڪهڙو اثر آڻيندي. جيڪڏهن کيس اها خبر هجي ها، ته هوُ ڪڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪري ها. پر اليوشا واحد انسان هو، جو ان ڪمري ۾ هن حقيقت کي چڱي ريت محسوس ڪري رهيو هو. پر ڪپتان سندس حقيقت تي بلڪل اعتبار ڪري چڪو هو ۽ ننڍڙي ٻار وانگر ٿي پيو هو ۽ چوندو رهيو ته:
”هيءُ زهوڪا آهي، زهوڪا! اليوشا هي زهوڪا آهي، تنهنجو زهوڪا! بيگم هي زهوڪا آهي!“ هوُ ڄڻ ته روئي رهيو هو.
سميوروف افسوس ڪندي چيو ته ”مان هن کي ڪڏهن به نه سڃاتو هو. ڪراسوتڪين توکي آفرين هجي. مان چيو نه ٿي ته هوُ هن کي ضرور لهندو ۽ هن اُن کي ڳولي ورتو.“
ٻي ڇوڪري خوشيءَ مان دهرايو، ”اجهو، هيءَ اُن کي لهي آيو آهي.“
ٽئين ڇوڪري چيو ته ”شاباش ڪراسوتڪين.“
ٻين ڇوڪرن گڏ جي چيو ته ”آفرين! هن کي آفرين آهي،“ ۽ هنن تاڙيون وڄائڻ شروع ڪري ڏنيون.
”ترسو، ترسو!“ ڪراسوتڪين، پنهنجي آواز کي سڀني کان مٿي پهچائيندي چيو ته، ”مان توهان کي ٻڌائيندس ته اهو معاملو ڪيئن اِيئن ڀيڻيو. اهوئي وڏو نڪتو آهي. مان هن کي لڌو، گهر وٺي ويو مانس ۽ هڪدم لڪائي ڇڏيومانس، مون هن کي پنهنجي گهر ۾ قلف ڏيئي رکيو ۽ اڄ تائين ڪنهن کي به نه ڏيکاريم. پر گذريل پندرنهن ڏينهن کان فقط سميوروف کي هن جي خبر هئي. پر مان کيس يقين ڏياريو هو ته هن جو نالو پريزيوان آهي ۽ هن ان کي ڪين سڃاتو. هن سموري وقت ۾ ڪتي کي سڀ ڪنهن قسم جون بازيون سيکاريون. مان جو ڪجهه هن کي سيکاريو آهي، هوُ سڀ ڪري ڏيکاريندو. مان اهيءَ ڳالهيون انهيءَ لاءِ کيس سيکاريون، ته هو هڪ تربيت يافته ڪتي وانگر اوهان جي سامهون اچي. پوڙها ماڻهو! مان هاڻي اِيئن چئي سگهان ٿو، ته ڏس ته تنهنجو ”زهوڪا“ هاڻي، ڪهڙو عمدو ڪتو بڻجي پيو آهي. توهان وٽ گوشت جو ذرو موجود آهي ۽ هيءُ اوهان کي اهڙيون بازيون ڏيکاريندو، جو اوهان کلندي کلندي کيرا ٿي ويندا. ڇا اوهان وٽ گوشت جو ذرو ڪو نه آهي؟“
ڪپتان، گهٽي مان جاءِ مالڪياڻيءَ ڏانهن ڊوڙيو، جتي سندن کاڌو پچندو هو. ڪوليا پنهنجي قيمتي وقت کي وڃائڻ مناسب نه سمجهي، نااميديءَ جهڙي تڪڙ ۾ رڙ ڪري چيو، ته مري وڃ. ڪتو هيءُ ٻڌندي ئي چوڌاري ڦريو ۽ زمين تي پٺيءَ ڀر اهڙي ريت ليٽي پيو، جو سندس چارئي پير مٿي هوا ۾ هئا. ٻار کلڻ لڳا. اليوشا ساڳي تڪليف وارين نگاهن سان ڏسڻ لڳو. سڀ کان وڌيڪ خوش ماءُ هئي. هوُ ڪتي کي ڏسي کلي رهي هئي، اُن کي آڱرين سان مهٽي رهي هئي ۽ ”پريزيوان! پريزيوان!“ ڪري ان کي سڏڻ لڳي.
ڪوليا پنهنجي ڪاميابيءَ جي خوشيءَ مان، فخر سان چوڻ لڳو ته ”هاڻي ڪو به هن کي اُٿاري نه ٿو سگهي. دنيا جي ڪنهن به آواز ڏي، هاڻي هيءُ ڪن نه ڏيندو نه چرندو. پر جيڪڏهن مان کيس چوندس، ته هو هڪ منٽ ۾ ٽپو ڏئي اُٿندو. اُٿ پريزيوان!“ ڪتو ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ خوشيءَ مان آواز ڪڍڻ لڳو. ڪپتان رڌل ڳئونءَ جي گوشت جو ٽڪرو کڻي اندر آيو.
ڪوليا کانئس تڪڙ ۾ پڇيو، ته اهو گرم ته نه آهي. هن ان کي ورتو ۽ سندس گفتگو، ڄڻ ته هڪ ڌنڌي واري جو ٿي لڳو. ”ڪتن کي گرم شيءِ نه وڻندي آهي، نه، پر هيءُ ٺيڪ آهي. ڏسو، ڏسو سڀئي ڏسو، تون به اليوشا پوڙها ماڻهو ڏس. تون هن ڏي ڇو نه ٿو نهارين؟ تون هن کي تڏهن نه ٿو ڏسين، جو ، مان هن کي تو وٽ آندو آهي.“
هاڻي نئين بازي اها هئي، ته ڪتي کي بنا ڪنهن چرپر جي ويهاريو ويو هو. سندس نڪ ٻاهر نڪتل هو ۽ ان جي مٿان، گوشت جي ڀور رکي وئي هئي. بدقسمت ڪتي کي انهيءَ حالت ۾ خاموشيءَ سان بيهڻو هو ۽ سندس نڪ تي گوشت جي ڀور به موجوده هئي. کيس ايترو وقت، بيهڻو هو، جيستائين سندس مالڪ جي مرضي هجي. شايد اڌ ڪلاڪ تائين به. پر هن پريزيوان کي مختصر وقت لاءِ انهيءَ حالت ۾ بيهاريو.
”هن جي قيمت ادا ڪرڻ گهرجي!“ ڪوليا چيو. اک ڇنڀ ۾ گوشت جو ٽڪرو، نڪ کان ڪري ڪتي جي وات ۾ هليو ويو. ڏسندڙن هن بازيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ عجب ۾ پئجي ويا.
”ڇا تون سچ پچ پنهنجي اچڻ ۾ دير انهيءَ لاءِ ڪئي هئي، ته ڪتي جي تربيت ڪرين؟“ اليوشا کانئس غير ارادي طور تي پڇيو ۽ سندس آواز ۾ ملامت ٿي ڏٺي.
”ها، فقط انهيءَ لاءِ“ ڪوليا نهايت سادگيءَ سان جواب ڏنو. ”مان کيس پوري شان سان ڏيکارڻ ٿي گهريو.“
”پريزيوان، پريزيوان.“ اوچتو اليوشا کيس سڏ ڪيو. هن پنهنجي سنهڙين آڱرين سان سندس پٺيءَ کي ٿڦڪڻ شروع ڪيو.
”اهو ڇا آهي؟ هن کي بستري تي ٽپو ڏيئي اچڻ گهرجي. اچ پريزيوان!“ ڪوليا بستري کي ڌڪ هنيو ۽ پريزيوان تير وانگر اليوشا جي قريب وڃي پهتو. ٻار پنهنجون ٻئي ٻانهون سندس ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ هو سندس ڳلن کي چٽڻ لڳو. اليوشا چـُـري سندس ويجهو آيو. بستري مان پاڻ کي مٿي کنيائين ۽ پنهنجو منهن سندس گهاٽن وارن ۾ لڪائي ڇڏيائين.
”منهنجا پيارا، منهنجا عزيز!“ ڪپتان چوندو رهيو. ڪوليا وري هنڌ جي ڪناري تي ويهي رهيو.
”اليوشا مان توکي وري، هن جي ٻي بازي ڏيکاري سگهان ٿو. مان تنهنجي لاءِ هڪ ننڍي توب آندي آهي. توکي ياد هوندو ته مان توکي ان بابت ٻڌايو هو ۽ تو خواهش ڏيکاري هئي، ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو تون ان کي ڏسين، ها، مان ان کي توکي ڏيکارڻ لاءِ کڻي آيو آهيان.
ڪوليا جلديءَ مان پنهنجي ڳنڍ کي کولي، ان مان توب کي ڪڍيو، جا پتل جي ٺهيل هئي.
هن تڪڙ ٿي ڪئي، ڇو ته هو پاڻ بيحد خوش هو، هو جيڪر ٿورو وقت ترسي ها، جيستائين پريزيوان جو پيدا ڪيل اثر گهٽ ٿي وڃي ها، پر هو هاڻي سڀني ڳالهين کان بي نياز بڻجي ويو هو. ”توهان سڀئي هاڻي خوش هوندا.“ هن محسوس ڪندي چيو. ”مان اڃا به اوهان کي وڌيڪ خوش ڪرڻ لاءِ اها شيءِ آندي آهي.“ هو مڪمل ريت خوش ٿي ڏٺو.
”مان هن شيءِ کي ڪيتري وقت کان پنهنجي لالـچ ۾ لڪائي ڇڏيو هو، پر هاڻي پوڙها ماڻهو! هيءَ تنهنجي لاءِ آهي. هيءَ اصل ۾ موروزوف جي ملڪيت هئي، جا هن پنهنجي ڀاءُ کان ورتي هئي ۽ سندس ڪم جي نه هئي ۽ مان پنهنجي پيءُ جي ڪتبخاني مان هڪ ڪتاب جي عيوض ورتي. ان ڪتاب جو نالو ”قوم محمد صلي الله عليه وآله وسلم“ آهي. هيءُ ڪتاب سؤ سال اڳي ماسڪو ۾ ڇپيو هو. ان زماني ۾ اهڙن مذهبي ڪتابن تي ڪابه گرفت نه هئي. موروزوف کي هيءُ ڪتاب ڏاڍو پسند هو ۽ هو ان کي حاصل ڪري منهنجو شڪرگذار بڻيو هو.“
ڪولياتوب پنهنجي هٿن ۾ جهلي هئي، تان جو هرڪو ڏسي ان جي تعريف ڪري. اليوشا پاڻ کي مٿي کنيو ۽ سندس سڄي ٻانهن اڃا به ڪتي جي چوڌاري هئي. هن ڏاڍي خوشيءَ مان رانديڪي کي ڏٺو. اڃا به وڌيڪ تعجب ان وقت پکڙيو، جڏهن ڪوليا ٻڌايو، ته وٽس توب جو بارود به آهي ۽ هوُ ان وقت، ان کي ڇوڙي به سگهي ٿو پر شرط اهو آهي، ته زالون اُن کي ڏسي دانهون نه ڪن، گهر جي وڏي ماءُ خواهش ڏيکاري، ته هوءَ ان رانديڪي کي ويجهو ٿي ڏسي. سندس عرض کي هڪدم قبول ڪيو ويو. هوءَ ان توب کي ڏسي، جا ڇٽڻ تي هئي، بيحد خوش ٿي ۽ پنهنجي جهوليءَ ۾ اُن کي هيڏي هوڏي ڦيرائڻ لڳي. هن هڪدم اجازت ڏني، ته توب کي ڇوڙيو وڃي ۽ سندس خيال ايڏانهن ويو ئي نه ته هوءَ ڇا چئي رهي آهي؟ جيئن ته ڪپتان فوجي ماڻهو هو، هن توب ۾ بارود وجهڻ جو ڪم پنهنجي ذمي ورتو ۽ اُن جو انداز هن پنهنجي خيال موجب رکڻ گهريو. هن اِيئن به چيو، ته ان کي ڪنهن ٻي وقت تي ڇوڙيو وڃي. آخر توب زمين تي رکي وئي، ڪمري جي خالي طرف ان جو رخ ڪيو ويو. بارود جا ٽي ڇـِـرا ان جي خالي سوراخ ۾ وڌا ويا. لبلبي کي دٻايو ويو ۽ هڪ وڏو ٺڪاءُ ظاهر ٿيو. ماءُ کان ڇرڪ نڪري ويو، پر هڪدم کلي ويٺي. ڇوڪرا ڳالهائڻ کان سواءِ خوشيءَ مان نهارڻ لڳا. مگر ڪپتان اليوشا ڏي ڏسندي، سڀ کان وڌيڪ خوش ٿيو. ڪوليا توب کي کڻي ورتو ۽ جلدي مان اليوشا کي سوکڙيءَ طور ڏئي ڇڏيائين. ان سان گڏ بارود به ڏنائين.
”مان هيءَ تنهنجي لاءِ ورتي هئي ۽ گهڻي وقت کان تنهنجي لاءِ سانڍي رکي هئم.“ هن وڏي خوشيءَ مان هن حقيقت جو وري به اظهار ڪيو.
”ها، اها مون کي ڏي، نه اها مون کي ڏي.“ ماءُ ننڍڙي ٻار وانگر ان کي عرض ڪرڻ لڳي. سندس چهري مان ڏک جو اظهار به پئي ٿيو، ته اها شيءِ کيس ملي نه سگهندي. ڪوليا ايڏاهين ڌيان نه ڏنو ۽ ڪپتان پريشانيءَ مان کيس ڏسندو رهيو. هو وٽس ڊوڙي ويو ۽ چيائينس ته ”بيگم، بيگم، بي شڪ هيءَ توب تنهنجي آهي، پر ڇڏ ته اليوشا ان کي وٺي. ڇو ته هيءَ تحفو، هن جو آهي، پر ان هوندي به هن جي شيءِ تنهنجي آهي. اليوشا توکي هن جي کيڏڻ کان منع ته ڪونه ڪندو. اها اوهان ٻنهي جي ملڪيت ٿي رهندي.“
”نه، مان اِيئن نه ٿي چاهيان، ته هيءَ ٻنهي جي ملڪيت ٿي رهي. مان چاهيان ٿي ته اها خالص منهنجي هجي، نه اليوشا جي.“ ماءُ هن تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
”ماءُ، هن کي تون وٺ ۽ پاڻ وٽ رک“، اليوشا زور سان کيس چيو. ”ڪراسوتڪين مان هيءَ پنهنجي ماءُ کي ڏئي سگهان ٿو؟“ ، هو ان ڏي سوال واري چهري سان ڦريو. ڄڻ ته کيس خوف پئي ٿيو، ته هن تحفي کي ٻي کي ڏيڻ سان سندس توهين ته نه ڪري رهيو آهي.
”بيشڪ تون هن کي ڏئي سگهين ٿو.“ ڪراسوتڪين، دل ۽ جان سان ان کي تسليم ڪندي چيو. هن اليوشا جي هٿ مان توب کي وٺي، مروت سان جهڪندي، پاڻ ئي سندس ماءُ کي ڏني. هن جي مٿان ايڏو ته اثر پيو، جو هوءَ روئڻ لڳي.
”منهنجا پيارا اليوشا، معلوم ٿئي ٿو، ته تون پنهنجي ماءُ سان پيار ٿو ڪرين.“ ائين چئي، هن وري توب کي پنهنجي هنج ۾ هيڏي هوڏي ڦيرائڻ شروع ڪيو.
”بيگم مون کي هٿ ڏي ته مان ان کي چمان.“ سندس مڙس کيس چيو. هو جلدي مان وٽس ويو ۽ سندس هٿ کي چمي ڏنائين.
”مان اهڙو حليم طبع ڇوڪرو ڪونه ڏٺو آهي، جهڙو ڪراسوتڪين.“ شڪرگذار عورت ان ڏانهن اشارو ڪري چيو. اليوشا، مان تنهنجي لاءِ ايترو گهڻو بارود آڻيندس، جيترو تو چاهيو. اسان بارود هاڻي پاڻ ٺاهيندا آهيون. بروويڪوف سمجهي ورتو آهي، ته اهو ڪيئن ٺاهيو ويندو آهي. چوويهه حصا شورو، ڏهه حصا گندرف ۽ ڇهه حصا، بيد جي وڻ جو ڪوئلو، هنن سڀني کي پاڻ ۾ ڪـُـٽجي ۽ مٿانئن ٿورو پاڻي ڇٽڪارجي ته هڪ خميرو بڻجي ويندو. ان وقت ان کي صاف ڪجي، بس بارود تيار ٿي ويو.
”سميوروف مون سان تنهنجي بارود جي ڳالهه ڪئي هئي، پر منهنجي پيءُ چيو ٿي، ته اهو نج بارود نه آهي.“ اليوشا هڪدم چئي ڏنو.
”اهو سچو بارود نه آهي“، ڪوليا ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ”اهو جلي ته ٿو. ٿي سگهي ٿو، ته مون کي ان جي خبر نه هجي!“
”نه، منهنجو اهو مطلب نه آهي.“ ڪپتان پنهنجي چهري کي گنهگار بڻائيندي چيو. ”مان فقط اِيئن ٿي چيو، ته اهو نج بارود نه آهي. ڇو ته اهو اِيئن نه ٺاهيو ويندو آهي. پر هن ۾ ڪابه ڳالهه نه آهي، اِيئن به ٺاهيو ويندو هوندو.“
”مون کي خبر نه آهي. اوهان وڌيڪ ڄاڻندا هوندا، اسان بارود کي هڪ شيشيءَ ۾ باهه ڏنيسون، هو چڱيءَ ريت سڙي ويو ۽ شيشي جي تري ۾ رک ٿوري وڃي بچي. اهو به فقط خميري جي سبب کان ٿيو هو. جيڪڏهن ان کي وڌيڪ صاف ڪيو وڃي، ته شايد اها به نه رهي.... بهرحال اوهان مون کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا........ مون کي گهٽ خبر آهي. بلڪن جي پيءُ هن بارود جي ڪري کيس گهڻو ماريو هو. تون ٻڌين به ٿو؟“ هو اليوشا ڏي ڦريو.
”هائو“ اليوشا کيس جواب ڏنو. هو ڪوليا جي گفتگوءَ کي وڏي سنجيدگيءَ سان ٻڌي رهيو هو.
اسان اُن جي سڄي بوتل تيار ڪئي هئي ۽ هو هميشھ ان کي پنهنجي بستري ۾ رکندو هو. سندس پيءُ ان کي ڏٺو. هن کيس چيو ته ٿي سگهي ٿو، ته هيءُ ڦاٽي پوي ۽ اتي ئي کيس سخت تنبيهه ڪيائين. هو منهنجي خلاف، ماسترن وٽ وڃي شڪايت ڪرڻ وارو هو. هاڻي هن کي اجازت نه آهي، ته مون سان گڏ گهمي. سميوروف کي به ساڳي اهڙي ريت اجازت ته نه آهي. منهنجو نالو سڀ ڪنهن وٽ بدنام آهي. سڀئي چون ٿا، ته مان بي خوف ڪردار وارو آهيان. ڪوليا نفرت مان مشڪڻ لڳو. هيءُ سڀ ڪجهه ان ريلوي واري واقعي کان پوءِ ٿيو.
”اڙي! اسان تنهنجي هن بي خوفيءَ واري حادثي کي ٻڌو آهي.“ ڪپتان چوڻ لڳو. ”تون ڪهڙي ريت ريل جي بند تي ليٽي پيو هئين؟ ڇا اهو ٿي به سگهيو ٿي، ۽ توکي ڪوبه خوف نه ٿيو. سو به ريل گاڏيءَ جي هيٺان. تون ڊڄين نه پيو؟“
”خاص طرح نه“. ڪوليا بي پرواهيءَ سان کيس جواب ڏنو. ”پر منهنجي شهرت کي سڀ کان وڌيڪ جنهن ڌڪ هنيو، اها، هوءُ بدبخت هئي.“ هن اليوشا ڏي منهن کي ڦيرائيندي چيو. جيتوڻيڪ سندس ڳالهائڻ مان بي تعلقي ٿي ڏٺي، پر ان هوندي به هو پاڻ تي ضابطو نه ڪري سگهيو هو. سلسلي جي طور تي، هو ان حقيقت کي وساري چڪو هو، جا کيس چوڻي هئي.
”هائو، مان ان بدڪ جي لاءِ ٻڌو آهي“. اليوشا کليو ۽ مٿي کان وٺي پيرن تائين چمڪڻ لڳو. هنن مون کي ڪجهه ٻڌايو، پر مان سمجهي نه سگهيس. ڇا سچ پچ هو توکي ڪورٽ ڏي وٺي ويا هئا؟
”نهايت ناداني ۽ خطري وارو واقعو. هن ڪئي جي ٻر کي دستور موجب جيئن ٿيندو آهي، جبل بڻائي ڇڏيو.“ ڪوليا بي پرواهيءَ سان ڳالهائڻ لڳو. مان هڪ ڏينهن هتي مارڪيٽ ۾ پئي گهميس. بلڪل ان وقت بدڪ ڊڪندي آئي، جنهن کي ڪي ڊڪائيندا آيا. مان ترسيس ۽ انهن کي ڏسڻ لڳس. اوچتو انهن جوانن مان هڪ جو پلاٽنيڪوف جي دڪان تي پيادي جو ڪم ڪندو آهي، مون کي نهارڻ لڳو ۽ چيائين ته ”تون هن قاز کي ڇو ڏسي رهيو آهين؟“ مان هن ڏي ڏٺو، هو هڪ گول چهري وارو، ويهن ورهين جي عمر وارو بيوقوف نوجوان ٿي ڏٺو. مان هميشھ هارين جو طرفدار رهيو آهيان، توکي ان جي خبر آهي. مون کي هارين سان ڳالهائڻ پسند ايندو آهي....... اسان هارين کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي، اهو هڪ مسئلو آهي. مان سمجهان ٿو ته تون کلي رهيو آهين، ڪرامازوف!
”خدا بخشي، مان ڪٿي کلي رهيو آهيان؟“ اليوشا کيس نهايت مروت سان چيو ۽ حساس ڪوليا کي تسلي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳو ته:
”ڪرامازوف، منهنجو نظريو صاف ۽ سادو آهي. هو تڪڙ مان ڳالهائيندو ويو ۽ خوش ٿي ڏٺو. مان هميشھ ماڻهن ۾ اعتبار رکندو آهيان ۽ مان خوش هوندو آهيان، ته انهن کي سندن لائق عزت ڏيندو رهان، پر مان ڪڏهن به کين خراب ڪرڻ وارو نه آهيان. هيءُ بي لذت گناهه آهي..... پر مان توکي قاز لاءِ ٻڌائي رهيو هوس. مان ان بيوقوف ڏي مڙيس ۽ جواب ڏنومانس، ته ”مون کي عجب ٿو لڳي، ته هيءُ قاز هن وقت ڇا سوچي رهيو آهي؟“ هن مون ڏي بلڪل بيوقوفن وانگر ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، ته ”قاز ڇا سوچي رهيو آهي؟“ مان کيس چيو ته، ”تون هيءَ گاڏي جـَـوَن سان ڀريل ڏسين ٿو؟ جـَـوَ گاڏي جي چيرن مان ڪري رهيا آهن ۽ قاز ڦيٿن مان پنهنجيءَ ڳچيءَ کي ورائي، انهن کي چڳڻ گهري ٿو. تون اهو ڏسين ٿو؟ ”مان هيءُ چڱي ريت ڏسان ٿو. هن چيو.“
”ٺيڪ آهي“. مان چيومانس، ”جيڪڏهن گاڏي ٿوري اڳتي چري، ته قاز جي ڳچي ڀڄي پوندي يا نه؟“ يقيناً هيءَ ڀڄي پوندي. هن جي سڄي چهري ۾ فڪر کان گهنج پئجي ويا ۽ هو خوش ٿيڻ لڳو. مان کيس چيو ته ”تڏهن اڄ ته ڪا ڪوشش ڪريون.“ هن سوچڻ ۾ اسان کي ڪابه دير نه لڳي. هو گهوڙي جي واڳن وٽ بيٺو هو ۽ کيس ڪنهن به نه ٿي ڏٺو. مان سنئون سڌو قاز جي سامهون بيٺو هوس. قاز جي مالڪ اسان کي نه ٿي ڏٺو. هو ڪنهن ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۾ مشغول هو. منهنجو هن ۾ ڪو به واسطو نه هو. قاز پنهنجي مٿي کي پنهنجي مرضيءَ سان جـَـوَنَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڦيٿي مان لنگهائي ڇڏيو هو. مان ان ڇوڪريءَ تي اک ڇنڀي، هن واڳن کي ڇڪيو ۽ ٽڪر جو آواز ٿيو. قاز جي گردن ڀڄي پئي. هيءَ نصيب جي ڳالهه هئي، ته سڀني هارين هن نظاري کي ڏٺو ۽ هنن هڪ گوڙ ۽ غل مچائي ڏنو. ”تو هيءُ ڄاڻي واڻي ڪيو آهي.“ ”نه منهنجو هن ۾ ڪوبه مطلب نه هو.“ چڱو هنن رڙ ڪري چيو، هن کي جج وٽ وٺي هلو. هنن مون کي به پاڻ سان ورتو. هنن چيو ته تون به هن سان هئين. ته به هن جي مدد نه ڪئي آهي ۽ تون سڄي مارڪيٽ ۾ مشهور آهين. سچ پچ ڪن سببن جي ڪري مان سڄي مارڪيٽ ۾ مشهور به آهيان. ڪوليا هن حقيقت کي پنهنجي خودداري ڏيکاريندي چوندو ويو. اسان سڀئي جج وٽ وياسون، هو قاز کي به پاڻ سان کڻي آيا هئا. هن نوجوان پنهنجو هوش وڃائي ڇڏيو هو ۽ رنن وانگر روئي ۽ رڙي رهيو هو. هوڏانهن هاري رڙيون ڪري چئي رهيا هئا، ته اهڙي ريت تون الائجي ڪيترا قاز ماري ڇڏيندين. هنن وٽ شاهد به هئا. جج سڄو معاملو هڪ منٽ ۾ پورو ڪري ڇڏيو ۽ فيصلو ڏنائين، ته قاز جي بدلي ۾ هڪ روبل ڏنو وڃي ۽ ان سان گڏ تاڪيد ڪيائين، ته وري اهڙي شرارت نه ڪئي وڃي. پر هو نوجوان اڃا به دبري رهيو هو، ته منهنجو هيءُ ڏوهه نه آهي. پر هن جو آهي، جنهن مون کي صلاح ڏئي، هن ڪم لاءِ تيار ڪيو هو. هن مون ڏي اشارو به ڪيو. مان پوري زور سان انڪار ڪيو، ته مان هن کي انهيءَ ڳالهه لاءِ ڪڏهن به تيار نه ڪيو هو. مان کيس فقط هڪ عام راءِ پيش ڪئي هئي، جو هڪ فرضي گفتگو هئي. جج هي ٻڌي مشڪيو ۽ پنهنجي مشڪڻ تي به پريشان ٿي ويو. مان تنهنجي ماسترن کي تنهنجي روش لاءِ آگاهه ڪندس، انهيءَ لاءِ ته جيئن تون هن عام تجويزن تي پنهنجو وقت وڃائيندو نه رهين. توکي پنهنجي ڪتابن پڙهڻ سان شوق رکڻ گهرجي. هن ماسترن کي منهنجي ڪابه دانهن نه ڏني ۽ هيءُ سڄو مذاق هو. پر هيءُ معاملو پري تائين پکڙجي ويو ۽ ماسترن تائين وڃي پهتو. هنن جا ڪـَـنَ ته وري ڊگها ٿيندا آهن. توکي ته هيءَ خبر آهي! اسان جي قديم ادب جي پڙهائڻ وارو استاد ڪالباسنيڪوف کي هيءَ ڳالهه ٻڌي وڏو صدمو پهتو. پر ڊارڊانيلوف وري به منهنجي بچاءَ ۾ اچي مون کي ڪڍائي ويو. پر ڪالباسنيڪوف سڀ سان اهڙو وحشياڻو طريقو استعمال ڪندو آهي. توکي خبر آهي اليوشا، ته هن هاڻي شادي ڪئي آهي ۽ کيس هڪ هزار روبل جو ڏاج مليو آهي. پر سندس ڪنوار، غير معمولي طور تي اول کان آخر تائين ڀوائتي آهي. ٽئين ڪلاس جي شاگرد، سندس محبوبا شعر لکيو آهي: نهايت مزيدار آهي. مان اهو تو وٽ پوءِ کڻي ايندس. مان ڊارڊانيلوف جي خلاف ڪجهه به نه چوندس. هن ۾ شڪ نه آهي، ته هو عالم آهي. مان اهڙن ماڻهن جي عزت ڪندو آهيان. اها انهيءَ لاءِ نه آهي ته هن منهنجي بچاءُ ۾ ڪم آيو هو.“
”پر تو ته هن کي ٽراءِ جي آباد ڪرڻ وارن جي سوال تي جهڪائي ڇڏيو هو.“ سميوروف هيءُ سوال کانئس اوچتو پڇيو. هو غلطيءَ کان ان وقت ڪراسوتڪين تي ناز ڪري رهيو هو. هو قاز جي آکاڻيءَ کي ٻڌي نهايت خوش ٿيو هو.
”سچ پچ تو کيس هن سوال ۾ منجهايو هو؟“ ڪپتان خاص نوع ۾ سندس خوشامد ڪندي چيو. ”هيءُ سوال ته ٽراءِ جو ڪنهن بنياد رکيو هو.“ اليوشا مون کي ان وقت هيءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي هئي. ”هيءُ سڀڪجهه ڄاڻي ٿو پيءُ. اسان سڀني کان گهڻو ڄاڻي ٿو. هيءُ اهڙيءَ ريت فقط نمونو ڪري رهيو آهي. پر هيءُ سڄي مضمون کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو........“ ڪوليا بيحد خوشيءَ مان اليوشا ڏي نهاريو.
”اڙي! ٽراءِ جي بابت هي سڄي بيوقوفي آهي. هڪ واهيات حقيقت، مان هن کي غير ضروري سوال سمجهندو آهيان.“ ڪوليا نيازمنداڻي طريقي سان چيو. هن هاڻي پوري ريت پنهنجي شان کي وري حاصل ڪري ورتو هو. جيتوڻيڪ هو اڃا تائين ٿورو بي آرام به نظر ٿي آيو. هن محسوس ٿي ڪيو، ته هو قاز جي گفتگو ڪرڻ وقت وڏي جوش ۾ اچي ويو هو ۽ سڄي ڳالهه کي هن غير محدود طور تي ٻڌائي ڇڏيو هو. هوڏانهن اليوشا نهايت محتاط ٿي ڏٺو ۽ سموري وقت ۾ هڪ به لفظ نه ڳالهايو هئائين. هيءُ ڏسي ان عجيب ڇوڪري سوچڻ شروع ڪيو، ته اليوشا انهيءَ لاءِ چپ هو، جو هن کيس نفرت سان ٿي ڏٺو ۽ انهيءَ ئي خيال جو هو اظهار ڪري رهيو هو. جيڪڏهن هن اهڙيءَ ريت سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڪوليا ضرور........
”هن سوال کي مان واهيات سمجهان ٿو“، هن وري غرور مان چيو.
”مان ڄاڻان ٿو، ته ٽراءِ کي ڪنهن آباد ڪيو هو؟“ . هڪ ڇوڪري، جنهن اڳ ۾ ڳالهايو ئي نه هو، اوچتو چئي ڏنو ۽ سڀئي عجب ۾ پئجي ويا. هو خاموش هو ۽ شرميلو ٿي ڏٺو. هو يارنهن ورهين جو حسين ڇوڪرو هو، جنهن کي ڪارٽاسوف ٿي سڏيائون. هو دروازي جي ڀرسان ويٺو هو. ڪوليا کيس وڏي شان واري عجب مان ڏٺو.
حقيقت هيءَ هئي، ته ٽراءِ جي آباد ڪندڙن جو مسئلو، سڄي اسڪول لاءِ هڪ راز بڻجي چڪو هو. جو راز فقط سماراگڊوف جي پڙهڻ سان حل ٿي پئي سگهيو. ڪنهن وٽ به، ڪوليا کان سواءِ سماراگڊوف موجود نه هو. هڪ ڏينهن جڏهن ڪوليا جي پٺ ڦريل هئي، ڪارٽاسوف، تڪڙ مان سماراگڊوف کي کوليو، جو ڪوليا جي ڪتابن ۾ هو، هن جلديءَ مان ان ٽڪري کي پڙهي ورتو، جنهن ۾ ٽراءِ جي بانين جو احوال هو. هن کي چڱو وقت گذريو هو، پر ان هوندي به کيس بي چيني هئي ۽ ظاهر ظهور، هو پاڻ کي پڌرو ڪري نه ٿي سگهيو، ته کيس به اها خبر آهي ته ٽراءِ جا باني ڪير هئا؟ کيس خوف پئي ٿيو ته ڪراسوتڪين کي ندامت ۾ وجهڻ کان پوءِ، الائجي ڪهڙو نتيجو نڪري؟ پر هاڻي هو پاڻ کي روڪي نه سگهيو، هو هفتن کان هن حقيقت جو منتظر هو.
”ٺيڪ آهي، ڪنهن هن کي آباد ڪيو هو؟“ ڪوليا کانئس پڇيو ۽ هو ان ڏانهن متڪبراڻي نفرت سان ڦريو. هن سندس منهن مان سمجهي ورتو هو، ته سچ پچ کيس اها حقيقت معلوم آهي ۽ هن هڪدم هن معاملي کي هٿ ۾ کنيو، ڪهڙيءَ ريت ان سان نبري اچي. ان ڪري هن معاملي بابت سريلي آوازن ۾ عام طور اختلافي حالت پيدا ٿي وئي.
”ٽراءِ کي ٽيوسر، داردانيوس، اليوس ۽ ٽراس آباد ڪيو هو.“ ڇوڪري ٺهه پهه جواب ڏنو. ساڳي وقت هو شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو. هو ايترو ته ڳاڙهو ٿي ويو هو، جو هن ڏي نهارڻ به ڏک جهڙو هو. پر ٻارن کيس عجب مان نهارڻ شروع ڪيو ۽ هو هڪ منٽ لاءِ کيس نهاريندا رهيا. هاڻي هي سڀئي نگاهون ڦريون ۽ ڪوليا تي ڄمي ويون. هو اڃا تائين ان بيباڪ ڇوڪري کي توري رهيو هو ۽ کيس نفرت مان نهاري رهيو هو.
”هنن ان شهر کي ڪهڙي مقصد سان آباد ڪيو هو؟“ هن آخر ان تي غير ضروري تنقيد شروع ڪئي، ته ”مون کي تون ٻڌاءِ، ته ڪهڙي مقصد لاءِ هڪ شهر يا رياست آباد ڪئي ويندي آهي؟ اهي ڇا ڪندا آهن، تنهنجي نظر ۾ هو هڪ هڪ سر ان تي رکندا ويندا آهن؟“
هاڻي کـَـلَ بچي وئي. دل آزار ڇوڪري جو رنگ سرخ مان واڱڻائي بڻجي ويو. هو چپ ٿي ويو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ڪوليا هڪ منٽ کيس ڇڏي ڏنو.
”جڏهن تون هڪ تاريخي حقيقت تي ڳالهائين، مثلاً: ڪنهن قوميت جي بنياد بابت، ته توکي پهريون اهو سمجهڻ گهرجي ته تنهنجو انهيءَ حقيقت مان مقصد ڇا آهي؟“ هن پنهنجي سخت ۽ نفرت ڀري آواز ۾ چيو. ”پر مان پوڙهين زالن جي آکاڻين ۾ پاڻ کي نه ڦاسائيندو آهيان ۽ مان عام طرح دنيا جي تاريخ تي نه سوچيندو آهيان.“ هن بي پرواهيءَ سان عام طرح حاضر مجلس کي خطاب ڪندي چيو.
”تاريخ عالم؟“ ڪپتان کانئس پڇيو ۽ هوُ حيرت مان کيس نهارڻ لڳو.
”هائو تاريخ عالم، ان جو مطالعو، انسانيت جي ڪامياب بيوقوفين جو داستان آهي ۽ اُن کان وڌيڪ ڪجهه به نه. مون کي جي مضمون پسند ايندا آهن، اُهي آهن حساب ۽ طبعي سائنس.“ ڪوليا جواب ڏنو. هوُ پنهنجو مظاهرو ڪري رهيو هو ۽ هڪ چور نگاهه سان اليوشا کي ڏٺائين. کيس فقط اُن جي ئي راءِ کان خوف پئي ٿيو. پر اليوشا اڳي وانگر اڃا به خاموش ٿي ڏٺو. جيڪڏهن اليوشا هڪ لفظ به چئي ها، ته هوُ خاموش ٿي وڃي ها، پر اليوشا اڃا به خاموش هو. شايد هيءَ خاموشي نفرت کان هئي. جنهن آخر ڪوليا کي جوش ۾ آڻي وڌو.
”قديم ٻوليون پڻ.......... هيءُ جنون کان مٿي ڪجهه نه آهن. مان ڏسان ٿو ته مون سان وري به متفق نه آهين ڪرامازوف؟“
”مان توسان متفق نه آهيان،“ اليوشا منجهيل مشڪ سان چيو.
”قديم زبانن جو مطالعو“، جيڪڏهن تون منهنجي راءِ پڇندين، ته هڪ پوليسي ڪارنامو آهي. اهوئي سبب آهي، جو انهن کي اسان جي اسڪولن ۾ رائج ڪيو ويو آهي. درجي بدرجي ڪوليا جو دم کڄڻ لڳو ۽ هن وري چيو ته ”لئٽن ۽ يوناني انهيءَ لاءِ رائج ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته هيءُ بيزار ڪندڙ آهن ۽ ذهنن کي بيوقوف بڻائين ٿيون. هوُ اڳي ئي خشڪ شيون آهن، ان ڪري وڌيڪ خشڪ بڻائين ٿيون. هوُ اڳي ئي سمجهه کان ٻاهر آهن، ان ڪري سندن اهم ڪم آهي، ته وڌيڪ بي سمجهه بڻائين. انهيءَ ڪري ئي انهن شين کي رواج ڏنو ويو آهي. منهنجي راءِ اها آهي، جنهن کي ڪڏهن به نه بدلائيندس. ڪوليا پنهنجي تقرير کي ختم ڪيو ۽ سندس ڳل سرخ بڻجي ويا.
”هي سچ آهي“. سميوروف پنهنجي قبوليت ڏيندي، اوچتو جواب ڏنو. سندس آواز فيصلو ڪندڙ هو. هن سڄي حقيقت کي ڌيان ڏيئي ٿي ٻڌو.
ٻارن جي جماعت مان ڪنهن اوچتو چئي ڏنو، ته ”اُن هوندي به هوُ لئٽن ۾ پهريون نمبر آهي.“
”هائو پيءُ، هيءُ اِيئن ته چوي ٿو، پر لئٽن ۾ پهريون نمبر آهي.“ اليوشا پنهنجي خيال کي ظاهر ڪيو.
”انهيءَ ۾ ڇا ٿي پيو.“ ڪوليا پنهنجي بچاءَ کي اهڙيءَ ريت قائم رکندي چيو. جيتوڻيڪ سندس ساراهه به نهايت شيرين هئي. مون کي لئٽن لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ ڪرڻي به اٿم، ڇو ته مان پنهنجي ماءُ کي چيو آهي، ته امتحان کي پاس ڪندس، ان ڪري مان خيال ڪريان ٿو، ته اسان کي جو ڪجهه به ڪرڻو هجي، اهو چڱيءَ ريت ڪجي. پر منهنجي روح ۾ هنن قديم ٻولين جي لاءِ مڪمل نفرت آهي ۽ هيءُ سڄو فريب آهي....... تون مون سان متفق نه آهين. ڪرامازوف!“
”ڇو فريب؟“ اليوشا وري مشڪيو.
”صحيح، سڀني قديم مصنفن سڀني ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي، ان ڪري قديم زبانن جي مطالعي لاءِ لئٽن کي اسڪولن ۾ رائج نه ڪيو ويو آهي، پر پوري ريت ضابطي کي رکڻ لاءِ ۽ ذهن ۾ مونجهاري کي پيدا ڪرڻ لاءِ اِيئن ڪيو ويو آهي. پوءِ هن کي فريب نه چئجي، ته ٻيو ڇا چئجي؟“
”هي سڀئي ڳالهيون توکي ڪنهن سيکاريون آهن؟“ اليوشا وڏي آواز ۾ کيس چيو. واقعي هو عجب ۾ پئجي ويو هو.
پهريائين ته مان خود خيال ڪرڻ جي لائق آهيان ۽ مون کي سيکاريو نه ويندو آهي. ان کان سواءِ، مون هتي جي قديم زبانن لاءِ پنهنجو خيال پيش ڪيو آهي، اها اسان جي استاد ڪوليا سنيڪوف جي ترجماني آهي. جا هن ٽئين ڪلاس کي ٻڌائي هئي.“
”ڊاڪٽر اچي ويو“. نينا رڙ ڪري چيو. هو سمورو وقت خاموش ويٺي هئي. بيگم هائلڪوف جي گاڏي، دروازي تي پهچي وئي هئي. ڪپتان جو صبح کان وٺي ڊاڪٽر جي انتظار ۾ هو، هڪدم کيس ملڻ لاءِ ڊوڙيو. اليوشا جي ماءُ پاڻ کي سميٽيو، پنهنجي شان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. اليوشا، اليوشا ڏي ويو ۽ سندس وهاڻن کي ٺاهڻ لڳو. نينا پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي، هن جو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ بستري کي ٺاهڻ لڳي. ڇوڪرن تڪڙ مان موڪلايو. ڪن واعدو ڪيو، ته هو شام جو موٽي ايندا. ڪوليا پريزيوان کي سڏيو ۽ ڪتو بستري تان ٽپو ڏيئي لٿو.
”مان نه ٿو وڃان، مان نه ٿو وڃان.“ ڪوليا، اليوشا کي جلدي مان چيو. ”مان گهٽيءَ ۾ ترسان ٿو. جڏهن ڊاڪٽر ويندو، ته مان پريزيوان سان گڏجي موٽي ايندس.“
پر ان وقت ڊاڪٽر اندر داخل ٿي چڪو هو. سندس شخصيت ڏسڻ جهڙي هئي. ننڍيون ڪاريون مڇون ۽ کاڏي ڪوڙيل، کيس رِڇَ جي کـَـل جو ڪوٽ پهريل هو. جيئن هي چانئٺ ٽپي اندر آيو، هو روڪجي ويو. هو عجب ۾ پئجي ويو، ته هو غلط جاءِ تي ته نه آيو آهي. هيءُ ڇا آهي؟ مان ڪٿي آيو آهيان؟“ هن آهستگيءَ سان چيو، نه هن ڪوٽ کي لاٿو نه ڊگهي سيل مڇي واريءَ ٽوپيءَ کي هٿ لاتو. سندس سامهون ماڻهن جو ميڙ هو ۽ غربت زده ڪمرو. ڌوتل ڪپڙا هڪ ڪنڊ ۾ لڙڪي رهيا هئا. هنن سڀني ڳالهين کيس مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. ڪپتان وڌيڪ جهڪي ويو ۽ کيس جهڪي سلام ڪرڻ لڳو.
”هتي سائين! هتي سائين!“ هن پرسوز آواز ۾ چيو، اوهان هتي صحيح جاءِ تي آيا آهيو. اوهان کي اسان ڏي ئي اچڻو هو.........“
”سيني-گيروف؟ ڊاڪٽر وڏي آواز ۾ چيو. مسٽر سينيگيروف، ڇا اوهان ئي آهيو؟“
”هائو سائين ،مان اهوئي آهيان.“
”اڙي .“
ڊاڪٽر مونجهاري مان وري ڪوٺيءَ جي چوڌاري ڏٺو. هن پنهنجو ڪوٽ لاٿو. سڀني ماڻهن جي سامهون سندس گردن جو سينگار ظاهر ٿيو. ڪپتان پشمي ڪوٽ کي جهليو ۽ ڊاڪٽر پنهنجي ٽوپيءَ کي هٿن ۾ جهليو.
”مريض ڪٿي آهي؟“ هن انتظار مان پڇيو.

باب ڇهون: بي وقت خيال جي نشوونما

”تون ڇا ٿو خيال ڪرين ته ڊاڪٽر هن کي ڇا چوندو؟“ ڪوليا جلديءَ مان کانئس پڇيو. ”ڪيڏو نه نفرت انگيز بيوقوف، شايد هو نه به هجي؟ مان دوا کي ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگهندو آهيان!“
”اليوشا مري رهيو آهي، مان خيال ٿو ڪريان، ته هن جو يقين آهي.“ اليوشا ماتمي آواز ۾ چيو.
”هيءُ بدمعاش آهن! دوا رڳو فريب آهي! مون کي خوشي ٿي آهي، ته توسان واقفيت پيدا ٿي آهي. هونئن ته ڪرامازوف، مان توکي گهڻي وقت کان سڃاڻندو هوس. مون کي ڏک آهي، ته اسان ڪيڏي نه اندوهناڪ اسباب هيٺ هڪٻئي سان گڏيا آهيون.
ڪوليا جي طبعيت چاهيو ٿي، ته وڌيڪ ڪجهه گرمجوشيءَ سان چوي ۽ ان جو اظهار ڪري، پر هو پريشانيءَ کان چئي نه سگهيو. اليوشا ان کي محسوس ڪيو، مشڪيو ۽ سندس هٿ کي زور ڏنائين.
”مان گهڻي وقت کان ڄاتو ٿي، ته مان تنهنجي هڪ غير معمولي انسان جي حيثيت ۾ عزت ڪريان.“ڪوليا وري ڳالهايو ۽ سندس گفتگوءَ مان يقين پوري ريت نه ٿي ڏٺو. ”مان ٻڌو هو، ته تون صوفي آهين ۽ مڙهيءَ ۾ رهندو آهين. مان ڄاتو ٿي ته تون صوفي آهين، پر..... پر انهيءَ حقيقت مون کي توکان دور نه اڇلايو هو. صحيح زندگيءَ جي تعلق سان اصلاح اچي ويندي..... تو جهڙن ڪردارن سان هميشه ايئن ئي ٿيندو رهندو آهي.“
”تنهنجو مطلب صوفيءَ مان ڇا آهي؟ هو مون کي ڪهڙي شيءِ لاءِ اصلاح ڪندو.“ اليوشا هيءُ ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو هو.
”خدا ۽ ماسوي الله.“
”ڇو تون خدا ۾ ايمان نه ٿو رکين؟“
”مان خدا جي خلاف نه آهيان. بيشڪ خدا هڪ غيب جي ڳالهه آهي، پر..... مان هن ڳالهه جو قائل آهيان، ته ان جي گهرج آهي. هن ڪائنات جي انتظام ۽ ٻين ڳالهين لاءِ سندس ضرورت آهي.... جيڪڏهن خدا نه هجي ها، ته ان جي ڳولها ٿئي ها.“ ڪوليا ايئن چوندي ڳاڙهو ٿي ويو. هو اوچتو پريشان ٿي ويو، ته اليوشا سمجهندو ته هي پنهنجي علم جو اظهار ڪري، پنهنجي بزرگي ٿو ثابت ڪري. جنهن ۾ هن پنهنجي توهين ٿي سمجهي. هن خيال ايندي ئي سندس چهري تي آشفتگي ظاهر ٿي. چوڻ لڳو ته:
”مون کي هي اعتراف آهي، ته ڪنهن به بحث ۾ مون کي نه اچڻ گهرجي.“ هن پنهنجو قطعي فيصلو ڏيندي چيو. ”هي به ٿي سگهي ٿو ته جو ماڻهو خدا کي نه ٿو مڃي، اهو انسان ذات جو دوست هجي. ڇا تنهنجو اهو خيال نه آهي؟ والٽيئر خدا کي نه مڃيندو هو، پر انسان ذات جو دوست هو.“ (هن ڳالهائيندي، دل ۾ خدا بابت خيال ڪيو ته مان وري هن بحث ۾ اچي ويو آهيان).
”والٽيئر خدا کي مڃيندو هو، پر صفائي سان نه. منهنجو اهو خيال آهي. جيتري قدر مان ڄاڻان ٿو، ته ٻي طرف هو انسان ذات سان ايڏو پيار نه رکندو هو.“ اليوشا خاموشيءَ سان کيس جواب ڏنو. جنهن ۾ نرمائي هئي ۽ جواب فطرتي ٿي ڏٺو. معلوم پئي ٿيو ته هو ڄڻ ته پنهنجي هم عمر سان ڳالهائي رهيو آهي يا اڃا به پاڻ کان ڪنهن وڏي عمر واري سان. ڪوليا تي جنهن ڳالهه وڌيڪ اثر ڪيو، سا هئي ته کيس ۽ والٽيئر(1) جي راءِ بابت، پنهنجي نفس تي پورو پورو اعتماد هو. هن سڄي سوال کي ڇڏي ڏنو هو، ته ڀلي ڪوليا ان بابت پاڻ فيصلو ڪري.
”تو والٽيئر کي پڙهيو آهي؟“ اليوشا ڳالهه کي ختم ڪيو.
”نه، مان ايئن نه چئي سگهندس، ته ان کي پڙهيو اٿم، پر مان سندس تصنيف ”ڪانڊيڊ کي پڙهيو اٿم، سو به روسي ترجمي ۾........ جو هڪ واهيات، کل جوڳو، پراڻو ترجمو آهي.......“ (ورائي، ورائي پڙهيو اٿم).
”تون ان کي سمجهي سگهيو آهين؟“
”بلڪل چڱيءَ ريت..... پر اوهان ايئن ڇو ٿا سمجهو، ته مان ان کي سمجهي نه سگهيو هوندس؟ ان ۾ واقعي گهڻو مونجهارو آهي. مان اهو به ڄاڻان ٿو، ته هو هڪ فلسفياڻو ناول آهي ۽ هن پنهنجي هڪ فڪر جي تبليغ ڪرڻ گهري آهي.“ ڪوليا هاڻي ساڻس رلڻ ملڻ ٿي گهريو. ”مان سوشلسٽ آهيان ڪرامازوف، مان هڪ سوشلسٽ آهيان، جنهن ۾ ڪابه اصلاح اچي نه ٿي سگهي. ڪوليا هيءَ ڳالهه اوچتو چئي ڏني ۽ بنا ڪنهن مقصد جي.
”تون سوشلسٽ!“ ، اليوشا کليو. توکي وقت ئي ڪٿان مليو، جو تون ايئن بڻجي وئين؟ مان خيال ڪريان ٿو، ته تون تيرنهن ورهين جو هوندين؟“
ڪوليا اک کي ٻوٽي ۽ کوليو.
پهريائين ته مان تيرنهن ورهين جو نه آهيان، پر چوڏنهن ورهين جو. پندرنهن ڏينهن کان پوءِ، مان چوڏنهن ورهين جو ٿيندس.“ هو غصي مان گلنار ٿي ويو. ٻي ڳالهه ته مان هن سمجهه کان ته وڏي نقصان ۾ اچي ويندس ته منهنجي عمر جو هنن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو؟ سوال آهي ته منهنجو ڪهڙو اعتقاد آهي، ته اها ڳالهه منهنجي عمر ڪيتري آهي؟ ڪيئن هيءُ صحيح آهي نه؟
”جڏهن تون وڏو ٿيندين، ته توکي خبر پوندي ته اعتقاد جو عمر سان ڪهڙو واسطو آهي؟ مون کي پاڻ حيرت ٿي لڳي، ته تون ٻين جي خيالن کي ظاهر ڪري رهيو آهين.“ اليوشا کيس پيار ۽ سنجيدگيءَ سان چيو. پر ڪوليا گرم ٿي وچ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”ڇڏ، توکي تابعداري ۽ تصوف کپي. توکي هيءُ قبول ڪرڻ گهرجي، ته عيسائي مذهب مثال طور هاڻي فقط انهيءَ لاءِ ڪمائتو آهي، ته شاهوڪار ۽ طاقت وارا، هيٺانهين طبقي وارن کي غلام بڻائي رکن. ايئن برابر آهي نه؟“
”اڙي! مان ڄاڻان ٿو ته تو، هيءُ ڪٿان پڙهيو آهي؟ ڪهڙن بيوقوفن سان تنهنجي دوستي آهي؟ مون کي پڪ آهي، ته اها ڳالهه ڪنهن توکي ٻڌائي آهي.“ اليوشا زور سان کيس چيو.
”مان چوان ٿو ته تون ڪهڙي خيال کان ايئن چوين ٿو، ته مان اهو پڙهيو آهي؟ يقيناً مون کي نه وري ڪنهن ڪو ٻڌايو به آهي. منهنجو هيءُ پنهنجو خيال آهي..... مان حضرت عيسيٰ عليه السلام جو مخالف نه آهيان. هو انسان دوست شخصيت جو مالڪ هو. جيڪڏهن هو اڄ جيئرو هجي ها، ته انقلابين جي قطار ۾ سرواڻي ڪندو هجي ها. هن ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي.“
”اڙي، تو هيءُ ڪٿان معلوم ڪيو؟ ڪنهن بيوقوف توکي هيءُ سبق ڏنو آهي.“ اليوشا کيس جواب ڏنو.
”هاڻ، سچائي ظاهر ٿي پوندي! مون کي ريڪيٽن سان اڪثر ڳالهائڻ جو موقعو ملندو آهي، پر........ پوڙهي بلينسڪي به مون کي ائين ئي ٻڌايو هو.“
”بلينسڪي؟ مون کي ياد نه آهي. هن شايد ڪنهن جاءِ تي ايئن لکيو آهي.“
جيڪڏهن هن ايئن نه به لکيو هجي، ماڻهو چون ٿا ته هن ايئن چيو آهي. مان هڪڙي ماڻهو کي ايئن چوندي ٻڌو...... پر ان جي پرواهه نه آهي.
”پر تو ڪڏهن بلينڪسي(1) کي پڙهيو به آهي؟“
”نه..... مان سندس سڀ تصنيفون ته نه پڙهيون آهن.... پر مان سندس ٽٽيانا(1) مان هڪ ٽڪرو پڙهيو آهي. ڇا هوءَ آنيجئن سان هلي نه وئي هئي.“
”تون آنيجئن جي پويان نه وڃ. ڪڏهن به نه..... هيءُ اڳ ۾ ئي سمجهي ڇڏ؟“
”ڇا، تون مون کي ننڍڙو سميوروف ٿو سمجهين؟“ ڪوليا جوش مان چيو. پر مهرباني ڪري، مون کي انقلابي نه سمجهه. مان اڪثر ريڪيٽن تي افسوس کائيندو آهيان. جيتوڻيڪ مان ٽٽيانا جو ذڪر ڪيو آهي. پر مان زالن جي آزادي جو طرفدار نه آهيان، پر مان هن خيال جو آهيان ته زال، شرف ۾ مرد کان گهٽ آهي ۽ کيس اطاعت ڪرڻ کپي. نيپولين چيو هو، ته زال جو ڪم آهي اُڻڻ.”ڪوليا ڪنهن سبب کان مشڪيو. ذري گهٽ مان هڪ طرح، ان عظيم شخص جي نقطي سان متفق آهيان. مان پاڻ ايئن سمجهان ٿو، ته پنهنجو ملڪ ڇڏي، آمريڪا ڏي وڃڻ ڪيڏي نه بيوقوفي ۽ نالائقي آهي. آمريڪا ڏي وڃڻ مان فائدو؟ جڏهن هتي انساني خدمت لاءِ گهڻو ڪجهه موجود آهي. خاص ڪري اڄ ڪلهه ته ان جي گهڻي ضرورت آهي. اسان لاءِ تار آواز عمل جون گهڻيون ئي راهون کليل آهن. مان اهوئي جواب کيس ڏنو هو.“
”تنهن جو مطلب ڇا آهي؟ تو اهو جواب ڪنهن کي ڏنو هو؟ ڇا توکي ڪنهن صلاح ڏني آهي، ته تون آمريڪا وڃين؟“
مان هن ڳالهه جي تصديق ٿو ڏيان، ته مون کي اها صلاح ڏني ٿي وئي هئي، پر مان قبول نه ڪئي. اليوشا هيءُ ڳالهيون تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهن. هن حقيقت جي ٻي ڪنهن کي خبر نه ڪج. مان فقط توسان ئي، هنن حقيقتن جو اعتراف ڪيو آهي. مان نه ٿو چاهيان، ته مخفي پوليس جي چنبي ۾ ڦاسي پوان ۽ زنجير واري پل تي وڃي سبق وٺان.
”تون گهڻو وقت ياد ڪندين
زنجير واري پل تي ٺهيل گهر.“
توکي ياد آهي، اها عمدي جاءِ آهي. تون ڇو ٿو کلين؟ شايد تون اهو خيال ڪندو هوندين، ته مان ڪوڙ ڳالهائيندو هوندس. اوچتو ڪوليا وحشت زده ٿي چيو ته ڇا ٿي پوندو؟ جيڪڏهن هو اهو ڳولهي لهن ته منهنجي پيءُ جي ڪتابن جي ڪٻٽ ”بيل“ (1) جي هڪ اشاعت موجود آهي ۽ مان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه پڙهيو آهي.“
”اڙي نه، مان ڪٿي ٿو کلان ۽ ٿوري وقت لاءِ، تون اهو به فڪر نه ڪر، ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين. نه، نه، مان اهو خيال به نه ٿو ڪري سگهان. هنن سڀني ڳالهين لاءِ، افسوس! نهايت صحيح آهن. پر مون کي ٻڌاءِ تو پشڪن(2) کي پڙهيو آهي، اونجين ئي سهي... تو هاڻي ٽٽيانا لاءِ ڪجهه ٻڌايو.“
”نه، مان ان کي اڃا نه پڙهيو آهي. پر هاڻي مان ان کي پڙهندس. مان ڪنهن جي اثر هيٺ نه آهيان ڪرامازوف. مان ٻئي طرف ٻڌڻ گهران ٿو، پر توهان مون کان اهو سوال ڇو پڇيو؟“
”نه، ڪجهه به نه.“
ڪرامازوف مون کي ٻڌاءِ ته مون سان تنهنجي خطرناڪ نفرت ته نه آهي؟ ڪوليا اوچتو بي پرواهي ڏيکاريندي، اليوشا جي اڳيان پاڻ کي سڌو ڪيو، ڄڻ ته هو ڊرل ڪري رهيو هو. ”اجاين وهمن کي ڇڏي، تون مون کي مهرباني ڪري سچي ڳالهه ٻڌاءِ.“
”مون کي توکان نفرت آهي؟“ اليوشا عجب مان هن کي ڏٺو. ”ڇو ڀلا؟ مان فقط هن لاءِ غمناڪ آهيان، ته تو جهڙي هڪ دلڪش طبعيت، انهيءَ کان اڳي جو تون پنهنجي حياتي شروع ڪرين، هنن بيوقوفي جهڙين پيچيدگين ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندي.“
”منهنجي طبعيت لاءِ تون انتظار نه ڪر“، ڪوليا بنا ڪنهن اطمينان ڏيکارڻ جي وچ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”پر هيءُ به سچ آهي، ته مان بيوقوفيءَ جي حد تائين حساس آهيان. تو هاڻي مشڪيو هو، ان مان مون سمجهيو ته تون.....“
”اڙي منهنجي مشڪڻ جي ته معنيٰ ئي ڪا ٻي هئي. مان توکي ٻڌايان ٿو ته مان ڇو مـُـشڪيس؟ ڪو گهڻو وقت نه ٿيو، مان هڪ جرمن جي تنقيد کي پڙهيو هو، جو روس ۾ ٿي رهيو. سندس تنقيد اسان جي ملڪ جي شاگردن ۽ اڄ ڪلهه جي اسڪول جي ڇوڪرن تي هئي. جنهن جو عنوان هو، ”روسي اسڪول جي ڇوڪرن جو تماشو“ هن لکيو ته ستارن جو هڪ نقشو جنهن بابت هن کي قطعي ڪا خبر نه آهي، هو اوهان کان وٺندو ۽ ٻي ڏينهن جڏهن هو موٽائي ڏيندو، ته ان ۾ گهڻي تصحيح هوندي. ڪابه علميت ڪانه، پر خودرائي وڌيڪ. اهائي حقيقت آهي، جا ان جرمن، روسي اسڪولن جي ٻارن بابت ٻڌائي آهي.“
”ها، اِهو سورنهن آنا سچ آهي.“ ڪوليا اوچتو کلڻ لڳو. ”بلڪل ايئن، جرمن کي شاباش آهي، پر هن چڱائيءَ جي پاسي کي ڏٺو ئي نه آهي. ڪيئن ايئن آهي نه؟ خودرائي هوندي، اها جوانن وٽ هوندي ئي آهي، ڇو ته انهن وٽ ننڍپڻ کان روح جي آزادگي آهي. ان کان سواءِ خيال ۽ اعتقاد جي پختگي به. جيڪڏهن وٽن اصلاح جو ذوق هوندو، ته وٽن اصلاح اچي ويندي. هو جرمن نوجوانن وانگر وقت جي مسئلن بابت ڪڏهن به انڌي تقليد تي هريل نه آهن. پر ان هوندي به جو جرمن دوست چيو آهي، ان لاءِ کيس آفرين هجي. پر جرمني وارا چاهين ٿا، ته ساڳي وقت سندن گلي کي گهٽيو وڃي. جيتوڻيڪ هو سائنس ۽ ٻي علوم ۾ مٿانهون درجو رکن ٿا. پر سندن گلو گهٽيو وڃي.“
”ڇو، ڪهڙي ڳالهه لاءِ سندن گلو گهٽيو وڃي؟“ اليوشا مشڪندي چيو.
”خير مان بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهيان، مان اها ڳالهه قبول ٿو ڪريان. مان ڪڏهن ڪڏهن حد کان وڌيڪ ٻاراڻيون ڳالهيون ڪندو آهيان. جڏهن مان خوش هوندو آهيان، ته پاڻ کي روڪي نه سگهندو آهيان ۽ بي ربط ڳالهيون ڪندو آهيان. پر ڪن لائي ٻڌو، اسان هتي ڪين جهڙن مسئلن تي ڳالهائي رهيا آهيون. هن ڊاڪٽر به پنهنجي معائني کي پورو نه ڪيو آهي، شايد هو اليوشا جي ماءُ ۽ عاجز نينا جو به ملاحظه ٿو ڪري. مون کي هيءَ نينا ڏاڍي پسند آهي. جڏهن اسان ٻاهر ٿي آياسين، ته هن سرگوشي ڪندي مون کي چيو ته ”تون اڳ به ڇو نه آيو هئين؟“ سندس آواز ۾ ملامت ٿي ڏٺي. منهنجي نظر ۾ هو نيڪدل ۽ رحم جي لائق ڇوڪري آهي.“
”هائو، هائو. هاڻي تون اڪثر پيو ايندين ۽ توکي معلوم ٿي ويندو، ته هوءَ ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهي؟ اهڙن ماڻهن جي ڏسڻ مان تون گهڻو ڪجهه پرائي سگهندين.“ اليوشا گرمجوشيءَ مان چيو. ”اهڙين ڳالهين جو ٻين شين کان وڌيڪ اثر ٿيندو آهي.“
”ها، هاڻي مون کي ڪيڏو نه ڏک ۽ افسوس ٿو ٿئي، ته مان جلدي ڇو نه آيو هوس؟“ ڪوليا پنهنجي شديد جذبات جو اظهار ڪندي چيو.
”هائو، اها وڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي. تو پاڻ ڏٺو ته ٻار توکي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيو آهي. هو تنهنجي اچڻ جي انتظار ۾ ڪيڏو نه ڦٿڪيو ٿي.“
”اها مون سان ڳالهه نه ڪر، تو وڌيڪ منهنجي حالت خراب ڪري ڇڏي. پر مان پاڻ کي سنڀالي ورتو آهي. مون پنهنجي خودداري کي روڪي ڇڏيو هو. اجائي فخر، خوديءَ ۽ حيواني جذبات ۾ اچي ويو هوس، جن مان، ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندس. جيتوڻيڪ ان لاءِ، ڇو نه سڄي حياتي جدوجهد ڪندو رهان. ڪرامازوف هاڻي مان ڏسان ٿو، ته مون ۾ ڪيتريون ئي حيواني عادتون اچي ويون آهن!“
”نه، تنهنجي دلڪش طبعيت آهي، جيتوڻيڪ بگاڙي وئي آهي. مان چڱي ريت سمجهي سگهان ٿو، ته ڇو تنهنجو من، نيڪدل، حساس ۽ جذباتي ڇوڪري تي اثر آهي.“ اليوشا پيار مان کيس جواب ڏنو.
”هيءَ اوهان جي مهرباني آهي، جو مون بابت ايئن چئو ٿا. مون کي ڏسو، مان ڪيئي ڀيرا، تانجو هڪ ساعت اڳ ۾ به سمجهيم ٿي، ته اوهان کي مون کان نفرت آهي. مان ڇا ٻڌايان ته اوهان سان منهنجي ڪيڏي نه عقيدت آهي.“ ڪوليا رڙ ڪري چيو.
”پر اوهان ٻين جي عقيدي جي بنياد تي، ايڏا حساس ۽ بدگمان ڇو آهيو؟ اهو به اوهان جي عمر ۾. تون اعتبار ڪندين ته هاڻي، هاڻي، جڏهن تو پنهنجي ڪهاڻي ٿي ٻڌائي، ته مان جيئن توکي ڏٺو ٿي، خيال ڪيم ته تون ضرور حساس هوندين.“
”تو ايئن خيال ڪيو، تنهنجي نگاهه ڪيڏي نه دوربين آهي. مان شرطيه چوان ٿو، ته مان جڏهن قاز بابت ٻڌايو ٿي، ته نهايت جذباتي بڻجي ويو هوس. انهيءَ وقت مان عجب مان اوهان کي ڏٺو ٿي ۽ سمجهيم ته اوهان کي مون لاءِ سخت نفرت آهي، جنهن کي اوهان جلديءَ مان ڏيکاري ڇڏيو هو. ان وقت مان اوهان کي حقارت سان ڏٺو ۽ بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳس. تڏهن مان نهايت تڪڙ مان پنهنجي علم سان هٿ چراند ٿي ڪئي. خاص ڪري جڏهن ته مان هي چوڻي ڪنهن ڪتاب مان پڙهي هئي، پر مان قسم کڻي ٿو چوان ته هيءَ ڳالهه مان پنهنجي خودنمائيءَ کان نه ٿي چئي، پر هيءَ سڀ منهنجي خوشي هئي، جو اهڙي ريت اوهان سان صحبت ٿي ڪيم......... پر هيءَ ڪيڏو نه شرمناڪ آهي، جو ماڻهو پنهنجي خوشيءَ ۾ ٻين جي مٿان اڏامندو وتي. مان هيءُ ڄاڻان ٿو. پر هاڻي مون کي تسلي ٿي آهي، ته تون مون کي نفرت سان نه ٿو ڏسين. اڙي ڪرامازوف مان پوري ريت ناخوش آهيان. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل ۾ اهو خيال به ايندو آهي، ته هيءُ سڀ ماڻهو مون تي کلي رهيا آهن. ان احساس جي ايندي مان چاهيندو آهيان، ته هنن سڀني شين جي نظام کي اٿلائي ڇڏيان.“
”۽ تون پنهنجي لاءِ، سڀني کي پريشاني ۾ وجهڻ ٿو گهرين؟“ اليوشا مشڪندي چيو.
”ها؟ مان سڀني کي پنهنجي لاءِ پريشاني ۾ وجهان ٿو. خاص ڪري پنهنجي ماءُ کي، ڪرامازوف! مون کي ٻڌاءِ ته مان سچ پچ هاڻي به مونجهاري ۾ آهيان؟“
”انهن ڳالهين لاءِ هاڻي خيال نه ڪر، بلڪل نه!“ اليوشا کيس چيو. ”پر نامعقول ۽ مونجهاري“ کان مطلب ڇا آهي؟ ڇا هرهڪ انسان ڪنهن نه ڪنهن نامعقوليت ۽ مونجهاري ۾ گرفتار نه آهي؟ ان کان سواءِ داناءُ ماڻهو، قريب قريب هن کان ڊَنل نه آهن، ته هو نامعقوليت ۾ گرفتار نه ٿي وڃن ۽ هي خيال هميشه سويرئي سوچڻ شروع ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مان ٿورو اڳي ماضي ۾ ان تي سوچڻ شروع ڪيو هو، پر تنهنجي عمر ۾ ڪڏهن به نه. اڄ ڪلهه ته ٻار انهيءَ ۾ مبتلا آهن. هي چريائيءَ جو هڪ قسم آهي. شيطان اجائي فخر جي صورت اختيار ڪئي آهي ۽ سڄي نسل جي اندر داخل ٿي ويو آهي. ها، اهو فقط شيطان ئي آهي.“ اليوشا پنهنجي گفتگو کي پورو ڪيو ۽ بنا ڪنهن مشڪڻ جي، جنهن جو نشان ڪوليا سندس چهري ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. ”تون به ٻين وانگر آهين؟“ اليوشا وري چيو ۽ وڌيڪ هيئن چوندي جواب کي پورو ڪيائين ته، ”منهنجو مطلب آهي، ته تون گهڻن ٻين وانگر آهين. مگر فقط تون ٻين وانگر نه ٿي ۽ بس.“
”توڙي جو ٻيا کڻي ايئن ڇو نه هجن؟“
”هائو ڀلي ٻيا ايئن هجن، پر تون فقط انهن مان نه ٿي. تون سچ پچ ٻين وانگر نه آهين. تون ڪنهن کي پنهنجون برايون ٻڌائيندي شرمندو نه ٿو ٿئين. توڙي جو اهي نامعقول آهن. هن زماني ۾ اهڙي قبوليت ڪير ٿو ڏئي. ڪوبه نه ڏيندو. ماڻهن ته پنهنجي مٿان خود تنقيد جا دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا آهن. ٻين وانگر نه ٿي، توڙي جو تون اڪيلو رهجي وڃين.“
”نهايت عجيب! مان تو بابت غلطيءَ تي نه هوس. تون ڪنهن کي تسلي ڏيڻ ڄاڻين ٿو. مان ڪيترو نه توکي ڄاڻڻ لاءِ انتظار ۾ هوس، ڪرامازوف. مان تنهنجي صحبت لاءِ گهڻي وقت کان منتظر هوس. ڇا تو به منهنجي لاءِ ڪو خيال ڪيو ٿي؟ تو هاڻي ٻڌايو، ته منهنجي لاءِ به خيال ڪندو ٿي رهين.“
”هائو، مون تنهنجي لاءِ ٻڌو هو ۽ تنهنجي لاءِ پڻ سوچيندو ٿي رهيس..... جيڪڏهن تون هيءُ سوال پنهنجي خودپسنديءَ جي سبب کان مون کان ڪرين ٿو، ته هن ۾ ڪوبه حرج نه آهي.“
”ڪرامازوف، تون ڄاڻين ٿو ته اسان جي وچ ۾ اهڙي ريت، جو گفتگو ٿي رهيو آهي، اهو عشق جو اظهار آهي.“ ڪوليا شرميلي طرح چيو ۽ سندس آواز ان ۾ گم ٿي ويو. هيءُ نامعقوليت ته نه آهي؟
”نه، هن ۾ ڪوبه مونجهارو يا نامعقوليت ڪانه آهي. پر جيڪڏهن ان ۾ هجي به، ته ان جي ڪابه پرواهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ بذات خود چڱي شيءِ آهي.“ اليوشا مشڪڻ لڳو.
”پر توکي اها خبر پئي ڪرامازوف، ته تون پاڻ به هاڻي ڪجهه شرمندو ٿي ويو هئين..... مان ان کي تنهنجي اکين مان ڏٺو. “ ڪوليا هڪدم معصوم وانگر خوشيءَ کان مرڪڻ لڳو.
”شرمندگي ڇو؟“
”ٺيڪ آهي، تو ۾ سرخي ڇو ٿي ايندي وڃي؟“
”اهو تون آهين جو مون ۾ شرمندگي کان سرخي آڻي رهيو آهين.“ اليوشا کليو ۽ هو سچ پچ شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو هو........ ”هاڻ مان ٿورو شرميلو بڻجي ويو آهيان، پر نيڪي ئي ان جي سبب کي ڄاڻي ٿي. مون کي ڪابه خبر نه آهي.....“ هن مونجهاري مان چيو.
”اڙي! مان توسان ڪيڏي نه محبت ٿو ڪريان. مون کي تنهنجو حياءُ ڪيڏو نه پسند ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته تون مون جهڙو آهين.“ ڪوليا پوري يقين سان چيو. سندس ڳل ۽ اکيون چمڪڻ لڳيون.
”توکي ڄاڻڻ کپي ڪوليا، ته تون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو گذاريندين.“ اليوشا جي دل ۾ ڪو خيال آيو، جنهن کي هن ڪـُـمهلي طور تي چيو.
”مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو، ته تون هيءُ سڀ ڳالهيون اڳ ۾ ڪيئن ٻڌائي رهيو آهين!“ ڪوليا هڪدم پنهنجي قبوليت ڏني.
”اهڙي حالت ۾ به تنهنجي حياتي عام طور تي نهايت برڪتن واري هوندي ۽ تون ان کي ايئن بڻائيندين.“
جيڪڏهن ايئن آهي، ته آفرين! تون مون کي ڄڻ پيغمبر ٿو نظر اچين. ڪرامازوف اسان ٻئي گڏجي اڳتي وڌنداسون. توکي خبر آهي، ته مون کي تنهنجي ڪهڙي ڳالهه پسند ٿي اچي؟ اها ته تون مون سان هڪجهڙو هلي رهيو آهين. پر اسان هڪجهڙا نه آهيون. نه اسان نه آهيون. تون مون کان گهڻو بهتر آهين! پر اسان کي گڏ هلڻو پوندو. توکي خبر آهي ته مان گذريل مهيني پاڻ کي چيو ٿي، ته يا ته اسين پاڻ ۾ هڪدم دوست بڻجي وينداسين، يا ته قبر تائين دشمن بڻجي وينداسين!
”تو ايئن چيو ته تون مون سان پيار ٿو ڪرين، مون کي يقين ڏياريو آهي.“ اليوشا خوشيءَ مان کليو.
بيشڪ، مان توکي حد کان وڌيڪ پيار ڪريان ٿو. مان توسان محبت ڪندو رهيس ۽ تنهنجا خواب لهندو رهيس. پر توکي هنن سڀني ڳالهين جي اڳواٽ ڪيئن خبر پئي؟ اڙي، هو ڊاڪٽر اچي ويو. خدايا اسان کي ڇا چوندو؟ ذرا سندس چهري ڏانهن نهار.

___________
(1) والٽيئر: فرانس جو مشهور فلسفي، ناول نگار، ڊرامه نويس ۽ فڪر جي آزاديءَ جو اڳواڻ.
(1) بلينڪسي: روس جو مصنف.
(1) ٽٽيانا: پشڪن جي ڪتاب اوزن اونجين جو هڪ ڪردار.
(1) بيل: هڪ انقلابي رسالو.
(2) پشڪن: روس جو هڪ عظيم مصنف.

باب ستون: اليوشا

ڊاڪٽر وري به ڪمري مان پشمي ڪوٽ ۽ ٽوپيءَ سان ٻاهر آيو. سندس چهري مان ناراضپو ۽ پريشاني ٿي نظر آئي، ڄڻ ته کيس ميرنهن جو خوف پئي ٿيو. هن گهٽيءَ تي هڪ سرسري نظر وڌي ۽ ايئن ڪندي هن اليوشا ۽ ڪوليا کي ڪرڙي نگاهه سان ڏٺو. اليوشا، ڪوچبان کي هٿ لوڏي اشارو ڏنو ۽ اها گاڏي جا ڊاڪٽر کي وٺي آئي هئي، اڳتي وڌي. ڪپتان تڪڙ مان ڊاڪٽر جي پويان ڊوڙيو ۽ معافي وٺڻ جي نموني ۾ جهڪيو. کيس پوين لفظن ٻڌائڻ لاءِ ترسايائين. هو غريب مڪمل طرح پائمال ٿي چڪو هو. سندس اکين مان پاڪائي ٿي چمڪي.
”حضور، حضور..... ايئن ٿي سگهي ٿو؟“ هن گفتگوءَ جي ابتدا ڪئي. پر هو اڳتي هلي نه سگهيو ۽ هٿن کي مهٽڻ لڳو. پر ان هوندي به سندس نگاهون ڊاڪٽر جي اندر جي جستجو ڪري رهيون هيون، انهيءَ لاءِ ته اڃا به سندس ٻه لفظ ان غريب ڇوڪريءَ جي قسمت بدلائي ٿي سگهيا.
”مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مان خدا ته نه آهيان!؟“ ڊاڪٽر بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو. جيتوڻيڪ منجهس رواجي پختگي به هئي.
”ڊاڪٽر........ عزت مآب....... ڇا اهو جلدي ٿي ويندو...... جلدي.“
”توهان کي ڪهڙي به ڳالهه جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.“ ڊاڪٽر اهو نهايت صراحت سان ٿي چيو ۽ سندس اکيون هيٺ هيون. ايئن چئي هو گاڏيءَ تي سوار ٿيڻ لاءِ، چانئٺ کان وڌيو، ته ڪپتان وحشت زده حالت ۾ ان جي روڪ بڻجي چوڻ لڳو ته:
”عزت مآب.... توهان کي حضرت مسيح جو قسم آهي... ڪابه صورت ان جي ڇوٽڪاري جي ميسر نه آهي؟“
ڊاڪٽر، جنهن جي صبر جو پيالو ڀرجي ويو هو، چوڻ لڳو ته ”ٻيو ته ڪجهه به منهنجي هٿ ۾ نه آهي،....... ان هوندي به ان کي.....“ هو اوچتو بيهي رهيو. جيڪڏهن تون ايئن ڪري سگهين ٿو، ته هن گهڙي....... مريض کي بنا ڪنهن دير جي. ”(هڪدم ۽ بنا دير جا لفظ، هن غصي واري سختي سان چيا، جنهن کي ٻڌي ڪپتان کان ڇرڪ نڪري ويو). ساراڪيوز آب هوا جي تبديلي لاءِ موڪلي ڏين، ته شايد حالتون بدلجي وڃن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪو اثر پيدا ٿئي.......“
”ساراڪيوز ڏانهن“، ڪپتان کان رڙ نڪري وئي ۽ هو ان کي سمجهي نه سگهيو ته کيس ڪهڙا لفظ چيا ويا.
”ساراڪيوز ته سـِـسلـِـي ۾ آهي“، ڪوليا تشريح ڪندي زور سان چيو. ڊاڪٽر ان ڏانهن نهاريو.
”سـِـسلـِـي عزت مآب؟“ ، ڪپتان منجهندي چيو، ”پر اوهان ان کي ڏٺو آهي؟“ هن پنهنجي هٿن کي کوليو ۽ ماحول ڏي اشارو ڪندي چيائين ته ”منهنجي گهر واري ۽ منهنجو ڪٽنب؟“
”سـِـسلـِـي، هڪ ڪٽنب جي رهڻ لاءِ ته مقام ٿي نه ٿو سگهي. تنهنجي ڪٽنب کي بهار جي شروع ۾ ڪوهه قاف ڏانهن وڃڻ کپي..... تنهنجي ڌيءَ کي ته اوڏانهن ضرور وڃڻ گهرجي... تنهنجي زال کي ڪجهه وقت ڪوهه قاف جي پاڻي پيئڻ کان پوءِ پئرس جي خاص دماغي اسپتال ۾ موڪلڻ گهرجي. مان اتان جي لاءِ اوهان کي خط ڏيندس..... ۽ ان کان سواءِ آب و هوا جي تبديلي به ٿيندي.“
”ڊاڪٽر، ڊاڪٽر، پر تون ڏسين ٿو!“ ڪپتان نااميديءَ ۾ پنهنجي هٿن کي هوا ۾ هلايو. هن اگهاڙين ڪاٺي جي ڀتين ڏي اشارو ڪندي چيو.
”خير، اهو منهنجو ڪم نه آهي.“ ڊاڪٽر اڻ لکو مشڪندي چيو. ”مان فقط تنهنجي سوال جو جواب طبي سائنس موجب ڏنو آهي، ته ائين ئي علاج ٿي سگهندو. باقي ٻين ڳالهين لاءِ مون کي افسوس آهي.“
ان وقت ڪوليا ڏٺو، ته ڊاڪٽر ڪـُـتي کي پريشانيءَ جي نگاهن سان ڏسي رهيو آهي، جو در جي چانئٺ وٽ ويٺو هو. هن رڙ ڪري چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب ڊڄو نه، منهنجو ڪتو، اوهان کي چـَـڪُ نه پائيندو. ڪوليا جي آواز مان غصي جو اظهار ظاهر ٿي ڏٺو. جيئن پوءِ هن قبول ڪيو هو، ته هن جنهن طرح ساڻس ڳالهايو هو. ان مان سندس مراد، ان جي توهين هئي.
”هيءُ ڇا آهي؟“ ڊاڪٽر پنهنجي مٿي کي پوئتي اڇلائي، عجب مان ڪوليا ڏي نهاريو. ”هيءُ ڪير آهي؟“ هن اليوشا کي خطاب ڪيو. سندس خواهش هئي، ته هو ان جي تشريح ڪري. ”هيءُ پريزيوان جو مالڪ آهي.“
”منهنجي بابت خيال نه ڪر“، ڪوليا وري به زور ڏيندي چيو.
”پريزيوان“ ڊاڪٽر ٻيهر چوندي، پنهنجو مونجهارو ڏيکاريو.
”هيءُ گهنڊ کي ته ٻڌي ٿو، پر ٻڌائي نه ٿو سگهي، ته هو ڪٿي آهي؟ چڱو خداحافظ اسان وري ساراڪيوز ۾ ملنداسون.“
”هيءُ ڪير آهي، هيءُ ڪير آهي؟“ ڊاڪٽر غصي ۾ ڀرجي ويو.
هيءُ اسڪول جو شاگرد آهي ڊاڪٽر. هيءُ بيحد شرير ڇوڪرو آهي. اوهان هن ڏي ڌيان نه ڏيو. اليوشا بي پرواهيءَ مان ۽ تڪڙو ڳالهائيندي چيو.
”ڪوليا پنهنجي زبان کي روڪ“، هن ڪراسوتڪين کي رڙ ڪري چيو. ”ڊاڪٽر هن ڏي ڌيان نه ڏنو.“ هن بي صبريءَ مان وري دهرايو.
”هن کي مار جي ضرورت آهي، چڱي مار جي.“ ڊاڪٽر پوري جوش مان زمين تي پير هڻندي چيو.
”۽ تون طبابت ڄاڻين ٿو، منهنجو ڪتو متان چڪ وجهئي.“ ڪوليا جو رنگ هيڊو ٿي ويو، سندس آواز ڏڪڻ لڳو ۽ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. اچ پريزيوان!
ڪوليا، جيڪڏهن تو ڪو وڌيڪ لفظ چيو، ته پوءِ منهنجو توسان ڪوبه واسطو نه رهندو. اليوشا محڪماڻي آواز ۾ کيس چيو.
”هن جهان ۾ هڪڙو ئي ماڻهو آهي. جو ڪوليا ڪراسوتڪين تي حڪم هلائي سگهي ٿو. اهو هيءُ آهي (هن اليوشا ڏانهن آڱر جو اشارو ڪيو) ”مان تنهنجي حڪم کي مڃان ٿو، خداحافظ!“
”هن اڳتي قدم کي کنيو ۽ دروازو کولي ۽ اندرئين ڪمري ۾ هليو ويو. پريزيوان به ان جي پٺيان ويو. ڊاڪٽر اڃا به پنج سيڪنڊ کن عجب ۾ بيٺو رهيو ۽ اليوشا کي نهاريندو رهيو. تنهن کان پوءِ غصي مان ٿڪ ڦٽي ڪندي، ڪرڪندي، گاڏي تائين پهتو ۽ ورائي ورائي چوڻ لڳو ته ”هيءُ ڇا آهي؟..... هيءُ ڇا آهي..... مون کي خبر نه ٿي پوي، ته هيءُ ڇا آهي؟ ڪپتان.“ کيس گاڏي ۾ چاڙهڻ لاءِ ڊوڙي آيو. اليوشا، ڪوليا جي پويان، ڪمري ۾ هليو ويو، جتي اڳ ۾ ئي، هو اليوشا جي پاسي ۾ موجود هو. بيمار ٻار سندس هٿ کي جهليو هو ۽ هو پيءُ کي سڏي رهيو هو. هڪ منٽ کان پوءِ، ڪپتان به اندر موٽي آيو. بابا...... بابا...... اچ........ اسان.....“ اليوشا سخت جوش مان بگڙندي چيو، پر اڳتي ڳالهائي نه سگهيو. هن پنهنجون سنهڙيون ٻانهون پيءُ ۽ ڪوليا جي ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ ٻنهي کي ڀاڪر ۾ گڏي وڌو هئائين. کين جيتري قدر طاقت هيس، مضبوطيءَ سان ڀاڪر پائي رهيو هو. ڪپتان اوچتو، خاموشيءَ سان ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو ۽ ڪوليا جي کاڏي ۽ چپ لرزڻ لڳا.
”بابا، بابا، مون کي تنهنجي لاءِ ڪيڏو نه افسوس ٿو ٿئي!“ اليوشا سور مان رڙيون ڪرڻ لڳو.
”اليوشا..... پيارا...... ڊاڪٽر چيو ته...... تون خوش ٿي ويندين......... اسان وٽ راحت ٻيهر اچي ويندي..... ڊاڪٽر.......“ ڪپتان تشريح شروع ڪئي.
”اڙي بابا! مون کي خبر آهي، ته ڊاڪٽر منهنجي لاءِ اوهان کي ڇا ٿي چيو ....... مان ڏٺو هو؟“ اليوشا روئندي چيو. هن پوري طاقت سان ٻنهي کي ڀاڪر پاتو ۽ پنهنجو چهرو، پيءُ جي ڪلهن ۾ لڪائي ڇڏيائين.
بابا روءُ نه، رڙيون نه ڪر، جڏهن مان مري وڃان، ته ڪنهن چڱي ڇوڪري کي هٿ ڪج، ڪوبه ٻيو.... هنن سڀني مان ڪنهن چڱي کي انتخاب ڪج، ان کي اليوشا سڏج ۽ منهنجي بدران کيس پيار ڪج.......“
”خاموش پوڙها ماڻهو، تون خوش ٿيندين.“ ڪراسوتڪين اوچتو روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. سندس آواز مان غصو ٿي نظر آيو.
”پر مون کي ڪڏهن به نه وسارجانءِ پيءُ“، اليوشا ڳالهائيندو رهيو.“ منهنجي قبر تي اچج...... بابا مون کي هن وڏي پٿر جي ڀرسان پورجان، جت اسان هميشه گهمڻ لاءِ ويندا هئاسين. شام جو مون سان ڪراسوتڪين سان گڏجي اچج....... ۽ پريزيوان به هجي..... مان توهان لاءِ اميد پيو رکندس..... بابا، بابا.“
سندس آواز رڪجي ويو. هو ٽيئي خاموش هئا، پر هڪٻئي کي ڀاڪر پائيندا رهيا. نينا خاموش ڪرسيءَ ۾ روئي رهي هئي. آخر سڀني کي رئندو ڏسي، اليوشا جي ماءُ به ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي.
”اليوشا، اليوشا،“ هوُ دانهون ڪرڻ لڳي.
ڪراسوتڪين، اوچتو، پاڻ کي اليوشا جي ڀاڪر مان ڇڏائي ورتو ۽ جلدي مان چيائين ته، ”خدا حافظ پوڙها ماڻهو:“ منهنجي ماءُ کاڌي جي انتظار ۾ هوندي. مون کي افسوس آهي، جو مون اُن کي نه ٻڌايو هو، هوءَ منهنجي لاءِ ڏاڍي منتظر هوندي.... پر کاڌي کان پوءِ، مان سڄي ڏينهن لاءِ تو وٽ هليو ايندس. سڄي شام لاءِ ۽ مان توکي هر قسم جون ڳالهيون ٻڌائيندس. مان پريزيوان کي به وٺي ايندس. پر هاڻي مان اُن کي پاڻ سان وٺي ويندس. ٻي صورت ۾ هوُ جيڪڏهن مون کي نه ڏسندو ته ڀؤنڪڻ شروع ڪندو ۽ توکي تڪليف ڏيندو. خدا حافظ.“
هوُ گهٽيءَ ڏي ڊوڙيو. هنُ پنهنجي روئڻ کي روڪي ورتو هو، پر گهٽي ۾ پهچندي ئي هوُ ڳوڙها وهائڻ لڳو. اليوشا کيس روئندي ڏٺو.
”اليوشا توکي پنهنجي واعدي تي قائم رهڻ گهرجي. ٻي حالت ۾ هيءُ سخت نااميد بڻجي ويندو.“ هن پنهنجي راءِ جي وضاحت ڪندي چيو.
”مان ضرور ايندس. اڙي مان ڪيترو نه پاڻ کي، اڳي نه اچڻ جي ڪري، ملامت ٿو ڪريان.“ ڪوليا روئندي چيو. هاڻي هو ماضيءَ جي لاءِ شرمسار نه هو.
اُن وقت ڪپتان ڪمري کان ٻاهر اچي چڪو هو ۽ هڪدم دروازي کي بند ڪيائين. سندس منهن مان مايوسي ٿي ڏٺي ۽ سندس چپ ڏڪي رهيا هئا. هوُ ٻن نينگرن جي سامهون بيٺو هو ۽ هن پنهنجي ٻانهن کي انهن ڏانهن وڌايو.
”مون کي ڪو به چڱو ڇوڪرو نه کپي! مون کي ٻيو ٻار نه کپي!“ هن وحشياڻي انداز ۾ چيو ۽ پنهنجي ڏندن کي ڀيڪوڙيو. ”جيڪڏهن مان توکي وساريو، ته بيت المقدس منهنجي زبان کي ...... هو ائين چوندي سڏڪن ۾ پئجي ويو ۽ گوڏن ڀر جـُـهڪي ويو. پنهنجي هٿن سان مٿي کي زور ڏيندو رهيو ۽ ڀڻڪندو به رهيو ۽ سڏڪا به ڀريندو رهيو. هوُ ڪوشش ڪري رهيو هو، ته جئين سندس آواز ڪمري ۾ ٻڌڻ ۾ نه اچي.
ڪوليا گهٽيءَ ڏانهن ڊوڙيو.
”خدا حافظ، ڪرامازوف! ڇا تون پاڻهي ايندين؟“ هن تيزيءَ ۽ غصي مان اليوشا کي چيو.
”مان يقيناً شام جو ايندس.“
”هن بيت المقدس جي لاءِ ڇا ٿي چيو؟.... سندس مطلب انهيءَ کان ڪهڙو هو؟“
”هيءُ فقرو انجيل جو آهي. ان جو مطلب آهي، ته جيڪڏهن مان بيت المقدس وساريان، يعني ان شيءِ کي، جا دنيا جي سڀني شين کان مون کي قيمتي آهي ۽ جيڪڏهن مان ان کي ڀلائي ڇڏيان ۽ ٻين شين کي وڌيڪ سمجهان، ته خدا مون کي معاف نه ڪري........“
”مان سمجهيو، اهو ڪافي آهي، تون ضرور اچج! اچ پريزيوان،“ هن زور سان چيو ۽ تيز قدمن سان گهر هليو ويو.

حصو چوٿون: ايوان

---

باب پهريون: گروشينڪا جي آڏو

اليوشا سڌو ديول جي چؤنڪ ڏانهن ويو ۽ اتان گروشينڪا کي ڏسڻ لاءِ موروزوف جي گهر ڏي روانو ٿيو، جنهن سويري صبح جو، فينا کي تڪڙي نياپي سان موڪيلو هو، ته وٽس اچي. فينا کان سوال ڪندي، کيس خبر پئي هئي، ته سندس مالڪياڻي گذريل ڏينهن جي واقعن کان بيحد رنجيده هئي. متيا جي گرفتاريءَ کان ٻه مهينا پوءِ، اليوشا کي اڪثر بيواهه موروزوف جي گهر ۾ گهرايو ويندو هو. هوُ پنهنجي طبعيت جي لاڙي جي سبب ۽ ڪجهه دمتري جي نياپي پهچائڻ لاءِ وٽن ويندو هو. متيا جي گرفتاريءَ کان ٽي ڏينهن پوءِ، گروشينڪا سخت بيمار ٿي پئي ۽ قريباً پنجن هفتن لاءِ بيمار رهي. هڪ سڄي هفتي لاءِ ته هوءَ بيهوش رهي. هوءَ هاڻي گهڻو مٽجي وئي هئي. هوءَ ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ سندس شڪل هيڊي ٿي وئي هئي. پندرنهن ڏينهن کان پوءِ، هوءَ ٻاهر نڪرڻ جهڙي ٿي هئي. پر اليوشا جي لاءِ سندس چهرو وڌيڪ ڪشش وارو بڻجي ويو هو ۽ هو جڏهن سندس گهر ويندو هو، ته سندس اکيون وڌيڪ جاذب ۽ دلڪش ڏسندو هو. سندس نگاهن ۾ پختگي ۽ معامله فهمي پيدا ٿي وئي هئي. منجهس روحاني وقار جي تبديلي اچي وئي هئي. ارادي جي مضبوطيءَ جي اچڻ سبب، ڪابه شيءِ کيس متزلزل ڪري نه ٿي سگهي. سندس ڀروئن جي وچ ۾ هڪ ننڍي عمدي ليڪ جي پيدا ٿيڻ سبب، سندس دلڪشي ۾ اضافو ٿي ويو هو ۽ اُن مان سندس فڪر جي پختگيءَ جي به خبر ٿي پئي. هيءُ نشانيون ايتريون ته واضح هيون، جو هڪ نگاهه ۾ معلوم ٿي پئي ويون. هاڻي سندس چهري مان مشڪل سان ڪنهن اڳوڻي هوس جو نشان ٿي مليو.
اليوشا جي لاءِ هيءَ نهايت حيرت جهڙي ڳالهه ٿي ڏٺي، ته باوجود اُن مصيبتن جي، جي اُن مسڪين ڇوڪري تي، سندس مڱيندي جي گرفتاري سبب پئجي ويون هيون، جو هڪ خطرناڪ ڏوهه جي هيٺ آيل هو، سو به اُن وقت جڏهن هوُ مڱڻي جي لاءِ تيار هئا ۽ اُن جي شگفتگي پنهنجي جاءِ تي قائم هئي. سندس اکيون جي ماضي ۾ پر غرور ٿي ڏٺيون، انهن ۾ محبت آميز نور ٿي ڏٺو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ ماضي جي منتقم آڳ به روشن ٿي ڏٺي، جنهن سان هوءَ پنهنجي دل ۾ مضبوط تر، پريشان ڪندڙ خيال سان ڪنهن سان ملندي هئي. بي آراميءَ جي صورت اُهائي هئي، جا وٽس هميشه رهندي ٿي آئي. ڪيٽرينا ايونونا جي متعلق جو کيس اضطراب هو، اُهو سندس بيماري جي حالت ۾، هزيان جي صورت ۾ پنهنجي جاءِ تي قائم هو، اليوشا کي خبر هئي، ته هوءَ بري طرح سندس حاسد هئي. پر ڪيٽرينا هڪ ڀيرو به جيل ۾ متيا سان نه ملي هئي، جيتوڻيڪ هوءَ، آساني سان ايئن ڪري ٿي سگهي ۽ ڪنهن به وقت ساڻس ملي ٿي سگهي. هي سڀئي ڳالهيون، اليوشا لاءِ مشڪل مسئلو بڻجي پيون هيون، ڇاڪاڻ ته هيءُ ئي اهو هڪ ماڻهو هو، جنهن وٽ گروشينڪا پنهنجي دل کولي ٿي سگهي ۽ جنهن کان هوءَ مسلسل مشورو ڪري ٿي سگهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ ڪجهه به چئي نه ٿي سگهيو.
انتظار سان ڀريل هوُ سندس گهر ۾ داخل ٿيو. هوءَ گهر ۾ هئي. اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ هوءَ متيا جي ملاقات کان پوءِ موٽي آئي هئي. سندس تڪڙي چرپر مان، جنهن سان هوءَ ڪرسيءَ تان ٽپو ڏيئي، ساڻس ملڻ لاءِ اُٿي هئي، معلوم پئي ٿيو، ته هوءَ
بي صبريءَ سان سندس انتظار ڪري رهي هئي. ميز تي تاش جا پتا پکڙيل ٿي ڏٺا. ٻي پاسي چمڙي جي صوفي تي، بسترو وڇايل هو، جنهن تي ميڪزيموف لٽيل هو، جو نيم دراز هو. کيس رات جو لباس هو ۽ ڪپهه جي رات واري ٽوپي. هوُ بيمار ۽ ڪمزور ٿي نظر آيو، جيتوڻيڪ هوُ اطمينان سان مشڪي رهيو هو. جڏهن هيءُ
بي گهر پوڙهو ماڪرو مان گروشينڪا سان گڏ موٽيو هو، جنهن کي ٻه مهينا گذري چڪا هئا، هوُ اتي ئي رهي پيو هو ۽ اڃا اتي ئي هو. هوُ برسات ۽ ٿڌ ۾ ساڻس گڏ پهتو هو، هوُ بينچ تي ويهي رهيو ۽ مشڪندي، محبوب ۽ ملتمس نگاهن سان گروشينڪا کي ڏسندو رهيو. گروشينڪا جا سخت رنجيده هئي ۽ بخار جي ابتدائي حالت ۾ هئي، پنهنجي پهچڻ جي اڌ ڪلاڪ اندر کيس بلڪل وساري چڪي هئي. اوچتو ۽ اتفاقاً هن کيس ڏٺو. هوءَ رنج مان کلڻ لڳي، جنهن کل ۾ ڪابه راحت ڪانه هئي. هن فينا کي سڏ ڪيو ۽ کيس چيائين، ته هن کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏي. هوُ سڄو ڏينهن انهيءَ ئي جاءِ تي ويٺو رهيو ۽ مشڪل سان ڪاڏي چريو هو. جڏهن اونداهي ٿي ۽ درين کي بند ڪيو ويو، تڏهن فينا پنهنجي مالڪياڻيءَ کان پچيو ته:
”ڇا هيءُ سکر ماڻهو رات هتي ئي گذاريندو؟“
”هائو، سندس بستر صوفي تي وڇاءِ.“ گروشينڪا کيس جواب ڏنو.
وڌيڪ تفصيل سان کانئس سوال ڪندي، گروشينڪا کي معلوم ٿيو، ته ظاهر ۾ هوُ هاڻي ڪاڏي به وڃڻ جهڙو نه رهيو آهي. سندس مهربان ڪلگنوف، کيس صاف چئي ڏنو هو، ته هن جو وري پاڻ وٽ اچڻ نه ٿيندو ۽ کيس پنج روبل ڏئي ڇڏيائين.
”خير، خدا چڱائي ڪندو، چڱو آهي ته وٽن هتي ئي رهي پؤ. گروشينڪا پنهنجي ڏک ۾ هوندي به اهو فيصلو ڪيو ۽ کيس وڏيءَ دل سان مشڪندي ڏٺائين. سندس هن مشڪڻ پوڙهي ماڻهو جي دل تي وڏو اثر ڪيو. سندس چپ شڪرگذاريءَ جي ڳوڙهن وهائڻ سان گڏ لرزڻ لڳا. ان کان پوءِ ميڪزيموف وٽس رهي پيو. هوءَ جڏهن بيمار ٿي، ته هن هڪ گهڙي لاءِ به سندس گهر کي نه ڇڏيو. فينا ۽ سندس ڏاڏي بورچياڻي کيس ٻاهر ڪڍڻ جي بجاءِ کاڌو ڏينديون رهيون ۽ صوفي تي سندس بستري کي ٺاهينديون رهيون. گروشينڪا هاڻي کيس پنهنجي مطلب لاءِ ڪم آڻڻ لڳي. متيا جي ڏسڻ کان پوءِ، (جنهن کي هن پنهنجي صحت کان اڳ ۾ ڏسڻ شروع ڪيو هو) ويهي رهندي هئي ۽ ميڪزيمشڪا سان انهن سنگين معاملن بابت گفتگو ڪندي هئي، جيئن هوءَ انهن رنجيده حالتن کان نجات حاصل ڪري سگهي. هيءُ پوڙهو ماڻهو بهترين افسانه گو ثابت ٿيو ۽ آخر ۾ هوُ ان جي لاءِ ضروري شيءِ بڻجي پيو. گروشينڪا، اليوشا کان سواءِ ٻي ڪنهن ماڻهوءَ سان مشڪل سان ملندي هئي. هوُ روزانو نه ايندو هو، ۽ نه وري گهڻو وقت ترسندو هو. سندس پوڙهو واپاري گهر ۾ سخت بيمار پيو هو. جيئن شهر وارن چيو ٿي، هوُ پوين پساهن ۾ هو ۽ هوُ سچ پچ متيا جي مقدمي هلڻ کان هڪ هفتو پوءِ مري ويو. سندس موت کان ڪي هفتا اڳ ۾، هن پنهنجي موت کي قريب ايندو ڏسي، پنهنجي پٽن، سندن زالن ۽ ٻارن کي مٿي گهرائي ورتو ۽ کين حڪم ڏنو، ته هوُ وري کيس ڇڏي نه وڃن. ان گهڙيءَ کان پوءِ، هن سختيءَ سان پنهنجي نوڪرن کي چئي ڇڏيو، ته هوُ گروشينڪا کي اندر نه ڇڏين، ۽ جيڪڏهن هوءَ اچي ته کيس سندس پيغام ڏين، ته ”هوءَ وڏي حياتي ماڻي ۽ خوش رهي ۽ کيس وساري ڇڏي.“ پر گروشينڪا هر روز سندس احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليندي رهي.
”تون آخر اچي وئين؟“ هنن پتن کي اڇلائيندي چيو ۽ نهايت چاهه مان اليوشا کي کيڪاريائين. ”مون کي ميڪزيمشڪا طعنو هڻندي ٿي چيو، ته تون نه ايندينءَ. مون کي ڪيترو نه تنهنجي ضرورت آهي. ميز جي ڀرسان ويهه. ڇا پيئندينءَ ..... ڪافي؟“
”هائو، تنهنجي مهرباني،“ اليوشا ميز وٽ ويهندي چيو.”مون کي سخت بک لڳي آهي.“
گروشينڪا رڙ ڪري چيو، ته ”فينا، فينا، ڪافي.“ اها گهڻي وقت کان تنهنجي لاءِ تيار پئي آهي. ڪجهه مانيءَ جا ٽڪڙا به آڻ. اهو ڏسج ته اهي گرم هجن. توکي خبر آهي، ته انهن مانيءَ جي ٽڪرن تي اڄ چڱو خاصو گوڙ ٿيو هو. مان هنن کي کڻي، هن لاءِ جيل ڏي وئي هيس. تون اعتبار ڪندين، هن وٺي مون ڏانهن اڇلائي ڇڏيا. هن انهن کي کائڻ نه ٿي گهريو. هن انهن مان هڪ کي زمين تي اڇلائي ڇڏيو ۽ ان کي پيرن ۾ لتاڙڻ لڳو. مون کيس چيو، ته مان هيءُ وارڊن کي ڏيئي ٿي وڃان. جيڪڏهن تون انهن کي شام کان اڳ ۾ کائڻ نه ٿو گهرين، ته پنهنجي بد رفتاريءَ جي سزا ڏسندين. ائين چئي مان هلي آيس. خيال ڪر ته ٻيهر وري اسان ۾ جهڳڙو پيدا ٿي پيو آهي. هر بار جڏهن به اُتي مان وڃان ٿي، ته جهڳڙو پيدا ٿي پوي ٿو.
گروشينڪا ڪاوڙ مان تڪڙو تڪڙو ڳالهائيندي وئي. ميڪزيموف هڪدم کيس ڏٺو ۽ چپن ۾ ڪجهه حجاب سان مشڪندو رهيو ۽ پنهنجون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيائين.
”هن ڀيري اوهان ڇا تي جهڳڙو ڪيو؟“ اليوشا کانئس پڇيو.
مون کي ته ان جي ڪا به اميد نه هئي. فقط ائين ئي. هوُ ان پول کان ٽهي ٿو. هن مون کي چيو، ته”تو ان کي پاڻ وٽ ڇو رهايو آهي؟ تو وري هن کي پاڻ وٽ رهائڻ شروع ڪيو آهي. هوُ حاسد آهي، هوُ سڀ شيءِ سان حسد ٿو ڪري! ڇا کاڌو هجي ڇا ننڊ گذريل هفتي هن ڪزما سان به اهڙي ريت حسد ٿي ڪيو.“
”پر هوُ پول کي اڳ ۾ سڃاڻيندو هو ڇا؟“
هائو، پر ڳالهه جو منڍ هيءُ آهي، ته هوُ ابتدا کان کيس سڃاڻندو هو. پر هوُ اڄ اٿيو ۽ اُن بابت ڇينڀڻ لڳو. اُن کي ورائي چوڻ ۾ شرم ٿو اچي. بيوقوف انسان! ريڪيٽن اُن وقت وٽس آيو ۽ مان ٻاهر نڪتيس. شايد هوُ کيس ڀريندو ٿو رهي. تون ڇا ٿو سمجهين؟“ هن بي پرواهيءَ مان کيس چيو.
”هو توکان بيحد پريشان آهي.“
”مان پاڻ خيال ڪريان ٿي، ته ائين ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي مقدمو رکيل آهي. مان وٽس وئي هيس، ته سڀاڻي لاءِ مون کي ڪجهه چوي. ڇا لاءِ ته مون کي خوف آهي، ته سڀاڻي الائجي ڇا ٿيندو. تون چوين ٿو ته هوُ پريشان آهي، پر مان ڪيتري نه پريشان آهيان. ۽ هوُ وري پول جون ڳالهيون ٿو ڪري!ّ هوُ وڏو بيوقوف آهي. ڪيئن به هجي، هوُ اڃا مڪزيمشڪا جو حاسد نه بڻيو آهي.“
”نوڪريءَ وارين ڇوڪرين لاءِ.“
”پنهنجي زبان کي روڪ ميڪزيمشڪا، مان هاڻي کلڻ جي حال ۾ نه آهيان. مان غصو محسوس ٿي ڪريان. هنن مانيءَ جي ٽڪرن تي پنهنجي نظر نه وجهه. مان توکي هنن مان ڪجهه به نه ڏيندس. هيءُ تنهنجي لاءِ چڱا نه آهن. نه وري توکي وڊڪا (شراب جو قسم) مان ڪجهه ڏيندس. مان هن جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي. ڄڻ ته مون کي يتيمخانو هلائڻو آهي.“ هوءَ کلڻ لڳي.
”مان تنهنجي مهربانيءَ جي لائق نه آهيان. مان هڪ حقير شيءِ آهيان.“ ميڪزيموف چيو. سندس آواز روئڻهارڪو بڻجي ويو. توکي پنهنجي مهرباني انهن ماڻهن تي ڪرڻ گهرجي، جي تنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ٿين.
”اڙي ميڪزيمشڪا، هر انسان ڪارآمد آهي. اسان ڪهڙي ريت چئي سگهون ٿا، ته هي وڌيڪ ڪارائتو آهي. چڱو ٿئي ها، ته هن پول جو وجود ئي نه هجي ها. خيال ڪر اليوشا، هوُ پڻ اڄ بيمار ٿي پيو آهي. ان کي به ڏسڻو اٿم. ڪجهه مانيءَ جا ٽڪرا کيس به موڪلڻا اٿم. مان ته کيس ڪجهه به نه موڪليندي آهيان، پر مـِـتيا مون کي ان جو گنهگار ٿو سمجهي، ان ڪري مان هاڻي کيس ڪجهه موڪليان ٿي. اجهو فينا کي هٿ ۾ ڪو خط آهي. هائو، هيءُ ان پول جو آهي. وري ڪجهه عرض ٿو ڪري!“
پان مسيالووچ، سچ پچ هڪ طويل، تفصيل وار، وڏي آب و تاب سان کيس هڪ خط ۾ لکي موڪليو هو، جنهن ّ۾ هن کيس عرض ڪيو هو، ته ٽي روبل قرض طور ڏياري موڪلي. خط ۾ هڪ رسيد به هئي. جنهن ۾ لکيل هو، ته هوُ اها رقم ٽن مهينن ۾ موٽائي ڏيندو. هن تي پان وربليوسڪي جي صحيح به هئي. گروشينڪا وٽ پنهنجي اڳوڻي عاشق جا اهڙا ڪيترائي خط رسيدن سان گڏ سندس بيماريءَ واري وقت ۾، ٻئي پول سندس عيادت لاءِ به آيا هئا. پهريون خط جو گروشينڪا کي، کانئن مليو، اهو ڪافي طويل هو. هو هڪ وڏي پيپر تي لکيل هو ۽ ان تي سندن خانداني مهر جو نشان هو. هوُ ايترو ته منجهيل ۽ نظم جي انداز ۾ لکيل هو، جو گروشينڪا ان جي اڌ پڙهڻ کان پوءِ، ڪڪ ٿي پئي ۽ ان کي اڇلائي ڇڏيائين. ان مان هوءَ ڪو به مطلب نه ڪڍي سگهي. ان کان پوءِ، هوءَ خطن ڏي گهٽ ڌيان ڏيڻ لڳي. پهرئين ڏينهن جي خط اچڻ کان پوءِ، وري ٻي ڏينهن تي کيس خط پهتو، جنهن ۾ پان مسيالووچ کيس لکيو هو، ته کيس ٿوري وقت لاءِ ٻه هزار روبل قرض طور ڏي. گروشينڪا هن خط کي، جواب ڏيڻ کان سواءِ اڇلائي ڇڏيو. ان کان پوءِ، مسلسل خط ايندا رهيا. ڏهاڙي هڪ وڏي آب و تاب وارا ۽ نظم جي انداز وارا. پر انهن ۾ قرض لاءِ جا طلب ڪئي وئي هئي، اها آهستي آهستي گهٽجي وڃي سؤ روبل تي پهتي هئي. وري پنجويهه ۽ ڏهه تي وڃي پهتي. آخري خط، جو گروشينڪا کي مليو، ان ۾ ٻنهي پولن، کانئس فقط روبل جي طلب ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ رسيد به هئي، جنهن تي ٻنهي جي صحيح موجود هئي.
اُن کان پوءِ اوچتو گروشينڪا کي مٿس افسوس ٿيڻ لڳو. منهن انڌيري هوءَ سندن رهڻ واريءَ جاءِ ڏانهن هلي وئي. هن کيس مفلسي ۾ مبتلا ڏٺو ۽ بلڪل برباد ٿيل. نه وٽن کاڌو هو، نه ٻارڻ، نه سگريٽ. جاءِ جي مالڪياڻيءَ جا مقروض. ٻه سؤ روبل جي ماڪرو ۾ هنن مـِـتيا کان ڦريا هئا، هاڻي غائب هئا. پر گروشينڪا کي ڏسي حيرت لڳي، ته سندن شان ۽ شوڪت ۽ خودداريءَ ۾ ڪو به فرق نه آيو هو. سندن گفتگوءَ ۾ به اهائي بي پرواهيءَ ۽ شان موجود هئي. گروشينڪا فقط کلي ۽ پنهنجي اڳئين محبت ڪرڻ واري کي ڏهه روبل ڏنائين. ان کان پوءِ هن کلندي مـِـتيا کي سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ هوُ ان وقت حاسد نه ٿي ڏٺو. پر ان کان پوءِ پول گروشينڪا سان تعلقات رکندا آيا ۽ روزانو ڪجهه نه ڪجهه طلب ڪندا آيا ۽ هوءَ به کين ٿوري ٿوري رقم موڪليندي ٿي رهي. هن واقعي کي مـِـتيا پنهنجي دماغ ۾ جاءِ ڏني هئي ۽ خطرناڪ طرح سان حاسد بڻجي پيو هو.
”هڪ بيوقوف وانگر، مان وٽس ويندي. هڪ منٽ لاءِ رستي ۾ مـِـتيا کي ڏسڻ لاءِ ويس، ڇاڪاڻ ته منهنجو پول پڻ بيمار هو. ۽ گروشينڪا وري پنهنجي اعصابي تيزيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. مان کلندي مـِـتيا کي هيءَ حقيقت ٻڌائيندي رهيس. مان کيس چيو تهءِ مون کي عجب لڳو ته، منهنجي پول کي اهو خوش ڪندڙ خيال هو ته مان ان کان متاثر ٿي وينديس ۽ ان سان شادي ڪنديس! مـِـتيا قسم کائيندي ٽپو ڏئي اٿيو..... ان ڪري مان هاڻي کين مانيءَ جا ٽڪرا موڪلينديس! فينا اها ننڍڙي ڇوڪري موجود آهي، جنهن کي هنن موڪليو هو؟ کيس هيءُ ٽي روبل به ڏي ۽ ٻارنهن کن مانيءَ جا ٽڪرا به. کيس چؤ ته هيءُ شيون ان ڏي کڻي وڃي ۽ تون اليوشا، يقين سان مـِـتيا کي ٻڌائج، ته مان ان ڏي مانيءَ جا ٽڪرا موڪليا آهن.“
اليوشا مشڪندي کيس چيو، ته مان کيس ڪجهه به نه ٻڌائيندس.“
”اڙي، تون سمجهين ٿو، ته هوُ هن کي ٻڌي ناخوش ٿيندو ۽ هوُ حاسد آهي. پر کيس ان جي ڪابه پرواهه نه آهي.“ گروشينڪا آرزده ٿي چيو. ”هو هروڀرو حسد ٿو ڪري.“
”هروڀرو“، اليوشا کانئس پڇيو.
”مون توکي ٻڌايو، ته تون بيوقوف آهين، اليوشا. تون داناءَ هوندي به کيس نه ٿو ڄاڻين. مون کي هن لاءِ ڪابه ذهني ڪوفت نه ٿي ٿئي ته هوُ مون جهڙي ڇوڪريءَ لاءِ حاسد آهي. مون کي ذهني تڪليف پهچي ها، جيڪڏهن هوُ حسد نه ڪري ها. مان پڻ اِيئن آهيان. مان پاڻ حاسد ٿي سگهان ٿي، پر مان حسد نه ٿي ڪريان. مون وٽ هڪ خوفناڪ دل آهي. مان توکي ٻڌايان ٿي، ته هوُ هاڻي ڪنهن مقصد کان حاسد آهي. ڇا مان انڌي آهيان؟ ڇا مان ڏسي نه ٿي سگهان؟ هن مون سان هاڻي ان عورت ڪيٽرينا بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته هوءَ هيئن به آهي ۽ هونءَ به آهي. هن ڪيئن نه، هن جي لاءِ ماسڪو کان ڊاڪٽر گهرايو آهي، ته هوُ مقدمي ۾ کيس بچائي. ان کان سواءِ وڪيل، جو سندس مقدمي جي پيروي ڪري. جو بيحد هوشيار آهي. مان سمجهان ٿو ته هوُ هن سان محبت ٿو ڪري. جيڪڏهن هو منهنجي سامهون سندس تعريف ٿو ڪري، ته هيءَ سندس لاءِ وڌيڪ شرمندگيءَ جو باعث آهي! هوُ مون سان خراب هلت هلي رهيو آهي. هن مون کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ حملو ڪيو. مان پهريائين غلطي ۾ هيس، ان ڪري هن مون تي سڀ ڪجهه اڇلائي ڇڏيو. معلوم ٿئي ٿو، ته هوُ ڄڻ چئي رهيو آهي، ته تون منهنجي سامهون پنهنجي پول سان گڏ هئين، ان ڪري مان ڪيٽرينا تي ڪوبه ڏوهه ڏيئي نه ٿو سگهان. هوُ چاهي ٿو ته سڄو ڏوهه منهنجي مٿان اڇلائي وجهي. هن ڪنهن مقصد سان مون تي حملو ڪيو آهي، مان توکي ٻڌايان ٿي، ته مان وري....“
گروشينڪا پنهنجي جملي کي پورو ڪري نه سگهي، ته هوءَ ڇا ڪندي. هن رومال ۾ پنهنجي منهن کي لڪايو ۽ سڏڪن ۾ پئجي وئي.
اليوشا کيس مضبوطيءَ سان چيو ته ”هوُ ڪيٽرينا ايونونا سان محبت نه ٿو ڪري.“
”ڪهڙي خبر هوُ ساڻس محبت ڪري ٿو يا نه؟ مان ان کي پاڻهي معلوم ڪري وٺنديس. “ سندس آواز ۾ تحڪماڻو انداز هو ۽ هن منهن تان رومال کي کڻي ورتو. سندس منهن سـُـڄي ويو هو. اليوشا ڏُک مان کيس ڏٺو، ته نرم ۽ خوشي واري چهري جي بجاءِ، هاڻي سـُـڄيل ۽ نفرت واري ٿي ڏٺي.
”هيءَ بيوقوفي ڪافي آهي.“ هن اوچتو فيصلي واري انداز ۾ چيو. ”اليوشا پيارا، مان توڏي انهيءَ لاءِ نياپو نه موڪليو هو. سڀاڻي آخر ڇا ٿيندو؟ اها ڳالهه مون کي پريشان ڪري رهي آهي! مان سڀ ڏي نهاريان ٿي، پر ڪو به هن ڳالهه ڏي توجهه نه ٿو ڏئي. ڪو به ان جي پرواهه نه ٿو ڪري. ڇا تون به ان جي لاءِ ڪو خيال ڪرين ٿو؟ سڀاڻي هن تي مقدمو هلندو، جنهن جي توکي خبر آهي. مون کي ٻڌاءِ، ته ان تي ڪيئن مقدمو هلندو؟ توکي خبر آهي ته اهو نوڪر هو، جنهن کيس قتل ڪيو هو! خدايا! ڇا هوُ، هن نوڪر جي بجاءِ کيس ئي سزا ڏيندا. ڪو به سندس طرفداري نه ڪندو؟ هنن ته ان نوڪر کي ڪابه تڪليف نه ڏني آهي، اِيئن آهي نه! هوُ کيس تڪليف ڏيندا؟“
اليوشا هيءُ ٻڌي فڪر ۾ پئجي ويو ۽ کيس چوڻ لڳو، ته ”هن کان نهايت سختيءَ سان آڏي پڇا ڪئي وئي آهي، پر هر ڪو هن نتيجي تي پهتو آهي، ته هوُ ڏوهي نه آهي. هو هاڻي سخت بيمار آهي، هوُ بيماريءَ جي هن حملي کان اڳ ۾ به بيمار رهندو ٿو اچي. هوُ سچ پچ بيمار آهي.“
”اڙي پيارا! تون پاڻ وڪيل ڏي نه ٿو وڃي، کيس سڄي حقيقت کان آگاهه ڪرين؟ کيس ٽن هزارن روبل تي پيٽرسبرگ مان گهرايو ويو آهي. ماڻهو ته اِيئن ٿا چون.“
”اسان اهي ٽي هزار گڏجي ڪڍيا آهن، ايون، ڪيٽرينا ايونونا ۽ مان. پر هن ڊاڪٽر جي لاءِ ٻه هزار روبل پاڻ ڏنا آهن ۽ کيس ماسڪو گهرايو اٿائين. وڪيل فٽيوڪووچ وڌيڪ وٺي ها، پر هيءُ مقدمو سڄي روس ۾ مشهور ٿي ويو آهي. هيءُ مقدمو سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. فٽيوڪووچ، هيڏي اچڻ لاءِ، هن سبب کان تيار ٿي چڪو آهي، مان ساڻس مليو آهيان.“
گروشينڪا کانئس انتظار مان پڇيو، ته ”ڇا تو هن سان ڳالهايو به آهي؟“
”هن مون کي ڌيان سان ٻڌو، پر ڪو به جواب نه ڏنائين. هن مون کي ٻڌايو ته هوُ پنهنجي راءِ کي قائم ڪري چڪو آهي. پر هن هيءُ انجام ڪيو، ته هوُ منهنجي لفظن کي به زيرغور رکندو.“
”زيرغور! هيءُ دغاباز آهن! هيءُ سڀئي کيس برباد ڪري ڇڏيندا. هن ڊاڪٽر کي ڇو گهرايو آهي؟“
”هڪ ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾. هوُ ثابت ڪرڻ گهرن ٿا، ته مـِـتيا پاڳل هو. هن جو ڪجهه ڪيو آهي، ان لاءِ کيس خبر ئي نه پئي سگهي هئي، ته هوُ ڪو خون ڪري رهيو آهي.“ اليوشا ڌيرج سان مشڪيو. ”پر مـِـتيا، هن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو.“
”هائو، پر اها ته سچي ڳالهه ٿي پوندي ته هن، کيس قتل ڪيو آهي!“ گروشينڪا بلند آواز سان چيو. ”هوُ پاڳل هو ۽ پوريءَ ريت پاڳل هو. پر هيءَ سڄي منهنجي غلطي هئي. ڪيڏي نه مان بدبخت آهيان! بيشڪ هن اهو ڪم ڪيو آهي! هوُ سڀ هن جي خلاف آهن. سڄوئي شهر! رڳو فينا جي زباني به هيءُ ثابت ٿي ڪري، هن اهو ڪم ڪيو آهي. دڪان جي ماڻهن، آفيسرن ۽ هوٽل جي ماڻهن جي به ساڳي ڳالهه آهي. مان ماڻهن کي اِيئن چوندي ٻڌو آهي. سڀيئي سندس خلاف آهن. سڀئي سندس خلاف دانهون ڪري رهيا آهن.“
”هائو، هن مقدمي جي لاءِ وڏو اجتماع آهي. جا نهايت خطرناڪ ڳالهه آهي.“ اليوشا ڊڄندي چيو.
”گريگري ۽ وسيلووچ، پنهنجي ڪهاڻيءَ تي مضبوطي سان قائم آهن، ته دروازو کليل هو. هو زور ٿو ڏئي ته هن کيس ڏٺو هو. منجهس ڪابه تبديلي نه آئي آهي. مان پاڻ وئي هيس ۽ ساڻس ڳالهايو هيم. هوُ هن معاملي ۾ بي رخو به آهي.“
”هائو، اهائي ان جي خلاف زبردست شاهدي آهي.“ اليوشا چيو.
”مـِـتيا جي بابت ته هوُ پاڳل آهي، يقيناً هاڻي هو اِيئن پيو نظر اچي. گروشينڪا خاص انتظار ۽ پراسرار نموني ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. اليوشا توکي خبر آهي، ته مان گهڻي وقت کان چاهيو ٿي، ته توسان ان بابت ڳالهايان. مان هر روز وٽس ويندي آهيان ۽ ان وقت عجب کائيندي رهندي آهيان. مون کي هاڻي ٻڌاءِ، ته تون ڇا ٿو سمجهين ته هاڻي هوُ ڪهڙين ڳالهين بابت سوچيندو هوندو؟ ڳالهائيندو ۽ ڳالهائيندو رهي ٿو. ۽ ان مان ڪو به نتيجو نه ٿو نڪري. مان حيرت ۾ پئجي ويس. هو ڪجهه دانائي جي ڳالهه ڪري رهيو هو، پر مان پنهنجي بيوقوفي جي باعث ان کي سمجهي نه سگهيس. فقط اهو ته هن اوچتو ڪنهن ٻار بابت ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. اهو ذڪر ڪنهن ٻار جو. هي ٻار ڇو مفلس آهي؟ هن چيو. انهيءَ ٻار جي لاءِ ئي ته مان هاڻي سائيبريا ويندس. مان قاتل نه آهيان. پر مان سائيبريا ضرور ويندس! هن جو مطلب ڇا هو؟ ڪهڙو ڇوڪرو؟ مان سڄي حياتيءَ ۾ سندس اهڙيءَ گفتگو نه ٻڌي آهي. جڏهن هن اِيئن چيو، ته مان فقط رنيس. ڇاڪاڻ ته هن انهن لفظن کي نهايت عمدي ريت ادا ڪيو هو. هوُ به روئڻ لڳو ۽ مان به روئڻ لڳيس. هن اوچتو مون کي چميو ۽ منهنجي مٿان صليب جو نشان ٺاهيائين . اليوشا، هن جو مطلب ڇا هو؟ مون کي ٻڌاءِ. اهو ڇوڪرو ڪير آهي؟
”اهو ريڪٽن آهي، جو کيس روزانو ڏسڻ ويندو آهي.“ اليوشا مشڪيو. ”جيتوڻيڪ .... هيءُ عمل ان جو نه آهي. مان ڪالهه مـِـتيا سان نه مليو هوس. مان اڄ ساڻس ملندس.“
”نه اهو ريڪيٽن نه آهي. اهو سندس ڀاءُ ايون فيودورپاولووچ آهي، جو کيس پريشان ڪندو رهي ٿو. ان جي آمدورفت جي ڪري هيءُ سڀ ڪجهه ٿيوآهي.“ گروشينڪا ڳالهائڻ ته شروع ڪيو، پر جلدي خاموش ٿي وئي. اليوشا کيس عجب مان نهاريو. ”ايون وڃي ٿو. ڇا هو کيس ڏسڻ لاءِ ويو هو؟ مـِـتيا کيس پاڻ ٻڌايو هو، ته هو وٽس هڪ ڀيرو به نه ويوآهي.“
”ها، ها، مان ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهيان، مان سڀني ڳالهين کي ظاهر ٿي ڪري ويهان!“ هوءَ اوچتو پريشان ٿي وئي ۽ سندس رنگ ڳاڙهو ٿي ويو. ترس اليوشا، بس ڪر. جيئن ته مان سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪي آهيان، مان سڄي حقيقت ٻڌائينديس. هوُ وٽس ٻه ڀيرا ويو آهي. پهريون دفعو ته هوُ وٽس سنئون سڌو پهچي ويو هو. هوُ ماسڪو کان تيزيءَ سان هت پهچي ويو هو. مان بيمار پوءِ ٿي هيس. هفتو کن ٿيو، ته وري ساڻس ٻيو ڀيرو به مليو هو. هن مـِـتيا کي چيو هو، ته هوُ ان بابت توکي نه ٻڌائي، پوءِ ڪهڙي به ضرورت ڇو نه هجي، پر ٻين کي نه ٻڌائي. حقيقت ۾ هوُ هتي رازدارانه آيو آهي.“
”اليوشا ويهي رهيو ۽ خيالن ۾ گم ٿي ويو. هوُ ڪجهه سوچي رهيو هو. هن خبر مٿس وڏو اثر وڌو هو.
”ايون، مون سان مـِـتيا جي مقدمي بابت ڪجهه به نه ڳالهايو هو.“ هن آهستگيءَ سان چيو. ”گذريل ٻن مهينن بابت، هن مون سان، نهايت ٿورو ڳالهايو آهي. جڏهن به مان ساڻس ملڻ ويو آهيان، ته هوُ منجهيل نظر آيو آهي. ڄڻ ته منهنجو وٽس وڃڻ، کيس پسند نه آهي. ان ڪري مان وٽس ٽي هفتا اڳ ويو هوس ۽ وري نه ويو آهيان. هاڻ،...... جيڪڏهن هوُ وٽس هڪ هفتو اڳ ويو آهي...... ته پوءِ يقيناً مـِـتيا جي حالت ۾ تبديلي آئي هوندي.“
”منجهس ضرور تبديلي آئي هوندي.“ گروشينڪا قبوليت ڏيندي چيو.
”وٽن ڪو راز آهي، وٽن ڪو راز آهي، مـِـتيا مون کي پاڻ ٻڌايو هو. هيءُ ڪو اهڙو راز آهي، جنهن کان مـِـتيا ۾ بيقراري پيدا ٿي آهي. ٻي صورت ۾ هوُ اڳ ۾ نهايت کلمک هو. سچ پچ هاڻي به هو خوش آهي. پر جڏهن هوُ هيئن پنهنجي مٿي کي لوڏي ٿو ۽ تيز قدمن سان ڪمري ۾ گهمندي پنهنجي سڄي هٿ سان نراڙ جي سڄي پاسي جي وارن کي ڇڪي ٿو، تڏهن سمجهڻ ۾ اچي ٿو، ته کيس ڪا پريشاني آهي. مان ڄاڻان ٿي! هوُ اڳ ۾ بيحد خوش هو، جيتوڻيڪ اڄ به خوش آهي.“
”پر تو چيو ته هوُ پريشان هو.“
”هائو، هوُ پريشان ٿي ڏٺو، پر ان هوندي به کلمک. هوُ هڪ منٽ لاءِ جوش ۾ اچي ٿو ۽ وري کلمک بڻجي ٿو ۽ وري جوش ۾ اچي ٿو. اليوشا سچ پچ مون کي هيءُ ڏسي حيرت ٿي ٿئي. ڪا خطرناڪ شيءِ مٿس ضرور لٽڪندي نظر اچي ٿي. هوُ ڪڏهن ڪڏهن ته هنن نازڪ معاملن تي کلي ٿو، ڄڻ ته هوُ پاڻ ٻار آهي.“
”ڇا سچ پچ، هن توکي اِيئن چيو هو، ته ايون بابت مون کي ڪجهه به نه ٻڌائج؟ ڇا توکي هن چيو هو ته هن کي نه ٻڌائج؟“
”هائو، مون کي هن چيو هو ته هن کي نه ٻڌائج. اهو تون ئي آهين، جنهن کان مـِـتيا کي خوف ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته هيءُ راز آهي. هن چيو ٿي، ته هيءُ راز آهي. پيارا اليوشا هن ڏي وڃ، ۽ معلومات ڪر ته اهو راز ڪهڙو آهي؟ پوءِ اچي مون کي ٻڌاءِ.“ گروشينڪا اوچتي انتظار کان کيس ليلائي چيو. ”تون پنهنجي دل کي مطمئن رک، توڙي جو منهنجي لاءِ ڪا بدترين خبر ڇو نه هجي. انهيءَ ئي حقيقت لاءِ مان توڏي ماڻهو موڪليو هو.“
”تون سمجهين ٿي ته اهو تنهنجي بابت آهي؟ جيڪڏهن اِيئن هجي ها، ته هوُ توکي ڪڏهن به نه ٻڌائي ها، ته ڪو راز آهي!“
”مون کي خبر آهي، شايد هوُ مون کي اهو راز ٻڌائڻ گهري ٿو، پر سندس همٿ نه ٿي ٿئي، پر مون کي خبردار ڪري ٿو. ڪو راز آهي، جو هوُ مون کي ٻڌائڻ گهري ٿو. پر هوُ مون کي نه ٻڌائيندو ته ڇا آهي؟“
”تون پاڻ ڇا ٿي سمجهين؟“
”مان ڇا ٿي خيال ڪريان، اها منهنجي پڄاڻي آهي. مان اهوئي خيال ڪريان ٿي. هي ٽيئي، منهنجي انت آڻڻ لاءِ سوچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪيٽرينا انهن سان شامل آهي. هيءُ سڀ ڪيٽرينا جي سبب کان آهي. هوءَ ئي هيءُ ۽ هو آهي ۽ مان نه آهيان. هيءُ سڀ ڳالهيون هوُ اڳ ۾ ڪري رهيو آهي. ۽ مون کي خبردار ڪندو رهي ٿو. هوُ منصوبو ٺاهيندو رهي ٿو، ته مون کي اڇلائي ڇڏي. اهوئي سڄو راز آهي. هنن اهو منصوبو گڏجي ٺاهيو آهي. هيءُ ٽئي. مـِـتيا، ڪيٽرينا ۽ ايون فيودورپاولووچ. اليوشا، مان گهڻي وقت کان چاهيو ٿي، ته توکي هيءُ ٻڌايان. هڪ هفتو، هن اڳ ۾ مون کي چئي ڏنو، ته ايون ڪيٽرينا سان محبت ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو اڪثر کيس ڏسڻ لاءِ ويندو آهي. هن مون کي اهو سچ ٻڌايان؟ تون پنهنجي ضمير موجب مون کي ٻڌاءِ، ٻڌاءِ پوءِ کڻي ڇو نه بدترين هجي.
”مان توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس. مان خيال ڪريان ٿو، ته ايون، ڪيٽرينا ايونونا سان محبت نه ٿو ڪري.“
هائو، مان به اِيئن ئي خيال ٿي ڪيو. هوُ مون سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، بي شرم، فريبي. اهائي حقيقت آهي! هاڻي وري مون تي حاسد ٿي رهيو آهي، جيئن پوءِ مون تي سڄوئي ڏوهه اُڇلائي وجهي. هوُ بيوقوف آهي ۽ جو ڪجهه به ڪري رهيو آهي، ان تي هوُ پردو وجهي نه ٿو سگهي. هوُ هاڻي ظاهر ٿي پيو آهي، تون ڄاڻين ٿو..... پر مان هن راز کي ظاهر ڪنديس، تون اعتبار ٿي ڪرين، ته مون قتل ڪيو آهي، هن پاڻ اِيئن چيو. هن مون کي اِيئن چيو. هي مون کي ان بابت ملامت ڪندو رهيو. خدا کيس معاف ڪري. تون ترس. مان مقدمي جي پيروي وقت، ڪيٽرينا سان نبرنديس ۽ ان وقت ئي ڪجهه چئي سگهنديس....... مان سڀ ڪجهه ان وقت ٻڌائيندس.“
هوءَ وري سخت رودن ۾ پئجي وئي.
”هيءُ مان توکي يقين سان ٻڌايان ٿو، گروشينڪا!“ اليوشا اُٿندي چيو ته ”پهريائين ته هوُ توکي پيار ڪري ٿو، دنيا ۾ ڪنهن ٻي کان توکي وڌيڪ پيار ڪري ٿو، فقط مون تي اعتبار ڪرڻ گهرجي. مان اهو ڄاڻان ٿو. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته مان نه ٿو چاهيان، ته کانئس سندس راز جو تجسس ڪريان، پر جيڪڏهن اڄ هن مون کي پنهنجو پاڻ ٻڌايو، ته مان کيس سنئون سڌو ٻڌائيندس ته مان توسان انجام ڪيو آهي ته توکي سموري حقيقت ٻڌائيندس. ان کان پوءِ مان اڄ تو وٽ ايندس ۽ توکي ٻڌائيندس. مون کي فقط هي عجب ٿو لڳي ته..... ڪيٽرينا جو هن سان ڪو به واسطو نه آهي ۽ اهو راز ڪو ٻيو آهي. مون کي ان جي پڪ آهي. هن جي ته ڪيٽرينا ايونونا سان ڪا مناسبت ئي نه آهي. مون کي ته اِيئن نظر ٿو اچي، حال خدا حافظ اليوشا ساڻس هٿ ملايو. گروشينڪا اڃا تائين روئي رهي هئي. هن ڏٺو ته کيس ٿوري تسلي اچي وئي هئي. پر اهو چڱو ٿيو، جو هن پنهنجي ڏک کي ٻاهر ڪڍيو. کيس ڏک پئي ٿيو، ته هن ڏک جي حالت ۾، هوُ کيس ڇڏي رهيو آهي، پر هوُ تڪڙ ۾ هو. کيس اڃا گهڻيئي ڪم ڪرڻا هئا.

باب ٻيو: زخمي پير

سڀ کان مقدم اها ڳالهه هئي، ته هوُ خاتون هائلڪوف جي گهر وڃي ۽ هوُ تڪڙو تڪڙو اوڏانهين روانو ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن چاهيو ٿي، ته مـِـتيا وٽ پهچڻ ۾ دير نه ٿئي. خاتون هائلڪوف ٽن هفتن کان بيمار هئي. سندس پير ڪنهن سبب جي ڪري سڄي پيو هو. جيتوڻيڪ هوءَ بستري داخل ته نه هئي، پر سڄو ڏينهن ڪرسيءَ ۾، ٽيڪ ڏيئي، پنهنجي خلوت گاهه ۾ ويٺي ٿي رهي. سندس صورت موهيندڙ ۽ آرائش واري ٿي ڏٺي. اليوشا هڪ ڀيري معصوماڻي حيرت سان کيس ڏٺو هو، ته باوجود بيماريءَ جي خاتون هائلڪوف چڱي پوشاڪ ۾ ٿي ڏٺي. مثلاً: پنهنجي زلفن کي ربن (پٽيءَ) سان ٿي ٻڌائين، ويڪرو ۽ دل ڇڪيندڙ پهراڻ ٿي ڍڪيائين. سندس دلڪش ڏيکاءَ مان ٿورو شهبو ٿي پيو، جيتوڻيڪ هن عيش ۽ عشرت جي انديشن کي گهڻو وقت اڳي دل مان ڪڍي ڇڏيو هو. گذريل ٻن مهينن کان نوجوان آفيسر پروهيٽن لاڳيتو سندس گهر ۾ ملاقاتي بڻجي چڪو هو.
اليوشا کي چئن ڏينهن کان نه گهرايو ويو هو ۽ هن سڌو لزيءَ وٽ وڃڻ ٿي گهريو. هن ساڻس ڳالهائڻ ٿي گهريو. ڇاڪاڻ ته لزي اڳئين ڏينهن تي ساڻس ملڻ لاءِ پنهنجي نوڪرياڻي موڪلي ڏني هئي ۽ ساڻس ڪا ضروري گفتگو ڪرڻي اٿس. اهو هڪ اهڙو عرض هو، جو ڪنهن حد تائين اليوشا جي دلچسپين سان ڳنڍيل هو. پر جڏهن خادمه لزي وٽ سندس نالو ورتو تڏهن، خاتون هائلڪوف ڪنهن کان اهو ٻڌي ورتو ۽ هن هڪدم کيس چوائي موڪليو، ته هڪ منٽ لاءِ وٽانئس ٿي وڃي. اليوشا خيال ڪيو، ته چڱو ٿيندو ته پهريائين ساڻس نبري اچي. ٻي حالت ۾ هوءَ بار بار پئي ان ڏي ماڻهو موڪليندي. خاتون هائلڪوف هڪ ڪوچ تي ليٽي پئي هئي. هوءَ خاص طرح عمدي لباس ۾ هئي ۽ سندس جذباتي جوش منجهانئس ظاهر ٿي ڏٺو. هن اليوشا سان گرم جوشيءَ مان کيڪار ڪئي.
زمانو گذريو، زمانو، برابر زمانو، جو اوهان کي ڏٺو آهي! سڄو هفتو گذري ويو، تون ان کي خيال ۾ ته آڻ. اڙي تون چار ڏينهن اڳ ۾ هتي آيو هئين، يعني اربع جي ڏينهن. تون لزيءَ سان ملڻ آيو آهين. تون اِيئن چاهيندو هوندين، ته ٻين تي هلي، سندس ڪمري ۾ ترڪي وڃي، جيئن مون کي خبر نه پوي. منهنجا عزيز اليڪسي فيودورپاولووچ جيڪڏهن توکي اها خبر پوي، ته مان هن جي لاءِ ڪيتري قدر پريشان آهيان، پر مان ان کي ڇڏي ٿي ڏيان ۽ پوءِ جي لاءِ ٿي رکان. عزيز اليوشا، مان پنهنجي لزي کي توکي پوريءَ ريت سپرد ٿي ڪريان. مربي زوسيما جي موت کان پوءِ، خدا! سندس روح کي آرام ڏي (هن ان وقت پنهنجي مٿان صليب جو نشان ٺاهيو) مان توکي راهب سمجهندي آهيان، جيتوڻيڪ تون نئين لباس ۾ نهايت دلڪش ٿو لڳين. هن ملڪ جي حصي ۾ تو اهڙو درزي ڪٿان هٿ ڪيو آهي؟ نه نه، اها ڪا مکيه ڳالهه نه آهي. اها پوءِ به ڪبي. مون کي هن لاءِ معاف ڪج، جو مان ڪڏهن ڪڏهن توکي اليوشا سڏيندي آهيان. مون جهڙي پوڙهي عورت کي اها آزادي هئڻ کپي. هوءَ نهايت وڻندڙ نموني ۾ مشڪي. ”پر اهي ڳالهيون به پوءِ ٿينديون. مکيه ڳالهه آهي، ته ڪنهن ضروري ڳالهه کي نه وسارجي. مهرباني ڪري پاڻ تون انهن ڳالهين جي يادگيري ڏيار. جڏهن مان ڪنهن گفتگوءَ کي شروع ڪريان، ته هڪدم مون کي چئي ڏي ته هي ضروري شيءِ آهي؟ اڙي مان هاڻي ڪيئن نه ڄاڻان ٿي ڪهڙي شيءِ ضروري آهي؟ جڏهن کان لزي، پنهنجي انجام کي واپس ورتو آهي، هوُ ٻاراڻو انجام، اليڪسي فيودورپاولووچ ته هوءَ توسان شادي ڪندي. هن مان تو سمجهيو هوندو ته هيءُ سڀ بيمار ڇوڪري جو هوَس هو، جا ڪيتري وقت تائين ڪرسي ۾ قابو ٿي رهي. خدا جو شڪر آهي، هوءَ هاڻي گهمي سگهي ٿي. نئون ڊاڪٽر، جنهن کي ڪٽيا، تنهنجي بد قسمت ڀاءُ جي لاءِ ماسڪو مان گهرايو آهي، جو سڀاڻي مقدمي ۾ پيش ٿيندو.... پر سڀاڻي جو ذڪر ڇا لاءِ؟ مان ته سڀاڻي جي خيال کان اڄ ئي مرڻ لاءِ تيار آهيان...... هن مونجهاري کان مرڻ لاءِ تيار آهيان...... اهو ڊاڪٽر ڪالهه اسان سان هو ۽ هن لزيءَ کي ڏٺو هو....... مان کيس هن تپاس لاءِ پنجاهه روبل ڏنا هئا. پر اها به ڳالهه نه آهي. توکي خبر آهي ته مان سڀ ڪنهن شيءِ کي گڏ ڪري رهي آهيان ۽ مان ايتري تڪڙ ۾ آهيان. مان ڇو ايتري تڪڙ ۾ آهيان؟ مان ان کي سمجهي نه ٿي سگهان. اها نهايت خطرناڪ ڳالهه آهي، جو مان هاڻي سڀ ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ کان قاصر آهيان. هر ڪا شيءِ مون کي شڪي ٿي نظر اچي. مون کي خوف ٿو ٿئي ته تون به منهنجي گفتگوءَ کان ايترو ته ڪڪ ٿي پوندين، جو ٽپو ڏئي هليو ويندين ۽ اهوئي، مان توکان ڏسنديس.“ اِيئن چئي هن يوليا کي ڪافي آڻڻ لاءِ چيو.
اليوشا تڪڙ مان سندس شڪريو بجا آندو ۽ کيس چيائين، ته هوُ هاڻي ڪافي پي آيو آهي.
”ڪٿي؟“
”اگرافينا اليگزينڊرووينا وٽ.“
”انهيءَ وٽ...... انهيءَ عورت وٽ؟ افسوس اهو آهي، جنهن سڀ جي مٿان تباهي آڻي وڌي آهي، ان جي تون ڪافي پي آيو آهين! مان جيتوڻيڪ ان بابت ڪجهه به نه ٿي ڄاڻان. ماڻهو چون ٿا، ته هوءَ هاڻي درويش بڻجي وئي آهي، جيتوڻيڪ اهو دير سان ٿيو. کيس اڳ ۾ ئي بڻجڻ کپندو هو. هاڻي درويشي ڪهڙي ڪم جي؟ اليڪسي فيودورپاولووچ، چپ ڪر، مون کي توسان ايترو گهڻو ڳالهائڻو آهي، جو سمجهان ٿي ته ڪجهه به چوڻو نه آهي. هيءُ خطرناڪ مقدمو...... مون کي اتي وڃڻو پوندو. مان ان جي لاءِ تياري ڪري رهي آهيان. مان پاڻ کي ڪرسيءَ ۾ کڻائي به اتي پهچنديس ۽ اتي ويهنديس. مون سان گهڻائي ماڻهو هوندا ۽ توکي خبر آهي، ته مان انهيءَ مقدمي ۾ شاهد آهيان. مان اتي ڪيئن ڳالهائينديس، ڪيئن ڳالهائينديس؟ مون کي خبر نه آهي، ته مان اتي ڇا چونديس؟ اتي قسم کڻڻو پوندو، اِيئن آهي نه؟“
”هائو، پر مان سمجهان ٿو ته تون وڃي نه سگهندينءَ.“
”مان ويهي رهنديس. اڙي تو منهنجي گفتگوءَ کي ڦيرائي ڇڏيو. اڙي هي مقدمو، هي وحشياڻو فعل: تنهن کان پوءِ هوُ سڀئي سائبيريا وڃي رهيا آهن ۽ اُتي ڪي شادي ڪندا. هيءُ سڀ نهايت تيزيءَ سان ٿيندو. سڀ ڪا شيءِ تبديل ٿي رهي آهي ۽ آخر. ڪجهه به نه. سڀ پوڙها ٿي ويندا ۽ موت جا منتظر. هائو اِيئن ئي ٿيندو! مان ٿڪايل آهيان. هيءُ ڪٽيا، حسين شخصيت واري، منهنجي اميدن کي غائب ڪري ويٺي آهي. هاڻي هوءَ تنهنجي ڀائرن مان هڪ جي پٺ وٺي سائبيريا وڃي رهي آهي ۽ تنهنجو ٻيو ڀاءُ به ان جي پٺ وٺي رهيو آهي. هوُ ڪنهن قريبي شهر ۾ وڃي رهندا ۽ هوُ هڪٻئي کي عذاب ڏيندا رهندا. اهي ڳالهيون منهنجي دل کي تڪليف ڏئي رهيون آهن. سڀ کان وڌيڪ اخبارون. هيءَ آکاڻي لک ڀيرا، ماسڪو پيٽرسبرگ جي اخبارن ۾ ڏني وئي آهي. افسوس! تون هن ڳالهه تي اعتبار ڪندين، ته انهن ۾ هڪ ننڍڙي عبارت ۾ ڏنو ويو آهي، ته مان تنهنجي ڀاءُ جي عزيز دوست آهيان. مان اُهي خطرناڪ لفظ دهرائي نه ٿي سگهان. هن تي عجب ٿو لڳي.“
”نا ممڪن، اها عبارت ڪٿي آهي؟ ڪير ٿو چوي؟“
”مان توکي سنئون سڌو ڏيکارينديس. مان ڪالهه اها اخبار ورتي هئي ۽ اُن کي پاڻ پڙهيو اٿم. پيٽرسبرگ جي اخبار ”گاسپ“ . هي اخبار هن سال جاري ٿي آهي ۽ مان ان جي بيحد شوقين آهيان. مان ان کي خريد ڪندي آهيان، پر هاڻي ان جو چڱو بدلو ڏيئي رهي آهي. ”گاسپ“ هاڻي هن طرف به رجوع ٿي وئي آهي. اجها هيءَ آهي ۽ اها عبارت هن کي پڙهي ڏس.“
اِيئن چوندي، هن اخبار جو پنو، اليوشا جي هٿ ۾ ڏنو، جو وهاڻي جي هيٺان رکيو هو.
اليوشا کي چڱيءَ ريت خبر هئي، ته اِيئن به نه آهي ته هوءَ، انهيءَ ڳالهه جي ڪري بيچين هئي، هن جي مٿان خيالن جي ڀرمار هئي ۽ سندس دماغ ۾ هر چيز درهم برهم هئي. اها عبارت پـُـر معنيٰ هئي ۽ ان جي لاءِ ايذاءُ ڏيندڙ، پر خوش قسمتيءَ سان، هوءَ ان گهڙيءَ ۾ ڪنهن هڪڙي مضمون تي ڌيان ڏئي نه سگهي هئي. ٿي سگهي پيو ته هوُ هڪ منٽ ۾ هڪ کان ڪنهن ٻي شيءِ ڏي هلي وڃي ۽ اخبار کي وساري ڇڏي.
اليوشا کي هيءَ خبر هئي، ته هيءَ ڪهاڻي هڪ خطرناڪ مقدمي جي صورت ۾ سڄي روس ۾ پکڙجي چڪي هئي. خدايا! ڪيڏا نه سندس ڀاءُ جي لاءِ وحشياڻا افواهه هئا. سڀني ڪرامازوف جي ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ، هنن ٻن مهينن جي وچ ۾ هن اخبارن ۾ ڪوڙيون ۽ فرضي ڳالهيون پڙهيون هيون. هڪ اخبار ته هيستائين وڌي، پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو، ته هوُ ڀاءُ جي گناهه کان خوفزده ٿي مڙهيءَ ۾ راهب بڻيو آهي. ٻيءَ صورت، ان سان اختلاف ظاهر ڪندي لکيو هو، ته هوُ ۽ سندس پير مربي زوسيما، مڙهيءَ جي خيراتي صندوق کي ڀڃي ۽ ڀڄي ويا آهن. ”گاسپ“ اخبار جو ٽڪرو ڏنو ويو هو، ان جو عنوان هو ”اسڪوٽو پريگونيوسڪ ۾ ڪرامازوف جو مقدمو“. (هيءَ هڪ ننڍڙي شهر جو نالو هو، مان ان ڪري، هن کي راز ۾ رکيو آهي.) هيءَ اخبار وارو ٽڪرو مختصر هو، جنهن ۾ سنئون سنواٽو، خاتون هائلڪوف جو ذڪر ڏنل نه هو. حقيقت ۾ نالا ڏنل ئي نه هئا. ان ۾ هي بيان ڏنل هو، ته ”جنهن ڏوهي جي مقدمي، ايڏو هراس پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ جنهن جو مقدمو هلڻ وارو آهي. اهو هڪ فوج جو نڪتل ڪپتان آهي. هوُ هڪ بيڪار، آوارا رجعت پسند بدمعاش آهي. هوُ لاڳيتو، ڪيترن ئي عشق جي معاملن ۾ بدنام ٿيل آهي. خاص ڪري، ڪن خاص عورتن وٽ گهڻو پسند آهي، جي تنهائي ۾ تڪليفون برداشت ڪنديون ٿيون رهن. هڪ اهڙي خاتون، جا اڪيلائيءَ ۾ ڪڙهندڙ بيواهه آهي ۽ جا پاڻ کي نوجوان سمجهندي آهي. جيتوڻيڪ کيس نوجوان ڌيءَ به آهي، ايتري ته ساڻس موافق آهي، جو هن ڏوهه کان ٻه ڪلاڪ اڳ ۾، کيس ٽي هزار روبل هن شرط تي ڏيڻا ڪيا هئا، ته هوُ ساڻس ڀڄي، سون جي کاڻين ڏي هلي. پر ڏوهي ان جي سزا کان بچڻ لاءِ، پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري، ٽي هزار روبل هٿ ڪرڻ آسان سمجهيا. اڪيلائي ۾ هڪ ڪرڙوڍ ڪڙهندڙ عورت جي محبت ۾ هن سائيبريا وڃڻ پسند نه ڪيو. هيءُ واهيات ٽڪرو، وڃي هن ريت ختم پئي ٿيو، ته هيءَ سڄي توهين آميز حرڪت هئي، جنهن ۾ ڏوهي جي مذمت هئي، ته ڏوهي پيءُ جو قاتل آهي ۽ هن سڀني اخلاقي اصولن کي پنهنجي ذلالت سان مات ڪري ڇڏيو آهي. الوشيا، ان کي عجب مان پڙهڻ بعد ويڙهيو ۽ خاتون هائلڪوف کي اخبار موٽائي ڏني.
”ها ته مان ئي اها عورت ٿي سگهان ٿي، هن وري جلدي مان چيو. بي شڪ مان ئي آهيان. مشڪل سان واقعي کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۾، مان ئي کيس سون جي کاڻين ڏانهن وڃڻ جي صلاح ڏني هئي. هن ۾ هڪ ڪرڙوڍ عورت جي سحر انگيزيءَ جو ذڪر ڪيل آهي. خدا کيس ڪرڙوڍ عورت جي ساحريءَ لاءِ معاف ڪري، جيئن مان کيس معاف ڪيو آهي! توکي خبر آهي ته اهو ڪير آهي؟ هيءُ تنهنجو دوست ريڪيٽن آهي.“
”ٿي سگهي ٿو،“ اليوشا کيس چيو، ”جيتوڻيڪ مون کي هاڻي سندس ڪابه خبر نه آهي.“
”اهوئي آهي، اهوئي آهي. اهي انهيءَ جون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. توکي خبر آهي، ته مان کيس پنهنجي گهر مان هڪالي ڇڏيو آهي....... توکي اها سموري ڪهاڻي ٻڌڻ گهرجي. توکي ته خبر به آهي. ڪيئن؟“
”مون کي خبر آهي، ته تو هن کي چيو هو، ته هوُ وري توسان ملاقات نه ڪري. پر اِيئن ڇو ٿيو؟ اهو مون نه ٻڌو آهي..... گهٽ ۾ گهٽ توکان ته نه ٻڌو اٿم.“
”اڙي، ٿي سگهي ٿو، ته تو هن کان ٻڌو هجي! هو مون کي گاريون ٿو ڏئي ۽ مان خيال ڪريان ٿي ته هوُ مون کي گاريون ڏيندو هوندو.“
”هائو، هوُ اِيئن ڪندو آهي، پر ٻين کي به ته گاريون ڏيندو آهي. پر تو، هن کي ڇو ڇڏي ڏنو، اهو مان هن کان نه ٻڌو آهي. مان هاڻي ساڻس ورلي ملندو آهيان. سچ پچ. پر مان هاڻي سندس دوست نه آهيان.“
”بهتر، هاڻي مان توکي ان لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي. هن کان سواءِ ڪو چارو نه آهي، مان اُن لاءِ قبوليت ٿي ڏيان. هي فقط هڪ نقطو آهي، جنهن ڪري مون تي ڏوهه اچي سگهي ٿو. پر اُهو تمام خسيس ۾ خسيس نقطو آهي، ايتري قدر جو ان کي شمار به نه ٿو ڪري سگهجي. منهنجا پيارا ٻار،“ خاتون هائلڪوف اوچتو، چيلهه کي ڏنگو ڪيو ۽ نهايت دلڪش نظر اچڻ لڳي، جيتوڻيڪ ڳجهارت جهڙي مشڪ سندس چپن تي کيڏي رهي هئي. مون کي شڪ ٿو پوي. ڄڻ ته تون مون لاءِ پيءُ وانگر آهين. ماءُ جو ڪم سوال ئي نه ٿو اُٿي. مان اِيئن سمجهان ٿي، ته ڄڻ مربي زوسيما جي سامهون اعتراف پيش ڪري رهي آهيان. اِيئن آهي به. مان توکي ٿورو اڳ ۾ راهب ڪري سڏيو هو. خير اهو مسڪين، نوجوان، تنهنجو دوست ريڪيٽن (خدا اسان تي پنهنجو رحم فرمائي، مان اتي ناراض نه ٿينديس ۽ جيتري قدر ٿي سگهندو، ته سندس پرده پوشي ڪنديس.) هوُ عياش نوجوان، تون اعتبار ڪندين، ته سندس دماغ ۾ الائجي ڪيئن اچي، هيءَ ڳالهه ويٺي، ته هوُ مون سان محبت ڪري. جنهن کي مان پوءِ سمجهيو پهريائين. مهينو کن گذريو، هوُ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ملاقات لاءِ ايندو هو. پوءِ اڪثر هڪ نه ٻي ڏينهن. جيتوڻيڪ اسان هڪٻئي سان اڳ ۾ ئي واقف هئاسون، پر مان ان جي لاءِ ڪجهه به نه ٿي ڄاتو..... هوُ اوچتو منهنجي مٿان اُڀري پيو ۽ مان حالتن کي عجب مان ڏسڻ شروع ڪيو. توکي خبر آهي ته ٻه مهينا اڳ ۾ هوُ شرميلو، دلڪش ۽ اعليٰ نوجوان پيوٽراليچ پروهيٽن، جو هتي ملازمت ۾ آهي، منهنجو هميشھ جو ملاقاتي بڻجي پيو هو. تون به کيس هتي ڪيئي ڀيرا ملي چڪو آهين. هوُ نهايت اعليٰ ۽ سنجيدهه نوجوان آهي. ڪيئن، اِيئن آهي نه؟ هوُ پهريائين هر ٽئين ڏينهن تي ايندو هو ۽ نه هر روز (جيتوڻيڪ مون کي خوشي ٿي ته هو هر روز مون وٽ اچي.) هوُ هميشھ عمدي ريت لباس پهريل هوندو آهي. ان کان سواءِ، اليوشا مان نوجوانن کي پيارو گهرندي آهيان. جن ۾ ڪي لياقتون هجن ۽ شرميلا هجن، جيئن تون. هن وٽ ته هميشھ سياستدان جي دل آهي. هوُ ايتري قدر ته دلڪش گفتگو ڪندو آهي، جو مان يقيناً، مٿس موهجي پوندي آهيان. هوُ مستقبل جو سياستدان آهي. ان خوفائتي ڏينهن تي، هن مون وٽ رات جو اچي، مون کي موت جي منهن مان بچائي ورتو هو. تنهنجو دوست ريڪيٽن وري اهڙن غليظ بوٽن سان اچي، پير ڊگهيري، منهنجي غاليچي کي خراب ڪندو آهي..... هوُ پنهنجي جذبات متعلق اشارا ڏيڻ لڳو. ظاهر ظهور ۽ ڏهاڙي هڪ ڏينهن جيئن هوُ وڃي رهيو هو، هن منهنجي هٿ کي نهايت زور سان ڀڪوڙيو. سندس زور ڏيڻ سان، منهنجو پير سـُـڄڻ لڳو. هوُ پيوٽراليچ سان اڳ ۾ هتي مليو هو ۽ توکي اعتبار ايندو ته هوُ الائجي ڪهڙي سبب کان مٿس طعني زني ڪندو هو ۽ سندس مذاق اڏائيندو هو. مان فقط ان وقت هي ڏسندي رهندي هيس ته ڪهڙي ريت، هڪٻئي تي اندر ئي اندر کلندا رهن ٿا.
اهڙيءَ ريت، مان هڪ ڏينهن ويٺي هيس. اڪيلي. نه مان اُن وقت ليٽي پئي هيس. خير مان هتي اڪيلي ليٽي پئي هيس، ته ريڪيٽن آيو. رڳي حيرت جهڙي ڳالهه آهي! هن پنهنجي تصنيف مان ڪي شعر مون وٽ آندا. هڪ ننڍڙو نظم، جو هن منهنجي بيمار پير تي لکيو هو. يعني هن منهنجي پير بابت نظم ۾ ذڪر ڪيو هو. هڪ منٽ ترس. اها اهڙي ريت هئي:
”هڪ پير درد وارو.“
ڪجهه اهڙي طرح شروع پئي ٿيو. مون کي شعر ياد نه رهندو آهي. اهو مون وٽ هتي آهي ۽ مان پوءِ توکي ڏيکارينديس. پر هيءَ نهايت دلچسپ شيءِ آهي. توکي خبر هئڻ گهرجي، ته ان ۾ فقط پير جو ذڪر نه آهي، پر ان ۾ ڪي چڱا اخلاقي نقطا به آهن. چڱو دلچسپ خيال پر مون کي ياد نه آهي. حقيقت ۾ اها شيءِ پاڻ وٽ سانڍي رکڻ جهڙي هئي. مان ان ڪري سندس شڪريو بجا آندو ۽ هوُ ظاهر آهي ته ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. مان سندس مشڪل سان شڪريو بجا آندو ته ان وقت پيوٽراليچ، اوچتو اچي ويو ۽ ريڪيٽن اِيئن ته ڪارو بڻجي ويو، جيئن رات. مان ڏسان پئي ته پيوٽراليچ سندس راهه ۾ اٽڪاءُ هو. ڇاڪاڻ ته نظم کي ڏيڻ کان پوءِ، پڪ سان ريڪيٽن مون کي ڪجهه چوي ها. مون کي اچڻ واري واقعي جو اڳ ۾ احساس ٿي چڪو هو، پر پيوٽرايليچ اچي ويو. مان پيوٽر کي اها نظم ڏيکاري، پر کيس اِيئن ڪونه چيم ته اها ڪنهن جي تصنيف آهي. پر مان سمجهان ٿي، ته هن صحيح ڪري ورتو هو. جيتوڻيڪ هوُ اڄ تائين به ان جو انڪار ڪندو رهيو آهي ۽ ظاهر ڪندو رهيو آهي ته وٽس! اهو خيال ئي نه هو. پر هوُ هروڀرو اِيئن چوي ٿو. پيوٽرايليچ کلڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ان تي اجائي تنقيد ڪرڻ لڳو. هن چيو ڪنهن راهب شاگرد هن کي لکيو آهي. سندن لفظن ۾ تيزي ۽ تندي هئي. هاڻي تنهنجو دوست کلڻ جي بجاءِ غصي سان ڀرجي ويو، ان وقت مان سوچيو ته خدايا، هيءُ ته هڪٻئي سان وچڙي ويندا. هن چيو، ته اهو مان آهيان، جنهن هي نظم لکيو آهي. مان هن کي طنزيه انداز ۾ لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته مان سمجهندو آهيان، ته شعر لکڻ ڪا عزت واري شيءِ نه آهي.... پر هي چڱا شعر آهن. هي شعر تنهنجي پشڪن جي ان نظم جي يادگيري ٿا ڏيارين، جي هن عورت جي پير بابت لکيا آهن. هوڏانهن مان ڪنهن اخلاقي نقطي کي مدنظر رکي، هن کي لکيو آهي ۽ تون چوين ٿو، ته هيءُ رذالت ٿي ڏيکاري. تو وٽ ڪابه انسانيت ڪانه آهي. تو وٽ جديد جذبات جي نورانيت مفقود آهي. تو بنا ڪنهن اثر جي ترقي ڪئي آهي. تون رڳو سرڪاري ملازم آهين ۽ رشوت وٺندو رهين ٿو. مان اُن وقت رڙيون ڪرڻ لڳيس ۽ خاموشيءَ لاءِ کانئن تقاضا ڪرڻ لڳيس. توکي خبر آهي ته پيوٽرايليچ سڀ ڪجهه آهي، پر بزدل آهي. هن هڪدم پنهنجي آواز کي شريفاڻي انداز ۾ بدلايو ۽ کيس مسخراڻي انداز ۾ ڏسندي معافي گهري. منهنجو اهو مقصد نه هو، هن چيو مون کي جيڪڏهن اها خبر هجي ها، ته مان اِيئن ڪڏهن به نه چوان ها، پر تعريف ڪريان ها. شاعر سڀئي جوشيلا ٿيندا آهن. مختصر ته هوُ نهايت شريفاڻي انداز ۾ مٿس کلندو رهيو. هن پوءِ مون کي تشريح ڪندي ٻڌايو هو، ته هي سڀ مذاق هو. مان خيال ڪيو ٿي ته هوُ ان وقت انتظار ۾ هو. مان اڳ ۾ ليٽي پئي هيس، جيئن هاڻي ڏسين ٿو، ان وقت خيال ڪيم ته اهو چڱو نه ٿيندو، ته ريڪيٽن کي هن بيهودگيءَ سان رڙين ڪرڻ جي ڪري، گهر کان ڪڍي ڇڏيان، جو منهنجي ملاقاتيءَ سان بـُـرو پيش اچي رهيو آهي ۽ منهنجي ئي گهر ۾. تون اعتبار ڪندين، مان اِيئن ئي ليٽي پئي هيس ۽ اکيون ٻوٽيل هيم. اُن وقت ڳڻتيون کائيندي رهيس، ته منهنجو اهو قدم صحيح ٿيندو يا نه؟ مان پريشان ٿيندي رهيس ۽ منهنجي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. مان ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيس، ته اهڙيءَ ريت پنهنجي آواز کي بلند ڪريان يا نه؟ هڪ آواز مون کي چوندو ٿي رهيو ته ڳالهاءِ، ته ٻيو آواز مون کي منع ڪندو ٿي رهيو، ته نه ڳالهاءِ. جلدي ٻي آواز چيو ته چؤ ۽ مان رڙ ڪري چيو ۽ ٻڏي ويس. بيشڪ هيءَ بيهودگي هئي. مان اوچتو اٿي بيٺيس ۽ ريڪيٽن کي چيم ته مون کي ڏک ٿو ٿئي، جو ڪجهه مان چئي رهي آهيان، پر مان توکي وري هن گهر ۾ ڏسڻ نه ٿي گهران. اِيئن مان کيس گهر کان ڪڍي ڇڏيو. آهه! اليڪسي فيودورپاولووچ مان هيءُ غلط ڪيو. مان سچ پچ مٿس ڪاوڙيل به نه هيس، پر مان اوچتو خيال جي گهيڪ ۾ اچي ويس. منهنجي عمل جو اهوئي سبب هو. اهو هڪ عجيب منظر هو.... پر ان هوندي به مان سمجهان ٿي، ته اهو فطرتي هو. ڇاڪاڻ ته مان ڪيترا ڏينهن پوءِ روئيندي رهيس ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي رهيس ۽ اوچتو هڪ ڏينهن منجهند جو سڀ ڪجهه وساري ويٺيم. کيس ٻه هفتا گذريا هئا، ته هوُ هتي آيو ۽ مان هاڻي عجب مان منتظر آهيان ته هوُ وري مون وٽ ايندو ڇا؟ مان ڪالهه پڻ ان تي غور ڪري رهي هيس ۽ اوچتو گذريل ڏينهن جي گاسپ اخبار آئي. مان ان کي پڙهيو ۽ حيران رهجي ويس. ڪير هن کي لکي سگهي ٿو؟ هن ئي، ان کي لکيو آهي. هوُ گهر ويو ۽ ويٺو، ان تي لکيائين ۽ موڪلي ڏنائين. هنن به شايع ڪيو. هن کي ٻه هفتا گذريا. پر اليوشا هيءَ خطرناڪ شيءِ آهي، جو مان ڳالهائيندي وڃان ٿي. جا مٿي مون کي چوڻ گهربي هئي، سا چئي نه سگهي آهيان. اڙي الفاظ پنهنجو پاڻ ٻاهر ايندا آهن!“
”اهو منهنجي لاءِ نهايت ضروري آهي، ته مان پنهنجي ڀاءُ کي ڏسڻ لاءِ اڄ وقت تي پهچان.“ اليوشا هٻڪندي چيو.
”پڪ سان، پڪ سان! اتان جي خبر مون وٽ سڄي آڻج. ڌيان ڏيئي ٻڌ ۽ مون کي سمجهاءِ، ته راهه کان ڀٽڪي وڃڻ ڇا کي چئبو آهي؟“
”ڪنهن جو راهه کان ڀٽڪڻ؟“ اليوشا کيس عجب مان ڏسندي چيو.
”قانوني نقطهِّ نگاهه کان راهه کان ڀٽڪي وڃڻ، جنهن کي سڀ ڪو قصور معاف ڪري سگهجي ٿو. تون کڻي ڪجهه به ڪر، پر توکي معاف ڪيو ويندو.“
”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“
”مان توکي ٻڌائيندس هيءَ ڪٽيا.......... هوءَ نهايت دلڪش انسان آهي. مان فقط اهو اندازو نه لڳائي سگهي آهيان، ته هوءَ ڪنهن سان محبت ڪري رهي آهي. مون سان هوءَ ڪجهه وقت اڳ ۾ گڏ هئي، پر مان هن مان ڪجهه به ڪڍي نه سگهيس. هاڻي ته هوءَ خاص طرح مون سان هن سطح تي نه ڳالهائيندي. هوءَ مون سان منهنجي صحت بابت هاڻي ڳالهائيندي، آهي ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه. مان پاڻ سان چوندي آهيان ته چڱو ٿيو، مون کي سندس پرواهه به نه آهي.... ها، ته مان راهه کان ڀٽڪي وڃڻ تي ڳالهائي رهي هيس. هي ڊاڪٽر آيو آهي. توکي خبر آهي ته ڊاڪٽر آيو آهي؟ بيشڪ تون ان کي ڄاڻين ٿو. اهو جو پاڳل ماڻهن جي تشخيص ڪري ٿو. ان کي لکيو. نه تو لکيو هو، پر ڪٽيا لکيو هو. اهو انهيءَ جو ئي ڪم آهي. صحيح آهي ڪو ماڻهو حواس باخته ويٺو هجي ۽ اوچتو بي راهه بڻجي وڃي. هو شايد هن کان به خبردار هجي، ته ڇا ڪري رهيو آهي ۽ اُن هوندي به هو اهڙي حالت ۾ پهچي وڃي ٿو، جو پنهنجي هٿ کان تحمل کي ڇڏي ٿو ڏئي. اهو مشڪل ٿي سگهي ٿو ته دمتري فيودورپاولووچ انهيءَ ئي بيماريءَ جو مريض آهي. جڏهن کان ڪورٽن کي سڌاريو ويوآهي، تڏهن کان هن بيماري يعني غير متحمل ٿيڻ کي لڌو آهي. اهو انهن اصلاح پذير قاعدي جي ڪورٽن جو مؤثر قدم آهي. ڊاڪٽر ڪالهه هتي آيو هو ۽ ان گذريل شام بابت مون کان سوال ڪيا هئا. اُهي سوال سون جي کاڻين بابت هئا. هن مون کان پڇيو، ته هوُ ان وقت ڪيئن ٿي ڏٺو؟ هو ضرور غير متحمل حالت ۾ هوندو. هوُ رڙيون ڪندو آيو ته، پيسا، پيسا، ٽي هزار، مون کي ٽي هزار روبل ڏيو. ان کان پوءِ هوُ هليو ويو ۽ جلدئي خون ڪيائين. هن چيو ٿي ته مان هن کي خون ڪرڻ نه ٿو گهران، پر هوُ اوچتو ويو ۽ اُن کي خون ڪيائين. اهو سبب آهي، جو سڀئي کيس گنهگار نه ٿا سمجهن، ڇاڪاڻ ته هوُ اُن لاءِ پاڻ سان وڙهندو رهيو آهي، پر هن خون ڪيو آهي.“
”پر هن خون نه ڪيو آهي،“ اليوشا سختيءَ سان ڳالهائيندي وچ ۾ ٽپي پيو. هو وڌ کان وڌ انتظار ۽ بي صبري محسوس ڪرڻ لڳو.
”هائو مان ڄاڻان ٿي، اهو پوڙهو گريگري هو، جنهن اُن کي قتل ڪيو هو.“
”گريگري“، اليوشا رڙ ڪري چيو.
هائو، هائو، اهو گريگري هو. جيئن ئي دمتري فيودورپاولووچ کيس ڌڪ هڻي ڪيرائي ڇڏيو ، هوُ اتي پيو رهيو. جڏهن هوُ اٿيو ته هن دروازي کي کليل ڏٺو. هوُ اندر گهڙي ويو ۽ فيودورپاولوچ کي قتل ڪري ڇڏيائين.“
”پر ڇو؟ ڇو؟“
اهوئي غير متحمل هئڻ. دمتري فيودورپاولووچ جي مٿي واري ڌڪ کان، جڏهن هوُ هوش ۾ آيو، هوُ ان وقت غير متحمل هو. هوُ ويو ۽ قتل ڪيائين. هوُ جيڪڏهن هاڻي چوي ٿو، ته هن ڪيو آهي ته ٿي سگهي ٿو، ته کيس ياد نه هجي. فقط تون ئي هن کي چڱي طرح ڄاڻي سگهين ٿو، ته دمتري فيودورپاولووچ کيس قتل ڪيو آهي يا نه؟ جيتوڻيڪ مان چوان ٿي، ته اهو گريگري آهي. ڏسڻ ۾ اهو دمتري فيودورپاولووچ ٿي سگهي ٿو ۽ ان ۾ پختگي به آهي، پر اهو چڱو نظر نه ٿو اچي ته پٽ پنهنجي پيءُ کي ماري. مان ان جو ڪو بچاءُ نه ٿي ڪريان، پر ٻارن کي پنهنجي والدين جي عزت ئي ڪرڻي پوي ٿي. پر ان هوندي به معلوم ٿئي ٿو، ته هوئي گنهگار آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪم، هن ان وقت ڪيو هو، جڏهن هوُ پنهنجي هوش ۾ نه هو. پر جيڪڏهن هوش ۾ به هو ته کيس اها خبر ڪانه ٿي پئي، ته هوُ ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڀلي ته ان کي آزاد ڪري ڇڏين. هيءَ انسانيت به آهي ۽ هيءُ به ڏسڻ ۾ ايندو ته هيءُ اصلاح پذير ڪورٽون ڪيتري قدر نه برڪت ڀريون آهن. مون کي هنن جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي، پر ماڻهو چون ٿا ته ڪيتري وقت کان هيءُ خير ۽ برڪت جو سبب آهن. مان ڪالهه جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌيون، ته مون تي اثر پيو ۽ مان چاهيو ٿي ته توڏي هڪدم ماڻهو موڪليان. جڏهن کيس آزاد ڪيو وڃي، ته کيس سڌو مون وٽ وٺي اچج ته رات جي ماني مون وٽ کائي. مان دوستن جي مجلس گهرائينديس ۽ اسان اصلاح پذير قاعدي جي ڪورٽن جو جام عيش، پيئنداسون. مان نه ٿي سمجهان، ته هوُ خطرناڪ ثابت ٿيندو. ان کان سواءِ مان ڪيترن ئي دوستن کي گهرائيندس ته جيئن، ڪا گڙ ٻڙ ڪري، ته هو کيس راهه راست تي آڻين. ان کان پوءِ ڪنهن ٻي شهر ۾ کيس امن جو منصف بڻايو وڃي. ڇاڪاڻ ته جي ماڻهو پاڻ تڪليف ۾ ايندا آهن، اهي چڱا جج ثابت ٿيندا آهن. ان کان سواءِ، هن دور ۾ ڪير آهي، جو غير متحمل نه آهي؟ تون، مان ۽ ٻيا سڀئي، انهيءَ حالت ۾ مبتلا آهيون، جنهن جا ڪي ئي مثال ملي سگهن ٿا. ڪو ماڻهو ڳائڻ ويهي ٿو ۽ اوچتو ڪو کيس چيڙائي ٿو. هو پستول کڻي ٿو ۽ جو ماڻهو پهريائين وٽس اچي ٿو، ان کي هڻي ٿو ڪڍي. هاڻي ڪوبه ماڻهو ان لاءِ کيس گنهگار نه ٿو سمجهي. مان هن کي دير سان پڙهيو آهي ۽ سڀئي ڊاڪٽر ان کي قبول ڪن ٿا. هو هميشھ ان جي تصديق ڪن ٿا، ڊاڪٽر ته تصديق ڪرڻ وارا ئي ٿيندا آهن ۽ ڪهڙي به شيءِ جي تصديق ڪري سگهن ٿا. منهنجي لزي به ارادي جي غير متحمل هئڻ جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي. هن مون کي ڪالهه به رئاريو هو، هڪ ڏينهن اڳ به ۽ اڄ به مان اوچتو محسوس ڪيو، ته هيءَ سڀ ارادي جي غير متحصل هئڻ جي سبب کان آهي. ها، لزي مون کي ايترو ڏک ٿي ڏئي! مان سمجهان ٿي ته هوءَ بلڪل چري ٿي پئي آهي. هن توڏي ماڻهو ڇو موڪليو آهي؟ ڇا هن توڏي ماڻهو موڪليو آهي. يا تون پاڻ هن ڏي ٿو وڃين؟“
”هائو، هن مون ڏانهن ماڻهو موڪليو آهي ۽ هاڻي مان ان ڏي وڃي رهيو آهيان.“ اليوشا مستقل مزاجيءَ سان اٿي بيٺو.
”او منهنجا پيارا اليڪسي فيودورپاولووچ، شايد، هيءُ سڀ کان وڌيڪ ضروري شيءِ آهي.“ خاتون هائلڪوف درد ڀري آواز ۾ چيو ۽ سندس لڙڪ وهڻ لڳا. خدا ڄاڻي ٿو، مان دل ۽ جان سان لزي توکي سونپيان ٿي، جيڪڏهن هن ماءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ توڏي ماڻهو موڪليو آهي، ته ان ۾ ڪوبه حرج نه آهي. پر مون کي معاف ڪر، پر مان پنهنجي ڌيءُ بابت آسانيءَ سان تنهنجي ڀاءُ ايون فيودورپاولووچ تي اعتبار نٿي ڪري سگهان. جيتوڻيڪ مان کيس اڃا به هڪ همٿ وارو نوجوان ٿي سمجهان. مون کي فقط حيرت آهي، هو لزيءَ جي ملاقات لاءِ آيو هو ۽ مون کي ٻي وڌيڪ خبر نه آهي!“
”ڪيئن؟ ڇو؟ ۽ ڪڏهن؟“ اليوشا حد کان وڌيڪ عجب ۾ پئجي ويو. هو وري ويٺو ته نه، پر بيهي ٻڌڻ لڳو.
”مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿي، شايد اهوئي سبب هجي، جو مان توکي پاڻ وٽ گهرايو آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي مون کي خبر نه ٿي پوي. مان توکي ڇو پاڻ وٽ گهرايو هو. خير ايون فيودورپاولووچ، منهنجي ملاقات لاءِ ٻه ڀيرا آيو آهي. مان سمجهان ٿي، جيئن ئي هو ماسڪو کان موٽي آيو آهي، پهريون ڀيرو هو هڪ دوست جي حيثيت ۾ مون سان ملڻ لاءِ آيو هو. ٻيو ڪٽيا مون وٽ هئي، هو مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو، جو کيس خبر پئي، ته هوءَ مون وٽ آهي. مون منجهس هيءَ اميد نه ٿي رکي، ته هو ڪو اڪثر مون وٽ ايندو، ڇاڪاڻ ته کيس ڪيئي ڪم، پنهنجي پيءُ جي موت جي سلسلي ۾ ڪرڻا هئا. پر مون اوچتو ٻڌو ته هو وري آيو هو. مون کي ڏسڻ لاءِ نه، پر لزيءَ جي ملاقات لاءِ. هن واقعي کي ڇهه ڏينهن گذريا. هو آيو ۽ فقط پنج منٽ ترسيو ۽ هليو ويو. مون کي ٽن ڏينهن تائين سندس اچڻ جي خبر پئجي نه سگهي. مون کي پوءِ گلافيرا کان خبر پئي ۽ بيحد صدمو آيو. مان سنئون سڌو لزيءَ کي گهرايو، پر لزي کلي چوڻ لڳي، ته هن چيو ٿي ته تون ننڊ ۾ هئين. هو مون وٽ به انهيءَ لاءِ آيو هو ته تنهنجي صحت بابت دريافت ڪري. بيشڪ اهو معاملو اِيئن ٿي گذريو. پر لزي، خدا مٿس رحم فرمائي، هوءَ ڪيئن نه مون کي تڪليفون پهچائيندي ٿي رهي. تون اعتبار ڪندين، چار ڏينهن ٿيا، هڪ رات جو، جڏهن تون پويون ڀيرو کيس ڏسڻ لاءِ آيو هئين، تنهنجي وڃڻ کان پوءِ، اوچتو مٿس دورو پيو، هو ريهون ڪرڻ لڳي ۽ هسٽيريا جي نموني وڦلڻ لڳي. هي ڇو؟ مون کي ته ڪڏهن به هسٽيريا نه ٿي هئي. ان کان پوءِ، وري ٻي ڏينهن تي کيس وري ٻيو دورو پيو. ٽئين ڏينهن تي به ساڳي حالت پيش آئي. ڪالهه به ڪالهه ته بنا ڪنهن ارادي جي نامستحمل رهي. هن اوچتو ريهون ڪندي چيو، ته مان ايون فيودورپاولووچ سان نفرت ڪريان ٿي. مان توتي زور ڀريان ٿي ته ان کي وري گهر ۾ اچڻ نه ڏي. مان ته چپ ٿي ويس. هيءُ لفظ مون کي حيرت جهڙا لڳا. چيومانس ته آخر مان ڪهڙي بنياد تي چوان ته هو منهنجي گهر ۾ نه اچي؟ سو به اهڙو بي نذير نوجوان ۽ عالم، جو هاڻي بدقسمت آهي. ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه وهيو ۽ واپريو آهي، اها سڄي بدقسمتي آهي. ڪيئن آهي نه؟ هوءَ اوچتو منهنجي لفظن تي کلڻ لڳي ۽ ايڏو ته بي مروتي سان، جنهن کي تون ڄاڻين ٿو. مان ڏاڍي خوش ٿيس. مان سمجهيو ته مان کيس ڏاڍو خوش ڪيو آهي ۽ هاڻي مٿس دورو نه پوندو. خاص ڪري مان هيءُ سوچيو، ته ايون فيودورپاولووچ کي ڏسڻ کان مان انڪار ڪري سگهنديس. ڇاڪاڻ ته هن منهنجي اجازت کان سواءِ هيءَ ملاقات ڪئي هئي ۽ ان کان سمجهاڻي نه پڇي سگهنديس. پر اڄ صبح جو سويرو لزي جاڳي ۽ يوليا سان بگڙي وئي، تون اعتبار ڪندين، هن سندس منهن تي چماٽ هڻي ڪڍي. هيءُ انسانيت سوز هلت هئي. مان هميشھ پنهنجي نوڪرن سان محبت سان هلندي آهيان. ڪلاڪ کان پوءِ، هوءَ وري يوليا کي ڀاڪر پائڻ لڳي ۽ سندس پيرن کي چمڻ لڳي. هن مون ڏي نياپو موڪليو، ته هوءَ ڪڏهن به وٽس نه ويندي ۽ نه وري مون سان ملندي. جڏهن مان وٽس وڃي پهتس، ته هوءَ مون کي چمي ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ۽ روئڻ لڳي. پر جڏهن هن مون کي چميو ٿي، ته بنا ڪنهن لفظ چوڻ جي، هن مون کي ڌڪا ڏيئي ڪوٺيءَ کان ڪڍيو ۽ مان سمجهي نه سگهيس، ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟ پيارا اليڪسي فيودورپاولووچ، هاڻي منهنجون سڀئي اميدون توتي مدار ٿيون رکن ۽ منهنجي سڄي حياتي تنهنجي هٿن ۾ آهي. مان توکي فقط اهو عرض ٿي ڪريان، ته لزيءَ ڏي وڃ ۽ ان کان سڀ ڪجهه معلوم ڪر. ڇاڪاڻ ته تون ئي اِيئن ڪري سگهين ٿو. تنهن کان پوءِ مون وٽ موٽي اچ، ۽ مون کي سڀ ڪجهه ٻڌاءِ. مون کي سندس ماءُ کي. تون ڄاڻين ٿو، ته هي سڀ ڪجهه منهنجي موت جو سبب ٿيندو. جو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، آخر مان ان کان ڀڄي وينديس. مان هاڻي وڌيڪ سهي نه سگهنديس. مون کي صبر آهي، پر مان اهو وڃائي ويهنديس ۽ پوءِ.... ڪا خطرناڪ ڳالهه ظهور ۾ ايندي. او پيارا، آخرڪار پيوٽرايليچ اچي ويو.“ خاتون هائلڪوف رڙ ڪري چيو. هوءَ چتائي ڏسڻ لڳي، جيئن هو ڪمري ۾ اندر گهڙيو. ”تون دير سان آيو آهين، دير سان! خير ويهه، ڳالهائي ۽ اسان کي پريشانيءَ کان ٻاهر ڪڍ. وڪيل ڇا ٿو چوي؟ اليڪسي فيودورپاولووچ تون ڪاڏي ٿو وڃين؟“
”لزيءَ ڏانهن.“
”صحيح آهي، پر مان توکي جو ڪجهه چيو آهي، ان کي تون نه وساريندين. هيءُ موت ۽ حياتيءَ جو سوال آهي!“
”بيشڪ مان ان کي نه وساريندس... پر مون کي دير ٿي وئي.“ اليوشا غصي مان چيو ۽ هو تڪڙو تڪڙو پوئتي هٽڻ لڳو.
”نه، توکي پڪ سان اچڻ گهرجي. اِيئن نه چئو، ته جيڪڏهن توکان ٿي سگهيو ته. جيڪڏهن تون نه ايندين، ته مان مري وينديس.“ بيگم هائلڪوف سندس پويان ڳالهائيندي رهي، پر اليوشا ڪمرو ڇڏي چڪو هو.

باب ٽيون: ننڍڙو شيطان

لزيءَ وٽ ويندي هن ڏٺو، ته هوءَ پنهنجي ڪرسيءَ ۾ نيم دراز هئي، جنهن کي ان وقت جڏهن هو گهمي ڦري نه سگهندي هئي، هلايو ويندو هو. هو ساڻس ملڻ لاءِ نه چري، پر سندس تيز ۽ گهرائي واريون اکيون سندس منهن ۾ کپي ويون. سندس اکين ۾ بخار جهڙيون نگاهون هيون ۽ سندس چهرو ڪوماڻيل ۽ زردو ٿي ڏٺو. ٽن ڏينهن جي اندر جا منجهس تبديلي اچي وئي هئي، ان کي ڏسي، اليوشا کي عجب لڳو. هو بدن ۾ لهي وئي هئي. هن پنهنجي هٿ کي به نه وڌايو. هن ڊگهين ۽ سنهين آڱرين کي چميو، جي بنا ڪنهن چرپر جي سندس لباس تي رکيل هيون. ان کان پوءِ، هو بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي ان ڏانهن منهن ڪري ويهي رهيو.
”مان ڄاڻان ٿي ته توکي قيد خاني ڏي وڃڻ لاءِ جلدي آهي.“ لزي بيتابيءَ سان چيو. اما! توکي، ڪلاڪن لاءِ پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو. هوءَ توکي يوليا ۽ منهنجي لاءِ ڪجهه چئي رهي هئي.“
”توکي ان جي ڪيئن خبر پئي؟“ اليوشا کانئس پڇيو.
”مان ڌيان ڏئي ٻڌي رهي هيس. تون مون تي عجب ڇو ٿو کائين؟ مان ڌيان ڏيئي ٻڌندي آهيان ۽ اِيئن ڪندي آهيان. هن ۾ ڪو ڏوهه به نه آهي. هن لاءِ ڪنهن عذرداري جي ضرورت نه آهي.“
”تون ڪنهن ڳالهه کان پريشان آهين؟“
”مان ان جي خلاف نهايت خوش آهيان. مان اڃا هاڻي ٽيهه ڀيرا هن ڳالهه تي سوچيندي رهي آهيان، ته اها ڪهڙي نه چڱي شيءِ هئي، جو مان توسان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تون مڙس ٿيڻ جي لائق نه آهين. مان جيڪڏهن توسان شادي ڪريان ها ۽ توکي ڪنهن پرزي کي ڏئي، ان ماڻهوءَ ڏي موڪليان ها، جنهن سان توکان پوءِ محبت ڪرڻ گهران ها، ته تون کڻي وڃين ها ۽ پڪ سان ان کي ڏين ها، ان جو جواب به آڻي ڏين ها. جيڪڏهن تون چاليهن ورهين جو هجين ها، ته تون اڃا به آسانيءَ سان منهنجي محبت آميز خطن کي آڻين ۽ نئين ها.“
هوءَ اوچتو کلي ويٺي.
”تو وٽ ڪا نفرت ڀري ڳالهه آهي، پر ان هوندي به تنهنجي کليل دل آهي.“ اليوشا کيس ڏسي مشڪيو.
”هيءَ دل جي ڪشادگي، جا مون ۾ ڏسين ٿو، اها ان ڪري آهي، جو مون کي توکان ڪو به عار نه آهي. انهيءَ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه به آهي، ته مان چاهيندي آهيان ته توکان عار نه هجي. اليوشا، اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جو مان تنهنجي ڪابه عزت نه ٿي ڪريان؟ جيڪڏهن مان تنهنجي عزت ڪريان ها، ته مان توسان ڳالهائيندي شرمندگي محسوس ڪريان ها. اِيئن جيڪر ڪريان ها؟“
”نه.“
”پر توکي اعتبار اچي ٿو ته مون کي توکان ڪا به شرمندگي نه ٿي ٿئي؟“
”نه، مون کي هن ڳالهه تي ڪو به اعتبار نه آهي.“
لزي بي اختيار وري کلڻ لڳي. هوءَ تڪڙو ڳالهائيندي وئي:
”مان تنهنجي ڀاءُ دمتري فيودورپاولووچ کي، قيد خاني ۾ ٿوري مٺائي موڪلي ڏني هئي. اليوشا توکي خبر آهي ته تون حسين آهين. مان توکي هن لاءِ بيحد پيار ڪريان ٿي، ته تو مون کي جلدي مان اجازت ڏئي ڇڏي ته مان توکي پيار نه ڪريان.
”لزي تو اڄ مون ڏي ماڻهو ڇو موڪليو هو؟“
”مان چاهيو ٿي ته ان انتطار کي توکي ٻڌايان، جو مون کي آهي. مون کي اهو پسند ٿو اچي ته ڪو مون کي عذاب ڏي، مون سان شادي ڪري ۽ وري عذاب ڏي. مون سان مڪاري ڪري ۽ هليو وڃي. مان پاڻ کي خوش ڏسڻ نه ٿي گهران.“
”تون بي ترتيبيءَ سان محبت ۾ گرفتار آهين.“
”هائو مان بي ترتيب رهڻ گهران ٿي. مان ته اِيئن چاهيان ٿي، ته گهر کي باهه ڏئي ڇڏيان. مان اهو تصور ڪندي آهيان، ته ڪهڙيءَ ريت مان چونديس ۽ شرارت ڪري گهر کي باهه ڏينديس. هي سڀ شرارت هوندي. سڀئي ان جي وسائڻ جي ڪوشش ڪندا، پر اها ٻرندي ئي رهندي. مون کي خبر هوندي، پر ڪجهه به نه چونديس. اڙي ڪيڏي نه بيوقوفي ۽ ڪيئن نه مان ڪڪ ٿي پئي آهيان.“
هن هٿ کي لوڏيندي نفرت جو اظهار ڪيو.
”هيءَ تنهنجي عيش واري حياتي آهي.“ اليوشا آهستگيءَ سان چيو.
”ان ڪري غريب هجڻ ضروري آهي؟“
”هائو، اهو وڌيڪ چڱو آهي.“
”اهوئي توکي، تنهنجي راهب سيکاريو آهي. هن ۾ صداقت ڪانه آهي. مون کي شاهوڪار رهڻ ڏي، ڀلي ته ٻيا غريب هجن. مان مٺايون ۽ ڪريم کائيندس ۽ انهن مان ڪنهن ٻي کي ڪجهه به نه ڏينديس. ها، نه ڳالهاءِ ۽ ڪابه ٻي ڪوشش نه ڪر.“ هن اليوشا سان پنهنجي هٿ کي ملايو، جيتوڻيڪ هوُ خاموش رهيو.“ تو هيءُ سڀئي ڳالهيون مون کي اڳ ۾ ئي ٻڌايون هيون، اهي مون کي چڱيءَ ريت ياد آهن. اهي مون کي ڪڪ ٿيون ڪن. جيڪڏهن مان غريب ٿي پوان، ته ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏيندس. توڙي جو مان شاهوڪار آهيان، شايد ڪنهن کي خون ڪري ڇڏيان. ڇا ٿي نه ٿو سگهي. پر توکي خبر هجي، ته مان جو پوکيان ان کي لڻڻ گهران ٿي. مان توسان شادي ڪرڻ گهران ٿي. تون هاري بڻجي ويندين ۽ ڪڙمي. اسان هڪ وچ رکنداسون. هائو نه؟ تون ڪلگنوف کي سڃاڻين؟“
”هائو!“
”هو هميشھ رلندو وتندو آهي ۽ خواب ڏسندو رهندو آهي. هوُ چوندو آهي ته ڇا جي حقيقي حياتي؟ چڱو آهي ته خواب ڏسندو رهجي. ماڻهو خواب ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ واريون شيون ڏسي سگهي ٿو، پر حقيقي حياتي ڪڪ ڪندڙ آهي. پر ان هوندي به هوُ هاڻي جلدي شادي ڪرڻ وارو آهي. هوُ مون سان اڳ ۾ ئي محبت ڪري رهيو آهي. ڇا تون لاٽون ڦيرائي سگهين ٿو؟“
”هائو!“
”صحيح آهي، هوُ لاٽونءَ وانگر آهي. هوُ ڦرڻ گهري ٿو ۽ ڦرندو رهي. ان کان پوءِ کيس لڪڻن سان ماريو وڃي. ۽ ماريو وڃي. جيڪڏهن مان ساڻس شادي ڪريان، ته کيس لاٽونءَ وانگر سڄي عمر ڦيرائيندي رهان. توکي مون کان شرم ته نه ٿو اچي؟“
”نه.“
”تون سخت پريشان هوندين، ڇو ته مان مقدس شين لاءِ ڪابه گفتگو نه ٿي ڪريان. اهي مون کي ٻي جهان ۾ ڇا ڪنديون. جيڪڏهن مان ڪو وڏو ڏوهه ڪريان ٿي. توکي انهن سڀني ڳالهين جي خبر هوندي؟“
اليوشا، جيئن کيس وقت سان ڏسي رهيو هو، چيائينس ته ”خدا توتي نگاهه ٿو رکي.“
”اهائي ڳالهه مون کي پسند آهي. مان مٿي وينديس، هوُ مون کان محاسبو ڪندا، ته مان سندن منهن ۾ نهاري کلنديس. مان خوفناڪ طرح سان، هن ڳالهه کي چاهيان ٿي، ته گهر کي باهه ڏيان ۽ اليوشا پنهنجي گهر کي. تون اڃا به هن تي بانور نٿو ڪرين؟“
”ڇو؟ ڪيترائي ٻارنهن ورهين جا ڇوڪرا آهن، جي اِيئن چاهيندا آهن، ته ڪنهن شيءِ کي باهه ڏيون. اهي ڪن شين کي باهه ڏيئي به ڇڏيندا آهن، هيءَ هڪ بيماري آهي.“
”اهو سچ آهي. اهو سچ آهي. ڪي اهڙا ڇوڪرا ٿي سگهن ٿا، پر مان جو ڪجهه چئي رهي آهيان، اهو اِيئن نه آهي.“
”تون نيڪيءَ کي بديءَ سان بدلائي رهي آهين. اهو اهڙي قسم جو بحران آهي، جو شايد تنهنجي بيماريءَ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.“
”تون مون کان نفرت ڪري رهيو آهين. اهو فقط انهيءَ لاءِ آهي ته مان نيڪي ڪرڻ نه ٿي چاهيان، پر بدي ڪرڻ گهران ٿي. هن جو ته بيماريءَ سان ڪو به واسطو نه آهي.“
”تون بدي ڇو ٿي ڪرين؟“
”انهيءَ لاءِ ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي وڃي! توکي ته خبر آهي اليوشا، ته مان ڪڏهن ڪڏهن خطرناڪ شين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سوچيندي آهيان، ته جيئن سڀ ڪنهن شيءِ کي نقصان پهچي ۽ بڇڙي بڻجي. مان هي گهڻو ڪري ڊگهي شرارت جي سبب ڪرڻ چاهيان ٿي، ته جيئن پوءِ ان جي خبر پوي. جيئن سڀئي منهنجي چوڌاري بيهي وڃن ۽ آڱرين سان اشارو ڪري چون، ته هي ڪم هن جو آهي ۽ مان وري کين ڏسندي رهان. هيءُ نهايت عمدو ٿيندو. اهو ڀلا اليوشا ڇو عمدو ٿيندو؟“
”مون کي خبر نه آهي. اها شايد تنهنجي آرزو هجي، ته ڪنهن چڱي شيءِ کي برباد ڪرين، يا جيئن تون چوين ٿي، ته ڪنهن کي باهه ڏئين. اِيئن ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي.“
”مان اِيئن فقط چوڻ نه ٿي گهران، پر اِيئن ڪرڻ چاهيان ٿي.“
”مون کي توتي اعتبار آهي.“
”اڙي ڪيڏو نه مان توکي هنن لفظن لاءِ، ته توکي مون تي اعتبار آهي، پيار ڪريان ٿي. هن ۾ تنهنجي ڪوڙ جو ڪو به ذرو داخل نه آهي. پر تون خيال ڪندو هوندين، ته هيءُ مان سڀ ڪجهه تنهنجي برخلافي ڏيکارڻ لاءِ چوان ٿي؟“
”نه، مان اِيئن خيال نه ٿو ڪريان.... جيتوڻيڪ منهنجي ٿوري خواهش آهي، ته شايد اوهان جو لاڙو اِيئن نه هجي.“
”اِيئن ٿورو هجي به. مان توسان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهيان.“ هن وضاحت سان چيو ۽ سندس اکين ۾ عجيب ڪاوڙ ٿي ڏٺي.
اليوشا تي جنهن شيءِ وڌيڪ اثر ڪيو هو، سان سندس سنجيدگي هئي. هاڻي منجهس ڪنهن به مذاق يا مسخري جي ڪابه نشاني موجود نه هئي. جيتوڻيڪ ماضي ۾ سندس سنجيدهه گهڙين ۾ به کانئس مذاق ۽ خوش طبعي رڪي نه هئي.
اليوشا فڪرمند ٿي کيس چيو ته ”ڪي اهڙيون به گهڙيون ٿينديون آهن، جن ۾ انسان ڏوهه سان محبت ڪندو آهي.“
”هائو، هائو، تو ڄڻ ته منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي. هوُ گناهه کي پيار ڪندا آهن. هر ڪوئي گناهه سان محبت ڪندو آهي. هر ڪو دائمي طرح اُن سان محبت ڪندو آهي. نه ڪنهن گهڙيءَ لاءِ، اِيئن ٿو معلوم ٿئي ته ماڻهن، ان بابت ڪوڙ هڻڻ جي قبوليت ڏئي ڇڏي آهي ۽ هوُ ان بابت ڪوڙ ڳالهائيندا ئي رهندا. هوُ سڀ اعلان ته اهو ڪندا آهن ته هوُ بديءَ کي ڌڪار ڪن ٿا، پر مخفي طرح اُن سان پيار ڪن ٿا.“
”ڇا تون اڃا به بيهودا ڪتاب پڙهندي رهين ٿي؟“
”هائو، مان پڙهندي آهيان. منهنجي ماءُ به پڙهندي آهي، پر انهن کي هوءَ وهاڻي جي هيٺان لڪائيندي آهي. مان وري اتان چورائي وٺندي آهيان.“
”ڇا، تون پاڻ کي برباد ڪندي شرمندي نه ٿي ٿئين؟“
”مان پاڻ کي برباد ڪرڻ چاهيان ٿي. اسان وٽ هڪڙو ڇوڪرو آهي، هوُ بند تي ان وقت سمهي پيو هو، جڏهن گاڏيءَ کي اتان گذرڻو هو. خوش قسمت انسان! ڌيان ڏيئي ٻڌ. تنهنجي ڀاءُ جي مٿان هاڻي مقدمو هلي رهيو آهي، ته هن پنهنجي پيءُ جو خون ڪيو آهي. پر پيءُ جي مارڻ سبب، هر ڪو ساڻس محبت ڪري رهيو آهي.“
”ساڻس انهيءَ لاءِ محبت ڪئي وڃي ٿي، سڀ ڪو ئي هن عمل سان محبت ڪري ٿو. هر ڪوئي اِيئن چوي ٿو، ته هيءَ نهايت خطرناڪ شيءِ آهي، پر مخفي طرح ان سان محبت ڪئي وڃي ٿي.“
”تون جو ڪجهه چوين ٿي، ان ۾ ٿوري صداقت آهي.“ اليوشا آهستگيءَ سان کيس چيو.
”اڙي ڪهڙا نه خيال آهن!“ لزي خوشيءَ مان رڙ ڪري چيو. ”هوڏانهن تون راهب به آهين؟ توکي شايد اعتبار نه اچي، ته مان توکي ڪيڏو نه پيار ڪريان ٿي اليوشا. ڇاڪاڻ ته تون ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهين. مان توکي پنهنجو هڪ مزيدار خواب ٻڌايان ٿي. مان ڪڏهن ڪڏهن شيطانن کي خواب ۾ ڏسندي آهيان. مان ڏٺو ته رات جو وقت آهي، منهنجي ڪمري ۾ شمع ٻري رهي آهي. اوچتو شيطان اتي ڇانئجي ويا. ڪمري جي هرهڪ ڪنڊ ۾ ۽ ميز جي هيٺان به. هنن دروازا کولڻ شروع ڪيا. مان ڏٺو ته دروازي جي پويان، انهن جو وڏو ميڙ هو. هنن چاهيو ٿي ته اندر اچي، مون کي پڪڙين. هوُ هاڻي اندر گهڙي آيا ۽ مون کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائون. مان اوچتو پنهنجي مٿان صليب جو نشان ڪڍيو ۽ هوُ سڀئي پوئتي هٽي ويا. هوُ دروازي ۽ ڪـُـنڊن تي بيهي رهيا ۽ ويا ڪونه. ان وقت اوچتو مان خوفزده ٿي، خدا جو نالو ورتو، هو وري مون کي پڪڙڻ لاءِ وڌيا. مان وري به صليب جو نشان پنهنجي مٿان ڪڍيو. هوُ وري پوئتي هٽي ويا. هيءُ خطرناڪ مذاق هو. هن کان ته ساهه سڪي ويندو آهي.“
”مون به ساڳيو ئي خواب لڌو آهي.“ اليوشا چيو.
”سچ!“ لزي عجب مان رڙ ڪري چيو. ”مان توکي چوان ٿي اليوشا، ته کل نه. هيءُ نهايت اهميت وارو آهي. اِيئن ٿي سگهي ٿو، ته ٻه جدا جدا ماڻهو هڪ ئي خواب ڏسن؟“
”ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اِيئن ٿي سگهي ٿو.“
”اليوشا، مان توکي چوان ٿي ته هيءُ نهايت اهميت وارو آهي.“ لزي سچ پچ حيرت جي مبالغي کان ڳالهائيندي وئي. ”خواب ته ايڏو اهميت وارو نه به هجي، پر تون مون جهڙو ساڳيو خواب ڏسين، هيءَ اهم ڳالهه آهي. تون مون سان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهين، هاڻي به ڪوڙ نه ڳالهاءِ، ڇا اهو سچ آهي؟ تون کلين ته نه ٿو؟“
”اهو سچ آهي.“
لزي غير معمولي طور تي متاثر ٿي ڏٺي. هوءَ اڌ منٽ لاءِ خاموش ٿي وئي.
”اليوشا، تون مون کي ڏسڻ لاءِ ايندو ڪر ۽ اڪثر ايندو ڪر،“ هن اوچتو التجائي آواز ۾ چيو.
ءِ مان ته تو وٽ هميشھ ايندو آهيان ۽ سڄي حياتي ايندو رهندس.“ اليوشا مضبوطيءَ سان کيس جواب ڏنو.
”تون ئي هڪڙو ماڻهو آهين، جنهن سان مان ڳالهائي سگهان ٿي.“ لزي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”مان ڪنهن سان به نه ڳالهائيندي آهيان، پر توسان ۽ پاڻ سان سڄي جهان ۾ تون ئي منهنجي لاءِ ڳالهائڻ وارو آهين. مان توسان، پاڻ کان به وڌيڪ حجت سان ڳالهائيندي آهيان. مون کي توکان ڪوبه شرم نه ايندو آهي. اليوشا، ڇو ڀلا توسان گفتگو ڪرڻ ۾ مون کي شرم نه ايندو آهي. اليوشا، ڇا هيءُ سچ آهي ته ايسٽر جي موقعي تي هڪ يهودي، هڪ ٻار کي چورايو هو ۽ ان کي ماريو هئائين؟“
”مون کي ان جي خبر نه آهي.“
مون وٽ ڪتاب آهي، جنهن ۾ لکيل آهي، ته هڪ يهوديءَ تي اهڙو مقدمو هليو هو. هن چئن سالن جي هڪ ٻار کي کنيو هو ۽ سندس ٻنهي هٿن جي آڱرين کي ڪٽيو هئائين ۽ ان کان پوءِ، کيس ڀت تي صليب وانگر چاڙهيو هئائين ۽ ان کي ميخون هنيائين. جڏهن پوءِ مٿس مقدمو هليو، ته هن ٻڌايو هو ته ٻار جلدي مري ويو. اٽڪل چئن ڪلاڪن کان پوءِ، سندس نظر ۾ اها جلدي هئي. هن ٻڌايو هو ته ٻار ڪنجهندو رهيو ۽ ڪنجهندو رهيو ۽ هوُ نهايت مزي سان ان کي ڏسندو رهيو. هيءُ نهايت مزيدار واقعو هو!“
”مزيدار؟“
”مزيدار، مان ڪڏهن ڪڏهن اِيئن تصور ڪندي آهيان، ته اها مان ئي هيس، جنهن کيس صليب تي چاڙهيو ويو هو. هوُ جيڪر اتي لٽڪندو ۽ ڪنجهندو هجي ۽ مان اتي ان جي سامهون ويهي انناس جو مربو کائيندي رهان. مون کي انناس جي مربي جي کائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو آهي. توکي به اها شيءِ پسند آهي؟“
اليوشا، خاموشي سان کيس ڏٺو. سندس زرد چهري ۾ اوچتو گهنج پئجي ويا ۽ سندس اکين مان باهه وسڻ لڳي.
”توکي خبر آهي، ته جڏهن مان ان يهوديءَ جي ڪرتوت بابت پڙهيو، ته مان لرزي ويس ۽ سڄي رات اوڇنگارون ڏيندي رهيس. مان حيرت ۾ هيس ته هوُ ننڍڙو ٻار ڪهڙي ريت ڪنجهندو رهندو هوندو، (سو به چئن ورهين جو ٻار، تون ان کي سمجهي ڏس.) ۽ سڄو وقت انناس جي مربي جو خيال مون کي ڊيڄاريندو رهيو. صبح سان مان ڪنهن ماڻهوءَ کي لکي موڪليو، ته هوُ مون سان اچي، خاص طرح ملي وڃي. هوُ مون وٽ آيو ۽ مان کيس سڄي ڳالهه، انناس جي مربي سميت ڪري ٻڌائي. کيس چيم ته نهايت عمدي ڳالهه آهي. کليو ۽ چيائين ته نهايت عمدي آهي. تنهن کان پوءِ هوُ اٿيو ۽ هليو ويو. هوُ هتي فقط پنج منٽ کن هو. ڇا هن منهنجي توهين ڪئي؟ اليوشا، مون کي ٻڌاءِ ته ڇا هن منهنجي توهين ڪئي؟ هوءَ ڪوچ تي اٿي ويٺي ۽ سندس اکيون ٻرڻ لڳيون.“
”مون کي ٻڌاءِ،“ اليوشا کيس انتظار مان چيو، ته تو ان ماڻهوءَ ڏي قاصد موڪليو هو؟“
”هائو.“
”فقط هن ڇوڪريءَ جي پڇا بابت؟“
”نه، ان جي لاءِ نه. پر جڏهن هوُ آيو ته مان هڪدم ان کان پڇيو. هن جواب ڏنو،کليو، اُٿيو ۽ هليو ويو.“
”هن ماڻهوءَ جي هلت عزت واري هئي.“ اليوشا ڀڻڪندي چيو.
”هن منهنجي بي عزتي ڪئي؟ هو مون تي کليو به ٿي.“
”نه، هو پاڻ به انناس جي مربي جو شوقين هوندو. هوُ هاڻي پاڻ به بيمار آهي لزي.“
”هائو، هوُ پاڻ به ان جو شوقين آهي. لزيءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي.“
”هو ڪنهن جي بي عزتي نه ڪندو آهي.“ اليوشا گفتگوءَ جاري رکندي چيو. هوُ فقط ڪنهن تي اعتبار نه ڪندو آهي. بيشڪ هوُ سندس بي عزتي ڪندو آهي.“
تڏهن ته منهنجي به بي عزتي ڪئي آهي؟“
”تنهنجي به.“
”صحيح،“ لزي ڏندن کي ڪرٽڻ لڳي. ”تڏهن هوُ کلندو ٻاهر هليو ويو. مان محسوس ڪيو ته بي عزت ٿيڻ ڪهڙو نه عمدو آهي. ٻار جي آڱرين جو ڪٽجڻ به عمدو آهي ۽ بي عزت ٿيڻ به عمدو آهي....... جيئن هن اليوشا جي منهن تي کليو، منجهانئس بخار جون علامتون نظر آيون.
”توکي خبر آهي اليوشا، توکي خبر آهي، مون کي بي عزتي پسند آهي..... اليوشا، مون کي بچاءِ!“ هوءَ اوچتو ڪوچ تان اٿي بيٺي ۽ ان ڏانهن ڊوڙي ۽ کيس ٻنهي هٿن سان سوگهو جهليائين. ”مون کي بچاءِ.“ هوءَ ڄڻ ته ڪنجهڻ لڳي. ڇا دنيا ۾ اهڙو ماڻهو به ٿي سگهي ٿو، جنهن کي مان اهي ڳالهيون ٻڌايان، جي توکي ٻڌايون اٿم؟ مان توکي سچ ٻڌايو آهي. مان پاڻ کي ماري وجهنديس، ڇاڪاڻ ته مان سڀ کان نفرت ڪريان ٿي. مان زندهه رهڻ پسند نه ٿي ڪريان. مان سڀ سان نفرت ڪريان ٿي. اليوشا، ڇا تون به مون سان محبت نه ٿو ڪرين؟ هن پنهنجي گفتگوءَ کي جنون جي حالت ۾ ختم ڪيو.
”پر مان ته توسان محبت ڪريان ٿو،“ اليوشا گرمجوشيءَ مان چيو.
”ڇا، تون منهنجي مٿان روئيندين، روئيندين نه؟“
”هائو!“
”انهيءَ لاءِ نه ته مان تنهنجي زال نه بڻيس، پر تون فقط منهنجي لاءِ روئج.“
”هائو!“
”شڪريه، مون کي تنهنجا فقط لڙڪ کپن. ٻيو ڪو مون کي سزا ڏي يا پيرن هيٺ ڀلي لتاڙي. مان ڪنهن مان محبت جي اميد به نه ٿي رکان. ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن سان محبت ئي نه ٿي ڪريان. تون ٻڌين ٿو، ڪنهن سان به نه. ان جي خلاف کين ڌڪاريان ٿي! اليوشا وڃ، تنهنجو وقت ٿي ويو آهي. تون ڀاءُ ڏي وڃ.“ هوءَ کانئس اوچتو جدا ٿي وئي.
”مان توکي هن حالت ۾ ڪيئن ڇڏيان؟“ اليوشا ڏک جو اظهار ڪندي چيو. تون پنهنجي ڀاءُ ڏي وڃ. قيد خانو بند ٿي ويندو. ها، هيءَ تنهنجي ٽوپي آهي.
متيا کي منهنجي طرفان پيار ڪج. هن اليوشا کي زور سان ڌڪو ڏئي کيس دروازي کان ٻاهر ڪيو. هن غمگين حيرت مان کيس ڏٺو. اوچتو سڄي هٿ ۾ خط ڏسي حيران ٿي ويو. هو هڪڙو ننڍڙو ويڙهيل لفافو هو، جنهن تي مهر لڳل هئي. هـُـن اُن کي ڏٺو ۽ ايڊريس کي پڙهيو، جنهن تي ايون فيودورپاولووچ ڪرامازوف لکيل هو. هن تڪڙ مان لزيءَ کي ڏٺو. سندس اکين مان ذري گهٽ ڌمڪي ٿي ڏٺي.
”هيءُ اُن کي ڏج، توکي ضرور ڏيڻ گهرجي.“ هن تحڪماڻي آواز ۾ چيو، هو ازخود ڏڪي به رهي هئي، اڄ ئي ۽ هڪدم ٻي حالت ۾ پاڻ کي زهر ڏئي ماريندس. اِنهيءَ ڪم لاءِ ئي مان توکي گهرايو هو.
هن هڪدم دروازي کي ٻيڪڙيو. اندرين بلٽ آواز ڪيو. اليوشا اُن ڪاغذ کي کيسي ۾ رکيو ۽ هيٺ ڏاڪڻ مان لهندو ويو. هـُـو وري بيگم هائلڪوف ڏي نه ويو. ڄڻ ته کيس وساري ڇڏيو هئائين. جيئن اليوشا ويو، لزي وري دروازي کي کوليو ۽ در جي ٻيڪڙ ۾ پنهنجي آڱر کي وڌائين. دروازي کي وري زور سان بند ڪيائين، سندس آڱر چپجي پئي. هوءَ پوءِ هوريان هوريان پنهنجيءَ ڪرسيءَ ڏي وئي ۽ اِرادتاً آڱر کي ڏٺائين، جا چپجڻ ڪري ڪاري ٿي وئي هئي ۽ ننهن مان رت وَهي رهيو هو، سندس چپ لرزي رهيا هئا ۽ پاڻ کي آهستي آهستي چوندي رهي ته:
”مان بدقسمت آهيان، بدقسمت آهيان، بدقسمت آهيان!“

باب چوٿون: ترانو ۽ راز

دير ٿي وئي هئي، (نومبر ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا آهن) جڏهن اليوشا، قيدخاني جي دروازي جي گهنٽي وڄائي. انڌيرو ڇانئجي رهيو هو، پر اليوشا ڄاتو ٿي ته کيس مشڪل کان سواءِ، اندر داخل ٿيڻ جي اِجازت ڏني ويندي. اَسان جي هن ننڍڙي شهر ۾ اُهو ئي ٿي سگهيو پئي، جو ٻين هنڌن ۾ ٿيندو آهي. پهريائين بيشڪ ابتدائي جاچ کان پوءِ عزيزن ۽ ٻين ماڻهن کي مـِـتيا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ. ڪن اَڻٽر رواجن مان گذرڻو ٿي پيو. پر پوءِ جيتوڻيڪ هنن رواجن کي لاٿو ته نه ويو هو، پر مـِـتيا جي ملاقاتين لاءِ ڪجهه پابندين ۾ گهٽتائي آندي وئي هئي. اِهڙي طرح ڪڏهن ڪڏهن قيديءَ سان ملاقات جي لاءِ، جدا ڪمرو به ڏنو ويندو هو، ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جي موجودگي نه رکي ويندي هئي.
هي رعايتون جيتوڻيڪ انداز ۾ گهٽ هيون ۽ فقط گروشينڪا، اليوشا ۽ ريڪيٽن تائين محدود هيون، پر پوليس جو ڪپتان مائيڪل مڪائيلووچ، گروشينڪا جي حالت ۾ وڌيڪ مهربان ٿي ڏٺو. هن ماڪرو ۾ کيس خوب گاريون ٿي ڏنيون ۽ سندس ضمير تي اِهو وڏو بار هو، پر جڏهن هن سڄي ڪهاڻي ٻـُـڌي، هن مڪمل طور تي هـُـن جي لاءِ پنهنجي خيالن کي بدلائي ڇڏڻو پيس. هيءَ عجب جهڙي ڳالهه هئي، ته باوجود هن ڳالهه جي، ته کيس مـِـتيا بابت قاتل هئڻ جو يقين هو، هو هڪ ڀيري قيدخاني ۾ وٽس لنگهي ويو ۽ هن پوڙهي انسان ساڻس بيحد نرمائيءَ جي هلت ڪئي. هن خيال ٿي ڪيو، ته هيءُ نيڪ دل انسان هو، جو پنهنجي شراب خوريءَ ۽ بي عمليءَ سبب تڪليف ۾ آيو آهي. سندس پهريون خوف هاڻي رحم سان ڀرجي چڪو هو. اليوشا بابت، ته کيس بيحد عمدو خيال هو ۽ کيس گهڻي وقت کان ڄاڻندو هو. ريڪيٽن، جو گهڻو پوءِ اَڪثر قيديءَ وٽ ايندو هو. ان جي، ڪپتان جي نوجوان بيگمن سان قريبي واقفيت هئي ۽ اڪثر سندن گهر ۾ به ويندو هو. هو قيدخاني جي سپرنٽينڊنٽ (ناظم) جي گهر ۾ پاڙهيندو ٿي رهيو. هو پنهنجي فرائض ۾ سخت گير هئڻ جي ڪري نيڪدل پيرسن هو. هن کان سواءِ، اليوشا جي گهڻي وقت کان سپرنٽينڊنٽ سان گهري واقفيت هئي. هو ساڻس گفتگو ڪرڻ جو بيحد شوقين هو، خاص ڪري پاڪ مضمونن بابت. هو ايون فيودورپاولووچ جي به گهڻي عزت ڪندو هو، ۽ سندس راءِ کان خوفزده رهندو هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ به وڏو فلاسافر ۽ تعليم يافته هو، پر اليوشا ۾ ان جي لاءِ، بي حد ڪشش هئي. گذريل سال کان پوڙهي، هڪ تشريح واري انجيل کي پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ مٿس جو ان تاثر ڇڏيو هو، اُن بابت هو پنهنجي ننڍڙي دوست سان ڳالهائيندو هو. هو اُن کي ڏسڻ لاءِ مڙهيءَ ۾ ويندو هو ۽ ساڻس ۽ ٻين راهبن سان گڏجي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندو هو، اُن ڪري اليوشا جيڪڏهن قيدخاني ۾ دير سان به پهچندو هو، ته فقط سپرنٽينڊنٽ ڏي هليو ويندو هو ۽ پوءِ سڀ ڪجهه آسان ٿي ويندو هو، اُن کان سواءِ قيدخاني ۾ مٿانهين ماڻهوءَ کان وٺي وارڊر تائين هر ڪوئي اليوشا سان هري ويو هو. سنتري ايستائين کيس ڪا به تڪليف ڏيڻ نه چاهيندو هو، جيستائين سڀئي آفيسر منجهانئس راضي هئا.
جڏهن مـِـتيا کي قيدخاني جي ڪوٺيءَ مان گهرايو ويندو هو، هو هميشه ڏاڪڻ تان لهي اُن جاءِ ڏي ويندو هو، جتي ملاقات ٿيندي هئي، جيئن ئي اليوشا اندر گهڙيو، هن ريڪيٽن کي ڏٺو جو مـِـتيا کان موڪلائي رهيو هو. هو هڪٻئي سان زور سان ڳالهائي رهيا هئا. مـِـتيا کيس ٻاهر ويندو ڏسي، خوب کلي رهيو هو. هوڏانهن ريڪيٽن ڪـُـرڪـُـندو ٿي ريو. ريڪيٽن نه ٿي چاهيو ته اليوشا سان ملي. سو به ايتري دير سان، هو تمام ٿورو ساڻس ڳالهائيندو هو ۽ کيس سلام به ڪاوڙ منجهان ڪندو هو. اليوشا کي اندر گهڙندو ڏسي، سندس پيشانيءَ ۾ گهـُـنج پئجي ويا ۽ هو کانئس ٻي طرف نهارڻ لڳو. ڄڻ ته هو، پنهنجي وڏي گرم ۽ پشمي ڪوٽ جي بٽڻن پائڻ ۾ مشغول هو، ان کان پوءِ هو هڪدم پنهنجي ڇٽيءَ کي ڏسڻ لڳو.
”مون کي پنهنجون شيون وسارڻ نه گهرجن“، هيءُ لفظ هن انهيءَ لاءِ چيا جو کيس ڪجهه ڳالهائڻو هو.
”توکي هيءُ به خيال ڪرڻ گهرجي، ته جيئن ٻين جون شيون به نه وسارين.“ مـِـتيا مذاق ڪندي، پنهنجي نوع ۾ کليو، ريڪيٽن کي هڪدم غصو اچي ويو.
”چڱو آهي ته اِها صلاح توکي پنهنجي ڪٽنب وارن کي ڏيڻ کپي، جي هميشه غلاماڻي ذهنيت رکن ٿا. توکي اِها صلاح ريڪيٽن کي ڏيڻ نه گهربي هئي.“ هن لرزندي ڪاوڙ مان کيس جواب ڏنو.
”توکي ڇا ٿي ويو؟ مان ته توسان مذاق ٿي ڪئي. ڇڏينس، هيءُ ماڻهو سڀئي هڪجهڙا آهن. هـُـو اليوشا ڏي ڦريو ۽ ريڪيٽن کان منهن کي موڙيائين، جو تيز قدمن سان ٻاهر وڃي رهيو هو. هي کلندو رهيو ۽ نهايت خوش ٿي ڏٺو، اوچتو هيءُ ايئن جوش ۾ اچي ويو، هن توکي اشارو به نه ڪيو. ڇا، اوهان جا تعلقات پوريءَ ريت ختم ٿي چـُـڪا آهن. تو ايتري دير ڇو ڪئي؟ مان فقط تنهنجي انتظار ۾ نه هوس، پر بيتاب هوس، صبح کان وٺي تنهنجي لاءِ بيتاب هوس، صبح کان ئي بيتابيءَ ۾ گذاريو اَٿم. ٺهيو، هاڻي اُن جي پوئواري ڪئي ويندي.“
”هو اَڪثر توڏي ڇو ايندو ٿو رهي؟ مون کي خبر آهي ته اوهان پاڻ ۾ ايترا دوست به نه آهيو. اليوشا کانئس پڇيو. هن اُن دروازي ڏي اشارو ڪيو، جنهن کان هو خود آيو هو ۽ ريڪيٽن ويو هو.
”ريڪيٽن سان گهري دوستي؟ نه ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو، ايئن ٿي سگهي ٿو. اِهڙي جانور سان؟ هو خيال ڪري ٿو ته مان...... سياهه محافظ آهيان. هو مذاق به نه ٿو سمجهي سگهي. هنن ماڻهن ۾ هيءَ انتهائي برائي آهي. سندن روح خالي ۽ خشڪ آهن. جڏهن مون کي هتي پهريائين آندو ويو هو، ته هن مون کي گويا قيد جون ديوارون ٿي ياد ڏياريون، هيءُ ڏاڍو سياڻو ماڻهو آهي، پر اليڪزي مان ختم ٿي چـُـڪو آهيان.“
هو بينچ تي ويهي رَهيو ۽ اليوشا کي به ڀرسان ويهڻ لاءِ چيائين.
”هائو. مقدمو، سڀاڻي تي رکيل آهي. ڀاءُ ڇا تون نااُميد آهين؟“ اليوشا جذبات جي فراواني کان چيو.
”تون ڇا ٿو ڳالهائين؟ مـِـتيا کيس ناراضگيءَ مان ڏسندي چيو. تون شايد مقدمي لاءِ ٿو چوين، کڏ ۾ وجهينس! هن وقت تائين اَسان اُنهن ڳالهين تي ڳالهايو آهي، جن جو مقدمي سان ڪو به تعلق نه آهي. مان توکي اهميت وارين حقيقتن بابت هڪ حرف به چيو آهي، هائو، مقدمو سڀاڻي تي آهي. پر مان جڏهن چيو ته ”منهنجو ڪم تمام ٿي ويو آهي، هيءُ مقدمي بابت نه هو. تون مون کي ايڏو ڪاوڙ ۾ ڇو ٿو ڏسين؟ ”تنهنجو مطلب ڇا آهي مـِـتيا؟“
”منهنجا خيالات! اخلاق! اخلاق ڇا آهي؟“
”علوم اخلاق“ اليوشا حيرت مان کانئس پڇيو.
”هائو، اِها سائنس آهي.“
هائو، هيءَ گهڻو ڪري سائنس کي قريب آهي، پر...... مان قبول ٿو ڪريان، ته مان توسان اُن جي تشريح نه ڪري سگهندس، ته اِهو سائنس جو ڪهڙو قسم آهي.
ريڪيٽن ڄاڻي ٿو، ريڪيٽن ان بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو. کڏ ۾ وجهينس. هو راهب ٿيڻ نه ٿو گهري، سندس مقصد آهي ته هو پيٽرسبرگ وڃي، اُتي تنقيدي اجتماعت جو مطالعو ڪري. ڪير ٿو ڄاڻي ته هو اُتي ڪم جهڙو ماڻهو نڪري پوي ۽ پنهنجي حياتي ٺاهي وجهي. اِهڙيءَ ريت ڪنهن مقام جي حاصل ڪرڻ لاءِ، هنن ماڻهن ۾ مهارت گهڻي آهي. کڏ ۾ وجهه اخلاقي علوم کي، منهنجو ڪم تمام ٿي چڪو آهي. اليڪزي مرد خدا، مان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ توسان محبت ڪريان ٿو، منهنجي دل تنهنجي ڏسڻ لاءِ سڪندي آهي. اِهو ڪارل برنارڊ ڪير هو؟“
”ڪارل برنارڊ؟“ اليوشا عجب ۾ پئجي ويو.
”نه نه، ڪارل نه. ترس مون کان غلطي ٿي آهي. ڪلاڊ برنارڊ. هو ڪير هو؟ هو ڪيميادان يا ٻيو ڪجهه آهي؟“
”هي ڪو دانشمند ٿي سگهي ٿو. اليوشا جواب ڏنو، پر مان قبول ٿو ڪريان ته اُن بابت مان اوهان کي ڪو نه ٻڌائي سگهندس. مان کيس هڪ دانشمند جي حيثيت سان ٻڌو آهي. پر هو ڪهڙي قسم جو دانشمند آهي؟ اُن بابت مون کي ڪا به خبر نه آهي.“
”ٺيڪ آهي، کڏ ۾ وجهينس. مون کي هن بابت ڪجهه به ٻڌڻو نه آهي. مـِـتيا قسم کڻندي چيو“ ٿي سگهي ٿو ته ڪو بدمعاش هجي يا اِهڙي قسم جو ماڻهو. هي سڀئي بدمعاش آهن ۽ ريڪيٽن پنهنجو چڱو تـَـرُ ٺاهي ويو آهي. ريڪيٽن ڪنهن به طرف وڃي سگهي ٿو، هيءُ ٻيو برنارڊ آهي. اهيءُ برنارڊ! هي سڀ ڪنهن جاءِ تي موجود آهن.“
”پر حقيقت ڇا آهي؟“ اليوشا موقعي تي چيو.
”هي چاهي ٿو، ته مون تي هڪ مضمون لکي. منهنجي مقدمي تي لکي، هو پنهنجي اَدبي زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ گهري ٿو. اِهو ئي سبب آهي، جو هو مون وٽ اچي ٿو. هن مون کي ايئن پاڻ ٻڌايو ٿي. هو ڪنهن نظرئي کي ثابت ڪرڻ گهري ٿو. هو ٻڌائڻ گهري ٿو، ته هو پنهنجي پيءُ کي به مارڻ کان دريغ نه ٿو ڪري سگهي. هو پنهنجي ماحول مان ئي خراب ٿي سگهي ٿو، وغيره. هن اُن جي سڄي تشريح ڪري مون کي ٻڌايو. هي هن ڳالهه کي سوشلزم جي زنجير ۾ ڦاسائڻ گهري ٿو. هن ماڻهوءَ کي به، کڏ ۾ وجهينس. جيئن به کيس وڻي، اُن زنجير ۾، اُن کي سوگهو ڪري. مون کي اُن جي ڪا به پرواهه نه آهي. هو ايون کي به برداشت ڪري نه ٿو سگهي. هيءُ کيس ڌڪاري ٿو. کيس توسان به ڪا محبت ڪانه آهي. پر کيس مان ٻاهر نه ٿو ڪڍان، ڇو ته ماڻهو هوشيار آهي، ۽ پنهنجي لاءِ بيحد ڪوڙو هٺ اٿس. مان هاڻي کيس چيو ٿي، ته ڪرامازوف رذيل نه آهي، پر فلاسافر آهي. ڇو ته جيڪي به محب وطن روسي آهن، سي فلاسافر آهن. جيتوڻيڪ تو باقاعده پڙهيو آهي. ان هوندي به تون فلاسافر نه آهين. تون هيٺئين درجي جو ماڻهو آهين. هو بدنيتي سان کليو ۽ مان کيس چيو، ته تو وٽ ڪو به فڪر ڪونه آهي. پر جهڳڙو آهي. ڇا هي بهتر نه آهي؟ مان به قديم اَدب کي ترتيب ڏئي سگهان ٿو.“ دمتري اوچتو ٽهڪ ڏنو.
”تنهنجو ڪم ڇو ختم ٿي ويو آهي؟ تو هاڻي ٿي چيو. اليوشا وچ ۾ ڳالهائيندي چيو. منهنجو ڪم ڇو لهي ويو آهي...... اَڙي..... اُن جي حقيقت آهي........... جيڪڏهن تون سڄي حقيقت کي وٺندين، ته مون کي ڏک آهي ته مان خدا کي وڃائي ويهندس. اِهو ئي ته معاملو آهي.“ توکي ڏک ٿو ٿئي ته تون خدا کي وڃائي ويهندين. انهيءَ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
”ذرا غور ڪر، هنن رڳن جي اندر، دماغ ۾- هن مان معلوم ٿو ٿئي، ته رڳون دماغ ۾ آهن.... (کڏ ۾ وجهينس،) هنن رڳن جا ننڍا ننڍا پڇ ٿين ٿا، جيئن هو لڏڻ شروع ڪن ٿا..... ۽ مان ڪنهن شيءِ کي ڏسڻ گهران ٿو، ته هڪ عڪس نظر اچي ٿو.... هـُـو هڪدم ته ظاهر نه ٿو ٿئي، پر ٿورو وقفو يعني سيڪنڊ گذري ٿو.... پوءِ ڪا شيءِ ٿوري لحظي وانگر ظاهر ٿي ٿئي. اِهو لحظو نه آهي، وقت نه آهي. شيطان اُهو وقت ٿي پوي ٿو. پر اُهو عڪس، اُها هڪڙي شيءِ آهي يا هڪ عمل آهي. کڏ ۾ وجهينس! اِهو ئي سبب آهي، جو مان اُن کي ڏسان ٿو ۽ فڪر ڪرڻ شروع ڪريان ٿو. مان هنن پڇن جي ڪري ئي ڏسان ٿو ۽ فڪر ڪريان ٿو. ايئن نه آهي ته مون وٽ روح آهي ۽ مان هڪ قسم جو پرتوو آهيان. هيءَ سڀ بيوقوفي آهي. ريڪيٽن ڪالهه، هن جي تشريح ٿي ڪئي، منهنجا ڀاءُ اُن کي ٻڌي ته مان هول ۾ اچي ويس. هيءَ سائنس، اليوشا نهايت عظيم شيءِ آهي! هڪ نئين انسان جو بيدار ٿيڻ آهي. مان اُن کي سمجهان ٿو...... پر اُن هوندي به مون کي ڏک آهي، ته خدا کي وڃائي ويهندس!“
”ڪيئن به هجي، اِها چڱي شيءِ آهي“ اليوشا کيس چيو.
ها، مون کي ڏک ٿو ٿئي، ته مان خدا کي وڃائي ويهندس! هي علم ڪيميا آهي، علم ڪيميا. ريڪيٽن خدا کي پسند نه ڪندو آهي. ڀاءُ علم ڪيميا کي ڄاڻڻ کان سواءِ ڪو چاڙهو نه آهي. اُف! پر هـُـو اُن کي ڪٿي ناپسند ڪندو آهي! ٻين سان گڏ ئي هيءُ ايذاءُ ڏيندڙ نقطو آهي. مان کانئس پڇيو آهي، ته هن بابت تبليغ ڪندين؟ هن جواب ڏنو ته جيڪڏهن مان هن کي کليل طور چوان ته اُن جي اجازت ڏني ويندي. هو کلڻ لڳو. مان کانئس پڇيو ته پوءِ، انسان جو ڇا ٿيندو؟ خدا کان سواءِ ۽ غير فاني حيات بنا؟ پوءِ ته سڀئي شيون قانوني بڻجي وينديون ۽ جنهن کي جيئن وڻندو، ايئن ڪندو. هن کلندي مون کي چيو ته توکي خبر نه آهي، ته هڪ داناءَ ماڻهو اُهو سڀڪجهه ڪري سگهي ٿو، جو هو چاهي. دانا ماڻهوءَ کي پنهنجي رستي جي خبر آهي ته تو ان ۾ قدم به رکيو آهي. تو قتل ڪيو آهي ۽ قيد ۾ سڙي رهيو آهين. هن هيءُ منهنجي سامهون چيو. هـُـو بي حيا آهي، مان هميشه اِهڙن ماڻهن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍندو آهيان، پر هاڻي ڌيان ڏئي ٻڌڻو پوندو آهي. پر هو ڪي ڳالهيون سمجهه واريون به ڪندو آهي. لکي به ڄاڻندو آهي. گذريل هفتي، هن مون کي هڪ مضمون پڙهي ٻڌايو هو. مان ان مان ٽن سٽن کي نقل ڪيو هو، هڪ منٽ ترس. هان هيءُ آهن.“
مـِـتيا، تڪڙ مان، پنهنجي کيسي مان هڪ ڪاغذ جي ٽڪري کي ڪڍيو ۽ پڙهيائين. ”هن مسئلي جو حـَـلُ“ سڀ ڪنهن چيز کان اڳ ۾ لازمي آهي، ته پنهنجي شخصيت کي مخالفت جي صداقت ڏانهن آڻي. تو هن کي سمجهيو؟
اليوشا کيس جواب ڏنو ته ”مان هن کي سمجهي نه سگهيس.“ هن مـِـتيا ڏي ڏٺو ۽ عجب مان کيس ڌيان ڏيئي ٻڌندو رهيو.
مان به سمجهي نه سگهيو آهيان. هيءُ جملو مبهم ۽ منجهيل آهي، پر ان مان ذهني قابليت نظر ٿي اچي. هن چيو ٿي ته هاڻي هرڪو ايئن ئي لکي ٿو، اهو مٿن، سندن ماحول جو اثر آهي. هو پنهنجي ماحول کان ڊڄندا رهن ٿا. هيءُ بيوقوف شعر به چوي ٿو. بيگم هائلڪوف جي پير جي شان ۾ ڪو شعر لکيو اٿس. ها، ها، ها.
مان اُن جي لاءِ ٻڌو آهي. اليوشا جواب ڏنو.
”ها، پر تو، سندس شعر کي ٻڌو آهي؟“
”نه!“
مون وٽ اِهوئي آهي. اِجهو هيءُ آهي. مان توکي پڙهي ٻڌائيندس. توکي خبر نه آهي ۽ مان توکي اِها حقيقت نه ٻڌائي آهي. هن بابت هڪ ڪهاڻي آهي، هيءُ بيوقوفي آهي. ٽي هفتا اڳ، هو مون کي چيڙائڻ لڳو ته تو پاڻ کي ٽن هزارن جي لاءِ هڪ بيوقوف جي حيثيت ۾ تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو، پر مان هڪ لک پنجاهه هزار روبل حاصل ڪرڻ وارو آهيان. مان هڪ بيواهه سان شادي ڪرڻ وارو آهيان ۽ پيٽرسبرگ ۾ گهر خريد ڪندس. هن مون کي وڌيڪ ٻڌايو، ته هو بيگم هائلڪوف سان پيار ڪري رهيو آهي. هائلڪوف کي جوانيءَ ۾ ڪو به دماغ ڪو نه هو. هاڻي چاليهن ورهين جي عمر ۾ ته هوءَ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي آهي. پر هوءَ حد کان وڌيڪ پـُـورالي آهي. هن ٻڌايو ٿي ته هو اهڙي ريت کيس قبضي ۾ آڻي وجهندو. هن چيو ٿي ته جڏهن مان شادي ڪندس، ته اُن کي پيٽرسبرگ وٺي ويندس ۽ اُتي اخبار جاري ڪندس. سندس وات پاڻي پاڻي ٿي رهيو هو، اِهو اِن جانور جو اُن بيوهه لاءِ نه هو، پر ڏيڍ لک روبل لاءِ هو. مون کي هن اُن جو يقين ڏياريو. هو مون کي هر روز ڏسڻ ايندو هو. هن مون کي ٻڌايو ته هاڻي هوءَ راضي ٿي ويئي آهي. هو خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو. ان کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو کيس اُن گهر کان هڪاليو ويو، پروهيٽن سڀ ڪجهه سندس سامهون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. آفرين! مان جيڪر اُن پوڙهي بيوقوف عورت کي، هن جي هڪالڻ سبب ڀاڪر ۾ وٺان. هـِـن ان لاءِ تڪبندي به لکي. هو چوڻ لڳو ته هيءُ پهريون دفعو آهي، ته مان پنهنجي هٿن کي شعر لکڻ لاءِ آلوده ڪيو آهي. مان سندس دل تي قبضي ڪرڻ لاءِ هن ڳالهه کي چڱو سمجهيم. مان جڏهن هن عورت جي خوش قسمتيءَ کي قبضي ۾ آڻيندس، ته مان عظيم سماجي ڪم جي لاءِ ڪارائتو ٿيندس. هنن ماڻهن وٽ جو به هـُـو برو ڪم ڪن ٿا، سماجي صورت ۾ حق ثابت ڪرڻ گهرن ٿا. هن چيو ٿي ته ڪيئن به هجي، هي تنهنجي پشڪن جي شعر کان گهڻو بهتر شعر آهي. مان اجتماعي احساس کي عوامي شاعريءَ جي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. هن پشڪن لاءِ جو ڪجهه چيو ٿي، اُن کي سمجهيم ٿي. هو وڏي استعداد وارو ماڻهو هو، پر هن فقط عورت جي پيرن لاءِ لکيو آهي. پر ريڪيٽن پنهنجي تڪبندي کان متاثر هو. هنن ماڻهن جي عجيب خودبيني آهي! هن پنهنجي شعر جي عنوان لاءِ چيو ٿي، ته اُهو آهي سـُـڄيل پير جي صحيح ٿيڻ تي منهنجي خوشنوديءَ جو اظهار. هي عجيب مسخرو آهي.
”فريفته ڪرڻ وارو ننڍڙو پير،
جيتوڻيڪ سڄيل آهي، ڳاڙهو ۽ نازڪ،
ڊاڪٽر اَچن ٿا ۽ ان تي مرهم رکن ٿا،
پر ان هوندي به، ان جو علاج نه ٿا ڪن.
پر مان سندس پير جي حالت کان متاثر نه آهيان،
پشڪن جي موسيقي جو نغمو، شايد وڌيڪ اَثر وارو ٿئي،
هيءُ سندس پير نه آهي، پر ناياب موتي جو داڻو آهي،
مان ان جي لطافت جي نقصان کان ڏڪي رهيو آهيان.
ڇاڪاڻ ته سندس پير جئين سـُـڄي ٿو، ته مون کي هيئن چوندي حيرت ٿي لڳي ته سندس خوبيءَ ۾ گهٽتائي اچي ٿي.
ها، مان اُن جي شفا لاءِ دعا گهران ٿو.
ته جيئن پير ۽ دماغ ٻئي وري ترقي پذير ٿين.“
”هو هڪ جانور آهي، پورو جانور، پر هو پهرئين درجي جو چالاڪ آهي، هن بيوقوف سچ پچ پنهنجي خيالن کي وڌايو هو. جڏهن هن کي ڌڪا ڏئي اُن گهر مان ڪڍيو ويو، تڏهن ڪو به غصي جو اظهار نه ڪيو هو،
هو پنهنجي ڏندن کي ڪرٽي رهيو هو.“
”هن کانئس انتقام وٺي ڇڏيو آهي.“ اليوشا کيس چيو،”هن بيگم هائلڪوف بابت، هڪڙو ٽڪرو لکي ڇڏيو آهي.“
”اليوشا کيس پوءِ مختصر طرح ”گاسپ“ پيل ٽڪري بابت ٻڌايو. اِهو، انهيءَ جو ئي ڪرتوت آهي. مـِـتيا غصي مان تائيد ڪئي. هيءُ ئي آهي. هي ٽڪرا.... مون کي خبر آهي.... هي بي عزت ڪندڙ شيون، جي گروشينڪا جي لاءِ لکيون ويون آهن،.... ۽ ڪـِـٽيا جي لاءِ پڻ..... هي سڀ سندس ڪرتوت آهن.
هو ڪمري ۾ هراس جي حالت ۾ گهمندو رهيو.
”ڀاءُ، مان گهڻو وقت ترسي نه سگهندس. اليوشا ٿوري دم وٺڻ کان پوءِ چيو. سڀاڻي تنهنجي لاءِ ڀيانڪ ڏينهن آهي.
”سڀاڻي خدا جي فيصلي جو ظهور ٿيندو. مون کي توکي ڏسي عجب ٿو ٿئي، ته تون هتي گهمندو ٿو وتين ۽ اُهو ٿو ڳالهائين، جنهن کي مان سمجهي نه ٿو سگهان...“
”نه، مون تي عجب نه کاءُ.“ مـِـتيا گرمجوشيءَ سان کيس چيو، “ڇا مان ان بدبودار ڪتي بابت ڳالهائي رهيو آهيان؟ ڇا مان اُن قتل جي باري ۾ ڳالهايان؟ هن بدبودار پيءُ جي بدبودار پٽ بابت وڌيڪ نه ڳالهائيندس. خدا کيس ناس ڪندو، تون ڏسندين. خاموش!“
هو جوش مان اليوشا ڏي ويو ۽ کيس چميائين. سندس اکيون چمڪي رهيون هيون. ريڪيٽن اِنهن ڳالهين کي نه سمجهندو. هن سرفرازيءَ جي حالت ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. پر تون اِنهن ڳالهين کي سمجهندين. اِهو ئي سبب هو، جو مان تنهنجو انتظار ٿي ڪيو. مون وٽ ڪيتريون ڳالهيون هيون، جن کي هنن ننگين ديوارن جي اندر، گهڻي وقت کان توکي ٻڌائڻ ٿي گهريم. پر اُنهن اهم حقيقتن بابت توکي ڪجهه به چئي نه سگهيو آهيان. اِهڙي گهڙي سمجهان ٿو ته ايندي ئي ڪانه. مان هاڻي ترسي به نه ٿو سگهان. منهنجي دل ۾ جو وهي ۽ واپري ٿو، اُن کي تو وٽ بيان ڪري ٿو ڇڏيان. ڀاءُ، گذريل ٻن مهينن ۾، مان پنهنجي اندر هڪ نئين انسان کي ڏٺو آهي. هڪ نئون انسان منهنجي اندر ۾ پيدا ٿيو آهي. هو منهنجي اندر مخفي هو، جيڪڏهن هي آسماني ضرب مون کي نه لڳي ها، ته هو ڪڏهن به پنهنجي سطح تي نه اچي ها. مون کي خوف ٿو ٿئي! مون کي هن جي ڇو پرواهه ڪرڻ گهرجي، جي مون کي کاڻين ۾ مترڪي سان پٿر ڀڃندي ويهه سال گذارڻا پوندا؟ مون کي ان لاءِ ڪو به خوف نه آهي. پر ها، اِها ٻي ڳالهه آهي، جنهن کان ڊڄي رهيو آهيان. اِهو نئون انسان مون کي شايد ڇڏي وڃي، اُتي به کاڻين ۾ زمين جي هيٺان، مان ڪا انساني دل لهي وجهان. جا منهنجي پاسي ۾ ڪنهن سزايافته يا خونيءَ جي هجي ۽ مان ساڻس دوستي رکان. ڇو ته اُتي به ڪنهن کي رهڻو آهي. محبت ڪرڻي آهي ۽ سهڻو آهي. اُتي برف ۾ گذارڻو آهي ۽ قيد جي اَيام ۾ ٺري برف ٿيل دل کي حرڪت ۾ رکڻو آهي. اُن جي لاءِ سالن جا سال گذارڻا پوندا، ۽ آخر تاريڪين جي گهرائين مان هڪ سرفراز روح مٿي اچي ويندو. هڪ غمزده ۽ حساس حيوان، ملائڪ پيدا ڪري وجهي يا ڪو شجاع. اُتي اِهڙا گهڻي ئي آهن. اَسان اُنهن کان داغدار آهيون. مان اِهڙي نازڪ گهڙيءَ ۾ ان ٻار کي خواب ۾ ڇو ڏٺو هو؟ اُهو ٻار ايترو ڇو غريب هو؟ اِها مون لاءِ ان گهڙيءَ ۾ بشارت هئي. مان اُن ٻار لاءِ ئي اوڏانهن وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته اَسين سڀئي، سڀ جي لاءِ جوابدار آهيون. سڀني ٻارن لاءِ پوءِ هو ننڍا آهن يا وڏا. هو سڀئي ڇوڪرا آهن. مان اُنهن سڀني لاءِ وڃي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته هنن سڀني جي لاءِ، ڪنهن کي ته وڃڻ گهرجي. مان پيءُ کي نه ماريو آهي، پر مان اوڏانهن ويندس جو ڪجهه به هن مصيبت خيز چؤديواريءَ ۾ پيش ايندو، مان اُن کي قبول ڪندس. اُنهن زمين دوز جاين ۾ لاتعداد، سوين ماڻهو، جن جي هٿن ۾ مترڪا هوندا، اُتي موجود آهن. اَسان کي ڪا به آزادي نه هوندي. پر انتهائي غم ۾ به سـُـرور اُڀرندي نظر ايندو. جنهن کان سواءِ انسان ۽ خالق ڪڏهن به وانجها رَهي نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته خدا کان ئي سـُـرور حاصل ٿئي ٿو. اِها سندس ئي بخشش آهي. نهايت عظيم! انسان کي عبادت ۾ مستغرق ٿيڻ کپي! خدا کان سواءِ مان زير زمين ڪهڙي ڪم جو ٿيندس! ريڪيٽن کلي ٿو. جيڪڏهن هـُـو خدا کي زمين تي وساري ڇڏيندا، ته آسان کيس زير زمين آڻينداسون. ڪو به ماڻهو خدا کان سواءِ قيد ۾ رَهي نه ٿو سگهي. قيدخاني کان ٻاهر ته اَڃا به ڏکي ڳالهه آهي. اَسين زير زمين خلوت خاني ۾ سندس عظمت جا گيت ڳائينداسون، جنهن سان سـُـرور ۽ مسرت جو تعلق آهي. مبارڪ آهي خدا ۽ سندس سرور. مان کيس محبت ڪريان ٿو.“
مـِـتيا، تازه دم ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيئن هن پنهنجي زوردار تقرير کي ختم ڪيو. هو زرد ٿي ويو هو ۽ سندس چـَـپَ ڏڪائي، سندس اکين مان ڳوڙها وَهي اَچي ڳلن تي پهتا.
”ها، زندگي مڪمل آهي. زير زمين به زندگي آهي.“ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. اليڪزي، تون شايد نه مڃين، ته ڪيترو مان هاڻي جيئڻ چاهيان ٿو. هنن مصيبت خيز ديوارن جي اندر ڪيڏي نه زندگي ۽ بيداري جي تڙپ منهنجي اندر ۾ ٽپي آئي آهي. ريڪيٽن هن کي سمجهي نه ٿو سگهي. هو فقط گهر جي تعمير ۽ ماڙين جي ٺهرائڻ ۾ گم آهي. مون کي تنهنجو انتظار آهي ۽ هيءُ مصيبتون ڇا آهن؟ مون کي انهن کان خوف نه ٿو ٿئي. اُهي ڇو نه بيشمار هجن، مون کي هنن کان خوف نه ٿو ٿئي. اڳي خوف ٿيندو هو.
شايد مان مقدمي جي دوران ڪو به جواب نه ڏيان. منهنجي اندر اِهڙي طاقت پيدا ٿي چڪي آهي، ته مان ڪنهن به تڪليف کي برداشت ڪريان ۽ همٿ سان مقابلو ڪريان. مون ۾ فقط ايتري سگهه پيدا ٿي، ته مان هر گهڙيءَ ايئن دهرائيندس، ته مان آهيان! هزارن عذابن ۾ به مان زندهه آهيان. مون کي هن لوهي سيخن جي اندر عـَـذاب ملي ٿو. مگر مان زندهه آهيان. جيتوڻيڪ مان ٿنڀي وٽ اَڪيلو آهيان، پر مان زندهه آهيان. مان سج کي ڏسان ٿو، پر جيڪڏهن اُن کي به نه ڏسان ته مون کي خبر آهي ته هو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. هن حقيقت ۾ سچ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. سڄي حياتي گويا پوشيده آهي. اليوشا! منهنجا فرشتا! هيءَ سڄي فلاسافي، منهنجي لاءِ موت آهي، کڏ ۾ وجهينِ، منهنجو ڀاءُ ايون....“
”ايون کي ڇا آهي؟“ اليوشا وچ ۾ ڳالهائيندي چيو. پر مـِـتيا کيس نه ٻڌو.
”توکي خبر نه آهي، مون وٽ اڳ ۾ اِهي شڪ نه هئا. اِهي سڀئي منهنجي اندر لڪيل ٿي رهيا. ايئن ڇو هو؟ اِهو شايد انهيءَ ڪري هو، ته جي حقيقتون مان سمجهي نه ٿي سگهيس، سي هاڻي سطح تي اُڀريون آهن. اُنهن جي ڪري مان شراب پيئندو رهيس، وڙهندو رهيس ۽ غصي ۾ ايندو رهيس. مون کي پنهنجي اندر اُنهن جي ڪري کين ضابطي ۾ رکڻو هو. خاموش ڪرڻو هو ۽ ٺاپر ۾ آڻڻو هو. ايون، ريڪيٽن نه آهي. اُن وٽ ڪا حقيقت آهي. ايوان ابوالهول جو بت آهي، پراسرار شخصيت آهي ۽ هميشه خاموش! اِهو خدا ئي آهي، جو مون کي پريشاني ڏئي رهيو آهي. ڇا سندس وجود نه آهي؟ ريڪيٽن جي دعويٰ آهي ته خدا هڪ مصنوعي فڪر آهي، جنهن کي انسان پيدا ڪيو آهي. ڇا سندس خيال سچو آهي؟ پر جيڪڏهن خدا جو وجود نه هجي ته انسان هن زمين ۽ جهازن جو مطلق العنان فرمان روا هجي، ڪيڏو نه بلند فڪر آهي. هيءُ به خيال ۾ رکڻو آهي، ته انسان خدا کان سواءِ ڪهڙي ريت پاڪ ۽ بافضيلت ٿي ٿو سگهي؟ هيءُ هڪ بنيادي سوال آهي. انسان کي ڪهڙي پئي آهي، ته ڪنهن کي دوست رکي، ڪنهن جي شڪرگذاري ڪري ۽ ڪنهن جي شان ۾ گيت ڳائي؟ ريڪيٽن ته کلي ٿو. ريڪيٽن جو چوڻ آهي، ته انسان خدا کان سواءِ، انسانيت سان پيار ڪري سگهي ٿو، ٺيڪ آهي هڪ رياڪار بيوقوف ئي اِها ڳالهه سوچي سگهي ٿو. مان ته هيءُ سمجهي نه ٿو سگهان. زندگي ريڪيٽن لاءِ آسان آهي. هو چوي ٿو ته پنهنجي وقت کي انساني سماج جي حقن ۾ صرف ڪر يا گوشت جي قيمت جي اضافي تي غور ڪر، اِيئن ڪرڻ سان تون سادگي ۽ سنئين ريت، انسانيت سان پيار ڪري سگهندين، جو فلسفي کان مٿي هوندو. مون چيو مانس ته صحيح آهي. پر خدا کان سواءِ ٿي سگهي ٿو ته تون گوشت جي اگهه ۾ اضافو ڪرين ۽ هر سير جي لاءِ هڪ روبل وڌائين. هو ڪاوڙجي ويو. آخر نيڪي ڇا آهي؟ اليڪزي مون کي ان جو جواب ڏي. فضيلت منهنجي لاءِ هڪ شيءِ آهي ۽ هڪ چينيءَ جي لاءِ ساڳي، اِها شيءِ هڪ ٻئي سان تعلق ٿي رکي، هڪ پرفريب سوال! تون اُميد ته نه کلندين، جيڪڏهن مان توکي ٻڌايان ته هن خيال ۾ مان ٻه راتيون جاڳندو رهيس. مون کي تعجب ٿو ٿئي ته ماڻهو زندهه به آهي ۽ اِنهن ڳالهين تي نٿو سوچي. هيءَ خودپسندي آهي! ايون کي خدا نه آهي، پر وٽس ڪا مراد آهي. هو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ خاموش آهي. مان سمجهان ٿو ته هو ”فري مين“ آهي. مان کانئس پڇيو، پر هو خاموش ٿي رهيو. مان چاهيان ٿو ته سندس روح جي چشمي مان ڪجهه پيئان. پر هـُـو خاموش هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو لفظ ٿي ڳالهايائين.“
”اليوشا کيس جلدي مان چيو ته ”هن ڇا ٿي ڳالهايو؟“
مان کيس چيو، ته هر شيءِ قانون تي ٻڌل آهي. ايئن آهي نه؟ سندس چهري ۾ گهنج پئجي ويا.
”فيودور پاولووچ، اسان جو پيءُ.“ هن چيو ته ”بيوقوف هو، پر سندس خيال حقيقت وارا هئا.“ اِهو ئي فقط هن ٻڌايو، پر هو ريڪيٽن کان بهتر آهي.“ ”هائو“ اليوشا اُن کي تڪليف سان قبول ڪندي چيو ته ”هو تو وٽ ڪڏهن آيو هو؟“ ٿورو وقت اڳ ۾ هاڻي مان ڪنهن ٻي ڳالهه تي ڳالهائڻ ٿو گهران. مون کي ايون لاءِ اڳ ۾ ڪجهه ٻڌايو ئي نه آهي، مان اُن کي آخر ۾ رکندس. جڏهن منهنجو معاملو پورو ٿيندو ۽ فتويٰ ملندي، تڏهن مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. اسان وٽ هڪ نهايت خوفائتي ڳالهه آهي.... تون منهنجي لاءِ اُن جو منصف ٿيندين، پر هاڻي اُن حقيقت کي نه ڇيڙ ۽ خاموش رهه. تون سڀاڻي جي لاءِ ڳالهاءِ، ۽ مقدمي بابت. پر توکي اعتبار ايندو، مون کي اُن بابت ڪا خبر نه آهي.
تو صلاح ڪارن سان ڳالهايو آهي؟
”هن وڪيل جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مان کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. هو صاف دل ۽ شهر جو پليل بدمعاش آهي. برنارڊ! پر هو مون تي اعتبار ئي نه ٿو ڪري. هو فقط اِهو خيال ۾ رکيو ويٺو آهي، ته مان اِهو ڪم ڪيو آهي. مان هن کي ڏسندس. هن حالت ۾ مان کيس چيو ته تون منهنجي بچاءَ ۾ ڇو آيو آهين؟ هنن سڀني کي کڏ ۾ وجهه. هنن وٽ هڪ ڊاڪٽر به آهي. جو ثابت ڪندو ته مان پاڳل آهيان.
مون کي اُن جي ڪا به ضرورت نه آهي. ڪيٽرينا ايونونا، آخر تائين پنهنجي فرض کي نڀائڻ گهري ٿي. پوءِ کڻي ڪهڙو به نتيجو نڪري! مـِـتيا غم سان مشڪيو. ”هي ٻالي ۽ سنگدل انسان! کيس خبر آهي ته ماڪرو ۾ ان بابت چيو هو، ته نهايت غصي واري عورت آهي. ٻڌندڙن اُن کي دهرايو به آهي. منهنجي خلاف حقيقتون، سمنڊ جي واريءَ وانگر ڍڳ بڻجي ويون آهن. گريگري پنهنجي ڳالهه کي چنبڙيو پيو آهي. گريگري ايماندار آهي، پر بيوقوف آهي. ڪيترا ماڻهو ايماندار ته هوندا آهن، پر ساڳي وقت بيوقوف به هوندا آهن. اِهو ريڪيٽن جو خيال آهي. گريگري منهنجو دشمن آهي. ڪي اِهڙا به ماڻهو هوندا آهن، جن جي دوستي کان بهتر دشمني هوندي آهي. منهنجو مقصد ڪيٽرينا ايونونا کان آهي. مون کي خوف ٿو ٿئي، ته هوءَ اِها ڳالهه ضرور ڪندي ته چئن هزارن کان پوءِ هوءَ منهنجي سامهون جهڪي پئي هئي. هوءَ پائي پائي ڪري ڏيڻ چاهيندي. مون کي سندس قرباني نه ٿي کپي. هوءَ مون کي مقدمي جي وقت شرمندگي ۾ مبتلا ڪندي. مون کي عجب ٿو لڳي، ته مان سندس سامهون ڪيئن بيهي سگهندس. اليوشا، تون وٽس وڃ ۽ کيس چؤ ته هوءَ اِها ڳالهه ڪورٽ ۾ ظاهر نه ڪري. ڇا تون ايئن نه ڪندين؟ پر هن ڳالهه کي ڇڏ، هن ۾ ته ڪا حرڪت نه آهي! مان هن کان گذري ويندس. مون کي مٿس ڪو به رحم نه ٿو اَچي. هيءُ سڀ سندس ئي فعل آهي. هوءَ ان جي لائق آهي. جو کيس ملي رهيو آهي. مون کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻي آهي اليڪسي.“
هو وري به غم کان مشڪيو. ”فقط گروشيا، گروشيا! خدايا! هن کي هيءُ مصائب ڇو برداشت ڪرڻ گهرجن.“ هن ڳوڙها وهائيندي چيو، گروشيا جي حالت مون کي ماري رهي آهي. سندس خيال مون کي ماري ٿو.
”هوءَ هاڻي به مون سان گڏ هئي.“ ”هن مون کي ٻڌايو آهي، ته اڄ هوءَ تنهنجي طرفان نهايت ڏک ۾ هئي. مون کي خبر آهي، مان پنهنجي فطرت کان مجبور آهيان! هيءُ سڄو ئي حسد هو. مون کي اُن جو ڏک هو. هوءَ جيئن وڻي ٿي ته مان کيس پيار ڪيو. مان کيس بخشي ڇڏڻ لاءِ ڪو نه چيو.“
”تو ڇو نه چيس؟“ اليوشا کانئس پڇيو.
اوچتو مـِـتيا بيحد خوشيءَ مان کلڻ لڳو.
”خدا توکي سلامت رکندو، منهنجا عزيز نينگر! اُن عورت کان پنهنجي غلطيءَ لاءِ معافي وٺڻ، جنهن کي ڪجي ٿو، ڪيئن ٿيندو. توڙي ڇو نه ڪا اهم غلطي هجي. عورت - شيطان ئي ڄاڻي سگهي ٿو ته هاڻي معاملو ڪيئن نڀائجي؟ ڪيئن به هجي، مون کي اِنهن عورتن بابت ڪجهه خبر آهي. پر عورت وٽ، جڏهن تون غلطي تي هجين ته پنهنجي غلطي جي قبوليت ڏي. چوڻ گهرجي ته مون کي ڏک آهي ۽ معاف ڪر. ايئن چوڻ سان ملامت مٿان هلي ايندي. پوءِ ڪا به شيءِ کيس معافي لاءِ سادگي سان سنئين طرح، معافي ڏيڻ لاءِ تيار نه ڪندي. هوءَ توکي زمين تي اُڇلائڻ لاءِ جهڪائيندي ۽ اهڙيون ڳالهيون آڻيندي، جي ڪڏهن وجود ۾ ئي نه آيون هونديون. هوءَ سڀئي ڳالهيون اچي گڏ ڪندي. کانئس ڪا به شيءِ نه وسرندي، پر اُٽلو ٻيون ڳالهيون به ڳنڍيندي، پوءِ ئي معافي ملندي. هنن مان چڱين ۾ چڱيون به ايئن ڪن ٿيون. هو کـُـرچي پنهنجي راهه کي هموار بڻائيندي. سڄو بار تنهنجي سر تي اڇلائيندي. هـُـو جيئري ئي کل لاهڻ لاءِ تيار هونديون آهن. مان توکي ٻڌايان ٿو ته هيءُ سڀ هڪجهڙيون آهن. هيءُ سڀ فرشتا، جن کان سواءِ اسان جيئرا رهي نه ٿا سگهون، منهنجا پيارا نينگر! مان توکي صاف ٻڌايان ٿو ته هرهڪ شريف انسان ڪنهن نه ڪنهن عورت جي قبضي ۾ آهي. منهنجو اِهو فيصلو آهي، فيصلو نه پر جذبات! ماڻهوءَ کي عاليٰ حوصلي وارو ٿيڻ گهرجي، هن ۾ انسان جي بي عزتي ته نه آهي؟ هيءَ برگزيده انسان جي بي عزتي نه آهي. توڙي جو هو قيصر هجي. پر ڪنهن به صورت ۾ کانئس معافي وٺڻ لاءِ نه ٻاڏاءِ. هن قاعدي کي ياد رکج، جو تنهنجو ڀاءُ مـِـتيا توکي ٻڌائي رهيو آهي. اُهو جو عورت جي هٿ کان برباد ٿي چڪو آهي. مان ڪنهن به ريت معافي وٺڻ کان سواءِ گروشيا سان صلح صفائي ڪري ڇڏيندس. مان سندس پوڄا ڪندو آهيان. اليڪسي پوڄا! فقط هوءَ اُن کي نه ٿي ڏسي. نه، هوءَ اڃا به انهيءَ خيال جي آهي، ته مان ساڻس پوري محبت نه ٿو ڪريان. هوءَ مون کي پنهنجي محبت سان عذاب ڏيندي ٿي رهي. ماضي ڪجهه نه هو. ماضي ۾ فقط هيءَ سندس جهنمي بدن جا موڙ هئا. جن مون کي عذاب ٿي ڏنو. پر هاڻي پاڻ مرد بڻجي ويو آهي. ڇا هوءَ مون سان شادي ڪندي؟ جيڪڏهن هن نه ڪئي ته مان رقابت کان مري ويندس. منهنجي تصور ۾ ڪا به شيءِ روز رهي ٿي..... هن توکي منهنجي لاءِ ڇا پئي چيو“
گروشينڪا جو ڪجهه کيس چيو هو، اليوشا اُن کي دهرايو. مـِـتيا ڌيان ڏئي ٻڌو. اُنهن ڳالهين کي دهرائڻ لاءِ وري وري ٿي چيائين ۽ خوش ٿي نظر آيو.”تڏهن منهنجي حاسد ٿيڻ تي هوءَ ڪاوڙيل نه هئي“ هن چيو.
”هوءَ غير معمولي عورت آهي. مون وٽ پاڻ خطرناڪ دل آهي ۽ مان اِهڙي خطرناڪ دلين سان محبت ڪندو آهيان. جيتوڻيڪ مان هيءُ برداشت نه ڪندو آهيان ته ڪو منهنجو رقيب بڻجي. مان هيءُ سهي نه سگهندس. اسان وڙهنداسون، پر مان هن کي محبت ڪندو رهندس. مان کيس لامحدود طور تي محبت ڪندو رهندس. هو مون کي شادي ڪرڻ ڏيندا؟ هو سزا وارن جوابدارن کي شادي ڪرڻ ڏيندا آهن؟ اِهو ئي ته سوال آهي ۽ مان اُن کان سواءِ جيئرو رهي نه سگهندس.....؟
مـِـتيا جوش کان ڪمري ۾ گهمندو رهيو. هاڻي چڱي اوندهه ٿي وئي هئي، اوچتو هو سخت پريشان بڻجي ويو. هوءَ چوي ٿي ته ڪو راز آهي، راز! اَسان هن جي خلاف منصوبو رٿيو آهي. ڪٽيا به اُن ۾ شامل آهي. هيءُ ئي سندس خيال آهي؟ نه منهنجي نيڪ گروشينڪا اِيئن نه آهي. تون پنهنجي بيوقوفيءَ واري نسواني طريقي ۾ نهايت وسيع تصور ٿي رکين. عزيز اليوشا، ٺيڪ آهي مان توکي پنهنجو راز ٻڌايان ٿو!
هن چوڌاري ڏٺو ۽ جلدي مان اليوشا جي قريب ٿي ويو. هـُـو سندس سامهون بيٺو هو ۽ رازدارانه ڳالهائيندو ٿي رهيو، جيتوڻيڪ حقيقت ۾ ڪو به کين ٻڌي نه رهيو هو. پوڙهو محافظ ڪنڊ ۾ اوجهراٽيون کائي رهيو هو ۽ پهري تي بيٺل سولـجر سندن هڪ لفظ به ٻڌي نه ٿي سگهيا.
”مان توکي پنهنجو سڄو ئي راز ٻڌايان ٿو. مـِـتيا ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. منهنجو مقصد پوءِ جي ڳالهين سان آهي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان توکان سواءِ ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ڪري سگهان؟ تون منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهين، جيتوڻيڪ مان ايئن چوڻ لاءِ مجبور آهيان، ته ايون اَسان سڀني کان مٿانهون آهي. پر تون منهنجي لاءِ فرشتي جي مثال آهين. تنهنجي راءِ ئي، هن جو فيصلو ڪندي ۽ شايد تون ئي مٿانهون آهين، نه ايون. هي ضمير جو سوال آهي ۽ مٿانهين ضمير جو. اِهو راز نهايت اهميت وارو آهي، جنهن بابت مان پاڻ ڪو به فيصلو نه ٿو ڪري سگهان. جيستائين مان توسان نه ڳالهايو آهي اُن کي پٺتي وجهي ڇڏيو اٿم، اُن جي فيصلي ڪرڻ لاءِ، هيءُ وقت گهڻو اڳي آهي. اسان کي فتويٰ لاءِ ترسڻ گهرجي. جيئن ئي فتويٰ ملي، تون منهنجي قسمت بابت فيصلو ڪج. هاڻي فيصلو نه ڪج. مان ته سڀ ڪجهه توکي هاڻي ٻڌايان ٿو. تون اُن کي ڌيان سان ٻـُـڌ، پر ڪو به فيصلو نه ڏي. تون خاموشيءَ سان ٻڌ، مان توکي سڀ نه ٻڌائي سگهندس. مان توکي تفصيل کان سواءِ مقصد ٻڌائيندس ۽ تون خاموش رهندين. نه ڪنهن سوال جي ضرورت آهي، نه چرپر جي. ٻڌاءِ تون قبول ڪرين ٿو؟ پر خدايا مان تنهنجي اکين کي ڇا ڪريان؟ مون کي خوف ٿو ٿئي. چڱو اليوشا ٻـُـڌ. ايون مون کي صلاح ڏني آهي، ته مان ڀڄي وڃان. مان توکي اُن جو ڪو به تفصيل نه ٻڌائيندس. اِهو سڀ ڪجهه خيال ۾ رکيو ويو آهي. بس پنهنجو فيصلو نه ڏي. مان گروشيا سان گڏ آمريڪا ويندس. توکي خبر هجي ته مان گروشيا کان سواءِ رهي نه سگهندس. ڇا ٿيندو جيڪڏهن هنن کيس مون سان گڏ سائبيريا ڏانهن نه ڇڏيو؟ ڇا هـُـو سزا يافته کي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏيندا؟ ايون جو خيال آهي، ته هو نه ڏيندا. گروشينڪا کان سواءِ مان زير زمين مترڪي سان ڇا ڪري سگهندس. مان پنهنجي مغز کي اُن سان ڀڃي ڇڏيندس، پوءِ ٻئي طرف منهنجي ضمير جو ڇا ٿيندو؟ مان مصيبتن کان بچي ويندس. مون کي نجات جو رستو مليو آهي، مان هن نجات جي رستي کي رد ٿو ڪريان. مون وٽ نجات جا پنهنجا اصول آهن. ان ڪري مان هن جو انڪار ٿو ڪريان. ايون ٻڌايو ٿي ته آمريڪا ۾، حسن نيت جي باعث، زير زمين کان اُتي گهڻو آسودو رهندس، پر اسان جي زير زمين واري گيت جو ڇا ٿيندو؟ آمريڪا ڇا آهي؟ آمريڪا اجائي هوس جي جاءِ آهي. آمريڪا ۾ پڻ ذلالت گهڻي آهي. مون کي صليب تي چڙهڻ کان ڀڄڻو آهي. مان هيءُ توکي ئي ٻڌائي رهيو آهيان اليڪسي. ڇاڪاڻ ته تون اُن کي چڱي ريت سمجهي سگهين ٿو. ٻيو ڪو ماڻهو هن کي سمجهائڻ لاءِ نظر نه ٿو اچي. ٻيا ته هن کي بيوقوفي ۽ جنون سمجهندا. مان توکي اُن گيت جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. ٻيا ته ائين چوندا ته مان پنهنجي خيال ۾ نه آهيان يا بيوقوف آهيان، پر مان نه پنهنجي خيال کان ٻاهر آهيان، نه بيوقوف آهيان. ايون گيت کي سمجهي ٿو، پر جواب نه ٿو ڏي. هو ڳالهائي نه ٿو. سندس گيت ۾ اعتماد نه آهي. خبردار تون نه ڳالهاءِ، تون نه ڳالهاءِ! مان ڏسان ٿو ته تون ڪيئن نهاري رهيو آهين! تون فيصلو ڪري چڪو آهين. تون فيصلو نه ڪر ۽ مون کي فارغ رک! مان گروشيا کان سواءِ جيئرو رهي نه ٿو سگهان. ترس، مقدمي جي فيصلي کان پوءِ!“
مـِـتيا پنهنجي گفتگوءَ کي پورو ڪيو. هن اليوشا کي مضبوط جهليو ۽ سندس ڪلهن تي ٻئي هٿ رکي، پنهنجون نماڻيون اکيون، ڀاءُ جي اکين ۾ کپائي ڇڏيون. هو هڪ سزا کاڌل کي شادي ڪرڻ نه ڏيندا؟ هن ٽيون ڀيرو اِهو سوال التماس طور ڪيو.
اليوشا کيس سخت حيرت مان ٿي ڏٺو ۽ سخت متاثر هو. ”مون کي هڪ ڳالهه ٻڌاءِ“. هن کانئس پڇيو. ڇا ايون هن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ اِهو ڪنهن جو خيال آهي؟ سندس ئي اِهو خيال آهي ۽ هو هن ۾ بيحد دلچسپي وٺي رهيو آهي. هو مون کي پهريائين ڏسڻ نه آيو هو. پر هڪ هفتو ٿيو، هو اوچتو مون وٽ هليو آيو ۽ مون سان سنئين سڌي اِها ڳالهه ڪيائين. هو هـِـن ۾ سخت دلچسپي وٺي رهيو آهي. هو مون کي چوي نه ٿو، پر پڇڻ لاءِ حڪم ٿو ڏي، پنهنجي حڪم مڃائڻ لاءِ کيس مون ۾ ڪو به شڪ نه آهي. جيتوڻيڪ مون پنهنجي سڄي دل سندس اڳيان کولي رکي. جيئن تنهنجي اڳيان کولي رکي اٿم. کيس اُن گيت لاءِ به ٻڌايو اٿم. هن مون کي جواب ڏنو، ته هو اُن جو سڀ ڪوئي بندوبست ڪندو. پر اهو سڀ ڪجهه پوءِ ٿيندو، فقط اِرادي جي پختگي کپي. هي سڀ پيسي جو معاملو آهي، هو ڏهه هزار روبل ڀڄڻ وقت ڏيندو ۽ ويهه هزار روبل آمريڪا لاءِ. هن چيو ٿي ته ڏهه هزار روبل خرچ ڪرڻ سان هو ڀاڄ کي شاندار بڻائي سگهندو.“
” ۽ هن توکي هيئن به چيو هو، ته ڪنهن به قيمت تي تون مون کي اِها حقيقت نه ٻڌائيندين؟“ اليوشا وري کانئس پڇيو.
”هن چيو هو ته ڪنهن کي به نه ٻڌائج، خاص ڪري توکي. ڪنهن به قيمت تي ٻڌائڻو نه هو. اِنهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته کيس خوف پئي ٿيو ته تون منهنجي ضمير وانگر منهنجي سامهون روڪ ٿي بيهندين. مان توکي جو ڪجهه به ٻڌايو آهي، اُن کي نه ٻڌائج، ڪنهن به قيمت تي کيس نه ٻڌائج.
تون سچ ٿو چوين، اليوشا کيس چيو. مقدمي جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي. مقدمي جي فيصلي ٿيڻ کان پوءِ، تون پاڻ مرادو اُن جو فيصلو ڪري ڇڏج. اُن کان پوءِ ئي تون پنهنجي اَندر هڪ نئون انسان ڏسندين ۽ اُهو ئي فيصلو ڪندو.
”نئون انسان يا برنارڊ، پر ڪير فيصلو ڪندو؟ برنارڊ! ڇاڪاڻ ته منهنجو عقيدو آهي، ته مان خود نفرت جهڙو برنارڊ آهيان.“ مـِـتيا سخت ڪڙي نوح ۾ چيو.
پر ڀاءُ، ڇا توکي اِها اميد ئي ڪا نه آهي. تون آزاد ٿي ويندين؟
مـِـتيا ڪلهن کي ڀيڪڙيو ۽ شدت سان مٿي کي لوڏيو.
”اليوشا عزيز، تنهنجي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن کيس جلديءَ مان چيو. جيل جو سپرنٽينڊنٽ، ميدان ۾ زور سان ڳالهائي رهيو آهي. هو سنئون سڌو، هيڏي ايندو. اسان کي دير ٿي وئي آهي ۽ هيءُ غير رواجي آهي. مون کي جلدي ڀاڪر پاءِ ۽ مون کي چمي ڏي. منهنجي مٿان صليب جي نشاني جوڙ، ڇاڪاڻ ته مون کي سڀاڻي صليب تي چڙهڻو آهي.“
هنن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو ۽ چميون ڏنيون.
”ايون“ ۽ اوچتو مـِـتيا چيو ته ”مون کي ڀڄي وڃڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ سندس اعتقاد آهي ته مان اُن کي قبول ڪيو آهي.“
سندس چپن تي ماتمي مشڪ پکڙجي ويئي.
”تو کانئس پڇيو آهي، ته سندس اِهو اعتقاد آهي.“ اليوشا کانئس پڇيو.
نه، مان هن کان نه پڇيو آهي. مان کانئس پڇڻ ٿي گهريو، پر مان ايئن نه ڪري سگهيس. مون کي همٿ ٿي نه سگهي. پر مان سندس اکين مان سمجهي ورتو هو. چڱو خدا حافظ! هنن وري به تڪڙ ۾ هڪٻئي سان ڀاڪر پائي موڪلايو. اليوشا وڃڻ تي هو ته مـِـتيا اوچتو کيس سڏ ڪيو.
”مون ڏي منهن ڪري بيهه! هان ايئن.“ هن وري اليوشا کي ورتو ۽ ٻئي هٿ سندس ڪلهي تي رکيائين. سندس چهرو اوچتو پيلو ٿي ويو ۽ اِهو اونداهيءَ ۾ صاف ٿي ڏٺو. سندس چپ ڀيڪوڙجي ويا. سندس اکيون اليوشا ۾ کپي ويون.
”اليوشا مون کي سچ ٻڌاءِ! پاڻ کي ايئن سمجهه ته ڄڻ خدا جي سامهون آهين. ڇا، تنهنجو خيال آهي ته مان خون ڪيو آهي؟ ڇا، تون ايئن وسهين ٿو. مون کي سچ پچ ٻڌاءِ، ڪوڙ نه ڳالهاءِ!“ هن نااميدي مان رڙ ڪري چيو.
اليوشا جي سامهون، ڄڻ ته هر شيءِ چڪر کائيندي نظر آئي. هن ايئن محسوس ڪيو، ته سندس دل ۾ ڄڻ ته خنجر هنيو ويو آهي.
”بس ڪر! تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ هو سخت مونجهاري ۽ عجب ۾ پئجي ويو،“ سچ ڳالهاءِ، ڪوڙ نه ڳالهاءِ، ڪوڙ نه ڳالهاءِ“ مـِـتيا وري دهرايو.
”مان هڪ ويرم لاءِ به ايئن خيال نه ڪيو آهي، ته تون قاتل آهين.“ اليوشا جو آواز سندس سيني ۾ پيهي ويو. هن پنهنجي سڄي هٿ کي هوا ۾ کنيو، ڄڻ ته هو پنهنجي لفظن تي خدا کي گواهه بڻائي رهيو هو. مـِـتيا جو سڄو چهرو روحاني خوشيءَ کان چهڪي اُٿيو.
”مهرباني“. هن آهستگيءَ سان وضاحت ڪندي چيو. هن ٿڌو ساهه کنيو. ڄڻ ته پاڻ کي بيهوشيءَ کان بچائي رهيو هو. ”تو مون کي هاڻي ڄڻ ته نئين حياتي ڏني آهي. تون اعتبار ڪندين. مان هن وقت تائين توکان هن سوال پڇڻ لاءِ خوف ٿي کاڌو. چڱو وڃ. تو مون کي سڀاڻي جي لاءِ همٿ ڏياري آهي. خدا توکي برڪتون ڏئي. وڃ! ايون کي پيار ڪج!“ مـِـتيا جا هيءَ آخري لفظ هئا.
اليوشا ڳوڙها وهائيندو ٻاهر نڪتو. مـِـتيا ۾ ايڏي بي اعتباري، سو به منهنجي لاءِ، اليوشا جي لاءِ، هنن سڀني ڳالهين اليوشا جي سامهون سندس بدقسمت ڀاءُ جي شڪ ۽ شبهي کان ٻاهر غم جي فراواني ۽ روح جي نااُميديءَ کي ظاهر ڪري وڌو. سندس دل لامحدود تاثر ۽ رحم جي احساس سان ڀرجي وئي. سندس تار تار ٿيل دل ۾ سنهڙو سور اُڀري رهيو هو. هن اوچتو مـِـتيا جي لفظن کي ياد ڪيو، ته ايون سان محبت ڪج. ”هاڻي هو ايون ڏي وڃي رهيو هو ۽ هن، سڄو ڏينهن ايون سان ملڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي ڪئي. هو ايون لاءِ به ايترو ئي اضطراب ۾ هو، جيترو مـِـتيا جي لاءِ. هاڻي ته اُن کان به وڌيڪ.“

باب پنجون: تون نه، تون نه!

ايون ڏي ويندي، اليوشا کي، ڪيٽرينا ايونونا جي گهر کان گذرڻو پيو، جتي هوءَ رهي ٿي. گهر جي درين مان روشني ٿي آئي. هـُـو اوچتو بيهي رهيو ۽ فيصلو ڪيائين، ته اندر گهڙي وڃي. ڪيٽرينا کي ڏٺي، کيس هفتي کان وڌيڪ وقت گذريو هو، کيس اُن وقت هيءُ به خيال آيو، ته ايون ضرور اُتي هوندو. سوئي اِهڙي خطرناڪ ڏينهن جي شام جو گهنڊڻي وڄائڻ کان پوءِ، هو ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو، جنهن ۾ جهڪي روشني سان هڪ چيني شمعدان ٻري رهيو هو. هن ڏٺو ته هڪ ماڻهو هيٺ لهندو پئي آيو. جڏهن هو پاڻ ۾ مليا، ته هن سڃاتو ته هيءُ سندس ڀاءُ هو. هو ڪيٽرينا ايونونا وٽان اچي رهيو هو.
”اڙي تون آهين؟“ ايون خشڪ لهجي ۾ کيس چيو. ” چڱو خدا حافظ! تون هن ڏي وڃي رهيو آهين؟“
”هائو!“
”مان جيڪر توکي صلاح ڏيان، ته هن ڏي نه وڃ.“ هوءَ پريشان آهي ۽ تون وڌيڪ کيس پريشان ڪندين، اُن وقت دروازو مٿي کليو ۽ اوچتو آواز آيو ته:
”نه، نه اليڪسي فيودورپاولووچ، تون اُن وٽان ئي ٿو اچين؟“
”هائو، مان اُن سان گڏ هوس.“
”ڇا هن منهنجي لاءِ ڪو نياپو ڏنو آهي؟ اليوشا مٿي اَچ ۽ تون به اِيون فيودورپاولووچ موٽي اَچ. ڇا تون ٻڌين نه ٿو.“
ڪٽيا جي آواز ۾ تحڪماڻو لهجو هو، جنهن ڪري ايون ٿوري وقت جي پس و پيش کان پوءِ، اليوشا سان گڏ، موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هوءَ شايد ٻڌندي ٿي رهي، هـُـن غصي مان پاڻ سان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، پر اليوشا کيس ٻڌو. ملاقات جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي، ايون چيو، ته ”مون کي وڏي ڪوٽ جي پهرڻ لاءِ معاف ڪيو وڃي. مان ڪونه ويهندس ۽ هڪ منٽ کان مٿي نه ترسندس.“
اليڪسي فيودورپاولووچ ويهه. ڪيٽرينا ايونونا کيس چيو. جيتوڻيڪ هوءَ پاڻ بيٺي هئي. سندس جسم ۾، هن وقت اندر، ٿوري تبديلي ٿي ڏٺي، پر سندس ڪارين اکين مان خوفناڪ روشني ٿي ڏٺي. اليوشا کي پوءِ ياد ٿي آيو، ته اُن وقت هوءَ حسين ٿي لڳي ۽ کيس پنهنجي سونهن سان متاثر ڪيو هئائين.
”هن توکي ڇا چيو هو، ته مون کي ٻڌائين؟“
”فقط هڪ شيءِ“ اليوشا کيس چيو. هـُـن سندس چهري ۾ سـِـڌيءَ ريت نهاريو. ” اِهو ته مقدمي ۾ تون اِهو نه ٻڌائين (هـُـو ڪجهه منجهي ويو).... جو ڪجهه ماضي ۾ اوهان جي وچ ۾ گذريو آهي..... اُن وقت، جڏهن اوهان جي شهر ۾ پهرئين واقفيت ٿي هئي......؟“
”اڙي اِهو ته مان پيسي جي لاءِ زمين تي نوڙي هيس؟“ هو کلڻ لڳي. ”ڇو کيس منهنجي لاءِ خوف ٿو ٿئي يا پنهنجي لاءِ؟ هو مون کي چوي ٿو، ته مان کيس ڇڏي ڏيان. پر ڪنهن کي؟ هن کي يا پاڻ کي. اليڪزي فيودورپاولووچ، مون کي ٻڌاءِ. اليڪزي فيودورپاولووچ!“ اليوشا کيس ارادتاً جاچيندو رهيو ۽ ڪوشش ڪري رهيو هو، ته کيس سمجهي سگهي.
”اوهان ٻئي. هو به ۽ تون به.“ هن کيس جواب ڏنو.
”مان ٻڌي خوش ٿي آهيان.“ هن بدنيتي سان ڳالهه کي ڪٽيندي چيو. هوءَ اوچتو ڳاڙهي ٿي وئي.
”اليڪزي فيودورپاولووچ، تون اڃا مون کي سڃاڻي نه سگهيو آهين.“ هن نفرت مان چيو، “مان، پاڻ کي به اَڃا سڃاڻي نه سگهي آهيان. شايد تون چاهين ٿو، ته سڀاڻي منهنجي پڇا کان پوءِ تون مون کي پيرن ۾ مهٽي ڇڏيندين.“
”تون پنهنجي شاهدي عزت سان ڏيندين.“ اليوشا کيس چيو. ” اِهوئي سڀ ڪجهه آهي، جو کپي ٿو.“
”زالون اَڪثر بي ايمان ٿين ٿيون.“ هو پيچ تاب کائي اُٿي. ”مون کي ڪلاڪ کن ٿيو، جو مان خيال ڪندي ٿي رهيس. اُن خوفناڪ بلا کي ڇـُـهندي مون کي خوف پئي ٿيو.... ڄڻ ته هو نانگ هو.... پر اُن هوندي به هو مون لاءِ انسان آهي. پر ڇا هـُـن اِهو خون ڪيو آهي؟“ هن اوچتو جنون جي حالت ۾ رڙ ڪري چيو ۽ جلدي مان ايون ڏي رخ ڪيائين.
اليوشا هڪدم ڏٺو ته هن ايون کان اِهو سوال اڳ به پڇيو هوندو ۽ هو ٿوري گهڙي اڳ ۾ آيو هو. اِهو سوال هڪ ڀيرو نه، پر سؤ دفعا اڳ ۾ پڇيو ويو هو ۽ آخر جهيڙي سان ئي پورو ٿيو هو.
”مان سميرڊياڪوف ڏي به وئي هيس..... اِهو تون هئين، جنهن مون کي راغب ڪيو هو، ته هن ئي پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو آهي. مان سمجهان ٿي، ته اِهو تون ئي هئين.“ هو ايون سان مخاطب ٿي مسلسل ڳالهائيندي رهي. ايون نفرت سان مشڪندي کيس ڏٺو. اليوشا هن کي اِهڙي ريت ڏسي ڇرڪ ڀريو. اِهڙي قربت ۾ ويجهڙائي لاءِ کيس ڪو به وهم ۽ گمان نه هو.
”ٺيڪ آهي، ڪيئن به هجي، اِهو ڪافي آهي.“ ايون گفتگوءَ کي مختصر ڪندي چيو. ”مان وڃان ٿو ۽ سڀاڻي ايندس.“ هو هڪدم ڦريو ۽ ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ سڌو ڏاڪڻ ڏي هليو ويو.
ڪيٽرينا ايونونا، تحڪماڻي اشاري سان اليوشا جي ٻنهي هٿن کي جهليو ۽ چيو ته ”هن جي پوئتان وڃ ۽ کيس وٺ، هن کي ٿوري وقت لاءِ اَڪيلو نه ڇڏ.“ هوءَ تڪڙ ۾ چوندي وئي. ”هو چريو ٿي پيو آهي، توکي خبر نه آهي، ته هو چريو ٿي پيو آهي؟ هو بخار ۾ آهي ۽ مون کي ڊاڪٽر ايئن ٻڌايو آهي. وڃ، سندس پويان ڊوڙ.... اليوشا ٽپو ڏنو ۽ ايون جي پوئتان ڊوڙيو. هو کانئس پنجاهه قدم کن اڳ ۾ هو....؟ ”توکي ڇا گهرجي؟ هو تيزيءَ سان اليوشا ڏي مڙيو. هن ڏٺو ٿي ته هو ڊوڙندو وٽس آيو هو.“ هن ئي توکي چيو آهي، ته مون کي پڪڙي وٺ. ڇاڪاڻ ته مان چريو آهيان. مون کي پوري پوري يادگيري آهي.“ هن غصي مان چيو. ”هن کان بيشڪ غلطي ٿي آهي، پر هن ۾ هو صحيح آهي، ته تون بيمار آهين.“ اليوشا کيس چيو. ”مان تنهنجي منهن ۾ هاڻي نهاري رهيو هوس ۽ تون بيمار پئي نظر آئين ايون.“ ايون ترسڻ کان سواءِ هلندو رهيو. اليوشا سندس پوئتان هو.
”اليڪزي فيودورپاولووچ، توکي خبر آهي، ته ماڻهو ڪهڙي ريت هوش کان نڪري ويندا آهن؟“ ايون کانئس پنهنجي پـُـرسڪون آواز ۾ پڇيو، جنهن ۾ جوش جو ڪو به نشان نه هو. فقط سادگي واري حيرت پئي ظاهر ٿي.
”نه، مون کي خبر نه آهي. مان خيال ڪريان ٿو، ته جنون جا گهڻائي قسم آهن.“
”ڇا، ماڻهوءَ کي اِها خبر پوي ٿي، ته هو چريو ٿي پيو آهي؟“
اليوشا کيس جواب ڏنو، ته ”منهنجو خيال آهي ته ماڻهو، اُن کان پاڻ واقف نه ٿو ٿئي.“ ايون هڪ منٽ لاءِ خاموش ٿي ويو.
”جيڪڏهن تون مون سان ڳالهائڻ گهرين ٿو، ته مضمون کي بدلاءِ:“ هن اوچتو اليوشا کي چيو.
”مان جيستائين اُن لاءِ خيال ڪريان، مون وٽ تنهنجي لاءِ هڪ خط آهي.“ اليوشا هٻڪندي چيو. هن لزي جو خط کيسي مان ڪڍيو ۽ ايون کي ڏنو. هو هاڻي هڪ فانوس جي ٿنڀي جي هيٺان هئا. ايون هڪدم اکرن کي سڃاتو.
”مان، ان ننڍڙي شيطان کان!“ هو نفرت مان کليو ۽ لفافي کي کولڻ کان سواءِ هن اُن کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڦٽي ڪيو، خط جا ذرڙا هوا ۾ واءُ وکر ٿي ويا.
”هوءَ اَڃا سورنهن ورهين جي نه آهي. منهنجي خيال ۾ ته اِهو آهي. پر هوءَ اڳ ۾ ئي پاڻ کي پيش ڪري رهي آهي.“ هو نفرت سان ايئن چوندو، ڊگها قدم کڻندو وري گهٽيءَ مان هلڻ لڳو.
”پنهنجي پيش ڪرڻ کان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ اليوشا کانئس پڇيو.
جيئن من موجي عورتون پاڻ کي پيش ڪنديون آهن. توکي هيءُ يقين هئڻ گهرجي.“
”اِهو ڪيئن؟ ايون، اِهو ڪيئن؟ تون ايئن ڪيئن ٿو چوين؟“ اليوشا ڏک ڀري آواز سان گرمجوشيءَ مان چيو. ”هوءَ ته ٻار آهي ۽ تون ٻار جي بي عزتي ڪري رهيو آهين ۽ هوءَ بيمار به آهي. هوءَ جنون جي حد تي آهي.... مان ته اِها ئي اميد ڪئي ته توکان اُن جي لاءِ ڪجهه ٻڌندس.... جا حقيقت کيس بچائي وٺندي.“
”تون، مون کان ڪجهه به نه ٻـُـڌندين، جيڪڏهن هوءَ ٻار آهي ته مان ان جي دائي ته نه آهيان. خاموش رهه اليڪزي اُن جي لاءِ ڪجهه به نه ڳالهاءِ، مان ته اُن جي لاءِ خيال به نه ٿو ڪري سگهان.“
هـُـو گهڙي لاءِ خاموش ٿي ويا.
”هوءَ هاڻي سڄي رات خدا کان دعائون گهرندي رهندي، ته کيس سڀاڻي مقدمي جي لاءِ صحيح راهه ڏيکاري.“
هن تيزيءَ مان ۽ غصي ۾ چيو.
”تنهنجو مطلب ڪيٽرينا ايونونا کان آهي“
”هائو.“ يا، ته هو مـِـتيا کي بچائيندي يا برباد ڪري ڇڏيندي. هوءَ سڄي رات اِنهيءَ لاءِ ته دعائون گهرندي رهندي. هوءَ پاڻ ڪنهن به ڳالهه تي دل ٻڌي نه ٿي سگهي. وقت نه هئڻ سبب هن پنهنجو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي. هوءَ به مون کي دائي طور ڪم آڻڻ ٿي گهري ۽ چاهي ٿي ته مان وٽس آرام ڏيندڙ گيت ڳايان.“
”ڪيٽرينا توسان محبت ٿي ڪري ڀاءُ!“ اليوشا غمزده لهجي ۾ چيو.
”شايد، پر مان اُن ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نه ٿو رکان. هـُـوءَ تڪليف ۾ آهي. تون هن کي ڇو ٿو..... ڪڏهن اِهڙيون ڳالهيون ٻڌائين ٿو، جنهن مان هوءَ اميد ڪـَـڍندي رهي ٿي،“ اليوشا، بي همٿي ڏيکارڻ بنا ڳالهائيندو ويو.
”توکي خبر آهي، ته تون کيس اميد ڏيکاريندو آهين.“ هن کيس وڌيڪ چيو، ته ”مون کي معاف ڪر، جو مان اِهڙي ريت توسان ڳالهائيندو رهيو آهيان.“
”مان منجهس ايترو اعتبار ٿو رکان، جو رکڻ گهرجي.... مان کيس ڇني ڇڏيندس ۽ صاف ٻڌائي ڇڏيندس.“ ايون جوش مان چيو. ”مان ايستائين ترسندس، جيستائين خوني جي فتويٰ صادر ٿئي. جيڪڏهن مان هاڻي ساڻس ڇني ڇڏيندس ته هوءَ سڀاڻي هن بدمعاش جي مقدمي ۾ مون کان بدلو وٺي ڇڏيندي ۽ مون کي برباد ڪندي. هو کيس ڌڪاري ٿو ۽ هوءَ ڄاڻي ٿي ته سندس ڌڪار بابت مون کي خبر آهي. هي سڀ ڪوڙ آهي ۽ ڪوڙ جي مٿان ڪوڙ! جيستائين مان ساڻس نه ڇنو آهي، هوءَ اُميد رکيو ايندي ۽ ان بلا کي برباد نه ڪندي. ڇاڪاڻ ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته مان چاهيان ٿو ته کيس ان تڪليف کان ٻاهر آڻجي. فقط هوءَ منحوس فتويٰ، ٻاهر اچي.
”خوني ۽ بلا “ جا لفظ، اليوشا جي دل ۾ ڏک ڀريو پڙاڏو پيدا ڪندا رهيا.
”پر هوءَ ڪيئن مـِـتيا کي برباد ڪندي؟“ هن ايون جي لفظن تي غور ڪندي، کانئس پڇيو. هو، ڪهڙي شاهدي ڏيندي، جنهن مان مـِـتيا جي بربادي ٿيندي. ”توکي اڃا اُن جي خبر نه آهي. سندس هٿن ۾ هڪ دستاويز آهي، جو مـِـتيا جي هٿ اکرن ۾ آهي، جنهن مان آخر هيءَ ثابت ٿئي ٿو ته هن فيودور پاولووچ کي خون ڪيو آهي.“
”هيءَ ناشدني آهي.“ اليوشا واڪو ڪري چيو. ”ڇا اِها اَڻ ٿيڻي آهي؟ مان اُن کي پاڻ پڙهيو آهي. اِهو اِهڙو دستاويز ٿي نه ٿو سگهي! اليوشا وري گرمجوشيءَ سان گهرايو. اِهو ٿي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته هو خوني آهي ئي ڪونه. هن پيءُ کي خون ڪونه ڪيو آهي.“ ايون اوچتو خاموش ٿي ويو.
”تڏهن خوني ڪير آهي! ۽ تنهنجي ان بابت ڪهڙي راءِ آهي؟“ هن کانئس سرد مهريءَ مان پڇيو. سندس آواز ۾ حقارت آميز تاثر هو. ”تون ڄاڻي ٿو ڪير آهي؟“ اليوشا آهستي، پر دل ۾ گهرندڙ آواز سان چيو.
”ڪير؟ تنهنجو مطلب هـُـن جنوني بيوقوف جي خرافات مان آهي. هو مرگهي ورتل سميرڊياڪوف؟“
”نه، ايون، تو پاڻ ڪيئي ڀيرا ايئن چيو آهي ته تون خوني آهين.“
پر مان ايئن ڪڏهن چيو هو؟ مان ته ماسڪو ۾ هيس.... مان ايئن ڪڏهن چيو هو. ايون هٻڪڻ لڳو.
اليوا اوچتو محسوس ڪيو ته هو ڏڪي رهيو آهي.
”توکي اُن جي خبر آهي. هن کان بي اختيار نڪري ويو. هو مشڪل سان ساهه کڻي سگهيو. ڪير، ڪير؟ ايون خوفناڪ نموني رڙ ڪري چيو. سندس هواس خطا ٿي ويا.
”مون کي فقط هڪڙي شيءِ جي خبر آهي.“ اليوشا اَڃا به نهايت آهستي ڳالهائيندي ٿي ويو. اِهو تون ته نه هئين جنهن پيءُ کي ماريو آهي.“ اِهو تون ته نه هئين، تنهنجو اِنهيءَ مان ڇا مطلب آهي ته اِهو تون ته نه هئين؟“ ايون سخت حيران ٿي ويو. اَڌ منٽ لاءِ خاموشي ٿي وئي.
”نه، مان ڄاڻان ٿو ته مان ايئن نه ڪيو. توکي وهم ته نه ٿيو آهي.“ هو ڦڪو ۽ منجهيل مشڪڻ لڳو. سندس اکيون اليوشا ۾ کپي ويون. هو وري به هڪ فانوس جي ٿنڀي جي هيٺان بيٺا هئا.
”نه، ايون، تو پاڻ ڪيئي ڀيرا ايئن چيو آهي، هنن ٻن خطرناڪ مهينن ۾ جڏهن تون اڪيلو رهيو آهين ته ايئن چوندو رهيو آهين. اليوشا هاڻي به اڳي وانگر پوري نرميءَ سان چوندو رهيو. پر اُن هوندي به هو هاڻي ايئن ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ ته هو پاڻ مرادو نه ڳالهائي رهيو، نه وري پنهنجي مرضيءَ سان، پر ڪنهن زبردست قوت جي حڪم هيٺ آهي.“ تو پاڻ کي جوابدار ٺهرايو آهي ۽ پاڻ قبوليت ڏني آهي، ته تون قاتل آهين ۽ نه ڪو ٻيو. پر تو اِهو ڪم نه ڪيو آهي. تون غلط آهين. تون ٻڌين ٿو؟ تون نه آهين. خدا مون کي توڏي موڪليو آهي ته مان توکي ٻڌايان. هو ٻئي خاموش هئا. هيءَ خاموشي سڄي منٽ لاءِ هلي. هو ٻئي چپ بيٺا هئا ۽ هڪٻئي جي اکين کي گهوري رهيا هئا. ٻئي زرد ٿي ويا هئا. اوچتو ايون مٿي کان وٺي پيرن تائين ڏڪڻ لڳو ۽ اليوشا جي ڪلهن کي چنبڙي پيو.
”تون منهنجي ڪمري ۾ هئين!“ گلوگير آواز ۾ ڀڻڪندي چيائين، ”تون رات جو اُتي هئين، جڏهن هو آيو هو..... اقرار ڪر.... تو کيس اُتي ڏٺو هو. ڏٺو به هو.“
”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ مـِـتيا.“ اليوشا منجهندي کانئس پڇيو هو.
”هن کي نه، کڏ ۾ وجهه هن بلا کي.“ ايون جنون سان رڙ ڪندي چيو. ”توکي خبر آهي، ته هو مون کي ڏسڻ لاءِ اچي ٿو. تو هن نقطي کي ڪيئن معلوم ڪيو.“ اليوشا جو سخت حيران ٿي ويو هو. چوڻ لڳو ته ”هو ڪير آهي؟ مون کي ڪهڙي خبر آهي ته تون ڪنهن سان محبت ٿو ڪرين.“
”خير! توکي خبر آهي..... جيڪڏهن ايئن نه هجي ها، ته تون ايئن ڪيئن چوين ها.... اهو ناممڪن آهي. ته توکي اُن جي خبر نه هجي.“ هن اوچتو پاڻ سنڀالي ورتو ۽ فڪر ۾ پئجي ويو. سندس مشڪڻ، سندس چپن کي عجيب طرح سان ڀڪوڙي ڇڏيو.
”ڀاءُ!“ اليوشا ڏڪندڙ آواز ۾ کيس چيو. ”مان توکي جو ڪجهه چيو آهي، اهو ان لاءِ به ته توکي منهنجي ڳالهه تي اعتبار آهي. ۽ مان اُن کي ڄاڻان ٿو ۽ مان توکي هڪ ڀيرو هميشه لاءِ چئي ڇڏيو آهي، ته تون مجرم نه آهين. تون اها ڳالهه هميشه لاءِ ٻڌي ڇڏ. خدا تعاليٰ منهنجي دل ۾ وڌو آهي، ته مان توکي ايئن چوان. پوءِ ڇو نه تون مون کي هن گهڙيءَ کان پوءِ ڌڪاريندو رهين.“ پر هاڻي ايون چڱي ريت ضابطو حاصل ڪري ورتو هو.
”اليڪزي فيودورپاولووچ“ هن چيو. مان ڪنهن ريت پيش گوئي ڪندڙن ۽ مرگهي وارن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان. خاص ڪري خدا جي طرفان موڪليل قاصدن کي. تون هن ڳالهه کي چڱي ريت ڄاڻين به ٿو. مان هن گهڙيءَ توکان سڀئي تعلقات ٽوڙي ڇڏيان. خاص طرح سڄي حياتيءَ لاءِ مان توکي عرض ڪندس ته موڙ وٽ مون کان جدا ٿي وڃ. اُتان ئي تنهنجي گهر ڏي به رستو آهي. توکي خاص طرح خبردار ٿيڻ گهرجي، ته اڄ مون ڏي نه اَچ. تون ٻڌين ٿو؟“
هو ڦـِـريو ۽ مضبوط قدمن سان گهمندو ويو ۽ وري پوئتي نه نهاريائين.
”ڀاءُ!“ اليوشا کيس پويان سڏ ڪري چيو، ”جيڪڏهن اڄ توسان ڪجهه ٿي پوي ته تون ڪنهن ٻي سان ملڻ کان اڳ ۾ مون سان اَچي ملج.“
پر ايون ڪو به جواب نه ڏنو. اليوشا فانوس جي ٿنڀي جي هيٺيان بيٺو رهيو، ايستائين جو ايون اونداهيءَ ۾ سندس نظر کان غائب ٿي ويو. تنهن کان پوءِ هو آهستي آهستي پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳو. ٻئي اليوشا ۽ ايون مسواڙي جاين ۾ ٿي رهيا. هنن مان ڪو به فيودورپاولووچ جي خالي گهر ۾ رهڻ لاءِ تيار نه هو. اليوشا کي هڪ سجايل ڪمرو، ڪن مزدورن جي گهر ۾ مليو هو. ايون اُن کان ڪجهه فاصلي تي ٿي رهيو. هن هڪ ڪمري واري چڱي ۽ آسودگي واري جاءِ ورتي هئي، جا هڪ چڱي گهر جو حصو هئي ۽ هڪ عزت واريءَ خاتون جي ملڪيت هئي، جا هڪ آفيسر جي بيواهه هئي. پر سندس خدمتگار ٻوڙو، سنڌن جي سور جو مريض ۽ پوڙهو ماڻهو هو. جو هر شام جو ڇهين بجي وڃي سمهندو هو ۽ وري صبح سان ڇهين بجي جاڳندو هو. ايون سندس آرام ۽ آسائش کان بيزار ٿي پيو هو ۽ اڪيلائي پسند ڪندو هو. جنهن ڪوٺيءَ ۾ رهندو هو، اُن ۾ هن پنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آڻي وڌو هو ۽ گهر جي ٻين ڪمرن ۾ ورلي ويندو هو.
هو جڏهن گهر جي دروازي تي پهتو، تڏهن گهنڊ تي هٿ رکيائين، پر اوچتو اُن کي وڄائڻ بند ڪيائين. هن محسوس ڪيو ته هو مٿي کان وٺي، پيرن تائين ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهيو آهي. هن گهنڊ کي ڇڏيو ۽ اُن کي بددعا ڏيندي پوئتي موٽيو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو، ٻي رخ ڏانهن هليو ويو. هو ڏيڍ ميل کن پنڌ ڪندو هڪ ننڍڙي مٿانهينءَ واري ڪاٺيءَ جي گهر وٽ پهتو جا جهوپڙي وانگر هئي، جتي ماريا ڪانڊريٽيونا ۽ اُها پاڙيسرڻ ٿي رهي. جا فيودور پاولووچ جي رڌڻي ۾ کاڌي لاءِ ايندي هئي ۽ جنهن وٽ هڪ ڀيري سميرڊياڪوف تنبوري تي ڪي راڳ ڳايا هئا. هن پنهنجي اڳئين ننڍڙي گهر کي وڪڻي ڇڏيو هو. هاڻي هتي ماءُ سان گڏ ٿي رهي. سميرڊياڪوف، جو بيمار هو ۽ قريب المرگ فيودور پاولووچ جي موت کان پوءِ وٽن ٿي رهيو. هن ڏي ئي ايون فيودورپاولووچ ٿي ويو ۽ اِهو هن جي اوچتي تاثر ۽ ڪـُـمهلي فڪر جو نتيجو هو.

باب ڇهون: سميرڊياڪوف سان پهرين ملاقات

ماسڪو کان موٽڻ بعد هيءُ ٽيون ڀيرو هو، جو ايون، سميرڊياڪوف جي ملاقات لاءِ ٿي ويو. پهريون ڀيرو هو ساڻس اُن وقت مليو هو، جنهن وقت هو اُتي پهتو هو ۽ سندس اِهو پهريون ڏينهن هو، ٻه هفتا پوءِ، هـُـن وري ساڻس ملاقات ڪئي هئي پر ٻي ملاقات کان پوءِ سندس ملاقاتون مهيني کن کان بند هيون ۽ هن مشڪل سان ڪجهه هن لاءِ ٻڌو هو.
ايون پيءُ جي موت کان پنج ڏينهن پوءِ پهتو هو، ۽ هـُـو پنهنجي پيءُ جي دفنائڻ وقت حاضر نه هو، ڇو ته هيءَ رسم، سندس پهچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ پوري ٿي چڪي هئي. سندس دير سان پهچڻ جو سبب اِهو هو، جو اليوشا کي سندس ماسڪو جي ائڊريس معلوم نه هئي. هن ڪيٽرينا ايونونا کي عرض ڪيو ته هو اُن ڏانهن تار موڪلي ڏي. جيئن ته هن کي به سندس ائڊريس معلوم نه هئي، هن پنهنجي ڀيڻ ۽ پڦي کي زوردار نموني سان لکي موڪليو ته ايون سان جيتري قدر جلد ٿي سگهي ماسڪو ۾ ساڻس ملن. پر هو پنهنجي پهچڻ کان پوءِ به چئن ڏينهن تائين ساڻس نه ملي سگهيو هو، جڏهن کيس تار ملي ته هو نهايت تڪڙو اسان جي شهر ڏي موٽيو. پهريائين جو ساڻس مليو، سو اليوشا هو ۽ ايون کي هيءُ ڏسي حيرت ٿي ته شهر جي عام راءِ خلاف هن مـِـتيا ۾ شڪ ڏيکارڻ جي مخالفت ڪئي. هن کليل طور تي سميرڊياڪوف کي قاتل چيو. اُن کان پوءِ پوليس ڪپتان، جاچ ڪندڙ عملدار ۽ مقدمي جي نوعيت ۽ گرفتاري کي ٻڌڻ کان پوءِ، هو اليوشا تي وڌيڪ عجب کائڻ لڳو ۽ سندس راءِ کي مبالغه آميز ۽ مـِـتيا سان غير معمولي برادراڻي احساس ۽ سلوڪ جو نتيجو سمجهيو. ڇاڪاڻ ته ايون سمجهيو ٿي ته اليوشا کي متيا سان محبت آهي.
اڻ سڌيءَ طرح مان هتي ٻه ٽي لفظ، ايون جي احساس بابت چوندس. جو دمتري جي لاءِ کيس هو. ها، يقيناً کيس ناپسند ڪندو هو. وڌيڪ ڪڏهن ڪڏهن، مٿس رحم به کائيندو هو. اُن هوندي به کيس اُن لاءِ بيحد نفرت هئي جا ڪراهت جي حد تائين هئي، مـِـتيا، جي سڄي شخصيت، توڙي جو سندس ٻاهريون ڏيک ويک، پوريءَ ريت اُن جي لاءِ جاذب نه هو. ايون ڪيٽرينا ايونونا جي محبت کي، جا سندس ڀاءُ سان هئي، ناپسنديدگيءَ سان ڏسندو هو. اُن هوندي به هو پهرئين ڏينهن پهچندي ئي مـِـتيا سان ملڻ لاءِ ويو. پهرئين ڏينهن جي ملاقات ۾ ئي سندس خيال وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. هن پنهنجي ڀاءُ کي جوش ۽ جنوني حالت ۾ ڏٺو. مـِـتيا گهڻ ڳالهائو بڻجي ويو هو، پر خالي دل هو ۽ پريشان خيال. هن سميرڊياڪوف جي خلاف بدزباني ٿي ڪئي ۽ کيس مجرم ٿي سمجهيو ۽ نهايت خطرناڪ نموني سان مونجهاري ۾ هو، هن خاص طرح ٽي هزار روبل جي لاءِ ٿي ڳالهايو، جي سندس راءِ موجب هن سندس پيءُ جا چورايا هئا. ”اِها رقم منهنجي هئي، اِها رقم منهنجي ئي مـِـتيا دهرائيندو رهيو.“ ”جيڪڏهن هو اِها ڪوشش به ڪري ها ته حقيقت سندس فائدي ۾ وڃي ته به اِها سڄي بي سود ۽ بيڪار بڻجي ها. سندس هيءَ مشڪل سان خواهش هئي ته پنهنجي بچاءَ کي ايون يا ٻين وٽ پيش ڪري. اُن جي خلاف مٿس جي تهمتون رکيون ويون هيون، اُن بابت غصي ۾ هو ۽ انهن کي نفرت سان ٿي ڏٺائين. هو مسلسل جوش ۾ هو ۽ گاريون ڏيندو ۽ بدشد ڳالهائيندو ٿي رهيو. گريگري جي هن ثابتي تي دروازو ڪنهن کوليو هو ۽ هن چيو ته هيءُ ڪم سندس ئي هو، اُن تي کلندو ٿي رهيو. پر هو اُن بابت ڪا واضح صفائي پيش ڪري نه سگهيو. هو پهرين ملاقات ۾، ايون جي بي عزتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. هن کيس نهايت تيز لفظن ۾ ٻڌايو هو، ته اِهو ماڻهو جو ڪم نه آهي ته هو ظاهر ڪندا وتن ته هيءُ سڀ ڪجهه قانون موجب آهي ۽ مٿس شڪ آڻيندا رهن ۽ کانئس سوال ڪندا رهن. ڪيئن به هجي، هو ڪجهه به هو، پر اُن وقت ايون سان سندس رويو دوستاڻو ٿي ڏٺو. هن ملاقات کان پوءِ، جلد ئي ايون پهريون ڀيرو سميرڊياڪوف سان ملڻ لاءِ ويو.“
ماسڪو کان ايندي ريل گاڏيءَ ۾، هو سميرڊياڪوف جي آخري گفتگوءَ تي جا شام جو ساڻس ڪئي ويئي هئي، غور ڪندو رَهيو، ڪيتريون شيون کيس ڳجهارت وانگر ۽ شڪي نظر آيون. پر جڏهن، هن پنهنجو بيان جاچ ڪندڙ عملدار وٽ ڏٺو، ته ايون اُن وقت جي گفتگوءَ بابت ڪجهه به نه چيو هـو، هـِـن حقيقت کي سميرڊياڪوف جي ملاقات تائين پوئتي اُڇلايو جو اُن وقت اسپتال ۾ هو.
ڊاڪٽر هرزينسٽيوب ۽ واراوزنسڪي، جنهن سان به هو اسپتال ۾ مليو، اُن ايون جي متاثر ڪندڙ سوال جي جواب ۾ کيس يقين ٿي ڏياريو، ته سميرڊياڪوف جي مٿان مرگهي جو حملو بنا ڪنهن غلطي جي سخت هو. هـُـو ايون جي هن سوال تي سچ پچ حيران پئي ٿيا، ته ايئن ته نه آهي ته اُن حادثي واري ڏينهن، هن پاڻ کي بيمار بڻايو هجي. اُن لاءِ، هنن هيءَ وضاحت ٿي ڏني ته هيءُ دورو نهايت سخت هو ۽ ڪيترائي ڏينهن هليو هو، بيمار جي حياتي خطري ۾ اچي چڪي هئي. اُن کان پوءِ ئي جو علاج عمل ۾ آيو هو، ايئن چيو ٿي ويو، ته سميرڊياڪوف هن بيماريءَ کان سلامت نڪري ويندو. ڊاڪٽر هرزينسٽيوب وڌيڪ هيءُ به چيو، ته هن علاج جي ڪري هو چڱي وقت تائين تندرست رهي، پر هيءُ هميشه لاءِ نه سمجهڻ گهرجي. بي صبريءَ سان ايون جي هن سوال تي ته ڇا هو اڃا به پاڳل آهي؟ هيئن کيس ٻڌايو ته بيمار جي اڃا ته اِهڙي حالت ڪانه آهي، پر اِهڙي غير معمولي حالت تي به هو پهچي سگهي ٿو. ايون فيصلو ڪيو، ته هو معلوم ڪندو ته اِهي غير معمولي حالتون ڪهڙيون آهن؟
اسپتال ۾ کيس هڪدم مريض کي ڏسڻ جي اجازت ملي وئي. سميرڊياڪوف اسپتال جي هڪ الڳ حصي ۾ عاجزيءَ سان بستري تي ليٽيو پيو هو، جنهن ۾ شهر جو هڪ واپاري ليٽيل هو. سندس پيٽ سڄيل هو ۽ جلندر جو مريض ٿي ڏٺو. هو قطعي مرڻينگ حالت ۾ هو ۽ سندن گفتگو ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هئي. سميرڊياڪوف جي منهن ۾ ايون کي ڏسندي گهنج پئجي ويا ۽ پهرئين نگاهه ۾ هوش ڇڏي ويس. اهو ڏسي ايون کي عجب لڳو، پر هيءُ سڀ ڪجهه هڪ گهڙيءَ ۾ گذري ويو. باقي وقت ۾ سميرڊياڪوف جي اطمينان مٿس وڏو اثر ڪيو. پهرئين نگاهه ۾ ايون ڏٺو ته هو واقعي بيمار آهي. هو نهايت ضعيف هو. هن نهايت هوريان ٿي ڳالهايو، ڄڻ معلوم پئي ٿيو ته هو نهايت ڏکيائي مان پنهنجي زبان کي ڦيرائي رهيو آهي. هو گهڻو هلڪو ۽ سنهو ٿي ويو هو. سڄي ملاقات جي دوران، جا ويهه منٽ کن هلي، هن مٿي جي سور ۽ سڀني عضون جي سور جي شڪايت ٿي ڪئي. سندس سنهڙو ۽ خشڪ چهرو نهايت سـُـسيل ۽ ننڍڙو ٿي ڏٺو. سندس وار منجهيل ۽ ڏنگا ۽ زلف ڳنڍين جي صورت ۾ اُڀا هئا. پر سندس کٻي اک، جا بدمست ٿي ڏٺي، ڪنهن شيءِ ڏي اشارو ڪري رهي هئي ۽ سميرڊياڪوف نهايت سور ڏيڻ واري تڪليف سان بستري کي ٻاٽ ڏي بدلايو. پر هن ڳالهائڻ ۾ ڪا به اڳرائي نه ڪئي. هو بلڪل ٻوڙو بڻجي ويو ۽ منجهس ڪا به دلچسپي نظر نه ٿي آئي.
تون مون سان ڳالهائي سگهندين؟ ايون کانئس پڇيو. مان توکي گهڻو وقت نه ٿڪائيندس.
”هائو! مان ڳالهائي سگهندس“ هن ضعيف آواز ۾ جواب ڏنو. ”ڇا توهان گهڻي وقت کان تشريف فرما ٿيا آهيو؟“ هن مربياڻي نموني ۾ چيو، ڄڻ ته پنهنجي مضبوط الحواس ملاقاتيءَ کي همٿ ڏياري رهيو هو.
”مان اَڄ ئي آيو آهيان...... مان توکي هتي ڏسي حيرت ۾ آهيان؟“
سميرڊياڪوف ٿڌو ساهه کنيو. ”تون ٿڌو ساهه ٿو کڻين؟ تو ته هن واقعي کي گهڻو اڳ ۾ ڄاتو ٿي.“ ايون ڇوٽ ۾ چئي ويٺو.
سميرڊياڪوف وري ٿوري وقت لاءِ بي حسيءَ جي حالت ۾ خاموش ٿي ويو. اِهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو، ته مان پيش قدمي ڪريان. اِهو اڳ ۾ ظاهر هو. پر ايئن ڪيئن چئي سگهان ته حالتون اِهڙي ريت بڻجي وينديون؟ ڪهڙيون حالتون ايئن بڻجي وينديون؟ هيءَ حرفت بازي نه ڏيکار. زير زميني ڪمري ڏي. ويندي، تو ايئن نه چيو هو ته توکان پري ٿيندو؟ تون ڄاڻين ٿو ۽ تو انهيءَ جاءِ تي ايئن چيو هو!“
”تو پنهنجي بچاءَ ۾ اَڃا تائين ايئن ته نه چيو آهي؟“ سميرڊياڪوف جو ڄڻ ته خون خشڪ ٿي ويو ۽ هن پريشاني مان ايئن پڇيو.
ايون اوچتو ڪاوڙ ۾ ڀرجي چيو.
”نه، مون ائين نه چيو آهي، پر مان اِهو ٻڌائيندس. منهنجا دوست توکي ان جي پوري ريت تشريح ڪرڻي پوندي. مان توکي هن جي اجازت نه ڏيندس، ته مون سان راند کيڏندو رهين!“
”مان توسان راند ڇو کيڏان، جڏهن ته مان تو ۾ ايڏو ئي اعتبار ٿو رکان، جيترو پنهنجي عظيم خدا ۾؟“ سميرڊياڪوف ساڳي پريشاني ۾ چيو، پر هـُـن ٿوري گهڙي لاءِ پنهنجي اکين کي بند ڪري ڇڏيو.
”پهريائين“. ايون ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ”مون کي اِهو ڄاڻڻ کپي، ته انهن مرگهيءَ جي دورن جي اڳ ۾ به خبر پوندي آهي ڇا؟ جيئن مان جاچ ڪئي آهي، ته ايئن نه آهي. مون کي منجهائڻ جي ڪوشش نه ڪر. تون ڪڏهن به دوري جو ڏينهن ۽ ڪلاڪ ٻڌائي نه ٿو سگهين. ايئن ڪيئن پيو ٿي سگهي ته تو مون کي ڏينهن، گهڙي ۽ زير زميني ڪمري بابت به ٻڌائي ڇڏيو. اِهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو ته تون مون کي اِهو به ٻڌائين ته تون ڪمري جي ڏاڪڻ کان هيٺ ڪري پوندين. پر هيءُ سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهيو پئي، جڏهن تون مصنوعي دوري جو فيصلو ۽ نمونو اختيار ڪرين؟
ڪنهن به حالت ۾ مون کي زير زمين ڪمري ۾، روزانو ڪيئي ڀيرا وڃڻو ٿي پيو. سميرڊياڪوف، ڄاڻي ٻجهي، چٻي چٿي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”هڪ سال اڳ ۾ مان انهيءَ ساڳي جاءِ تان ڪري پيس. اِهو سچ آهي ته دوري جي باري ۾ مقرر ڏينهن ۽ ڪلاڪ کي اڳ ۾ ٻڌائي نه ٿو سگهجي، پر اُن جي اچڻ جو خطرو ته رهي ئي ٿو.“
”پر تو ته ڏينهن ۽ ڪلاڪ به اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو.“
”منهنجي مرگهيءَ جي باري ۾ سائين، چڱو ايئن ٿيندو ته ڊاڪٽر کان ان جي پڇا ڪر. تون اِنهن کان اِها به جاچ ڪر ته اِهو حقيقي دورو هو يا مصنوعي. منهنجي وڌيڪ چوڻ مان ته ڪو کڙتيل ڪونه نڪرندو.“
” ۽ هو زير زميني جاءِ! تون ڪيئن ٿي اُن بابت اڳ ۾ چئي سگهين؟“
”تون اُن زير زميني جاءِ جي باري ۾، ڪجهه به چئي نه سگهندين، پر مان جيئن اُن زير زميني ڪمري ڏي ويندو هوس، ته مون کي خطرناڪ خوف ۽ شڪ پيدا ٿيندو هو، مون لاءِ فقط ڊيڄاريندڙ ڳالهه هئي ته مان توکي وڃائي چڪو هوس. ۽ منهنجي لاءِ دنيا ۾ ڪو به بچاءُ نه رهيو هو، اِهڙي ريت مان خيال ڪندي زير زميني ڪمري ڏي لهي ويس ته حملو ڄاڻ شروع ٿيو ۽ هيءُ مون کي ڪيرائي وجهندو. ڇا مان ڪري پوندس؟ اِهو ئي خوف هو، جو مان اوچتو محسوس ٿي ڪيو ۽ اُن جي ايندي ئي، سڄي بدن ۾ تشنج پيدا ٿيو. جيئن اُن جو دستور هوندو آهي، مان ڪري پيس. هيءَ حالت ۽ اڳين گفتگو، جا مون توسان ان شام جو دروازي وٽ ڪئي هئي ۽ هيءُ ته مان ڪيترو نه زير زميني ڪمري کان ٿي ڊنس. جيئن توکي ٻڌايو هئم، ڊاڪٽر هرزينسٽيوب ۽ نڪولائي پار فينووچ کي ٻڌائي ڇڏيم. جاچ ڪندڙ وڪيل هيءُ سڀ ڪجهه پنهنجي ڪاغذن ۾ لکي ڇڏيو ۽ هتي جو ڊاڪٽر واراونسڪي آهي، اُن سڀني کي ٻڌايو ته اِهو دورو، انهيءَ کان ٿيو آهي ته هن کي خوف هو ته ڄاڻ ٿو ڪران. اِنهيءَ ڪري ئي مون تي اِهو دورو اچي ويو هو. اِها حقيقت هن سڄي لکي آهي. اِهو سڀ ڪجهه فقط خوف جي سبب کان ٿي گذريو.“
جيئن ئي سميرڊياڪوف هن حقيقت کي پورو ڪيو، هڪ ڊگهو ساهه کنيائين ڄڻ هو ٿڪجي پيو هو.
”تڏهن تو اِهو سڀ ڪجهه، پنهنجي بيان ۾ چئي ڇڏيو آهي؟“ ايون کيس چيو، جو ششدر رهجي ويو هو. هو پنهنجي گفتگوءَ کي وري وري دهرائڻ سان کيس مرغوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر کيس هاڻي معلوم ٿيو ته هن اڳ ۾ ئي سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيو هو.
”مون کي ڇالاءِ خوف رکڻ گهرجي؟ ڀلي ته هو مڪمل صداقت کي پاڻ وٽ قلمبند ڪن.“ سميرڊياڪوف نهايت اعتماد سان چيو.
تو، هنن کي، اسان جي وچ ۾ دروازي وٽ جا گفتگو ٿي هئي، اُن جو هر لفظ ٻڌايو آهي؟“
”نه سڀ ڪجهه نه:“
ڇا تو، هن کي ٻڌايو آهي، ته تون مصنوعي دورو به اختيار ڪري سگهندو آهين ڇا، تو اُن جي راءِ زني نه ٿي ڪئي؟“
”نه، مان هن سان اِها ڳالهه نه ڪئي آهي.“
”هاڻي مون کي ٻڌاءِ ته تون، مون کي ان وقت شرماشنيا ڏي ڇو موڪلي رهيو هئين؟“ مون کي خوف پئي ٿيو ته تون ماسڪو هليو ويندين، ڪيئن به هجي شرماشنيا، گهڻو ويجهو آهي.
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، منهنجي ٻاهر وڃڻ لاءِ صلاح ته توئي ڪئي هئي. تو مون کي چيو هو ته هنن تڪليفن کان مان نڪري وڃان.“ اها منهنجي بي لوث محبت ۽ ملخصاڻي قربانيءَ جي ڪري هو، جا مون کي توسان آهي. مان توکي ايندڙ تڪليفن کان بچائڻ ٿي گهريو. ايئن به هو ته مان پاڻ کي به بچائڻ ٿي گهريو اُهو ئي سبب هو، جو اوهان کي چيو هئم ته هن تڪليف کان اوهان نڪري وڃو، جنهن کي تو به چڱيءَ ريت سمجهي ٿي سگهيو ته گهر ۾ مصيبت اچڻ واري آهي. گهر ۾ رهڻ سان تون پنهنجي پيءُ کي بچائي ٿي سگهين.
ڪارمنها، تو مون کي هيءُ سڀ ڪجهه سنئون سڌو چئي ٿي سگهين. ايون باهه ٿي ويو.
”مان اُن وقت سنئين ۽ سڌي طرح توکي ڪيئن ٿي چئي سگهيس؟ مان ته اِهو فقط خوف مان ڳالهائي ويٺس ته تون شايد اُن وقت ڪاوڙجي وڃين ها، مون کي اُن وقت چڱي ريت انديشو هو ته دمتري فيودورپاولووچ ضرور ڪا، ڪاروائي ڪندو. رقم پاڻ سان کڻي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن اُن کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو، پر اِها ڪنهن کي خبر هئي ته اهڙي ريت خون ٿي پوندو؟ مون خيال ڪيو ٿي ته فقط ٽي هزار روبل کڻي ويندو. جي آقا جي وهاڻي جي هيٺيان، هڪ لفافي ۾ هئا، پر توکي خبر آهي ته هن اُن کي خون ڪري ڇڏيو. تون ٻي ڪهڙي ريت سائين، اُن جي نشاندهي ڪري ٿي سگهين؟“
”پر جڏهن ته تون پاڻ ئي چوين ٿو ته اُن جي نشاندهي ٿي نه پئي سگهي، ته مان ڪهڙيءَ ريت اُن کي سمجهان ها ۽ گهر ۾ رهي پوان هان؟ تون پاڻ تضاد آڻي رهيو آهين!“ ايون سوچيندي چيو.
”مان توکي ماسڪو جي بجاءِ شرماشينا موڪلڻ ٿي گهريو. اُن مان توکي اندازو لڳائڻ کپندو هو. ”اِنهيءَ مان ڪهڙي ريت مان اَندازو لڳائي ٿي سگهيس؟“
سميرڊياڪوف گهڻو ٿڪايل ٿي نظر آيو ۽ وري هڪ منٽ جي لاءِ خاموش ٿي ويو. تون هن حقيقت مان، جيڪا مون توکي ماسڪو نه وڃڻ لاءِ چئي ٿي ۽ شرماشينا لاءِ روز ٿي ڏنو، اندازو لڳائي ٿي سگهين. مان توکي ويجهو رکڻ ٿي گهريو. ڇو ته ماسڪو دوردراز پنڌ تي هو. دمتري فيودورپاولووچتوکي ويجهو سمجهي، ڪڏهن به اِها جرئت نه ڪري ها، پر جيڪڏهن ڪجهه ٿي به پوي ها، تون پڻ اچي منهنجو بچاءُ ڪرين ها. ڇاڪاڻ ته توکي گريگري وسيليووچ جي بيماري کان آگاهه ڪيو هو، ۽ مون کي خوف هو ته مون کي دورو ايندو. جڏهن ته مان توکي اُن کڙڪڻ بابت به ٻڌايو هو، جنهن جي رستي ماڻهو فوتيءَ وٽ پهچي ٿي سگهيو ۽ اُهي دمتري فيودورپاولووچ، منهنجي معرفت معلوم ڪري چـُـڪو هو، مون خيال ٿي ڪيو ته تون اِهو اندازو پاڻ لڳائيندين ته هو ڪجهه ڪرڻ وارو آهي. اُن ڪري توکي شرماشينا به وڃڻ نه گهربو، پر هتي ترسي پوڻو هو.“
”هيءُ نهايت سمجهداريءَ جي ڳالهه آهي.“ ايون خيال ڪيو. ”جيتوڻيڪ سندس زبان وچڙي به رهي آهي، هيءَ شايد سندس طاقت جي ضعف کان هجي، جنهن جي باري ۾ هرزينسٽيوب ٻڌائي ڇڏيو هو“.
تون مون سان مڪاري ڪري رهيو آهين. هن ڪاوڙ ۾ ايندي چيو.
”پر مان ته خيال ٿي ڪيو ته اُن وقت تو اَندازو لڳائي ورتو هو.“ سميرڊياڪوف سادگي سان تشريح ڪئي.
”جيڪڏهن مان اُن جو اندازو ڪريان ها، ته ضرور ترسي پوان ها.“ ايون کيس جواب ڏنو.
”ڇو؟ مان سمجهيو ٿي ته تو اُن جو اَندازو لڳايو هو، انهيءَ ڪري ئي ته تون تڪڙو هليو ويو هئين. انهيءَ لاءِ ته جيئن مصيبت کان نڪري وڃين ۽ خوف کان پاڻ کي بچائي ڀڄي وڃين.“
”شايد تون ايئن ٿو سمجهين ته سڀئي تو وانگر بزدل آهن؟“
”مون کي معاف ڪر مان ايئن ٿي سمجهيو ته تون به مون وانگر آهين؟“
”بيشڪ مون کي اِهو اندازو لڳائڻ کپندو هو“ ايون ڪاوڙ مان چيو. ”مان اِهو به اندازو لڳايو ٿي، ته تنهنجي طرفان شرارت پيدا ٿي رهي آهي..... تو ڪوڙ ڳالهايو ٿي ته تنهنجي ڳالهه تي اعتبار نه آهي. تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين ۽ وري ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين.“ هن اوچتو ڪنهن ڳالهه کي ياد ڪندي چيو. ”توکي ياد آهي ته تو ڪهڙي ريت گاڏي وٽ پهچي، مون کي چيو هو ته هڪ دانا سان ڳالهائڻ وڏي قيمت ٿو رکي؟ ان ڪري تون خوش هئين ته چڱو ٿيو جو مان هليو ويس. انهيءَ ڪري ئي ته تو منهنجي تعريف ٿي ڪئي؟“
سميرڊياڪوف وري ٿڌو ساهه کنيو. سندس منهن تي نئين رنگ جو نشان نظر آيو.
”جيڪڏهن مان خوش هجان ها“ هن اها وضاحت، بنا ساهه کڻندي ڪئي ته اِهو سڀ ڪجهه اِنهيءَ ڪري هو، ته تو قبول ڪيو هو ته ماسڪو نه ٿو وڃين، پر شرماشينا وڃي رهيو آهين. ڪيئن به هجي اِهو ويجهو هو. جڏهن مان توکي اهي لفظ چيا هئا ته اُن ۾ تعريف جو ڪو به سوال نه هو، پر اِها ملامت هئي تون سمجهي نه سگهين“.
”ڇا جي ملامت؟“
ڇو؟ تون اِهڙي مصيبت کي اڳ ۾ ڏسندي به پنهنجي پيءُ کي ڇڏي وئين ۽ اسان جو ڪو به بچاءُ نه ڪري سگهين، ڇاڪاڻ ته ايئن ٿي سگهيو پئي، ته مان ڪنهن به وقت ٽن هزارن جي چوريءَ جي الزام هيٺ اَچان.
”ڦٽ هجئي“، ايون وري بگڙي ويو، ”ترس، تو اُنهن کڙڪن بابت جاچ ڪندڙ عملدار ۽ وڪيل کي ٻڌايو آهي ڇا؟“
”جاچ ڪندڙ عملدار ۽ وڪيل کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيئن هو.“
ايون ٻيو ڀيرو به عجب ۾ پئجي ويو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ کيس چيائين ته جنهن شيءِ جو انتظار هئم، اُهو تنهنجي طرف کان خراب قدم کڄڻو هو، اهو ٿي سگهيو ٿي ته دمتري ماڻهو ماري وجهي پر هرگز چوري ڪرڻ وارو نه هو، اُن جي برعڪس تو ۾ انهن سڀني شين جي اميد ٿي رکيم. تو پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته تون دوري جو مڪر ڪري سگهين ٿو، ايئن تو ڇاجي لاءِ چيو هو؟“
”اِها منهنجي سادگي هئي. مان ڪنهن به مطلب لاءِ، ڪڏهن به پنهنجي حياتيءَ ۾ مڪاري سان دوري جو نمونو نه ڪيو آهي. مان توکي جو ڪجهه چيو هو، سا فقط لاف زني هئي يا بيوقوفي. مان توکي حد کان گهڻو پسند ٿي ڪيو ۽ تو وٽ پنهنجي دل کولي رکي به هئم.“
”منهنجو ڀاءُ سنئون سڌو توکي خون ۽ چوريءَ جو جوابدار ٿو سمجهي.“
”هن وٽ ڀلا ٻي ڳالهه رَهي ئي ڪهڙي آهي؟“ سميرڊياڪوف نهايت تيز لهجي ۾ چيو. ”سندس خلاف جيڪي ثبوت آهن، انهن جي هوندي ڪير سندس چوڻ تي اعتبار ڪندو. گريگري دروازي کي کليل ڏٺو هو. هن حقيقت کان پوءِ ٻيو ڇا چئي سگهجي ٿو؟ پر اُن جو خيال نه ڪر، هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڏڪي رهيو آهي.“
هـُـن اوچتو آهستگيءَ سان پنهنجي گفتگو بند ڪئي، پر پوءِ ڪنهن خيال کان وڌيڪ چوڻ لڳو ته:
”هيڏي ٻيهر نهار، هـُـو، هيءُ گند منهنجي مٿان اُڇلائڻ گهري ٿو. جيئن هو ڏيکاري سگهي ته اِهو ڪم مون ڪيو آهي، مان اِهو اڳ ۾ ٻڌو آهي، پر هيءُ منهنجي سياڻپ آهي، ته مان دوري جو فريب ڏيان. مان ايئن اڳ ۾ ٻڌائي سگهان. ٻيو ته مون کي دورو ايندو، سو به سچ پچ انهيءَ حالت ۾ جو تنهنجي پيءُ جي لاءِ اِهڙو منصوبو هجي؟ جيڪڏهن مون وٽ اِهڙو منصوبو هجي ها، سو به خون جهڙو ته مان اِهڙو بيوقوف ٿي سگهان پيو. جو اِهڙي ثابتي پنهنجي خلاف ڏيان ها. سو به سندس پٽ وٽ! منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪر. ايئن ٿي به سگهي ٿو؟ اِهڙو مثال ته اڳ ۾ ملي ئي ڪونه ٿو. اسان جي گفتگوءَ کي خلقڻهار کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ٻڌي. جيڪڏهن تون اِهي ڳالهيون، جاچ ڪندڙ عملدار ۽ نڪولائي پارفينووچ سان ڪرين ها، ته ايئن ڪندي بلڪل منهنجو بچاءُ ڪرين ها. ڇاڪاڻ ته اِهڙي قسم جو مجرم ڪير هوندو، جو اڳ ۾ ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي؟ هر ڪو انهيءَ ڳالهه کي سمجهي سگهي ٿو.“
”ٺيڪ!“ ايون گفتگوءَ کي ٿوري ۾ قطع ڪندي اُٿي بيٺو. سميرڊياڪوف جي آخري دليل کيس متاثر ڪيو. ”مان تو ۾ ڪو به شبهو نه ٿو رکان، تو ۾ سچ پچ گمان رکڻ اجايو آهي، پر ان جي خلاف مان تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو منهنجي دلجمعي ڪئي آهي. مان هاڻي وڃان ٿو، پر ٻيهر ايندس. چڱو خدا حافظ. توکي صحت حاصل ٿئي. ڪنهن شيءِ جي ضرورت آهي؟“
”مان هرهڪ شيءِ لاءِ تنهنجو ٿورائتو آهيان. مارفا ايگنا ٽوينيا مون کي وساريو نه آهي ۽ جو ڪجهه به گهرجي ٿو، اُهو موجود ڪري ڏئي ٿي. نيڪ انسان تون مون سان ڏهاڙي ملندو ڪر.“
”خدا حافظ، اُن هوندي به مان ائين ڪنهن کي نه چوندس ته دوري جو مڪر به ڪري سگهين ٿو. مان توکي به وصيت ٿو ڪريان، ته تون به هن معاملي ۾ ڪجهه چئج.“
مان چڱيءَ ريت سمجهان ٿو. جيڪڏهن تون اِها ڳالهه نه چوندين ته مان به ڪنهن سان در وٽ پاڻ ۾ ڪيل گفتگوءَ کي ڪنهن سان نه ڪندس. هن کان پوءِ ايون ٻاهر نڪري ويو، پر اَڃا هو ڏهه قدم مس گهٽيءَ کان ويو هو، ته هن اوچتو محسوس ڪيو ته هن جي آخري لفظن مان بي غيرتيءَ جي بوءِ ٿي آئي. هو پوئتي موٽڻ وارو هو، پر هيءُ فقط گذري وڃڻ وارو خيال هو، هو فقط ايترو ڀڻڪيو ته بيوقوف، ان کان پوءِ اسپتال کان ٻاهر نڪري ويو.
سندس مکيه جذبات جو تت هو، ته کيس هاڻي ئي نجات ملي وئي هئي. حقيقت هيءَ آهي ته اِهو سميرڊياڪوف نه هو، پر مـِـتيا هو، جنهن خون ڪيو هو، جيتوڻيڪ هو پنهنجي جذبات جي ڪري هن حقيقت جو مخالف هو، هو هن جذبي جي لاءِ، ڪنهن به دليل جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. توڙي جو سندس جذبات ۾ محڪم طور تي ناموافقت موجود هئي. هن محسوس ٿي ڪيو، ته جيتري قدر جلد ٿي سگهي، هو هن معاملي کي وساري ڇڏي.
هنن ڏينهن ۾ هو بلڪل مطمئن ٿي ويو هو، ته مـِـتيا گنهگار آهي، ڇاڪاڻ ته سندس خلاف ثابتين ۾ وڏو وزن هو، سندس خلاف ڪن معزز ماڻهن جون ثابتيون ته نه هيون، جيئن ته فينا ۽ سندس ماءُ، پر سندن اَثر وڏي طاقت وارو هو، پر وٽن، شرابخاني جا ماڻهو پلاٽينڪوف جو دڪان ۽ ماڪرو جا شاهد، هنن سڀني جون شاهديون، وڏي نتيجي واريون هيون. هيءُ سڄو تفصيل نهايت پريشان ڪندڙ هو. وڪيلن کي در جي کڙڪڻ جي حقيقت ايترو ئي متاثر ڪيو، جيترو گريگري جي کليل دروازي واري شاهدي. گريگريءَ جي زال مارفا ايون جي جواب ۾ ظاهر ڪيو هو، ته سميرڊياڪوف ڀت جي ٻئي پاسي پيو هو. هو سندس بستري کان ٽي قدم مس پري هو. جيتوڻيڪ کيس آرام سان گهري ننڊ ايندي آهي، پر اُن هوندي به هوءَ ڪيترائي ڀيرا جاڳي هئي ۽ سندس ڪنجهڻ کي ٻڌندي رَهي هئي. هو مسلسل ڪنجهندو ٿي رهيو.
هرزينسٽيوب سان گفتگو ڪندي ۽ سندس راءِ کي سامهون رکندي، کيس معلوم ٿيو، ته سميرڊياڪوف چريو نه هو، پر ڪمزور هو، ايون فقط سندس جذبات ڀري پراسرار کـِـلَ ڏٺي.
”توهان کي خبر آهي ته هاڻي هو پنهنجو وقت ڪيئن گذاريندو ٿو رهي؟ ايون کيس چيو فرينچ لفظن کي حفظ ڪندو ٿو رهي. هن وٽ هڪ نوٽ بوڪ آهي، جو هميشه سندس وهاڻي جي هيٺيان ٿو رهي، هن وٽ اُنهن فرينچ لفظن جي لسٽ آهي، روسي اکرن ۾ ڪنهن کيس لکي ڏنا آهن؟“
اخلاق واري ڇوڪري، جنهن ماڻهوءَ سان محبت ڪري رهي هئي. اُن ۾ ڪا به گهٽتائي آڻي نه سگهي هئي. جيتوڻيڪ هن ڪرامازوف وٽ محبت جي گهڻائي ۽ سندس لاءِ عظيم ميل جول به موجود هو، کيس ساڳي وقت هيءُ خيال به ساندهه عذاب ڏئي رهيو هو، جو هن مـِـتيا کي بلڪل پٺتي اڇلائي ڇڏيو هو، ۽ هن نزاع جي وقت (جو هي گهڙيون گهڻو ٿي پيش اينديون رهيون) پنهنجي نفرت ۽ ندامت ايون جي خلاف ظاهر ڪندي ٿي رَهي. ايون جو ڪجهه به اليوشا کي چيو ٿي، سو ڪوڙ تي ڪوڙ هو. ايئن به سچ هو ته هنن حقيقتن ۾ گهڻو ڪجهه ڪوڙ هو، جنهن کان ايون کي گهڻي ڪاوڙ ايندي ٿي رهي...... پر هن جي تشريح پوءِ ڪئي ويندي.
حقيقت ۾ هن دوران هو سميرڊياڪوف جي موجودگيءَ کي گهڻو تڻو وساري چڪو هو. پر پهرئين ملاقات کان ٻه هفتا پوءِ، هو وري اڳي وانگر عجيب خيالن کان زير زبر ٿي رهيو. هيءُ ڪافي هو، جو هـُـو مسلسل پاڻ کان سوال پڇي رهيو هو، ته ايئن ڇو هو؟ ته هو فيودور پاولووچ جي گهر ۾ پوئين رات، چورن وانگر چـُـرندو، ڏاڪڻ مان نهاري رهيو هو ته ٻي صبح جو هو ڇو اوچتو ڏک جي حالت ۾ سفر تي روانو ٿيو هو، جڏهن هو ماسڪو ۾ پهتو هو، ته هن ڇو پاڻ کي ٿي چيو ته مان هڪ بدمعاش آهيان؟ هاڻي هو عجب مان ڏسي رهيو هو، ته هن عذاب ڏيندڙ خيالن جي ڪري مرڳو هو ڪيٽرينا کي به وساري ويهندو. هيءُ خيال مڪمل طور تي وري سندس قبضو حاصل ڪري وٺندا. هنن خيالن جي اوڙاهه ۾ اليوشا کيس گهٽيءَ ۾ مليو، هن هڪدم کيس روڪيو ۽ کانئس سوال پڇڻ شروع ڪري ڏنائين.
”توکي ياد آهي ته رات جي ماني کانپوءِ دمتري وڳوڙجي ويو هو، ۽ پيءُ کي ماريو هئائين. مان توکي پوءِ اڱڻ ۾ چيو هو، ته مان پنهنجي خواهش جا حق محفوظ ٿو رکان...... مون کي ٻڌاءِ ته تو ان وقت اِهو خيال ته نه ٿي ڪيو ته منهنجي خواهش پيءُ جو موت هو يا نه؟“
”ها ايئن ئي هو. هيءَ حقيقت ڪا معنيٰ خيز نه هئي. پر توکي عجب نه ٿي لڳو ته اُن وقت منهنجي خواهش اِها هئي، ته هڪ نانگ ٻي کي کائي ويندو. يعني دمتري، جيترو جلد ٿي سگهندو، پيءُ کي ماري وجهندو...... مان پاڻ، کيس مدد ڏيڻ لاءِ تيار هوس ته ايئن ڪري.“
اليوشا جي چهري جو رنگ زرد ٿي ويو ۽ هو خاموشيءَ سان پنهنجي ڀاءُ جي چهري کي ڏسندو رهيو.
”جواب ڏي“ ايون رڙ ڪري چيو، ته ”مان چاهيان ٿو ته ڄاڻان ته اُن وقت تنهنجو ڪهڙو خيال هو؟ مون کي سچ کپي، سچ!“
هن ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڪاوڙ مان اليوشا کي ڏسڻ لڳو، اُن کان اڳي جو هو ڪو جواب ڏي، مون کي معاف ڪر، مان به اُن وقت اِهو ئي خيال ڪيو. اليوشا آهستگي سان ڀڻڪيو ۽ ان کان پوءِ، هن ٻيو ڪو به جملو کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ وڌيڪ نه چيو.
”شڪريه“ ايون کيس چيو ۽ هو اليوشا کي ڇڏي، تڪڙو تڪڙو رستي تي وڌي ويو، اُن وقت کان اليوشا ڏٺو ته ايون ڄاڻي ٻجهي کانئس پاسو ڪري رهيو آهي ۽ اُن کان جا وڌيڪ کيس ناپسند رهيو آهي. اُن جي ڪري اليوشا وٽس وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. هن ملاقات کان جلدي پوءِ، ايون پنهنجي گهر نه ويو، پر وري سڌو سميرڊياڪوف ڏي هليو ويو.

باب ستون: سميرڊياڪوف سان ٻي ملاقات

ان وچ ۾ سميرڊياڪوف کي اسپتال مان رخصت ملي چڪي هئي. ايون کي سندس ٻي رهڻ جي جاءِ جي معلومات هئي. هڪ شڪسته حال، ننڍڙو ڪاٺيءَ وارو گهر، جو هڪ گهٽيءَ سان ٻن حصن ۾ ورهايل هو، جنهن جي هڪ پاسي ماريا ڪانڊريٽوينيا ۽ سندس ماءُ ٿي رهي ۽ ٻي پاسي سميرڊياڪوف، ڪنهن به اِها خبر نه ٿي ڏني، ته هـُـو ڪهڙن شرطن تي وٽن ٿي رهيو. هڪ دوست جي حيثيت ۾ يا ڪرائيدار جي حيثيت ۾. پوءِ ايئن خيال ٿي ڪيو ويو ته هو وٽن انهيءَ خيال کان اچي رهيو هو ته هو ماريا جو مڱيندو آهي. اُتي ڪجهه وقت رهڻ سهڻ لاءِ ڪو به پيسو پنجڙ ڪونه ڏيندو هو، ماءُ ۽ ڌيءَ ٻنهي کي هن جي لاءِ وڏي عزت هئي، ۽ هو کيس پاڻ کان گهڻو مٿي سمجهنديون هيون.
”ايون در کڙڪايو ۽ دروازو کوليو ويو. هو گهٽيءَ مان لنگهي اَندر ٿيو، ماريا جي نشان دَهي تي هـُـو سڌو، کٻي پاسي واري بهتر ڪمري ۾ ويو، جو سميرڊياڪوف جي قبضي ۾ هو، اُتي هڪ چينيءَ جو اسٽوو (ڪـُـل) رکيل هو، جاءِ بيحد گرم ٿي ڏٺي، ڀتيون نيري پني جي لڳڻ سبب شاندار ٿي نظر آيون، هو گهڻي وقت جون هيون. جنهنڪري انهن ۾ چير پئجي ويا هئا ۽ تڏا گهڻي انداز ۾ ٿي نظر آيا ۽ سندن آواز هيڪاندو ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. فرنيچر تمام ٿورو ٿي ڏٺو، ٻه بينچون ٻن ڀتين سان پيل هيون ۽ هڪ ميز جي ڀرسان ٻه ڪرسيون هيون. ميز صاف ڪاٺيءَ جي هئي. جنهن تي هڪ ميز پوش هو، ۽ مٿس واڱڻائي رنگ جا وڏا ڇاپا هئا. ٻن ننڍين درين ۾ ڪونڊين ۾ گلن وارا ٻوٽا رکيل هئا. ڪنڊ ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي مجسمي جو هڪ ننڍڙو ڪٻٽ هو، ميز تي ٽامي جو سهاور هو. جنهن تي ڪيئي نشان پيل هئا. هڪ ننڍڙو ڪٻٽ هو، جنهن ۾ ٻه پياليون رکيل هيون. پر سميرڊياڪوف چاءِ پي چـُڪو هو ۽ سهاور کي پري ڪيو ويو هو، هو ميز جي ڀرسان هڪ بينچ تي ويٺو هو، هو هڪ نوٽ بوڪ ۾ نهاري رهيو هو ۽ قلم سان ڪجهه آهستي لکي رهيو هو. نوٽ بوڪ جي ڀرسان مس جي شيشي هئي، هڪ شمع، لوهي شمعدان ۾ ٻرندي ٿي رهي.
ايون، سميرڊياڪوف کي ڏسندي، اندازو لڳايو، ته هو پوري ريت تندرست آهي. سندس چهرو شگفته هو، جنهن مان سندس صحت معلوم پئي ٿي. سندس مٿي جي وارن ۾ هن ڀيري ڦڻي ڏنل هئي، جيتوڻيڪ وارن جي ڳنڍين مان معلوم پئي ٿيو، ته اُنهن کي تيل تمام ٿورو لڳل هو. هو رنگ برنگ ڪپهه سان ڀريل رات جي قبا ۾ هو، جا نهايت غليظ ۽ مڪروهه ٿي ڏٺي. سندس نڪ جي مٿان عينڪ هئي، جنهن سان ايون اڳي کيس ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هنن سڀني حالتن کي ڏسي، ايون اوچتو ڪاوڙ ۾ اچي ويو، ”هڪ نالائق شخص ۽ عينڪ ٿو لڳائي!“
سميرڊياڪوف آهستي پنهنجي مٿي کي کنيو ۽ هن عينڪ مان سڌو پنهنجي ملاقاتي کي ڏٺو. اُن کان پوءِ، هن آهستي عينڪ کي لاٿو ۽ بينچ تان اُٿيو، سندس اُٿڻ ۾ ڪو به عزت جو اظهار نه هو، پر بي پرواهي، جيئن عام اخلاق وارا ماڻهو ڪندا آهن. هنن سڀني حالتن، هڪدم ايون تي اَثر ڪيو ۽ هن اِنهن سڀني شين کي ڌيان ۾ رکيو، سڀ کان وڌيڪ سميرڊياڪوف جي اکين جون نگاهون هيون. هيءُ شيطانيت ڀريون، گستاخ ۽ ڪراهت ڏيندڙ هيون. ڄڻ ته اُهي چئي رهيون هيون ته ”تون ڇا جي لاءِ وري گهڙي آيو آهين؟“ انهن مان هيئن به ظاهر پئي ٿيو ته اسان اڳ ۾ ئي سڀ ڪجهه فيصلو ڪري چڪا آهيون ۽ تون وري ڇو آيو آهين؟ ايون مشڪل سان پاڻ تي ضابطو ڪري سگهيو.
”هتي گرمي آهي.“ هن کيس چيو ۽ پنهنجي ڪوٽ جي بٽڻن کي کوليائين. هو اَڃا بيٺو هو.
سميرڊياڪوف سندس خيال کي پورو ڪندي چيو، ته ”تون پنهنجي ڪوٽ کي لاهه.“ ايون پنهنجي ڪوٽ کي لاٿو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان اُن کي بينچ تي اُڇلايائين. هڪ ڪرسيءَ کي تڪڙ مان کنيائين ۽ اُن کي سوري ميز وٽ آندائين ۽ ان تي ويهي رهيو. سميرڊياڪوف سندس سامهون بينچ تي ويٺو.
گفتگوءَ جي شروعات ڪريون. پر اسان اڪيلا آهيون؟ ايون سختيءَ سان ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ پڇيو. ”ڇا هتي ڪو اسان کي ڳالهائيندو ٻڌي سگهي ٿو؟“
”ڪو به، ٻڌي نه ٿو سگهي. تو پاڻ ڏٺو آهي ته وچ ۾ گهٽي آهي.“
”منهنجا عزيز دوست ڌيان ڏيئي ٻڌ. اِهو ڇا هو جو تون وڦلين پئي، اُن وقت جڏهن مان اسپتال کي ڇڏي رهيو هوس. تڏهن تون چئي رهيو هئين ته جيڪڏهن مان تنهنجي دوري جي مڪر بابت، ڪنهن کي به ڪجهه نه ٻڌايو ته تون، جاچ ڪندڙ عملدار کي دروازي تي ڪيل گفتگوءَ بابت ڪجهه نه ٻڌايو ته تون، مون کي دَٻائي رهيو هئين؟ ڇا مان توسان ڪنهن عهدنامي ۾ شريڪ ٿيو هوس؟ تون ايئن ٿو سمجهين ڇا، ته مان توکان ڊڄان ٿو؟“
ايون هي سڀ ڪجهه پوري جوش مان چيو، جيئن هو اراداتاً ۽ وضاحت سان سمجهي، ته هيءُ سڀ ڪنهن حيلي بازي کي نفرت سان ٿو ڏسي ۽ جو ڪجهه به ڳالهائي ٿو، سو صاف ۽ بنا ڪنهن اٽڪلبازيءَ جي، سميرڊياڪوف جي اک جي ڇنڀڻ سان منجهس ڄڻ ته کنوڻ چمڪي وئي. نهايت آرام ۽ بي پرواهيءَ سان چيائين ته هاڻي اَسان کي صاف گفتگو ڪرڻ گهرجي. مان حاضر آهيان، فرمايو. اُن کان پوءِ هن چوڻ شروع ڪيو ته:
”منهنجي ڳالهائڻ جو اُن وقت مقصد هيءُ هو، ته مان اِهو ئي ٿي چيو، ته پنهنجي پيءُ جي قتل جي خبر، اڳ ۾ ٻڌندي به، تو کيس پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڏنو. هيءُ ماڻهو اُن مان الائجي ڪهڙو نتيجو ڪڍن ۽ تنهنجي جذبات لاءِ ڪهڙو قياس ڪن؟ اُن ڪري مان توسان انجام ڪيو ته حڪومت وارن کي ڪجهه نه چوندس.“
جيتوڻيڪ سميرڊياڪوف پاڻ تي ضابطو رکندي. هيءُ سڀ ڪجهه آهستي چوندو ويو. پر اُن هوندي به سندس آواز ۾ ٻيو ڪجهه ٿي نظر آيو، جنهن ۾ تحريڪ آميز ۽ واضح جذبو ٿي ڏٺو. هن گستاخي ۽ آزردگي سان پنهنجو بچاءُ ٿي ڪرڻ گهريو. هن نفرت مان ايون ڏانهن نهاريو ۽ ايون جي اکين جي اڳيان ڄڻ ته هڪ ڌُنڌ گذري ويو.
”ڇا، تون پنهنجي پاڻيءَ ۾ ته آهين؟“
”مان پوريءَ ريت پنهنجي هواس ۾ آهيان.“
تون ايئن سمجهين ٿو، ته مون کي قتل جي خبر هئي؟ ايون آخر رڙ ڪري چيو ۽ ميز تي زورَ سان مڪ هڻي ڪڍيائين. تنهنجو مطلب ٻين ڳالهين مان ڪهڙو آهي، ڳالهاءِ بدمعاش؟
سميرڊياڪوف خاموش هو ۽ هو اَڃا تائين، ايون کي گستاخيءَ سان توريندو ئي رهيو. ڳالهاءِ ڏنگيندڙ بدمعاش، تنهنجو مطلب ٻين ڳالهين مان ڪهڙو آهي؟
”ٻين ڳالهين مان منهنجو مطلب هو ته تون به برابر پنهنجي عزيز جي موت جو خواهشمند هئين.“
ايون ٽپو ڏنو ۽ پوريءَ طاقت سان سندس ڪلهي تي مڪ هڻي ڪڍيائين، جنهن ڪري هو ديوار جي ڀر ۾ ڪري پيو. ٿوري وقت ۾ سندس چهرو ڳوڙهن سان ڀرجي ويو. هو چوڻ لڳو، ته ”سائين هيءَ ته شرم جي ڳالهه آهي، جو هڪ بيمار کي ڌڪ هڻجي!“ هن پنهنجي اکين کي هڪ غليظ ليڪن واري رومال سان اُگهڻ شروع ڪيو ۽ روئيندو رهيو. هڪ منٽ ايئن گذري ويو.
”هيءُ ڪافي آهي روئڻ ڇڏ.“ ايون وري ويهندي، کيس جوش مان چيو ”مون کي پاڻيءَ کان ٻاهر نه ڪڍ!“ سميرڊياڪوف، اکين تان رومال کي پري ڪيو، سندس شرير چهري جي هر ليڪ مان بي عزتي ٿي بکي، جا هاڻي سندس ٿي هئي.”سو، تو اِيئن خيال ٿي ڪيو ته مان دمتري سان گڏ پيءُ کي مارڻ ٿي گهريو.“
”مون کي خبر نه آهي ته تنهنجي دل ۾ اُن وقت ڪهڙا خيال هئا“ سميرڊياڪوف آزردگي سان چيو. ”انهيءَ ڪري ئي مان توکي دروازي وٽ روڪيو هو ته هن نـُـقطي تي مان توکي وضاحت سان حقيقت پيش ڪريان.“
”ڪهڙي نڪتي جي وضاحت، ڇا، ڇا؟“
”ها! اِهي ئي اسباب ته تون پنهنجي پيءُ کي قتل ڪرائڻ چاهين ٿو يا نه؟“
ايون کي جنهن ڳالهه ڪاوڙايو، سا هيءَ ته سميرڊياڪوف جا اُهي گستاخي ڀريل لفظ، جن تان هٿ نه ٿي کنيائين. ”اِهو تون آهين، جنهن اُن کي ماريو آهي!“
سميرڊياڪوف نفرت جي لهجي ۾ چيو ته ”تون بهتر ٿو ڄاڻين. مان ته ايئن ٿي تصور ڪيو، ته هڪ عقلمند ماڻهو، ٻيهر وري موضوع تي گفتگو نه ڪندو، “ ”پر آخر تون مون ۾ اِهڙي اندازي لڳائڻ لاءِ بدگمان ڇو هئين؟ تون هيءُ سڀ ڪجهه ڄاڻين ٿو، ته هيءُ فقط خوف کان هو. ڇاڪاڻ ته مان اِهڙي حالت ۾ هوس جو خوف کان ڏڪيس ٿي ۽ اُن ڪري سڀ ۾ بدگماني هيم. مان چاهيو ٿي ته توکي هن حالت ۾ مطمئن ڪريان ته جيڪڏهن تو ڀاءُ وانگر هن ڳالهه کي چاهيو ٿي. اُن ڪري هن معاملي بابت فيصلو ڪرڻ بهتر ٿي نظر آيو، جنهن حالت ۾ مان مک وانگر چٻجي وڃان ها.“
”پر ٻه هفتا اڳ ۾ تو ته ڳالهه ئي ٻي ٿي ڪئي؟“
”اسپتال ۾ جنهن وقت مان توسان ڳالهايو ٿي، منهنجو عقيدو اِهو هو ۽ مان ايئن تصور ٿي ڪيو، ته توهان منهنجي لفظن کي وڃائڻ کان سواءِ سمجهي ويا هوندا ۽ هڪ سمجهدار ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ اوهان مون سان کليل نه ڳالهايو. ٻيو ڇا؟ جواب ڏي، جواب ڏي. مان توکي اِن لاءِ زور ٿو ڏيان. اِهو ڇا هو..... مان ڇا ٿي ڪيو جو تنهنجي ڪميني ۽ بي عزت ضمير ۾ بدگماني پيدا ٿي ڪيم؟“
”جيتري قدر خون جو تعلق آهي، ته تون اُن کي خود نه ڪري سگهين ها، ۽ نه وري تنهنجي اها طلب هئي، پر ان حد تائين ته جيڪڏهن ٻيو ڪو اُن کي ڀوري ڀورو ڪري ته اِها تنهنجي آرزو هئي. اِها ئي حقيقت هئي. جنهن کي تو چاهيو ٿي.“
”ڪيڏو نه ٿڌو، ڪيڏو نه ٿڌو، هيءُ ڳالهائي ٿو. پر مان ايئن ڇو ٿي چاهيو، تو وٽ ان جي لاءِ ڪهڙا دليل آهن؟“
”تو وٽ اُن جو ڪهڙو سبب هو؟ تون ورثي جي لاءِ ڇا ٿو خيال ڪرين؟“ سميرڊياڪوف طنز ۾ کيس چيو، جنهن مان سندس انتقام به ٿي نظر آيو:
”ڇو تنهنجي عزيز جي موت کان پوءِ، توهان مان هرهڪ کي چاليهه هزار روبل ملڻا هئا، يا اُن کان به مٿي، پر جيڪڏهن فيودور پاولووچ، هن خاتون آگرافينا اليگزينڊرووينا سان شادي ڪري ها، ته هوءَ سندس سڄي موڙي کي شاديءَ کان پوءِ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ها، ڇاڪاڻ ته هوءَ وڏي سياڻي عورت آهي، جنهن جو نتيجو اِهو نڪري ها ته تنهنجو پيءُ، توهان ٽنهي لاءِ ٻن روبل کان مٿي نه ڇڏي ها، ڇا هـُـو شادي ڪرڻ کان پري به هو ته وار جيترو ويڇو به نه هو، هن خاتون کي فقط آڱر جو اشارو ڪرڻو هو ۽ هو سندس پريان ديول ڏي ڊوڙي پوي ها ۽ سندس زبان ٻاهر نڪري اَچي ها.“
ايون غمناڪ طريقي ۾ پاڻ تي قبضو ڪري ورتو.
”بهتر“ هن آخر تشريح ڪندي چيو، ”توکي خبر آهي ته مان نه ٽپو ڏنو آهي ۽ نه وري توکي هيٺ ڪيرايو اٿم، مان توکي خون به نه ڪيو آهي، ڳالهائيندو وڃ، تنهنجي چوڻ موجب، مان هيءُ ڪم گويا دمتريءَ جي حوالي ڪيو ۽ اُن تي دارومدار ٿي رکيم،“ ”تون ڪيئن نه دمتريءَ تي دارومدار ڪرين ها؟ هو جيڪڏهن هن کي ماري ها، ته پنهنجي عزت پنهنجو رتبو ۽ پنهنجي ملڪيت وڃائي ويهي ها ۽ ملڪ بدر ٿئي ها. اِهڙيءَ ريت سندس ورثي جو حصو، توڏي ۽ تنهنجي ڀاءُ ڏي برابر حصن ۾ اچي ها. ان ڪري اوهان کي چاليهه نه پر سٺ هزار روبل، هڪ هڪ کي ملن ها. انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي، ته تو دمتري فيودورپاولووچ تي دارومدار رکيو هجي.“
”مان جو ڪجهه تو مان حاصل ڪيو آهي! ڌيان ڏئي ٻـُـڌ بدمعاش: جيڪڏهن مان ڪنهن تي دارومدار رکان ها، ته اُهو تون هجين ها، نه دمتري، مان قسم کڻي ٿو چوان، ان وقت مان تو ۾ بڇڙائي کي ڏٺو..... مون کي پنهنجو تاثر ياد آهي.“
اُن وقت مان به هڪ منٽ لاءِ ايئن ٿي محسوس ڪيو ته تون مون تي دارومدار ڪري رهيو آهين. سميرڊياڪوف طنز مان ڏند ڪرٽيندي چيو، ”اِهڙي ريت تو مون کي اُن وقت اُهو سڀ ڪجهه ڏيکاري ڇڏيو هو، جو تنهنجي اندر ۾هو. جڏهن ته توکي منهنجي لاءِ اِهڙي بدشگوئي هئي، تڏهن ته تون هليو ويو هئين تو ڄڻ ته مون کي ايئن ٿي چيو، ته تون منهنجي پيءُ کي قتل ڪري سگهين ٿو، مان اُن لاءِ ڪا به روڪ نه ٿيندس.“
”بدمعاش! سو تو ايئن ئي سمجهيو هو!“
”اِهو ئي سبب هو، جو تون شرماشينا ٿي وئين. ڇو تون ڪهڙي مقصد سان ماسڪو ٿي وئين ۽ پيءُ جي ڪيتري ستائڻ سان شرماشينا وڃڻ لاءِ، کيس انڪار ڪندو رهين. منهنجي فقط بيوقوفيءَ واري لفظ کي تو هڪدم قبول ڪري ورتو، اُهو ڪهڙو سبب هو، جو تو شرماشينا وڃڻ قبول ڪيو. منهنجي لفظن تي تون شرماشينا به هلي وئين. اِنهيءَ مان صاف معلوم پئي ٿيو، ته تو مون ۾ ڪا اُميد ٿي رکي. نه، مان قسم کڻي ٿو چوان ته ڪجهه به نه!“ ايون ڏند ڪرٽيندي رڙ ڪري چيو.
”تو، ڪجهه به نه ٿي خيال ڪيو، اِهو لازمي هو، ته تون پيءُ جي پٽ هئڻ جي حيثيت ۾ تون مون کي قيد ڪرائي سگهين پيو.....“
”اُتي، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ڪن مروڙ ڪري سگهين پيو، پر تو ۾ ذري جي به ڪاوڙ نه هئي، پر اها تنهنجي مهرباني هئي، جو تو هڪدم منهنجي لفظن تي دوستاڻي طرح عمل ڪيو ۽ هليو وئين، جو پوري ريت واهيات هو، ڇاڪاڻ ته توکي ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي پيءُ جي حياتي بچائڻي هئي، مان ان مان پنهنجي نتيجي ڪڍڻ کي ڪهڙي ريت روڪي ٿي سگهيس؟“
”ايون ويٺي نڪ چپ کي چڙهائيندو رهيو ۽ سندس مٺيون گوڏن تي ٽڪرنديون رهيون. هن کيس چيو ته هائو، مون کي ڏک آهي، ته مان تنهنجي منهن ۾ چهنڊي ڪانه پاتي آهي، نه وري مان توکي ڪنهن قيدخاني ڏي وٺي ويو آهيان. مون تي ڪير اعتبار ڪري ها ۽ مان توتي ڪهڙو ڏوهه مڙهي ٿي سگهيس؟ پر تنهنجي منهن ۾ چهنڊي....هن جي لاءِ ته ڪو خيال ئي نه ڪيو هو، جيتوڻيڪ چماٽن هڻڻ جي منع آهي، پر مان بد چهري کي ڌڪ هڻي ڄمائي ڇڏيان ها.“
سميرڊياڪوف وڏي شوق مان کيس نهاريندو رَهيو.
”زندگي جي رواجي موقعي ۾، هن ساڳي مطمئن ۽ ظريفاڻي لهجي ۾ کيس چيو، جو هن فيودور پاولووچ جي ميز وٽ، گريگري سان مذهبي بحث ڪندي طعني طور اختيار ڪيو هو، چيو ته ”زندگي جي رواجي موقعن ۾ چهري تي ڌڪن هڻڻ جي منع آهي، ۽ اڄ ڪلهه قانون جي مطابق ماڻهن هن رسم کي ڇڏي به ڏنو آهي، پر زندگي جي خاص موقعن ۾ ماڻهو اڃا به چماٽن ۽ ڌڪن ڏانهن ويندا رهن ٿا. هيءُ فقط اسان وٽ نه آهي، پر سڄي دنيا ۾ آهي، پوءِ ڇو نه فرانس جو رعيتي راڄ هجي، هي رواج حضرت آدم ۽ بيبي حوا جي زماني ۾ به هو، انسان اُن کي ڪٿي ڇڏيندو، پر توکي انهن خاص حالتن ۾ به اِهڙي جرئت نه ڪرڻ گهرجي.“
تون فرينچ لفظ ڇالاءِ سکي رهيو آهين؟ ايون نوٽ بڪ ڏي اشارو ڪيو، جو ميز تي پيل هو. ڇو، مان ڇو نه سکان، مون کي پنهنجي تعليم کي سڌارڻو آهي. شايد منهنجي لاءِ اِهڙو موقعو بڻجي جو مان يورپ جي انهن خوشنما حصن ڏانهن وڃان.
”ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ بدملا!“ ايون جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي ۽ هو سڄو ئي ڏڪي ويو، ”مان تنهنجي تهمت کان نه ٿو ڊڄان، تون منهنجي لاءِ جيڪي به چوڻ گهرين ٿو، چوندو رهه، مان توکي ماري ماري موت تائين نه پهچايو آهي. اِهو فقط اِنهيءَ لاءِ هو، ڇاڪاڻ ته مان تو ۾ فقط هن ڏوهه جو شڪ ٿي ڪيو. مان توکي انصاف ڏي ڇڪيندس ۽ توکي بي نقاب ڪندس.“
”جيئن مان خيال ڪريان ٿو. چڱو آهي ته خاموش ٿي وڃ. منهنجي بلڪل معصوميت کي خيال ۾ رکي، تون مون کي ڇا لاءِ گنهگار ٿو ڄاڻين، پر توتي اعتبار ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن تون شروع ڪندين ته مان سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس. ڇو ته مون کي به ته پنهنجو بچاءُ ڪرڻو آهي. تون ايئن خيال ٿو ڪرين ڇا ته مان توکان ڊڄان ٿو؟ مان توکي هاڻي جو ڪجهه چيو آهي، اُن تي ڪورٽ اعتبار نه به ڪري، پر عوام ضرور ڪندو ۽ توکي شرمندو ٿيڻو پوندو. انهيءَ لاءِ ئي ايئن چوڻو پوندو ته هميشه ڪنهن سمجهدار ماڻهوءَ سان گفتگو ڪرڻ وڏي عزت ٿو رکي. ڪيئن؟“ ايون پيچ تاب کائڻ لڳو.
”سچ پچ تون نشان کي چـُـٽِ ۽ چڱو آهي ته سمجهدار ٿيءُ.“
ايون اُٿي بيٺو ۽ پنهنجي بي عزتي تي مٿي کان وٺي، پيرن تائين ڏڪندو رهيو. هن ڪوٽ پاتو ۽ سميرڊياڪوف کي ڪنهن به جواب ڏيڻ کان سواءِ ته ڇا، پر کيس ڏسڻ بنا، جهوپڙي مان نڪري ويو. ٿڌي هير کيس تازو توانو بڻايو. آسمان ۾ صاف چنڊ چمڪي رهيو هو. خيالن جي خواب ۽ جذبات سندس روح کي ڀري ڇڏيو، ”ڇا مون کي هڪدم وڃڻ گهرجي ۽ سميرڊياڪوف جي خلاف اطلاع ڏيڻ گهرجي؟ پر مان ڪهڙو اطلاع ڏيان؟“
”ڪيئن به هجي، هو گنهگار نه آهي، پر اُن جي خلاف هو مون تي تهمت ڌريندو. حقيقت ۾ مان ان وقت شرما شينا ڇو ويو هوس؟ ڇاجي لاءِ، ڇاجي لاءِ؟ ”ايون پاڻ کان پاڻ پڇندو رهيو، ته ”هائو مان ڪنهن ڳالهه جي اميد ٿي رکي ۽ هو صحيح آهي. هن سؤ ڀيرا هن حقيقت کي ياد ٿي ڪيو، ته ڪيئن نه هن پوئين رات ڪن لائي، ڏاڪڻ ۾ ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر هاڻي هو ان ڳالهه کي ايڏي پريشاني سان ياد ڪري رهيو هو، ته هو ڄڻ اَڃا اُن جاءِ تي بيٺو آهي ۽ ڪنهن کيس خنجر هڻي ڇڏيو آهي. هاڻي مان اُن ڳالهه کي محسوس ٿي ڪيو. اِهو سچ آهي مان خون ٿي چاهيو! ها مون خون ٿي چاهيو. ڇا مان خون ٿي چاهيو؟ ڇا مون کي اُن جي ضرورت هئي؟ مون کي سميرڊياڪوف کي مارڻ گهرجي، جيڪڏهن مان اُن کي مارڻ جي جرئت نه ڪئي، ته پوءِ هيءَ حياتي رهڻ جي لائق نه آهي!
ايون گهر نه ويو، پر سڌو ڪيٽرينا ايونونا ڏي ويو، جا کيس ڏسي پريشان ٿي وئي. هو هڪ چرئي وانگر ٿي نظر آيو. هن سميرڊياڪوف سان پنهنجي سڄي ڪيل گفتگوءَ کي ساڻس بيان ڪيو ۽ ڪنهن به لفظ کي نه وساريائين. هن هر ڪا ڪوشش ڪئي، ته کيس ٺاري، پر هو مطمئن ٿي نه سگهيو. هو ڪمري ۾ گهمندو رهيو ۽ عجيب ۽ غير تسلسل طور تي ڳالهائيندو رهيو. آخر هو ويٺو. هن پنهنجون ٺونٺيون ميز تي رکيون، پنهنجي مٿي کي هٿن ۾ ورتائين ۽ هيءُ عجيب جملا ڳالهايائين، ته جيڪڏهن اِهو دمتري نه پر هو سميرڊياڪوف آهي ۽ انهيءَ ئي خون ڪيو آهي ته مان سندس گناهه ۾ ڀائيوار آهيان، ڇاڪاڻ ته مان ئي کيس ان جي جرئت ڏياري هئي. ڇا مان ايئن ڪيو هو؟ اُن کي اڃا به نه ٿو ڄاڻان، پر جيڪڏهن دمتري نه ۽ هيءُ خوني آهي ته بيشڪ مان به خوني آهيان. ”جڏهن ڪيٽرينيا ايونونا هيءُ ٻڌو، هوءَ بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي پنهنجي جاءِ تان اُٿي ۽ لکڻ واري ميز وٽ وئي، اُتي بيهي هڪ صندوقچي مان ڪاغذ ڪڍيائين ۽ ايوان کي آڻي ڏنائين. هيءُ اُهو ئي دستاويز هو، جنهن جي باري هن اليوشا کي ٻڌايو هو، جو پوءِ آخري طرح ثابتي بڻيو ته دمتري پنهنجي پيءُ کي ماريو آهي. هيءُ اُهو خط هو، جو دمتري ڪيٽرينا ايونونا ڏي نشي جي حالت ۾ ان ساڳي شام تي لکيو هو. جڏهن اليوشا سان، رستي جي موڙ تي مليو هو ۽ هو مڙهيءَ ڏانهن ٿي ويو، اُن کان ٿوري دير اڳ ۾ گروشينڪا ۽ ڪيٽرينا جو پاڻ ۾ معاملو بڻيو هو. جنهن سندس بي عزتي ڪئي هئي. ان وقت اليوشا کان ڌار ٿيندي مـِـتيا گروشينڪا وٽ وڃي پهتو هو، مون کي خبر نه آهي ته هو ساڻس مليو به هو يا نه؟ پر شام جو هو ميٽرو پولس ۾ ويو هو، جتي هن وڃي پوري ريت پيتو هو، تنهن کان پوءِ هن ڪاغذ ۽ قلم جي طلب ڪئي هئي ۽ پنهنجي لاءِ هڪ وزندار جوابداريءَ جهڙو دستاويز لکيو هئائين. منجهس لفظن جي ڀرمار هئي ۽ ڪو به تسلسل نه هو. هڪ مجنونا خدا ۽ حقيقت ۾ ڪو شرابي خط هو، اُن ۾ ڄڻ ته هڪ شرابيءَ جي گفتگو هئي، هو پنهنجي گهر موٽي آيو آهي ۽ غير معمولي جوش ۾ پنهنجي زال کي ٻڌائي رهيو آهي يا ڪنهن گهر جي ڀاتيءَ کي ته ڪيئن نه سندس هاڻي بيعزتي ڪئي وئي آهي. ڪهڙي نه بيوقوف سندس بي عزتي ڪئي آهي ۽ ٻي طرف هو ڪهڙو نه چڱو ماڻهو آهي، ڪهڙي طرح نه هاڻي هو کانئس بدلو وٺندو. هن طويل گفتگوءَ کان پوءِ هو ڪيئن نه جوش ۾ اچي ميز تي مڪون هڻندو آهي، هيءُ خط هڪ غليظ عام ۽ سستي ڪاغذ جي ٽڪري تي لکيل هو، هيءُ ڪاغذ کيس شرابخاني مان مليو هو ۽ سندس ٻئي پاسي تي ڪي انگ به لکيل هئا. جيئن ته هن ڪاغذ ۾ سندس شراب مستي موجب، سندس خيال ۽ فڪر کي لکڻ لاءِ ڪافي وسعت نه هئي، ان ڪري مـِـتيا نه فقط اُن جي حاشيي کي به ڀريو، پر پوئين سٽ ته اُن جي مٿان به لکي ويو هو، خط هيءُ هو:
ظالم ڪٽيا!
”سڀاڻي مون کي پيسا ملي ويندا ۽ مان تنهنجا ٽي هزار روبل اَدا ڪندس. پوءِ خدا حافظ. ڪاوڙ واري عورت ۽ ان سان گڏ محبت کي به الوداع! اَچ ته ان جي پڄاڻي ڪريون. سڀاڻي مان سڀ ڪنهن سان ملي پيسن لاءِ ڪوشش ڪندس، پر ڪنهن کان اُڌارو نه وٺي سگهندس ته مان توکي پنهنجي عزت جو قسم کڻي ٻڌايان ٿو ۽ وعدو ٿو ڪريان، ته مان پنهنجي پيءُ وٽ ويندس. سندس مغز ڀڃندس ۽ سندس وهاڻي هيٺان رقم کڻندس، پر جيڪڏهن ايون ويو ته مان جيڪڏهن ان جي عيوض ۾ سائيبريا ويس ته مان موٽي اچي توکي ٽي هزار روبل ڏيندس. چڱو الوداع. مان تنهنجي زمين جي سامهون پاڻ کي جهڪائي ٿو ڇڏيان. ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي لاءِ هڪ بدمعاش ثابت ٿيو آهيان. مون کي ان لاءِ معاف ڪر. نه، چڱو ٿيندو ته مون کي معاف نه ڪر. تون به گهڻو خوش ٿيندين ۽ مان به! تنهنجي محبت کان اِهو سائيبريا چڱو آهي. ڇاڪاڻ ته مان هڪ ٻي عورت سان محبت ڪريان ٿو، جنهن کي تو اَڄ چڱيءَ طرح سڃاتو هوندو. اِهڙيءَ حالت ۾ تون مون کي ڪيئن معاف ڪندين؟ مان اُن ماڻهوءَ کي فون ڪندس، جنهن مون کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. مان اوهان سڀني کي ڇڏي رهيو آهيان، جيئن اوهان مان وري ڪنهن کي نه ڏسان. هن کي به نه ڏسان. ڇاڪاڻ ته نه فقط تون مون کي عذاب ڏيندڙ آهين. پر هوءَ به. الوداع!
وڌيڪ وضاحت، مان تنهنجي توهين ڪئي آهي، پر توکي پوڄان ٿو، ان جي لاءِ منهنجي دل ۾ جاءِ آهي، هڪ ڏنگ رهجي ويو اَٿم، جو زهر فشاني ڪري رهيو آهي. چڱو ٿيندو ته منهنجي دل کي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏ! مان پاڻ کي ماريندس، پر پهريائين تو وٽ بدمعاش سهي، پر چور نه آهيان! توکي ٽن هزارن جي اميد رکڻ گهرجي. هو ڪتو، اُنهن کي پنهنجي وهاڻي هيٺان ٿو رکي ۽ واڱڻائي ڌاڳي ۾ ٻڌل آهن. مان چور نه آهيان. پر مان پنهنجي چور کي ماريندس. ڪٽيا، نااُميد نه ٿي. دمتري چور نه آهي پر خوني آهي! هن پنهنجي پيءُ کي ماريو آهي ۽ تنهنجي عزت کي وڌائڻ بجاءِ هن پنهنجي مرتبي کي برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هيءُ توسان محبت نه ٿو ڪري. اڃا وڌيڪ: مان تنهنجي پيرن کي چمان ٿو الوداع. ڪٽيا دعا گهر ته ڪوئي مون کي رقم ڏي، اِنهيءَ صورت ۾ مون کي خون هارڻو نه پوندو. پر جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ڪو به مون کي روڪي نه سگهندو. مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس.
تنهنجو غلام ۽ دشمن
”ڊي – ڪرامازوف“
جڏهن ايون هيءُ خط پڙهيو ته ڏاڍو متاثر ٿيو. ها هيءُ منهنجو ڀاءُ ئي آهي نه سميرڊياڪوف!
جيڪڏهن سميرڊياڪوف نه آهي ته پوءِ هو به نه آهي، ايون آهي. هن خط هڪدم سندس اکين ۾ منطقي ثبوت کي پيش ڪيو. هاڻي ٿورو به شڪ مـِـتيا جي گناهه ۾ نه رهيو هو. هيءُ شڪ ايون جي دل ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿيو هو ته مـِـتيا، سميرڊياڪوف سان گڏجي خون ڪيو هوندو. سچ پچ اِهڙو نظريو، حقيقت جي موجودگيءَ ۾ صحيح به نه ٿي لڳو. ايون جي دل ۾ وري يقين پيدا ٿي ويو، ٻي صبح جو هن سميرڊياڪوف جي لاءِ فقط هيءُ خيال ٿي ڪيو، ته سندس ناپسند حرڪتون فقط نفرت جي ڪري هيون. هو سخت عجب ۾ هو ته ٿورا ڏينهن اَڳ ۾ هو ڪيتري قدر خوفناڪ طرح سان، هن گمان جي ڪري تڪليف ۾ هو. هـُـن فيصلو ڪيو ته کيس نفرت سان دل تان لاهي ڇڏي ۽ وساري ڇڏي. اِهڙيءَ ريت مهينو گذري ويو. هن سميرڊياڪوف بابت ڪا به وڌيڪ جاچ نه ڪئي. پر هن ٻه ڀيرا اتفاقاً ٻڌو ته هو سخت بيمار آهي، ۽ پنهنجي هوش ۾ نه آهي.
”هن جي پڄاڻي چريائپ ۾ ٿيندي.“ نوجوان ڊاڪٽر واراونسڪي هن جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏني هئي. ۽ ايون کي هي ياد هو. اُن مهيني جي آخري هفتي ۾ ايون به پاڻ کي سخت بيمار ٿي محسوس ڪيو. هو ماسڪو جي ڊاڪٽر وٽ بيماريءَ لاءِ مشورو ڪرڻ ويو. جنهن کي ڪيٽرينا، مقدمي جي پيروي کان اڳ ۾ گهرائي ورتو هو ۽ هن وقت ۾ سندس تعلقات ڪيٽرينا سان بـُـري طرح خراب ٿي چـُـڪا هئا. هو صحت ۾ ٻن دشمنن وانگر هڪٻئي جي سامهون هئا. ڪيٽرينا جي مـِـتيا ڏي موٽ، يعني سندس مختصر، پر شديد جذبات جو تفسير، جو اُن جي فائدي ۾ هو، ايون کي سخت مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. هيءُ عجب سان چوڻو پوي ٿو، ته ايستائين جو آخري نظاري تائين، جنهن کي مٿي بيان ڪيو ويو آهي. يعني اليوشا مـِـتيا کان ٿيندو، ڪيٽرينا وٽ آيو هو.
ايون هڪ ڀيرو به سڄي مهيني ۾ کانئس مـِـتيا جي ڏوهه بابت ذري جيترو شڪ به نه ٻڌو هو، پر ان هوندي به سندس هيءَ موٽ، هن لاءِ نفرت پيدا ڪندڙ هئي. هيءُ پڻ ٻڌائڻ جي لائق حقيقت آهي، ته جڏهن وٽس هيءَ نفرت پيدا ٿي رهي هئي. هو روز بروز مـِـتيا جي لاءِ گهڻي کان گهڻي نفرت پيدا ڪندو رهيو. هو محسوس ڪندو رهيو ته هيءَ ڪٽيا جي ” موٽ“ جي ڪري نه آهي، ته هو کانئس نفرت ٿو ڪري، پر هو سندس پيءُ جو قاتل آهي. هو هن کان پوريءَ ريت خبردار هو، ۽ پوريءَ ريت ان کي سمجهي رهيو هو.
اُن هوندي به هو، مقدمي جي مقرر ڪيل تاريخ کان ڏهه ڏينهن اڳ ۾ مـِـتيا سان ملڻ ويو هو ۽ کيس ڀڄي وڃڻ لاءِ صلاح ڏني هئائين. هيءَ اُها صلاح هئي، جنهن تي هو گهڻي وقت کان غور ڪندو ٿي رهيو. هي رٿ، گهڻي ڀاڱي اُن عذاب ڏيندڙ مقام کان هئي، جو سندس دل ۾ سميرڊياڪوف جي هنن لفظن پيدا ڪئي هئي، ته سندس ڀاءُ جي سزا کان ايون کي هيءُ فائدو هو ته سندس ورثو ۽ اليوشا جو به چاليهه هزار روبل کان وڌي سٺ هزار روبل تائين پهچندو. هن اِهڙي ريت مـِـتيا جي ڀڄڻ لاءِ ٽيهن هزارن جي قرباني ڪرڻ ٿي گهري. سندس ملاقات کان موٽڻ بعد هو ماتم زده هو ۽ بيدل. هن اوچتو محسوس ڪيو ته هـُـو مـِـتيا جي ڀڄڻ لاءِ بيحد آرزومند آهي، نه فقط دل جي اُن مقام جي عذاب کي ٽيهن هزارن سان مٽائڻ ٿي گهريائين، پر اُن لاءِ ٻيو سبب به هو. هيءُ سڀ انهيءَ لاءِ آهي ته مان به پنهنجي دل کان ايترو ئي قائل نه آهيان ڇا؟ هو پاڻ کان پڇندو رهيو، ڪا شيءِ کيس پنهنجي روح ۾ جلندي ۽ ٽڙڪاٽ ڪندي ٿي ڏٺي. سڄو ئي مهينو سندس فخر ظالماڻي طور تي برداشت ڪندو رَهيو، پر هيءُ پوءِ جون ڳالهيون آهن....
اليوشا سان پوئين گفتگو بعد، ايون گهنڊڻي کان هٿ کڻندي، اوچتو سميرڊياڪوف سان ملاقات جو اِرادو ڪيو ۽ گهر نه ويو. هن پنهنجي آشفتگي جي شديد حسن جي تابعداري ڪرڻ گهري، کيس اوچتو اليوشا جي حاضري ۾ ڪيٽرينا جو چوڻ ياد آيو ته اِهو تون هئين تون. جنهن مون کي هن (مـِـتيا) جي ڏوهه بابت زور ٿي ڀريو. ايون ڀت بڻجي ويو، جنهن مون کي ياد ڏياريو ته مـِـتيا قاتل هو. هن هڪ ڀيرو به اِها ڪوشش نه ڪئي هئي، ته هو کيس اُن جي لاءِ يقين ڏياري سگهي. اُن جي بجاءِ سندس حاضري ۾ هن پنهنجي مٿان ئي شڪ ٿي آندو. خاص ڪري جڏهن هو سميرڊياڪوف کان موٽي آيو هو.
هيءَ ئي هئي، جنهن سندس ڀاءُ جو ڪاغذ پيش ڪري کيس قاتل ثابت ڪيو هو. هاڻي هن اوچتو رڙ ڪئي ۽ چيو ته مان پاڻ سميرڊياڪوف ڏي وئي هيس! هوءَ ڪڏهن سميرڊياڪوف ڏي وئي هئي. اُن جي کيس ڪا به خبر نه هئي. مگر هوءَ مـِـتيا جي گناهه بابت پورو يقين رکندڙ نه هئي. سميرڊياڪوف کيس ڇا چيو؟ هو ڇا چئي سگهيو ٿي؟ هن خيال سندس دل کي لامحدود ڪاوڙ کان ساڙيو ٿي. هو سمجهي نه ٿي سگهيو، ته اَڌ ڪلاڪ اڳ ۾ انهن لفظن کي ڪهڙي ريت برداشت ڪري سگهيو هو، ۽ اُن گهڙيءَ ڇو نه ڳالهايو هئائين. هن گهنڊڻيءَ کي ڇڏي ڏنو ۽ سميرڊياڪوف ڏانهن ڊوڙيو. رستي ۾، هن خيال ڪيو ته ”هن ڀيري مان شايد کيس ماري ڇڏيان.“

باب اٺون: سميرڊياڪوف سان ٽئين ۽ آخري ملاقات

جڏهن هـُـو اَڌ رستو پورو ڪري چڪو هو، تڏهن سوير صبح جو زور واري خشڪ هوا لڳي رهي هئي. عمدي ۽ لطيف برف وسڻ شروع ٿي هئي. برف جا ذرا زمين تي ڪرڻ جي بجاءِ، هوا جي موج تي پئي ٿي ڦريا ۽ اُن بعد باقاعدي برف جو طوفان شروع ٿي ويو. سميرڊياڪوف جتي رهيو ٿي، اُتي مشڪل سان ڪو فانوس هو، ايون وڏا وڏا قدم ڀريندو، اونداهيءَ ۾ اڪيلو ٿي ويو، هو طوفان کان ڄڻ ته بي خبر ٿي ڏٺو ۽ پنهنجي رستي کي ماپيندو ٿي ويو. سندس مٿو سور کان ڦاٽو ٿي ۽ سندس عضون ۾ تمام سخت سور هو. هن محسوس ڪيو ته سندس هٿ ڏنگا ڦڏا ٿي ويا آهن. ماريا ڪانڊريٽوينا جي جهوپڙي کان ٿورو پري، ايون اوچتو هڪ اڪيلو شرابي نوجوان ڪڙميءَ جي مٿان وڃي پهتو کيس هڪ پراڻو ۽ چتين لڳل ڪوٽ پيل هو ۽ هـُـو هيڏانهن هوڏانهن ور وڪڙ گهمندو ۽ پاڻ سان بڪندو ٿي ويو. اوچتو هن نشي جي حالت ۾ ڳائڻ شروع ڪيو:
آهه، دنڪا پيٽرسبرگ وئي آهي،
مان ايستائين نه ترسندس جو هوءَ موٽي.
هو پوئين سٽ سان پنهنجو راڳ بند پيو ڪري ۽ وري پنهنجي بڪ بڪ ۾ لڳي پيو وڃي، ان بعد وري ڳائڻ شروع پيو ڪري، ايون، ان جي باري ۾ خيال ڪرڻ کان اڳ ۾ اُن جي باري ۾ شديد نفرت کي محسوس ڪيو. اوچتو هن سندس موجودگي کي برو محسوس ڪيو ۽ کيس ڌڪ هڻي ڪيرائڻ گهريائين. انهيءَ ويرم ۾ کيس ڌڪ هڻي ڪڍيائين. ڪڙمي ٿاٻڙندو، ايون جي پاسي ۾ ڪري پيو، جنهن جوش مان کيس پري ڦٽو ڪيو، ڪڙمي وري به ڪاٺيءَ جي بـُـنڊ وانگر - برف سان ڄميل زمين تي ڦرندي ڪري پيو. هن ”اوهه“ جو آواز ڪيو ۽ وري خاموش ٿي ويو. ايون وک ڀري وٽس پهتو. هو پٺيءَ ڀـَـر پيو هو ۽ منجهس ڪا به چرپر يا هوش نه هو، ايون خيال ڪيو ته هيءُ برف ۾ ڄمي ويندو. هو پوءِ سميرڊياڪوف ڏي هليو ويو.
گهٽي مان ماريا ڪانڊريٽونينا ڊوڙندي در کولڻ لاءِ آئي. جنهن کي هٿ ۾ شمع هئي. هن ڀڻڪندي چيو ته سميرڊياڪوف سخت بيمار آهي ۽ کيس خصوصيت سان ٻڌايائين ته هن ننڊ به نه ڪئي آهي، ڄڻ ته سندس هواسن ۾ خلل اچي ويو آهي. هن اسان کي چيو آهي ته چاءِ به وٽانئس کڻي وڃو. هن کي ڪجهه به نه کپي.
ايون ڪاوڙ ڀري آواز ۾ کيس وراڻيو ته ”ڇو هن هيءُ جنجل پيدا ڪيو آهي؟“
عزيز، هو ڪنهن شور پيدا ڪرڻ جي بجاءِ نهايت خاموش آهي، اوهان ساڻس گهڻو وقت گفتگو نه ڪجو. ماريا ايون کي عاجزي سان عرض ڪيو.
ايون دروازو کوليو ۽ آهستگي سان اَندر داخل ٿيو. ڪمرو اڳي وانگر سخت گرم هو، پر کيس ڪمري ۾ تبديليون نظر آيون. بينچن مان هڪ پاسي کان ڪڍيو ويو هو ۽ اُن جي جاءِ تي هڪ پراڻو، شيشم جي ڪاٺيءَ جو صوفو، چمڙي سان مڙهيل رکيو ويو هو. ۽ اُن جي جاءِ تي هڪ پراڻو هنڌ وڇايل هو، جو ڪنهن حد تائين صاف ٿي ڏٺو ۽ مٿس وهاڻو هو. سميرڊياڪوف صوفي تي ويٺو هو، کيس ساڳي ئي شبخوابي جي قبا پيل هئي. ميز کي صوفي جي سامهون رکيو ويو هو، ميز تي هڪ ٿلهو ڪتاب هيڊي جلد سان رکيو هو، پر سميرڊياڪوف اُن کي پڙهيو نه ٿي. هيءُ بيڪار ويٺو هو. هن خاموش نگاهه سان ايون کي ڏٺو، هن سندس اَچڻ تي ڪو به عجب نه کاڌو، پر سندس چهري ۾ وڏي تبديلي نظر آئي. هو گهڻو سنهو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو، هن جون اکيون ڪاريون ٿي ويون هيون ۽ اُنهن ۾ نيرا داغ ٿي نظر آيا.
”ڇو؟ تون سچ پچ بيمار آهين ڇا؟ ايون ٿورو دم ورتو، مان توسان گهڻو وقت نه ڳالهائيندس. مان پنهنجو ڪوٽ لاهڻ نه ٿو گهران، ويهڻ جي جاءِ به ڪانه آهي.“
”هو ميز جي آخري ڇيڙي وٽ ويو. هڪ ڪرسيءَ کي سوري اُن تي ويٺو، تون ڳالهائڻ کان سواءِ مون کي ڇو نهاري رهيو آهين؟ مان فقط هڪڙي سوال لاءِ آيو آهيان ۽ مان قسم کڻي ٿو چوان ته اُن جي جواب وٺڻ کان سواءِ هتان نه ويندس. ڇا نوجوان خاتون ڪيٽرينا توسان گڏ هئي؟“
سميرڊياڪوف اڃا به چپ هو، هـُـو اڳي وانگر ايون کي نهاري رهيو هو، اوچتو هٿ کي حرڪت ڏيندي، هن منهن ٻي پاسي بدلايو. ”توکي ڇا ٿيو آهي؟“ ايون رڙ ڪري چيس.
”ڪجهه به نه.“
”تنهنجو ڪجهه به نه کان ڇا مطلب آهي؟“
”هائو، هوءَ مون سان گڏ هئي. اُن سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ مون کي اڪيلو رهڻ ڏي.“
”نه، مان توکي اڪيلو نه ڇڏيندس. مون کي ٻڌاءِ ته هتي ڪڏهن آئي هئي؟“ ۽ ”ڇو؟ مان هن جي باري ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي.“ نفرت ڀري کل سان هن سميرڊياڪوف کي جواب ڏنو ۽ وري به ايون کان منهن ڦيرائي ڇڏيائين، هو پوري پوريءَ حقارت سان کيس عجب مان نهارڻ لڳو ۽ اِها ساڳي نگاهه هئي، جنهن سان هن آخري ملاقات وقت کيس ڏٺو هو، جنهن کي مهينو گذريو هو.
”تون پاڻ ڏاڍو بيمار ٿو ڏسجين، تنهنجو چهرو گهوماٽيل آهي. تون پنهنجي هوش ۾ به نه آهين.“
سميرڊياڪوف ايون کي چيو.
”تون منهنجي صحت جي پرواهه نه ڪر، مان توکان جو پڇيو آهي، تون اُن جو جواب ڏي. پر تنهنجون اکيون هيڊيون ڇو ٿي ويون آهن. اڇاڻ بلڪل هيڊاڻ ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ڇا تون گهڻو پريشان آهين؟“ هو نفرت مان مشڪيو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
”ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ، مان توکي چيو آهي، ته تنهنجي جواب ٻڌڻ کان سواءِ هتان نه ويندس.“ ايون پوري جوش سان رڙ ڪري چيو.
”توکي مون کي دٻائڻ مان هٿ ڇا ٿو اچي؟ تون مون کي عذاب ڇو ڏئي رهيو آهين؟“ سميرڊياڪوف تڪليف سان کيس نهاريندو رهيو.
”توکي اِهو يقين رکڻ گهرجي ته مان توکان جواب ضرور وٺندس.“
”تون ايڏو بيچين ڇو آهين؟“ سميرڊياڪوف حيرت مان کيس نهاريو. نه فقط حيرت مان کيس نهارڻ لڳو، پر وٽس دفع الوقتي به هئي. ڇا هيءَ فقط انهيءَ لاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي مقدمو هلندو؟ توکي ڪجهه به نه ٿيندو، ڇا تون اَڃا به اعتبار نه ٿو ڪرين؟ گهر وڃي آرام سان سمهي رهه، ڪجهه به خوف نه ڪر.“
”مان توکي سمجهي نه سگهيو آهيان ..... سڀاڻي مون کي ڪهڙي شيءِ کان خوف نه ڪرڻ گهرجي. ايون عجب مان اُن جي وضاحت ڪرڻ لڳو. اوچتو خوف جو ٿڌو ساهه سندس روح تي ڇانئجي ويو. سميرڊياڪوف پنهنجي نگاهن ۾ اُن کي تورڻ لڳو:
”تون نه ٿو سمجهي سگهين!“ هن ملامت آميز آواز ۾ کيس چيو ته تو جهڙي عقلمند انسان کي اِهڙي ريت ناٽڪ کيڏندي ڏسي، مون کي عجب ٿو لڳي!.“
ايون کيس ڪو به جواب نه ڏنو. هو کيس ڏسندو رَهيو. هيءَ اُميد جي خلاف آواز ۽ گستاخ سخت سندس اڳئين خادم کان، دستور جي خلاف هو. هن پوئين ملاقات وقت به ڳالهائڻ جو اِهڙو طريقو اختيار ڪيو. مان توکي چوان ٿو ته تون ڪنهن به شيءِ جو خوف ۽ خطرو نه رک، مان تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه چوندس. تنهنجي خلاف ڪو به ثبوت ڪونه آهي. مان چوان ٿو ته تنهنجا هٿ ڇو ٿا ڏڪن. تنهنجون آڱريون ايئن ڇو ٿيون چرن پـُـرن. تون گهر وڃ، تو کيس خون نه ڪيو آهي.“
ايون کان ڇرڪ نڪري ويو، کيس اليوشا ياد آيو.
”مان ڄاڻان ٿو ته مان نه هوندس.“
ايئن سميرڊياڪوف وري کيس پنهنجي گرفت ۾ وٺڻ لڳو.
ايون ٽپو ڏنو ۽ کيس ڪلهي کان ورتو.
مون کي سڀ ڪجهه ٻڌاءِ، نانگ سڀ ڪجهه ٻڌاءِ.
سميرڊياڪوف تي هن جو ڪو به اَثر نه پيو. هن فقط پنهنجون اکيون، مجنونانه نفرت سان ايون ۾ کپائي ڇڏيون. ٺيڪ آهي اِهو تون آهين جنهن اُن کي قتل ڪيو آهي. هو ڪاوڙ مان ڀڻڪيو. ايون وري وڃي ڪرسيءَ تي ڪريو. ڄڻ ته هو ڪنهن ڳالهه تي غور ڪري رهيو هو. هو نفرت مان کليو.
تنهنجو مطلب منهنجي هلي وڃڻ کان آهي. جنهن باري ۾ تو اڳئين ڀيري گفتگو ڪئي هئي نه؟
”پوئين ڀيري تون منهنجي سامهون رڪ ٿي بيٺل هئين ۽ سڀ ڪجهه ٿي سمجهئي، تون هاڻي به اُن وانگر سمجهين ٿو“
”مان جو ڪجهه به سمجهيو آهي، اُهو اِهو آهي ته تون چريو آهين!“
ڇا، تون هن ريڙهه پيڙهه کان ٿڪجي نه پيو آهين؟ اسان هڪٻئي جي سامهون موجود آهيون. هن جي ڪهڙي ضرورت آهي ته ناٽڪ بنائي رکون. اَڃا به تون سڄو معاملو، مٿان اُٿلائي وجهڻ ٿو گهرين. تو کيس قتل ڪيو آهي. تون ئي سچو قاتل آهين. مان ته تنهنجو فقط هٿيار هوس. هڪ صحيح وفادار خادم. مان تنهنجي لفظن جي پوئواري ڪئي آهي. توئي ايئن ڪيو آهي، ڇو تو ئي کيس قتل ڪيو آهي؟ “ ايون ڄڻ ته ٺري ويو. ڪا شيءِ هئي، جا سندس دماغ مان ٻاهر نڪرڻ لڳي. سندس سڄو جسم، خوف کان ڏڪڻ لڳو. ان تي سميرڊياڪوف کيس حيرت مان نهارڻ لڳو. خاص طرح ايون جي حد کان گهڻي خوف کي ڏسي متاثر ٿيو. مان سمجهان ٿو ته سچ پچ تنهنجو مطلب اِهو نه آهي ته تون ڪجهه نه ٿو ڄاڻين؟ هو بي اعتباريءَ مان ڏڪڻ لڳو. هو زور واري مصنوعي کل سان، هن جي اکين ۾ ڏسڻ لڳو. ايون اڃا به کيس نهاريندو رهيو. ايئن نظر ٿي آيو ته هو ڳالهائي نه ٿو سگهي.
اڙي وئنڪا پيٽرسبرگ وئي آهي.
مان سندس موٽي اَچڻ تائين نه ترسندس.
اوچتو مٿيون شعر سندس ڪنن ۾ وڄڻ لڳو.
توکي خبر آهي ته تون هڪ خواب وانگر آهين ۽ منهنجي سامهون ڄڻ وهمي صورت ۾ ويٺو آهين، هو ڀڻڪندو رهيو. ”هتي ڪا به وهمي صورت نه آهي. فقط اسان ٻه ۽ اِنهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته هڪ ٽيون به. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو هتي به موجود آهي. اِهو ٽيون اسان ۾ ضرور آهي. اُهو ڪير آهي؟ ها اُهو هتي ڪير آهي؟ اُهو ٽيون ڪير آهي؟“ ايون خوف مان کيس چيو. هن سندس اکين جي هرهڪ ڪنڊ ۾ راز کي تڪڙ مان ڳولڻ شروع ڪيو.
”اُهو ٽيون خدا پاڻ آهي. خلقڻهار! هاڻي هو اَسان ٻنهي جي ويجهو ثالث آهي،. تون اُن ڏي نه نهار، تون اُن کي لهي نه سگهندين.“
”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ته تو کيس قتل ڪيو آهي؟“ ايون جنون مان رڙ ڪري چيو. تون چريو آهين يا مون کي چيڙائي رهيو آهين.
سميرڊياڪوف اڳي وانگر کيس حيرت مان نهارڻ لڳو. وٽس خوف جي ڪا به نشاني ڪانه هئي. هو اَڃا به مشڪل سان پنهنجي بي اعتقادي تي قبضو ڪري سگهيو هو. هـُـو اڃا به هن عجب ۾ هو ته ايون سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، پر ڪوشش ڪري ٿو، ته سڀ ڪجهه مٿانئس اُڇلائي وجهي.
”گهڙي ترس!“ آخر هن ڪمزور آواز ۾ چيو. اوچتو هن ميز جي هيٺان پنهنجي کٻي ڄنگهه کي ٻاهر آندو ۽ پاجامي کي ويڙهڻ شروع ڪيو. کيس ڊگها اَڇا جوراب ۽ سليپر پيل هئا. آهستگيءَ سان جوراب جي بند کي کوليائين ۽ پنهنجي هٿ کي جوراب جي آخر تائين پهچايائين.
ايون، جو کيس انتظار سان نهاري رهيو هو، دهشت کان ڏڪي رهيو هو ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو ته هيءَ چريو آهي. هو ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ پوئتي هٽيو. ايتري قدر جو سندس پٺ وڃي ڀت سان لڳي. هو اُتي وري ان سان لڳي بيهي رهيو. سميرڊياڪوف کي ديوانن جي خوف وانگر ڏسڻ لڳو. جنهن جي مٿان سندس خوف جو ڪوبه اَثر نه هو، هو جوراب ۾ ساندهه ڪنهن شيءِ کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي آڱرين سان اُن کي ڇڪي رهيو هو، آخر هن اُن کي ڳولي لڌو ۽ اُن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين. ايون ڏٺو ته هو هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو هو يا ڪاغذ جا ٽڪرا هئا. سميرڊياڪوف اُنهن کي کڻي ميز تي رکيو.
”اجهو!“ هن خاموشيءَ سان چيو.
”هي ڇا آهي؟“ ايون ڏڪندي ۽ پاڻ کي سنڀاليندي چيو.
”مهرباني ڪري هنن کي ڏس!“ سميرڊياڪوف، هاڻي به نهايت نرم آواز ۾ چيو. ايون قدم کڻي ميز وٽ آيو. ڪاغذ جي ويڙهيل مـُـٺي کي کنيائين ۽ اُن کي کولڻ لڳو. اوچتو هن پنهنجي آڱرين کي پوئتي ڇڪي ورتو. ڄڻ ته اُهي ڪنهن زهريلي نانگ سان وڃي ٽڪريون هيون. ”منهنجا هٿ وچڙي رهيا آهن.“ سميرڊياڪوف ڏسندي کيس چيو ۽ هن ڄاڻي ئي پاڻ اُن بنڊل کي کولڻ شروع ڪيو. ڪاغذ ۾ ٽي بنڊل سـَـؤ سـَـؤ روبل جي نوٽن جا هئا. ”سڀئي پيسا هتي آهن، ٽي هزار روبل جا نوٽ. تون هنن جي ڳڻڻ جي تڪليف نه ڪر.“ سميرڊياڪوف، ايون کي صلاح ڏيندي چيو ته هنن کي کڻي وَٺُ. ايون ڪرسيءَ تي ڪري پيو، هو اهڙو ته سفيد ٿي ويو، ڄڻ ته سفيد رومال.
”تو مون کي ڊيڄاري ڇڏيو....“ هن عجيب کل سان چيو. ”پنهنجي جوراب سان ڊيڄاري ڇڏيو اٿئي“ سميرڊياڪوف وري کانئس پڇيو، ”ڇا هن وقت تائين سچ پچ توکي ڪا خبر ڪانه هئي؟ مان ته تنهنجي ڀاءُ دمتري ۾ ٿي شڪ رکيو. افسوس هن اوچتو پنهنجي مٿي کي ٻنهي هٿن ۾ ورتو.“
”ڌيان ڏيئي ٻڌ، تو کيس اَڪيلو ماريو آهي؟ منهنجي ڀاءُ جي مدد سان يا اڪيلو؟ فقط تنهنجي مدد کيس ماريو آهي ۽ دمتري فيودورپاولووچ بلڪل معصوم آهي.“
”ٺيڪ آهي، منهنجي بابت پوءِ گفتگو ڪجانءِ، مان اَلائجي ڇو ڏڪي رهيو آهيان؟ ۽ الائجي ڇو ڳالهائي نه ٿو سگهان؟ تون اُن وقت ته ڪافي همٿ وارو هئين. تو ته چيو ٿي سڀ ڳالهه قانون اندر آهي، پر هاڻي ته ڪيڏو ڊڄي رهيو آهين!“ سميرڊياڪوف عجب مان کيس چيو. ”توکي ليمي جو رس پيئڻ کپي. مان اُن کي هڪدم گهرائي ٿو وٺان. اُهو توکي تازو توانو رکندو. پر پهريائين مون کي لڪائڻ کپي، هن وري نوٽن ۾ چرپر وڌي. هو دروازي وٽ وڃي ميريا کي سڏڻ وارو هو ته ليمي جي رس کي تيار ڪري کڻي اَچي، پر هو نوٽن کي ڍڪڻ ۾ مشغول ٿي ويو ته جيئن هـُـوءَ اُنهن کي نه ڏسي. هن پهريائين رومال کي ڪڍيو، جو بيحد غليظ هو. اُن کان پوءِ هيڊي ڪتاب کي کنيائين جو ايون اڳ ۾ ڏٺو هو ۽ ميز تي پيو هو. اُن کي کڻي نوٽن مٿان رکيائين. ڪتاب جو نالو هو ”راهب اسحاق جا مقدس اقوال“ ايون اٽڪل سان اُن کي پڙهي ورتو.
”مون کي ليمي جو رس نه کپي. منهنجي باري ۾ پوءِ گفتگو ڪجانءِ، ويهه ۽ مون کي ٻڌاءِ ته تو اِهو ڪم ڪيئن ڪيو. مون کي سڄي حقيقت ٻڌاءِ.“ چڱو ايئن آهي، ته تون پنهنجي ڊگهي ڪوٽ کي لاهه، نه ته بيحد گرم ٿي ويندين!“ ايون جنهن کي اِهو خيال ساڳي وقت آيو هو، ڪوٽ لاهي اُٿڻ کان سواءِ اُن کي ڀر واري بينچ تي اُڇلائي ڇڏيائين.
”ڳالهاءِ، ڳالهاءِ، ڳالهاءِ!“
هـُـو هاڻي بردبار بڻجي ويو هو، هو ترسيو ۽ يقيني طور تي سمجهي چـُـڪو هو ته سميرڊياڪوف کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو.
”اِهو ڪيئن ٿيو هو؟“ سميرڊياڪوف ٿڌو ساهه کنيو.”تنهنجي لفظن موجب سڀ ڪجهه فطري طور تي ٿي گذريو هو. منهنجي لفظن جي ڳالهه پوءِ ڪجانءِ، ايون پاڻ تي پوري ريت قبضو ڪندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن مضبوطيءَ مان پنهنجي لفظن کي دهرائڻ گهريو، پر اڳي وانگر رڙيون نه ٿي ڪيائين. مون کي تفصيل سان فقط اِهو ٻڌاءِ ته تو اِهو ڪم ڪيئن ڪيو. جيئن هر ڪا ڳالهه ٿي گذري، اُن کي بيان ڪر، ڪا به شيءِ نه وسارج سڀ کان وڌيڪ تفصيل! مان توکي عرض ٿو ڪريان ته تفصيل ٻڌاءِ“. ”تون جيئن ئي هليو ويو هئين، مان تهخاني ۾ ڪري پيو هوس.“
”اِهو سچو پچو دورو هو يا مڪر“
”فطرتاً اِهو مڪر هو. اِها سڄي مڪاري هئي. مان خاموشيءَ سان سڀني ڏاڪن تان لهي توڙ تائين پهتو هوس ۽ اُتي ليٽي پيس جيئن مان اُتي ليٽيس ته رڙ ڪيم ۽ ڦٿڪڻ لڳس. ايستائين جو هو مون کي ٻاهر ڪڍي ويا.“
”ترس! تو پوءِ سمورو وقت اسپتال ۾ به اِنهيءَ مڪاريءَ کي جاري رکيو؟“
”نه، ڪڏهن به نه. ٻي ڏينهن صبح جو، انهيءَ کان اڳي جو هو مون کي اسپتال ڏي کڻي ويا، مون تي حقيقي دوري جو حملو ٿيو. اِهو نهايت سخت هو، جو سالن ۾ به نه ٿيو هو. ساندهه ٻه ڏينهن بيهوش هوس.“
”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي اڳتي هل.“
”هنن مون کي بستري تي سمهاريو. مان ڄاتو ٿي ته مان پردي جي ٻي طرف هوس. ڇاڪاڻ ته مان جڏهن، جڏهن بيمار ٿيندو هوس ته مارفا اگناٽيونينا، مون کي اُتي جاءِ ڏيندي هئي ۽ پنهنجي ويجهو رکڻ گهرندي هئي. هوءَ مون تي منهنجي ڄمڻ کان وٺي بيحد مهربان رهي آهي. رات جي وقت مان نهايت آهستي ڪنجهندو رهيس، مون کي اميد هئي ته دمتري فيودورپاولووچ ايندو.“
”توکي اِها اُميد هئي ته هـُـو تو وٽ ايندو؟“
”مون وٽ نه، پر مون کي اُميد هئي ته هـُـو گهر ۾ ايندو. مون کي ته سندس اَچڻ لاءِ ڪو شڪ ۽ شبهو به نه هو. مون سمجهيو ٿي ته هو رات جو گهر ۾ ضرور ايندو. مون کان سواءِ منهنجي اطلاع بغير هو اَچڻ وارو هو، سو به لوڙهي جي مٿان ٽپي. جيئن هو هميشه ڪندو رهندو هو. جيڪڏهن هو نه اچي ها؟“
”پوءِ ته ڪجهه به نه ٿئي ها. مان ڪڏهن به اُن کان سواءِ ڪو ڪم نه ڪري سگهان ها.“ ٺيڪ آهه، ٺيڪ آهه.... وڌيڪ سمجهه سان ڳالهاءِ، تڪڙ نه ڪر، ڪنهن به شيءِ کي نه ڇڏ.“
مان اُميد ٿي ڪئي، ته هو فيودور پاولووچ کي ماريندو. مان خيال ٿي ڪيو ته يقيناً ايئن ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مان کيس اِنهيءَ لاءِ تيار ڪيو هو. وڏي ڳالهه اِها هئي ته کڙڪن کان پوري ريت واقف هو. انهن ڏينهن ۾ منجهس جوش ۽ شبها وڌندا ٿي رهيا. اُنهن کڙڪن جي ڄاڻ سبب، اِهو ضروري هو ته هو گهر ۾ گهڙي اَچي. هيءَ ٽرڻ جهڙي شيءِ نه هئي، اُن ڪري مون کي سندس اچڻ جي اُميد هئي.“
”ترس“ ايون وچ ۾ ٽپندي چيو ”جيڪڏهن هو کيس ماري ها ته پاڻ سان رقم به کڻي وڃي ها. تون اِهو به ڌيان ۾ رک، پوءِ توکي ڇا حاصل ٿئي ها. مون کي ته نظر ايئن ٿو اچي؟
”پر کيس رقم ڪڏهن به هٿ نه اچي ها. کيس ته اِها خبر هئي، جا مون کيس ٻڌائي هئي، ته رقم وهاڻي جي هيٺان آهي، پر حقيقت ۾ ايئن نه هو. هيءَ هڪ پيتيءَ ۾ هئي. مون پوءِ فيودور پاولووچ کي صلاح ڏني هئي. ڇاڪاڻ ته مان ئي وٽس اعتبار جوڳو هئس ته اُن لفافي کي جنهن ۾ اُهي نوٽ پيل هئا. حضرت بيبي مريم جي مجسمي جي پويان ڪنڊ ۾ لڪائي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته ڪو به ان جاءِ کي معلوم ڪري نه ٿي سگهيو. خاص طرح اُهو ماڻهو جو تڪڙ ۾ اُتي اچي ها. اِهڙي ريت لفافو ان مجسمي جي پويان لڪائي رکيو هو. اِهو واهيات هو ته اُن کي وهاڻي جي هيٺان رکيو وڃي. جيڪڏهن پيٽيءَ ۾ رکجي ها، ته ان کي قلف ڏجي ها. پر سڀني جو خيال هو ته اِهو لفافو وهاڻي جي هيٺيان هو. هڪ بيوقوفي واري شيءِ، جنهن تي اعتبار ٿي ڪيو ويو. اهڙي ريت جيڪڏهن دمتري فيودورپاولووچ، خون ڪري ها، ته کيس ڪجهه به هٿ نه اچي ها. هو يا ته تڪڙ ۾ ڀڄي وڃي ها. ڇو ته کيس هر وقت آواز جو خوف ٿئي ها جيئن اَڪثر خونين سان ٿيندو آهي. يا هو گرفتار ٿئي ها. ان ڪري مون لاءِ هر وقت اِها آسان ڳالهه هئي ته مٿي چڙهي ان مجسمي تائين پهچان ۽ رقم کڻي وڃان. مان ٻي ڏينهن يا خود ان رات ايئن ڪري ٿي سگهيس. پر اِهو سڄو الزام دمتري تي اچي ٿي سگهيو. مان اِهو ئي اندازو لڳايان ها. ”پر جيڪڏهن هـُـو اُن کي قتل نه ڪري ها، ۽ فقط کيس ڪيرائي وجهي ها ته؟“
”جيڪڏهن هو کيس قتل نه ڪري ها، ته پوءِ بيشڪ مان رقم کڻي نه سگهان ها. پوءِ ته ڪجهه به نه ٿئي ها، پر مان هن نتيجي تي پهتو هوس ته هو اُن کي ايترو نه ماري ها، جو کيس ڪو هوش ئي نه رهي ها ۽ مون کي ايترو وقت ملي وڃي ها، جو اُن لفافي کي کڻي وٺان ها. ان کان پوءِ فيودور پاولووچ کي ٻڌايان ها، ته اهو دمتري -فيودورپاولووچ ئي هو، جو کيس مارڻ کان پوءِ پيسا به کڻي ويو.“
”ترس..... مون کي مغالطو ٿي رهيو آهي. تڏهن اِهو دمتري هو جنهن کيس قتل ڪيو ۽ تو فقط رقم کڻي ورتي؟“
”نه، هن کيس ماريو نه هو، بيشڪ مان هن وقت تائين ايئن ئي ٻڌائيندو رهيو آهيان ته هو قاتل آهي...... پر هاڻي، مان توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن تون هن وقت تائين نه سمجهي سگهيو آهين. جيئن مان ڏسان ٿو. ۽ جيڪڏهن تون مڪاري کان ڪم نه ٿو وٺين ته پنهنجي گناهه کي منهنجي مٿان اُڇلائي وجهين، ته تون هن جرم لاءِ جوابدار آهين. تون اڳ ۾ ئي خون کي ڄاتو ٿي ۽ مون کي اُن جي ڪرڻ لاءِ تيار تو ئي ڪيو. سڀ ڪجهه ڄاڻندي به هليو ويو هئين. اُن ڪري مان تنهنجي سامهون اَڄ شام جو هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ گهران ٿو، ته هن سڄي معاملي ۾ تون ئي سچو پچو قاتل آهين. جيتوڻيڪ مان کيس قتل ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ سچو قاتل نه آهيان حقيقت ۾ تون قاتل آهين.
”ڇو، ڇو! مان ڪيئن قاتل آهيان؟ خدايا!“ ايون پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ آخر کيس رڙ ڪري چيائين. کانئس وسري ويو، ته گفتگوءَ جي آخر ۾ هو، بحث ڇو ڪري رهيو آهي؟ ”ڇا تو وٽ شرماشينا وارو ئي دليل آهي. هن صورت ۾ تو منهنجي شرماشينا جي وڃڻ کي منهنجي پيءُ جي قتل لاءِ اشارو سمجهيو، ٻڌاءِ ته اُن جي تون ڪهڙي تشريح ڪري ٿو سگهين؟“
تنهنجي منظوري تي يقين ڪرڻ کان پوءِ، مون کي هي ڄاڻڻ کپندو هو، ته جيڪڏهن مون کان هي ٽي هزار ضايع به ٿي وڃن ها، ته اُن تي تنهنجو ڪو به اعتراض نه ٿيڻ گهرجي ها. توڙي جو مون تي دمتري فيودورپاولووچ جي بجاءِ شڪ آندو وڃي ها يا مون کي سندس رفيق سمجهيو وڃي ها..... توکي منهنجو ٻين کان بچاءُ ڪرڻ گهرجي ها. توڙي جو جڏهن توکي تنهنجو ورثو ملي ها، ته مون کي انعام ڏئين ها. ڇاڪاڻ ته تنهنجي باقي حياتي، هاڻي سگهاري هئي. اِهو ورثو، منهنجي ئي معرفت توکي مليو آهي. توکي خبر هئي ته هو جيڪڏهن اگرافينا اليگزينڊرووينا سان شادي ڪري ها، ته توکي هڪ ڪوڏي به نه ملي ها.
”اڙي ته تنهنجو پوءِ اِهو ئي ارادو هو، ته مون کي تون سڄي حياتي تنگ ڪندو رهين ها.“ ايون چڙ مان چيو. ”پر جيڪڏهن مان هليو نه وڃان ها ۽ تنهنجي لاءِ اِهڙو اطلاع ڏيان ها، ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟“
”تون ڪهڙو اطلاع ڏئين ها؟ مان ته توکي لالچ ٿي ڏني ته شرما شينا هليو وڃ. هيءَ سڄي بيهودگي آهي. ان کان سواءِ پنهنجي گفتگو کان پوءِ، يا ته تون هليو وڃين ها يا ترسي پوين ها. جيڪڏهن ترسي پوين ها، ته ڪجهه نه ٿئي ها. مان سمجهان ها ته تنهنجي خواهش نه آهي ۽ ڪا به ڪوشش نه ٿئي ها، جيئن ته تون هليو ويو هئين اُن ڪري اُن جو مطلب هو ته تو، مون کي اها پڪ ڏني هئي، ته ڪيس جي وقت تون منهنجي خلاف اطلاع ڏيڻ جي همٿ ئي نه ڪندين ۽ انهن ٽن هزارن ڏي نهاريندين به نه. تون سچ پچ پوءِ مون تي ڪو به ڪيس داخل نه ڪرين ها نه قانوني چاراجوئي، ڇاڪاڻ ته مان ڪورٽ ۾ سڄي حقيقت بيان ڪريان ها، ته اِهو مان نه آهيان، جنهن خون ڪيو آهي. يا چوري ڪئي آهي. مان ايئن چوان ها. تون ئي هئين، جنهن مون کي قتل ۽ چوري لاءِ راضي ڪيو هو، ۽ جيتوڻيڪ مان ان کي قبول نه ٿي ڪيو. مون کي ته تنهنجي منظوريءَ جي ضرورت هئي. جيئن تون مون کي پوءِ پنهنجو نشانو نه بڻائين. ڇو ته تو وٽ پوءِ ڪهڙو ثبوت هجي ها؟ مان هميشه توکي نشان بڻايو آهي ۽ پنهنجي پيءُ جي موت لاءِ هميشه تنهنجي انتظار تي پئي سوچيو اَٿم. مان عوام کي ٻڌايان ها ته اوهان هن حقيقت تي اعتبار ڪريو ۽ پوءِ تون سڄي حياتي شرمندگيءَ ۾ گذاريندو رَهين ها.“
”ڇا، مون کي ايڏو انتظار هو، سچ پچ؟“ ايون وري چڙ مان چيو.
”مان توکي يقين ٿو ڏيان ته توکي انتظار هو. تنهنجي منظوريءَ سان، جنهن کي نهايت خاموشيءَ سان قبول ڪيو هو، مان اِهو سڄو ئي ڪم ڪيو،“ سميرڊياڪوف خاطر جملي سان ايون ڏي ڏٺو، هو نهايت ڪمزور هو ۽ نهايت هوريان ۽ ٿڪايل ٿي ڳالهايائين. پر ڪا اندرين طاقت کيس اُڀاريندي ٿي رهي. ايون محسوس ڪيو ته وٽس ڪا اُن ڪارروائي بابت تجويز هئي.
”اڳتي وڌ!“ ايون کيس چيو، ”مون کي ٻڌاءِ ته اُن رات ڇا ٿي گذريو؟“
”وڌيڪ ڇا ٻڌايان. مان اُتي پيو هوس. مان خيال ڪيو ته منهنجو آقا واڪا ٿو ڪري، مون کان اڳ ۾ گريگري اوچتو اُٿي پيو ۽ ٻاهر هليو ويو. اُن جي ڪمهلي رڙ آئي، پوءِ خاموشي ۽ اونداهي ٿي وئي. مان انتظار ۾ پيو رهيس ۽ منهنجي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي. مان اُن کي برداشت ڪري نه سگهيس. مان آخر اُٿيس، ٻاهر ويس، ڏٺم ته کٻي پاسي باغ ڏانهن دري کليل هئي، مان کٻي پاسي قدم کڻي ويس ته ڏسان ته هو اُتي جيئرو ويٺو آهي يا نه؟ مون کي اُن وقت آقا جي چرڻ پرڻ جو آواز ٿي آيو ۽ ٿڌا شوڪارا ٿي ڀريائين. ان مان سمجهيم ته هو جيئرو آهي. مان دريءَ وٽ ويس ۽ آقا کي سڏ ڪيم ۽ چيائين ته ”مان آهيان مان!“ هن به رڙ ڪري چيو ته ”هو آيو هو ۽ ڀڄي ويو. ان مان سندس مطلب هو ته دمتري فيودورپاولووچ آيو هو ۽ هن گريگري جو خون ڪيو آهي.“ ڪٿي؟ مان کانئس آهستگيءَ سان پڇيو. هتي ڪنڊ ۾. هن اشارو ڪري چيو. هو به آهستگيءَ سان ڳالهائي رهيو هو. ”ترسو“ مان کيس چيو. اُن کان پوءِ مان باغ جي ڪنڊ ۾، اُن کي ڏسڻ لاءِ ويس، مان اُن وٽ پهچي، ڏٺم ته هو ڀت جي ڀرسان پيو آهي. سڄو رت سان ڀريل آهي ۽ ڪو به هوش نه اَٿس. سو اِهو سچ آهي، ته دمتري فيودورپاولووچ هت هو. فوراً اِهو خيال، منهنجي دماغ ۾ اچي ويو، اُن جاءِ تي ئي مون پختو اِرادو ڪيو ته هن معاملي کي ختم ڪيو وڃي، پوءِ ڇو نه گريگري جيئرو هجي، هو ڪجهه هن معاملي جي باري ۾ ڏسي نه سگهندو، ڇو ته هو بيهوش پيو هو. فقط اِهو خطرو هو ته مارفا اگنتيوينيا نه جاڳي پوي، مان انهيءَ گهڙيءَ محسوس ته ڪيو، پر اِهو انتظار ته اِهو ڪم پورو ڪيو وڃي، مون تي سوار ٿي ويو. ايستائين جو مان مشڪل سان ساهه کڻي سگهيس. مان وري پنهنجي آقا لاءِ دريءَ وٽ ويس، ۽ چيومانس ته ”هوءَ هتي آهي ۽ آئي آهي، اگرافينا اليگزينڊرووينا آئي آهي ۽ اَندر اچڻ ٿي گهري.“ هن هڪ ٻار وانگر ڇرڪ کاڌو ”هوءَ ڪٿي آهي؟“ هن عجب مان چيو. پر کيس اعتبار نه آيو. ”هوءَ هتي بيٺي آهي. اوهان جي دروازي کي کولي.“ هن دريءَ مان ٻاهر ڏٺو. کيس اَڌ اعتبار هو ۽ اَڌ اعتباري پر کيس در کوليندي خوف پئي ٿيو. ”هيءُ ڇو مون کان خوف ٿو کائي. مون اُن وقت خيال ڪيو ۽ هيءُ نهايت مزيدار هو. مون خيال ڪيو ته دريءَ تي اُهي کڙڪا ڪريان، جي اسان جي وچ ۾ مقرر ڪيا ويا هئا، ته گروشينڪا اچي وئي آهي، هاڻي ته اُن جي سامهون ۽ اُن جي حاضري ۾ هو. مان سمجهيو ته هو منهنجي لفظن تي اعتبار نه ٿو ڪري، اُن ڪري مون مقرر ڪيل کڙڪا ڪيا. جيئن ئي هن اُهي کڙڪا ٻڌا، هو دروازو کولڻ لاءِ ڊوڙيو. هن در کوليو. مان اندر هليو وڃان ها. پر هو مون کي روڪڻ لاءِ دروازي ۾ ٿي بيٺو. هوءَ ڪٿي آهي؟ هن ڏڪندي مون ڏانهن ڏٺو. خير منهنجو خيال جيڪڏهن سچو آهي، ته هو مون کي ڏسي ڊڄي ويو آهي، ته اها چڱي ڳالهه نه آهي. هن خيال جي ڪري خوف کان منهنجون ٽنگون ڏڪڻ ٿي لڳيون. مون سوچيو ته هو شايد مون کي اندر اچڻ نه ڏي. يا ٻاهر نڪري سڏ ڪري، يا مارفا اگنيٽوينيا پهچي وڃي يا ڪا ٻي ڳالهه ٿي پوي. مون کي هاڻي ياد نه ٿو اچي، پر منهنجو رنگ هارجي ويو ۽ کيس منهن ڏيڻ لاءِ بيهي رهيس. مان ڀٽڪندي کيس چيو ته ”ڇو، هوءَ ته هتي آهي، دريءَ جي هيٺان. اوهان الائجي ڇو کيس ڏسي نه ٿا سگهو؟ هن کي وٺي اَچ، وٺي اَچ!“ مان کيس چيو ته، ”هوءَ ڊڄي وئي آهي، هـُـو گوڙ کي ڏسي ڊڄي وئي آهي ۽ ٻوٽن جي جهنڊ ۾ لڪي پئي آهي. توهان پاڻ پڙهڻ واريءَ جاءِ کان وڃي کيس سڏ ڪريو.“ هو دريءَ ڏي ڊوڙيو ۽ ميڻ بتي دريءَ ۾ رکيائين. گروشينڪا کي سڏ ڪيائين گروشينڪا تون ڪٿي آهين؟ جيتوڻيڪ هن هيءُ سڏ ٿي ڪيا، پر هن نه ٿي چاهيو ته توڙي دريءَ کان ٻاهر ڏسي يا مون کان پري چـُـري وڃي. ڇاڪاڻ ته هو مصيبت ۾ هو. مان دريءَ وٽ ويس ۽ وڃي نوڙيس. اِجهو هوءَ هتي آهي. ۽ انهن ٻوٽن ۾ هوءَ توتي کلي رهي آهي. ڇا تون اُن کي نه ٿو ڏسين؟ کيس اوچتو اعتبار آيو. هو سڄو ڌڏي ويو. هو بـُـري طرح اُن لاءِ چريو بڻجي ويو هو. هو دريءَ ڏانهن ڊوڙيو. مان ڪاغذ جي مٿان رکڻ وارو لوهه جو تورو، سٽ ڏيئي ميز تان کڻي ورتو. ”توکي ياد هوندو، اُن جي تور ٽي پائونڊ ٿيندي. مان ان کي اُڇلائي سندس مغز جي مٿان ڌڪ هنيو. هن ڪا به رڙ نه ڪئي. هو فقط اوچتو ڪري پيو. مان کيس ٻيهر ۽ ٽيهر ڌڪ هنيا. ٽئين دفعي مان سمجهيو ته سندس مغز کي ڀڃي وڌو اَٿم. هو پٺيءَ ڀر ڦريو. سندس منهن مٿي هو ۽ سڄو رت سان ڍڪجي ويو. مان چوڌاري ڏٺو. مون تي رت جو ڦڙو به نه هو. مان ڪاغذن واري توري کي صاف ڪيو ۽ ان کي پنهنجي جاءِ تي رکيم. حضرت بيبي مريم جي مجسمي ڏي ويس. لفافي مان رقم ڪڍي ورتم. لفافو زمين تي اُڇلايم ۽ گلابي ڌاڳو به اُن جي ڀرسان ڦٽي ڪيم. مان ڏڪندي باغ ڏي هليو ويس. سڌو صوف جي وڻ ڏي، جنهن ۾ هڪ پور آهي جنهن جي توکي خبر آهي. مان اُن کي گهڻو اڳي تاڙي ورتو هو. مان اُن ۾ هڪ پراڻي ڪپڙي جو ٽڪرو ۽ ڪاغذ رکي ڇڏيو هو. مان سڀئي نوٽ اُن ڪپڙي ۾ ويڙهيا ۽ اُن اُونهي پور ۾ اُن ڳنڍ کي اُڇلائي ڇڏيم. اُتي ٻه هفتا کن اُها رقم پئي هئي. جڏهن مان اسپتال کان ٻاهر آيس ته اُنهن کي اچي کنيم. مان اُن وقت پنهنجي بستري ڏي هليو ويس ۽ سمهي پيس. مان اُن وقت خيال ڪيو، ته جيڪڏهن گريگري مري ويو ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٿيندي، پر جيڪڏهن هو بچي ويو ته پوءِ هـُـو، شاهدي ڏيندو، ته دمتري فيودورپاولووچ آيو هو ۽ هن ئي کيس قتل ڪيو هوندو ۽ رقم کڻي ويو هوندو. ان کان پوءِ مان ڪنجهڻ لڳس، جنهن مان منهنجي بي صبري ۽ پريشاني ظاهر هئي. هن ڪنجهڻ کان منهنجو مقصد هو ته مارفا اگيونينيا کي جيتري قدر ٿي سگهي، ننڊ مان سجاڳ ڪريان. آخر هوءَ جاڳي پئي ۽ مون ڏانهن ڊوڙي آئي، پر جڏهن هن ڏٺو ته گريگري موجود نه آهي ته هوءَ ٻاهر ڊڪندي وئي ۽ باغ ۾ ان جي رڙ کي ٻڌائين. ان کان پوءِ، ٻيو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو ۽ مون کي اطمينان ملي ويو.“
هو خاموش ٿي ويو، ايون هن وقت ۾، مڪمل خاموشيءَ سان ڌيان ڏيئي ٻڌندو رهيو. نه هو چـُـريو پـُـريو ٿي، نه هن مان اکيون ڪڍيائين ٿي. سميرڊياڪوف جڏهن پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪئي ٿي، ته وقت بوقت هو ايون کي نهاريندو ٿي رهيو، پر گهڻو وقت، سندس اکيون جهڪيون ٿي رهيون، جڏهن هن پنهنجي ڪهاڻي پوري ڪئي ته هو فطرتاًجوش ۾ اچي ويو ۽ تڪڙو تڪڙو ساهه کڻڻ لڳو. سندس نرڙ تپي ويو هو. پر هيءُ ٻڌائڻ مشڪل آهي، ته هيءُ پگهر ندامت جو هو يا طبعي.
ايون گهڙي کن فڪر ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ چيائينس ته ”ترس، هيءَ حقيقت ڪيئن آهي؟ جيئن ته هن دروازو، تنهنجي لاءِ کوليو هو، ته گريگري ڪيئن ٿو چوي ته توکان اڳ ۾ هن دروازو کليل ڏٺو هو؟“
هيءَ ڳالهه ظاهر هئي ته ايون ساڻس دوستاڻي نموني ٿي ڳالهايو ۽ سندس لهجو ئي ٻيو هو، هو اڳي وانگر ڪاوڙ ۾ نه ٿي ڏٺو، ايتري قدر، جو اُن وقت جيڪڏهن اندر ليئو پائي ڏسي ها، ته هو پڪ سان هن نتيجي تي پهچي ها ته هو صلح ۽ صفائي سان هڪٻئي سان گفتگو ڪري رهيا آهن، جا ڪا معمولي ڳالهه آهي. پر مضمون دلچسپ آهي.
”دروازي جي باري ۾ ته گريگري اُن کي کليل ڏٺو هو، اِهو عجيب خيال آهي.“ سميرڊياڪوف مشڪندي کيس چيو، هـُـو انسان ئي نه آهي. مان توکي پڪ سان ٿو چوان ته هو نٺر خچر آهي، هن ڏٺو ئي نه هو، پر عجب ٿو ٿئي ته هن اُن کي ڏٺو هو ۽ منجهس ڪو به لوڏو ڪونه آهي. اِها اسان جي خوشنصيبي آهي. جو وٽس اِهو خيال اچي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اِهڙي حالت ۾ هو دمتري فيودورپاولووچ کي سزا ڏيڻ کان سواءِ نه رهندا.
”ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ....... ايون کيس چيو. هن اِهڙي ريت گفتگو کي شروع ڪيو جو معلوم پئي ٿيو، ته هو وري منجهي ويو آهي، ۽ ڪوشش ٿو ڪري ته ڪنهن ڳالهه کي سمجهي ڌيان ڏيئي ٻڌي. مون وٽ ڪيترائي سوال آهن، جن کي توکان پڇڻ گهران ٿو، پر مون کان اُهي وسري ٿا وڃن..... مان انهن کي وساري ٿو ويهان ۽ هو وري هڪٻئي ۾ گڏجي ٿا وڃن. پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي هيءُ ٻڌاءِ ته تو لفافي کي ڇو کوليو ۽ زمين تي ڦٽو ڪيو؟ تون لفافو پاڻ سان ڇو نه ٿي کڻي وئين؟..... جڏهن تو مون کي اها ڳالهه ٿي ٻڌائي، تڏهن مان خيال ٿي ڪيو، ته تو صحيح حقيقت ٻڌائي آهي..... پر ڇو، مان اُن کي سمجهي نه ٿو سگهان؟“ مان ڪنهن چڱي ڪارڻ لاءِ ايئن ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جنهن کي هيءَ سڄي خبر هجي ها، جيئن مان، جنهن سڀني نوٽن کي اڳ ۾ ڏٺو هجي ۽ پاڻ ئي لفافي ۾ وڌو هجي، جنهن، اُن کي مهر ٿيندي ۽ اُن تي ائڊريس کي لکندي ڏٺو هجي، اِهڙو ماڻهو جيڪڏهن خون ڪري ٿو، ته اِهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙي ضرورت هئي، ته هو پوءِ لفافي کي ڦاڙي ها، سو به اُن نااُميديءَ جهڙي تڪڙ ۾، ۽ اِهو ڄاڻندي به ته نوٽ اُن لفافي ۾ ضرور هوندا. نه جيڪڏهن ڪو مون جهڙو ڦورو هجي ها، ته هو سنئون سڌو لفافي کي کيسي ۾ رکي، جيتري قدر ٿي سگهي ها، تڪڙو تڪڙو هليو وڃي ها. پر دمتري فيودورپاولووچ جو معاملو ئي ٻيو هو، کيس ٻڌل ڳالهين تي لفافي جي خبر هئي. هن اڳ ۾ ان کي ڏٺو ئي ڪونه هو. جيڪڏهن هيءُ اُن کي ملي وڃي ها، مثال طور وهاڻي جي هيٺان ته هو اُن کي ڦاڙي ها، ۽ اهو خيال ئي نه ڪري ها ته ايئن ڪندي مٿس ثابتي ٿي جڙي. ڇاڪاڻ ته هـُـو عادي چور نه هو ۽ نه وري اڳ ۾ ڪا چوري به ڪئي هئائين. هو ڄمندي سکر ماڻهو آهي. پر جيڪڏهن هو چوريءَ لاءِ تيار ٿئي ها، ته رواج موجب چوري نه هجي ها. ڇاڪاڻ ته هو جو ڪجهه کڻي ٿي ويو، سو سندس ئي هو، هن سڄي شهر کي اڳ ۾ ئي پنهنجو مقصد ٻڌائي ڇڏيو هو، ۽ هـُـن وڏي واڪي ماڻهن کي منٿ ٿي ڪئي ته هو ويندو ۽ پنهنجي ملڪيت فيودور پاولووچ کان وٺندو. منهنجي جڏهن آڏي پڇا پئي ٿي، ته مان پراسيڪيوٽر (جاچ ڪندڙ عملدار) جي منهن ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
پر ايئن ٿي سگهيو پئي ته اِهي سڀئي ڳالهيون اُن موقعي تي تو سوچيون هيون؟ پنهنجي عجب تي قبضو ڪندي، ايون کيس للڪاريو. هن سميرڊياڪوف کي وري خوف مان ڏٺو.
اسان جي مٿان خدا رحم فرمائي! ڇا اُن نااُميديءَ جهڙي تڪڙ ۾ ڪو ايئن سوچي به سگهي ٿو؟ هيءُ سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي سوچيو ويو هو.
”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي... اِهو شيطان هو، جنهن تنهنجي مدد ڪئي آهي!“ ايون وري رڙ ڪري چيو، ”نه، تون بيوقوف نه آهين، مون جيئن خيال ٿي ڪيو، تون اُن کان وڌيڪ سياڻو آهين......“
هو پريشانيءَ مان اُٿي بيٺو، سندس اِرادو هو ته ڪمري جي آرپار گهمي، هو خطرناڪ غم ۾ مبتلا هو، پر ميز سندس رستي کي روڪي ڇڏيو هو، ميز ۽ ڀت جي وچ ۾ مشڪل سان رستو هو، جنهن کان هو گذري سگهي. هو جنهن جاءِ تي بيٺو، اُتي فقط چوڌاري ڦري ٿي سگهيو ۽ ويهي رهيو. شايد چـُـرڻ پـُـرڻ جي مشڪل وري کيس جوش ۾ آڻي وڌو. هن اوچتو رڙ ڪئي، جا اڳي جهڙي ڪاوڙ واري هئي.
”بدنصيب ۽ ويرن سان ڀريل انسان ڌيان ڏيئي ٻڌ! تون اِهو سمجهي نه ٿو سگهين، ته مان توکي فقط اِنهيءَ لاءِ قتل نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته مان توکي سڀاڻي ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ جيئرو رکان ته جيئن اُتي جواب ڏئي سگهين، خدا ڏسي ٿو.“ ايون پنهنجي هٿ کي مٿي کنيو. ”شايد مان پڻ گنهگار هوندس. شايد سچ پچ، منهنجي اندر ۾ پنهنجي پيءُ جي موت لاءِ منهنجي خواهش هجي، پر مان قسم کڻي ٿو چوان ته ايترو ڏوهي نه هيس، جيئن تون سمجهين ٿو. ان لاءِ مان توکي ڪو به ڏوهه نه ڏيندس. نه، نه مان هن تي ڪو به زور نه ڏيندس. پر اُن جي پرواهه نه آهي، مان سڀاڻي ڪيس ۾ پنهنجي خلاف پنهنجو بيان ڏيندس. مان اُن جو پورو اِرادو رکان ٿو. مان سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس. پر اَسان ٻنهي کي گڏجي پيش ٿيڻ گهرجي. ڪيس ۾ جو ڪجهه به توکي خلاف چوڻو هجي، چئي ڏج، مان اُن کي منهن ڏيندس. مان توکان ڪو نه ٿو ڊڄان. مان پاڻ هرهڪ ڳالهه کي قبول ڪندس! پر توکي به قبوليت ڏيڻ گهرجي، ضرور ضرور اسان ٻنهي کي گڏجي وڃڻ گهرجي، پوءِ ڪجهه به ٿئي.“
ايون هيءُ لفظ نهايت: گنڀيرائي ۽ محڪم فيصلي سان چيا. سندس تلي وارين اکين مان به ايئن پئي معلوم ٿيو ته ايئن ئي ٿيندو.
تون بيمار آهين، مان ڏسان ٿو ته تون بلڪل بيمار آهين. تنهنجون اکيون هيڊيون ٿي ويون آهن. سميرڊياڪوف بنا ڪنهن مذاق جي تشريح ڪندي چيو. سندس چهري مان همدردي صاف ٿي نظر آئي. اسان گڏجي هلنداسون، ايون وري دهرايو، ”جيڪڏهن تون نه ٿو هلين ته پرواهه نه آهي، مان اڪيلو ويندس.“
سميرڊياڪوف دم ورتو، ڄڻ ته هو سوچي رهيو هو.
اِهڙيءَ ريت ڪجهه به ٿي نه سگهندو، تون ڪونه ويندين.“ آخر ۾ هو زور ڏيندي، اُن پڄاڻيءَ تي آيو.
”تون مون کي سمجهي نه ٿو سگهين.“ ايون کيس ملامت ڪندي چيو.
تو جيڪڏهن اِها سڄي قبوليت ڏني، ته بيحد شرمندو ٿيندين. اُن کان وڌيڪ، هن مان ڪو به فائدو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مان سنئون سڌو چوندس ته تو سان اِهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ تون بيمار آهين (تون ڏسڻ ۾ به ايئن ٿو اَچين) يا ته توکي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ ايڏو ڏک آهي، ته تون اُن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي قرباني ڏيئي رهيو آهين ۽ سڀئي ڳالهيون تو منهنجي خلاف جڙتو ٺاهيون آهن، ڇاڪاڻ ته تو هميشه مون کي مک کان به ڪمزور پئي سمجهيو آهي، پوءِ توتي ڪير اعتبار ڪندو؟ تو وٽ هڪ به ثابتي ڪهڙي آهي؟“ ٻڌ تو مون کي اعتبار ڏيڻ لاءِ، هاڻي نوٽ ڏيکاريا هئا.
سميرڊياڪوف، اُن ڪتاب کي کنيو، جنهن ۾ نوٽ پيا هئا ۽ اُن کي ٻي طرف رکيائين. تون اِهي پيسا پاڻ سان کڻي وڃ. ”سميرڊياڪوف ٿڌو ساهه کڻندي چيو“. بيشڪ مان انهن کي کڻي ويندس، پر تون مون کي اُهي ڇو ڏئي رهيو آهين، جڏهن ته تو خون انهيءَ رقم جي لالـچ ۾ ڪيو آهي؟
”ايون سخت اَچرج مان کيس ڏٺو“، ”مون کي اِها نه کپي“ سميرڊياڪوف ڏڪندڙ آواز ۾ صاف طرح چيو جنهن ۾ انڪار جو زور هو. مون کي خيال هو ته مان هن رقم سان ماسڪو يا ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ پنهنجي نئين حياتي جو آغاز ڪندس. مان اُن جو خواب لهي ٿي سگهيس، خاص طرح ڇاڪاڻ ته سڀئي ڳالهيون قانون جي حد اَندر هيون. اِهو سڀ صحيح هو، جو تو مون کي سيکاريو هو، ڇو ته تو مون سان اُن باري ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهايو هو. نه اخلاق کي اهميت آهي نه وري ان جي ڪا ضرورت آهي. تون هن ۾ صحيح هئين. مان به اُنهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان.
”تون اِنهيءَ فيصلي تي پاڻ آيو آهين؟“ ايون مشڪندي، مطمئن آواز ۾ کانئس پڇيو.
” هاڻي تون خدا ۾ يقين ٿو رکين، جو تون مون کي رقم موٽائي ٿو ڏئين؟“
”نه، نه، اِيئن نه آهي“ هن آهستي ڀڻڪندي چيو.
تڏهن موٽائي ڇو ڏئي رهيو آهين؟
”هن کي ڇڏ، اِهو ڪافي آهي.“ سميرڊياڪوف وري پنهنجي هٿ کي لوڏيو، ”تون هميشه پاڻ ئي چوندو هئين ته سڀ ڪا شيءِ قانون موجب آهي، سو هاڻي تون ايترو پريشان ڇو آهين؟ تون پنهنجي خلاف به شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار آهين...... ۽ اُن مان ڪجهه به نه ٿيندو، تون پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ ڪونه ويندين؟“
سميرڊياڪوف معاملي کي طئي ڪندي چيو.
”تون ڏسندين!“ ايون کيس چيو.
”هيءُ ٿي ئي نه ٿو سگهي!“ تون بيحد سياڻو آهين. تون پيسي جو شوقين آهين. مون کي اُن جي خبر آهي. تون چاهيندو آهين ته توکي عزت ملي. ڇاڪاڻ ته تون بيحد مغرور آهين، تون زناني ادائن جو حد کان گهڻو خواهان رهندو آهين، تون سڀ کان وڌيڪ هيءُ پسند ڪندو آهين، ته تنهنجي زندگي آرام سان گذري ۽ ڪنهن ٻي تي تنهنجو آسرو نه هجي - اِها ئي ڳالهه آهي، جنهن جي تون خبرداري ڪندو آهين. تون ڪڏهن به اِهڙي تڪليف پنهنجي مٿان، آڻي پنهنجي زندگيءَ کي هميشه لاءِ خراب نه ڪندين. تون فيودور پاولووچ وانگر آهين، سندس سڀني ٻارن مان. فقط تنهنجي ئي، اُن سان مشابهت ٿي سگهي ٿي. تو وٽ به اُهو ئي روح آهي، جو اُن وٽ هو.“
”تون بيوقوف نه آهين.“ ايون کيس چيو، مٿس وڏو اثر پيل ٿي ڏٺو ۽ خون سندس چهري ۾ ڊوڙي ويو. تون هاڻي سنجيده آهين، هن سميرڊياڪوف ڏي اوچتو عجيب ڪشمڪش سان نهاريندي چيو.
”اِهو ئي ته تنهنجو غرور هو، جو تو مون کي مغرور ٿي سمجهيو، رقم کڻي وڃ.“
ايون، نوٽن جي ٽنهي ٿهين کي کنيو ۽ اُنهن کي ڪنهن به شيءِ ويڙهڻ کان اڳ کيسي ۾ وڌو ۽ چيائينس ته: ”مان هيءُ سڀاڻي ڪورٽ ۾ ڏيکاريندس.“
”ڪو به توتي اعتبار نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته تو وٽ اڪيچار دولت آهي. تو فقط پنهنجي ٽجوڙيءَ مان هـُـن کي ڪڍي، ڪورٽ ۾ آندو آهي.“
ايون پنهنجي جاءِ تان اُٿيو.
”مان وري به توسان هيءَ ڳالهه دهرايان ٿو، ته مان توکي قتل نه ڪيو آهي، اُن جو سبب هيءُ آهي، ته سڀاڻي تنهنجي ڪورٽ ۾ ضرورت پوندي، هيءَ ڳالهه ياد رک ۽ اُن کي نه وسار.“ ”ٺيڪ آهي، هاڻي ئي مون کي ماري ڇڏ.“ سميرڊياڪوف اوچتو عجيب نگاهن سان ايون کي ڏسندي چيو. ”توکي، ان جي به همٿ نه ٿيندي. هن چڙ ڏياريندڙ مشڪڻ سان کيس چيو، توکي ڪنهن به شيءِ جي ڪرڻ جي همٿ نه ٿيندي. تون جو نهايت همٿ وارو هئين؟“
”سڀاڻي ڏسبو“ ايون رڙ ڪري چيو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ چـُـريو.
”گهڙي ترس...... مون کي اِهي نوٽ ڏيکار!“
ايون نوٽن کي ڪڍيو ۽ کيس اُهي ڏيکاريائين. سميرڊياڪوف ڏهن سيڪنڊن لاءِ انهن کي ڏٺو.
هٿ کي لوڏيندي، هن کيس چيو هاڻي تون وڃي سگهين ٿو، هن وري کيس سڏ ڪيو، ”ايون فيودورپاولووچ! توکي ڇا کپي؟“ ايون ترسڻ کان سواءِ پوئتي مڙيو.
”خدا حافظ!“
سڀاڻي تائين، ايون زور سان چيو ۽ جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويو.
برف جو طوفان اَڃا لڳي رهيو هو. هو پهريائين ٿورا قدم نهايت همٿ سان اڳتي وڌيو، پر اوچتو ڏڪڻ لڳو. هو غير محدود پختگيءَ سان آشنا ٿي چـُـڪو هو. هـُـو اُن تذبذب حالت کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، جا گهڻي وقت کان کيس عذاب ڏئي رهي هئي. هن پنهنجو فيصلو ڪري ورتو هو، ۽ اهڙي اُن ۾ ڪا به تبديلي اَچڻ واري نه هئي. هو پنهنجي نجات تي خيال ڪندو رهيو. ايتري ۾ هو ڪنهن شيءِ جي مٿان وڃي ڪريو، هو ٿورو ترسيو. هن پنهنجي پير لڳڻ سان محسوس ڪيو ته جنهن ڪڙمي کي هن ڌڪ هڻي هيٺ ڪيرايو هو. سو اَڃا بيهوش ۽ بنا ڪنهن چرپر جي پيو هو. برف سندس سڄي منهن کي ڍڪي ڇڏيو هو، ايون کيس مٿي کنيو ۽ پنهنجي ڀاڪر ۾ ورتو. رستي جي سڄي پاسي ۾ هڪ گهر ۾ روشني ڏسي، هو اوڏانهن ويو ۽ اُن کي کڙڪايائين. گهر جي مالڪ کي چيائين ته هو اُن ماڻهو کي پوليس جي ٿاڻي تائين کڻائڻ ۾ مدد ڪري، جنهن لاءِ هو کيس ٽي روبل ڏيندو. هو ماڻهو تيار ٿي ويو ۽ ٻاهر آيو، مان اِهو تفصيل سان بيان نه ڪندس، ته ايون ڪيئن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اُن ڪڙميءَ کي پوليس ٿاڻي تي پهچايائين ۽ ڊاڪٽر جو انتظام ڪيائين ته اُن کي هڪدم اچي ڏسي. اُن لاءِ هن پنهنجي ڪشاده دستي کي بهتر ريت ڏيکاريو. پر مان فقط اِهو ٻڌائيندس ته اِن سڄي ڪم ۾ کيس ڪلاڪ لڳي ويو ۽ کيس تسلي اچي وئي، سندس دل مسلسل طرح ڀٽڪندي ۽ ڪم ڪندي رهي.
”جيڪڏهن مان پنهنجو فيصلو سڀاڻي لاءِ پختگي سان نه ڪريان ها، هن تسليءَ سان سوچيو، ته مان جيڪر سڄو ڪلاڪ هي ڪڙميءَ جي سنڀال ۾ صرف نه ڪريان ها، ته پوءِ شايد سندس حالت جي ڪا به پرواهه نه ڪريان ها، مان مڪمل طور پاڻ تي ضابطي قائم رکڻ لائق بڻجي ويو آهيان.“ هن ساڳي وقت وڏي تسليءَ سان خيال ڪيو، ته هنن کي ڏسو، جي منهنجي لاءِ چون ٿا ته مان ديوانو بڻجي ويو آهيان.
جيئن ئي هو پنهنجي گهر ۾ آيو ته ڪجهه وقت لاءِ ترسيو. پاڻ کان پڇڻ لڳو، چڱو ايئن نه ٿيندو ته هڪدم پوليس جي جاچ ڪندڙ عملدار وٽ وڃي، اُن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي. هن هيءُ فيصلو گهر کي پٺ ڏيندي ئي ڪري ورتو، سڀاڻي سڀئي ڳالهيون گڏجي ٿينديون، هو پاڻ سان ڀڻڪيو، هيءَ عجب جي ڳالهه هئي، جو سندس سڄي خوشي ۽ تسلي، هڪ وقفي ۾ کانئس گذري وئي.
جڏهن هو پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو، ته هن دل تي برف جهڙي شيءِ کي محسوس ڪيو. اُها يادگيري وانگر هئي يا اَڃا به ڪنهن يادنامي وانگر جا ڏک ڏيندڙ ۽ بغاوت جهڙي هئي. جا سندس ڪمري تي قبضو ڪري چڪي هئي ۽ اڳ به موجود هئي. هو ٿڪجي صوفي تي ڪري پيو. پوڙهي وٽس سهاور کڻي آئي. چاءِ ٺاهيائين پر اُن کي چکيائين به نه. هو صوفي تي ويٺو ۽ پاڻ کي منجهيل سمجهڻ لڳو. هن محسوس ڪيو، اُها يادگيري وانگر هئي يا اَڃا به ڪنهن کي خبر نه هئي ته هو بيمار آهي ۽ بيوس. هو ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهيو، پر بي آرامي ۾ اُٿيو ۽ ڪمري ۾ آرپار گهمڻ لڳو ته جيئن سندس پريشاني ختم ٿئي. اُن وقت هو سمجهڻ لڳو ته هو بدحواسيءَ ۾ مبتلا آهي. جا بيماري ته نه هئي. جيئن هن سمجهيو ٿي. هن وري ويهڻ سان چوڌاري نهاريو، ڄڻ ته ڪنهن شيءِ کي ڳولهي رهيو آهي. اِهڙي حالت مٿس ڪئي ڀيرا آئي. آخر سندس اکيون هڪ مرڪز تي بيهجي ويون.
ايون مشڪيو پر سندس صورت، ڪاوڙ کان سرخ ٿي وئي. هو ڪيتري وقت تائين اُن جاءِ تي پيو رهيو ۽ آخر پنهنجي مٿي کي هٿن ۾ ورتائين ۽ تند نگاهه سان، جيتوڻيڪ اُن مرڪز ڏي نهاري رهيو هو، جتي صوفو رکيل هو. پر وري مـُـنهن ڦيرائي ڀت ڏي ڪيائين. معلوم پئي ٿيو ته اُتي ڪا اِهڙي شيءِ آهي، جا کيس بي آرام بڻائي چڙ ٿي ڏياري.

باب نائون: شيطان: ايوَن جو رات وارو خواب

”مان ڊاڪٽر ته نه آهيان، پر اُن هوندي به مان محسوس ٿو ڪريان ته اُها گهڙي اَچي وئي آهي، ته مان ايون جي بيماري جي نموني بابت پڙهندڙ کي اَٽل حقيقت ٻڌايان، واقعن جي ذڪر کان اڳ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ٻڌائڻ گهران ٿو. مٿس اُن گهڙي ۽ اُن شام جو مغز جي بيماري (مغز جو بخار) جو حملو پئي ٿيو. جيتوڻيڪ سندس صحت تي گهڻي وقت کان اَثر ٿي پيو ۽ هن، اُن تپ لاءِ غير معمولي برداشت جي قوت جو مظاهرو ٿي ڪيو، جو آخر ۾ مٿس قابض ٿي ويو. جيتوڻيڪ مون کي طب جي ڪابه ڄاڻ نه آهي، پر مان هيءُ خطرو کڻي، جوکي واري حقيقت پيش ڪريان ٿو، ته هيءُ سچ پچ پنهنجي قوت اِرادي جي خطرناڪ ڪوشش سان اُن حملي کي ٿوري وقت لاءِ ترسائيندو ٿي رهيو. فقط اِنهيءَ اُميد سان، هو مڪمل طرح اُن تي قبضو حاصل ڪري وٺندو. کيس خبر هئي ته هو ناخوش آهي، پر هن اُن خطرناڪ وقت ۾ بيمار هئڻ واري خيال کي نفرت سان ڏٺو. اُن وقت، جو سندس زندگيءَ جي مصيبتن جو دور هو، ۽ هن چاهيو ٿي ته سندس سڀئي هواس سندس قبضي ۾ هجن. ايئن کڻي چئجي ته هن نهايت همٿ ۽ پختگيءَ سان ڄڻ چيو ٿي ته پاڻ کي پاڻ سان ئي تورڻ گهرجي.“
ان هوندي به هن نئين ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو هو. جو ڪيٽرينا ايونونا پنهنجي والهانه غرض لاءِ ماسڪو کان گهرايو هو، جنهن جو مٿي مان ذڪر ڪري آيو آهيان. ڊاڪٽر اُن کي ٻڌڻ ۽ جاچڻ کان پوءِ، هن نتيجي تي آيو هو ته هو سچ پچ دماغ جي بدانتظاميءَ جو بيمار آهي. ايون وٽس جا به حقيقت ٻڌائي هئي، اُن کان هو ڪنهن به عجب ۾ نه آيو هو، تنهن حالت ۾ تصور جو فريب پورو نظر ٿو اچي، ڊاڪٽر پنهنجي راءِ ڏني، جيتوڻيڪ چڱو ٿيندو ته اُن کي جاچي ڏسجي...... توکي هن لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجي. اُن ۾ هڪ گهڙيءَ جي به دير نه پوڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ تولاءِ حالتون خراب ٿي پونديون. پر ايون سندس واضح صلاح جي پٺڀرائي نه ڪئي ۽ هن پاڻ کي آرام ڏيڻ لاءِ بستري تي نه آندو. ”مان هيڏي هوڏي گهمان ٿو، جنهن مان سمجهان ٿو ته مان ڪافي طاقتور آهيان. جڏهن مان ڪريس ته اُها ٻي شيءِ ٿيندي. اُن وقت جنهن کي وڻندو، منهنجي تيمارداري ڪندو.“ هـُـن اُن مضمون کي موقوف ڪندي پنهنجو فيصلو ڏنو.
هو پنهنجي پريشانيءَ کان پوري ريت پاڻ خبردار ويٺو هو. جيئن مان اڳ ۾ چيو آهي. هو ڪنهن شيءِ کي صوفي تي، جو ڀت جي ڀرسان رکيو هو، چتائي نهاري رهيو هو، کيس نظر آيو ته ڪو ماڻهو اُتي ويٺو آهي. خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته هو اَندر ڪيئن گهڙي آيو هو. جڏهن ته هـُـو اُن وقت هيو ئي ڪونه، جڏهن ايون، سميرڊياڪوف سان ملي، موٽي آيو هو. هيءُ ماڻهو، جيڪڏهن صحيح ريت ٻڌايو وڃي ته خاص نموني جو روسي سکر ماڻهو ٿي ڏٺو، هو نوجوان ته نه ٿي ڏٺو، پر فرينچ چوڻيءَ موجب، وٽس رت ۽ پت هئي. سندس ڊگها، گهاٽا ۽ ڪارا وار هئا ۽ نوڪدار ڀوري ڏاڙهي. کيس خاڪي رنگ جو جئڪيٽ پهريل هو، جو ڪنهن چڱي درزيءَ جو سبيل ٿي ڏٺو، جيتوڻيڪ اُن جو رواج ٽن سالن کان گهٽجي ويو هو، جو ڪنهن خوش پوش ۽ تيز طبع ماڻهن، ٻن سالن کان اُن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو، سندس قميص ۽ ڳـچيءَ ۾ پيل رومال، جو سندس ڳچيءَ ۾ نيڪٽاءِ وانگر ٿي ڏٺو، اِهڙا هئا، جي فيشن وارا ماڻهو پهريندا آهن، پر ويجهو وڃڻ سان خبر ٿي پئي ته قميص صاف نه هئي ۽ سندس ڳچيءَ مان تندون نڪري آيون هيون. ملاقاتي جو پجامون چيڪ جو هو، ۽ عمدو سبيل هو، جنهن جو رنگ هلڪو ۽ موجوده فيشن جي نسبت نهايت تنگ هو. سندس نرم ۽ نازڪ ۽ اڇي هيڊ (ٽوپي) موسم جي خلاف ٿي ڏٺي.
مختصر طرح ته سندس هرڪو ڏيک ويک سڌي طرح سکر ماڻهوءَ جهڙو هو، ايئن معلوم پئي ٿيو، ته هو بيڪار زميندارن جي درجي مان آهي، جيڪي غلامي جي دور جي پيداوار ٿين ٿا. هيءُ غلطيءَ کان سواءِ چئي سگهجي ٿو ته هو ڪنهن چڱي وضعدار سماج ۾ ٿي رهيو. جنهن سان سندس گهاٽا تعلقات هئا، جن کي هو اڃا تائين برقرار رکندو ٿي آيو. پر پنهنجي خوشنما جوانيءَ کان پوءِ آهستي آهستي غلامي جي منزل کان گذري چڪو هو. پنهنجي نيڪ دوستن، هڪ کان ٻي تائين ڀٽڪي رهيو هو ۽ سندن صحبت ۾ پنهنجي رهڻ خاطر وٽن پئي ٿي ڦريو. پر هو آخر ته سکر ماڻهو هو، اُن ڪري هر ڪو ماڻهو کيس ويهڻ لاءِ جاءِ ڏئي رهيو هو. هن قسم جي سازگار طبعيت وارو ماڻهو ۽ ٻين تي آڌار ڪرڻ وارا، يا ته ڪا آکاڻي ٻڌائيندا آهن يا جوا کيڏندا آهن. هو ٻين فرضن کان پنهنجي بيزاري ڏيکاريندا آهن. جڏهن ڪي مٿن عائد ڪيا ويندا آهن. هيءُ گهڻو ڪري تنهائي پسند يا ته ڪنوارا هوندا آهن يا رنڙ. ڪڏهن ڪڏهن کين ٻار به هوندا آهن. جيڪڏهن ايئن هوندو آهي، ته هو پنهنجي ٻارن کي دور رکندا آهن ۽ پڦيءَ يا ماسيءَ وٽ ڇڏيندا آهن. جن کي هيءُ سکر ماڻهو ڪڏهن به چڱي سماج ۾ اِشاري سان به ظاهر نه ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين هن تعلق کان شرم ايندو آهي. آهستي آهستي هو پنهنجي ٻارن کي به وساري ويهندا آهن. جيتوڻيڪ هنن وقفن ۾ وٽن، سندن سالگرهه ۽ ڪرسمس جا ڪارڊ به پهچندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن کڻي کين جواب ڏيندا آهن.
اُميد جي خلاف ملاقاتيءَ جو چهرو، ڪنهن چڱيءَ طبعيت واري جو ته نظر نه ٿي آيو، جنهن مان سازگار ۽ موقعي شناس لڪيرون صاف نظر ٿي آيون. کيس گهڙي ته ڪانه هئي، پر کيس ڪاري ڌاڳي سان ڪڇونءَ جي خول جهڙي عينڪ ضرور هئي. سندس سڄي هٿ جي وچين آڱر ۾ سون جي منڊي هئي، جنهن ۾ ڪو نقلي پٿر پيل هو.
ايون ڪاوڙ مان خاموش هو ۽ هن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو. ملاقاتي بلڪل ڏورانهين رشتي وانگر خاموش ويٺو هو ۽ ڄڻ ته پنهنجي ڪمري مان ميزبان وٽ چاءِ پيئڻ لاءِ آيو هو، هو ڏسي رهيو هو ته سندس ميزبان جـَـڪ کائي رهيو آهي ۽ بيزار آهي. پر هو ڪنهن به گفتگو کي خوش خلقيءَ سان ڪرڻ لاءِ تيار هو، فقط دير هئي ته ميزبان اُن کي شروع ڪري. اوچتو، سندس چهري مان عجيب خاموشيءَ جو اظهار ٿيڻ لڳو.
”مان چوان ٿو، هن ايون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته مون کي معاف ڪر مان توکي فقط هيءُ ياد ڏيارڻ گهران ٿو.“ هن ايون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته ”مون کي معاف ڪر مان توکي فقط هيءُ ياد ڏيارڻ گهران ٿو ته تون سميرڊياڪوف ڏي اِنهيءَ لاءِ ويو هئين، ته ڪيٽرينا ايونونا جي باري ۾ پڇا ڪرين، پر تون ڪنهن به اِهڙي حقيقت پڇڻ کان سواءِ هليو آئين، شايد تو اُن کي وساري ڇڏيو هو.....“
”هائو، ايون جواب ڏنو ۽ سندس چهرو بي آراميءَ کان اُداس بڻجي ويو. هائو، مون کان اِهو وسري چڪو هو......... پر اُن جي پرواهه نه آهي. خيال نه ڪر سڀاڻي. هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو ۽ تون.......“ هن ملاقاتيءَ کي خطاب ڪندي چيو ته مان هن ڳالهه کي منٽ ۾ ياد ڪري وٺان ها. ۽ اِها ئي ڳالهه ته هئي. جا مون کي هاڻي عذاب ڏيئي رهي هئي. تون ڇو ٿو، هن ۾ دخل اندازي ڪرين. مون کي هن وسهڻ لاءِ موقعو ٿو ڏئين ته ڄڻ ته تون مون کي اُن جي يادگيري ڏياري رهيو آهين ۽ ڄڻ ته مون کي اِها ڳالهه ياد ئي نه آهي.
تڏهن ته هن تي ويساهه نه آڻ. اُن سکر ماڻهو، مشڪندي، دوستاڻي نموني چيو. تنهنجي اِرادي جي خلاف ويساهه مان ڪهڙو فائدو؟ اُن کان سواءِ، ثابتين جي هوندي ويساهه مان ڪهڙو فائدو؟ خاص ڪري مادي ثابتيون. ٿامس اِنهيءَ لاءِ ويساهه نه ڪيو هو، ته هن حضرت مسيح کي اُٿندي ڏٺو هو، پر ڇاڪاڻ ته هن کي ويساهه آڻڻو هو، اُن ڪري ڏسڻ کان اڳ ۾ ئي هـُـن ايمان آندو هو. مثال لاءِ روحانيت وارن ڏي نهار،......... مان اُنهن جو ارادتمند آهيان..... فقط اِهو اچرج لڳندو اٿم ته سندن تصور هوندو آهي، ته هو مذهب جي خدمت ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته شيطان کين ٻي دنيا مان پنهنجا سـِـڱَ ڏيکاريندو رهندو آهي. جنهن کي هو چون ٿا ته مادي ثابتي. عقبيٰ ۽ مادي ثبوت وڌيڪ ٻيو ڇا کپي! جيڪڏهن اوهان هن ڳالهه تي ايندا ته شيطان جو وجود آهي، ته پوءِ اوهان کي خدا کي ثابت ڪرڻو پوندو ۽ مڃڻو پوندو ته خدا آهي؟ ”مان با اُصول جماعت ۾ شامل ٿيڻ گهران ٿو. مان اُن ۾ مخالفت اختيار ڪندس. مان اُنهن کي چوندس ته مان حقيقت پسند آهيان ۽ ماده پرست نه آهيان. ها. ها.“
ايون اوچتو پنهنجي جاءِ کان اُٿيو ۽ چيائينس، ”ڌيان ڏيئي ٻڌ، مان هذيان ۾ مبتلا آهيان.“
”بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي مان هذيان ۾ ورتل آهيان..... توکي جيئن وڻي، تيئن ويٺو ڳالهاءِ، مون لاءِ سڀ ڳالهه برابر آهي، اڳي وانگر مون کي تون جوش ۾ آڻي نه سگهندين، جيئن پوئين ڀيري تو ڪيو هو. پر مون کي ٿوري گهڻي ندامت ٿئي ٿي...... مان ڪمري ۾ گهمڻ ٿو گهران. مان توکي ڪنهن وقت ڪو نه ٿو ڏسان ۽ نه وري تنهنجو آواز ٿو ٻڌان. جيئن اڳئين ڀيري ٿيو هو. پر مان هميشه ايئن محسوس ڪيو آهي، ته تون ڪهڙي ريت ڌوڪو ٿو ڏئين. ڇاڪاڻ ته مان ئي آهيان جو ڳالهائي رهيو آهيان، نه تون. فقط مون کي اها خبر نه ٿي پوي، ته پوئين دفعي ايئن ته نه هو ته مان خواب ڏسي رهيو هوس، يا سچ پچ. مون توکي ڏٺو به هو، مان ٽوال کي تـَـر ڪندس ۽ مغز تي رکندس. پوءِ شايد تون هوا ۾ غائب ٿي ويندين.“
ايون ڪنڊ ۾ ويو. ٽوال کي کنيائين ۽ جيئن چيو هئائين، تيئن ڪيائين. اُن آلي ٽوال کي مٿي تي رکي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ لڳو.
مون کي بيحد خوشي ٿي ٿئي، ته تون مون سان ويجهڙائي واري هلت وٺي رهيو آهين. ملاقاتي چيو، ”بيوقوف!“ ايون کليو. تون سمجهين ٿو ته مان رسم ۽ رواج ۾ توسان شامل ٿيندس. مان هاڻي پوري سمجهه ۾ آهيان، جيتوڻيڪ مون کي پيشانيءَ ۾ اڃا سور آهي..... مٿي جي چوٽيءَ ۾...... مهرباني ڪري فقط فلسفا نه ڳالهاءِ، جيئن اڳئين ڀيري ڪيو هو ۽ جيڪڏهن تون ڳالهائڻ کان پاڻ کي روڪي نه ٿو سگهين، ته ڪا وندرائيندڙ ڳالهه ٻڌاءِ، ڪا گپ بازي جي ڳالهه ٻڌاءِ، توسان ايڏو ته تعلق نه اٿم، اُن ڪري توکي گپ بازي ئي ٻڌائڻ گهرجي. ڪهڙو نه خواب آهي! پر مان توکان ڊڄان نه ٿو. توتي قبضو ڪري وٺندس. مون کي چرين جي اسپتال ۾ ڪونه وٺي ويندا.
”هيءَ نهايت وندرائيندڙ ڳالهه آهي، ته گهاٽو تعلق نه آهي. هاڻي مان پنهنجي فطرتي صورت ۾ آهيان. ڇاڪاڻ ته زمين تي منهنجا سادا لاڳاپا ئي هوندا نه؟ جنهن طرح مان توڏي ڌيان ڏيئي رهيو آهيان، مون کي عجب ٿو لڳي ته مون کي حقيقت سمجهي رهيو آهين. هيءُ تنهنجو فقط عجب نه آهي، پر اڳئين ڀيري به تو ايئن ئي ڪيو هو.“
ايون ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو، ته ”مان توکي هڪ گهڙيءَ لاءِ به حقيقت نه ٿو سمجهان، تون سڄو ڪوڙ آهين ۽ منهنجي بيماري آهين ۽ هڪ وهمي صورت آهين. مون کي فقط اِها خبر نه ٿي پوي ته توکي ڪيئن برباد ڪريان ۽ مان ڏسان ٿو ته اُن ڪري، مون کي ڪجهه وقت ڀوڳڻو پوندو. تون فقط منهنجي نظر جو ڌوڪو آهين. تو منهنجي صورت اختيار ڪئي آهي، پر منهنجو فقط هڪ پاسو آهين........ منهنجي فڪر ۽ جذبات جو...... پر اُنهن مان به فقط منهنجي شرير ۽ بيوقوفي وارين حرڪتن سان واسطو ٿو رکين. ڪنهن به راءِ جي نقطه نظر کان، تون منهنجي لاءِ دلچسپي جو سبب هجين. پر ايترو مون کي وقت هجي، جو مان تنهنجي لاءِ وڃائي سگهان......“
ون کي معاف ڪر، مون کي معاف ڪر، مان توکي شڪ شبهي کان ٻاهر ٿو آڻيان. ٿورو وقت ٿيو تو رستي جي فانوس جي هيٺان، اَڄ شام جو اليوشا کي واڪو ڪري چيو هو، ته اُن وقت به منهنجو خيال ٿي ڪيو. هيءُ سڀ ڪجهه تو اُن کان سکيو آهي. توکي ڪهڙي خبر ته هو مون سان ڪيئن ملندو آهي. اُن ڪري هڪ مختصر گهڙيءَ لا، تو ائين چيو ٿي ته منهنجو وجود آهي. هو سکر ماڻهو زور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳ و.
”هائو، اُها ڪمزوريءَ واري گهڙي هئي..... پر مان تو ۾ ڪو به اعتبار نه ٿو آڻيان. اڳئين ڀيري، مون کي اِها به خبر نه هئي، ته مان جاڳيس ٿي يا ننڊ ۾ هوس. شايد مان اُن وقت خواب ڏسي رهيو هوس. مان توکي سچ پچ ڪونه ڏٺو هو....“
”ٿورو وقت گذريو، تون اليوشا سان، ڇاجي لاءِ ڪاوڙيو هئين؟ هو نهايت عزيز آهي. مربي زوسيما جي مٿان، مان هن سان خراب روش اختيار ڪئي هئي.“
”اليوشا جي بابت ڪجهه نه ڳالهاءِ! توکي اِهڙي همٿ ڪيئن ٿي آهي؟ بيوقوف!“ ايون وري کليو، تو مون کي ڇينڀيو ۽ وري کلي رهيو آهين. اِها چڱي نشاني نظر اَچي رَهي آهي. پر تون اڳين دفعي کان گهڻو مروت وارو نظر اچي رهيو آهين ۽ مان ڄاڻان ٿو، ته ڇو هيءَ تنهنجي عظيم راءِ جي پختگي آهي.
منهنجي فيصلي جي ڳالهه نه ڪر، ايون وحشياڻي طرح کيس چيو.
”مان سمجهان ٿو. مان سمجهان ٿو. تون شاندار ۽ دلڪش انسان آهين. تون پنهنجي ڀاءُ جو بچاءُ ڪرڻ گهرين ٿو ۽ اُن لاءِ پنهنجي قرباني ڏئين ٿو. هيءُ بهادراڻو عمل آهي.....“
تون پنهنجي زبان کي روڪ..... مان توکي لتون هڻي ٻاهر ڪڍندس.
مون کي اُن لاءِ ڪو به ڏک نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ حالت ۾ منهنجو مطلب پورو ٿيندو. جيڪڏهن تون مون کي لتون هڻي ٻاهر ڪڍندين ته اِها منهنجي وجود جي صداقت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڀوتن کي لتون نه هڻندا آهن. مذاق کي ڇڏي، جيڪڏهن مان چوان ته هن جي مون کي پرواهه به نه آهي. جيئن تون چاهين، مون کي ڇينڀ. جيتوڻيڪ توکي مروت ڏيکارڻ گهرجي. بيوقوف ۽ خوشامندي! ڪهڙا نه عجيب لفظ آهن. ”توکي ڇينڀ ڪرڻ سان گويا مان پاڻ کي ڇينڀ ڪريان ٿو.“ ايون وري کليو. ”تون، مان آهيان، فقط چهري جو تفاوت آهي. تو هاڻي چيو ٿي، ته مان ڇا سوچي رهيو آهيان..... مان ان جي لائق ئي نه رهيو آهيان، ته ڪا نئين ڳالهه ڪريان!“
جيڪڏهن مان تو وانگر خيال ڪندو هجان، ته اِها منهنجي نيڪنامي هجي ها، ان سکر ماڻهوءَ، نزاڪت ۽ شان سان چيو. تون فقط بدخيالن کي چونڊين ٿو، جيڪي سڀ بيوقوفيءَ واريون شيون آهن.
”تون بيوقوف ۽ نالائق آهين. تون حد کان گهڻو بيوقوف آهين. نه، مان توسان شريڪ ٿي نه ٿو سگهان.“ ايون ڏند ڪرٽيندي چيو، ته ”مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ منهنجا عزيز دوست، مون کي هڪ سکر ماڻهو واري هلت اختيار ڪرڻ گهرجي، ته اِهڙيءَ ريت پنهنجي وجود کي مڃان. ملاقاتي پنهنجي عزت کي شدت سان گهٽ ڪندي. ساده دلي واري وقار سان چيو، جنهن مان سندس پري جو رشتو نمايان ٿي نظر آيو. مان هڪ غريب آهيان، پر........ مان سڀ ڪجهه ايمانداريءَ سان ته نه ڳالهائيندس، پر......... هيءُ موضوع جو اصول آهي، جو سماج ۾ عام طرح قبول ڪيو ويندو آهي، ته مان هڪ ڪيرايل فرشتو آهيان. مان يقيناً هي باور نه ڪرائيندس، ته مان ڪڏهن فرشتو به هوس. جيڪڏهن مان هيس ته اُن کي گهڻو عرصو گذريو ۽ جيڪڏهن اُن کي ڪو وساري ڇڏي، ته اُن ۾ ڪو نقصان به نه آهي. هاڻي مان فقط اُن شهرت جو انعام حاصل ڪرڻ لاءِ سکر ماڻهوءَ جي حيثيت بڻجي ويو آهيان، جيئن مان زندگي گذاري سگهان ۽ منهنجي ڪوشش آهي، ته ماڻهوءَ جي حيثيت بڻجي ويو آهيان، جيئن مان زندگي گذاري سگهان ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته ماڻهن ۾ مقبول بڻجان. مان انسان کي بنا ڪنهن بناوٽ جي پيار ڪريان ٿو ۽ منهنجي مٿان وڏي تهمت تراشي ڪئي وئي آهي. هيڏي نهار، جڏهن مان توسان وقت بوقت گڏ رهان ٿو، منهنجي زندگي هڪ قسم جي صداقت حاصل ڪري ٿي ۽ اِها ئي شيءِ مون کي سڀ کان محبوب آهي. تون ڏسين ٿو ته مان به اڻ ڍنگائيءَ کان تڪليف ۾ آهيان. ان ڪري مان زمين جي بادشاهت کي پسند ٿو ڪريان. توسان گڏ سڀ ڪا شيءِ، پاڪائي واري، ضابطي اندر ۽ اقليدس اصولن واري آهي. جڏهن اسان وٽ ڪجهه نه آهي، پر اَڻ تڪيل توريل مساوات، مان هتي فقط خوابن واري دنيا ۾ رُلندو وتان ٿو. مون کي خواب جي صورت پسند ايندي آهي. اُن کان سواءِ زمين تي وهمي بڻجي ويندو آهيان. مان هتي سڀ تنهنجون عادتون اختيار ٿو ڪريان. مان عوام جي حمامن ڏي وڃڻ جو شوقين بڻجي ويو آهيان. ڇا توکي هن تي اعتبار ايندو؟ ۽ مان واپارين ۽ راهبن وٽ وڃي روز اَفزون ترقي ڪندو رهندس، مان جو خواب لهندو آهيان، اُن جي صورت، هڪ دفعو هميشه لاءِ بڻجي ويندي آهي. اُها ڪنهن واپاريءَ جي زال جي شڪل ۾ اٽل هوندي آهي، جا ارڙنهن پٿرن (هڪ پٿر ۾ چوڏهن سير ٿين ٿا.) جي تور جي هوندي آهي. ۽ هو ايئن سمجهندو ته هوءَ جو ڪجهه به سمجهي ٿي صحيح آهي. منهنجو دستور هوندو آهي، ته ديول ۾ وڃي، هڪ ساده دل انسان جي اعتقاد موجب، شمع کي پيش ڪريان. منهنجي زبان تي اعتبار ڪر، سچ پچ ايئن ئي هوندو آهي. هنن ڳالهين جي ڪري منهنجون تڪليفون ختم ٿيڻ گهرجن. مون کي ڊاڪٽرن وٽ وڃڻ به پسند ايندو آهي. بهار جي موسم ۾ ماتا جي مرض اچي منهن ڪڍيو. مان هڪ گمنام اسپتال ۾ ويس ۽ پاڻ کي ٽـُـڪا ڏياريم، تون فقط ڄاڻي سگهين ته مان اُن ڏينهن ڪيڏو نه خوش هوس مان سلاف (روسي قوم) کي مدد ڪرڻ لاءِ ڏهه روبل چندو ڏنم..... پر تون ته ڌيان ڏيئي نه ٿو ٻڌين ته تون شايد اَڄ شام جو خوش نه آهين؟ مون کي خبر آهي ته تون ڪالهه ڊاڪٽر ڏي ويو هئين. خير...... تنهنجي صحت ڪيئن آهي؟ ڊاڪٽر توکي ڇا چيو؟ ”بيوقوف“ ايون سندس گفتگوءَ کي ڪاٽيندي چيو.
”پر تون ڪيئن به هجي سياڻو آهين. مون کي تون وري ڇينڀي رهيو آهين؟ مان توکان ڪا به همدردي ته نه ٿو گهران. توکي جواب ڏيڻ جي ضرورت به نه آهي. تون وري بخار جي زد ۾ اچي ويو آهين.“ ”بيوقوف“ ايون وري دهرايو.
”تون ساڳي ڳالهه وري وري چئي رهيو آهين. پر مون کي به گذريل سال اِهڙي قسم جو بخار ٿيو، جو اَڄ تائين مون کي ياد آهي.“
”شيطان کي اِهڙو دماغي بخار!“
ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ ڇو ته مان ڪڏهن گوشت ۽ پوست جو جسم اختيار ڪندو آهيان؟ جڏهن مان اِهڙو جسم اختيار ڪندو آهيان، ته مون کي اُن جي نتيجن لاءِ به تيار رهڻ گهرجي. شيطان به ته انساني مظهر آهي.
ڇا، ڇا، شيطان به انساني مظهر آهي...... اِها شيطان لاءِ ڪا خراب شيءِ نه آهي! مان خوش آهيان ته آخر توکي راضي ڪري وڌو اَٿم.
پر اِهو بخار توکي، مون مان نه لڳو هو؟ ايون چپ ٿي ويو. ائين معلوم پئي ٿيو ته هـُـو ڪنهن شيءِ کان متاثر آهي. هن چيو ته اِها حقيقت ڪڏهن به منهنجي خيال ۾ نه آئي هئي. هيءُ عجيب شيءِ آهي.
”هن ڀيري مان ايمانداريءَ جو پابند رهندس ۽ توکي هر تشريح ٻڌائيندس. ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ! خواب ۾ يا خاص ڪري رات جي ڪنهن ٻي حالت ۾، جا بدهاضمي جي باعث يا ڪنهن ٻي ريت اچي ٿي ماڻهو اِهڙيون صنعت ڪاراڻيون رويائون ڏسي ٿو جي عجيب ۽ غريب حقيقي ٿين ٿيون. اُهي اِهڙا ته طرحين طرحين قسمن جا اُميد جي خلاف واقعا ٿين ٿا، جو مان قسم سان ياد ٿو ڪريان ته خود ليوٽالسٽاءِ، انهن جي پيدا ڪرڻ ۾ عاجز هو، پر اِهڙا خواب، ڪڏهن ڪڏهن لکڻ وارن کي نصيب نه به هوندا آهن، پر نهايت معمولي قسم جا ماڻهو اِهي شيون ڏسندا آهن. جيئن ته آفيسر، صحافي ۽ راهب....... پر هيءُ مضمون پوري ڳجهارت آهي. هڪ سياستدان مون سان قبول ڪيو، ته سچ پچ بهترين خيال وٽس اُن وقت ايندا هئا، جڏهن هو ننڊ ۾ هوندو هو. هاڻي به اِيئن آهي. جيتوڻيڪ مان نظر جو ڌوڪو آهيان، پر خواب جي حالت ۾ به اِهڙيون ته اصليت واريون ڳالهيون ڪري رهيو آهيان، جي اڳي تنهنجي دماغ ۾ اچي نه سگهيون هيون. اُن ڪري مان تنهنجي خيال کي دهرايان نه ٿو. مان ته تنهنجو خواب آهيان ۽ ٻي ڪا شيءِ نه آهيان. تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، تنهنجو مقصد آهي، ته مون کي قائل ڪرين ته تنهنجو وجود آهي. اُن کان سواءِ خواب نه آهي. هاڻي وري تون يقين ٿو ڏيارڻ گهرين ته هيءُ خواب آهي.“
”منهنجا عزيز دوست! مان اڄ خاص طريقو اختيار ڪيو آهي. جنهن جي تشريح مان توکي پوءِ ٻڌائيندس. ترس، مان ڳالهه ڪٽي ڇڏي هئي؟ اڙي هائو. مون کي بخار ٿيو هو، پر هتي نه، ڪنهن ٻي هنڌ.“
”اِهو ٻيو هنڌ ڪهڙو آهي؟ تون مون کي ٻڌاءِ ته هت اڃا ڪيترو وقت رهندين؟ تون وڃين ڇو نه ٿو؟“ ايون نااُميديءَ ۾ چيو. ”هـُـن هيڏي هوڏي گهمڻ ڇڏي ڏنو. هـُـو صوفي تي وري ويهي رهيو، ٺونٺ ميز تي رکيائين ۽ مضبوطيءَ سان ٻنهي هٿن ۾ مٿي کي جهليائين. هن آلي ٽوال کي ڇڪي ورتو، ۽ نااُميديءَ مان پري ڦٽو ڪري ڇڏيائين. ڇو ته اُن مان کيس ڪو به فائدو نه پهتو هو. تنهنجون نبضون انتظام کان ٻاهر آهن. اُن سکر ماڻهو بي پرواهيءَ سان چيو. جيتوڻيڪ اُن ۾ مروت به هئي. تون مون تي انهيءَ لاءِ به ڪاوڙ ۾ آهين، ته مون کي به تپ اچي سگهندو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ نهايت فطرتي طريقي سان هوندو آهي. مان اُن وقت تڪڙو تڪڙو هڪ سياسي مجلس ۾ دعوت تي، هڪ عزت واري خاتون جي گهر سينٽ پيٽرسبرگ ۾ ٿي ويس. جنهن جو مقصد هو ته وزارت ۾ اثر پيدا ڪري. ٺيڪ آ، رات جو لباس، ٽاءِ ۽ هٿ جا جوراب هيم. پر خدا ٿو ڄاڻي ته مان ڪٿي هوس ۽ جيئن ته مون کي اوهان جي زمين طئي ڪرڻي هئي، ۽ پهچڻو هو، مون هيءُ مفاصلو پورو ڪيو......... بيشڪ مون کي اُن ۾ هڪ وقفو لڳو. توکي هيءَ خبر آهي ته سج جي ڪرڻي کي زمين تائين پهچندي اَٺ منٽ لڳندا آهن. پر توکي ته عجب لڳندو ته مون کي رات جو لباس ۽ صدري به هئي. روح يخ بسته نه ٿيندا آهن، پر اُهو جو گوشت پوست جو جسم هوندو آهي. خير...... مختصر چوندس ته مان خيال کان به اڳ هلي پوندو آهيان ۽ توکي هيءَ خبر هجي، ته ايسٽر جي فضائن ۾، پاڻي ۾ جو آسمان کان به مٿي، ايترو ته پارو (سردي) هوندو آهي ....... گهٽ ۾ گهٽ ڪو به هن کي پارو (يخ) نه چوندو. توکي عجب لڳندو ته اُهو ٻڙيءَ کان 15 درجا هيٺ ٿئي ٿو. توکي خبر آهي، ته ڳوٺاڻيون ڇوڪريون ڪهڙي راند کيڏنديون آهن. سردي جڏهن ٻڙيءَ کان هيٺ ٽيهن ڊگرين تي هوندي آهي تڏهن، ڪنهن نوجوان کي چونديون آهن ته اُن ٿڌ ۾ ڪهاڙي کي چٽي، سندس زبان اُن وقت يخ ٿي ويندي آهي. سندس لـُـڙڪ وهي ايندا آهن، کـَـل اُڊڙي ويندي آهي؟ رت وهڻ شروع ڪندو آهي. ”هيءَ ته ٽيهن درجن جي ڳالهه آهي، پر هڪ سؤ پنجاهه درجن ۾ مان خيال ڪريان ٿو ته جيڪڏهن ڪهاڙي تي فقط آڱر رکي وڃي ته اُن جو انت آڻي وجهي. پر جيڪڏهن اُتي ڪهاڙو ملي سگهي.“
يون بي پرواهي ۽ نااُميدي مان کانئس پڇيو ته ڇا هيءُ ممڪن آهي، ته اُتي ڪهاڙو هجي. هن حتي المقدور ڪوشش ٿي ڪئي، پنهنجي ”هذيان“ جي حقيقت تي غور نه ڪري نه اعتبار! نه وري هن جنون ۾ پاڻ اٽڪائي. مهمان عجب ۾ پئي، وچ ۾ دخل ڏيندي چيو ته ”ڪهاڙو؟“
هائو، اُتي هن ڪهاڙي جو ڇا ٿيندو؟ ايون وحشياڻي نموني، بلڪل نٺائپ ڏيکاريندي، رڙ ڪندي چيو. اُن خلا ۾ ڪهاڙي جو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن اُن معاملي تي ڪنهن جاءِ تان ڪري پوي، ته مان خيال ٿو ڪريان، ته هو زمين جي چوڌاري اُڏرڻ شروع ڪري ڏيندو، هڪ سياري وانگر، جنهن جي ڪا به خبر پئجي نه سگهندي. هينئر ته توهان اُن ڪهاڙي جي طلوع ۽ غروب جو حساب لڳائيندا ۽ گيٽسزڪ، اُن کي پنهنجي ڪئلينڊر ۾ داخل ڪندو ۽ بس.
”تون بيوقوف آهين ۽ سخت بيوقوف آهين.“ ايون زودرنجيءَ مان کيس چيو. وڌيڪ هوشياريءَ سان رڙيون ڪر، يا مان توکي ڌيان ڏيئي نه ٻڌندس، تون مون کان حقيقت پسندي جي آڙ ۾ چڱو جواب وٺڻ گهرين ٿو، تون مون کي مڃائڻ گهرين ٿو ته تنهنجو وجود آهي. مان اُن تي اعتبار نه ڪندس.
”پر مان رڙيون ته ڪو نه ٿو ڪريان، هيءَ سڄي صداقت آهي. بدقسمتي سان سچائي وندرائيندڙ شيءِ نه هوندي آهي. مان ڏسان ٿو ته تون مون کان ڪنهن وڏي شيءِ جي اُميد ٿو رکين ۽ شايد اُها عمدي به هجي. جنهن جو افسوس اَٿم، ڇاڪاڻ ته مان اُهو ئي ڏيندس، جو ڏئي سگهان ٿو.............“
”بيوقوف فلاسافي نه ڳالهاءِ.“
فلسفو اُن وقت، جڏهن منهنجو ساڄو پاسو فالـج زده آهي ۽ مان ڪنجهي ۽ ڪـُـرڪي رهيو آهيان. مان سڀئي طبي ادارا جاچي ڏٺا آهن، هو مرض جي سڃاڻپ ته چڱي ريت ڪن ٿا، هو تنهنجي سڄي مرض کي آڱرين تي ڳڻي ويندا، پر وٽن اُن مرض جو ڪو به علاج نه آهي. هتي هڪ جوشيلو نوجوان شاگرد هو. هن چيو ته ”تون مري ويندين، پر تون چڱيءَ طرح ڄاڻي سگهندين، ته ڪهڙي مرض ۾ تون مرين ٿو. تڏهن هو باقي ڇاجي لاءِ ماڻهن کي خاص مرضن جي ڄاڻن ڏانهن موڪلين ٿا. هو چون ٿا ته اسان فقط مرضن جي سڃاڻپ ڪندا آهيون. پر علاج لاءِ فلاڻي ڪي فلاڻي، مرض جي خاص ماهر وٽ وڃو، اُهو ئي اوهان جو علاج ڪندو. اُهي پراڻا ڊاڪٽر، هر مرض جو علاج ڪندا هئا. اُهي دنيا مان مڪمل طور تي غائب ٿي چـُـڪا آهن. مان توکي يقين ٿو ڏياريان، ته هاڻي فقط مرضن جا خاص ڄاڻو وڃي بچيا آهن ۽ هو اخبارن ۾ اشتهار ڏيندا ۽ چوندا، ته توکي اتي يورپين ماهر ملندو، جو تنهنجي نڪ جو علاج ڪندو. جيڪڏهن تون پئرس ويندين ته اُتي هو تنهنجي نڪ کي ڏسندو ۽ چوندو ته مان تنهنجي فقط کٻي ناس جو علاج ڪري سگهندس. سڄي ناس جو مان علاج نه ڪري سگهندس، جو مان اُن جو ماهر نه آهيان. تون اُن جي لاءِ وائنا وڃ، اُتي اُهو ماهر آهي. جو تنهنجي سڄي ناس جو علاج ڪري سگهندو. پوءِ تون ڇا ڪندين؟ مان ته پنهنجي علاج ڏي متوجهه ٿيندس. هڪ جرمن ڊاڪٽر مون کي صلاح ڏني هئي، ته تون حمام ۾ وڃي لوڻ ۽ ماکيءَ سان مالش ڪر. مان اُنهن شين سان مالش ڪري خاص حمام ۾ ويس، پر مون کي ته ڪو به فائدو نه ٿيو. مان نااُميديءَ ۾ ڪائونٽ مٽائيءَ کي لکيو. هن مون کي ڪتاب ۽ دوا ڏياري موڪلي. مون اُن کي دعا ڏني. توکي عجب لڳندو ته حـَـّوَن جي شراب مون کي فائدو ڏنو. مان اتفاق سان اُن کي خريد ڪيو هو. مان اُن جي ڏيڍ بوتل پيتي ۽ مان رقص ڪرڻ جهڙو ٿيس، ۽ سڀ ڪجهه هليو ويو. مون ارادو ڪيو، ته اُن جي شڪرگذاريءَ لاءِ خط اخبارن کي موڪليان. منهنجي اندر شڪرگذاريءَ جو جذبو هو، پر توکي عجب لڳندو، ته مون کي اُن لاءِ وڏي درد سري ڪرڻي پئي. هڪ به اخبار منهنجي خط کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. هيءَ ته رجعت پسنداڻو قدم ٿيندو. هنن راءِ ڏني، ڪو به هن تي اعتبار نه ڪندو. چڱو اِيئن ٿيندو ته تون هيءَ گمنام طور تي شايع ڪراءِ، پر گمنام شڪرئي جي خدمت مان ڪهڙو فائدو. مان اخبار جي آفيس ۾ اُن ماڻهوءَ تي خوب کليس. اسان جي ڏينهن ۾ ته خدا کي مڃڻ به هڪ رجعت پسنداڻو قدم ٿو سمجهيو وڃي. مان کيس چيو ته مان شيطان آهيان. توکي مون کي مڃڻ کپي. اُتان جي رهندڙن چيو، ته تنهنجي ڳالهه سچي آهي، ڪير آهي جو شيطان ۾ عقيدو نه ٿو رکي. پر هن مان ڇا حاصل، تنهنجو اِهو خط، اَسان جي شهرت کي ڌڪ هڻندو. توهان کڻي هن خط کي مذاق طور شايع ڪرايو. پر مان سمجهيو ته ڀوڳ واري خط مان ڪو به اَثر پيدا نه ٿيندو. اُن ڪري اهو خط شايع ٿي نه سگهيو. توکي خبر آهي ته اِهو ڏک مون کي اڃا تائين آهي. منهنجي عمدي جذبي، مثال لاءِ شڪرگذاريءَ کي ادبي طور تي اِنهيءَ لاءِ قبول نه ڪيو ويو، جو منهنجي درجي کي سماجي طرح ڪجهه به حيثيت نه آهي.
”وَري فلسفي جا خيالات!“ ايون نفرت ۽ ڪاوڙ مان پيچ کائيندي چيو، ته
”خدا مون کي هنن کان محفوظ رکي. پر ڪو ڪڏهن ڪڏهن فرياد ڪري ئي ويهي ٿو. مان هڪ اُهو ماڻهو آهيان، جنهن جي مٿان بهتان لڳايو ويو آهي. تون مون کي هر هر بيوقوف سڏي رهيو آهين. توکي ته مان هڪ نوجوان ٿو ڏسان، منهنجا عزيز. ذهانت فقط دنيا ۾ ڪا هڪڙي شيءِ نه آهي! مون وٽ فطرتاً هڪ خوشي ڀريل ۽ مهربان دل آهي. مان پڻ موسيقيءَ سان ڀريل هر قسم جا ناٽڪ لکي موڪلي سگهندو آهيان. مان خيال ٿو ڪريان، ته تون مون کي ميرا سٽڪلف وانگر پوڙهو ٿو سمجهين، پر منهنجي قسمت گهڻي بهتر آهي. گهڻو وقت اڳي ازل جي نوشتي موجب منهنجي لاءِ اڳ ۾ ئي منهنجو ”انڪار“ لکيو ويو هو. پر اُن هوندي به مان نيڪدل ۽ ڪنهن به انڪار ۽ فساد ڏانهن متوجهه نه آهيان. جيتوڻيڪ مان اُن انڪار جو سبب ٻڌائي نه ٿو سگهان. مون کي چيو ويو ٿي، ته وڃ ۽ انڪار ڪر. ڇاڪاڻ ته انڪار کان سواءِ ڪنهن به تنقيد جو وجود پئجي نه ٿو سگهي. اُها حقيقت، جنهن کي تنقيد جو پهلو نه هجي، اُن مان ڪهڙو فائدو؟ زندگي، تنقيد کان سواءِ سڄي عيش آهي. پر هيءَ خوشي زندگيءَ جي لاءِ اڪيلي ڪافي نه آهي. زندگيءَ لاءِ لازمي آهي، ته شڪ کان گذري وڃي، خير مان هنن مسئلن ۾ دخل نه ڏيندس. مون کي انڪار لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. دنيا کي مان ڪونه خلقيو آهي، ۽ اُن بابت مون کان سوال به نه پڇيو ويندو. انهن حالتن موجب مون کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي ۽ مون کي مجبوراً تنقيد جو نشانو ٺاهيو ويو آهي. زندگي، اُن ڪري نمڪين بڻجي پيئي آهي. مان هن ڪاميٽي (خوشيءَ واري حقيقت) کان چڱي طرح باخبر آهيان. منهنجي مسلسل اِها آرزو آهي، ته نابود ٿي وڃان، پر مون کي چون ٿا، ته جيئرو هج، ڇاڪاڻ ته توکان سواءِ ڪو به حادثو ظاهر ٿي نه سگهندو، هوڏانهن جهان جو هر ڪاروبار، جيڪڏهن منطقي هجي، ته جيڪر ڪو به حادثو عمل ۾ نه اچي. پر هنن جو چوڻ آهي ته توکان سواءِ ڪو به حادثو رونما ٿي نه ٿو سگهي ۽ حادثن جو هئڻ لازمي آهي. اُن ڪري مان اَن جي بجاءِ حادثن کي پيدا ڪندو رهان ٿو، ۽ جو ڪجهه به ڪريان ٿو ڪاوڙ ڏياريندڙ، پر مون کي ان لاءِ حڪم ڪيو وڃي ٿو. انسان پنهنجي سڄي مڃيل ذهانت جي هوندي به، هن سڄي فارس (ناٽڪ) کي اهميت ڏي ٿو ۽ اِها ئي اُن جي (ٽريجڊي) انڌوهناڪ ڪهاڻي آهي. بيشڪ هو برداشت ڪن ٿا...... پر هو پنهنجي زندگي گذارين ٿا. نه، پر حقيقي زندگي گذارين ٿا. ڇاڪاڻ ته مصيبت ۾ گذارڻ ئي ته زندگي آهي. ڏک کان سواءِ سک جو ڪهڙو مزو ايندو؟ اِها ديول جي ناتمام ۾ تبديل ٿي ويندي. اِها پاڪيزهه ته هوندي، پر مشق ڀريل. پر منهنجي لاءِ ڇا هوندو؟ مان هر مصيبت برداشت ڪريان ٿو. پر مون کي زندگي ئي ڪانه آهي. مان حل نه ڪيل مساوات جي حساب ۾ فقط ’ايڪس‘ جو اکر آهيان. مان زندگيءَ ۾ هڪ وهمي صورت آهيان، جنهن پنهنجي ابتدا ۽ انتها وڃائي ڇڏي آهي ۽ پنهنجو نالو به وساري ڇڏيو اَٿس. تون کلين ٿو، تون وري ڪاوڙ ۾ اچي ويو آهين. تون هميشه لاءِ ڪاوڙ ۾ آهين، تون جنهن ڳالهه جي باري ۾ سنڀال ڪرين ٿو، اِها ذهانت آهي. پر مان وري به توسان ورجايان ٿو، ته مان هن زمين کان مٿانهين طاقتن، مرتبن ۽ عزت واري زندگي کي ڇڏي ڏيندس ۽ فقط هڪ واپاري جي 240 سيرن جي وزن واري عورت بڻجي ويندس ۽ خدا جي مندرن ۾ شمعون روشن ڪندي رهندي.“
مان هن حقيقت کي ڄاڻان ٿو ته هيءُ سڀ ڪجهه، هي سڀ شيون موجود آهن. اُها فقط خوديءَ جي برتري آهي. هيءَ منهنجي خودي جو منطقي واڌارو آهي، جو مون ۾ تنها، هميشه لاءِ نشونما وٺندو رهيو آهي، پر مان هتي پنهنجي گفتگوءَ کي ختم ٿو ڪريان، ڇو ته مان سمجهان ٿو، ته تون مون کي سڌيءَ طرح مارڻ لاءِ تيار آهين.“
”چڱو اِيئن آهي ته تون مون کي ڪا آکاڻي ٻڌاءِ!“ ايون بي ڪسيءَ مان چيو. مون وٽ خاص ڪري هن مضمون بابت هڪ آکاڻي آهي يا اُن کي هڪ روايتي داستان چئي سگهجي ٿو نه آکاڻي. تون بي اعتقاديءَ سان مون سان ملين ٿو. تون ڏسين ٿو ۽ ڳالهائين ٿو پر اڃا به تنهنجي بي اعتقادي موجود آهي. پر منهنجا عزيز دوست! مان ايئن نه آهيان. اسان سڀئي هتي، انهيءَ معاملي ۾ بدترتيبي ۾ مبتلا آهيون ۽ سائنس کان مونجهاري ۾ آهيون. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪڏهن هتي فقط ذرا هئا (ائٽم) قديم زماني ۾ به موجود هئا، پر اُن وقت کان وٺي جيئن اسان کي خبر پئي آهي ته اوهان ڪيميائي شيون، سالم ماده ۽ ٻيون الائجي ڪهڙيون شيون اوهان دريافت ڪيون آهن، اُن ڪري هڪ عجيب دور شروع ٿي ويو آهي ۽ اسان جي عظمت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، هتي عام جي ترتيبي موجود آهي ۽ اُن کان مٿي وهم ۽ شرمناڪ بدنامي پنهنجي ليکي آهي. هي شيون فقط اوهان ۾ نه آهن پر اسان ۾ به موجود آهن، جنهن جي توکي خبر آهي، حقيقت ۾ هن کان وڌيڪ ۽ جاسوسي ڪندي اسان کي گهڻيون ئي شيون معلوم ٿين ٿيون. ڇو ته اسان وٽ هڪ ڳجهو پوليس جو محڪمو آهي، جتي خانگي اطلاع پهچندا رهندا آهن. خير هيءَ وحشي داستان، اسان جي قرونِ وسطيٰ سان تعلق رکي ٿو نه اوهان سان. پر اسان جا به اُن ۾ يقين نه ٿا رکن، سواءِ اُنهن پوڙهين عورتن جي، جن جي تور، چئن مڻن کان وڌيڪ آهي. اوهان جي پوڙهين بيگمن جو ذڪر نه آهي، پر مان پنهنجن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. اسان وٽ به سڀڪا شيءِ آهي، جيئن اوهان وٽ آهي. مان پنهنجي رازن مان هڪ تنهنجي دوستيءَ جي باعث ظاهر ڪري رهيو آهيان. جيتوڻيڪ اُن جي ممانت آهي. هيءُ داستان بهشت سان تعلق رکي ٿو. چون ٿا ته هن زمين تي هڪ فيلسوف ۽ مفڪر هو، هن سڀ ڪنهن شيءِ کي رد ڪري ڇڏيو هو، مثلاً، قانون، ضمير، اعتقاد ۽ سڀ کان مٿي، آئنده عقبيٰ جي حياتي. هـُـو مري ويو، کيس اُميد هئي ته هو سنئون سـِـڌو اونداهي ۾ هليو ويندو، پر هن پنهنجي اڳيان آئيندي جي زندگي ڏٺي، هو حيرت ۾ پئجي ويو ۽ پريشان ٿيو. هن چيو ته هيءُ منهنجي اُصولن جي خلاف آهي ۽ کيس اُن جي سزا ڏني وئي...... کيس سزا ڏني وئي ته کيس اربن جا ارب ڪلوميٽر، اونداهيءَ ۾ پنڌ ڪرڻو پيو (توکي خبر آهي ته اسان ميٽرڪ سسٽم کي رواج۾ آندو آهي) جڏهن ته هو پنهنجي اَربن ڪلوميٽرن جي هيءَ راهه پوري ڪندو ته مٿس بهشت جا دروازا کوليا ويندا ۽ کيس معاف ڪيو ويندو........“
هن ارب ڪلوميٽرن جي پنڌ کانسواءِ، ٻي دنيا ۾ ٻيو ڪهڙو عذاب موجود آهي. ايون کانئس پڇيو وٽس عجيب انتظام هو.
”ڪهڙا عذاب؟ اِهي مون کان نه پڇ. قديم زماني ۾، اِهي سڀني قسمن جا موجود هئا. جن کي هاڻي اخلاقي سزائون نالو ڏنو ويو آهي. ضمير جا ڏنگ ۽ ٻيون سڀئي بيوقوفيءَ جون شيون. اِهي هاڻي به اوهان کان ملنديون رهن ٿيون، يعني اوهان جي اخلاق جي صاف ٿيڻ کان اُن جا ڪهڙا لائق آهن؟ اُهي، جن وٽ ضمير ڪونه آهي. کين عذاب ڪيئن ملندو، جڏهن وٽن ضمير ئي نه آهي، پر جن وٽ ضمير آهي ۽ عزت به اُهي ئي عذاب هيٺ آهن. اصلاح جڏهن اُن جي لاءِ زمين ئي هموار نه ڪئي وئي آهي ۽ اُهي هڪ اداري جي صورت ۾ پرانهن ملڪن جو نقل ڪن ٿا. شراب کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندا؟ اُهو ماڻهو جو اَرب ڪلوميٽرن جي سزا هيٺ آيل هو، هاڻي به موجود آهي. هو چوڌاري ڏسي ٿو ۽ رستي تي پئجي رهي ٿو. مان هن بحث ۾ نه ويندس ۽ اُصول جو انڪار ٿو ڪريان. هڪ روسي خدا جي منڪر جي روح کي وٺ ۽ اُن کي پيغمبر يونس (عليه السلام) جي روح سان گڏاءِ، جو ٽي راتيون ۽ ڏينهن مڇيءَ جي پيٽ ۾ بيقرار رهيو هو ۽ تو وٽ اُن جو ڪردار آهي جو رستي جي هن طرف ليٽيو پيو آهي؟“
اِهو ئي ته خيال وارو نقطو آهي، ته هو اتي نه آهي. هـُـو اتي هزارين سال پيو رهيو ۽ پوءِ هليو ويو.
”عجيب گڏهه آهين!“ ايون واڪو ڪري چيو. هو بي اختيار کلڻ لڳو، پر اڃا به ڪنهن گهري سوچ ۽ ويچار سان خيال ڪري رهيو هو. ”تون ٻڌائي سگهندين ته جيڪڏهن هـُـو اُتي پيو رهي يا ارب ڪلوميٽرن جو پنڌ پورو ڪري اِنهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪو تفاوت به آهي ڇا؟ کيس ان مفاصلي کي پوري ڪرڻ لاءِ ته ڪروڙين ورهيه لڳندا؟“
اِنهيءَ کان به گهڻو وڌيڪ، مون وٽ پنو ۽ پينسل ڪونه آهي، نه ته مان جيڪر ان جو حساب ڪري ٻڌايان، پر هو اُن جاءِ تي گهڻو اڳي پهچي چـُـڪو آهي ۽ اُتان ئي ته ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي؟
”ڇا، هـُـو اُتي پهچي ويو؟ پر هو ڪهڙي ريت ڪروڙن ورهين کان به مٿي، جو مفاصلو پورو ڪري چڪو؟ ڇو؟ تون موجودهه زمين جو اندازو لڳائي رهيو آهين، پر اسان جي موجودهه زمين، اِهو ساڳيو عمل ڪروڙين ڀيرا دهرايو هجي. هوءَ ختم ٿي ويئي هجي، ڄمڻ کان پوءِ ڦاٽي پئي هجي، ٽڪرا ٽڪرا بڻجي ڀڄي پئي هجي ۽ سندس جزا هڪٻئي کان جدا ٿي ويا هجن. وري اسان کان پاڻي، اُن کان پوءِ وري سيارو ۽ ان کان پوءِ صبح ۽ سج مان ڌرتي، اِها ساڳي ترتيب اَڻ کٽ ريت دهرائي وئي، بلڪل اِهڙي ريت جيئن تفصيل ڏنو ويو آهي ۽ هيءُ تفصيل طولاني ۽ رنج ڏيندڙ آهي....“
”چڱو، چڱو، هو جڏهن پنهنجي منزل مقصود تي پهتو، ته پوءِ ڇا ٿيو؟“
اِنهيءَ گهڙيءَ مٿس بهشت جا دروازا کوليا ويا ۽ هو منجهس داخل ٿيو. اُتي کيس پهتي ٻه سيڪنڊ گذريا. هيءُ وقت سندس واچ موجب هو، (جيتوڻيڪ منهنجي خيال موجب اُن طويل عرصي ۾ سندس واچ جا پرزا ئي نه رهيا هوندا.) هن دانهن ڪري چيو ته بهشت جي اندر هيءُ ٻه سيڪنڊ، سندس اربن کان وڌيڪ نکرين جي تعداد واري عرصي جي پنڌ کان گهڻي قيمت وارا هئا. هن خدا جو حمد ڳاتو ۽ اُن ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو پهريائين ڪن وڏن ماڻهن، ساڻس هٿ ملائڻ نه ٿي گهريو. هو چوڻ لڳا ته هيءُ تيزي سان رجعت پسند بڻجي ويو آهي. هيءَ روسي فطرت هئي. مان وري دهرايان ٿو ته هيءُ هڪ داستان آهي، هن مان ايترو ئي فائدو ملي ٿو، جا سندس قيمت آهي. ها اِهڙن مضمونن تي، هاڻي به اسان جا اِهڙا ئي خيال آهن.
”مان توکي ڦاسائي وڌو، ايون ٻاراڻي خوشيءَ وانگر، خوش ٿي رڙ ڪئي، ڄڻ ته هو آخر ڪنهن ڳالهه جي ياد ڪرڻ ۾ فتحياب ٿي چـُـڪو آهي. ”اِها اَرب ورهين جي ڪهاڻي مان پاڻ ئي تيار ڪئي آهي! مان اُن وقت سترنهن ورهين جو هوس ۽ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. مان هن آکاڻيءَ کي ٺاهي، پنهنجي هم ڪلاسي ڪوردلڪن کي ٻڌائي هئي. اُن وقت ماسڪو ۾ هوس. هيءَ ڪهاڻي ايتري قدر ته مخصوص هئي، جو اُن کي مان ڪٿان به ٻڌول نه ڪيو هو، مان خيال ڪريان ٿو ته مون اُن کي وساري ڇڏيو هو ۽ هاڻي بيهوشيءَ ۾ ياد ڪئي اٿم. مان هن کي پاڻ ياد ڪيو آهي. اِهو تون نه آهين، جو مون کي ٻڌائي رهيو آهين. هزارين اِهڙي قسم جون ڳالهيون بيهوشيءَ ۾ ياد اينديون آهن، اُن وقت به جڏهن ماڻهو ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويندو آهي..... هيءَ حقيقت مون وٽ خواب ۾ موٽي آئي آهي، تون اِهو خواب آهين، تون هڪ خواب آهين نه زندهه حقيقت.“
جنهن جوش ۽ خروش سان، تون منهنجي هستيءَ جو انڪار ڪرين ٿو، هو سکر ماڻهو کلڻ لڳو. ”مان اظهار ڪريان ٿو ته تون مون ۾ اعتقاد رکين ٿو.“
”ذري جيترو به نه! منهنجو تو ۾، اَن جي داڻي جي سوين پتي جيترو به اعتقاد نه آهي.“
”پر تنهنجو هزاروڻ پتي جيترو اعتبار آهي؟ توکي خبر آهي ته هوميوپيٿيءَ جو علاج سڀ کان طاقتور آهي. تون اِها قبوليت ڏي ته توکي اعتقاد نه آهي، پوءِ کڻي ڏهه هزاروڻ حصي جيترو ڇو نه هجي.“
ايون کيس جوش مان چيو ته، ”هڪ منٽ لاءِ به نه. پر مان چاهيان ٿو، ته منهنجو تو ۾ اعتقاد هئڻ گهرجي. هي لفظ، هن نهايت عجيب نموني سان چيا.اها! اِها قبوليت آهي، پر مان چڱي طبعيت وارو آهيان. مان تنهنجي مدد لاءِ وري ايندس. ڌيان ڏئي ٻڌ، اِهو مان آهيان، جنهن توکي ڦاسايو آهي، نه تون. مان توکي تنهنجي آکاڻي ٻڌائي آهي. نه تو مون کي، تو اُن کي وساري ڇڏيو هو، هن جو مقصد اِهو ته توکي جو منهنجي لاءِ اعتقاد آهي، اُن کي پوري ريت برباد ڪري ڇڏيان. تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. تنهنجي ملاقات جو مقصد ئي اِهو هو ته مون تي پنهنجي هستي بابت اثر وجهين! ايئن هوندو، پر تڪڙ. اعتقاد ۽ بد اعتقاد جي جنگ کي مهمل ڪري ڇڏيندي آهي. پر هيءَ طاقت ڪڏهن ڪڏهن، تو جهڙي ضمير واري انسان لاءِ عذاب بڻجي پوندي آهي. ايتري قدر جو هو پاڻ کي ڦاهو ڏئي مارڻ کي بهتر سمجهندو آهي. اِها ڄاڻي ته تون منهنجي هستيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهين، مان اِها آکاڻي ٻڌائي تنهنجي اندر ڪجهه بد اعتقادي پيدا ڪرڻ گهري آهي. مان توکي واري سان، اعتقاد ۽ بي اعتقاديءَ طرف رهنمائي ڪندو رهيو آهيان ۽ انهيءَ ۾ منهنجو مقصد هو. هيءَ استدلال جو نئون طريقو آهي. جيئن ئي تون مون ۾ بد اعتقادي کي لڻندين، تيئن ڄڻ منهنجي سامهون، مون کي هيءُ يقين ٿو ڏيارين ته مان خواب نه آهيان، پر صداقت آهيان. مان توکي ڄاڻان ٿو. هن کان پوءِ مون کي پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪرڻي آهي، جا نهايت عزت ڀري آهي. مان تنهنجي اندر اعتقاد جو ننڍڙو ٻج پوکڻ گهران ٿو ۽ اهو شاهه بلوط جيترو وڻ ٿي ويندو ۽ اِهڙو شاهه بلوط جو وڻ، جنهن تي تون ويندين، توکي انتظار رهندو ته تون راهبن جي درجي ۾ داخل ٿئين ۽ سنت عورتن جي درجي ۾ اچين، اِها ئي شيءِ آهي، جنهن لاءِ بـَـنَ ۾ رُلندو رهندين.“
”تڏهن هيءُ سڀ تون منهنجي روح جي نجات لاءِ ڪري رهيو آهين، ايئن آهي نه بدمعاش؟“
”ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن چڱو ڪم به ڪرڻ کپي، ڪيتري قدر نه تنهنجي طبعيت ۾ بيقراري آهي!“
بيوقوف! تو ڪڏهن، ڪن پاڪيزه انسانن کي به خواهش ۾ ڦاسايو آهي؟ جي ماڪڙ کائيندا رهيا آهن ۽ پنهنجي حياتيءَ جا سترنهن سال بن ۾ رُلندي گذاريا اٿن، ايستائين جو هو عوام ۾ مقبوليت تي وڃي پهتا آهن؟
”منهنجا عزيز دوست! مان ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي، ڪو ماڻهو، هن جهان کي ۽ ٻين جهانن کي وساري، هڪ اِهڙي قسم جي سنت کي چنبڙي وڃي ٿو، ڇو ته نهايت قيمتي هيرو آهي. اهڙو روح توکي خبر آهي ته ستارن جي ساري جهرمٽ کان وڌيڪ قيمتي آهي. اسان کي جاچڻ جو پنهنجو طور ۽ طريقو آهي. ڪاميابيءَ جي قيمت جو ڪو به ڪاٿو ٿي نه ٿو سگهي ۽ انهن مان ڪي اِهڙا به آهن، جو مهذب طور، جيڪڏهن توکي منهنجي زبان تي اعتبار آهي ته توکان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهن. جيتوڻيڪ تون هن حقيقت تي اعتبار نه ڪندين. هو اعتقاد ۽ بد اعتقاد جي گهراين کي ساڳي وقت تصور ۾ آڻين ٿا. ايتري قدر جو ڪنهن وقت سچ پچ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ته سندس مٿانهين کان هيٺ ڪرڻ ۾ وار جو به تفاوت نه آهي، جيئن اَداڪار گوربنوف چيو آهي.“
”ٺيڪ آهي، ڇا ڪڏهن تنهنجي نڪ کي به ڇڪيو ويو آهي؟
منهنجا عزيز دوست! ”ملاقاتي کيس مفڪراڻي اَنداز ۾ چيو، ته تنهنجي نڪ کي ڇڪيو وڃي، انهيءَ کان بهتر آهي ته نـَـڪُ ئي نه هجي. هڪ بيمار، مارڪئس، جنهن کي گهڻو وقت نه گذريو (هو شايد ڪنهن خاص مرض جي ڊاڪٽر وٽ زير علاج هو.) هڪ يسوعي راهب وٽ پنهنجي قبوليت ٿي ڏني. مان اُتي حاضر هوس. اُها نهايت مزيدار ڳالهه هئي. هن کيس چيو ته مون کي پنهنجو نڪ موٽائي ڏي! ۽ هن پنهنجو سينو ڪٽڻ شروع ڪيو. راهب کيس پيار واري نرم لهجي ۾ چيو، ته سڀئي شيون پالڻهار جي اَڻ ٽر تقدير ۾ بند آهن ۽ ظاهري درد ۾ ڪا حڪمت لڪل هوندي آهي، جيڪڏهن تقدير ۾ توکي نڪ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، ته اِنهيءَ ۾ به تنهنجو فائدو آهي، ڇو ته جيڪڏهن نڪ ئي نه هوندو ته اُن کي ڪير ڇڪيندو، مقدس پيءُ هن مان ته ڪا به تسلي نه ٿي. نااُميد مارڪئس رڙ ڪري چيو، مون کي ته جيڪر خوشي ٿي ته هر روز ڪو منهنجي نڪ کي مروڙي. پر جيڪڏهن اُهو پنهنجي جاءِ تي هجي به.“ منهنجا پٽ راهب ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته توکي ڪڏهن به هڪدم سڀني برڪتن جي اُميد نه رکڻ گهرجي. هيءُ فضل الاهي جي خلاف ڪـِـر ڪـِـر آهي. جو توکي اُن هوندي به نه ٿو وساري، جيئن تون هاڻي مايوسي ۾ آهين ۽ هاڻي اُن جو اظهار ڪري چڪو آهين، ته تنهنجي باقي حياتيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو تنهنجي نڪ کي ڇڪيندو ته تون خوش ٿيندين ته تنهنجي خواهش اَڻ سڌي طرح پوري ٿي چـُـڪي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن تو نڪ وڃايو هو ته تنهنجي نڪ کي ڇڪيو ويو هو.
”آهي ڪيڏي نه بيوقوفي!“ ايون رڙ ڪري چيو.
”منهنجا عزيز دوست: مان توکي فقط وندرايو ٿي، پر مان قسم کڻي ٿو چوان ته يسوعين جو منطقي اُصول اِهو ئي آهي، ۽ مان توکي قسم کڻي ٿو ٻڌايان ته مان جيئن چيو آهي، لفظ بلفظ ايئن ئي ٿيندو رهندو آهي. اڳ ۾ ايئن ٿيو آهي، جنهن مون کي وڏي تڪليف ڏني هئي. هو دُکي نوجوان جڏهن پنهنجي گهر پهتو، تڏهن هن پاڻ کي گولي هڻي ماريو . مان آخري گهڙيءَ تائين سندس پاسي ۾ هوس. هي يسوعي اعتراف ڪندڙ، منهنجي لاءِ نهايت خوشي ڏيندڙ تفريح آهن. سو به غمناڪ گهڙيءَ ۾، اِهو هيءُ هڪ ٻيو مثال آهي. جو اُن جي ٻي ڏينهن ٿي گذريو. هڪ ننڍڙي سونهري وارن واري ڇوڪري، جا ويهن ورهين جي هئي، سندس چهري مان جادوگري، عضون مان رعنائي ٿي نظر آئي. جنهن کي ڏسي جيڪر تنهنجو وات پاڻي پاڻي ٿي وڃي. هڪ پوڙهي راهب وٽ آئي. هن مٿو جهڪائي، سرگوشي ۾ پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪيو، راهب کيس واڪو ڪري چيو، ته آهي مقدس مريم! ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ تون اڳ ۾ هڪ ماڻهو سان ڦاسي چـُـڪي هئين نه؟ ۽ هاڻي اُهو ماڻهو نه آهي، اِهو تنهنجو حال، ڪيترو وقت هلندو. ڇا توکي هن لاءِ شرم نه ٿو اَچي؟ اُن گنهگار ڇوڪري. ڳوڙها وهائيندي تحمل سان کيس چيو ته اي! مقدس پيءُ هيءَ حقيقت لذت بخش آهي ۽ اُن ۾ ڪا به زحمت ڪانه آهي. هيءُ جواب عجب ڏيندڙ هو. مان پوئتي هٽي ويس، جيڪڏهن تون پسند ڪرين ته فطرت جي پڪار، جا خود معصوميت کان بهتر هئي. مان خيال ڪيو ته اُتان هليو وڃان، ايتري ۾ مان ٻڌو ته هو راهب، ساڻس ملاقات لاءِ شام جو وقت مقرر ڪري رهيو هو. جيتوڻيڪ هو بيحد پوڙهو هو. هو اُن گهڙيءَ ۾ ڪري پيو! هيءُ فطرتي هو، ڇو ته هو پوڙهو پنهنجي فطرت جي صداقت کي پيش ڪري رهيو هو، ڇو تون وري پنهنجي نڪ کي مروڙي رهيو آهين؟ وري ڪاوڙ ۾ اچي ويو آهين. مون کي خبر نه ٿي پئي، ته مان توکي ڪهڙي ريت راضي ڪريان؟
مون کي اَڪيلو ڇڏ، تون منهنجي دماغ تي، هڪ خوفناڪ خواب جي صورت ۾ ڌڪ هڻي رهيو آهين.
ايون دردمنداڻي لهجي ۾ روئڻهارڪو ٿي ڪنجهندي چيو، هو پنهنجي دعويدار جي سامهون بي يار بڻجي چڪو هو. مان توکي ڪجهه ڏيئي، ڪڍي ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان.
”مان وري به دهرايان ٿو، ته پنهنجي اُميدن کي نرم ڪر. مون کان ڪنهن به عظيم ۽ شاندار شيءِ جي تقاضا نه ڪر، تون ڏسندين ته اسان پاڻ ۾ ڪيڏو نه ساز ۽ سلوڪ سان هلون ٿا. هيءُ لفظ اُن سکر ماڻهو مؤثر اَنداز ۾ چيا. تون سچ پچ مون تي ڪاوڙ ۾ آهين. ڇاڪاڻ ته مان تو وٽ سرخ روشني ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ ۽ شعلي جهڙي پرن سان آيو آهيان. پر مان پاڻ کي وڻندڙ نموني ۾ پيش ڪيو آهي. پهريائين ته تون پنهنجي حسن پسنديءَ جي جذبن کان زخمي آهين ۽ ٻيو تنهنجو غرور آهي. تون ڪهڙي عظيم انسان کي، هڪ بازاري ۽ بيهودو شيطان ڪهڙيءَ ريت مـِـلي سگهي ٿو. هائو تو ۾ رومانوي زور آهي. جنهن کي بلينسڪي کـِـل جهڙو سمجهي ٿو. منهنجا نوجوان انسان! منهنجو هن ۾ ڪو به وس نه آهي. مان جيئن توڏي اَچڻ لاءِ تيار ٿيو هوس. مون کي مذاق ٿي سجهيو ته هڪ ملازمت کان موٽيل جنرل جي صورت ۾ اچان، جنهن ڪوهه قاف ۾ ملازمت ڪئي هئي. کيس ”اسٽار آف لائن ائنڊ سن“ (شينهن ۽ سج جو نشان) جو اعزاز حاصل هو. پر مون کي ايئن ڪندي خوف ٿيو. ڇاڪاڻ ته تون مون کي شينهن ۽ سج جي اعزاز کي ڪوٽ تي هڻڻ سبب چڱي مـَـتِ ڏني هئي. اُن کان سواءِ مون کي قطب تارو يا ٽيڙو پنهنجي ڪوٽ تي هڻڻ کپندو هو. تون مون کي چوندو رهيو آهين، ته مان بيوقوف آهيان، توکي اَسان تي رحم ڪرڻ کپي! مان ذهني حالت ۾ توسان برابري جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهان. مينٽا فليس (شيطان) کي فاسٽ چيو هو، ته هو بـَـدي چاهي ٿو. پر هن فقط نيڪيءَ جو عمل ٿي ڪيو. ٺيڪ آهي، کيس جيئن وڻي تيئن چوي، پر اِهو منهنجي سراسر خلاف آهي. مان شايد هن ساري خلقت ۾ اڪيلو آهيان، جنهن کي صداقت سان محبت آهي ۽ فطرتاً نيڪي سان چاهه اٿم، مان ان وقت اُتي هوس جڏهن حضرت مسيح صليب تي فوت ٿي ويو ۽ آسمان ڏي پنهنجي سيني سان هڪ شرمسار چور جي روح کي لائي اُڏاميو هئو. ملائڪن جي شوق ۽ سرور جي آواز کي، جي خدا جي حمد ڳائي رهيا هئا. ۽ سندن گجگوڙ جهڙي ترانن جي صدائن کي، جنهن کان آسمان ۽ زمين ڏڪي رهيا هئا. ٻڌو هئم. مان اُنهن سڀني مقدس شين جو قسم کڻي چوان ٿو، ته منهنجي زبان مان نڪرڻ وارو لفظ هو...... پر تون ڄاڻين ٿو ته منهنجي خواهش هئي ته مان خدا جي حمد ۾ انهن سڀني سان شريڪ ٿيان. مان ڪيتري قدر نه زود حسن ۽ حـُـسن پرستيءَ جو تاثر رکڻ وارو آهيان، پر عام فهم حقيقت موجب، هيءَ هڪ ناخوش ۽ امتيازي شيءِ منهنجي ڪردار جي هئي، جنهن مون کي روڪي ورتو ۽ اُها ساعت گذري وئي! مان خيال ڪيو ته اِئين ڪرڻ سان ڇا ٿئي ها؟ منهنجي حمد کان پوءِ ڪهڙو نتيجو نڪري ها؟ زمين تي سڀ شيءِ اُجهامي وڃي ها ۽ ڪو به حادثو وري ظهور ۾ نه اچي ها. اُن ڪري مان پنهنجي فرض جي ڪري ۽ جيڪو منهنجو سماجي رتبو آهي، مان اُنهيءَ بهترين گهڙين کي ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي گمراهه ڪندڙ عمل کي چنبڙي پيس. هرڪوئي هن ڳالهه کي مٿانهون سمجهي ٿو، جا ان لاءِ چڱي آهي. پوءِ منهنجي لاءِ گمراهه ڪندڙ شيءِ کان سواءِ، ٻي ڪا بهشتي نه رهي، پر منهنجي اِها آرزو نه آهي ته ٻين جي مدد سان حياتي گذاريان. مان حريص ۽ جاهه طلب نه آهيان. مان ڇو، هن سڄي دنيا جي آباديءَ ۾ خوار ۽ خراب آهيان ۽ شريف انسانن وٽ هڪالڻ جي لائق آهيان. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مان غير فاني طرح ظاهر ٿيان، ته مون لاءِ به ضروري نه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن، اِهي نتيجا به ڀوڳيندو رهان؟ مان بيشڪ ڄاڻان ٿو، ته هن ۾ هڪ راز آهي. پر نه ٿا چاهيون ته اهو مون تي کوليو وڃي، ڇاڪاڻ ته جڏهن حقيقتن کان واقف ٿيندس ته خدا جي حمد جو ترنم شروع ڪري ڏيندس. جڏهن انڪار وچان مان هليو ويندس. تڏهن سراسر عقل جي حڪمراني هوندي ۽ ضروري آهي ته هر شيءِ پنهنجي انجام تي پهچي، ايتري قدر جو رسالا ۽ اخبارون به ختم ٿي وينديون، ڇو ته ڪير هوندو، جو انهن ۾ حصو وٺندو. مان ڄاڻان ٿو ته سڀ ڪنهن شيءِ جي انجام کان پوءِ، مون کي به نجات ملي ويندي. مان به چئني طرفن کان اربن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پهچي سڄي راز کي ظاهر ڪري ڇڏيندس. پر جيستائين ايئن نه ٿيو آهي، مان ڏک ۾ آهيان ۽ پنهنجي مقدر کي پورو ڪري رهيو آهيان، جيتوڻيڪ اُهو اُن جي دائي جي حالت ۾ خلاف آهي. يعني، هڪ کي بچائڻ لاءِ، هزارن کي نابود ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪيترن مان هڪ بااُصول ۽ بامقصد انسان کي بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي روحن کي برباد ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪيترين ئي شهرت وارين هستين کي تباهه ڪرڻو پوي. اُن جو مثال ايوب آهي، جنهن کي قديم زماني ۾ پنهنجي بيوقوفي جو شڪار ٿيڻو پيو هو. هائو، جيستائين راز ظاهر ٿئي، مون وٽ ٻن قسمن جي صداقت آهي. هنن جي حقيقت يعني اُن جهان جي حقيقت، جنهن کان مان واقف نه آهيان ۽ پنهنجي جهان جي حقيقت خير اُن جهان يا هن جهان، ٻنهي مان هيءُ معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته ڪهڙي هنن ٻنهي مان بهتر آهي، تون ننڊ ۾ ته نه آهين؟“

”اِيئن ٿي سگهي ٿو“ ايون ڪاوڙ مان چيو. ”مان خيال ٿو ڪريان ته اُهي احمقاڻا فڪر جنهن کي منهنجو ذهن گهڻي وقت کان اڳ ۾ هضم ڪري چـُـڪو آهي ۽ اُن خرابيءَ کي دور ڪري چڪو آهي. تون وري هاڻي نئين خوراڪ ڏئي رهيو آهين.“
”مان توکي راضي نه ٿو ڪري سگهان. مان خيال ٿي ڪيو ته مان توکي پنهنجي جاذب ڳالهين سان جذب ڪري وٺندس، آسمان ۾ خدا جي حمد جو نغمو، خراب ته نه هو، ڇا هيو؟ اُن کان پوءِ هنن جو هـُـو طعنه آميز آواز.“
مان، ڪڏهن به اِهڙو خوشامدي نه آهيان، اِهڙي حالت ۾ منهنجو روح تو وانگر خوشامد بڻجي نه سگهندو.
”منهنجا عزيز دوست! مان هڪ نازنين ۽ پرڪشش نوجوان روسي سکر ماڻهو کي ڄاڻان ٿو. هو نوجوان، مفڪر ۽ اديب ۽ فن جو وڏو دلداده آهي. هو هڪ مقبول عظيم ڪليسا جو عظيم محتسب، واري نظم بابت ڳالهائڻ کان سواءِ خيال ڪندو رهان ٿو! مان توکي ڪليسا جو عظيم محتسب واري نظم بابت ڳالهائڻ کان منع ڪريان ٿو.“ ايون زور سان چيو، شرمندگي کان سندس رنگ سـُـرخ ٿي ويو.
” ۽ توکي اُها زميني لرزش، ياد آهي؟ اُن کي چڱو نظم چئي سگهجي ٿو.“
”پنهنجي زبان کي روڪ، نه ته ٻي صورت ۾ توکي ماري ڇڏيندس.“
تون مون کي ماري ڇڏيندين؟ معاف ڪج، مان ڳالهائيندو ئي رهندس. مان هت آسودگي ۽ راحت کي حاصل ڪرڻ جي خيال کان آيو هوس. اڙي مان پرجوش نوجوان دوستن جي خواب کي محبت جي نگاهه سان ڏسندو آهيان، جيڪي زندگي جي لاءِ انتظار کان ڏڪندا رهندا آهن. ”نوان انسان!“ تو گذريل بهار ۾، اُن جي متعلق فيصلو به ڪيو هو. تنهنجو مقصد هو ته جڏهن تون هتي ايندين، تڏهن هو هر شيءِ کي برباد ڪري، آدمخوريءَ جو مظاهرو ڪندا. بيوقوف انسان! هنن مون کان صلاح ئي نه پڇي! مان ته هميشه اِيئن چاهيندو آهيان، ته ڪا به ضرورت برباد نه ٿي. اَسان ته فقط اِهو ئي چاهيندا آهيون ته خدا جو تصور انسان وٽ تباهه ٿئي. شيطان جو اِهو ئي ته ڪم آهي، اِها ئي شيءِ آهي، جنهن سان اَسان پنهنجي ڪارروائي جي ابتدا ڪندا آهيون. انسان خدا جا منڪر بڻجي ويندا ۽ مون کي يقين آهي ته اُهو زمانو، جو طبقات الارض جي زمانن سان مشابهت ٿو رکي، ايندو ۽ گذري ويندو. پراڻو ڪائنات جو نظريو، بنا ڪنهن آدمخوريءَ جي ختم ٿي ويندو. اُها قديم اخلاقي نوعيت ۽ ٻي شيءِ نئين بڻجي ويندي. ماڻهو پنهنجي زندگاني کان اُهي سڀ شيون حاصل ڪندا، جا کين ڏئي سگهندي. پر اِها فقط دنياوي خوشي هوندي. انسان هڪٻئي سان اتحاد ۽ اتفاق جا هٿ وڌائيندا، تان جو هو زندگي کان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهن. هو نيڪ بختي ۽ اُن جي لذت کي، هن جهان ۾ پنهنجي توجهه جو مرڪز سمجهندا. انساني روح کي سندس خودي، الوصيت جي رتبي تي پهچائيندي. انسان پنهنجي پختي اِرادي سان، پنهنجي طبعيت تي قبضو ڪري وٺندو. ۽ هيءَ فتحمندي ايتري لذت واري هوندي، جو درجي بدرجي اڳين اُميدن جي روشني ۾ زميني مسرت جي جانشين بڻجي ويندي. هرڪو هن حقيقت کان واقف ٿي ويندو، ته مرڻو آهي ۽ موت کي تحمل ۽ سنجيدگيءَ سان قبول ڪيو ويندو. انساني خودي کيس باور ڪرائيندي ته پنهنجي زندگي جي ڪوتاهي بابت ڪا به شڪايت نه ڪري، پر اِهو ڪوتاهيءَ جو احساس، سندس ذوق جي شعلي کي ويتر تيز ڪندو. پنهنجي ڀائرن کي ڪنهن به انتظار کان سواءِ دوست ئي سمجهندو ۽ عشق جي صورت فقط لذت تائين محدود نه هوندي. هن شعلي جو مرڪز عشق جاوداني جي اميد رقبي جي کٽڪي کان سواءِ هوندو..... اِهڙي ريت ۽ اهڙي نموني انسان اڳتي وڌندو رهندو، جو نهايت دلپذير هوندو.
ايون زمين ڏي اکيون جهڪائي ويٺو رهيو. هن پنهنجي هٿن سان ڪنن کي ڇڪيو، پر هو مٿي کان وٺي پيرن تائين ڏڪڻ لڳو. آواز مسلسل ايندو رهيو.
منهنجا نوجوان مفڪر، پر ايئن ٿي به سگهي ٿو ته اِهڙو دور ايندو؟ جيڪڏهن ايئن ٿيو، ته هرڪا شيءِ ترتيب ۾ هوندي ۽ انسانيت پنهنجي مقام تي آسودي ٿي ويندي، پر جيئن ته انسان جي اندر جهالت جو پراڻو مرض موجود آهي، اِهڙو دور گهٽ ۾ گهٽ هزار ورهين جي اندر ته اچي نه ٿو سگهي، اُهو شخص جو صداقت کي سڃاڻي ٿو، هاڻي به جائز طرح، جيئن سندس خواهش هجي، زندگيءَ کي موڙي سگهي ٿو ۽ نوان اُصول اختيار ڪري سگهي ٿو. هن فهم موجب هرڪا شيءِ قانوني آهي. اَڃا به وڌيڪ، جيڪڏهن هي دور گذري نه ٿو سگهي، ۽ جيئن ته هتي نه خدا آهي نه غيرفاني، ته نئون ماڻهو ديوتا بڻجي سگهي ٿو. پوءِ ڇو نه هو سڄي دنيا ۾ اڪيلو هجي، جيڪڏهن هو پنهنجي مقام کان وڌي ٿو ته هو پنهنجي نرم دليءَ سان قديم غلام جي قديم اخلاق جي حدن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته خدا لاءِ ڪو به قانون نه آهي. جتي به خدا آهي، اُهو مقام پاڪ آهي. جتي مان بيٺو آهيان، اُهو هڪدم خاص الخاص ۽ نمايان مقام بڻجي ويندو...... سڀئي شيون قاعدي واريون آهن. ۽ اِها ئي اُن جي پڄاڻي آهي. هيءُ سڀ دلڪش حقيقتون آهن. پر جيڪڏهن تون چاهين ٿو، ته ڌوڪو ڏئين ته تون اُن جي عمل لاءِ اخلاق جي منظوري ڇو ٿو وٺين. پر هتي جاڏي ڪاڏي اسان جا جديد روسي موجود آهن، هو اخلاقي منظوري کان سواءِ ڪڏهن به ڌوڪو نه ڏيندا. کين صداقت سان وڏي محبت آهي ۽ صداقت خدا آهي. ملاقاتي وضاحت سان پنهنجي فصاحت کي ظاهر ڪندو رهيو. هو زور سان ڳالهائيندو رهيو ۽ ملامت سان پنهنجي ميزبان کي ڏسندو رهيو. ايئن معلوم پئي ٿيو، ته هو پنهنجي گفتگوءَ کي بند نه ڪندو. ايون اوچتو گلاس کي ميز تان کنيو ۽ اُن فصيح ڏانهن اُڇلائي ڏنو.
پوئين رڙ ڪري کيس چيو ته هيءَ تنهنجي زيادتي آهي، هو ٽپو ڏئي صوفي تان اُٿيو ۽ پنهنجي ڪپڙن تان چاءِ جا ڦڙا ڇنڊڻ لڳو. ”هن کي لوٿر جي مس ڪـُـپڙي ياد آئي. هي ان کي خواب به سمجهي ٿو ۽ خواب تي گلاس به ٿو ڦٽو ڪري. هيءُ ته عورت جي ڪردار جهڙو آهي. مون کي گمان هو ته تون مڪر ڪري پنهنجي ڪنن کي بند ڪري رهيو هئين.
اوچتو هڪ زور دار کڙڪو دريءَ تي ٿيو، ايون صوفي تان ٽپو ڏئي اُٿيو.
ملاقاتي کيس چيو ته ”ٻڌين ٿو. توکي دري کولڻ کپي. هيءُ تنهنجو ڀاءُ اليوشا آهي، جنهن وٽ نهايت دلچسپ ۽ عبرت ۾ وجهندڙ خبرون آهن، مون کي وڃڻ کپي.
فريبي، خاموش رهه! مون کي خبر آهي ته اليوشا آهي.مان محسوس ڪيو ته هو ايندو بيشڪ هو اجايو نه آيو هوندو، هو ڪي خبرون کڻي آيو هوندو، ايون ڪاوڙ مان چيو.
کول، کول، هن جي لاءِ کول. ٻاهر برف جو طوفان گهـُلي رهيو آهي ۽ هو تنهنجو ڀاءُ آهي.
کڙڪو مسلسل ايندو رَهيو، ايون چاهيو ٿي ته دريءَ ڏي ڊوڙي وڃي، پر ڪنهن سندس ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا هئا. هـُـن ڪوشش ڪئي ته زور سان انهن زنجيرن کي ڀڃي، پر سڄي ڪوشش اَجائي هئي. دري تي کڙڪو زور کان زوردار ٿيندو رهيو. آخر اِهي زنجير ٽٽي پيا ۽ ايون صوفي تان ٽپو ڏئي اُٿيو. هن وحشياڻي نموني پنهنجي چوڌاري ڏٺو. ٻئي ميڻ بتيون گهڻو ڪري ٻري چڪيون هيون. گلاس جو تازو، اُن ملاقاتي کي هنيو هيائين، اُهو ميز تي رکيو هو. سندس سامهون صوفي تي ڪو به موجود نه هو. دريءَ جي طاق تي کڙڪو وڌندو ٿي ويو. پر هـُـو ايترو زور وارو نه هو، جو هن خواب ۾ ٻڌو هو، پر اُن جي خلاف هاڻي خاموشي هئي.
”هيءُ خواب نه هو! مان قسم کڻي چوان ٿو اِهو خواب نه هو.“ ايون زور سان چيو. هو پوءِ دريءَ ڏي ڊوڙيو ۽ اُن جي چرندڙ طاق کي کوليائين.
اليوشا، مان توکي چيو هو، ته مون ڏي نه اچجانءِ. هن خطرناڪ نموني ۾ پنهنجي ڀاءُ کي چيو. فقط ٻن لفظن ۾ ختم ڪر. توکي ڇا چوڻو آهي. فقط ٻن لفظن ۾ ٻڌين ٿو نه؟
هڪ ڪلاڪ ٿيو. سميرڊياڪوف پاڻ کي ڦاهو ڏئي ماريو آهي. اليوشا اڱڻ مان کيس جواب ڏنو.
ڏاڪڻ ڏي ڦري اچ مان دروازو کوليان ٿو. ايئن چئي ايون، اليوشا جي لاءِ دروازو کولڻ ويو.

باب ڏهون: هيءُ ئي هو، جنهن اِيئن چيو

اليوشا اندر اَچي، ايون کي ٻڌايو ته ڪلاڪ کن ٿيو ماريا ڪانڊريٽوينيا، سندس ڪمري ۾ آئي هئي ۽ کيس خبر ڏني هئائين، ته سميرڊياڪوف پنهنجو اَنت آندو آهي. ”مان سماور کي صاف ڪرڻ لاءِ ويس، اُتي ڏٺم ته هو هڪ سيخ ۾ لڙڪيو پيو هو جا ديوار ۾ لڳل هئي. اليوشا جي پڇڻ تي هن پوليس کي اُن جو اطلاع ڏنو آهي يا نه؟ هن کيس جواب ڏنو ته هن ڪنهن کي به نه ٻڌايو آهي. پر هوءَ ڀڄندي وٽس آئي آهي ۽ سڄو وقت ڊوڙندي رهي آهي. هوءَ بلڪل پريشان ٿي ڏٺي ۽ پن وانگر ٿي لرزي. جڏهن اليوشا ساڻس گڏجي جهوپڙي ڏي ڊوڙيو ته هن سميرڊياڪوف کي اَڃا به لڙڪيل ڏٺو، ميز تي هن هڪ ڪاغذ ڏٺو. جنهن تي لکيل هو ته ”مان پنهنجي حياتي، پنهنجي مرضي ۽ خواهش سان پوري ڪريان ٿو. جيئن ڪنهن ٻي جي مٿان الزام نه اَچي.“ اليوشا هن بيان کي ميز تي ڇڏيو ۽ سڌو پوليس ڪپتان ڏي ويو ۽ کيس اُهو سڀ ڪجهه چيائين جو ٻڌو ۽ ڏٺو هئائين. اُن کان ٿي مان سڌو تو ڏي آيو آهيان. اليوشا کيس چيو. آخر ۾ هو ايون جي چهري ڏانهن نهاريندو رهيو. آکاڻي ٻڌائيندي. سندس اکيون اُن جي چهري ۾ کـُـپيون رهيون. ڄڻ ته ان مان ڪنهن حقيقت جو اظهار ٿي رهيو هو.
ڀاءُ، هن اوچتو واڪو ڪري چيو، ته تون سخت بيمار ٿو ڏسجين، مان توکي جو ڪجهه به چيو آهي، تون اُن کي سمجهي نه سگهيو آهين.
ڏاڍو چڱو ٿيو، جو تون آئين، ايون کيس اِهڙي حالت ۾ چيو ڄڻ ته هو اوجهڙاٽيون کائي رهيو آهي ۽ اليوشا جي گفتگو کي ٻڌي ئي نه رهيو هو. مون کي خبر آهي ته هـُـن ڦاهو کاڌو آهي.
ڪنهن کان ٻڌو اَٿئي؟.
مون کي خبر نه آهي، پر مان ان حقيقت کي ڄاڻان ٿو. ڇا مون کي اُن جي خبر هئڻ کپي؟ ها، اُن ئي مون کي ٻڌايو آهي، اُن ئي.“
ايون ڪمري جي وچ ۾ بيٺو هو، اَڃا به هـُـو ساڳي ريت کائيندي، گفتگو ڪري رهيو هو. هو هيٺ زمين ڏي نهاري رهيو هو.
اِهو اُن - ڪير آهي؟ اليوشا، غير ارادي طرح چوڌاري ڏسندي چيو.
”هو ترڪي ويو.“
ايون مٿي کي کنيو ۽ مشڪندو رهيو.
هو توجهڙي ڪبوتريءَ کان خوف کائيندو رَهيو. تون هڪ پاڪيزه فرشتو آهين. هيءُ ئي هو.
دمتري توکي فرشتو سڏيندو آهي. فرشتو ..... تون آسمانن جي تهه به تهه بلنديءَ جو عظيم سرمست آهين، هيءُ آسمانن جا بلندي وارا تهه ڇا آهن؟ شايد سڄوئي ستارن جو ميڙ، پر ستارن جو ميڙ فقط ڪيميائي طور تي سالم مادو شمار ٿئي ٿو، پر تون سج ۽ شينهن جي ستارن جو ميڙ آهين، ڇا توکي اُنهن جي خبر نه آهي؟
اليوشا خطري ڀري آواز ۾ کيس چيو، ته ڀاءُ خدا جي واسطي ويهي رَهه. صوفي تي ويهي رهه! بدحواس نظر ٿو اَچين. تون وهاڻي تي مٿو رکي سمهي پؤ، ڇا تون مٿي تي پاڻيءَ سان ترٽوال رکڻ پسند ڪندين؟ شايد اِهو توکي فائدو ڏئي.
”تون ٽوال ڏي“ ”اِهو ڪرسيءَ تي پيو اَٿئي. مان هاڻي اُن کي اُتي ڦٽو ڪيو هو.“
”اِهو اِتي ڪونهي اِجهو هتي.“ اليوشا کيس چيو. هن ڪمري جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ ايون جي ڊريسنگ ٽيبل جي خاني ۾ تهه به تهه ٽوال کي کڻي ورتو. جو استعمال ۾ ئي نه آيو هو. ايون عجب مان ٽوال کي ڏٺو. ٿوري ويرم لاءِ کيس ڪا يادگيري اچي وئي.
”ترس.“ هو صوفي تان اُٿي بيٺو. ”ڪلاڪ کن اڳي مان اهو ٽوال اُتان کنيو هو ۽ اُن کي پاڻي سان تر ڪري، پنهنجي مٿي جي چوڌاري ويڙهيو هو، ۽ اُن کي اِتي ڦٽو ڪيو هيم. هيءُ پوءِ ڪيئن ٿيو. مون وٽ ته ٻيو ٽوال به ڪونه آهي“
تو هن ٽوال کي پنهنجي مٿي تي رکيو هو؟“ اليوشا کانئس پڇيو.
”هائو، مان هن ڪوٺيءَ ۾ ڪلاڪ کن ٿيو، هيڏي هوڏي ڦريس...... هي شمعون اِيئن ڇو ٻري ويون آهن. هاڻي وقت گهڻو ٿيو آهي؟“
”قريب قريب ٻارنهن.“
”نه، نه“ ايون واڪو ڪري چيو. ”هو خواب نه هو. هـُـو هتي هو. هو هتي ويٺو هو. اِنهيءَ ئي صوفي تي جڏهن تون دريءَ کي کڙڪائي رهيو هئين، ته مان مٿس گلاس کي اڇلائي هنيو هو .......“
”اِجهو هن کي. هڪ منٽ ترس. مان برابر ننڊ پيو هوس. پر هيءَ خواب، خواب نه هو. هن ۾ صداقت هئي. مان گهميس ٿي، ڳالهايم ٿي ۽ ڏٺم ٿي ..... اُن هوندي به مان ننڊ ۾ هوس. هو حد کان وڌيڪ ڊنل ۽ بيوقوف هو، اليوشا.“ ايون اوچتو کلڻ لڳو ۽ فرش تي زور سان پيرن سان ڌڪ هڻڻ لڳو.
ڪير بيوقوف آهي؟ ڀاءُ تون ڪنهن جي لاءِ ڳالهائي رهيو آهين؟ اليوشا وري انتطار مان کانئس پڇيو. شيطان. هو منهنجي ملاقات لاءِ آيو هو. هو هتي ٻه ڀيرا آيو آهي اڃا به ٽي ڀيرا. هو وڏي شيطان نه پر شيطان جي حيثيت ۾ غصي مان مون تي طنز ڪندو رهيو. هو گرم پـَـرن کنوڻ ۽ گجگوڙ سان نه هو. پر هو شيطان به نه هو، هيءُ ڪوڙ آهي. هو دغاباز هو. هو سادو خبيث هو - هـُـو هڪ حقير ۽ بي لطف خبيث هو. هو حمامن ۾ ويندو آهي. جيڪڏهن تون اُن جو لباس لاهيندين ته مون کي پڪ آهي، ته توکي سندس هڪ ڊگهو ۽ لسو پـُـڇ، دينمارڪ جي ڪتن جهڙو نظر ايندو. وال ڊگهو ۽ بد رنگ ..... اليوشا تون ٿڌو ٿي ويو آهين تون برف مان آيو آهين. چانهه پيئندين، ڇو سردي آهي؟ ڇا مان چوان ته هو چانهه آڻين؟“
اليوشيا، پاڻيءَ جي گهڙامنجي ڏانهن ڊوڙيو، ٽوال کي پاڻيءَ سان تر ڪري ۽ ايون کي ترغيب ڏنائين، ته وري ويهي رَهي ۽ پوءِ آلو ٽوال سندس مـَـٿي جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيائين. پاڻ سندس ڀرسان ويهي رهيو.
ايون وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. هاڻي لـِـزي پسند آهي. مان اُن جي لاءِ ڪي بيهوديون ڳالهيون چئي ويس. اُهو سڀ ڪوڙ هو .... مون کي هوءَ پسند ايندي آهي. مون کي سڀاڻي لاءِ ڪٽيا کان خوف ٿو ٿئي. مون کي ٻين سڀني کان وڌيڪ، هن کان خوف ٿو ٿئي، ته مستقبل ۾ اَلائجي ڇا ٿيندو؟ هو سڀاڻي مون کي هڪالي ڇڏيندي ۽ پيرن ۾ مهٽيندي، هوءَ سمجهي ٿي ته مان رقابت کان متيا کي تباهه ڪري رهيو آهيان، هائو، هوءَ اِيئن ئي سمجهي، پر اِيئن نه آهي. سڀاڻي اَڏي پڇا ته اُهي، پر ڦاسي ڪانه آهي. نه مان ڦاهو کائيندس. توکي خبر آهي، اليوشا ته مان ڪڏهن به خودڪشي نه ڪندس، متيا ايئن ڇو آهي. ڇاڪاڻ ته مان خود غرض آهيان نه.“ پر مان بزدل نه آهيان. هيءَ شايد زندگي جي پيار کان آهي. مان ڪيئن سمجهان ته سميرڊياڪوف پاڻ کي ڦاهو ڏنو آهي. هاڻي اِهو هيءَ ئي هو، جنهن مون کي ٻڌايو هو.
”ڇا توکي يقين آهي ته هتي ڪو هو؟“ اليوشا کانئس پڇيو.
هائو هن ڪنڊ ۾، صوفي تي هو، توکيس هڪالي ڇڏيو. تون جڏهن پهتين ته هو غائب ٿي ويو. اليوشا مون کي تنهنجو چهرو پسند آهي. توکي خبر آهي، ته مان تنهنجي چـَـهري کي پيار ڪندو آهيان. اليوشا اُهو ماڻهو مان ئي آهيان. اليوشا مون وٽ جا به خودغرضي آهي، سا هيٺانهين درجي واري ۽ نفرت جهڙي آهي. هائو، مان روحاني انسان آهيان هن اُن کي سمجهي ورتو هو ..... جيتوڻيڪ هن منهنجي بيعزتي ٿي ڪئي. هـُـو حد کان وڌيڪ بيوقوف هو، پر اُن مان سندس ئي فائدو هو. هو مڪار هو ۽ جانورن جهڙو مڪار، کيس خبر هئي ته هو مون کي ڪهڙي ريت جوش ۾ آڻي، هو انهيءَ لاءِ مون تي طنز ڪندو هو، ته مان سندس وجود کي تسليم ڪريان ۽ اِهوئي سبب هو، جو مون کي، هـُــن ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿي. هـُـن ٻار وانگر مون کي بيوقوف ٿي بڻايو. هن ڪيتريون شيون، مون کي، منهنجي لاءِ ٻڌايون، جي سڀ سچيون هيون. جيتوڻيڪ مان اُنهن کي ڪڏهن به پنهنجو نه ٿي سمجهيو توکي اُن جي خبر آهي. اليوشا؟“ ايون هيءَ حقيقت بلڪل انتظار ۽ يقين واري آواز ۾ چيو ته مون کي ڪيڏي نه خوشي ٿيندي، جڏهن مون کي خبر پوندي ته اِهو مان نه هوس، پر هو هو.
هن توکي ٿڪائي ڇڏيو آهي. اليوشا کيس چيو. هـُـو ڀاءُ کي انتظار مان نهارڻ لڳو. هـُـو مون سان ڳالهيون ڪري رهيو هو، پر نهايت سياڻپ سان، ضمير! هيءَ ضمير ڇا آهي؟ مان هن کي پنهنجي لاءِ پاڻ تيار ڪريان ٿو. مون کي کانئس ڇو عذاب پهچي رهيو آهي؟ شايد اِهو عادت کان هوندو. انسانيت جي ڪائناتي عادت کان، جا ستن هزارن ورهين جي جهوني آهي. هاڻي، اُن کي ڇڏڻ کپي ۽ خود ديوتا بڻجڻ گهرجي. اهو به انهيءَ کي ٿي چيو. اِنهي ئي.“
۽ تون نه تون نه، اليوشا روئڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيو. هو ڀاءُ کي آزاديءَ سان ڏسڻ لڳو. اُن جي پرواهه نه ڪر، ڪيئن به هجي، تو هن سان نڀايو آهي ۽ هاڻي کيس وساري ڇڏ، ڀلي ته هو پاڻ سان اُهي سڀئي شيون کڻي وڃي، جن کي تون هاڻي پنهنجي لاءِ پاراتو ٿو سمجهين، هو وري نه ايندو.
هائو، پر هو نفرت جهڙو آهي. هو مون تي کليو ٿي ۽ هو بيحياءُ آهي، اليوشا، ايون هيءُ لفظ گناهه جي خوف جهڙا چيا. پر هو ڪيترين شين ۾ مون سان بـُـرو ٿي هليو. هن منهنجي سامهون، منهنجي بابت گهڻائي ڪوڙ ٿي ڳالهايا. اڙي تون بهادراڻي طور - ڪارنامن کي وجود ۾ آڻي رهيو آهين! هن مون کي چيو ٿي، ته تو پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو آهي ۽ تنهنجي ئي اشاري تي تنهنجي نوڪر، اُن کي قتل ڪيو آهي. اليوشا وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، ته، ڀاءُ پاڻ کي آرام ڏي اِهو تون نه هئين، جنهن اُن کي قتل ڪيو آهي. اِهو ڪوڙ آهي.
اِهوئي ته هن چيو ٿي ۽ کيس اُن جي خبر هئي. هن چيو ٿي ته تون بهادراڻو ڪارنامو عمل ۾ آڻي رهيو آهين. جيتوڻيڪ تون حسن سيرت ۾ اعتماد نه ٿو رکين، اِها ڳالهه توکي عذاب ۽ چڙ ڏياري رهي آهي. اِهوئي سبب آهي، جو تون منقدم بڻجي ويو آهين، هن اِهي ڳالهيون مون کي، منهنجي بابت ٻڌايون ٿي ۽ هن کي خبر هئي، ته هو ڇا چئي رهيو آهي.
”اِهو توئي چيو ٿي نه.“ اليوشا ماتمي آواز ۾ کيس چيو. تو ايئن ڇو چيو؟ ”ڇاڪاڻ ته تون بيمار ۽ بيهوشيءَ ۾ مبتلا آهين. تون پاڻ کي عذاب ڏئي رَهيو آهين.“
”نه، هن جيڪي چيو ٿي، اُن جي کيس خبر هئي. هن مون کي چيو ٿي ته تو وٽ غرور آهي. تون محڪم رَهي، اِيئن چوندين ته مان ئي آهيان، جنهن اُن کي قتل ڪيو آهي. پنهنجي جسم کي خوف کان مروڙين ڇو ٿو؟ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، مان تنهنجي راءِ کي نفرت سان ڏٺو ۽ تنهنجي خوف کي به! هن اِهو منهنجي لاءِ ٿي چيو ۽ هي به ٿي چيائين، ته توکي خبر آهي، ته تون چاهين ٿو، ته ٻيا به تنهنجي تعريف ڪن، ته تون ڏوهي آهين، قاتل آهين، پر تنهنجو احساس تعريف جي لائق آهي. هي ڀاءُ جي نجات لاءِ، سڀني ڳالهين جي قبوليت ڏيندو. اهو، هن ڪوڙ ڳالهايو هو اليوشا! ايون اوچتو غصي سان چيو ۽ سندس اکيون چمڪي رهيون هيون. “ مان چاهيان، ته هيءَ جا حقيقت شخص منهنجي تعريف ڪري هيءَ خصوصيت سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. مان قسم کڻي چوان ٿو، ته اِيئن نه آهي. اِهو سبب هو، جو مان مٿس گلاس اُڇلائي هنيو هو، جو سندس بدنما چهري تي لڳي ڀڄي پيو هو.
”ڀاءُ،هاڻي آرام ڪر! اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.“ اليوشا کيس دلاسو ڏيندي چيو، ”هائو، هن کي خبر آهي ته ٻي کي عذاب ڪيئن ڏجي. هو ظالم آهي.“ ايون، اليوشا ڏي ڌيان کان سواءِ ڳالهائيندو ويو. جڏهن هـُـو پهريائين آيو هو، ته مون کي اُن جي لاءِ تمام ٿوري ڄاڻ هئي. هو چوندو رَهيو ته ايئن کڻي قبول ڪجي، ته تون غرور کان راهه تي وڃي رهيو آهين ۽ اڃا به توکي اُميد آهي ته سميرڊياڪوف مري چـُـڪو هو. هن پاڻ کي ڦاهو ڏنو آهي. توکي اِها به اميد آهي، ته سميرڊياڪوف کي سزا ايندي ۽ کيس سائبيريا موڪليو ويندو. متيا آزاد ٿي ويندو ۽ اُن وقت توکي فقط اخلاقي سزا ايندي. (ٻڌين ٿو، هو اُن وقت کلي رهيو هو) ڪي ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا. هاڻي تو اڪيلي تي ڪير اعتبار ڪندو؟ پر اُن هوندي به تون ويندين تو فيصلو ڪيو آهي، ته ويندين. تون هاڻي ڇا جي لاءِ وڃي رهيو آهين. اِها گفتگو نهايت خطرناڪ هئي. اليوشا مان هنن سوالن کي برداشت ڪري نه ٿو سگهان. ڪنهن کي طاقت ٿي سگهي ٿي ته اِهڙا سوال مون کان ڪري؟
اليوشا، وچ ۾ ڳالهائيندي کيس چيو ته ڀاءُ سندس دل خوف کان ٻڏي رَهي هئي. پر کيس اَڃا اُميد هئي ته هـُـو ايون کي درست ڪري سگهندو. هن ڪهڙيءَ ريت، منهنجي اَچڻ کان اڳ ۾ توکي سميرڊياڪوف جي موت جي خبر ٻڌائي هئي. جڏهن ته ڪنهن کي خبر به نه هئي ۽ نه وري اِهڙو وقت هو، جو ڪنهن کي خبر پئجي سگهي؟
”هن مون کي ٻڌايو.“ ايون ڪنهن به شڪ جو انڪار ڪندي کيس مضبوطيءَ سان چيو. هن اِهوئي ٿي ڳالهايو. هن چيو ٿي ته جيڪڏهن تون حقيقت تي پهچندين، جي تون ڪنهن گل تي اعتبار رکين ٿو، ته سڄي حقيقت توکي صحيح نظر ايندي. ڀلي ته هو توتي اعتبار نه ڪن، تون ته پنهنجي اُصول لاءِ وٽن وڃين ٿو. پر تون به فيودورپاولووچ وانگر ننڍڙو احمق آهين. تنهنجو ’گڻ‘ سان ڪهڙو واسطو؟ تنهنجي اَڻ بڻ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جيڪڏهن تنهنجي قرباني، ڪنهن جي لاءِ به فائدي واري نه آهي؟ ڇاڪاڻ ته تون خود به نه سمجهي سگهيو آهين، ته تون اوڏانهن ڇو ٿو وڃين! اڙي توکي ته گهڻو ڌيان ايڏانهن ڏيڻ گهرجي، ته تون پاڻ کي سمجهين ته اوڏانهن ڇو وڃي رهيو آهين! ڇا، تون پختو ارادو ڪري چڪو آهين؟ تون سڄي رات ڄاڻي ٻجهي هن اُڻ تڻ ۾ رهندين، ته تون اوڏانهن وڃين يا نه وڃين، پر تون ويندين. مان ڄاڻان ٿو ته تون ويندين. توکي خبر آهي ته تون جو فيصلو ڪندين اُن جي بجاءِ فيصلو توتي ڇڏيل نه آهي. تون ويندين. ڇاڪاڻ ته تو ۾ همٿ ئي نه آهي. ته نه ويندين! ڇا، تو ۾ همٿ جو فقدان آهي؟ انهيءَ جو پاڻ ۾ توکي سراغ وٺڻ گهرجي. هيءَ تنهنجي لاءِ هڪ ڳجهارت آهي. هو اُٿيو ۽ هليو ويو. تون آئين ته هو هليو ويو. اليوشا، هن مون کي بي همٿ به سڏيو. ڇا، مان بي همٿ آهيان. هن وڌيڪ هيءُ به چيو ته هيءُ انهن عقابن لاءِ نه آهي، ته زمين تي اُڏامن. سميرڊياڪوف به ايئن ئي ٿي چيو. هن کي مرڻ کپندو هو. مون کي مهينو کن ٿيو آهي، جو مان ڏسندو رهيو آهيان، ته ڪٽيا منهنجي توهين ڪندي رَهي آهي. اِهڙي ريت لـِـزي به منهنجي توهين ڪندي! تون ئي آهين جو تعريف جي لائق آهين، پر هيءُ هڪ بي رحم ڪوڙ آهي! تون به ته منهنجي توهين ڪري رهيو آهين. مان هاڻي وري توسان نفرت ڪري رهيو آهيان! مان اُن ببلا سان به نفرت ڪريان ٿو. مان اُن ببلا کي ڪڏهن به نه بچائيندس. ڀلي ته هو سائبيريا ۾ بڇڙو ٿئي. هن هاڻي خدا جي حمد جو نغمو ڳائڻ شروع ڪيو آهي. اَڙي مان هاڻي ويندس ۽ انهن سڀني چهرن تي ٿڪون اُڇلائيندس!
هـُـن جنوني حالت ۾ ٽپو ڏنو. ٽوال کي ڦٽو ڪيائين ۽ وري ڪمري ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ لڳو. اليوشا کي ياد آيو، ته هـُـن هاڻي ڇا ٿي چيو. مان ڄڻ ته ننڊ ۾ جاڳي رهيو آهيان .... مان گهمان ٿو ۽ ڏسان ٿو ۽ ڳالهايان ٿو، پر ننڊ ۾ آهيان. هاڻي به ايئن ئي ڏسڻ ۾ ٿو اچي. اليوشا کيس نه ڇڏيو. سندس دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته هو ڊاڪٽر ڏي ڊوڙي وڃي، پر کيس پنهنجي ڀاءُ کي اڪيلو ڇڏيندي خوف پئي ٿيو. اُتي ڪوبه ڪونه هو، جو اُن جي آسري تي کيس ڇڏي. آهستي آهستي ايون کان هوش ڇڏائيندو ويو ۽ هو صفا بيهوش ٿي ويو. هو اَڃا به ڳالهائي رهيو هو، ۽ سندس گفتگو ۾ ڪو به ربط ڪونه هو، پر بلڪل وضاحت سان، هرهڪ لفظ ڌار ڌار ڪري ڳالهائي رهيو هو. البت ڳالهائڻ ۾ کيس هٻڪ پئي ٿي. اوچتو سندس ٽنگون وچڙيون پر اليوشا کيس وڌي سنڀالي ورتو ۽ کيس بستري تي ليٽايائين. هو ٻه ڪلاڪ سندس مٿان ويٺو رهيو، مريض هاڻي آرام سان سمهيو پيو هو، منجهس ڪابه چرپر ڪانه هئي ۽ هو صاف ريت سان ساهه کڻي رهيو هو. اليوشا هڪ وهاڻو کڻي، صوفي تي پئي رهيو.
جيئن هو ستو، هن ايون ۽ متيا جي لاءِ دعا گهـُـري ۽ ايون جي بيماريءَ تي غور ڪرڻ لڳو. هٺيلي فيصلي جي هيءَ ذهني تڪليف هئي. هڪ سنجيده ضمير! خدا، جنهن کي هن نه ٿي مڃيو. اُن جي صداقت هاڻي سندس دل تي قبضو ڪري رهي هئي، جا اَڃا به هو مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ’هائو‘، خيال اليوشا جي دل تي ترڻ لڳو ته هائو. سميرڊياڪوف مري چڪو آهي. هاڻي ايون جي شاهديءَ تي ڪير اعتبار ڪندو؟ پر هو ويندو ۽ اِها ڏيندو.“ اليوشا، سادگيءَ سان مشڪيو. هن خيال ڪيو ته خدا جي نيٺ فتح ٿيندي. هن خيال ڪيو، ته هو يا ته صداقت جي روشني ۾ اُٿندو .... يا هو نفرت ۽ انتقام وٺڻ جي جوش ۾ ختم ٿي ويندو. هيءُ اهو عمل ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس اعتماد ئي نه آهي. اليوشا غم کان اِيئن چوندي، ايون لاءِ وري به دعا گهري.

حصو پنجون: قانوني غلطي

---

باب پهريون: بدقسمت ڏينهن

اُهي واقعات، جن جو مان بيان ڪيو آهي، اُن جي ٻئي ڏينهن، صبح جو ڏهين بجي، اسان جي ضلعي ڪورٽ ۾ دمتري فيودورپاولووچ جو مقدمو شروع ٿيو.
پڙهندڙن کي، مان هن کان اڳ ۾ آگاهه ٿو ڪريان، ته مان پاڻ کي هن جي لائق نه ٿو سمجهان، ته اُهو سڀ ڪجهه بيان ڪريان، جو اُن مقدمي ۾ وهيو ۽ واپريو ٿي، يا ترتيب وار اصلي حقيقتن کي پيش ڪريان. مان خيال ڪريان ٿو، ته جيڪڏهن مڪمل تشريح سان سڀ ڪنهن شيءِ جو بيان ڪندس، ته مون کي هڪ وڏي ڪتاب جي ضرورت پوندي. اُن ڪري اُهي نقطا، جن مون تي اَثر ڪيو آهي، منهنجي يادگيري ۾ آهن، اُنهن کي بيان ڪريان، اُميدوار آهيان ته مون تي پڙهندڙ اعتراض نه وٺندا. مان اُنهن ڳالهين کي انتخاب ڪيو آهي، جي نهايت دلچسپ آهن ۽ ثانوي حيثيت ٿيون رکن. شايد مان ضروري تفصيل ۽ مکيه ڳالهين کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. مان پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ پڙهندڙ پاڻ ڏسندا ته طاقت آهر مون سڀ ڪجهه ڪيو آهي.
ڪورٽ ۾ گهرائڻ کان اڳ ۾ مان اُن حقيقت کي بيان ڪندس. جنهن مون کي اُن ڏينهن عجب ۾ وجهي ڇڏيو هو، سچ پچ جيئن پوءِ ظاهر ٿيو. اُن حقيقت کي ڏسي ٻيا به حيرت ۾ پيا هئا. اسان سڀني کي خبر آهي ته هن معاملي وڏي دلچسپي پيدا ڪئي هئي. سڀڪو ئي بي صبريءَ سان مقدمي جي شروع ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. گذريل ٻن مهينن کان ماڻهن جي گفتگو، قياس آرائين ۾ عقلي نقطن جو هيءُ موضوع بڻجي ويو هو. هيءَ به سڀني کي خبر آهي ته هيءَ مقدمو سڄي روس ۾ مشهور ٿي چـُـڪو هو. پر اُن هوندي به اسان اِيئن نه سمجهيو ته هيءُ فقط اَسان لاءِ نه پر سڄي روس لاءِ اِهڙي دلچسپي جو سامان ٿو رکي، پر هيءُ حقيقت مقدمي واري ڏينهن ظاهر ٿي.
ملاقاتي نه فقط اسان جي علائقي جي وڏن شهرن مان آيا هئا، پر روس جي ٻين شهرن کان به ماسڪو ۽ پيٽرسبرگ کان به. اُنهن ۾ ڪي وڪيل هئا، ڪي عورتون ۽ ڪيئي عزت وارا ماڻهو. ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي هرهڪ ٽڪيٽ، کسي ٿي وئي. معزز ۽ رسوخ وارن ملاقاتين جي لاءِ، جتي ٽيئي جج ويهڻ وارا هئا. اُنهن جي ميز جي پوئتان - خاص جاءِ تي بندوبست ڪيو ويو هو. آرام ڪرسين جي هڪ قطار اُنهن جي لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي. هيءَ خاص رعايت هئي، جا اڳي ڪڏهن به نه ڏني وئي هئي. هڪ وڏي يڪسانيت ٿي ڏٺي. يعني عام ماڻهن ۾ اَڌ فقط عورتون هيون. جدا جدا حصن مان وڪيلن جو ايڏو وڏو اَنداز آيل هو، جو انتظار ڪندڙن سوچيو ٿي، ته اُنهن کي ڪٿي جاءِ ڏني وڃي؟ ٽڪيٽ جي لاءِ گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ ورهائي ٿي وئي. مان ڏٺو ته ڪمري جي آخر ۾ ٿلهي جي پريان، نهايت جلدي مان هڪ پردو ڏنو ويو. جن ۾ هنن سڀني کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. هي سڀئي بيٺا هئا. اُن هوندي به پاڻ کي خوش قسمت ٿي سمجهيائون ته کين اِها به جاءِ جي تنگي سبب، سڀني ڪرسين کي اُتان هٽايو ويو هو، هن پردي جي پويان، ماڻهن جو وڏوگوڙ، مقدمو هلندي، ڪلهوڪلهي سان لايو بيٺو هو.
اِنهن مان ڪي خاتون، جي خاص ڪري پري کان آيون هيون، گيلري ۾ پنهنجي بهترين لباس ۾ موجود هيون، پر عورتن جي اڪثريت اِهڙي هئي، جن لباس جي طرف پنهنجو ڪوبه توجهه نه ڏنو هو. سندن چهرن مان پريشانيءَ جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا. هڪ خاص حقيقت هيءَ هئي، جنهن کي پوءِ ڏٺو ويو، ته سندن اڪثريت متيا جي طرف هئي ۽ هنن چاهيو ٿي، ته کيس آزاد ڪيو وڃي. هن مان گهڻو ڪري ايئن معلوم پئي ٿيو، ته هو عورتن جي دلين جو فاتح آهي. هيءَ به عام خبر ته ٻه رقيب عورتون، هن مقدمي ۾ اچڻ واريون آهن. اِنهن مان هڪ ڪيٽرينا ايونونا هئي، جا سڀني جي عام دلچسپيءَ جو باعث هئي. اُن بابت غير معمولي ڳالهيون ٿي ٻڌايون ويون. متيا جي بابت سندس حيرت ۾ وجهندڙ ڪهاڻيون، جي سندس ڏوهه کان الڳ قسم جون هيون. سندس غرور ۽ شاهاڻا تعلقات خاص ڪري ماڻهن جي بحث هيٺ هئا. (شهر جو هرهڪ ماڻهو سندس ڏسڻ کان وانجهيل نه هو) هيءَ ڳالهه مشهور هئي، ته هن سرڪار کي درخواست ڏني آهي، ته هوءَ ان گنهگار سان گڏ قيد ۾ وڃي ۽ سائبيريا جي کاڻين ۾ پهچڻ کان پوءِ ساڻس شادي ڪري. گروشينڪا جو سڄي ڪورٽ ۾ بيصبريءَ سان انتظار ٿي ڪيو ويو. عوام وڏي شوق ۽ پريشانيءَ مان هنن ٻن رقيبن جي گڏجاڻيءَ کي نهاري رهيو هو. هڪ مغرور ۽ شاندار ڇوڪري ۽ جادوگر، پر گروشينڪا، ضلعي جي زالن ۾ ڪيٽرينا کان وڌيڪ مشهور هئي. هنن اڳ ۾ هن عورت کي ڏٺو هو، جنهن فيودورپاولووچ ۽ سندس پٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. هو سڀئي عجب ۾ هيون، ته ڪهڙي ريت پيءُ ۽ پٽ هن عام ۽ معمولي روسي ڇوڪريءَ جي محبت ۾ جڪڙجي ويا هئا، جا ايڏي حسين به نه هئي.
مختصر ته وڏيون ڳالهيون ٿي رهيون هيون. هيءَ به حقيقت هئي ته شهر ۾ اِهڙا ڪيئي خاندان موجود هئا، جن جا متيا جي بابت پاڻ ۾ جهڳڙا ٿي هليا. ڪيتريون عورتون پنهنجي مردن سان، راءِ جي اختلاف جي سبب، هن خطرناڪ مقدمي ۾ جهڳڙنديون ٿي رهيون. اُن ڪري هي فطري سبب هو، ته هيءَ مرد، پنهنجي عورتن جي راءِ جي خلاف قيدي کان بدگمان ٿي، ڪورٽ ۾ آيا. اُن ڪري، حقيقت ۾ ايئن چئي سگهيو ٿي، ته اُن مجبوري ۾ عورتن کان وڌيڪ مرد، قيد جي خلاف هئا. اُنهن ۾ وڏو تعداد اُنهن جو هو جن جي منهن ۾ گهنج هئا ۽ جن مان سندن انتقامي جذبو ظاهر هو. سچ پچ ته متيا به شهر ۾ رهي ڪيترن ماڻهن کي ايذايو هو. منجهن ڪي اِهڙا به بلند رتبي وارا روح موجود هئا، جي شخصي طرح متيا جي قسمت سان ڪابه دلچسپي رکندڙ نه هئا. پر هي سڀئي مقدمي ۾ دلچسپي رکندڙ هئا ۽ سندن اڪثريت سندس آزاديءَ لاءِ انتظار ۾ هئي، جن ۾ وڪيل داخل نه هئا. کين اخلاقي نقطئه نگاهه کان وڌيڪ قانون ۾ دلچسپي هئي.
سڀ ڪوئي، مشهور وڪيل فيٽوڪووچ جي حاضري کان جوش ۾ هو. سندس قابليت مشهور هئي. هيءَ ڪو پهريون مقدمو نه هو، جو هن جدا جدا علائقن ۾ اِهڙي بدنام ڏوهاري جو بچاءُ ٿي ڪيو. پر هن اِهڙن مقدمن ۾ بچاءُ ڪري، پاڻ کي ايترو ته مشهور ڪيو هو، جو سڄي روس ۾ سندس نالو مشهور ٿي ويو هو. اِهڙيون ئي ڳالهيون اسان جي پراسيڪيوٽر ۽ ڪورٽ جي صدر لاءِ به مشهور هيون. چيو ٿي ويو ته ائپولٽ ڪريليووچ، فيٽوڪووچ جي مقابلي کان لرزي رهيو هو. هو شروع ۾ ئي جڏهن پيٽرسبرگ ۾ کيس ڪنهن کان ضرور رنج پهتو هو، هڪٻئي جا دشمن هئا ۽ اسان جي حساس پراسيڪيوٽر هي محسوس ٿي ڪيو، ته پيٽرسبرگ ۾ کيس ڪنهن کان ضرور رنج پهتو هو، جو سندن قابليت جي پوري پوري ساراهه ٿي نه سگهي هئي. هو اُن ڪري ڪرامازوف جي مقدمي ۾ نهايت شوق سان جوش ۾ هو. هو خواب لهي رهيو هو، ته هن مقدمي جي بدولت وڃايل شهرت کي حاصل ڪري وٺندو ۽ پنهنجي قسمت کي ٺاهيندو. چون ٿا ته فيٽوڪووچ سندس گويا انتظار هو. پر حقيقت ۾ هيءَ افواهه پورا نه هئا. اسان جو پراسيڪيوٽر، اُنهن ماڻهن مان نه هو، جو خوف جي وقت دل هاري ويهي. پر ان جي خلاف خوف جي وڌڻ سبب، سندس خود اعتمادي به وڌي ٿي وئي. هي ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي، ته اَسان جو پراسيڪيوٽر - جلد باز ۽ پنهنجي ڪم جو پورو ڄاڻندڙ هو، هو ڄڻ ته مقدمي ۾ پنهنجو روح وجهي ڇڏيندو هو ۽ اُن ۾ ايڏو ته گم ٿي ويندو هو، ڄڻ ته سندس سڄي قسمت ۽ بخت جو اُن جي نتيجي تي دارومدار آهي. قانوني دنيا ۾ هي موضوع کل جهڙو هو. هن امتيازي حالت جي باعث، اسان جي پراسيڪيوٽر وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي، جا شايد کيس شرميلي حالت ۾ ميسر ٿي نه سگهي ها. ماڻهو سندس شوق ۽ نفسيات تي خاص طرح کلندا ٿي رهيا، منهنجي راءِ اهي غلط هئا. اسان جو پراسيڪيوٽر جيئن مان سمجهان ٿو، وڏي گهراڻي وارو هو، جيئن اُن کي سمجهيو ويو هو، پر هو پنهنجي نازڪ تندرستيءَ سبب هو پنهنجي ڌنڌي ۾ بيهڪ حاصل نه ڪري سگهيو ۽ نه وري پوءِ به ڪامياب ٿي سگهيو. اسان جي ڪورٽ جو صدر، اُن جي لاءِ مان فقط هي چوندس ته هو انسانيت وارو ۽ مهذب هو. کيس هر عمل جو پورو ڄاڻو هو، اُن مان جي رايا نڪري سگهيا ٿي، اُن کان باخبر هو، هو لالـچي ضرور هو، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي مستقبل جي فڪر سان وابسته نه ٿي رکيو. سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد هي هو، ته هو ترقي پذير خيالن جو حامي ئي رهي. هو پڻ وڏي تعلقات واري ۽ ملڪيت جو مالڪ هو. جيئن اَسان کي پوءِ خبر پئي، ته کيس ڪرامازوف مقدمي جي لاءِ وڏو احساس هو. پر هيءُ سندس احساس سماجي نقطئه نگاهه کان هو نه پنهنجي شخصي حيثيت کان. هو اُن ۾ هڪ سماجي هواس ۽ دماغ جي حيثيت ۾ دلچسپي وٺي رهيو هو. اسان جي سماجي حالتن واري ڪردار ۽ تقسيم جي هو پيداوار هو، مقدمي ۾ سندس شخصي طرفداري ان جي غمناڪ حيثيت، ڏوهين ۽ خود قيدي بابت خلاف ۽ توجهه واري نه هئي. جيئن اسان جو خيال شايد صحيح هجي.
ججن جي اَچڻ کان اڳ ۾ سڄي ڪورٽ ماڻهن سان ڀرجي چڪي هئي. اسان جي ڪورٽ شهر ۾ هڪ عمدو هال آهي. ويڪري، مٿانهين ۽ آواز ٻڌڻ لاءِ بهترين عمارت آهي. ججن جي ساڄي پاسي جي شهه نشين تي هئا. ميز ۽ ڪرسين جون قطارون، مقدمي جي ڏيندڙن لاءِ هيون. کٻي پاسي قيدي ۽ سندس بچاءَ جي صلاحڪارن جي جاءِ هئي. ڪورٽ جي وچ ۾، ججن جي ڀرسان، ڏوهه سان لاڳو شيون رکيون هيون. اُتي فيودورپاولووچ جي اڇي پـَـٽَ جي شبخوابي واري قبا موجود هئي، جنهن تي رت جا داغ ها. اُهو بدقسمت پتل جو دستو به هو، جنهن لاءِ چيو ٿي ويو ته اُن سان خون ڪيو ويو هو. متيا جي قميص، جنهن جي ٻانهن تي رت جا داغ هئا، سندس ڪوٽ جنهن جي کيسي جي مٿان رت جا داغ هئا. جنهن ۾ هن رومال وڌو هو. رومال پاڻ رت ۾ ٻڏل هو، جنهن جو رنگ هاڻي زردو ٿي ويو هو. پستول، گولين سان ڀريل هو. جنهن کي متيا، پروهيٽن وٽ خودڪشيءَ لاءِ ڀريو هو، جنهن کي ماڪرو ۾ تريفان هٿ ڪيو هو. اُهو لفافو، جنهن ۾ گروشينڪا کي ڏيڻ لاءِ ٽي هزار روبل وڌا ويا هئا. واڱڻائي رنگ جو سنهو ڌاڳو، جنهن سان لفافي کي ٻڌو ويو هو ۽ ٻيون به شيون جي هاڻي مون کي ياد نه آهن. هال ۾ ڪجهه مفاصلي تي عوام جي ويهڻ جون جايون هيون. ججن جي شهه نشين جي سامهون، شاهدن جون ڪرسيون موجود هيون جن کي شاهدي کان پوءِ اتي ويهاريو ويو هو.
ٽي بجي سڀئي جج اچي پهتا. هڪ صدر، ٻيو اعزازي جسٽس آف پيس ۽ ٽيون پراسيڪيوٽر (سرڪاري وڪيل) سندن پويان جلدي پهچي ويو، پريزيڊنٽ قد جو بندرو، مضبوط، پنجاهه ورهين جو چڱو ٿلهو ٿي ڏٺو. سندس کـَـلَ ضعيف معدي جي مريض جهڙي هئي. سندس وار ڪارا هئا، پر معلوم پئي ٿيو ته هـُـو اڇا ٿيڻ وارا آهن کيس هڪ سرخ بيج لڳل هو الائجي ڪهڙي اعزاز لاءِ هو. اِهو مون کي ياد نه آهي. پراسڪيوٽر ۽ ٻين مون تي وڏو اَثر ڪيو هو. زرد ٿي ڏٺو ۽ ايئن کڻي چئجي ته سندس رنگ سائو هو، سندس چهرو ڄڻ ته جلدي سنهو ٿي ويو هو. شايد هڪڙي ئي رات ۾ ڇاڪاڻ ته مان ٻه ڏينهن اڳ ۾ کيس چڱو صحتمند ڏٺو هو. پريزيڊنٽ اُن وقت پڇڻ شروع ڪيو، ته سڄي جيوري حاضر آهي.
پر مان هن ريت بيان ڪري نه سگهندس، ڇو ته ڪي شيون مون به نه ٻڌيون ۽ ڪن کي نه به ڏٺو. ڪي شيون مون کان به وسري چڪيون آهن. جيئن مان اڳ چئي چڪو آهيان، ته اُنهن مان ڪيتريون ادبي طور تي نه مون کي وقت آهي نه جاءِ جو هر شيءِ کي جا اُتي چئي ويئي هئي، ان جو ذڪر ڪريان. مان فقط هيءَ ڄاڻان ٿو، ته ڪنهن به جيوري جي ميمبر ڪنهن به طرف تي ڪو اعتراض نه هو. مون کي باهن ئي جيوري جي ماڻهن جي خبر آهي. چار شهر جا ننڍا عملدار هئا ۽ واپاري هئا. ڇهه زراعت پيشيور ۽ شهر جا هنرمند هئا. مقدمي کان پوءِ به مون کي ان جي ڪارروائي گهڻو وقت ياد هئي، عام ماڻهن ۾ سوال مسلسل پڇيا ٿي ويا، خاص ڪري عورتن ته اِهڙو نازڪ، پيچيدو، نفسيات وارو مقدمو، معمولي آفيسرن ۽ هارين جي راءِ تائين موقوف رکيو ٿي ويو؟ هڪڙو آفيسر، اُن کان به وڌيڪ هاري ايڏي ساري معاملي کي ڪيئن سمجهي سگهيا هوندا؟ چارئي آفيسر جي ’چوري‘ ۾ شامل هئا، انهن کي ڪوبه ضمير نه هو ۽ هيٺئين درجي وارا هئا. انهن مان فقط هڪ جو شاهد سڀني ۾ ننڍو هو، ۽ باقي عمر جا وڏا ٿي نظر آيا. هو سماج اَندر ايترا مشهور نه هئا ۽ تمام ٿوري تنخواهه تي وقت گذاريندا ٿي رهيا. جن کي وڏيءَ عمر واريون ۽ ضدي زالون هيون ۽ ٻارن جو وڏو ميڙ. جن کي نه بوٽ هئا، نه جوراب. هو گهڻو ڪري پنهنجي واندڪائيءَ جي وقت تائين تاش کيڏيندي گذاريندا ٿي رهيا ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ به ڪتاب نه پڙهيو هئائون. ٻئي واپاري عزت وارا ٿي ڏٺا، پر مٿن حيرت جهڙي خاموشي ۽ نااُميدي ڇانئيل هئي، هڪڙي جي تازي ڏاڙهي ڪوڙيل هئي ۽ يورپين نموني لباس پيل هئس، ٻي کي ننڍي ۽ ڀوري ڏاڙهي هئي ۽ سرخ نيتي ۾ هڪ بـِـلو سندس ڳچيءَ ۾ پيل هو. هنرمند ۽ هارين جي لاءِ ڪجهه چوڻ جي ضرورت نه آهي. اسٽوپوريجنوسڪ جا ڪاريگر، اڪثر هاري آهن ۽ زمينن تي ئي ڪم ڪندا آهن. انهن مان ٽن کي يوروپي لباس هو. اُن ڪري هو شايد وڌيڪ غليظ ۽ ٻين کان وڌيڪ اَڻ وڻندڙ ٿي لڳا. هي ڏسي شايد عجب لڳي، جيئن مون کي لڳو ٿي، ته هي ماڻهو ههڙي مقدمي ۾ ڪهڙي راءِ قائم ڪري سگهندا؟ ان هوندي به سندن چهرن مان سختي ٿي نظر آئي.
آخر صدر فيودورپاولووچ، ڪرامازوف جي قتل جي مقدمي جو آغاز ڪيو، مون کي ياد نه آهي، ته هن ڪهڙي ريت اُن کي بيان ڪيو. ڪورٽ جي نقيب (سڏ ڪرڻ واري) پڪاريو ته قيديءَ کي حاضر ڪيو وڃي ۽ متيا ظاهر ٿيو. ڪورٽ ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. ايتري قدر جو ’سـُـئيءَ‘ جي ڪرڻ جو آواز به جيڪر ٻڌڻ ۾ اچي. مون کي خبر نه آهي، ته ٻين تي ڇا گذريو؟ پر متيا مون تي ڪو چڱو اَثر نه وڌو. هو پنهنجي نئين فراڪ ڪوٽ ۾ هڪ خطرناڪ سينگاريل بانڪو ٿي نظر آيو. مون پوءِ ٻڌو ته هن موقعي جي لاءِ هن ماسڪو مان پنهنجي خاص درزيءَ کان اِهو ڪوٽ ٺهرايو هو، جنهن وٽ سندس ماپ اڳ ۾ ئي موجود هئي، کيس ڪارا ڪپڙي جا هٿن ۾ جوراب پيل هئا ۽ سوٽي قميص هيس، سو وال جيڏا ڊگها قدم هڻندو، سڌي نگاهه رکندو پنهنجي جاءِ تي اُتي اچي ويٺو. جنهن کي ڪابه ترتيب نه ڏني وئي هئي. ايتري ۾ بچاءَ جي ڪائونسل يعني، مشهور فيٽوڪوويج اَندر گهڙيو ۽ ڪورٽ جي هڪ طرف کان ٻي طرف تائين ڀڻ ڀڻ مچي وئي. هو قدآور ۽ ڏسڻ جهڙو هو، هو ڊگهين سنهين ٽنگن وارو هو ۽ اِهڙيءَ ريت سندس ڊگهيون ۽ ڪومايل آڱريون هيون. ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ ننڍا وار، پر انهن کي چڱيءَ ريت ڦڻي ڏنل هئي، کيس ننڍڙا چپ هئا، جي ڪڏهن ڪڏهن، نفرت ۽ مشڪڻ ۾ خم کائي ٿي ويا. هو چاليهن ورهين جو ٿي ڏٺو، سندس چهرو حسين نظر اچي ها، جيڪڏهن سندس اکيون وڏيون هجن ها. اکيون غير معمولي طور تي هڪٻئي سان قريب ٿي ڏٺيون - جن جي وچ ۾ سنهڙو نڪ اکين کي هڪٻئي کان جدا ڪري رهيو هو. پر اُن هوندي به سندس چهرو متاثر ڪندڙ هو. هو شام جي لباس ۾ هو ۽ کيس ٽاءِ به ٻڌل هئي.
مون کي ياد آهي، ته صدر پهريائين متيا کان سندس نالو ۽ ٻيا ڪوائف پڇيا هئا. متيا تيزي سان جواب ڏنا ۽ سندس آواز، اُميد جي خلاف اُوچو هو، جنهن صدر کان ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيو ۽ کيس عجب مان نهارڻ لڳو. اُن کان پوءِ اُن ماڻهن جي يادداشت پيش ٿي، جي هن مقدمي ۾ حصي وٺڻ وارا هئا. يعني شاهد ۽ ڄاڻو. هيءَ هڪ ڊگهي يادداشت هئي چار شاهد حاضر هئا. پوسيوف، جنهن ابتدائي جاچ ۾ پنهنجي شاهدي ته ڏني هئي، پر هاڻي پئرس ۾ هو. خاتون هائلڪوف ۽ ميڪزيموف جي پنهنجي بيماريءَ جي ڪري غير حاضر هئا. سميرڊياڪوف پنهنجي اوچتي موت جي سبب غير حاضر سمجهيو ويو، جنهن بابت پوليس سرڪاري طور تي تصديق پيش ڪئي. سميرڊياڪوف جي اوچتي موت سبب ڪورٽ ۾ افراتفري پکڙجي وئي، پيشنگويون ٿيڻ لڳيون. ڪورٽ ۾ حاضر هئڻ وارن مان شايد ڪيترن ئي کي سندس خودڪشيءَ جي خبر ڪانه هئي. ماڻهن تي ڇا اَثر پيو، پر متيا، ڄڻ ته اوچتو ڦاٽي پيو. جيئن ته سميرڊياڪوف جي موت جو بيان گذري ويو. هن پنهنجي جاءِ تان رڙ ڪري چيو ته:
”هو ڪتو هو ۽ ڪتي جي موت مري ويو.“
مون کي ياد آهي، ته ڪهڙيءَ ريت سندس وڪيل ڊوڙندو وٽس ويو ۽ ڪيئن صدر کيس خطاب ڪندي سختيءَ سان چيو، ته ”جيڪڏهن هو وري اِهڙي حرڪت ڪندو، ته مٿس سخت قدم کنيو ويندو.“ متيا ڪنڌ لوڏيو ۽ تابعداري واري آواز ۾ ڪيئي ڀيرا پنهنجي وڪيل کي بنا ڪنهن رنج ۽ افسوس جي چوندو رهيو، ته ”مان وري ايئن نه ڪندس - نه ڪندس. اهو مون کان نڪري ويو، مان وري نه ڪندس.“
اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن مختصر واقعي، جيوري ۽ عام ماڻهن تي ڪو چڱو اثر نه ڪيو. سندس ڪردار ظاهر ٿي پيو ۽ هن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏيو. هن واقعي جو اثر اڃا هو ته ابتدائي ڪيس جو تعارف پڙهيو ويو. هي مختصر هو. پر اُن ۾ موقعي آهر سڀ ڪجهه هو. اُن ۾ فقط هڪ ئي مکيه سبب ڄاڻايو ويو هو، ته هن کي جهـَـليو ويو آهي. هن تي مقدمو ڇو هلايو وڃي ٿو ۽ اِهڙي ريت ٻيون ڳالهيون، پر انهن حقيقتن منهنجي مٿان وڏو اَثر وڌو. منشي هن کي بلند آواز ۽ وضاحت سان پڙهيو ۽ سڄي المياتي ڪهاڻي اَسان جي سامهون ظاهر ٿي پئي. سڀني ڳالهين ڏانهن توجهه ڇڪجي ويو ۽ بدقسمتي ۽ بي رحمي جي روشنيءَ ۾ اصل حقيقت کان ڇوٽڪارو ملي ويو. مون کي ياد آهي، ته ڪيئن نه جلدي ۾ صدر متيا کان تيز ۽ اَثر واري آواز ۾ پڇيو هو ته:
”قيدي تون ڏوهه قبول ڪرين ٿو؟“
”متيا، هاڻي پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ ٻيهر ڇرڪ ڏيندڙ ۽ نفرت جي آواز ۾ چيو ته، ”مان شراب ۽ اُن جي بيهودگي جو ڏوهاري آهيان. مان ڪاهلي ۽ زنا ڪاريءَ جو مجرم آهيان. جڏهن منهنجي قسمت مون کي ڌڪ هنيو هو، مان اُن وقت اقرار ڪيو هو ته مان ايماندار ٿي رهندس، پر مان اُن پوڙهي، پنهنجي دشمن ۽ پنهنجي پيءُ جو قاتل نه آهيان نه - نه اُن کي ڦـُـرڻ جو مجرم آهيان. ائين ٿي نه ٿو سگهي. دمتري ڪرامازوف بدمعاش ته آهي، پر چور نه آهي.“
هو وري ويهي رهيو ۽ ڏڪيو ٿي، جو ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ ٿي آيو. صدر وري مختصر طرح پر اَثر واري لهجي ۾ کيس هدايت ڪئي، ته جو ڪجهه کانئس پڇيو وڃي فقط اُن جو جواب ڏي ۽ هو اجاين ڳالهين ڏي نه وڃي. تنهن کان پوءِ هـُـن وري حڪم ڪيو ته مقدمو شروع ڪيو وڃي. سڀني شاهدن کان قسم کڻايو ويو. اُن کان پوءِ مون سڀني کي هڪ هنڌ ڪٺو ڏٺو. قيديءَ جي ڀائرن کي البت هيءَ رعايت ڏني وئي ته هو قسم کان سواءِ پنهنجي شاهدي ڏين. صدر ۽ پادريءَ جي واعظ ۽ نصيحت کان پوءِ شاهدن کي موٽايو ويو ۽ کين اِهڙي ريت ويهاريو ويو، جو هڪٻئي کان جدا هجن. اُن کان پوءِ هڪ هڪ کي سڏ ڪري طلب ڪيو ويو.

باب ٻيو: خطرناڪ شاهد

مون کي اِها خبر نه آهي، ته بچاءُ جي شاهدن يا فريادي ڌُر جي شاهدن کي صدر جي حڪم سان جدا جدا ٽولن ۾ ورهايو ويو هو ۽ ڪنهن ترتيب سان پڪاريو ٿي ويو پر اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته جيئن ٿي گذريو پهريائين فريادي ڌر جي شاهدن کي گهرايو ويو. مان وري به دهرايان ٿو ته منهنجو اِهو اِرادو نه آهي، ته مان ترتيب وار سڀني سوالن کي بيان ڪريان. هن کان سواءِ منهنجي حقيقت گهڻي قدر، فضول نه هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته جي به تقريرون پوءِ اُهي فريادي ڌُر کان هيون يا بچاءَ کان. سڄوئي شاهدن جو مجموعو، ظاهر ظهور ۽ مضبوط ۽ روشني ۾ جمع ڪيو ويو هو. انهن مان مون ٻن خاص تقريرن جي حصي کي مڪمل ريت ورتو آهي، جن کي مان پوءِ ڏيندس جي غير معمولي ۽ اُميد جي خلاف ان ڪهاڻيءَ سان گڏ هوندي جا آخري تقرير کان اڳ ۾ ظهور ۾ آئي هئي ۽ بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي جنهن جي زير اثر مقدمي جي سندس منصوبه بندي ۽ قسمت پڄاڻي ظاهر ٿي.
مان فقط ڏسندس ته مقدمي جي پهرئين گهڙيءَ کان، مقدمي جي خاص نوعيت نمايان هئي ۽ سڀني ڏٺي ٿي، يعني فريادي جي طرف جي بي پناهه طاقت، جيڪڏهن سڀئي ڏسجي، ته بچاءَ کي اُن تي آڌار ڪرڻو ئي هو. مقدمي جي پهرئين گهڙيءَ کان سڀني محسوس ٿي ڪيو ته هڪڙي ئي نقطي جي مرڪز کي سڀئي حقيقتون جدا جدا ميڙن جي صورت ۾ ڦري رهيون هيون ۽ سڄو ئي خوفناڪ ۽ خوني ڏوهه ظاهر ٿي چڪو هو. شايد پهريائين سڀ ڪنهن اِهو محسوس ڪيو هو، ته مقدمو ڪنهن به جهڳڙي کان بالاتر آهي ۽ هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اُن تي ڪوبه بحث نه ٿيندو ۽ بچاءَ فقط نموني لاءِ هو. قيدي ظاهر ظهور مجرم هو. مان تصور ٿو ڪريان ته عورتون توڙي جو بي صبريءَ سان قيدي جي فائدي، سندس ڇوٽڪاري لاءِ منتظر هيون. ساڳي وقت بنا ڪنهن تفاوت جي سندس ڏوهي هجڻ جون اقراري هيون، منهنجي اعتقاد موجب، جيڪڏهن هن جي مٿان مقدمو پوري ريت ثابت نه ٿئي ها، ته هو شڪست خورده رهجي وڃن ها ۽ مٿن مجرم جي آزاد ٿيڻ جي خوشي گهٽ ٿئي ها. سڀني عورتن جو هيءُ عجب جهڙو خيال، مضبوطيءَ جي حد تائين هو، جو پڇاڙيءَ تائين هو، ته مجرم کي آزاد ڪيو ويندو. هو ڏوهي ته آهي پر کيس ڇڏيو ويندو. انسانيت جو اِهو طريقو آهي ۽ نوان خيال ۽ نئين طرز جا رواج آڻي اُن موجب کيس آزاد ڪيو ويندو. اِهڙي ريت هو ڳالهيون ڪري رهيون هيون. اِهوئي سبب هو جو هو گهڻي اَنداز ۾ بي صبريءَ سان ڪورٽ ۾ آيون هيون. ماڻهن جي وري گهڻي دلچسپي، پراسڪيوٽر ۽ مشهور فيٽوڪووچ جي وچ ۾ ٿيندڙ بحث سان هئي. سڀئي عجب ۾ هئا ۽ هڪٻئي کان پڇن پيا ته اِهڙي نااُميدي جهڙي مقدمي ۾، اِهڙي مقدمي ۾ اِهڙو قابل ماڻهو ڇو نه هجي، ڇا ڪري ٿو سگهي؟ اُن ڪري هو پوري ڌيان سان، هڪ ٻئي جي پٺيان ايندڙ منزلن کي ٻڌي رهيا هئا.
پر فيٽوڪووچ، ابتدا کان وٺي آخر تائين، پنهنجي تقرير تائين ڳجهارت بڻيو رهيو. تجربي ڪار ماڻهن کي شڪ هو ته وٽس ڪا رِٿ آهي ۽ هو ڪنهن مطلب تي پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، پر هيءَ ناممڪن هو ته سندس چال کي سمجهيو وڃي ته اُها ڇا هئي؟ سندس خود اعتمادي ۽ پاڻ تي ڀروسي واري حقيقت ۾ ڪابه غلطي نه هئي. سڀ ڪنهن ماڻهو راحت مان کيس ٿي ڏٺو. اُن کان سواءِ هن پنهنجي ٿوري وقت ۾ جو ٽن ڏينهن کان مٿي نه هو. مقدمي تي قبضي ڪرڻ ۾ حيرت جهڙي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ اُن جي مطالعي ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڇڏي هئي. ماڻهن پوءِ ٻڌايو ٿي، ته هن ڪهڙي نه مرغوب طريقي ۽ دانائي سان، فريادي ڌر جي شاهدن کي منجهائي ڪيرائي ڇڏيو هو. اُن وڌيڪ هن سندس شهرت کي داغ هڻي سندس شاهديءَ جي قسمت کي گهٽائي ڇڏيو هو، پر سڄي حقيقت لاءِ خيال ٿي ڪيو ويو، ته هيءَ سڀ هن پنهنجي رانديگريءَ سان ڪيو هو ۽ پنهنجي ڌنڌي جي عظمت جي باعث، هن پنهنجي مقبول طريقن مان ڪنهن کي به نه ڇڏيو هو، جنهن ڪري سڀني جو خيال هو ته شاهدن جي هن بدنامي جي باعث، ڪو چڱو فائدو وٺي نه سگهندو. هو پاڻ به اُن کان خوب خبردار هو ۽ هن جي پويان، سندس ڪو خاص خيال ٿي ڏٺو. ڪو بچاءَ جو مخفي هٿيار هو، جنهن کي هن وقت اَچڻ تي اوچتو ظاهر ڪرڻ ٿي گهريو. پر ساڳي وقت سندس ضمير جي طاقت، ايئن ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ته پاڻ تقسيم ڪري رهيو آهي.
مثال طور، جڏهن گريگري، فيودورپاولووچ جي جهوني ملازم، دروازي جي کلڻ بابت پنهنجي خطرناڪ شاهدي جو حصو پيش ڪيو، تڏهن بچاءَ جو وڪيل کيس چنبڙي ويو ۽ پنهنجي خطرناڪ سوالن جي وقت کيس ڇيڇاڙيندو رهيو. جن کي ظاهر ڪرڻ ضروري آهي، ته گريگري هال ۾ وڏي آرام سان داخل ٿيو ۽ سندس چهري مان سنجيدگي ٿي ڏٺي ۽ مٿس ڪورٽ جو رعب يا ماڻهن جي ڪثرت جو اَثر جي، سندس شاهدي کي ٻڌي رهيا هئا. ڪوبه نه پيو هو. هن پنهنجي شاهدي ايڏي ته پختگيءَ سان ڏني. ڄڻ ته هو مارفا سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. وٽس فقط، گفتگوءَ ۾ وڌيڪ عزت ئي نظر آئي. اهو ناممڪن هو ته هن جو ڪجهه چيو هو، ۽ اُن جي خلاف ڪجهه، اُن کان چوائي سگهجي. سرڪاري وڪيل کانئس پهريان ڪرامازوف خاندان جي زندگيءَ بابت تفصيل سان سوال پڇيا. هيءَ خانداني تصوير ڀيانڪ رنگن ۾ ظاهر ٿي پئي. هيءُ ڪنن ۽ اکين لاءِ ظاهر ٿي ڏٺو ته شاهد بي قصور ۽ غير جانبدار آهي. پنهنجي مرحوم آقا جي عظمت واري دلگداز ياد هوندي به. هو هن حقيقت جو شاهد هو، ته متيا سان هن بي انصافي ڪئي هئي ۽ هن پنهنجي ٻارن جي اِهڙي ريت پرورش نه ڪئي هئي، جيئن ٿيڻ کپندي هئي. متيا جڏهن ننڍو هو، ته جيڪڏهن هو نه هجي ها ته جوءَ نئون کيس ڳڙڪائي وڃن ها. هن سندس ننڍپڻ جو ذڪر ڪندي چيو. اِهو پيءُ جي لاءِ زيب ڏيندڙ نه هو ته ماءُ کان جا ٻار کي ملڪيت ملي هئي، اُن کي غلط نموني استعمال ڪري، جا فقط هن جو ئي حق هو. سرڪاري وَڪيل جي هن سوال تي ته فيودورپاولووچ ڪهڙي بنياد تي، مالي معاملي ۾ پنهنجي پٽ سان برو سلوڪ ڪيو هو. گريگري جي جواب سڀني کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هـُـو اُن لاءِ ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو هو اُن هوندي به هو، هن حقيقت تي زور ڏيئي رهيو هو ته پنهنجي پٽ سان ٺاهه چڱو نه هو ۽ کيس ڪيئي هزار روبل، وڌيڪ ڏيڻا هئا. مان هيءَ راهه ويندي ٻڌائڻ گهران ٿو ته سرڪاري وڪيل کانئس هي به سوال ڪيو هو ته ڇا سچ پچ فيودورپالووچ، متيا جي ورثي جي حصي کي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو هو؟ هن سوال کي هن اليوشا ۽ ايون کان سواءِ ٻين واقفڪار شاهدن کان پڇيو هو، پر کيس پوري پوري خبر ڪنهن کان به ملي نه سگهي هئي. سڀني ايئن ظاهر ٿي ڪيو ته ايئن برابر آهي، پر هو ڪو به يقيني ثبوت پيش ڪري نه سگهيا هئا. رات جي کاڌي جي ميز وٽ، اُن منظر جو بيان، جڏهن متيا بگڙجي، پيءُ کي ماريو هو ۽ کيس دڙڪو ڏنو هو، ته موٽي اَچي، هو کيس خون ڪندو. گريگري جڏهن بيان ڪيو ته ڪورٽ جي اَندر اُن جي اثر کان سنسني پکڙجي وئي. هن پراڻي ڪمن سال خدمتگار، نهايت آرام سان ٿي ڳالهايو. گهڻي ڳالهائڻ کان پرهيز ٿي ڪئي ۽ سندس آواز ۾ غير معمولي اَثر هو. جا سندس فصاحت جو دليل هئي. هن ڏيکاريو ته هو متيا تي ڪنهن به حالت ۾ غصي نه آهي ۽ هن کيس ڪيرائي، جو منهن وارو ڌڪ هنيو هو، اُن کي هن گهڻو اَڳي، کيس معاف ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ کي عبور ڪندي، هن فوتي سميرڊياڪوف لاءِ چيو ته هو خاصيتن وارو ڇوڪرو هو، پر بيوقوف ۽ پاڻ کي مصيبت ۾ وجهڻ وارو هو. اُن کان بدتر هڪ بيوفا هو، پر فيودورپاولووچ ۽ سندس وڏي پٽ، کيس اِها تربيت ڏني هئي. هن گرمجوشيءَ سان سميرڊياڪوف جي ايمانداري جو بچاءَ ڪيو ۽ ٻڌايائين ته ڪيئن هن پنهنجي آقا جي ڪجهه رقم اڱڻ مان لڌي هئي، اُن کي لڪائڻ بجاءِ هو آقا وٽ کڻي ويو هو، جنهن کيس هن ايمانداري لاءِ هڪ سونو سڪو انعام طور ڏنو هو. اُن وقت کان وٺي اڳتي لاءِ هو مٿس خاص طرح اعتماد رکڻ لڳو. هن ٽرپڻو ڏيکاريندي، هن ڳالهه تي زور ڏنو ته باغ ڏانهن ويندڙ دروازو کليل هو. کانئس پوءِ ڪيترائي سوال پڇيا ويا هئا.جي هاڻي مون کي ياد نه آهن.
آخر بچاءَ جي وڪيل کانئس آڏي پڇا شروع ڪئي. پهريون سوال جو کانئس پڇيو ويو، سو ان لفافي بابت هو، جنهن جي لاءِ خيال ٿي ڪيو ويو ته فيودورپاولووچ، اُن ۾ ڪنهن ماڻهو لاءِ، ٽي هزار روبل وجهي رکيا هئا. ”تون جو ڪيترن سالن تائين پنهنجي آقا جي خدمت ۾ رهيو آهين، تو ان لفافي کي ڏٺو هو؟“ گريگري جواب ڏنو ته هن اُن رقم کي نه ڏٺو هو نه ٻڌو هو، ايستائين جو سڀڪو ان جي ڳالهه ڪري رهيو هو. لفافي بابت هي سوال فيٽوڪووچ سڀ کان پڇي رهيو هو. جن بابت کيس خيال هو ته اُن کي ڄاڻن ٿا. اِهڙي ريت سرڪاري وڪيل متيا جي ورثي لاءِ سوال ٿي ڪيو ۽ سڀ کان ساڳيو ئي جواب ٿي مليو. ته ڪنهن به اُن لفافي کي نه ڏٺو هو، جيتوڻيڪ، اُنهن مان گهڻن اُن کي ٻڌو هو، شروع ۾ ئي سڀ ڪنهن فيٽوڪووچ هن مضمون تي ثابت قدم ٿي ڏٺو.
”هاڻي مان تنهنجي اجازت سان، توکان هڪ سوال پڇندس.“ فيٽوڪووچ اوچتو ۽ اُميد جي خلاف چيو ”اُها مرهم يا جوشاندو، جو اوهان پنهنجي ابتدائي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته اُن شام جو چيلهه جي سور باعث ورتو هو، ڇا جو ٺهيل آهي؟“ گريگري تعجب مان سوال ڪندڙ کي ڏٺو. ٿوري وقت جي خاموشي کان پوءِ چيائين، ته ”اِهو عرق زعفران جو ٺهيل هو.“
”ڪجهه به نه فقط زعفران؟ توکي نسخي جو ٻيو حصو ياد نه ٿو اچي؟“
”هن ۾ شاهه داڻو به هو.“
” ۽ ڪارا مرچ به؟“ فيٽوڪووچ کانئس پڇيو.
”هائو اُن ۾ ڪارا مرچ به هئا.“
هن کي جوش ڏئي وڊڪا (شراب جو هڪ قسم) جي صورت ۾ بڻايو ويو هو.“
”اسپرٽ“
ڪورٽ ۾ کـِـلَ مثل آواز آيو.
”ها، اسپرٽ، تون پٺيءَ کي اُن سان مهٽڻ کان پوءِ، مان وسهان ٿو، جو به بوتل ۾ رهجي ويو هو، اُن کي اوهان اُنهن دوائن سان گڏ پي ڇڏيو هو، جنهن کي اوهان جي گهر واري ئي ڄاڻي ٿي.“
”هائو، مان ايئن ڪيو هو.“
”تو، اهو گهڻو پيتو هو؟ مان اٽڪل سان چوان ٿو، ته هڪ شراب جي گلاس جيترو يا ٻيڻو.“
”هو شايد ڪنن تائين ڀريل هو.“
هڪ ڀريل گلاس يا ڏيڍ؟
گريگري ڪوبه جواب نه ڏنو. هو سوچڻ لڳو، ته سندس مطلب ڇا آهي؟
هڪ يا ڏيڍ گلاس، صاف شراب جو! اِها ڪا گهٽ شيءِ نه آهي؟ تنهنجو خيال ڪيئن آهي؟ تون ته بهشت جي باغ جو دروازو کليل ڏسي سگهين پيو، هيءَ ته هتان جي باغ جو دروازو هو.“
گريگري خاموش رهجي ويو. ڪورٽ ۾ وري کل پيدا ٿي ۽ صدر چرپر ۾ آيو. ”توکي حقيقت ڏانهن نهارڻ گهرجي. فيٽوڪووچ زور ڏنو. جڏهن تو دروازو کليل ڏٺو ته تون جاڳين به ٿي يا نه؟“
”مان پنهنجي ٽنگن تي هوس.“
”تنهنجي سجاڳي جو اِهو ثبوت نه آهي. (ڪورٽ ۾ وري ٽهڪڙو مچي ويو) توکان جيڪڏهن اُن وقت سوال ڪيو وڃي ها، ته اُن جو جواب ڏئي سگهين پيو مثال طور هيءَ سال ڪهڙو آهي؟“
”مون کي خبر نه آهي.“
”اينوڊومني، هي سال ڪهڙو آهي؟ توکي اُن جي خبر آهي؟“
گريگري منجهيل منهن سان بيٺو رهيو. هو سنئون سڌو پنهنجي عذاب ڏيندڙ کي ڏسي رهيو هو. هيءَ واقعي عجب جهڙي ڳالهه هئي، ته کيس اِها به خبر نه هئي ته سال ڪهڙو آهي.؟
”شايد توکي اِها خبر هجي، ته هٿن ۾ آڱريون گهڻيون ٿينديون آهن؟“
”مان هڪ خادم آهيان،“ گريگري اوچتو چيو. سندس آواز جي بلندي واضح هئي. جيڪڏهن مون کان بهتر انسان، ايئن مناسب سمجهن ٿا، ته مون کي رانديڪو بڻائين ته مان اُن کي برداشت ڪندس.“
فيٽوڪووچ، ٿورو مـُـڙيو ۽ صدر درميان ۾ اچي کيس ياد ڏياريو، ته هو وڌيڪ سوال مناسبت سان پڇي. فيٽوڪووچ، اَدب ۽ شان سان جيءُ ڪيو ۽ چيائين ته شاهد کان ٻين سوالن پڇڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. عوام ۽ جيوري جي دلين ۾ شڪ پيدا ٿيڻ لڳو، اُهو جيتوڻيڪ ماسي جيترو هو، هيءَ اُن ماڻهو جي شاهدي هئي، جنهن ڪنهن دوا کي پيئندي بهشت جا دروازا ٿي ڏٺا ۽ جنهن کي اِها به خبر نه هئي، ته جنهن سال ۾ رهي ٿو، اُهو ڪهڙو آهي؟ پر انهيءَ کان اڳي، جو گريگري شاهدن جي پڃري کي ڇڏيو، هڪ ٻيو واقعو ٿي گذريو. صدر قيدي ڏي منهن ڪري چيو، ته ”ڇا هو شاهد جي شاهدي تي ڪا تشريح ڪرڻ گهري ٿو؟“
دروازي جي حقيقت کان سواءِ، هن جو ڪجهه به چيو آهي، صحيح آهي. ”متيا وڏي آواز ۾ واڪو ڪري چيو. ڦڻي ڏئي، جونئن ڪڍڻ لاءِ مان سندس شڪرگذار آهيان. مان سندس ٿورائتو آهيان، جو منهنجي ڌڪن هڻڻ لاءِ هـُـن مون کي معاف ڪيو آهي. هو پوڙهو سترنهن آنا، پنهنجي حياتيءَ ۾ منهنجي پيءُ سان وفادار رهيو آهي. جهڙي ريت وڏن وارن وارو ڪتو.“
”قيدي تون پنهنجيءَ زبان کي قابوءَ ۾ رک“. صدر کيس جهڻڪيو.
گريگري ڀڻڪندي چيو، ”مان وڏن وارن وارو ڪتو نه آهيان!“
”خير، مان ئي وڏن وارن وارو ڪتو آهيان!“
”جيڪڏهن هيءُ جملو بي عزتيءَ وارو آهي، ته مان توکان معافي ٿو وٺان. مان هن جي لاءِ ظالم ۽ وحشي جانور هوس. مان ايسب سان به ظالم هوس.“
”ڪهڙو ايسب؟“ صدر سختيءَ مان کانئس پڇيو.
”ها، منهنجو پيءُ ..... فيودورپاولووچ.
صدر وري وري، اَثرائتي نموني متيا کي تنبيهه ڪئي. نهايت سختيءَ سان کيس پنهنجي زبان ۾ خبردار رهڻ لاءِ سمجهائيندو رهيو.
”تون پنهنجي زبان سان ججن جي راءِ کي زخمي ڪري رهيو آهين.“
بچاءَ جو وڪيل برابر، ريڪيٽن جي شاهدي سان نبري رهيو هو. ”مان هئس چوندس، ته ريڪيٽن اُنهن مکيه شاهدن مان،جنهن جي بابت سرڪاري وڪيل کي گهڻيون ئي اُميدون هيون. ظاهر ايئن پئي ٿيو، ته کيس سڀ ڪنهن ڳالهه جي خبر آهي. سندس ڄاڻ عجب ۾ وجهندڙ هئي. هو سڀ ڪنهن جاءِ تي ويو هو. سڀ ڪنهن سان ڳالهايو هئائين ۽ کيس فيودورپاولووچ ۽ ڪرامازوف خاندان جي پوري پوري خبر هئي. هيءَ حقيقت آهي، ته لفافي بابت هن متيا کان ئي ٻڌو هو. پر هن متيا جي منصوبن کي، جي هن ميٽروپولس ۾ ٻڌا هئا، ذري پرزي بيان ڪيا. سندس صلح لاءِ ڪوششون ۽ فقرا جي هن چيا هئا ۽ ڪئپٽن سپنگيروف جي معاملي، ”مچ تي ڏنڀيو“ ، بابت ڪهاڻي، سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو، پر ريڪيٽن، متيا جي ورثي بابت پوري ريت ٻڌائي نه سگهيو ۽ پاڻ کي ڪي نفرت جهڙا جملا چئي، ظاهر ڪري وڌائين. هن وڌيڪ چيو ته ڪير چئي سگهي ٿو ته ڏوهه ڪنهن جو هو ۽ ڪهڙو، ڪنهن جي قرض ۾ ڦاٿل هو. ڪرامازوف جي جنوني طريقي موجب حالتون ايتريون ته منجهيل هيون، جو ڪوبه اُنهن کي سڃاڻي نه ٿي سگهيو. هن ڏک ڏيندڙ جي عادت سندس اُن علت سان لاڳو آهي، جا وڏي زماني کان سندس غلامي سان نسبت رکندڙ ذهنيت جي باعث آهي ۽ روس جي مصيبت زده حالت جي شاهدي آهي. هي سڀ صلاحيت واري اَداري نه هئڻ باعث آهي. کيس اِها اجازت ڏني وئي هئي ته هو پنهنجي تقرير کي مٿانهين تائين پهچائي. هيءَ پهريون موقعو هو جو ريڪيٽن ڏيکاريو، ته هو ڇا نه ڪري سگهي ٿو ۽ ماڻهن جو ڌيان ڇڪي ورتائين. سرڪار جي وڪيل کي خبر هئي، ته شاهد هن مقدمي بابت هڪ رسالو تيار ڪري رهيو آهي. هن پوءِ، جيئن اسان ڏسنداسين، پنهنجي تقرير ۾ ڪي ٽڪرا اُن مضمون مان به ڏنا هئا، جنهن مان هن ظاهر ٿي ڪيو، ته هن اُن مضمون کي ڏٺو آهي. شاهد جا تصوير پيش ڪئي آهي، اُها مايوس ڪندڙ ۽ سنسني خيز هئي، جنهن گهڻي حد تائين مقدمي کي سزا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ساڳي ريت ريڪيٽن جي شاهدي فڪر جي استقلال ۽ آواز جي سنجيدگي سان ڀريل هئي. جنهن حاضرين جي توجهه پاڻ ڏي ڇڪي ورتي. جڏهن هن روس جي غلامي ۽ اُن جي ڏکويل حالتن جو ذڪر ٿي ڪيو، ته ٻه ٽي ڀيرا تاڙيون وڄڻ لڳيون.
پر ريڪيٽن، پنهنجي جواني جي اُٻهرائيءَ سبب، ڪي ننڍڙيون غلطيون به ڪري ويٺو، جنهن مان بچاءَ جي وڪيل هڪدم فائدو ورتو. گروشينڪا جي بابت سوال پڇندي، پنهنجي خيالن جي بلندي ۾ اچي ۽ پنهنجي ڪاميابيءَ جي زعم ۾، جو کيس حاصل ٿي چڪو، پـَـري هليو ويو ۽ اگرافينااليگزينڊرووينا بابت، انتقامي لهجي ۾ ڳالهائي ويو. هن چيو ته هو سامسونوف جي داشته هئي“ . هيءَ حقيقت ريڪيٽن جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. ڇاڪاڻ ته فيٽوڪووچ کيس سوڙهو گـُـهٽي ورتو. ريڪيٽن کي هيءَ تصور ئي نه هو ته بچاءُ جو وڪيل ايتري ٿوري عرصي ۾ اُن بابت جزياتي حقيقتون معلوم ڪري ورتيون آهن.
فيٽوڪووچ، کلندي، محبت ڀريل ۽ احترام واري آواز ۾ کانئس پڇيو ته:
مون کي سوال ڪرڻ جي اجازت ڏيو، ته اوهان اُهي ئي ريڪيٽن آهيو، نه جنهن هڪ ننڍڙو رسالو متوفي مربي زوسيما، لکيو آهي، جنهن کي ڪليسا جي راهبن ڇپايو آهي، جو سڄو مذهبي خيالن سان ڀريل آهي. جنهن جي اڳيان هڪ لاجواب ڪندڙ ۽ عقيدت ڀريل انتساب وڏي پادريءَ جي لاءِ آهي. مان اُن کي پڙهيو آهي؟
مان اُن کي شايع ڪرڻ لاءِ نه لکيو هو ..... اِهو پوءِ شايع ڪيو ويو .......... ريڪيٽن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. ڪنهن خوف کان، هـُـو هوش وڃائي ويٺو ۽ شرمندو ٿي ويو. ”اڙي هيءَ ته وڌيڪ عمدي ڳالهه آهي. تو جهڙي مفڪر لاءِ، اِهو هئڻ گهرجي ته سڀ ڪنهن سماجي سوال تي، تنهنجي وسيع نظر هجي، تنهنجو نهايت هدايت وارو رسالو، وڏي پادري جي مربياڻيءَ جي ڪوشش سان، چوڌاري پکڙجي چـُـڪو آهي ۽ اُن کي ساڃاهه جهڙي خدمت سمجهيو ويو آهي. اِهائي مکيه شيءِ آهي، جنهن کي مان توکان معلوم ڪرڻ لاءِ پسند ڪريان. تو هاڻي هاڻي ٻڌايو آهي ته بيگم سوويٽلوف سان، تنهنجا قريبي تعلقات آهن. (هت مان هيءَ ظاهر ڪرڻ گهران ٿو ته گروشينڪا جو خانداني نالو سوويٽلوف هو. مان اِهو نالو پهريون ڀيرو هن مقدمي ۾ ٻڌو هو.)
مان سڀني واقفيتن لاءِ، جواب ڏئي نه ٿو سگهان ..... مان نوجوان آهيان ..... ماڻهو جن سان ملي ٿو، انهن سڀني لاءِ، ڪٿي جوابدار بڻجي سگهي ٿو.“ ريڪيٽن واڪو ڪري چيو ۽ سڄو سرخ بڻجي ويو هو.
”مان سمجهان ٿو. مان سمجهان ٿو.“ فيٽوڪووچ رڙ ڪندي چيو. ڄڻ ته هو به منجهي پيو هو ۽ جلدي ۾ خود پاڻ کان معافي گهري رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ته تون به ٻين وانگر، هڪ نوجوان ۽ حسين عورت سان واقفيت پيدا ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندو هجين، جا جلدي ۾ پاڙيسري نوجوانن کي وندرائيندي هجي. هي مون کي اطلاع پهتو آهي ۽ مان ڄاڻڻ گهران ٿو، ته بيگم سوويٽلوف ٻه مهينا اڳ ۾ ننڍي ڪرامازوف اليگزي فيودورپاولووچ سان خاص طرح واقفيت پيدا ڪرڻ ٿي گهري ۽ توکي پنجويهه روبل انعام ڏيڻ جو واعدو ڪيو هئائين. جيڪڏهن تون کيس وٽس وٺي اچين، پر راهبن جي پوشاڪ ۾ ايئن سچ پچ ٿيو به، اِها اُها شام هئي جنهن تي هي خطرناڪ واقعو ٿي گذريو هو. تو اليگزي ڪرامازوف کي بيگم سوويٽلوف وٽ وٺي آئين، ڇا توکي پنجويهه روبل انعام طور مليا هئا. اِها حقيقت آهي، جا مان توکان ٻڌڻ گهران ٿو.
هيءَ هڪ مذاق هو .... مان ڏسان ٿو ته هن مان توکي ڪوبه فائدو نه ملندو ... مان اِهو مذاق ٿي سمجهيو ..... خيال ڪيو هيم ته اِها رقم کيس موٽائي ڏيندس.
تڏهن تو اِهي پيسا ورتا هئا ..... پر تو اَڃا تائين اِهي پيسا نه موٽايا آهن .... هن ۾ ڪا خطري جي ڳالهه ته ڪا نه آهي.“ ريڪيٽن ڀڻڪندو رهيو. مان اِهڙن سوالن جي جواب ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪريان .... بي شڪ مان اِهي موٽائي ڏيندس.
صدر وچ ۾ آيو، پر فيٽوڪووچ ظاهر ڪيو ته هو شاهد کان وڌيڪ سوال پڇڻ نه ٿو گهري. ريڪيٽن شاهدن جو پڃرو ته ڇڏيو. پر هو هاڻي بيداغ نه رهيو آهي. سندس اعليٰ آدرش واري تقرير جو اَثر، گهڻي حد تائين خراب ٿي چڪو هو. فيٽوڪووچ خوني نگاهن سان کيس ويندو ٿي ڏٺو، اُهي ڄڻ ته چئي رهيون ته هي ماڻهو جو ٻين تي تهمتون رکي رهيو آهي، پاڻ ڪيتري قدر شريف آهي. مون کي ياد ٿو اَچي ته هيءُ واقعو به خاموشي سان گذري نه سگهيو. متيا جنهن توهين واري نموني کي، جڏهن پروهيٽن کان ٻڌو ته نهايت غضبناڪ ٿي ويو. هن اوچتو بلند آواز ۾ چيو ته ”پرنايڊا“ جنهن ٻيو ڀيرو، آڏي پڇا جي وقت، صدر قيدي کان پڇيو ته کيس به ڪجهه چوڻو آهي. متيا وڏي آواز ۾ چيو ته: ”جڏهن کان مون کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن مون کان ڪيئي ڀيرا قرض ورتو آهي. هي نفرت جهڙو برنارڊ آهي ۽ موقعي پرست هيءَ خدا کي نه مڃيندو آهي ۽ وڏي پادري کي ڌوڪو ڏنو اٿس.“
متيا کي وري به تلخ زبانيءَ لاءِ فهمايش ڪئي وئي ۽ ريڪيٽن ختم ٿي ويو. ڪپتان سينيگريوف جي شاهدي ناڪام رهي، پر اُها ڪن ٻين سببن جي ڪري هئي. هو چتين لڳل ۽ غليظ لباس ۾ آيو هو، کيس گپ لڳل بوٽ پهريل هو پوليس جي پوري نگهداشت ۽ نظر جي هو پيتل هو. متيا جي حملي جي بابت جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن جواب کان انڪار ڪيو. ”خدا کين برڪت ڏي. اليوشا مون کي چيو هو ته مان جواب نه ڏيان، اُن سبب خدا منهنجون اُميدون پوريون ڪندو.“
”ڪنهن توکي چيو هو ته نه ٻڌاءِ؟ تون ڪنهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهين؟“
اليوشا، منهنجو ننڍڙو پٽ. پيءُ هن پنهنجي ڪيئن نه بي عزتي ڪئي آهي. هن پٿر تي ويهندي چيو هو، هاڻي هو مري رهيو آهي ......“
ڪپتان اوچتو سڏڪا ڀرڻ لڳو ۽ صدر جي سامهون گوڏا کوڙي ويهي رهيو. عام ماڻهن جي کل جي وچ ۾ کيس ٻاهر نيو ويو، پراسيڪيوٽر، پنهنجي، جا رٿ تيار ڪئي هئي، اُها پوري ٿي نه سگهي.
فيٽوڪووچ، سڀ ڪنهن موقعي کي منهن ڏيندو ٿي ويو، ۽ مقدمي بابت سندس مڪمل ڄاڻ کي ڏسي هرڪو ماڻهو، وڌ کان وڌ عجب ۾ پئجي ٿي ويو. مثال طور تريفان بورسووچ جي شڪ وڏو اَثر پيدا ڪيو هو. هن مقدمي کان به گهڻو اڳي جو ذڪر هو. هن آڱرين تي ڳڻندي ٻڌايو ته ماڪرو ۾ پهرئين ملاقات جي وقت، هن ٽي هزار روبل يا اُن کان ٿورو گهٽ خرچ ڪيا هئا. هن خانه بدوش ڇوڪرين تي ڪيتري قدر نه فضول خرچي ڪئي هئي. جـُـونئن سان ڀريل هارين بابت پيسي جي بربادي جو ڪو سوال ئي نه هو. گهٽين ۾ جن جو قدر اَڌ روبل کان وڌ نه رهيو هو،هن اُنهن مان هرهڪ کي پنجويهه روبل جا تحفا ٿي ڏنا. اُنهن کان گهٽ هئا ئي ڪونه ڪيتري قدر نه رقم کي هر وقت بي دريغ خرچ ڪري رهيو هو. اسان جا هاري ڌاڙيل آهن. اوهان اُن کي ڄاڻو ٿا، کين پنهنجي روحن جي ڪابه پرواهه نه آهي. اِهڙيءَ ريت هن ڇوڪرين سان، اسان جي ڳوٺاڻين ڇوڪرين سان وهنوار ٿي رکيو. هو اُن ڏينهن کان پوءِ چڱيون سڻڀيون ٿي ويون هيون. مان اوهان کي هيءَ به ٻڌايان ٿي ته، هو اڳ ۾ بلڪل مفلس هيون. هن پوءِ سڀني شغلن کي ويهي ڳڻيو ۽ انهن مان جوڙ ڪيو. اِهڙي ريت سندس نظريو هو ته اِهڙي طرح پندرنهن سـَـؤ روبل خرچ ڪرڻ کان پوءِ. هن ڪجهه پاڇي ڪري ڳوٿري ۾ وڌو. اِهو اعتبار ۾ نه ٿو اَچي.
مان سندس هٿن ۾ ٽي هزار روبل ايترا صاف ڏٺا، جيترا هڪ پيسو. مان انهن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. مان خيال ڪريان ٿو، ته مان رقم کي شمار ڪرڻ ڄاڻان ٿو. تريفان زور سان چيو. هن ڪوشش ڪئي ته پاڻ کان جي بهتر هئا. اُنهن کي تسلي ڏئي.
جڏهن فيٽوڪووچ کانئس آڏي پڇا شروع ڪئي، هن مشڪل سان ڪوشش ڪئي ته اُن کي رد ڪري سگهي. هن کانئس ماڪرو جي اُن پهرئين واقعي بابت پڇڻ گهريو، جو گرفتاري کان هڪ مهينو اڳ گذريو هو. ٽموفاءِ ۽ ٻين هارين جن کي آڪم ٿي سڏيو ويو، گهٽيءَ جي فرش تان سـَـؤ روبل کنيا هئا، جي متيا کان نشي جي حالت ۾ ڪري پيا هئا. جي هنن تريفان بورسووچ کي ڏيئي ڇڏيا هئا. جي اُن جي عيوض ۾ کين هڪ روبل مليو هو. ”ٺيڪ آهي!“ وڪيل ته اِهو سؤ روبل، ڪرامازوف کي موٽائي ڏنا هئا؟ تريفان، اجايو جڪ کائيندو رَهيو ۽ هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ آخر قبول ڪيائين، ته هن اُها رقم کين موٽائي ڏني هئي. ڇاڪاڻ ته هو نشي ۾ هو. کيس شايد ياد نه هجي، پر جئين ته هن اُن رقم بابت انڪار ڪيو هو، هارين کي سڏ ڪيو ويو، ته هو اُن واقعي کي ثابت ڪن ته هن رقم موٽائي به هئي يا نه؟ هن حقيقت ۾ وڏو شڪ پيدا ڪيو. اِهڙي ريت هڪ خطرناڪ شاهد کي جو اُتي آندو ويو هو، ڪابه اهميت نه ملي.
ساڳي ڳالهه پولينڊ جي رهڻ وارن سان ٿي، هنن غرور ۽ آزاديءَ جو رستو اختيار ڪيو. هنن زوردار آواز ۾ چيو ته هو ٻئي تاج جي ملازمت ۾ هئا. هنن ٻڌايو ته متيا کين ٽن هزارن جي آڇ ڪئي هئي، ته سندس عزت کي خريد ڪري ۽ هنن سندس هٿ ۾ تمام گهڻي رقم ڏٺي هئي. پان سالووچ پنهنجي جملن ۾ ڪيئي خطرناڪ پول لفظ چئي ويا ۽ هيءَ ڏسندي ته صدر جي نگاهن ۾ سندس نتائچ جاءِ پيدا ڪئي آهي. وڌ کان وڌ شاندار بڻيو ۽ پڄاڻي به پول لفظن ۾ ئي ڪيائين. پر فيٽوڪووچ کيس ورتو ۽ کيس ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيائين. تريفان بورسووچ کي وري سڏيو ويو. سندس ٽال مٽول جي باوجود،مٿس زور آندو ويو ته هو هن حقيقت جو اعتراف ڪري، ته پان وروبلوسڪي اُن تاس جي بجاءِ، جا پهريائين آندي وئي. بدلائي ٻي رکي هئي ۽ پان سالووچ راند ۾ ٺڳي ڪئي هئي، ڪلگنوف هن جي تصديق ڪئي. ٻنهي پولن پنهنجي عزت وڃائي، پڃري کان ٻاهر آيا ۽ ماڻهن ۾ ٽهڪڙو متل هو.
اِهڙيءَ ريت سڀني خطرناڪ شاهدن سان گهٽ ۾ گهٽ اِهڙي حالت ٿي گذري فيٽوڪووچ سڀني کي نظر ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي ويو هو ۽ سندس مذاق اُڏائيندو رهيو. وڪيل ۽ ڄاڻو سندس ساراهه ۾ گم ٿي ويا. هو سڀ هن حقيقت ۾ گم ٿي ويا هئا، ته هو هن حالت کان فائدو حاصل ڪري سگهي. مان هي حقيقت دهرايان ٿو، ته سڀني محسوس ٿي ڪيو ته فريادي ڌر جي پاران، ڪڏهن به رد ٿي نه ٿو سگهي پر وڌ کان وڌ غمناڪ بڻيو ٿو وڃي. پر اُن عظيم جادوگر جي اعتقاد موجب، هنن ڏٺوئي، ته هو مستقل مزاج آهي. هو محسوس ڪندي ترسيائي ته اِهڙو ماڻهو پيٽرسبرگ کان اَجايو ته نه آيو آهي ۽ هتي اُهو ماڻهو نه آهي جو ناڪامياب ٿي پوئتي موٽي.

باب ٽيون: طبي ڄاڻو ۽ اَخروٽن جو پائونڊ

طبي ماهرن جي شاهدي به، قيدي جي لاءِ ٿوري مفيد ثابت ٿي. هيءُ پوءِ ظاهر ٿيو هو، ته فيٽوڪووچ اُن تي گهڻو مدار نه ٿي رکيو. طبي نقطئه نگاهه کان بچاءَ فقط ڪيٽرينا جي زور آڻڻ تي ورتو ويو هو، جنهن هن مطلب لاءِ ماسڪو کان هڪ مشهور ڊاڪٽر کي گهرايو هو. مقدمي بچاءَ واري حالت ۾ وڃايو ڪجهه به ڪونه ۽ بخت جي باعث مڙئي ڪجهه فائدو حاصل ڪيو. هن ۾ خوشيءَ جهڙا جزا به شامل هئا، جي ڊاڪٽرن جي جدا جدا راين سبب پيدا ٿيا هئا. ميڊيڪل ماهرن ۾ ماسڪو جو مشهور ڊاڪٽر هو هرزينسٽيوب ۽ نوجوان واراونسڪي. هي ٻئي پوءِ به فريادي ڌر کان شاهديءَ ۾ گهرايا ويا هئا.
پهريائين جنهن کي ماهرن جي صورت ۾ گهرايو ويو هو، اُهو هرزينسٽيوب هو ۽ هو سفيد وارن سان مٿي کان گنجو هو، سندس عمر ستر ورهيه هئي، وچولي قد وارو ۽ مضبوط بدن وارو ماڻهو هو. شهر ۾ هر ڪنهن ماڻهو کين عزت ٿي ڏني. هو ڪيترن خوبين وارو ڊاڪٽر، نهايت مٿاهون ۽ نيڪوڪار هو. هر مذهبي فرقي وارو مان هو، جنهن بابت به پوري پڪ نه آهي. هو اَسان وٽ ڪيتري وقت کان ٿي رهيو ۽ تعجب ۾ وجهندڙ ٿي رهيو. هو نهايت نيڪدل ۽ انسانيت وارو هو. هو غريب ۽ هارين بيمارن جو علاج مفت ۾ ڪندو ٿي رهيو. هو سندن جهوپڙين ۾ ملاقات لاءِ ويندو هو، کين دوائن لاءِ پيسا ڏيندو هو، پر هو فطرتاََ نٺر خچر وانگر هو، جيڪڏهن، هـُـن هڪ ڀيرو ڪنهن خيال کي پنهنجي دماغ ۾ ويهاري ڇڏيو، ته پوءِ ڪابه تبديلي اُن ۾ نه ايندي هئي. شهر ۾ گهڻو ڪري سڀ هن ڳالهه کان واقف هئا، ته ان مشهور ڊاڪٽر، هرزينسٽيوب جي لياقت لاءِ ڪي نامناسب لفظ چيا هئا. جن مونجهارو پيدا ڪيو هو. جيتوڻيڪ ماسڪو جي ڊاڪٽر ٻڌائي ڇڏيو ته هر بيمار جي ملاقات لاءِ پنجيوهه روبل وٺندو. اُن هوندي به ماڻهو پيسي جي پرواهه نه ڪندي موقعي جي فائدي وٺڻ لاءِ اُن ڏي ٿي ڊوڙيا. هي اڳ ۾ ڊاڪٽر هرزينسٽيوب جا گراهڪ هئا ۽ مشهور ڊاڪٽر سندن علاج وقت، نهايت سختي سان هرزنيٽيسيوب تي تنقيد ڪندي رهيا. جڏهن ڪنهن بيمار جي گهر ملاقات لاءِ ٿي ويو ته کانئن پڇائين ٿي ته ”ڏاڍو چڱو، اوهان کي دوا ڪير ڏيندو آهي؟ هرزنيسٽيوب؟ پوڙهو ڊاڪٽر ظاهر آهي ته اِنهن ڳالهين کي ٻڌو هئائين ۽ اِهڙي ريت ٽي طبيب، ماهر جي صورت ۾ هڪٻئي جي پويان شاهدي ڏيڻ آيا.
ڊاڪٽر هرزنٽسيوب، لئي پئي ظاهر ڪيو ته قيدي جي ذهني طاقت جي بابت جو خدشو ظاهر ڪبو ويو آهي، اُها هٿ جي ٺاهيل حقيقت آهي. هن جي پنهنجي راءِ لاءِ دليل ڏنا، مان هتي، اُنهن کي ترڪ ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته معمول جي مطابق، قيدي جي بابت ابتي طور، ڪيتريون ڳالهيون، سندس ماضيءَ ۾موجود آهن، پر هاڻي به ظاهر آهن. جڏهن کيس چيو ويو ته هاڻي جي بابت. سندس ذهني قوت جي لاءِ ڪهڙو ثبوت آهي؟ اُن پوڙهي ڊاڪٽر، نهايت ساده دليءَ سان اشارو ڪيو، ته جڏهن قيدي عدالت گاهه ۾ داخل ٿيو، تڏهن اسباب جي لحاظ کان، غير معمولي نظر هئي. يعني هو هڪ سولجر وانگر اَندر ٿيو، سندس سنئين سڌي نظر هئي ۽ اِها سندس طبعي عادت هئي، ته کٻي پاسي نهاري، جتي عوام جي ميڙ ۾ عورتون ويٺل هيون. جيئن ته هو صنف نازڪ جو نهايت شوقين آهي. هو خيال ڪندو هوندو، ته هنن عورتن جو اُن جي لاءِ ڪهڙو خيال آهي؟ پوڙهي پنهنجي راءِ هڪ خاص اَنداز ۾ پوري ڪئي.
مان هيءَ ٻڌائيندس ته هو روسي زبان چڱي ريت ڳالهائي رهيو هو. پر اصطلاح اڪثر جرمن زبان جي طرز ۾ اَدا ٿي ڪيائين، جن کيس گهڻي تڪليف نه ٿي ڏني. ڇاڪاڻ ته هي سندس ڪمزوري هئي جو کيس هيءَ خيال هو ته هو روسين کان به وڌيڪ روسي زبان ڳالهائي ٿو سگهي. هو روسي پهاڪن کي استعمال ڪرڻ جو به ڏاڍو شوقين هو. سندس خيال هو، ته روسي پهاڪا، دنيا جي اَندر، وڌيڪ عمدا ۽ مفصل آهن. مان هي به ٻڌائيندس ته هو گفتگو ۾ ايڏو ته نسيان ۾ مبتلا هو، جو اڪثر معمولي لفظن کي به وساري ٿي ڇڏيائين. اُهي ڪڏهن ڪڏهن ته سندس دماغ کان نڪري ٿي ويا. جيتوڻيڪ هو، اُنهن کي پوري ريت ڄاڻي به پيو. اِهائي ساڳي حالت کيس جرمن ٻولي ڳالهائيندي به پيش آئي. اِهڙن وقتن تي هو هميشه هٿن لوڏڻ جو عادي هو، ڄڻ ته ڪوشش ڪري رهيو هو، ته وڃايل لفظن کي پنهنجي قبضي ۾ نه پيو آڻي. سندس هنن لفظن ته قيدي اندر ايندي ئي، عورتن کي ڏٺو. حاضرين ۾ دلچسپ چوپچو پيدا ٿي. اسان جون سڀئي عورتون، اسان جي پوڙهي ڊاڪٽر کي چاهينديون ٿي رهيون. کين اِها خبر هئي، ته سڄي حياتي ڪنوارو رهيو هو ۽ عمدين عادتن وارو مذهبي ماڻهو آهي. پر اُن هوندي به عورت جي لاءِ سندس مٿانهون خيال هو. سندس اُميد جي خلاف مشاهدي، ماڻهن ۾ کيس بي ڍنگو بڻائي ڇڏيو.
ماسڪو جي ڊاڪٽرن کان جڏهن واري تي پڇيو ويو، ته هنن وضاحت ۽ صفائي سان ٻڌايو، ته هو ذهني طور تي معمول جي خلاف ٿو سمجهي. هن دماغي فتور ۽ جنون تي فاضلاڻي ۽ طويل گفتگو ڪئي. هن دليل ڏيندي چيو، ته جيڪي به حقيقتون مليون آهن، ته قيدي ڪيترن ڏينهن کان بنا ڪنهن شڪ جي قيد ٿيڻ کان اڳ ۾ دماغي فتور ۾ مبتلا هو، جيڪڏهن هن ڏوهه ڪيو به آهي، ۽ اُن جو کيس پورو احساس به هوندو، پر اِهو سڀ غير اِرادي هو، ڇاڪاڻ ته وٽس، اُن مريض نبض تي قبضي ڪرڻ جي طاقت ئي موجود نه هئي. هن عارضي دماغي فتور کان سواءِ، ڊاڪٽر جنون جي تشريح به ڪئي، جنهن مان سندس لفظن جي مطابق اڳتي انديشو هو ته سندس خوس ۾ پورو خلل پيدا ٿي پوي. (مان هتي هيءَ ٻڌائڻ ٿو گهران ته مان هيءَ حقيقت پنهنجي لفطن ۾ ڏني آهي مگر ڊاڪٽر عالمن ۽ ڌنڌي وارن جي ٻوليءَ ۾ اُن کي سمجهايو ٿي) سڀئي معمولي سمجهه ۽ منطق جون خلاف ورزيون. هو مسلسل چوندو رهيو، ته اُنهن شين جي نسبت مون سان نه ڏيو. جن کي مون نه ڏٺو آهي. مثلاً ڏوهه جو ٿيو آهي. اُهو پاڻ هن ڊرامي جو انجام. ڪالهه کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ جڏهن هو مون سان ڳالهائي رهيو هو، هـُـن بنا ڪنهن سبب جي مون ۾ اکيون کپائي ڇڏيون هيون. هو اُميد جي خلاف کلندو رهيو، جڏهن ته کلڻ لاءِ اِهڙي شيءِ ئي ڪانه هئي. هن مسلسل ۽ ناقابل تلافي جوش کي ڏيکاريو ۽ عجيب الفاظ استعمال ڪندو رهيو. برنارڊ! اخلاقيات، ٻيا اُنهن جهڙا ڪيئي لفظ، ڊاڪٽر اُن کان پوءِ جنون تي آيو. سڀ کان وڌيڪ هيءَ حقيقت هئي، ته قيدي. رڳو ٽن هزار روبل جي ڳالهه نه ٿي ڪئي، جنهن بابت هن پاڻ سمجهيو ٿي ته هن ٺڳي ڪئي آهي. هن وٽ فقط غير معمولي جوش هو، جيتوڻيڪ هو اُن جي ڀيٽ ۾ ٿورو گهڻو، ٻين بدبختين ۽ تڪليفن جي لاءِ ڳالهائي سگهيو ٿي. اِنهن سڀني حقيقتن جي روشنيءَ ۾، هن پنهنجي ماضي ۾ به، جڏهن جڏهن ٽي هزار روبل جو ذڪر ٿي آيو، ته هـُـو پاڳل ٿي بڻجي ويو. اُن هوندي به هن جي لاءِ معلوم ٿيو آهي، ته هن حقيقت ۾ نه سندس ڪا دلچسپي هئي نه وري خودپرستي هئي.
”مان پنهنجي فاضل هم منصب جي راءِ بابت چوندس.“ ماسڪو جي ڊاڪٽر، پڇاڙي ۾ طنزيه طور چيو ته ”ڊاڪٽر، قيدي، عدالت گاهه ۾ ايندي عورتن ڏي نهاريو، هيءَ حقيقت کـِـلَ جهڙي آهي ۽ بلڪل بي بنياد آهي، مان تصديق ٿو ڪريان، ته قيدي، سڌي نگاهه جي بجاءِ عورتن کي ڏٺو. مان ايئن چوندس ته هن ٻاراڻي نظريي ۾ بنيادي ريت ڪوبه آواز نه آهي. اُن هوندي به هن ڳالهه کي قبول ٿو ڪريان، ته عدالت گاهه ۾ ايندي، جتي سندس قسمت جو فيصلو ٿي رهيو آهي. کيس فطرتاََ سامهون ڏسڻو نه هو، اِها سندس ذهني ڪمزوري جي علامت بڻجي ها ۽ ساڳي وقت مان هيءَ به چوندس، ته هن کاٻي پاسي عورتن کي ڏسڻ نه ٿي گهريو. پر ان جي خلاف هن سڄي پاسي ڏسڻ ٿي گهريو، ته جئين پنهنجي قانوني صلاحڪار کي ڏسي، جنهن جي مدد تي. سندس اميدون قائم آهن ۽ جنهن جي بچاءَ تي سندس مستقبل رکيل آهي. ڊاڪٽر پنهنجي راءِ کي وضاحت ۽ مضبوطيءَ سان ظاهر ڪيو.
پر اُميد جي خلاف، ڊاڪٽر واراونسڪي جو فيصلو ماهرن جي جدا جدا راين جي وچ ۾، جو تفاوت هو، اُنهن کي آخري ڪڙي تي پهچائي ڇڏيو. سندس راءِ قيدي، هاڻي يا اُن کان اڳ ۾ بلڪل صحيح حالت ۾ هو، جيتوڻيڪ ايئن ٿي سگهي ٿو، ته گرفتاريءَ کان اڳ ۾ هو پريشان هجي ۽ جوش ۾ هجي. هي شايد ڪيترن مونجهارن پيدا ڪندڙ سببن جي باعث هجي. حسد، ڪاوڙ ۽ ساندهه شراب جو استعمال ۽ ٻيون ڳالهيون، پر هي پريشاني جون حالتون، ذهني فتور جي باعث ٿي نه ٿيون سگهن، جنهن جو هت ذڪر ڪيو ويو آهي. هي سوال ته قيديءَ کي آخر کٻي ڏسڻو هو يا سڄي، اُن جي نماڻي راءِ قيدي کي فطرتاََ ڪورٽ ۾ داخل ٿيندي ئي سـِـڌو نهارڻ کپندو هو. جيئن هن ڪيو به آهي. کيس اُنهن ججن کي ڏسڻو هو، جي سندس قسمت جو فيصلو ڪرڻ وارا هئا ۽ اُهي اِتي ئي ويٺا هئا. اُن ڪري جيئن هن سامهون ڏٺو آهي، اُن مان هن ڏيکاريو آهي، ته سندس دل ۽ دماغ پوري ريت جاءِ تي هو. نوجوان ڊاڪٽر، پنهنجو نماڻو اظهار ڪيو جو ڪجهه گرميءَ سان هو.
”شاباش ڊاڪٽر!“ پنهنجي جاءِ تان متيا اُٿندي واڪو ڪري چيو. بلڪل اِيئن، ڪيئن به هجي متيا کي روڪيو، پر نوجوان ڊاڪٽر جي راءِ ججن ۽ عام ماڻهن تي خطرناڪ اَثر ڇڏيو ۽ جيئن پوءِ معلوم ٿيو. سڀ ڪنهن سندس راءِ کي قبول ڪيو، پر ڊاڪٽر هرزينسٽيوب کي جڏهن شاهد جي حيثيت ۾ گهرايو ويو، ته هو اُميد جي خلاف متيا جي لاءِ ڪارائتو بڻجي ويو. جيئن ته هـُـو شـَـهر جو هڪ پراڻو رهندڙ هو ۽ ڪرامازوف خاندان کي چڱي طرح سڃاڻندو هو ۽ سالن کان ڄاڻندو هو. هن فريادي ڌر کي وڏيون قيمتي ڳالهيون ٻڌايون. اوچتو، هو ڪنهن ڳالهه کي ياد ڪري چوڻ لڳو ته:
”هيءُ غريب نوجوان، شايد ڪنهن ٻي قسم جي حياتي گذاري ها، جيئن مون کي خبر آهي، ته وٽس ننڍپڻ ۾ ۽ پوءِ به هڪ نيڪ دل هئي. پر روسي پهاڪو ٻڌائي ٿو، ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي هڪ مٿو آهي، ته چڱو آهي، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو سياڻو ماڻهو وٽس گڏجڻ لاءِ آيو ته هيءَ اُن کان به چڱو، ڇاڪاڻ ته اِهي پوءِ ٻه مٿا هوندا، نه هڪ“
هڪ سئو چڱو آهي پر ٻه مٿا هوندا، ته اُن کان وڌيڪ چڱا، سرڪاري وڪيل بي صبريءَ سان کيس چيو، کيس خبر هئي ته پوڙهي ماڻهو کي آهستي آهستي ۽ ڇٻي چٿي ڳالهائڻ جي عادت آهي. هن اَثر کان بلڪل بي پرواهه هو ته هو دير جو سبب بڻجي ٿو. هو پنهنجي جرمن خاصيت کي سنئون سڌو ۽ ڪـُـند نموني ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پوڙهو مذاق ڪرڻ جو به شوقين هو.
”هائو، هاڻي، اِها ڳالهه آهي. جنهن کي مان چئي رهيو آهيان.“ هو پنهنجي حقيقت تي ضد ڪندي چوندو رهيو. هڪ مٿو چڱو آهي ۽ ٻه اُن کان بهتر. مگر هيءَ ڪنهن به اِهڙي ٻي دماغ سان ملي سگهيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جون ڪي خاصيتون هجن، اُن ڪري هن ۾ جي صلاحيتون هيون، سي به وينديون رَهيون. اُهي ڪاڏي ويون؟ مون کان اُهو صحيح لفظ وسري چڪو آهي هو ڳالهائيندو رهيو ۽ سندس هٿ اکين کان مٿي کڄي ويو، ”آوارهه گردي“ ”آوارهه گردي؟“
هائو آوارهه گردي، اِهوئي مون کي چوڻو هو، مان تنهن جون سڀئي صلاحيتون، آوارهه گرديءَ ۾ مبتلا ٿي ويون ۽ هو اِهڙي ته کڏ ۾ وڃي ڪريو، جتي هن پاڻ کي وڃائي ڇڏيو. اُن هوندي به هيءَ شڪرگذار ۽ حساس ڇوڪرو هو، ها مان هن کي چڱي ريت سڃاڻان ٿو. هو جڏهن ننڍو هو ۽ وڏين صلاحيتن وارو هو ته کيس بلڪل وساريو ويو. سندس پيءُ کيس اڱڻ جي پٺ ۾ اُڇلائي ڇڏيو هو. اُن وقت هو بوٽن کان سواءِ پيرين اُگهاڙو ڊوڙندو هو ۽ سندس سوڙهن پانچن وارو پاجامو، هڪ بٽڻ جي حالت ۾ لڙڪندو ٿي رهيو.“
اوچتو اُن ايماندار، پوڙهي جي آواز ۾ جذبات ۽ شفقت اچي وئي هئي. فيٽوڪووچ هيءَ ڏسي پڪي ارادي سان تيار ٿيو. هن ڄڻ ته اِهڙي شيءِ کي سنگهيو هو، جنهن کي هاڻي، هن وٺڻ ٿي گهريو.
هائو، مان اُن وقت نوجوان هوس .... هائو مان اُن وقت پنجيتاليهه ورهين جو هوس ۽ تازو هتي آيو هوس. مان اُن وقت هن ڇوڪر لاءِ ڏاڍو ڪڙهندو هوس. مان پاڻ کي چيو ته ڇو نه هن لاءِ هڪ پائونڊ ..... ڇا جو پائونڊ؟ مون کان وسري ٿو. هن کي ڇا چئبو آهي؟ اِهوئي جو ٻارن کي نهايت مرغوب هوندو آهي. اِهو ڇا آهي؟ اِهو ڇا آهي؟ ڊاڪٽر وري پنهنجي هٿن کي لوڏڻ لڳو. هو هڪ جي پيدائش آهي. اُن کي گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ سڀ کي ڏنو ويندو آهي.
”صوف؟“
نه، نه. اوهان صوفن جو ڊزن وٺي سگهو ٿا، نه پائونڊ. نه هيءَ تمام گهڻي اَندازي ۾ ٿين ٿا. توهان انهن کي وات ۾ وجهي زور ڏيئي ڀڃي سگهو ٿا.
”اَخروٽ.“
بلڪل اَکروٽ، مان ايئن ٿي چيو. ڊاڪٽر نهايت تحمل سان اُن کي دهرايو. ڄڻ ته هن اُن لفظن کي وڃايل نه سمجهيو هو. مان اُن جي لاءِ، هڪ پائونڊ اَخروٽن جو خريد ڪيو، ڇاڪاڻ ته اَن ٻار لاءِ، ڪنهن به اڳ ۾ اخروٽ جو پاءُ خريد نه ڪيو هو. مان پنهنجي آڱر کنئين ۽ کيس چيم، ته ”ڇوڪرا هي سوغات کڻ“ هو کليو مون وري کيس چيو، ته ”هيءَ سوغات کڻ.“ هو وري به کليو ۽ چپن مان ڀڻڪيو، ته ”هيءَ عجيب سوغات آهي.“ مان هليو ويس. ٻن ڏينهن کان پوءِ، اتان گذريس، هـُـن واڪو ڪري چيو، ته ”چاچا‍! سوغات واپس کڻ پر کانئس هي لفظ وسري ويا هئا، ته هيءَ عجيب سوغات آهي.“ مان هاڻي آيو آهيان ۽ اوهان جو شڪريو اَدا ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪنهن به اَخروٽن جو پائونڊ مون وٽ نه آندو آهي. ٽيويهه سال هن حقيقت کي گذري ويا. هڪ صبح جو مان پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ هوس. منهنجا وار اَڇا ٿي ويا هئا ۽ پوڙهو هوس، ڏٺم ته ڪمري ۾ هڪ ڦوهه جوانيءَ وارو اَندر گهڙي آيو. مان جيڪر کيس نه سڃاڻي سگهان ها. هن آڱر مٿي کڻندي چيو، ته ”هيءَ سوغات کڻ“ . هيءَ عجيب سوغات آهي، تون ئي ماڻهو هئين، جنهن کي مون لاءِ هيڏي محبت هئي. اَن کان پوءِ مان پنهنجي مسرت ڀري جوانيءَ کي ياد ۾ آندو ۽ هي گهر جي صحن ۽ مسڪين ڇوڪرو، جنهن کي پيرن ۾ بوٽ به نه هئا. منهنجي دل تي وڏو اَثر پيو. چيومانس، ته ”تون احسانمند ڇوڪرو آهين. ڇاڪاڻ ته تو سڄي حياتي اَخروٽن جي پائونڊ کي نه وساريو آهي، جن کي مان تنهنجي ننڍپڻ ۾ خريد ڪيو هو. مان کيس پنهنجي آغوش ۾ ورتو. دعائون ڪيون مانس ۽ ڳوڙها وهائيندو رهيس. هو به لـُـڙڪ هاريندو رهيو ۽ پوءِ کليو، ڇاڪاڻ ته روسي روئندي به کلندو آهي. مان اهو ڏٺو ۽ هاڻي افسوس .....؟
مان هاڻي به روئان ٿو، جرمن! درويش انسان مان هاڻي به روئان ٿو. متيا اوچتو واڪو ڪري چيو.
ڪيئن به هجي، هن آکاڻي سندس فائدي ۾ وڏو اَثر ڪيو ۽ عوام متاثر ٿيو، پر متيا جي فائدي ۾ وڏو اَثر ڪيٽرينا ايونونا جي شاهد ڪيو، جنهن کي مان سنئون سڌو بيان ڪندس. جڏهن بچاءَ جي شاهدن پنهنجون شاهديون ڏيڻ شروع ڪيون، ته سچ پچ ڏسڻ ۾ آيو ته قسمت ظاهر ظهور متيا جي فائدي ۾ آهي، خاص ڪري هڪ شيءِ وڏو اَثر ڪيو، جا بچاءَ جي وڪيل جي لاءِ به عجب ۾ وجهندڙ هئي، پر اُنهي کان اڳي جو ڪيٽرينا ايونونا کي سڏيو ويو، اليوشا جي شاهدي ورتي وئي. هن هڪ اِهڙي حقيقت کي بيان ڪيو، جنهن هڪ خاص ۽ مکيه نقطي کي فريادي ڌر وٽ ظاهر ڪيو.

باب چوٿون: متيا تي قسمت مـُـشڪي

هن حقيقت خود اليوشا کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو، کيس قسم کڻائڻ جي ضرورت نه هئي. مون کي ياد ٿو اَچي ته ٻنهي طرفن ساڻس نرميءَ ۽ همدرديءَ سان ٿي ڳالهايو. هي ظاهر هو ته سندس نيڪيءَ جي شهرت کيس مٿاهون درجو ڏنو هو. اليوشا پنهنجي شاهدي، شرميلي طرح بنا ڪنهن مزاحمت جي ڏني، پر سندس گرم همدردي پنهنجي بدقسمت ڀاءُ لاءِ بنا ڪنهن غلطي جي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن پنهنجي ڀاءَ جي ڪردار کي هڪ انسان جي حيثيت ۾ پيش ڪيو. هن ٻڌايو ته هو طبعيت ۾ خطرناڪ حد جو جذباتي آهي، پر اُن هوندي به ساڳئي وقت عزت وارو، فخر وارو، رحمدل، خود قرباني جي لاءِ تيار هوندو آهي. سڀني هـِـن ڳالهه کي به قبول ڪيو، ته گروشينڪا جي محبت جوش ۾، ۽ رقابت جي سبب، جا کيس پنهنجي پيءُ سان هئي، کي به قبول ڪيو هو، پر هن، هـِـن حقيقت کي حقارت سان مڪروه سمجهيو، ته ٿي سگهي ٿو هن پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو هجي. ڇاڪاڻ ته اُن ۾ سندس فائدو هو، پر ۽ هن، هـِـن ڳالهه کي قبول ڪيو ته ٽن هزار روبلن جو خيال متيا جي دل ۾ ويهي ويو هو، جنهن کي هن پنهنجي ورثي جو حصو ٿي سمجهيو ۽ جنهن ۾ سندس پيءُ کيس ٺڳيو هو. جئين ته هو پيسي جي معاملي ۾ بي پرواهه هو، اُن ڪري هن ٽن هزارن جي بابت هميشه بنا ڪنهن جوش جي ٿي ڳالهايو. ٻن خاتون جي رقابت جي معاملي ۾ يعني ڪيٽرينا ۽ گروشينڪا جي لاءِ، جڏهن سرڪاري وڪيل کانئس پڇيو، تڏهن، هن اُن کي ٽاريندي جواب ڏنو ۽ بيدليءَ سان هڪ ٻن سوالن جو جواب ڏنائين.
پراسيڪيوٽر کانئس پڇيو، ته ڪيئن به هجي تنهنجي ڀاءُ توکي هن بابت چيو هو ته سندس ارادو پيءُ کي قتل ڪرڻ جو هو؟ هن کيس وڌيڪ چيو، جيڪڏهن تون هن ۾ جواب ڏيڻ پسند نه ڪرين ته نه ڏي.
هن مون کي سنئون سڌو اِيئن چيو هو. اليوشا کيس ورندي ڏني. ”هن هڪ ڀيري مون سان اَسان جي پيءُ لاءِ حقارت سان ڳالهايو هو ..... کيس خوف هو ته هو جوش واري گهڙيءَ ۾ شايد کيس قتل ڪري وجهي.“
” ۽ تو مٿس اعتبار ڪيو؟“
”مون کي هيئن چوندي خوف ٿو ٿئي ته مان اعتبار ڪيو. پر مون کي هن ۾ شڪ نه هو ته سندس مٿاهون جذبو، اِهڙين خطرناڪ گهڙين ۾ کيس بچائيندو رهندو. سچ پچ هنن کيس بچايو به ٿي. اُن ڪري هيءُ ٿي نه ٿو سگهي، جنهن منهنجي پيءُ جو خون ڪيو آهي.“ اليوشا اهي لفظ اعتماديءَ سان ۽ وڏي واڪي چيا، جي ڪورٽ ۾ سڀ ڪنهن ٻڌا.
سرڪاري وڪيل ايئن ڇرڪ ڀريو، جيئن شرناين جي آواز تي جنگي گهوڙو.
مان توکي هن لاءِ يقين ٿو ڏياريان ته مون کي، ڏوهه جي احساس بابت، تنهنجي صداقت تي پورو اعتبار آهي، پر تون اُن کي پنهنجي بدقسمت ڀاءُ جي محبت کي مدنظر رکي بيان نه ڪر، نه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪر هـِـن سڄي دردانگيز ڪهاڻي بابت اوهان جي خاص راءِ، اَسان کي ابتدائي جاچ مان معلوم ٿي چڪي آهي. هن ڳالهه کي اوهان کان ڳجهو نه رکندس، ته اوهان جي حقيقت ٻين سڀني شاهدين جي مقابلي ۾ جداگاڻو ۽ خلاف آهي. اُن ڪري مان اِهو ضروري سمجهان ٿو، ته توتي ٻڌائڻ لاءِ زور آڻيان، ته اُهي ڪهڙيون حقيقتون آهن، جن جي اَثر هيٺ تون پنهنجي ڀاءَ کي گناهه کان معصوم ٿو سمجهين ۽ ٻي ماڻهو کي ڏوهي ٿو سمجهين جنهن بابت تون اَوائلي جاچ ۾ بيان ڏئي چـُـڪو آهين؟
مان اَوائلي جاچ ۾ سوالن مان فقط هڪ جو جواب ڏنو هو. اليوشا آهستگي ۽ تحمل سان چيو. ”مان پاڻ سميرڊياڪوف تي ڪوبه الزام نه رکيو هو.“
اُن هوندي تو اُن جي خلاف بيان ڏنو هو؟
مون کي پنهنجي ڀاءُ دمتري جي لفظن، ائين چوڻ لاءِ اُڀاريو هو. مون کي ٻڌايو ويو هو، ته اُن جي گرفتاري جي واقعي وقت، جو ڪجهه ٿيو هو ۽ منهنجي بيان کان اڳ ۾ هن سميرڊياڪوف ڏي اِشارو به ڪيو هو. مون کي قطعي طور تي يقين آهي، ته منهنجو ڀاءُ بيگناهه آهي. جيڪڏهن هن خون نه ڪيو آهي ته پوءِ ......
ته پوءِ سميرڊياڪوف؟ پر ڇو تون مڪمل طرح پنهنجي ڀاءَ جي معصوميت تي زور ڏئي رهيو آهين؟
”مان ڀاءَ تي اعتبار ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان. مون کي خبر آهي، ته هو مون سان ڪوڙ نه ڳالهائيندو. مان سندس چهري مان ڏٺو هو، ته هـُـو مون سان ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي.“
فقط سندس چهري مان؟ اِهائي تو وٽ ثابتي آهي؟
سرڪاري وڪيل هن نقطي وٽ پهچي، پنهنجي پڇا بند ڪري ڇڏي. اليوشا جي شاهدي ماڻهن تي، نااُميديءَ جهڙو اَثر پيدا ڪيو. سميرڊياڪوف جي بابت، مقدمي کان اڳ به ماڻهن ۾ ذڪر ٿيندو ٿي رهيو. هڪ ڇا ٿي چيو ته ٻي ڇا ٿي چيو! ايئن چيو ٿي ويو ته اليوشا سان اِهڙيون ثابتيون گڏ آهن. جن مان متيا جي معصوميت ۽ سميرڊياڪوف جو گناهه ثابت ٿيندو، پر هتي ته اخلاقي ثبوت کان سواءِ ٻيو ڪوبه ثبوت نه هو، جو فطرتي طرح ڀاءُ جي لاءِ ٿي پئي سگهيو.
پر فيٽوڪووچ هاڻي پنهنجي پڇا شروع ڪري ڏني. اليوشا کان هن پڇيو ته قيدي ڪڏهن، ساڻس پيءَ جي بابت نفرت جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو، ته کيس شايد ماري وجهي ها. هن کيس ٻڌو هو. مثال طور هن واقعي کان اڳ ملاقات وقت، اليوشا کان جواب ڏيندي ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ته هو ڪنهن شيءِ کي ياد ڪري رهيو آهي ۽ ان کي سمجهي رهيو آهي.
مون کي هاڻي هڪ حقيقت ياد آئي آهي، جا وساري چـُـڪو هوس. ان وقت اِها ڳالهه مون تي واضح نه ٿي هئي، پر هاڻي
......

هاڻي ئي پهريون دفعو هڪ خيال آيو اٿم، هن اشتقاق مان آندو ته ڪهڙي ريت متيا سان آخري ملاقات جي وقت، شام جو وڻن هيٺان، مڙهيءَ واري رستي وٽ، هن پنهنجي سيني کي ڌڪ هنيو هو، پنهنجي وڃايل عزت کي وري حاصل ڪندو، هن ڪيئي دفعا دهرايو ٿي، ته سندس مقصد آهي. سندس سيني کان ڪو مطلب هو ته هو پنهنجي وڃايل عزت کي وري حاصل ڪندو. سندس سيني کان ڪو مطلب هو. مان اُن وقت اِهو خيال ٿي ڪيو، ته سيني تي هٿ هڻڻ کان سندس مراد آهي ته اِها ڳالهه سندس دل ۾ آهي. اليوشا چوندو رهيو، ته ”سندس مطلب هو ته پنهنجي دل ۾ ايتري طاقت سمجهي ٿو، جو پاڻ کي ڪن خطرناڪ مصيبتن کان، جي اُن جي انتظار ۾ آهن، بچائي سگهي ٿو، جنهن جي قبوليت جي طاقت پاڻ ۾ به نه ٿو سمجهي. مان قبول ٿو ڪريان، ته مان ان وقت ايئن ٿي سمجهيو ته هو اسان جي پيءَ لاءِ ڳالهائي رهيو آهي ۽ سندس اُها مصيبت، جنهن کان هو لرزي رهيو هو. سندس اُهو خيال آهي ته اَسان جي پيءُ ڏي وڃي ۽ اَن جي لاءِ ڪا خرابي پيدا ڪري. اُن هوندي به جڏهن هن پنهنجي سيني ڏانهن اشارو ٿي ڪيو، مون کي هيءَ ڳالهه ياد آئي ته دل سيني جي اُن حصي ۾ نه ٿيندي آهي، جتي هن ڌڪ ٿي هنيو. پر اُن کان هيٺ آهي ۽ هن ڌڪ هنيا، سي گهڻو مٿي هئا. بلڪل ڳچيءَ جي هيٺان ۽ اُن جاءِ ڏانهن سندس اشارو هو، اُن وقت منهنجو خيال بيوقوفيءَ جهڙو هو، پر هو اُن وقت شايد اُن ڳوٿريءَ ڏانهن اِشارو ڪري رهيو هو، جنهن ۾ پندرنهن سؤَ روبل هئا!
بلڪل صحيح، متيا واڪو ڪري چيو. ”هيءَ برابر آهي، اليوشا. اِها ننڍڙي ڳوٿري هئي، جنهن کي مان مـُـٺِ ٿي هنئين.“
فيٽوڪووچ، اُڏري وٽس پهتو ۽ کيس خاموش رهڻ لاءِ هدايت ڪيائين. ساڳي وقت اليوشا تي جرح ڪيائين. اليوشا پاڻ کي يادگيري ڏي موٽائي ويو ۽ وڪيل گرمجوشيءَ سان سندس نظرئي جي تشريح ڪئي، ته سندس ڳڻتيءَ جو سبب. اِهي پندرنهن سؤ روبل هئا، جن کي هو شايد ڪيٽرينا ايونونا کي موٽائي ڏيڻ ٿي گهريا. يعني اَن قرض جو اَڌ جو اُن جي مٿان هو جنهن کي پوءِ هن پختگيءَ سان ڦيرائي سگهيو هو ۽ اِهي هو، هن کي موٽائي نه ڏيندو، پر ڪنهن ٻي مقصد ۾ ڪم آڻيندو. شايد هن گروشينڪا جي، ساڻس فرار ٿيڻ لاءِ ڪم آڻڻ ٿي گهريا. جيڪڏهن هوءَ اُن کي قبول ڪري؟
”ايئن ئي هوندو، ايئن ئي هوندو.“ اليوشا اوچتي جوش کان چيو، منهنجي ڀاءَ ڪيترا ڀيرا رڙ ڪري ٿي چيو، ته سندس ڳڻتيءَ جو اَڌ، (هن اَڌ جو لفظ ڪيترا ڀيرا چيو هو) هو فوري ريت پاڻ کي آزاد ڪري ٿي سگهيو، پر هو پنهنجي قوت اِرادي جي ڪمزوريءَ کان ايترو ته ناخوش هو، جو هو پنهنجي خواهش کي پورو ڪري نه سگهيو ....... هن اڳ ۾ ئي ڄاتو ٿي ته هو ايئن ڪرڻ جي قابل نه آهي.
.... ۽ تون پوري وضاحت ۾ يقين سان ياد آڻين ٿو، ته هن سيني جي اُن جاءِ تي برابر هٿ ٿي هنيو. فيٽوڪووچ انتطار مان کانئس پڇيو.
بلڪل وضاحت ۽ يقين سان چوان ٿو. ڇاڪاڻ ته مان اُن وقت هيءَ خيال ٿي ڪيو ته هو ڇو ٿو اِهڙي جاءِ تي ڌڪ هڻي، جڏهن ته دل اُن کان گهڻو هيٺ آهي، منهنجي خيال ۾ هـُـو مون کي اُن وقت بيوقوف ٿي نظر آيو ..... هي خيال منهنجي دل ۾ کنوڻ وانگر چمڪيو، هيءَ ئي چمڪ هئي، جنهن مون کي هاڻي ياد ڏياري آهي. مان ڪيئن نه هن حقيقت کي هن وقت تائين وساري ڇڏيو آهي. سندس مطلب اِهائي ننڍڙي ڳوٿري هئي، هن ڄڻ چيو ٿي، ته سندس ڪو اِرادو آهي، پر هو پندرنهن سؤ روبل نه موٽائيندو. وري جڏهن ماڪرو گرفتار ٿيو، ته هن واڪو ڪري چيو هو ته مون کي خبر آهي، ته هن جي زندگي جو اِهو اندوهناڪ عمل آهي، ته جڏهن سندس اِرادو هو ته ڪيٽرينا ايونونا کي ان (اڌ نوٽ) موٽائڻ لاءِ، جو مٿس قرض هو، پر هو اِن رقم کي موٽائي ڏيڻ لاءِ آماده نه ٿيو ۽ سندس اکين ۾ چور ئي رهجي ويو. هيءُ قرض ڪيڏو نه سندس عذاب هو! اليوشا پنهنجي پڄاڻيءَ ۾ چيو.
سرڪاري دخل اَندازي کيس چيو، ته هو هڪ ڀيرو وڌيڪ ٻڌائي، ته هيءَ سڀ ڪجهه ڪيئن گذريو ۽ هن سوال تي زور ڏنائين، ته ڇا قيدي ڪنهن ٻي شيءِ جي طرف اشارو ٿي ڪيو ۽ هن فقط سيني تي مـُـڪ ٿي هئين؟
”هتي فقط مـُـڪ نه هئي.“ اليوشا زور سان چيو. ”هن آڱرين سان به اشارو ٿي ڪيو نهايت سٺي ..... مان ڪيئن پوري ريت هن گهڙيءَ تائين هيءَ حقيقت وساري ڇڏي هئي!
صدر متيا کي چيو، ته کيس هن پوئين شاهد جي بابت ڇا چوڻو آهي. متيا اُن کي قبول ڪيو ۽ چيو ته هن پندرنهن سؤ روبل ڏي اشارو ٿي ڪيو، جي سندس سيني کان مٿي، ڳچيءَ جي هيٺان هئا ۽ اِهي ئي بيشڪ سندس مصيبت جو سبب هئا. ”مان هن مصيبت کان انڪار نه ٿو ڪريان، هي منهنجي سڄي حياتي ۽ بي شرمي وارو عمل هو. مان جيڪر اُن رقم کي موٽائي ڏيان ها، جا به موٽائي سگهيس. مان اُن کي موٽائي ڏيڻ بجاءِ، چور ٿي رهڻ کي ترجيح ڏني. وڏي بي شرميءَ جي ڳالهه اِها هئي، ته مان هيءَ سڄي حقيقت پهريائين ڄاتي ٿي، ته رقم موٽائي نه ڏيندس. تون صحيح آهين اليوشا، شڪريه اليوشا.“
اِهڙي ريت اليوشا جي آڏي پڇا ختم ٿي. اُن ۾ جا مکيه ۽ اَثر واري شيءِ هئي، سا اِها ته گهٽ ۾ گهٽ حقيقت جو سراغ ملي ويو هو، جيتوڻيڪ هيءَ ثابتي جو نهايت ننڍڙو حصو هو، جنهن کي فقط، اُن شاهد لاءِ اشارو چئجي، اِها ڳالهه ثابتي لاءِ ٿورو پنڌ وٺي ٿي وئي ته ڳوٿري جو وجود هو ۽ اُن ۾ پندرنهن سؤ روبل هئا. پنهنجي اوائلي جاچ ۾ قيدي جو ڪجهه چيو هو، سو ڪوڙ نه هو چرندو چرندو اُن جاءِ تي وڃي پهتو، جا اُن لاءِ مخصوص هئي. هو پاڻ سان دهرائيندو رَهيو، ته اِهو ڪيئن ٿيو، جو مان اِها ڳالهه وساري ڇڏي! مان اُن کي ڇو وساري ڇڏيو ۽ وري ڪيئن موٽي، اُن ڏي آيس؟
ڪيٽرينا ايونونا کي شاهديءَ جي ڪٽهڙي ۾ اَچڻ لاءِ سڏ ٿيو. جيئن ئي هوءَ اُن ۾ داخل ٿي ڪورٽ ۾ هڪ غير معمولي شيءِ پيدا ٿي. عورتن پنهنجي اکين تي ننڍيون دوربينون ۽ ناٽڪ جي ڏسڻ واريون عينڪون چاڙهيون. مردن ۾ چـُـرپر پيدا ٿي، عورتون ڪي اَٿي بيٺيون ۽ ڪي مرد به اُٿي بيٺا، ته چڱي ريت ڏسي سگهن. هر ڪنهن پوءِ ٻڌايو، ته متيا اُن وقت اِهڙو سفيد ٿي ويو. جهڙو ڪاغذ، سڄي ڪاري لباس ۾، حياءَ ۽ ڪمزوريءَ سان اڳتي وڌي، هيءَ نهايت مشڪل هو جو سندس چهري کي ڏسي، اهو ٻڌائي سگهجي، ته هوءَ جوش ۾ هئي، پر سندس نگاهن ۾ اميد هئي ۽ سندس ڪاريون اکيون اُداس هيون، مان هتي ٻڌائيندس ته ڪيترن ماڻهن ٻڌايو ٿي ته اُن وقت هوءَ نهايت خوبصورت پئي معلوم ٿي. هن نرمائيءَ سان پر وضاحت سان ٿي ڳالهايو، جنهن ڪري سڄي عدالت گاهه ۾ سندس آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. هن اطمينان سان پنهنجي تشريح ٿي ڪئي. يا هن گهٽ ۾ گهٽ اِها ڪوشش ٿي ڪئي، ته هوءَ مطمئن ڏيکارجي. صدر سنئون سڌو ۽ عزت سان کانئس پڇا ڪئي، ڄڻ ته کيس ڪن ڳالهين جي ڇيڙڻ کان خوف پئي ٿيو ۽ هن سندس عظيم بي چيني تي پورو پورو ڌيان ڏنو، پر پهريائين، پهرئين سوال جي جواب ۾ ئي، ڪيٽرينا ايونونا، مضبوطيءَ سان جواب ڏنو، ته هوءَ اڳ ۾ قيديءَ سان مڱيل هئي. ايستائين جو هن مون کي پاڻ ئي ڇڏي ڏنو ........ هن خاموشيءَ سان ٻڌايو. جڏهن کانئس ٽن هزار روبل لاءِ پڇيو، جي هن متيا کي ڏنا هئا، ته پـَـري سندس مائٽن ڏي ڏياري موڪلي ڏي. هن اُن جي جواب ۾ اعتماديءَ سان چيو ته مان اِها رقم کيس فقط انهيءَ لاءِ نه ڏني هئي، ته پري پهچائي ڏي. اُن وقت مان هيئن به محسوس ٿي ڪيو، ته کيس پيسي جي بيحد ضرورت آهي ...... مان کيس ٽي هزار روبل ان شرط تي ڏنا هئا، ته هو اِنهن کي مهيني جي اندر ٽپال رستي موڪلي ڏي کيس پوءِ ڪا به ضرورت نه هئي ته اُن جي لاءِ ڳڻتي ڪري.
مان اُنهن سڀني سوالن کي، جي کانئس پڇيا ويا هئا. هتي نه دهرائيندس. مان فقط سندس شاهديءَ جو تت ڏيندس. ”مون کي مضبوطيءَ سان يقين هو ته جيئن ئي کيس پيءَ کان رقم ملندي، ته هـُـو اوڏانهن موڪلي ڏيندو.“ هو ڳالهائيندي رهي. ”مون کي ڪڏهن به سندس غير دلچسپي ۽ ايمانداري ۾ شڪ نه هو ..... سندس محتاط ايمانداري ..... پيسي جي معاملي ۾ کيس احساس هو، ته سندس پيءُ کان کيس پيسا ملي ويندا ۽ مون سان ڪيترا ڀيرا اِهو ذڪر ڪيو هئائين. مان ڄاڻان ٿي ته کيس پيءَ سان تڪرار هو، ۽ کيس هن لاءِ يقين هو، سندس پيءُ جي روش ساڻس نامناسب آهي. مون کي ياد نه آهي، ته هن پيءَ جي خلاف ڪا ڌمڪي به ٿي ڏني. هن ڪوبه اِهڙو گفتگو منهنجي سامهون نه ڪيو هو. جيڪڏهن هو مون وٽ اَچي ها، ته مان اِنهن بدبخت ٽن هزارن بابت سندس انتظار مٽائي ڇڏيان ها، پر هن مون کي ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو هو ..... ۽ مان پاڻ اِهڙي حالت ۾ اچي وئي هيس ...... جو مان کيس دعوت به ڏئي نه سگهيس ..... مون کي ڪوبه حق نه هو ته پيسي جي خاطر سخت گير ٿيان، هن اوچتو وڌيڪ ٻڌايو ۽ سندس آواز ۾ پختگي هئي. مان هڪ دفعو، سندس مدد ڏيڻ لاءِ ٽي هزار روبل کان وڌيڪ سندس مقروض هيس. مان اُن کي اِهڙي ريت ٿي سمجهيو. جيتوڻيڪ مان ان ڏينهن ايئن نه ٿي سمجهيو ته مون کي اهڙو به وقت ملندو، جو مان سندس قرض کي موٽائي ڏيندس.“
سندس آواز ۾ سرڪشي ٿي ڏٺي، اُن وقت فيٽوڪووچ، سندس آڏي پڇا شروع ڪئي. ”اِهو هتي ته ٿي نه گذريو، پر اوهان جي واقفيت جي ابتدا ۾ اِهو ٿي گذريو هوندو؟ فيٽوڪووچ خبرداريءَ سان کانئس پڇيو. هن پنهنجي طريقي سان اُن تي سوچيو ۽ ساڳي وقت ڪنهن چڱي شيءِ جي بوءِ کيس آئي. مان هن کي جملي مقرضه جي حيثيت ۾ پيش ڪندس، ته جيتوڻيڪ ڪيٽرينا ايونونا فيٽوڪووچ کي پيٽرسبرگ مان پاڻ گهرايو هو، پر کيس پنجن هزارن جي آکاڻي بابت، جي کيس متيا ڏنا هئا. ڪابه خبر نه هئي، نه وري کيس اِها خبر هئي، ته هوءَ زمين تائين جهڪي وئي هئي. هن کانئس هي ڳجهو رکيو هو ۽ کيس ڪجهه به نه ٻڌايو هئائين ۽ اِها هڪ عجيب حقيقت هئي. هن حقيقت لاءِ پڪ ڏياري ٿي سگهجي ته پوئين گهڙيءَ تائين کيس به ڪو ارادو نه هو، ته هوءَ ڪا اُن واقعي کي ڪورٽ ۾ بيان ڪندي. هوءَ اُن گهڙيءَ جي جوش لاءِ پئي ٿي ترسي.“
”مان اُنهن گهڙين کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهان. هن پنهنجي آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي ۽ هن سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.“ اِها سڄي حقيقت جا متيا، اليوشا کي ٻڌائي هئي، ته ڪهڙيءَ ريت هوءَ زمين تائين جهڪي وئي هئي ۽ ان جا ڪهڙا سبب هئا؟ هن پنهنجي پيءُ جي لاءِ به ٻڌايو ته متيا لاءِ به ٻڌايائين ته ڪهڙي ريت، هوءَ وٽس وئي هئي. هن هڪ لفظ ۾ نه، پر هڪ بيان ۾ نه ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جي معرفت، خود متيا جي اِها خواهش هئي، ته ڪيٽرينا ايونونا کي موڪليو وڃي، ته هو رقم وٺي وڃي هن رحمدليءَ سان هن حقيقت کي ڳجهو رکيو هو، کيس هن حقيقت کي ٻڌائڻ ۾ ڪابه ندامت نه هئي، ته هوءَ پنهنجو پاڻ نوجوان آفيسر ڏي وئي هئي ۽ کيس ڪنهن ڳالهه تي اعتماد هو ...... ته وڃي رقم لاءِ عرض ڪري. هيءَ نهايت خطرناڪ حقيقت هئي! مان جيئن هن کي ڌيان ڏئي ٻڌو ٿڌو ٿي ويس. لرزڻ لڳس. ڪورٽ ۾ سانت لڳي وئي هئي ۽ ڪوشش ٿي ڪئي وئي، ته اُن جي هر لفظ کي ٻڌو وڃي. هيءَ اهڙي حقيقت آهي. جنهن جو ڪوبه مثال ئي نه ٿي سگهيو، هي هڪ اِهڙي ڇوڪريءَ جي طرفان هو جا خود خيال ۾ مغرور هئي. نهايت صاف گوئي وارو اعتراف ۽ خود قرباني نهايت مٿانهين ٿي نظر آئي، پر هيءَ ڇا جي لاءِ ۽ ڪنهن ڪاڻ؟ هڪ اِهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ جنهن کيس ٺڳيو هو ۽ سندس بي عزتي ڪئي هئي. سندس بچاءَ ۾ هن ٿوري ئي مدد ڪئي هئي فقط. انهيءَ خيال کان ته سندس فائدي ۾ پنهنجي لاءِ وڏو اثر پيدا ڪري رهي آهي. سچ پچ هيءَ اُن نوجوان آفيسر جي صورت ئي هئي، جنهن عزت سان جهڪي، هن نوجوان ڇوڪريءَ پنج هزار روبل ڏنا هئا، جو سندس تنها سرمايو هو، جنهن کي هن همدردي ۽ جاذب روشني ۾ ان معصوم ڇوڪري اڇلائي ڇڏيو هو، پر ..... منهنجي دل تي غمناڪ حقارت پيدا ٿي هئي. مان ايئن محسوس ڪيو، ته هيءُ بهتان نيٺ ظاهر ٿيندو. (حقيقت ۾ ايئن ٿيو به) هي سڄي شهر ۾ مشهور ٿي ويو ۽ پوءِ دهرايو ويو. ماڻهن نفرت سان کلندي چيو ٿي، ته هيءَ ڪهاڻي اڃا پوري نه آهي - هنن چيو ٿي ته هيءَ حقيقت عجب ۾ وجهندڙ آهي، ته آفيسر، نوجوان عورت کي ڇڏي ڏنو ۽ فقط اُن جي سامهون جهڪيو. هنن چيو ٿي ته هتي ڪنهن حقيقت کي ترڪ ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ترڪ نه ڪيو ويو آهي، ۽ هيءَ مڪمل ڪهاڻي آهي ته هيءَ نهايت عزت واري شيءِ آهي، جنهن کي اسان جون عورتون نڀائي سگهن ٿيون. اُن هوندي به شڪ گاڏئون. هن حقيقت کي ڏٺو ٿي ويو ته ڇا هيءَ هڪ نوجوان ڇوڪري کي سونهي ٿو ۽ اِهڙي طريقي جي هلت روا رکي، پوءِ ڇو نه اُها سندس پيءُ جي بچاءَ لاءِ هجي.
هوڏانهن ڪيٽرينا ايونونا پنهنجي ذهانت ۽ حساس غمگين خيال سان سمجهي ئي نه سگهي هئي، ته ماڻهو، اُن بابت ڪي اِهڙيون ڳالهيون ڪندا. کيس اِهي ڳالهيون سمجهڻ کپنديون هيون، پر اُن هوندي به سندس دل جو پختو اِرادو هو ته سڀ ڪجهه چئي ڏي. بيشڪ هيءَ سڀئي اُڻ وڻندڙ شڪ، هن ڪهاڻي، جي سچائي بابت پوءِ ئي پيدا ٿيا هئا ۽ پهرئين دفعي سڀئي اُن کان متاثر ٿيا. ججن ۽ وڪيلن کيس عزت سان ٿي ٻڌو. ڪيٽرينا ايونونا کي ندامت ڀري خاموشيءَ سان ٻڌندا رَهيا. هن مضمون بابت سرڪاري وڪيل، هڪ سوال پڇڻ لاءِ آمادو نه ٿيو. فيٽوڪووچ نوڙي کيس سلام ڪيو هو. سچ پچ خوش ٿي ڏٺو هن گهڻو ميدان ماري ورتو هو. اِهو ماڻهو جو پنج هزار روبل هڪ نيڪ ڪم ۾ ڏئي ٿي سگهيو. سو پنهنجي کي ٽن هزار روبلن جي ڦرڻ لاءِ قتل ڪري، ان ۾ ڪابه مطابقت نظر نه ٿي آئي. فيٽوڪووچ هاڻي محسوس ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ چوريءَ جي تهمت ته ثابت ٿي نه ٿي سگهي. مقدمو هاڻي وڃي ڪنهن ٻي روشنيءَ ۾ پيو هو، متيا جي لاءِ هاڻي همدردي جي هڪ لهر اُٿندي ٿي نظر آئي. هو ..... جيئن مون ٻڌو جڏهن ڪيٽرينا پنهنجو بيان ٿي ڏنو، ته هوءَ هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ وري ويهي رهيو. هن پنهنجي چهري کي هٿن ۾ لڪائي ٿي ڇڏيو، پر جڏهن هن پنهنجو بيان پورو ڪيو، هن اوچتو دانهن ڪئي ۽ سڏڪن ڀري آواز ۾ چيو:
ڪٽيا تون مون کي برباد ڇو ڪري رهي آهين؟ سندس سڏڪن جو آواز سڄي عدالت ۾ ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، پر هن جلد ئي پاڻ تي قبضو ڪري ورتو ۽ وري وڏي آواز ۾ چيائين:
مان هاڻي ڏوهي آهيان، تنهن کان پوءِ هو خاموش پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. سندس ڏند ڀيڪوڙيل هئا ۽ سندس ٻانهون سيني تي ٻڌل. ڪيٽرينا ڪورٽ ۾ آئي ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهي رهي. هو زرد ٿي ڏٺي ۽ سندس اکيون جهڪيل هيون. اُهي ماڻهو، جي سندس ڀرسان هئا. اُنهن ٻڌايو ته هو گهڻي وقت تائين ڏڪندي رَهي. ڄڻ ته کيس تپ چڙهي ويو هو، هاڻي گروشينڪا کي سڏ ٿيو.
مان هاڻي اُن اوچتي ڊرامي جي خاتمي تي پهچي رهيو آهيان، جو متيا جي برباديءَ جو سبب بڻيو. مان فقط اُن کان متاثر نه آهيان، پر ٻيا سڀئي به سڀني وڪيلن پوءِ ايئن ئي ٿي چيو - ته جيڪڏهن اُهو واقعو وجود ۾ نه اچي ها، ته گهٽ ۾ گهٽ، ان جي رحم جي لاءِ سفارش ڪئي وڃي ها، پر هيءَ پوءِ جي ڳالهه آهي. پر هيءَ هاڻي ٿورا لفظ گروشينڪا جي لاءِ چوندس.
هو به سياهه لباس ۾ هئي ۽ سندس ڪلهن تي شاندار سياهه شال پيل هئي. هو شاهدن جي ڪٽهڙي ڏي، آهستي قدم ۽ نرمائيءَ سان وڌي، هـُـو مڪمل عورت جي لوڏ ۽ نازڪ خراميءَ سان آئي. هن سنئون سڌو صدر ڏي ڏٺو کٻي موڙيائين نه سڄي. منهنجي خيال موجب هوءَ اُن وقت نهايت حسين ٿي نظر آئي، جيئن پوءِ عورت ٻڌايو، هوءَ خوش ٿي نظر آئي. هنن هيءَ به ٻڌايو ته سندس تشريح طاقت واري نفرت واري هئي. منهنجو خيال آهي ته هوءَ عوام جي شرارت پسند نگاهن کان جوش، غم ۽ غصي ۾ هئي. هوءَ عوام جي نفرت ڀريل ۽ سواليه اکين کان پوريءَ ريت خبردار هئي. هوءَ مغرور ٿي ڏٺي ۽ نفرت کان بي پرواهه هئي، هوءَ اُنهن ماڻهن مان ٿي ڏٺي، جي حاسد بڻجي، غصي ۾ اچي، انتقام تي لهي ايندا آهن، منجهس بزدليءَ جا جزا به هئا. اندروني طرح پنهنجي بزدليءَ تي پريشان به هئي. ان ڪري هيءَ عجب جهڙي ڳالهه نه هئي، ته سندس آواز وقت بوقت ڦرندو ٿي رهيو. اُهو ڪڏهن غصي ڀريو، نفرت وارو ۽ کهرو هو ۽ ڪڏهن مخلصاڻو، پنهنجي لاءِ نفرت جو اظهار ڪڏهن ايئن ٿي ڳالهايو، ڄڻ ته نااُميدي ۾ اظهار ڪري رَهي آهي، ته جيڪڏهن ڪجهه ٿي به رهيو آهي، ته اُن جي کيس ڪابه پرواهه نه آهي. مان ٻڌائيندس ته هڪ سوال تي، جو فيودورپاولووچ جي واقفيت بابت هو، هن سختي سان جواب ڏنو ”هيءَ سڄي بيوقوفي هئي منهنجي غلطي هئي. جو مان اُن کي هوا ڏني ۽ هو وڌي ويو. هڪ وقفي کان پوءِ هن وري چيو ته هيءَ سڀئي منهنجون غلطيون هيون ۽ مان هنن ٻنهي تي کلندي رهيس. هن پوڙهي تي ۽ هن تي پڻ - مان هنن ٻنهي کي هن حال تي پهچايو ۽ هيءَ سڀ منهنجي ڪري ئي وجود ۾ آيو.“
سيمونا جو نالو مٿي نه آيو. ڪنهن جو به اُن سان مطلب نه هو. هوءَ اوچتو اوچتو بيپرواهيءَ سان کسڪي ويئي. هوءَ منهنجي محافظ هئي. اُن وقت هن منهنجي سنڀال ڪئي. جڏهن منهنجي پيرن ۾ جتي به ڪانه هئي. جڏهن مون کي منهنجي گهر وارن گهر کان ڪڍي ڇڏيو هو، صدر هن کي تمام نرم لهجي ۾ تاڪيد ڪندي ياد ڏياريو، ته هوءَ سوالن جا جواب سنوان سڌا ڏي ۽ غير ضروري ڳالهين کان پاسو ڪري. اهو ٻڌي گروشينڪا ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون.
اُهو لفافو جنهن ۾ نوٽ پيل هئا. هن ڪونه ڏٺو هو. پر اُن بابت صرف هن ڪميڻي بدمعاش کان ٻڌو هو، ته فيودور پاولووچ کي ٽن هزار روبل سان ڀريل لفافو هو، پر اِهو سڀ ڪجهه اجايو هو مان انهن مٿان کلان پئي. هن وٽ مان ڪنهن به مطلب واسطي نه وئي هيم.
وڪيل کانئس پڇيو ته تنهنجو اِهو ڪميڻي بدمعاش وارو اِشارو ڪنهن ڏانهن آهي؟ خادم سميرڊياڪوف جنهن پنهنجي مالڪ کي قتل ڪري گذريل رات پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ڇڏيو.
هڪدم کانئس اِهو پڇيو ويو، ته هن تهمت لاءِ کيس ڪهڙو پورو ثبوت آهي، پر اِهو ظاهر ٿيو هن وٽ پڻ ڪي به ثبوت نه هئا.
دمتري فيودورپاولووچ. مون کي پاڻ ايئن ٻڌايو هو، توهان به ان تي اعتبار ڪري سگهو ٿا، جا عورت اسان جي وچ ۾ هئي، اُن کيس تباهه ڪيو. اُهائي عورت اِنهن سڀني ڳالهين جو ڪارڻ آهي. مان اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿي گروشينڪا وڌيڪ چيو ته اُها نفرت کان ڏڪي رهي هئي. هن جي آواز ۾ انتقام وٺڻ جو جذبو هو.
هن کان ٻيهر پڇيو ويو ته هن جو اشارو ڪنهن جي طرف آهي.
”نوجوان عورت ڪيٽرينا ايونونا اُتي مون کي دعوت ڏيئي گهرايو. چاڪليٽ جي آڇ ڪئي. مون کي پاڻ طرف مرغوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اِن ۾ وڌيڪ شرم جي حقيقت نه آهي. مان اوهان کي اِهو ٻڌائي سگهان ٿي .......“
اُن وقت صدر هن کي سختيءَ سان روڪيو ۽ کيس هدايت ڪئي، ته هوءَ پنهنجي لهجي کي نرم ڪري. پر ان حاسد عورت جي دل حسد کان جلي رهي هئي ۽ هن ڪا پرواهه ئي نه ڪئي، ته هن ڇا ڪيو؟ جڏهن ماڪروئي قيدي گرفتار ٿيو ته وڪيل کانئس پڇيو. هرهڪ توکي ڏٺو ۽ ٻڌو. تون ٻئي ڪمري مان ڀڄندي ۽ پڪاريندي وئين. اِها سڀ منهنجي غلطي آهي. اسين گڏجي سائبيريا ڏانهن وينداسون! تو ان تي اڳ ئي اعتبار ڪيو هو. مان هن تي اعتبار ڪريان ٿي ۽ ان تي اعتبار ڪندس. ڇاڪاڻ ته هو ڪوڙ ڳالهائڻ جهڙو ماڻهو نه آهي.
فيٽوڪووچ پنهنجي آڏي پڇا شروع ڪئي ۽ چيو ته مون کي ياد آهي، ته ريڪيٽن توکان ٻين شين سان گڏ پنجويهن روبلس بابت به پڇيو، جيڪي تو اليڪسي فيودورپاولووچ ڪرامازوف کي گهرائي ملڻ لاءِ ڏنا هئا. اِها ڪا عجب جي ڳالهه نه آهي. گروشينڪا ٽوڪيندي غصي ۽ نفرت سان چيو، ته هو مون وٽ پيسن وٺڻ لاءِ ايندو رهندو هو. پنهنجي خاص راهتن لاءِ مون کان هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ ٽيڊو روبلس وٺندو هو، ان کان سواءِ هن کي پاڻ وٽ به ڪافي هوندو هو، جو منهنجي مدد کان سواءِ ملي ٿي سگهيو.
فيٽوڪووچ، کانئس پڇيو ته ڀلا تون ريڪيٽن تي ايترو مهربان ڇو ٿئين؟ ان جي باوجود صدر نهايت پريشان ئي نظر ٿي آيو.
ڇو! اهو منهنجو ماسات آهي. هن جي ماءُ منهنجي ماسي هئي، مگر هو هميشه مون کي منٿون ڪندو هو، ته مان اِهو رشتو ظاهر نه ڪريان ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌايان، هن کي مون کان سخت شرم پئي آيو.
هن حقيقت جو هرهڪ ماڻهوءَ کي تعجب هوندو هو. شهر ۾ يا ڪنهن خانقاهه ۾، حالانڪه متيا کي به ان ڳالهه جي خبر نه هئي. مون کي ٻڌايو ويو ته ريڪيٽن جتي به وڃي ٿو اُتي شرم کان سندس چهرو لهي وڃيس ٿو. گروشينڪا، عدالت ۾ اچڻ کان ٿورو اڳ ٻڌو هو ته هن متيا جي خلاف پنهنجي شاهدي ڏني آهي. اُن ڪري هو مٿس ناراض آهي. ريڪيٽن جي تقرير جو اثر سڄي عوام تي پيو. سندس سنجيده جذبات سان ڀريل جملا ٻانهپ جي رواج ۽ روس جي سياسي بدانتظاميءَ تي هئا. سي ڇا هن دفعي آخري طرح تباهه ٿي ويا. فيٽوڪووچ هاڻي مطمئن ٿيو. هيءَ ڄڻ ٻي نعمت ديوتائن جي موڪليل هئي. گروشينڪا جي آڏي پڇا وڌيڪ وقت نه هلي. ان کان سواءِ سندس شاهدي ۾ ڪا خاص نئين ڳالهه نه هئي. هن پنهنجي شاهدي سان عوام تي نهايت برو اثر وڌو. هزارين ماڻهن جون نفرت سان ڀريل نظرون هن جي مٿان هيون. جيئن هن پنهنجي شاهدي ختم ڪئي، ته ڪيٽرينا ايونونا کان ڪافي فاصلي تي ڪورٽ ۾ ٻيهر ويهي رهي. گروشينڪا جي سڄي شاهديءَ دوران متيا نهايت خاموش رهيو. سندس نظرون زمين ۾ کتل رهيون. پاڻ هڪ پٿر وانگر بي جان ويٺو رهيو.
ايونِ کي شاهدي ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو.

باب پنجون: هڪ اوچتي آفت

مان ٻڌائي چڪو آهيان، ته کيس اليوشا کان اڳ سڏيو ويو هو، پر ڪورٽ جي چوبدار ڪورٽ جي صدر کي ٻڌايو، ته بيماريءَ جي اوچتي حملي يا ڪنهن قسم جي دوري جي ڪري، شاهد اوڏيءَ مهل پيش ٿيڻ جوڳو نه هو، پر هـُـو جيئن ئي چاق ٿيندو، تيئن ئي اچي شاهديءَ تي حاضر ٿيند و.
هـُـو آيو ته ڪنهن به ڌيان نه ڏنس، مکيه شاهدن، خاص ڪري ٻنهي هڪ ٻئي جي مخالف عورتن کان پـُـڇا ڳاڇا اڳيئي ٿي چڪي هئي. ماڻهن جي سونجهه في الحال لهي چڪي هئي ۽ هو ذري گهٽ ورچجي ويا هـُـئا. ڪيترا ٻيا شاهد اڃا رهيل هئا، پر جيڪي هيلتائين پيش ٿي چـُـڪا هـُـئا، تن جي ساک کي ڏسندي، لڳو ٿي، ته باقي رهيلن کان ڪا خاص ڄاڻ نه ملڻي هـُـئي! وقت وهامندو ٿي ويو. ايون تمام آهستي هلندو آيو سندس ڪنڌ نـِـويل هو، ۽ ڪنهن ڏانهن به ڪونه ٿي ڏٺائين، ڀانءِ ته ڪنهن ڏُکاري سوچ ۾ هو، کيس ٺاهوڪو وڳو پهريل هو، پر سندس مـُـنهن جي ڀاوَن گهٽ ۾ گهٽ مون تي ڏکوئيندڙ اثر ڇڏيو: مـِـٽي مـِـٽي، مرڻينگ ماڻهوءَ جهڙا ڀاوَ. اکين ۾ ڪا چمڪ ڪانه هئس. ڪنڌ مٿي کڻي ڪورٽ ۾ چوڌاري نهاريائين، اليوشا پنهنجي جاءِ تان ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ دانهن ڪيائين، ”اوهه! مون کي ياد آهي، پر شايد ئي ڪنهن اُن ڏانهن ڌيان ڪيو هـُـجي“ .
صدر کيس ٻڌايو، ته هـُـو بنا قسم کڻڻ جي ساک ڏيندڙ شاهد هو، ته هـُـو چاهي ته جواب ڏي يا ڏيڻ کان نابري واري، پر کيس ساک پنهنجي ضمير جي آواز موجب ڏيڻي هئي، وغيره وغيره. ايون ٻڌندو ۽ صدر کي خالي خالي نظرن سان ڏسندو رهيو، پر سندس چپن تي هوريان هوريان مـُـرڪ اُڀري آئي، ۽ جيئن ئي صدر، کيس حيرت سان ڏسندي، ڳالهائي پورو ڪيو، تيئن ئي هـُـن ٽهڪ ڏنو.
”چڱو، ٻيو ڇاهي؟“ هن ڏاڍي آواز ۾ پڇيو.
ڪورٽ ۾ چپ چـُـپات ٿي وئي، ڄڻ ڪا عجيب ڳالهه ٿي هـُـجي. صدر ۾ بي آراميءَ جا اهڃاڻ نظر آيا.
”تون..... شايد اڃا ناچاق آهين؟“ هن هيڏانهن هوڏانهن چوبدار لاءِ نظر ڦيرائيندي چيو.
”اوهان ڳڻتي نه ڪريو، سائين مان ٺيڪ ٺاڪ آهيان ۽ اوهان کي ڪائي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي سگهان ٿو.“ ايون اوچتو سمجهه ۽ ادب سان ورندي ڏني.
صدر بي اعتباريءَ کان پڇيس، ”توکي ڪا خاص ڳالهه ٻڌائڻي آهي؟“
ايون هيٺ ڏٺو، ٿورو ترسيو، ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي کڻندي ذري گهٽ هڪڙجندي وراڻيائين: ”نه.... مون کي ڪا خاص ڳالهه ناهي چوڻي.“
هـُـنن کانئس پـُـڇا شروع ڪئي، هـُـن جواب ڏنا، جهڙوڪر ڪيٻائيندي، بيحد اختصار سان، هڪ طرح جي بيزاريءَ سان، جا جيئن پوءِ اُڳري ٿيندي ٿي وئي، توڻي جو هن جا جواب سمجهه ۽ ساڃهه وارا هـُـئا. گهڻن سوالن جا جواب هن ”مون کي پتو ناهي“ چئي ڏنا. کيس پنهنجي پيءُ جي دِمتريءَ سان ڏوڪڙن جي ڏيتيءَ ليتيءَ جي ڪا خبر ڪانه هـُـئي، ۽ وڌيڪ چيائين، ”مون کي انهيءَ معاملي سان ڪا دلچسپي ڪانه هـُـئي.“ سندس پيءُ کي مارڻ جي دڙڪن بابت هـُـن قيديءَ کان ٻڌو هو، ۽ لفافي واري رقم بابت سميرڊياڪوف کان.
”ساڳي ڳالهه وري وري“ . هن امالڪ وچ ۾ ڳالهه کي ڪاٽيو، ائين ڄڻ ڪڪ ٿي پيو هجي. مون وٽ ڪورٽ سڳوريءَ کي ٻڌائڻ لاءِ ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.
”آئون ڏسان ٿو ته تون چاڪ ناهين. مون کي تنهنجي حالت جو احساس آهي،“ صدر چيو.
هـُـن سرڪاري ۽ بچاءُ جي وڪيلن کي چيو ته شاهد کان وڌيڪ پڇا ضروري هجي ته ڪن. تنهن تي ايون اوچتو ٿڪل آواز ۾ چيو: ”سائين، منهنجي طبعيت ٺيڪ ڪانهي، ڇڏيو ته وڃان.“
اِئين چئي هو موڪل جي انتظار کان سواءِ ئي مڙيو ۽ ڪورٽ کان ٻاهر وڃڻ لڳو. پر چار وِکون کڻي هـُـو بيهي رهيو، ڄڻ ڪنهن فيصلي تي پهچي ويو هجي. ٿورو مـُـرڪيو ۽ موٽي آيو.
”سائين ، مان ٻهراڙيءَ جي ڇوڪريءَ وانگر آهيان. خبر اٿوَ ته ڇا چوندي آ؟ ’دل چوندي، ته اُٿي بيهنديس، نه چوندي ته نه اٿنديس.‘ کيس جبو پارائي سندس وهانءَ لاءِ گرجا وٺي وڃڻ جا جتن ڪري رهيا هئا، ته هن چيو، ’دل چوندي ته اُٿي بيهندس، نه چوندي ته نه اُٿنديس.‘ اِها ڳالهه ڪڙمين بابت ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي.“
”ڇا مطلب آ تنهنجو؟“ صدر سخت لهجي ۾ پڇيس.
”اجهو هيءُ“ ! ايون اوچتو نوٽن جي ٿهي ڪڍي. ”هي آهن اُهي ڏوڪڙ، اُهي نوٽ، جيڪي لفافي ۾ پيل هـُـئا.“ (هن ڪنڌ سان انهيءَ ميز ڏانهن اشار ڪيو، جنهن تي ڪيس جون وٿون پيل هـُـيون)، ”جن لاءِ اسان جي پيءُ کي ماريو ويو. ڪـِـٿي رکان اِهي؟ سرشتيدار صاحب، هي وٺو.“
ڪورٽ جي چوبدار نوٽن جي سموري ٿهي وٺي وڃي صدر کي ڏني.
”جي هي اُهي ئي نوٽ آهن، ته تو وٽ ڪٿان آيا؟“ صدر حيرت وچان پڇيو.
”اهي مون کي سميرڊياڪوف خونيءَ کان ڪالهه مليا هـُـئا. سندس ڦاهي کائڻ کان ٿورو اڳ مان هن سان گڏ هوس. منهنجي ڀاءُ نه پر هن اسان جي پيءُ کي ماريو هو، ڪير پنهنجي پيءُ جو موت نه چاهيندو آهي؟“
”مغز ته جاءِ تي اٿئي؟“ صدر کان بي اختيار نڪري ويو.
”مان سمجهان ٿو ته جاءِ تي آهي.... ائين ئي بڇڙو جيئن توهان سڀني جو.... جيئن هي سڀ... ڪوجهيون شـِـڪليون.“ هن اوچتو ٻڌڻ وارن ڏانهن مـُـنهن ڪيو. ”منهنجي پيءُ کي ماريو ويو آهي، ۽ هي سڀ ائين مـِـنهنُ ٿا ڪن ڄڻ کين وڏو ڌڌڪو رسيو هجي.“ هو سخت بـُـڇان وچان گڙيو. ”هـُـو پاڻ ۾ به اِهو مـِـنهنُ قائم ٿا رکن. ڪـُـوڙا ڪنهن جاءِ جا! هي سڀ به پنهنجي پيئرن جو موت چاهين ٿا. هڪڙو نانگ ٻئي کي ڳڙڪائي ٿو. خون نه ٿيو هجي ها ته هي چڙي وڃن ها، ۽ ٻوٿ بڇڙا ڪيون گهر هليا وڃن ها، کين تماشو کپي. سرڪاري خرچ تي کاڌو پيتو، وندر ورونهن. مان ٿو چوان ته ڇا ٿي پيو. پاڻي اٿوَ؟ خدا ڪارڻ ڍُڪ پياريوم!“ هن اُمالڪ کڻي پنهنجو مٿو جهليو.
چوبدار هڪدم ويجهو آيس. اليوشا ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ رڙ ڪيائين، ”هي ناچاق آهي. هن تي ويساهه نه ڪريوس. ڇو ته ٽيئڙ تپُ ٿي پيو اٿس.“ ڪئٽرينا ايوانوف اُڊڪو کائي اٿي بيٺي ۽ هراس ۾ سوٽاڻجي، ايون کي گهورڻ لڳي. مـِـتيا اٿي بيٺو ۽ ڀاءُ کي چاهه وچان تـَـڪـِـڻ لڳو ۽ عجيب ٻڌڻ لڳو.
”پريشان نه ٿيو، مان چريو ناهيان، رڳو خوني آهيان.“ ايون وري شروع ٿي ويو. ”اوهان ڪنهن خونيءَ کان خوش ڪلاميءَ جي توقع نٿا ڪري سگهو.“ هن اوچتو ڪنهن خيال ۾ اچي وڌيڪ چيو، ۽ عجيب نموني کـِـليو.
سرڪاري وڪيل، گهٻرائجي، صدر مٿان نـِـوڙيو. ٻيا به جج پاڻ ۾ اُڻ تڻ واري سـُـس پـُـس ڪرڻ لڳا. فيتيوڪووچ ڪن کڙا ڪري ٻڌڻ جي ڪئي، ۽ ٻي طرف هال ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جي آس ۾ ماٺار ٿي وئي. صدر اُمالڪ پاڻ کي سنڀاليو:
”ميان شاهد، تنهنجا لفظ سمجهه کان ٻاهر، ٿي سگهئي، ته پاڻ کي سنڀال ۽ سچ پچ ڪا ڳالهه ڪرڻي اٿئي ته ڪر، تو جيڪي چيو، تنهن جي تصديق، جي وڦلين نٿو، ته ڪيئن ڪندين؟“
”اهائي ڳالهه آهي. مون وٽ ڪا ثابتي ڪانهي. هـُـو ڪتو سـِـميرڊياڪوف ٻئي جهان کان ثابتيون ڪونه موڪليندو.... لفافي ۾ وجهي. اوهان کي لفافن کان سواءِ ٻيو ڪـُـجهه سـُـجهي ئي نٿو. هڪڙو ئي ڪافي آهي. منهنجو ڪو شاهد ڪونهي.... سواءِ هڪڙي شايد جي!“ هو ڪنهن خيال کان مـُـرڪيو.
”ڪير آ تنهنجو شاهد؟“
”سائين، اُن کي پـُـڇ آهي، ۽ اهو قاعدي جي خلاف ٿيندو. ڪو ڌيان ئي نه ڏيندو، اهو آهي خسيس ڪهل جوڳو شيطان،“ هو وراڻيو. هن کـِـلڻ بند ڪيو جهڙوڪر راز ڏيندي چيائين، ”اهو لاشڪ هـِـتي ڪٿي آهي، شايد اُن ميز جي هيٺان، جنهن تي ڪيس جون ثابتيون رکيل آهن. ڀلا اهو اُتي نه ته ٻيو ڪٿي ويهي؟ ٻڌو، منهنجي ڳالهه ٻڌو. مون کيس ٻڌايو ته مان ماٺ نٿو رهڻ چاهيان ته هو ڌرتيءَ تي ٻوڙان ٻوڙ بابت ڳالهائڻ لڳو. ٺلهي چريائپ! اچو، دئت کي آزاد ڪريو.... هو مناجات ڳائيندو رهي ٿو. اِهو اِن ڪري ته هن جي هانءَ تي ڪو بار ڪونهي! اِهو ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو پيالا چاڙهي گهٽيءَ ۾ ٻاڪاري رهيو هجي ته ڪيئن ’وانڪا پيٽرسبرگ ويو‘۽ مان سرهائيءَ جي ٻن پلن لاءِ کربن جا کرب ڏيندسُ. اوهان کي منهنجي ڪا خبر ڪانهي! اوهه! هي سڀ ڪيڏي نه بي عقلي آهي! اچو، هن جي بدران مون کي جهليو. مان اجايو نه آيو آهيان.... هيءُ سڀ ايترو ڇسو ڇو آهي؟.....“
۽ هن هوريان هوريان، جهڙوڪر ڪجهه ويچاريندي، وري ڪورٽ ۾ چوڌاري نظر وڌي. پر ايستائين ڪورٽ ۾ وڏو ڌمچر مچي چڪو هو. اليوشا هن ڏانهن لـُـوهـَـه پاتي، پر ڪورٽ جي چوبدار اڳيئي ايون کي وڃي ٻانهن کان جهليو هو.
”ڇا ٿو ڪرين؟“ هن چوبدار جي مـنهن ۾ چتائي نهاريندي دانهن ڪئي، ۽ اوچتو کيس ڪلهن کان وٺي کڻي زور سان فرش تي سٽيائين. پر ايتري ۾ پوليس مٿان وڃي پيس ۽ قابو ڪري ورتائونس. هو زور زور سان رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ لڳو، ۽ جيترو وقت کيس ٻاهر وٺيو پئي ويا، سو سارو وقت هو دانهون ڪندي ڪجهه چوندو رهيو، جيڪو سمجهه ۾ نٿي آيو.
سڄي ڪورٽ ۾ مانڌاڻ متل هئي. جيڪي جيئن جيئن ٿيو، سو مون کي پوريءَ ريت ياد ڪونهي. مان پاڻ جوش ۾ هـُـيس، ۽ سڀ ڏسي نه سگهيس. مون کي رڳو ايتري سانڀر آهي ته پوءِ جڏهن چوڌاري ٺاپر اچي چـُـڪي هئي ۽ هر ڪو ڄاڻي چڪو هو ته ڇا وهيو واپريو هو، تڏهن ڪورٽ جي چوبدار کي ڇـنڊ پٽائي ويئي، توڻي جو هن ويچاري وڏي سمجهداريءَ سان وضاحت ڪئي هئي ته شاهد بلڪل ٺيڪ هو، ۽ ڪلاڪ اڳ کيس ٿوري ڦيري اچڻ تي ڊاڪٽر تپاسيو هو، ۽ ڪورٽ ۾ اچڻ تائين هـُـو سهج سڀاءَ سان ڳالهائيندو رهيو هو، سو ڪجهه به اڳ-پسڻ ناممڪن هو، ۽ نه هـُـن شاهدي ڏيڻ تي پاڻ ضد ڪيو هو. پر ماڻهو اڃا پورا سامت ۾ نه آيا هئا، ۽ جيڪي ڪجهه ٿي گذريو هو، تنهن مان پاڻ سنڀالي نه سگهيا هـُـئا، جو هڪ ٻيو واقعو ٿيو. ڪئٽرينا ايوانوف کي دورو پيو. هوءَ روئي رڇ ڪرڻ لڳي. کيس ڪورٽ مان ٻاهر وٺي وڃڻ جي ڪيائون ته پڙ ڪڍي بيهي رهي ۽ پاڻ ڇڏائڻ جي ڪندي کين چوندي رهي ته کيس اُتان هٽايو نه وڃي. اُمالڪ هن صدر کي واڪو ڪندي چيو:
”اڃا ساک آهي جا مون کي هڪدم ڏيڻ کپي، هڪدم! اچي هي ڪاغذ، هي خط وٺو.... وٺو ۽ جلديءَ ۾ پڙهي وٺو، جلديءَ ۾! هيءُ هـُـن دئت جو خط آهي.... هن همراهه جو، او هـُـو!“ هـُـن مـِـتيا ڏانهن اشارو ڪيو. ”هـِـن ئي پنهنجي پيءُ کي ماريو آهي، هاڻي جو هاڻي ڄاڻي وٺندؤ! پر هو ٻيو اگهو آهي، بيمار آهي، سو وڦلي ٿو!“ هـُـوءَ، پاڻ تي اختيار وڃائي، دانهيندي رهي.
ڪورٽ جي چوبدار کانئس خط وٺي صدر ڏانهن وڌايو، ۽ هوءَ پنهنجي ڪـُـرسيءَ ۾ ڪـِـري، ٻنهي هٿن سان منهن ڍڪي، ڳڍڙيون کائيندي بنا آواز جي سـُـڏڪڻ ۽ ٿـڙڪڻ، ۽ انهيءَ ڊپ کان ته متان کيس ڪورٽ مان ٻاهر نه ڪڍي ڇڏين، نڙيءَ مان نڪرندڙ آواز کي گهٽڻ لڳي. هن جو ڏنل ڪاغذ اهو خط هو، جيڪو مـِـتيا ’ميٽرو پوليس‘ گـُـتي ۾ لکيو هو ۽ جنهن کي ايون ’ٻه ڏون چار جهڙي ثابتي‘ ڄاڻايو هو. افسوس! ان جو ٻه ڏون چار جيان پختو هجڻ مڃيو ويو، ۽ جي اهو خط نه هجي ها ته شايد مـِـتيا جو جيڪو حشر ٿيو، تنهن کان بچي وڃي ها. ٻيو نه ته هن جو انت گهٽ ڀوائتو هجي ها. مان وري چوان ٿو ته ذري پـُـرزي جي خبر رکڻ ڏکيو هو. جيڪي پوءِ وهيو واپريو، سو منهنجي دماغ ۾ اڃا تائين منجهيل آهي. صدر لازمي طرح اهو ڪاغذ ٻين ججن، جيوريءَ ۽ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي پڙهايو هوندو. مون کي رڳو ايترو ياد آهي ته هـُـنن شاهد کان پـُـڇا ڪيئن شروع ڪئي. جڏهن صدر کانئس سٻاجهائيءَ سان پڇيو ته هوءَ پوريءَ ريت سامت ۾ اچي وئي هـُـئي، تڏهن هـُـن اتاولائيءَ سان واڪو ڪيو:
”مان تيار آهيان، مان تيار آهيان! مان اوهان کي بلڪل ورندي ڏيڻ جوڳي آهيان.“ هن وڌيڪ چيو، شايد ڊپ هـُـيس ته کيس ڪيئن به ڪري شاهدي ڏيڻ کان روڪيو ويندو. کيس چيو ويو ته سربستو احوال ٻـُـڌائي ته اِهو خط ڇا هو ۽ کيس ڪيئن مليو هو.
”مون کي اهو ڏوهه ٿيڻ کان هڪڙو ڏينهن اڳ مليو هو، ۽ لکيو ان کان به هڪڙي ڏينهن اڳ گـُـتي ۾ ويو هو، يعني جنهن ڏينهن ماريائين، تنهن کان ٻه ڏينهن اڳ. ڏسو، اهو ڪنهن قسم جي بـِـل تي لکيل آهي.“ هـُـن اُڀساهيءَ سان چيو، ”ان مهل مون لاءِ ڌڪار هـُـيس، ڇو جو بڇان جهڙو ڪم ڪيو هئائين، ۽ هـُـن رَن جي پٺيان لڳل هو.... آئون منٽس اهي ٽئي هزار گهرندي هيس.... اوهه! هـُـن پنهنجي ڪميڻائپ جي ڪري انهن ٽن هزارن تان پاڻ کي گهٽ ٿئي سمجهيو! انهن ٽـِـن هزارن جو قصو هيئن آهي. منهنجو عرض آهي، منهنجي وينتي آهي ته مون کي ٻڌو. هو پنهنجي پيءُ کي مارڻ کان ٽي هفتا اڳ هڪڙي صبح جو مون وٽ آيو هو. مون کي پتو هو ته کيس ڏوڪڙ کپن ۽ ڇو کپن. ها، ها- اُن رن کي پاڻ سان ٺاهڻ ۽ وٺي وڃڻ لاءِ. مون کي تڏهن خبر هـُـئي ته هـُـن مون سان ڊوهه ڪيو هو ۽ مون کي ڇڏڻ ٿي چاهيائين، ۽ اِها مان، مان هـُـيس، جنهن کيس اهي ڏوڪڙ ڏنا، جنهن کيس اهي انهيءَ بهاني سان آڇيا ته منهنجيءَ ڀيڻ کي ماسڪو ڏياري موڪلي. مون سندس منهن ۾ نهاريندي چيو ته هو اِهي ڏوڪڙ جڏهن چاهي، تڏهن موڪلي سگهي ٿو، ڀـلي مهيني سوا ۾! هو ڪيئن نه سمجهي سگهيو هوندو ته مان کيس منهن تي چئي رهي آهيان. ’توکي ڏوڪڙ کپن ته جيئن پنهنجي رن لاءِ مون سان ڪوڙو ٿين. هي اٿئي ڏوڪڙ، مان پاڻ ٿي توکي ڏيان. هي وٺ، جي تو ۾ ذرو به حياءُ ڪونهي ته وٺ!‘ مون ڏسڻ ٿي چاهيو ته هو ڪيتري پاڻيءَ ۾ هو، ۽ ٿيو ڇا؟ هـُـن ورتا ۽ اُن رن سان هڪڙيءَ رات ۾ اُڏائي ڇڏيائين... پر کيس پتو هو، کيس پتو هو ته مان سڀ ڄاڻان ٿي. مان اوهان کي يقين ٿي ڏياريان ته هن ڄاتو ٿي ته مان اِهي ڏوڪڙ ڏيئي کيس آزمائي رهي هيس، اهو ڏسڻ لاءِ، سندس غيرت ايتري مري وئي هئي ته مون کان ڏوڪڙ وٺي. مون هن جي اکين ۾ نهاريو ۽ هن منهنجين ۾، ۽ سڀ ڪجهه سمجهيائين ٿي ۽ ڏوڪڙ وٺي ڇڏيائين- ۽ هليو ويو!“
”اهو سچ آهي، ڪاتيا.“ مـِـتيا اوچتو گجگوڙيو، ”مون تنهنجين اکين ۾ ڏٺو ۽ مون کي خبر هـُـئي ته تون مون کي بيمانو ڪري رهي هـُـئينءَ ۽ تڏهن به مون اهي ڏوڪڙ ورتا. مون کي بدمعاش سمجهندي مون کان نفرت ڪر، اوهان سڀ مون کي ڌِڪاريو! مان اِن تي لائق آهيان!“
”قيدي“ صدر رڙ ڪئي، ”اکر به وڌيڪ ڪڇيو اٿئي ته توکي هـِـتان هٽرائي ڇڏيندس.“
”اِهي ڏوڪڙ هن لاءِ وڏو عذاب هئا.“ ڪاتيا اُٻهرائي وچان وري چوڻ لڳي. ”هن مون کي موٽائڻ ٿي گهريا، اهو سچ آهي ته موٽائڻ ٿي گهريائين، پر کيس هـُـن رَن لاءِ اهي کپندا به هـُـئا. سو هن پنهنجي پيءَ کي ماري ڇڏيو، پر پئسا مون کي موٽائي ڪونه ڏنائين ۽ ان رَن سان اوڏانهن هليو ويو، جتان گرفتار ٿيو. اُتي هـُـن اها رقم پڻ دُڦ ڪري ڇڏي، جيڪا پيءُ کي ماري چورائي هئائين ۽ خون کان هڪڙو ڏينهن اڳ مون کي اهو خط لکيائين. جڏهن لکيائين، تڏهن پيتل هو. اِهو مان خط پڙهڻ سان ئي سمجهي وئي هـُـيس. هن اِهو بغض مان لکيو هو، اِهو پختو يقين رکندي ته مان اِهو ڪنهن کي به ڪونه ڏيکارينديس. سچ پچ ماري ڇڏيائين تڏهن به نه، نه ته هو ڪڏهن به نه لکي ها، ڇوته کيس پتو هو ته مان اِهو نه چاهينديس ته کانئس وير وٺان ۽ کيس برباد ڪريان! پر اهو پڙهو، ڌيان سان پڙهو، مهرباني ڪري وڌيڪ ڌيان سان- اوهان ڏسندا ته هن سڀ ڪجهه اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هو پيءُ کي ڪيئن ماريندو ۽ رقم ڪٿي رکيل هـُـئي. ڀلائي ڪري ڏِسو، ان ۾ هڪڙو جملو آهي ’هيڏانهن ايون ويو، هوڏانهن مان کيس ماري ڇڏيندس.‘ اِهو ضرور ڌيان ۾ رکو. سو هن اهو سڀ اڳواٽ ئي رٿي ڇڏيو هو ته کيس ڪيئن ماريندو،“ ڪئٽرينا ايوانووف ڪورٽ کي خبيث ۽ وِهاٽيل سوڀ واري لهجي ۾ چتايو. اوهه! اِهو بلڪل چٽو هو ته هـُـن خط جي سـِـٽَ سـِـٽ پڙهي هـُـئي، ۽ ان ۾ لڪل هر مامَ پروڙي هـُـئي: ”پـِـيتل نه هجي ها ته مون کي ڪونه لکي ها، پر ڏسو، ان ۾ اڳواٽ ئي سڀ ڪجهه لکيل آهي ۽ بلڪل ائين ئي ماريائين!“ هوءَ جوش وچان واڪو ڪندي چئي ويئي.
هاڻي کيس نتيجن جي ڪا پرواهه ڪانه هـُـئي، توڻي جو هن اُهي بيشڪ مهينو اڳ - پـَـسي ورتا هئا، ڇو جو تڏهن به هـُـن، شايد ڪاوڙ وچان ڏڪندي، اها ڳڻ ڳوت ڪئي هئي ته ڪيس هلي ته خط ظاهر ڪري يا نه. هاڻي ته هـُـن ائين ڪري ڇڏيو هو. مون کي ياد آهي ته ڪلارڪ اهو خط ستت پوءِ ڏاڍيان پڙهي ٻڌايو هو، جنهن جو زبردست اثر ٿيو.
”اِهو منهنجو آهي منهنجو!“ مـِـتيا رڙ ڪئي، ”مان پيتل نه هـُـجان ها ته نه لکان ها....! اسان هڪ ٻئي کي ڪيترين ئي ڳالهين تان ڌڪاريو آهي، پر مان قسم سان ٿو چوان ته مون کي توسان تڏهن به پيار هو، جڏهن مون توکي ڌڪاريو ٿئي، پر توکي مون سان پيار ڪونه هو!“
هو پنهنجي ڪـُـرسيءَ ۾ ڊهي پيو ۽ نراسائيءَ مان هٿ مهٽڻ لڳو. سرڪاري ۽ بچاءَ جي وڪيلن ڪيٽرينا ايوانوف کان آڏي پـُـڇا شروع ڪئي، خاص طرح اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته هـُـن اهڙو اهم دستاويز لڪايو ڇو هو ۽ پنهنجي اڳينءَ شاهدي ايتري مختلف جذبي ۽ لهجي ۾ ڇو ڏني هئائين.
”برابر، برابر، اڳي مون ڪوڙ ٿي ڳالهايو. مان پنهنجي مانَ ۽ ضمير جي خلاف ڪوڙ ڳالهائي رهي هـُـيس، پر مون کيس بچائڻ ٿي چاهيو، توڻي جو هن مون کي ڌِڪاريو ۽ ڪين جهڙو ڄاتو آهي!“ ڪاتيا جوش وچان واڪو ڪيو. ”او، هـُـن مون کي سخت ڌِڪاريو ۽ تـِـڇ سمجهيو آهي ۽ اوهان کي خبر هـُـجي ته هن مون کي تنهن گهڙيءَ کان تـِـڇ سمجهيو آهي، جنهن گهڙيءَ مان انهن ڏوڪڙن ڏيڻ وقت هن آڏو جهڪي هـُـيس. مون اِهو صحي ڪيو هو.... مون اهو ان وقت ئي محسوس ڪري ورتو هو، پر ڪافي وقت تائين ويساهه ڪونه ڪيو هوم. هاءِ، ڪيترا ڀيرا مون هن جي اکين ۾ پڙهيو آهي، ”تون آئي پنهنجي مرضيءَ سان هـُـئينءَ“ . اوهه، هن سمجهيو ئي ڪونه ٿي، کيس ڪا سـَـهمـُـڪ ئي ڪانه هـُـئي ته مان هن ڏي ڇو ڊوڙي هـُـيس، هن کي رڳو نيچپڻو ئي پرکڻ اچي ٿو، سو هن مون کي به پنهنجي پرڪارين پرکيو، هن هر ڪنهن کي پاڻ جهڙو ٿئي ڄاتو.“ ڪاتيا چرين وانگر ڦوڪاريو، ” ۽ هن مون سان انهيءَ لاءِ پرڻجڻ ٿي چاهيو جو مون کي ورثي ۾ جهجهو ڌَن مليو هو، انهيءَ لاءِ ئي، انهيءَ لاءِ ئي! مون هميشه اهو سمجهيو ته انهيءَ لاءِ ئي! اوهه، هي ڍور آهي ڍور! هن کي يقين هو ته مان هـُـن آڏو هميشه شرمساريءَ وچان ڏڪندي رهنديس، ڇو مان ئي پهريون هن ڏي وئي هيس ۽ کيس اِهو حق هو ته مون کي انهيءَ ڪري سدائين ڪينَ جهڙو ڄاڻي، ۽ مون کان اُتم رهي- ها، انهيءَ ڪري ئي هـُـن مون سان پرڻجڻ ٿي چاهيو! ائين ئي آهي، سڀ ڪجهه ائين ئي آهي. مون پنهنجي پيار سان کيس جيتڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙو پيار جنهن جو ڪو انت ڪونه هو، مون هن جي بيوفائي به درگذر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: پر هن ڪجهه نه سمجهيو، ڪجهه به نه! هو ڪيئن ٿي سمجهي سگهيو ڀلا؟ هو دئت آهي! مون کي اهو خط ٻئي ڏينهن پوياڙيءَ جو مليو: اهو مون وٽ گـُـتي کان آندو ويو هو- تنهن ڏينهن ئي مون کيس سڀڪجهه معاف ڪرڻ ٿي چاهيو، سڀڪجهه، ويندي سندس دغا پڻ!“
صدر ۽ سرڪاري وڪيل برابر کيس خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. مان ائين وسهڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته هنن سندس دوري مان فائدي وٺڻ ۽ اهڙين قبوليتن تان شرمساري ٿي محسوس ڪئي. مون کي هنن جو کيس اهو چوڻ ياد ٿو پوي، ”اسين سمجهون ٿا، اهو تنهنجي لاءِ ڪيترو نه ڪٺن آهي، يقين ڪر، اسانکي تنهنجو احساس آهي.“ وغيره وغيره. پر تڏهن به هنن هڪ وڦلندڙ ۽ دوري ۾ ورتل عورت کان سڄي ساک ڇڪي ڪڍي. نيٺ هن اڻ رواجي چٽائيءَ سان، جهڙي اڪثر توڻي جو ويرم لاءِ، اهڙين بيحد جوش وارين حالتن ۾ ڏٺي ويندي آهي، بيان ڪيو ته ڪيئن ايون پنهنجي هن ”دئت ۽ خوني“ ڀاءُ کي گذريل ٻن مهينن کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ ذري گهٽ چريو ٿي پيو هو.
”هن پاڻ کي آزار ۾ وڌو.“ هوءَ چوڻ لڳي، ”هو هميشه پنهنجي ڀاءُ جو ڏوهه گهٽائڻ جي ڪندو هو، ۽ مون سان باسيندو هو ته کيس پنهنجي پيءُ سان ڪڏهن به پيار نه رهيو هو، ۽ شايد هو پاڻ به سندس موت جو ڪانکي هو. هن جو اندر ڪونئرو، بيحد ڪونئرو آهي! هن مون سان هر ڳالهه ڪئي، هر ڳالهه! هو روز مون ڏي ايندو هو ۽ مون کي پنهنجو اڪيلو دوست ڄاڻي، اندر پيو اوريندو هو! مون کي هن جي اڪيلي دوست هجڻ جو اعزاز حاصل آهي!“ هن اُمالڪ بي پرواهه لهجي ۾ واڪو ڪيو ۽ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. ”هو ٻه ڀيرا وڃي سميرڊياڪوف سان مليو هو. هڪڙي ڏينهن هو مون وٽ آيو ۽ چيائين، منهنجي ڀاءُ نه پر سميرڊياڪوف خون ڪيو هو (تن ڏينهن هر هنڌ اها چئو پچئو ٿيڻ لڳي هئي ته خون سميرڊياڪوف ڪيو هو) ته پوءِ شايد مان به ڏوهي آهيان، ڇو ته سميرڊياڪوف کي خبر هئي ته مون کي پنهنجو پيءُ ناهي وڻندو ۽ ڄاتائين ٿي ته مان پنهنجي پيءُ جي موت جو خواهشمند آهيان، تنهن تي مون خط آڻي کيس ڏيکاريو هو، هو پوري طرح قائل ٿي ويو هو ته خون ڀاڻس ڪيو هو. انهيءَ ڳالهه کيس نـِـهوڙي ڇڏيو هو. اها ڳالهه برداشت نه ڪري سگهيو ته سندس پنهنجو ڀاءُ پيءُ جو خوني هو! هفتو کن اڳي مون ڏٺو ته اها سوچ کيس بيمار ڪري رهي آهي. گذريل ٿورن ڏينهن کان هو منهنجي سامهون ڇڙ ڇڙ ڳالهائيندو رهيو آهي. مون ڏٺو ته هن جو دماغ ڍرڪندو پيو وڃي. هو ايندي ويندي وڦلڻ لڳو. کيس گهٽيءَ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي ڏٺو ويو هو. ماسڪو کان آيل ڊاڪٽر منهنجي چوڻ تي ٽيون ڏينهن کيس تپاسيو هو ۽ مون کي ٻڌايو هئائين ته کيس ڪاپاري تپ ٿيڻ وارو هو. ۽ اهو سڀ هن جي ڪري، هن دئت جي ڪري! ۽ پوئين رات کيس خبر پئي ته سميرڊياڪوف پاڻ ماري ڇڏيو هو. انهيءَ تان کيس ايترو ڌڌڪو پهتو جو هو چريو ٿي پيو ۽ سڀ هن دئت جي ڪري، سڀ هن دئت کي بچائڻ خاطر!“
ووءِ، ائين اندر جو اٿلڻ، ائين پاڻ اورڻ، حياتيءَ ۾ هڪڙو ڀيرو ٿيندو آهي مرڻ مـِـهل. مثال طور، سوريءَ ڏانهن ويندي! پر اِهو ڪاتيا جي سڀاءَ ۾ هو، ۽ هي سندس حياتيءَ جي اهڙي ئي مهل هئي. هيءَ اها ساڳي منهن زور ڪاتيا هئي، جنهن پنهنجي پيءُ کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي هڪڙي اوباش جوان جي رحم ڪرم تي کڻي ڇڏيو هو. ساڳئي ڪاتيا، جنهن ٿورو اڳ پنهنجي ايمان ۽ ستيا جي مهابي، هنن سڀني جي اڳيان، پاڻ ۽ پنهنجي ڪنوارپ واري حياءَ کي گهوريندي،متيا جي ٻاجهاري هلت جو ذڪر ڪيو هو ته جيئن سندس نصيب جي سختيءَ کي ٿورو نرم ڪري سگهي، ۽ هاڻي پڻ هن پاڻ گهوريو هو، پر هن ڀيري ڪنهن ٻئي لاءِ ۽ شايد هينئر هينئر ئي هن محسوس ڪيو هو ۽ کيس پروڙ پئي هئي ته اهو ٻيو کيس ڪيترو نه پيارو هو! هن ان ٻئي لاءِ دهشت ۾ اچي ۽ اهو وسهي پاڻ گهوريو هو ته هن اهو چئي پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو هو ته خون ڀاڻس نه پر هن ڪيو هو. هن کيس بچائڻ لاءِ، سندس ناموس کي بچائڻ لاءِ پاڻ گهوريو هو!
۽ ان هوندي به هڪڙو ڀوائتو شڪ دل ۾ جاڳيو ٿي - ڪٿي هوءَ متيا سان پنهنجن اڳوڻن ناتن بابت ڪوڙ ته نه ڳالهائي رهي هئي؟ - اهو هو سوال. نه، هن متيا تي اهو چئي ڄاڻي ٻجهي ڇنڊا نه اڇلايا هئا ته متيا کيس پاڻ آڏو جهڪڻ تان تڇ ڄاتو هو! هوءَ پنهنجي ليکي ائين وسهي رهي هئي. هوءَ جهڪڻ واري گهڙيءَ کان ئي ان ڳالهه جي پوريءَ ريت قائل ٿي چڪي هئي ته ساديءَ دل وارو متيا تنهن وقت به مٿس کلندو هو، کيس ڪين جهڙو سمجهندو هو، جنهن وقت هو کيس پوڄيندو هو. هوءَ ساڻس پنهنجي اڀمان، ڦٽيل اڀمان کان محبت ڪندي رهي هئي ۽ اها محبت هيجاني ۽ ”چچريل“ هئي، اها محبت ڪا محبت جهڙي نه هئي، پر وير جهڙي وڌيڪ هئي. اوهه، پر اها چچريل محبت سچي محبت جو روپ وٺي وڃي ها، شايد ڪاتيا جي به اهائي، سقڀ کان وڌيڪ، سڌ هئي. پر متيا جي بيوفائيءَ سندس اندر پري تائين گهائي ڇڏيو هو، ۽ سندس دل کيس معاف ڪرڻ تي نه وري هوندي. وير وٺڻ جي ويل اوچتو مٿان اچي پئي هئي، ۽ اهو سڀ ڪجهه ايتري گهڻي مـُـدي کان ڏکندي ڪٺو ٿيندو رهيو هو، سو هن چـِـڙيل عورت جي سيني منجهان ڦاٽ کائي هڪدم ۽ بنا ڪنهن اڳواٽ چتاءَ جي، سڄي جو سڄو ٻاهر نڪري آيو هو. هن متيا سان دغا ڪئي هئي ته پاڻ سان به دغا ڪئي هئائين، ۽ جيئن ئي هن پنهنجي جذبات جو پورو پورو اظهار ڪري ورتو، تيئن ئي تاءُ لهي ويس ۽ هن کي شرم ساريءَ اچي ورايو. کيس وري روڄ راڙي جو دورو اچي پيو: هوءَ، سڏڪندي ۽ رڙندي، فرش تي ڪري پئي. کيس ٻاهر نيو ويو. ان ئي مهل گروشينڪا، ان کان اڳ جو ڪوئي کيس روڪي سگهي، متيا ڏانهن لوهه ڪئي.
”متيا تنهنجي نانگڻ توکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي!“ هن دانهن ڪئي ۽ ڪروڌ وچان سڄي ڪنبندي ججن کي رڙ ڪري چيائين جو، ”ڏٺوَ، آخر ظاهر ٿي پئي نه!“ صدر جي اشاري تي کيس جهلي ٻاهر نيڻ جي ڪئي وئي، پر هن ائين ڪرڻ نه پئي ڏنن ۽ وڙهي پاڻ ڇڏائي متيا ڏانهن موٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. متيا دانهن ڪري هن ڏانهن وڌڻ جي ڪئي ته کيس کنڀي ويهاري ڇڏيائون.
مان سمجهان ٿو ته جيڪي عورتون تماشو ڏسڻ آيون هيون، سي ضرور خوش ٿيون هونديون. تماشو هوئي رنگارنگي. مون کي ياد ٿو پوي ته ان کان پوءِ ماسڪو وارو ڊاڪٽر پرگهٽ ٿيو هو. منهنجو خيال آهي ته صدرکيس چوبدار موڪلي ايون جي تپاس لاءِ گهرايو هو. ڊاڪٽر ڪورٽ ۾ اچي اعلان ڪيو ته مريض تي ڪاپاري تپ جو خطرناڪ حملو ٿيل آهي، سو کيس هڪدم هتان هٽايو وڃي. فريادي ڌر ۽ بچاءَ جي وڪيلن جي پڇا تي هن ٻڌايو ته مريض ٽيون ڏينهن پنهنجي منهن وٽس آيو هو ۽ هن کيس چتايو هو ته مٿس اهڙو حملو ٿيڻ وارو هو، پر هن پنهنجي سار سنڀال لهڻ کان انڪار ڪيو هو. ”سندس دماغي حالت يقيني طرح معمول واري نه هئي. هن پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته کيس جاڳندي روح نظر ايندا آهن، ۽ کيس گهٽين ۾ اهڙا ماڻهو گڏبا آهن، جيڪي مري چڪا آهن، ۽ هر پوياڙيءَ جو ابليس وٽس ايندو آهي.“ ڊاڪٽر ڳالهه پوري ڪندي چيو. مانوارو ڊاڪٽر شاهدي ڏيئي هليو ويو، ڪيٽرينا ايوانوف جو ڏنل خط ڏوهه جي سامگري ثابتين ۾ شامل ڪيو ويو، ججن ڳڻ ڳوت ڪري ڪاروائي جاري رکڻ ۽ ايون ۽ ڪيٽرينا ايوانوف جي شاهدين کي ڪيس جي حـصي بنائڻ جو فيصلو ڪيو.
پر مان ٻين شاهدن جي ساکن جو وچور ڪونه ڏيندس، ڇو ته هنن جيڪي اڳيئي چئجي چڪو هو، تنهن کي ورجايو ۽ ٽيڪو ڏنو، توڻي جو هر ڪنهن جو انداز پنهنجو پنهنجو هو. مان ورجايان ٿو ته سرڪاري وڪيل جي تقرير ۾ جيڪا مان ستت نقل ڪندس، سڀڪجهه شامل هو. هر ڪو جوش ۾ هو، هر ڪو هن نئين آفت تان ٿرٿلي ۾ هو ۽ سڀ سرڪاري ۽ بچاءَ وارن وڪيلن جي تقريرن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهيا هئا. فيوڪوچ کي ڪيٽرينا ايوانوف جي شاهديءَ چڱو لوڏي ڇڏيو هو. پر سرڪاري وڪيل اتساهيل هو. سڀ شاهديون ٿي چڪيون هيون، سو ڪورٽ ڪلارڪ کن لاءِ مهمل ٿي وئي. مان سمجهان ٿو ته اٺ اچي ٿيا هئا، جڏهن صدر موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو ۽ سرڪاري وڪيل، اپولٽ ڪردووچ، پنهنجي تقرير شروع ڪئي.

باب ڇهون: سرڪاري وڪيل جي تقرير. ڪردارن جا خاڪا

اپولٽ ڪردووچ تقرير شروع ڪئي ته ڊپ وچان سڄو ڏڪي رهيو هو ۽ نرڙ تي ٿڌو پگهر هوس، ۽ پاڻکي ڪڏهن ٿڌو ڪڏهن ڪوسو ٿي محسوس ڪيائين. پنهنجي اها حالت هن پوءِ پاڻ ٻڌائي. هن پنهنجي تقرير کي، پنهنجي هن شاهڪار کي، پنهنجي ساري حياتيءَ جي شاهڪار کي پنهنجو آخري ڪارنامو ڪوٺيو. اها حقيقت آهي ته نو مهينا پوءِ هو سلهه وگهي گذاري ويو. سو جيئن پوءِ سندس لاڏاڻي ظاهر ڪيو، کيس حق هو ته پاڻ کي، پنهنجو آخري گيت ڳائيندڙ راج هنس سان ڀيٽي. هن پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي سموري دل ۽ سمورو دماغ سموئي ڇڏيو. ۽ ويچاري اپولٽ ڪردووچ، غير متوقع طور تي، ظاهر ڪيو ته کيس عام ڀلائيءَ ۽ ”ازلي سوال“ جو ٿورو ڪي گهڻو احساس بهرحال هو. سندس تقرير جي وڏي ۾ وڏي خوبي هئي ان جو خلوص. کيس قيديءَ جي ڏوهي هجڻ جو پورو يقين هو! هن فقط سرڪاري فرض جي بجا آوريءَ ۾ مٿس ڏوهه نٿي رکيو، ۽ سزا جي گهر ڪيائين ته هو ”سماج جي ڀلائيءَ“ لاءِ واقعي تڙپي رهيو هو. اُتي ويٺل عورتن اپولٽ ڪردووچ جي بر خلاف هوندي به پوءِ اهو مڃيو ته هن مٿن غير معمولي تاثر ڇڏيو هو. اپولٽ ڪردووچ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندس آواز ڀڳل هو. پر پوءِ اهو سگهارو ٿي ويو ۽ ڪورٽ ۾ تقرير جي پڄاڻيءَ تائين گونـجندو رهيو.
”جيوريءَ جا صاحبو!“ ، سرڪاري وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”هن ڪيس جو سڄي روس ۾ چؤٻول ٿيو آهي. پر ان ۾ آخر ڇا آهي، جنهن تي اچرچ کائجي، اسان ان کان ڇو هراسجون؟ اسان اهڙن ڏوهن تي ايترا هري جو ويا آهيون! اهائي ڳالهه ته هراسيندڙ آهي ته اهڙا ڪڌا ڪم هاڻ اسان کي ڊيڄارين ئي نٿا. اسانکي هـِـن يا هـُـن ڏوهه کان نه پر ان ڳالهه تان ڊڄڻ جڳائي ته اسان انهن سان هري ويا آهيون. اِهي ڪم، اهي ڪڌا ڪم، جيڪي هاڻوڪي زماني جو اهڃاڻ، ريس نه ڪرڻ جهڙي آئندي جا بدسوڻ آهن، تن ڏانهن اسان جي بي حسيءَ، اسان جي ننهن سوسڙي روش جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڇا اهو اسان جو ڪلپْ (1) آهي، ڇا اهو هڪ اهڙي سماج ۾ جيڪو جوان هجڻ جي باوجود ڳري سڙي رهيو آهي، سونجهه ۽ ساڃهه جو وقت کان اڳ ٿڪجي پوڻ آهي؟ ڪٿي ائين ته نه آهي ته اسان جا اخلاقي اصول پاڙئون پٽجي ويا آهن، يا شايد اسان وٽ اهي ماڳهين آهن ئي ڪو نه؟ مان انهن سوالن جا جواب نٿو ڏيئي سگهان، اهي بهرحال آهن پريشان ڪندڙ، ۽ هرشهريءَ کي نه رڳو لازم آهي پر جڳائي ته انهن کان هراسجي. اسان جي نئين ڄاول پريس اڳيئي خلق جي چڱي خدمت ڪئي آهي، ڇالاءِ جو اهائي آهي جيڪا نه رڳو هاڻوڪي راڄ ۾ نئينءَ مان برپا ڪيل جيوري ڪورٽن جي صاحبن کي بلڪ اسان کي اواڳي ڏاڍ ۽ اخلاقي ابتريءَ کان لاڳيتو باخبر ڪندي رهي ٿي، ۽ اسان ذري گهٽ روز اهڙيون ڳالهيون پڙهندا آهيون، جن جي ڀيٽ ۾ موجوده ڪيس بيرنگ ٿي وڃي ٿو ۽ ذري گهٽ خسيس ڀاسي ٿو. پر وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ملڪ ۾ ڏاڍ وارن ڏوهن جي گهڻائي ڏيکاري ٿي ته اسان پري پري تائين انهيءَ برائيءَ ۾ اهڙا ته وٺجي ويا آهيون جو هاڻ ان کي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
”هڪڙي ڏينهن اسان اعليٰ طبقي جي هڪ شاندار جوان علمدار کي، پنهنجي ڪئريئر جي شروعات ۾ بزدلاڻي ٺڳيءَ سان، ضمير جي سٺ کان سواءِ، هڪ اهڙي علمدار کي، جنهن جا مٿس احسان هئا، ۽ سندس نوڪرياڻيءَ کي ماريندي ۽ سندس قرضي هجڻ جو ڪاڳر توڙي جيڪا روڪڙ سندس کيسن مان هٿ آيس، سا چورائيندي ڏسون ٿا، ”اها مون کي فيشني دنيا ۾ عيش ڪرڻ ۽ ڪئريئر ٺاهڻ جي ڪم ايندي،“ کين مارڻ کان پوءِ هو سندس مٿن هيٺان وهاڻا ڏي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو. هڪ ٻيو جوان سورمو، بهادريءَ جو ٻلو ماڻيندڙ، پنهنجي بالا عملدار ۽ محسن جي ماءُ کي رهزنن وانگر ماري ٿو، ۽ پنهنجي ساٿين کي ساڻس شامل ٿيڻ تي هشڪاريندي چوي ٿو، ”هوءَ مون کي پٽ ڪري ڀانئي ٿي، ۽ ان ڪري منهنجا سڀ چوڻ ڪندي ۽ ڪي احتياطي اُپاءُ نه وٺندي.“ قبوليم ته هو دئت آهي، پر مون ۾ جرائت ناهي جو کيس هن زماني ۾ اڻمٽ چوان. ٻيو ڪو ماڻهو خون ته ڪندو، پر هن جيان ئي محسوس ڪندو ۽ سوچيندو، ۽ روحاني طرح هن جهڙوئي بي ايمان آهي، هو شايد سانت ۾، پنهنجي ضمير سان اڪيلو هوندي، پاڻ کان پڇي ٿو، ”مانُ ڇا آهي، ۽ ڇا رتوڇاڻ کي نندڻ تعصب نه آهي؟“
”شايد ماڻهو منهنجي برخلاف واڪو ڪن ته مان بيمار ذهنيت وارو آهيان ۽ وڦلان پيو، ۽ مان ڀوائتي الزام تراشي پيو ڪريان، ته مان مبالغي کان ڪم پيو وٺان. ڀلي ائين چون، ۽ خدا ٿو ڄاڻي ته جي ائين هجي ته مان پهريون ماڻهو هوندس، جيڪو خوش ٿيندو! ڀلي مون تي ويساهه نه ڪريو، ڀلي مون کي بيمار ذهنيت وارو سمجهو، پر منهنجا لفظ ياد رکجو، جيڪي مان چوان ٿو، ان جي رڳو ڏهين پتي، رڳو ويهين پتي به حقيقت آهي ته پوءِ اها خوفناڪ آهي! ڏسو، اسان جا جوان ڪيئن نه آپگهات پيا ڪن، هئملٽ (1) واري انهيءَ سوال پڇڻ کان سواءِ ته اڳتي ڇا آهي: وٽن انهيءَ سوال جو نالو نشان به ڪونهي ڄڻ ته جيڪي ڪجهه روح سان، يا قبر کان اڳتي اسان سان ڇا ٿيندو، تنهن سان واسطو رکي ٿو، سو سندن ذهنن تان گهڻو اڳ ميسارجي ۽ واريءَ ۾ اونهو پورجي چڪو آهي. اسان جي بدڪارين ڏانهن، اسان جي اوباشين ڏانهن ڏسو. انهن مان گهڻن جي ڀيٽ ۾ هن ڪيس جو بدنصيب شڪار، فيودورپالووچ، جهڙوڪ معصوم ٻار وانگر آهي. ۽ اسان سڀ هن کي سڃاڻيندا هئاسون، هن اسان سان ئي وقت گهاريو هو.
”هائو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن روس ۽ يورپ جا مکيه ڏاها روس ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي نفسيات جو اڀياس ڪندا، ڇو ته اهو موضوع اهڙي اڀياس جي لائق آهي، پر اهو اڀياس اڳتي هلي آرام سان ڪيو ويندو، جڏهن اڄوڪي دور جي درناڪ اُبت سـُـبت گذري چڪي هوندي. تڏهن اهو اڀياس بي ريائي ۽ سوجهه سان ٿي سگهندو، تنهن کان وڌيڪ جيترو مان ڪرڻ جهڙو آهيان. هاڻي اسان هڄيا آهيون يا هڄي وڃڻ جو مـِـنهنُ ڪندا آهيون، توڻي جو حقيقت ۾ اسان تماشي مان مزو پيا وٺندا آهيون، ۽ اهڙي زورائتي ۽ مستاني جذبات سان پيار ڪندا آهيون، جيڪا اسان جي پرواهه ۽ لاڏ ڪوڏ سان نپايل آلسپڻي کي ڪتڪتائي ڪري. يا، ٻارن وانگر، اسان ڊيڄاريندڙ ڀوتن کي هٿ سان پري ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ پنهنجا مٿا وهاڻن هيٺان لڪائي انتظار ڪندا آهيون ته اهي ڀوت ٽري وڃن ته اسان پنهنجي راندين ۽ کيل تماشي ۾ شروع ٿيون. پر اسانتي لازم آهي ته ڪنهن ڏينهن حياتي ڳنڀير سچيتائيءَ سان شروع ڪريون ۽ پاڻکي هڪ سماج جي حصي طور ڏسون. وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي سماجي حيثيت مان ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪريون، يا گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ ڏس ۾ اڳتي وڌڻ شروع ڪريون.
”اڳين دور جو مهان ليکڪ (1) روس کي ڪنهن اڻڄاتل ماڳ ڏانهن چوپيري ڀڄندڙ تيز رفتار ٽروئيڪا(2) سان ڀيٽيندي، واڪو ڪري ٿو، ”اڙي ٽروئيڪا، بگيءَ جهڙي ٽروئيڪا، توکي ڪنهن ايجاد ڪيو،“ ۽ فخر سان مستيءَ ۾ وڌيڪ چوي ٿو ته ساري دنيا جا انسانو، ادب ۽ احترام سان هٽي بيهو ۽ ڇڙواڳ ڀڄندڙ ٽروئيڪا کي لنگهي وڃڻ جو رستو ڏيو. ائين هجي ته هجي، ڀل اهي پري ٿي بيهن، ادب ۽ احترام سان يا نه، پر مون مسڪين جو خيال آهي ته مهان ليکڪ پنهنجي ڪتاب جي اها پڄاڻي يا ته ٻاراڻي ۽ اياڻي پـُـراميديءَ جي گهڻائيءَ کان يا وري سندس زماني واري سينسرشپ جي ڊپ کان ڪئي آهي، ڇا لاءِ ته ٽروئيڪا کي ڇڪيندڙ سندس ٽيئي سورما سوباڪيوچ، نازڊرائوف ۽ تتچ چيفخوف هئا ته پوءِ اها ڪنهن به مناسب ماڳ تي ڪونه پڄڻي هئي، کڻي ان جو هڪليندڙ ڪير به هجي. اهي سورما اڳينءَ پيڙهيءَ مان هئا. اسان وارا پاڻ وڌيڪ ڪـَـسا آهن.......“
اپولٽ ڪرلووچ جي تقرير اتي پڳي ته تاڙين جو ڦهڪو پئجي ويو. ٽروئيڪا واري تشبيهه واکاڻي وئي هئي. تاڙين جو ڦهڪو ڪي پل ئي هليو، ان ڪري صدر ماڻهن کي چتاءُ ڏيڻ ضروري نه ڄاتو، ۽ رڳو تاڙين وڄائيندڙن ڏانهن شوخيءَ مان ڏٺائين. پر اپولٽ ڪرلووچ همتائجي ويو، انهيءَ کان اڳ ڪنهن به هن کي تاڙيون وڄائي داد نه ڏنو هو. هو ساري ڄمار ڪڏهن به ٻـُـڌو نه ويو هو، ۽ هاڻ اوچتو ساري روس جا ڪن کيس ٻـُـڌي رهيا هئا.
”نيٺ به ته هي ڪرامازوف ڪٽنب آهي ڇا، جنهن جي ساري روس اندر ايتري بدناموسي ٿي آهي؟“ هن تقرير جو سڳو سوريندي چيو. ”شايد مان وڌاءُ ڪري رهيو آهيان، پر مون کي لڳي ٿو ته اڄ جي پڙهيل لکيل طبقي جا ڪي بنيادي گڻ ان ڪٽنب جي تصوير ۾ جهلڪن ٿا. ها، البت ننڍي پئماني تي جيئن پاڻيءَ جي ڦڙي ۾سج جو اولڙو! اهو ناخوش،بدخصلت ۽ بي مهار پوڙهو، جيڪو ان ڪٽنب جو سرواڻ هو ۽ جنهنجو انت اهڙو درناڪ ٿيو، تنهن بابت سوچيو. وڏو گهراڻو پر ٻين تي بار، سو غير متوقع شاديءَ وسيلي چڱيرڙي ڌن جو مالڪ بڻجي ٿو وڃي. هو هڪ خسيس ٺڳ، چاپلوس، مشڪرو ۽ چڱيءَ پر اسريل ذهانت رکندڙ شخص هو، جيڪو وياج تي اوڌرن ڏيڻ جو ڌنڌو ڪري جيئن پوءِ شاهوڪار ۽ بي ڊپو ٿيندو ويو. هن جا هٿ جوڙ ۽ چاپلوسيءَ وارا پرڪار الوپ ٿي ويا ۽ رڳو ڪيني ۽ ٽوڪ واري ڪـَـلپُ وڃي رهيو. روحاني لحاظ کان هو پٺتي پيل هو، جڏهن ته منجهس جيئڻ جي سگهه بي حساب هئي، هن حياتيءَ ۾ سواءِ نفس پرستيءَ جي ڪجهه نٿي ڏٺو، ۽ پنهنجي اولاد کي به اِن ئي رنگ ۾ نپائي وڏو ڪيائين. هڪ پيءُ تي اولاد ڏانهن جيڪي جوابداريون عائل آهن، تن جو کيس ڪو احساس ئي ڪونه هو. هو انهن جوابدارين جو مذاق اڏائيندو هو. هن جا ننڍڙا ٻار نوڪرن بلي هئا، ۽ هو کانئن جان ڇٽڻ تي خوش هو، ۽ کين صفا وساري ڇڏيو هئائين. پوڙهي جو متو هو: مون کان پوءِ ڀلي ٻوڙان ٻوڙ ٿئي. هو شهري ذميواريءَ ۾ ڪوتاهيءَ جو سخت ۽ مريضاڻي خودغرضيءَ جو مثال هو. مان خوش هجان پوءِ ڀلي دنيا پئي سڙي رک ٿئي، مون کي پرواهه ناهي. ۽ هو خوش هو، راضي هو، ويهه ٽيهه ورهيه ٻيا به ساڳيءَ ريت جيئڻ جي سڌ هيس، هن پنهنجي پٽ کان کيس ماءُ کان ورثي مليل ڏوڪڙ ٺڳي ڪري ڦـُـري ورتا ۽ اهي پٽ جي سنگتياڻي کي ڌتارڻ جي بلي ڪيا. نه مان قيدي جي بچاءَ جي سموري ذميواري پنهنجي پيٽرسبرگ کان آيل وڪيل دوست تي ڇڏڻ نٿو چاهيان. مان اهو سچ پاڻ ئي چوندس. مان سمجهي سگهان ٿو ته هن پنهنجي پٽ جي دل ۾ پنهنجي خلاف ڪيتري ڪدورت سٿي ڇڏي هئي.
”ويچاري پوڙهي بابت بس ايترو ڪافي آهي، هو پنهنجو ڪيتو لوڙي چڪو آهي. اچو ته اهو ياد ڪريون ته هو پيءُ به هو، اڄ جي پيئرن جهڙو پيءُ، ڇا مان اهو چئي ناانصافي پيو ڪريان ته هو هاڻوڪي زماني جي پيئرن مان گهڻن جهڙو ئي هو؟ افسوس! منجهانئن گهڻا رڳو ان ڳالهه ۾ مختلف آهن ته هو کليو کلايو ڪلپ جو مظاهرو نٿا ڪن، ڇو ته هو وڌيڪ پڙهيل ۽ مهذب آهن، پر هنن جي سوچ بنيادي طرح اها ساڳئي آهي، جهڙي هن جي هئي. شايد مان نراس وادي آهيان، پر توهان مون کي معاف ڪرڻ قبولي چڪا آهيو. اچو ته اها ڳالهه اڳواٽ ئي مڃي وٺون ته توهان کي مون تي ويساهه ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. پر مون کي ڳالهائڻ ڏيندا. سو مون کي جيڪي چوڻو آهي، چوڻ ڏيو، ۽ منهنجو چيل ڪجهه نه ڪجهه ضرور ياد رکجو.“
”هاڻي ان ڪٽنب جي سرواڻ جي اولاد جي ڳالهه کڻجي. انهن مان هڪڙو قيديءَ جي صورت ۾ اسان جي سامهون موجود آهي: منهنجي باقي سڄي تقرير هن بابت ئي هوندي، ٻن ٻين جو مان رڳو سرسري ذڪر ئي ڪندس.
”انهن مان وڏو اڄ جي ٻين جوانن وانگر پڙهيل ڪڙهيل ۽ ذهين آهي. سندس ڪنهن شيءِ ويساهه نه رهيو آهي. هو پنهنجي پيءُ جيان اڳيئي گهڻو ڪجهه رد ڪري چڪو آهي. اسان سڀني هن کي ٻڌو آهي. هتان جي سوسائٽيءَ ۾ سندس آجيان ٿيندي هئي. هن پنهجا خيال ڪڏهن ڪونه لڪايا،ان ڪري مان پاڻ کي هن بابت هڪ فرد طور نه پر ڪرامازوف ڪٽنب جي ڀاتيءَ جي حيثيت ۾ ڪجهه کلي ڳالهائڻ ۾ حق بجانب ٿو سمجهان. جيڪو ٻيو شخص هن ڪيس سان ويجهو لاڳاپو رکندڙ هو، سو ڪالهه رات پنهنجي ئي هٿان مري چڪو آهي. منهنجي مراد ان آزاريل احمق سان آهي، جيڪو جيئري فيودور پاولووچ جو خاص نوڪر ۽ گهڻو ڪري سندس حرامي پٽ هو، يعني سميرڊياڪوف. شروعاتي پڇاڳاڇا ۾ هن مون کي اوڇنگارون ڏيندي ٻڌايو هو ته نوجوان ايون ڪرامازوف ڪيئن کيس پنهنجي روحاني گستاخيءَ سان ڊيڄاري ڇڏيو هو، هن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ هر ڳالهه جائز آهي، ۽ آئنده ڪنهن به ڳالهه جي منع نه هئڻ کپي. هن مون کي سدائين اهو سيکاريو.“ منهنجي خيال ۾ هن احمق جي مٿي وڃائڻ ۾ ان نظريي جو وڏو هٿ هو، ايئن برابر آهي ته هن کي جيڪي مرگهيءَ جا دورا پوندا هئا، تن ۽ هن آفت پڻ سندس حواسن جي چوڙ آلوڙڻ ۾ هٿ ونڊايو هوندو، پر هن جي واتان هڪ ڏاڍو مزيدار گفتو نڪتو هو، جيڪو هوند ڪنهن وڌيڪ سياڻي ماڻهوءَ کي سونهين ها، ۽ مون ان ڪري ئي ان جو ذڪر ڪيو آهي: ”جيڪڏهن ڪو پٽ سڀني کان وڌيڪ فيودورپاولووچ جهڙو آهي ته اهو ايون ڪرامازوف آهي.“
ان گفتي سان مان سندس ڪردار جو خاڪو پورو ٿو ڪريان، ڇو ته وڌيڪ ڪجهه چوڻ اسڀاويڪ ٿيندو. اوهه! مان جوان جي آئيندي بابت ڪي وڌيڪ نتيجا ڪڍڻ ۽ ڪانءَ وانگر ٽان ٽان نٿو ڪرڻ گهران. اسان اٰڄ هن ڪورٽ ۾ مشاهدو ڪيو ته سندس جوان دل ۾ اڃا ڪي سٺا جذبا موجود آهن. هن جو هڏ اڃا ڪٽنب لاءِ ڪرڪي ٿو، ۽ ان جذبي کي سندس بيويساهي ۽ ڪلپ، جيڪي سندس پنهنجي خود مختيار سوچ جو نتيجو نه پر ورثي مليل وصف آهن، ختم نه ڪري سگهيا آهن.
”هاڻي اچو ٽئين ڀاءُ تي. هو ديندار ۽ حليم طبع جوان آهي، جيڪو پنهنجي وڏي ڀاءُ جي حياتيءَ بابت ٻـُـسي ۽ تباهه ڪندڙ نظريي ۾ ڀائيوار نه آهي. هن خلق جي خيالن، يا جيڪي ڏاهن جي ڪن حلقن ۾ ان نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو، تنهن سان چهٽيل رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو خانقاهه سان واڳيل رهيو، ۽ ذري گهٽ راهب ٿيڻ وارو هو. مون کي لڳي ٿو ته هن ان ڊنل نراسائيءَ کي، بنا ارادي جي، دغا ڏني آهي، جيڪا اسان جي ڏکويل سماج جي ڪيترن ئي ماڻهن جي رهبري ڪري ٿي، اهي ماڻهو ڪلپ ۽ ان جي کاريندڙ اثرات کان ٽهندا آهن ۽ سڄي شرارت جو ذميوار يورپ جي روشن خياليءَ کي سمجهڻ جي غلطي ڪندا آهن. اها نراسائي کين سندن اباڻي مٽيءَ ڏانهن يا جيئن هو پاڻ چوندا آهن، ڌرتي ماءُ جي، ائين کڻي چئجي، ڇاتيءَ ڏانهن موٽائي وٺي ويندي آهي. جن جهور ماءُ جي سڪي ويل اُرهن تي هو ڊنل ٻارن وانگر ننڊ پئجڻ ۽ هميشه لاءِ سمهي رهڻ جي سڌ ڪندا آهن، ته جيئن انهن ڏهڪائن کان پاڻ بچائن جيڪي ڊيڄاريندا رهندا اٿن.“
”منهنجي دعا آهي ته اهو شاندار جوان هر ڪا ڪاميابي ماڻي: شل سندس جوانن وارو آدرشواد ۽ خلق جي خيالن ڏانهن لاڙو پئوڻا پئجي، جيئن اڪثر ڪري ٿيندو آهي، اخلاقي لحاظ کان ٻـُـسي تصوف ۽ سياسي لحاظ کان انڌي وطن پرستيءَ ۾ نه مٽجي وڃن. اهي ٻه عناصر روس لاءِ وڏو خطرو آهن، تنهن خطري کان وڌيڪ جيڪو يورپي خيالن کي غلط سمجهڻ ۽ بيفائدي اختيار ڪرڻ سبب، ان کي وقت کان اڳ زوال جي صورت ۾ درپيش آهي ۽ جنهن زوال جو شڪار وڏو ڀاڻس ٿي چڪو آهي.“
وطن ۽ تصوف پرستيءَ جي ذڪر تي ٻن ٽن ماڻهن تاڙيون وڄايون. اپولٽ ڪرلووچ پاڻ پنهنجي خوشڪلاميءَ جي وهڪري ۾ وهي ويو هو. جيڪي هن هن وقت تائين چيو هو، تنهن جو هلندڙ ڪيس سان خير ڪو واسطو هو، ۽ اهو ڪي قدر اڻچٽو به هو: پر هن بيمار ۽ سلهه ۾ ورتل همراهه تي حياتيءَ ۾ هڪڙو ڀيرو پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جي خواهش جو غلبو هو. ماڻهن پوءِ چيو ته هن ايون تي جا نڪته چيني ڪئي هئي، تنهن جا ڪي ٻيا اجوڳا سبب هئا، ڇو جو ايون هڪ ٻه ڀيرا کانئس بحث ۾ کٽيو هو، ۽ اپولٽ ڪرلووچ هاڻ اهو ياد ڪندي بدلو وٺڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر مون کي ان انومان جي سچ هجڻ جي خبر ڪانهي. بهرحال اهو سڀ رڳو تعارفي نوعيت جو هو، ۽ پوءِ واري تقرير سڌيءَ طرح ڪيس سان لاڳاپيل مامرن بابت هئي.
”پر هاڻي سڀني کان وڏي ڀاءُ ڏانهن موٽون ٿا.“ اپولٽ ڪرلووچ ڳالهائڻ جاري رکيو. ”اهو ڀاءُ اسان جي آڏو قيديءَ جي شڪل ۾ موجود آهي. سندس سماجي جيوت ۽ ڪرت پڻ سامهون آهن. موتمار ڏينهن اچي ويو آهي، ۽ هر ڳالهه مٿاڇري تي اچي چڪي آهي. جتي سندس ڀائر يورپيت ۽ خلق جي خيالن جي نمائندگي ڪندا نظر اچن ٿا، اتي هيءَ رشيا(1) جي جيئن اها آهي، نمائندگي ڪندو نظر اچي ٿو. اوهه، پر ساري رشيا جي نه، ساري رشيا جي نه! ائين هجي ته رب اسان جي حفاظت ڪري! هوءَ، اسان جي امڙ رشيا، پنهنجي بوءِ ۽ آواز سوڌي اسان وٽ هت آهي. هو پاڻ - مهاڙو آهي. نيڪيءَ ۽ بديءَ جو حيرت انگيز ميلاپ آهي، تهذيب ۽ شلر (2) جو چاهيندڙ آهي، تڏهن به گتن ۾ ڌمچر مچائي ٿو ۽ پنهنجن گهاٽن يارن جي ڏاڙهين جا وار پٽي ٿو. ۽ ها، هو سٺو ۽ وڙائتو به آهي، پر تڏهن جڏهن ساڻس سڀڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هجي. اتم آدرش کيس اتساهيندا، تمام گهڻو اتساهيندا آهن، پر تڏهن جڏهن اهي پنهنجو پاڻ اچن، تڏهن جڏهن اهي آسمان مان ڪرن، تڏهن جڏهن انهن لاءِ ڏوڪڙ نه ڏيڻا پون، کيس ڏوڪڙ ڏيڻ ڪو نه وڻي، پر وٺڻ جو وڏو شوق اٿس. هو هر معاملي ۾ ائين آهي. هن کي هر ڪا شئي کپي (ان کان گهٽ تي راضي نه ٿيندو) ۽ سندس واٽ ۾ ڪائي رنڊڪ نه وجهو ته هو به وڙائتو ٿي ڏيکاريندو. هو لالچي ناهي، بنهه نه: پر کيس ڏوڪڙ کپن، چڱا چوکا ڏوڪڙ، ۽ توهان ڏسندا ته هو اهي سڀ ڪيتري نه درياهه دليءَ سان، انهيءَ ڪني بڇڙي شئي کي ڪيتري نه حقارت سان، هڪڙي رات جي الوٽ عياشيءَ ۾ اُڏائي ڇڏي ٿو. پر جي ڏوڪڙ نه هوندس ته اهي ڏاڍي گهرج مهل هٿ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. پر اهو سڀ پوءِ: اچو ته واقعن کي ترتيب وار وٺون.
”پهرين پهرين اسان آڏو هڪڙو ويچارو نڌڻڪو ٻار آهي، جيڪو پوئين اڱڻ ۾، جيئن افسوس ته اسان جي پرڏيهه کان آيل لائق هموطن هينئر هينئر چيو، پيرين اگهاڙو ڊوڙندو ٿو وتي. مان وري چوان ٿو ته مان ڏوهيءَ جي بچاءَ ۾ اڳڀرو رهندس. مان هت کيس ڏوهه ڏيڻ لاءِ آهيان ۽ سندس بچاءَ لاءِ پڻ. ها، مان پڻ انسان آهيان، مان پڻ سڀاءَ تي، ڪردار تي، گهر ۽ ٻاروتڻ جي اثر جي ساڃهه رکي سگهان ٿو. پر ٻار وڏو ٿي آفيسر ٿئي ٿو، غيرت وگهي دوبدو لڙائيءَ ۽ ٻي ڪڌي ڪرت تان روسي سرحد وٽ هڪڙي ڏورانهين ڳوٺ ڏانهن تڙيو وڃي ٿو. اتي آفيسر جي حيثيت ۾ ڇڙواڳ حياتي گذاري ٿو. ۽ ها، کيس ڏوڪڙ کپن، سڀني کان اڳ ڏوڪڙ، سو وڏي هڻ هڻان کانپوءِ پيءُ سان نبيرو ڪري ٿو، ۽ پڇاڙيءَ وارا ڇهه هزار کيس اُماڻيا وڃن ٿا. اهڙو خط موجود آهي، جنهن ۾ هن عملي طرح باقي حساب ڪتاب تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، ۽ انهن ڇهن هزارن ملڻ تي پيءُ سان ورثي جي معاملي ۾ تڪرار نبيري ڇڏيو آهي.
”پوءِ اچي ٿي هن جي هڪ اعليٰ ڪردار رکندڙ ۽ عاليشان تعليم ورتل جوان ڇوڪريءَ سان ملاقات. نه نه مان تفصيل ۾ ڪو نه ويندس، جو توهان اهو ساجهر ٻڌي چڪا آهيو. ان ۾ اڀمان ۽ پاڻ گهورڻ جو ذڪر به آيو هو، سو مان چپ رهندس. هڪ هلڪڙي ۽ لچي آفيسر جو سچي عالي ظرفيءَ ۽ اتم آدرش کي مان ڏيڻ همدرداڻي روشنيءَ ۾ ڏيکاريو ويو. پر سـُـتت پوءِ هن ئي ڪورٽ ۾ اسان تمغي جو ٻيو پاسو ڏٺو. مان وري به انهيءَ اندازي لڳائڻ جي ڪوشش آدم نه ڪندس ته ائين ڇو ٿيو، پر ان جا سبب هئا. ساڳي خاتون، گهڻي وقت کان پيتل ڪاوڙ جا ڳوڙها ڳاڙيندي، تهمت رکي ته ٻئي ڪنهن نه پر هن شخص ئي کيس سندس عمل تان تڇ ڄاتو هو، جيڪو عمل غير محتاط ۽ شايد لاپرواهه هوندي به اتم ۽ وڙائتي مقصد سان ڪيل هو. هن، هن پنهنجيءَ مڱ کي اهڙي ته ٺٺول ڪندڙ مرڪ سان ڏٺو هو، جو اها ڪنهن ٻئي جي نه پر هن جي هئڻ ڪري ڏاڍي اڻسهائيندڙ هئي، ۽ اهو ڄاڻندي به کيس اڳيئي دوکو ڏيئي چڪو هو (هن کيس دوکو ڏنو هو جو کيس ويساهه هو ته هوءَ سندس هر ڳالهه، ويندي دغا به، سهي ويندي)، کيس ڄاڻي واڻي ٽي هزار روبل آڇيا، ۽ کيس چٽيءَ طرح، حد کان وڌيڪ چٽيءَ طرح، اشارو ڏنو هو ته هوءَ ڏوڪڙ ڏيئي رهي هئي ته ڀلي کيس دوکو ڏي: چئو، وٺين ٿو يا نه، ڪو شرم حيا به اٿئي يا نه؟ سندس ڦولهيندڙ اکين ۾ اهو گونگو سوال هو. هن ڏانهس نهاريو،صاف ڏٺائين ته سندس ذهن ۾ ڇا هو (هن پاڻ هت اوهان جي اڳيان مڃيو آهي ته سڀ سمجهيائين ٿي) پوءِ به هن اهي ٽئي هزار بنا ڪنهن شرط جي ورتا، ۽ پنهنجي نئين پرينءَ سان گڏجي ٻن ڏينهن ۾ اُڏائي ڇڏيا.“
”پوءِ اسان ڇا وسهون؟ تنهن جوان آفيسر جي ڏند ڪٿا، جنهن سخاوت جي اتم جوش ۾ پنهنجي پڇاڙڪي پونجي به قربان ڪري ڇڏي ۽ ڪنهن پوتيءَ پاڪ جو سنمان ڪيو، يا هيءَ بڇان ڏياريندڙ رُخ؟ قاعدي موجب، ٻن ڇيهن جو وِچُ وٺبو آهي. پر موجوده مامري ۾ اهو صحيح نه ٿيندو. امڪان اهو آهي ته هـُـو پهرين عمل ۾ به سچو اُتم هو، ۽ ٻئي ۾ به تيترو ئي سچو نيچ هو، ۽ ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هـُـو ٿـُـلهي ليکي ڪرامازوف سـُـڀاءُ وارو-- ۽ مان اِهو ٻـُـڌائڻ چاهيان ٿو-- هو، يعني چوٽيءَ تي پهچڻ جوڳو به ۽ تري ۾ ڪرڻ جوڳو به هو. هڪ اهڙي جـُـوان جو تـُـز گفتو ياد ڏياريانوَ ٿو، جنهن ڪرامازوف ڪٽنب جو ويجهائيءَ کان مشاهدو ڪيو آهي، يعني مسٽر رَڪيتـِـن: اِنهن بيپرواهه ۽ اواڳ سـُـڀاءَ وارن لاءِ سندن بيمانائيءَ جو احساس به ايترو ئي لازمي آهي، جيتروڪ وڏ- وڙائپ جو، اِهو بلڪل صحيح آهي، کين اهو غير فطري گاڏوڙ لڳاتار گهرجي. هڪ ئي وقت ٻئي ڇيهه، نه ته هـُـو ڏجهارا ۽ غير مطمئن رهندا ۽ سندن جيوت اڻپوري. هـُـو وسيع آهن، اهڙا وسيع جهڙي امڙ رشيا، هـُـو هر شيءِ پاڻ ۾ سمائن ٿا، ۽ هر شيءِ سان نڀاءُ ڪن ٿا.
”جيوريءَ جا صاحبو، جيئن ته ٽن هزار روبلن جي ڳالهه نڪتي آهي، سو مان ٿوري اڳ-ڪٿ جو جتن ڪندس. ڇا توهان سوچي سگهو ٿا ته هن جهڙو ماڻهو، جنهن اِها رقم اهڙي نموني، ايترو بيعزت، ايترو بيمانو ۽ ايترو ذليل ٿي هٿ ڪئي هجي، سو اُن جو اڌ ساڳي ڏينهن الڳ ڪري، هڪ ننڍڙي ڳوٿريءَ ۾ سـِـبي، سڄو سارو مهينو پاڻ سان کڻي هليو هوندو، ۽ هزار هرکجڻ ۽ لوڙ جي باوجود اها ڳوٿري نه کولي هوندائين، تڏهن به نه جڏهن گتن اندر پيالا چاڙهي عياشي ٿي ڪيائين ۽ تڏهن به نه، جڏهن پنهنجي پريتما کي پنهنجي پيءُ جي چڙهت کان پري وٺي وڃڻ ڪاڻ ضرور گهربل رقم خدا ڄاڻي ڪنهن کان وٺڻ لاءِ ڳوٺ ڀڳو هوندو؟ آخر ڇو، جڏهن ته هو ڳوٿري کولي ان ۾ پيل رقم سان پنهنجي پريتما کي رقيب کان بچائي ٿي سگهيو، رقيب به اهو، جنهن کان هو سخت بدگمان هو. ائين ڪري ها ته کيس ڏوڪڙ هٿ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ نه وڃڻو پوي ها، ۽ هو گهر ۾ رهي پريتما جي چوڪسي رکي سگهي ها- تيستائين، جيستائين هوءَ کيس چوي ها، ”مان تنهنجي آهيان.“ ۽ هو کيس وٺي اهڙي موتمار ماحول کان تمام پري هليو وڃي ها.“
”نه، هن پنهنجي اِن ڪرشماتي ڳوٿريءَ کي هٿ نه لاتو، ۽ ائين ڪرڻ جو سبب ڪهڙو ٿو ٻـُـڌائي؟ مکيه سبب، جيئن مون هينئر هينئر چيو، هيءُ هو ته جڏهن هوءَ چوي ’مان تنهنجي آهيان، مون کي جيڏانهن وڻئي تيڏانهن وٺي هل،‘ تڏهن وٽس کيس وٺي وڃڻ سارو خرچ پکو هجي. پر قيديءَ جا پنهنجا لفظ آهن ته اِهو پهريون سبب ايترو وزن وارو نه هو، جيتروڪ ٻيو. هن جو چوڻ آهي ته جيستائين اِها رقم وٽس هوندي، تيستائين هو چور نه پر بدمعاش رهندو، ڇوته هـُـو جڏهن چاهي، پنهنجي هـَـٿ ڪيل مـَـڱ وٽ وڃي سگهي ٿو ۽ کانئس ٺڳيءَ سان ورتل رقم جو اڌ سندس آڏو پـَـٽ تي رکي چئي سگهي ٿو، ”مون تو وارا اڌ ڏوڪڙ کپائي ڇڏيا آهن، ۽ ڏيکاريو اٿم ته مان ڪمزور، ۽ بدڪردار ماڻهو ۽ بيشڪ بدمعاش آهيان. (خيال رهي ته مان قيديءَ جا پنهنجا لفظ پيو ورجايا). بدمعاش برابر آهيان، پر چور ناهيان. هيءَ اڌ رقم به موٽائڻ نه اچان ها ۽ جيئن باقي اڌ کنئي اٿم، تيئن هيءَ به کڻي ڇڏيان ها!’ زبردست وضاحت! هيءُ مست پر ڪمزور شخص، جيڪو ٽي هزار روبل ايتري بيعزتيءَ سان وٺڻ تي هرکجي ويو هو، ان ساڳي ماڻهوءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو ايتري نرموهي پختائي اچي ٿي وڃي جو هو هزار روبل پاڻ سان گهمائيندو رهي ٿو، پر انهن کي ڇـُـهڻ جو ست نٿو ساري. جنهن سڀاءَ جو اسان ڇيد ڪري رهيا آهيون، ڇا هيءُ ان سان پورو پورو ٺهڪي اچي ٿو؟ نه، ۽ مان توهان کي اهو ٻڌائڻ جو جتن ڪندس ته جيڪڏهن اصل دِمتري ڪرامازوف پاڻ کي ڏوڪڙ سنڀالي رکڻ تي آمادو ڪري ها ته هو انهن حالتن ۾ ڇا ڪري ها.“
”پهرين هـِـرکاءَ تي: مثال طور، جنهن عورت جي سنگت ۾ هن اڌ رقم اڳيئي اُڏائي ڇڏي هـُـئي، تنهن جي وندر ورونهن ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ هـُـو ڳوٿري کولي سئو جو نوٽ ڪڍي ها، ڇوته جهڙي اڌ رقم يعني پنڌرهن سو روبل موٽائڻا، تهڙا چوڏهن سئو ڇو نه؟ هـُـو تڏهن به اهوئي چئي پئي سگهيو ته هـُـو چور ناهي ڇوته چوڏهن سئو روبل آندا اٿائين. ٻئي ڀيري وري هو ڳوٿري کولي ها، ٻيو سئو جو نوٽ ڪڍي ها ۽ ٽين ڀيري به، ۽ چوٿين ڀيري به، تان جو باقي وڃي هڪڙو سئو رهي ها ۽ سوچي ها ته رڳو هڪ سئو موٽائڻ به ڪم اچي سگهي ٿو، ڇوته چور ته سڄي جي سڄي روڪڙ چورائيندو، ۽ پوءِ هو سئو جي انهيءَ پوئين نوٽ کي ڏسي پنهنجي منهن چوي ها، ’رڳو سؤ موٽائي ڏيڻ ٺهي نٿو، چڱو آ ته اِهو پڻ کپائي ڇڏيان!‘ جنهن اصل دمتري ڪرامازوف کان اسان واقف آهيون. سو بلڪل ائين ڪري ها. ان ننڍڙي ڳوٿريءَ جي ڏند ڪٿا کان وڌيڪ حقيقت سان نه ٺهڪندڙ ڳالهه جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. ان کان وڌيڪ تصور کان ٻاهر ڪجهه ٿي ئي نٿو سگهي. پر ان ڳالهه جو ذڪر اڳتي هلي ٿيندو.“
ڪاروائيءَ دوران پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ مالي لاڳاپن بابت جيڪو ظاهر ٿيو هو، تنهن جو سرسري ذڪر ڪندي، اپولٽ ڪرلووچ وري وري اِهو نڪتو اُٿاريو ته معلوم حقيقتن جي آڌار تي اهو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي ته ڪير غلطيءَ تي هو. تنهن کان پوءِ هـُـو مـِـتيا جي مغز ۾ ويٺل انهيءَ خيال ته هـُـن پيءُ کان ٽي هزار لهڻا هـُـئا، تنهن بابت ڊاڪٽرن جي ساک تي آيو.


____________
(1) Cynicism: انساني فطرت لاءِ حقارت ۽ بيشڪ گمان (س ن ح)
(1) هئملٽ، ڊينمارڪ جو شهزادو، نالي شيڪسپيئر جي ناٽڪ جو سورمو.
(1) مراد آهي گوگل (انگريزيءَ ترجمي جو فٽنوٽ) ان روسي ناول نگار جو سڄو نالو نڪولائي وئسيليوچ گوگل ۽ زمانو 52 - 1809 هو.
(2) Troika: روسي بگي، جنهن کي ٽئي گهوڙا ڪلهو ڪلهي سان ڪري ڇڪيندا هئا (س ن ح)
(1) سنڌيءَ ۾ روس مذڪر آهي. جيئن ته ان پئرا ۾ ان کي امـِـڙ سڏيو ويو آهي، ان ڪري هت ملڪ جو انگريزي نالو Russia يعني رشيا، جيڪو مؤنث آهي، ڏنو ويو آهي (س ن ح)

(2) جوهان ڪرسٽوف فريڊرخ وان شلر (1805-1759ع: جرمن ناٽڪ نويس، غنائي شاعر ۽ تاريخ نويس. (س ن ح)

باب ستون: تاريخي جائزو

”ڊاڪٽرن اسان کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته قيديءَ جو دماغ جاءِ تي ناهي ۽ در حقيقت هو جنوني آهي. مان انهيءَ راءِ جو آهيان ته هن جو دماغ صحيح آهي ۽ جي نه هـُـجي ها ته هـُـو وڌيڪ چالاڪي ڏيکاري ها. اِهو ته هو جنوني آهي، تنهن سان مان البت متفق آهيان، پر فقط هڪڙي ڳالهه ۾، سا اها آهي ته هن جي مغز ۾ جيڪو ٽن هزارن وارو خيال ويٺل آهي. ان خيال جو سبب سندس پاڳلپڻي واري لاڙي کان وڌيڪ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو. جيستائين منهنجو لاڳاپو آهي ته مان نوجوان ڊاڪٽر جي انهيءَ راءِ شامل آهيان ته قيديءَ جون ذهني صلاحيتون هميشه نارمل رهيون آهن، البت هـُـو چڙ ۽ ڪاوڙ سان ڀريل رهيو آهي. قيديءَ جي لاڳيتي ۽ ڏاڍاري ڪاوڙ جو سبب اِها رقم نه آهي، پر ان جي پويان هڪ خاص ڪارڻ هو، اهو ڪارڻ هو رقابت!“
اِتي اپولٽ ڪرلووچ تفصيل سان قيديءَ جي گروشينڪا سان موتمار عشق جو ورنن ڪيو. هـُـن اُتان شروع ڪيو، جڏهن قيدي ”جوانڙيءَ جي گهر تي کيس مار ڏيڻ ويو.“ ”مان سندس پنهنجا لفظ پيو ورجايان.“ سرڪاري وڪيل وضاحت ڪئي، ”پر ڇوڪريءَ کي مار ڏيڻ جي بدران سندس پيرن ۾ ويهي رهيو. اِها هن جي عشق جي ابتدا هئي. ساڳي وقت قيديءَ جو پيءُ پڻ ان جوانڙيءَ تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. هڪ عجيب ۽ موتمار اتفاق، ڇو جو ٻئي همراهه هڪ ئي وقت کيس دل ڏيئي ويٺا هئا، توڻي جو هـُـوءَ سندن اڳي کان ڏٺل هـُـئي. وينگس ٻنهي ۾ اهڙو ته زور آور نينهن جاڳايو، جهڙو ڪرامازوفن ۾ ئي جاڳي سگهي ٿو. هـُـنَ پاڻ مڃيو آهي: ’مان ٻنهي تي کـِـلندي هـُـيس.‘ اوچتو کيس هنن جي مذاق بنائڻ جي خواهش ٿي، سو هن ٻنهي کي هڪدم فتح ڪري ورتو.ڪراڙو هو ته ناڻي جو پوڄاري، تڏهن به ان ئي وقت کيس ٽي هزار روبل ڏيڻا ڪيائين، پر جلد ئي هو اِن تي به خوش هو ته جي هوءَ ساڻس پرڻجي ته هوند هو پنهنجي ساري ملڪيت ۽ نالو سندس قدمن ۾ رکي. اسان وٽ ان ڳالهه جي چڱي ثابتي آهي ۽ قيدي، سندس ڪم بختي ظاهر آهي، اسان جي آڏو آهي. پر جوانڙيءَ جي ’راند‘ اِهائي ته هـُـئي. جادوگرياڻيءَ هـِـن اڀاڳي جـُـوان کي ڪا آس اُميد ڪانه ڏياري، تان جو هـُـو آخري وقت تي وٽس وڃي گوڏا کوڙي ۽ هٿ، جيڪي پڻس ۽ رقيب جي رت سان رڱيل هئا، ڊگهيري ويهي رهيو. کيس اِن حالت ۾ ئي پڪڙيو ويو. جوانڙيءَ کي اهڙو پڇتاءُ ٿيو، جو سندس پڪڙجڻ وقت واڪو ڪري چيائين، ’مون کي به هن سان گڏ سائبيريا موڪليو، ساڻس هيءَ ويڌن منهنجي ڪري ٿي آهي. اِن جو ڏوهه مون کي ڏيو.‘
”جنهن ٻهڳڻي جـُـوان جو حوالو مون اڳ ڏنو، يعني مسٽر ريڪيٽن، تنهن هن سورميءَ جي ڪردار نگاري مختصر پر اثرائتن لفظن ۾ ڪئي آهي. ’سندس خوشفهميون حياتيءَ ۾ جلد ئي دور ٿي ويون هيون، جو سندس مڱيندو کيس ريهڻ ريبڻ کان پوءِ ڇڏي هليو ويو هو. کيس غربت ۾ ڇڏيو ويو هو، سندس عزت واري ڪنٌنب کيس پـِـٽون پاراتا ٿي ڏنا، ۽ هوءَ هڪ پوڙهي شاهوڪار جي پناه ۾ اچي وئي هـُـئي، جنهن کي هوءَ هاڻي پنهنجو مـُـحسن سمجهي ٿي. سندس جوان دل ۾ گهڻي چڱائي هئي، پر اها سوير ئي ڪڙاڻ جي ور چڙهي وئي هـُـئي. هـُـن دور انديشيءَ کان ڪم وٺندي ڏوڪڙ بچائڻ شروع ڪيا. هـُـن جي سماج جي برخلاف چٿر ۽ چڙ جيئن پوءِ تيئن وڌندي وئي.‘ سندس ڪردار جي هـِـن خاڪي جي آڌار تي اِهو سمجهي سگهجي ٿو ته هوءَ ٻنهي ڄڻن تي شرارت وچان، ساڙ وچان کلي سگهي ٿي.“
”بي فائدي عشق ۽ اخلاقي ابتريءَ جو مهينو، جنهن دوران اسان جي قيديءَ پنهنجي مـَـڱ کي دوکو ڏنو ۽ هن پاران امانت طور سونپيل رقم کائي ويو، تنهن آخرڪار سندس اِها حالت ڪئي جو هو ڇتو، مـُـسـلسل رقابت وگهي اصل چريو ٿي پيو، رقابت به ڪنهن سان يعني پنهنجي پيءُ سان! ۽ وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ هـُـئي ته پاڳل پوڙهو پـُـٽ جي پريمڪا کي انهن ٽن هزار روبلن جي ٻل تي ريبي ۽ ڌُتـاري رهيو هو، جيڪي پـُـٽ ماءُ کان مليل ورثي جو حصو سمجهندي پنهنجي ملڪيت ٿي ڄاتا ۽ جيڪي کانئس پڻس ٺڳي رهيو هو. هائو، مان مڃان ٿو ته اِهو سڀ برداشت کان ٻاهر هو! اهو ماڻهوءَ کي چريائپ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو. ڳالهه رقم جي نه هئي، پر اِن حقيقت جي هئي ته ان رقم کي ايتري بڇان ڏياريندڙ بيدرديءَ سان سندس خوشيءَ کي برباد ڪرڻ تي خرچ ڪيو ٿي ويو.“
پوءِ سرڪاري وڪيل اهو بيان ڪيو ته پيءُ کي مارڻ جو خيال قيديءَ جي دماغ ۾ ڪيئن آيو هو. پنهنجي انهيءَ نظريي جي فائدي ۾ حقيقي مثال ڏنائين.
”شروع شروع ۾ هـُـن اِها ڳالهه رڳو گـُـتن ۾ ڪئي-- هو سڄو مهينو اِها ڳالهه ڪندو رهيو. هو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي ۽ پنهنجن سنگتين ساٿين کان ڪا به ڳالهه نه لڪائيندو آهي، ويندي کين پنهنجا خطرناڪ شيطاني خيال به ٻڌائي ڇڏيندو آهي، هو ٻين کي پنهنجن خيالن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ جو شوقين آهي، ۽ ڪنهن سبب جي ڪري اها آس رکندو آهي ته جن کي هو پنهنجو اندر ڏي ٿو، سي ساڻس همدردي ڪندا، سندس سڀني اهنجن ۽ اُلڪن جو احساس ڌاريندا، سندس پاسو کڻندا، ۽ ڪنهن ڳالهه ۾ سندس مخالفت نه ڪندا. جيڪڏهن هو ائين نه ڪن ته هو تپي باهه ٿي گتي جا ٽپڙ ڀڃڻ لڳندو آهي. (ان کان پوءِ ڪئپٽن سنگريوف واري واقعي جو ذڪر آيو.) جن قيديءَ کي ٻڌو، تن نيٺ اهو سوچڻ شروع ڪيو ته متان هن جي نيت ڌمڪين کان وڌيڪ جي هجي، ۽ ايڏي چڙ دڙڪن کي ڪاروائيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.“
اتي سرڪاري وڪيل خانقاهه ۾ ڪٽنبن جي گڏجاڻيءَ جو، اليوشا سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو، ۽ ويڙهاند جي ان ڀوائتي ڏيک جو ذڪر ڪيو، جڏهن قيدي مانيءَ کان پوءِ پيءُ جي گهر ۾ ڪاهي پيو هو.
”مان اهو يقين سان نٿو چئي سگهان.“ سرڪاري وڪيل تقرير جاري رکندي چيو، ”ته قيدي انهيءَ واقعي کان اڳ پيءُ کي مارڻ جو ارادو ڪري چڪو هو. بهرحال، اهو خيال کيس ڪيترائي ڀيرا آيو هو، ۽ هن ان بابت ويچاريو هو. ان لاءِ اسان وٽ حقيقتون آهن، شاهد آهن ۽ سندس پنهنجا لفظ آهن. جيوريءَ جا صاحبو، مان باسيان ٿو،“ هن وڌيڪ چيو، ”ته اڄوڪي ڏينهن کان اڳ مان ٻـُـڏتر ۾ هوس ته قيديءَ سان اڳ - ويچار منسوب ڪجي يا نه. مون کي اها ته پڪ هئي ته هن موتمار گهڙيءَ جو تصور ڪيو هو، پر فقط اهو تصور ئي هو، جنهن تي هن هڪ امڪان طور ويچار ڪيو هو. هن پڪيءَ طرح اهو نه سوچيو هو ته ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏوهه ڪندو.“
”پر مان ته اڄ تائين ٻڏتر ۾ هوس، تيستائين جيستائين اهو خوني خط ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو هو. توهان پاڻ جوان خاتون کي اهو چوندي ٻڌو ”اها رٿ آهي، خون جو پروگرام!“ اجهو ائين هن دکي قيديءَ جي ڏجهاري، نشي ۾ لکيل خط جو ورنن ڪيو. ۽ حقيقت ۾، انهيءَ خط مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته خون جي سڄي ڪاروائي اڳ - رٿيل هئي. خط ٻه ڏينهن اڳ لکيو ويو هو، ۽ هاڻ اسان کي اهو حقيقت طور معلوم آهي ته قيديءَ پنهنجي خوفناڪ ارادي تي عمل کان اٺيتاليهه ڪلاڪ اڳ قسم کنيو هو ته جيئن ئي ايون گهران هليو ويندو، تيئن ئي هو پيءُکي ماري سندس وهاڻي هيٺان رکيل نوٽن وارو لفافو تڳائيندو. توهان ٻڌو: سو هن هر ڳالهه تڪي توري سٽ سٽي هئي، ۽ ان تي ائين ئي عمل ڪيائين، جيئن لکيو هئائين. اڳ - ويچار جي ثابتي پڪي آهي: ڏوهه لازمي طرح ڏوڪڙن لاءِ ئي ڪيو ويو هوندو، اهو چٽيءَ طرح چيل آهي، اهو لکيت ۾ صحيح سان آهي. قيدي پنهنجي صحيح کان انڪار ڪونه ٿو ڪري.
”مون کي ٻڌايو ويندو ته قيديءَ جڏهن خط لکيو، تڏهن هو نشي ۾ هو. پر ان سان خط جو ملهه گهٽ ڪونه ٿو ٿئي. ماڳهين پاڻ وڌي ٿو، جيڪي هن نشي ۾ نه هوندي رٿيو، اهو هن نشي ۾ هوندي لکيو. جيڪڏهن نشي ۾ نه هوندي نه رٿي ها، ته نشي ۾ هوندي اها لکيت ۾ نه آڻي ها. مون کان پڇيو ويندو ته پوءِ هـُـن ان بابت گـُـتن ۾ ڇو ڳالهايو؟ جيڪو ماڻهو اهڙو ڏوهه اڳ - ويچاري ٿو، سو ماٺ رهندي ان کي پاڻ تائين رکي ٿو. برابر، پر هن ان بابت رٿ رٿڻ کان اڳ ڳالهايو هو، تڏهن جڏهن هن ان جي خواهش ڪئي، رڳو ائين ڪرڻ چاهيو هو. تنهن کان پوءِ هن ان بابت گهٽ ڳالهايو. جنهن پوياڙيءَ جو هن ”ميٽرو پولس“ گتي ۾ اهو خط لکيو، تنهن پوياڙيءَ جو هو، پنهنجي عادت جي اُبتڙ، ماٺ ۾ رهيو، توڻي جو هو پي رهيو هو. ٻيو ته ٺهيو، هو بليئرڊ راند به ڪونه کيڏيو، ڪنڊ ۾ ويٺو رهيو، ڪنهن سان ڪونه پئي ڳالهايائين. اهو برابر آهي ته هن ڪنهن ٻئي کي سندس جاءِ تان اٿاري ڇڏيو هو، پر ائين هن بيخياليءَ ۾ ڪيو هو، ڇو ته هو گتي ۾ گهڙڻ سان ڪونه ڪو بکيڙو ضرور ڪندو هو. اهو سچ آهي ته آخري فيصلي کان پوءِ کيس ضرور انديشو ٿيو هوندو ته هن پنهنجي ارادي بابت اڳواٽ حد کان وڌيڪ ڳالهايو هو، متان ان جي ڪري پوءِ هو پڪڙجي پوي ۽ مٿس ڪيس هلي. پر هاڻي ڇا پئي ٿي سگهيو، هو پنهنجا ڳالهايل لفظ موٽائي ته نه پئي سگهيو، پر نصيب اڳ به يا وري ڪئي هيس، هاڻي به ڪندو، کيس پنهنجي بـُـرج ۾ ويساهه هو. مان اهو به مڃان ٿو ته هن آخري آفت کي ٽارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ”سڀاڻي مان ڪنهن نه ڪنهن کان اوڌر وٺڻ جو جتن ڪندس، ۽ جي نه ملي ته رتوڇاڻ ٿيندي.“
اتي اپولٽ ڪردووچ تفصيل سان اُهي جتن بيان ڪيا، جيڪي متيا ڏوڪڙ اُڌارا وٺڻ لاءِ ڪيا هئا. هن قيديءَ جي سئمسانوف سان ملڻ ۽ لياگوئيءَ وڃڻ جو ذڪر ڪيو. ”کيس تنگ ڪيو ويو، مٿس چٿرون ڪيون ويون، هو بکن ۾ باهه ٿيو، ۽ سفر جي خرچ پکي لاءِ پنهنجي واچ وڪيائين (توڻي جو وٽس، سندس چوڻ موجب، پندرهن سو روبل هئا: آهي نه مڃڻ جهڙي ڳالهه!) ۽ موٽي آيو. سڄو وقت کيس اهو اُلڪو ستائيندو رهيو ته هي جو هو پنهنجي پريمڪا کي شهر ۾ ڇڏي پاڻ هليو ويو هو، سو متان هوءَ سندس غيرحاضريءَ ۾ فيودور پاولووچ ڏانهن نه هلي وئي هجي. پو موٽي اچي اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ته هوءَ سندس پيءَ جي ويجهو به نه وئي هئي. هو ساڻس گڏجي سندس سرپرست وٽ ويو (عجيب ڳالهه آهي ته کيس سئمسانوف سان رقابت ڪا نه هئي، جا ڳالهه نفسياتي لحاظ کان دلچسپ آهي). پوءِ هو تڪڙو تڪڙو پٺيري باغ ۾ وڃي بيٺو. جتي کيس خبر پئي ته سميرڊياڪوف کي دورو پيو آهي ۽ ٻيو نوڪر چاڪ ناهي. ميدان صاف آهي، کيس ڏسن جو پتو آهي. ڪيڏي نه هرکائيندڙ ڳالهه آهي!پر هو کجي نٿو: هو هڪڙي خاتون ڏانهن وڃي ٿو، جيڪا ڪافي وقت کان شهر ۾ ترسيل آهي، ۽ جنهن جي اسان وڏي عزت ڪندا آهيون. يعني مادام هلاڪوف هو. هيءَ خاتون اسان جي قيديءَ جي جيوت تي ڪهل واري نظر رکندي آئي هئي. هوءَ کيس ڏاڍي سهڻي صلاح ڏي ٿي ته عياشي ڇڏي ڏي، بي فيض عشق تان هٿ کڻي ڇڏ، گتن اندر ويچار ۾ پنهنجي حياتي ۽ سگهه برباد نه ڪري، سائيبريا وڃي سون جي کاڻين تي ڪم ڪري: ”ائين ڪندين ته تنهنجي وڳوڙي سگهه، روماني سڀاءُ ۽ ايڊونـچر لاءِ اُڃ جي تسڪين ٿيندي!“
اها ڳالهه ڪري اپولٽ ڪردووچ ٻڌايو ته جڏهن قيديءَ کي خبر پئي ته گروشينڪا سامسانوف وٽ ڪونه ترسي هئي ته رقابت جي ماريل، ٿڪ کان چور، اڀاڳي انسان کي اچي آنڌ مانڌ ورايو ته هوءَ کيس دوکو ڏيندي ضرور سندس پيءُ وٽ وڃي ويٺي هوندي. اهو ٻڌائي سرڪاري وڪيل قضا جي موتمار هجڻ تي ڳالهه پوري ڪئي. ”جيڪڏهن نوڪرياڻي کيس ٻڌائي ها ته سانئڻ پنهنجي اڳوڻي چاهيندڙ وٽ موڪروءَ ويل هئي ته ڪجهه به نه ٿئي ها، پر نوڪرياڻيءَ جي مت منجهي وئي ۽ هوءَ پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جا قسم کڻي پڪ ڏيارڻ لڳي. جيڪڏهن قيدي پنهنجي پريتما جي پيڇي ۾ اُڏار نه ڪري ها ته هوند نوڪرياڻيءَ کي اُڦٽ ماري وجهي ها.“
”پر ڌيان رهي ته ڏاڍو تڪڙو هوندي به هن پتل جي مهري پاڻ سان کنئين. اها ڇو؟ ٻيو ڪو هٿيار ڇو نه؟ پر جيئن ته هو سڄو سارو مهينو پنهنجي رٿ تي ويچاريندو ۽ ان لاءِ تياري ڪندو رهيو هو، سو هو ڪابه اهڙي هٿيار جي ڏک ڏيندڙ شئي کنڀي کڻندو، جيڪا نظر ايندس. کيس مهيني کان اها پروڙ هئي ته ڪا به اهڙي شيءِ هٿيار جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي. سو هن هڪدم بنا هٽڪ جي سهي ڪري ورتو ته اها مهري سندس مقصد پورو ڪندي. تنهنڪري هن اها بيخياليءَ ۾ يا بنامرضيءَ جي کنئي هئي. ۽ پوءِ اسان کيس پنهنجي پيءُ جي پٺيري باغ ۾ ڏسون ٿا. ميدان صاف آهي، ڪو ڏسڻ وارو ڪونهي، اوندهه ۽ رقابت. ان شڪ ۾ ته هوءَ اتي هئي، هن وٽ، سندس رقيب وٽ، هن جي ٻانهن ۾ ۽ شايد ان مهل مٿس کلي به رهي هئي، سندس ساهه منجهائي ڇڏيو. ۽ اهو ڪو ٺلهو شڪ نه هو، کليل دوکو هو، پڌرو هو. هوءَ ضرور هتي آهي، او هـُـن بتي ٻريل ڪمري ۾، پردي جي پٺيان ۽ هي ڏجهارو انسان اسان کي ويساهه ڪرائڻ چاهي ٿو ته هو لڪندو دريءَ تائين ويو، ادب سان اندر جهاتي پائي ڏٺائين ۽ چپ چپات ۾ موٽي ويو ته متان ڪا ڀوائتي ۽ غيراخلاقي ڳالهه نه ٿي پوي. هو اسان کي قائل ڪرڻ ٿو چاهي، اسانکي جيڪي سندس سڀاءُ کي سمجهون ٿا، جن کي سندس تنهن مهل واري ذهني حالت جي به سـُـڌ آهي ۽ اهو به پتو آهي ته کيس انهن ڏَسن جي خبر هئي. جن کي ڏسي هو بنا دير گهر اندر گهڙي ٿي سگهيو.“ اتي اپولٽ ڪردووچ اها ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، اهو تفصيلي بحث شروع ڪري ڏنو ته سميرڊياڪوف جو ڪو لاڳاپو هو يا نه.سندس بحث رڳو شڪ پئدا ڪندڙ حالتن جي اپٽار هو. سڀني اهو سمجهيو ٿي. هن انهيءَ شڪ کي ڪين جهڙو ڄاڻندي به وڏي اهميت وارو ڪري ورتو.

باب اٺون: قصو سميرڊياڪوف جو

”ڳالهه منڍ کان کڻجي ته اهو شڪ پيدا ڪيئن ٿيو.“ اپولٽ ڪـِـردووچ چوڻ شروع ڪيو: ”پهريون ماڻهو جنهن اهو شڪ ڏيکاريو، سو خود قيدي هو، جنهن گرفتاريءَ وقت رڙ ڪئي هئي ته خون سميرڊياڪوف ڪيو هو، پر تڏهن کان وٺي هينئر تائين هو انهيءَ تهمت جي فائدي ۾ هڪڙي ثابتي به نه آڻي سگهيو آهي، نه ئي ڪا اهڙي شئي پيش ڪئي اٿائين جيڪا ثابتيءَ جي ڏکَ ڏي. تهمت جي پٺڀرائي رڳو ٽن ڄڻن، قيديءَ جي ٻن ڀائرن ۽ مادام سويتلوف ڪئي آهي. ڀائرن مان وڏي ته پنهنجو شڪ رڳو اڄ ڏيکاريو آهي، جڏهن هو لاشڪ ڪاپاري تپ ۾ ورتل هو، پر اسان کي خبر آهي ته گذريل ٻن مهينن کان اسان وانگر کيس به پنهنجي ڀاءُ جي ڏوهي هجڻ جي پڪ پي رهي آهي. ۽ ان خيال کي ختم ڪرائڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي اٿائين. پر ان ڳالهه تي پوءِ ٿا اچون. ننڍي ڀاءُ مڃيو آهي ته وٽس سميرڊياڪوف جي ڏوهي هجڻ جي ٽيڪ ۾ ڪا ثابتي ڪانهي، ته کيس قيديءَ جي واتان ٻڌي ۽ سندس چهري جا تاثرات ڏسي اهو شڪ ٿيو آهي. هائو اها اچرج ۾ وجهندڙ شاهدي هن اڄ ٻه ڀيرا ڏني آهي. مادام سويتلوف ته پاڻ وڌيڪ اچرج ۾ وجهندڙ هئي. ”قيدي جيڪي چوي سچ سمجهيو وڃي. هو اهڙو ماڻهو ئي ناهي جيڪو ڪوڙ ڳالهائي.“ سميرڊياڪوف جي خلاف بس ايتري ئي ساک انهن ٽن ڄڻن سامهون آندي آهي، توڻي جو کين قيديءَ جي حشر جو سخت اونو آهي. ان هوندي به، سميرڊياڪوف جي ڏوهي هجڻ جو نظريو زور شور سان پيش ڪيو ويو آهي. ۽ اڃا تائين قائم رکيو پيو وڃي. ڇا اهو ويساهه جوڳو آهي؟ ڇا اهو خيال ۾ آڻي سگهجي ٿو؟“
اتي اپولٽ ڪردووچ پنهنجي حياتي پاڻ پوري ڪندڙ سميرڊياڪوف جي شخصيت جي اپٽار ضروري ڄاتي. هن سميرڊياڪوف کي ڪمزور ذهن رکندڙ ماڻهوءَ طور پيش ڪيو، جنهن جي تعليم نالي ماتر هئي ۽ جنهن جو مغز سندس سطح کان مٿاهن فيلسوفاڻن خيالن ۽ فرض بابت ڪن جديد نظرين ڦيرائي ڇڏيو هو. اهي نظريا هن پنهنجي مالڪ يعني فيودور پاولووچ، جيڪو شايد سندس پيءُ به هو، تنهن جي ڇڙواڳ جيوت کان عملي طرح ۽ پنهنجي مالڪ جي وچين پٽ ايون فيودوروچ سان وقت بوقت ٿيل عجيب فيلسوفاڻي ڳالهه ٻولهه مان پرايا هئا. ايون شايد پاڻ کي موڳو ڀائيندي يا خاص نوڪر کي ڀنڀلائي پاڻ وندرائڻ جي خيال کان ائين ڪندو هو. هن پاڻ مون سان گذريل ڪن ڏينهن ۾ پنهنجي روحاني حالت جي باري ۾ ڳالهه ڪئي هئي.“ اپولٽ ڪردووچ وضاحت ڪئي، ”پر ٻين پڻ اهڙي ساک ڏني آهي. خود قيديءَ سندس ڀاءُ، ۽ نوڪر گريگوريءَ پڻ مطلب ته انهن سڀني جيڪي کيس چڱي پر سڃاڻندا هئا.
”تنهن کان سواءِ،سميرڊياڪوف، جنهن جي تندرستيءَ کي مرگهيءَ جي دورن لوڏي ڇڏيو هو، سو چوزي کان به گهٽ دلير هو. ”هو منهنجي پيرن تي ڪري پيو ۽ انهن کي چمڻ لڳو:“ قيديءَ پاڻ اسان کي ان احساس ٿيڻ کان اڳ ٻڌايو ته اهڙي ڳالهه خود هن لاءِ ڪيتري هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي. ”هو مرگهي ماريل چوزو آهي،“ هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو. قيديءَ کيس پنهنجي رازدار طور چونڊيو (اها ڳالهه هن پاڻ ڪئي آهي) ۽ کيس مجبور ڪري پاڻ لاءِ جاسوسي ڪرڻ تي راضي ڪيائين. ان حيثيت ۾ هن پنهنجي مالڪ سان دغا ڪندي قيديءَ کي نوٽن واري لفافي ۽ انهن ڏَسن بابت ٻڌايو، جن جي مدد سان هو گهر ۾ داخل ٿي سگهي. هن لاءِ کيس ٻڌائڻ ڌاران ٻي ڪهڙي واهه هئي؟ ”هو مون کي ماري ڇڏي ها، مون کي پڪ هئي ته هو مون کي ماري ڇڏي ها.“ هن پڇا ڳاڇا وقت اسان جي اڳيان ڏڪندي ڏڪندي چيو هو. توڻي جو تنهن وقت کيس آزاريندڙ پڪڙجي چڪو هو ۽ کيس ڪو به ڇيهو رسائي نٿي سگهيو، ”هو هر وقت مون ۾ شڪ پيو ڪندو هو. مان ڊپ کان ڪنبندي کيس تڙ تڪڙ ۾ هر ڳالهه ٻڌائي ٺارڻ جي ڪندو هوس، ته جيئن هو ڏسي ته مان کيس دوکو نه پيو ڏيان ۽ مون کي جيئرو رهڻ ڏي.“ اهي هن جا پنهنجا لفظ آهن، مون اهي لکي ڇڏيا هئا، ۽ برزبان ياد اٿم. ”جڏهن منهنجي رڙيون ڪندو هو ته مان گوڏن ڀر ڪري پوندو هوس.“
”هو فطري طرح ڏاڍو ايماندار هو، ۽ مالڪ جو تڏهن کان گهڻو راز ٿي ويو هوس، جڏهن کان هن کيس هڪڙي وڃائجي ويل رقم ڳولي ڏني هئي. ان ڪري اهو انومان ڪرڻ بي واجبي نه ٿيندو ته ويچاري کي پنهنجي مالڪ سان، جنهن کي هو پنهنجو محسن ڄاڻي پيار ڪندو هو، ڊوهه ڪرڻ تان پڇتاءُ جون سٽون اينديون هونديون. وڏا ماهر ڊاڪٽر اسانکي ٻڌائين ٿا ته مرگهيءَ جي شڪار ماڻهن ۾ لاڳيتو پاڻ ڏوراپڻ جو مريضاڻو لاڙو هوندو آهي، هو پنهنجي بڇڙائيءَ تان ڳڻتيون کائيندا آهن، ضمير جا چهڪ آزاريندا اٿن، گهڻو تڻو بي سبب، هو قسمين قسمين ڏوهه ۽ خطائون وڌائي ٻڌائيندا ۽ ڪڏهن ته گهڙيندا آهن، ۽ هت اسان وٽ اهڙي ئي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن ڊپ ڊاءَ ۽ دڙڪن ۾ اچي غلط ڪم ڪيا. تنهن کان سواءِ کيس اهي پرون به پئجي ويا هئا ته سندس آڏو جيڪا صورتحال جڙي رهي هئي. تنهن جو نتيجو تمام ڀوائتو نڪرڻو هو. جڏهن ايون فيودورووچ آفت کان ٿورو اڳ ماسڪو اُسهڻ وارو هو، تڏهن سميرڊياڪوف کيس نه وڃڻ جون منٿون ڪيون، پر جيڪي ٿيڻ جو ڊپ هيس، سو صاف ٻڌائڻ تي دل نه ٻڌي سگهيو، گهڻائي اشارا ڪيائين پر اڳلي کي سمجهه ۾ نه آيا.
”پڌرو هجي ته سميرڊياڪوف جي نظر ۾ ايون فيودورووچ اهڙو محافظ هو، جنهن جي گهر ۾ موجودگي ان ڳالهه جي ضمانت هئي ته ڪو هاڃو ڪونه ٿيندو. دمتري ڪرامازوف جي نشي ۾ لکيل خط جو هيءُ جملو ياد ڪريو: مان پوڙهي کي تڏهن ئي ماريندس، جڏهن ايون ويندو هليو. سو ايون فيودورووچ جي موجودگي هر ڪنهن جي نظر ۾ ضمانت هئي ته گهر ۾ امن امان رهندو.
”پر هو هليو ويو، ۽ سميرڊياڪوف کي پنهنجي ننڍي مالڪ جي روانگيءَ کان ڪلاڪ جي اندر مرگهيءَ جو دورو پئجي ويو. پر اهو بلڪل سمجهه ۾ ايندڙ آهي. هت مان اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته سميرڊياڪوف هڪ طرح جي ڏهڪاءَ ۽ نراسائيءَ جي چنبي ۾ هو: پوين ٿورن ڏهاڙن کان کيس محسوس ٿي رهيو ته کيس دٻاءَ جي گهڙين ۾ جيڪي دورا پيا آهن، تهڙو ڪو دورو پوڻ وارو هوس. دورو ڪهڙي ڏهاڙي ۽ ڪهڙي وقت پوندو، سو، برابر، اڳواٽ نٿو ڄاڻي سگهجي، پر مرگهيءَ جي مريض کي اڳ ئي احساس ٿي ويندو آهي ته کيس دورو پوڻ وارو آهي. ڊاڪٽر اسان کي اهو ئي ٻڌائن ٿا. سو، ايون فيودورووچ جيئن ئي گاڏي هڪليندو اڱڻ مان نڪتو، تئين ئي سمرڊياڪوف، پنهنجي اڪيلائپ ۽ غير محفوظ حالت جي ڳڻتي کائيندو، بهري ڏانهن ويو. ڏاڪڻ لهندي هو گهيرٽ کائيندو ويو ته الائي دورو پوندو يا نه، ۽ جي هاڻي جو هاڻي پئجي ويو ته ڇا ٿيندو! انهيءَ اُلڪي، انهيءَ گهيرٽ جي ڪري سندس نڙيءَ ۾ اها ڳڍڙي پئي، جيڪا هميشه اهڙن دورن کان اڳ ۾ پوندي آهي. ۽ هو سرت وڃائي وڃي بهري ۾ ڪريو. ۽ ماڻهو انهيءَ بنهه سڀاويڪ واقعي ۾ اهو شڪ ڪن، اهو ڏس لهن ٿا ته هو ڄاڻي واڻي دوري جو - منهن ڪري رهيو هو. پر جيڪڏهن اهو سڀ ڄاڻي واڻي هو ته هڪدم سوال ٿو اُٿي ته ڇو، ڄاڻي واڻي ڇو؟ کيس ڇا کپندو هو؟ سندس مقصد ڇا هو؟ مان ڊاڪٽريءَ بابت ڇو نه ٿو چوان. سائنس، مون کي ٻڌايو ويو آهي، ٿڙي سگهي ٿي: ڊاڪٽر ڪوڙي ۽ سچي دوري ۾ فرق نه ڪري سگهندا آهن. بيشڪ ائين هوندو، پر هڪڙي سوال جو جواب ڏيو: هن جو اهڙي ڪوڙ جو ڪهڙو مقصد هو؟ جي هن خون جي سٽ ٿي سٽي ته ڇا هن ان کان ستت پهرين دوري جو مـِـنهن ڪري گهر وارن جو ڌيان ڇڪائڻ ٿئي چاهيو؟
”جيوريءَ جا صاحبو، ياد رهي ته تنهن رات فيودور پاولووچ جي گهر ۾ پنج ڄڻا هئا: فيودور پاولووچ پاڻ (پر ظاهر آهي ته هن پنهنجو پاڻ نه ماريو هو). ٻيو سندس نوڪر گريگوري، جيڪو ذري گهٽ پاڻ به مارجي ويو هو. ٽيون ماڻهو هو گريگوريءَ جي زال، مارفا اگناتي ايوا. اهو خيال ئي شرمناڪ آهي ته هوءَ پنهنجي مالڪ جو خون ڪندي. باقي بچيا ٻه ڄڻا: قيدي ۽ سميرڊياڪوف. پر جيڪڏهن اسان قيديءَ جي ان بيان تي وسهون ٿا ته خون هن نه ڪيو هو ته اهو ضرور سميرڊياڪوف ڪيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو هوئي ڪونه، جيڪو ائين ڪري سگهي. اهو ڏجهارو احمق، جنهن ڪالهه پاڻ ماري ڇڏيو، تنهن جي برخلاف اهڙي حرفت ڀري ۽ اچرج ۾ وجهندڙ تهمت جو سبب اجهو اهوئي آهي. ڪنهن ٻئي تي شڪ جو ٿورو پاڇو ئي پوي ها، ڪو ڇهون ڄڻو هجي ها ته مون کي يقين آهي ته خود قيديءَ کي به سميرڊياڪوف تي تهمت رکڻ کان شرم اچي ها، ۽ ڇهين ڄڻي کي ڏوهه ڏي ها، ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف کي خوني سمجهڻ وڏي نامعقوليت آهي.
”صاحبو، نفسيات کي به ڇڏيو، ڊاڪٽريءَ کي به ڇڏيو، ويندي منطق کي به ڇڏيو، رڳو حقيقتن کي وٺو ۽ ڏسو ته اهي اسان کي ڇا ٿيون ٻڌائين. جيڪڏهن سميرڊياڪوف قتل ڪيو ته ڪيئن ڪيائين؟ اڪيلي سر يا قيديءَ جي مدد سان؟ اول پهرينءَ کي ٿا وٺون، يعني اڪيلي سر ڪيائين. جيڪڏهن خون ڪيائين ته اهو ضرور ڪنهن اهڙي مقصد سان هوندو، جيڪو پاڻ کيس فائدو پهچائي. پر جيئن ته هن وٽ قتل جا اهي سبب ڪونه هئا جيڪي قيديءَ وٽ هئا، جهڙوڪ رقابت، نفرت وغيره، ته پوءِ هن ڪنهن شخصي فائدي لاءِ، انهن ٽن هزار روبلن لاءِ خون ڪيو هوندو، جيڪي هن پنهنجي مالڪ کي لفافي ۾ وجهندي ڏٺا هئا. ان هوندي به هو اهڙي ماڻهوءَ کي، جنهن جي ان معاملي ۾ وڏي دلچسپي هئي، رقم بابت ٻڌائي ٿو، کيس ڏس ڏي ٿو ته رقم لفافي ۾ آهي، ۽ لفافو ڪٿي رکيل آهي، ان مٿان ڇا لکيل آهي، اهو ڇا سان ٻڌل آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ڏس ته هو گهر ۾ ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿو. ڇا هن اهو سڀ پنهنجو ڦوڪ ڦاڙڻ لاءِ ڪيو،يا هن تنهن ماڻهوءَ کي نينڍ ٿي ڏني، جنهن اهو لفافو پاڻ ڦٻائڻ ٿئي گهريو؟ هائو، مون کي چيو ويندو، ’پر هن ائين ڊپ وچان ڪيو.‘ پر توهان ان جي ڪهڙي تشريح ڪندا؟ اهو ماڻهو، جيڪو اهڙو دليريءَ وارو ۽ وحشياڻو ڪم خيال ۾ آڻي سگهي ٿو ۽ ان تي عمل به ڪري سگهي ٿو، سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن کي اهي ڳالهيون ٻڌائي، جن کان دنيا ۾ڪو به ٻيو ماڻهون واقف ڪونهي ۽ جي هو پنهنجي زبان بند رکي ته هوند ڪنهن کي سمڪ به ڪانه پوي.“
”نه، هو ڪيقترو به ڪانئر هـُـجي، جيڪڏهن هـُـن ان ڏوهه جي رٿابندي ڪئي هجي ها ته ڪجهه به ٿي پوي ها، هو ڪنهن کي به ان لفافي بابت ڪونه ٻڌائي ها، نه ڏَس ڏي ها، ڇو ته ائين ڪري هو اڳواٽ پاڻ پڌرو ڪري وجهي ها، جي کيس ڄاڻ ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ها ته هو ڪجهه نه ڪجهه گهڙي وٺي ها، ڪونه ڪو ڪوڙ ڳالهائي ها، پر لفافي ڏسڻ بابت ماٺ رهي ها. ڇا لاءِ ته جيڪڏهن رقم جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪري ها، پر خون ڪري ها ۽ رقم چورائي ها ته دنيا ۾ڪو به هن کي رقم لاءِ خون جو الزام نه ڏئي سگهي ها، ڇو جو هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به رقم ڪانه ڏٺي هئي، هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به گهر ۾ رقم جي هجڻ جو پتو نه هو. جيڪڏهن هن تي قتل جو الزام رکيو به وڃي ها ته ائين سمجهيو وڃي ها ته هن اهو ڪم ڪنهن ٻئي سبب کان ڪيو هوندو. پر، ان جي اُبتڙ، هر ڪنهن اهو ڏٺو هو ته کيس مالڪ ڏاڍو ڀائيندو ۽ ويساهه ڪندو آهي. سو ڪو به مٿس شڪ نه ڪري ها. ماڻهو سڀ کان پهرين ان تي شڪ ڪن ها، جنهن وٽ سبب هو، جنهن پاڻ اعلان ڪيو هو ته وٽس اهڙو سبب هو، جنهن اُن کي ڳجهو نه رکيو هو: هو پڪ ئي پڪ فوتيءَ جي پٽ يعني دمتري فيودورووچ تي شڪ ڪن ها. جيڪڏهن سميرڊياڪوف کيس قتل ڪيو هجي ها ۽ الزام پـُـٽ تي اچي ها ته ائين ٿيڻ سميرڊياڪوف لاءِ واهه جو ٿئي ها. ته پوءِ ڇا اسان اهو وسهون ته هن قتل جي رٿابندي ڪرڻ جي باوجود، هن جي پٽ دمتريءَ کي رقم لفافي ۾ ڏسڻ بابت ٻڌايو؟ ڇا اهو مناسب آهي؟ ڇا اهو چٽو آهي؟“
”قتل جو رٿيل ڏينهن آيو ته اسان سميرڊياڪوف کي دوري جو مـِـنهن ڪري ڏاڪڻ تان هيٺ ڪرندي ڏسون ٿا. ڪهڙي مقصد سان؟ ڇا انهيءَ لاءِ ته گريگوري پنهنجو دوا وٺي اچڻ جو خيال لاهي گهر جي چوڪسي ڪري، ڇو جو ٻيو ڪو چوڪسي ڪرڻ لاءِ ڪونهي: يا وري سندس مالڪ اهو ڏسي ته سندس حفاظت لاءِ ڪوبه موجود ڪونهي ۽ پنهنجي پٽ جي اچڻ جي ڊپ کان وڌيڪ سچيت ۽ خبردار ٿي وڃي. يا شايد گهڻو تڻو کيس، يعني سميرڊياڪوف کي دوري سبب بيوس ٿي وڃڻ ڪري رنڌڻي مان، جتي هو سڀني کان الڳ اڪيلو سمهندو هو ۽ جتان اندر ٻاهر جڏهن وڻيس تڏهن اچي وڃي سگهندو هو، کڻائي گريگوريءَ جي ڪمري ۾ نيو وڃي: اهو ڪمرو گهر جي ٻئي ڇيڙي تي هو ۽ اتي کيس دوري پوڻ تي سدائين زال مڙس جي هنڌ کان ٽي وکون پري پردي جي پويان رکيو ويندو هو. اهو نيم پاڻ مالڪ جو ۽ رحمدل انگن تي ايوان جو جوڙيل هو. اتي پردي جي پويان رهندي کيس پنهنجي دوري جو مـِـنهن قائم رکڻ لاءِ ضرور ڪنجهڻو ۽ ڪرڪڻو پيو هوندو، ۽ کين (جيئن گريگوري ۽ زالهس ساک ڏني آهي) سڄي رات جاڳيل رکيو هوندائين. ۽ اسان کي وسهڻون آهي ته اهو سڀ ان لاءِ هو ته جيئن هو سهوليت سان اُٿي وڃي پنهنجي مالڪ کي قتل ڪري!
”پر مون کي چيو ويندو ته هن بيماريءَ جو مـِـنهن ان ڪري ڪيو ته جيئن مٿس شڪ نه ڪيو وڃي، ۽ اهو ته هن قيديءَ کي رقم ۽ ڏَسن بابت انهيءَ ڪري ٻڌايو ته جيئن قيدي قتل ڪري ۽ جڏهن قتل ڪري رقم کڻي گوڙ ڪندو، ماڻهن کي جاڳائيندو هليو وڃي، تڏهن، مون کي وسهڻو آهي، سميرڊياڪوف اٿيو ۽ اندر ويو. ڇا لاءِ؟ پنهنجي مئل مالڪ کي وري مارڻ لاءِ ۽ اڳئي چورائجي ويل رقم کڻڻ لاءِ؟ صاحبو، توهان کلي رهيا آهيو ڇا؟ مان اهي اشارا ڏيڻ تان شرمندو آهيان، اعتبار ڪرڻ جي ڳالهه ته ناهي، پر قيديءَ جو چوڻ اهو ئي آهي. جڏهن هو گهران نڪتو ۽ گريگوريءَ کي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌائين ۽ هاءِ گهوڙا ڪيائين، تڏهن سميرڊياڪوف اٿيو. ۽ اندر ويو ۽ پنهنجي مالڪ کي ماري رقم چوري ڪيائين! مان ان ڳالهه تي زور نه ڏيندس ته سميرڊياڪوف لاءِ اڳواٽ اهو اندازو لڳائڻ، اڳ پسڻ ڏکيو هو ته ڪاوڙيل ۽ چڙيل پٽ اچي ادب سان جهاتي، فقط جهاتي پائي اندر ڏسندو، توڻي جو کيس ڏَسن جو پتو هو، ۽ مال غنيمت سميرڊياڪوف لاءِ ڇڏي، چپڙي ڪري موٽي ويندو. جيوريءَ جا صاحبو، مان سنجيدگيءَ سان توهان کان هيءُ سوال پڇان ٿو: اها مهل ڪهڙي هئي، جڏهن سميرڊياڪوف ڏوهه ڪري سگهيو هوندو؟ انهيءَ مهل جو نالو وٺو نه ته توهان کيس ڏوهه نٿا ڏيئي سگهو.“
”پر شايد دورو سچو هو، اگهو ماڻهو اوچتو نيڪ ٿي ويو، ڪا رڙ ٻڌائين ۽ ٻاهر نڪتو. پوءِ ڇا؟ هن هيڏي هوڏي نهاريو ۽ چيائين، ’ڇو نه اندر وڃي مالڪ کي ماري ڇڏيان؟‘ ۽ کيس خبر ڪيئن پئي ته ڇا ٿيو هو، جڏهن ته هو سڄو وقت ان مهل تائين بيهوش پيو هو؟ پر اهڙن پورن جي اڏام جي ڪاته حد آهي! بلڪل آهي، ڪي سمجهو ماڻهو مون کي ٻڌائيندا پر جي هو ٻئي ٻـِـٽ هجن ته پوءِ؟ ٻنهي گڏجي کيس ماريو هجي ۽ ڏوڪڙ پاڻ ۾ ورهائي کنيا هجن ته پوءِ؟ واقعي ڳرو سوال آهي! ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ حقيقتون حيرت انگيز آهن. هڪڙو خون ٿو ڪري ۽ سڀ ڏوڪڙ ٿو کڻي ۽ ساري تڪليف پاڻ ٿو ڪري، جڏهن ته سندس ساٿي دوري جو مـِـنهن ڪري پاسو ورائي ليٽيل ٿو رهي ته جيئن هر ڪنهن کي شڪ پوي، مالڪ به خبردار ٿئي، گريگوري به خبردار ٿئي. اهو ڄاڻڻ دلچسپيءَ وارو ٿيندو ته اهي ڪهڙا مقصد هئا،جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ڄٽن اهڙي چريائپ واري سٽ سٽي؟“
”پر شايد اهو سرگرميءَ سان ٻـِـٽ هجڻ جو نه پر ماٺڙي ڪري مڃڻ وارو مامرو هو. شايد سميرڊياڪوف کي ڊيڄاري مڃايو ويو هو ته هو خون روڪڻ جي نه ڪندو. کيس اهو اندازو به هوندو ته هن طرفان ڪا روڪ ٽوڪ يا مدد لاءِ هاءِ گهوڙا نه ٿيندي ته مالڪ جي خون جو ڏوهه کيس ڏنو ويندو، سو هن دمتري ڪرامازوف کان موڪل ورتي هوندي ته جيئن مرگهيءَ جي دوري مـِهل ڪري رستي کان هٽي وڃي: ’جيئن وڻيئي، تيئن مارينس: منهنجو ڇا!‘ پر جيئن ته سميرڊياڪوف جو دورو سڄي گهر ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي ها، سو دمتري ڪرامازوف کڻي مڃجي به ته اها رٿ قبول ڪئي هوندي، تڏهن به هيءَ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي قائم رهندي ته خوني ۽ سازشي دمتري ڪرامازوف ئي آهي. ۽ سميرڊياڪوف فقط غير سرگرم شريڪ هو ۽ شريڪ به نه، مرضيءَ جي خلاف ڊپ وچان راضي ٿيندڙ هو.“
”پر اسان ڇا ٿا ڏسون؟ جيئن ئي قيدي پڪڙجي ٿو، تيئن ئي هو سڄو الزام سميرڊياڪوف تي مڙهي ٿو ڇڏي. محض شريڪ هجڻ جو نه، ماڳهين خوني هجڻ جو. ”هن خون اڪيلي سر ڪيو“ هو چوي ٿو ’هن ئي کيس ماريو ۽ ڦـُـريو. اهو هن جو ئي ڪم هو.‘ هي ڪي عجيب ڄـُـٽ آهن، جيڪي هڪدم هڪ ٻئي کي ڏوهه ڏين ٿا‍ ۽ ڏسو، ان ۾ ڪرامازوف لاءِ ڪيڏو جوکو هو. خون ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي بستري داخل شريڪ تي ڏوهه رکي ٿو، جيڪو انهيءَ تان ڪاوڙ ۾ اچي سڄو سچ باسي پئي سگهيو: دير تائين ٽيپ جو ڊپ به متان کيس نه روڪي سگهي، ڇو جو کيس اهو اندازو ته هوندو ته ڪورٽ کيس ڪيترو جوابدار سمجهندي، سو کيس ٽيپ آئي به سهي ته اها اصل خوني جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ سخت هوندي. پر انهيءَ صورت ۾ کيس باسڻ کپندو هو، جيڪو هن نه ڪيو، سمردياڪوف قيديءَ سان ٻٽ هجڻ ڏانهن ڪڏهن به اشارو نه ڪيو، جيتوڻيڪ اصل خونيءَ کيس ڏوهه ڏيڻ ۽ اهو چوڻ جاري رکيو ته هن ڏوهه اڪيلي سر ڪيو هو.“
”وڏي ڳالهه ته سميرڊياڪوف پڇا ڳاڇا مهل پاڻيهي ئي اهو ٻڌايو ته اهو هو ئي هو، جنهن قيديءَ کي لفافي ۽ ڏَسن جي ڄاڻ ڏني هئي، ۽ جي هو نه ٻڌائيس ها ته کيس ڪڏهن به معلوم نه ٿي سگهي ها. جيڪڏهن هو سچ پچ ڏوهه ۾ شريڪ هو ته ڇا هو اها ڳالهه پاڻيهي چوي ها؟ برخلاف ان جي، هو اها ڳالهه لڪائڻ، حقيقتن کي مسخ يا گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها. ڪو بيڏوهي ماڻهو، جنهن کي ڏوهه ۾ شريڪ جي الزام ّ لڳڻ جو خوف نه هجي، سو ئي ائين ڪري سگهي ٿو، جيئن هن ڪيو. ۽ پنهنجي مرض جي ملولائيءَ ۽ هن آفت کان خفقان ۾ اچي ڪالهه آپگهات ڪري ڇڏيائين. هن هڪ خط ڇڏيو، جيڪو سندس مخصوص ٻوليءَ ۾ لکيل آهي: ’مان پنهنجي مرضيءَ سان ۽ ان نيت سان پاڻ کي ناس پيو ڪريان ته جيئن ٻئي ڪنهن تي الزام نه اچي.‘ هن جي ائين لکڻ سان ڪهڙو فرق پوي ها ته خوني ڪرامازوف نه پر هو آهي. هن جو اهو لکڻ ڇا سندس ضمير هو. جنهن کانئس آپگهات ته ڪرايو پر پنهنجو ڏوهه نه باسرايو؟“
” ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ ٽن هزارن روبلن جا نوٽ ساجهر ڪورٽ ۾ آندا ويا ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته اِهي اُهي ساڳيا نوٽ آهن، جيڪي هاڻ اسان جي اڳيان هن ميز تي رکيل لفافي ۾ پيل هئا، اهي نوٽ شاهد کي پوئين ڏهاڙي سميرڊياڪوف کان مليا هئا. پر انهيءَ ڏکوئيندڙ ڏيک کي ياد ڏيارڻ جو ضرور ڪونهي، البت مان هڪ ٻه تبصرا ڪندس، اهڙين ننڍين ڳالهين تي، جيڪي متان پهرين نظر ۾ هر ڪنهن کي نظر نه آيون هجن ۽ ان ڪري نظرانداز ٿي ويون هجن. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته سميرڊياڪوف ضرور رقم موٽائي ڏني هوندي ۽ ڪالهه پاڻ کي پڇتاءَ وچان ڦاهو ڏنو هوندائين. ۽ جيئن ايون فيودورووچ اسان کي ٻڌايو، اهوئي ڪالهه هو، جڏهن هن ايون اڳيان پنهنجو ڏوهه باسيو، جي ائين هو ته پوءِ ايون فيودورووچ هاڻي دير تائين ماٺ ڇو رهيو؟ سو جيڪڏهن هن باسيو هو ته مان پڇان ٿو ته هن اها سچي پنهنجي آخري خط ۾ ڇو ڪونه ڪئي، اها ڄاڻ رکڻ کانپوءِ به نه ته بيڏوهي قيديءَ سان ٻئي ڏينهن ڪهڙي نه ڀوائتي ويڌن ٿيڻي هئي؟“
”فقط اڪيلي رقم ڪا ثابتي ناهي، هفتو اڳ مون کي ۽ هن ڪورٽ ۾ موجود ٻن ماڻهن کي محض اتفاق سان حقيقت معلوم ٿي ته ايون فيودورووچ پنجين پنجين هزارين جا ٻه يعني ڪل ڏهن هزارن جا پنج سيڪڙي وارا ڪوپن صوبي جي مکيه شهر موڪلي کليا ڪرايا هئا. مان اها ڳالهه ان ڪري ٿو ڪريان ته ڏوڪڙ ڪنهن وٽ به ٿي سگهن ٿا، ۽ ان سان اهو ثابت نٿو ٿئي ته اِهي اُهي ساڳيا نوٽ آهن، جيڪي فيودور پالووچ واري لفافي ۾ هئا.“
”ايون ڪرامازوف اصل قاتل کان اهڙي اهم اطلاع ملڻ تي چـُـريو ئي ڪونه هو. هن ان بابت هڪدم سڌ ڇو نه ڏني؟ ڇو ٻئي ڏينهن صبح تائين ٽاري ڇڏيائين؟ مون کي حق آهي ته اندازو لڳايان ته ڇو. سندس صحت هفتي کن کان ڍرڪندي ٿي وئي: هن هڪڙي ڊاڪٽر ۽ پنهنجن گهاٽن يارن آڏو مڃيو هو ته هو خيالي جواب ۽ مري ويلن جا ڀوت ڏسڻ لڳو هو: کيس تڏهن ڪاپاري تپ ٿيڻ وارو هو، ۽ اڄ ٿي پيس. ان حالت ۾ هن اوچتو سميرڊياڪوف جي مرڻ جي خبر ٻڌي ته خيال آيس: ’ماڻهو مري چڪو آهي، ڇو نه مان خون جو ڏوهه مٿس رکان ۽ ڀاءُ کي بچايان. ڏوڪڙ مون وٽ آهن، جن مان نوٽن جي هڪڙي ٿهي ڪڍان ٿو ۽ چوان ٿو ته اها مون کي سميرڊياڪوف مرڻ کان اڳ ڏني هئي.‘ توهان چوندا ته مئلن تي تهمت رکڻ ته ذلالت آهي! پوءِ ڇو نه ائين ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ ڪيو ويو هجي. صحيح! پر جي هن تهمت غيرشعوري طرح رکي هجي ته پوءِ؟ نوڪر جي اوچتي موت جي خبر سندس دماغ اکوڙي ڇڏيو هجي ۽ هن سمجهيو هجي ته حقيقت به اها ئي آهي ته پوءِ؟ توهان ساجهر وارو ڏيک ڏٺو: توهان شاهد جي حالت ڏٺي. هو بيٺل هو ۽ ڳالهائي رهيو هو، پر سندس دماغ ڪنهن جاءِ تي هو؟“
”تنهن کان پوءِ آيو قيديءَ جو خط، جيڪو ڏوهه کان ٻه ڏينهن اڳ لکيو ويو هو ۽ جنهن ۾ قتل جو پورو پروگرام ڏنل هو. پوءِ اسان ٻئي ڪنهن پروگرام لاءِ ڇو واجهائي رهيا آهيون؟ ڏوهه بلڪل انهيءَ پروگرام موجب ۽ ڪنهن رنڊڪ جي ٿي گذريو! هو پنهنجي پيءَ جي دريءَ وٽان ادب سان چـُـپڙي ڪري هٽي ڪونه ويو هو. پورو پورو يقين جو هوس ته سندس پريتما اتي هئي. نڪو، سندس هٽڻ واري ڳالهه غير معقول ۽ ناممڪن آهي! هو اندر ويو ۽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيائين. شايد جيئن ئي پنهنجي ڌڪار جوڳي رقيب کي ڏٺائين، تيئن ئي کيس ڪاوڙ ۽ چڙ ۾ پڄرندي ماري ڇڏيائين. شايد ٽامي جي مهريءَ جي هڪ ڌڪ سان ماري وجهڻ ۽ اها چڱيءَ طرح جاچي پڪ ڪرڻ کان پوءِ ته هوءَ اتي ڪانه هـُـئي، هن وهاڻي هيٺان هٿ وجهي اتي پيل لفافو کڻڻ ڪونه وساريو، اهو لفافو ڦاٽل ڍڪ سان اسان جي سامهون ميز تي رکيو آهي.
”مون اها ڳالهه انهيءَ لاءِ بيان ڪئي آهي ته جيئن هڪ ڳالهه جا، منهنجي خيال ۾، قيديءَ جي سڀاءَ موجب آهي، سا توهان جي ڌيان تي اچي. جيڪڏهن هو تجربيڪار قاتل هجي ها ۽ قتل ڇڙو ڏوڪڙن لاءِ ڪيو هجيس ها ته ڇا اهو ڦاٽل لفافو فرش تي ڇڏي ها، جتي اهو لاش جي ڀرسان لڌو ويو هو. مثال طور، جيڪڏهن هن جي جاءِ تي سميرڊياڪوف هجي ها ۽ مالڪ جو خون کيس ڦرڻ لاءِ ڪيو هجيس ها ته هو لفافو پنهنجي شڪار جي لاش وٽ بيهي کولڻ جي تڪليف وٺڻ جي بدران، جيئن جو تيئن کنيو نڪتو هليو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته کيس لفافي ۾ نوٽن جي هجڻ جي پڪ هجي ها- ۽ جيڪڏهن هـُـو لفافو پاڻ سان کڻي وڃي ها ته ڪنهن کي ڦر جو پتو نه پوي ها. مان توهان صاحبن کان پڇان ٿو ته ڇا هو ائين نه ڪري ها؟ ڇا لفافو فرش تي پيل ڇڏي وڃي ها؟
”نه اهو اُٻهري خونيءَ جو ئي ڪم هو، خوني جيڪو چور نه هو ۽ ان کان اڳ ڪڏهن چوري نه ڪئي هئائين، جنهن وهاڻي هيٺان لفافو ڪنهن چوري ڪندڙ چور وانگر نه پر ائين جهڙپ ڏيئي ڪڍيو ڄڻ ڪو ساڌ ڪنهن چور کان پنهنجو سڳ ورائيندو هجي، ان رقم بابت اهائي ته ڳالهه هئي، جنهن دمتري ڪرامازوف کي سوداءُ ڏيئي ڇڏيو هو: ۽ لفافو، جيڪو هن اڳي ڪڏهن به نه ڏٺو هو، سو جهٽ پائي کنيائين، ڦاڙي کولي اها پڪ ڪيائين ته ان ۾ نوٽ هئا، ۽ اهي ڪڍي کيسي ۾ وجهي نڪري ويو، اهو وساري ڇڏيائين ته ڦاٽل لفافي جي شڪل ۾ هن پنهنجي خلاف هڪ وڏي ثابتي اتي فرش تي ڇڏي ڏني هئي. اها ڀـُـل کانئس انهيءَ لاءِ ٿي جو هو سميرڊياڪوف نه پر ڪرامازوف هو، نه سوچيائين، نه ويچاريائين، ڀلا ڪيئن سوچيندو ويچاريندو؟ هو ڀڳو ته پٺيان نوڪر جي دانهن ٻڌائين: پوڙهي نوڪر کيس جهليو. کيس روڪيو، ۽ ٽامي جي مهريءَ جي هڪئي ڌڪ ليٽائي رکيس.
”قيدي رحم کائي هيٺ ٽپو ڏنو ۽ ڌڪيل مٿان جهڪيو. آهي نه اعتبار جهڙي ڳالهه، هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته رحم وچان هيٺ ٽپيو هو، ڪهل وچان، اهو ڏسڻ لاءِ ته ڌڪيل لاءِ ڪجهه ڪري پئي سگهيو يا نه. ڇا اها مهل ڪهل ڪرڻ جي هئي؟ نه، هو ڇڙو اهو ڏسڻ لاءِ هيٺ ٽپيو هو ته سندس ڏوهه جو اڪيلو شاهد جيئرو هو يا مري ويو هو. ڌڪيل جي نرڙ اگهڻ جي تڪليف ڪري سندس مرڻ جي پڪ ڪئي هئائين، ۽ پنهنجي پريتما جي گهر ڀڳو هو، گهٻرايل ۽ رت هاڻو. آخر کيس اهو خيال ڇو نه آيو ته هو رت هاڻو هو ۽ ان ڪري هڪدم ڦاسي ويندو؟ پر قيدي پاڻ اسانکي پڪ ٿو ڏياري ته ڪو هو رت هاڻو هو، اهو وسهي سگهجي ٿو، اهو بلڪل ممڪن آهي، اهڙين گهڙين ۾ ڏوهارين سان سدائين ائين ئي ٿيندو آهي. هڪڙيءَ ۾ هو شيطاني چالاڪي ڏيکاريندا ته ٻيءَ ۾ سمڪ ئي نه پوندن. پر قيدي ان گهڙيءَ رڳو هڪڙي ڳالهه سوچي رهيو هو: هوءَ ڪٿي آهي؟ هن بنا دير اهو ڄاڻڻ ٿي گهريو ته هوءَ ڪٿي آهي، سو هو اوڏانهين ڀڳو، جتي هوءَ رهيل هئي. اتي کيس اڻ چتايل اچرج ۾ وجهندڙ خبر پئي ته هوءَ پنهنجي پهرين چاهيندڙ ڏانهن ويل هئي.“

باب نائون: چؤپيري ڊوڙندڙ ٽروئيڪا. سرڪاري وڪيل جي تقرير جي پڄاڻي

اپولٽ ڪردووچ پنهنجي تقرير لاءِ تاريخي طريقو چونڊيو هو. اهو طريقو گهٻرايل مقررن جو پسنديده طريقو آهي، ڇو ته هو ان جي پابنديءَ ۾ پنهنجي جوشيلي وضاحت تي روڪ ڏسندا آهن. سرڪاري وڪيل پنهنجي تقرير جي ان ڀاڱي ۾ گروشينڪا جي پهرين چاهيندڙ جي وياکياڻ ۾ ڪاهي پيو، ۽ ان موضوع تي ڪيترائي دلچسپ ويچار پيش ڪيائين.
”دمتري ڪرامازوف هونءَ ته هر ڪنهن کي پنهنجو رقيب سمجهندو هو، پر گروشينڪا جي ان پهرينءَ چاهيندڙ اڳيان جهڙوڪ ڊهي پيو ۽ پاڻ کي ميساري ڇڏيائين ۽ هيءَ ڳالهه پاڻ وڌيڪ عجب ۾ وجهڻ جهڙي آهي ته کيس پنهنجي هن ڳري رقيب جو ڄڻ ته خيال ئي نه آيو هو. شايد هن کيس ڏورانهون خطرو ٿئي ڄاتو، ۽ ڪرامازوف هميشه حال ۾ جيئي ٿو. ممڪن آهي ته هو کيس ڪائي ڏند ڪٿا سمجهندو هجي. پر سندس زخمي دل کيس هڪدم اهو سمجهايو ته گروشينڪا سندس رقيب کي لڪائي کيس دوکو ڏيئي رهي هئي، ڇالاءِ ته هو سندس يعني گروشينڪا لاءِ ڪائي ڏند ڪٿا نه هو، ان ڪري به ته هـُـو سندس حياتيءَ جي هڪ ئي آس هو. جيئن ئي قيديءَ اهو سمجهيو تيئن هو راضي برضا ٿي ويو.“
”جيوريءَ جا صاحبو، مان قيديءَ جي انهيءَ اڻچتايل رُخ تي ڳالهائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان، هـُـو اوچتو ئي اوچتو انصاف، عورت لاءِ عزت، ۽ سندس پيار ڪرڻ جي حق جي مڃتا لاءِ اڻجهل خواهش ڏيکاري ٿو. ۽ اهو سڀ ان مهل، جنهن مهل سندس هٿ ان ئي عورت خاطر پنهنجي پيءُ جي رت سان رنگيل هئا! اهو سچ آهي ته جيڪو رت هن وهايو هو، تنهن اڳيئي بدلي وٺڻ لاءِ رڙڻ شروع ڪري ڏنو هو، ڇا لاءِ جو هن دنيا ۾ پنهنجي روح ۽ حياتيءَ کي تابع ڪرڻ کان پوءِ هيءَ پاڻ کان ان مهل پڇڻ تي مجبور هو ته هو ڇا هو، هاڻ ان هستيءَ لاءِ ڇا هو، جيڪا کيس پنهنجي روح کان وڌيڪ پياري هئي، ۽ سندس ڀيٽ ۾ هيءُ اڳيون چاهيندڙ هو، جيڪو پنهنجي اڳين روش تي پشيمان ٿي، نئين پاٻوهه سان ساڳيءَ عورت ڏانهن انهيءَ عزت ڀري آڇ سان موٽي آيو هو ته اڳيان هو سڌري هلندو ۽ کيس خوش رکندو. ۽ هيءُ اڀاڳو انسان هاڻي ان عورت کي ڇا ٿي ڏيئي سگهيو، ڇا ٿي آڇي سگهيو؟“
”ڪرامازوف اهو سڀ پروڙيو ٿي، ڄاتائين ٿي ته سندس ڏوهه سندس لاءِ سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا هئا، ۽ هو سزا هيٺ آيل ڏوهاري هو، ۽ نه ڪي اهڙو ماڻهو، جنهن جي اڳيان هنڊائڻ جهڙي جيوت هجي! ان خيال کيس نهوڙي ڇڏيو. سو هن هڪ اهڙي رٿ ڏانهن اُڏار ڪئي، جهڙي ڪرامازوف سڀاءَ واري ماڻهو لاءِ ڪنهن ڀوائتي صورتحال مان نڪرڻ جي هڪ ئي واٽ، هڪ ئي واهه هوندي آهي. اها واٽ هئي آپگهات. سو هو پنهنجي دوست پرهوتن وٽ امانت رکيل پستول وٺي اچڻ لاءِ ڀڳو ۽ ڀڄندي ڀڄندي کيسي مان اها رقم ڪڍيائين، جنهن لاءِ هن پنهنجي پيءُ جي رت سان هٿ رڱيا هئا. کيس هاڻي ان رقم جي جيتري لوڙ هئي، تيتري اڳي ڪڏهن به ڪانه هئي. ڪرامازوف مرندو، ڪرامازوف پاڻ کي گولي هڻندو، ۽ اهو ياد رکيو ويندو! مڃجي کڻي ته هو شاعر هو ۽ سڄي حياتي ميڻ بتيءَ جا ٻئي ڇيڙا هڪ ئي وقت ٻاريندو رهيو هو. هـُـن وٽ، هن وٽ! ۽ اُتي، اُتي مان سڄي دنيا جي اهڙي دعوت ڪندس، جهڙي اڳي ڪڏهن ڪانه ڪئي وئي آهي، ۽ جيڪا پوءِ ڊگهو ڊگهو مدو ياد رکي ويندي! اُتي ڇڙواڳ کل خوشيءَ جي وچ ۾، ڇتن سانگي راڳن جي وچ ۾ مان جام کڻندس ۽ اُن وينگس ۽ سندس نئين لڌل خوشيءَ تان خالي ڪندس! پوءِ اُن ئي هنڌ. سندس قدمن ۾، سندس آڏو پنهنجو ميڄالو ٺڪاءَ سان ڪڍي پاڻ کي سزا ڏيندس! هوءَ ڪڏهن ڪڏهن متيا ڪرامازوف کي ياد ڪندي. هوءَ ساريندي هئي ته متيا کيس ڪيڏو نه پيار ڪندو هو، هوءَ متيا لاءِ ارمان ڪندي هئي.“
”هت اسان ڪرامازوف جي تاثر لاءِ، روماني نراسائيءَ ۽ جذباتيت لاءِ حد کان چڙهيل چاهه ڏسون ٿا . برابر، پر، جيوريءَ جا صاحبو، ٻيو ڪجهه به آهي، جيڪو روح ۾ رڙي ٿو، ذهن ۾ لاڳيتو ڌڙڪي ٿو، ۽ اندر کي مرڻ گهڙيءَ تائين وهه ڪري ٿو- اهو ٻيو ڪجهه، جيوريءَ جا صاحبو، آهي ضمير. ان جو فيصلو، ان جا ڀوائتا آزار‍ پستول سڀ ڪجهه نبيري ڇڏيندو، پستول ئي آخري واهه آهي. پر ان کان اڳتي- مان نٿو ڄاڻان ته ڪرامازوف کي تنهن مهل اهو پور پيو هو يانه - ان کان اڳتي ڇا آهي؟ ته هن هئملٽ وانگر سوچيو هو، ”اڳتي ڇا آهي؟“ نه جيوري جا صاحبو، هنن وٽ پنهنجا هئلمٽ آهن. پر اسان وٽ پنهنجا ڪرامازوف آهن!“
اتي اپولٽ ڪردووچ، متيا جي تيارين جي، ۽ پرهوتن وٽ، دڪان تي گاڏي هڪليندڙن سان ڇا پيش آيو، تنهن جي ذري پرزي جي چٽسالي ڪئي. هن اڪيچار لفظن ۽ ڪمن جو حوالو ڏنو، جن شاهدن تصديق ڪئي هئي، ۽ ان چٽ ٻڌندڙن تي ڀوائتو اثر ڇڏيو. سڀني حقيقتن کي ڪٺو ڪيو ويو ته هراسيل ۽ نراسائيءَ وچان نتيجن کان لاپرواهه انسان جو ڏوهه چٽو ۽ پاڻ مڃائيندڙ ٿي اُڀريو.
”کيس احتياط جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ٻه ٽي ڀيرا هن ذري گهٽ باسيو ٿئي، اشارو ڪيو هئائين، پير زبان نه کوليائينّ“ (ان کان پوءِ شاهدن جي ساک جو وارو آيو.) ”هن ويندي ان گاڏيءَ واري ڪڙميءَ کي به رڙ ڪري چيو: ”پتو ٿئي تون هڪ خونيءَ کي کنيو پيو هلين!“ پر هن لاءِ سچي ڪرڻ ناممڪن هو، کيس موڪرو ۽ پهچڻو هو ۽ پنهنجي رومانس(1) کي توڙ پڄائڻو هو. پر اڀاڳي انسان لاءِ ڇا اوسيئڙيل هو؟ موڪروءِ ذري گهٽ پهرين پل ۾ هن سهي ڪري ورتو ته سندس اجيت رقيب هروڀرو اهڙو اجيت به ڪو نه هو، ته سندن نئين لڌل خوشيءَ تي جام خالي ڪرڻ جي خواهش ڪا نه ٿي ڪئي وئي ۽ نه ئي قبول ڪئي ويندي . پر، جيوريءَ جا صاحبو، هي شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران سامهون ايندڙ حقيقتون آهن. ۽ توهان اهي سڀ ڄاڻو ٿا. ڪرامازوف جي پنهنجي رقيب تي فتح مڪمل هئي، ۽ هن جو روح هڪ بلڪل نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، شايد سڀني کان ڀوائتو مرحلو، جنهن منجهان هن جو روح نه اڳي ڪڏهن لنگهيو هو ۽ نه اڳيان لنگهڻو هو.“
”جيوريءَ جا صاحبو، اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو“ سرڪاري وڪيل تقرير جاري رکندي چيو ته، ”ڪاوڙايل فطرت ۽ ڏوهاري دل ڪنهن به زميني انصاف جي ڀيٽ ۾ پاڻ پنهنجو پورو وير وٺندا آهن. پر اهو سچ آهي ته زمين تي ٿيندڙ انصاف ۽ ملندڙ سزا فطرت جي سزا کي يقيني طرح نرم ڪري ڇڏيندا آهن، ۽، تحقيق، ڏوهاريءَ کي نراسائيءَ مان ڪڍڻ لاءِ ضروري پڻ آهن، مان خيال ۾ ئي نٿو آڻي سگهان ته ڪرامازوف کي اوڏي مهل ڪيڏو نه ڌڌڪو آيو هوندو ۽ ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳي هوندائين، جيڏيءَ مهل کيس خبر پئي ته هو ساڻس پيار ڪري ٿي، ته هن پنهنجي پهرين چاهيندڙ کي سندس خاطر رد ڪري ڇڏيو هو، ته هوءَ کيس، متيا کي نئين جيوت ڏانهن سڏي رهي هئي، ته هوءَ کيس خوشيءَ جي بشارت ڏيئي رهي هئي. پر ڪڏهن؟ جڏهن هن لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو ۽ ڪجهه به ممڪن نه رهيو هو.“
”هتي مان ڏنگين ۾ هڪ اهم نڪتو بيان ڪندس، جو اهو قيديءَ جي ان وقت واريءَ حالت تي روشني وجهي ٿو. هيءَ عورت، سندس محبت جنهن کيس دل وجان سان چاهيو ٿئي، آخري گهڙيءَ تائين، سندس گرفتاريءَ جي گهڙيءَ تائين حاصل نه ٿي سگهي هئي. سو هن تڏهن پاڻ کي گولي ڇو نه هنئين؟ هن پنهنجو ارادو ڇو ترڪ ڪيو ۽ ڇو اهو به وساري ڇڏيائين ته سندس پستول ڪٿي رکيل هو؟ اها هن جي محبت لاءِ زبردست خواهش ۽ ان خواهش جي پوري ٿيڻ جي آس هئي، جنهن کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو. موج مزا ماڻڻ وارو سمورو وقت هو پنهنجي محبوبڙيءَ جي ويجهو رهيو، هوءَ شاهاڻي دعوت ۾ به ساڻس گڏ هئي، ۽ کيس اڳي کان وڌيڪ محبوبڙي موهي رهي هئي، سندس پاسو نه ڇڏيائين ۽ کيس مان ڏيڻ ۾ پاڻ ڪري وڌائين.“
”سندس عشق نه رڳو گرفتاريءَ جي خوف کي پر ضمير جي چهڪن کي به گهڙي کن لاءِ دٻائي ڇڏيو هوندو، گهڙي کن لاءِ، بس گهڙي کن لاءِ! مان تصور ڪري سگهان ٿو ته قيدي جن اثرن جي چنبي ۾ چوکنڀو ڦاٿل هو، تن سندس ڪهڙي حالت ڪئي هوندي: پهرين پيئڻ جو اثر، ڌم ڌڙي ۽ مستانائيءَ جو اثر، ناچ جي ٽاپڙي ۽ راڳ جي آلاپ جو اثر ۽ مڌ ۾ ڪڪوريل هن لاءِ نچندڙ، ڳائيندڙ کلندڙ گروشينڪا جو اثر! ٻيو هو پسمنظر ۾ انهيءَ آس جو اثر ته موتمار پڄاڻي متان اڃا پري هجي، شايد سڀاڻي صبح تائين، جڏهن هو اچي کيس سوگهو ڪندا. سو هن وٽ ڪي ڪلاڪ هئا، ۽ اهو به گهڻو هو، تمام گهڻو! ٿورن ڪلاڪن ۾ ماڻهو ڇاڇا نه محسوس ڪري سگهي ٿو! مان ڀانيان ٿو ته هن به ائين ئي محسوس ڪيو هوندو، جيئن ڏوهاري ڦاسي گهاٽ ڏانهن ويندي محسوس ڪندا آهن. کين هڪ ٻي گهٽي، ڊگهي گهٽي، وک ۾ وک وجهي، هزارين ماڻهن وٽان لنگهندي پار ڪرڻي هوندي آهي، ۽ اها گهٽي وڃي کٽندي موت جي خوفائتي هنڌ تي ! مان سمجهان ٿو ته پنڌ جي منڍ ۾ سزا آيل ماڻهو پنهنجي شرم جوڳي ڇڪڙي تي ويٺي اهو محسوس ڪندو ته اڃا گهڻي عمر پئي آهي. گهر گذرندا ٿا وڃن، ڇڪڙو هلندو ٿو رهي. اوهه! اهو ڪجهه ناهي، ٻي گهٽيءَ جو وڪڙ اڃا پري آهي، ۽ هو اڃا اڻ ڊنل نظرن سان ساڄي کاٻي انهن هزارين بيدرد سونجهڻن ماڻهن کي ڏسي ٿو، جن جون اکيون منجهس کتل آهن، ۽ اڃا به پاڻ کي اهڙو ئي ڄاڻي ٿو، جهڙو اهي آهن. اوهه! اهو ڪجهه به ناهي، ڪجهه به نه، اڃا هڪڙي سڄي ساري گهٽي پئي آهي، کڻي ڪيترا به گهڻا گهر لنگهي ويا هجن، هو اهو ئي سمجهي ٿو ته اڃا ڪيئي رهيل آهن، ۽ پڇاڙيءَ تائين، ڦاسيءَ گهاٽ تائين ائين ئي سمجهي ٿو.
”مان سمجهان ٿو ته تڏهن ڪرامازوف جي اهڙي ئي حالت هئي. هنن اڃا مون کي ٻـَـڌو ناهي.“ هن اوس سوچيو هوندو، ”مان اڃا به پاڻ بچائڻ جي ڪا واٽ ڳولي وٺندس ها، اڃا بچڻ جي ڪا ئي رٿ ٺاهڻ جو وقت آهي، ۽ هوءَ هاڻ به ڪيڏو نه موهي ٿي.“
”سندس روح مونجهاري ۽ ڊپ ۾ ورتل هوندو، پر پوءِ به هن اڌ رقم ڪڍي ڪٿي لڪائي ڇڏي. هن پيءُ جي وهاڻي هيٺان جيڪي ٽي هزار ڪڍيا هئا، تن جي اڌ جي گم ٿيڻ جي ٻي ڪا سمجهاڻي ڪانهي. هو پهرين به موڪروءِ آيو هو. اتي پيالا چاڙهيندي اڳيئي ٻه ڏينهن ٿي چڪا هئس. کيس هن وڏي جهوني حويليءَ جي سڀني لنگهن ۽ لاڳاپيل جاين جي ڄاڻ هئي. مون کي لڳي ٿو ته ان رقم جي هڪ پتي، گرفتاريءَ کان ٿورو اڳ،حويليءَ جي ڪنهن چير، فرش هيٺان، ڪنهن ڪنڊ، ڪنهن پڇنڊيءَ ۾ لڪائي وئي هئي. ڪهڙي مقصد لاءِ؟ مون کان پڇيو ويندو. مصيبت جي ڪهڙي خبر ڪنهن وقت به ڪڙڪي سگهي ٿي. هن اڃا اهو نه سوچيو هوندو ته ائين اوچتو ڪڙڪندڙ مصيبت کي ڪيئن منهن ڏيندو. مغز ڌنوي رهيو هوس. ۽ دل به وٽس هئي، پر ڏوڪڙ -- ڏوڪڙن کانسواءِ ته سرندي ڪانهي، مڙس ّمڙس آهي ئي ڏوڪڙن سان. شايد توهان کي اهڙي دور انديشي، اهڙي ڏکي وقت تي غير فطري لڳندي. پر هو پاڻ اسان کي پڪ ڏياري ٿو ته مهينو کن اڳ هڪڙي نازڪ ۽ وائڙي گهڙيءَ ۾ هن اڌ رقم هڪ ننڍڙي ڳوٿريءَ ۾ سبي ڇڏي هئي. ۽ جيتوڻيڪ جيئن اسان سگهو ئي ثابت ڪنداسون ته، اهو صحيح نه هو، پر اهو ڏيکاري ٿو ته ڪرامازوف کي اهو خيال آيو هو ۽ هن ان تي ويچاريو هو. وڏي ڳالهه ته جڏهن هن پڇاڳاڇا وقت چيو ته هن پندرهن سو روبل ڳوٿريءَ (جنهن جو ڪو وجود ڪو نه هو) ۾ وڌا هئا، تڏهن هن ڳوٿريءَ جو ڪوڙ اوڏيءَ مهل ٿڏي تي ٺاهي ورتو هوندو. ڇو ته هن ٻه ڪلاڪ اڳ اڌ رقم ڪڍي موڪروءِ صبح تائين لڪائي ڇڏي هئي، اوکيءَ ويل ڪم اچڻ لاءِ، پاڻ وٽ نه رکڻ لاءِ، ٻه ڇيهه، جيوريءَ جا صاحبو، ياد رهي ته ڪرامازوف هڪ ئي وقت ٻه ڇيهه ڳڻي ڳوتي سگهي ٿو.“
”اسان حويليءِ ڳولا ڪئي آهي. پر رقم نه لڌي اٿئون. ٿي سگهي ٿو ته اها اڃا به اتي هجي، يا ٻئي ڏينهن غائب ٿي وئي هجي، ۽ هن وقت قيديءَ وٽ هجي. بهر حال ، هو پنهنجي محبوبڙيءَ جي پاسي ۾ گوڏن ڀر ويٺل هو. هوءَ هنڌ تي ليٽيل هئي، سندس هٿ هن ڏانهن ڊگهريل هئا ۽ هر ڳالهه اهڙي ته وسري ويل هئس جو کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ ايندڙن جي اچڻ جي خبر ئي ڪانه پئي، کيس پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪنهن رٿ رٿڻ جو وجهه ئي نه مليو. کيس بيخبريءَ ۾ پڪڙي آڻي ججن وٽ پيش ڪيو ويو، ججن کي سندس قسمت جو، حشر جو فيصلو ڪرڻو آهي.“
”جيوريءَ جا صاحبو، اسان کي پنهنجي فرض ادائيءَ دوران اهڙيون گهڙيون درپيش اينديون آهن، جڏهن اسان لاءِ ڪنهن کي منهن ۾ نهارڻ ڏاڍو اهنجائيندڙ هوندو آهي، اهنجائيندڙ هن خاطر پڻ. اهي گهڙيون حيواني خوف جو گهڙيون هونديون آهن: جڏهن ڏوهاري ڏسي ٿو ته سڀ ڪجهه ويو هليو، تڏهن به هو جاکوڙي ٿو، جاکوڙڻ جو جتن ڪري ٿو: گهڙيون، جڏهن پاڻ بچاءَ جون سڀ جبلتون منجهس هڪ ئي وقت جاڳي اٿن ٿيون ۽ هو توهان کي پڇندڙ ۽ ڏکويل نظرن سان ڏسي ٿو. توهان کي، توهان جي منهن کي، توهان جي خيالن کي پرکي ٿو، بي يقينيءَ سان ته توهان الائجي ڪهڙي پاسي ڌڪ هڻندا، ۽ هن جو حيران پريشان دماغ هڪڙي ويرم ۾ هزارين رٿون جوڙي وٺي ٿو، پر هو اڃا به ڳالهائڻ کان ڊڄي ٿو ته متان پاڻ پڌرو نه ڪري وجهي! روح جو اهو ايذاءُ، هيءَ پاڻ بچاءَ جي حيواني اُڃ: انساني روح جون اهي هٺ ڀڃندڙ گهڙيون آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڪيل ۾ به ڏوهاريءَ لاءِ ڊپ ۽ ڪهل پئدا ڪنديون آهن. ۽ اسان تڏهن اهوئي مشاهدو ڪيو هو.
”پهرين هو تپرس ۾ پئجي ويو هو، ۽ ڀؤ ۾ ڪي ڏاڍا شڪي ٻول ٻولي ويٺو هو. ’رت! مان اهوئي لهڻان؟‘ پر هن ترت پاڻ کي روڪي ورتو. اها تياري ڪونه ڪئي هئائين ته ڇا چوندو، ڪهڙو جواب ڏيندو، وٽس ٻيو ڪجهه به نه، ٺلهو انڪار تيار هو، ’مان پنهنجي پيءُ جي موت جو ڏوهي نه آهيان.‘ في الحال وٽس اهو ئي لوڙهو هو، جنهن جي پٺيان هو ڪو نه ڪو لڪڙ ڪوٽ کڙو ڪري پئي سگهيو. پهرين جيڪي شڪي ٻول ٻولي ويٺو هو، تن جي وضاحت هيئن ڪيائين: پاڻ رڳو نوڪر گريگوريءَ جي موت جو ذميوار هو: ’ان رتو ڇاڻ جو ڏوهاري مان آهيان: پر، صاحبو، منهنجي پيءُ کي ڪنهن ماريو آهي، ڪنهن ماريو آهي؟ جي مان نه ته کيس ڪنهن ته ماريو هوندو؟‘ ٻڌو ٿا نه؟ هن اسان کان اهو پڇيو، اسان کان جيڪي کانئس اهو ئي پڇڻ ويا هئا سون! ايڏي بيوقتي اُٻهرائيءَ سان ٻوليل ٻول توهان ٻڌو- ’جي مان نه‘ - حيواني چالاڪي، ڀورائي، اهائي ڪرامازوف واري اُٻهرائي؟ مون هن کي ڪونه ماريو آهي، ۽ توهان اهو نه سوچيو ته مون ماريو آهي! مون کيس مارڻ گهريو هو، صاحبو، مون کيس مارڻ گهريو هو. هو اُٻهرائيءَ وچان مڃي ٿو (کيس تڪڙ هئي، ڏاڍي تڪڙ). ’پر پوءِ به مان ڏوهي ناهيان، اهو مان ناهيان، جنهن کيس ماريو آهي.‘ هو اسان سان ايترو باسي ٿو ته هن پيءُ کي مارڻ چاهيو هو، ڄڻ چوندو هجي ته توهان پاڻ ڏسي سگهو ٿا ته مان ڪيڏو نه سچار آهيان، سو توهان ويساهه ڪريو ته مون کيس قتل نه ڪيو آهي. اوهه! اهڙن معاملن ۾ ڏوهاري اڪثر حيرت انگيز طور تي ترانگهڙو ۽ ويساهه وسوڙو هوندو آهي.“
”ان مرحلي ۾ وڪيلن مان هڪڙي کانئس، جهڙو ڪر اتفاق سان، هڪ تمام سادو سوال پڇيو: ’کيس مارڻ وارو سميرڊياڪوف ته نه هو؟‘ اتي کيس، جيئن اسان کي توقع هئي، ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته سندس اڳلو قدم اڳواٽ سهي ڪري ويا هئا سون ۽ بيخبريءَ ۾ سوگهو ڪيو هوسين، تنهن کان اڳ ته کيس تياري ڪرڻ جي مهلت ملي ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت بلڪل سڀاويڪ نموني ۾ سميرڊياڪوف جو نالو وٺي سگهي. هو هڪدم جيئن هو سدائين ڪندو آهي، ٻئي ڇيهه ڏانهن ڌوڪي ويو، ۽ اسان کي يقين ڏيارڻ لڳو ته سميرڊياڪوف نه ماريو هوندو، ڇو ته هو ائين ڪرڻ جوڳو نه هو. پر هن تي اعتبار نه ڪريو، اها هن جي چالاڪي هئي: هن سميرڊياڪوف وارو خيال ترڪ ڪونه ڪيو هو، برخلاف ان جي، کيس سميرڊياڪوف جو نالو وري آڻڻو هو، ڇالاءِ ته کيس سچ ته ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو ڪونه ٿئي سـُـجهيو، جنهن کي اڳتي آڻي سگهي. پر ائين پوءِ ڪندو ڇو ته في الحال کانئس اها واٽ ڦرجي وئي هئي. هو کيس پوءِ ٻئي ڏينهن يا ڪجهه ڏينهن پوءِ ڪو وجهه وٺي اڳتي آڻيندو، جڏهن هو واڪو ڪري چئي سگهي، ’توهان کي پاڻ ياد هوندو، مان سميرڊياڪوف بابت توهان کان وڌيڪ شڪ ۾ هوس، پر هاڻ مون کي پڪ ٿي وئي آهي. هن ئي کيس ماريوآهي.لاشڪ هن ئي ائين ڪيو آهي.‘ ۽ في الحال هو مونجهه ۽ چڙ وچان انڪار جو سهارو وٺي ٿو. بهرحال بي صبريءَ ۽ ڪاوڙ کانئس ان ڳالهه جي نهايت ڇسي ۽ اعتبار نه ڪرڻ جوڳي توصيح ڪرائي ته هن ڪيئن پيءُ جي دريءَ کان جهاتي پاتي هئي ۽ ڪيئن هن ادب سان پٺيان پير ڪيا هئا. وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ هئي ته کيس تڏهوڪي صورتحال جي ڄاڻ ڪانه هئي، نه اها به ته گريگوري پنهنجي شاهديءَ ۾ ڇا چيو هو.“
”اسان سندس جهڙتي ورتي، جهڙتيءَ کيس ڪاوڙايو به ۽ همٿايو به، وٽانئس هڙئي ٽي هزار نه پر انهن جو رڳو اڌ مليو هو. ۽ لاشڪ ڪاوڙيل ماٺ جي ان ئي گهڙيءَ ۾ کيس ڳوٿريءَ جي ڏند ڪٿا سجهي هئي. بيشڪ کيس پاڻ به ان ڪهاڻيءَ جي ممڪن نه هجڻ جو احساس هو. سو هن پوري ڪوشش ڪئي ته اها ڪهاڻي ٻڌڻ ۾ ٿيڻ جوڳي لڳي، ۽ وسهڻ جوڳي بنائڻ لاءِ ان تي رومانس جو رنگ چاڙهيائين. اهڙن مامرن ۾ جاچ ڪندڙ وڪيلن جو پهريون ڪم ڏوهارين کي تياريءَ کان روڪڻ، بنا چتاءَ جي مٿان وڃي پوڻ هوندو آهي ته جيئن سندن خيال جهڙا سندس اندر ۾، سادا، اڻ ٺهڪندڙ هجن، تهڙائي ٻاهر هليا اچن، ڏوهاريءَ کان رڳو تڏهن ئي اندر اورائي سگهبو آهي. جڏهن کيس ڪا نئين حقيقت اتفاقي طرح ٻڌائبي آهي يا ڪيس لاءِ وڏي اهميت رکندڙ ڪنهن اهڙي ڳالهه جي ڄاڻ ڏبي آهي، جنهن کان هو اڳي اڻڄاڻ هو ۽ نه ئي ان کي اڳ پسيو هئائين. اسان وٽ هڪ اهڙي حقيقت تيار هئي. اها هئي گريگوريءَ جي کليل در بابت شاهدي، جنهن منجهان قيدي ٻاهر ڀڳو هو. هن کان ان در جي ڳالهه صفا وسري وئي هئي، ۽ ويندي اهو شڪ به ڪو نه پيو هوس ته گريگوري ڪو اهو ڏٺو هو.“
”ان جو اثر حيرت انگيز ٿيو. هن اڇانگ ڏنو ۽ اسان کي رڙ ڪيائين، ’ته پوءِ سميرڊياڪوف هن کي ماريو هوندو، اهو سميرڊياڪوف ئي هو!‘ ائين هن پنهنجو بچاءُ، جيڪو هيستائين هن پاڻ وٽ رکيو هو سو نهايت غير ممڪن شڪل ۾ ظاهر ڪري ڇڏيائين، ڇو ته سميرڊياڪوف گريگوريءَ کي ڌڪ هڻي ليٽائڻ کان پوءِ ئي خون ڪري ٿي سگهيو. جڏهن اسان قيديءَ کي ٻڌايو ته گريگوريءَ ڪـِـرڻ کان اڳ در کليل ڏٺو هو ۽ ڪمري مان ٻاهر ايندي سميرڊياڪوف کي پردي پٺيان ٻڌو هئائين، تڏهن قيدي اصل ڍرڪجي ويو. منهنجي مانواري ۽ حاضر جواب دوست وڪيل، نڪولي پارفينووچ، پوءِ مون کي ٻڌايو ته هن قيديءَ کي ڏسي ذري گهٽ روئي ڏنو هو. ۽ وري چڱو اهو ٿيو ته قيديءَ اسانکي ننڍڙي ڳوٿريءَ بابت ٻڌائڻ جي تڪڙ ڪئي. ائين ته ائين ئي سهي، توهان اهو رومانس به ٻڌندا.“
”جيوريءَ جا صاحبو، مان توهان کي اڳيئي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان ان رومانس کي ڇو نه فقط اڻ ٿيڻي پر هڪ اهڙي نه وسهڻ جوڳي هٿ ٺوڪي ڳالهه ٿو سمجهان، جنهن جهڙي ٻي ڪا انهن حالتن ۾ اڳتي نه آندي وئي آهي. جي ڪوئي شرط رکي سڀني کان وڌيڪ اعتبار ۾ نه ايندڙ ڪهاڻي گهڙڻ چاهيندو ته کيس هن کان وڌيڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه ورلي ملندي. انهن ڪهاڻين جي خراب ۾ خراب ڳالهه هيءَ آهي ته سوڀارن رومانس گهڙيندڙن تن تفصيلن سان هر وقت مونجهاري ۾ وجهي ۽ پيڙي سگهي ٿو، جن سان حقيقي حياتي ايتري شاهوڪار آهي ۽ جنهن کي اهي ناخوش ۽ مجبور ڪهاڻي ٻڌائيندڙ غير اهم فضوليات سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن. اوهه! وٽن انهن تفصيلن تي سوچڻ جو دماغ ئي ڪونهي، سندن ذهن سندن عظيم ايجاد جي ڪـُـل تي مرڪوز آهن، ۽ ڪوئي سندن ڌيان انهن فضوليات ڏانهن ڇڪائڻ جي همت نه ڪري! پر هو ائين ئي ته ڦاسندا آهن. قيديءَ کان سوال پڇيو ويو، ’تو پنهنجي ننڍڙي ڳوٿريءَ لاءِ سامان ڪٿان ورتو ۽ اها تو کي ڪنهن ٺاهي ڏني؟‘ ’مون پاڻ ٺاهي هئي‘ ’۽ تو ان لاءِ ڪپڙو ڪٿان آندو؟‘ قيديءَ کي ڏاڍي چڙ لڳي. هن اهڙي خسيس سوال جي پڇڻ کي ذري گهٽ پنهنجي هتڪ ڄاتو، ۽ توهان اعتبار ڪندا هن جي چڙ اصلي هئي! پر هو سڀ اهڙا ئي هوندا آهن. ’مون پنهنجي قميص ڦاڙي هئي.‘ ’ته پوءِ اها قميص سڀاڻي تنهنجن لٽن ۾ ملي ويندي ۽ ان مان ٽڪرو ڦاٽل هوندو.‘ ۽، جيوريءَ جا صاحبو، جيڪڏهن اسانکي اها قميص ملي ها ( ۽ اسان کي اها سندس خانن واري الماريءَ يا پيتيءَ مان ڪيئن نه هٿ اچي ها) ته اها حقيقت، طبعي حقيقت سندس بيان جي فائدي ۾ وڃي ها. پرهو اهڙي سوچ جوڳو هو ئي ڪونه. ’مون کي ياد ڪونهي، پنهنجي قميص مان ٽڪرو ڦاڙي نه پر گهر جي مالڪياڻيءَ جي ٽوپين مان ڪنهن ۾ سبي هئي.‘ ’ڪهڙي قسم جي ٽوپيءَ ۾؟‘ ’اها اُتي ڪٿي پيل پراڻي اڌوراڻي سـُـٽ جي ٽوپي هئي.‘ ’چٽيءَ طرح ياد اٿئي نه؟‘ ’نه‘ ۽ هو ڪاوڙجي، ڏاڍو ڪاوڙجي ويو، ۽ ٿورو سوچيو، پوءِ به ياد ڪونه آيس! ماڻهوءَ کي سندس حياتيءَ جي ههڙين نازڪ گهڙين ۾، مثال طور جڏهن ڦاسيءَ لاءِ نيو ويندو آهي، اهڙيون ئي خسيس ڳالهيون ياد اينديون آهن. هو ڪجهه به وساري ڇڏيندو، پر واٽ ويندي ڪائي سائي ڇت يا ڪو ٽياس تي ويٺل ڪانوَ جهڙو پکي ڏٺو هوندائين ته اهو به ياد رهندس. هن پنهنجن گهر وارن کان اُن ننڍڙي ڳوٿريءَ جو سبڻ لڪايو، کيس اهو عزت گهٽ ڪندڙ ڊپ هو ته متان ڪو اچي وڃي ۽ سندس هٿ ۾ سـُـئي نه ڏسي وٺي، ڪيئن نه هو ٿوري کڙڪي تي پردي پٺيان وڃي لڪو (سندس ٽڪڻ واري جاءِ پردو به آهي).“
پر، جيوريءَ جا صاحبو، مان توهان کي اهو سڀ، اهي تفصيل، اهي خسيس ڳالهيون ڇو ٻڌائي رهيو آهيان؟“ اپولٽ ڪردووچ اوچتو رڙ ڪئي. رڳو ان لاءِ ته قيدي اڃا تائين اهي ڇسيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هـُـن ٻه مهينا اڳ واري موتمار رات کان وٺي ڪنهن به ڳالهه جي وضاحت نه ڪئي آهي: ”هن پنهنجن اڳين عجب جهڙن بيانن ۾ ڪنهن به چٽو ڪندڙ حقيقت جو واڌارو نه ڪيو آهي. اهي سڀ فضوليات آهن. ’منهنجي قسم جو لحاظ ڪندي مون تي اعتبار ڪريو.’ اسان هن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ اَتا آهيون توڻي جو سندس چيو رڳو قسم تي آهي! ڇا اسان ماڻهوءَ جي رت لاءِ اُڃايل گدڙ آهيون؟ اسانکي قيديءَ جي فائدي ۾ ڪا هڪ حقيقت ڏيکاريو. اسان سرها ٿينداسين، اها مائيدار اصل حقيقت هجي، نه ڪي اهڙو نتيجو، جيڪو قيديءَ جي تاثر مان سندس ڀاءُ ڪڍيو هجي يا تڏهن جهڙو، جڏهن هن پنهنجو سينو ڪـُـٽيو هو، سو به اوندهه ۾، ۽ ضرور ننڍڙي ڳوٿريءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ گهريو هوندائين. اسان ڪنهن به نئين حقيقت تي خوش ٿينداسون، اسان مٿس آيل الزام کي رد ڪرڻ وارا پهريان ماڻهو هوندا سون، اسان ان کي رد ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا سون، پر هاڻي انصاف واڪا پيو ڪري ۽ اسان ڪجهه به رد نٿا ڪري سگهون.“
اتي پهچي اپولٽ ڪردووچ پنهنجي تقرير جو پڇاڙڪو تاتپرچ ڏيڻ شروع ڪيو. هو ۾ ائين ٿي نظر آيو ڄڻ تپ هجيس. هن رت جي ڳالهه ڪئي، جيڪو عيوض لاءِ پڪاري رهيو هو، پٽ هٿان مارجي ويل پيءُ جو رت، ڦر جهڙي نيچ حرڪت تان مارجي ويل پيءُ! هن حقيقتن جي هڪ ٻئي سان دکدائڪ ۽ چٽي مناسبت جو حوالو ڏنو.
”توهان بچاءَ جي ٻهڳڻي ۽ ناليري وڪيل کان کڻي ڇا به ٻڌو،“ اپولٽ ڪردووچ اهو چوڻ کان رهي نه سگهيو، ”توهان جي جذبات کي کڻي ڪيتريون به فصيح ۽ دلسوز التجائون ڪيون وڃن، پر اهو ياد رکو ته توهان هن وقت انصاف جي مندر ۾ ويٺل آهيو. ياد رکو ته توهان هن وقت اسان جي انصاف جا پاسدار آهيو، اسان جي مقدس روس جا، ان جي اصولن جا، ان جي خاندان جا، ۽ هر ان شئي جا پاسدار، جنهن کي اهو مقدس سمجهي ٿو. توهان هن گهڙيءَ هت روس جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، ۽ توهان جو فيصلو نه رڳوهن هال اندر ٻڌو ويندو پر سڄي روس اندر پڙاڏو ڪندو، ۽ سڄو روس توهان کي،پنهنجن پاسدارن کي، پنهنجن ججن کي ٻڌندو، ۽ توهان جي فيصلي کان همٿائبو يا دلشڪستو ٿيندو. روس کي ۽ ان جي اميدن کي نراس نه ڪريو. اسان جي موتمار ٽروئيڪا شايد پنهنجي تباهيءَ ڏانهن ڌوڪيندي پئي وڃي، ۽ ساري روس ۾ ماڻهو گهڻي وقت کان هٿ ٻڌيو ان جي انڌاڌنڌ اُڏار کي روڪڻ جون منٿون ڪندا پي آيا آهن، ۽ جيڪڏهن ٻيون قومون ان ٽروئيڪا جي واٽ تان هٽي پري ٿين ته اهو، جيئن شاعر وسهي خوش ٿين ٿا، احترام وچان نه پر هراس وچان آهي، هراس وچان، شايد اَڻاءَ وچان، ۽ چڱو آهي جو اهي هٽي پري ٿين ٿيون، پر ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڏينهن ائين ڪرڻ بند ڪن ۽ ان ڌوڪيندڙ جـِـن جي سامهون اڏول ڀت کڙي ڪن ۽ پنهنجي سلامتي، روشن خياليءَ ۽ تهذيب کي بچائڻ لاءِ اسان جي لاقانونيت جي ڇتي ڊوڙ کي روڪي ڇڏين. اسان اڳيئي يورپ کان خبرداريءَ جا آواز ٻڌا آهن، هنن اڳيئي وڄت شروع ڪري ڏني آهي. کين وجهه نه ڏيو! پٽ هٿان پيءُ جي خون کي جائز ٺهرائي کين وڌيڪ نه ڪاوڙايو!“
اپولٽ ڪردووچ پاڻ سچ پچ ته جذبات ۾ هوندي به پنهنجي تقرير انهيءَ فصيح التجا تي پوري ڪئي، ۽ جيڪو اثر پيدا ڪيائين سو غير معمولي هو. جيئن ئي هن تقرير پوري ڪئي، تيئن ئي ٻاهر نڪري ويو ۽ جيئن اڳ ذڪر ڪيو اٿم، وڃي پاسي واري ڪمري ۾ بيهوش ٿي ويو. ڪورٽ ۾ تاڙيون ته ڪو نه وڳيون، پر ڳنڀير ماڻهو خوش ٿيا هئا. عورتون ڪو گهڻو مطمئن نه ٿيون هيون، پر کين پڻ سندس فصاحت وڻي هئي ، خاص ڪري ان ڪري به ته کين ڪيس جي نتيجي ۾ ڪي به شڪ ڪونه هئا، ۽ فيتيوڪووچ ۾ پورو پورو ويساهه هونَ. ”هو نيٺ ڳالهائيندو ۽ سڀ تقاضائون پوريون ڪري ڇڏيندو.“
هر ڪنهن متيا ڏانهن نهاريو، هو سرڪاري وڪيل جي سڄي تقرير دوران ڏند ڀيڪوڙيو، هٿ ڀيڙيو، ڪنڌ هيٺ ڪيو چپ چاپ ويٺو رهيو هو. رڳو ڪنهن ڪنهن مهل ڪنڌ کڻي ٻڌائين ٿئي، خاص ڪري تڏهن جڏهن گروشينڪا جو ذڪر ٿئي آيو. جڏهن سرڪاري وڪيل گروشينڪا بابت رڪيٽـِـن جي راءِ جو حوالو ڏنو، تڏهن هن ڪجهه ڏاڍيان ڀڻڪو ڪيو. ”برنارڊ!“ جڏهن اپولٽ ڪردووچ ٻڌايو ته هن ڪيئن موڪروءِ پڇاڳاڇا وقت کيس ايذايو هو. تڏهن هن مٿو کڻي ڪن لائي ٻڌو هو. هڪڙي هنڌ ائين لڳو هو ته ٽپ ڏيئي اُٿندو ۽ واڪو ڪندو، پر هن پاڻ جهلي ورتو هو ۽ رڳو حقارت وچان ڪلها لوڏيا هـُـئائين. ماڻهن پوءِ تقرير جي پڄاڻيءَ بابت، سرڪاري وڪيل جي موڪروءِ قيديءَ کان پڇاڳاڇا واري ڪارنامي بابت ڳالهيون ڪيون، ۽ اپولٽ ڪردووچ تي چٿرون ڪيون. هنن چيو، ”هي همراهه پنهنجي چالاڪيءَ تي پاڻ پڏائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.“
ڪورٽ ٿوري وقت، پندرهن يا وڌ ۾ وڌ ويهن منٽن لاءِ، مهمل ٿي وئي. ڪيس جي ڪاروائي ڏسڻ لاءِ آيلن ۾ ڀـُـڻ ڀـُـڻ ۽ واڪا شروع ٿي ويا. مون کي انهن مان ڪجهه ياد آهن.
”ڳري تقرير.“ هڪڙي ٽوليءَ ۾ ڪنهن صاحب ڳنڀيرتا سان آکيو.
”هن نفسيات جي گهڻ ڪئي.“ ٻئي آواز چيو.
”پر اهو سڀ صحيح هو، سڀ بلڪل صحيح.“
”ها، اهائي ته هن جي خاص خوبي آهي.“
”دريا ِّ ڪوزي ۾ بند ڪري ڏيکاريائين.“ ڪنهن ٻئي ڳالهايو. ”ياد اٿوَ ته هن پنهنجي تقرير جي مـُـنڍ ۾ چيو هو ته اسان سڀ فيودور پاولووچ جهڙا آهيون؟“
” پڇاڙيءَ ۾ پڻ، اها سڄي بڪواس هئي.“
” ۽ مبهم پڻ.“
”ڪجهه مڙيوئي وڌيڪ گهلجي ويو هو.“
”اها نا انصافي آ، اها نا انصافي آ.“
”نه، بهرحال ٺاهوڪي تقرير ڪيائين. گهڻو انتظار ڪرڻو پيو هوس.پر آخر پنهنجي ڳالهه ڪري ويو، ها ها ها ها‍‍.“
”بچاءَ وارو وڪيل ڇا چوندو؟“
ٻي ٽوليءَ ۾ مون هيءُ ٻڌو:
”پيٽرسبرگ واري همراهه تي جـُـلهه ڪرڻ جو ڪو ڪم نه هوس، ’توهان جي جذبات کي التجائون‘ -- ياد ٿـَـوَ نه؟“
”ها، اها هن جي اڍنگائي هئي.“
”ڏاڍي ڪا تڪڙ هـُـيس.“
”نروس ماڻهو آهي.“
”اسان کلون ٿا، پر قيديءَ ڇا محسوس ڪيو هوندو؟“
”هئو ٻيلي، متيا ڪيئن ڀانئيو هوندو؟“
ٽين ٽوليءَ ۾:
”هوءَ ڊگهي هٿيئي واري عينڪ (1) سان ٿـُـلهيري مائي ڪير آ، جيڪا پٺيان ويٺي آهي؟“
”هوءَ جنرل جي زال آهي، طلاق ٿي وئي اٿس، مان کيس چڱي طرح سڃاڻان.“
”ان ڪري اها عينڪ ٿي پائي.“
”ڪنهن خاص ڪم جي ناهي.“
”اڙي نه، مائي آهي چهري.“
”کانئس ٻه جايون پٺتي هڪ ٻي موچاري عورت ويٺي آهي، اها وڌيڪ ٺاهوڪي آهي.“
”هنن موڪروءَ ۾ چڱي وٺ ڪئي هيس، ها ني؟“
”برابر، چڱي وٺ، پر اسان اهو اڳ به ٻڌي چڪا آهيون، هن اها ڪهاڻي ڪئين ڀيرا ماڻهن جي گهرن تي کنئي آهي!“
” ۽ هاڻي وري ٻڌائڻ کان پاڻ جهلي نه سگهيو. اهو ٿـَـوَ اڀمانُ.“
”مڙيوئي ڪو ڏک سور اٿس. هي هي هي!“
”ها، ۽ چڙي به جهٽ ٿو. ۽ لفاظي به بيحد گهڻي هئي، ايڏا ڊگها ڊگها جملا!“
”ها، هو اسان کي اڳچتائڻ جي ڪوشش پـيو ڪري، هو اسانکي اڳچتائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ٽروئيڪا بابت ته ياد اٿوَ نه؟ ڪجهه ڪجهه اهو ته هـُـنن وٽ هئملٽ آهن، پر اسان وٽ اڃا رڳو ڪرامازوف آهن. ڇا ته ٻولي آهي!“
”اهو آزاد مزاجن کي ريجهائي لاءِ هو. هو کانئن ڊڄندو آهي.“
” ۽ ها. هو بچاءُ جي وڪيل کان به ڊڄي ٿو.“
”ها، فيتيوڪووچ ڇا چوندو؟“
”جيڪو به چوي، اسان جي ڪڙمين کي ڪونه مڃائي سگهندو.“
چوٿين ٽولي:
”هن جيڪو ٽروئيڪا بابت چيو، اهو سٺو هو، خاص ڪري اهو ٻين قومن وارو ٽڪرو.“
” ۽ جيڪو هيءُ چيائين ته ٻيون قومون ان کي برداشت نه ڪنديون سو سچ هو.“
”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟“
”پوئين هفتي انگريزن واري پارليامينٽ جو هڪڙو ميمبر اُٿي بيٺو ۽ نائلسٽن (1) بابت ڳالهائيندي وزارت کان پڇيائين ته ڇا وقت نه اچي ويو آهي ته وچ ۾ پئجي ۽ انهن وحشي ماڻهن کي تعليم ڏجي. اپولٽ هن بابت ڳالهائي رهيو هو. مون کي خبر آهي ته اِن بابت ٿئي ڳالهايائين. پوئين هفتي هن ئي اها ڳالهه ٻڌائي هئي.“
”اهڙو سولو ڪم ته ناهي.“
”سولو ڪم ناهي، ڇو ناهي؟“
”ڇو، اسان ڪراسٽاٽ کي چپ ڪرائي ڇڏيندا سون، ۽ کين مڪئيءَ جو واڻو به نه ڏيندا سون، پوءِ ڪٿان وٺندا.“
”آمريڪا کان. هاڻي آمريڪا کان وٺندا آهن.“
”بڪواس.“
پر اِتي گهنٽي وڳي، ۽ سڀ پنهنجين پنهنجين جاين ڏانهن ڀڳا. فيتيوڪووچ ٿلهي تي چڙهي ويو.


__________

(1) Romance: سنڌيءَ ۾ انگريزيءَ جي ان لفظ جو تـُـل ڪونهي. اڙدو ٻوليءَ وارو لفظ ”رومان“ عشق محبت تائين محدود معنيٰ رکي ٿو، جڏهن ته ”رومانس“ ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه شامل آهي. (س ن ح)
(1) Lorgnette.
(1) Nihilists: مذهب ۽ اخلاق کي هلت چلت جو بنياد مڃڻ کان انڪار ڪندڙ. اڻويهين صدي عيسويءَ جي روس جي ان انقلابي گروهه سان لاڳاپي، جيڪو تڏهوڪي روسي سماج جي ڪنهن به وٿ ڳالهه کي سٺو نه سمجهندو هو. (س ن ح)

باب ڏهون: بچاءَ ۾ تقرير. هـِـڪُ ٻئي پاسا وٺندڙ دليل

مشهور مقرر جا پهريان لفظ ٻـُـريا ته چوڌاري ماٺ ٿي وئي. ٻڌڻ وارن جون نظرون منجهس کـُـتل هيون. هن سادگيءَ سان ۽ سنئون سڌو ۽ پوري اعتماد سان، ڳالهائڻ شروع ڪيو. ذرو به گهمنڊ يا غرور ڪو نه هوس. هن فصاحت بلاغت، دلسوزيءَ يا جذباتي جملن کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. ائين ٿئي لڳو ڄڻ هو ويجهن ۽ همدرد دوستن جي حلقي ۾ ڳالهائي رهيو هجي. سندس آواز ڏاڍو سٺو هو، کليل ۽ همدرديءَ وارو، ۽ اهو ٻڌڻ ۾ سچو ۽ سادو ٿي لڳو. پر هر ڪنهن کي احساس هو ته تقرير اوچتو رقت آميز ٿي ”هانوَ کي زبردست طاقت سان سل ي“ سگهي ٿي. هن جي ٻولي شايد اپولٽ ڪـِـردووچ کان وڌيڪ بي ترتيب هئي، پر هن جا جملا ننڍا ننڍا ۽ تـُـز هئا. هڪ ڳالهه عورتن کي ڪانه ٿي وڻي. اهو هو هن جو اڳتي نـِـوڙڻ، خاص ڪري تقرير جي منڍ ۾. هو جهڪيو ته ڪو نه ٿي پر ائين ٿي لڳو ڄڻ هو پنهنجن ٻـُـڌڻ وارن ڏانهن ڌوڪڻ وارو هجي. هو ٻيڻو ٿي ٿي ويو ڄڻ سندس ڊگهي ڪرنگهي ۾ اسپرنگ هجي ، جنهن جي آڌار تي هو ذري گهٽ گوني ڪنڊ تي نـِـوڙي ٿي آيو.
تقرير جي مـُـنڍ ۾ هن ڪيتريقدر بي ربط ڳالهايو، ائين کڻي چئجي ته بنا سرشتي جي، حقيقتن کي الڳ الڳ کڻندي، توڻي جو آخر ۾ انهن حقيقتن جو ڪـُـل جڙي ويو. سندس تقرير کي هوند ٻن اڌن ۾ ورهائجي: پهرين ۾ هن الزام جي ترديد ۾، ڪنهن ڪنهن مهل طنز ۽ ڪيني کان ڪم وٺندي، ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. پر ٻئي اڌ ۾ هن جو آواز، ويندي هن جو رويو به، بدلجي ويو، ۽ هڪدم دل ڀڄائيندڙ ٿي ويو. ٻـُـڌڻ وارا ڄڻ ته ان ئي انتظار ۾ هئا، ۽ اتساهه وچان ڪـَـنبڻ لڳا.
هن سڌو ڳالهه جو ڳاٽو کنيو، ۽ شروع هينئن ڪيائين ته جيتوڻيڪ هو وڪالت پيٽرسبرگ ۾ ڪندو هو، پر هڪ کان وڌيڪ ننڍن شهرن ۾ اهڙن قيدين جي بچاءَ ۾ پيش ٿيندو رهيو هو. جن جي بيڏوهي هجڻ جي کيس پڪ هئي يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙو اڳ ويچاريل خيال هوس. ”هن ڪيس ۾ مون سان ائين ئي ٿيو آهي،“ هن وضاحت ڪئي. ”اخبارن منڍ ۾ ئي ان ڪيس بابت جيڪي ڇاپيو، تنهن ۾ ڪجهه اهڙو ڏٺم، جنهن مون کي قيديءَ جي پاسي ڪري ڇڏيو. جنهن ڳالهه منهنجو چاهه وڌايو، سا وڪالت جي ڌنڌي ۾ اڪثر درپيش ايندي آهي، پر ورلي اهڙي انتها واري ۽ عجيب انداز ۾، جهڙي هن ڪيس ۾. مون کي ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي تقرير جي پڇاڙيءَ ۾ ڪرڻ جڳائي، پر مان مـُـنڍ ۾ ئي ائين ڪندس، ڇو ته سڌو ڪم تي چڙهڻ، پنهنجي تاثرات کي بچائي نه رکڻ ۽ پنهنجي مواد ۾ ڪفايت ڪرڻ منهنجي ڪمزوري آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها منهنجي اياڻپ هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ اها پرخلوص ضرور آهي. منهنجي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه آهي: قيديءَ جي خلاف ساکـُـن جي هڪ نهوڙي ڇڏيندڙ زنجير آهي، پر ساڳئي وقت هڪ به اهڙي حقيقت ڪانهي، جيڪا پنهنجي ليکي اڪيلي سر پرکجڻ وقت ٽيڪا ٽپڻيءَ اڳيان بيهي سگهي. مان جيئن جيئن اخبارن ۾ ايندڙ خبرون پڙهندو ويس، تيئن تيئن منهنجي خيال جي تصديق ٿيندي وئي، تان جو مون کي قيديءَ جي مائٽن جو نياپو پهتو ته اچي سندس بچاءَ ۾ وڪيل طور پيش ٿيان. مان جلد هليو آيس، ۽ هتي مان پوريءَ طرح قائل ٿي ويس. مون ڪيس کنيو ته جيئن حقيقتن جي ڀوائتي زنجير ٽوڙيان ۽ ڏيکاريان ته هر حقيقت اڪيلي سر وٺبي ته اڻ ثابت ٿيل ۽ پـُـورالي نڪرندي.“
فيتيوڪووچ جي شروعات اها هئي.
”جيوريءَ جا صاحبو!“ هن اُمالڪ احتجاج ڪيو، ”مان هن پاسي نئون آهيان. مون وٽ ڪي اڳ جـُـڙيل خيال ڪونهن. قيدي ڏاڍو وڳوڙي ۽ بي لغام سڀاءَ وارو آهي. منهنجي ته نه پر شايد شهر ۾ چڱن ڀلن جي بيعزتي ڪري کين اڳيئي پنهنجي برخلاف ڪري ڇڏيو اٿس. بيشڪ مان مڃان ٿو ته هتان جي آبرو وارن جو کيس بد اخلاق سمجهڻ حقي واجبي آهي. قيدي چيڙاڪ ۽ ويڙهاڪ طبيعت جو ڌڻي آهي، تڏهن به هتان جي سوسائٽيءَ ۾ سندس آجيان ڪئي ويندي هئي، ويندي منهنجي ٻهڳڻي دوست سرڪاري وڪيل جي گهر ۾ پڻ!“
(ڌيان لائق: انهن لفظن تان ڪي ٻه ٽي ٻڌڻ وارا کليا ۽ چپ به ٿي ويا، پر سندن کل سڀني ٻڌي. اسان کي پتو هو ته سرڪاري وڪيل جي گهر ۾ سندس مرضيءَ جي خلاف متيا جي آجيان ٿيندي هئي، رڳو ان ڪري جو سندس زال الائجي ڪيئن متيا ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي هئي. هوءَ ڏاڍي نيڪ ۽ ستياوان عورت هئي. پر ساڳئي وقت پورالي، ريچڪي ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ مڙس جي مخالفت ڪرڻ واري به هئي. بهرحال متيا جو ڪو گهڻو اچڻ وڃڻ ڪو نه هون.)
”تنهن هوندي به مان اهو چوڻ چاهيندس“ ، فيتيوڪووچ چوندو رهيو، ”ته منهنجو مخالف هونءَ آهي ته پنهنجي دماغ وارو ۽ انصاف پسند، پر پنهنجي اڀاڳي اصيل جي خلاف غلط تعصب جو شڪار ٿي ويو آهي، پر اهو بلڪل سڀاويڪ آهي ڇو جو اهو بدنصيب انسان آهي ئي ان لائق. ويل اخلاق ۽ ان کان وڌيڪ ويل ذوق اڪثر ڪري بي ترس هوندا آهن. اسان ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي تقرير ۾ قيديءَ جي سڀاءَ ۽ هلت جو سخت ڇيد ٿيندي ٻڌو، ۽ هن جو ڪيس ڏانهن سخت تنقيدي رويو به ظاهر هو، ۽ تنهن کان وڌيڪ هن نفسياتي موشگافيون به ڪيون، جيڪي هو هوند نه ڪري ها، جيڪڏهن قيديءَ خلاف هن جو تعصب ٿورو به ڄاڻيل واڻيل ۽ بغض وارو هجي ها، پر ڪي اهڙيون ڳالهيون به آهن، جيڪي ههڙن مامرن ۾ حد کان چڙهيل بغض واري ۽ ڄاڻيل واڻيل نا انصافيءَ واري رويئي کان وڌيڪ خراب، ويندي موتمار، هونديون آهن. تڏهن پاڻ وڌيڪ ڳڙ ٻڙ ٿئي ٿي، جڏهن اسان فنڪاريءَ واريءَ جبلت، ائين کڻي چئجي ته ڪو رومانس سرجڻ جي خواهش هٿان گهلجي وڃون ٿا، خاص ڪري تڏهن جڏهن خدا اسان کي نفسياتي ادارڪ سان نوازيو هجي. جڏهن مان هيڏانهن اچي رهيو هوس، تڏهن پيٽرسبرگ ۾ مون کي چتاءُ ڏنو ويو، ۽ پاڻ مون کي به اندازو هو، ته هت مون کي هڪ اهڙو ٻهڳڻو مخالف ملندو، جنهن جي نفسياتي ادارڪ ۽ لطافت کيس قانوندان حلقن ۾ تازن ورهين اندر مخصوص قسم جي مشهوري ڏياري آهي. نفسيات گهري برابر آهي، پر کائي ٻئي پاسا ٿي .“ (خلق ۾ ٽهڪ)، ”توهان مون کي شخصي مشابهت تي ضرور معاف ڪندا، مان خوش گفتاريءَ جي هام نٿو هڻان. پر مان سرڪاري وڪيل جو ڪو به نڪتو مثال طور کڻندس.“
”قيدي باغ منجهان ڀڄندو لوڙهو ٽپيو ۽ نوڪر اچي جهليس ته کيس ٽامي جي مهري هڻي ڊاهي رکيائين. پوءِ هو واپس باغ ۾ ٽپيو، ۽ پنج منٽ اهو ڏسڻ ۾ وڃايائين ته نوڪر کي ماري رکيو هئائين يا نه، ۽ سرڪاري وڪيل قيديءَ جي انهيءَ بيان تي وسهڻ کان انڪاري آهي ته هو پوڙهي گريگوريءَ ڏانهن ترس وچان ڊوڙيو هو. ’نه‘ هو چوي ٿو، ’هو اهو ڏسڻ لاءِ ڊوڙيو هو ته سندس ڏوهه جو اڪليو شاهد مري ويو هو يا جيئرو هو، ۽ ائين ڪري هن ڏيکاريو ته قتل جو جوابدار هوئي هو، ڇو ته ڪنهن به ٻئي سبب جي ڪري ڊوڙندو نه موٽي ها.‘ اها آهي نفسيات: پر ساڳيو طريقو اختيار ڪندي ان کي مامري جي ٻئي پاسي کان لاڳو ڪبو ته نتيجو ڪو گهٽ وسهڻ جوڳو نه نڪرندو، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته قيديءَ هيٺ ٽپو اڳواٽ احتياط جي ڪري ڏنو، اهو ڏسڻ لاءِ ته شاهد جيئرو هو يا نه، جڏهن ته هو فوتي پيءُ جي ڪمري ۾، جيئن سرڪاري وڪيل پاڻ دليل ڏي ٿو، ڦاٽل لفافي جي شڪل ۾ پنهنجي خلاف هڪ اهم ساک ڇڏي آيو هو. لفافي تي لکيل هو ته ان ۾ ٽي هزار روبل آهن. ’جيڪڏهن هو اهو لفافو پاڻ سان کڻي وڃي ها ته دنيا ۾ ڪنهن کي به ان بابت، ۽ ان ۾ پيل نوٽن بابت، ۽ اهو ته اها رقم قيديءَ چورائي آهي، پتو نه پوي ها.‘ اهي سرڪاري وڪيل جا پنهنجا لفظ آهن. سو اوهان هڪڙي پاسي احتياط ۾ سخت ڪوتاهي ڏسو ٿا، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن جا هوش خطا آهن ۽ ڊپ ۾ هڪ اهم سڳ فرش تي ڇڏيو ڀڳو ٿو وڃي ۽ جنهن ٻه منٽ پوءِ هڪ ٻيو ماڻهو به ماري ڇڏيو آهي، تنهن لاءِ اسان کي فرض ڪرڻو آهي ته سخت ڪٺور ۽ چٻ چٿ ڪندڙ دور انديش هو. پر اهو مڃجي به کڻي ته هو ائين آهي ته منهنجي خيال ۾ اها نفسياتي موشگافي آهي، جنهن موجب مان هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ ڪاڪيشيا جي باز جهڙو رت پياڪ ۽ تکي نظر وارو ته ٻي گهڙيءَ ۾ ڇڇوندر جهڙو ڪانئر ۽ انڌو ٿي ٿو وڃان، پر جيڪڏهن مان ايترو ئي رت پياڪ، ڪٺور چٻ چٿ ڪندڙ آهيان جو جڏهن ماڻهو ماري ٿو ڇڏيان، تڏهن موٽي وڃي ڏسان ٿو ته هو منهنجي خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ جيئرو ته ناهي، پوءِ مان پنهنجي شڪار جي خبر لهڻ ۾ پنج منٽ وڃائي ٻين شاهدن کي نظر اچڻ جو جوکو ڇو کڻان؟ ڇو پنهنجي رومال سان سندس نرڙ اُگهي اهو رتهاڻو ڪريان ته جيئن پوءِ اهو منهنجي خلاف ثابتيءَ طور پيش ٿئي؟ جيڪڏهن قيدي اهڙو ئي ڪٺور ۽ چٻ چٿ ڪندڙ هو ته پوءِ هن ڇو ڪو نه نوڪر کي ان ٽامي جي مهريءَ جا ڌڪ هڻي هڻي اُڦٽ ماري ڇڏيو ۽ هن جو پنهنجي خلاف شاهد بنجڻ جو اُلڪو ختم نه ڪيو.
”وري جڏهن هن موٽي وڃي ڏٺو ته ڪٿي شاهد جيئرو ته نه هو، تڏهن پنهنجي خلاف هڪ ٻيو شاهد واٽ تي رهايو ويو، يعني اها سڃاڻي ٽامي جي مهري، جيڪا هـُـن زائفن کان ورتي هئي ۽ جيڪا اُهي پوءِ ساک ڏيئي ٿي سگهيون ته هن ئي کانئن ورتي هئي، ۽ ائين به ناهي ته مهري هن کان واٽ تي ڪري پئي هجي ۽ ٻيهر کڻڻ وسري وئي هجيس، بلڪ هن اها زور سان اڇلائي هئي، ڇو ته اها اُتان پندرهن وکون پري ملي هئي، جت گريگوري ڪريل هو. هن ائين ڇو ڪيو؟ رڳو انهيءَ ڪري ته هن کان ماڻهو، پوڙهو نوڪر مري پيو هو ۽ هن مهري پاراتو ڏيندي پري اُڇلائي ڇڏي جو اها خوني هٿيار هئي. ضرور ائين ئي هوندو نه ته وٽس اها ايتري پري اُڇلائڻ جو ٻيو ڪهڙو سبب هو؟ ۽ جيڪڏهن هو ماڻهو مارڻ تان ڏک ۽ ڪهل جوڳو هو ته پوءِ هو پيءُ کي مارڻ جو ڏوهاري نه هو. جيڪڏهن هو پيءُ کي ماري ها ته پوءِ هو ڪهل وچان ڊوڙي وڃي ٻئي شڪار جي خبر نه لهي ها. تڏهن هن جي سوچ ٻي هجي ها، کيس پاڻ بچائڻ جو اونو هجي ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته کيس ڪهل ٻهل جو خيال ئي نه اچي ها. برخلاف ان جي، هو نوڪر جي خبر لهڻ ۾ پنج منٽ وڃائڻ جي بدران هن جو مٿو ڦاڙي ڇڏي ها. ڪهل ۽ پرائي اُون جي گنجائش هئي، انهيءَ ڪري جو تنهن وقت تائين هن جو ضمير صاف هو. هت اسان وٽ نفسيات مختلف آهي. جيوريءَ جا صاحبو، مون اهو طريقو ڄاڻي واڻي اهو ڏيکارڻ لاءِ اختيار ڪيو آهي ته اوهان ان سان ڪجهه به ثابت ڪري سگهو ٿا. سڄو دارو مدار ان تي آهي ته اهو ڪير ٿو ڪم آڻي، نفسيات، ٻيو ته ٺهيو، تمام ڳنڀير ماڻهن کي به رومانس گهڙڻ تي هرکائيندي آهي، سو به بيخياليءَ ۾. صاحبو، مان نفسيات جي غلط استعمال جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.“
ڪورٽ ۾ پسنديدگيءَ ۽ سرڪاري وڪيل تي کلڻ جا آواز وري ٻڌڻ ۾ آيا. مان تقرير جا تفصيل ڪو نه ورجائيندس. پر ان جا ڪي ٽڪرا، ڪي اهم نڪتا نقل ڪندس.

باب يارهون: ڪا رقم ڪانه هئي، ڦر ڪانه ٿي

فيتيوڪووچ جي تقرير ۾ هڪڙو نڪتو اهڙو هو جيڪو هر ڪنهن هنڊايو. هن انهن موتمار ٽن هزار روبلن جي هجڻ کان ٺپ انڪار ڪيو، ۽ ان ڪري انهن جي چوريءَ ٿيڻ جي امڪان کان به انڪاري ٿيو.
”جيوريءَ جا صاحبو،“ هو شروع ٿيو. ”ڪوبه نئون بي تعصب ماڻهو ڏسندو ته هن کي هڪ ڳالهه ڏاڍي عجيب لڳندي، ۽ اُها آهي ڦر جو الزام ۽ اهو ثابت ڪرڻ ناممڪن هجڻ ته ڪا شئي هئي جا چوري ٿي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته رقم چوري ٿي هئي، ٽئي هزار روبل، پر اِهي روبل هئا به سهي سا ڪنهن کي ڄاڻ ڪانهي. ٿورو سوچيو، اسان ان بابت ڪيئن ٻڌو ۽ ڪنهن کان ٻڌو آهي؟ جنهن اڪيلي ماڻهوءَ اُهي ڏٺا ۽ چيائين ته اهي لفافي ۾ وڌا ويا هئا، سو هو خاص نوڪر سمرڊياڪوف. هن ان بابت آفت کان اڳ قيديءَ ۽ سندس ڀاءُ، ايون ڪرامازوف، کي ٻڌايو هو. مادام سويتلوف کي به انهن بابت ٻڌايو ويو هو. انهن ٽنهي مان ڪنهن هڪڙي به اهي نوٽ اکين سان ڪو نه ڏٺا هئا. ڪنهن به نه، رڳو سميرڊياڪوف ڏٺا هئا.“
”اتي سوال اهو ٿو اٿي ته اهي سچ پچ هئا به سهي ۽ سميرڊياڪوف اهي ڏٺا هئا ته پوءِ هن آخري ڀيرو ڪڏهن ڏٺا هئا؟ جيڪڏهن سندس مالڪ کيس ٻڌائڻ کانسواءِ اهي نوٽ لفافي ّمان ڪڍي ورائي روڪڙ پيتيءَ ۾ وجهي ڇڏيا هجن ته پوءِ؟ ڌيان رهي ته سميرڊياڪوف جي چوڻ موجب، نوٽ گاديلي جي هيٺيان رکيا ويا هئا. قيديءَ ضرور اهي ڇڪي ڪڍيا هوندا، پر ان هوندي به بستري تي ڪو گهنج نه هو، اهو روبڪاريءَ ۾ چٽيءَ طرح لکيل آهي. بستري تي سعيو ڪري نفيس ۽ بيداغ چادرون وڇايل هيون. اهي قيديءَ جي رتهاڻن هٿن کان لوئجڻ کان ڪيئن بچي ويون؟“
”پر مون کان پڇيو ويندو: فرش تي پيل ڦاٽل لفافي بابت ڇا ٿا چئو؟ هائو، ان لفافي بابت هڪ ٻه لفظ ڳالهائڻ ضروري آهي. مون کي ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي واتان اهو ٻڌي ٿوري حيرت ٿي هئي ته اهو لفافو نه هجي ها، اُتي فرش تي پيل، رهجي ويل نه هجي ها ته ڪنهن کي به اُن جي هجڻ جو ۽ ان ۾ پيل نوٽن جو ۽ ان ڪري انهن جي قيديءَ هٿان چوري ٿيڻ جو پتو نه پوي ها. سو، سرڪاري وڪيل جي پنهنجي چوڻ موجب، پني جو ڦاٽل ٽڪرو ئي اڪيلي ثابتي آهي، جنهن تي ڦر جو الزام مدار رکي ٿو: ’نه ته ڪنهن کي به ڦر جي خبر نه پوي ها ۽ نه ئي شايد رقم جي.‘ پر ڇا رڳو اها حقيقت ته اهو پني جو ٽڪر فرش تي پيل ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته ان ۾ رقم هئي ۽ ته اها رقم چوري ٿي وئي؟ ۽ پوءِ به اهو اعتراض اُٿاريو ويندو ته هن اها رقم آخري ڀيرو ڪڏهن ڏٺي هئي؟ مون سميرڊياڪوف سان ڳالهايو هو، ۽ هن مون کي ٻڌايو هو ته هن لفافي ۾ رقم آفت کان ٻه ڏينهن اڳ ڏٺي هئي. پوءِ ڇا اهو سوچي نٿو سگهجي ته پوڙهي فيودور پاولووچ جنهن بند ڪمري ۾ اڪيلو پنهنجي پرينءَ جو انتظار ٿي ڪيو، تنهن وقت ڪاٽڻ لاءِ لفافو ڦاڙي کوليو هوندو ۽ نوٽ ڪڍي ورتا هوندائين؟ ٿي سگهي ٿو ته هن پاڻ کان پڇيو هجي، ’لفافي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ متان کيس اعتبار نه اچي ته ان ۾ نوٽ آهن، پر جڏهن مان کيس انڊلٺ جي رنگن وارن ٽيهن نوٽن جي ٿهي ڏيکاريندس تڏهن هوءَ متاثر ٿيندي ۽ پڪ ئي پڪ هن جو وات پاڻي پاڻي ڪندو.‘ سو هو لفافو ڦاڙي رقم ڪڍي ٿو وٺي ۽ لفافو پٽ تي ڦٽو ٿو ڪري ڇڏي، هو پاڻ مالڪ آهي ۽ ڪا ثابتي ڇڏڻ جو ڪو اُلڪو ڪونهيس.“
”ٻڌو، صاحبو، ان نظرئي ۽ اهڙي عمل کان وڌيڪ ڪائي ڳالهه ممڪن آهي؟ ان جو سوال ڇو نٿو پئدا ٿئي پر جي اهڙي ڪا ڳالهه هجي ته ڦر جو الزام ڦهڪو وڃي ڪندو، جيڪڏهن رقم ڪانه هئي ته ان جي چوري به ڪانه ٿي هئي. جيڪڏهن پـَـٽَ تي لفافي جو هئڻ ان ڳالهه جي ثابتي سمجهي سگهجي ٿو ته ان ۾ رقم هئي، ته پوءِ مان اهو ڇو نه سمجهان ته اهو فرش تي ان لاءِ پيل هو جو مالڪ پاڻ ان منجهان رقم ڪڍي اهو اتي ڦٽي ڪري ڇڏيو هو.“
”پر مون کان پڇيو ويندو، جيڪڏهن فيودور پاولووچ لفافي مان رقم ڪڍي ورتي هئي ته اُها وئي ڪيڏانهن، ڇو ته پوليس جڏهن گهر جي جهڙتي ورتي هئي، تڏهن اُها اُتي ڪا نه ملي هئي؟ پهرين ته ان رقم مان ڪجهه روڪڙ پيتيءَ مان ملي هئي، ۽ ٻيو ته ٿي سگهي ٿو ته هن اُها تنهن صبح جو يا اڳئين سانجهيءَ جو ٻاهر کڻي وڃي ڪنهن ٻئي ڪم آندي هجي، ڪنهن کي ڏني هجي يا ڪاڏي موڪلي ڇڏي هجي، متان هن پنهنجو خيال ۽ جيڪي ڪرڻ جو رٿيو هئائين، اهو سڄي جو سڄو مٽائي ڇڏيو هجي ۽ سميرڊياڪوف کي اڳواٽ ٻڌائڻ ضروري نه سمجهيو هجي. ۽ جيڪڏهن ان سمجهاڻيءَ جي صحيح هجڻ جو تر جيترو به امڪان آهي ته پوءِ قيديءَ تي ڪيئن ايتري پختائيءَ سان ڦـُـر لاءِ خون جو ۽ سچ پچ ڦر ڪرڻ جو ڏوهه رکي سگهجي ٿو؟ ائين ڪرڻ رومانس جي راڄ ۾ حد دخلي ٿيندو. جيڪڏهن اهو چيو ٿو وڃي ته ڪا شيءَ چوري ٿي آهي ته اها شئي پيدا ڪئي وڃي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان جو هجڻ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ثابت ڪيو وڃي، ان هوندي به ڪنهن به اهي نوٽ ڪڏهن ڏٺا ئي ڪو نه هئا.“
”ڪو گهڻو وقت ناهي گذريو ته پيٽرسبرگ ۾ هڪڙو ارڙهن ورهين جو نوجوان، جيڪو گهوريئڙو هو، سو ڏينهن ڏٺي جو ڪهاڙيءَ سان هڪڙي رقمون مٽائيندڙ جي دڪان ۾ ويو ۽ دڪان جي سنڀاليندڙ کي، خاص نوجوانن واري بيڊپائيءَ سان اُڦٽ ماري ڇڏيائين، ۽ پندرهن سو روبل کڻي هليو ويو. پنج ڪلاڪ پوءِ پڪڙجي پيو، ۽ پندرهن روبلن کانسواءِ جيڪي هن خرچ ڪري ڇڏيا هئا، باقي سموري رقم وٽانئس هٿ آئي هئي. جڏهن خون کان پوءِ دڪان جو مالڪ موٽيو، تڏهن هن پوليس کي نه رڳو چوري ٿيل رقم جو پورو پورو انگ ٻڌايو، پر اهو پڻ ٻڌايائين ته ان ۾ ڪيترا نوٽ ۽ ڪيترا سونا سـِـڪا هئا، ۽ اهي ساڳيا نوٽ ۽ سـِـڪا ڏوهيءَ وٽان هٿ آيا هئا. ان تي خونيءَ سڄي سچي ڪئي هئي. جيوريءَ جا صاحبو، اها آهي ثابتي! ائين ٿئي ٿو ته مان رقم بابت ڄاڻان ٿو، اها ڏسان ٿو، ڇـُـهان ٿو، ۽ اُن جي وجود کان انڪار نٿو ڪري سگهان. ڇا هن مامري ۾ به ائين آهي؟ توڻي جو هت زندگيءَ ۽ موت جو سوال آهي.“
”ها، مون کي ٻڌايو ويندو، پر اُن رات هو پيالا چاڙهي رهيو هو، ڏوڪڙ اُڏائي رهيو هو، هن وٽ پندرهن سوَن روبلن جو هجڻ ڏيکاريو ويو هو - اها رقم ڪٿان ملي هيس؟ پر اها ئي ڳالهه ته هن وٽ پندرهن سؤ هئا ۽ باقي پندرهن سوَن جو ڪو پتو ڪونهي، ڏيکاري ٿو ته اها ساڳي رقم نه هئي، ۽ ڪڏهن به ڪنهن لفافي ۾ نه رهي هئي. اوائلي پڇا ڳاڇا دوران وقت جو پورو پورو ليکو ڪري ڏٺو ويو ته معلوم ٿيو ته هو انهن نوڪرياڻين وٽان سڌو پرهوتن ڏانهن ڀڳو هو ۽ گهر يا ٻيو ڪاڏي ڪو نه ويو هو. سو هو سمورو وقت ڪنهن نه ڪنهن سان گڏ هو، تنهن ڪري ٽئي هزار اڌواڌ ڪري پندرهن سؤ شهر ۾ ڪٿي لڪائي ڪو نه ٿئي سگهيو. اهائي ڳالهه آهي، جنهن جي ڪري سرڪاري وڪيل اهو کڻي فرض ڪيو آهي ته اهي پندرهن سئو موڪروءِ ڪنهن جهير، چير اندر لڪايل آهن. صاحبو، اوڏولفو واري ڪوٽ جي اونداهي بنديخاني ۾ ڇو ڪو نه؟ ۽ ڏسو جيڪڏهن اهو مفروضو ڦهڪو ٿو ڪري ته ڦـُـر وارو سمورو الزام هوائون ٿي وينديون، ڇو ته انهن پندرهن سوَن جو ڪو وجود ئي ڪو نه هو. جيئن ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته قيدي ٻيو ڪاڏي ڪو نه ويو هو ته پوءِ ڪهڙي ڪرشمي اهي پندرهن سئو غائب ڪري ڇڏيا؟ ۽ اسان اهڙين آکاڻين سان هڪ ماڻهوءَ جي حياتي برباد ڪرڻ تي سنبريل آهيون!
”مون کي ٻڌايو ويندو ته هو ڪو نه ٻڌائي سگهيو هو ته جيڪي پندرهن سو وٽس هئا، سي ڪٿان آندا هئائين، ۽ هر ڪنهن کي پتو هو ته اُن رات کان اڳ وٽس ڏوڪڙ هو ئي ڪونه. ٻڌايو، اهو پتو ڪنهن کي هو؟ قيدي صاف صاف ۽ بنا هٽڪ جي ٻڌايو آهي ته هن اها رقم ڪٿان آندي هئي ۽، جيوريءَ جا صاحبو، اوهان کي اها وضاحت قبول ڪرڻ کپي ته ان کان وڌيڪ وسهڻ جوڳو ۽ قيديءَ جي سڀاءَ ۽ مزاج سان ٺهڪندڙ ٻيو ڪجهه ڪونهي. سرڪاري وڪيل کي سندس پنهنجي رومانس مـَـنڊي ڇڏيو آهي. هڪ ڪمزور ارادي وارو ماڻهو جنهن پنهنجي مڱ جا اهڙي ذليل ڪندڙ نموني ۾ آڇيل ٽي هزار روبل ورتا هجن سو، اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي، انهن مان اڌ ڪڍي سبي ڪو نه ٿي سگهيو ۽ ائين ڪيو به هوندائين ته هر ٻئي ڏينهن ٽوپا اُڊيڙي سئو سئو ڪڍندو ويو هوندو تان جو هڪ مهيني ۾ سڀ کپائي ڇڏيا هوندائين. اوهان کي ياد هوندو ته اهو جنهن لهجي ۾ چيو ويو هو، اهو ترديد سهندڙ نه هو. پر جي ان جي صفا ابتڙ ٿيو هجي ته پوءِ؟ اوهان رومانس اُڻي رهيا هجو، سو به بنهه الڳ قسم جي ماڻهوءَ بابت ته پوءِ؟ ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان ڪو ٻيو مختلف ماڻهو ايجاد ڪري ويٺا آهيو.“
”شايد مون کي ٻڌايو ويندو ته وٽن انهيءَ ڳالهه جا شاهد موجود آهن ته کيس مڱ کان مهينو اڳ جيڪي ٽي هزار روبل مليا هئا، سي هن هڪڙي ڏينهن ۾ کائي کپائي ڇڏيا هئا. سو هو اها ٻي يعني چورايل رقم ئي اڌواڌ ڪري ٿي سگهيو. اهي شاهد ڪير آهن؟ سندن شاهديءَ جو ملهه هن ڪورٽ ۾ اڳيئي ظاهر ٿي چڪو آهي. تنهن کان سواءِ، ٻئي جي هٿ ۾ نوٽن جي ٿهي وڌيڪ وڏي لڳندي آهي ۽ انهن شاهدن مان ڪنهن به اها رقم ڳڻي ڪا نه هئي. هنن رڳو ڏسي اندازو لڳايو هو. ۽ سئڪسيموف نالي شاهد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قيديءَ جي هٿ ۾ ويهه هزار هئا. اوهان ڏٺو، جيوريءَ جا صاحبو، نفسيات ٻٽي ڌار وارو هٿيار آهي. مان هاڻي ٻي ڌار آزمائيندس ۽ ڏسجو ان مان ڇا ٿو پرگهٽ ٿئي.
”آفت کان ٻه مهينا اڳ ڪيٽرينا ايوانونا قيديءَ کي ٽي هزار روبل سونپيا هئا ته ٽپال رستي سندس ڀيڻ کي ڏياري موڪلي. پر سوال آهي، ڇا اهو سچ آهي ته اهي کيس ذليل ۽ خوار ڪندڙ نموني ۾ ڏنا ويا هئا، جيئن هن ڪورٽ ۾ ساجهر چيو ويو؟ انهيءَ خاتون جيڪو پهريون بيان ڏنو هو، سو مختلف هو، بلڪل مختلف. ٻئي بيان ۾ اسان رڳو چڙ ۽ وير جون وايون ٻڌيون، گهڻي وقت کان لڪايل ڌڪار جون وايون، ۽ اها حقيقت ته سندس پهريون بيان ڪوڙو هو، اسان کي حق ڏي ٿي ته اسان سندس ٻيو بيان به ڪوڙو سمجهون. سرڪاري وڪيل انهيءَ پهرين بيان کي ڇـُـهيو ئي ڪو نه، بلڪ (سندس پنهنجا لفظ) ڇـُـهڻ جي همت ئي ڪو نه ٿيس. ائين ئي سهي. مان به ڪو نه ڇـُـهندس: پر ايترو ضرور چوندس ته ڪائي اُتم ۽ اعليٰ اُصولن واري هستي، جهڙي هيءَ جوان خاتون آهي، جيڪڏهن اهڙي هستي، مان چوان ٿو، قيديءَ کي برباد ڪرڻ جي ظاهر ظهور مقصد سان پاڻ کي هن ڪورٽ ۾ ڏنل پنهنجي پهرين بيان جي ترديد ڪرڻ ڏي ٿي ته پوءِ اهو صاف ظاهر آهي ته اها ترديد بي ريائيءَ ۽ ٿڌي دماغ سان نه ڪئي وئي آهي. ڇا اسان کي ائين سمجهڻ جو حق ناهي ته هڪ وير تي سندرو ٻڌي بيٺل عورت گهڻو وڌاءُ ڪري سگهي ٿي؟ هن خاص ڪري قيديءَ کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِ رقم آڇڻ واري ڳالهه برابر وڌائي ڪئي هوندي. نه، اها اهڙي نموني آڇي وئي هئي جو اها وٺڻ ممڪن هو، خاص ڪري قيديءَ جهڙي سڄي ماڻهوءَ لاءِ جنهن کي پيءُ وٽان اُهي ٽئي هزار ستت ملڻ جو آسرو هو، جيڪي هن سمجهيو ٿي ته هو لهڻي. اها هن جي سوچ جي ڪوتاهي هئي، پر سوچ جي اها غير ذميوار ڪوتاهي ئي هئي. جنهن کيس اهو ويساهه ڏنو ته پڻس ڏوڪڙ ڏيندس، ته کيس ڏوڪڙ ملندا، سو هو هميشه سونپيل رقم رواني ڪري پنهنجو قرض لاهي سگهي ٿو.“
”پر سرڪاري وڪيل اهو مڃڻ کان انڪاري آهي ته قيدي ساڳئي ڏينهن رقم اڌو اڌ ڪري هڪڙو اڌ ننڍڙي ڳوٿريءَ ۾ سبي ڇڏيو هو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته قيديءَ جو سڀاءُ اهڙو نه هو، کيس اهڙو خيال نه پئي اچي سگهيو. پر هن پاڻ ڪرامازوفن جي مجموعي سڀاءَ بابت ڳالهايو. هن زور ڏيندي چيو ته ڪرامازوف هڪ ئي وقت ٻه ڇيهه ڳڻي ڳوتي سگهي ٿو. ڪرامازوف سڀاءَ بس اهڙو ئي ٻه پاسائون آهي. ٻن ڇيهن جي وچ ۾ گهٽ وڌ ٿيندڙ. زوردار کل خوشيءَ ۾ مگن هوندي به اهو پاڻ کي ٻئي پاسي جي چـُـرچ تي روڪي سگهي ٿو، ۽ ٻئي پاسي آهي سندس عشق. اهو ٻيو عشق، جيڪو سندس دل ۾ ڀڙڪي اُٿيو هو ۽ اِن عشق لاءِ کيس پئسا کپندا هئا، تنهن کان گهڻا وڌيڪ جيڪي پنهنجي سنگتياڻيءَ سان پيئڻ کائڻ لاءِ کپندا هيس. جيڪڏهن هوءَ کيس چوندي ’مان تنهنجي آهيان، فيودور پاولووچ نه کپيم‘ ته پوءِ پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ ڏوڪڙ کپن. اهو پيئڻ کائڻ کان وڌيڪ اهم هو. ڇا ڪرامازوف اهو سمجهڻ ۾ ناڪام رهي ٿي سگهيو؟ اهوئي اُلڪو ته کيس نهوڙي رهيو هو. هن جو اها رقم ڌار ڪري ڪنهن هنگامي ضرورت لاءِ لڪائڻ ۾ ڪهڙي اهڙي ناممڪن ڳالهه آهي؟“
”پر وقت وهامندو ويو، فيودور پاولووچ قيديءَ کي آسري وارا ٽي هزار روبل نه ڏنا، ان جي ابتڙ هن ٻڌو ته پڻس اها رقم ان وينگس کي ڌتارڻ جي ڪم آڻڻ چاهي ٿو، جنهن سان سندس يعني قيديءَ جي پريت هئي. ’جيڪڏهن فيودور پاولووچ مون کي نه ڏنا،‘ هن سوچيو، ته ’ڪيٽرينا ايوانونا مون کي چور سمجهندي.‘ ۽ پوءِ کيس خيال سجهيو ته هو ڪيٽرينا ايوانونا وٽ ويندو ۽ کيس اهي پندرنهن سئو پيش ڪندو، جيڪي هن ڳچيءُ سان ٻڌي ڇڏيا هئا. ۽ چوندو، ’مان بدمعاش برابر آهيان پر چور ناهيان.‘ هت اوهان وٽ ٻٽو سبب آهي ته هو ڳوٿريءَ جو ٽوپو اڊيڙي اُن ۾ پيل رقم سئو سئو ڪري ڇو نه کپائيندو. اوهان قيديءَ کي خودداريءَ کان محروم ڇو ٿا سمجهو؟ هائو، هو خوددار آهي، جو سندس اهو مادو غلط جاءِ تي آهي ۽ اڪثر ڀل ڪري ٿو: تڏهن به اهو بلڪل موجود آهي، ۽ بيحد زوردار آهي ۽ هن اهو ثابت ڪيو آهي.“
”پر هاڻي سـُـٽ وڌيڪ منجهي وڃي ٿو. هن جي رقابت واري پيڙا چوٽ تي پهچي وڃي ٿي، ۽ اهي ساڳيا ٻه سوال هن جي تپيل دماغ کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ آزارين ٿا: ’جي ڪيٽرينا ايوانونا کي موٽائي ٿو ڏيان ته گروشينڪا سان هلي وڃڻ جا سببَ ڪٿان مهيا ڪندس؟‘ هي جو هن ان مهيني دوران مستيون ڪيون، پيالا چاڙهيا ۽ گتن ۾ ڌمچر ڪيا ته اهو شايد ان ڪري هو ته هو وڏي وئل ۽ تاءَ ۾ هو، جيڪو سندس سهپ کان ٻاهر هو. انهن ٻن سوالن ايترو ته سوڙهو ڪيس جو هو آخرڪار سڀ آسرا لاهي ويٺو. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي آخري ڀيرو پيءُ ڏانهن موڪليو ته کيس ٻاڏائي ٽئي هزاروٺي اچي، پر جواب جي انتظار کان سواءِ هن پاڻ وڃي اندر ٺڪاءُ ڪيو، ۽ دنگ پيءُ کي شاهدن جي موجودگيءَ ۾ مار ڏيڻ تي ڪيائين. ان کان پوءِ کيس ڪنهن کان به ڏوڪڙن ملڻ جو آسرو نه رهيو، پڻس به مار کان پوءِ ڪو نه ڏنا هيس.“
”ان ساڳي سانجهيءَ جو هن سيني تي، سيني جي مٿين ڇيڙي تي، جتي ننڍڙي ڳوٿري هئي، ڌڪ هنيو ۽ پنهنجي ڀاءُ اڳيان قسم کنيائين ته وٽس بدمعاش نه هجڻ جا سببَ هئا، پر تڏهن به هو بدمعاش رهندو، ڇاڪاڻ جو کيس اڳيئي ڄاڻ هئي ته هو اهي سببَ ڪم نه آڻيندو، ته هن جو سڀاءُ کيس ائين ڪرڻ نه ڏيندو، ته وٽس ائين ڪرڻ جو ست ئي نه هوندو. ڇو، آخر به ڇو سرڪاري وڪيل اليگزي ڪرامازوف جي شاهديءَ کي، جيڪا ايتري سچائيءَ ۽ خلوص سان پاڻيهي ئي قائل ڪندڙ انداز ۾ ڏني وئي، قبول نٿو ڪري؟ ۽ ڇو هو بجاءِ ايئن ڪرڻ جي، اسان کي ڪنهن جهير چير ۾، اڊولفو جي اونداهي بنديخاني ۾ لڪل رقم کي وسهڻ تي مجبور ٿو ڪري؟“
”ساڳئيءَ سانجهيءَ جو پنهنجي ڀاءُ سان ڳالهائڻ کان پوءِ هن اهو موتمار خط لکيو ۽ اهو خط قيديءَ جي خلاف مکيه ۽ ڳري ۾ ڳري ثابتي آهي ته ڦـُـر هن ڪئي هئي! ’مان هر ڪنهن کان پنندس، ۽ جي نه مليم ته جيئن ئي ايون ويندو، تيئن ئي پيءُ کي ماري ڇڏيندس، ۽ گلابي پٽيءَ وارو لفافو گاديلي هيٺان ڪڍي وٺندس.‘ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو خون ڪرڻ جو مڪمل پروگرام هو. ان ڪري خوني هو ئي آهي. سرڪاري وڪيل واڪو ٿو ڪري، ’جيئن هن لکيو، تيئن ئي ڪيو ويو.“
”پر پهريون ته اهو هڪڙي پيتل ماڻهوءَ جو خط آهي، ۽ سخت چڙ جي حالت ۾ لکيو ويو هو، ٻيو ته لفافي جو ذڪر سميرڊياڪوف کان وري ان بابت ٻڌي ٿو ڪري، نه ته پاڻ اهو لفافو ڪونه ڏٺو اٿائين، ٽيون ته هـُـن اهو برابر لکيو پر اوهان ڪيئن ثابت ڪندا ته هن ائين ڪيو به هو؟ ڇا قيديءَ اهو لفافو وهاڻي جي هيٺيان کنيو، ڇا هن کي رقم ملي، ڇا رقم سچ پچ هئي؟ ياد ڪريو، ڇا قيدي رقم کڻڻ لاءِ ڀڳو آيو هو؟ هو چوري ڪرڻ لاءِ نه پر اهو ڏسڻ آيو هو ته هوءَ، جنهن کيس نهوڙي رکيو هو، اُتي هئي يا نه. هو ڪنهن پروگرام تي عمل لاءِ، جيڪو لکيو هئائين، تنهن تي عمل لاءِ نه ڀڳو آيو هو، جيڪي لکيو هئائين يعني اڳ رٿيل ڦر جي لاءِ نه، پر رقابت وچان غضبناڪ ٿي ڀڳو آيو هو. هائو! مون کي ٻڌايو ويندو، پر جڏهن هو اتي پهتو ۽ پيءُ کي ماري ڇڏيائين، تڏهن رقم تي پڻ قبضو ڪيائين . پر ڇا هن سچ پچ خون ڪيو هو؟ ڦر جو الزام مان چڙي رد ٿو ڪريان. ڪنهن ماڻهوءَ کي ڦر جو ڏوهه تڏهن نٿو ڏيئي سگهجي، جڏهن اهو پڪ سان چوڻ ناممڪن هجي ته ڇا چورايو ويو آهي. اهوئي قاعدو آهي. پر ڇا هن خون بنا ڦر جي ڪيو؟ ڇا هن سچ پچ خون ڪيو؟ ڇا اهو ثابت ٿي چڪو؟ ڪٿي اهو پڻ رومانس ته نه آهي؟

باب ٻارهون: ۽ خون پڻ ڪونه ٿيو هو

”جيوريءَ جا صاحبو، اوهان کي ياد ٿو ڏياريان ته هڪ ماڻهوءَ جي حياتي داءَ تي لڳل آهي، ۽ اوهان تي لازم آهي ته احتياط کان ڪم وٺو. اسان سرڪاري وڪيل تکي پاڻ اهو مڃيندي ٻڌو ته اڄ کان پهرين تائين هو قيديءَ تي اڳ- رٿيل خون جي ڏوهه رکڻ کان هٽڪيو ٿي، هو تيستائين هٽڪندو رهيو، جيستائين هن اهو موتمار نشي ۾ لکيل خط نه ڏٺو، جيڪو اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. ’سڀ تيئن ڪيو ويو جيئن لکيل هو.‘ پر مان وري به اهو ورجايان ٿو ته هو پنهنجي پرينءَ ڏانهن ڀڳو هو، کيس ڳولڻ لاءِ، اهو ڏسڻ لاءِ ته هوءَ ڪٿي هئي. اها حقيقت اهڙي آهي، جنهن کي تڪراري نه ٿو چئي سگهجي. جيڪڏهن هوءَ گهر هجي ها ته هو ڀڳو نه وڃي ها، پر سندس ڀر ۾ موجود رهي ها، ۽ اهو نه ڪري ها، جيڪو خط ۾ لکيو هئائين. هو اُمالڪ ۽ اتفاق سان ڀڳو آيو هو، ۽ تيستائين شايد پنهنجو نشي ۾ لکيل خط ياد به نه رهيو هوس. هو چون ٿا ته هن مهري جهٽ هڻي کنئي، ۽ اوهان کي ياد هوندو ته ان مهريءَ جي مٿان نفسيات جو هيڏو سارو مانڊاڻ کڙو ڪيو ويو- ته هن مهريءَ کي هٿيار ڪري ڏٺو ۽ جهڙپ هڻي کنيائين، وغيره. اتي منهنجي ذهن ۾ هڪ عام خيال آيو آهي: جيڪڏهن ان مهريءَ تي نظر نه پوي ها، تختي تي پيل نه هجي ها جتان اها جهڙپي کنئي وئي، الماڙيءَ ۾ رکيل هجي ها ته پوءِ قيديءَ کي اها نظر نه اچي ها ۽ هو هٿيار کان سواءِ خالي هٿين ڀڳو هليو وڃي ها، ته پوءِ هو پڪ ئي پڪ ڪنهن کي به ڪونه ماري ها. مان مهريءَ کي اڳ - رٿڻ جي ثابتي ڪيئن سمجهان؟“
”ها، پر هن گـُـتن ۾ پنهنجي پيءُ کي مارڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ۽ ٻه ڏينهن اڳ، تنهن سانجهيءَ جو جڏهن هن اهو خط لکيو، تڏهن هو چپ هو ۽ رڳو هڪڙي هٽئيءَ سان وڙهيو ڇو ته هڪ ڪرامازوف جهيڙي کانسواءِ رهي نٿو سگهي، برابر! پر مون وٽ ان جو جواب هيءُ آهي ته جيڪڏهن هو، پنهنجي خط موجب، خون جي سٽ سٽي رهيو هو ته ڪنهن هٽئيءَ سان ڪو نه وڙهي ها، ۽ گهڻو ڪري ڪنهن گتي ۾ ئي نه وڃي ها، ڇو ته اهڙي سٽ سٽيندڙ ماڻهو ماٺ ۾ ۽ ڪنڊائتو رهڻ چاهيندو آهي، پاڻ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪنهن کي نظر اچڻ ۽ ٻڌجڻ کان بچڻ جي ڪندو آهي، ۽ اهو سڀ سوچي سمجهي نه پر جبلت جي ڪندو آهي. جيوريءَ جا صاحبو، نفسياتي طريقو ٻٽي ڌار وارو هٿيار آهي، ۽ اسان به اهو ڪم آڻي سگهون ٿا. سارو مهينو گتن ۾ ڪيل واڪا ئي وٺو. ڇا ٻار ۽ گتن مان ٻاهر ايندڙ پياڪ واڪا نه ڪندا آهن: ’ماري وجهندو مان‘ پر هو ڪنهن کي به ڪونه ماريندا آهن. ۽ اهو موتمار خط، ڇا اها پيتل چڙ نه آهي؟ اهو پڻ رڳو جهيڙاڪ جي گتي جي ٻاهران باهوڙ نه آهي ڇا؟ ’مان توهان کي ماري ڇڏيندس! هڙنيءَ کي ماري ڇڏيندس!‘ ڇو اهو خط اهو نٿو ٿي سگهي؟ اسان ان خط کي ’موتمار‘ ڇو چئون، واهيات ڇو نه چئون؟ ڇاڪاڻ ته قيديءَ جي پيءُ جو خون ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪڙي شاهد قيديءَ کي باغ منجهان ڀڄندي ڏٺو، جنهن ڌڪ هڻي ڪيرائي رکيس، انهيءَ ڪري اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو: سڀ ڪجهه ائين ئي ڪيو ويو، جيئن هن لکيت ۾ رٿيو هو، سو خط ’واهيات‘ نه پر ’موتمار‘ آهي.“
”خدا جو شڪر آهي جو اسان هاڻ اصل ڳالهه تي پهتا آهيون: ’جيئن ته هو باغ ۾ هو، ان ڪري لازمي طرح هن ئي قتل ڪيو هوندو.’ انهن ٿورن لفظن ‘ جيئن ته هو، ان ڪري لازمي طرح هن’ ۾ سرڪاري ڌر جو سڄو ڪيس سمايل آهي. هو اتي هو. سو هن لازمي طرح ڪيو هوندو، ۽ سندس اتي هجڻ جي باوجود ان ۾ ’لازمي طرح‘ نه هجي ها ته پوءِ؟ ها، مان مڃان ٿو ته شاهدين - اتفاقن - جي زنجير مان سچ پچ ائين ٿو ڀاسي. پر انهن سڀني حقيقتن کي، سندن هڪ ٻئي سان لاڳاپي کان رک ٽار ڪندي، الڳ الڳ پرکي ڏسو. مثال طور، سرڪاري ڌر قيديءَ جي انهيءَ بيان کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ته هو پيءُ جي دريءَ وٽان ڀڄي آيو هو. اها ٽوڪبازي ياد ڪريو، جيڪا سرڪاري وڪيل قيديءَ تي اوچتو طاري ٿيندڙ ’ادب‘ ۽ ’نيڪ‘ جذبن جي حوالي سان ڪئي. پر جيڪڏهن اهڙو ڪو جذبو هو، جي پٽ جو پيءُ لاءِ ادب نه ته مذهبي ڏيا ته پوءِ؟ ’امڙ ضرور ان وقت مون کي دُعا ڪري رهي هوندي. ’اهي هئا قيديءَ جا شروعاتي پڇاڳاڇا وقت چيل لفظ، ۽ جيئن ئي هن کي پڪ ٿي ته مادام سويتلوف سندس پيءُ جي گهر ڪانهي، تيئن ئي هو اُتان ڀڄي نڪتو. سرڪاري وڪيل جو اعتراض آهي، ’پر هو دريءَ کان ڏسي پڪ نه ڪري سگهيو هوندو.‘ ڇو نه ڪري سگهيو هوندو؟ ڇو؟ قيديءَ جي اشاري تي دري کليل رکي وئي هئي. فيودور پاولووچ متان ڪو لفظ ڳالهايو هجي، ڪو واڪو، ڪا دانهن ڪئي هجي، جنهن مان قيديءَ سهي ڪيو هجي ته هوءَ اتي ڪانه هئي. ڇو اسان ڪائي ڳالهه تصور ۾ آڻيون، جيئن ان کي تصور ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪريون، تيئن اها مڃون به کڻي؟ حقيقت ۾ هزارين ڳالهيون اهڙيون به ٿينديون آهن، جيڪي اونهي ۾ اونهي تصور ۾ به نه اينديون آهن.“
”ها، پر گريگوريءَ در کليل ڏٺو هو، سو قيدي يقيني طرح اندر ويو هوندو، ان ڪري هن ئي کيس قتل ڪيو، جيوريءَ جا صاحبو، هاڻي در کي ٿا وٺون. ڌيان رهي ته ان در بابت اسان وٽ رڳو هڪڙي شاهد جو بيان آهي، پر ان شاهد جي ان وقت اهڙي حالت هئي- پر کڻي ٿا مڃون ته در کليل هو، کڻي ٿا مڃون ته قيديءَ ان جي ترديد ڪري ڪوڙ ڳالهايو آهي، پاڻ کي بچائڻ جي جبلت کان جو قيديءَ واريءَ صورت ۾ اهو بلڪل سڀاويڪ هو، کڻي ٿا مڃون ته هو سچ پچ گهر اندر ويو هو- هون، پوءِ ڇا؟ اهو نتيجو ڪيئن ٿو نڪري ته خون هن ڪيو؟ هو ڌوڪي پيو هجي، ڪمرا ڊوڙندو ڏسندو ويو هجي، پيءُ کي ڌڪو ڏيئي پري ڪيو هجيائين، ۽ جيئن ئي پڪ ٿي هجيس ته مادام سوتيلوف اُتي ڪانهي، اُتان ڊوڙندو نڪري آيو هجي، انهيءَ ڳالهه تي خوش ٿيو هوندو ته هوءَ اُتي ڪانه هئي، ۽ هن پيءُ کي ڪونه ماريو. ۽ شايد ان ڪري ته هو پيءُ کي مارڻ جي ڌُتار کان بچي ويو، ان ڪري ته هن جو ضمير صاف هو ۽ هو کيس نه مارڻ تان خوش هو. هو نج جذبن جي قابل هو، ڪهل ۽ ڪهڪاءَ جي جذبن جو، ۽ هو ويرم پوءِ گريگوريءَ کي اُتاولي جوش وچان ڊاهي رکڻ کان پوءِ سندس واهر لاءِ لوڙهو ٽپي ٿو.“
”سرڪاري وڪيل زبردست فصاحت ۽ بلاغت سان موڪروءِ قيديءَ جي خوفناڪ ذهني حالت بيان ڪئي، جڏهن محبت سندس سامهون موجود هئي ۽ کيس نئين حياتيءَ ڏانهن سڏي رهي هئي، پر هن لاءِ محبت ناممڪن هئي، ڇو ته پيءُ جو رتورت مڙهه پٺيان هيس ۽ مڙهه کان اڳتي هئي ڪرڻي ڀرڻي، ۽ پوءِ به سرڪاري وڪيل هن لاءِ محبت ماڻڻ جي گنجائش، پنهنجي حساب سان، قيديءَ جي نشي واري حالت بابت، ڏوهاريءَ کي ڦاسيءَ گهاٽ ڏانهن وٺي وڃڻ بابت، ان جي اڃا پري هجڻ وغيره بابت ڳالهائڻ جاير رکيو. پر پوءِ به مان پڇان ٿو، وڪيل صاحب، ڪٿي اوهان نئين شخصيت ته ايجاد نه ڪري ويٺا آهيو؟ ڇا قيدي ايترو اڻگهڙيو ۽ اڻاسو آهي جو ان وقت، جنهن وقت سندس هٿ پيءُ جي رت سان رڱيل هئا، تنهن وقت هو سزا کان بچڻ جي طريقن ۽ محبت ماڻڻ بابت سوچي رهيو هو؟ نه، نه، نه! جڏهن اهو چٽيءَ طرح سامهون آيو ته هوءَ ساڻس پيار ٿي ڪري ۽ پنهنجي پاسي ۾ ٿي سڏيس، تڏهن، مان زور ڏيئي چوان ٿو، تڏهن سندس آپگهات ڪرڻ وارو پـُـو، ضرور ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو هوندو. ۽ جيڪڏهن پيءُ کي سچ پچ ماريو هجيس ها ته ضرور پاڻ ماري ڇڏي ها، نه نه، هن ڪونه وساريو هوندو ته سندس پستول ڪٿي رکيل هو؟؟ مون کي قيديءَ جي خبر آهي، سرڪاري وڪيل هن سان جيڪا ڇتي ۽ پٿرائين بيدلي منسوب ڪئي آهي، سا هن جي سڀاءَ سان نٿي ٺهڪي. اها پڪي ڳالهه آهي ته هو پاڻ کي ماري ڇڏي ها. هن پاڻ کي نه ماريو ڇو ته ’سندس ماءُ جي دعائن کيس بچائي ورتو هو‘ ۽ هو پيءُ جي خون کان بيڏوهي هو. هو پريشان هو، ان رات هو موڪروءِ رڳو پوڙهي گريگوريءَ لاءِ ترسيل هو ۽ خدا کي ٻاڏائي رهيو هو ته پوڙهو سنئين لڱين ٿئي، ته سندس ڌَڪُ موتمار نه هجي، ۽ کيس ان تان ڀوڳڻو نه پوي. حقيقتن جي اها سمجهاڻي ڇو نه قبول ڪئي وڃي؟ اسان وٽ ڪهڙو ويساهه جوڳو ثبوت آهي ته قيدي ڪوڙ پيو ڳالهائي؟“
”پر اسان کي هڪ ڀيرو وري ٻڌايو ويندو، ’سندس پيءُ جو مڙهه جو پيو آهي! جي هو کيس مارڻ کان سواءِ نڪتو هليو ويو هو ته پڻس کي ڪنهن ماريو؟‘ مان ورجايان ٿو، سرڪاري ڌر جي سڄي منطق اجها اها آهي. جي هن نه، ته کيس ڪنهن ماريو هو؟ ڪو به ڪونهي، جنهن کي سندس جاءِ تي رکجي.“
”جيوريءَ جا صاحبو، ڇا سچ پچ ائين ئي آهي؟ ڇا اهو قطعي طرح ۽ واقعي صحيح آهي ته ٻيو ڪو به ڪونهي؟ اسان سرڪاري وڪيل کي اهي سڀ آڱرين تي ڳڻيندي ٻڌو آهي، جيڪي ان رات گهر ۾ هئا. اهي پنج هئا. منجهائن ٽي مان مڃان ٿو ته جوابدار نٿا ٿي سگهن. مقتول پاڻ، پوڙهو گريگوري ۽ سندس زال. باقي بچيا قيدي ۽ سميرڊياڪوف، ۽ سرڪاري وڪيل ڊرامائي انداز ۾ واڪو ڪري ٿو ته قيديءَ سميرڊياڪوف ڏانهن اشارو ڪيو ڇو ته سندس نظر ۾ ٻيو ڪو ڪونه هو، ۽ جي ڪو ڇهون ماڻهو هجي ها يا ان جو پرياءُ ئي هجي ها ته هو هڪدم پشيمان ٿي سميرڊياڪوف کي ترڪ ڪري ها ۽ ان ڇهين ماڻهوءَ تي ڏوهه رکي ها. پر، جيوريءَ جا صاحبو، ڇو نه مان اُبتڙ نتيجو ڪڍان؟ ٻه ڄڻا قيدي ۽ سيمرڊياڪوف آهن. مان اهو ڇو نه چوان ته اوهان منهنجي اصيل تي انهيءَ ڪري ڏوهه ٿا رکو جو اوهان وٽ ٻيو ڪو ڏوهه رکڻ لاءِ ڪونهي؟ ۽ اوهان وٽ ڪو ٻيو انهيءَ لاءِ ڪونهي جو اوهان سميرڊياڪوف کي هر شڪ کان ٻاهر رکڻ جو پختو پهه ڪري چڪا آهيو.
”تحقيق اهو صحيح آهي ته سميرڊياڪوف تي ڏوهه رکڻ وارا فقط قيدي، سندس ٻه ڀائر ۽ مادام سويتلوف آهن. پر ٻيا به آهن، جيڪي مٿس ڏوهه رکن ٿا: سوال جا، شڪ جا، مبهم اطلاع جا، امڪان جي احساس جا اُڏندڙ افواهه آهن. آخر ۾، اسان وٽ حقيقتن جي ميلاپ جي ڏاڍا ڏَسَ ڏيندڙ ساک آهن، جا، مان مڃان ٿو، ڪافي نه آهي. اسان وٽ پهرين آهي ٺيڪ ان ڏينهن پوندڙ دورو، جنهن جي سچائيءَ جو سرڪاري وڪيل ڪنهن سبب کان، وڏي هشياريءَ سان بچاءُ ڪيو آهي. ان کان پوءِ اچي ٿو سميرڊياڪوف جو، ڪيس هلڻ کان ترت اڳ اوچتو آپگهات ڪري ڇڏيو. پوءِ آهي اوتري ئي ڇرڪائيندڙ شاهدي، جيڪا قيديءَجي وڏي ڀاءُ، جنهن کي ننڍي ڀاءُ جي بي گناهيءَ جي پڪ هئي، اڄ ڪورٽ ۾ ڏني ۽ نوٽن جي ٿهي پيش ڪري سميرڊياڪوف کي ڏوهي ٺهرايو. هائو، مان سرڪاري وڪيل ۽ ڪورٽ سڳوريءَ جي انهيءَ خيال سان سهمت آهيان ته ايون ڪرامازوف کي ڪاپاري تپ آهي، ته سندس چريائپ جي حالت ۾ ڏنل بيان هڪ مئل ماڻهوءَ تي ڏوهه رکي پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ جي چوٽ تي پهتل نراسائي مان ڪيل ڪوشش به ٿي سگهي ٿو. پر وري سميرڊياڪوف جو نالو ورتو وڃي ٿو ۽ اسرار جو ڏس ملي ٿو. ڪائي ته ڳالهه آهي جا اپٽاري نه وئي آهي، جا اڻپوري آهي، ۽ شايد اها ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اُپٽاري وڃي. پر هينئر اسان ان ۾ نٿا وڃون، ان کي پوءِ ڏسبو.“
”ڪورٽ سڳوريءَ ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکڻ جو پهه ڪيو آهي، پر انهيءَ وچ ۾ سرڪاري وڪيل سميرڊياڪوف جي ڪردار جو جنهن صفائيءَ ۽ ڏات سان نقشو چٽيو آهي، مان تنهن بابت ٻه چار ڳالهيون ڇو نه چئي وٺان. مان هن جي ڏات کي واکاڻيان ٿو، پر ساڻس سهمت نٿو ٿي سگهان. مان سميرڊياڪوف سان مليو آهيان، ساڻس ڳالهائي ڏٺو اٿم، هن مون تي بنهه ٻيو اثر ڇڏيو. هو صحت ۾ هيڻو، پر سڀاءَ ۾، حوصلي ۾، سرڪاري وڪيل جي نقشي جي برخلاف، هيڻو نه هو. سرڪاري وڪيل جي خيال ۾ هو ڊڄڻو هو، پر مون هن ۾ انتهائي درجي جي بدگماني ڏٺي، جا سادگيءَ جي تهه هيٺ لڪايل هئي، ۽ چڱو خاصو عقل وارو به هو. کيس ڪم عقل سمجهڻ سرڪاري وڪيل جي سادائپ آهي. هن مون تي تمام واضح تاثر ويهاريو: هن وٽان اٿڻ سان مون کي پڪ ٿي وئي ته هو وڏو ڪيني وارو، بيحد هوَسي، وير وٺو ۽ سخت ساڙ سڙيو آهي. مون هن بابت پڇائون ڪيون: هن کي پنهنجي انس تي چڙ ۽ شرم ايندو هو، ۽ اهو سارڻ تي ڏند ڪرٽيندو هو ته هو ان ڌپ ڪيل لزاويٽا جو پٽ هو. هو نوڪر گريگوريءَ ۽ سندس زال، جن کيس ٻار وتڻ ۾ پاليو هو، تن سان گستاخي ڪندو هو، هو روس کي پٽيندو ۽ ان تي ڇٿرون ڪندو هو، فرانس وڃڻ ۽ فرانسي ٿيڻ جا سپنا ڏسندو هو، اڪثر دانهيندو هو ته وٽس ائين ڪرڻ جا وسيلا ڪونهن. منهنجو خيال آهي ته هن جو ڪنهن سان به پيار ڪو نه هو، سواءِ پاڻ جي، ۽ پاڻ کي ڪا وڏي شئي سمجهندو هو. هن ۾ سڌريلائيءَ بابت ويچار سٺن ڪپڙن، اُجرين قميصن ۽ چمڪندڙ بوٽن تائين محدود هو. پاڻ کي فيودور پاولووچ جو حرامي پٽ (ان جي ثابتي موجود آهي) ڄاڻڻ جي ڪري هو پنهنجي مالڪ جي حلالي پٽن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي حيثيت تي ضرور خار کائيندو هوندو. هنن وٽ سڀڪجهه هو، يا هن وٽ ڪجهه به نه، هنن کي سڀ حق هئا، هو وارث هئا، جڏهن ته هي ڇڙو بورچي هو. هن پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته هن فيودور پاولووچ کي لفافي ۾ نوٽ وجهڻ ۾ هٿ ونڊايو هو. اها رقم، جنهن مان سندس حياتي ٺهي وڃي ها، ان جو ماڳ ضرور هن لاءِ ڌڪار جوڳو هوندو. ان کان سواءِ، هن ٽن هزارن روبلن جا نوان انڊلٺ جي رنگن وارا کڙاڪيدار نوٽ ڏٺا ها (مون کانئس ڄاڻي واڻي اهو پڇيو هو). ڪنهن هوسي ۽ حاسد ماڻهوءَ کي هڪ ئي وقت وڏي رقم ڏيکارڻ کان پاسو ڪريو. هن اڪيلي ماڻهوءَ جي هٿن ۾ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي رقم ڏٺي هئي. انڊلٺ جي رنگن وارن نوٽن ٿي سگهي ٿو ته هن جي سوچ تي روڳي اثر وڌو هجي، پر ان جا ترت نتيجا ڪونه نڪتا.
”ٻهگڻي سرڪاري وڪيل وڏي هوشياريءَ سان اسان جي آڏو ان انومان جي فائدي ۽ مخالفت ۾ دليل پيش ڪيا ته سميرڊياڪوف ڏوهي هو يا نه، ۽ اسان کان خاص طور تي پڇيائين ته هن وٽ دوري جي مـِـنهن ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو. پر ٿي سگهي ٿو ته هن مـِـنهن نه ڪيو هجي ۽ دورو سچ پچ پيو هجيس، ۽ سچ پچ ڇڏي ويو هجيس، شايد پوريءَ طرح نه، پر هو سرت ۾ اچي ويو هجي، جيئن مرگهيءَ جي مريض سان ٿيندو آهي.“
”سرڪاري وڪيل پڇي ٿو ته سميرڊياڪوف ڪهڙي گهڙيءَ خون ڪيو هوندو. پر اها گهڙي وڏي سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. متان هو ان گهڙيءَ گهري ننڊ مان جاڳيو هجي (ڇا لاءِ ته هو ستل هو، مرگهيءَ جي دوري کان پوءِ هميشه گهري ننڊ کڄي ويندي آهي)، جنهن گهڙيءَ پوڙهي گريگوريءَ وڏي واڪي دانهن ڪئي هئي: ’پيءُ گهات!‘ اوندهه ۽ سانت ۾ انهيءَ دانهن سميرڊياڪوف کي جاڳائي ڇڏيو هوندو، يا ٿي سگهي ٿو ته هو ڪلاڪ اڳ پنهنجو پاڻ جاڳي پيو هجي.“
”هو هنڌ تان لهي ذري گهٽ بيخياليءَ ۾ ۽ بنا ڪنهن خاص مقصد جي، دانهن جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو. هن جو مٿو دوري پوڻ جي ڪري اڃا گهوماٽيل آهي، ۽ سندس حواس اڃا اڌ سـُـتل آهن! پر باغ ۾ پهچي هو بتي ٻريل دريءَ ڏانهن ڏسي ٿو، جتي هو مالڪ کان، جيڪو کيس ڏسي ضرور خوش ٿيو هوندو، ڏاڍي خراب خبر ٻڌي ٿو. هن جو دماغ هڪدم ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. هو پنهنجي مالڪ کان سمورو تفصيل ٻڌي ٿو، ۽ هري هري سندس گهوماٽيل مغز ۾ هڪ خيال روپ وٺي ٿو. خيال خوفناڪ آهي، پر ساڳي وقت هرکائيندڙ ۽ اهڙو دل سان لڳندڙ آهي جو ان کان پاڻ جهل نه ٿيندي، پوڙهي کي ماري ڇڏجي، ٽئي هزار روبل کڻجن، ۽ سڄو ڏوهه پٽهنس تي رکجي. جيئن ئي کيس احساس ٿيو هوندو ته هو ڪو نه ڦاسندو، تيئن ئي ڏوڪڙن جو، مال غنيمت جو موهه ويڙهي ويو هوندس. هاءِ، اهي اوچتا ۽ جهلڻ کان زور ريچڪ تڏهن اڪثر وٺ ڪندا آهن، جڏهن سڻائو وجهه هوندو آهي، ۽ خاص ڪري انهن خونين کي، جن اڳي ڪڏهن خون جو نه سوچيو هجي. سو سميرڊياڪوف متان اندر ويو هجي ۽ پنهنجي خيال تي عمل ڪيو هجيس. ڪهڙي هٿيار سان؟ ڇو، باغ مان کنيل سروٽي پٿر سان، پر ڇا لاءِ، ڪهڙي مقصد سان؟ ڇو، ٽن هزارن روبلن لاءِ، جن سان سندس حياتي ٺهي وڃڻي هئي. نه نه مان پاڻ کي رد نه ڏيئي رهيو آهيان . رقم جو وجود هوندو ۽ شايد رڳو سميرڊياڪوف کي پتو هو ته اها رقم ڪٿان لڀندي، سندس مالڪ ڪٿي رکندو هو، ۽ رقم جو ڍڪ فرش تي پيل ڦاٽل لفافو؟“
”سوير ڀرو جڏهن سرڪاري وڪيل پنهنجو اهو سيبتو نظريو پيش ڪري رهيو هو ته ڪرامازوف جهڙو ناتجربيڪار چور لفافو فرش تي پيل ڇڏي وڃي ها ۽ سميردياڪوف جهڙو ڪو همراهه پنهنجي خلاف ڪا ساک ڇڏڻ کان پاسو ڪري ها، تڏهن مون کي ٻڌڻ سان خيال آيو ته مان ڪائي اڳيئي ٻڌل ڳالهه ٻڌي رهيو آهيان، ۽ اوهان اعتبار ڪندا ته مان ٻه ڏينهن اڳ سميرڊياڪوف جي واتان ٻڌي چڪو هوس ته ڪرامازوف ڇا ڪري ها. اها ڳالهه ٻڌڻ سان ئي کـُـپي وئي هئم. مون کي خيال آيو هو ته هن ۾ هٿراڌو سادائپ هئي، ته کيس ان ڳالهه جي ڏس ڏيڻ جي اتاولائي هئي ته جيئن مان ان کي شايد پنهنجو خيال ڪري سمجهان. ائين کڻي چئجي ته هن اهو خيال اٽڪل سان ٽنبيو هو. ڇا هن اهو ساڳيو خيال اٽڪل سان پڇا ڳاڇا وقت ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي مغز ۾ ته نه ويهاري ڇڏيو ۽ سندس دل ۾ وڌو هو؟“
”مون کان پڇيو ويندو ته پوڙهي مائيءَ يعني، گريگوريءَ جي زال بابت ڇا ٿو چوان؟ هوءَ سڄي رات اگهي همراهه جو ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ ڀر وٽان ٻڌندي رهي هئي. هائو هوءَ ٻڌندي رهي هئي، پر اها ساک ڀروسي جوڳي بلڪل ناهي. مان هڪڙي ڪراڙيءَ کان واقف هوس، جنهن دانهون ڪيون هيون ته اڱڻ واري ڪتي کيس سڄي رات سمهڻ نه ڏنو هو. پوءِ خبر پئي ته ويچارو ڪتو رات جو رڳو هڪ يا ٻه ڀيرا ئي ڀونڪيو هو. پر ائين ٿيندو آهي. ڪو ستو پيو هوندو ۽ ڪنجهه ٻڌندو ته جاڳائڻ تي چڙندو. پر اوڏيءَ جو اوڏيءَ مهل وري سمهي رهندو، ۽ ٻه ڪلاڪ پوءِ وري ڪنجهه ٻڌي، وري اٿي پوندو ۽ وري سمهي رهندو، ۽ ٻه ڪلاڪ پوءِ وري ساڳي ڳالهه، سڄي رات ۾ ڪل ٽي ڀيرا. صبح جو اهو ستل همراهه جاڳڻ سان دانهن ڪندو ته ڪنهن کيس سڄي رات ڪنجهي ڪنجهي سمهڻ نه ڏنو، ۽ کيس اوس ائين ئي لڳندو. ننڊ ۾ ٻن ٻن ڪلاڪن جون وٿيون کيس ياد ئي ناهن، کيس رڳو جاڳ جون گهڙيون ياد آهن، سو هو سمجهي ٿو ته هو سڄي رات جاڳندو رهيو آهي.“
”سرڪاري وڪيل پڇي ٿو ته هن آخري خط ۾ باسيو ڇو نه؟ ڇو هن جي ضمير کانئس هڪڙي وک کڻائي، ٻي نه؟ پر معاف ڪجو، ضمير جو مطلب آهي پڇتاءُ، ۽ آپگهاتي رڳو نراسائي محسوس ڪندو ۽ پڇتاءُ نه. نراسائي ۽ پڇتاءُ ٻه بنهه الڳ الڳ شيون آهن. نراسائي وير وٺو ۽ پرچاءُ نه ڪندڙ ٿي سگهي ٿي، ۽ آپگهاتيءَ کي پاڻ ۾ هٿ وجهندي انهن لاءِ ڌڪار ٻيڻو ٿيندو محسوس ٿيو هوندو، جن کان هو ساري ڄمار سڙندو رهيو هو.“
”جيوريءَ جا صاحبو، نا انصافيءَ کان خبردار رهجو! مون هينئر جيڪو اوهان جي آڏو رکيو آهي، تنهن ۾ ڇا آهي جيڪو ممڪن نه هجي؟ مون جيڪي دليل ڏنا آهن، تن ۾ ڪا غلطي آهي، ڪا اڻ ٿيڻي آهي، ڪا ڇسائي آهي ته ڳولي ڪڍو. پر جيڪڏهن منهنجن انومانن ۾ ذرڙو به انهن جي گهٽ يا وڌ ٿيڻ جوڳي هجڻ جو امڪان هجي ته قيديءَ کي ڏوهي نه ٺهرائجو. ۽ رڳو ذرڙو ڇو؟ مان هر سڳوري شئي جو قسم کڻي ٿو چوان ته خون جي جيڪا سمجهاڻي مون پيش ڪئي آهي، مان ان ۾ پورو پورو ويساهه رکان ٿو. مون کي جا ڳالهه اُلڪائي ۽ چڙ ٿي ڏياري، سا هيءَ آهي ته سرڪاري ڌر قيديءَ جي خلاف جن حقيقتن جو مانڊاڻ کڙو ڪيو آهي، تن ۾ ڪا هڪ به اهڙي ڪانهي جيڪا يقيني هجي ۽ رد نه ٿي سگهي، ان هوندي به انهن حقيقتن جو ڪٺ هن اڀاڳي انسان کي برباد ڪري ڇڏيندو. هائو، مجموعي تاثر ڏاڍو ڀوائتو آهي: رَتُ، سندس آڱرين مان ٽمندڙ رت، رت هاڻي قميص، ڪاري رات ۾ ”پيءُ گهات!“ جو واڪو، ۽ پوڙهي جو ڦاٽل مٿي سان ڦهڪو. ۽ پوءِ ٻولن، بيانن، تالن پکالن، رڙين واڪن جو سٿ! ووءِ ووءِ! اهو ڪيڏو نه اثر ٿو ڪري، ۽ اهو ذهن کي پنهنجي پاسي لاڙي سگهي ٿو. ياد رکو، اوهان کي ٻڌ ڇوڙ جو قطعي اختيار ڏنو ويو آهي، ۽ اختيار جيترو وڌيڪ هوندو آهي، جوابداري به اوتري ئي ڳري ٿئي ٿي.“
”مون هينئر جيڪي چيو آهي، ان مان ذرو به واپس نٿو وٺان، پر گهڙي پل لاءِ سمجهو کڻي ته مان سرڪاري ڌر سان سهمت آهيان ته منهنجي اڀاڳي اصيل پنهنجا هٿ پيءُ جي رت سان رڱيا آهن، مان ورجايان ٿو ته اهو رڳو انومان ئي آهي، مون کي پنهنجي اصيل جي بيگناهيءَ ۾ تر جيترو به شڪ ڪونهي، پر کڻي ٿو مڃان ته منهنجو اصيل ”پيءُ گهات“ جو ڏوهاري آهي. ان هوندي به جيڪي مان چوان سو ٻڌو. منهنجي دل ٿي چوي ته اوهان آڏو ڪجهه وڌيڪ چوان ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته اوهان جي دلين ۽ دماغن جي وچ ۾ وڏو موجود هوندو... مون کي اوهان جي دلين ۽ دماغن جي حوالي ڏيڻ تان معاف ڪندا. پر، جيوريءَ جا صاحبو، مان پڇاڙيءَ تائين دل جي حضور سان سچ ڳالهائڻ چاهيان ٿو !“
ان تان تاڙين جي ڪيقدر زوردار ڦهڪي تقرير ۾ رخنو وڌو. تحقيق، آخري لفظ ايتري ته دل جي حضور سان اُچاريا ويا هئا جو هر ڪنهن کي لڳو ته هن کي ڪجهه وڌيڪ چوڻو هوندو، ۽ جيڪي چوڻو هوندس، سو وڏي اهميت وارو هوندو. پر صدر تاڙين جو ڦهڪو ٻڌندي ئي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن وري ائين ٿيو ته هو ڪورٽ خالي ڪرائي ڇڏيندو. هر آواز بند ٿي ويو، ۽ فيتيوڪووچ پنهنجي تقرير وري شروع ڪئي ته سندس آواز هيلتائين جنهن لهجي ۾ ڳالهايو هئائين، تنهن کان بلڪل مختلف احساس سان ڀريل هو.

