سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ نواز ڪنڀر جو تحقيقي ڪتاب ”ڀٽائيءَ جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور“ اوھان اڳيان پيش آھي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ماڻھن، ڪردارن، جاگرافي سان گڏ پکين، جانورن، جيتن ۽ جڻن کي پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آھي. نواز ڪنڀر ھن ڪتاب ۾ شاھ لطيف پاران ڳايل پالتو جانورن، پالتو پکين سان گڏ جيتن ۽ جڻن بابت ذڪر ڪيو آھي. ڪتاب کي ڪل ڇھن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي