تاريخ جا اڏيندڙ
ھن ڪتاب ۾ انساني تاريخ جي ڦير گهير، انسان کي غلام بڻائي رکڻ، تاريخ جي ٺھڻ، ڊهڻ ۽ ٻي اهڙيءَ سموري سرگرميءَ سميت تاريخ تي اثر انداز شخصيتن بابت گهڻو مواد هڪ برطانوي ليکڪ جي ڪتاب “Makers of History” تان ورتل آهي. جڏهن ت آمريڪي ليکڪ مائڪل. ايڇ. هارٽ جي ڪتاب “The 100”، جميل احمد خان جي ڪتاب “Hundred Great Muslims” ۽ پروفيسر ايم. شريف جي ڪتاب “History of Muslim Philosophy” تان بہ ڪجهه مضمون ترجمو ڪري شامل ڪيا ويا آهن.