باب تيرهون: سوچ ويچار جو کاريندڙ

”جيوريءَ جا صاحبو،“ هو شروع ٿيو، ”اهو رڳو حقيقتن جو ڪٺ ناهي، جنهن کان منهنجي اصيل کي ناس ٿيڻ جو جوکو آهي، پر هڪ ٻي ڳالهه هن جي لاءِ وڌيڪ جوکائتي آهي، سندس پيءُ جو مڙهه. جي اهو ڪنهن عام خون جو مامرو هجي ها ته اوهان ساک جو هر ڀاڱو الڳ الڳ تڪي توري ان جي خسيس، اڻپوري ۽ وائڙي هجڻ تان الزام رد ڪري ڇڏيو ها، يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ انسان جي حياتي تعصب ۾ برباد ڪرڻ کان هٻڪو ضرور ها. ان تعصب جو هو پوريءَ طرح لائق به آهي. پر هيءُ خون جو ڪو عام مامرو نه آهي، اهو ”پيءُ گهات!“ جو مامرو آهي. ان جو اهڙو هجڻ ذهن کي متاثر ڪري ٿو، ايتري حد تائين جو بي تعصب ذهن به ساک کي ان کان گهٽ اڻپورو ۽ خسيس سمجهڻ لڳي ٿو، جيتري قدر اها سچ پچ ٿئي ٿي. ڪنهن قيديءَ کي ڪيئن بيگناهه ٺهرائي سگهجي ٿو؟ هر ڪو پنهنجيءَ دل ۾، ذري گهٽ بنا ارادي جي جبلتي طرح ائين سوچي ٿو.“
”هائو پيءُ جو رت وهائڻ تمام ڀوائتي ڳالهه آهي، پيءُ، جنهن مون کي جنميو، پيار ڏنو، منهنجي خاطر پنهنجو خيال نه ڪيائين، منهنجي ننڍپڻ کان منهنجي اگهائيءَ تان ڏکارو رهيو، منهنجي خوشيءَ خاطر سڄي عمر پاڻ پتوڙيائين، ۽ منهنجين خوشين ۽ منهنجين ڪاميابين ۾ گهاريائين. اهڙي پيءُ کي مارڻ خيال ۾ ئي نٿو اچي. جيوريءَ جا صاحبو، پيءُ، سچو پيءُ ڪهڙو هجي ٿو؟ انهيءَ مهان لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟ انهيءَ نالي ۾ ڪهڙو مهان خيال سمايل آهي؟ اسان هينئر هينئر سچي پيءُ جا ڪجهه اهڃاڻ ٻڌايا، ۽ هن کي ڇا هئڻ جڳائي، جنهن مامري ۾ اسان هن وقت اونها ڳتل آهيون ۽ جنهن تان اسان جون دليون پيڙا ۾ آهن، يعني موجوده مامري ۾ ”پيءُ“ يعني فيودور پاولووچ ڪرامازوف، پيءُ جي تنهن تصور سان ڪو نه ٿو ٺهڪي، جنهن جو اسان هينئر حوالو ڏنو. اها ئي بدنصيبي آهي، ۽ تحقيق ڪي پيئر به بدنصيب هوندا آهن. اچو ته انهيءَ بدنصيبي کي وڌيڪ ويجهائيءَ کان جاچيون: جيوريءَ جا صاحبو، اوهان کي جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي، تنهن جي اهميت کي آڏو رکندي، اسان کي ڪنهن به ڳالهه کان ڪيٻائڻ نه کپي. اهو اسان جو مکيه فرض آهي ته، جيئن ٻهڳڻو سرڪاري وڪيل چوي ٿو، ڪنهن به خيال کان ٻارن يا ڊنل عورتن وانگر نه ڪيٻايون.“
”پر پنهجي گرماگرم تقرير ۾ منهنجي مخالف (اهو منهنجي وات کولڻ کان اڳ ئي منهنجو مخالف ٿي ويو هو) ڪيترائي ڀيرا اعلان ڪيو ’او مان قيديءَ جو بچاءَ ان وڪيل تي نه ڇڏيندس، جيڪو پيٽرسبرگ کان آيو آهي، مان الزام رکان ٿو پر مان بچاءُ به ڪيان ٿو!’ هن اهو اعلان ڪيئي ڀيرا ڪيو، پر اهو ذڪر ڪرڻ وسري ويس ته هن ڀيانڪ قيديءَ تي رڳو هڪڙي ئي ماڻهوءَ ڪهل کاڌي هئي، جنهن کيس پائونڊ بوهي مڱن جو ڏنو هو. ۽ هيءَ ان لاءِ ٽيويهه ورهيه ٿورائتو رهيو هو: اهو قيدي ڇا اهو ياد نه رکندو ته هو ٻاروتڻ ۾ پيءُ جي پوئين باغ ۾ ائين ڊوڙندو وتندو هو جو، مهربان ڊاڪٽر هرزينٽوب چواڻيءَ، ’پيرن ۾ بوٽ ڪونه هوندا هيس ۽ لنڊي پتلون هڪ بٽڻ تي لڙڪندي رهندي هيس؟“
”جيوريءَ جا صاحبو، اسان انهيءَ بدنصيبيءَ کي ويجهائيءَ کان وڌيڪ ڇو ڏسون، ڇو جيڪي اڳيئي ڄاڻون ٿا، وري ورجايون؟ منهنجو اصيل جڏهن هت پنهنجي پيءَ جي گهر پهتو، تڏهن کيس ڇا پڙ پيو، ۽ کيس ڪٺور، خود غرص ۽ دئت ڪري ڇو پيش ڪريون؟ هو اجهل آهي، منهن زور ۽ ڇڙواڳ آهي- اِن تان اسان مٿس ڪيس هلائي رهيا آهيون- پر سندس اهڙي جيوت لاءِ جوابدار ڪير آهي؟ اهڙي شاندار سڀاءَ ۽ ٿورو مڃيندڙ ۽ ڏکڻي دل واري ماڻهوءَ جي اهڙي اڻسهائيندڙ پالنا لاءِ جوابدا ڪير آهي؟ کيس ڪنهن ڪا معقوليت جي سکيا ڏني؟ ڇا کيس پڙهائي روشن خيال ڪيو ويو؟ ڪنهن کيس ننڍي هوندي ٿورو ئي سهي پر قرب ڏنو؟ منهنجي اصيل کي جهنگ جي جانورن جيان رب جي آسري تي ڇڏي ڏنو ويو هو. جدائيءَ جي ڊگهن ورهين کان پوءِ شايد کيس پيءُ سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ هئي. هن پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪيو هوندو، جڏهن هن سپنن ۾ جن ڀوت ڏسي اُهي هزارين ڀيرا تڙيا هوندا، ۽ پيءُ کي ڳراٽڙي پائي کيس معاف ڪرڻ چاهيو هوندو. پر سندس انتظار ۾ ڇا هو؟ سندس آجيان رُکن طعنن، تنڪن، شڪن شبهن ۽ ڏوڪڙن تان وڙهڻ سان ڪئي وئي. هن کي روزانو برانڊي پيئندي بڇان ڏياريندڙ ڳالهيون ۽ بد نيت نصيحتون ٻڌڻيون پونديون هيون، ۽ انت هن پيءُ کي هن جي ئي ڏوڪڙن سان هن جي ئي پرينءَ کي ڌتاريندي ڏٺو. جيوريءَ جا صاحبو، اهو سخت ڪٺور ۽ بڇان ڏياريندڙ عمل هو! ۽ اهو پوڙهو هميشه پٽ جي بي ادبيءَ ۽ ڪٺورتا جون دانهون پيو ڪندو هو، هن سوسائٽيءَ ۾ مٿس تهمتون هنيون، کيس بدنام ڪيو، سندس گلائون ڪيون، سندس اڻ لاٿل اوڌرون ڪڍي کيس قيد تائين ڪرايو.“
”جيوريءَ جا صاحبو، منهنجي اصيل جهڙا ماڻهو مٿان ڀوائتا، ڇڙواڳ ۽ اجهل هوندا آهن، پر اندران ڪڏهن ڪڏهن بلڪ اڪثر ڪري ڏاڍا ڪونئرا هوندا آهن، توڻي جو ظاهر ناهن ڪندا. منهنجي ڳالهه تي کلو نه، کلو نه! ٻهڳڻو سرڪاري وڪيل ساجهر منهنجي اصيل تي شلر کي- اُتم ۽ سندر کي پسند ڪرڻ تان بيرحميءَ سان کليو هو! سندس جاءِ تي مان ان تان کلڻ نه چاهيان ها. هائو، اهڙا سڀاءَ- مون کي اهڙن سڀائن جي بچاءَ ۾ ڳالهائڻ ڏيو، جو انهن کي اڪثر ۽ بيدرديءَ سان غلط سمجهيو ويو آهي- اهي سڀاءَ سٻاجهائيءَ ۽ انصاف لاءِ ائين کڻي چئجي ته پنهنجي، پنهنجي ڇڙواڳيءَ، پنهنجي ڪرڙائيءَ جي برخلاف، اڪثر اڃايل هوندا آهن- هو ان لاءِ اڻسڌيا اڃايل هوندا آهن. مٿان ڪرڙا ۽ جوشيلا هوندي به، مثال طور، عورت سان پيڙا ڏيندڙ روحاني ۽ اُتانهين محبت ڪري سگهندا آهن. مون تي وري نه کلو، انهن سڀائن سان گهڻو تڻو اها ئي حالت هوندي آهي، پر پنهنجي موهه کي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو اڻ گهڙيل هوندو آهي، لڪائي نه سگهندا آهن، ۽ اهو پڌرو هوندو آهي، ۽ ڏٺو ويندو آهي، پر اندريون ماڻهو اڻڏٺل رهي ٿو. سندس موهه ترت ئي پورو ٿي ويندو آهي، پر هڪ اتم ۽ اعليٰ هستيءَ جي پاسي ۾ اهو بظاهر کهرو ۽ ڪرڙو انسان نئين سر جيئڻ چاهيندو آهي، پاڻ کي سڌارڻ، وڌيڪ چڱو ٿيڻ چاهيندو آهي، وڙائتو ۽ مانائتو ۽ پڻ، اتم ۽ سندر، ان اصطلاح جو ڀلي ڪيترو به مذاق اڏايو ويو هجي.“
”مون سوير ڀرو چيو ته مان پنهنجي اصيل جي مڱڻي جو ذڪر نه ڪندس. پر هڪ اڌ لفظ تڏهن به چوڻ مناسب سمجهان ٿو، اسان هينئر جيڪي ٻڌو، سو ساک نه پر هڪ جنون ۾ آيل ۽ وير تي سنبريل عورت جي وائي هئي، ۽ اهو سندس وڙ نه هو- ته کيس دغاباز چوي، ڇو ته هوءَ پاڻ کيس دوکو ڏيئي چڪي آهي! جيڪڏهن سوچڻ جو ٿورو به وقت ملي ها ته هوءَ اهڙي ساک نه ڏي ها. مٿس ويساهه نه ڪريو! نه منهنجو اصيل دئت ناهي، جيئن هوءَ چوي ٿي.“
”انسان ذات جي عاشق ٽياس تي چـڙهڻ کان اڳ چيو هو: ”آءٌ سٺو ريڍار آهيان. سٺو ريڍار پنهنجين رڍن لاءِ پنهنجي حياتي گهوري ٿو ته جيئن انهن مان ڪا هڪڙي رڇ به وڃائجي نه وڃي.’ شل اسان کان ڪنهن به ماڻهوءَ جي آتما نه وڃائجي!“
”مون هينئر پڇيو هو ته پيءُ جي معنيٰ ڇا آهي، ۽ چيو هوم ته اهو هڪ مهان لفظ ۽ املهه نالو آهي، پر، صاحبو، ماڻهوءَ کي لفظ سچيتائي سان واپرائڻ گهرجن، ۽ مان شين کي سندن صحيح نالن سان سڏڻ جو اُدم ڪيان ٿو: پوڙهي ڪرامازوف جهڙي پيءُ کي پيءُ نٿو چئي سگهجي، ۽ نه هو ان لائق آهي. هڪ نالائق پيءُ سان اولاد جو پيار لغو ۽ ناممڪن آهي. پيار نانهن مان پيدا نٿو ڪري سگهجي. رڳو خدا ئي نانهن مان ڪجهه پيدا ڪري سگهي ٿو.“
”حواري(1) پيار سان روشن دل سان لکي ٿو: ’پنهنجي اولاد کي چڙ ڏياري غضبناڪ نه ڪريو.‘ انهن پاڪ لفظن جو حوالو مان پنهنجي اصيل خاطر ڪو نه پيو ڏيان، بلڪ مان انهن جو ورجاءَ سڀني پيئرن لاءِ ٿو ڪريان. مون کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته پيئرن کي نصيحت ڪريان؟ ڪنهن به نه، پر مان هڪ انسان ۽ هڪ شهريءَ جي حيثيت ۾ التجا ٿو ڪريان - وات سان! اسان کي ڌرتيءَ تي گهڻو ناهي رهڻو. اسان گهڻائي ڪڌا ڪم ڪريون ٿا ۽ ڪئين ڪڌا ٻول ٻوليون ٿا. اچو ته ڪنهن سڻائي گهڙيءَ ۾ جڏهن اسان سڀ گڏ هجون، هڪ ٻئي کي ڪي چڱا ٻول ٻڌايون. مان اهوئي ڪري رهيو آهيان، مان هن هنڌ هجڻ جو مناسب فائدو وٺي رهيو آهيان. هي منصف اسان کي سڀن کان مٿانهين اختياري هرو ڀرو نه ڏنا آهن. سارو روس اسان کي ٻڌي رهيو آهي! مان رڳو هت موجود پيئرن سان مخاطب نه آهيان، مان سڀني پيئرن کي واڪو ڪري چوان ٿو: ’پيئرو، پنهنجي اولاد کي چڙ ڏياري غضبناڪ نه ڪريو.‘ هائو پهرين اسان پاڻ حضرت عيسيٰ جي حڪم جي پوئيواري ڪريون، ۽ پوءِ پنهنجي اولاد کان ان جي آس رکون، نه ته اسان پيئر نه پر پنهنجن اولادن جا دشمن هونداسون ۽ هو اسان جا اولاد نه پر اسان جا دشمن هوندا، ۽ اسان پاڻ هنن کي پنهنجو دشمن بڻايو هوندو. ’جهڙي هلت اوهان هلندا، تهڙي هلت اوهان سان هلي ويندي.‘ اهو مان نٿو چوان، پر انجيل پاڪ جو فرمان آهي،’جهڙي تڪ تور اوهان ٻين جي ڪندا، تهڙي اوهان جي لاءِ ڪئي ويندي.‘ اسان پنهنجي اولاد کي ڪيئن ميار ڏيئي سگهون ٿا، جڏهن اهو اسان جي تڪ تور اسان جي ئي ماڻ سان ڪن ٿا؟“
”ڪو گهڻو مدو ناهي لنگهيو جو فنلئنڊ ۾ هڪڙي نوڪرياڻيءَ لڪ ڇپ ۾ ٻار ڄڻيو. مٿس چوڪسي رکي وئي ته هڪ دٻو، جنهن جو ڪنهن کي به پتو نه هو، ڀڇنڊيءَ جي ڪنڊ ۾ ڪن سرن جي پٺيان لڌو ويو.اهو کوليو ويو ته اندران نئين ڄاول ٻار جو لاش نڪتو، جنهن کي هن ماري ڇڏيو هو، ساڳئي دٻي مان ٻن ٻين ٻارن جا به هڏاوان پڃرا نڪتا، جن کي هن باسيو، ته ڄڻيندي ئي ماري ڇڏيو هئائين.
”جيوريءَ جا صاحبو! ڇا هوءَ انهن ٻارن جي ماءُ هئي؟ هن کين ڄڻيو برابر هو، پر ڇا هوءَ سندن ماءُ هئي؟ ڇا ڪوئي کيس ماءُ جي سڳوري نالي سان ڪوٺڻ جي جرئت ڪندو؟ اچو ته دلير ٿيون، لفظن ۽ خيالن کان ائين نه ڊڄون جيئن اسٽروفسڪيءَ جي ناٽڪ ۾ ماسڪو جون عورتون ڪن لفظن جي اُچارن کان ڊڄن ٿيون. نه، اچو ته ثابت ڪريون ته گذريل ٿورن ورهين ۾ ٿيل ترقي اسان کي به ڇهيو آهي، ۽ چٽيءَ طرح چئون ته پيءُ ڇڙو اهو ناهي جيڪو ٻار کي جنمي، پر اهو آهي جيڪو جنمي به ٿو ۽ ان ڏانهن پاڻ تي عائد ٿيندڙ فرض به پورا ڪري ٿو.“
”هائو، برابر، پيءُ لفظ جي اها ٻي معنيٰ، اها ٻي تشريح به ڪئي وڃي ٿي، جنهن موجب ڪو به پيءُ، پوءِ ڀلي دئت هجي، ڀلي هو اولاد جو دشمن هجي، منهنجو پيءُ ئي رهي ٿو، رڳو انهيءَ ڪري جو هن مون کي جنميو. پر اها معنيٰ ائين کڻي چوان ته اهڙي ڳجهه ڳجهاندر معنيٰ آهي. جيڪا منهنجي سمجهه کان مٿي آهي، ۽ رڳو ائين وسهي سگهان ٿو، جيئن ٻين ڪيترن اهڙين سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهين تي ايمان آڻيندو يا اعتقاد ڪندو آهيان. جن لاءِ منهنجو دين مون کي حڪم ڪندو آهي. پر ان حالت ۾ ان کي زندگيءَ جي اصل ميدان مان ٻاهر رکيو وڃي. زندگيءَ جي اصل ميدان کي تحقيق پنهنجا حق آهن ۽ ان سان گڏوگڏ اهو اسان تي ڳرا فرض ۽ جوابداريون به عائد ڪري ٿو. انهيءَ ميدان ۾ جيڪڏهن اسان شفيق - في الحقيقت ڪرستان، ٿي رهڻ چاهيون ٿا پوءِ اسان تي لازم آهي بلڪ جڳائي ته رڳو تن عقيدن تي عمل ڪريون، جن کي عقل ۽ تجربن سچو ٺهرايو هجي ۽ جيڪي ڇيد جي ڪوٺاريءَ منجهان لنگهيا هجن، ٿوري ۾ ائين چئجي ته اسان تي لازم آهي ته عقل موجب عمل ڪريون ۽ نه ڪي ائين ڄڻ سپني ۾ هجون، جيئن ڪو هاڃو نه ڪريون، جيئن ڪنهن سان اُگرو ورتاءُ ڪري کيس تباهه نه ڪري ڇڏيون. تڏهن اهو سچ پچ ڪرستاني ڪم هوندو، نه رڳو صوفياڻو پر ساڃاهه وارو ۽ پراپڪاري پڻ......“
ان گفتي تي ڪورٽ ۾ زبردست تاڙيون وڳيون، پر فيروڪووچ کين هٿ لوڏي جهڙوڪر اها التجا ڪئي ته کيس بنا رنڊڪ جي پنهنجي ڳالهه جي پڄاڻي ڪرڻ ڏني وڃي. ڪورٽ ۾ اوڏيءَ جو اوڏي مهل چپ چپات ٿي وئي. مقرر تقرير جاري رکي.
”صاحبو! ڇا اوهان اهو ڀانئيو ٿا، ته ٻار وڏا ٿين ٿا ۽ عقل کان ڪم وٺڻ لڳن ٿا ته هو اهڙن سوالن کان ٽارو ڪري ويندا؟ نه، هو ائين نه ڪندا، ۽ اسان هنن تي ڪا ناممڪن پابندي نٿا مڙهي سگهون. هڪ جوان هستي جڏهن پنهنجي نالائق پيءُ کي ڏسي ٿي ته سندس دل ۾ اهڙا ئي پيڙا ڏيندڙ سوال پاڻمرادو اَٿن ٿا، خاص ڪري تڏهن جڏهن هو پنهنجي پيءُ کي پاڻ جيڏن جي عاليشان پيئرن سان ڀيٽي ٿو. انهيءَ سوال جو روايتي جواب هيءُ آهي: هن تو کي جنميو ۽ تون هن جو رت ۽ ماس آهين، ۽ انهيءَ ڪري تون سندس تابعداريءَ لاءِ ٻڌل آهين، جوان پاڻمرادو سوچي ٿو: ’پر جڏهن مون کي جنمايائين، تڏهن مون سان پيار هيس؟‘ هو پڇي ٿو ۽ اُڻ تـُـڻ جيئن پوءِ وڌيس ٿي، ’ڇا اهو منهنجي خاطر هو جو مون کي جنمايائين؟ اُن گهڙي هن کي منهنجي ڪا خبر ڪانه هئي، نه ئي منهنجي جنس جو پتو هوس.‘ ان گهڙيءَ ان ڪامتا جي گهڙيءَ جڏهن شايد مڌ جي ڀڙڪايل باهه ۾ جلي رهيو هو، ۽ هن مون کي نشي ۾ رهڻ جي رغبت ڏني آهي. مون لاءِ بس ايترو ئي ڪيو اٿائين...... ڇو مان کيس رڳو انهيءَ ڪري پيار ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهيان، نه هن مون کي جنميو آهي پر پوءِ واري حياتيءَ ۾ مون لاءِڪجهه به نه ڪيو آهي؟“
”شايد هيءُ سوال اوهان کي گهڻا کهرا ۽ ڪٺور لڳن پر هڪ جوان ذهن کان پاڻ تي ناممڪن پابنديءَ جي آس نه رکو. ’فطرت کي در کان هڪاليندا، ته اها دريءَ منجهان اڏامندي اندر ايندي.‘ ۽ وڏي ڳالهه ته اسان کي لفظن کان ڊڄڻ نه کپي، ۽ لازم آهي ته سوال جو نبيرو عقل ۽ ماڻهپي جي تقاضائن موجب ڪريون ۽ نه ڪي ڪـِـن ڳجهه ڳجهاندڙ خيالن موجب، اهو ڪيئن نبرندو؟ اجهو هيئن: پٽ پيءُ آڏو بيهي ۽ پڇي: ’بابا، ٻڌايو ته مان توهان کي پيار ڇو ڪريان؟ بابا، مون کي ڏيکاريو ته مون تي لازم آهي ته توهان کي پيار ڪريان،‘ ۽ جيڪڏهن پيءُ پٽ کي جواب ڏيئي سگهي ۽ کيس سٺو سبب ڏيکاري سگهي ته پوءِ پيءُ پٽ جو ناتو سچو ۽ پورو هوندو، ۽ ڪنهن پـُـر اسرار تعصب تي نه پر عقل واري، ذميوار ۽ پراپڪاري بنياد تي بيٺل هوندو. پر جيڪڏهن پيءُ جواب نٿو ڏئي سگهي. سبب نٿو ڄاڻائي سگهي، ته پوءِ مائٽاڻو ناتو نٿو رهي. هو پٽ لاءِ پيءُ نه رهندو ۽ پٽ کي حق آهي ته کيس اوپرو يعني دشمن سمجهي. جيوريءَ جا صاحبو! اسان جي ٽرائبيون(1) کي سچن ۽ صحتمند خيالن جو مڪتب هجڻ کپي.“
اتي مقرر کي پنهنجي تقرير تاڙين جي زبردست ڦهڪي جي ڪري روڪڻي پئي. بيشڪ اهي سڀ ٻڌندڙ نه هئا، پر سندن چڱي اڌ تاڙيون وڄايون هيون. پيئرن ۽ مائرن وهواهه ڪئي. مهاڙين مان جتي عورتون ويٺل هيون ڪيهون ۽ ريهون ٻڌڻ ۾ آيون. رومال لوڏيا ويا. صدر پنهنجي سموري سگهه سان گهنٽي وڄائڻ لڳو. کيس پڌري پٽ ويٺلن جي روش تي سخت چڙ آئي هئي، پر ڪورٽ خالي نه ڪرايائين توڙي جو اهڙو دڙڪو پڻ ڏنو هئائين. ويندي اوچي حقيقت وارا پوڙها ماڻهو جن جي سيني تي ستارا سجيل هئا ۽ جيڪي ججن جي پٺيان، خاص سندن لاءِ رکيل ڪرسين تي ويٺا هئا، تن پڻ مقرر کي داد ڏنو ۽ پنهنجا رومال لوڏيا. نيٺ مـَـس مـَـس وڃي گوڙ بند ٿيو ۽ صدر پاڻ کي ڪورٽ خالي ڪرائڻ واري دڙڪي تائين محدود رکيو، ۽ فيتيوڪووچ، اُتساهه مان ڀرجي گدگد ٿي، پنهنجي تقرير وري شروع ڪئي:
”جيوريءَ جا صاحبو! اوهان کي اها ڀوائتي رات ضرور ياد هوندي، جنهن بابت اڄ ايترو ڳالهايو ويو آهي، جڏهن پٽ لوڙهو ٽپي وڃي پنهنجي دشمن ۽ آزاريندڙ ۽ جنم ڏيندڙ جي آمهون سامهون بيٺو هو. مان وڏي شد مد سان اصرار ٿو ڪريان، ته هو پيءُ ته هو پٽهنس پيءُ جي گهر ڏوڪڙن ڪاڻ ڪانه ويو هو، ڦر جو الزام جيئن مون اڳ ثابت ڪيو، ڇسو آهي. ۽ هن جو گهر اندر گهڙڻ خون لاءِ به نه هو، بلڪل نه، جيڪڏهن سندس اهڙو ڪو ارادو هجي ها ته هو گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سان ڪو هٿيار ضرور کڻي ها. ٽامي جي مـُـهري هن جهڙپي ته هئي، پر ڇو؟ سا پروڙ ڪانه هيس. مڃيوسين ته هن پيءُ جي دريءَ تي ٺڪ ٺڪ ڪري کيس دوکو ڏنو، مڃيوسين ته هو اندر گهڙي ويو. مون اڳيئي چيو آهي ته مان اها ڏند ڪٿا ڪونه ٿو مڃان. پر جي ائين هيو به کڻي، اسان گهڙي پل لاءِ کڻي مڃون ٿا، ته ائين هو. صاحبو، مان هر سڳوري شئي جو قسم کڻي چوان ٿو، ته جيڪڏهن هو سندس پيءُ نه پر ڪو عام دشمن هجي ها ته قيدي ڪمرو ڪمرو ڊوڙي جاچڻ ۽ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ کان پوءِ ته هوءَ اتي ڪانه هئي، پنهنجي رقيب کي ڪو هاڃو رسائڻ کان سواءِ اُتان تکو تکو نڪتو هليو وڃي ها. هو شايد کيس ڌڪ هڻي ها، وڌيڪ نه، ڇو جو هن وقت ائين سوچڻ ۽ ڪرڻ جو وقت ئي ڪونه هو. هن رڳو اهو ڄاڻڻ ٿي گهريو، ته هوءَ ڪٿي هئي. پر هن جو ‍ پيءُ، جنهن کيس سندس ٻاروتڻ کان ئي ڌڪاريو هو. آزاريو هو، ۽ سندس غير فطري رقيب هو، تنهن پيءُ کي ڏسڻ ئي ڪافي هو! اهو ڌڪار جو جذبو هو، جيڪو کيس پاڻ هرتو، اڻ جهليو ويڙهي ويو ۽ سندس مت مارجي وئي. هڪ ئي پل ۾ سڀ ويران وير چڙهي آيو‍، اها ڪا پاڳلپڻي ۽ چريائپ جي لهر هئي، پر فطرت جي لهر به هئي، جيڪا (فطرت جي هر شئي وانگر) پنهنجي ازلي قانونن جي ڀڃڪڙيءَ جو وير وٺي رهي هئي.
پر قيديءَ تڏهن به کيس قتل نه ڪيو. مان انهيءَ ڳالهه تي قائم آهيان ۽ واڪو ڪري چوان به ٿو!. نه، هن چڙيل بڇان جي اڀام ۾ مـُـهري اولاري، پر کيس مارڻ جي ارادي سان نه، نه ئي هو اهو ڄاڻيندو هو، ته هو مري پوندو. جيڪڏهن اها موتمار مـُـهري هٿ ۾ نه هجيس ها، ته شايد پيءُ کي ڇڙو ڌڪ هڻي ڪيرائي رکي ها، پر کيس قتل نه ڪري ها. هو ڀڳو ته کيس اها ڄاڻ ڪانه هئي ته پيءُ کي ماري ڇڏيو هئائين. اهڙو خون خون نه آهي. نه، اهڙي پيءُ جي خون کي ’پيءُ گهات‘ نٿو ڪوٺي سگهجي. اهڙي خون کي فقط تعصب جي ڪري ئي ’پيءُ گهات‘ چئي سگهجي ٿو.
”پر مان پنهنجي اندر جي اونهائيءَ سان اوهان کان پڇان ٿو: ڇا اهو خون سچ پچ ٿيو هو؟ جيوريءَ جا صاحبو، جيڪڏهن اوهان هن کي ڏوهي ٺهرائي سزا ڏني ته هو پاڻ کي مخاطب ٿي چوندو: هنن ماڻهن مون کي نپائڻ لاءِ، مون کي پڙهائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، منهنجي حالت کي سڌارڻ لاءِ، مون کي بهتر بنائڻ لاءِ، مون کي سٺو ماڻهو بنائڻ لاءِ ڪجهه به نه، هنن ماڻهن مون کي نه کائڻ لاءِ ڏنو آهي ۽ نه پيئڻ لاءَ، نه قيد ۾ نه اوگهڙ ۾ مون سان ملڻ آيا آهن، ۽ هتي مون کي سخت پورهئي سان سزا ڏني اٿن. ليکو لٿ پٿ، هو مون کان هاڻ ڪجهه به نه لهڻن، مون کان ڪو به ڪجهه به هميشه لاءِ نه لهڻي. هي ظالم آهن، مان به ظالم ٿيندس. جيوريءَ جا صاحبو، هو اهوئي چوندو، ۽ مان قسم کڻي چوان ته کيس ڏوهي ٺهرائي اوهان هن لاءِ آساني ڪندا. هن جو ضمير هلڪو ٿي ويندو. هو ان رت کي پاراتا ڏيندو جيڪو وهايو اٿـِـائين، ۽ ان تان پڇتاءُ نه ٿيندس. ساڳئي وقت اوهان هن جي نئين انسان بڻجڻ جي امڪان کي ناس ڪري ڇڏيندا، ڇو جو هو ساري ڄمار هچارو ۽ انڌو ٿي رهندو.“
”پر ڇا اوهان کيس ڪائي تمام ڀوائتي ۽ هيبتناڪ ۽ ايتري ڀيانڪ سزا ڏيڻ چاهيو ٿا، جنهن جو تصور ئي نه ڪري سگهجي، ۽ ساڳئي وقت کيس بچائڻ ۽ سندس اندر وري جيئارڻ به چاهيو ٿا؟ جي ائين آهي ته پوءِ کيس پنهنجي ٻاجهه سان پيڙي ڇڏيو. اوهان ڏسندا، اوهان ٻڌندا ته هو ڪيئن نه ڏڪي ۽ هراسجي ٿو وڃي. ’مان ايڏي ٻاجهه جالي سگهندس؟ مان ايڏو پاٻوهه ڪيئن سهي سگهندس؟ ڇا مان انهيءَ لائق آهيان؟‘ هو اهو ئي آکيندو.“
جيوريءَ جا صاحبو، مان اِن دل اُن وحشي پر احسانمند دل کي سڃاڻان! اها اوهان جي ٻاجهه اڳيان سر نوائيندي، اها مهان ۽ پاٻوهيل ڪرت لاءِ اُڃايل آهي، اها رجي ويندي ۽ مٿي چڙهندي. اهڙا روح آهن، جيڪي پنهنجي محدودائپ جي ڪري سڄي دنيا کي الزام ڏيندا آهن. اهڙي روح کي پنهنجي ٻاجهه سان وس ۾ آڻيو، ان کي قرب ڏيو، ۽ اها دل پنهنجي ماضيءَ کي پٽيندي ڇو جو ان ۾ ڪيئي جذبا به آهن. اها دل ويڪري ٿي ويندي، ۽ ڏسندي ته خدا ٻاجهارو آهي، ۽ ماڻهو سٺا ۽ نياءَ وارا آهن. هو هراس ۾ رهندو، کيس هميشه پشيماني ۽ پاڻ مٿان آيل جوابداريءَ جي اون رهندي. پوءِ هو ائين نه چوندو، ليکو لٿ پٿ،‘ پر چوندو، ’مان سڀني جي نظر ۾ ڏوهي آهيان، ۽ مان سڀني کان وڌيڪ نالائق به آهيان.‘ هو پڇتاءَ جا، ڏک جا ۽ سيتل پيڙا جا ڳوڙها ڳاڙيندي واڪو ڪندو: ’ٻيا مون کان وڌيڪ چڱا آهن، هنن مون کي بچائڻ ٿي چاهيو، نه ڪي ناس ڪرڻ!‘ اوهه هيءُ ٻاجهه جو ڪم اوهان لاءِ ڪيترو نه سهنجو آهي، ڇو جو پڪي پختي ثابتي لاءِ اهو اعلان ڪرڻ ڏاڍو ڀوائتو ٿيندو: ’هائو هو ڏوهي آهي.‘
”هڪڙي بي ڏوهيءَ کي سزا ڏيو، تنهن کان چڱو آهي ته ڏهه ڏوهي ڇڏي ڏيو! اوهان ٻڌو ٿا، اسان جي شاندار تاريخ جي گذريل صديءَ کان ايندڙ شاهاڻو آواز ٻڌو ٿا؟ اهو نٿو سونهين ته مون جهڙو تڇ ماڻهو اوهان کي ياد ڏياري ته عدالت جو وجود رڳو سزا ڏيڻ لاءِ نه پر ڏوهه ڪندڙ جي ڇوٽڪاري لاءِ به آهي! ڀل ٻيون قومون ڪيتي لوڙائڻ ۽ قانون جي لفظن جو سوچين، اسان روح ۽ مفهوم - وڃايل جي ڇوٽڪاري ۽ سڌاري - سان چهٽيل رهنداسون. جي اهو سچ آهي، جي روس ۽ ان جو انصاف اهڙا آهن، ته اهو خوشدليءَ سان اڳتي وڌي سگهي ٿو! اسان کي پنهنجين جنوبي ٽورئڪائن کان به ڊيڄاريو، جن کان سڀ قومون بڇان وچان پاسو ڪن ٿيون. ڪائي ريل ڇيل ڊوڙندڙ ٽروئيڪا، نه پر روس جو شانائتو رَٿُ، سڪون ۽ دٻدٻي سان پنهنجي ماڳ ڏانهن هلندو، منهنجي اصيل جي تقدير اوهان جي هٿن ۾، روسي انصاف جي هٿن ۾ آهي. اوهان ان انصاف جو بچاءُ ڪندا، ان کي بچائيندا، اوهان ثابت ڪندا، ته ان تي چوڪسي رکڻ وارا موجود آهن، ۽ اهو ڀلوڙ هٿن ۾ آهي!“

___________
(1) حضرت عيسيٰ جي ٻارهن ساٿين مان هڪڙو. کيس نبي سڳوري پنهنجي پيغام ڦهلائڻ لاءِ اماڻيو هو. (س ن ح)
(1) Tribune : آڳاٽي روم ۾ انهن ٻن يا ڏهن ڄڻن مان هڪڙو جنهن کي عام ماڻهو چونڊيندا هئا، ته سرڪار جي مقابلي ۾ سندن حقن جي حفاظت ڪري، ٿلهو، منبر وغيره جتان تقرير ڪئي وڃي: رومي عدالت ۾ ماجسٽريٽ جي ويهڻ واري جاءِ.

باب چوڏهون: ڪڙمي پختار هن ٿا

فيتيوڪووچ پنهنجي تقرير ائين پوري ڪئي جو ٻڌندڙن جو اُتساهه اڀاميل لاوي جيان ڦاٽي نڪتو، ان کي روڪڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو. عورتون روئي رهيون هيون. ڪيترا مرد پڻ روئي رهيا هئا، ۽ انهن اعليٰ هستين مان به ٻه ڄڻا ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا: صدر ڪا ڪاروائي نه ڪئي، ويندي گهنٽي وڄائڻ به مهمل رکيائين. جيئن پوءِ عورتن چيو، اهڙي اتساهه کي ٻنجو ڏيڻ ڪنهن سڳوري شئي کي ٻنجو ڏيڻ ٿئي ها. خود مقرر به واقعي متاثر ٿيو هو.
ان ئي مهل اپولٽ ڪردووچ ڪي اعتراض وارڻ لاءِ اٿي بيٺو. ماڻهن کيس ڌڪار سان ڏٺو، ڪن عورتن بڙ بڙ ڪئي: ”ڇا؟ ان جو مطلب ڇاهي؟ هي سچ پچ ڪو اعتراض وارڻ ٿو چاهي؟“ جيڪڏهن سندس زال سميت عورتن جي سڄي دنيا به احتجاج ڪري ها ته به ڪير کيس ان گهڙيءَ روڪي نه سگهي ها. هو هئڊر ٿي ويو هو، جذبات وچان ڏڪي رهيو هو، سندس پهريان جملا سمجهڻ کان ٻاهر هئا، ساهه چڙهي ويو هوس، چٽو ڳالهائڻ به نه پئي ٿيس، ڀـُـلجي ڀـُـلجي ٿي ويو، پر سـُـتت ئي پاڻ سنڀالي ورتائين. مان سندس اِن نئين تقرير جا ٿورا جملا نقل ڪندس.
”مون کي رومانس ڪتڻ تان جهڙڪيو ويو هو. پر هيءُ بچاءُ ڇا هڪ رومانس مٿان ٻيو رومانس نه آهي؟ رڳو شاعريءَ جي اڻهوند هئي، فيودور پاولووچ پنهنجي محبوبڙيءَ جي اوسيئڙي ۾ لفافو ڦاڙي کولي ٿو ۽ فرش تي اُڇلي ٿو ڇڏي. اسان کي ويندي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪي هن عجيب ڪم ڪندي آکيو. ڇا اها انومان جي اڏام نه آهي؟ ۽ اسان وٽ ڪهڙي ثابتي آهي ته هن رقم ڪڍي ورتي هئي؟ هن جيڪي آکيو، سو ڪنهن ٻڌو؟ ڪم عقل پاڳل سميرڊياڪوف جي ڪايا پلٽ ڪري کيس بائرن(1) جو هيرو بڻايو ويو آهي. جيڪو پنهنجي ناجائز ڄم جو وير سماج کان ٿو وٺي. ڇا اهو بائرن جي طرز جو رومانس نه آهي؟ ۽ اهو پٽ جيڪو پيءُ جي گهر ۾ گهڙي کيس خون ڪرڻ کان سواءِ خون ڪري ٿو، سو رومانس ئي ناهي. هيءَ سـِـسـِـيفس(2) آهي، جا اسان کي اهڙي پرولي ٿي ڏي، جيڪا پاڻ نٿي ڀڃي سگهي. جيڪڏهن هن کيس خون ڪيو ته خون ڪيائين، ۽ هن جو کيس خون نه ڪرڻ کان سواءِ خون ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو سـِـر پير ڪٿي آهي؟“
”ان کان پوءِ اسان کي ڇنڊ پٽائي ٿي وڃي ته اسان جو ٽرائبيون صحيح ۽ صحتمند خيالن جو ٽرائبيون آهي، ۽ ان صحتمند خيالن جي ٽرائبيون کان اهو گنڀير اعلان ٿو ٿئي ته پيءُ جي خون کي ’پيءُ گهات‘ ڪوٺڻ تعصب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، جيڪڏهن ’پيءُ گهات‘ تعصب آهي، ۽ جيڪڏهن هر ٻار کي پيءُ کان اهو پڇڻو آهي ته هو کيس ڇو ٿو پيار ڪري ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟ ڪٽنب جو ڇا ٿيندو؟ لڳي ٿو ته ’پيءُ گهات‘ ماسڪو جي واپارين جي عورتن جو للائو آهي. روسي انصاف جي تقدير ۽ آئيندي لاءِ سڀني کان وڌيڪ امـُـلهه ضمانتن کي اسان جي اڳيان تمام گمراهه ۽ ڇسي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي، محض هڪڙو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، ۽ اهو مقصد آهي هڪ اهڙي ڳالهه لاءِ جواز پيدا ڪرڻ، جنهن جو ڪو جواز ڪونهي. بچاءَ جو وڪيل واڪو ڪري.’کيس پنهنجي ٻاجهه سان پيڙي ڇڏيو:‘پر ڏوهه ڪندڙ ايترو ئي ته گهري ٿو، ۽ سڀاڻي ڏٺو ويندو ته هو ڪيترو پيڙجي ويو آهي. ڇا بچاءَ جي وڪيل رڳو قيديءَ کي ڇڏي ڏيڻ جي گهر ڪري انڪسار کان ڪم نه ورتو آهي؟ ڇو نه پيءُ گهاتڪ جي مان ۾ خيراتي ادارو برپا ڪري سندس ڪارنامي کي ايندڙ پيڙهين لاءِ يادگار بڻايو وڃي. مذهب ۽ انجيل پاڪ کي درست ڪيو ٿو وڃي. اها سڀ مايا آهي، ۽ اسان جي عيسائيت ئي سچي آهي، ڇو جو ان کي عقل ۽ عام فهم جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويو آهي. ۽ ائين هو حضرت عيسيٰ (عليه السلام) جي ڪوڙي شبيهه کڙي ڪن ٿا! ’جهڙي تڪ تور اوهان ڪندا، تهڙي ئي اوهان جي ڪئي ويندي،‘ بچاءَ جي وڪيل واڪو ڪيو هو، ۽ هڪدم اهو انومان ڪيائين ته حضرت عيسيٰ (عليه السلام) اسان کي سيکاري ٿو ته ائين ئي توريو، جيئن اوهانکي توريو وڃي. ۽ اهو اچي ٿو سچ ۽ صحتمند سوچ جي طرفان! اسان انجيل پاڪ تي رڳو ان وقت نظر وجهون ٿا، جنهن وقت اسان کي تقرير ڪري ٻڌندڙن تي پنهنجي انجيل جي ڄاڻ جو رعب ويهارڻو هوندو آهي. اهو پاڪ ڪتاب بيشڪ اصلوڪي رچنا آهي ۽ ان کان خاص اثر پيدا ڪرڻ جو ڪم به وٺي سگهجي ٿو. پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ! پر حضرت عيسيٰ (عليه السلام) جنهن ڳالهه جي هدايت ڪري ٿو، سا بلڪل مختلف آهي: هو اسان کي ائين ڪرڻ کان خبردار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هچاري دنيا ائين ئي ڪري ٿي. پر اسان کي جڳائي ته معاف ڪريون ۽ ٻيو ڳل پيش ڪريون، ۽ پنهنجن آزاريندڙن سان اهو ورتاءُ نه ڪريون، جيڪو هو اسان سان ڪن ٿا. اسان جي خداوند اسان کي اهوئي سيکاريو آهي، ۽ نه اهو ته اولاد کي پيءُ جي خون کان منع ڪرڻ تعصب آهي. ۽ اسان کي سچ ۽ صحتمند خيالن واري ٽرائبيون کان پنهنجي ڌڻيءَ جي انجيل درست ناهي ڪرائڻي، اهو ڌڻي جنهن کي بچاءَ وارو وڪيل رڳو انسان ذات جو ٽياس تي چڙهيل عاشق سڏي ٿو، توڻي جو سڄو ديندار روس هن کي هيئن ٻاڏائي ٿو: ’جو تون اسان جو خداوند آهين!‘“
اتي صدر مداخلت ڪئي، ۽ حد کان وڌيڪ جوش ۾ آيل مقرر کي روڪيو ته وڌاءُ نه ڪري، حد نه ٽپي، وغيره. جيئن صدر اهڙي صورتحال هميشه ڪندا آهن. ٻڌندڙ پڻ لـُـڇ پـُـڇ ۾ هئا. خلق بي آرام هئي، ويندي چڙ مان واڪا پڻ ڪيا ويا. فيتيوڪووچ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي، هو فقط مٿي چڙهيو ۽ پنهنجو هٿ دل تي رکي ڪاوڙيل لهجي ۾ وڏي وقار سان ڪي لفظ چيائين. هن وري ”رومانس“ ۽ ”نفسيات“ کي هلڪو ۽ ٽوڪ سان ڇـُـهيو، ۽ مناسب هنڌ تي حوالو ڏنو، ”جپيٽر(1) تون ڪاوڙيل آهين، ان ڪري غلط آهين.“ جنهن تي ٻڌندڙن پسنديءَ جا ٽهڪ ڏنا - ڇو جو اپولٽ ڪردووچ ڪنهن به طرح جـُـپيٽر جهڙو نه. انهيءِ تهمت بابت ته هو جوان ٽهيءَ کي پنهنجا پيئر مارڻ جي سکيا ڏيئي رهيو آهي. فيتيوڪووچ وڏي ڏيان سان چيو ته هو ان جو جواب نه ڏيندو. سرڪاري وڪيل جي اِن الزام بابت هو عيسائي شرع جي خلاف رايا ظاهر ڪري رهيو هو. فيتيوڪووچ چيو ته اهو شخصي الزام هو ۽ کيس آس هئي ته ڪورٽ سڳوريءَ ۾ اهڙن الزامن کان آجو رهندو. جيڪي سندس شهري ۽ وفادار رعيت جي حيثيت ۾ سندس ناماچار کي ڇيهو رسائن. اِتي صدر کيس به روڪيو، ۽ فيتيوڪووچ پنهنجي تقرير ڪورٽ سڳوريءَ اڳيان سيس نمائي پوري ڪئي. جنهن تي ڪورٽ ۾ ويٺلن پسنديءَ جي ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ اسان جي عورتن جي راءِ ، اپولٽ ڪـِـردووچ سدا لاءِ چيڀاٽجي ويو.“
پوءِ قيديءَ کي ڳالهائڻ جو وارو ڏنو ويو. متيا اٿي بيٺو ۽ تمام گهٽ ڳالهايائين. هو بدني توڙي ذهني طرح سخت ٿڪجي پيو هو، صبح جو ڪورٽ ۾ گهڙڻ وقت هن جي منهن مان جا سگهه ۽ بيپرواهي بکي رهي هئي، سا ذري گهٽ اَلوپ ٿي وئي هئي. هو ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن اهڙي آزمودي منجهان لنگهيو هجي، جنهن کيس باقي ڄمار لاءِ اهڙي ڳالهه سيکاري ڇڏي هجي، جيڪا هـُـن هاڻي تائين ڪو نه سمجهي هجي. هن جو آواز نستو هو، ۽ اڳي جيان واڪا ڪونه ڪيائين. لهجي ۾ نهٺائي، هار ۽ متيا جا رنگ هئا.

”جيوريءَ جا صاحبو، آءٌ ڇا چوان؟ مون لاءِ فيصلي جي گهڙي اچي وئي آهي. مان پاڻ تي خدا جو هٿ محسوس ٿو ڪريان! هڪ غلط ڪار انسان جو انت اچي ويو آهي! پر آءٌ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي وري به چوان ٿو ته مون پنهنجي پيءُ کي مارڻ جو ڏوهه ناهي ڪيو. آءٌ آخري ڀيرو ورجايان ٿو ته مون هن کي نه ماريو هو! آءٌ غلط ڪار هيس پر، چڱائي سان چاهه هوم. مون هر گهڙي پاڻ سڌارڻ جو اُدم ڪيو، پر جهنگلي جانور وانگر گهاريم. آءٌ سرڪاري وڪيل جو ٿورائتو آهيان. جنهن مون کي منهنجي باري ۾ ڪيئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون. جن جو پتو به نه هوم، پر اهو سچ ناهي ته مون پنهنجي پيءُ کي ماريو هو، سرڪاري وڪيل غلط آهي، آءٌ پنهنجي وڪيل جو به ٿورائتو آهيان. هن کي ٻڌندي آءٌ رنو هوس، پر اهو سچ ناهي ته مون پنهنجي پيءُ کي ماريو هو. کيس ائين ڀانئڻ جو ضرور نه هو، ۽ ڊاڪٽرن تي ويساهه نه ڪريو، آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان، فقط منهنجو هنيانءُ ڀريل آهي. جيڪڏهن اوهان مون کي ڇڏي ڏنو، جيڪڏهن اوهان مون کي وڃڻ ڏنو ته آءٌ اوهان کي دعائون ڪندس. آءٌ چڱو ماڻهو ٿيندس. آءٌ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي قول ٿو ڏيان ته چڱو ماڻهو ٿيندس! پر جيڪڏهن اوهان مون کي ڏوهي ٺهرايو ته آءٌ پاڻ پنهنجي ترار پنهنجي مٿي تي ڀڃندس ۽ ان جا ٽڪر چمندس. پر مون کي ڇڏي ڏيو، مون کان منهنجو خدا نه ڦريو! آءٌ پاڻ کي سڃاڻان ٿو، آءٌ بغاوت ڪندس! منهنجون هنيانءُ ڀريل آهي، صاحبو، مون کي ڇڏي ڏيو.“
هو پنهنجي ڪرسيءَ تي ذري گهٽ ڪري پيو: سندس آواز ڀرجي آيو هو: آخري جملو ڏکيو اُچاري سگهيو هو. پوءِ جج سوال پڇڻ لڳا ۽ ٻنهي ڌرين کي چيائين ته پنهنجا نتيجا وچوري وٺن، پر مان انهن جا تفصيل بيان ڪونه ڪندس. آخرڪار جيوري صلاح مشوري لاءِ اٿي وئي. صدر ڏاڍو ٿڪل هو، ۽ هن جي جيوريءَ کي آخري تلقين ڪجهه مڙيوئي نٻل هئي، ”بي ريا ٿجو بچاءَ واري وڪيل جي خوش ڪلاميءَ کان متاثر نه ٿجو، پر تڏهن به دليلن جي تڪ تور ڪجو. ياد رکو ته توهان تي وڏي ذميواري رکيل آهي.“ وغيره وغيره.
جيوري اُٿي وئي، ۽ ڪورٽ مهمل ٿي وئي. ماڻهو به اٿيا ته ڄنگهون ساهين، پڻ گڏ ٿيل هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪن. ڇاندو پاڻي ڪن. ڏاڍي دير ٿي وئي هئي، رات جو ذري گهٽ هڪ اچي ٿيو هو، پر ڪو به هليو ڪو نه ويو هو: تاءُ ايترو ته گهڻو هو جو ڪنهن کي به وڃي آرامي ٿيڻ جو خيال تائين نه آيو. سڀ ٻڏندڙ دلين سان اوسيئڙي ۾ هئا. پر شايد عورتن لاءِ ائين چوڻ وڌاءُ ٿيندو ڇو ته سندن اوسيئڙي ۾ سخت بيصبري ته هئي پر دلين ۾ ڪو الڪو نه هونَ. سندن خيالن ۾ رِهائي اڻٽر هئي. فيتيوڪووچ کي به پنهنجي ڪاميابيءَ جو يقين هو. هو ماڻهن جي گهيريّ ۾ هو. جيڪي کيس مبارڪون ڏيئي رهيا هئا. ۽ سندس للو پتو ڪري رهيا هئا.
مون کي پوءَ هـُـن ٻڌايو ويو ته هـُـن هڪڙي ٽوليءَ کي چيو: ”بچاءُ وارو وڪيل ۽ جيوري ڏسڻ ۾ نه ايندڙ سڳي ۾ پوئجي ويندا آهن. تقرير ڪندي سهي ڪبو آهي ته پوئجڻ ٿي ويو آهي. مون سهي ڪيو هو. پوئجڻ ٿي ويو آهي. اسان کٽنداسين دلجاءِ ڪريو.“
اسان جا ڪڙمي هاڻي ڇا چوندا؟ هڪڙي بت ۾ ڀريل ٽيڊين اکين ۾ مائيءَ جي سينئرن سان همراهه، جيڪو ويجهي ڇـَـڪَ جو زميندار هو، تنهن هڪڙي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندڙ ٽوليءَ وٽ وڃي پڇيو.
”پر هو سڀ ته ڪڙمي ناهن. چار سرڪاري ڪلارڪ به آهن.“
”هائو، ڪلارڪ به آهن،“ هڪڙي ضلع ڪائونسل جي ميمبر ساڻن شامل ٿيندي چيو.
” ۽ هو ٻلي سان واپاري نذريوف، اهو به ته جيوريءَ ۾ آهي. هن جي خبر اٿوَ؟“
”ڇاهي هن کي؟“
”وڏي عقل وارو آ.“
”پر هو ته ڳالهائيندو ئي ڪونهي.“
”پاڻ چڱو جو ڳالهائيندو ڪونهي. پر پيٽرسبرگ واري همراهه لاءِ کيس ڪجهه سيکارڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. هو پاڻ ساري پيٽرسبرگ کي سيکاري سگهي ٿو. ٻارهن ٻارن جو پيءُ جو ٿيو.“
هڪ ٻي ٽوليءَ ۾ اسان جي علمدارن مان هڪڙي چيو، ”ڇا ٿا ڀانئيو، ڪونه ڇڏيندس ڇا؟“
”ضرور ڇڏيندس.“ هڪ ٻئي اٽل آواز ۾ ورندي ڏني.
”نه ڇڏڻ ته وڏي شرم ۽ خواريءَ واري ڳالهه ٿيندي.“ علمدار چيو.
”سمجهو کڻي ته هن سچ پچ خون ڪيو هو. هتي پيئرن تي پيئر آهن! ۽ هو وڏي جنون ۾ هو.... ڪجهه نه ڪيو هجيس، رڳو مـُـهري هوا ۾ گهمائي هجيس ۽ ائين ڪندي پوڙهي کي ڊاهي رکيو هجيس. پر خاص نوڪر کي هروڀرو وچ ۾ گهلي آيا. اهو ڇسو نظريو هو! جيڪڏهن مان فيتيوڪووچ جي جاءِ تي هجان ها ته سنئون سڌو چئي ڏيان ها، هن ئي کيس قتل ڪيو هو، پر هو ڏوهي ناهي، مار پوين!“
”هن به اهوئي چيو هو. پر مار پوين! کان سواءِ!“
”نه، مـخائيل سيمينو وچ، هن ذري گهٽ گهٽ اهو پڻ چيو هو“ ، هڪ ٽين آواز آکيو.
”صاحبو، لينٽ ۾ هڪڙي ائڪٽريس، جنهن پنهنجي عاشق جي زال جي نڙي ڪپي هئي، ڇٽي وئي هئي.“
”پر هـُـن پوري ڪونه ڪپي هئي.“
”ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هن ڪپڻ شروع ته ڪئي هئي نه.“
”هن جيڪو ٻارن بابت چيو، تنهنجو ان باري ۾ ڇا خيال آ؟ شاندار رهيو نه؟“
”شاندار“
” ۽ جيڪو ”مايا“ بابت چيائين، سو پڻ !“
”ڇڏيو مايا کي.“ ڪنهن ٻئي چيو.
”جيڪا ويڌن اڄ کان اپولٽ سان ٿيڻي آهي، ان جي ڳالهه ڪيو. جوڻس سڀاڻي متيا جي خاطر تارا ڪڍي وٺنديس.“
”هوءَ اتي آهي ڇا؟“
”واهه ڙي واهه، اتي هجي ها ته ڪورٽ ۾ ئي تارا ڪڍي وٺيس ها. ڏندن جي سور کان گهر ۾ پئي آهي. هـِـي هـِـي هـِـي!“
”هـِـي هـِـي هـِـي.“
ٽئين ٽوليءَ ۾:
”مون کي پڪ آهي، هو نيٺ متيا کي ڇڏي ڏيندا.“
”سڀاڻي ’ميٽروپولس‘ ۾ ڌمچر نه مچائي ته مون کي چئجو. پورا ڏهه ڏهاڙا پيئندو رهندو!“
”جهڙو شيطان!“
”شيطان جو هٿ اوس هوندو. هت نه هوندو ڪٿ ته هوندو؟“
”هائو صاحبو، زبردست تقرير هئي، پر پيئرن جا مٿا مـُـهرين سان ناهن ڦاڙبا! نه ته اسان سان الائي ڇا ٿئي؟“
”رَٿ! رَٿ ياد اٿو؟“
”هائو هن گاڏي کي رٿ ۾ مٽائي ڇڏيو هو!“
” ۽ سڀاڻي هو پنهنجي مقصد لاءِ رٿ کي گاڏي ۾ مٽائي ڇڏيندو.“
”اڄڪلهه ڪيڏا نه چلتا پرزا ٿي پيا آهن! روس ۾ هاڻي انصاف به ملندو ڪه الائي نه؟“
اِتي گهنٽي وڳي. جيوري پورو ڪلاڪ ڳڻ ڳوت ڪئي هئي، پورو ڪلاڪ، نه گهٽ نه وڌ. جيئن ئي ماڻهو پنهنجين پنهنجين جاين تي ويهي ويا، ڪورٽ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. مون کي ياد آهي ته جيوريءَ وارا همراهه ڪورٽ ۾ ڪيئن هلي آيا هئا. آخرڪار! مان سوالن جي ترتيب ڪونه ورجائيندس: سچ ته اهي مون کي ياد ئي ناهن رهيا. مون کي رڳو صدر جي پهرين ۽ مـُـک سوال جو جواب ياد آهي: ”ڇا قيدي ڦر لاءِ ۽ اڳواٽ رٿي خون ڪيو؟“ (مون کي سندس لفظن جي پوري يادگيري ڪانهي.) چوڌاري چپ چپات ٿي وئي. جيوريءَ جي سرواڻ، جيڪو ڪلارڪن مان ننڍي ۾ ننڍو هو، تنهن جو چٽو ۽ وڏو آواز ڪورٽ جي موت جهڙي ماٺ ۾ گونجيو:
”ها، ڏوهي!“
۽ هر سوال جو ساڳيو جواب، ”ها، ڏوهي“ بنا ڪنهن ڏوهه هلڪو ڪندڙ رائزنيءَ جي، ڏنو ويو. ان جي ڪنهن کي به اميد نه هئي: ذري گهٽ سڀني جو خيال هو ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ رحم جي سفارش ٿيندي. ڪورٽ ۾ ڇانيل موت جهڙي ماٺ ۾ ڪو رخنو نه پيو. سڀ ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا. اهي به جن کيس ڏوهي ٺهرائڻ ٿي چاهيو ۽ اهي به جيڪي سندس ڇـُـٽي وڃڻ جا ڪانکي هئا. پر ائين رڳو پهرين ويرم لاءِ ئي هو، ۽ ان کانپوءِ زبردست لڙ شروع ٿي ويو. ٻڌندڙ مردن مان گهڻن کي خوشي ٿي هئي. ڪي ته پنهنجي خوشي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪندي هٿ مهٽي رهيا هئا. جيڪي فيصلي سان سهمت نه هئا، سي نهوڙجي ويل ٿي ڏٺا. هنن پنهنجا ڪلها لوڏيا، سـُـس ڦـُـس ڪيائون، پر لڳو ٿئي ته اڃا ڳالهه مغز ۾ ڪو نه ويٺي اٿن. پر عورتن جي جيڪا حالت هئي، سا مان ڪيئن بيان ڪريان؟ مون کي خيال آيو ته هو وڳوڙ ڪنديون. پهرين ته کين پنهنجن ڪنن تي ويساهه ئي نه آيو هو. پوءِ امالڪ سڄي ڪورٽ ۾ رڙيون مچي ويون: ”ڇا مطلب آ ان جو؟ هاڻي ڇا؟“ هو پنهنجين جاين تان ٽپ ڏيئي اُڀيون ٿي ويون. سندن خيال هو ته متان فيصلو وري ويچاري، بدلايو وڃي.. اوڏي مهل متيا اٿي بيٺو ۽ پنهنجون ٻانهون ڊگهيڙي، هنيانءُ ڏاريندڙ آواز ۾ رڙيو:
”آءٌ خدا ۽ حشر جي ڀوائتي ڏينهن جو قسم کڻي ٿو چوان ته آءٌ پنهنجي پيءُ کي مارڻ جو ڏوهي نه آهيان! ڪاتيا مون کي معاف ڪجانءِ! ڀائرو، دوستو، ٻي عورت تي ڪهل ڪجو!“
هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو، ۽ وٺي روڄ راڙو ڪيائين، جيڪو ساري ڪورٽ ۾ ٻڌو ويو، ۽ اهڙي عجيب ۽ غير فطري آواز ۾، جيڪو سندس پنهنجي آواز جهڙو بنهه نه هو. ڪورٽ ۾ سڀني کان پرانهين ڪـُـنڊ کان هڪ چيريندڙ ڪيڪ آئي. اها گرو شينڪا هئي، هوءَ وڪيلن جي تقريرن جي شروع ٿيڻ کان اڳ، ڪورٽ ۾ وري داخل ٿيڻ جي موڪل ٻاڏائي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. متيا کي ٻاهر وٺي ويا، سزا ٻڌائڻ جو ڪم ايندڙ ڏينهن تي رکيو ويو سڄي ڪورٽ ۾ لـُـڙ هو. پـُـر مان ٻڌڻ لاءِ ڪونه ترسيس. البت ڪورٽ کان ٻاهر ويندي ڏاڪڻ تي ڪي جملا ڪنين پيم:
”کيس ويهه ورهيه کاڻين کوٽڻ جي سزا ملندي.“
”گهٽ نه.“
”اسان جا ڪڙمي پـُـختا رهيا آهن.“
” اسان جي متيا سان ويڌن ڪئي اٿئون.“

______________
(1) انگريزي ٻوليءَ جو شاعر لارڊ بائرن (1824-1788) جنهن جي شاعريءَ جي خاص ڳالهه حد کان وڌيڪ تاڻيل جذبات ۽ جوش، بدگماني ۽ عيش پسندي هئي. (ايڊيٽر)
(2) يوناني ديو مالا جي هڪ مادي دئت، جنهن جو مٿو ماڻهوءَ جو ۽ ڌڙ شينهن جو هو. ديوي هيرا کيس ٿيبيس موڪليو هو. هوءَ انهن سڀني کي ڳهي ويندي هئي، جيڪي سندس پرولي نه ڀڃي سگهندا هئا. اها پرولي انت اوئينڊپس ڀڳي، جنهن تان هن پاڻ ماري ڇڏيو يا سندس هٿان مارجي وئي.
(1) Jupiter : آڳاٽي روم جي ديومالا ۾ وڏي ۾ وڏو ديوتا، يوناني ديو مالا جي زيوس جو تـُـل، پڻ سج واري سرشتي ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ وينس کان پوءِ روشن ۾ روشن گرهه.

پڄاڻي

---

باب پهريون: متيا کي ڀڄائڻ جون رِٿون

ڪيس جي پوري ٿيڻ کان پنج ڏينهن پوءِ صبح ساجهر جو نائين وڳي. اليوشا وڃي ڪيٽرينا ايوانونا سان اهم معاملي تي ڳالهايو ۽ کيس ڪو نياپو به ڏنائين .هن ساڻس ان ساڳئي ڪمري ۾ ويهي ڳالهايو، جنهن ۾ هوءَ هڪڙو ڀيرو گروشينڪا سان ملي هئي. ڀر واري ڪمري ۾ ايون فيودورووچ سخت تپيو پيو هو. ڪيٽرينا ايوانونا ڪورٽ واري واقعي کان ستت پوءِ، ماڻهن جي اڻٽر چوپچو ۽ خلق ۾ خواريءَ جي پرواهه نه ڪندي، ايون کي پنهنجي گهر کڻائي وئي هئي. جيڪي ٻه مائٽ وٽس رهيل هئا، تن مان هڪڙو ڪورٽ واري واقعي کان هڪدم پوءِ ماسڪو هليو ويو هو، ٻيو اڃا تائين رهيل هو.پر جيڪڏهن ٻئي هليا وڃن ها، تڏهن به ڪيٽرينا ايوانونا ڏينهن رات بيمار جي پاسي ۾ ويهي سندس پرگهور لهندي ۽ ٽهل ٽڪور ڪندي رهي ها. مريض جو علاج ۽ هرزينٽيوب ڪري رهيا هئا. ناليرو ڊاڪٽر ماسڪو موٽي ويو هو، ۽ اها راءِ ڏيڻ کان نابري واري هئائين ته مريض ڪيستائين چاڪ ٿي ويندو. ڊاڪٽرن ڪيٽرينا ايوانونا ۽ اليوشا کي دلجاءِ ته ڪرائي هئي، پر اڃا کين چاڪائيءَ جي پڪي اميد نه ڏياري سگهيا هئا.
اليوشا روز ٻه ڀيرا ڀاءُ کي ڏسڻ ايندو هو. پر هن ڀيري ڪو خاص تڪڙو ڪم هوس، ۽ اڳواٽ خبر هيس ته ڳالهه ڪڍڻ ڪيڏو نه ڏکيو ٿيندو، تڏهن به کيس ڏاڍي تڪڙ هئي. ان صبح جو کيس ڪو ٻيو ڪم به هو. جيڪو ضرور ڪرڻو هو ۽ تڪڙ ضروري هئي.
کين ڳالهائيندي پاءُ ڪلاڪ جو ٿي ويو هو. ڪيٽريناايوانونا لهڪاريل ۽ ڏاڍي ٿڪل هئي، تڏهن به هوءَ وڏي جوش ۾ هئي. کيس اندازو هو ته اليوشا وٽس ڇا ڳالهائڻ آيو هو.
”سندس فيصلي جو اُلڪو نه ڪر.“ هن اليوشا کي پوري ويساهه سان زور ڏيندي چيو. ”هيئن يا هونءَ کيس اهو ئي فيصلو ڪرڻو هو، کيس ضرور ڀڄي وڃڻ کپي. ڏکويل انسان، هو مانائتو ۽ وڙائتو سورمو. دمتري فيودورووچ نه پر هو در جي ٻئي پاسي پيل انسان، جنهن هن لاءِ ايڏي قرباني ڏني آهي.“ ڪاتيا تجلا ڏيندڙ اکين سان وڌيڪ چيو. ” هن مون کي گهڻو اڳ فرار جي سڄي رٿ ٻڌائي هئي. خبر ٿئي ته هن اڳيئي ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون آهن....... مون توکي ٿورو گهڻو اڳ به ٻڌايو ته آهي......... ڏس، اهو گهڻو ڪري ٽين منزلگاهه وٽ تڏهن ٿيندو، جڏهن قيدين جي ٽوليءَ کي سائبيريا وٺي وڃي رهيا هوندا. اڃا گهڻو وقت پيو آهي. ايون فيودورووچ ٽين منزلگاهه جي داروغي سان اڳيئي ملي چڪو آهي. پر اڃا اهو پتو ناهي پيو ته ٽولي ڪنهن جي حوالي هوندي، ۽ اهو ايترو اڳ معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي. سڀاڻي شايد مان توکي رِٿ جو وچور ڏيکاريان. اهو ايون فيودورووچ ڪيس هلڻ کان هڪ ڏينهن اڳ مون وٽ ڇڏي ويو هو ته متان ان جي لوڙ پوي. ياد ڪر، ان ڏينهن، جنهن ڏينهن تو اسان کي پاڻ ۾ جهيڙو ڪندي ڏٺو هو. ان مهل ڏاڪڻ لهي ويو هو، پر توکي ڏسي مون کيس موٽي اچڻ تي مجبور ڪيو هو. ياد ٿئي نه؟ خبر ٿئي ته تڏهن اسان ڇا تان جهيڙي رهيا هئاسون؟“
”نه مون کي خبر ڪانهي.“ اليوشا وراڻيو.
”جائي هن توکي ڪونه ٻڌايو هوندو. اهو جهيڙو فرار جي رٿ تان هو، ۽ اسان هڪدم جهڳڙڻ لڳا هئاسون، ۽ ٽئي ڏينهن ساندهه جهيڙندا رهيا هئا سون، جهيڙو ايون فيودورووچ جي ائين چوڻ تان ٿيو هو ته جيڪڏهن دمتري فيودورووچ کي ٽيپ آئي ته هو هن رن سان ڀڄي ويندو. مون کي ان ئي مهل ايڏي ته سخت ڪاوڙ آئي هئي جو مان توکي نٿي ٻڌائي سگهان ته ڇو، ڇو ته مون کي پاڻ خبر ڪانهي ته ڇو....... ها، ائين برابر آهي ته مان هن رن تي سخت ڪاوڙيل هيس، ۽ اِن تان به ڪاوڙي هيس ته هوءَ دمتريءَ سان گڏ پرڏيهه وڃي!“ ڪيٽرينا ايوانونا اوچتو واڪو ڪندي چيو ته سندس چپ ڪاوڙ وچان ڪنبي رهيا هئا، ”ايون فيودورووچ جيئن ئي ڏٺو ته مان ان رن تان اڃا به پئي ڪاوڙجان، تيئن ئي هن اهو سمجهيو ته مان سڙان ٿي ۽ اڃا تائين دمتريءَ سان پيار ٿي ڪريان، اسان جو پهريون جهيڙو ائين شروع ٿيو هو. مون وٽ ڪا سمجهاڻي به ڪانه هئي، نه معافي وٺڻ جهڙي هيس. مان اهو سوچي ئي نه پئي سگهان ته ههڙو انسان مون ۾ اهو شڪ ڪري سگهي ٿو ته مان اڃا به هن سان پيار ڪريان ٿي..... جڏهن مان کيس گهڻو اڳ ٻڌائي چڪي هيس ته مون کي دمتريءَ سان محبت ڪو نه رهي هئي، ۽ مون سواءِ هـُـن جي ٻئي ڪنهن سان پيار به نٿي ڪيو! اها منهنجي هن رن سان چڙ هئي، جنهن مون کي ايون فيودورووچ سان ويڙهايو هو، ٽئين ڏينهن پوءِ، جنهن پوياڙيءَ جو تون آئين، هن مون کي هڪ مهربند لفافو آڻي ڏنو. جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي پوي ته مون کي اهو لفافو هڪدم کولڻو هو. ووءِ، هن کي پنهنجي بيمار ٿيڻ جي اڳواٽ ئي سـُـڌ هئي! هن مون کي ٻڌايو ته لفافي ۾ متيا جي فرار جو وچور هو، ۽ جيڪڏهن هو مري وڃي يا سخت بيمار ٿي پوي ته مون کي اڪيلي سر متيا کي بچائڻو هو. پوءِ رقم ڏنائين. جيڪا ذري گهٽ ڏهه هزار روبل هئي. اهي ئي نوٽ جن جو سرڪاري وڪيل پنهنجي تقرير ۾ ذڪر ڪيو هو. جن بابت کيس ڪنهن کان پتو پيو هو ته هن شهر موڪلي مٽرايا هئا. مون کي ان ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو هو ته ايون فيودورووچ پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ جو خيال اڃا لاٿو ڪونه هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي فرار ڪرائڻ جي رٿ مون کي ٻڌائي رهيو هو، توڻي جو تڏهن به ساڙ هيس ۽ پڪ هيس ته مان متيا سان پيار ٿي ڪريان. اها قرباني هئي! نه اليگزي فيودورووچ، تون ان قربانيءَ جي مهانتا نه سمجهي سگهندين. مان احترام وچان سندس پيرن تي ڪرڻ واري هيس، پر هڪدم خيال آيم ته مون متيا جي بچائجڻ تان گد گد ٿي ائين پئي ڪيو ( ۽ هو سچ پچ ائين سمجهي ها) ۽ ههڙي بيواجبي سوچ جي رڳو امڪان تي ئي ايتري چڙ آيم جو مان آپي مان ٻاهر نڪري ويس، ۽ بجاءِ سندس پيرن چمڻ جي ڪاوڙ ڏيکارڻ لڳس! ووءِ، مان ڏکايل آهيان! اهو منهنجو سڀاءُ آهي، منهنجو نڀاڳو سڀاءُ! ووءِ ووءِ، تون ڏسندين، مان کيس به ايڏو بيزار ڪري ڇڏيندس جو هو مون کي ڇڏي وڃي دمتريءَ جيان، ڪاٻي اهڙي هٿ ڪندو، جنهن سان هلي سگهي. پر.... مون کان سٺو نه پئي ٿيو، ڇونه پاڻ ماري ڇڏيان، ۽ پوءِ تون اچي وئين، ۽ مون کيس واپس سڏيو. هن مون کي اهڙي حقارت ۽ ڌڪار ڀريل نظرن سان ڏٺو، جو مون کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو- توکي ياد هوندو- مون تو کي دانهن ڏني ته اهو ڇڙو هو ئي هو، جنهن مون کي دمتريءَ جي خوني هجڻ جو يقين ڏياريو هو! مون اها ڳالهه، بغض وچان کيس وري ڦٽڻ لاءِ ڪئي هئي. هن مون کي ڪڏهن به،ڪڏهن به اهو يقين نه ڏياريو هو ته ڀاڻس خوني هو. ان جي برخلاف اها مان ئي هيس، جنهن کيس اهو يقين ڏياريو هو! ووءِ، ووءِ، منهنجو بڇڙو سڀاءُ ئي هر ڳالهه جو ڪارڻ هو! ڪورٽ اندر ان هيبتناڪ واقعي جي واٽ مون ئي گهڙي هئي. هن مون کي ڏيکارڻ ٿي چاهيو ته هو عزت وارو ماڻهو آهي ۽ توڻي جو مان سندس ڀاءُ سان پيار ٿي ڪريان، هو وير يا ساڙ وچان کيس برباد نه ڪندو. سو هو ڪورٽ آيو...... سڀ جي ڪارڻ مان آهيان، سڄو ڏوهه منهنجو آهي!“
ڪاتيا اڳي ڪڏهن به اليوشا اڳيان اِهي ڳالهيون نه باسيون هيون، ۽ کيس لڳو ٿي ته هوءَ سهڻ کان ٻاهر پيڙا ڀوڳڻ جي انهيءَ منزل تي هئي، جتي هٺيلي ۾ هٺيلي دل به پنهنجو هٺ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڏک هٿان ماٺ کائي ڊهي پوندي آهي، ۽ ها اليوشا کي سندس هاڻوڪي پيڙا جو هڪ ڀوائتو سبب به معلوم هو، توڻي جو هوءَ ڪيس کان پوءِ وارن ڏينهن ۾ کانئس لڪائيندي رهي هئي، هوءَ ڪيس ۾ پنهنجي ’دغا‘ تان ڀوڳي رهي هئي، ۽ اليوشا کي لڳو ٿي ته سندس ضمير کيس مجبور ڪري رهيو هو ته هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي، رڙندي ۽ فرش تي ڦٿڪندي هن آڏو، اليوشا آڏو، باسي پر، هو ان پل کان ڊنو ٿئي ۽ چاهيائين ٿي ته هو ائين نه ڪري، ائين ٿيو ته جنهن سانگ سان هو آيو هو، سا وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي. هن وري متيا جي ڳالهه چوري.
”مڙيئي خيّر آهي، مڙيئي خير آهي، هـُـن جو الڪو نه ڪر!“ هوءَ تکائيءَ ۽ هوڏ سان وري شروع ٿي وئي. ”اهو سڀ گهڙي پل لاءِ آهي. مان کيس سڃاڻان، مان سندس سڀاءُ کان چڱي طرح واقف آهيان. يقين ڪر، هو ڀڄي وڃڻ تي راضي ٿي ويندو. هڪدم به ته ناهي ٿيڻو، کيس پنهنجو ذهن ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو، جيڪو وٽس آهي. ايون فيودورووچ تيستائين چاڪ ٿي ويندو ۽ سڀ پاڻ سنڀاليندو، ۽ منهنجو ڪو واسطو نه رهندو، ڳڻتي بلڪل نه ڪر. هو ڀڄي وڃڻ تي اوس راضي ٿيندو. هن اڳيئي مڃيو آهي: ڇا تون سمجهين ٿو ته هو ان رن کي ڇڏي ڏيندو؟ ۽ هو کيس هن وٽ وڃڻ نه ڏيندا. سو هو ضرور ڀڄي وڃڻ چاهيندو. اهو تون آهين. جنهن کان هو سڀني کان وڌيڪ ڊڄي ٿو، هن کي ڀؤ آهي ته تون اخلاقي اصولن جي ڪري سندس ڀڄي وڃڻ پسند نه ڪندين، پر جي تنهنجي مرضي ايتري ئي ضروري آهي ته پوءِ تو کي ڪهڪاءُ ڪندي مڃڻ گهرجي.“ ڪاتيا ڪرڙائيءَ سان چيو. هن ساهي پٽي ۽ مرڪي ڏٺائين.
”هو ڪنهن مناجات جون ڳالهيون ٿو ڪري.“ هوءَ وري چوڻ لڳي. ”ڪا ٽياس آهي، جا کيس کڻڻي آهي، ڪو فرض آهي، جو کيس پورو ڪرڻو آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته ايون فيودورووچ مون کي ان باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌايو هو. ۽ توکي خبر هوندي، هن ڪيئن ڳالهايو هو!“ ڪاتيا اوچتو اجهل جوش ّ۾ اچي رڙ ڪئي. ”اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها ته جنهن مهل هن مون سان اِها ڳالهه ڪئي، تنهن مهل کيس ان اڀاڳي انسان سان ڪيڏو نه پيار هو ۽ شايد ساڳئي وقت ڌڪار به هيس. مون چپن ۾ کلندي حقارت سان سندس ڪهاڻي ٻڌي ۽ سندس ڳوڙها ڏٺا. حيوان! ها، مان حيوان آهيان، مان ئي هن جي تپ جي ذميوار آهيان. پر هو قيد ۾ پيل ماڻهو ڀوڳڻ لائق ئي ڪونهي.“ ڪاتيا چڙ مان ڳالهه پوري ڪئي. ”ڇا اهڙي قسم جو ماڻهو ڀوڳي سگهي ٿو؟ هن جهڙا ماڻهو ڪڏهن به ناهن ڀوڳيندا.“
هـُـن جي لفظن ۾ ڌڪار ۽ بڇان جا پرياءَ هئا، پر تڏهن به اها هوءَ هئي، جنهن کيس دغا ڏني هئي. ’شايد هوءَ محسوس ڪري ٿي ته ساڻس جٺ ڪئي اٿائين، ان ڪري ڪنهن ڪنهن پل کيس ڌڪارڻ لڳي ٿي،‘ اليوشا پنهنجي منهين سوچيو. کيس اميد هئي ته اهو ڌڪارڻ ڪنهن ڪنهن پل ئي ٿيو ٿئي. ڪاتيا جي آخري لفظن ۾ کيس للڪار نظر آئي هئي، پر هن ان کان ٽارو ڪيو.
”مون اڄ صبح توکي ان لاءِ سڏايو هو ته تون پاڻ هن کي راضي ڪر. يا ڇا تون به ته اِهو نٿو سوچين ته ڀڄي وڃڻ بيعزتي، ڀاڙ يائپ يا اهڙي ڪا شئي.... شايد غير ڪـِـرستاني هوندو؟“ ڪاتيا لاپرواهيءَ سان وڌيڪ چيو.
”نه، بلڪل نه، مان کيس سڀڪجهه ٻڌائيندس.“ اليوشا ڀڻڪيو، ۽ سندس آلين اکين ۾ هڪ ٽڪ نهاريندي اوچتو چئي ڏنائين، ” هن اڄ توکي ملي وڃڻ لاءِ چيو آهي.“ هوءَ ڇرڪي، ۽ صوفي تي کانئس ٿورو پري ٿي وئي.
”مون کي؟ ائين ڪيئن هوندو؟“ هوءَ هٻڪي، ۽ هئڊي ٿي وئي.
”ائين آهي، ۽ هجڻ به گهرجي،“ اليوشا شد مد سان چوڻ لڳو، ۽ جيئن پوءِ اتساهڪ ٿيندو ويو. ” کيس هن وقت خاص تنهنجي ضرورت آهي. ضروري نه هجي ها ته مان اها ڳالهه ڪري توکي پريشان نه ڪيان ها. هو بيمار آهي، دل جاءِ ڪونهيس، وري وري تنهنجو ٿو پڇي. تو کي پر چاءَ لاءِ نه سڏايو اٿئين، پر رڳو ان لاءِ ته تون اوڏنهين وڃي درکان پاڻ پسائيندينءَ. تنهن ڏينهن کان پوءِ ساڻس گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. کيس احساس آهي ته حد کان وڌيڪ ڏکويو اٿس. معافي وٺڻ نه ٿو چاهي. پاڻ چوي ٿو . ’مون کي معاف ڪرڻ ناممڪن آهي.‘- پر فقط ايترو ته تون وڃي در کان منهن ڏيکارينس.“
”اهو ايڏو اوچتو آهي.......“ ڪاتيا هٻڪندي چيو. ”ڪيترن ڏينهن کان مون کي پرون پئي پيا ته تون اهو نياپو کڻي ايندين. مون کي پتو هو ته هو مون کي اچڻ لاءِ چوندو. اهو ناممڪن آهي.“
”ڀلي ناممڪن هجي، پر ائين ڪر، رڳو اهو سوچ ته کيس پهريون ڀيرو احساس ٿيو آهي ته توکي ڪيڏو نه ڏکويو اٿس، حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو، هن اڳ ڪڏهن به ائين پوريءَ ريت نه سمجهيو هو. هن چيو، ’جي هوءَ اچڻ کان انڪار ٿي ڪري ته مون کي سڄي عمر اهو ڏک رهندو.‘ ٻڌين ٿي نه. جيتوڻيڪ کيس ويهه ورهيه سخت پورهئيءَ سان ٽيپ ملي آهي. تڏهن به هو خوش رهڻ ٿو چاهي.- ڇا اها قياس جهڙي ڳالهه ناهي. سوچ، توکي هن ڏي ضرور وڃڻ کپي: هو برباد ٿي ويو آهي ته ڇا ٿي پيو، آهي ته بيگناهه.“ اليوشا جي واتان ائين نڪتو، ڄڻ للڪاريندو هجي. ”سندس هٿ صاف آهن، اهي رت هاڻا ناهن! خيال ڪر ته کيس اڳيان ڪيڏو ڀوڳڻو آهي، هينئر وڃي ملي اچينس. کيس اوندهه ۾ وڃڻ واري واٽ تي وڃي کيڪار- در تي وڃي بيهينس، بس ايترو ئي ڪر..... تو کي ائين ڪرڻ جڳائي، تو کي جڳائي!“ اليوشا ”جڳائي“ لفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندي بس ڪئي.
”مون کي جڳائي...... پر مون کان پڄندو ڪو نه.................“ ڪاتيا هڙ ڪندي چيو. ”هو مون کي ڏسندو.......... نه مون کان نه پڄندو.“
”توهان جون نظرون ملڻ کپن. جي هينئر ارادو نٿي ڪرين ته سڄي ڄمار ڪيئن گهاريندينءَ؟“
”چڱو آهي ته سڄي ڄمار ڀوڳيان.“
”توکي وڃڻ جڳائي، توکي وڃڻ جڳائي،“ اليوشا بيرحميءَ سان زور ڏيندي ورجايو.
”پر اڄ ڇو ..... هڪدم ڇو؟ مان اسان واري مريض کي ڇڏي نٿي سگهان.“
”ڇڏي سگهين ٿي، گهڙيءَ کن لاءِ. بس گهڙي کن ئي لڳندو. تون نه هلندينءَ ته هو رات تائين هذيان جي ور چڙهي ويندو. مان توسان ڪوڙ نٿو ڳالهايان، هن تي قياس ڪر.“
”مون تي قياس کاءُ!“ ڪاتيا ڪڙو ڏوراپو ڏنس ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
” ته پوءِ تون ايندينءَ.“ اليوشا سندس ڳوڙها ڏسي پختائيءَ سان چيو. ”مان کيس وڃي ٻڌايان ٿو ته تون اچڻ واري آهين.“
”نه کيس ڪڏهن به اهو نه ٻڌائجانءِ.“ ڪاتيا هراسجي چيو. ” مان اينديس، پر کيس اڳواٽ نه ٻڌائجانءِ، ڇو ته مان اتي وڃان، پر اندر نه وڃان....... اڃا ڪا خبر ڪانهي.“
آواز جواب ڏيئي ڇڏيس، ۽ اُڀا ساهه کڻڻ لڳي. اليوشا وڃڻ لاءِ اُٿي بيٺو.
”ڪنهن ڏسي ورتو ته پوءِ؟“ هـُـن جهيڻي آواز ۾ اوچتو چيو، ۽ وري هئڊي ٿي وئي.
”ان ڪري ئي ته چوان ٿو ته هينئر وڃ ته جيئن ڪو ڏسي نه، مان توکي پڪ ٿو ڏيان ته هن وقت اتي ڪوئي نه هوندو. اسان تنهنجو انتظار ڪنداسين.“ هن زور ڏيندي ڳالهه پوري ڪئي ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.

باب ٻيو: گهڙي پل لاءِ ڪوڙ سچ ٿي پوي ٿو

اليوشا تڪڙو تڪڙو اسپتال ويو، جتي متيا هينئر داخل هو. جنهن ڏينهن متيا جي قسمت جو فيصلو ڪيو ويو هو. تنهن ڏينهن کيس حواسي تپ ٿي پيو هو، ۽ شهر واري اسپتال جي قيدين واري وارڊ ۾ آڻي رکيو ويو هو. پر ڊاڪٽر وارونسڪي گهڻن (اليوشا، مادام هائلڪوف، لـِــزي وغيره) جي چوڻ تي متيا کي ٻين قيدين سان گڏ نه پر هڪ ننڍي پاسيري ڪوٺيءَ ۾، جتي سميرڊياڪوف کي رکيو ويو هو، داخل ڪيو هو. اها رعايت مڙيئي ڪجهه قاعدي جي خلاف هئي، پر جيئن ته دالان جي پرينءَ ڪنڊ تي پهريدار به هو ۽ ڪوٺيءَ جي دري شـِـيخن جو پڃرو به لڳل هو. سو ڊاڪٽر وارونسڪيءَ کي گهڻو الڪو ڪو نه هو، هو دل جو نرم ۽ ٻاجهارو جوان هو، کيس پتو هو ته متيا جهڙي ماڻهوءَ لاءِ اوچتو ڌاڙيلن ۽ خونين جي صحبت ۾ وڃڻ ڪيڏو نه ڏکيو ٿيندو. ۽ چڱو اهو آهي ته هو اهڙي صحبت سان هوريان هوريان هـِـري . متيا کي ڊاڪٽر، مقدم ۽ ويندي پوليس ڪئپٽن طرفان مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ جي موڪل هئي. پر رڳو اليوشا ۽ گروشينڪا ئي ملڻ ايندا هئس. ريڪٽن ٻه ڀيرا زوريءَ اندر اچڻ جي ڪئي هئي، پر متيا ڊاڪٽر کي ٻاڏايو هو ته کيس اندر اچڻ نه ڏي.
اليوشا آيو ته متيا بستري تي اسپتال وارو جبو پايو ويٺو هو. ٿوري ڪڻس هيس ۽ مٿي تي سـُـرڪي ۽ پاڻي ۾ ٻوڙيل ٽوال هوس. اليوشا اندر آيو ته متيا مبهم تاثر وارين نظرن سان ڏٺس، پر تڏهن به انهن ۾ اُڊڪي جهڙي ڪنهن شئي جو هلڪو رنگ به جهلڪيو ٿي. ڪيس کانپوءِ هو سوچن ۾ غلطان رهڻ لڳو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته اڌ اڌ ڪلاڪ به چپ رهندو هو ۽ لڳندو هو ته هو هر شئي کان بيخبر ڪنهن تمام ڳري ۽ سـُـورائتي ويچار ۾ آهي. انهن سوچن مان سجاڳ ٿي ڪجهه چوندو هو ته سندس ڳالهائڻ ۾ هميشه هڪ قسم جي اٻهرائي هوندي هئي. ۽ اهو نه چوندو هو، جيڪو سچ پچ چوڻون هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڀاءُ کي پيڙا ڀوڳيندڙ منهن سان ڏسندو هو. پاڻ اليوشا بنسبت گروشينڪا سان وڌيڪ سهنجو ڀائيندو هو، توڻي جو ساڻس ڳالهائيندو ورلي ڪو هو، پر جيئن ئي هوءَ اندر گهڙندي هئي، تيئن هن جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳندو هو.
اليوشا اچي هن وٽ هنڌ تي ويهي رهيو. هن ڀيري متيا کي اليوشا جي وڏي انتظاري هئي، پر کانئس ڪجهه پڇڻ جي همٿ ڪانه پئي ٿيس. کيس ڪاتيا جي اچڻ تي راضي ٿيڻ، اڻ ٿيڻي ٿئي ڀاسيو، ۽ ساڳي وقت کيس لڳو ٿئي ته هوءَ آئي به سهي ته ڪائي سوچ کان پري ڳالهه پرگهٽ ٿيندي. اليوشا سندس جذبات کي سمجهندو هو.
”مون کي ڪنهن ٻڌايو آهي“ متيا وائڙو وائڙو، چوڻ لڳو، ” ته تريفون بورسووچ پنهنجي سراءِ اڊيڙي ڇڏي آهي. چون ٿا ته فرش پٽائي ڇڏيو اٿائين، تختا ڪڍائي ڇڏيا اٿائين. مهاڙي ڀڃائي ڇڏي اٿائين. هر وقت خزانو پيو ڳولي. اهي پنڌرنهن سؤ روبل جيڪي سرڪاري وڪيل چوي ٿو ته مون اتي لڪايا آهن. چون ٿا ته هو جيئن ئي گهر آيو هو، تيئن ئي اهي حرڪتون ڪرڻ لڳو هو. ڪيتو ٿو ڀوڳي، ٺڳ ڪنهن جاءِ جو، مون کي پهريدار ٻڌايو، هو اتان جو آهي.“
”قـُـُڌ،“ اليوشا چيس، ”هوءَ ايندي پر خبر ناهي ته ڪڏهن. شايد اڄ، شايد ڏينهن ٻن ۾، اهو مان نٿو چئي سگهان، پر هوءَ ايندي، اها پڪي ڳالهه آهي.“
متيا ڇـِـرڪ ڀريو. ڪجهه چوي ها، پر چپ رهيو. ان خبر مٿس زبردست اثر ڪيو هو. هن پڌري پٽ ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون، پر پڇڻ کان گهٻرايائين پئي، متان ڪاتيا ڪا اهڙي ظلمي ۽ حقارت واري ڳالهه ڪئي هجيس، جيڪا اندر ڪاتيءَ جيان ڪوري وجهي.
”هن ٻين ڳالهين سان گڏ هيءُ پڻ چيو ته مان ڀڄي وڃڻ واري مامري بابت تنهنجي ضمير کي مطمئن ڪيان، ايون تيستائين چاڪ نه ٿيو ته هوءَ پاڻ سڀ ڪجهه ڪندي.“
”تو اهو اڳي به چيو هو.“ متيا پور پچائيندي چيو.
”ها، ۽ تو اِها ڳالهه گروشينڪا کي ٻڌائي ڇڏي آهي،“ اليوشا چيو.
”ها“ متيا مڃيو ”هوءَ اڄ صبح جو ڪو نه ايندي.“ هن ڀاءُ کي هيسيل نموني ۾ ڏٺو. ”هوءَ سانجهيءَ کان اڳ نه ايندي. جڏهن مون ڪالهه کيس ٻڌايو ته ڪاتيا اُپاءَ وٺي رهي آهي، تڏهن هوءَ چـُـپ رهي هئي. پر چـَـپَ ڀيڪوڙي ڇڏيا هئائين. رڳو ايترو ڀڻڪي هئي، ’ڀلي وٺي!‘ کيس مامري جي اهميت جو احساس هو. مون ۾ کيس وڌيڪ چورڻ جي همت نه هئي. آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ کيس سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ڪاتيا کي هاڻي منهنجي پرواهه ڪانهي، هوءَ ايون سان پيار ٿي ڪري.“
”ڇا واقعي؟“ اليوشا جي وات مان نڪتو.
”شايد، پر اڄ صبح جو ڪونه پئي اچي،“ متيا تڙ تڪڙ ۾ وضاحت ڪئي. ”مون کيس هڪڙو ڪم چيو هو. ايون اسان سڀني کان اُتم آهي. اسان جيئرا رهون نه رهون. کيس رهڻ کپي. هت چاق ٿي ويندو.“
”اعتبار ڪندين ته ڪاتيا کي سندس ڏاڍي ڳڻتي آهي، پر تڏهن به سندس چاڪ ٿيڻ ۾ خير ڪو شڪ اٿس.“ اليوشا چيو.
”چئبو ته هڪ پڪ ئي پڪ مري ويندو. اهو ان ڪري ته هوءَ ڊڄي ٿي ته کيس سندس چاق ٿيڻ جي ايتري پڪ آهي.“
”ايون سگهاري هاٺيءَ وارو آهي. مان پڻ وسهان ٿو ته سندس چاق ٿيڻ جي هر ڪا اُميد آهي.“ اِليوشا ڳڻتيءَ مان چيو.
”هائو هو چاق ٿي ويندي. پر هوءَ ضرور سمجهي ٿي ته هو مري ويندو کيس ڏاڍو ڏک ڏسڻو آهي.......“ ماٺ ڇانئجي وئي، متيا کي ڪنهن وڏي ڳڻتيءَ لــُــڇ پــُــڇ ۾ وجهي ڇڏيو هو.
”اليوشا، مون کي گروشا سان ڏاڍي محبت آهي،“ هن اوچتو ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”هو کيس ڪونه ڇڏيندو تو ڏي اوڏنهين اچي.“ اليوشا هڪدم چيو.
” ۽ آءٌ تو کي هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌائڻ چاهيان ٿو،“ متيا گهڻڪاريندڙ لهجي ۾ چيو . ”جي هنن واٽ تي يا اتي مون کي ماريو ته آءٌ ماٺ نه رهندس. آئون ڪنهن کي ماري ڇڏيندس ۽ مون کي اِن تان گولي هڻي ڇڏيندا. ۽ ائين ويهه ورهيه هلندو! هو مون سان هونءَ ئي کهرو ڳالهائيندا آهن. آئون هت سڄي سڄي رات پيو هوندو آهيان ۽ پنهنجو پڇاڻو پيو ڪندو آهيان. آءٌ تيار ناهيان! آءٌ پاڻ کي راضي رهڻ تي آمادو نه ڪري سگهيو آهيان. آءٌ مناجات ڳائڻ ٿو چاهيان، پر ڪنهن پهريدار مون سان کهرو ڳالهايو ته مون ۾ اِهو سهي وڃڻ جي سگهه ڪانهي، گروشا لاءِ آءٌ ڪجهه به سهي سگهان ٿو، سواءِ ڌڪن جي، پر کيس اوڏانهين اچڻ ڪو نه ڏيندا.“
اليوشا سٻاجهي مرڪ مرڪيو.
”ٻـُـڌ، ادا، مان آخري ڀيرو چوانءِ ٿو.“ هو چوڻ لڳو. ”ان سڄي مامري بابت منهنجو خيال اجهو هي آهي، ۽ تو کي خبر آهي ته مان توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس، ٻـُـڌ: تون تيار ناهين، ۽ اهڙي ٽياس تو لاءِ ناهي. جڏهن تون ان لاءِ تيار ناهين، تڏهن تون اها شهيدن واري ٽياس کڻ به نه. تو اسان جي پيءُ کي ماريو هجي ها ته تون ان جي سزا رد ٿو ڪرين، پر تون بيگناهه آهين، ۽ اهڙي ٽياس تو لاءِ حد کان گهڻي آهي. تون ڏک ڀوڳي پاڻ کي ٻيو ماڻهو بڻائڻ ٿو چاهين. مان چوان ٿو ته جتي به هجين اهو ٻيو ماڻهو ياد رکجانءِ، ۽ اهو ئي تو لاءِ ڪافي آهي، ان مهان ٽياس کي تنهنجو تياڳ تو کي ساري عمر هڪ ٻئي وڌيڪ مهان فرض جي ياد ڏياريندو رهندو، ۽ اهو هر گهڙيءَ رهندڙ احساس شايد توکي نئون ماڻهو بڻائڻ جي وڌيڪ ڪم ايندو، تنهنجي اوڏنهين وڃڻ کان وڌيڪ، ڇو جو اُتي اهو احساس هوندو ئي ڪونه ، ۽ تون اندر ئي اندر جهـُـرندو رهندين، ۽ شايد انت چئي اٿيندين: ’ليکو لٿ پٿ‘ وڪيل اهو سچ چيو هو اهڙا ڳرا بار سڀني ماڻهن جي کڻڻ جهڙا ناهن.ڪن لاءِ ته ماڳهين ناممڪن هوندا آهن. اهي ٿئي منهنجا خيال، جن جي تو کي ايڏي سـَـڌَ هئي، جيڪڏهن ٻين ماڻهن کي تنهنجي ڀاڄ تان جواب ڏيڻو پوي ها ته مان تو کي ’موڪل‘ نه ڏيان ها،“ اليوشا مرڪيو. ”پر چون ٿا- ان منزلگاهه جي داروغي پاڻ ايون کي ٻڌايو هو- ته جي بندوبست جوڳو هوندو ته خاص وَڙول ڪانه ٿيندي، ۽ هو آسانيءَ سان ڇٽي ويندا. رشوت ڏيڻ برابر ڪڌو ڪم آهي، ويندي ههڙن مامرن ۾ به، پر مان ڪائي فتوا نٿو ڏيان، ڇو جو ايون ۽ ڪاتيا مون تي اهو ڪم رکندا ته پوءِ مون کي خبر آهي ته مان وڃي رشوتون ڏيندس. مون کي لازم آهي ته توسان سچ ڳالهايان. سو مان تنهنجي ڀڄڻ بابت ڪا فتوا نه ڏيندس. پر مان تو کي يقين ٿو ڏياريان ته توکي ڪڏهن به نه ننديندس، ۽ منهنجو ان معاملي ۾ فتوا ڏيڻ ڏاڍو عجيب ٿيندو، هاڻي مان سمجهان ٿو ته سڄي ڳالهه ڪري ڇڏي اٿم.“
”آءٌ پاڻ پاڻکي ننديان ٿو.“ متيا رڙڪئي. ”آءٌ ڀڄي ويندس اهو ته تو کان سواءِ ئي طئي ٿي چڪو هو، ڇا متيا ڪرامازوف ڀڄي وڃڻ ڌاران ٻيو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ پاڻ کي ننديندس ۽ هميشه عبادت ڪندس. يسوعي(1) ائين ئي ڳالهائيندا آهن نه؟ جيئن اسان پيا ڳالهايون؟“
”هائو،“ اليوشا نرميءَ سان مرڪندي وراڻيو.
”مون کي تنهنجي اها ڳالهه وڻندي آهي ته سدائين سڄو سچ چوندو آهين ۽ ڪڏهن به ڪجهه لڪائيندو ناهين،“ متيا خوشدليءَ سان کلندي چيو، ”سو مون پنهنجي اليوشا جو يسوعي هجڻ پڪڙي ورتو آهي. ان تان آءٌ تو کان چمي وٺندس. هاڻي باقي ٻڌ، آءٌ پنهنجي دل جو ٻيو پاسو تنهنجي لاءِ کوليان ٿو. مون هيءُ رٿيو ۽ فيصلو ڪيو آهي. جيڪڏهن آءٌ ڀڄي نڪتس، ۽ ڏوڪڙ ۽ پاسپورٽ به هوندم ۽ رخ آمريڪا ڏانهن رکيم ته آئون انهيءَ خيال تان سرهو ٿيندو رهندس ته آءٌ مزن ماڻڻ لاءِ، خوش گذارڻ لاءِ نه، پر شايد هڪ ٻي سائبيريا جهڙي جلاوطنيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان. اها تيتري ئي بڇڙي آهي، اليوشا تيتري ئي بڇڙي! مون کي آمريڪا کان نفرت آهي، هاڻي ئي لعنت ٿو وجهانس، جيتوڻيڪ گروشا مون سان ساڻ هوندي، رڳو هڪڙي نظر وجهي ڏسينس.ڇا هوءَ آمريڪي آهي؟ هوءَ ته روسي آهي. پنهنجن هڏن جي مــِــک تائين روسي. هوءَ سدائين وطن لاءِ سڪايل رهندي، ۽ آءٌ هر گهڙي پيو ڏسندس ته هوءَ منهنجي ڪري ڀوڳي رهي آهي. ۽ اها ٽياس منهنجي خاطر کنئي اٿس. ۽ هن ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ هت جيڪا ڪــُــت خلق هوندي، توڻي جو اهي مون کان وڌيڪ چڱا هوندا، منهنجانئن هر هڪ، تڏهن به آءٌ هنن کي ڪيئن جالي سگهندس؟ مون کي آمريڪا کان هاڻي ئي نفرت ٿي وئي آهي! ۽ توڻي جو منجهانئن هر هڪ، مشينن ۾ ڀڙ هوندا، تڏهن به هنن تي لعنت هجي ، هو منهنجي مٽيءَ مان ناهن. مون کي روس سان پيار آهي، اليوشا، مون کي روسي خدا سان پيار آهي، توڻي جو آءٌ لــُــچ آهيان، آءٌ اتي ٻوساٽجي ويندس!“ هن ڳالهايو پئي ته اکيون کـِـنوڻ وانگر کـِـنوي رهيون هيس، آواز ڳوڙهن جي ڪري ٿڙڪي رهيو هوس. ”سو مون هي فيصلو ڪيو آهي، اليوشا، ٻــُــڌ.“ هو پنهنجي جذبات کي وس ۾ آڻي وري شروع ٿيو. ”آءٌ ۽ گروشيا اُتي پهچڻ سان ئي زمين تي ڪم ڪرڻ لڳندا سون، ايڪانت ۾، ڪنهن ڏورانهين هنڌ، جتي جهنگلي رِڇ هجن. ڪي ڏورانهان هنڌ ته ضرور هوندا اُتي. مون ٻڌو آهي ته اُتي افق جي ڇيڙي وٽ ڪٿي ڳاڙهي چمڙيءَ وارا اڃا آهن. سو اسان جو رخ باقي بچيل موهيڪنن جي ملڪ ڏانهن هوندو، ۽ اتي اسان، آءٌ ۽ گروشيا، هڪدم ٻولي سکڻ جي ڪنداسين. ڪم ۽ ٻولي- ائين ٽئي ورهيه گذارينداسين. تيستائين اسان انگريزن وانگر انگريزي ڳالهائڻ لڳنداسين، جيئن ئي اسان ٻولي سکي ورتي، تيئن ئي آمريڪا کي خدا حافظ. اسان آمريڪي شهرين جي حيثيت ۾ روس موٽي اينداسين. اُلڪو نه ڪر، اسان هن ننڍڙي شهر ڪونه اينداسين، ڪٿي پري اُتر ۾ يا ڏکڻ ۾ لڪي رهنداسين، تيستائين آمريڪا ۾ منهنجو حـُـليو مٽجي ويندو ۽ گروشا جو پڻ، اُتان جا ڊاڪٽر منهنجي منهن تي ڪو موهيڙو وغيره ٺاهي ڇڏيندا، نه ته هنن جو مشينن ۾ اهڙي ڀڙ هجڻ جو ڪهڙو فائدو! يا وري پنهنجي هڪڙي اک ڪڍي ڇڏيندس، ڏاڙهي ڇڏي پوري هڪ وال ڪندس، ۽ روس لاءِ سڪندي اڇا پئجي ويندم. مون کي پڪ آهي ته هو اسان کي ڪونه سڃاڻي سگهندا، پر جي سڃاڻي ورتائون ته پوءِ ڀلي پيا سائبيريا اُماڻين- مون کي پرواهه ناهي. سمجهنداسين ته اسان جي نصيب ۾ اهو لکيل هو. هتي پڻ اسان ڪنهن سڃي پاسي زمين تي ڪم ڪنداسين، ۽ آءٌ باقي ساري عمر آمريڪي هجڻ جو منهن ڪندس. پر اسان پنهنجا پساهه پنهنجي وطن ۾ پورا ڪنداسين، اها آهي منهنجي رٿ ۽ ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي..... توکي وڻي؟“
”هائو،“ اليوشا چيو. هن سندس ترديد نه ٿي ڪرڻ چاهي. متيا منٽ کن ساهي کنئي، ۽ پوءِ اُمالڪ چيائين:
”ڪيس ۾ هنن ڪيئن نه ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري ڏيکاريو هو، ڳالهوڙو ڪري ڏيکاريو هون نه؟“
”جي نه به ڪن ها ته توکي ٽيپ ته ڏيڻي هين،“ اليوشا ٿڌو ساهه ڀري چيو.
”هت ماڻهو مون مان تنگ آهن! خدا خوش رکين، پر آهي ڪٺن.“ متيا ڏک وچان ڪــُــرڪيو. وري کن پل ماٺ ٿي وئي.
”مون کي منهنجي پيڙا مان هڪدم ڪــَــڍُ!“ متيا اوچتو واڪو ڪيو. ”مون کي ٻڌاءِ، هوءَ هينئر ايندي يا نه؟ ٻڌاءِ مون کي هن ڇا چيو هو؟ ڪيئن چيو هو؟“
”اچڻ جو بلڪل چيو هئائين، پر مون کي پتو ناهي ته اڄ ايندي يا نه. هن لاءِ ڏکيو به ته آهي، توکي پاڻ خبر آهي.“ اليوشا ڊڄندي ڀاءُ ڏانهن نهاريو.
”ها، بيشڪ هن لاءِ ڏکيو آهي! اليوشا، ائين ته آءٌ چريو ٿي پوندس. گروشيا مون کي نهاريندي رهندي آهي. هوءَ سمجهي ٿي. منهنجا خدا. منهنجي دل کي سڪون ڏي. مون کي ڇا ٿو کپي؟ ڇا ڪاتيا ٿي کپيم؟ ڇا مون کي پتو آهي ته ڇا ٿو کپيم؟ اها ئي ڪرامازوفن جي هٺيلي ۽ بڇڙي طبع. نه آءٌ ڀوڳڻ جهڙو آهيان ئي ڪو نه. آءٌ رڳو بدمعاش آهيان. بس اهو ئي چئي سگهجي ٿو.“
”هوءَ اچي پئي،“ اليوشا رڙ ڪئي.
ايتري ۾ ڪاتيا در مان پر گهٽ ٿي. هوءَ کن پل اتي ئي بيهي متيا کي تپرس وچان تڪيندي رهي. هو ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو. ۽ اکين ۾ ڊنل هجڻ جو تاثر اُڀري آيس. هو هئڊو ٿي ويو، پر اوڏيءَ مهل سندس چپن تي هيسيل، ليلائيندڙ مرڪ ظاهر ٿي، ۽ هن جا ٻئي هٿ اجهل اُڌمي وچان ڪاتيا ڏانهن وڌي ويا، جن کي ڏسندي ئي هوءَ هوڙائيءَ وچان هٿن ڏانهس ڊوڙي آئي، ۽ سندس ٻئي هٿ سـُـڪ ڪري ذري گهٽ زوريءَ هنڌ تي ويهاري ڇڏيائينس. ۽ پاڻ به سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليو، ڀرسان ويهي رهيس. ٻنهي ڪيئي ڀيرا ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اکر به نه اُڪلين، ۽ وري هڪ ٻئي کي عجيب مرڪ سان، اکين ۾ اکيون پائي تڪڻ لڳا.
”مون کي معاف ڪري ڇڏيو اٿئي نه؟“ متيا نيٺ چئي ڏنو، ۽ ساڳئي وقت اليوشا ڏانهن مـُـڙي خوشيءَ وچان ٻهڪندڙ منهن سان رڙ ڪيائين، ” ٻڌين ٿو، آءٌ ڇا پيو پڇانس، ٻڌين ٿو نه؟“
”ان ڪري ئي مون ته تو سان پيار ڪيو هو، تون دل جو سخي آهين،“ ڪاتيا جي وات مان نڪتو. ”منهنجو توکي معاف ڪرڻ ۽ تنهنجو مون کي هاڻ ڪهڙي ڪم جو، تون مون کي معاف ڪرينءَ يا نه، سدائين منهنجيءَ دل ۾ ڏکندو رهندين، ۽ مان تنهنجيءَ ۾- هميشه ائين ئي رهندو..“ هن چپ ڪري ساهي پٽي. ”مان ڇا لاءِ آئي آهيان؟“ هوءَ بدحواس ٿي اُٻهرائيءَ مان وري چوڻ لڳي. ”تنهنجن پيرن کي ڳراٽڙي پائڻ ۽ تنهنجا هٿ هينئن جهلڻ، تان جو سور ٿيڻ لڳي- تو کي ياد آهي نه، ماسڪو ۾ ڪيئن انهن کي ڀيڪوڙيندي هيس- تو کي وري اهو ٻڌائڻ ته تون منهنجو ديوتا آهين. منهنجي خوشي، ۽ اهو چوڻ ته مان تنهنجي پيار ۾ چري آهيان،“ هوءَ پيڙا وچان ڪنجهي ۽ اُمالڪ سندس هٿ بکين وانگر پنهنجن چپن سان لڳائي ڇڏيائين. سندس اکين منجهان ڳوڙها وهڻ لڳا. اليوشا کي تپرس وچان ماٺ وٺي وئي هئي، هو جيڪي ڏسي رهيو هو، سو ڪڏهن خيال ۾ ئي نه آيو هوس.
”پيار پورو ٿي ويو آ متيا!“ ڪاتيا وري چيو. ”پر ماضي مون کي ڏاڍو پيارو آهي. ڄاڻ ته تون مون لاءِ سدا اهڙو ئي رهندين، پر هاڻ ڇڏ ته جيڪو هوند ٿي پئي ها، سو گهڙي پل لاءِ ٿي پوي،“ هوءَ هٻڪي چپ ٿي وئي، منهن تي ٿڪل ٿڪل مرڪ اچي ويس، وري متيا جي اکين ۾ سرهائيءَ سان تڪڻ لڳي. ”تون ٻي عورت سان پيار ٿو ڪرين مان ٻئي مرد سان، پر تڏهن به منهنجو توسان هميشه پيار رهندو، ۽ تنهنجو مون سان، ڄاڻين ٿو نه؟ ٻڌين ٿو ته؟ مون سان سڄي عمر پيار ڪجانءِ، مون سان سڄي عمر پيار ڪجانءِ.“ هن ذري گهٽ دڙڪي سان ڏڪندڙ لهجي ۾ چيو.
”آءٌ تو کي پيار ڪندس، ۽... خبر ٿي، ڪاتيا،“ متيا هر لفظ تي ڊگهو اونهو ساهه کڻندي چوڻ لڳو، ”خبر ٿي پنج ڏينهن اڳ. ساڳي پوياڙيءَ جو، جڏهن تون ڦان ٿي ڪري پئي هئينءَ ۽ تو کي ٻاهر کڻي ويا هئا.. مون تو سان پيار ڪيو هو.... آءٌ سڄي عمر ائين ڪندس، هميشه ائين ڪندس-“
ٻئي هڪ ٻئي سان ائين ئي اُٻهرا لفظ ڀڻڪندا رهيا. بي معنيٰ لفظ، جيڪي شايد سچا به نه هئا، پر اوڏيءَ مهل اهو سڀ سچ هو، ۽ ٻنهي جيڪي ڪجهه چيو ٿئي، تنهن ۾ انڌو ويساهه به هونَ.
”ڪاتيا!“ متيا اوچتو رڙ ڪئي، ”تون وسهين ٿي ته مون هن کي ماريو هو؟ آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون هينئر ائين ڪونه ٿي وسهين، پر تڏهن...... جڏهن تو شاهدي ڏني هئي....... تو پڪ ائين نٿي وسهيو!“
”مون تڏهن به ائين ڪونه وسهيو هو ، ۽ ڪڏهن به نه وسهيو اٿم. مون تو کي ڌڪاريو ٿي، ۽ کن پل لاءِ پاڻ کي مڃايو هوم. شاهدي ڏيڻ وقت پاڻ کي مڃايو هوم ۽ وسهيو هوم. پر ڳالهائڻ پورو ڪندي ئي وسهڻ ڇڏي ڏنو هوم، ڪو شڪ شبهو نه ڪر! مون وساري ڇڏيو آهي ته مان هت پاڻ کي سيکت ڏيڻ لاءِ آئي هيس.“ هن اهڙي لهجي ۾ چيو، جيڪو سندس ساجهر واري پاٻوهه ڀري لهجي کان بلڪل الڳ هو.
”مائي، تنهنجو بار ڳرو آهي.“ متيا کان جهڙوڪر اڻ جهليو نڪري ويو.
”مون کي ڇڏ ته وڃان هلي،“ هوءَ ڀڻڪي، ”مان وري ايندس. هينئر مون کان سٺو نٿو ٿئي.“
هوءَ اٿڻ لڳي هئي، پر اوچتو رڙ نڪري ويس، ۽ ڍرڪي وري ويهي رهي. گروشينڪا اوچتو بي آواز ڪوٺيءَ ۾ گهڙي آئي. ڪنهن کي سندس اچڻ جي اميد نه هئي. ڪاتيا تـِـکي تـِـکي در ڏانهن وڌي، پر جيئن ئي گروشينڪا وٽ پهتي، تيئن ئي منهن جو پنو لهي ويس، ۽ جهڪي آواز ۾، جهڙوڪر ڀڻڪندي چيائين:
”مون کي معاف ڪر.“
گروشينڪا کيس گهوري ڏٺو، کن لاءِ دم پٽي، وير وٺندڙ ۽ وهاٽيل آواز ۾ وراڻيائين:
”منهنجي سرتي، اسان، تون ۽ مان نفرت سان ڀريل آهيون، ڄڻ ته اسان هڪ ٻئي کي معاف ڪري سگهون ٿا! کيس بچاءِ، ۽ مان يا عمر تنهنجي پوڄا ڪنديس.“
”تون کيس معاف نه ڪندينءَ!“ متيا اُٻهرائيءَ مان مهڻو ڏنس.
”اُلڪو نه ڪر. مان هن کي تنهنجي لاءِ بچائيندس،“ ڪاتيا تڪڙي ڀڻڪ ڪئي ۽ ڪوٺيءَ مان ڊوڙندي نڪري وئي.
” ۽ تون کيس معاف ڪرڻ کان انڪاري آهين توڻي جو هن پاڻ تو کان معافي گهري هئي.“ متيا دانهن ڪندي ڏوراپو ڏنس.
”متيا، متان کيس ڏوهه ڏنو اٿئي، تو کي ڪو حق ڪونهي.“ اليوشا گرمي کائيندي چيو.
”سندس هٺيلا چپ ٻوليا ها، دل نه.“ گروشينڪا ڌڪار ڀري لهجي ۾ چيو. ”تو کي بچائي ٿي ته مان کيس هر ڳالهه معاف ڪري ڇڏينديس-“
هوءَ چپ ٿي وئي، ڄڻ ڪجهه لڪائي رهي هجي، هوءَ اڃا پاڻ سنڀالي نه سگهي هئي. پوءِ ظاهر ٿيو ته هوءَ اتفاق سان اتي اچي نڪتي هئي، ۽ ڪو اندازو نه هيس ته ڇا پـِـڙ پوندس.
”اليوشا، ڊوڙندو پٺيان وڃينس!“ متيا ڀاءُ کي رڙ ڪئي، ”کيس ٻڌاءِ.... پتو ناهي...... ائين وڃڻ نه ڏينس!“
”مان رات جو وري ايندس.“ اليوشا چيو، ۽ ڊوڙندو ڪاتيا جي پٺيان ويو، ۽ اسپتال کان ٻاهر وڃي پـُـڳس. هوءَ تڪڙيون وکون کڻي وڃي رهي هئي، پر اليوشا جيئن ئي پـُـڳس، تيئن ئي اتاولائيءَ مان چيائين:
”نه، اُن رن اڳيان مان پاڻ کي سيکت نٿي ڏيئي سگهان! مون معافي گهري ئي انهيءَ لاءِ هئي ته پاڻ کي توڙ تائين سيکت ڏيان. هن مون کي معاف نه ڪيو...... سندس ائين ڪرڻ مون کي وڻيو‍“ هن اسڀاويڪ لهجي ۾ چيو، ۽ اکيون سخت حـِـْڙ وچان چمڪڻ لڳيس.
”منهنجي ڀاءُ کي اهڙو ڪو اُڊڪو نه هو.“ اليوشا ڀڻڪيو. ”کيس پڪ هئي ته هوءَ ڪانه ايندي.“
”بيشڪ چڱو هاڻي ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي.“ هن ڇڙٻيو. ”ٻڌ: مان هينئر تو سان جنازي تي ڪونه هلي سگهنديس. مون کيس گل موڪليا آهن. مان سمجهان ٿي ته وٽن اڃا ڏوڪڙ آهن. ضروري هجي ته کين چئجانءِ ته مان کين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينديس..... هاڻي مون کي اڪيلو ڇڏ، مهرباني ڪري، اڪيلو ڇڏ. تو کي اڳيئي دير ٿي وئي آهي.... جنازي لاءِ گهنڊ وڄي رهيو آهي.... مهرباني ڪري تون وڃ.“

_______________
(1) Jesuits: عيسائين جو هڪ فرقو، جنهن جو پايو اگناتيئس لويولا 1535ع ۾ وڌو.

باب ٽيون: اليوشا جو جنازو: تڏي تي تقرير

کيس واقعي دير ٿي وئي هئي. هنن سندس اوسيئڙو ڪيو هو. ۽ پوءِ کانئس سواءِ سهڻو، گلن سان ڍڪيل ننڍڙو تابوت گرجا کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هئائون. اهو ويچاري ننڍڙي اليوشا جو تابوت هو، جيڪو متيا کي ٽيپ ملڻ کان ٻه ڏهاڙا پوءِ گذاري ويو هو. اليوشا کي گهر جي ڦاٽڪ وٽ ڇوڪرن اليوشا جي اسڪولي ساٿين، جا رڙيون واڪا منهن پيا. هو سڀ سندس بيصبريءَ سان انتظارڪري رهيا هئا، ۽ هن جي نيٺ اچي پهچڻ تي خوش هئا. هو ٻارهن کن هئا. سڀني کي سندن اسڪولي ٿيلها ۽ پوٽڙيون ڪلهن تي هيون، ”بابو روئيندو، بابي وٽ وڃو.“ هن کين چيو هو، جڏهن اليوشا جا پويان پساهه هئا. ڇوڪرن کي اهو ياد هو. هنن ۾ ڪوليا ڪراسوتڪين سڀني ۾ مـُـک هو.
”تنهنجي اچڻ تي مان ڏاڍو خوش آهيان، ڪرامازوف!“ ڪوليا هٿ وڌائيندي رڙ ڪئي. ”هي ڏاڍو ڀوائتو آهي. ڏسي هراس ٿو وٺي. سنيگريوف پيتل ناهي. اسان کي پتو آهي ته هن ڪجهه به ناهي پيتو، پر لڳي ائين ٿو ڄڻ پيتل هجي. مان هميشه مڙسي ڏيکاريندو آهيان، پر هي گهڻو ڀوائتو آهي. ڪرامازوف، مان تو کي روڪيان نٿو ته اندر هلڻ کان اڳ هڪڙو سوال پڇانءِ؟“
”پـُـڇ ڪوليا.“ اليوشا چيو.
”تنهجو ڀاءُ بيڏوهي يا ڏوهي؟ ڇا تنهنجي پيءُ کي هن ماريو هو يا اهو خاص نوڪر هو؟ جيڪو تون چوندين، هوندو به ائين ئي. مان پويون چار راتيون اهو سوچي سوچي سـُـمهي نه سگهيو آهيان.“
”کيس خاص نوڪر ئي ماريو هو، منهنجو ڀاءُ بيڏوهي آهي.“ اليوشا وراڻيو.
”مون به اهوئي چيو ٿئي.“ سموروف ٻوليو.
”سو هو بيڏوهو ڀوڳيندو.“ ڪوليا چيو. ”برباد ٿي ويو آهي، تڏهن به خوش آهي!‍ مون کي هن سان ريس ٿي ٿئي“
”ڇا پيو چوين؟ تو کي ڇو؟ ڇو؟“ اليوشا اچرج وچان پڇيو.
”جيڪر مان به ڪڏهن سچ تان پاڻ گهوري سگهان!“ ڪوليا اُتساهه سان چيو.
”پر هن وانگر نه، ايڏيءَ خواريءَ ۽ هئبت سان نه!“ اليوشا چيو.
”بلڪل.... مان سڄي انسانذات لاءِ مرڻ ٿو چاهيان، ۽ خواري، مون کي اِن جي پرواهه ڪانهي - اسان جو نانءُ ڀـَـل ناس ٿئي. مان تنهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهيان!“
” ۽ مان پڻ!“ ان ڇوڪري چيو، جنهن هڪڙي ڀيري اعلان ڪيو هو ته کيس پتو هو ته ٽراءِ(1) جو پايو ڪنهن وڌو هو، ائين چوندي هن جو مـُـنهن ڪنن تائين پيونيءَ(2) جيان اهڙو ئي ڳاڙهو ٿي ويس، جهڙو اڳينءَ ڀيري ٿيو هوس.
اليوشا ڪمري اندر گهڙيو، اليوشا نيري رنگ جي تابوت ۾، جنهن کي چوڌاري جهالر ڏنل هئي، پيل هو. سندس اکيون بند هيون ۽ ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي هڪ ٻئي مٿان رکيل هئس. سندس سنهي مـُـنهن ۾ ڪا خاص تبديلي ڪانه آئي هئي، ۽ عجب جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته مڙهه مان ڪني ٿيڻ جي بانس به ڪانه ٿي آئي. هن جي مـُـنهن جو تاثر ڳنڀير، ائين کڻي چئجي ته، سوچيندڙ هو. هن جا ڇاتيءَ تي هڪ ٻئي مٿان هٿ رکيل سهڻا ٿئي لڳا، ڄڻ سنگ مرمر مان گهڙيا ويا هجن. سندس هٿن ۾ گل هئا، ۽ تابوت اندران توڙي ٻاهران، گلن سان سينگاريل هو. اهي گل لزي هئا، جيڪي لاڪوف صبح جو سوير اُماڻيا هئا. ڪيٽرينا ايوانونا وٽان به گل آيل هئا، جڏهن اليوشا در کوليو تڏهن ڪئپٽن جي ڏڪندڙ هٿن ۾ به ڇڳو جهليل هو، جيڪي هو پنهنجي پياري پٽ مٿان وکيري رهيو هو. اليوشا آيو ته هن پورو ڏٺيس ئي ڪو نه، هن ڪنهن کي به نه ٿي ڏٺو، پنهنجي چري روئندڙ زال، مما، کي به نه، هوءَ پنهنجن جڏين ڄنگهن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري هئي ته جيئن پنهنجي مئل پٽ کي ويجهو ڏسي سگهي. ڇوڪرا نينا کي سندس ڪرسي ريڙهي، تابوت جي ويجهو وٺي آيا هئا. هوءَ تابوت کي هٿن ۾ جهليو ويٺي هئي ۽ پڻ چپ چاپ روئي رهي هئي. سينگريوف جي مــُــنهن تي سڪ هئي، ۽ ساڳئي وقت حيرت ۽ چڙ پڻ. هن جا تال پکال ۽ جيڪي اکر اُڪليس ٿي، چرين وارا هئا. اليوشا کي تڪيندي رکي رکي دانهن ٿي ڪيائين. ”پوڙها، پيارا پوڙها!“ جڏهن اِليوشا جيئرو هو، تڏهن هو کيس پاٻوهه وچان ”پوڙها“ ڪري سڏيندو هو. اها سندس عادت هئي.
”بابا، مون کي به هڪڙو گل ڏي، او هـُـو اڇو گل. سندس هٿ مان ڪڍي مون کي ڏي.“ چري ماءُ ڪوڪاريندي ٻاڏايو. يا ته اِليوشا جي هٿ وارو اڇو گل کيس وڻي ويو هو،يا وري هن اهو سندس يادگيريءَ طور پاڻ وٽ رکڻ پئي گهريو. هوءَ، گل لاءِ هٿ ڊگهيڙي، بي آراميءَ سان چــُــري پــُــري رهي هئي.
”مان اهو ڪنهن کي به نه ڏيندس، تو کي به نه!“ سنيگريوف سختدليءَ سان رڙ ڪئي. ”اهي سندس گل آهن، تنهنجا ناهن! هر شئي سندس آهي، تنهنجي ڪا ڪانهي.“
”بابا، امڙ کي هڪڙو گل ڏي.“ نينا پنهنجو ڳوڙهاٽيل مـُـنهن مٿي کڻي چيو.
”مان ڪابه شئي نه ڏيندس، هن کي اصل به نه. کيس اِليوشا سان ذرو به پيار ڪونه هو. هن کانئس ننڍڙي توب کسي هئي ته هـُـن کيس ڏيئي ڇڏي هئي.“ ڪئپٽن اهو سوچي وڏا وڏا سڏڪا ڀرڻ لڳو ته اِليوشا کي ڪيئن نه پنهنجي توب ماءُ کي ڏيڻي پئي هئي. هوءَ ويچاري، پنهنجو مــُــنهن هٿن ۾ لڪائي بي آواز ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي.
ڇوڪرن جڏهن ڏٺو ته پيءُ تابوت کي ڇڏي ئي نٿو ۽ جنازي کڻڻ جو وقت اچي ڀريو آهي. تڏهن هو تابوت کي گهيرو ڪري کڻڻ لڳا.
”مان هن کي گرجا واري مقام ۾ پورڻ نه ڏيندس.“ سني گريوف اوچتو دانهن ڪئي، ”مان هن کي پهڻ وٽ، اسان واري پهڻ وٽ پوريندس! اِليوشا پاڻ مون کي وصيعت ڪئي هئي. مان هن کي ٻاهر کڻي وڃڻ نه ڏيندس!“
هو ٽن ڏينهن کان چئي رهيو هو ته کيس پهڻ وٽ پوريندو، پر اليوشا ڪراسوتڪين، گهر جي مالڪياڻيءَ، سندس ڀيڻ ۽ سڀني ڇوڪرن مخالفت ڪئي هئي.
”اها وري ڪهڙي سوچ آهي ناپاڪ پهڻ وٽ پورڻ جي، ڄڻ ته ڦاهو کائي مئو هجي،“ پوڙهي گهر - مالڪياڻيءَ سختيءَ سان چيو. ”گرجا جي مقام ۾ زمين ٽياسيل آهي. اتي هن لاءِ دعا ڪئي ويندي، اُتي گرجا ۾ ڳائجندڙ گيت ٻڌبا آهن ۽ پادري تلاوت ايتري چٽي ڪندو آهي جو هر دفعي اها هن تائين پهچندي، ڄڻ سندس قبر مٿان ڪئي پئي وڃي.“
نيٺ ڪئپٽن نراسائيءَ وچان اشارو ڪيو، ڄڻ چوندو هجي، ”جاڏي وڻيوَ، تاڏي کڻي وڃونس.“ ڇوڪرا تابوت کڻي هليا ۽ جڏهن ماءُ وٽ پهتا تڏهن هيٺ لاٿائون ته جيئن هوءَ اِليوشا کي خدا حافظ چئي سگهي، پر اهو امل ننڍڙو چهرو، جنهن کي هوءَ پويان ٽئي ڏينهن پري کان تڪيندي رهي هئي، سو ڏسندي ئي هوءَ سڄي ٿڙڪڻ ۽ مٿو تابوت مٿان ڌوڏڻ لڳي.
”امان، هن مٿان ٽياس جو نشان ٺاهه، کيس دعا ڪر، چمي ڏينس،“ نينا رڙ ڪري چيس. پر سندس مٿو، ڪنهن پاڻ وهيڻيءَ ڪل وانگر ڌڏندو ئي رهيو ۽ سخت ڏک وگهي مروٽجندڙ منهن سان هـُـن پٽڻ شروع ڪري ڏنو. هنن تابوت کنيو ۽ اڳتي وڌيا، نينا وٽ پهتا ته هن آخري ڀيرو ڀاءُ جا چپ چـُـميا. اليوشا گهر مان نڪرندي ئي گهر- مالڪاڻيءَ کي پٺتي رهجي ويلن جي خيال رکڻ جي پارت ڪئي، پر اڃا هن ڳالهايو پئي ته گهر- مالڪياڻيءَ اڌ ۾ ڪٽيندي چيس:
”الڪو نه ڪر. مان هنن سان ترسنديس. آخر اسان به ڪرستان آهيون.“ پوڙهيءَ ائين چوندي روئي ڏنو.
کين تابوت ڪو گهڻو پري کڻي وڃڻو هو، گرجا، گهر کان ڪي ٽي سؤ وکون پري هئي. اهو ٿوري پاري سان چٽو سانتيڪو ڏينهن هو. گرجا جا گهـِـنڊ اڃا وڄي رهيا هئا. سنيگريوف، ڌانڌلايل ڌانڌلايل ۽ حيران حيران، پنهنجو پراڻو لنڊو اوورڪوٽ پايو ۽ نرم جهونو ۽ وڏي ڪـَـني وارو ٽوپلو هٿ ۾ ڪيو، تابوت جي پٺيان ڊوڙي رهيو هو. هو متين منجهيل ڳڻتيءَ ۾ ٿئي لڳو. ڪنهن مهل اڳيان اچي جنازي کي ڪلهي ڏيڻ جي ٿي ڪيائين ۽ ائين ڪندي ٻين کي ٿئي رنڊڪايائين، ۽ ڪنهن مهل جنازي جي سـَـنوَت ۾ ٿئي هليو من اتي ڪٿي جاءِ ملي وڃيس. هڪڙو گل ترڪي اچي هـِـمَ ۾ ڪريو ته هن ڀڄي وڃي اهو کنيو، ائين ڄڻ ان گل جي زيان تي سڄي دنيا جي سڀني شين جو مدار هجي.
”اڙي ڍوڍو، ڍوڍو وسري ويو آهي!“ هن اُمالڪ گهٻرائجي دانهن ڪئي. پر ڇوڪرن کيس هڪدم ياد ڏياريو ته هن ڍوڍو کنيو هو ۽ کيسي ۾ هوس. تنهن تي هن جهٽ پٽ کيسي مان ڍوڍو ڪڍي ڏنو ته دلجاءِ ٿي ويس.
”ان لاءِ اليوشا مون کي چيو هو،“ هن بنا دير اليوشا کي ٻڌايو. ”هڪڙي رات مان هن جي پاسي ۾ ويٺو هوس ته هن اوچتو مون کي چيو، ’بابا، منهنجي ڀرجي وڃي ته ڍوڍو ڀورا ڪري ان جي مٿان پٿارجو ته جيئن جهرڪيون اُڏامي هيٺ اچن، مان ٻڌندس ۽ دل خوش ٿيندم ته اڪيلو پيل ناهيان‘.“
”اها ته سٺي ڳالهه آهي.“ اليوشا چيو. ”اسان کي اڪثر ائين ڪرڻ کپي.“
”هر روز، هر روز.“ ڪئپٽن خوش ٿي اُٻهرائيءَ مان چيو.
هو آخرڪار گرجا پهچي ويا ۽ تابوت اتي وچ ۾ رکي ڇڏيائون. ڇوڪرا ان جي چوڌاري ادب سان بيهي رهيا، ۽ جيستائين عبادت هلي تيستائين ائين ئي بيٺا رهيا. اها ڪائي جهوني ۽ غريباڻي گرجا هئي. اتي ٽنگيل پيغمبرن ۽ ولين جون شبيهون فريمن کانسواءِ هيون. پر اهڙيون گرجائون عبادت واسطي بهترين هونديون آهن. عبادت دوران سنيگريوف ڪجهه ڪجهه سانتيڪو ٿي ويو. توڙي جو ڪنهن ڪنهن مهل سندس ساڳئي بيخياليءَ واري ۽ ائين چئجي ته، بي ميلي ڳڻتيءَ ڦاٽ ٿي کاڌا. هڪڙي ڀيري هن تابوت وٽ وڃي ان جو ڍڪ يا گلدستو ٺيڪ ڪيو،ٻئي ڀيري ميڻ بتي شمعدان مان ڪري پئي ته هن ڀڄي وڃي ورائي وڌي ۽ ائين ڪرڻ ۾ چڱو وقت وٺي ڇڏيائين. پوءِ ماٺيڻو ٿي چپ ڪري تابوت ڀرسان بيهي رهيو. بي آرام ۽ منجهيل منجهيل. انجيل ۾ آيل حواريءَ جي چٺي پڙهجڻ کانپوءِ هن اُمالڪ ڀرسان بيٺل اليوشا کي چيو ته چٺي چڱي طرح نه پڙهي وئي هئي، پر ائين ڇو ٿئي چيائين. سو ڪو نه ٻڌايائين ’چيروبم جيان’ واري دعا دوران ٻين سان گڏ هو پڻ ڳائڻ لڳو، پر پڇاڙيءَ تائين نه. هن گوڏا کڻي کوڙيا ۽ مٿو پٿر جي فرش تي رکي ڇڏيائين. ۽ گهڻي وقت تائين ائين ئي پيو رهيو.
نيٺ دفنائڻ واري رسم جو وارو آيو ۽ ميڻ بتيون ورهايون ويون، بدحواس پيءُ وري ڦر ڦر ڪرڻ لڳو. پر دعا ايتري ته دل ڀڄائيندڙ ۽ اثرائتي هئي جو هن جو اندر وٺجي ويو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته هو اوچتو سـُـسـَـي ويو هجي، ننڍا ننڍا تڪڙا تڪڙا سڏڪا ڀرڻ لڳو، جن کي هن پهريون گهٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ ڏاڍيان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. جڏهن هو آخري ديدار کانپوءِ تابوت بند ڪرڻ لڳا. تڏهن هن کين اِليوشا کي ڍڪڻ کان روڪيو ۽ مئل پٽ جا چپ بکايلن وانگر وري وري چمڻ لڳو. هو کيس مسين مسين ڏاڪي کان پري وٺي ويا؟ پريوءِ به هن ڪوريچڪ اچڻ تي هٿ وڌائي تابوت تان ڪجهه گل جهڙپي ورتا. گلن کي ڏٺائين ته ڪو نئون خيال آيس، ۽ کن پل لاءِ پنهنجو ڏک وساري ويٺو، هوريان هوريان پــُــورن ۾ پئجي ويو، ايترو جو کين تابوت کڻي وڃڻ کان ڪو نه جهليائين، قبر چڱي مـُـلهه واري هئي ۽ گرجا جي ويجهو ان جي پنهجي مقام ۾ هئي. ان جو خرچ ڪئٽرينا ايوانوونا ڀريو هو. آخري رسمن کان پوءِ قبر کوٽيندڙن تابوت قبر ۾ لاٿو. سني گريوف هٿن ۾ گل جهليو کليل قبر مٿان ايترو ته جهڪي ويو جو لڳو ٿئي ته پورو پتو ڪو نه پئي پيس ته ڇا پئي ٿيو. جڏهن هو قبر مٽيءَ سان ڀرڻ لڳا، تڏهن هن ڳڻتيءَ وچان ڪرندڙ مٽيءَ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چوڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، ۽ اوچتو چپ به ٿي ويو. پوءِ کيس ياد ڏياريو ويو ته ڍوڍي جا ڀورا ڪري ته ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو ۽ ڍوڍو ڇڪي ڪڍي ان جا ڀورا ڪري قبر مٿان اڇلائڻ لڳو، ۽ انتظاريءَ وچا سڏ ڪرڻ لڳو:
”پکيو، اُڏامي هيٺ اچو، جهرڪيون اچو اڏامي اچو!“
ڪنهن ڇوڪري چيس ته گل هٿن ۾ هجڻ ڪري کانئس ڀورا ڏکيا ٿيندا هوندا، سو هو گل ڪنهن ٻئي کي ڏي ته اهو ڪجهه وقت جهلي. پر هن ائين نه ڪيو، ۽ اوچتو اچي ڀؤ ويٺس ته گل کانئس کسي وٺندا. پوءِ هن قبر تي نظر وجهي پڪ ڪئي ته هر شئي ٺيڪ ٺاڪ هئي ۽ ڍوڍو به ڀورجي چڪو هو، سو هو هر ڪنهن کي حيران ڪندي، ڏاڍي ڌيرج سان پٺتي مــُــڙيــو ۽ گهر ڏانهن وڃڻ لڳو، پر هن جون وکون تکيون ٿينديون ويون. تان جو هو ذري گهٽ ڊوڙڻ لڳو. ڇوڪرا ۽ اليوشا به ساڳئي رفتار سان هن جي پويان هئا. هو اوچتو واڪا ڪرڻ لڳو:
”گـــُــل مما لاءِ آهن، گل مما لاءِ آهن! مون مما سان چڱو نه ڪيو.“
ڪنهن کيس اطلاع ڏني ته ٿڌ جي ڪري ٽوپلو پائي ته هن اهو کڻي هــِــمَ ۾ ڦٽو ڪيو، ڄڻ ڪاوڙ آئي هجيس ۽ ورائي ورائي چوڻ لڳو ، ”مون کي ٽوپلو نه کپي مون کي ٽوپلو نه کپي.“ سموروف ٽوپلو کڻي سندس پٺيان هلڻ لڳو. سڀ ڇوڪرا روئي رهيا هئا. ۽ سڀني کان وڌيڪ ڪوليا ۽ اهو ڇوڪرو جنهن ٽراءِ بابت لڀ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ سموروف جي هٿ ۾ ٽوپلو هو ۽ زارو زار روئي به رهيو هو، تڏهن به هن ڀڄندي ڀڄندي واٽ تي پيل سروٽو کنيو ۽ پاسي کان اُڏامندڙ جهرڪين جي ولر کي هنيو. ڌڪ گسڻو هو، ســو گــُــسي ويو، پر هو روئيندو ڀڄندو رهيو. سنيگريوف اڌ پنڌ تي اُمالڪ بيهي رهيو، کن پل بيٺو رهيو، ڄڻ ڪجهه ياد آيو هجيس، ۽ اوچتو گرجا ڏانهن منهن ڪري نڌڻڪي ٿي ويل قبر ڏانهن لــُــوهه پاتائين، پر ڇوڪرا وڃي پــُــڳـــس ۽ سڀني پاسن کان ورائي ويس ته هو بيوس ٿي هـِــــمَ ۾ ڪري پيو، ڄڻ ڪنهن ڌڪ هـــڻــي ڪيرائي وڌو هجيس، ۽ ڇڙيون هڻندي، ۽ واڪا ڪندي دانهڻ لڳو، ”اِليوشا، پوڙها، پيارا پوڙها!“ اليوشا ۽ ڪوليا کيس پرڀائي ۽ پرچائي اُٿارڻ جي ڪرڻ لڳا.
”ڪئپٽن، بس ڪر، بهادر ماڻهو ڌيرج کان ڪم وٺندو آهي.“ ڪوليا ڀڻڪو ڪيو.
”گـُـل لـُـٻوڙي ڇڏيندين.“ اليوشا چيس، ”مما انهن جي واٽ پئي نهاري، هوءَ ويٺي روئي ته توکيس پهرين هڪڙو گل به ڪونه ڏنو. اِليوشا جو ننڍڙو پلنگ اڃا اتي ئي آهي.“
”ها ها مما!“ سنيگريوف، اوچتو سنڀريو، ”هو پلنگ کڻي ويندا، هو پلنگ کڻي ويندا.“ هن ائين چيو ڄڻ اچي ڀئو ويٺو هجيس ته هو سچ پچ پلنگ کڻي ويندا . هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ وري گهر ڏانهن ڀڄڻ لڳو. پر اهو پري ڪو نه هو، ۽ سڀ ڪٺا اچي پهتا. سنيگريوف تڪڙو در کوليو ۽ پنهنجي زال کي، جنهن سان ٿوري دير اڳ ايڏي بي رحميءَ سان وڙهيو هو، سڏ ڪيائين:
”مما، ويچاري جڏي مـِـٺي مما، اِليوشا توکي هي گل موڪليا آهن.“ هن هٿن ۾ جهليل گلن جو ڇڳڙو زال ڏانهن وڌائيندي چيو. گل تڏهن ڄمي ڀڄي ويا هئا، جڏهن هن هـِـمَ ۾ ڇڙيون هنيون هيون. اوڏيءَ مهل سندس نظر وڃي ڪنڊ ۾ پلنگ جي ڀرسان پيل اِليوشا جي ننڍڙن بوٽن تي پئي، جيڪي گهر - مالڪياڻيءَ سڌا ڪري ٺاهي رکيا هئا. اهي پراڻا، چتين لڳل، ڪـَـٽُ جهڙي رنگ وارا، سخت بوٽ ڏسي هن پنهنجا هٿ اُڀا ڪيا ۽ بوٽن ڏانهن ڊوڙيو. اُتي وڃي گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ هڪڙو پادر کڻي چپن سان لائي بـُـکين وانگر چمڻ لڳو ۽ روئڻ لڳو. ”اليوشا، پوڙها، پيارا پوڙها، تنهنجا ننڍڙا پير ڪٿي آهن؟“
”توهان هن کي ڪاڏي کڻي ويا آهيو؟ هن کي ڪاڏي کڻي ويا آهيو؟“ چري ماءُ هنيانءُ ڏاريندڙ آواز ۾ دانهن ڪئي. نينا پڻ اوڇنگارون ڏيڻ لڳي. ڪوليا ڪمري منجهان ڀڄندي ٻاهر نڪري ويو. ڇوڪرا پٺيان ويس. نيٺ اليوشا به ٻاهر نڪري آيو.
”ڀلي روئن.“ هن ڪوليا کي چيو، ”کين هينئر آٿت ڏيڻ جو ڪو فائدو نه ڪونهي. ٿورو ترسي وري اندر هلبو.“
”نه، واقعي فائدو ڪونهي، ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي.“ ڪوليا سهمت ٿيندي چيو. ”خبر ٿئي، ڪرامازوف،“ هن آواز جهڪو ڪري ڇڏيو ته جيئن ٻيو ڪو نه ٻڌي . ”مون کي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي. کيس موٽائڻ ممڪن هجي ها ته مان اِن جي لاءِ پنهجو سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيان .“
”ووءِ، مان پڻ ڏيئي ڇڏيان.“ اليوشا چيو.
”تون ڇا ٿو سمجهين ڪرامازوف؟ هت رات جو اچڻ وڌيڪ چڱو نه ٿيندو؟ پتو ٿي نه، ته هو پيتل هوندو.“
”ها متان هجي، ڇو نه اسان گڏجي اچون، تون ۽ مان، بس اهو ڪافي ٿيندو ۽ ڪلاڪ کن وٽن ويهون، ماءُ ۽ نينا وٽ. اسان سڀ گڏجي آياسين ته کين وري سڀڪجهه ياد پوندو.“ اليوشا صلاح ڏني.
”گهر - مالڪياڻي هنن لاءِ ميز لڳائي رهي آهي- مرڻي جي ماني هوندي شايد، پادري به اچڻو آهي. پاڻ اندر نه هلون، ڪرامازوف؟“
”ڀلي.“ اليوشا چيو.
”ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي، ڪرامازوف، ايڏو ڏک، پوءِ پئنڪيڪ(1) . اها اسان جي مذهب جي ڪيڏي نه غير فطري ڳالهه ٿي لڳي.“
”سيئري مڇي به هوندي.“ جنهن ڇوڪري ٽراءِ بابت ٻڌايو، تنهن ڏاڍيان چيو ته ڪوليا، چڙي، رهڙ ڪڍيس:
”مان توکي منٿ ٿو ڪريان، ڪرتاچوف، توسان ڪو ڳالهائي ته ڳالهائيندو ڪر نه ته پنهنجن ڇـَـسـَـن ٻولن سان وچ ۾ نه ٽپندو ڪر. تنهنجي هجڻ نه هجڻ جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي!“
ڇوڪرو شرم وچان ڳاڙهو ٿي ويو، پر اتر ڏيڻ جي همت ڪانه ٿيس.
هو ڳالهائيندا ٿورو پرتي هليا آيا هئا ته ايتري ۾ سموروف اوچتو واڪو ڪيو: ”اليوشا وارو پهڻ اجهو هي ٿو، هن کيس هت پورڻ ٿئي گهريو.“
هو سڀ ان وڏي پهڻ وٽ بيهي رهيا. اليوشا نـِـهار ڪئي، ۽ سنيگريوف جي واتان تنهن ڏينهن ٻڌل ڳالهه جي سڄي تصوير سندس ذهن ۾ اڀري آئي ته ڪيئن اليوشا پيءُ کي ڀاڪر پائي روئيندي رڙيو هو. ”بابا، بابا، هن توهان جي ڪيڏي نه بيعزتي ڪئي هئي.“ اوچتو سندس من ۾ ڪو اُڌمو اُسريو. هن اِليوشا جي اسڪولي ساٿين جي روشن ۽ وڻندڙ چهرن کي هڪ هڪ ڪري ڳنڀيرتا ۽ پاٻوهه سان ڏٺو ۽ اُمالڪ کين چوڻ شروع ڪيائين:
”ڇوڪرئو، مان هن هنڌ توهان سان ڪا ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهيان.“
ڇوڪرا کيس گهيرو ڪري بيهي ويا ۽ اکيون کڻي کيس، هڪ چتا ۽ آسائتا، تڪڻ لڳا.
”ڇوڪرئو. اسين جلد وڇڙي ويندا سين. مان ڪجهه وقت پنهنجن ٻن ڀائرن سان هوندس، انهن مان هڪڙو سائبيريا وڃڻو آهي ۽ ٻيو موت جي در تي پيو آهي. پر مان جلد ئي شهر، شايد گهڻي وقت لاءِ، ڇڏي ويندس، سو اسان جدا ٿيڻ وارا آهيون، اچو ته هت، اليوشا جي پهڻ وٽ اهو پهه ڪريون ته اليوشا کي ۽ هڪ ٻئي کي ڪڏهن به نه وسارينداسين، ۽ حياتيءَ ۾ اڳتي اسان سان ڇا به ٿئي، جي پوءِ ويهه ورهيه هڪ ٻئي سان نه به ملي سگهون. اچو ته پوءِ به اسين هميشه ياد رکون ته اسان ان ويچاري ڇوڪري کي ڪيئن پوريو هو، جنهن کي اسان پل وٽ ڦوڙ هنيا هئا، ۽ پوءِ اسين سڀ کيس ڪيڏو نه ڀانئڻ لڳا هئا سين. هو سٺو ۽ سٻاجهو ۽ دلير نينگر هو. کيس پنهنجي پيءُ جي عزت جو وڏو اونو هو ۽ هن جي بيعزتيءَ تان ڏاڍي چڙ ايندي هيس ۽ سندس بدر کڻڻ ۾ پختو هو. سو، ڇوڪروئو، پهرين ته اسين هن کي ساري ڄمار ياد رکنداسين، ۽ جي اسين تمام اهم ڪمن ۾ لڳي وڃون، جي اسين وڏي پد تي پهچون يا بدنصيبيءَ جي ور چڙهي وڃون. سدائين ياد رکون ته ڪڏهن هت ڪيڏو نه چڱو هو. جڏهن اسين سڀ گڏ هئاسين، هڪ چڱي ۽ مهربان جذبي ۾ ٻڏل- جذبو، جنهن اسان کي جيترو وقت اسين هن ويچاري نينگر کي ڀائيندا رهياسين، تيترو وقت ان کان بهتر بڻايو، جيترا شايد اسين آهيون. منهنجا ننڍڙا پاريلئو- ڇڏيو ته مان توهان کي انهيءَ نالي سان سڏيان ، ڇو ته توهان هن وقت جڏهن توهان جون سٺيون پياريون شڪليون سامهون آهن، انهن سهڻن نيرن پکين جهڙا ئي لڳو ٿا. پيارا ٻارئو، مان جيڪي چئي رهيو آهيان، اهو متان توهان کي سمجهه ۾ نه اچي، ڇو ته منهنجو ڳالهائڻ گهڻو ڪري سمجهه ۾ نه ايندڙ هوندو آهي، پر تڏهن به توهان اهو ياد رکندا ته ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي منهنجو چيل ڪو گفتو توهان کي دل سان لڳي. توهان کي اوس ڄاڻڻ کپي ته آئنده حياتيءَ ۾ ڪابه ڳالهه، سٺي ساروڻي، خاص ڪري ٻاروتڻ ۽ گهر جي ساروڻيءَ کان وڌيڪ اتم ۽ سگهاري ۽ صحت بخش نه آهي. ماڻهو توهان کي سٺي تعليم بابت گهڻو ڪجهه چوندا آهن، پر ٻاروتڻ جي ڪا سٺي، سڳوري ساروڻي شايد بهترين تعليم آهي، جيڪو ماڻهو اهڙيون ڪيئي ساروڻيون پنهنجي حياتيءَ ۾ کڻي هلي ٿو، سو حياتيءَ جي پوري ٿيڻ تائين سلامت رهي ٿو، ۽ جي ڪنهن دل ۾ رڳو هڪ اهڙي چڱي ساروڻي وڃي رهي آهي ته اها به ڪنهن نه ڪنهن وقت اسان جي ڇوٽڪاري جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، متان اسين اڳتي هلي ڪٺور ٿي وڃون، ڪنهن ڪـُـڌي ڪم کان ٽارو نه ڪري سگهون، ماڻهن جي ڳوڙهن تي ۽ سندن ائين چوڻ تي کلون، جيئن ڪوليا هينئر چيو ’مان سڀني ماڻهن لاءِ ڀوڳڻ چاهيان ٿو.‘ اهڙن ماڻهن تي ماڳهين چٿرون ڪريون. اسين کڻي ڪيترا به بڇڙا ٿي وڃون- شل خدا نه ڪري ته ائين ٿئي- تڏهن به جڏهن اسين اِهو ساريون ته اسان اِليوشا کي ڪيئن پوريو هو، ڪيئن سندس پوين ڏينهن ۾ کيس ڀانيون هوسين ۽ هن پهڻ وٽ ڪيئن پاڻ ۾ ڳالهايو هوسين، تڏهن اسان مان سڀني ۾ ڪٺور ۽ چٿرون ڪندڙ به- جي اسين اهڙا ٿي به وڃون ته- دل ۾ ان ڳالهه تي کلڻ جي همٿ نه ڪري سگهندو ته اسين هن گهڙيءَ سٻاجها ۽ سٺا هئا سين، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اها هڪ ساروڻي کيس ڪنهن وڏي بديءَ کان روڪي ۽ هو ويچاري، ’ها مان تڏهن سٺو، دلير ۽ ايماندار هوس! هو ڀلي پنهنجي مـُـنهين کلي، ڪا وڏي ڳالهه ناهي ڇو ته ماڻهو جيڪي سٺو ۽ سٻاجهو آهي، تنهن تي اڪثرکلندو آهي. ائين رڳو ناسمجهيءَ جي ڪري ٿئي ٿو. پر مان توهان کي يقين ٿو ڏياريان، ڇوڪرئو، ته جيئن هو کلندو، تيئن ئي دل ۾ چوندو، ’مان کلي چڱو نٿو ڪريان ڇو ته اها ڳالهه اهڙي ناهي ، جنهن تي کلجي.’“
”ائين ئي ٿيندو، مان تنهنجي ڳالهه سمجهان ٿو، ڪرامازوف.“ ڪوليا تجلا ڏيندڙ اکين سان واڪو ڪيو.
ڇوڪرا به اُتساهيل هئا ۽ پاڻ به ڪجهه ڪجهه چوڻ ٿي گهريائون، پر پاڻ کي روڪي رکيائون، ۽ تقرير ڪندڙ کي پوري اتساهه سان نهارڻ لڳا.
”مان اِها ڳالهه ان ڪري ٿو ڪريان ته متان اسين بڇڙا ٿي وڃون.“
اليوشا وري چوڻ لڳو، ”پر اهو ڪو سبب ڪونهي ته اسين بڇڙا ٿي وڃون، ڪو آهي ڇا، ڇوڪرئو؟ پهرين ۽ سڀ کان مٿي اسان کي سٻاجهو ٿيڻ کپي پوءِ ايماندار، ۽ پوءِ اسان کي کپي ته هڪ ٻئي کي ڪڏهن به نه وساريون! مان اهو وري چوان ٿو. مان پنهنجي پاران توهان کي قول ٿو ڏيان ته مان توهان منجهان ڪنهن کي به ڪڏهن به نه وساريندس. هر اهو چهرو، جيڪو هينئر مون کي تڪي رهيو آهي، مان ان کي ٽيهه ورهيه پوءِ به نه وساريندس. ساجهر ڪوليا ڪرتاچوف کي چيو ته کيس ان جي پرواهه ڪانهي ته هو آهي ناهي. پر مان اهو نٿو وساري سگهان ته ڪرتاچوف آهي ۽ اهو به ته هو هن وقت شرم وچان ائين ڳاڙهو نه ٿيو آهي، جيئن تڏهن ٿيو هو، جڏهن هن ٽراءِ جو پايو وجهندڙ ڳولي لڌا هئا، بلڪ هينئر هو مون کي پنهنجين خوش طبع، سٻاجهين ۽ قربائيتن اکڙين سان تڪي رهيو آهي. ڇوڪرئو، منهنجا پيارا ڇوڪرئو، اچو ته اسين اِليوشا جهڙا سٻاجها ۽ بهادر ٿيون، ڪوليا جهڙا سمجهو، بهادر ۽ سٻاجها ٿيون. (توڻي جو هو وڏو ٿيندو ته هاڻي کان وڌيڪ سمجهو ٿي ويندو)، ۽ ڪرتاچوف جهڙا نهٺا، بهادر ۽ سٻاجها ٿيون. پر مان اِنهن ٻن جي ڳالهه ڇو پيو ڪريان؟ اڄوڪي ڏينهن کان توهان سڀ مون کي پيارا آهيو، ڇوڪرئو. منهنجيءَ دل ۾ توهان سڀني لاءِ جاءِ آهي، ” مان توهان کي ٻاڏايان ٿو ته توهان به پنهنجين دلين ۾ منهنجي لاءِ جاءِ رکجو! ڀلا اُهو ڪير آهي، جنهن اسان کي هن سٻاجهي، سٺي جذبي ۾ ڳنڍيو آهي ۽ جنهن کي اسين سڄي عمر ياد رکنداسين ۽ ياد رکڻ چاهيون ٿا. ٻيو ڪير به نه، سواءِ سٺي ۽ پياري ۽ اسان لاءِ سدا اَمـُـل اِليوشا جي! اسين کيس ڪڏهن به نه وسارينداسين. شل هن جي سـَـارَ اسان جي دلين ۾ اڄ کان سدا لاءِ موجود رهي!“
”ها ها، سدا لاءِ، سدا لاءِ!“ ڇوڪرن پنهنجن ٻـُـرائيندڙ آوازن ۽ ڪومل چهرن سان آکيو.
”اچو ته ياد رکون هن جو مـُـنهن، هن جا لٽا ۽ هن جا غريباڻا ننڍڙا بوٽ، هن جو تابوت ۽ هن جو ڏکويل گنهگار پيءُ، ۽ ڪيئن هو پنهجي پيءُ جي حمايت ۾ سڄي اسڪول خلاف سورهيه ٿي بيٺو هو.“
”اسين ياد رکنداسين، اسين ياد رکندا سين.“ ڇوڪرن واڪو ڪيو،
”هو سورهيه هو، هو سٺو هو!“
”مان هن کي ڪيڏو نه ڀائيندو هوس.“ ڪوليا چيو.
”ٻارئو، پيارا ٻارئو، حياتيءَ کان ڊڄو نه! ماڻهو ڪو چڱو ۽ نياءَ وارو ڪم ڪري ٿو ته حياتي ڪيڏي نه سٺي لڳندي آهي.“
”هائو هائو.“ ڇوڪرن اُتساهه سان ورجايو.
”ڪرامازوف اسين توکي پيار ٿا ڪريون،“ ڪنهن آواز ، شايد ڪرتاچوف جي، اُڌمي سان چيو.
”اسان توکي پيار ٿا ڪريون.“ سڀني سـُـر ملايو. هنن مان ڪيترن جي اکين م ڳوڙها هئا.
”ڪرامازوف جي جئي!“ ڪوليا جوش وچان نعرو هنيو.
”شل فوتي ڇوڪري جي سارَ قائم رهي.“ اليوشا جذبي سان چيو.
”سدا، سدا.“ ڇوڪرن وري سـُـر مـِـلايو.
”ڪرامازوف.“ ڪوليا رڙ ڪئي. ”ڇا اهو سچ آهي، جيڪو اسان کي مذهب ۾ سيکاريو وڃي ٿو ته اسين مئلن مان وري اُٿنداسين ۽ وري جيئنداسين ۽ وري هڪ ٻئي کي ڏسنداسين، سڀ، اِليوشا پڻ؟“
”بيشڪ،اسين وري اُٿنداسين، بيشڪ اسين وري هڪ ٻئي کي ڏسنداسين، ۽ خوشيءَ ۾ چوڄ سان اهو سڀ ٻڌائيندا سين، جيڪي ٿي چڪو هوندو.“ اليوشا اڌ کلندي ۽ اڌ اُتساهه سان ورندي ڏني.
” ۽ اِهو ڪيڏو نه شاندار هوندو.“ ڪوليا جي واتان نڪتو.
”چڱو هاڻي اسين ڳالهائڻ بند ڪنداسين ۽ سندس مـَـرڻي جي مانيءَ تي هلنداسين، ۽ پئنڪيڪ کائڻ تان شرمسار نه ٿجو. اها تمام جهوني رسم آهي، ۽ ان ۾ ڪا نه ڪا چڱائي ضرور آهيّ!“ اليوشا کلندي چيو. ”چڱو هاڻي هلو ته هلون، ۽ هاڻ اسين هٿن ۾ هٿ ڏيئي هلندا سين.“
”سدائين ائين، هٿن ۾ هٿ ڏيئي. ڪرامازوف جي جئي.“ ڪوليا وري وڏي چوڄ سان نعرو هنيو، ۽ هڪ ڀيرو وري ڇوڪرن سندس آواز ۾ آواز ملايو:
”ڪرامازوف جي جئي!“


________________

(1) Troy: آڳاٽي يونان جي ڏند ڪٿائن موجب، اُتر-اولهه ايشيا مائنر ۾ سڪائندڙ نديءَ جي ڪنڌي تي اڏيل شهر، جنهن کي يونانين ٽراءِ واري جنگ ۾ گهيرو ڪري فتح ڪيو هو. اها جنگ سپارٽا جي بادشاهه ميني لاس جي زال، هيلن ، تان لڳي هئي، جنهن کي پئرس نالي جوان ڌتاري ٽراءِ ڀڄائي ويو هو. اهو ڏند ڪٿائي شهر ئي رهيو. تان جو 81-1873ع ۾ هينئريخ شلائمان ان جو پڌ هسارڪ وٽ کوٽي ڪڍيو (س.ن.ح)
(2) Peony: باغ جو ٻوٽو، جنهن جا وڏا وڏا گل رنگ جا گلابي، ڳاڙها يا اڇا هوندا آهن.
(1) Pancake: گول چپٿرو ڪيڪ، جيڪو سوجيءَ، بيدن ۽ کير کي ملائي، ٻئي پاسا تري ٺاهبو آهي. اهي ڪيڪ گهڻو ڪري گرم کائبا آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي اندر مٺائي يا ٻي ڪا سوادي شيءِ به ڀريندا آهن. (س.ن.ح)