تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سماٽ

ڊاڪٽر الھرکيي ھن ڪتاب ۾ سماٽ قبيلي بابت تحقيق ڪري ڪيئي رخ ۽ حقيقتون سامھون آنديون آھن. ڪتاب ۾ مختلف قومن جي پيدائش، ذاتين جي ابتدا، ھندستان جي قديم قومن، سنڌ ملڪ جي نالي، سنڌ جي قديم قومن، سماٽ قوم/قبيلي جي اصل نسل، سومرن ۽ سمن بابت حقيقتن، لس ٻيلي جي سماٽن، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي سماٽن بابت تفصيل ۽ تحقيق سان لکيو آھي. 

  • 5.0/5.0
  • 34
  • 14
  • 2 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book سماٽ
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ جو تحقيقي ڪتاب ”سماٽ“  اوھان اڳيان پيش آھي.
سنڌ جي اصلي سنڌي قبيلن کي سماٽ چوندا آهن. کين سماٽ ۽ ڄاموٽ چيو وڃي ٿو. سماٽ لفظ سنسڪرت ۾ ’سماتر‘ آهي، جنھن جو مفهوم آهي، اصل رهاڪو، جيڪو اشارو ڪري ٿو، سنڌ جي سنڌي ماڻھن ڏانھن، جيڪي هن سر زمين جا اصل ڄاوا (سَمُ) آهن، پوءِ اهي سنڌ ڄاوا مسلم هجن يا غير مسلم ڇو نہ هجن. ڊاڪٽر الھرکيي ھن ڪتاب ۾ سماٽ قبيلي بابت تحقيق ڪري ڪيئي رخ ۽ حقيقتون سامھون آنديون آھن. ڪتاب ۾ مختلف قومن جي پيدائش، ذاتين جي ابتدا، ھندستان جي قديم قومن، سنڌ ملڪ جي نالي، سنڌ جي قديم قومن، سماٽ قوم/قبيلي جي اصل نسل، سومرن ۽ سمن بابت حقيقتن، لس ٻيلي جي سماٽن، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي سماٽن بابت تفصيل ۽ تحقيق سان لکيو آھي. 
ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1984ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٽيون ڇاپو گلشن پبليڪيشن حيدرآبا/لاڙڪاڻو پاران 2003ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ
  • ڇپيو ويو 2003
  • ڇپائيندڙ گلشن پبليڪشن حيدرآباد
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 27/Apr/2022
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 14 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون