ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري روسي اديب شولوخوف جي مشھور ناول  Fate of a man جو سنڌي ترجمو ”جنگ ۽ انسان“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عمر ميمڻ آھي.
ھن ناول ۾ شولوخوف، ٻي مھاڀاري جنگ ۾ ٿيل تباھ ڪارين جو ذڪر ڪيو آھي ۽ پنھنجي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ لکين روسي جوانن مان ھڪ غازيءَ جي واتان، جنگ ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ ٿيل تباھ ڪاري متعلق اسان کي واقف ڪرايو آھي. جرمن نازي فوج روس جي دل اسٽالن گراڊ تي قبضو ڪري چڪي ھئي، پر روسي فوج آخري وقت ۾ پاڻ کي منظم ڪري وطن جي مٽيءَ کي دشمنن جي ناپاڪ وجود کان پاڪ ڪري ڇڏيو. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1978ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1983ع ۾ عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