الطاف شيخ ڪارنر

جپان جپان آهي

هي ڪتابُ مشاهدن ۽ تحقيق جو خوبصورت سنگم آهي، جنھن ۾ جاپان  جي تاريخَ جا عڪس بہ آهن تہ هاڻوڪي حيثيت ۽ سڃاڻپ جا حوالا بہ. دُنيا جي گولي تي جاپاني پنھنجن روين ۾ هڪ منفرد قوم جي سڃاڻپ رکن ٿا. امر اقبال لکي ٿو: ”سائين الطاف شيخُ عاشق ليکڪ آهي. هُنَ لکڻ جي ڪَمَ سان عشق ڪيو آهي. سيلاني ٻيا بہ هوندا، جن سمونڊ جي سيوا ڪئي هوندي، پَرَ هِنَ انوکي سيلانيءَ جو ڏٺو آهي، سو لکيو آهي..... يا ائين چئجي، جو ڏٺو آهي، ان جو ڪجهه حصو لکيو آهي ۽ گهڻو گهڻو ڪجهه اڃان کيس لکڻو آهي. هُنَ بي تحاشا لکيو آهي، بيشُمار لکيو آهي ۽ سندس ڪا بہ لکڻي بي معنيٰ ناهي، بي مقصد ناهي. “

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جپان جپان آهي

حق ۽ واسطا

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

POPAT BOOK NO: 172
جپان جپان آهي
(مشاهدا ۽ تحقيق)
سفرنامه نگار: الطاف شيخ
ڇاپو پهريون: 2021ع
تعداد: هڪ هزار
ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
لي آئوٽ: آصف نظاماڻي ۽ عرفان ڀٽو
ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
ملهه: 500/- روپيه


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


JAPAN JAPAN AAHY
(Observations & Research)

By: ALTAF SHAIKH
First Edition: 2021
Quantity: 1000 Copies
Title Design: Saeed Mangi
Lay ‘out: Asif Nizamani & Irfan Bhutto
Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
Published by: Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
Price: Rs. 500/-

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي مشاھدن، تحقيق ۽ دلچسپ مضمونن تي مشتمل مجموعو ”جپان جپان آھي“ اوهان اڳيان پيش آهي.
هي ڪتابُ مشاهدن ۽ تحقيق جو خوبصورت سنگم آهي، جنھن ۾ جاپان جي تاريخَ جا عڪس بہ آهن تہ هاڻوڪي حيثيت ۽ سڃاڻپ جا حوالا بہ. دُنيا جي گولي تي جاپاني پنھنجن روين ۾ هڪ منفرد قوم جي سڃاڻپ رکن ٿا. امر اقبال لکي ٿو:
”سائين الطاف شيخُ عاشق ليکڪ آهي. هُنَ لکڻ جي ڪَمَ سان عشق ڪيو آهي. سيلاني ٻيا بہ هوندا، جن سمونڊ جي سيوا ڪئي هوندي، پَرَ هِنَ انوکي سيلانيءَ جو ڏٺو آهي، سو لکيو آهي..... يا ائين چئجي، جو ڏٺو آهي، ان جو ڪجهه حصو لکيو آهي ۽ گهڻو گهڻو ڪجهه اڃان کيس لکڻو آهي. هُنَ بي تحاشا لکيو آهي، بيشُمار لکيو آهي ۽ سندس ڪا بہ لکڻي بي معنيٰ ناهي، بي مقصد ناهي. سندس لکڻيون بي پناھ پڙهيون وڃن ٿيون. سندس ڪِتابَ نوجوانن کي اتساهين ٿا، اُنھن لاءِ زندگيءَ جي ڪاري سمونڊ ۾ ڪنهن لائيٽ هائوس جو ڪم بہ ڪن ٿا. هُو سمونڊن ۾ مَڇين جا رَستا تہ ڄاڻي ئي ڄاڻي ٿو، پر هُو نوجوانن کي زندگيءَ جي سمونڊَ ۾ اڳتي نڪرڻ جا رَستا بہ ڏسي ٿو.“
ھي ڪتاب 2021ع ۾ پوپٽ پبلشنگ ھائوس، خيرپور پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ ۽ پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

علي احمد (بُلا) چانڊيو بلوچ جي نالي

هي ڪتاب هڪ بيحد پياري انسان ۽ دوست علي احمد چانڊيو بلوچ عرف ”بُلا“ جي نالي ڪريان ٿو، جيڪو 30 نومبر 2020ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پاڻ حيدرآباد جي هڪ اهم شخصيت هيو ۽ کانئس حيدرآباد جو شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جيڪو واقف نه هجي .... خاص ڪري اهو جيڪو ڪار جو مالڪ هجي. علي احمد بُلا پنهنجي والد مستري محمد اسماعيل بلوچ وانگر هڪ قابل مستري هو. منهنجو کائنس هر وقت اهو سوال هوندو هو ته ”ڪڏهن ڪا اهڙي به گاڏي تو وٽ آئي، جيڪا تون صحيح نه ڪري سگهئين يا نئين قسم جي ڪا ڪار آئي، جنهن جي انجڻ يا ان جو سسٽم تون سمجهي نه سگهئين؟“
بُلا ننڍي هوندي کان پڙهيو ڪو نه. ڇڪي تاڻي ڪي ٻه چار درجا پرائمريءَ جا پڙهيو هجي، پر هن جا دوست يار، نه فقط ڊرائيور، مستري، پر شهر جا سڀ وڏا آفيسر، ڊاڪٽر، سرجن، انجنيئر، پروفيسر ۽ پوليس آفيسر هئا. ان جو وڏو سبب هن جو ننڍي وڏي، غريب امير سان سٺي اخلاق سان پيش اچڻ هو ۽ پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ هجڻ هو. هر اهو ڊرائيور، سيٺ، زميندار توڙي آفيسر، ڪامورو جنهن کي پنهنجي گاڏيءَ سان پيار هو يا جنهن پنهنجي سواريءَ کي صحيح ڏسڻ ٿي چاهيو، ان جو علي احمد سان پيار هو، ان جو هن کانسواءِ گذارو نٿي ٿيو.
بُلا (علي احمد) ڪو ٻن ٽن سالن جو ٻار هو ته هن پنهنجي گهر جي ڀرسان پنهنجي والد مستري اسماعيل بلوچ جي ڪارخاني ۾ اچڻ شروع ڪيو ۽ عمر سان گڏ مڪينڪ جو ڪم ڏسڻ، سکڻ ۽ ڪرڻ شروع ڪيو، ته گذريل هفتي وفات تائين، هو ان ڪم ۾ ئي مشغول رهيو. علي احمد بُلا منهنجو تقريبن همعمر هيو. کڻي سال اڌ وڏو هجي. اسانجي دوستي ۽ ڄاڻ سڃاڻ ايتري ئي ڊگهي هئي، جيتري اسان جي عمر! گاڏي کاتي ۾ بُلا جي گهر جي آسپاس ۾ رهندڙ سندس ڪزن مرحوم نور احمد نون، جھانگير صديقي، مقصود مغل (مشهور ليکڪا رشيده حجاب جو ڀاءُ)، خالد هاشماڻي (آمريڪا جي سانا جو متحرڪ ميمبر) وغيره سڀ ان عمر جا هئاسين ۽ گاڏي کاتي ۾ پئي رهياسين. آدم شماري گهٽ هئي. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهوءَ وٽ ڪار هئي. شام جي وقت رستا سنسان ٿي ويندا هيا. گاڏي کاتي وارو اهو ”حيدر چؤڪ“ جتي اڄڪلهه آڌيءَ رات جو به بسن، لارين، ڪارن ۽ چنگچين جو گوڙ شور آهي، اتي انهن ڏينهن ۾ سج لٿي کان اڳ خاموشي ٿي ويندي هئي ۽ گاڏي کاتي ۾ رهندڙ اسان سَڀُ مٿيان ٻار- ۽ ٻيا، پڪي رستي تي چُنَ جا ليڪا ڪڍي ونجهوٽي راند کيڏندا هئاسين.
اسان سڀني جو ليڊر بُلا هو، جنهن کي هڪ طرف ليڊريءَ ۽ داداگيريءَ جو ڏانءُ آيو ٿي ۽ اسان سڀ پنهنجا ۽ پراون پاڙن کان آيل ٻار کائنس ڊڄندا هئاسين، ساڳي وقت بُلا ننڍي هوندي کان قربائتو به هو ۽ هر ٻار سان پيار سان ڳالهائيندو هو ۽ هن سان وڙهڻ واري کي اکيون ڏيکاريندو هو. ساڻس اسان جي مائٽي هجڻ ڪري ۽ مهمان طور ڪڏهن ڪڏهن هالا کان حيدرآباد اچڻ جي ڪري، هو منهنجو ته وڏو خيال رکندو هو. منهنجي ناني جو گهر به اتي گاڏي کاتي ۾ هو. آئون پنهنجي امڙ سان گڏ هالا کان ايندو هوس ته ناني جي گهر رهندو هوس ۽ جڏهن ڪنهن پڦيءَ يا ڏاڏيءَ سان گڏ ايندو هوس ته بُلا جن جي گهر ماڙيءَ تي، يا هيٺ سندس چاچي قادر بخش بلوچ جي گهر رهندو هوس، جيڪو بُلا وارن جي ورڪشاپ (گئراج) جي سامهون هو. اهو گهر دراصل اسانجي ڳوٺ جي مائٽ ”حاجي محمد صادق شيخ“ جو هو جنهن جي زال ”چاچي حاتل“ بُلا جي والد مستري اسماعيل ۽ چاچن قادر بخش ۽ نور محمد جن جي ماسي هئي. چاچي حاتل کي اولاد نه هجڻ ڪري چاچا قادر بخش وارا پنهنجي ماسيءَ سان گڏ رهيا ٿي. هنن گهرن ۽ منهنجي ناني جي گهر جي وچ ۾ ٻه يا ٽي گهٽيون هيون، جن مان هڪ ۾ ٻارن جو اسڪول هو، جيڪو ”گاڏي وارو اسڪول“ سڏبو هو، جو اسڪول جي در وٽ هڪ گاڏي وارو مختلف شيون وڪڻڻ جي ڪري مشهور هو. ناني جي گهر جي سامهون واري روڊ جي ٻئي پاسي واري گهٽي، جتي سائين سراج ميمڻ ۽ فهميده حسين وارا به بعد ۾ اچي رهيا، اتي منهنجي نانيءَ جو ڀاءُ جسٽس مرزا عبدالرحمان رهيو ٿي، جنهن جي ٻارن جسٽس حامد علي مرزا ۽ ٻين، پاڙي ۾ رهندڙ مظهر الحق صديقي، آپا سلطانه صديقي (”هم“ چئنل جي مالڪ) ۽ ٻين سڀني ٻارن پرائمري تعليم، ان گاڏي واري اسڪول مان ورتي.
منهنجي ڳوٺ جا توڙي حيدرآباد جا مائٽ - يعني نوجوان طبقو اهو ئي سوچيندو هوندو ته مرحوم حاجي صادق شيخ سان اسان هالن وارن ۽ گاڏي کاتي جي چانڊيا ٻروچن جي ڪيئن مائٽي ٿي؟ منهنجي خيال ۾ جيئن ته وڏن ۾ هاڻ آئون ئي وڃي رهيو آهيان، سو هنن جي معلومات لاءِ ان مائٽيءَ بابت هتي ٻه چار سٽون ضرورلکندو هلان، جيئن ايندڙ ٽهين کي ڄاڻ رهي. اڄ کان ستر پنجهتر سال اڳ جڏهن آئون ننڍو هوس ته هالا ۾ اسان جي مائٽن جا چند گهر هئا. اهڙيءَ طرح حيدرآباد ۾ هنن چانڊين بلوچن جا ٽي چار گهر هئا. مستري اسماعيل جن مٿي ماڙيءَ تي رهيا ٿي، هيٺ سندن گاڏين جي مرمت جو ڪارخانو هو، جنهن جي سامهون اسانجي هالا جي مائٽ چاچي محمد صادق جو گهر هو، جنهن سان بُلا وارن جو وڏو چاچو قادر بخش بلوچ پنهنجي زال فاطمه ۽ ٽن ٻارن: عبدالغفور (پَپا)، نور احمد (نون) ۽ هڪ ڌيءَ شميم سان رهيو ٿي. بُلا جو هڪ ٽيون به چاچو نور محمد بلوچ نالي هو، جنهن جو گهر اڄ جي ”عبرت“ آفيس واري گهٽيءَ ۾ هو. هن کي هومسٽيڊ هال چاڙهيءَ وٽ سندس وڏي پٽ ”رفيق“ جي نالي پيٽرول پمپ هو، جتي پڻ اسان بُلا سان گڏ ويندا هئاسين.
اسان وٽ قريشين، انصارين، صديقين وانگر، ڪيترائي شيخ چوندا آهن ته اسان جا وڏا عربستان کان آيا. اهو اسان وٽ هڪ فئشن ۽ Status Symbol ٿي پيو آهي ۽ جيڪڏهن محمد بن قاسم سان سڀ عربستان کان سنڌ ۾ آياسين ته ان وقت جيڪي سنڌ ۾ هندن ۽ ٻڌن مان مسلمان ٿيا، اهي ڪيڏانهن ويا؟ هندوءَ مان مسلمان ٿيڻ وارا به شيخ سڏجن ٿا. بهرحال اسان جا وڏا ڪير هئا؟ ان جي نه مون کي خبر آهي ۽ نه واسطو هجڻ کپي، جو هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ ذات پات نه، پر هر انسان، پنهنجي ذاتي عمل موجب سزا ۽ جزا جو حقدار ٿئي ٿو. منهنجا وڏا جيڪڏهن مسلمان ٿيا هوندا ته اهي گهٽ ۾ گهٽ چار پيڙهيون اڳ ٿيا هوندا، جو مون ننڍي هوندي پنهنجن وڏن کان ٻڌو ته اسانجي تڙ ڏاڏي- يعني منهنجي ڏاڏي جي ڏاڏي جو نالو عبدالحميد هو، جيڪو 1845ع ۾ ڄائو هو. يعني انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي .... انهن ڏينهن ۾ يا ان جي آسپاس وارن سالن ۾...... عيسوي سن جي exact خبر ناهي، جو انهن ڏينهن ۾ گهڻو تڻو هجري سالن موجب حساب ڪتاب ڪيو ويندو هيو.
اسانجي تڙ ڏاڏي عبدالحميد شيخ کي چارپٽ هئا: عبدالصمد، ولي محمد، محمد صادق ۽ چوٿون عثمان، جيڪو ڪنوارو گذاري ويو. عبدالصمد کي ٽي پٽ ٿيا: عبدالحميد، اسانجو ڏاڏو محمد رحيم ۽ حبيب الله. يعني اسانجي ڏاڏي محمد رحيم جو محمد صادق سڳو چاچو ٿيو. ولي محمد کي ٻه پٽ ٿيا: حاجي لطف الله ۽ مشهور شاعر ۽ مخدوم غلام حيدر صاحب جو صلاحڪار شفي محمد ”شهنشاهه“. شهنشاهه کي پٽ ٻار نه ٿيو، باقي حاجي لطف الله کي هڪ پُٽُ پروفيسر ولي محمد شيخ ٿيو - جنهن جي اڪيلي پٽ انجنيئر غلام محمد (ماما گلاب) گذريل سال 60 سالن جو ٿيڻ تي حيسڪو حيدرآباد مان رٽائرمينٽ ورتي. کيس پڻ هڪ ئي پٽ ڏاڏي جي نالي وارو لطف الله آهي، جيڪو مهراڻ يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ ڪرڻ بعد هاڻ ماسٽرس ڪري رهيو آهي.
محمد صادق شيخ کي به پيءُ جي طرفان هالا ۾ پنهنجو وڏو گهر ۽ زمينون هيون، پر هن ڪاروبار خاطر 1930ع کان حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن جو حيدرآباد جي شاهي بازار ۾ سون جو دڪان هو، جنهن مان هن جي سٺي ڪمائي ٿيندي هئي. زمينن جي پوک مان انهن ڏينهن ۾ ڪو خاص فائدو نه هو. هن حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ رهائش لاءِ گهر ورتو ۽ حاتل نالي اتي جي هڪ پٺاڻي ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو ارادو ڪيو، جنهن جي وڏي ڀيڻ جَنا، بُلا علي احمد جي ڏاڏي مير غريبو خان جي زال هئي. بُلا جو والد مستري محمد اسماعيل ۽ هن جا ڀائر اڃان ننڍا هئا، ته بلا جو ڏاڏو مير غريبو خان ۽ ڏاڏي جَنا (نجمه) گذاري ويا ۽ ٻارن کي (يعني بُلا جي والد ۽ چاچن کي) سندس ماسي چاچي حاتل نپائڻ لڳي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اسانجي وڏي چاچي محمد صادق چاچي حاتل جي رشتي جي گهر ڪئي. چاچي حاتل شاديءَ لاءِ انڪار نه ڪيو، پر هن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هن لاءِ پنهنجن يتيم ڀاڻيجن کي ڇڏڻ ممڪن نه ٿيندو. اسان جي وڏي محمد صادق شيخ هن کي سندس معصوم ڀاڻيجن سان گڏ رکڻ قبول ڪيو ۽ هيءَ شادي ٿي وئي.
چاچي صادق وارن کي اولاد نه ٿيو. آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هوس ته انهن ڏينهن ۾ چاچو محمد صادق گذاري ويو، پر منهنجا ڏاڏاڻا: پڦيون ۽ انهن جو اولاد سندن گهر ايندو رهيو ۽ چاچي حاتل ۽ ان بعد سندس ڀاڻيجا- بُلا جو والد ۽ بُلا جا چاچا، هنن جي اهائي عزت ڪندا رهيا، جيڪا کين چاچي صادق جي ڏينهن ۾ ملي پئي. هو ايڏو قرب ڏيندا هئا جو آئون حيدرآباد ايندو هوس ته ڪيترا دفعا پنهنجي ناني جي گهر ٽڪڻ بدران چاچي صادق جي گهر رهي پوندو هوس، جتي بلا جو چاچو قادر بخش ۽ سندس زال چاچي فاطمه پنهنجن ٽن ٻارن: پپا (عبدالفغور)، نور احمد ۽ شميم سان گڏ رهندا هيا. چاچي فاطمه منهنجي کير شريڪ ماءُ پڻ هئي ۽ نور احمد منهنجو همعمر هو. هو اسانجي ٻين مائٽن کان وڌيڪ اسانجو خيال ڪندا هئا. منهنجو والد به ننڍپڻ ۾ حيدرآباد ايندو هو ته چاچي صادق ۽ چاچي حاتل جن وٽ اچي رهندو هو، جنهن جا ڀاڻيجا (يعني بُلا جو والد ۽ چاچا) منهنجي والد جي لڳ ڀڳ عمر جا هئا.
منهنجي والده شريفان جو گهر- يعني منهنجا ناناڻا به اتي ئي گاڏي کاتي ۾ رهيا پئي. ٻي جنگِ عظيم وارن ڏينهن ۾، يعني 1942ع ۾، جڏهن منهنجو والد گل محمد شيخ 22 سالن جو هو ۽ مهاراشٽرا جي پوني شهر جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ اهو پوني ”ائگريڪلچر يونيورسٽي“ آهي) مان B.Sc ڪري آيو ته هُن جي رشتي لاءِ منهنجي ڏاڏي ۽ پڦيون حيدرآباد ۾ چاچا صادق جي گهر اچي رهيون ۽ چاچي حاتل سان گڏجي منهنجي ناني محمد حسن سومري جي گهر آيون، جتي هن جو ننڍو ڀاءُ الهه ڏتو سومرو (سيٺ لالا) به هن سان گڏ رهيو پئي، جنهن پوءِ حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ هوٽل ”فاران“ ٺهرائي، نه ته تيستائين هن ۽ منهنجي ناني وٽ ”جاگيردار هوٽل“ ۽ ريلوي اسٽيشن وٽ ”سنڌ زميندار“ نالي هوٽل هئي.
ڳوٺ ۾ رهي منهنجي ڏاڏيءَ کي حيدرآباد جي ان رشتي جي ڪيئن خبر پيئي؟..... منهنجي ناني (سيٺ محمد حسن سومري) کي ٻه ڀيڻون هيون. هڪ پڦو غلام فاطمه (مزاحيه ليکڪ حليم بروهيءَ، آپا تاج صديقيءَ، نعيم بروهيءَ جي والده، ڊاڪٽر فهيما قلباڻيءَ ۽ پيٽارين شفيق صديقيءَ جي ناني) جيڪا پوليس جي S.P عبدالعزيز بروهيءَ جي زال هئي ۽ ٻي پڦو زينت (عرض محمد شيخ، آپا شمس، نذيران، نسرين، وغيره وارن جي امڙ) جنهن جي شادي خيرپور جي خان محمد شيخ (سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ جي چاچي) سان ٿي هئي. هو اسان جي شهر هالا نوان ۾ ڪافي سال سب رجسٽرار ٿي رهيو ۽ سندس وڏو پٽ انجنيئر عرض محمد شيخ منهنجي پڦيءَ جي پٽ ولي محمد شيخ، عبدالقدوس علويءَ (NED جي وائيس چانسلر)، ڊاڪٽر حسن ميمڻ (LMC جي پرنسپال) وغيره جو همعمر ۽ دوست هو ۽ هنن پرائمري تعليم هالا مان گڏ گڏ حاصل ڪئي. انهن خاندانن جو هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ ٿيو. پڦو زينت منهنجي ڏاڏيءَ کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي ڌيءَ شريفان لاءِ رشتي جي ڳولا ۾ آهي. منهنجو ڏاڏو ننڍي هوندي گذاري چڪو هو، سو ان ڳالهه کي وڌائڻ لاءِ اسان جي ڏاڏي جي چاچي (محمد صادق شيخ) جنهن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته حيدرآباد ۾ رهيو ٿي، ان ۽ هن جي پٺاڻي زال چاچي حاتل (علي احمد بُلا جي پيءُ جي ماسيءَ) مدد ڪئي ۽ شادي طئي ٿي هئي. سو منهنجا پڙهندڙ ۽ اسان جي توڙي علي احمد بُلا جي مائٽن جون نوجوان ٽهيون اندازو لڳائي سگهن ٿيون ته اسان جا علي احمد بُلا وارن سان مائٽيءَ ۽ دوستيءَ جا ٻئي تعلقات هئا. پر آئون ته اهو چوندس ته بُلا جي هڪ اهڙي شخصيت هئي، جنهن ۾ سڀني ڪشش محسوس ڪئي ٿي. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي ته جھانگير صديقيءَ جھڙو مشغول ماڻهو، جنهن ننڍپڻ جا فقط چند سال بُلا سان پاڙي ۾ گذاريا، اهو اڄ به جڏهن مون سان ملندو آهي، ته بلا جو ضرور پڇندو آهي. بُلا جي وفات کان ٻه چار مهينا اڳ هن جو حيدرآباد اچڻ ٿيو هو ۽ بلا مون کي فون تي ٻڌايو ته جھانگير ڪراچيءَ وڃڻ کان اڳ هن سان ملي ويو.
علي احمد بُلا ۾ ننڍپڻ کان مون ٻه ڳالهيون نوٽ ڪيون، جيڪي هن سان هميشه گڏ گڏ رهيون. هڪ ته هو خوش مزاج هو. هر وقت، هر ڳالهه تي کلندو رهندو هو. پنهنجي ڏک جي پرواهه نه ڪندي، هو ٻين جي خوشيءَ ۾ هر وقت خوش رهندو هو. اها ڳالهه مون هن جي امڙ جيجي شائو ۽ وڏي ڀيڻ رضيه ۾ به ڏٺي. ٻي ڳالهه ته هن ڪڏهن به ڪو Complex محسوس نه ڪيو. سندس دوست ۽ پاڙيسري وڏن عهدن تي پهچي ويا ته به هو پنهنجي روايتي اسٽائيل ۾ هنن سان ڳالهائيندو هو ۽ غريب دوستن جي مدد ڪندو هو. هو نه فقط قابل مڪينڪ (مستري) پر سٺو استاد به هو ۽ هن وٽ سکيا وٺندڙ شاگرد جتي ڪٿي پنهنجو نالو ڪڍي رهيا آهن. دبئيءَ ۾ ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ وٽ رهيل هُيس، جتي هن جي ننڍي ڀاءَ شوڪت سرڪيءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو اتي جي هڪ ڪارن جي ڪارخاني ۾ ماهر مڪينڪ مئنيجر آهي. ڪارن جي انجڻن بابت مون هن جي ڄاڻ جي ٽيسٽ ورتي ته ماشاءَالله هو مون کي بيحد ذهين لڳو. هو ٺُل شهر جا رهاڪو آهن، سو پڇيومانس ته مستريءَ جو ڪم جيڪب آباد جي ڪهڙي استاد وٽ سکئين؟..... هن ٻڌايو ته هو ۽ هن جا ٻه دوست علي احمد بُلا جي تعريف ٻڌي حيدرآباد ۾ اچي رهيا ۽ هنن ٽي سال کن بُلا جي گئريج ۾ هن سان گڏ ڪم ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ، پنجاب ۽ عرب ملڪن ۾ بُلا (علي احمد) جا ڪيترائي شاگرد ملندا، جيڪي محنت مزوريءَ ۽ ڪم جي سٺي ڄاڻ ۽ سکيا جي ڪري سٺو روزگار ڪمائي رهيا آهن.
بُلا وانگر سندس والد مستري محمد اسماعيل بلوچ به سٺو استاد هو. بُلا ته هن وٽ فل ٽائيم ڪم سکيو، پر مون ۽ منهنجي ڀاءُ حاجي اشفاق احمد موڪلن ۾ هنن وٽ جيڪي ٿورو گهڻو ڪم ڪيو، اهو اسان کي اڳتي جي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو ڪم آيو. منهنجي والد جي ته اها خواهش هئي ته آئون هڪ مَنو ٿي مڪينڪ جو ڪم سکان. هو تازو آمريڪا ۾ ڪجهه سال رهي، اتان جي ڪارنيل يونيورسٽي (اِٿيڪا) مان ائگريڪلچر ۾ ماسٽرس ڪري آيو هو. هن تعليم ۽ هنر ٻنهي جي اهميت ۽ قدر سڃاتو ٿي. هن مون کي تمام گهڻو آماده ڪيو ته هن جي سوچ مطابق آٽومڪينڪ جي ڪم جو وڏو مستقبل آهي. هالا جھڙي شهر ۾ هڪ گئريج ۽ ويلڊنگ شاپ کولڻ وارو وڏو ڪامياب ويندو. مون کي ان وقت انهن ڳالهين تي حيرت ٿيندي هئي، جو ان وقت هالا جي سڄي شهر ۾ فقط ٽي گاڏيون هيون ... پر پوءِ سگهوئي (ڏهن ويهن سالن بعد) ڏٺو ويو ته هالا ته ڇا پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ نه فقط ڪارون پر آٽو انڊسٽريءَ سان واسطو رکندڙ ٽرئڪٽر، ٽرڪون، ٿريشر، هارويسٽر ۽ ٽيوب ويل ايترا وڌي ويا، جو سٺي مستريءَ کي ڳولڻو پوندو هيو. هيڏي عمر گذرڻ بعد اڄ آئون اهو ئي چوندس ته اڄ به واڍي، مڪينڪ، پلمبر، درزيءَ، ويلڊر ۽ اليڪٽريشن جو تمام سٺو مستقبل آهي، بشرطيڪ هو پنهنجي ڪم کي دل لڳائي سکي ۽ ان ۾ ماهر ٿئي. آمريڪا واري هڪ سفرنامي ۾ لکيو اٿم ته وڏن وڏن سيٺين کي اسان جي جھاز تي ڪم ڪندڙ هڪ آمريڪن شيدي ماهر ڪرين آپريٽر جي، خوشامد ڪندو ڏسي، هن کان پڇيم ته، تون ڪِرين جي ڪم ۾ ايڏو هوشيار ڪيئن ٿئين؟..... هن وراڻيو ته سندس ماءُ کيس ننڍي هوندي کان ان قول جي سُتي پياري ته، ”پٽ! جيڪو به ڪم ڪرين، اهو دل لڳائي سٺيءَ طرح ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. پوءِ اهو ڪم چاهي گهٽين کي ٻهاري ڏيڻ جو ڇو نه هجي“.
منهنجي خيال ۾ اهو 1970ع وارو ڏهاڪو هو، جڏهن اسانجو جھاز ٻه چار دفعا سعودي عرب جي بندرگاهن ۾ ويو ته اتي بُلا سان ملاقات ٿي. عرب شهزادن کي ڪارن رکڻ جو شوق ٿيو، جنهن لاءِ هنن اسان واري بُلا جي تعريف ٻڌي هن کي پاڻ وٽ گهرايو. هن جي هٿ هيٺ پنج ڇهه ٻيا به مڪينڪ هئا. بُلا لاءِ ڄڻ ته آرام ۽ ٺاٺ جي نوڪري ٿي پئي. سعودي عرب ۾ وڏي پگهار سان گڏ کيس ڪيتريون ئي سهولتون ڏنيون ويون. هن جا ٺٺ اسان به ڏٺا، پر علي احمد کي مزو ئي نه اچي. هو سڄي عمر پنهنجي اسٽائيل سان هريل. ڪچهري، ڪم، شاگردن جي سلام دعا، صبح کان شام تائين پورهيو ... سو هن کي عربن جي محلن ۾ مزو نه آيو. ڇڪي تاڻي ڪجهه سال ڪڍيائين ۽ عربن کان اجازت وٺي، موٽي پنهنجي ماڳ آيو. والد جي وفات بعد گاڏي کاتي وارو ڪارخانو سندس ڀاءُ خان (عبدالمجيد) هلائڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ قاسم آباد ۾ نئون گئريج کوليائين. پنهنجي هنر ۾، هن Legacy کي وڌائڻ لاءِ بُلا (علي احمد) جا ٻه پٽ اڳيان آهن، جيڪي پڻ گاڏين جي ڪم ۾ سنڌ ۾ مشهور آهن. اهي آهن وڏو پٽ عامر ۽ ٻيو علي عمران (غازي). بُلا ٻه شاديون ڪيون. هڪ 1967 ڌاري پاڙي ۾ رهندڙ پروين سان، جيڪا سندن ذات مان نه هئي. بُلا جا مائٽ ڌارين مان شادي ڪرڻ ۾ خوش نه هئا. هنن پنهنجي ذات کي ترجيح پئي ڏني، پر شاباس هجي بُلا کي جنهن پنهنجو واعدو نڀايو ۽ خاندان جي مسئلن کي منهن ڏنو. شاباش سندس گهر واريءَ کي به هجي، جو بُلا نه پڙهيل هو ۽ نه آفيسر ۽ نه وري سندس ڪو ڌنڌو اڃان چمڪيو هو. پروين جي وفات بعد هن ٻي شادي پنهنجي چاچي نور محمد بلوچ جي گهران ناز پروين (ڊوليءَ) سان 1990ع ڌاري ڪئي. پروين مان کيس اٺ ٻار ٿيا. 5 پٽ ۽ 3 ڌيئون. جن مان هڪ پٽ آذر ننڍي هوندي ڪار حادثي ۾ گذاري ويو. بُلا کي ٻي زال مان فقط هڪ ٻار احسن آهي جيڪو هن وقت 28 سالن جو آهي ۽ گئس اينڊ آئل ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
بُلا وارا پاڻ به ماشاءَالله پنج ڀائر ۽ ست ڀيڻون هئا ۽ هر وقت سندن گهر ۾ کل، خوشي ۽ ڪچهري لڳل رهندي هئي. اسان ٽي ڀائر ۽ چار ڀيڻيون هڪ ئي وقت نانيءَ جي گهران هنن وٽ ايندا هئاسين، ته هر هڪ کي ڪچهريءَ لاءِ ڪو هم عمر ٻار ملي ويندو هو. بُلا جي والد چاچي محمد اسماعيل مستريءَ کي شڪار جو شوق هوندو هو. ٻه دفعا مون کي به ساڻ گڏ وٺي ويو هو. ان وقت آئون ٽين يا چوٿين ڪلاس ۾ هوس. هو ڪنهن مير فئمليءَ سان مياڻيءَ واري ٻيلي ۾ هرڻن جي شڪار تي هليا هئا. ٻئي دفعا ٻه ٻه ڦاڙها ماريا هئائون. اهو مون لاءِ پهريون تجربو هو. هيءَ سن 1952ع ڌاري جي ڳالهه آهي. چاچا اسماعيل جي، ڪيترن ئي سنڌ جي اهم ماڻهن – خاص ڪري حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن، ٽالپرن ۽ بلوچن سان دوستي هئي. اڄ جي پيپلس پارٽيءَ جي وزير مولا بخش چانڊيي جو چاچو به هن سان ملندو هو، جنهن صاحب کي مون بعد ۾ مير علي احمد ٽالپر وٽ به ڏٺو. مير صاحب سان منهنجي پيٽاري جي ٽنڊي قيصر واري ڪلاس ميٽ رئيس نور احمد نظاماڻيءَ وارن جي مائٽي هئي، جيڪو اڪثر هنن جي ڪراچيءَ واري گهر ۾ ويندو هو ته مونکي به وٺي هلندو هو. مير صاحب جو فرزند جيڪو اسان جو همعمر هو، اهو پڻ اسان جو دوست ٿي ويو هو.
بُلا جن جو گهر مٿي ماڙيءَ تي هوندو هو، جيڪو اڄ ڪلهه جي ماڙيءَ کان مٿين ليول تي هو. ان ڪري ان جي ڏاڪڻ اتاهن ڏاڪن واري اُڀ کڙي هئي، جنهن کان مون کي هميشه خوف لڳندو هو ته ڪٿي پير نه ترڪي. اڄ به ان ڏاڪڻ جو سوچيان ٿو ته جسم ۾ سيوڪاري ٿي ٿئي. پر بُلا جو گهر اسان ٻارن توڙي هالا کان آيل اسان جي گهر وارن توڙي ٻين مائٽن لاءِ ان ڳالهه ۾ دلپسند هو، جو سندن اولهه واري ڪمري جي هڪ دريءَ مان سامهون حيدرآباد ريلوي اسٽيشن کان ايندڙ يا ان ڏي ويندڙ ريل گاڏي نظر ايندي هئي. ريل جي سيٽيءَ جو ٻڌي اسان ٻار دريءَ ڏي ڊوڙون پائيندا هئاسين. اسان پهريون دفعو ريل گاڏي بُلا جي گهران ڏٺي. هالا ۾ رهندڙ چاچا صادق جا ٻيا مائٽ به جڏهن بُلا وارن جي گهر ايندا هئا، ته ڳوٺ پهچڻ تي اُهي به ريل گاڏيءَ جي ڳالهه ضرور ڪندا هئا ته، هنن وٽ ڪلاڪ ٻه هجڻ دوران، هنن ٻه دفعا يا ٽي دفعا پئسينجر ۽ مال گاڏيون ڏٺيون. وڏو ٿي جڏهن جھاز جي نوڪري شروع ڪيم ته جھاز کي ترڪيءَ جي باسفورس (استنبول بندرگاهه جي وچ مان درياهه جھڙي سنهي سمنڊ) مان اُڪارڻ وقت، باسفورس جي ڪناري وارا گهر مون کي بُلا جن جي ماڙيءَ جي ياد ڏياريندا هئا. فرق صرف اهو هو ته استنبول جي هنن گهرن جي درين مان حيدرآباد اسٽيشن ڇڏيندڙ يا ان ڏي ويندڙ NWR جي ريل گاڏي نه پر مختلف ملڪن جا اسان جا پئسينجر ۽ مال بردار جھاز، اتي جي گهرن جا ڀاتي ڏسندا هئا ۽ اڄ به ڏسندا رهن ٿا.
بُلا جن جو هي گهر اڃان به موجود آهي. جيتوڻيڪ سڀ ڀائر مختلف گهر اڏرائي اتي وڃي رهيا آهن، پر هي گهر سندن هڪ ڀيڻ نجمه کي ڏنو ويو، جنهن جي ۽ ان کان ننڍي ڀيڻ نسيم جي نواب شاهه جي چانڊين ۾ شادي ٿي هئي. ڪجهه سال اڳ حيدرآباد ويو هوس ته گاڏي کاتي جي گهٽي گهٽي ڏٺم. بُلا وارن جي ماڙيءَ تي به ويس .... ساڳيو گهر، ساڳيا ڪمرا ۽ در دريون هيون. پراڻن ماڻهن ۾ فقط بُلا جي ڀيڻ نجمه هئي. نجمه جا ٻار ته جوان ٿي ويا هئا، پر انهن کي به ٻار ٿي ويا هئا، يعني هوءَ ڏاڏي ناني ٿي ويٺي هئي. اهو مون کيس آخري دفعو ڏٺو. ان ملاقات بعد هوءَ سگهو ئي گذاري وئي هئي ۽ سندن وڏي ڀيڻ رضيه، جيڪا سڀني ۾ گهڻو چرچائڻ هئي، اها ته هن کان به اڳ گذاري چڪي هئي. رضيه کان وڏي ممتاز (پروفيسر غلام قادر قاضيءَ جي زال) جيڪا اسان کان ٽي چار سال وڏي هئي ۽ جنهن کي ننڍي هوندي چاچا صادق هالا وٺي ايندو هو ته هوءَ هن سان گڏ مهينو مهينو به رهي پئي هوندي هئي ۽ اسان جي پاڙي جي ڇوڪرين جي ٽولي سان گڏ هوندي هئي، جن ۾ منهنجي پڦيءَ جي ڌيءَ (ماما وليءَ جي گهر واري) شمون، سائين عبدالرئوف منصور ويراڳيءَ جي گهرواري ادي ڀان، جج نصير ابڙي جي گهر واري خير بانو، ڊاڪٽر منظور ۽ ڊاڪٽر رفيق شيخ جي پڦي هاجران ۽ هالا گرلس ڪاليج جي پروفيسر سهيل ابڙي جي والده ادي ڦاپُو (فاطمه) هوندي هئي. هو چاچا صادق جي گهر جي ڪنهن ڪمري ڏي اشارو ڪري ”جِنُ جِنُ“ ڪري ڊوڙنديون هيون. آئون سڀ ۾ ننڍو هوس. پهريون دفعو ڊوڙڻ ۾ ڪِري پيو هوس. اهو واقعو فقط هڪ ٻه دفعا ٿيو، پر ان جو اثر منهنجي دماغ تي اڄ ڏينهن تائين اهڙو ويٺل آهي، جو ان گهر کان، جيڪو ”وڏو گهر“ سڏبو هو، خوف ٿو لڳي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان گهر لاءِ اڄ به هر ڪو چوي ٿو ته اهو واقعي ڳرو آهي، يعني ان ۾ غيبات آهي. پر ننڍي ٻار جي دل ۾ پيدا ٿيل خوف تمام گهڻو گهرو اثر رکي ٿو. هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن مون اڃان پرائمري اسڪول ۾ به داخلا نه ورتي هئي ... يعني ڇهن سالن کان به ننڍو هوس، پر مونکي اهي ڳالهيون اڄ به چٽيءَ طرح ياد آهن.
بُلا جي وفات کان هفتو کن اڳ ٻڌوسين ته سندس سڀ ۾ وڏي ڀيڻ ممتاز بلوچ (قاضي) جنهن کي سڀ ”مِنا“ چوندا هئا، اها به آمريڪا ۾ گذاري وئي. سندس ٻار: ٻه پٽ ۽ ڌيءَ اتي ئي رهن ٿا. آپا ممتاز جي مڙس پروفيسر غلام قادر قاضي صاحب جي وفات ٻه سال اڳ ٿي وئي هئي.
نواب شاهه ۾ بُلا جي هڪ ٻي ننڍي ڀيڻ نسيم جي به شادي ٿي هئي. اها به ٽيهارو سالن کان حيدرآباد لڏي آئي ۽ ڀائرن ڀينرن ۾ هاڻ اهائي سڀ ۾ وڏي آهي ۽ ان کان ئي سندن خاندان جي ماڻهن جي خبر پوندي آهي. ستر ايڪهتر سالن جي ڄمار ۾ هوءَ بلڪل پنهنجي والده ”جيجي شائوءَ“ جھڙي لڳي ٿي. نه فقط شڪل ۾ پر خير عافيت پڇڻ ۽ مهمانوازيءَ ۾ پڻ. سامهون ملڻ يا رڳو فون ڪرڻ تي به يڪدم چوندي ته نواب شاهه کان ڪيلا آيا آهن، کڻي وڃ. حاجي صاحب! اڄ واهه جا پلا آندا آهن، ترس ته تري ڏيانءِ ته ڪراچيءَ کڻي وڃ.... اهو ئي حال سندس امڙ جو هوندو هو. نسيم ۽ ان جي مڙس کي گهمڻ جو شوق به ڏاڍو آهي. منهنجي خيال ۾ لفظ ”گهمڻ“ صحيح نه ٿيندو، پر ”ايران جي زيارت“ صحيح ٿيندو. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي ته هوءَ هن عمر ۾ به ايران باءِ روڊ ويندي رهي ٿي. هر دفعي هي زال مڙس مشهد توڙي قم ۾ روضي شريف کان پري مسواڙ تي سستو گهر وٺن ۽ هفتو اڌ نه، پر مهينو مهينو رهيو پون. پنج ٻار اٿن. پنجئي ٻار وڏا آهن. پنجئي پٽ آهن. بقول نسيم جي ”سڀ آزاد آهن. اسان زال مڙس به آزاد آهيون. پنجن ئي پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي ۽ پنج ئي الڳ الڳ رهن ٿا. نوڪري ڪو به نٿو ڪري. پنجن ئي کي دڪان آهن... پوءِ ڪنهن کي اسپيئر پارٽس جو، ته ڪنهن کي شو روم آهي ... پنجن ئي کي ڌڻ ٻارن جو آهي، جن مان جيڪو جيڪو ٻار مدرسي ويندي يا موٽندي مون ڏاڏيءَ وٽ ايندو آهي، ان کي چاڪليٽ ڏيندي آهيان...“.
نسيم جي اها ڳالهه انگريزن واري لڳي. مدرسو ۽ مسجد سندس گهر وٽ آهي. بُلا جو گهر به اتي ئي ويجهو آهي. ننڍي هوندي بُلا وارا يا منهنجا ناناڻا- يعني ناني ۽ نانيءَ جا مائٽ گاڏي کاتي، رسالا روڊ، تلڪ چاڙهيءَ، صدر، هيرآباد ۾ رهندا هئا ۽ هينئر هو واڌو واهه، قاسم آباد، پڪوڙا چوڪ، جيجل ماءُ اسپتال، علي سي اين جي جھڙن علائقن ۾ رهن ٿا، جن جا رستا مون کي اڃا تائين سمجهه ۾ نه آيا آهن. حيدرآباد ۾ مون لاءِ زيب سنڌي ان ڪم لاءِ، سمجهو ته انڌي لاءِ لٺ هوندو آهي يا سعيدآباد جي DIG پوليس ولي الله دَل کي چوندو آهيان ته ڪو سُونهون ڏي، جو حيدرآباد جا رستا ۽ ٽرئفڪ منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهن. آهي ته سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جو به اهو حال. يورپي چوندا آهن ته وڏي عمر ۾ آرام جي سفر لاءِ پنهنجي ڪار ڪڍڻ بدران بس ۾ سفر ڪجي. هنن شايد ڪراچي ۽ ڪراچيءَ جون بسون ڏٺيون نه آهن، تڏهن ٿا اهي ڳالهيون ڪن....
جھازن جي نوڪريءَ تي نڪرڻ بعد منهنجو ڪراچيءَ يا حيدرآباد ڪڏهن ڪڏهن اچڻ ٿيندو هيو، پر ان هوندي به بُلا جي ڀيڻ نسيم بعد، هڪ ڀيڻ سلطانه، هڪ ڀاءُ خان (عبدالمجيد) کي چڱو وڏو ڏٺم. هو اسڪول ويندا هئا. ان کان ننڍا: ياسمين, بابو (فواد)، هُما، جمي (جمشيد) ۽ نومي (شرجيل) هئا. جن ڏينهن ۾ بُلا سعودي عرب ۾ هيو انهن ڏينهن ۾ سلطانه جي شادي مگسين ۾ ٿي، جيڪي پڻ سعودي عرب ۾ رهندا هيا. هاڻ هو شهدادڪوٽ ڏي رهن ٿا، جيڪو سندس مڙس جو اباڻو ڳوٺ آهي. ياسمين بعد بُلا جو ڀاءُ فواد آهي، جنهن کي ننڍپڻ کان اسين ”بابو“ سڏيون ٿا. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان جيولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ پاڪستان جي سئي گئس کاتي ۾ نوڪري ڪري ٿو، سندس گهر واري ڊاڪٽر فرزانا پاڪستان اسٽڊيز ۾ Ph.D ڪئي آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ان ڊپارٽمينٽ ۾ هيڊ آهي. بابو وارن کي چار ٻار آهن. ٽي پٽ هڪ ڌيءَ. وڏي پٽ بالاچ، مهراڻ يونيورسٽيءَ مان بايو ميڊيڪل ۾ انجنيئرنگ ڪئي ۽ سندس زال صوفيه، جنهن جو تعلق پڻ حيدرآباد جي چانڊيو فئملي سان آهي، ميڊيڪل جي ڊاڪٽر آهي. بابوءَ جو ٻيو پٽ سالار بلوچ چين ۾ نوڪري ڪري ٿو. هن چين مان ئي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪئي. مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي ته هن چين وڃڻ سان چيني ٻولي سکڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي ۽ اڄڪلهه اهڙي ئي سٺي چيني ۽ انگريزي ڳالهائي ٿو جھڙي هڪ چيني يا انگريز ڳالهائي. هن جي امڙ ٻڌايو ته، ”مون ٻارن تي تعليم لاءِ زور زبردستي نه ڪئي، ته هي سبجيڪٽ کڻو يا هو کڻو. هنن سان منهنجو هميشه دوستاڻو رويو رهيو. ها البته هنن تي آئون نظر رکندي رهيس ته هنن جي دوستي ڪنهن سان آهي. مليل هوم ورڪ روزانو ڪندا رهن ٿا يا نه ۽ انگريزيءَ سان گڏ ان ملڪ جي ٻولي به سکن ٿا يا نه. سٺي انگريزي ۽ چيني اچڻ ڪري سالار کي چين ۾ يڪدم نوڪري ملي وئي، جنهن کي چار سال کن اچي ٿيا آهن“.
منهنجي خيال ۾ هي اهي ئي ڳالهيون آهن جن لاءِ آئون به پنهنجن ڪالمن ۾ لکندو رهان ٿو.
بابو ۽ ڊاڪٽر فرزانا کي ٽيون ٻار ڌيءَ اريبا آهي، جيڪا ڏندن جي ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ جنهن جي گهر واري سرمد آسٽريليا مان انجنيئرنگ پڙهي آهي ۽ چوٿون ٻار، جنهن تي سندس ڏاڏي يعني علي احمد بُلا جي والد صاحب جو نالو محمد اسماعيل آهي، اهو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم آهي، هو انگلش ۾ گرئجوئيشن ڪري چڪو آهي.
خان (عبدالمجيد) گاڏي کاتي ۾ ئي رهي ٿو. کيس 5 پٽ هڪ ڌيءَ آهن. خان بعد بُلا جي ڀيڻ ياسمين آهي، جنهن جي شادي پنهنجي ذات وارن يعني چانڊين ۾ ٿي، جيڪي ٺٽي ضلعي جي چوهڙ جمالي شهر ۾ رهن ٿا. هن کي هڪ نياڻي آهي. ياسمين بعد هُما آهي. هُما انگلش ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هئي، پر هاڻ پنهنجي مڙس آصف مرزا سان گڏ ڪئناڊا ۾ رهي ٿي. کائنس ننڍو ڀاءُ جِمي (جمشيد) جنهن سوشل ورڪس ۾ ماسٽرس ڪئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي پروفيسر آهي. سڀ کان ننڍي ڀاءُ نومي (شرجيل) ايم اي ايڪنامڪس ۾ ڪئي. شرجيل (نومي) جيڪو شرجيل پاشا بلوچ جي نالي سان حيدرآباد ۾ مشهور آهي، ڪنسٽرڪشن جو ڪم ڪري ٿو. شرجيل جي منهن مهانڊي ۽ ڏاڙهي مڇن جي اسٽائيل کي ڏسي سندن والد چاچا محمد اسماعيل ياد ايندو آهي. هو هڪ طرف رعب تاب وارو انسان هو، ته ٻئي طرف شفيق ۽ مهربان. وڏا وڏا مير، پير، جاگيردار ۽ رئيس توڙي غريب غربا هن جي عزت ڪندا هئا. گاڏي کاتي ۽ اوس پاس جا سنڌي توڙي مهاجر، پنجابي هن کي ابو امان سمجهندا هئا، هن جا دوست هئا. هن کان جيڪي پڄي سگهندو هو، ماڻهن جي مدد ڪندو هو. حيدرآباد توڙي آس پاس جي ضلعن جا سياستدان، ڪارخانيدار ۽ ڪامورا هن جي دوستيءَ کي فخر سمجهندا هئا ۽ انهن جي گاڏي جڏهن ٻي ڪنهن کان نه ٺهندي هئي، ته اها مستري محمد اسماعيل بلوچ حوالي ڪئي ويندي هئي ۽ اهو ئي شان شوڪت، ڏانءُ ۽ هنر سندس وڏي پٽ علي احمد بُلا کي نصيب ٿيو.
شرجيل جي گهرواريءَ اردو ادب ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ درس تدريس جو ڪم ڪري ٿي. اڄڪلهه هوءَ Educators اسڪول سسٽم سان وابسته آهي. کين ٽي ٻار آهن. وڏو ٻار عبدالله سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن ڪري رهيو آهي. ٻيو نمبر زينب فاطمه پري ميڊيڪل ۾ آهي ۽ مرجام فاطمه سڀني ۾ ننڍي آهي.
هتي مان ڄاڻي واڻي بُلا جي ننڍن ڀائرن ڀينرن جي تعليم بابت لکيو آهي ۽ اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان ٿيڻ کان اڳ سنڌي هندو، خاص ڪري وڏن شهرن جا، تقريبن سئو سيڪڙو تعليم پٺيان هئا. نه فقط سندن پٽ پر ڌيئرون به...... اسان وٽ مسلمانن ۾ اهو رجحان گهٽ هو. ڇوڪرين کي پڙهائڻ جو ته اڃان به گهٽ هو. حيدرآباد جھڙي وڏي شهر ۾ به تمام ٿورن ماڻهن پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ٿي ڏني. خاص ڪري ڪن ڪن خاندانن، جيئن بُلا وارن جي چانڊيو فئمليءَ به ان کي پسند نه ٿي ڪيو. پر پوءِ مون ڏٺو ته تعليم لاءِ رجحان وڌڻ لڳو ۽ گاڏي کاتي ۾ ڪيتريون ئي مسلمان فئمليون پنهنجين ڌيئرن کي به تعليم ڏيارڻ لڳيون. بلا جن جي گهر ۾ به بُلا جي وڏي ڀيڻ ممتاز تعليم لاءِ پنهنجي والدين ۽ مائٽن کي سمجهايو ۽ پاڻ به ڪجهه درجا پڙهي. تعليم کي ڇڏڻ بعد ڪجهه سال رکي وري هن مئٽرڪ ڪئي ۽ زبيده ڪاليج مان انٽر وغيره ڪئي. پاڻ ۽ سندس هڪ ٻن وڏين ڀيڻن کڻي اعليٰ تعليم حاصل نه ڪئي ۽ انهن جون شاديون به ٿي ويون، پر ٻين ننڍن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جي راهه کلي وئي ۽ وڏين ڀيڻن به پنهنجن ٻارن کي خوب پڙهايو. جيئن سلطانه، جنهن جي شادي شهدادڪوٽ جي مگسين ۾ ٿي، ان جا به سڀ ٻار: ٽي پٽ ۽ هڪ ڌي گرئجوئيٽ ۽ پوسٽ گرئجوئيٽ آهن. جيئن، خطاب ۽ ياسر ڪمپيوٽر سائنس پڙهيا، نائيف ايم فل انگلش ۾ ۽ هفسه ايم اي انگلش ۾ ڪئي آهي.
هتي جيئن ته ان دؤر جون ڳالهيون لکي رهيون آهيان، يعني اڄ کان پنجاهه، سٺ بلڪه ستر سال اڳ جون، ته اسان جون هڪ ٻئي سان مائٽيون ڪيئن هيون ۽ گاڏي کاتي ۽ صدر (حيدرآباد) جو ماحول ڇا هو؟.... ۽ هي سڀ ڳالهيون ياد رکڻ وارو ۽ ٻڌائڻ وارو آئون ئي هڪڙو وڃي رهيو آهيان ۽ ٻين ننڍن کي مٿين مائٽن ۽ ڳالهين جي خبر به نه هوندي، جو اسانجي دوست ۽ مائٽ همعمر بُلا جيڏن جي اولاد جو اولاد به وڏو ٿي ويو آهي. ڪيترا منهنجا مائٽ ۽ منهنجا ڳوٺائي بُلا جي مائٽن جي اولاد کي اڄ سڃاڻندا به نه هوندا ۽ هي منهنجيون ڳالهيون پڙهي حيرت کائيندا.
بُلا ۽ ان جي گهر ڀاتين جو ذڪر ڪندي هڪ شخص ”نجف علي مرزا“ جو احوال به لکڻ ضروري ٿو سمجهان. نجف سان اسان جي ملاقات بُلا جي ئي گهر ٿيندي هئي ۽ تڏهن کان جڏهن کان، هوش سنڀاليوسين. يعني اٽڪل 1947-48ع) کان، جڏهن آئون ٽن چئن سالن جو هوس. نجف کي سڀني ”ڀاءُ نَجا“ سڏيو ٿي ۽ هو بُلا جي والدين کي ”ماما“ ۽ ”مامي“ سڏيندو هو. سندس والده ماسي ڪامل (ڪامل خاتون) اسان کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ منهنجين پڦين سان هن جي سٺي ڪچهري ٿيندي هئي. سندس گهر ٿورو اڳيان ڪوهه نور سئنيما وٽ هوندو هو. نجف مون کان ۽ بُلا کان ڪجهه سال وڏو هو. ڪيترو وڏو هو، اهو exact نٿو چئي سگهان، پر سندس شادي ٿي هئي ته ان وقت هو مئٽرڪ ۾ هو ۽ آئون پهرين انگريزيءَ ۾ هوس ۽ پڦين سان گڏ اسان نجف جي گهر ٽي چار ڏينهن اچي رهيا هئاسين. نجف جي هيءَ پهرين شادي ڪامياب نه وئي. هن کي ان مان هڪ پٽ آصف علي ٿيو، جيڪو ڪافي سالن کان ڪئناڊا ۾ رهي ٿو ۽ ٻچن ٻارن وارو آهي. نجف جي ٻي شادي تڏهن ٿي جڏهن اسان مئٽرڪ ۽ انٽر به ڪري ورتي هئي. سندس هيءَ زال ”ڀاڀي ريحانا“ سندس سوٽ آهي. جھڙو چرچائي ۽ پڙهيل ڳڙهيل ڀاءُ نجا آهي، اهڙي ڀاڀي ريحانا. منهنجي نه فقط ساڻن ڪچهري لڳندي رهي ٿي، پر ڀاڀي ريحانا جي والده سان پڻ، جيڪا منهنجو ايڏو ئي خيال رکندي هئي ۽ پيار ڏيندي هئي جيترو ڀاءُ نجا جي والده ماسي ڪامل، جيڪا هاڻ گذاري چڪي هئي. تعليم بعد جيئن ئي سامونڊي نوڪري شروع ٿي ته منهنجو حيدرآباد اچڻ نه برابر وڃي ٿيو. جھاز تي وڃڻ وارن ڏينهن ۾ ڀاڀي ريحانا کي ٻن ٽن سالن جي هڪ ڌيءَ فرحانا هئي. ڪجهه سالن بعد منهنجو ڀاءَ نَجا جن جي گهر اچڻ ٿيو، ته هنن کي ٽي ٻار (ڌيئرون) ٿي چڪيون هيون. سڀ هڪ ٻئي پويان هجڻ ڪري هڪ جيڏيون ٿي لڳيون. چرچي طور ڀاڀي ريحانا کي چوندو هوس ته، ”ڀاءُ نَجا کي پهرين زال مان پٽ ٿي ويو. هاڻ تو مان هرگز نه ٿيندس“.
”ڇو ڀلا؟“.
”ان ڪري جو ڀاءُ نَجا جي مرزا فئمليءَ جي اها تاريخ رهي آهي ته هنن کي فقط هڪ پٽ ڄمي ٿو. ڀاءُ نجا به پنهنجي پيءُ خورشيد علي مرزا کي اڪيلو پٽ هو ۽ نجا جو پيءُ خورشيد علي پنهنجي پيءُ (يعني نجا جي ڏاڏي) حسين بخش مرزا کي اڪيلو پٽ هو“.
نجا واري مرزا فئملي نجا جي چاچن بئريسٽر مرزا رحيم بخش ۽ بئريسٽر مرزا لطف عليءَ جي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. نجف علي (نجا) جي امڙ (يعني بلا جي پڦي) ماسي ڪامل جي شادي 1933ع ڌاري جڏهن خورشيد علي مرزا صاحب سان ٿي ته هو دبئيءَ ۾ پوسٽل سروسز کاتي ۾ هو، جيڪو دبئيءَ جي ٻين سرڪاري آفيسن وانگر انگريزن جي هٿ هيٺ هو. انڊيا جي ورهاڱي ۽ انگريزن جي وڃڻ تي هو حيدرآباد موٽي آيا.
بهرحال اها ٿيوري غلط ثابت ٿي ته ڀاءُ نجا جي فئمليءَ ۾ فقط هڪ پٽ ٻار ٿئي ٿو. ڪجهه سالن بعد منهنجو جھاز تان حيدرآباد اچڻ ۽ مائٽن سان ملڻ ٿيو ته ڀاءُ نَجاجن وٽ به آيس، جن کي مزيد هڪ ڌيءَ ۽ معظم علي نالي پٽ ٿي چڪو هو. ڀاڀي ريحانا انگريزيءَ ۾ ايم اي هئي ۽ حيدرآباد جي اسڪول ۾ پڙهايائين پئي. سندس وڏا ٻار به ان ئي اسڪول ۾ پڙهيا پئي، جن کي هن گهر ۾ به سک جو ساهه نٿي کڻڻ ڏنو ۽ سڄو وقت هوم ورڪ ۽ انگريزيءَ تي زور ٿي ڏنائين. آئون کيس چرچي ۾ چوندو هوس ته، ”توهان انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڇا ڪئي، توهان جا سڀ ٻار ڦاسي ويا“. دل ۾ ته اهو ئي چوندو هوس ته دنيا ڏسڻ بعد اهو صحيح آهي ته ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ انگريزي گلوبل ٻولي ٿي چڪي آهي. انگريزن بدران جپان ۽ جرمنيءَ وارا جي ٻي جنگ عظيم کٽين ها ته اڄ اسان وٽ ايشيا ۾ جپاني ۽ يورپ ۾ جرمن ٻولي هلي ها. وقت گذرندي ويرم نٿي لڳي. اڄ ڀاڀي ريحانا جا ٻار به نه رڳو وڏا ٿي ويا آهن، پر انهن جا به ٻار ٿي ويا آهن. سندن پٽ معظم جنهن MBA ڪئي، ميلبورن (آسٽريليا) ۾ رهي ٿو. وڏي ڌيءَ فرحانا جنهن MBA ۽ MA ڪئي، ان جي شادي بُلا جي ننڍي ڀاءُ جمي (پروفيسر جمشيد بلوچ) سان ٿي آهي. ان جا ٻارَ ته ايڏا وڏا ٿي ويا آهن، جو هو پنهنجي هڪ پٽ کي نيويءَ ۾ ڪا نوڪري ملڻ تي مون کان صلاح پڇي رهيا هئا.
ڀاءُ نجا وارن جي ٻي ڌيءَ ڊاڪٽر شبانا جي شادي انجنيئر شوڪت علي ٽالپر سان ٿي آهي، جيڪو لڳي ٿو ته شبانا جو ماسات هجي، جو ڀاڀي ريحانا جي هڪ ڀيڻ پروفيسر فخرالنساءَ ٽالپرن ۾ پرڻيل آهي - حسن علي ٽالپر سان. يا شوڪت شايد آپا گلان ٽالپر جو پٽ هجي، جيڪا ريحانا جي ماسي ٿئي. نجف علي مرزا وارن جي ٽين ڌيءَ البينا ايڪانامڪس ۾ Ph.D ڪئي ۽ پروفيسر آهي. سندس گهر وارو ڊاڪٽر اڪبر قاضي لياقت يونيورسٽي ڄامشورو جي Forensic ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين آهي. آخري ڌيءَ فلڪ ناز، جنهن ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي، ان جو گهر وارو شاهجهان ڏيٿو، تعليم بعد پنهنجي اباڻي ڌنڌي زمينداريءَ کي ڏسي ٿو.
بُلا جي وڏي چاچي قادر بخش بلوچ ۽ ان جي فئمليءَ سان به اسان جي تمام گهڻي پنهنجائي هئي، جو اهي اسان جي ڳوٺ جي ڏاڏي صادق شيخ سان گڏ رهندا هيا، جنهن جي زال چاچي حاتل چاچا قادر بخش ۽ بُلا جي پيءُ جي ماسي هئي. چاچا قادر بخش جي گهر واري چاچي فاطمه منهنجي کير شريڪ ماءُ به هئي. سندس ٻيو ٻار نور احمد منهنجو هم عمر هو. سندس وڏو پٽ عبدالغفور، جنهن کي گهر جا ڀاتي توڙي پاڙي وارا ”پَپَا“ سڏيندا هئا، ان کي ولايت وڃي وڌيڪ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر مائٽن انهن ڏينهن جي حالتن ۽ ڪلچر موجب کيس پري ڪڍڻ نٿي چاهيو ۽ سندس شادي ڪرائي ڇڏي. سندس ٻار به وڏا ٿي ويا. سندن ننڍو ٻار پٽ اڄڪلهه دبئيءَ ۾ رهي ٿو. نور احمد، جنهن کي ڏاڏا صادق پٽ ڪري نپايو، اهو سندن وفات بعد سگهو ئي ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. چاچا قادر بخش جو ٽيون ٻار شميم هئي، جيڪا اسان کان ڪافي ننڍي هئي. گهڻو پوءِ جڏهن آئون جھازن تي هوس ته ٻڌوسين ته هن جي شادي ڪُنريءَ ۾ ٿي آهي ۽ سالن کانپوءِ جڏهن ملاقات ٿي ته خبر پئي ته هن جي شادي ڪنريءَ جي اديب زميندار شمس الدين جوڻيجي سان ٿي، جنهن جي آتم ڪٿا جا ڪتاب ”جيڪي منجهه جھان“ ۽ ”ڌاڙيل ڪئمپ ۾“ بيحد مشهور آهن. ٻين وانگر شميم ۽ سندس گهر واري کي Credit ڏيڻ کان رهي نٿو سگهان ته هنن نه فقط پُٽن کي، پر نياڻين کي به اعليٰ تعليم ڏياري. شميم ڳوٺ جا وڏا گهر ۽ سک ڇڏي، ٻارن جي تعليم لاءِ حيدرآباد ۾ هڪ فلئٽ جي تڪليف واري زندگيءَ ۾ اچي رهي. پر هن ان خواب جي ساڀيان ماڻي ۽ اها تعليم جيڪا پاڻ حاصل ڪري نه سگهي، هن ٻارن کي ڏياري. کيس ٻه پٽ نادر حسين ۽ زين العابدين آهن، جن ٽيلي ڪميونيڪيشن ۾ انجنيئرنگ (B.E.) ڪئي ۽ ٽي ڌيئون آهن. وڏي رابعه، جنهن جي ڊاڪٽر ساند سان شادي ٿي آهي. ٻي عائشه آهي، جنهن انگلينڊ مان سائبر سيڪيورٽي (آءِ ٽي انجنيئرنگ) ۾ Ph.D ڪئي آهي ۽ ٽين خديجه جوڻيجو، جنهن B.E آرڪيٽيڪٽ ۾ ڪرڻ بعد هاڻ M.Phil ڪئي آهي.
اهي ماڻهو/ مائٽ، جن جو اسانجي پياري دوست ۽ نيڪ انسان ۽ قابل مستري علي احمد بُلا سان ننڍپڻ کان واسطو ۽ ويجهڙائي رهي، انهن جو ۽ انهن جي اولاد جو مون پنهنجي محدود ياداشت موجب احوال لکيو آهي. خاص ڪري تعليم بابت، جنهن کي اڄ کان مني صدي اڳ ڪا اهميت نٿي ڏني وئي .... ان ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ اڄ اسانجي باشعور مڊل ۽ لوور ڪلاس ڳوٺن جا ٻار به اعليٰ تعليم حاصل ڪري انجنيئر، ڊاڪٽر، پروفيسر ٿي رهيا آهن. تعليم سان گڏ هنر ۽ ڌَنڌن ۾ به علي احمد بُلا جا ٻار، توڙي سندس ڪيترائي ڀائٽيا ڀاڻيجا نالو پيدا ڪري رهيا آهن. شل رب پاڪ سنڌ جي ماڻهن کي مستقبل ۾ سکيا ڏينهن نصيب ڪري. ان سان گڏ امن امان ۽ تعليم کي تباهه ڪرڻ وارن کان پناهه ۾ رکي...

الطاف شيخ
ــــ ڪراچي
12 مارچ، 2020ع

پبلشر نوٽ

الطاف شيخ صاحب جو هي پنجون سفرنامو آهي، جنهن جي اشاعت جو اعزاز پوپٽ پبلشنگ هائوس کي ملي رهيو آهي. هي ڪتابُ مشاهدن ۽ تحقيق جو خوبصورت سنگم آهي، جنهن ۾ جاپان جي تاريخَ جا عڪس به آهن ته هاڻوڪي حيثيت ۽ سڃاڻپ جا حوالا به. دُنيا جي گولي تي جاپاني پنهنجن روين ۾ هڪ منفرد قوم جي سڃاڻپ رکن ٿا. مون کي پاڻ اهو موقعو مليو ته مان نوي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ جاپان جي سرزمين تي پير ڌريو ۽ اتان جي زندگيءَ جو مشاهدو ماڻي هڪ سفرنامو ”هڪ گهڙي پيارَ جي“ به لکيو. سو اڄ الطاف شيخ صاحب جي قلم مان تخليق ٿيل هي اهم ڪتاب اوهان تائين پهچائيندي، مان ذاتي طرح به گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان.
اميد ته اوهان پڙهندڙ هن ڪتابَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي، هن مان حِظُ ۽ فائدو حاصل ڪندؤ.


قربان منگي
چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور

مُهاڳ : الطاف شيخ، الطاف شيخ آهي....

اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ڪا به لکڻي، لکڻ کانپوءِ ئي، اُنَ جو ڪوئي عُنوان تجويز ڪندو آهيان، پر سائين الطاف شيخَ جي مُشاهدن ۽ تحقيق تي آڌاريل هِنَ ڪِتابَ ”جپان، جپان آهي“ جو، هي ”مُهاڳ“ لکندي، مان اُٿندي ئي سُفيد ڪاغذَ جي پيشانيءَ تي لِکي ٿو ڇڏيان، ”الطاف شيخ، الطاف شيخ آهي.....“.
هونئن به پاڻ وَٽ الطاف شيخ هڪڙو ئي ته آهي، جيئن شيخ اياز هڪڙو آهي، يا جيئن امر جليل هڪڙو آهي.....
*
سائين الطاف شيخَ پنهنجي ٻاجهاري لهجي ۾، فون تي مون کي چيو ته، مون کي هِنَ ڪِتابَ جي مسودي کي هِڪَ نظر ڏسڻو به آهي ۽ انهيءَ جو مُهاڳ به لکڻو آهي. هِنَ کان اڳ سائين پنهنجي هندستان جي سَفرنامي ”واٽَ ويندي“ ۾ مُنهنجي لکيلَ، سندس خاڪي کي، ڪِتابَ جي مُهڙَ ۾ شامل ڪري چُڪو هُيو، جنهن جو حوالو ڏئي، مُون هيلوڪي مُهاڳ لکڻ کان ڪَنڌُ ڪڍرائڻ پئي چاهيو، پَرَ سائينءَ ”دو ٽوڪ“ لفظن ۾ چئي ڇڏيو ته، ”مُهاڳ توکي ئي لکڻو آهي“.
سو، مان سِجَ کي ڏيئو ڏيکارڻ واري محاوري جي مِصداق، هي سِٽون لکڻ ويٺو آهيان....
*
مون لاءِ اِها به نهايت عَجَبَ جيهي ڳالهه آهي ته مان هيلَ تائين سائين الطاف شيخَ سان رُوبَرو ملي ناهيان سگهيو، سندس انهن اکين ۾ نهاري ناهيان سگهيو، جن سهسين سَمونڊن جي لوڻياٺين هوائن کي چَکيو آهي، سندس اُهي هَٿَ ڇُهي ناهيان سگهيو، جن سمونڊن جي سهسين ڪهاڻين کي قلمبند ڪيو آهي.....
گُذريل 27 ڊسمبر جي شامَ ڪراچيءَ ۾ ادل سومرو صاحب، قُربان منگي صاحب ۽ مان، ڏاڏي صلاح الدين شيخَ جي گاڏيءَ ۾ هُياسون..... اسان انهيءَ شامَ جا ڪُجهه پَلَ سائين الطاف شيخ سان گذارڻ پئي چاهيا. کيس فون ڪيم، سڀني دوستن جو ٻُڌايم، پاڻَ خوشيءَ ۽ ڏک جي مليل جُليل ڪيفيتن جي وچئون وِچُ چيائين، ”واههَ جو ملجي ها، سَڀئي پيارا دوستَ گَڏيا آهيو، پر طبيعت ۾ مَزو صفا ناهي، هينئر به ڊاڪٽر ڏانهن نِڪتو پيو وڃان...... ڪنهن ٻئي دفعي....“.
اسان، الطاف صاحَبَ سان نه ملي سگهڻ جو دُک کَڻي سمنڊ ڏانهن رُخ ڪيو..... سمنڊ جيڪو سندس يا عُمر جو ساٿي رهيو آهي.
*
سائين الطاف شيخُ عاشق ليکڪ آهي. هُنَ لکڻ جي ڪَمَ سان عشق ڪيو آهي ۽ فيض احمد فيض وانگر، زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي ”عشق“ کي اڌورو ناهي ڇڏي ڏنو. سيلاني ٻيا به هوندا، جن سمونڊ جي سيوا ڪئي هوندي، پَرَ هِنَ انوکي سيلانيءَ جو ڏٺو آهي، سو لکيو آهي..... يا ائين چئجي، جو ڏٺو آهي، ان جو ڪجهه حصو لکيو آهي ۽ گهڻو گهڻو ڪجهه اڃان کيس لکڻو آهي. هُنَ بي تحاشا لکيو آهي، بيشُمار لکيو آهي ۽ سندس ڪا به لکڻي بي معنيٰ ناهي، بي مقصد ناهي. سندس لکڻيون ڄاڻَ ۽ دلچسپيءَ جو ڪاڪ ٽيل آهن. سندس لکڻيون بي پناهه پڙهيون وڃن ٿيون. سندس ڪِتابَ نوجوانن کي اتساهين ٿا، اُنهن لاءِ زندگيءَ جي ڪاري سمونڊ ۾ ڪنهن لائيٽ هائوس جو ڪم به ڪن ٿا. هُو سمونڊن ۾ مَڇين جا رَستا ته ڄاڻي ئي ڄاڻي ٿو، پر هُو نوجوانن کي زندگيءَ جي سمونڊَ ۾ اڳتي نڪرڻ جا رَستا به ڏسي ٿو.
*
سائين الطاف شيخَ جو جپان متعلق لکيل هيءُ ڪِتابُ، اسان تي جپان متعلق ڇا ڇا ته عجيب ڳالهيون مُنڪشف ٿو ڪري.... حيرت ٿي ٿئي ته جپاني اَڄُ به ايترا وهمن وسوڙيل آهن، جو اَڄُ به جپاني نينگريون پنهنجيون ٽنگون ڊگهيون ۽ اکيون وڏيون ڪرڻ لاءِ تعويذَ استعمال ڪن ٿيون. جپاني واپاري ڪاروبار ۾ ترقيءَ ۽ جاپاني نوجوانَ امتحان ۾ پاس ٿيڻ، محبوب ۽ نوڪري ملڻ لاءِ تعويذن تي ڀاڙين ٿا...... ڪنهن دؤر ۾ پنهنجي جپاني ميزبان خاتون پاران هڪ هزار يانَ جو تعويذُ گفٽ ٿيڻ تي الطاف صاحب کيس چيو هو: ”مائي! اِنَ کان ڀلو هو ته هِڪَ هزار يانَ جو ٽيپ رڪارڊر ئي ڏئي ڇڏين ها.....“.
هن ئي ڪِتابَ ۾، ساريُن جي رنگين ٻيجاري، Cube جي شڪل وارن هنداڻن ۽ مِٺَن بصرن متعلق پَڙهي، مان ته دلچسپيءَ جو نئون جزيرو ڳولي لڌو. مون کي اِها دلچسپ ڳالهه به هتي ئي ملي ته ”ڀَت کائو جپانين“ چانورن جي هِڪَ جنس جو نالو پنهنجي هڪ آڳاٽي شاعره ”ڪوماچيءَ“ جي نالي تي رکيو آهي. الطاف صاحب، اِنهيءَ ڳالهه جي نسبت پنهنجي سنڌ سان، ڪيئن ٿو جوڙي:
”ٻيو نه ته اِري ۽ ٻين نين پوکيل چانورن جي جنسن تي نالا، حميرا چنا يا عابده پروين جھڙين ڳائڻين جا رکيا وڃن ها، يا سحر امداد ۽ پروين شاڪر جھڙين شاعرائن جا“. (تازو ئي اِها خبر پڙهي، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته هالا جي سنڌ جي ثقافتي ڪپڙن جي ڪنهن مرڪز ”الطاف شيخ“ جي نالي سان ڪپڙي جو ڪو نئون برانڊ متعارف ڪرائي، مارڪيٽ ۾ آندو آهي).
ڪوماچيءَ متعلق الطاف صاحب وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”جپان جي هيءَ شاعرا، جنهن جا عشقيه ۽ جذبات اڀاريندڙ شعر امداد حُسينيءَ جي شعرن وانگر اڄ به جپان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جون ڇوڪريون Quote ڪَن ٿيون“.
سائين الطاف شيخَ جي لکڻين ۾ اها خُوبي هوندي آهي ته هُو، دنيا جھان جي ڳالهين جون ڳنڍيون کوليندي، منظرن، لقائن، حيرتن، واقعن، قصن، ڪهاڻين جي نسبت، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، پنهنجي سِنڌُ سان ضرور جوڙيندو آهي. دُنيا جو سمنڊ سمنڊ جهاڳيندي، هُنَ ڪٿي به سِنڌُ کي ناهي وساريو. سِنڌُ کي ساريندي، وري هُو پنهنجن سهيوڳي اديب دوستن کي به ساريندو ٿو رهي. هِتي به ائين ئي آهي:
”مائي ڪوماچيءَ جي جاپاني شاعريءَ جو انگريزي ترجمو، مون به جوانيءَ جي ڏينهن ۾، يعني 1970ع واري ڏهاڪي ۾ وڏي شوقَ سان پڙهيو هو ۽ مون انهن ڏينهن ۾ شمشير الحيدريءَ، قمر شهباز ۽ تاج بلوچ جھڙن اديب دوستن کي به پڙهايو هو. ڪوماچيءَ جو هِڪُ شعر آهي ته:

تون اچين نه ٿو، ههڙي بنان چنڊ واري رات جو
منهنجيون ڇاتيون اڌماپيون کائين
دل مُنهنجي ٻَري پئي.

انهيءَ مفهومَ جو شعر تاج بلوچ به ٺاهيو هو، جيڪو آئون پنهنجي ڪِتابَ ”پکي اڏاڻا پنهنجي ديس“ ۾ پڻ ڏئي چُڪو آهيان:

چَنڊُ ناهي ۽ نه آهي زندگي
تون ڪٿي آهين او منهنجي روشني!؟
راتِ ساري مون اکين ۾ آ ڪَٽي
منهنجي ڇاتي سمنڊ جيئن ڇُلڪي پَئي
هجر ۾ دل کامي ۽ تڙپي پئي“.

سائين الطاف شيخ هن ئي ڪِتابَ ۾ جپان جي آڳاٽي شعري صنف ”وڪا“ جي گهاڙيٽي ۽ هيئت متعلق سمجهائيندي به ملي ٿو، جيڪا اتفاق سان پاڻ وٽ ”هائيڪو“ وانگر مروج ٿي ناهي سگهي. انهيءَ حوالي سان، هِنَ ئي ڪِتابَ ۾ ڏنل، جپان جي نائين صدي عيسويءَ جي ذڪر ڪيل شاعره ”ڪوماچيءَ“ جو هِڪ ”وڪا“ پاڻ گڏجي پڙهئون ٿا:

گلن جا رنگ
مرجهائجي ويا
۽ آئون بنان مقصد جي
هن دنيا ۾ تڳندي رهيس
۽ مينهن وسندو رهيو

سائين الطاف شيخ جي ٻين ڪِتابن جيان هيءُ ڪِتابُ پڙهندي به، مون پنهنجو پاڻَ کي لُطف جي مختلف ذائقن سان رلمل ٿيندي محسوس ڪيو آهي. ڪٿي هي ڪِتابُ ڪنهن ناول جو چاڪليٽي ذائقو آڇيندي مليو، ته ڪٿي گوگائي مِرچن جھڙي تاريخَ جا ڪَڙا ذائقا پلئه پيا. ڪيئي ريسرچ اورئنٽيڊ حقيقتون، نهايت سؤلي، کٽڙي مٺڙي ذائقي ۾ ائين مليون، جو هُوند، انهن موضوعن تي خشڪ ۽ ڳرا ڪِتابَ پڙهندي، مَٿو ڀاري ٿي وڃي ها.
هِنَ ڪِتابَ جا صرف ارپنا وارا صفحا پڙهندي، سائين الطاف شيخ هِڪَ وڏي خاڪا نِگار طور پڙهندڙ جي سامهون اچي ٿو، جن صفحن ۾ هن پنهنجي ننڍپڻ جي دوست ”علي احمد بُلا“ جي زندگيءَ جو خاڪو ڇا ته تفصيل ۽ ترتيب سان اُڻيو آهي.
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوئي به شَڪُ ناهي ته جَپانَ جي تاريخَ جي دلچسپ ڳلين مان، حقيقتن جا هي هيڏا سارا رنگَ، الطاف صاحبَ، ٽيبل تي ويهي آسانيءَ سان ناهن لکيا. هِنَ هڪڙي ڪِتابَ پويان هڪ طرف سندس عُمر جي مشاهدن جون رنگ رنگ تصويرون آهن، ته ٻئي طرف لاڳاپيل موضوعن تي سندس بي پناهه مطالعو..... پر پوءِ به مون کي سندس ڪسرِ نفسيءَ تي حيرت ٿي. لکي ٿو:
”هڪ مئرين انجنيئر جي حيثيت ۾ آئون مئرين انجنيئرنگ تي غلط لِکان يا شاگردن کي غلط پڙهايان يا غلط جھاز هلايان ته ان لاءِ آئون سزا جو حقدار آهيان. باقي ٽي ڏينهن ٽوڪيو جو سير ڪري، جيڪو ڪجهه لکندس، اهو اهڙو ئي هوندو، جھڙو امداد حسيني، ايازگل يا زيب سنڌي ڏهه ڏينهن پاڻيءَ جي جھاز ۾ سير ڪري، ان جھاز جي انجڻن بابت لکندا“.
الطاف صاحب حسبِ روايت هن ڪتاب ۾ به هڪ حَسين ۽ پُروقار قصه گو واري ڏِکَ ئي ڏئي رهيو آهي. هڪ اهڙو قصه گو، جيڪو جھڙوڪر باهه جي مَچَ تي ويهي، پنهنجي چؤڌاري ويٺل ماڻهن کي ڏورانهن ڏيهَن، اُتان جي بادشاهن، راڻين، شهزادن، شهزادين جا قصا ٻُڌائي رهيو آهي. اهڙو قصه گو، جيڪو سمنڊ جي دهشت يا ڪنهن ويراني جي وحشت متعلق ٻُڌائيندي، پنهنجي چھري جي ڀاوَن ۽ اکين جي رنگت سميت ان جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ ۽ ڳالهه کي سؤلو ڪري ڏيڻ جو هُنر ڇا ته ڌڻيءَ کيس ڏنو آهي. هُو جيڪا به ڳالهه کَڻي ٿو، انهيءَ کي تير پتير ٻُڌائي ٿو. اُها اڌوري يا کُٽل کُٽل نه ٿي هُجي........
الطاف صاحب صحيح معنيٰ ۾ ”ڳالهين جو ڳهير“ آهي. هو جڏهن پنهنجا چَپَ چوري ٿو ته ڳالهيون قطار در قطار وٽس هٿ ادب جا ٻڌي بيهي ٿيون رهن.
جپان جي ”بيوا“ ڍنڍ ڪناري پَسارَ ڪندي، هائڪو لکندڙ مئتسو باشوءَ جو ذڪِرُ جڏهن سائين الطاف شيخ ڪري ٿو، ته اُتي ئي سندس مَنَ ۾ ڪينجهر جا ڪنارا به جاڳي پون ٿا ۽ سندس مَنَ ۾ لطيف به مُرڪي پوي ٿو:

هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراءُ
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ناءُ
لڳي اتر واءُ، ته ڪينجھر هندو ٿئي

تاريخَ لطافتن ۽ تلخين جو حيرت ڪدو آهي. اوڻيهين صديءَ جي وِچَ ڌاران (1854ع ۾) آمريڪين، جپانَ جي سَرزمين تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ، ان وقت جي جاپاني شهنشاهن جي مٿي تي هٿ گهمائڻ لاءِ کين ٻاڦ تي هلندڙ ريل جي انجڻ (Locomotive) تحفي طور ڏني هُئي. سموري دُنيا کان ڪَٽيل، خود ساخته Isotation جي شڪار جاپانين لاءِ اُنَ وقت اِها انجڻ به بنهه نئين، وڏي ۽ انوکي ڳالهه هُئي؟!.... اَڄُ ڏيڍ، پوڻا ٻَه سؤ صدين کانپوءِ، جاپان ٽيڪنالاجيءَ جي ميدانَ ۾ ڪٿي بيٺو آهي؟! اهو اسان سَڀُ ڄاڻون ٿا.
سائين الطاف شيخ جاپان ۾ اسلام جي ڦهلاءَ کان وٺي، اتان جي محلاتي سازشن تائين، ڇا ته خُوب لکيو آهي. جاپان جي شاهي محلن ۾، سندس لفظن ۾ ٿيندڙ ”ريزڪي ڌنڌن“ متعلق لکندي هُو خير النساءِ جعفريءَ، ماڻڪ ۽ نور الهديٰ شاهه جي ڪهاڻين ۾ موجود ”حويلين“ جو به بَرِ سبيل ذڪر ڪندي ملي ٿو.
جپان ۾ ننڍي کنڊجي ماڻهن جي آمد ۽ اُتي سِنڌيُن جي پيرَ ڄمائڻ وارا قصا به مون لاءِ گهڻو دلچسپيءَ جو سبب بڻيا رهيا.
جپان جي بدنام ٽولي ”ياڪوزا“ جي ڪار گذارين متعلق پڙهندي، مون کي پنهنجي ڪراچي ياد ايندي رهي، جتي پڻ ڪيئي ڏهاڪن تائين ”خلق جي خدمت“ جي نالي ۾ خلق جا کنڌا کنيان ويا.
جپاني، ڪارجيت پسند (utalitirian) ته آهن ئي آهن. عام استعمالَ جي شين کان وٺي، کائڻ پيئڻ جي شين تائين، هُو ڪو به ذرو پُرزو ضايع ڪرڻ جي حق ۾ ناهن. هُو صحيح معنيٰ ۾ ”مِٽيءَ کي سون بنائڻ“ واري قومَ آهن. شين کي re-cycle ڪري، شين مان شيون ۽ شين مان شيون ٺاهڻ به ڪوئي کانئن سکي. بلڪل ائين، الطاف صاحب جي زباني خبر پئي ته جپان هڪ ڪڪڙ ڪُهڻ کانپوءِ ان جي چنبن، چهنب کان وٺي کَنڀن ۽ بُجن تائين کي به، ضايع ٿيڻ نه ٿا ڏين. ڳالهه جو دنگ سائين الطاف شيخ جي انهيءَ خوبصورت جُملي تي ٿو ٿئي ته: ”جپان ۾ ڪڪڙ تي ڇري ڦيرڻ مهل، صرف ان جي رڙ ضايع ٿئي ٿي“.
زندگيءَ جي هَڻُ وٺ ۾ انسان به جھڙوڪر نِستو ٿي ٿو پَوي ۽ پوءِ اُهو ڪنهن ڏورانهين بندر تي پنهنجي زندگيءَ جي بحري جھاز کي لنگر انداز ڪري، اُنَ جي ”ڊراءِ ڊاڪنگ“ چاهي ٿو. مون جڏهن به سائين الطاف شيخ جو ڪوئي ڪِتابُ پڙهيو آهي، ائين محسوس ڪيو آهي، ڄڻ منهنجي مَنَ جي بحري جھاز جي ”ڊراء ڊاڪنگ“ ٿي هُجي..... ۽ هُو ڪنهن نئين سفر لاءِ سانباهو ڪندو هُجي.....

امر اقبال

1 جنوري 2021ع
ـــ چنا هائوس، نيو شهباز ڪالوني
خيرپور ميرس ـــ سنڌ
0331-30670967

سمنڊ جي سيوين....

شيخ اياز جي لفظن ۾ ”سنڌ جي ابن بطوطه“ الطاف شيخ سان منهنجي آشنائي ان وقت کان وٺي آهي، جڏهن مون پهريون ڀيرو هن پاران پرڏيهي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو ”اناميڪا“ پڙهيو هو. اهو ڪتاب مون کي اتر سنڌ جي اونهارن ۾ مليو هو. اها موسم جنهن ۾ صرف انب نه پچندا آهن، پر ماڻهو به ٽچڪندا آهن. پر رات جي پهرين پهر ۾ جڏهن مان ان ڪتاب ۾ لکيل لفظ پڙهندو هوس، تڏهن مون کي ايئن محسوس ٿيندو هو ته ڪوئيٽا پار کان ايندڙ هوا جا رستا کلي ويا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي رومانوي شاعر امداد حسينيءَ جا اهي ٻول ته مون ڪافي وقت کان پوءِ پڙهيا هئا ته:

”آءُ ته روح جا دروازا کلن
هير گُهلي!

۽ شيخ اياز جا اهي لفظ به منهنجين اکين ۾ گهڻي وقت کان پوءِ لٿا هئا ته:
”هر پُور پگهر ۾ آلو آ
آ ٽامي جھڙو سج تتو
پر مون وٽ جيءُ جهڙالو آ“.

انهن ٻنهي ٻولن کان اڳ لفظن ۾ لڪل فرحت کان مون کي آشنا ڪرائڻ وارو اديب اهو الطاف شيخ آهي، جيڪو هڪ عجيب قسم جو جھازي رهيو آهي. اڪثر جھازين جي باري ۾ اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته هو اڻ مليل عورتن ۽ اڻ ڏٺل ساحلن سان ملي انهن کي چڱيءَ ريت ڏسي پسي ائين وساري ڇڏيندا آهن، جيئن ٻار صبح جو رات وارا سپنا وساري ڇڏيندا آهن. اهي جھازي جن جا پير پاڻيءَ تي ترندڙ جھاز مٿان هوندا آهن، انهن کي دنيا جي هر ملڪ جي شراب ۽ شباب جو ذائقو چکڻ جو شوق هوندو آهي. پر مون کي محسوس ٿيو آهي ته سنڌ ۾ سڀ کان گهڻو لکندڙ ۽ سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ اديب الطاف شيخ هڪ عياش جھازي ناهي. هن جي ذات ۾ ايتري معصوميت آهي، جيتري معصوميت ننڍڙن ٻارن ۽ معصوم پکين ۾ هوندي آهي. مون کي هن جي لاءِ لکندي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ مان ڪنهن پکيءَ جي پرن تي ڪجهه لکي رهيو هجان يا ڪنهن ٻار جي ٻانهن تي نيري رنگ واري پين سان ننڍڙي واچ ٺاهيندو هجان!
وقت ڇاهي؟ مون کي موقعو ۽ مهل ملي ته اهو سوال مان ان شخص کان ضرور پڇا ڪندس، جنهن ڪيئي سال کارو کيڙيو آهي. جنهن نه صرف سمنڊ جي ڇولين جون ٻوليون ٻڌيون آهن، پر هن کي معلوم آهي ته ڪڏهن سمنڊ کي ڪاوڙ ايندي آهي ته اهو ڪيئن ڳالهائيندو آهي؟..... هن کي خبر پتو آهي ته جڏهن سمنڊ کلندو آهي ته هن جا ٽهڪ کليل آسمان جي هيٺان ڪئين گونجندا آهن؟ هن کي پروڙ آهي ته سمنڊ سموري ڏينهن جي لوڇ پوڇ کان پوءِ سمهي پوندو آهي ته هن جي ساهن جو سرگم ڪيئن وڄندو آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو، ڇو ته هن ٻڌو آهي، جڏهن ڀڻ جهڻ ڪندي سمنڊ گهميل هوائن ۾ اکيون مهٽي اٿندو آهي. هن سمنڊ جا سمورا روپ سروپ پسيا آهن. هن جي سمنڊ سان پراڻي ياري آهي. هو ساحلن تي گهٽ ۽ سيرن تي وڌيڪ ستو آهي. هن کي ڇولين جي ڇم ڇم جو پتو آهي. هو هر ملڪ جي سمنڊ جي ڇولين جي پير جي ڇير جو آواز اکيون ٻوٽي سڃاڻي سگهي ٿو. هن کي پتو آهي ته هر سمنڊ هڪ جھڙو نه هوندو آهي. دنيا جو هر ساگر الڳ هوندو آهي. الڳ هوندو آهي هن جو روپ ۽ هن جو رنگ، هن جو ڍنگ، هن جو امنگ، هن جو بدن ۽ هن جو روح!!
صرف ناريون الڳ الڳ نه هونديون آهن، پر ناکئن کي معلوم هوندو آهي ته هر ساحل جو سواد ٻي ساحل کان گهڻو مٽيل هوندو آهي. هو آبي حياتيات جو ماهر ناهي، پر هن کي معلوم آهي ته نه صرف دنيا جي هر مڇيءَ جو مزو نه، پر هن جو مزاج به مختلف هوندو آهي. فراءِ پين ۾ پچندڙ ھر مڇيءَ جو سواد الڳ ان ڪري هوندو آهي، جو نه صرف هن ۾ ھر سمنڊ جو پاڻي ئي نه، پر ان پاڻيءَ ۾ موجود ڳلين ۾ به هن جي هلڻ جو انداز الڳ هوندو آهي.
مون کي هن سان ڪڏهن ويهي ڪنهن ڪچهريءَ نما ڊگهي انٽرويوءَ جو اهتمام به ڪرڻو آهي. مون کي هن کان پڇڻو آهي ته سفر جي هر سيزن الڳ الڳ هوندي آهي يا اها هڪجھڙي هجي ٿي؟ مان هن کان معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان ته ان وقت ڇا محسوس ٿيندو آهي؟ جڏهن وچ سمنڊ هلندڙ جھاز مٿان لاڳيتو مينهن وسندو آهي؟ سامونڊيڪو سفر ڪيترو ٿڪائيندڙ هوندو آهي؟ ان سفر ۾ ماڻهوءَ جا موڊ ڪيئن ڦرندا گهرندا آهن؟ ان سفر ۾ گهر جي سار ڪيئن ايندي آهي؟ ڪيئن ڪڏهن نظر ايندڙ ۽ ڪڏهن نظر نه ايندڙ هڪ عجيب قسم جي مايوسي ڪيفيت جي ڪوٽ ۾ سڪل گل وانگر اٽڪي پوندي آهي؟
مان هن کان معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان ته سمنڊ ۾ سڪي ديس جي سار ڪئين ايندي آهي؟ ان آلي ۽ نرالي سفر ۾ مسرتن جون صورتون ساڳيون هونديون آهن؟ يا اهي هر هر روپ مٽائي موٽنديون آهن؟ ڇا سامونڊي سفر ۾ وقت ويڻيءَ ۾ ٻڌل واچ جو محتاج هوندو آهي يا گهنگهور گهٽائن هيٺان گهڙيءَ جا ڪانٽا وهلور هليا ويندا آهن؟
مون کي هن سان ملڻو آهي ۽ هن کان صرف انهن ساحلن جي باري ۾ نه پڇڻو آهي، جيڪي سمنڊ جي ڪناري تي هوندا آهن پر مون کي هن کان انهن ساحلن جو پتو به پڇڻو آهي، جيڪي سمنڊ اندر هوندا آهن ۽ صرف هڪ جھازيءَ جون جهانوريل اکيون، انهن کي پاڻيءَ هيٺ به پسي سگهنديون آهن.
جھازي هجڻ ۽ مسلسل سفر ڪرڻ جو مطلب صرف ايترو ناهي، جيترو الطاف شيخ پنهنجن ڪتابن ۾ پيش ڪيو آهي. هن سمنڊ ۽ ساحلن جي جڳ ۾ ايترو ڪجهه ڏٺو آهي، جنهن جو هن صرف پنج سيڪڙو مشڪل سان بيان ڪيو هجي. مون کي انهن ماڻهن جي مٿان اچرج محسوس ٿيندو آهي، جيڪي سوچيندا آهن ته الطاف شيخ آخر ايترا ڪتاب لکڻ باوجود کُٽي ڇو نه ٿو؟ ان جو هڪ جواب ته اهو آهي ته هن جو من ان سمنڊ جھڙو آهي، جنهن جو هڪڙو ڪنارو ٻي ڪناري کان گهڻو دور آهي. هن جي سيني ۾ سامونڊي سفرن جا ايترا ته داستان آهن، جن مان صرف ڪاغذ مٿان ڪجهه پيش ڪيا آهن.
مون ٻڌو آهي ۽ ممڪن آهي ته ٻڌن جي ملڪن ۾ اها ڪهاڻي الطاف شيخ به ٻڌي هجي ته هڪ ڀيري گوتم ٻڌ پنهنجي تمام ويجهي چيلي آنند سان گڏ هڪ وستيءَ کان ٻي وستيءَ ۾ وڃي رهيو هو. اهو شام جو وقت ۽ پن ڇڻ جي موسم هئي. هڪ وستيءَ کان ٻي وستيءَ واري سموري واٽ سڪل پنن سان ڀريل هئي. هلندي هلندي آنند پنهنجي گروءَ گوتم کان پڇا ڪئي ته ”اسان کي اوهان ايترو ڪجهه ٻڌايو آهي. اوهان اسان جي زندگيءَ جي هر رخ ۾ رهنمائي ڪئي آهي. مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ايتري ساري معلومات ڏيڻ کان پوءِ اوهان وٽ پوئتي ڪيتري ڄاڻ بچي آهي؟ مون کي ٻڌايو ته اوهان اسان کي ڪيترو علم ڏنو آهي ۽ اوهان وٽ اڃان ڪيترو علم باقي پويان بچيو پيو آهي؟“.
چون ٿا ته آنند جي ڳالهه ٻڌي گوتم ٻڌ هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ترسي پيو. هو نوڙي هيٺ جهڪيو. هن سڪل پنن جي مٺ هٿ ۾ کنئي ۽ آنند کان پڇيو ته ”منهنجي مٺ ۾ ڪيترا پن آهن؟“. آنند چيو ته ”اوهان جي هٿ ۾ ويهه پنجويهه پن ٿي سگهن ٿا“. گوتم آنند کان پڇيو ته ”هن جهنگ ۾ ڪيترا پن آهن؟“. آنند جواب ڏنو ته انهن پنن کي ڪوئي ڳڻي نه ٿو سگهي. هن ٻيلي ۾ اڻ ڳڻيا سڪل پن آهن“. گوتم چيو ته ”مون اوهان کي جيڪا معلومات ڏني آهي، اها ايترن پنن جيتري آهي، جيڪي منهنجي مٺ ۾ آهن ۽ اڃان مون وٽ ايتري معلومات آهي، جيترا هن جهنگ ۾ سڪل پن ٽڙيا پکڙيا پيا آهن“.
مون کي به اهو محسوس ٿيندو آهي ته الطاف شيخ اسان کي تمام ٿورو ٻڌايو آهي. هن جي دل ۾ اڃان ڪيترائي داستان آهن، جيڪي هن پني تي نه لکيا آهن.
منهنجي شديد خواهش آهي ته مان هن سان ڪجهه ڊگهيون ڪچهريون ڪيان ۽ هن جي داستانن جي دنگيءَ چڙهي دور دور تائين وڃان ۽ هن کان انهن ڪهاڻين جو پتو پڇان، جيڪي هن ڪنهن به سبب جي ڪري پني تي نه لاٿيون.
هڪڙن داستانن ۽ حالن احوالن جا مسافر ساحل تي لهي آيا، پر جن ڪهاڻين جا مسافر اڃان جھاز تي آهن، انهن جي باري ۾ هن کان پڇا ڪرڻي آهي. هن کان گهڻيون ڳالهيون معلوم ڪرڻيون آهن. هو اسان جو درياهه نه پر اسان جو سمنڊ آهي. اهو سمنڊ جيڪو انت اٿاهه آهي. ان سمنڊ ۾ گهڻو ڪجهه آهي.
الطاف شيخ ان سمنڊ کي پنهنجي سيني ۾ لاٿو آهي. ان سيني ۾ هن جي دل جي ٻيڙي لکڻ جي لحاظ کان ننڍڙا سفر ڪيا آهن. اسان چاهيون ٿا ته هن کي پڙهندي وڏي ٿي ويل سنڌ هاڻي انهن ڪهاڻين جي باري ۾ ڄاڻي، جيڪي گهڻو ڪري لڪايون وينديون آهن.

لطيف ان سلسلي ۾ ڪهڙو نه سهڻو لکيو آهي ته:

اوريان ئي آڻين، ميڙيو معلم خبرون
سا تان سڌ نه ڏين، جتي وير ويڌ ڪري

سنڌ هاڻي هن کان اهو ڪجهه پڇڻ چاهي ٿي، جيڪو هن پوري طرح سان کولي بيان نه ڪيو آهي.
الطاف شيخ لکڻ پڙهڻ جي دنيا جو صرف ساقي ناهي، پر هو پنهنجي وجود ۾ وڏو مئخانو آهي. اهڙو مئڪدو آهي، جنهن ۾ هر قسم جو مڌ ڀريو رکيو آهي. سنڌ جي ساڃاهه هاڻي هن جي تلخ شرابن جي وَٽَ وٺڻ چاهي ٿي.

اعجاز منگي
ڪراچي

محبتن جو سفير

سٺا ڪتاب سٺن دوستن وانگر هوندا آهن، جيڪي ذهن کي تازو توانو ڪري ڇڏيندا آهن، هر پڙهئي لکئي ماڻهوءَ جي آخري پناهه گاهه سٺا ڪتاب ئي هوندا آهن ۽ جن ماڻهن کي ڪتابن ۾ پناهه ملي ويندي آهي، اهي ڀٽڪڻ ڇڏي ڏيندا آهن.
سال 1987ع ۾ جڏهن مون سنڌي ادب پڙهڻ شروع ڪيو، ته شايد پهريون ڪتاب سائين الطاف شيخ جو سفرنامو هو ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان سندس جيڪي سفرناما مارڪيٽ ۾ ايندا هئا، نهايت شوق سان پڙهندي هيس ۽ جڏهن ڪتاب هٿ ۾ کڻندي هيس ته اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل نه چوندي هئي. الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ حقيقت پسنديءَ سان گڏ اهڙي رنگين فينٽسي هوندي هئي، جيڪا پڙهڻ تي مجبور ڪندي هئي. شايد اِها ئي خاص ڳالهه آهي جو الطاف شيخ جا سفرناما وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا ۽ هڪ وسيع حلقو آهي، جيڪو نه صرف هن سان محبت ڪري ٿو، پر سندس ڪتابن کي به دل ۾ جاءِ ڏئي ٿو. ڪنهن ماڻهوءَ جي ايتري عوامي سڃاڻپ ئي ان جي مقبوليت آهي.
الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ پنهنجائپ واري سادي سلوڻي ٻولي به پڙهندڙ کي پنهنجي طرف نه فقط ڇڪي ٿي، پر مڪمل گرفت رکي ٿي. نيون نيون ڳالهيون ۽ انوکا واقعا ڏئي، هو اسان کي گهر ويٺي دنيا جو سير ڪرائي ٿو. اهڙي خوبصورت منظر نگاري، ڄڻ اسان به ساڻس گڏ گهمون پيا.... ۽ اها سفرنامي جي خاص خوبي هوندي آهي، ته هو پڙهڻ سان گڏ توهان کي اهو منظر اکين آڏو پسائي. مون الطاف صاحب جا ڳچ ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ سفر دوران پيش آيل واقعن يا حالتن جو بيان ته آهي ئي، پر ان سان گڏ ان مقام جي تاريخ جو احوال پڻ مفصل طور ڏنل آهي. الطاف صاحب جو هر سفرنامو پنهنجي بيان ۾ هڪ ترتيب، نفاست ۽ شائستگيءَ جو مظهر ۽ دلچسپيءَ جو سامان پڻ مهيا ڪندڙ آهي. سندس سفرنامن ۾ اهي سڀ لوازمات موجود آهن، ان ڪري پڙهندڙ جڏهن پڙهي ٿو ته ان مان پورو حِظُ ته حاصل ڪري ٿو، پر معلومات پڻ پرائي ٿو.
سنڌ شعور جو محور رهي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي تخليق جا روشن سج وقت به وقت پنهنجي سهائيءَ سان نمودار ٿيندا رهيا آهن ۽ تاريخ جي سيني تي ڏات جي آڱرين سان اڪرجڻ لڳا آهن. جن جي وضاحت ’وقت‘ پنهنجي ئي واتان ڪرڻ لڳندو آهي. ليکڪ ڪوئي به هجي هو، انهن پرڏيهي پکين جيان هوندو آهي، جيڪي پرڏيهي پکي ڪنهن به ٻي ڏيهه ويندا آهن، ته اتي جيڪو قرب پسندا آهن، اهو حال پنهنجي ديس وڃي ٻين سانگين ساڻ اوريندا آهن. ليکڪ وٽ صرف محبت جو ڀاڱو سبيل هوندو آهي. اهڙين ئي محبتن جو سفير اسان جي سنڌ جو معروف ليکڪ سائين الطاف شيخ پڻ آهي، جيڪو هن وقت تائين بنا ساهيءَ جي سفر ڪندو رهي ٿو. جسماني به ته سوچ ۽ فڪر جو به. پنڌ ڪندي ٿڪيو ڪونه آهي، انهن پکين جيئن...... جنهن ملڪ ۾ ويو، اتان جو قرب، محبت، ثقافت، سماج قانون سڀ جو سڀ پنهنجن سفرنامن جي ڪتابن ۾ اظهاري، سُتن کي سُرت ڏيندو رهي ٿو.
سٺي ڳالهه اها آهي ته الطاف شيخ صاحب جا ڇپيل ڪتابي صورت ۾ سفرناما سنڌي اخبارن ۾ ڇپبا رهيا هئا، جن کي عام ماڻهو هفتيوار پڙهندو رهندو هو. پر خبر ناهي اهو سلسلو ڇو بند ٿيو!؟ مون کي الطاف شيخ ۾ قوم جو درد محسوس ٿيندو آهي. کيس سنڌ جي تعليم جو وڏو فڪر رهندو آهي. اهائي سچي قلمڪار جي سڃاڻپ آهي ته هو پنهنجي ديس جي آئيندي کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.
منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي جو الطاف شيخ جي ڪتاب تي چار سٽون لکي رهي آهيان. الطاف شيخ جي سفرنامن جي اها به هڪ خوبي آهي ته بنا تصويرن جي به جيڪڏهن سندس لکڻيون پڙهبيون ته انهن ۾ پڙهندڙن کي خيالي تصويرون ذهن ۾ اڀري اينديون، اها ئي سفرنامي جي سوڀ آهي ته پڙهندڙن کي منظرن ۾ محو ڪري ڇڏي. اهي سارا گڻ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملن ٿا.
مون کي پڪ آهي ته الطاف شيخ صاحب جي اڳوڻن ڪتابن جيان هيءُ ڪتاب پڻ ڪارج ڀريو ثابت ٿيندو.

فرزانه شاهين
ڪراچي

جپان جپان آھي

---

  تعويذن ۽ فالن جي دنيا ــ جپان

جپان ۾ ٺهندڙ سِيڪو، ڪئسيو، اورينٽ ۽ سٽيزن نالن جھڙين واچن، ياشيڪا، ڪئنن، چيوڪو ۽ مِنولٽا جھڙين ڪئميرائن، ياماها، ڪين ووڊ ۽ هٽاچي اسٽريو سسٽم ۽ ويندي ٽويوٽا، سوزوڪي، متسوبشي ۽ هونڊا جھڙين ڪارن جي ڪري، اسان جپان مان ڏاڍو متاثر هئاسين، ته هي ملڪ جنهن جي جنگ هارائڻ بعد حالت خراب ٿي وئي هئي، ان ايڏي ته ترقي ڪري ورتي آهي، جو سڄي دنيا جا ماڻهو سئٽزرلئنڊ جون واچون، جرمنيءَ جون ڪئميرائون، فرانس جا ريڊيا ۽ آمريڪا جون ڪارون ڇڏي، هر شيءِ جپان جي خريد ڪري رهيا آهن ....
هيءَ 1960ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، جڏهن ٽيپ رڪارڊرن، ويڊيو ۽ ڪمپيوٽرن جھڙيون شيون اڃان ايجاد نه ٿيون هيون.... ۽ پوءِ جڏهن اسانکي جھاز هاڪاري ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، نگويا، ڪوبي ۽ جپان جي ٻين بندرگاهن ۾ اچڻو پيو، ته جپاني ريل گاڏيون، جپاني روڊ رستا ۽ جپاني ماڻهو ڏسي حيرت ٿي، ته هو ڪيترو نه ماڊرن ۽ سڌريل آهن! ائين به ناهي ته ڪو اسانجو ٽنڊي آدم کان ٽوڪيو يا سجاول کان ساسيبو اچڻ پئي ٿيو، جو اسان کي ٺارو شاهه، ڪوٽڙي ۽ سانگهڙ جي مقابلي ۾ جپان جا شهر شمونوسيڪي، ڪيوٽو ۽ هيروشيما جديد پئي لڳا. جپان اچڻ کان اڳ آئون ٽي سال انهن جھازن تي رهيس، جن جو آمريڪا ۽ يورپ وڃڻ ٿيو پئي ۽ منهنجو نيويارڪ ۽ نيو اورلينس کان هئمبرگ ۽ هيلسنڪي، وئنڪوئر ۽ لاس اينجلس کان لنڊن ۽ بارسلونا جھڙن شهرن ۾ اچڻ وڃڻ ٿي چڪو هو..... پر اتي توڙي آفريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ جپاني شيون ڏسي، نه رڳو اسان، پر انهن ملڪن جا ماڻهو به جپانين جي تعريف ڪندا هئا ته ڇا ته هنن جو دماغ آهي جو هو هر شيءِ نه فقط ٺاهين ٿا، پر دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪَ سهڻي، هلڪي ۽ سستي پڻ!
۽ پوءِ جپان ۾ اچي جيتوڻيڪ پهرين ڏيک ۾ جپانين لاءِ اها ئي ڳالهه دماغ ۾ ويٺي، ته هي ماڻهو ته نه آهن پر مشينون آهن، جيڪي هر وقت ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ پورهئي ۾ مشغول رهن ٿا ..... پر پوءِ سگهوئي، جيئن جيئن اسانجو هر هر دفعي جپان اچڻ شروع ٿيو ۽ جھاز جي اندرين دنيا کان علاوه ٻاهر جي دنيا ۽ عام ماڻهن سان واسطو ٿيو، جپان جي شهري زندگيءَ کان اڳتي ٻهراڙيءَ جو به سڌ سماءُ ملڻ لڳو.... سڀ کان وڏي ڳالهه، ٿوري گهڻي جپاني سکي پياسين ته اسان کي جپان، آمريڪا ۽ يورپ کان وڌيڪَ جديد ته ضرور لڳو، پر رسمن، رواجن، عقيدن، وسوسن، ڏند ڪٿائن ۽ ڌرمي اعتقادن ۾ جپاني ماڻهو اسان جي سنڌ ۽ بنگال جي ڳوٺاڻن کان به ٻه رتيون وڌيڪَ محسوس ٿيڻ لڳا .... ٽن ڄڻن جو گڏجي فوٽو نه ڪڍائڻ .... ڪاري ٻليءَ جي رستي ٽپڻ تي بد حواس ٿيڻ.... جنن ڀوتن ۽ بد روحن کي ڀڄائڻ لاءِ گهر جي چوڌاري لوڻ ٻُرڪڻ، عورت مان غيبات ڪڍڻ لاءِ ”اناري جنجا“ (لومڙ جي مندر) مان ٻائي کان ڦيڻو پڙهائڻ .... ٻائي جي غير موجود هجڻ تي هن کي اماڙيءَ (ٻرندڙ ڪاٺيءَ) سان ڏنڀڻ وغيره وغيره .... ڏٺو وڃي ته اهي ڳالهيون ته اسان جي ٻهراڙين ۾ عام آهن، جتي تعليم نه آهي، جتي جي دنيا جديد ناهي. اسان وانگر جپان ۾ به عورت ذات کي نيچ سمجھيو پئي ويو.... هاڻ مڙيئي جپاني مردن ۾ ماڻهپو آيو آهي، نه ته 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن تائين به اسان جپاني عورتن جي ڪسمپرسيءَ واري حالت ڏٺي .... ڪيترن هنڌن تي عورتن جي داخلا ممنوع هوندي هئي.... فيوجي جبل ۽ گرم چشمن تي به هاڻ عورتن کي ڇڏيو ٿو وڃي، نه ته هنن کي اهڙين جاين لاءِ ناپاڪ سمجهيو ويندو هيو.
ايتري قدر جو نئين جهاز جي ٺهڻ يا ڪنهن پراڻي جهاز جي مرمت دوران شپ يارڊ جي جپاني انتظاميا چوندي هئي ته زالن کي جهاز جي ڏاڪڻ نه چڙهڻ ڏيو. منهنجي خيال ۾ هيءَ ڳالهه آئون شايد پهرين به لکي چڪو آهيان، ته هڪ دفعي اسانجو جھاز سالياني سروي (چيڪ اپ) ۽ مرمت لاءِ ناگاساڪيءَ جي متسوبشي شپ يارڊ ۾ آيو. رستي تي ”سائوٿ چائنا“ ۽ خليج بنگال واري سمنڊ اسانجي جھاز کي خوب سٽيو هو. جھاز جا ٻاهران رنگ روغن ته لهي ويا هئا، پر سندس جسم (Hull) جي اڳئين حصي ۾ چُگهه (Dents) به پئجي ويا هئا. هانگ ڪانگ بعد انجڻ جو به بريڪ ڊائون ٿي پيو. مين انجڻ جي ڇهن سلينڊرن مان هڪ ڪرئڪ ٿي پيو. سمنڊ تي 24 ڪلاڪ کن مٿا ڪٽ ڪئيسين، پر رف سمنڊ هجڻ ڪري اسان سلينڊر بدلائي نه سگهياسين. سو اهو يونٽ ڪٽ آئوٽ ڪري باقي پنجن پسٽنن تي جھاز کي جپان وٺي آياسين. جپان جي مختلف بندرگاهن: ڪوبي، اوساڪا ۽ ساسيبو ۾ سامان لاهي، خالي جھاز کي ناگاساڪيءَ وٺي آياسين، جتي جي متسوبشي نالي شپ يارڊ ۾ اسان جي جھاز جي مرمت جي ائڊوانس ۾ بڪنگ هئي. ڳري مرمت جي حالت ۾ جهاز جي سڄي عملي کي هوٽل ۾ رهائڻ جو بندوبست هوندو آهي. جهاز جا ڪيترائي آفيسر ٻارن ٻچن سان هئا. اهي به هوٽلن ۾ پئي رهيا. ڪيترن جون زالون مرمت دوران جھاز تي به آيون پئي، جو اسان جو سامان ته جھاز جي ڪمرن ۾ ئي هو. جپاني ان کي سخت بد سنوڻ سمجهندا هئا. مونکي به شپ يارڊ جي هڪ پوڙهي انجنيئر سمجهايو، ته آئون پنهنجي زال ۽ ٻين جي زالن کي منع ڪريان، ڇو جو انهن جي اچڻ ڪري جھاز تي بد روح اچيو وڃن ۽ پوءِ سمنڊ تي انجڻ جي خراب ٿيڻ تي مون کي منهن ڏيڻو پوندو، جو مان ئي ”ڪِي ڪانچيو“ (چيف انجنيئر) هيس.... اناتانو فوني نو ڪِي ڪانچيو ...
آئون کلندو رهيس .... پر ٿوري دير بعد وري ساڳي ڳالهه تي زور ڏنائين، ته نيٺ چيومانس ته، هو ان جو فڪر نه ڪري..... اسانجي ملڪ جا ماڻهو انهن ڳالهين کي ڪا اهميت نٿا ڏين ۽ ٻي ڳالهه ته اهو ڪهڙو Voyage (سامونڊي سفر) آهي جنهن ۾ طوفان نه لڳندا هجن.... جنهن ۾ انجڻ جا مسئلا درپيش نه ايندا هجن؟
مونکي ”ڪوکلي“ نالي هڪ جھاز ياد آيو، جيڪو ايڏو پراڻو ۽ گهٽ سهولتن وارو هو، جو هن ۾ ڪنهن به آفيسر جي فئمليءَ سفر ڪرڻ جي همت نه پئي ساري. ڪراچيءَ کان چٽگانگ، ڏهن ڏينهن جي سفر ۾ ان جھاز جي ڏهه دفعا انجڻ خراب ٿي ۽ اسانکي سمنڊ تي ان کي ٺيڪ ڪرڻو پيو. ڏٺو وڃي ته ان سفر ۾ ته جھاز تي ڪا به عورت نه هئي.
بهرحال جپانين جا اهي وهم، وسوسا ۽ ريتون رسمون ڪجهه ڏينهن جپان گهمڻ لاءِ آيل ٽوئرسٽ نه ٿو محسوس ڪري، پر اسان جھڙا جھاز جي نوڪري ڪندڙ، جن جو بار بار جپان اچڻ ٿئي ٿو، اهي، يا اُهي ڌاريا محسوس ڪري سگهن ٿا، جيڪي وڏي عرصي لاءِ جپان ۾ مڪاني ماڻهن سان رلي ملي رهن ٿا.
هڪ دفعي مون يوڪوهاما ۾ سيڪنڊ هئنڊ ڪار خريد ڪئي، جنهن کي پنهنجي جھاز تي پاڪستان کڻي اچڻ لاءِ پنهنجي لوڪل آفيس مان ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ لاءِ ياماشيتا پارڪ وٽ سلڪ بلڊنگ ۾ آيس، جتي جي ٿرڊ فلور تي اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جي آفيس هئي. اتي ناگوڪو نالي ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي ترجمي کان علاوه انگريزيءَ توڙي جپانيءَ ۾ ٽائيپ ڪرڻ آئي پئي. مون آفيس اسسٽنٽ کان ”مس يوشيدا“ جو پڇيو. ”ناگوڪو“ جي ذات ”يوشيدا“ هئي ۽ اسان سڀني کيس سندس ذات سان ”مس يوشيدا“ پئي سڏيو، يا جپانيءَ ۾ ”يوشيدا سَان“ چيو ٿي. جپانيءَ ۾ مرد توڙي عورت يا ڇوڪريءَ کي محترم، محترما يا مِس چوڻ لاءِ هڪ ئي لفظ “SAN” استعمال ٿئي ٿو.
”ناگوڪو پنهنجي امتحانن جي سلسلي ۾ ٽوڪيو وئي آهي“. اسسٽنٽ ٻڌايو.
ناگوڪو اسڪول مڪمل ڪرڻ بعد هتي ڪلارڪ اچي ٿي هئي. گذريل دفعي اسانجو جھاز يوڪوهاما آيو هو ته هن پاڻ ئي اسانکي ٻڌايو ته هوءَ نوڪريءَ سان گڏ پنهنجي تعليم کي به جاري رکيو ويٺي آهي. اسسٽنٽ جي اِهو ٻڌائڻ تي ته هوءَ امتحان جي سلسلي ۾ ٽوڪيو وئي آهي، آئون سمجهي ويس، ته هوءَ ٽوڪيو جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ وئي هوندي. ٽوڪيو، يوڪوهاما کان گهڻو پري ناهي. چاليهه کن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. يعني حيدرآباد کان ٽنڊو کيبر جيترو يا کڻي سمجهو ته لاڙڪاڻي کان باڊهه جيترو. لوڪل بس اڌ ڪلاڪ پئي ورتو.
”ٽوڪيو يونيورسٽي وئي هوندي؟“. مون پڪ ڪئي.
”نه سينسوجي مندر ۾ وئي آهي، جيڪو ٽوڪيو جي اساڪسا علائقي ۾ آهي“. هن ٻڌايو.
”مندر ۾ وئي آهي!“. مون حيرت مان پڇيو.
”جي ها! اتي جي ٻائي کان امتحان ۾ پاس ٿيڻ لاءِ تعويذ وٺڻ وئي آهي“. اسسٽنٽ مونکي سمجهايو.
اهو پهريون دفعو هو جو منهنجي ڪنن ٻڌو ته جپان جهڙي ماڊرن ملڪ ۾ به ماڻهو تعويذن ۽ ڦيڻن ڌاڳن ۾ اعتبار ڪن ٿا. پوءِ ته جيئن جيئن جپان ۾ اچڻ ٿيندو ويو، تيئن تيئن ڄاڻ ٿيندي وئي ته جپاني ـــ خاص ڪري عورتن جو، تعويذن (جن کي جپاني ٻوليءَ ۾ “Omamori” سڏين ٿا) ۾ وڏو اعتقاد آهي. مختلف ڳالهين ۽ دل جي مرادن جي پوري ٿيڻ لاءِ مختلف قسم جا تعويذ آهن. اسانجي يوڪوهاما واري آفيس جي جپاني ڪلارڪ ڇوڪِري ٻائي کان جيڪو تعويذ (اوماموري) وٺڻ وئي هئي، اهو ”گاڪوگيو“ ٿو سڏجي ۽ هي اوماموري جپاني شاگردن ۾ مشهور آهي. هن تعويذ کي جپاني شاگرد پنهنجي ڪُنجين جي ڇلي (Key Chain)، پرس يا ڪتابن جي بئگ ۾ لڙڪائي هلندا آهن. هي تعويذ جپان جي ڪن خاص مندرن مان ملي ٿو. جن مان سڀ کان گهڻو مشهور يوشيما مندر آهي.
جپان ۾ ٻه ڌرم آهن: ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم. هنن ٻنهي ڌرمن جي مندرن ۾ تعويذ وڪامن ٿا. دراصل هن قسم جي شين جي وڪري مان مندرن جي ڪمائي ٿئي ٿي. هي تعويذ (Omamori) گهڻو ڪري سٺي ڀاڳ يا نظر بد کان بچاءَ لاءِ ٿين ٿا. جپاني لفظ ”ماموري“ (Mamori) جي معنيٰ ئي ”بچاءُ“ آهي، جنهن کي مانوارو لفظ بنائڻ لاءِ ان جي اڳيان ”او“ (O) ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ “Omamori” سڏجي ٿو. اهڙيءَ طرح “Mikuji” جي اڳيان ”او“ هڻي “Omikuji” سڏيو وڃي ٿو. ”اومي ڪُوجي“ جپاني لفظ فال ڪڍڻ لاءِ آهي. اوماموري (جپاني تعويذ) ٻن آڱرين جي چئن ڳترن جيڏا ڪاٺ جا يا لوهه، پلاسٽڪ ۽ دفتري جا ٿين، جيڪي بروڪيڊ ڪپڙي جي پوٽڙيءَ ۾ بند ٿين ٿا، پر خريد ڪرڻ واري کي اها خبر هوندي آهي ته هو ڪهڙي مراد پوري ٿيڻ وارو تعويذ خريد ڪري رهيو آهي. هتي ”خريد ڪرڻ“ لفظ به صحيح نه ٿيندو. جيتوڻيڪ مندر وارن جو اهو ئي مقصد هوندو آهي ته گهڻي کان گهڻا ”اوماموري“ وڪڻي مندر جي خرچ پکي لاءِ پئسو ٺاهجي ۽ هنن جي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته جپاني سندن مراد پوري ٿيڻ جو ڪريڊٽ هنن تعويذن کي ڏين ۽ ان جي پرچار ڪن. جيئن ٻين جو به ان ۾ اعتقاد ڄمي ـــ خاص ڪري عورتن جو. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ پيرن فقيرن جي قبرن تي عورتن جو انگ وڌيڪَ نظر اچي ٿو.... ٻيو ته ٺهيو پر منگهو پير وڃ ته اتي به واڳُن اڳيان عورتون هٿ ٻڌي بيٺيون آهن. گذريل سال تصويرون ڪڍڻ لاءِ اتي پهتس. جوهيءَ پاسي کان آيل هڪ عورت کان پڇڻ تي هن ٻڌايو ته، هوءَ سُکا لاءِ آئي آهي ته کيس ٻار ٿئي، ته هن ”واڳونءَ شريف“ کي ڇيلو اچي کارائي. منهنجي لاءِ اها ”نيوز“ هئي، جيڪا خبر منگهو پير تي پئي ته ”واڳونءَ“ جھڙو بڇڙو ۽ حرفتي جانور، جنهن وگهي آفريڪا ۾ سڀ کان گهڻا موت ٿين ٿا، اهو ”شريف“ به سڏيو وڃي ٿو. بھرحال مون هن غريب ۽ نٻل عورت (سندس ڪپڙن ۽ ڪمزور جسم مان لڳي رهيو هو) کان پڇيو ته، هوءَ ڪيئن ٿي چوي ته هي ”واڳون شريف“ سندس مراد پوري ڪندو؟!
”اسانجي ڳوٺ جي هڪ عورت کي شاديءَ بعد ڏهه سال ٿي ويا، پر ٻار نه پئي ٿيس. هن ڪيترن ئي حڪيمن، ڊاڪٽرن جون ستيون ڦڪيون کاڌيون ۽ ڪيترائي پير باسيا، پر اولاد نه ٿيس. پوءِ هتي اچڻ سان هوءَ يڪدم پيٽ سان ٿي وئي.“ هن ٻڌايو.
دراصل قدرت طرفان جڏهن لکيو هوندو آهي ته انسان جي مراد پوري ٿيو وڃي. پوءِ اسان جا وسوسا پيرن، فقيرن، قبرن، جهنڊن ۽ ”واڳون شريفن“ ڏي وڃن ٿا، جنهن لاءِ اسان مسلمانن کي سختيءَ سان منع آهي، جو اهي ڳالهيون شرڪ ۾ ٿيون اچن. شاهه لطيف جھڙو عظيم انسان پنهنجن بيتن ذريعي اهو سمجهائي سمجهائي هن جھان مان هليو ويو، ته رب پاڪ ئي درد ڏئي ٿو، اهو ئي شفا ڏئي ٿو ۽ دوائون به تڏهن اثر ڪن ٿيون، جڏهن کين ان هستيءَ کان حڪم ٿئي ٿو. ”تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن“. اڄ سندس قبر تي شرڪ جا نظارا نظر اچن ٿا. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ڳائيندا وتن: ”ڀٽ جا ڀٽائي! منهنجيون تو پُڄائيون!“ شاهه لطيف خاموش آهي ... مجبور آهي ... اٿڻ جي طاقت هجيس ته انهن ماڻهن ۾ ڪُٽڪا وجهي ته، ”مون توهان کي ڇا سبق ڏنو ۽ توهان ڇا پيا ڪريو؟“.... اهڙن پيرن فقيرن جي درگاهن تي، چاهي ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاهه غازيءَ جي درگاههَ هجي يا سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي - خود اتي جا مجاور آيل زائرين جي همت افزائي ڪن ٿا، جو انهن جي ڪمائي ۽ ڪاروبار انهيءَ ذريعي هلي ٿو. جپان ۾ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ديوتا (Kami) آهن، جن جي اهميت ۽ خوف جپانين جي ذهن ۾، ننڍي لاڪون، مندرن جي ٻاون يا لوڪ ڪهاڻين ذريعي وڌو وڃي ٿو.
منهنجو پهريون دفعو ان جپاني تعويذ ”اوماموري“ ۽ مندر سان واسطو جپان جي بندرگاهه فڪوڪا ۾ ٿيو. منهنجي شوق تي جھاز تي سامان سپلاءِ ڪرڻ واري (شپ چانڊلير) جي والده مونکي اتي جي شنتو مندر ۾ وٺي هلي. جپانيءَ ۾ ان کي ”جنجا“ (Jinja) به سڏين ٿا ۽ پوءِ جيئن هندن جا مندر ڪنهن ديوتا يا ديويءَ نالي منسوب ٿيل آهن، تيئن جپان جا هي مندر به ڪنهن ”ڪامي“ نالي سڏيا وڃن ٿا. جپاني لفظ “Kami” هر قسم جي ديويءَ يا ديوتا لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جپان ۾ گهڻا تڻا مندر (جنجا) لومڙ ديوتا (اناريءَ) سان به منسوب آهن. انهن وڏين عمارتن وارن مندرن (جنجائن) کان علاوه جپان ۾ رستي جي ڪپرن تي پوڄا پاٺ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا مندر به آهن، جن کي جپانيءَ ۾ ”هوڪورا“ (Hokora) سڏجي ٿو. هٿ ۾ ڏنڊي (Pole) تي کڻي هلڻ وارا مِني مندر جيڪي اڪثر ڪنهن جشن (متسوري) دوران سرگس ۾ کڻي هلجن ٿا، ”مِڪوشي“ (Mikoshi) سڏجن ٿا. جپان ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب اٽڪل هڪ لک شنتو مندر آهن. هر مندر جي وچ ۾ هڪ خاص ڪمرو آهي، جنهن کي پوتر سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ مندر جي ديوي/ديوتا (ڪامي) کي رکيو وڃي ٿو. هي ڪمرو “Honden” سڏجي ٿو. ان جي چوڌاري ليڪچر روم (Haiden)، دروازا (Torii) ٿين. هي دروازا شنتو مندر جي خاص نشاني آهن ۽ توهان جپان جي فوٽن ۾ ضرور ڏٺا هوندا. خاص ڪري هيروشيما جي ڀر واري مندر مياجيما جو ڳاڙهي رنگ جو ”توري اِي“، جنهن جي چوڌاري هرڻ به نظر اچن ٿا. ڪٿي به توهان کي ان قسم جو دروازو نظر اچي ته سمجهي وڃو ته ان کي ٽپڻ سان مندر جون حدون شروع ٿيو وڃن. مندر جي اهم عمارت تائين پهچڻ وارو رستو خاص سرن يا گول ۽ لسن پٿرن وارو ٿئي ٿو، جيڪو سئنڊو (Sando) سڏجي ٿو. يعني ”پوڄارين جي واٽ“ .
هن رستي (Sando) جي ڪناري تي توهان کي پٿر يا ڪنهن ڌاتوءَ جا ٻه ڪتي مهانڊا شينهن نظر ايندا، جيڪي ”ڪوما اِينو“ (Komainu) سڏجن ٿا. هي مندر جا چوڪيدار سڏبا آهن، جن جو ڪم مندر جي پوچارين جي حفاظت ڪرڻ آهي.
اڳتي هن روڊ تي توهانکي مندر جو وضو خانو نظر ايندو، جنهن کي جاپاني ٻوليءَ ۾ تيمي زُويا (Temizuya) سڏجي ٿو. مندر ۾ وڃڻ کان اڳ هر هڪ هتي بيهي ناديءَ ۾ ڀريل صاف پاڻيءَ سان هٿ ڌوئي گرڙي ڪري ٿو. ناديءَ (ٽانڪيءَ) مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڏيڍ فٽ کن ڊگهي ڏنڊيءَ ۾ ڪاٺ جون ٺهيل گول ڪَريون (Mugs) ٻڌل رهن ٿيون. ان قسم جي وضوءَ بعد پوڄاري يا سياحَ خاص عبادتگاهه (Haiden) ۾ اچن ٿا، جتي مندر جو ديوتا ويٺل ٿئي. هن پوڄا گهر (Haiden) جي چوڌاري جيڪو ڪٽ ورڪ وارو ڪاٺ جو يا تيلن جو ڪٽهڙو (Fence) ٿئي ٿو، اهو جپاني ٻوليءَ ۾ ”تاماگاڪي“ (Tamagaki) سڏجي ٿو.
مندر جي آفيس ”شامُوشو“ (Shamusho) سڏجي ٿي. هتي مختلف ريتن رسمن جي پوئواري ٿئي ٿي ۽ مختلف قسم جا تعويذ (Omamori) ۽ فالناما (Omikuji) وڪامن ٿا. مٿي به لکي آيو آهيان ته تعويذ هرڪو پنهنجي مرضيءَ مطابق خريد ڪري ٿو. ڪو پنهنجو بد نظر يا دشمن کان بچاءُ چاهي ٿو، ته هو پئسا ڏئي سلامتيءَ وارو تعويذ خريد ڪري ٿو. ٽئڪسي ڊرائيور ٽرئفڪ جي سلامتيءَ وارو تعويذ خريد ڪري ڪار جي چاٻيءَ سان گڏ رکن يا ڪار جي آئيني ۾ لڙڪائي ڇڏين. اهڙا تعويذ (Kotsu-Anzen) سڏجن ٿا. اهڙيءَ طرح ڪامياب شاديءَ ۽ پيار جا تعويذ (En-Musubi) آهن، صحتمند ۽ باحفاظت ويم جا آهن، واپار ۾ ڪاميابيءَ جا (Shobai Hanjo) آهن....وغيره.
اومي ڪوجي (Omikuji) فالناما گهڻو ڪري ڪاغذ تي لکيل ٿين. معتقد پئسا ڏئي هڪ فال کڻن پوءِ ان کي کولي پنهنجي قسمت جو احوال پڙهن. هي ائين آهي، جيئن اسان وٽ فٽ پاٿ تي فالون وجهڻ وارا ويهارو کن لفافا رکي پوءِ طوطي کي اشارو ڪن ٿا، جيڪو چهنب سان هڪ لفافو ڪڍي فال واري جي حوالي ڪري ٿو. فال وارو لفافي مان پنو ڪڍي، ان تي لکيل ڳالهيون متين موڙهيل گراهڪ کي پڙهي ٻڌائي ٿو.
ڪٿي شايد لکي چڪو آهيان ته، آئون پهريون دفعو جنهن جھاز تي جپان آيو هوس، ان تي هڪ پوڙهو اڇي ڏاڙهيءَ وارو پٺاڻ انجن سرنگ (انجڻ روم ۾ ڪم ڪندڙ تيل ۽ آڳ وارن جو انچارج) هو. هو جپان ۾ ڪئين دفعا اچي چڪو هو، ان ڪري هن سٺي جپاني ڳالهائي ٿي. جھاز جي ڊيوٽي ختم ڪرڻ بعد جڏهن ٻيا سَڀُ، شهر گهمڻ ۽ پئسو خرچ ڪرڻ پئي ويا، ته هو ڪوبيءَ جي مشهور ”ڪلاڪ ٽاور پارڪ“ ۾ پلٿ ماري ويهي پئي رهيو. رکي رکي جپاني ڇوڪريون ۽ وڏي عمر جون عورتون هن کي هٿ ڏيکارڻ پئي آيون ۽ کيس 100 يين ڏئي پئي ويون. شام ڌاري هو ڪافي پئسا ڪمائي جھاز تي پهچندو هيو. جھاز اوساڪا پهتو ته اتي به اڳ جي مقرر جاءِ مناٽوڪو ريلوي اسٽيشن اڳيان اچي ويٺو پئي. مون کي ڏاڍي آنڌ مانڌ ٿي ته هن جي ڪهاڻي معلوم ڪئي وڃي. آخر جپان جي ٻئي يا ٽئين سفر جي واپسيءَ تي، سمنڊ ۾ هن جي رات جو ڊيوٽي مونسان لڳي، ته مون کانئس احوال پڇيو، ته ڇا هن کي واقعي هٿ شناسي (Palmistry) اچي ٿي؟.... هن قسم کڻي ٻڌايو ته ”بنهه نه“.
”ته پوءِ هٿ ڏسي جپانين کي ڪيئن ٿو مطمئن ڪرين؟“ مون پڇيو.
هن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”سائين! هي جپاني ـــ خاص ڪري عورتون بيحد وهمي آهن. سالن جا سال جپان ۾ اچڻ بعد سمجهي ويو آهيان ته هنن جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ پوءِ منهن ڏسي سمجهي ويندو آهيان“.
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو.
”سر! مطلب اهو ئي ته جي جوان ڇوڪري آهي ته چوندو آهيانس ته ”جلد تنهنجي شادي ٿيڻ واري آهي“....... ۽ جي تير نشاني تي لڳي ويو ته هوءَ پاڻ ئي پڇندي ته، ”موجوده بئاءِ فرينڊ سان يا ڪنهن ٻئي سان؟“.... پوءِ منهنجي مرضي آهي ته سندس ڳالهائڻ مان آئيڊيا لڳائي چوانس ته ان ڊينڊي بي روزگار سان ئي ٿيندءِ، يا چوندو آهيانس ته، جلد هڪ شهزادي جھڙي نينگر سان تنهنجي ملاقات ٿيندي“.
”۽ اها غريب ڇوڪِري جنهن وٽ سؤ يين جو به ٻڌو سڪو ناهي، ان کي ته يڪدم چوندو آهيان ته عنقريب توکي نوڪري ملي ويندي، تمام سٺي پگهار واري..... وڏي عمر جي شادي شده عورتن کي اڪثر مڙسن سان شڪايتون رهن ٿيون، سو انهن کي اهو ئي چوندو آهيان ته، ”تنهنجو مڙس جلد پيئڻ گهٽائيندو ۽ توکي اهميت ڏيندو .... وغيره وغيره.“
سو جپاني فالون (Omikuji) به ان قسم جون ٿين ٿيون.
منهنجي جپاني ميزبان خاتون ”فڪوڪا“ شهر جو ”شنتو مندر“ گهمائڻ دوران مندر ۾ وڪامندڙ تعويذن (Omamori) جي تعريف به ڪندي رهي، پر آئون سندس ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندو رهيس. پوءِ آخر ۾ جڏهن مندر جي آفيس ۾ پهتاسين ته هوءَ مختلف تعويذن کي ڏسندي رهي. مون کي چيائين ته، جيئن ته هن نئين ڪار ورتي آهي، سو هوءَ حادثن کان بچاءَ لاءِ تعويذ خريد ڪرڻ ٿي چاهي.... آئون کانئس پري ٿي مندر ۾ ڪم ڪندڙ خدمتگار ڇوڪرين کي ڏسڻ لڳس، جيڪي ”ميڪو“ (Miko) سڏجن ٿيون. هي سڀ هڪ ئي لباس ۾ ٿين ۽ ان وقت مندر جي ديوتا کي خوش ڪرڻ لاءِ هو هڪ خاص قسم جي مقدس (Sacred) ڊانس ادا ڪري رهيون هيون، جيڪا جپانيءَ ۾ ”ڪاگورا“ (Kagura) ڊانس سڏجي ٿي. ديوتائن جي دل خوش ٿي يا نه، پر اهڙا ڇمڪ ڇلو وارا ناچ ڏسي اسان جھڙن سياحن جي دل ضرور خوش ٿيو وڃي.
ڪار ۾ چڙهڻ مهل اسانجي ميزبان، يعني شپ چانڊلر جي ماءُ چيو ته، هن نه رڳو پنهنجي لاءِ پر منهنجي لاءِ به هڪ عدد اوماموري (تعويذ) خريد ڪيو آهي.
”منهنجي لاءِ خير ۾؟“. وائڙو ٿي پڇيومانس.
”ته جيئن تنهنجو سامونڊي سفر سٺو گذري“. پوڙهيءَ چيو.
مون نرڙ تي هٿ هڻي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ”تو ان لاءِ ويهي هڪ هزار يين خرچ ڪيا آهن! ان تعويذ بدران ته هزار يين جو مونکي ٽيپ رڪارڊر وٺي ڏين ها، ته منهنجو هي سفر ڇا هر سفر گانا ٻڌندي سٺو گذري ها“.
ياد رهي ته هي 1970ع واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا، جڏهن ڪئسٽ ٽيپ نوان نوان نڪتا هئا، نه ته ان کان اڳ فقط پُول وارا اڪائيءَ جا ٽيپ رڪارڊر هئا، جيڪي ريڊيو اسٽيشن تي نظر ايندا هئا.
بهرحال، منهنجي ميزبان کي منهنجي ان ڳالهه جو ته ڏک نه ٿيو، پر هن کي افسوس ان جو ٿيو جو مون اهو ڌاتوءَ جو ٺهيل تعويذ بروڪيڊ جي پوٽڙيءَ مان ڪڍي ڏٺو. مونکي ته خبر ئي نه هئي ته جپاني تعويذ کي کولي نه ڏسبو آهي.
”اومي ڪوجيءَ (فال) کي کولي ڏسبو آهي“. هن مونکي سمجهايو. ”پر اوماموريءَ (تعويذ) کي ان پوش ۾ ئي رهڻ ڏبو آهي. تو کولي ان جو اثر ئي ختم ڪري ڇڏيو“.
سندس خيالَ موجب، سندس هزار يين ضايع ٿي ويا ۽ آئون سمنڊ تي طوفانن ۽ انجڻ بريڪ ڊائون کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃان.
انهن تعويذن کي ڪچري ۾ اڇلڻ کي به بي ادبي سمجهيو وڃي ٿو. هر تعويذ جو مدو هڪ سال ٿئي ٿو، ان بعد ان کي اڇلڻ بدران ان مندر جي ٻائي کي موٽائي ڏيڻو آهي، جتان خريد ڪيو ويو ۽ نئين سال لاءِ نئون خريد ڪرڻو پوندو آهي. يعني هر طرف کان مندر جي ڪمائي ٿئي ٿي.
هتي اهو به لکندو هلان ته جپان جي مندرن ۾ نه فقط ٻين ڳالهين جھڙوڪ، عام صحت (Kenkou) لاءِ ته تعويذ ملن ٿا، پر ڪي ڪي مندر اهڙا به آهن ـــ خاص ڪري ”ڪاناياما مندر“ جتي طاقت، شباب ۽ جوانيءَ (Sexual Health) جا به تعويذ ملن ٿا. ان کان علاوه ٽنگون ڊگهيون ۽ اکيون وڏيون ٿيڻ لاءِ تعويذ ٿين، جن لاءِ جپاني ڇوڪريون هر وقت حسرت ڪنديون رهن ٿيون. سٺي فصل ٿيڻ ۽ چوپائي مال ۾ واڌ اچڻ جا تعويذ به عام آهن.

هاٿين کي سکيا ڏيڻ واري جپاني ”هافو“

گذريل مضمونن مان هڪ ۾ لکي چڪو آهيان، ته ڪيتريون ئي جپاني ڇوڪريون، پنهنجي جپاني مردن کان وڌيڪَ ڌارين سان شادي ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون. گهوٽ ڪنوار ضرور خوش ٿين ٿا، پر جپاني عوام اڃان ايڏو کليل ذهن جو نه ٿيو آهي، ته هو ڌارين کي پنھنجو سمجهي. گهوٽ ته ٿيو کڻي ڌاريو، پر ان شاديءَ جي نتيجي ۾ ڄاول ٻار ـــ جن جي ماءُ ته جپاني ٿي، انهن کي به جپاني ماڻهو پنهنجو نٿا سمجهن..... پوءِ ڀلي اهي ٻار اڳتي هلي کڻي ڪنهن شعبي ۾ نالو پيدا ڪن ته به جپاني قوم کي انهن تي فخر ٿيڻ بدران ڏک ۽ ساڙ ٿئي ٿو، ته ان ”اڌ جپاني اڌ ڌارئي“ سائنسدان، رانديگر، ڳائڻي يا اداڪار کان سندن ڪو ”نج جپاني“ نالو روشن ڪري ها ته سٺو هو. ٻين ملڪن ۾..... ويندي انگلينڊ ۽ فرانس ۾، آفريڪا جو ڪو ڪارو رانديگر به پاسپورٽ حاصل ڪرڻ سان نه فقط برٽش يا فرينچ سڏجي ٿو، پر هن جي ڪاميابيءَ کي برطانيا يا فرانس وارا پنهنجي ڪاميابي سمجهن ٿا. جپانين لاءِ سندن جپاني عورت مان پيدا ٿيل ڌارئي جو ٻار.... ڀلي کڻي ماءُ جي شڪل جھڙو هجي، ڀلي کڻي نج جپاني ٻولي ڳالهائيندو هجي، پر هن جي انگريز، ايراني، عرب يا انڊين پيءُ جي ڪري هو ”هافو“ (Hafu) يعني ”اڌڙ“ سڏيو وڃي ٿو. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ اسانجي ننڍي کنڊ ۾ ”ائنگلو انڊين“ ٻار کي نفرت مان ”ڪرنٽو“ يا ”آڌيلو“ سڏيو ويندو هيو.
هونءَ هڪ سياح کي جپان ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ سان محسوس نه ٿو ٿئي. هن کي جپاني عورتون ته فرينڊلي ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ لڳن ٿيون پر شوخ جپاني مرد به! اهو ان ڪري جو سياح پئسو خرچ ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ۽ هن جو واسطو جپاني دڪاندارن سان ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجيون ڪَسيون شيون وڪڻڻ لاءِ به مٺي زبان استعمال ڪن ٿا. جپاني ماڻهو فقط گراهڪ جي حد تائين ئي هڪ ڌارئي کي چاهين ٿا.... يا هو تعليم لاءِ ڪجهه عرصي لاءِ اچي ٿو ته برداشت جوڳو آهي. جپاني ڪڏهن به اهو نه ٿا چاهين ته ڌاريا ماڻهو هنن سان رلي ملي وڃن ۽ هنن جي ڪلچر ۽ ثقافت ۾ تبديلي آڻين. جپاني ڪهڙا به آهن..... بندري قد جا، نڪ مِنا يا اکين چُچا..... هو پاڻ کي اتم ۽ اتاهون سمجهن ٿا ۽ پاڻ کي هڪ Homogeneous قوم سمجهن ٿا.
جپاني مرد ڌاري عورت سان شادي گهٽ ڪن ٿا. هونءَ به سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جپاني مرد جيڪو قد ۾ ننڍو ٿئي ٿو، اهو هڪ آمريڪن، انگريز يا فرينچ ڇوڪريءَ سان شادي ڪندي ڪيئن ٺھندو ـــ جيڪي قد ۾ ڊگهيون ٿين ٿيون. هونءَ جپاني مرد، جن ڌارين ڇوڪرين سان شادي ڪن ٿا، اهي ڇوڪريون اڪثر سندن پاڙي جي ملڪن: ڪوريا، فلپين يا ٿائلينڊ جون نظر اچن ٿيون ۽ اهي قد ۾ هنن کان ننڍيون نه، ته برابر ضرور آهن. جپان ۾ سڀ کان گهڻيون ڌاريون عورتون ڪورين آهن. پر حيرت آهي ته انهن جي اولاد کي ته ڇا انهن جي اولاد جي اولاد کي به جپاني پنهنجو سمجهڻ کان عار محسوس ڪن ٿا. نه فقط ايترو پر هنن کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اسڪول ويندڙ ٻار اڪثر پنهجي نالي جو ڪورين حصو ٻين کان لڪائيندا آهن.
”تاڪامي“ نالي 25 سالن جي هڪ جپاني ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي مون جپان جي انگريزي اخبار ”جپان ٽائيمس“ ۾ پڙهي هئي، جنهن جي ماءُ ڪورين آهي. جپان وارن لاءِ ٻين ملڪن جا ماڻهو ”گائيجن“ يعني ڌاريا ڄٽ آهن ۽ سندن پاڙيسري ڪورين ته وري هيڪاندا اڇوت سمجهيا وڃن ٿا. ان جو سبب هنن سان هلندڙ سندن سالن جا جهيڙا آهن ۽ جپانين جي نس نس ۾ ”ڪورين“ لاءِ نفرت ڀريل آهي. تاڪامي ٻڌائي ٿي ته هوءَ ننڍپڻ ۾ پنهنجن ڪلاس ميٽن کان پنهنجي نالي جو آخري حصو، جيڪو سندس فئمليءَ سان لاڳو ڪورين آهي، لڪائيندي رهي ۽ هن ٻين کي اهو ئي ڏيک ڏنو ٿي ته هوءَ مڪمل طور جپاني آهي. هونءَ به ڪورين جي جپانين سان شڪل ملڻ ڪري ”ڪورين جپاني“ جوڙي جو اولاد سڃاڻپ ۾ ايترو ڌاريو نه ٿو لڳي، جيترو ”جپاني انڊين“ يا ”جپاني آفريڪن“ جو. ڪورين مردن توڙي عورتن جي منهن جا هڏا ٿورا نڪتل ضرور ٿين ٿا ۽ سونهن ۾ اوڻهين ويهين جو فرق ضرور آهي، پر قد بت ۽ چال ڍال ۾ هڪ جھڙائي لڳي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ڪورين مرد يا عورت کي جپاني سٺي اچي ٿي ته ان ۾ فرق ڪرڻ اسان لاءِ ته ڏکيو ڪم آهي، پر جپانين لاءِ به آسان ناهي ـــ جيسين هن جي نالي جي خبر پوي. جپان ٻيٽ جي صورت ۾ کڻي الڳ ٿلڳ (Isolated) آهي، پر ڪوريا جي سرزمين سان ته ڄڻ مليو پيو آهي. ڪوريا جا بوسان، پوهانگ ۽ ييئوسو جھڙا شھر جپان جي هيروشيما، فڪوئوڪا ۽ ناگاساڪيءَ جھڙن شهرن کان ائين سڏ پنڌ تي آهن، جيئن سنڌ جا شهر مٺڙائو، ڏهرڪي ۽ ميرپور ماٿيلو راجستان جي رام ڳڙهه، جيسلمير ۽ بڪانير کان.... يا ٿر جا شهر اسلام ڪوٽ، عمر ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر انڊيا جي ڪڇ ۽ گجرات رياست جي شهرن پالنپور، راڌنپور، ڀوڄ ۽ لکپت کان.
جپاني ڇوڪري تاڪامي پنهنجي ننڍپڻ جي ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿي ته: ”جپاني ماڻهن جي اها سوچ آهي ته آمريڪن ”هافو“ ڪمتر آهن، پر منهنجي تجربي موجب جپان جي ماڻهن کي ”ڪورين هافوءَ“ لاءِ وڌيڪَ نفرت آهي. مثال طور منهنجي جنهن به جپاني ڇوڪري سان دوستي ٿِي، ان کي جنهن وقت ڄاڻ ٿِي ته آئون اڌ ڪورين آهيان، ته ان ڏينهن ئي هن مون سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيا“.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي آمريڪن، يورپين توڙي اسين ايشيائي، جپانين جي نظرن ۽ سوچ ۾ ڪم ذات آهيون، اتي ڪورين هيڪاندا اڇوت سمجهيا وڃن ٿا. تاڪامي پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿي ته: ”هي جپاني ماڻهو به عجيب آهن! هنن کي ڪورين ميوزڪ، کاڌو ۽ ڪلچر ته گهڻو پسند آهي، پر مون (تاڪاميءَ) جھڙن ماڻهن (جن جي ماءُ ڪورين آهي) لاءِ جپانين جي ناڪاري سوچ هنن جي رت ۾ شامل آهي“.
ميگومي نشيڪارا نالي هڪ جپاني فلم ڊائريڪٽر “Hafu” نالي هڪ فلم ٺاهي آهي. هوءَ پاڻ به ”هافو“ آهي، يعني سندس ماءُ جپاني آهي، پر پيءُ آئرش آمريڪن اٿس. هوءَ به اهائي ڳالهه ڪري ٿي ته:
“Hafu with a Korean or black parent tend to have the toughest time”.
(اها جپاني ڇوڪري يا ڇوڪرو جنهن جو پيءُ آمريڪا يا آفريڪا جو شيدي آهي يا ماءُ ڪوريا جي آهي، ته ان لاءِ جپان ۾ زندگي گذارڻ عذاب آهي).
هڪ ٻيو مثال سورنهن سالن جي جپاني ڇوڪري ”هرمن“ جو ڌيان ۾ اچي رهيو آهي، جنهن جي ماءُ جپاني ۽ پيءُ گورو آمريڪن آهي. جپانين کان وڌيڪَ گورو هجڻ جي باوجود هو سوشل ميڊيا تي لکي ٿو ته: ”ننڍي هوندي اسڪول ۾ مونکي جپاني ٻار ڏاڍو تنگ ڪندا هئا. هو منهنجي ڀرسان لنگهندي مونکي ٺونشا هڻندا هئا ۽ آئون پنهنجي ڇَٽيءَ ذّريعي پنهنجو بچاءُ ڪندو هوس“.
هو اڄ ڪلهه جپان جو مشهور ڳائڻو آهي ۽ پاڻ سان ننڍپڻ ۾ ٿيل جٺيون ياد ڪري چوي ٿو ته: ”ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ۽ آئون ڪيڏو مظلوم محسوس ڪندو هوس ته جپان ۾ رهڻ ۽ نج جپاني ٻولي ڳالهائڻ جي باوجود مونکي ڪنهن به هتي جو ”جپاني“ نه. سمجهيو..... ۽ نه اهڙيءَ طرح رخ ڏنو ٿي ويو، جھڙيءَ طرح اسڪول ۾ ٻين نج جپاني ٻارن کي ڏنو ويندو هيو. آئون اهو ئي چوندو هوس ته منهنجي جپاني ماءُ به مونکي ائين ئي پالي ٿي جيئن ٻين جپاني ٻارن جون مائرون! آئون به ٻين ٻارن وانگر صبح جو ڀت جي پيالي کائي اچان ٿو ۽ مِسو سُوپ پيان ٿو، جيڪو جپانين جو پسنديده آهي.....“.
۽ پوءِ هن ڇوڪري هرمن کي ميوزڪ جو شوق ٿيو ۽ محنت ڪري ان ۾ نالو پيدا ڪيائين. هاڻ هو ان ۾ رڌل رهي ٿو. هن کي پنهنجي ان ڏات تي فخر آهي ۽ ڪو به هن کي ان لاءِ روڪي نه ٿو سگهي. هن ٻڌايو ته: ”ٻيا کڻي دل ۾ مونسان نفرت ڪندا هُجن، پر ڪيتريون ئي جپاني ڇوڪريون مونسان پيار جو اظهار ڪن ٿيون“.
هرمن وانگر ٻيا به ڪيترائي جپاني ”هافو“ آهن، جن مان ڪنهن آرٽ يا سائنس جي کيتر ۾ پنهجو ۽ جپان جو نالو پيدا ڪيو آهي، البت سندن ان خاصيت ڪري هو ”هافو“ هجڻ جي باوجود ٻين نج جپانين طرفان گهڻي ٿڪ بجي کان ڪجهه بچي وڃن ٿا. هڪ ٻه اهڙا مشهور جپاني ”هافو“ هن وقت ياد اچي رهيا آهن. جيئن: ”ائنٽوني“ جيڪو مشهور جپاني ڪاميڊين آهي. سندس پيءُ آمريڪا جو شيدي آهي. ”سائره ڪُوني ڪِيدا“ جيڪا جپاني ڊپارٽمينٽل اسٽورن جي مشهور ماڊل آهي ۽ جنهن جو پيءُ اطالوي (Italian) آهي.
هڪ طرف جپاني ماڻهو ”هافو“ ٻارن کي نيچ سمجهن ٿا ته ٻئي طرف جپاني ڇوڪريون ڌارين سان شادي ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ به رهن ٿيون.... ۽ اهڙين شادين جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ”هافو“ ٻارن جو جپاني آدمشماريءَ ۾ جيتوڻيڪ گهٽ تعداد آهي ته به جپان جي وزارتِ صحت جي انگن اکرن موجب هر سال 36 هزار هافو ٻار ڄمن ٿا. جيڪو جپان جي سالياني ڄم جو 3 سيڪڙو ٿيو.
جپان بابت هي سڀ ڳالهيون ان ڪري کڻي ويٺو آهيان جو انٽرنيٽ تي جپان جي هڪ انگريزي اخبار ۾ پڙهيم ته مس يوشيڪاوا (Yoshikawa) نالي جيڪا جپاني ڇوڪري (2016ع ۾) ”مس جپان“ ٿي آهي، اها نج جپاني نه پر هافو (Hafu) آهي. سندس سڄو نالو ”پريانڪا يوشيڪاوا“ آهي. سندس پيءُ ”ارون گوش“ نالي ڍاڪا بنگلاديش جو بنگالي آهي. جنهن جا 1985ع ۾ ڀائر ڀينرون ته ڪلڪتي (انڊيا) لڏي ويا، پر پاڻ جپان هليو آيو، جتي هن پريانڪا جي جپاني ماءُ ”نائوڪو“ (Naoko) سان شادي ڪئي. 22 سالن جي پريانڪا يوشيڪاوا، حسن جي مقابلي ۾ 6900 جپاني اميدوارن مان ٽاپ تي آئي آهي ۽ هاڻ هوءَ نومبر ۾ واشنگٽن ڊي سي (USA) ۾ ٿيندڙ ”مس ورلڊ“ جي مقابلي ۾ پڻ حصو وٺڻ جي تياري ڪري رهي آهي. پاڻ جپاني ۽ انگريزي سٺي ڳالهائي ٿي. جپاني ته هن جي مادري زبان آهي، انگريزي اسڪول ۾ پڙهي ۽ ٽي سال آمريڪا ۾ رهڻ ڪري ڳالهائڻ ۾ به هوشيار آهي. سال ٻن کان هوءَ ترجميڪار جي نوڪري ڪري رهي آهي. خاص ڪري جپان ۾ ٿيندڙ ”ميڊيڪل ميٽنگن“ ۾ هوءَ ٽرانسليٽر جي ڊيوٽي ڏئي ٿي. ان کان علاوه هوءَ اسڪول ۾ ٻارن کي به انگريزي پڙهائي ٿي. پريانڪا کي هاٿين کي تربيت ڏيڻ جو به سرٽيفڪيٽ آهي. اهو حاصل ڪرڻ لاءِ هن هڪ سال لائوس ۾ سکيا ورتي. اها ڳالهه ماڻهن لاءِ حيرت جو باعث آهي ته هڪ ڇوڪري ٿي ڪري ڪيئن هاٿين کي وهنجاري ٿي ۽ هنن کي مرضيءَ مطابق وهارڻ، هلڻ ۽ سامان کڻڻ جا طريقا سيکاري ٿي.
ڪالهه کان اخبارن ۾ سندس انٽرويو به اچي رهيا آهن ته هن جو زندگيءَ ۾ مقصد انڊيا جي بالي وڊ فلمن ۾ اداڪارا ٿيڻ آهي ۽ انڊيا ۾ غريب ٻارن لاءِ هڪ وڏو ”چلڊرين هوم“ ٺاهڻ آهي. هوءَ هڪ سال ڪلڪتي ۾ پنهنجن چاچن وٽ رهي چڪي آهي ۽ هن اتي جي غربت ڏسي ان وقت کان اهو ارادو ڪيو هو ته هوءَ انڊيا جي غريبن لاءِ ڪجهه ڪندي. جتي سندس ڏاڏاڻا رهن ٿا.
جتي پريانڪا جي ڪاميابيءَ جي خبرن سان جپاني اخبارون ڀريون پيون آهن، اتي پريانڪا تي تنقيد به جام پئي ٿئي. ڪيترا جپاني خوش نه آهن ته هيترين سارين نج جپاني ڇوڪرين مان هڪ ”هافو“ (يعني”کار“) سهڻي ثابت ٿي وڃي. دراصل ڳالهه اها آهي ته مختلف گهراڻن يا قومن جي ميلاپ مان جيڪو اولاد ٿئي ٿو، اهو سونهن ۽ جسماني صحت ۾ بهتر ٿئي ٿو. جنهن جو مثال اسپيني ڇوڪريون پڻ آهن. جن کان جڏهن پڇبو آهي، ته ”توهان ايڏيون سهڻيون ڇو آهيو؟!“ ته هو هڪدم وراڻينديون آهن ته، هنن ۾ عربن جو رت آهي. اهڙيءَ طرح جپاني ڇوڪريون سونهن ۽ صحت ۾ کڻي قبول صورت هجن، پر اهي جپاني ڇوڪريون، جن جي ماءُ يا پيءُ ڌاريا آهن، اهي ”نج جپاني“ ڇوڪرين کان شڪل ۾ وڌيڪ سهڻيون آهن. هو نج جپانين وانگر نه قد ۾ ڊينڊيون ۽ ڦيڦيون آهن ۽ نه سندن اکيون چُچيون ۽ ڏند ڦڏا آهن.
پريانڪا پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد بابت چوي ٿي ته هن کي ڪو فڪر ناهي جيڪڏهن ڪو هن کي ”هافو“ چوي ٿو. ”آئون جپان ۾ رهي آهيان، جپاني ڳالهايان ٿي ۽ جپاني ڪلچر سان واسطو اٿم ۽ منهنجي سڃاڻپ جپان آهي، پر ساڳي وقت منهجي پيءُ ڏاڏي جو واسطو انڊيا سان آهي ۽ مونکي ان تي فخر آهي ته منهنجو انڊيا سان به تعلق آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسين جپاني نه آهيون“.
پريانڪا ننڍپڻ بابت ٻڌائي ٿي ته، ”مون کي احساس آهي ته جپان ۾ مون وانگر ڪيترائي ”هافو“ ذهني تڪليف محسوس ڪن ٿا. منهنجا ڪيترا ڪلاس ميٽ مونکي ائين سمجهندا هئا ڄڻ آئون انسان نه پر جراثيم هجان ۽ مونکي هٿ لائڻ سان هنن کي بيماري وٺي ويندي“.
فيس بڪ يا ٽوئٽر تي ڏسندئو ته پريانڪا بابت ڪيترائي سٺا ۽ خراب رمارڪ نظر ايندَوَ. ڪيترن ته جپانين کي صلاح ڏني آهي ته: ”هاڻ جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو“..... ”هوءَ سهڻي هئي تڏهن ته پهريون نمبر اچي وئي“..... يا ”جپانين کي برداشت کان به ڪم وٺڻ کپي.....“
هڪ واهه جو ڪمينٽ لکيو آهي:
“….. After Gautama Buddha, Miss Yoshikawa is the only Indian to Make it big in Japan”.
جپاني اهڙا آهن، جيڪي ٻين کان اثر ڏاڍو ڏکيو ٿا وٺن. هو سڀني کان الڳ ٿلڳ پنهنجي دنيا ۽ پنهنجي رسم رواج، تهذيب ۽ ثقافت ۾ رهڻ وارا آهن. پر انهن تي هندستان جي درويش گوتم ٻڌ اهڙو اثر ڪيو جو سڄو ملڪ ٻوڌي ٿي ويو. ڏٺو وڃي ته گوتم ٻڌ ننڍي کنڊ ۾ ڄائو ۽ اتي ئي کيس گيان مليو ۽ هو ”ٻڌا“ ٿيو. ٻڌ ڌرم پهرين اسان وٽ يعني ننڍي کنڊ ۾ پکڙيو. ان کانپوءِ سلون (سريلنڪا)، برما، چين، جپان..... ويندي ڪوريا تائين ڦهلجي ويو. سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي اچڻ وقت راجا ڏاهر جي حڪومت هئي. جنهن جو چچ جي ڪري هندو ڌرم سان واسطو ٿيو نه ته چچ کان اڳ سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حاڪمن: راءِ سهرس ۽ سندس پٽ راءِ سهاسيءَ جي حڪومت هئي. انهن جو توڙي سنڌ جي عوام جو ”ٻڌ ڌرم“ سان واسطو هو. جيڪو شهنشاهه اشوڪا جي ڏينهن ۾ يعني اٽڪل 313 ق.م ۾ سنڌ ۾ مشهور ٿيو ۽ اٽڪل هڪ هزار سال سنڌ ۾ رهيو. پوءِ جڏهن راجا ڏاهر جو پيءُ چچ سنڌ جو حاڪم ٿيو ته سنڌ جي ماڻهن هندو ڌرم اختيار ڪيو، جو چچ برهمڻ هو. اهو ئي حال سڄي انڊيا جو هو. پر اڄ ڏسجي ته سنڌ ۽ هند ۾ ورلي ڪي ٻوڌي نظر ايندا. وڏو تعداد هندن، مسلمانن، عيسائين وغيره جو آهي، پر ننڍي کنڊ کان ٻاهر ٿي نظر ڪجي ته ڪيترن ملڪن جو سرڪاري مذهب ٻڌ ڌرم آهي ۽ جپان جھڙي ملڪ جي هر شهر ۾ ٻڌن جو مندر نظر اچي ٿو ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گوتم جون مورتيون نظر اچن ٿيون. هڪ اهڙي مندر جو احوال آئون پنهنجي جپان واري سفرنامي ”ڪراچيءَ کان ڪوڪورا“ ۾ لکي چڪو آهيان ته، ڪوڪورا جي ٻڌ مندر ۾ ڦوٽو ڪڍڻ لاءِ ويس ته ان وقت ٻه ٽي جپاني پوڙهيون گوتم ٻڌ جي وڏي بت (Statue) اڳيان جهڪي رهيون هيون. ٻه چار دفعا جهڪي جهڪي پوءِ مون کي غور سان ڏسڻ لڳيون ته آئون ڇا ٿو ڪريان؟.... آئون ته فوٽو ڪڍڻ آيو هوس، سو فوٽو ڪڍي ان ڪمري مان نڪتس پئي ته هڪ پوڙهيءَ گوتم ٻڌ جي بت ڏي اشارو ڪري مونکان پڇيو ته: ”ان جي ديس کان آيو آهين؟“.
”هائو“.وراڻيومانس.
ان تي ٻيءَ چيو: ”تون هن کي سجدا نٿو ڪرين؟“.
”آئون ٻوڌي نه آهيان“. جواب ۾ چيم.
ان تي پھرينءَ ڪجهه شڪايت طور ۽ ڪجهه چڙ مان چيو: ”ته پوءِ هن کي اسان ڏي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جو توهان ته هن کي پڇو به ڪونه ٿا ۽ اسان پوڙهين جي جهڪي جهڪي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي“.
سو پريانڪا يوشيڪاوا جي ”مس جپان“ ٿيڻ تي جپان جي ميڊيا ۾ جيڪا هلچل متي آهي، ان مان ته اهو ئي ٿو لڳي ته انڊيا جي ڪنهن ماڻهوءَ جيڪڏهن جپانين تي ڪو اثر ڇڏيو آهي، ته اها گوتم ٻڌ بعد پريانڪا آهي. جپاني ماڻهو جيڪي پاڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن کي کنگهن به ڪونه ٿا، انهن سان، بقول اسان جي هڪ سفير دوست ظفر شيخ جي (جيڪو جپان ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهي ۽ جپان جي ثقافت کان واقف آهي) جٺ به جٺين جھڙي ٿي آهي. هنن جي هٿن مان طوطا اڏامي ويا آهن.
هڪ جپانيءَ Twitter ڪيو آهي: ”هڪ هافوءَ جو انعام يافته ٿيڻ معنيٰ اسان نج جپانين ۾ هاڻ ڪو حال نه رهيو آهي“.
هڪ ٻئي جپانيءَ جو ان بابت ڪمينٽ آهي: ”اهڙي ايوارڊ مان ڪهڙو فائدو، جنهن ۾ جپانين جو سؤ سيڪڙو حصو ناهي. ڇا نج جپاني چھرو ان لائق نه رهيو آهي؟“.
منهنجي خيال ۾ جپان جي ماڻهن لاءِ (جن جي سوچ فقط پاڻ تائين محدود آهي) هيءَ خبر، ته سونهن ۾ هڪ ”هافو“ کٽي وئي، بيشڪ فڪر جي ڳالهه آهي، جو گذريل سال (يعني 2015ع ۾) به ”مس جپان“ هڪ ”هافو“ ڇوڪري آريانا مياموتو (Ariana Miamoto) پنهنجي ڊگهي قد ۽ سونهن جي ڪري ٿي هئي، جيڪا پوءِ دنيا جي ملڪن جي مقابلي ۾ ”مس ورلڊ“ به ٿي. هن سال جي ”مس جپان“ پريانڪا جي شڪل وري به جپاني ڇوڪرين سان ڪافي ملي ٿي، پر مس مياموتو جو پيءُ آمريڪا جو شيدي هجڻ ڪري مياموتو ايڏي گوري ناهي ۽ سندس شڪل ۽ قد بت جپانين سان بلڪل نٿو ملي ۽ جڏهن هوءَ مس جپان ۽ پوءِ مس ورلڊ ٿي، ته جپاني مردن ڏاڍي تنقيد ڪئي هئي. بقول منهنجي هڪ جھازران دوست ڪئپٽن رشيد ابڙي جي (جنهن پڻ جپان۾ وڏو عرصو جھاز هلايا آهن ۽ جپانين جي عادتن ۽ ڪلچر کان چڱيءَ طرح واقف آهي) هو (جپاني مرد) سڄو سال منهن مٿو پٽي ماتم ڪندا رهيا ته ڪيڏانهن وئي هن ملڪ جي نام نهاد ”هڪجھڙائي“ يعني “Self – Perpetuated myth of Homogeneity” .
پنهنجي انٽرويوءَ ۾ پريانڪا به ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته مونکان وڌيڪَ گذريل سال مس مياموتو تي تنقيد جا تير وسايا ويا ته هوءَ هڪ شيدياڻي ٿي ڪري ڪيئن ٿي جپان جي نمائندگي ڪري؟!
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مس آريانا مياموتو کان اڳ ڪنهن به جپاني ”هافو“ ڇوڪريءَ جي همت نه پئي ٿي ته هوءَ سونهن جي مقابلي لاءِ پنهنجي ملڪ (جپان) جي نمائندگي ڪري.
گذريل سال مياموتو جي ”مس جپان“ ٿيڻ بعد پريانڪا عزم ڪيو ته هوءَ به ”هافو“ هجڻ جي باوجود هن مقابلي ۾ حصو وٺندي ۽ Homogenous جپان ۾ موجود Racial Prejudice خلاف ويڙهه کي قائم رکندي.
گذريل سال (2015ع ۾) ”مس جپان“ ۽ ”مس يونيورس“ ٿيڻ واري جپاني ڇوڪري آريانا مياموتو (Ariana Miamoto) 12 مئي 1994ع ۾ ناگاساڪيءَ ۾ ڄائي. هن جي ماءُ جپاني آهي ۽ پيءُ برانٽ (Bryant Stanfield) آمريڪا جو شيدي آهي، جنهن جو آمريڪن نيويءَ طرفان ساسيبو ۾ پوسٽنگ دوران مياموتو جي جپاني ماءُ سان عشق ٿيو. مياموتو بنيادي تعليم جپان مان حاصل ڪرڻ بعد ڪجهه سال آمريڪا ۾ به پڙهي ۽ پاڻ جپاني توڙي انگريزي ڳالهائي سگهي ٿي.
مياموتو پنهنجي ننڍپڻ جي اسڪول وارن ڏينهن (جيڪي هن جپان ۾ گذاريا) بابت ”جپان ٽائيمس“ اخبار وارن کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته، هن کي جپاني ٻار توڙي ماسترياڻيون نفرت جي نگاهه سان ڏسنديون هيون ۽ هر هڪ طرفان ٿيندڙ ٽوڪ طعنو هن کي ٻڌڻو پوندو هو. ٻن ڏهاڪن بعد جڏهن هن هيڏو وڏو اعزاز حاصل ڪيو ته به هن کي جپانين جي تنقيد ٻڌڻي پئي پوي.
”اسڪول جي ڏينهن ۾ ڪيترا ٻار مون تي گند ڪچرو اڇلي ٽهڪ ڏيندا هئا ۽ مون کي ڪو به لفٽ نه ڪرائيندو هو“. مياموتو ٻڌايو. ”آئون جڏهن ڪلاس ۾ گهڙندي هئس ته سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون مون لاءِ هڪ ٻئي کي چوندا هئا: ”هيءَ هافو آهي ۽ هن سان ڪو نه ڳالهائي“ .
پڪنڪ توڙي جِم ۾ ڪو به ڇوڪرو يا ڇوڪري مياموتو کي هٿ نه ڏيندو هو. هنن کي اهو وهم هو ته مياموتو کي ڇهڻ سان هن جو ڪارو رنگ کين به لڳي ويندو. ساڳيو حال هن سان سئمنگ پول ۾ هوندو هو.
مياموتو جي عمر ۽ قد (پنج فٽ اٺ انچ) پريانڪا جيڏو ئي آهي. هن ٻڌايو ته ٻه سال اڳ سندس هڪ ٻي جپاني ساهيڙيءَ (جنهن جو پيءُ يورپين هو) کي ”هافو“ هجڻ ڪري جپانين ايڏو ته ٽوڪيو، جو هن خودڪشي ڪري ڇڏي. ”جپانين جو اهو وهم آهي ته اسان جھڙيون ”هافو“ نه فقط نڀاڳيون آهن، پر سونهن ۾ به گهٽ آهن. سو مون پڪو ارادو ڪيو ته سونهن جي مقابلي ۾ حصو وٺنديس. کڻي ڇا به ٿي پوي“. مياموتو انٽرويو ۾ ٻڌايو.
مياموتو نه فقط مقابلي ۾ حصو ورتو، پر هن ٻين کي عملي طرح ڪري ڏيکاريو ته جن کي توهان ”هافو“ ۽ ”ڪوجهو“ سمجهو ٿا، اهي توهان کان وڌيڪَ سهڻيون آهن. گذريل سال مياموتو جي ان سوڀ بعد پريانڪا ۾ به همت پيدا ٿي ۽ هن پنهنجي ”مس جپان“ بنجڻ جي، پهرين خواهش پوري ڪري ڏيکاري. سندس ٻي خواهش بالي وڊ انڊسٽريءَ ۾ اداڪارا ٿيڻ جي آهي. ”جنهن لاءِ مونکي ڊانس ۽ هندي ٻولي سکڻي پوندي.... هر ڪو مونکي اهو چئي رهيو آهي ته اهو ڏکيو ڪم آهي، پر پنهنجي شوق پوري ڪرڻ لاءِ آئون هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“. پريانڪا يوشيڪاوا چيو ۽ پوءِ مرڪندي چيو: ”هاٿين کي سکيا ڏيڻ جي ڪم کان وري به اهو ڪم آسان ئي هوندو“.

سوشي، ساشامي ۽ ڪوبي بيف...

جپاني سڀ کان گهڻي مڇي کائين ٿا. سوال آهي ته ٻيو ڀلا ڇا کائين؟..... ملڪ ۾ رهڻ لاءِ ئي زمين ٿوري آهي. ان جو به 80 سيڪڙو جابلو ۽ جهنگل آهي. سو پوک ڪٿي ڪن؟!.... ملڪ ۾ جانور نه هجڻ جي برابر. جيڪڏهن ڪو پالي به ٿو ته ان جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ هن کي وڏو خرچ ڪرڻو پوي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ جپان جا ماڻهو سمنڊ ڏي ئي نهارين ٿا ۽ سمنڊ مان جيڪا شيءِ ملين ٿي مڇي، آڪٽوپس، گانگٽ، کيکڙو، شارڪ، وهيل، ويندي سامونڊي گاهه - ان کي به چٽ ڪريو وڃن. هو رڌل شين سان گڏ ڪچيون به کايو وڃن. بلڪه مڇيءَ کي ته وڏي شوق سان ڪچو کائين ٿا. نه فقط عام مڇيون پر فوگو جھڙيون زهريليون مڇيون پڻ.....
جپان جا ٻه طعامَ (Dishes) تمام مشهور آهن. ”سوشي“ ۽ ”ساشامي“. ڪيترا ماڻهو سوشي (Sushi) کي به ڪچي مڇيءَ جو طعام سمجهن ٿا. سوشي دراصل سُرڪي (Vinegar)، کنڊ ۽ لوڻ ۾ رڌل چانور ٿين ٿا، جن جي وچ ۾ ڪنهن سامونڊي ساهواري (مڇي، گانگٽ، آڪٽوپس) جون سنهيون ڦاڪون، ڀاڄيون ۽ ميوا به وڌا وڃن ٿا.
پر ساشامي (Sashami) نج ڪچي مڇيءَ جو طعام آهي، جنهن ۾ فقط ڪچي مڇيءَ جون سنهيون ڦاڪون (Slices) رکيون وڃن ٿيون. جپاني دعوتن ۾ ساشامي يعني ڪچي مڇيءَ جا ڳترا پهرين پيش ڪيا وڃن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن ساشامي مُکيه ڊش طور به پيش ڪئي وڃي ٿي. جنهن سان گڏ ڀت ۽ مِسو سُوپ به رکيو وڃي ٿو. ساشاميءَ جا سنهڙا ڳترا ڪنهن چٽڻيءَ يا ساس ۾ ٻوڙي کاڌا وڃن ٿا. مِسو سُوپ (Miso Soup) هڪ عام جپاني سوپ آهي، جيڪو هر ويلي تي هلي ٿو. خاص ڪري جپاني مسافرخانن (Ryokan) ۾ نيرن تي ڏنو وڃي ٿو. منجهس هڪ خاص قسم جي چٽڻي وڌي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪٿي ڪٿي ڀاڄيون پڻ. مون جھڙن ڪيترن ڌارين جو سالن جا سال جپان ۾ رهڻ ۽ اچڻ وڃڻ ٿيو هوندو. زندگي گذري وئي نه مِسو سُوپ پيئڻ تي دل وري ۽ نه ساشامي (ڪچي مڇي) کائڻ لاءِ. اهڙين دعوتن ۾ ميزبان جو هميشه وڏو خرچ ٿيو هوندو، پر اسان بک مري گهر يا جھاز تي پهچي بصر ۽ ساون مرچن سان آمليٽ بيضو تري ڊبل روٽيءَ سان کاڌو هوندو.
مڇيءَ جي ڪچي گوشت (Sashami) وانگر هڪ ٻئي ڪچي گوشت جو طعام باساشي (Basashi) پڻ جپان ۾ مشهور ۽ تمام مهانگو آهي. باساشي گهوڙي جي ڪچي گوشت کي سڏين ٿا ۽ جپان جي ياماگاتا، ناگانو، فڪوشيما جھڙن ضلعن جي هوٽلن ۾ عام نظر اچي ٿو. گهوڙي جي ڪچي گوشت مان ڇلرن جھڙا سلائيس ٺاهي، پليٽ تي سينگاري گراهڪ اڳيان رکيا وڃن ٿا. هونءَ جپان ۾ ڪاسائين جي دڪانن يا سپر مارڪيٽن ۾ مونکي گهوڙي جو گوشت وڪامندي نظر نه آيو، جيئن چين، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ سوئر ۽ ڀولڙن جو گوشت نظر اچي ٿو. چون ٿا ته جپان ۾ رڌ پچاءَ ۾ استعمال ٿيندڙ گهوڙي جي گوشت جو وڏو حصو ٻاهرين ملڪن مان جپان ۾ درآمد ٿئي ٿو.
دنيا ۾ ”ڪوبي اسٽيڪ“ تمام مشهور آهي. جپان جي وڏين هوٽلن ۾ وڪامندڙ هن گوشت جي چاپ (Steak) تمام مهانگي ٿئي ٿي ۽ کائڻ وارن شوقينن جو چوڻ آهي ته اها بيحد لذيذ ۽ رسيلي (Succulent) ٿئي ٿي. ”ڪوبي“ جپان جي هونشو ٻيٽ تي هڪ مشغول، سهڻو ۽ صنعتي شهر ۽ دنيا جو مشهور بندرگاهه آهي، جنهن جي ڀرسان اوساڪا بندرگاهه پڻ آهي. اسانجو جھاز گهڻو ڪري پاڪستان، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا مان ڪوبي بندرگاهه لاءِ سامان کڻي ايندو هو ۽ پاڪستان يا ٻين ملڪن جي بندرگاهن لاءِ هتان جپاني اليڪٽرانڪ جون شيون ۽ موٽرڪارون کڻندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اسانجو جھاز ڪوبيءَ بدران اوساڪا ايندو هو، ته به اسان جا جھازران ۽ خلاصي بس يا ٽرين ذريعي ڪوبي پهچي ويندا هئا، جو هڪ ته اتي سکن ۽ سنڌي هندن جا ڪپڙي جا دڪان هئا، ان کان علاوه سيڪنڊ هينڊ شيون ريفريجريٽر، واشنگ مشينون وغيره تمام سستيون ملنديون هيون. ڪوبيءَ ۾ مسجد جي هجڻ ڪري به اسان جا پاڪستاني ۽ ٻين ملڪن جا مسلمان نماز لاءِ ويندا هيا. ڪوبي شهر جي ان مسجد واري گهٽيءَ ۾ مقامي جپاني واپارين جا ڪجهه ڊيوٽي فري دڪان به هئا، جن تي اليڪٽرانڪ جون شيون ڪارخاني جي اگهه تي ملنديون هيون. هاڻ ته دنيا جي هر ملڪ ۾ جپاني شيون، ويندي ڪارون ٺهن ٿيون، نه ته 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ اهي سڀ شيون جپان ۾ ٺهي ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ٿينديون هيون.
مٿيون ڪوبي شهر، بلڪ ڪوبي ضلعو آهي، جنهن جي ڳوٺن ۾ پاليل ڪاري رنگ جي گابن جو گوشت (Beef) دنيا ۾ مهانگو ۽ مشهور آهي ۽ جنهن جون ٺهيل چاپون ”ڪوبي اسٽيڪ“ مشهور آهن. ڪوبي اسٽيڪ لاءِ جن ڍڳين جو گوشت استعمال ٿئي ٿو، اهي ڍڳيون جپان ۽ يورپ جي خاص ڍڳن جي ميلاپ مان آهن ۽ انهن جي گوشت کي دنيا ۾ واگيو (Wagyu) به سڏجي ٿو. هن واگيو گوشت وارن وهٽن، ڍڳن، ڍڳين جي خاص خدمت ڪئي وڃي ٿي. کين اعليٰ قسم جو کاڌو کارائڻ سان گڏ سندن مشينن سان مالش ڪئي وڃي ٿي ۽ کين بيئر ۽ ساڪي شراب به پياريو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سائنسدانن جو اهو ئي چوڻ آهي ته اهڙين شين کارائڻ پيارڻ سان ڪو خاص فرق نٿو پوي، پر اسان وٽ به قربانيءَ جي وهٽن کي پستا بادام کارايا وڃن ٿا.
ڪوبي بيف (Wagyu) لاءِ سڄي جپان ۾ هڪ ئي وقت 3000 جانور مس رکيا وڃن ٿا. انهن کي جيڪي شوقين پالين ٿا، اهي پنجن کان وڌيڪ نه ٿا پالي سگهن، جو انهن جي وڏي خدمت ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري هنن وهٽن جو گوشت بيحد مهانگو ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه يعني هن سال 2018ع ۾، لنڊن جي هروڊس (Harrods) دڪان تي جپان جو هي امپورٽيڊ “ڪوبي بيف” 625 پائونڊن جو هڪ ڪلو آهي. پائونڊ جي قيمت 200 روپيا لڳائجي ته ڪوبي بيف جو هڪ ڪلو 12500 رپيا ٿيو. ڪوبي بيف کي پچائڻ وارا بورچي وڏي خيال سان اسٽيڪ ٺاهين ٿا. بقول هڪ ريسٽورنٽ واري جي:
“Sear it at high temperature, Then finish it on low heat. The fat melts and coats the meat with flavor as you cook it.” 

سارين جي پوک جو آرٽ - تامبو اَتو

مون ڏٺو آهي ته يورپ جھڙا ملڪ، جتي سال جو وڏو حصو سخت ٿڌ رهي ٿي، اتي ننڍا وڏا، گهر ۾ هڪ هنڌ اڪيلي ويٺي ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهندا آهن. عورتون ڀرت، آر، سلائي، سئيٽر ٺاهڻ جھڙا ڪم ڪن ته مرد وري سائنس، ورڪ شاپ جھڙا ڪم. جي هو ڪو ڪم نه ڪندا ته به انهن بابت سوچيندا رهندا. شايد اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ملڪن جا ماڻهو نت نيون ايجادون ڪن ٿا. اسان ماڻهو (ننڍي کنڊ يا عرب ملڪن جا)، ان ڳالهه ۾ پٺتي آهيون جو اسان وٽ سياري جا ٽي مهينا به مچ ڪچهرين ۾ گذرن ٿا. جتي ڪٿي اوطاق ڪلچر آهي، جتي مرد گڏ ٿي گلائون ڪن ۽ ڪچيون گاريون ڏين ۽ هوڏانهن گهرن ۾ بقول اسان جي سنڌي شاعر تنوير عباسيءَ جي عورتون اوڙي پاڙي جي باقي عورتن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪن. اسان وٽ ورلي ڪو مرد يا عورت ڪنهن نئين شيءِ جي ايجاد ڪري ٿو.
يورپين وانگر مون جپانين کي به ڏٺو آهي ته هو به پنهنجي منهن لڳا رهن ٿا. ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهن ٿا يا سوچيندا رهن ٿا. ٽرين ۾ سفر دوران به ڏسندو آهيان ته جپاني هڪ ٻئي جو مٿو کائڻ بدران پنهنجي منهن ڪو ڪتاب پيا پڙهندا يا اکيون پوري ننڊ پوري ڪندا يا سامهون گهوري سوچيندا رهندا. توهان ڏسو ته هنن سائنس جي دنيا ۾ ته وڏي ترقي ڪئي آهي، پر آرٽ ۾ پڻ. جيتوڻيڪ هنن آرٽ جي ڪيترين شين جا بنيادي خيالَ پنهنجي پاڙي واري ملڪ چين جي ماڻهن کان حاصل ڪيا، پر ان کي ڇا ته وڌايو، ويجهايو ۽ وقت جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق انهن کي جديد ۽ خوبصورت بڻايو آهي. اڄ جپان جي آرٽ جون ڪيتريون شيون سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ۽ دنيا جپانين جي دماغ جي تعريف ڪري ٿي ۽ جپانين جون ايجاد ڪيل شيون ڏسڻ ۽ سکڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو هلي جپان اچن ٿا. پوءِ اها آرٽ جي شيءِ اڪيبانا (گلن ۽ ٽارين جي گلدستي ۾ ٺاهه جوڙ) هجي يا اوريگامي (پني مان مختلف شيون ٺاهڻ)، ڪبوڪي (اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاري)، سومو (ملهه وڙهڻ) ۽ يوڪيبو اي (ڪاٺ جي پورن ذريعي ڇُر) هجي يا منگا (ڪارٽون)، هائيڪو (ٽن سٽن واري شاعري) يا شودو (ڪئليگرافي) هجي. جپاني هر شيءِ (ڀاڄي ڀتيءَ کان وٺي ميوي تائين) ڪوشش ڪري اهڙي اعليٰ جنس ۽ قسم جي پوکي ٿو جو مهانگو هجڻ جي باوجود دنيا ان کان خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي. ان جو مثال آئون پنهنجي پاڻيءَ جي جھازن جي هڪ سلزر (Sulzer) نالي انجڻ جو به ڏئي چڪو آهيان. سلزر انجڻ سئٽزرلينڊ وارن ايجاد ڪئي، جتي نه سمنڊ آهي ۽ نه جھازراني. انهن جي ٺهيل انجڻ فرانس ۽ جرمنيءَ وارن پنهنجي جھازن ۾ فٽ ڪري هلائي ۽ بيحد ڪامياب وئي ۽ اڄ تائين ڪامياب آهي. مون 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جن جھازن هلائڻ جي شروعات ڪئي، انهن ۾ سئٽزرلينڊ جي ٺهيل هيءَ انجڻ هئي. ان بعد دنيا جي مختلف ملڪن، اها انجڻ پنهنجي ملڪ ۾ ٺاهڻ لاءِ سئٽزرلينڊ کان لائسنس خريد ڪيو. جيئن آمريڪا ۽ سوئيڊن جي ڪوڪا ڪولا يا ٻيون شيون اسان وٽ به ٺهن ٿيون يا جيئن جرمنيءَ جا مڪسر ۽ جوسر، چين ۽ ملائيشيا ۾ به ٺهن ٿا. مون بعد ۾ مختلف ملڪن ۾ ٺهيل سلزر انجڻ جا جھاز پڻ هلايا. انجڻ جو هر عضوو جيتوڻيڪ سئٽزرلينڊ جي اصلي معيار مطابق ٺاهيو ويو هو، پر منجهس اها ڳالهه نظر نه آئي ۽ اهي جھاز هلائڻ ۾ سمنڊ تي ڪافي دقت محسوس ٿي. اسپين ملڪ جي ٺهيل انجڻ ۾ وري به ڪو حال هو، پر يوگوسلاويا ۽ پولينڊ ۾ ٺهيل سلزر انجڻ وارن جھازن چڱو رت رئاڙيو ۽ پوءِ ڏهن پندرنهن سالن بعد مونکي هڪ دفعو وري سلزر انجڻ واري جھاز لاءِ اوساڪا موڪليو ويو، جنهن جي انجڻ لاءِ خبر پئي ته اها جپانين ٺاهي آهي. مونکي ڪا خاص اميد نه هئي ته جپانين ڇا ٺاهي هوندي، پر سائين! حيرت ٿي ته انهن سئٽزرلينڊ جي اوريجنل کان به نه فقط بهتر ۽ مضبوط ٺاهي هئي، پر ساڳي پاور جي باوجود سائيز به گهٽ رکي هئي. ان ڪري انجڻ روم ۾ ڊيوٽي ڪندي فرحت محسوس ٿيندي هئي.
هڪ ٻي ڳالهه ته اسان جي ملڪن ۾، نه ماڻهن کي ۽ نه سرڪار کي، عوام کي روزگار سان لڳائڻ جو فڪر رهي ٿو، پر جپان، چين، ويندي ملائيشيا جھڙن ايشيائي ملڪن ۾ به انهيءَ سلسلي ۾، عوام جو خيال رکيو وڃي ٿو. مونکي ياد آهي ته چين جي هڪ ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪو روزگار نه هو. حڪومت ولايت مان پنهنجن انهن ڪجهه چيني ماهرن کي گهرايو، جيڪي وهاڻا ٺاهڻ جا ماهر هئا ۽ ساڳي وقت ان ڳوٺ جي ماڻهن کي چيو ته توهان ٻيو ڪو ڪم نه ڪريو رڳو بدڪون پاليو. اڄ اهو ڳوٺ بدڪن جي گوشت کان مشهور آهي ۽ بدڪن جي کنڀن مان وهاڻا ٺاهي سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ڪيا وڃن ٿا. ان ڳوٺ ۾ اڄ ڪيتريون ئي کنڀن صاف ڪرڻ ۽ وهاڻا ٺاهڻ جون مشينون ۽ ڪارخانا آهن.
هاڻ اچون جپان تي. جپان جا جتي ڪجهه حصا ڳتيل آهن، اتي ڪجهه حصا گهٽ آدمشماريءَ وارا به آهن. جپان جي چئن ٻيٽن مان بلڪل اُتريون ٻيٽ هڪيدو ۽ ان بعد هونشو جو مٿيون حصو اوموري (Ao-Mori) پريفيڪچر ايترا آباد ناهن. سڄو جپان پريفيڪچرن (ننڍن صوبن) ۾ ورهايل آهي ۽ هر پريفيڪچر ۾ ضلعا آهن ۽ هر ضلعي ۾ ميونسپلٽيون آهن. جپان جي هونشو ٻيٽ جو هي اتريون پريفيڪچر “Ao-Mori” سارين جي پوک سبب مشهور آهي. شايد ان ڪري ان جو نالو ”اوموري“ آهي. او (Ao) معنيٰ ”سائو“ ۽ موري (Mori) معنيٰ ”ٻيلو“ يا ”جهنگل“. اوموري پريفيڪچر ۾ 8 ضلعا آهن، جن مان هر هڪ ۾ 5 ميونسپالٽيون آهن. اوموري جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ “اناڪاڊاٽي” (Anakadate) جيڪو اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي، ان بابت اسان او موري بندرگاهه ۾ رهي ڪري به ڪڏهن نه ٻڌو. 1993ع کانپوءِ هي 6000 کن غريب هارين جو ڳوٺ ”تامبو اتو“ سبب دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي. جنهن کي ڏسڻ لاءِ هر سال ٻه لک کن سياح اچن ٿا ۽ هن ڳوٺ جي هر گهٽي سياحن سان سَٿيل رهي ٿي.
تامبواتو (Tambo Ato) جپان ۾ سارين جي فصل جي آرٽ (Rice Paddy Art) کي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي شروعات جپان ۾ اناڪاڊاٽي ڳوٺ وارن ڪئي. هو مختلف رنگن جي پنن وارين سارين جي فصل ذريعي مختلف تصويرون ٺاهين ٿا. اسان وٽ ته سارين جي فصل جو رنگ سائو ٿئي ٿو، جيڪو سڪڻ تي هئڊو يا ناسي ٿئي ٿو، پر جپان ۾ هن ڳوٺ جي ماڻهن مختلف تجربا ڪري سائي پن سان گڏ ڳاڙهي، هئڊي، ويندي ڪاري ۽ اڇي رنگ جي پنن وارين سارين جا سلا ايجاد ڪيا آهن.
اناڪاڊاٽي ڳوٺ وارو علائقو گذريل ٻن هزار سالن کان سارين جي پوک سبب مشهور آهي ۽ هن ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهو سڀ هاري آهن، جن جو هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ گذر سفر ڏاڍو ڏکيو پئي ٿيو. حڪومت کين هڪ خاص قسم جو پارڪ به ٺهرائي ڏنو ته جيئن دنيا جا هتان لنگهندڙ سياح هتي ڪجهه دير ترسي پون ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي هوٽل ۽ ٽئڪسيون هلائڻ ذريعي ڪمائي ٿي سگهي. پر اهو ڪم هلي نه سگهيو. بلڪه هنن کي ان پارڪ جي ٺاهه جوڙ ۾ ئي وڏو خرچ اچي ٿي ويو ۽ هو هر سال قرضي ٿيندا پئي ويا.
منهنجي خيال ۾ اهو سال 1990ع يا 91ع هو جو هن ڳوٺ جي ماڻهن کي اها ڳالهه دماغ ۾ آئي ته ڇو نه ڪجهه ايڪڙن تي سارين جي فصل کي اهڙيءَ طرح رکيو وڃي، جو پري کان ڪنهن جي تصوير نظر اچي. هنن 1993ع ۾ پهرين تصوير ان علائقي جي جبل ”اِي واڪيءَ“ جي ٺاهي ۽ ان کي ڏسڻ لاءِ ان جي سامهون 22 ميٽر اتاهون قلعي نما ٽاور ٺاهيو، جنهن تي چڙهي سياح ڏسي سگهن. پهرين سال ايترا ماڻهو نه آيا، پر هاڻ ته هر سال وڌندا رهن ٿا ۽ هو هر سال مختلف شين جون تصويرون ٺاهين ٿا. جيئن: موناليزا، نيپولين، فيوجي جبل، گيشا ۽ مارلن مونرو، مومو تارو، Star Wars، شن گوڊزيلا وغيره.
هر سال اپريل جي مهيني ۾ اناڪاڊاٽي ڳوٺ جا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي فيصلو ڪندا آهن ته ڪهڙي نئين تصوير ٺاهجي ۽ پوءِ سارين جو ٻيجو پوکڻ کان اڳ اها تصوير پهرين ڪمپيوٽر تي ٺاهي وڃي ٿي ۽ پوءِ ڪمپيوٽر جي ان صفحي کي ننڍڙين ننڍڙين چوڪڙين ۾ ورهايو وڃي ٿو. ساڳي وقت زمين جي ٻن ٽن ايڪڙن (جن تي اها سارين جي ٻيجي ذريعي تصوير ٺاهڻي آهي) کي اوترين چوڪڙين ۾ ورهايو وڃي ٿو. پوءِ ڪمپيوٽر مطابق هر چوڪڙيءَ ۾ ان رنگ جي پنن واري ٻيجي کي ان تعداد ۾ ان هنڌ تي پوکيو وڃي ٿو. سال 2007ع ۾ اهو ڪم 700 ماڻهن گڏجي ڪيو هو. اڄ ڪلهه جپان جي هن ڳوٺ ۾ ان تصوير ٺاهڻ لاءِ 1500 چورس ميٽر زمين تيار ڪئي وڃي ٿي، يعني ڌرتيءَ جي فريم جي 450 ميٽر ڊيگهه رکي وڃي ٿي ۽ 35 کن ميٽر ويڪر. اهو ڪو ننڍو فريم نٿو ٿئي. 450 ميٽر اٽڪل اڌ ڪلوميٽر ٿئي ٿو. ۽ 1200 کان مٿي هاري ٻيجو هڻن ٿا.
وچ ۾ هن ڳوٺ جي ماڻهن کي اهو به خيال آيو ته ڇو نه تصوير جي هيٺان هڪ وڌيڪ زمين جي پٽي تيار ڪري ان تي سارين جي فصل مان جپان ايئرلائين، ڪنهن مشهور اخبار يا هوٽل جو لوگو ٺاهي، اشتهارن مان به پئسا ڪمايا وڃن. پر پوءِ ڳوٺ جي ميئر ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن ان ڳالهه کي پسند نه ڪيو ۽ اشتهار ٺاهڻ جو خيال ڇڏي ڏنو. سارين جي پوک جو آرٽ (تامبو اتو) ڏسڻ لاءِ سياحن جي سهولت لاءِ هن ڳوٺ جي ڀرسان تامبواتو اِڪي (Rice paddy Art station) نالي هڪ ريلوي اسٽيشن ٺاهي وئي آهي، جيڪا سال جا 8 مهينا (اپريل کان نومبر تائين) کليل رهي ٿي ۽ ريل گاڏي هيرو ساڪي شهر کان ڪورو اِشيءَ تائين هلندي سياحن کي هتي لاهي ٿي. ”تامبواتو ريلوي اسٽيشن“ هيرو ساڪيءَ کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
سارين جي رنگين فصل سان هر قسم جي تصوير اهڙي ته چٽي پِٽي ٺاهي وڃي ٿي، جو ڏسڻ وارا حيرت ۾ پئجيو وڃن. ڳوٺ جي ميئر ڪويو سوزوڪيءَ چيو ته، ”ڪيترا سياح ته اهو پڇندا آهن ته، ڇا سارين جي پنن کي بعد ۾ رنگ (Spray Paint) ڪيو وڃي ٿو؟!“...... دراصل ان ئي حيرت کي دور ڪرڻ لاءِ سياح هلي، پنهنجين اکين سان ڏسڻ لاءِ هتي اچن ٿا، ته ڪيئن ٻيجو، جيئن جيئن وڏو ٿئي ٿو، تيئن ان مان هڪ خوبصورت تصوير نمودار ٿيو وڃي؟!
ڳوٺ جي هڪ ماڻهوءَ ٻڌايو ته سارين جي پوک جو آرٽ ٺاهڻ ۾ هنن کان پهرين غلطيون به ٿيون.
”2003ع ۾ موناليزا جي تصوير لاءِ ٻيجو هنيوسين ته وچ ۾ ڪجهه ڳنيون وڌيڪ لڳي ويون ۽ پوءِ جڏهن فصل وڏو ٿيو ۽ موناليزا جي تصوير نمودار ٿي ته وچ ۾ ٿلهي ٿيڻ ڪري اها پيٽ سان لڳي رهي هئي. ان کانپوءِ اڄ تائين اسان ڪمپيوٽر جي مدد سان صحيح رنگ جو ۽ صحيح فاصلي تي ٻيجو لڳايون ٿا ۽ هر قسم جي تصوير اهڙي ته اصلي لڳي ٿي، ڄڻ ڪپڙي تي آئل پينٽ ٿيل هجي. هي نظارو ڏسڻ لاءِ اسان اڃان تائين ٽڪيٽ نه رکي آهي. پر ٽوئرسٽ جيڪي Donation ڏين ٿا، اهو ايترو ٿئي ٿو جو. خرچ پکو لاهڻ بعد اسان ڳوٺاڻن لاءِ به ڪافي بچت ٿيو پوي“. هُنَ وڌيڪَ ٻُڌايو شهر جي ميئر مسٽر سوزوڪيءَ کلندي چيو:
“We have no sea and no mountains, but what we do have plenty of is rice. We have to create a tourism industry using our own ingenuity”

جپان جا جڳ جهان کان نرالا ڀولڙا

جپان تي ڪيترائي سفرناما ۽ مضمون لکي چڪو آهيان، پر هر دفعي هتي جي ڀولڙن بابت لکڻ وسريو وڃي. هتي جا ڀورا ڏاڙهين وارا ڀولڙا جڳ جھان کان نرالا آهن. ائين ته پاڪستان کان ڏکڻ اوڀر طرف نڪربو ته انڊيا، سريلنڪا، بنگلاديش کان برما، ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ ڪمبوڊيا کان ويٽنام ۽ انڊونيشيا، بيهودن ۽ گدلن ڀولڙن سان ڀريا پيا آهن، جيڪي ماڻهن جي زندگي زهر ڪريو ڇڏين. ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ جتي مون ڏهه سال کن مئريٽائيم اڪيڊميءَ ۾ پڙهايو، اها سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ”ڪوالا سنگائي باروءَ“ ۾ هئي، جتي امن امان جي ايڏي ته سٺي حالت هئي، جو رات جو به ڪارن ۽ گهرن کي ڪنڍا نٿي هنياسين. پر ان هوندي به سڄي ڪئمپس کي لوهي ڪوڪن واري لوڙهي سان بچائي رکيو ويو هو. اچڻ وڃڻ جا در هر وقت بند رکيا پئي ويا. شل نه ڪو دروازو ڪڏهن کليل رهجي وڃي.... توهان سمجهندئو ته شايد چور يا ڌاڙيل گهڙي پوندا هوندا.... هرگز نه ! گهر جي ٻاهران رکيل نون بوٽن ۽ ٻارن جي رانديڪن کي به ڪنهن هٿ نه پئي لاتو. دراصل سڄي ملائيشيا ۾ ڀولڙن جو وڏو آزار آهي ۽ اسان جي پاسي ته جهنگل هجڻ ڪري ڀولڙن جا ولر، ڪڏهن ته هڪ سئو کان به مٿي، اندر ڌوڪي ايندا هئا ۽ گهرن ۾ ،خاص ڪري بورچيخاني مان کاڌي پيتي جو شيون ڪڍي ڪٻٽن ۽ فرجن کي خالي ڪري ويندا هئا. ڏسڻ ۾ ملائيشيا جا ڀولڙا هجن يا انڊيا ۽ سريلنڪا جا، هو بيحد گدلا، لالچي ۽ خوفائتا لڳن ٿا. انهن جي مقابلي ۾ جپان جا ڀولڙا صاف سٿرا، بهتر شڪل شبيهه وارا ۽ فضيلت وارا مڃيا وڃن ٿا.
هڪ ڏينهن جپان جي شهر ”فڪو اوڪا“ جي هڪ پارڪ ۾ اڪيلو ويٺو هوس. رستي تان لنگهندڙن ۽ پارڪ ۾ ايندڙ ماڻهن ۽ چوڌاري وڻن ٽڻن، ٻوٽن ۽ اڏامندڙ پکين کي پئي ڏٺم. ڪيترا ئي پکي ته پٽ تي اسان جي پيرن اڳيان چُڳي رهيا هئا. دل ۾ چيم ته قدرت جپان کي نه صرف سٺا نظارا ڏنا آهن، پر پکي پکڻ پڻ. اسان وٽ ته ڳوٺن ۾ وڃ ته اتي به رڳو غير رومانوي پکي - ڪانگ ۽ ڪٻرون نظر اچن ٿيون. وڌ ۾ وڌ سليٽي رنگ جا پاريهر. پر پوءِ مون کي ياد آيو ته ننڍي هوندي يعني اڄ کان سٺ ستر سال اڳ 56-1955ع ڌاري پنهنجي انبن جي باغ ۾ ويندو هيس ته ڪيترائي سهڻا پکي: چانهه، ڳيرا، هوڙها، ويندي تتر نظر ايندا هئا. ساوا چَتون ته ايترا هوندا هئا، جو انبن جي موسم ۾ انهن کي هڪلڻ لاءِ خاص ماڻهو رکڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن پنهنجي سڀ کان جهوني هاريءَ کان طوطن جو پڇيم. جواب ۾ وراڻيائين: ”سائين! پاڻ واري پراڻي ڪمدار جي پوٽي سڀ طوطا دبئيءَ موڪلي ڇڏيا. هاڻ ڪو سائو کنڀ به نظر نٿو اچي“.
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هن ٻڌايو ته هن نينگر ۽ سندس ساٿين، وڻن جي پورن ۾ رهندڙ طوطا ته ڇا، انهن جا ٻچا به ڦاسائي، واپارين کي وڪڻي ڇڏيا. جن کان دبئيءَ جا عرب گهرائين ٿا.
واقعي توهان دبئيءَ يا ابو ڌابيءَ وڃو ۽ اتي توهان جو ڪو عرب سڃاڻو توهان کي پنهنجي رهائش وارن علائقن ۾ وٺي هلي، ته توهان کي حيرت ٿيندي، ته ڪيڏي وڏي تعداد ۾ طوطن جھڙا رنگين پکي، ويندي ڀورا ۽ ڪارا تتر بي خوف ٿي روڊ تي ٽلي رهيا آهن. عرب پاڻ ته اسان جي ملڪ ۾ اچي تترن، ڪونجن، آڙين جو شڪار ڪري ڳوڻيون ڀريو وڃن پر توهان اتي هڪ تتر به ته جهلي ڏيکاريو، يا ان کي ڀتر پٿر هڻو، جيل سان گڏ ڳرو ڏنڊ سزا طور آهي.
فڪو اوڪا (جپان) جي پارڪ ۾ اهي ڳالهيون ويٺي سوچيم ته ٻه ڪانگ اچي لٿا.
”ٺهيو، چئبو ته جپان ۾ ڪارا ڪانگ به آهن“. مون دل ۾ سوچيو ۽ غور سان ڏٺم ته جپان جا ڪانگ نه فقط ڪارا آهن، پر ڪجهه وڌيڪَ ئي ڪارا آهن. ان سان ملندڙ جلندڙ ڪارا ڪانگ مون ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪوئيٽا ۾ ڏٺا هئا. جپاني ڪانگ پنهنجي چال مطابق ڇٻر تي واڪ ڪرڻ لڳا. ڪجهه ٻار به هئا جن جي هٿن ۾ ڪيڪن، بسڪوٽن جون پُڙيون هيون. مون سمجهيو هي ڪانگ ٻارن کان شيون کسيندا. پر ائين نه ٿيو. ڪنهن ٻار ڪا شيءِ کين اڇلي ڏني ٿي، ته هنن کاڌي ٿي، نه ته نه. سو اهڙيءَ طرح مون کي جپان جا ڀولڙا به لڳا، تڏهن ته مون هنن کي فضيلت وارو لکيو آهي، نه ته جيڪي ڀولڙن جا نسل مون ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ ڏٺا آهن، ٿائلينڊ ۽ بنگلاديش ۾ ڏٺا آهن، سريلنڪا ۽ انڊيا جي ٻن ٽن شهرن ۾ ڏٺا آهن، اهي ته توبنھه زاريءَ جھڙا آهن.
جھاز جي هڪ جهوني همراهه چيو ته سخت سيءَ جي ڪري جپان جا ڀولڙا گهڻا مستي خور ۽ دانهون ڪرڻ وارا ناهن، جيئن ناروي، سئيڊن، فنلينڊ جھڙن ملڪن ۾ توهان ڪڏهن ماڻهن يا ٻارن کي گهڻو ڳالهائيندي يا رڙيون ڪندي ڏٺو آهي؟ ڪنهن ڪتي کي ڀوڪندي ڏٺو آهي؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپاني ڀولڙا جن کي برفاني ڀولڙا يا ”نھان زارو“ (Nihonzaru) سڏجي ٿو، جپان جي فقط اُترين ۽ ٿڌن علائقن ۾ نظر اچن ٿا، جتي زمين برف جي تهه سان ڍڪيل رهي ٿي. ”نھان“ جي معنيٰ ”جپان“ يا ”جپاني“ آهي ۽ ڀولڙي کي جپاني ٻوليءَ ۾ ”سارو“ (Saru) سڏجي ٿو، جيڪو لفظ ”نھان“ سان لڳائڻ سان ”زارو“ ٿيو پوي، جيئن نديءَ کي جپانيءَ ۾ ”ڪاوا“ (Kawa) سڏجي ٿو، پر سندس اڳيان ڪنهن نديءَ جو نالو لڳائڻ سان اهو لفظ ”گاوا“ (Gawa) ٿيو پوي. جيئن ٽوڪيو مان لنگهندڙ ”سميدا“ نديءَ کي جپاني ”سميدا گاوا“ سڏين ٿا.
جپاني ڀولڙي جي جسم تي اُٺَ جي ڏاس جھڙي ڀوري بَج (Fur) ٿئي ٿي، جيڪا هن کي سيءَ کان بچائي ٿي. سندس منهن ڳاڙهي يا گلابي رنگ جو ۽ پڇ تمام ننڍڙو ٿئي ٿو. تور ۾ نر ساڍا يارهن ڪلو ۽ مادي ساڍا اٺ ڪلو ٿئي ٿي. نر ماديءَ کان ٻه فُٽَ کن قداور ٿيندو. ٻنهي جي جسم جو پٺيون حصو به سندن چهري وانگر ڳاڙهي يا گلابي رنگ جو ٿئي ٿو. عام جانورن لاءِ ٿڌ ۾ رهڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي، پر هي جپاني ڀولڙا ڪاٽو 20 ڊگريءَ ۾ به آرام سان رهيو وڃن. هي ڀولڙا وڻن تي به رهن ٿا ته زمين تي به. تارون پڻ سٺا آهن ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾ به هڪ ئي وقت اڌ ڪلوميٽر تريو وڃن.
مادين (ڀولڙين) کي پنهنجي صحت صفائيءَ جو وڏو خيال رهي ٿو. هو هر وقت پنهنجن وارن کي پيون ٺاهينديون ۽ پنهنجي ۽ ٻئي جي جسم مان جُوئون ڪڍندي نظر اينديون. ڪنهن زماني ۾ بئنڪاڪ جي ندي ”چائو فاريا“ مان لنگهبو هو ته ڪناري وارن گهرن ۾ رهندڙ ڇوڪريون، گهر جي درياهه واري پاسي جي دِڪين تي قطار ۾ ويهي هڪ ٻئي جون جُوئون ڪڍندي نظر اينديون هيون. هي ڀولڙا به مون کي ٻن يا ٽن جي ٽولين ۾ ويٺل، جوئون ڪڍندي نظر ايندا آهن.
ڀولڙو جپاني دنيا ۾ ادب، لوڪ ڪهاڻين، پهاڪن، اصطلاحن، شاعريءَ ۽ مذهب ۾ تمام گهڻو نظر اچي ٿو. ويندي مندرن ۾ ڀولڙن جا مجسما نظر اچن ٿا.
وچ جپان جي پريفيڪچر ٽوچي گي (Tochigi) جي هڪ شهر نيڪو (Nikko) ۾ جپان جو هڪ آڳاٽو مندر ”ٽوشوگو“ (Toshogu) آهي، جنهن ۾ توڪو گاوا سلطنت جي پهرين حاڪم جو مقبرو آهي. هي مندر سندس ياد ۾ سندس پٽ 1617ع ۾ ٺهرايو. جپان تي توڪو گاوا گهراڻي جو 1603ع کان 1867ع تائين راڄ رهيو، جنهن دؤر ۾ گاديءَ جو شهر ”ايڊو“ رهيو، جيڪو هاڻ ٽوڪيو سڏجي ٿو. هن مندر ۾ پنج ماڙ پگوڊا آهي. پنج ماڙيون قدرت جي پنجن شين جي نمائندگي ڪن ٿيون، جيئن: هوا، پاڻي، زمين، باهه ۽ طوفان. هن مندر ۾ ٽن ڀولڙن (San Zaru) جو مجسمو آهي. جيڪي ”ٽي عقلمند ڀولڙا“ سڏجن ٿا، جن جا نالا آهن، ڪِيڪا زارو، مِي زارو ۽ اِيوا زارو. جن مان هر هڪ ”نه خراب ڳالهه ٻڌي ٿو، نه خراب ڳالهه ڪري ٿو ۽ نه خراب ڳالهه ڏسي ٿو“.
نيڪو شهر جي توشوگو مندر ۾ هي “Hear no evil, See no evil & Speak no evil” وارا ڀولڙا ڏسي مون کي حيرت ٿي جو انهن ڀولڙن (Wise Monkeys) جي ان واعظ بابت مون مهاتما گانڌيءَ جي تقريرن ۽ لکڻين ۾ پڙهيو هو. مون سمجهيو اها گانڌيءَ جي چوڻي آهي ته ”برو نه ٻڌو، برو نه ڏسو ۽ برو نه ڳالهايو“. پر هن مندر ۽ ڀولڙن جي مجسمي جي ٺهڻ جو سن ڏسي لڳو ته، مهاتما گانڌي ٿي سگهي ٿو هتي جپان آيو هجي يا هن هنن عقلمند ڀولڙن جي نصيحت ڪنهن کان ٻڌي هجي، جو هي مندر ۽ ڀولڙا 400 سال پراڻا آهن ۽ گانڌيءَ جي انهن تقريرن کي 100 سال به نه ٿيا آهن. هونءَ ڀولڙن جا مندر جپان ۾ ٻيا به ڪيترائي آهن. هڪ ته ٽوڪيو جي جديد علائقي اڪاساڪا ۾ هيئي (Hie) مندر آهي. هي مندر “سان نو” نالي هڪ خيالي پهاڙي بادشاهه گان گين کي منسوب ٿيل آهي. ”سان نو“ (Sanno) بادشاهه جا نياپا پهچائيندڙ ڀولڙو آهي. ان ڪري هن مندر ۾ ڀولڙن جا مجسما رکيل آهن ۽ انهن جي مورتين جا ڇپيل Ema (تعويذ) ملن ٿا. جپانين جو چوڻ آهي ته هنن ڀولڙن جي پوڄا پاٺ سان شادي پرسڪون رهي ٿي ۽ ويم ۾ به آساني رهي ٿي.
جپاني ادب ۾ ڪيترائي شعر ۽ پهاڪا ڀولڙن تي آهن جيئن ته: “Saru mo ki kara ochiru” (ويندي ڀولڙا به وڻن تان ڪري سگهن ٿا).
ڀولڙا سڄو ڏينهن هڪ وڻ کان ٻئي ڏي ٽپ ڏيندا رهن ٿا. انهيءَ ڪم ۾ هو هوشيار آهن، پر ههڙا ماهِرَ به ڪڏهن ڪڏهن ٽپ ڏيندي وڻ تان ڪريو پون. يعني غلطي هر هڪ کان ٿي سگهي ٿي.هڪ جپاني چوڻي آهي: “Saru wa keg a sanbon” (ڀولڙو هڪ ماڻهو ئي آهي بس ان کي کڻي ٽي چڳون وارن جون گهٽ آهن).
ڪنهن جي خراب تعلقات لاءِ جپانيءَ ۾ چيو ويندو آهي:“Kenen non naka” (ڪتي ۽ ڀولڙي وارا تعلق اٿن).
پاڻ وٽ هڪ چوڻي مشهور آهي ته مينهن چوي ڍڳيءَ کي ”هل ڙي پڇ ڪاري“ يعني پاڻ کي نه ڏسڻ پر ٻين تان کلڻ. جپانيءَ ۾ ان جھڙي چوڻي آهي ته: “Saru no Shiri warai” (ڀولڙو ٻئي جي پٺ تي کلي رهيو آهي).
دراصل جپاني ڀولڙن، نرن ۽ مادين جي پٺ ڳاڙهي ٿئي ٿي.
جپان جي هڪ مشهور شاعر مئتسو باشوءَ جو هڪ تمام گهڻو مشهور هائيڪو آهي. جيڪو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي:

Hatsu Shigure
Saru mo komicno
Wo hoshinge Nari
پهريون مينهن جو وسڪارو
لڳي ٿو ته ڀولڙي کي به گهرجي
ڪکن جو هڪ ڪوٽ

جپاني ٻارن جي ڪيترين ڪهاڻين ۾ ڀولڙي جو ذڪر اچي ٿو، پوءِ ڪٿي اهو دوست ۽ مددگار جي حيثيت ۾ آهي، جيئن ”مومو تارو“ ڪهاڻيءَ ۾.... ڪن ۾ ڀولڙو ٻين کي تنگ ٿو ڪري ۽ تڪليف ٿو پهچائي، جيئن کيکڙي جي ڪهاڻي “Saru kani gassen” ۾ ڀولڙو ڀت تان کيکڙي سان وڙهي ٿو. ”مومو تارو“ ڪهاڻيءَ واري ڇوڪري جو اوڪاياما ريلوي اسٽيشن اڳيان وڏو مجسمو به ٺهيل آهي، جيڪو پنهنجن دوستن: ڀولڙي، ڪتي ۽ ولائتي ڪڪڙ (فيزنٽ) سان گڏ ڏيکاريل آهي.

ڪمونو- جپان جو روايتي لباس

ڪيترائي ملڪ پنهنجي روايتي لباس سبب مشهور آهن، پر وقت سان گڏ اڄ جي دؤر ۾ ان ۾ به تبديلي اچي وئي آهي. پهريون دفعو انڊيا وڃي رهيو هوس ته مون سمجهيو ته سڀ نه، ته به ڪيترائي ماڻهو، مرد ڌوتين ۾ نظر ايندا ۽ عورتون ساڙهين ۾. پر اتي پهچي فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڌوتين وارن کي ڳوليندو رهيس. ڪو هڪ ٻه مندرن وٽ نظر آيو ٿي، نه ته سڀ مغربي لباس پتلون ۾ هلي رهيا هئا. اهڙيءَ طرح انڊيا ۾ عورتون ساڙهين بدران شلوار قميص، اسڪرٽ ۽ پتلون ۾ نظر اچن ٿيون. اسان وٽ ڪنهن زماني ۾ 1960ع واري ڏهاڪي کان اڳ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جھڙن وڏن شھرن ۾ ڪيترائي مرد پاجامن ۾ ۽ عورتون ساڙهين ۾ نظر اينديون هيون، پر هاڻ مرد توڙي عورتون شلوار قميص ۾ نظر اچن ٿا ۽ نوڪرين وارا مرد پتلونن ۾. ڪي ڪي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جھڙا ملڪ آهن، جتي عورتون پنهنجي قومي لباس ”باجو ڪرونگ“ ۾ نظر اچن ٿيون. يعني مٿان بشرٽ جھڙو بلائوز ۽ هيٺ گوڏ (سرونگ)، پر اتي به مرد گهڻو ڪري مغربي لباس پتلون ۾ نظر اچن ٿا. اهو آهي، ته ملائيشيا وارن پنهنجي لباس باجو ڪرونگ کي وقت سان گڏ وڌيڪ ماڊرن، خوبصورت ۽ اوچي ڪپڙي جو ڪيو آهي ۽ ڏسڻ واري کي اها ڊريس سهڻي لڳي ٿي ۽ ٽائيٽ فٽنگ ۾ ملئي ڇوڪريون سمارٽ لڳن ٿيون، نه ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن پهريون دفعو ملائيشيا آيو هوس، ته ملئي ڇوڪريون شڪل شبيهه ۾ به ائين هيون ۽ سندن هيءُ لباسُ، هڪ عام گوڏ ۽ هٿ سان سِبيل گنجيءَ جھڙي قميص هيو، جيڪو اسان وٽ اڄ به ٻهراڙيءَ جا غريب مرد هاري پائين ٿا.
هونئن ڊريس جي معاملي ۾ جپان جي ڇوڪرين جو لباس ”ڪمونو“ دنيا ۾ بهترين مڃيو وڃي ٿو. سهڻن رنگن واري اوچي ڪپڙي جي لباس ۾ هو سڀني جي نظرن لاءِ ڪشش رکن ٿيون. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جپان پئي ويس ته سوچيو هوم ته جپاني ڇوڪرين جا سندن هن خوبصورت لباس (ڪمونو) ۾ ڪيترائي فوٽو ڪڍندس. پر نگويا، ساسيبو، وڪاياما توڙي ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما جھڙن وڏن شھرن ۾ به ڪمونو پهريل جپاني ڇوڪريون نظر نه آيون. ڪنهن ڪنهن ڏينهن ڪٿي ورلي ڪا ڇوڪري پري کان گذرندي نظر آئي هوندي، نه ته سڀ مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي جوان مغربي لباس قميص پتلون ۽ اسڪرٽ ۾ نظر آيا.
ڪنهن چيو ته ڪمونو ۾ ملبوس جپاني ڇوڪرين کي ڏسڻو آهي ته، ڪيوٽو شهر وڃجي، ۽ پوءِ منهنجو جڏهن جپان جي هن تاريخي شهر ڪيوٽو ۾ ٽرين رستي وڃڻ ٿيو ته اتي ٻڌايائون ته ڪمونو ۾ جپاني ڇوڪرين کي ڏسڻو آهي ته، ان لاءِ هن شهر ڪيوٽو جي ”گيان اسٽريٽ“ تي وڃڻو پوندو.
ڪيوٽو جي گيان اسٽريٽ گيشائن ۽ انهن جي سيکڙاٽن مائيڪوئن جي ڪري مشهور آهي. پر اتي به، توهان جي خوش نصيب آهيو ته، ان وقت ڪا هڪ ٻه چهل قدميءَ لاءِ نڪتل گيشا يا مائيڪو نظر اچيو وڃي، جنهن سان توهان تصوير ڪڍرائي سگهو ٿا. ها البت ڪڏهن ڪڏهن جپان جي ڪنهن شهر جي هوٽل ۾ شاديءَ جي دعوت ۾ توهان کي ڪمونو واريون جام جپاني ڇوڪريون ملي سگهن ٿيون يا وري جپان جي ڪن خاص ڏينهن تي هي ڪمونو ۾ نظر اچن ٿيون. يعني جپان جو هيءُ روايتي (Traditional) لباس هاڻ هڪ قسم جو فارمل لباس ٿي پيو آهي، جيڪو هو عيد براد وارن ڏينهن يا شادين مرادين ۾ پائين ٿيون. ان جو سبب اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو ته گهڻي ڪپڙي جي ڪري اهو لباس ڳرو ٿئي ٿو ۽ هلڻ واري جي چال سست رهي ٿي. ان کان علاوه ڪمونو اڪيلي سر پهرڻ مشڪل ڳالهه آهي. ان لاءِ ٻئي جي مدد جي به ضرورت پوي ٿي ۽ ان تي ڪافي وقت لڳي ٿو. ان کان علاوه سياري ۾ ته صحيح آهي، پر هي ڪمونو ايڏو ته ڳرو ۽ گهڻن تهن وارو ٿئي ٿو جو گرميءَ ۾ پگهر وڃيو کڙيون کڻن. ڪمونو جا به ڪيترائي قسم آهن ۽ سڀ مهانگا ٿين ٿا. ڪي ته ڏهه کان ويهه هزار ڊالرن يعني ڏهه کان ويهه لکن رپين جي ملهه جا ٿين. ڪمونو جھڙو هڪ هلڪو ڪمونو به ٿئي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري مرد پائين. اهو يوڪاتا (Yukata) سڏجي ٿو.
ڪمونو تي لکڻ ان ڪري ياد اچي ويو جو گذريل دفعي ڪيوٽو ويس، ته اهو ڏسي حيرت ٿي، ته جتي ڪٿي جپاني ڇوڪريون ته ڇا ڪجهه يورپي ۽ آمريڪي ڇوڪريون به ڪمونو ۾ گهمي رهيون هيون. جنهن مندر، ميوزم يا پارڪ ۾ وڃان ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ڳرا ڪمونا پائي پسار ڪري رهيون هيون. آخر هڪ مقامي واقفڪار کان پڇيم: ”خير ته آهي. هي انقلاب ڪيئن اچي ويو آهي؟“.
هن ٻڌايو ته ڪيوٽو شهر جي ميئر ڪمونو پائڻ جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ (جيئن سياح جپاني لباس ڪمونو ڏسي سگهن)، اعلان ڪيو آهي ته 15 ڏينهن لاءِ جيڪا ڇوڪري ڪمونو پائي شهر ۾ نڪرندي ان لاءِ بس ۽ ٽرين ۾ سفر مفت ۽ ان کان علاوه جنهن به مندر، پارڪ، چڙيا گهر يا ميوزيم ۾ ويندي ته هن کي ٽڪيٽ جا پئسا نه ڏيڻا پوندا. سو ان چڪر ۾ نه فقط جپاني ڇوڪريون پر ڌارين ملڪن جون آيل سياح يا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون به ڪمونو پائي سڄي شهر ۾ مفت جا چڪر پيون هڻن. اها آفر ڌارين ڇوڪرين لاءِ به رکي وئي آهي.
هڪ فرينچ ڇوڪريءَ کي ڪمونو ۾ ڏسي پڇيومانس: ”اهو ڪمونو ڪٿان هٿ ڪيئه؟! ضرور ڪنهن جپاني ڪلاس ميٽ يا ساهيڙيءَ کان ورتو هوندءِ؟!“.
”نه. اهو مون ۽ منهنجي انگريز ساهيڙيءَ گڏجي مسواڙ تي ورتو آهي. اڌ ڏينهن هوءَ پائي ڪيوٽو جو سير ڪندي آهي ته اڌ ڏينهن آئون.“
ڪيوٽو ۾ هر قسم جا ڪمونو به مسواڙ تي ملن ٿا. هنن ٻڌايو ته، جيڪو سادي قسم جو ڪمونو هنن ٽن ڏينهن لاءِ مسواڙ تي ورتو هو، ان جي روز جي مسواڙ 3000 يين آهي. ”روز ڏيڍ هزار يين آئون ڏيان ۽ ڏيڍ هزار يين هوءَ. ڏيڍ هزار ته ٻن مندرن ڏسڻ جي ٽڪيٽ آهي. اسان نه رڳو بسن ۽ ريل گاڏين ۾، ڪيوٽو ضلعي ۾ مفت جا چڪر ڏئي رهيون آهيون، پر ڪيترائي مندر، ميوزيم ۽ پارڪ به ڏسي رهيون آهيون. ٻي بجي تائين هوءَ ٿي پائي، ان بعد هي چوغو آئون چاڙهي، رات جو ڏهين تائين چڪر تي ٿي نڪران“.

جيئڻ به مشڪل ته مرڻ به مشڪل

جپان ۾ سالن کان وڃڻ ٿيندو رهيو، پر ڪڏهن جپاني ماڻهن جو قبرستان ڏسڻ جو موقعو نه مليو. پهريون دفعو مون فڪوڪا جو قبرستان ڏٺو. فڪوڪا ضلعي جي ڪوڪورا شهر ۾، پنهنجي ڌيءَ وٽ رهيل هوس، ته هڪ ڏينهن هن جي پوڙهي پاڙيسرياڻي پنهنجي پيءُ جي قبر تي وڃي رهي هئي، سو آئون به هن سان روانو ٿيس. جپاني قبرستان به يورپ جي ملڪن جي قبرستانن وانگر لڳن ٿا. صاف سٿرا، گهاٽي وڻڪار، ويهڻ لاءِ اوسي پاسي ۾ رکيل بلاڪ ۽ بينچون، قبرن جي وچ ۾ هلڻ لاءِ پڪو يا سرن وارو رستو. اسان جي پاڙيسرياڻيءَ قبرستان کان اڳ واري بس اسٽاپ وٽ دڪانن مان هڪ تان بالٽي ۽ مڳ ورتو ۽ ٻئي تان ڪنهن وڻ جي ٽي فٽ کن ڊگهي چڪي. مون سمجهيو ته هن اهو سامان گهر لاءِ ورتو آهي، جيتوڻيڪ مونکي اها حيرت ضرور ٿي، ته پنهنجي پاڙي جي ڪنهن ڊپارٽمينٽل اسٽور تان وٺڻ بدران، هن اهو سامان ٽيهه ميل پري هتان ٻهراڙيءَ جي هڪ دڪان تان اچي ورتو آهي، جتي قبرستان هيو. پر پوءِ مون ڏٺو ته اهو سامان ڪار ۾ رکڻ بدران قبرستان اندر کڻي هلي. قبرستان جي منهن وٽ لڳل هٿ جي نلڪي مان بالٽيءَ ۾ پاڻي ورتائين، پوءِ اها کڻي پنهنجي پيءُ جي قبر تي آئي، جتي اڳ جو لڳل ٻوٽو (جيڪو پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي ويو هو) ڪڍي هي ٻيو هنيائين. بالٽيءَ مان ٻه چار مڳ ڀري هن نئين ٻوٽي کي ڏنا ۽ باقي پاڻي پٿر جي ٺهيل قبر ۽ ان جي پاسي کان لڳل ڪتبي مٿان هاري ان کي هٿ سان ڌوتائين. ان بعد پاڻ سان آندل ننڍي ٽوال سان آلي ٿي ويل قبر کي سڪايائين. قبر جي مٿان ٺهيل دٻيءَ ۾ ليئو پائي ڏٺائين، جنهن ۾ فقط سندس ڪارڊ هو، جيڪو هن گذريل سال رکيو هو. ڏکويل چھري سان هن اهو مينهن ۾ پسيل ۽ پراڻو ٿي ويل ڪارڊ کنيو ۽ ان جي جاءِ تي نئون رکيو.
“Kana Shii desuka?” (تون ڇو غمگين لڳي رهي آهين؟) مون پڇيو.
”بس اهو ئي سوچي رهي آهيان ته سڄو سال گذري ويو، بابا جي قبر تي نه ڪا ڀيڻ آئي نه ڀاءُ ۽ نه وري انهن جو اولاد .... نه ته انهن جو ڪارڊ (وزٽنگ/بزنيس ڪارڊ) ضرور هجي ها .... آخر بابي جي قبر ڪنهن کي ته صاف ڪرڻ کپي .... ان تي وڻ جي تازي ٽاري يا ٻوٽو هڻڻ کپي“. ۽ پوءِ ٿورو ساهه پٽي چيائين: ”حقيقت اها آهي ته پڄي ته مونکان به نٿو“.
هر ملڪ، هر مـذهب ۾ پنهنجا پنهنجا رواج ۽ رسمون آهن. جپانين وٽ اهو آهي ته هو چاهيندا آهن ته، سندن پيارن جون قبرون صاف سٿريون رهن. آئون ڀر واريون قبرون ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيس، تيسين هيءَ مائي پنهنجي پيءُ جي قبر وٽ ويهي پاڻ سان ٿرماس ۾ آندل ڪافي پيئڻ لڳي. آئون قبرن تي لڳل ڪتبا ڏسڻ سان گڏ انهن مٿان رکيل دٻيءَ ۾ هٿ وجهي ڏسڻ لڳس ته ورلي ڪنهن ۾ هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ڪارڊ نظر آيا، نه ته اڪثر خالي هيون .... يعني انهن قبرن تي وڏي عرصي کان، ان ۾ دفن ٿيل جو ڪو مائٽ مٽ يا دوست يار نه آيو هو. اتي قبرستان جي گيٽ مان هڪ ٽِپ ٽاپ نوجوان عورت داخل ٿي ۽ سڌو ئي سڌو ان قبر تي اچي بيٺي، جنهن تي هوءَ ضرور پهرين به ايندي رهندي هوندي. وقت پاس ڪرڻ، يا تجسس خاطر يا شايد خبر چار خاطر، جيئن هن مان ڪا اهڙي ڳالهه نڪري سگهي، جيڪا مونکي لکڻ لاءِ مواد مهيا ڪري .... آئون اڳتي وڌي هن جي ويجهو اچي بيٺس. هن قبر جي مٿان رکيل گلدستي مان پراڻا گل ڪڍي، پاڻ سان آندل گل ۽ پاڻي ان گلدستي ۾ وڌو. ان بعد قبر جي چوڌاري ڦٽي آيل گاهه کي ڪڍيو ۽ پوءِ پنهنجي ٿيلهي مان اگربتي ڪڍي ان کي ٻاريو. مون سمجهيو ته هوءَ ان قبر جي ڀرسان ويهي پنهنجي هن ويجهي عزيز کي ياد ڪندي يا هن جي لاءِ پنهنجي زبان ۽ پنهنجي طريقي موجب دعا گهرندي، پر ڪجهه به نه!.... هن ٻڌايو ته هن جي ڇهه مهينا اڳ دفن ٿيڻ بعد هوءَ هِتي ڇهه دفعا کن حاضري ڀري چڪي آهي. مون سنئون سڌو اهو ته نه پڇيومانس، ته هن ۾ تنهنجو ماءُ پيءُ يا مڙس دفن ٿيل آهي پر ڪجهه گهٻرائيندي فقط اهو سوال ڪيومانس ته ”هن ۾ ڪير آهي؟“.
هن پنهنجو چشمو صحيح ڪندي ۽ ٿيلهي کي ڳچيءَ ۾ لڙڪائي واپس ورڻ جي ڪئي ۽ منهنجي سوال جي جواب ۾ صاف انگريزيءَ ۾ چيو: ”مونکي ڪهڙي خبر؟ مونکي ته اهو به اندازو ناهي ته هن ۾ مرد آهي يا عورت“.
مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ مونکي حيرت کائيندو ڏسي هن وري پنهنجو ٿيلھو کوليو ۽ ان مان پنهنجو بزنيس ڪارڊ ڪڍي منهنجي حوالي ڪيو. ”آئون ’هنا نو سان‘ ڪمپنيءَ جي ملازما آهيان“. اهو چئي هوءَ رواني ٿي وئي.
ڪارڊ ڪجهه ڪانجي (شڪلين وارن) ۽ ڪجهه هراگانا (اُچارن وارن) جپاني اکرن ۾ لکيل هو. آئون هراگانا مان فقط ايتري اندازو لڳائي سگهيس ته هوءَ گلن وڪڻڻ واري هئي، جنهن جو فڪوڪا شهر ۾ دڪان هيو.
ڪارڊ پنهنجي پاڙيسرياڻيءَ کي اچي ڏيکاريم. تنهن ٻڌايو ته، ”هي واقعي گل وڪڻڻ واري ڪمپنيءَ جو دڪان آهي، جنهن تي اها عورت نوڪري ڪري ٿي. هي دڪان (يا هيءَ ڪمپني) اجوري تي ماڻهن جي قبرن جي هر مهيني سار سنڀال لهي ٿي. جپان جا ڪيترائي وڏا ماڻهو (آفيسر، واپاري، ڪارخانيدار) ايڏو مشغول آهن، جو هنن کي سال ۾ هڪ دفعو به واندڪائي نٿي ملي جو پنهنجي ماءُ، پيءُ يا ڪنهن ويجهي عزيز جي قبر تي اچن. پوءِ هو انهن (هن دنيا مان ڪوچ ڪري وڃڻ وارن) جي روح کي خوش ڪرڻ لاءِ هن قسم جي ڪنهن ڪمپنيءَ جون خدمتون حاصل ڪن ٿا“.
اهو چئي هن وري ڪارڊ کي غور سان ڏٺو ۽ چيو: ”آئون به سوچيان ٿي ته کڻي هن ڪمپنيءَ کي هائر ڪريان ته هو بابي جي قبر جي به سار سنڀال لهن، باقي مونکان ته سال ۾ هڪ دفعو اچڻ به نه ٿو پڄي“.
”پوءِ ته هن ڪارڊ واري مائيءَ کي هينئر ئي کڻي فون ڪر“.چيومانس.
”نه الطاف سَان (مسٽر)“. هن ڪارڊ مونکي موٽائيندي چيو، ”آئون غريب ماڻهو آهيان. هنن جي ان سروس (ڪم) جي في ڏاڍي ڳري آهي“.
”تنهنجي خيال ۾ ته ڇا هوندي؟“. پڇيومانس.
”هيءَ ايڏي وڏي ڪمپني ناهي ته به هن جھڙيون ڪمپنيون هڪ وزٽ جا ڏهه هزار يين (اٽڪل ڏهه هزار رپيا) وٺن ٿا يا پئڪيج جا 120,000 يين (يعني سوا لک رپيا) وٺن ٿا، جنهن ۾ هنن جو ماڻهو سال ۾ چوڏهن دفعا قبر تي حاضري ڀري قبر جي صفائي ڪندو ۽ گلدستي ۾ نئون پاڻي ۽ پلانٽ (گل يا ڪو ٻوٽو) رکندو“.
واپسيءَ تي اهو ئي سوچيندو آيس ته ڇا زمانو اچي ويو آهي .... بلڪه هن قوم ”جپانين“ سان همدردي محسوس ڪندو رهيس ته هي ويچارا عجيب ويڌن ۾ اچي ويا آهن .... هڪ طرف گهڻي کان گهڻو روزگار ڪمائڻ جي چڪر ۾ ايڏو ته مصروف رهن ٿا، جو ماڻهو هنن کي “Workholic” سڏين ٿا .... يعني هنن جي دماغ تي هر وقت ڪم، ڪم ۽ ڪم سوار آهي. هنن جا هفتي جا ست ئي ڏينهن سخت پورهئي ۾ گذرن ٿا. ساڳي وقت هو پراڻيون رسمون رواج ۽ زندگيءَ جا قدر به نه ٿا ڇڏڻ چاهين .... هو مري جهري به اهي ساٺَ سنوڻ ۽ ريتون رسمون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن کان هلندا اچن.
سڄي واٽ مونکي ماٺ ۾ ڏسي گهر وٽ لهڻ وقت منهنجي پاڙيسرياڻيءَ چيو: ”مسٽر الطاف! سچ ٻڌاءِ ڇا پيو سوچين؟.... تون پڪ اڄ جي هن واقعي بابت سوچي رهيو هوندين“.
هن بلڪل صحيح اندازو لڳائي ورتو هو. چيومانس ته، اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته:
“Your generation is caught between a busy work schedule and a sense of obligation to pay respect to your deceased loved ones.”
جپانين جون اهي ڳالهيون ڏسي، يعني پئسا ڏئي مذهبي رسمون رواج پوريون ڪرائڻ، يا ويندي پنهنجي وڏن لاءِ دعا گهرڻ يا قبرن تي حاضري ڀرڻ لاءِ پنهنجو وقت ڏيڻ، يا پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهڻ بدران، پئسو ڏئي ٻين کي Hire ڪرڻ، يعني ٻين کان مزدوري وٺڻ جهڙا ڪم ڏسي، ڪڏهن ڪڏهن مونکي پنهنجا مسلمان به ياد ايندا آهن .... ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي يا سعودي عرب، ايران ۽ ڪويت جا مسلمان نه، پر پنهنجي ملڪ پاڪستان جا .... جيڪي پنهنجي فوت ٿيل عزيز مائٽ کي قرآن جو ختمو بخشڻ لاءِ پاڻ ويهي قرآن جا ٻه سيپارا به نه پڙهندا .... پر مدرسي جي غريب ٻارن کي ماني کارائڻ جي آسري تي وٺي ايندا ته ويهي قرآن پڙهن. مدرسي جي وڏي کي هزار ٻه هزار رپيا روڪَ به ڏيندا ته ٻارن کان گهڻي کان گهڻو پڙهائي .... پوءِ ٿڪل ٻار پيا پاسا ورائيندا، پيا اوٻاسيون ڏيندا ۽ هڪ پنو اٿلائڻ بدران ٻه ٻه پيا ورائيندا .... گهر جو مالڪ ان ۾ خوش ۽ پاڙي وارن ۽ مائٽن تي پيو لئه رکندو ته هُن بابي مرحوم کي ٽن ختمن جو ثواب بخشرايو. ڪيترن دڪانن تي صبح جي پهر وڃبو ته دڪان جو مالڪ دڪان کولي پاڻ ويٺو سگريٽ ڇڪيندو، يا فون تي ڪنهن سان بڪ ڪندو، پگهار تي رکيل کٿابي ايندو، جيڪو وڏي ڪنڌ ڌوڻ سان رڪوع قرآن جو پڙهي هليو ويندو. مالڪ خوش ته هن وڏو نيڪ ڪم ڪيو .... دڪان ۽ کيس برائين کان پاڪ ڪيو ۽ هاڻ ڀلي سڄو ڏينهن ويٺو گراهڪن جي اُبتي کل لاهي.
سئيڊن جيڪو ٻين اسڪينڊينيوين ملڪن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي وانگر فلاحي ملڪ آهي، جنهن جي رياست/حڪومت، ٻار جي پيٽ ۾ سرجڻ کان قبر ۾ داخل ٿيڻ تائين .... يعني “From Womb to Tomb” پنهنجي شهريءَ جي جوابداري کڻي ٿي، اتي پوڙهن لاءِ، (جن جو اولاد پنهنجي عيش عشرت ڪري سخت مشغول ٿو رهي يا هنن جي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ تي دل نه ٿي چوي) ”اولڊ هائوس“ ٺھرائيا ويا آهن، جتي انهن پوڙهن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ دوا درمل جو بهترين بندوبست رکيو وڃي ٿو. سندن وفات تي سندن ڪو اولاد اچي يا نه، سرڪار طرفان واسطيدار کاتي جا ڏهاڪو کن ڪاري سوٽ ۽ ٽاءِ ۾ ملبوس همراهه فوتيءَ جي ڪفن دفن جو انتظام ڪن ٿا، مذهبي ۽ دنياوي رسمون، رواج ۽ ساٺ سنوڻ پورا ڪن ٿا .... يعني جي عيسائي آهي ته هن کي سندس عقيدي موجب وهنجاري سهنجاري، ڪمپليٽ سوٽ ۽ بوٽ پارائي، ڪاٺ جي تابوت ۾ رکي گرجا گهر جي ٻائي کان دعائون پڙهائي، عيسائين جي قبرستان ۾ دفن ڪن ٿا.
سئيڊن جي ڏاکڻين شھر مالمو ۾ تعليم دوران، آخري سالِ مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي ته حڪومت جي ان ”ڪفن دفن“ واري کاتي ۾ مسلمان به آهن ۽ جڏهن ڪو مسلمان گذاري پئي ويو ته اهي مسلمان سرڪاري پگهاردار ساڳي لباس (ڪاري سوٽ ۽ ڪاري ٽاءِ) ۾ فوتيءَ جي گهر پهچي ويا ۽ هن کي اسلام موجب غسل ۽ ڪفن ڪري جنازي کي مالمو واري مسجد ۾ کڻي پئي آيا، جتي ڪو نمازي فوتيءَ جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿئي يا نه پر سرڪاري کاتي جا هي دفن ڪفن وارا ماڻهو مسجد جي ترڪ امام جي پويان بيهي جنازي نماز پڙهي، جنازي کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ڪري ٽي قل پڙهي پئي آيا.
اهڙي جنازي نماز تي پهرين مونکي ڏک ٿيندو هو، پر پوءِ اهو ئي سوچيم ته، سئيڊن جھڙي ملڪ ۾ جتي اسانجي ملڪ جا ماڻهو تمام گهٽ آهن ۽ هڪ هنڌ هجڻ بدران ٽڙيا پکڙيا پيا آهن ۽ جتي قبر جي کوٽائيءَ جو اگهه به آسمان سان ڳالهيون ٿو ڪري، اتي ههڙن رفاحي ملڪن جي حڪومتن کي شاباس هجي جو سڄو بندوبست ۽ خرچ پکو پنهنجي مٿي تي کڻن ٿا، نه ته يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڏسندو آهيان ته ڪنهن جي مائٽ مٽ مرڻ تي هڪ طرف هن جي پونئيرن کي پنهنجي پياري جي وڇڙڻ جو ڏک ٿيندو آهي، ته ٻئي طرف هن جي ڪفن دفن تي هنن کي ڳري خرچ جي ڊز لڳندي آهي. جيتوڻيڪ انگلينڊ، فرانس، جرمني، اسپين جھڙن يورپي ملڪن ۾، جتي قبرستان لاءِ تمام گهڻي زمين آهي ۽ اتي ئي دفن ڪرڻ تي ڪو وڏو خرچ نه ٿو اچي ۽ ملائيشيا، ايران کان عراق ۽ موراڪو تائين جا مسلمان پنهنجن پيارن کي اتي ئي دفن ڪري ڇڏين ٿا، جنهن لاءِ هڪ عرب مولوي ٻڌائي رهيو هو ته، اسلام منع نٿو ڪري، پر اسانجي پاڪستاني ڀائرن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڪو پنهنجي مائٽ عزيز کي اتي پرديس ۾ ئي دفن ڪرڻ جو ارادو به ڏيکاريندو ته ٻيا هم وطني هن کي اهڙي وٺ وٺان ڪندا ۽ اسلام جي نالي تي هن کي اهڙا ته خوف ڏيندا، جو هن کي جنازو کڻي ڳوٺ اچڻو پوندو. ۽ اسان جا ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪي امير ته نه آهن. گهڻي قدر پورهيت ۽ غريب آهن. پوءِ ماڻهن جي ڇتو ڪرڻ تي هو ويچارا قرض کڻي هوائي جھازن جا ڳرا ڀاڙا ڀري جنازي کي ڳوٺ ۾ دفن لاءِ کڻي ايندا. ان کان اڳ فلائيٽ واري ڏينهن تائين مُردي کي ڪنهن سرد خاني ۾ رکڻ جو ڳرو خرچ الڳ ڏيندا. ڳوٺ پهچڻ تي ڳوٺ جي ماڻهن جي طعنن ٽوڪن کان بچڻ لاءِ ٽيجهن، جماڻن ۽ چاليهن تي ڀت جو خرچ الڳ ڪندا .... جنهن رسم جو جيتوڻيڪ اسلام سان ڪو واسطو ناهي، پر اسان وٽ پنهنجي وڏي لاءِ عزت ۽ پيار ڏيکارڻ لاءِ اهو ڪم ضروري ٿي پيو آهي ۽ سماجي طرح هڪ غريب تي به اهو دٻاءُ وڌو وڃي ٿو، ته هو قرض کڻي به ڳوٺ جي ماڻهن کي ڀت کارائي ڇو جو اهو ڪم ڳوٺ جا ماڻهو اهم ۽ عين اسلامي سمجهن ٿا. پوءِ ڀلي هو نماز جو هڪ وقت به نه پڙهن. ماءُ پيءُ جيئرو هو ته هنن جي علاج جو خيال ته نه ڪيائون، پر ڪڏهن هن جي ڀرسان ويهي سندن ٽنگن کي زور به نه ڏنائون. اسان وٽ ڪئين پوڙها چيچلائي چيچلائي مريو وڃن، اولاد کين پڇي به نٿو، پر سندن مرڻ بعد ظاهري طرح سندن ٽيجهو ڪرڻ لاءِ (اصل ۾ پنهنجي لئه ڏيکارڻ لاءِ) ڏهه ڏهه ديڳيون بريانيءَ ۽ چاشنيءَ جون لاٿيون وينديون.
بهرحال، پرديس کان آيل اسانجو پورهيت ٽيجهن چاليهن جي خرچ ڪرڻ بعد جڏهن واپس پرديس پهچي ٿو ته گهڻا ڏينهن غير حاضر رهڻ ڪري هن کان سندس نوڪري هلي وڃي ٿي ۽ هو پرديس ۾ قرضي ۽ بکيو ٿي گذاري ٿو ۽ نئين نوڪريءَ لاءِ در در (دڪان دڪان) ڀٽڪندو رهي ٿو، ته من ڪٿي ڪو کيس نوڪر يا پورهيت ڪري رکي.
سئيڊن جھڙو ملڪ جتي هڪ ڏينهن موڪل ملڻ به ڏکيو آهي، اتي چڱو جو ڄمڻ ۽ مرڻ جو بار سرڪار تي آهي ۽ چڱو جو هنن جي دماغ ۾ اها ڳالهه اچي وئي آهي ته مُردي کي ٽُلڪائي ٽُلڪائي ڳوٺ پهچائڻ کان بهتر آهي، اتي ئي دفن ڪري ڇڏجي. پر ڳالهه اها آهي ته ڪي ڪي ملڪ ـــ بلڪه دنيا جا ڪيترائي ملڪ، يورپ جا سئيڊن، ناروي کان اسپين، پورچوگال تائين، آفريڪا جا تقريبن سڀئي ملڪ، ايشيا جا به ڪيترائي ملڪ انڊيا، پاڪستان، ملائيشيا، چين، اهڙا ملڪ آهن، جتي دفن لاءِ ڌرتيءَ جو مسئلو ناهي، پر ڪي ملڪ سنگاپور ۽ جپان جھڙا اهڙا آهن. جن لاءِ ائين کڻي چئجي ته اُتي تِر ڇٽڻ جي به جاءِ ناهي. سنگاپور وارو مُردو ته چند قدمن جي فاصلي تي ملائيشيا جي رياست ”جوهور بارو“ ۾ آسانيءَ سان دفن ٿي سگهي ٿو، پر وڏو مسئلو انهن ڌارين مسلمانن لاءِ آهي، جيڪي جپان ۾ رهن ٿا. هنن لاءِ ڄڻ ته ٻٽو غم ٿئي ٿو. هڪ طرف پنهنجي عزيز مائٽ جي وفات جو، ته ٻئي طرف مُردي کي جپان ۾ دفن ڪرڻ تي وڏي خرچ جو.... ۽ جيڪڏهن ڪو لاش پنهنجي وطن پاڪستان، انڊيا يا بنگلاديـش کڻائي وڃي ته ان تي به تمام گهڻو خرچ آهي.
جپان ۾ زمين جو وڏو مسئلو آهي. سڄو ملڪ جبل ئي جبل آهي، ڪو 15 سيڪڙو ڌرتي رهائش جي قابل آهي، جنهن ۾ گهر، آفيسون، ڪارخانا آهن يا ڪي پٽيون پوک لاءِ آهن .... ملڪ جي آدمشماري تمام گهڻي آهي. جپاني پنهنجن پيارن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان اڳ ساڙين ٿا پوءِ انهن جي رَکَ پيالي ۾ وجهي گهر ۾ رکن يا ڪنهن درياهه يا سمنڊ مٿان اڏائين يا پيتيءَ ۾ وجهي زمين اندر دفن ڪن. فقط شهنشاهن ۽ راڻين کي بنا ساڙڻ جي ڌام ڌوم سان دفن ڪن. پر هاڻ ان رسم جو به خاتمو ٿيڻ وارو آهي، جو موجوده شهنشاهه اڪيهٽو ۽ سندس راڻيءَ مچيڪو اعلان ڪيو آهي ته سندن مرڻ تي هنن کي پڻ ساڙيو وڃي. جپان جي ”وزارت صحت“ جي انگن اکرن موجب هر سال، سواءِ ڪنهن هڪ ٻن جي، سؤ سيڪڙو لاش ساڙيا وڃن ٿا. جپان جي Environmental & Cremation سوسائٽيءَ جي چوڻ موجب، جپان ۾ ٻه هزار کن اهڙا ساڙڻ جا Crematoriums (کورا) آهن، جن ۾ لاش کي اليڪٽرڪ يا پروپين گئس ذريعي ساڙي ڦلهير ڪيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ هن وقت فقط هڪ ملڪ انڊيا اهڙو آهي، جتي مُردن کي ڪنهن بند کوري ۾ ساڙڻ بدران کلئي آسمان هيٺ ڪاٺين جي مچ تي ٻاريو وڃي ٿو. هاڻ ته انڊيا جي به ڪجهه شهرن، خاص ڪري بنارس ۾، ڪجهه اليڪٽرڪ ۽ گئس جا کورا (Crematoriums) نظر اچن ٿا.
جپان ۾ به چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ مردن کي دفن ڪيو ويندو هيو ۽ اهڙيون آڳاٽيون قبرون اڄ به موجود آهن. پر پوءِ جپان ۾ جيئن ئي ٻڌ ڌرم زور ورتو ته هتي پڻ مُردن کي ساڙڻ شروع ڪيو ويو. هڪ جپاني پروفيسر ٻڌايو ته، ”توهان مسلمان، عيسائي ۽ يهودي مرڻ بعد ٻي زندگيءَ ۾ يقين رکو ٿا، پر اسان ٻڌن جو Reincarnation ۾ اعتبار آهي. يعني ماڻهوءَ جي مرڻ بعد هن جو روح يڪدم اهو جسم ڇڏي نئين جسم جي ڳولا ڪري ٿو“.
هڪ جپاني ٻائي ڪودو متسوناميءَ جي ڪتاب “Sekai no Soso” جو انگريزيءَ ۾ ترجمو “World Funerals” پڙهيو هوم، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ”جپان جو پهريون مُردو سن 700ع ۾ ساڙيو ويو ۽ صحيح طرح ساڙڻ جو رواج ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ ٿيو. جپان جا شهر جيئن جيئن جديد ٿيڻ لڳا ۽ مردن ساڙڻ جا کورا نئين ٽيڪنالاجيءَ موجب ٺهڻ لڳا، ته مردن کي ساڙڻ عام ٿي ويو. هاڻ جپان ۾ فقط شاهي گهراڻي جا ماڻهو پنهنجن پيارن جي لاشن کي دفن ڪن ٿا يا مسلمان“.
جپان ۾ هن وقت هڪ لک جي لڳ ڀڳ مسلمان رهن ٿا، جن مان 90 سيڪڙو پاڪستان، انڊيا، ترڪيءَ يا عرب ملڪن جا آهن ۽ ڏهه سيڪڙو جپاني عورتن جو آهي، جيڪي ڌارين مسلمانن سان شادي ڪري مسلمان ٿيون آهن ۽ ڪجهه نج جپاني ڪٽنبَ به آهن، جن اسلام اختيار ڪيو آهي. جپان ۾ موجود مسلمانن جا ٻه ادارا ”جپان مسلم ائسوسيئيشن“ ۽ ”اسلامڪ سينٽر جپان“ هر وقت ان ڳولا ۾ رهن ٿا، ته مسلمانن جي دفن لاءِ قبرستان جي زمين ملي وڃي. پر جتي ڪٿي مڪاني ماڻهن طرفان مخالفت ٿئي ٿي. جپان ۾ مُردي کي ساڙڻ جو رواج ايترو عام ٿي ويو آهي، جو هتي جا ماڻهو بنا ساڙڻ جي لاش کي زمين ۾ پورڻ جي خيال کان خوف کائين ٿا. سخت ڪوششن جي باوجود مٿيون مسلمان سوسائٽيون مسلمانن لاءِ فقط ٽن هنڌن تي قبرستان حاصل ڪري سگهيون آهن، جتي مسلمان پنهنجي مائٽ يا دوست جي لاش کي بنا ساڙڻ جي دفن ڪري سگهن ٿا. اسلامڪ سينٽر جپان جي ڊائريڪٽر سليم الرحمان (جيڪو جپان جي Chou يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار به آهي) ٻڌايو ته، ”انهن ٽن قبرستانن مان هڪ، جيڪو ٽوڪيو جي اولهه ۾ ڪوشو (Koshu) ۾ آهي، اهو ته تقريباً ڀرجي چڪو آهي. ان قبرستان جي 5000 چورس ميٽر زمين ”مانجوئن ٻڌ مندر“ جي ايراضيءَ ۾ ورتل هئي. ان ۾ 120 قبرن جي جاءِ هئي ۽ هاڻ هڪ قبر لاءِ به نه آهي. انهن قبرن ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ٻين وچ اوڀرجي عرب ملڪن جا مسلمان دفن ٿيل آهن. سندن قبرن تي اڙدوءَ يا عربيءَ ۾ لکيل ڪتبا لڳل آهن“.
جپان ۾ مسلمانن جو ٻيو قبرستان اوساڪا جي ڀرسان شهر ڪوبيءَ (Kobe) ۾ آهي. هن قبرستان کي ڪوبيءَ جي شهري حڪومت هلائي ٿي ۽ هن ۾ فقط ڪوبيءَ ۽ اوس پاس جي مسلمانن کي دفن ڪرڻ جي اجازت ملي ٿي.
مسلمانن لاءِ ٽيون قبرستان ’يوئي چيچو‘ (Yoichicho) ۾ آهي، جيڪو جپان جي اُترين حصي هڪيدو ٻيٽ تي آهي. اهو ٽوڪيو، اوساڪا ۽ ڪوبيءَ کان ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ نوابشاهه کان گلگت يا هنزا ٿيو.
ويجهڙائيءَ ۾ جپان اسلامڪ ٽرسٽ (JIS) وارن کي اشي ڪاگا (Ashikaga) شهر ۾ اسلامي قبرستان ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي. ڪنهن جي مائٽ مٽ مرڻ تي هن جي دفن جي معلومات جپان اسلامڪ ٽرسٽ وارن جي مسجد اوتسوڪا (Otsuka) واري آفيس مان 0339715631 فون نمبر تان حاصل ڪري سگهجي ٿي. هو جپان ۾ دفن ڪرڻ جا سڀ قاعدا قانون ٻڌائين ٿا، ته ان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪاغذ پٽ هجڻ ضروري آهن. جيئن، موت جو سرٽيفڪيٽ، پاسپورٽ جي ڪاپي، مڪاني حڪومت جو اجازت نامو .... وغيره.
مون ان مسجد جي هڪ ڪارڪن کان پڇيو ته، ”جنازي کي باءِ ايئر ڪراچيءَ، دهليءَ يا جدي موڪلڻ تي اڄ ڪلهه ڪيترو خرچ آهي؟“.
”لک يين .... يعني سوا لک رپيا کن“. هن وراڻيو.
”۽ جي هتي جپان ۾ دفن ڪجي ته ڪيترو خرچ ٿيندو؟“.
”پاڪستاني ٻه لک رپيا!“ هن چيو.
يعني جپان ۾ ايڏي مهانگائي آهي، جو جيئرو رهڻ ته مشڪل آهي، پر مري وڃڻ تي به پوين لاءِ ڇوٽڪارو ناهي. جپان ۾ قبرن جا اهي اگهه چار پنج سال اڳ جا آهن. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر (جيڪو هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ جپان کان موٽيو آهي) ٻڌايو ته اڄ ڪلهه في قبر جي قيمت پنج ڇهه لک ٿي وئي آهي.

جپاني ــ محنتي ۽ پورهيت قوم

ان ڳالهه جو آمريڪي به اعتراف ڪن ٿا ته جپاني محنتي قوم آهي. توهان چوندؤ ته، ائين ته چيني به پورهيت ۽ جفاڪش آهن. بلڪل آهن، پر اهي هاڻ ٿيا آهن، يعني مائوزي تنگ انقلاب آڻي ڏنڊو کنيو ته سڀ سڌا ٿي ويا.... نه ته هو موالي چرسي ۽ سست سڏيا ويندا هيا ـــ سوچيان پيو ته اهو ائين آهي جيئن اڄ جي تاريخ ۾ ته دنيا جا ماڻهو اسان کي برابر دهشتگرد، چور، ڌاڙيل، اغواڪار سمجهن ٿا ۽ اسانجي حڪمرانن ۽ حڪومت کي ڪرپٽ، عوام جي خدمت ڪرڻ بدران انهن جو مال ڦٻائڻ وارا، بئڊ گورننس ڪلچر وارا سڏين ٿا، پر اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته اهڙا حاڪم پيدا ٿين، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ امن امان ۽ انصاف آڻين ۽ چورن ڌاڙيلن کي ٽنگي ملڪ جي پئسي کي عوام جي سک لاءِ استعمال ڪن. آخرڪار مائوزي تنگ، لي ڪئان يو، يا مهاتير محمد به ته اهو ئي ڪيو، نه ته سنگاپور چورن ۽ ٺڳن جو ”دو نمبري“ ملڪ سڏبو هو.... ملائيشيا جهنگل هو .... اڄ اهي ملڪ ويندي چين، يورپ جو ڏيک ڏين ٿا. سو ٿي سگهي ٿو ته ڪو سياستدان اسان جو به اميج بهتر بڻائي ۽ ملڪ ۽ عوام کي خوشحال بڻائي..... ۽ پوءِ هر هڪ کان اسان جو اڄ وارو خراب اميج وسري وڃي.
جپانين جي محنت جو اندازو مونکي جپان وڃڻ کان اڳ ٿيو. جپان ۽ ڪوريا واري روٽ تي جھاز هلائڻ کان اڳ ٽن سالن تائين منهنجي بدلي گهڻو ڪري انهن جھازن تي ٿيندي رهي، جيڪي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ پاسي هليا پئي. هيءَ 1968ع يا 1969ع جي ڳالهه آهي، جو اسان پهريون دفعو ڪوڪا ڪولا، سيون اپ ۽ فانٽا جھڙا شربت دٻن ۾ ڏٺا نه ته ان کان اڳ آمريڪا توڙي يورپ ۾ اسانجي جھاز جي بانڊ اسٽور (جيڪو دڪان جھاز تي رهندڙن لاءِ ٿئي ٿو ۽ مشروبات کان علاوه سگريٽ، شراب، عطر، چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون ڊيوٽي فري يعني فئڪٽريءَ جي اگهه تي وڪامن ٿيون) ۾ ڪوڪا ڪولا ۽ ٻيا مشروب بوتلن ۾ ملندا هئا، پر پوءِ نيويارڪ توڙي نيو اورلينس جي رستن تي لڳل وينڊنگ مشينن توڙي ريسٽورنٽن ۾ اهي مشروب دٻن ۾ نظر اچڻ لڳا.
انهيءَ ڀيري مون بالٽيمور، هيوسٽن، فلڊلفيا ۽ آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ جپانين کي مئه خانن، هوٽلن ۽ وينڊنگ مشينن اڳيان اهي ڪوڪا ڪولا وغيره جا اڇلايل خالي دٻا ميڙيندي ڏٺو. اهو ڏسي مونکي حيرت ٿيندي هئي ته جتي ڪٿي هي جپاني اهي خالي دٻا ڇو ميڙي رهيا آهن؟! خالي بوتلون ميڙڻ ٻي ڳالهه آهي، جو ڌوئي وري استعمال ڪري سگهجن ٿيون. ويندي اسان جھڙن ملڪن۾ ته عطر جون خالي شيشيون به وڏي اگهه ۾ وڪامن ٿيون، جو انهن ۾ ٺڳ واپاري نقلي عطر ڀري اصليءَ جي نالي ۾ هلائين ٿا. ان ڳالهه تي ان وقت ته حيرت نه ٿي هئي ته اهو ڪچرو چونڊڻ جھڙو نيچ ڪم جپاني ڪري رهيا آهن. اڄ جي دؤر جو ماڻهو اها ڳالهه ضرور سوچيندو، جو اڄ جپان جي معيشت (Economy) زور آهي ۽ ڪو ورلي جپاني غريب نظر اچي ٿو. پر هيءَ 1960ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. ٻي وڏي لڙائي، جنهن ۾ جپان بُريءَ طرح هارايو ۽ تباهه ٿي ويو، ان کي اڃان 20 سال ڪي مس ٿيا هئا. جپان ترقي ڪري رهيو هو، پر غربت عام نظر آئي پئي ۽ هونءَ به جنگ کان اڳ به جپاني ڪي امير نه هئا. سندن حڪومت زور هئي، سندن فوج کي جنگي جنون هو، پر عوام غريب هو. ايتريقدر جو غربت جي چڪيءَ مان نڪرڻ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ جپاني هارين ۽ پورهيتن جا جھاز ڀرجي برازيل آيا، جتي جي پورچوگالي زميندارن کي پنهنجي ڪمند جي پوک لاءِ مزدورن جي ضرورت هئي. هي ڪم ائين ئي هو، جيئن ننڍي کنڊ جا پورهيت بيروزگاريءَ کان بچڻ لاءِ فجي ۽ موريشش ٻيٽن تي ۽ سري نام ۽ ملائيشيا جھڙن ملڪن ۾ ڪمند ۽ پام آئل جي پوک لاءِ پهتا، جن مان ڪيترن جو اولاد اڄ به اتي موجود آهي. برازيل ۾ رهندڙ جپانين جو اولاد هاڻ سکيو نظر اچي ٿو، پر سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ اسان جو جھاز برازيل جي بندرگاهن ۾ ويندو هو ته ڪيترن جپانين کي هيٺين درجي جون نوڪريون ڪندي ڏسبو هو.
خير! ٻئي دفعي جڏهن آمريڪا آيس ته سوانا بندرگاهه ۾ اسانجي جھاز جي گاربيج مان هڪ جپانيءَ کي اهي شربتن جا دٻا چونڊيندي ڏسي، پنهنجي مقامي آفيس کان آيل آمريڪن سان مون حيرت جو اظهار ڪيو ته، ”آمريڪا ۾ نوڪريون ۽ روزگار جام هجڻ جي باوجود، هي جپاني رديءَ جو سامان ڇو چونڊي رهيا آهن؟ ۽ ان ۾ به فقط اهي لوهه جا خالي دٻا؟“.
”اهو ان ڪري جو هنن کي لوهه جي ضرورت آهي“. آمريڪن ايجنٽ وراڻيو.
”ڇا مطلب؟“. مون پڇيو.
”جپانين کي لوهه کپي. سو هو هتان هتان ميڙي پنهنجي ملڪ ڏي موڪلين ٿا“. هن وراڻيو.
جپان، ڏٺو وڃي ته اسانجي ملڪن وانگر خوش نصيب ناهي. جابلو علائقو هجڻ ڪري اتي نه پوک لاءِ زمين آهي ۽ نه رهائش لاءِ. جبل ته گهڻا ئي آهن، پر انهن هيٺ نه لوهه آهي نه ٽامو ۽ پتل. ان مٿان موسم جي مصيبت! سڀ کان گهڻا طوفان ۽ سامونڊي سوناميون جپان ۾ اچن ٿيون. جپانين کي جتي به موقعو لڳي ٿو اتان اهو ڌاتو حاصل ڪري پنهنجي ملڪ پهچائين ٿا، جتي هو ان مان ڪارخانن ۾ مختلف شيون ٺاهي دنيا کي وڪڻن ٿا ۽ مليل پئسي مان ٻين ملڪن مان کاڌي جون ۽ ٻيون شيون گهرائين ٿا. هتي اهو لکندو هلان ته هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن اسان جا جھاز سنڌ ۽ پنجاب جي ڪپهه سان ڀرجي جپان پهچندا هئا، جتي جپانين ان ڪپهه مان اوچو ڪپڙو ٺاهي، سعودي عرب ۽ ٻين امير ملڪن کي وڪيو پئي. اسان جي ملڪ کان مڇي ۽ گانگٽ به جپان ويا پئي، جن کي جپانين وڌيڪ صاف ڪري سٺي ۽ خوبصورت پئڪنگ ۾ بند ڪري سئيڊن، ناروي جھڙن ملڪن کي وڏي اگهه تي وڪيو پئي، پر پوءِ آهستي آهستي اسان جي ملڪ جي واپارين سادو ۽ خراب مال سپلاءِ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اسان ان ايڪسپورٽ ۾ پٺتي رهجي وياسين. ڪوڪا ڪولا جھڙن مشروبن جي دٻن مان جپانين شروع شروع ۾ خوب ڪمايو، پر پوءِ هنن ڏٺو ته هاڻ ان ڪاروبار ۾ ڪو فائدو نه آهي. ڇا ٿيو جو شروع وارا سال اهي لوهي دٻا ٿلهي چادر مان ٺهندا هئا. ايتري قدر جو مون کي ياد آهي ته اسان ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ پيئڻ بعد ان جي دٻي کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين. ٻن هٿن سان زور ڏيڻ سان ته خالي دٻو يڪدم چٻو ٿي ويندو هيو، پر هڪ هٿ سان وڏو زور ڏيڻو پوندو هيو. اهو ان ڪري جو ان دٻي جي چادر ٿلهي هوندي هئي، يعني ان ۾ لوهه گهڻو هو. ان بعد ٽيڪنالاجي بهتر ٿيڻ تي اهي دٻا تمام سنهين چادرن جا ٺهڻ لڳا، جيڪي اڄ تائين هلي رهيا آهن ۽ جن کي هڪ ٻار به هڪ هٿ سان ڀڪوڙي سگهي ٿو. نتيجي ۾ جپانين انهن دٻن مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. ڇو جو ان وقت وارا ڏهه دٻا اڄ جي سؤ دٻن کان ڳرا هوندا هئا.... سو جپاني لکين دٻا گڏ ڪري، انهن کي هائڊرالڪ مشينن ذريعي چيڀاٽي لوهه جا بنڊل پاڻيءَ جي جھازن ذريعي جپان موڪليندا هيا.
ان ڳالهه ۾ به جپاني داد لائق آهن ته هنن شروع جي ڏينهن ۾، ٻين ملڪن جون ايجاد ڪيل شيون ڪاپي ڪري ٺاهيون، پر اهي شيون ان ملڪ جي اصل شينِ کان بهتر ٺاهيون ۽ سستيون ۽ سهڻيون پڻ! ڪئلڪيوليٽر جيتوڻيڪ آمريڪا وارن ايجاد ڪيو، پر جپان وارن ان کان سهڻا ۽ سستا ٺاهيا. ايئن سئٽزرلئنڊ جي واچن ۽ جرمنيءَ جي ڪئميرائن کان بهتر ۽ سستيون واچون ۽ ڪئميرائون جپانين ٺاهي دنيا ۾ عام ڪيون.
شروع ۾ ته ڪاپي رائيٽ جو مسئلو نه هو ۽ جنهن کي جيڪا شيءِ وڻي پئي، اها ڪاپي ڪري ٺاهي پئي. ڪاپي رائيٽ جي قانون جي سختيءَ ڪري هاڻ جپانين کي اصل ايجاد ڪندڙ کي وڏي في ڏيڻي پوي ٿي. پر مون ڏٺو ته اها في ڏيڻ بعد به جپانين جيڪا شيءِ ٺاهي پئي، اها ايڏي بهترين ۽ سستي ٺاهي پئي، جو ماڻهن اصل کان وڌيڪَ جپاني ٺهيل شيءِ کي پسند پئي ڪيو. ان ڳالهه جو تجربو مون جھڙن مئرين انجنيئرن کي ضرور هوندو. شروع جي ڏينهن ۾، سٺ واري ڏهاڪي ۾، جڏهن اسان جھاز جي نوڪري شروع ڪئي، ته ان وقت سئٽزرلئنڊ وارن پاڻيءَ جي جھازن کي هلائڻ لاءِ ”سلزر“ نالي هڪ نئين انجڻ ٺاهي. ان کان اڳ انگلينڊ جي ڊاڪسفورڊ، جرمنيءَ جون M.A.N ۽ B&W هيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سلزر انجڻ هلائڻ توڙي مرمت ۾ اسانکي بهتر پئي لڳي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اها اهڙي مشهور ٿي وئي، جو ان کي ٺاهڻ لاءِ ڪيترن يورپي ملڪن لائسنس ورتا. بعد ۾ مون يوگوسلاويا ۾ ٺهيل سلزر انجڻ وارو جھاز به هلايو، پر ان ۾ اها ڳالهه نه هئي. ان بعد اسپين ۾ ٺهيل Sulzer انجڻ جو جھاز هلايو. اها انجڻ يوگوسلاويا وارن کان کڻي بهتر هئي، پر سئٽزرلئنڊ جي اصلي انجڻ سان مقابلي لائق نه هئي. هي ائين آهي جيئن آمريڪا يا يورپ جي ڪنهن ڪوڪا ڪولا جھڙي ڊرنڪ يا لڪس صابڻ جو ڪراچيءَ ۾ ٺهيل ان ساڳي نالي واري شيءِ سان مقابلو ڪجي.
ڪجهه سالن بعد منهنجي بدلي جپان ۾ ٺهندڙ هڪ اهڙي جھاز تي ٿي جنهن لاءِ ٻڌم ته جپانين سلزر انجڻ ٺاهڻ جي سئٽزرلئنڊ وارن کان اجازت وٺي ان ۾ فٽ ڪئي آهي. ڪنهن ڪار يا موٽر سائيڪل جي انجڻ ٺاهڻ ته وري به ٺيڪ آهي، پر پاڻيءَ جي جھاز جي آفت جيڏي انجڻ ٺاهڻ اسان لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي. منهنجي دل ٻڏتر ۾ هئي ته ان امتحان ۾ اجايو آئون ڦاسي ويس. پر سائين جڏهن جھاز هلائڻ شروع ڪيو ته حيرت ٿي ته جپانين نه فقط سئٽزرلئنڊ جي اصل انجڻ کان بهتر ٺاهي هئي، پر ساڳيو هارس پاور حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي سائيز به ننڍي رکي هئي. سائيز ۾ننڍي هجڻ ڪري انجڻ روم ۾ هڪ انجنيئر کي ڪم ڪرڻ ۾ آساني پئي رهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ان نئين ماڊل (RND) ۾ اهي خاميون نه هيون جيڪي سئٽزرلئنڊ جي RD ماڊل ۾هيون.
جپانين سان گڏ وڏو عرصو رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ دوران مون ڏٺو ته جپاني نه فقط ڪاپي ڪرڻ جا هيڊماستر آهن، پر ان کي بهتر شڪل ڏيڻ يا نئين شيءِ جي ايجاد جا به ماهر آهن. ايئن چئجي ته سندن نقل اصل کان بهتر ثابت ٿيو آهي. جيئن لوهه يا ٻيو ڌاتو سندن ملڪ ۾ ناهي پر ٻين ملڪن مان ڪاٻاڙ حاصل ڪري، ان کي رجهائي منجهائس مختلف ڌاتو ڪڍي ڪارون ۽ جهاز ٺاهين ٿا. سندن ملڪ ۾ نه چراگاهه آهن ۽ نه مينهون ڍڳيون ـــ آسٽريليا، نيوزيلئنڊ جهڙن ملڪن جي واڙن مان کير حاصل ڪري، ان کي اتي ئي سڪائي، پوءِ پائوڊر واري حالت ۾ ان کي جپان ۾ آڻي، ان ۾ ٻيون وٽامن ۽ پروٽين وجهي ”ميجي“ ۽ ”موريناگا“ جھڙا کير ٺاهين ٿا. جيڪي دنيا ۾ ٻارن جي صحت لاءِ سٺا سمجهي خوب وڪرو ٿين ٿا ۽ جن مان جپاني خوب ڪمائين ٿا.
ائين ناهي ته ڪو جپان ۾ نه کير ڏيڻ وارا جانور آهن ۽ نه گاهه چراگاهه! جيڪا ڪجهه ساوڪ آهي، ان مطابق هو جيڪي ڍڳيون پالين ٿا، انهن جي صحت ۽ کاڌي خوراڪ جو ايڏو ته خيال ڪن ٿا، جو انهن جو گوشت ”واگ يو“ (Wagyo) دنيا ۾ مشهور ۽ مهانگو ترين ڳائو گوشت مڃيو وڃي ٿو. ان ۾ چرٻي Marbling ۽ Oleaginous (ڇڊي چرٻي) جو بهتر مقدار رهي ٿو. اهو به لکندو هلان ته جپاني ڪارين ڍڳين جو هي ڳائو گوشت ”واگ يو“ جپان ۽ جپان کان ٻاهر ان نالي کان علاوه جپان جي مختلف علائقن جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. انهن مختلف نالن مان ڪجهه مشهور هي آهن: متسوساڪا بيف، ڪوبي بيف، مشيما بيف، سانڊا بيف وغيره. متسوساڪا بيف جپان جي هونشو ٻيٽ جي Mie نالي علائقي جي ’متسوساڪا‘ شهر ۾ پاليل ڍڳين جو گوشت آهي ۽ ڳائي گوشت ۾ سڀ کان مهانگو آهي. سندس قيمي جا سئو گرام مون 5000 يين (يعني اسانجا 4000 روپيه کن) ۾ وڪامندي ڏٺا آهن. يعني هڪ ڪلو جا چاليهه هزار رپيا ٿيا. وڏين هوٽلن ۾ انهن جون چاپون (Steaks) اڃان به مهانگيون وڪامن ٿيون. اهو ئي حال ڪوبي شهر جي ڍڳين جي گوشت ”ڪوبي بيف“ جو آهي. جپاني ٻوليءَ ۾ ڳائي گوشت کي بيفو (Bifu) سڏين ٿا. توهان ان مان اندازو لڳايو ته جپان ڪو ڍڳين مينهن جو ملڪ ناهي. هنن وٽ مختلف مڇين ۽ گانگٽن جا ته پنهنجا نالا آهن، پر ڳائي گوشت لاءِ جپاني نالو ”بيفو“ انگريزي لفظ ”بيف“ تان ورتو ويو آهي. جيئن ٽيليويزن کي ”تيري بي“ ۽ ڪيڪ کي”ڪيڪي“، ڪپ (Cup) کي ”ڪوپو“ (Koppu) وغيره سڏين ٿا، جو اهي شيون جپان ۾ نه هيون. بعد ۾ ڌارين ملڪن کان آيون ـــ جيئن اسان وٽ پٽاٽا ٽماٽا برازيل کان پورچوگالين آندا ۽ اتي جي ئي نالن سان سڏيا وڃن ٿا. يا جيئن ملائيشيا ۾ صوف انگلينڊ کان آيا ۽ اڄ به ان کي ملئي ٻوليءَ ۾ ايپل (Epal) سڏين ٿا.

جپانين جو زراعت ۾ انقلاب

جپان ۾ پوک (زراعت) لاءِ کڻي ڌرتيءَ جي کوٽ آهي، پر هنن پوک (Agriculture) جي ڄاڻ ۾ به وڏي ترقي ڪئي آهي. هنن مختلف ميون ۽ ڀاڄين کي بهتر بنائڻ جا ڪئين تجربا ڪيا آهن. بنا ککڙين جي انگور ۽ موسميون، مون اڄ کان چاليهه سال اڳ جپان ۾ ڏٺيون. اهو پڻ ڏسي حيرت ٿي ته جپان ۾ وڪامندڙ صوفن جو چوڌاري هڪ جھڙو ڳاڙهو رنگ آهي، نه ته اسان وٽ ڳاڙهي رنگ جا صوف ضرور آهن، پر انهن جو فقط هڪ حصو ڳاڙهو نظر اچي ٿو، باقي حصو سائو يا پيلو هوندو آهي. پوءِ هڪ دفعي منهنجو ”فوجي ساڪي“ شهر وڃڻ ٿيو، جتي جا ”فوجي“ نالي ڳاڙها صوف دنيا ۾ مشهور آهن. اتي جي هڪ باغائيءَ ٻڌايو ته هي صوف اصل ۾ جپان جا نه آهن، پر 1930ع ۾ ـــ يعني وڏي لڙائيءَ کان به گهڻو اڳ، جپان جي ”توهُوڪُو ريسرچ سينٽر“ ۾ آمريڪا جي صوفن جي ٻن جنسن کي ڪراس ڪري پيدا ڪيا ويا ۽ 1962ع کان مارڪيٽ ۾ آهن. هن ٻڌايو ته صوف جو اهو حصو جنهن کي اس نٿي لڳي، اهو گهٽ يا بنهه ڳاڙهو نٿو ٿئي. مون سندس ننڍڙي مختصر باغ ۾ ڏٺو ته سندس زال ۽ ٻار وڻ جي هڪ هڪ صوف کي ٿورو ٿورو گهمائي رهيا هئا، جيئن ٻئي ڏينهن کان ان حصي تي به اس لڳي ۽ سڄي صوف جو رنگ ڳاڙهو ٿي وڃي. سندن ان محنت جو اجورو به کين خوب ٿو ملي. سندن پوکيل ميوو تمام گهڻو مهانگو وڪامي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو اسان جو يا ٻين ملڪن جو، جيڪو به جھاز جپان اچي ٿو، اهو کاڌي پيتي جو سامان ـــ خاص ڪري ميوو پنهنجي ملڪ مان يا جپان ۾ پهچڻ کان اڳ وارن ملڪن: ملائيشيا، چين ۽ فلپين وغيره مان خريد ڪري اچي ٿو. مجبوريءَ جي حالت ۾ يا جپان ۾ وڏو عرصو ترسڻ جي حالت ۾ جڏهن جپان مان جھاز جي عملي لاءِ گوشت، مڇي ۽ ميوي جھڙيون شيون خريد ڪيون وڃن ٿيون ته جھازن جي مالڪن کي ٽيهڙ تپ چڙهيو وڃي ۽ هنن طرفان اها ئي هدايت رهي ٿي ته گهٽ کان گهٽ ڏينهن لاءِ جپان مان راشن خريد ڪريو، باقي راشن ۽ پاڻي پئسفڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا يا ڪئناڊا مان ڀلي ڇهن مهينن جو خريد ڪريو.
جپان جي ميوي مارڪيٽن ۾ سڀ کان مهانگو ميوو گدرو آهي. مشڪ جي خوشبوءِ وارو “Musk Melon” ته سڀ کان مهانگو آهي..... ايتريقدر جو ان جنس جو هڪ ننڍڙو گدرو به ڏهه هزار رپين جو آهي، پر جپان ۾ هڪ عام گدرو به ٻه ٽي هزار روپين کان گهٽ ناهي. جپانين ۾ عادت آهي ته مانيءَ جي دعوت تي توهانجو دوست ڀلي زال بدران پنهنجي گرل فرينڊ يا آفيس جي ڪنهن ٺاهوڪي ڪلارڪ ڇوڪريءَ سان اچي، پر پاڻ سان توهان لاءِ ڪا گفٽ ضرور کڻي ايندو. پهريون دفعو جپان ۾ مون يوڪوهاما بندرگاهه ۾ پنهنجي مقامي جھازران ڪمپنيءَ جي آفيس مئنيجر کي رات جي مانيءَ تي گهرايو ته هو ڪا گفٽ ڪنهن خوبصورت دٻي ۾ رنگين قيمتي پنن ۽ ربينن سان پئڪ ڪري آيو هو. ساڻس گڏ زال ته نه هئي پر اسان واري ان مقامي آفيس جي اسٽينو ڇوڪري هئي. اهڙين حساس ڳالهين لاءِ مهمان کان پڇبو ناهي، پر جيئن ته آئون هن ملڪ ۾ نئون نئون آيل هوس، سو پڇي ويٺس، بلڪه خوشيءَ جو اظهار ڪيم ته، ”مونکي خبر نه هئي ته آفيس جي هيءَ مس فلاڻي تنهنجي مسز آهي“.
هن کان اڳ ٽي سال يورپ ۽ آمريڪا ۾ جھاز هلائڻ دوران ۽ هينئر هن ”ڏور اوڀر“ واري روٽ تي جھاز هلائڻ دوران ڪولمبو ۽ پينانگ بندرگاهه وارين آفيسن ۾ زال مڙس کي ڪم ڪندو ڏسي چڪو هوس. بلڪه پينانگ واري آفيس جا ته مالڪ ئي زال مڙس آهن. زال مئنيجر آهي ته مڙس جھاز تي سامان رسائڻ وارو ”شپ چانڊلر“.... پر هن جپاني همراهه ٽهڪ ڏئي پنهنجن ڦڪن هئڊن ڏندن جي نمائش ڪندي چيو: ”تو صحيح سمجهيو. هيءَ منهنجي زال ناهي“. ۽ پوءِ هُنَ اسٽينوگرافر ڇوڪريءَ جي ڀرسان ئي بيهي، زال لاءِ اهڙي انداز ۾ ڳالهايو ته ”ان پوڙهيءَ کي وري ڪير وٺي اچي، جو اسانجو گهر پري آهي. آفيس بعد رستي واري پب تان ٻه پيگ پي سڌو هتي آيا آهيون“ .
بعد ۾ سندس گفٽ کولي ڏٺم ته ان ۾ ٻه گدرا هئا. دل ۾ چيم ته، خصيص گدرن جي پئڪنگ تي هيڏو خرچ ڪيو اٿس! پر پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد مارڪيٽن جو واءُ سواءُ لهڻ دوران خبر پئي ته اهو ميوو ۽ اها ڀاڄي (يعني گدرو ۽ واڱڻ) جيڪي اسان وٽ ”اڇوت“ سمجهيا وڃن ٿا، جپان ۾ مهانگا ترين آهن ۽ گدرو اڪثر پنهنجي پياري دوست کي تحفي ۾ ڏنو وڃي ٿو. اهي ٻه گدرا جيتوڻيڪ عام گدرا هئا، ته به گهٽ ۾ گهٽ 6000 يين يعني پاڪستاني 5000 روپين جا هئا. دل ۾ چيم ته، ايترن پئسن ۾ گدرن بدران ٻه ڪئسٽ رڪارڊر تحفي ۾ ڏئي ها. ان کان ٻيڻا گدرا، آئون ڪنڊياري يا محرابپور پهچي 20 روپين جا خريد ڪري کائي ڇڏيان ها. (هيءَ 74-1973ع جي ڳالهه آهي جڏهن گدرو ٽن يا چئن روپين ۾ ڪراچيءَ ۾ ملندو هو. سڪرنڊ ۽ قاضي احمد ۾ باگڙي پوکيندا هئا، جتي ڌڙي جي حساب سان اڃان به سستو هو ۽ ڪئسٽ رڪارڊر اڃان ان وقت نوان نوان ايجاد ٿيا هئا ـــ وڊيو يا ڪمپيوٽر جھڙين شين جو ته نالو نشان ئي نه هو).
ڪجهه عرصي کانپوءِ جڏهن مونکي ”هَني ڊيو“ جپاني گدرن جي خبر پئي ته اهو في داڻو ڏهن هزار روپين کان مهانگو ٿو ملي، ته مونکي بيحد حيرت ٿي. پنهنجي جپاني دوست کان پڇيم، ”اهڙا مهانگا گدرا ڪير ٿا خريد ڪن؟“.
”اهي هڪ ته امير جپاني ماڻهو پنهنجين ساهيڙين کي تحفي ۾ ڏين ٿا“، جپاني دوست چيو، ”۽ ٻيو روس ايڪسپورٽ ٿئي ٿو“.
”جپاني واپاري ۽ ڪارخانيدار ته واقعي امير ماڻهو آهن، پر روس جا ماڻهو ته غريب آهن. شايد اهي روسي وٺي سگهندا هوندا، جن وٽ نوٽ (Currency) ڇاپڻ جي مشين هجي يا اهي ڪامورا ۽ سياستدان، جن وٽ بنا محنت جي حرام جو پئسو آيو هجي“. مون چيو.
”بلڪل صحيح ٿو چئين“، هن وراڻيو. ”روس جو عوام غريب ضرور آهي پر جتي غربت آهي، اتي ملڪ جو پئسو هميشهه چند ڪرپٽ سياستدانن، ڪامورن، فوجين، وڏيرن، وزيرن جي هٿ ۾ هجي ٿو ۽ اها دولت هنن وٽ ايڏي وڏي انگ ۾ ٿئي ٿي، جو هنن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اها ڪيئن خرچ ڪجي....“.
”پوءِ هو جپان جا هَني ڊيو گدرا کائين ٿا“. مون سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
ان وقت تائين آئون دنيا جا ڪافي ملڪ ڏسي چڪو هوس. آفريڪا جي سڀني ملڪن کي يورپين کان آزادي ملي چڪي هئي. آخري ملڪ موزمبق اسان اڳيان پورچوگالين کان آزادي حاصل ڪئي هئي. هاڻ انهن ملڪن جا حاڪم ”ظالم“ گورا نه پر مقامي ”ڌرتيءَ ڄاوا“ هئا. پر افسوس جو حڪومت هٿ ۾ اچڻ تي ڪيترن ملڪن جا ڌرتيءَ ڄاوا حاڪم انگريزن، فرينچن ۽ پورچوگالين کان به وڌيڪَ ظالم ٿي پيا ۽ عوام کي سکيو رکڻ بدران پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا ڀڀ ڀرڻ لڳا. اهڙن ملڪن جي عام ماڻهن جي غربت ڏسي چڪو هوس ۽ ساڳي وقت اهڙن غريب ملڪن جي حاڪمن کي يورپ جي ملڪن ۾ عوام جي پئسي تي عياشيون ڪندي به ڏسي چڪو هوس. انهن ڏينهن ۾ ٿائلينڊ ٽوئرزم جي چڪر ۾ ويو پئي مئه خانا، هوٽلون، مساج گهر ۽ چڪلا ٺھرائيندو. بقول اتي جي معاشي ماهرن جي، ”بابا! عربن کي جيڪو پيٽرول مان گهر ويٺي پئسو ملي ويو آهي يا ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪرپٽ سياستدانن جيڪو عوام جو پئسو لٽيو آهي، اهو آخر ڪٿي ته خرچ ڪندا؟ ان پئسي جي Outlet لاءِ هو هيڏانهن ئي ايندا“ .
اڄ ان ڳالهه کي پنجٽيهه چاليهه سال اچي ٿيا آهن. ايران، سنگاپور، ملائيشيا جھڙا ڪجهه ملڪ آهن، جن کي سندن سياستدانن ۽ حاڪمن يورپ بڻائي ڇڏيو آهي، پر اسان جھڙن ملڪن جو حال هيڻو آهي، جتي بيمار کي پئناڊال جي گوري به نصيب نٿي ٿئي، جتي غريب کي ٻه ويلا دال ماني نه ٿي ملي، جتي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي، جتي ٻار ننڍي عمر ۾ ۽ مائرون ويم دوران ۾ ڦٿڪيو ڦٿڪيو مريو وڃن ۽ حاڪم آهن جيڪي ميٽنگون ڪرڻ يا ويڪ اينڊ ملهائڻ لاءِ به دبئي ۽ لنڊن وڃن ٿا ۽ اتي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهن ٿا. ٿڌ زڪام جھڙين بيمارين لاءِ هو يورپ ۽ آمريڪا جي ڊاڪٽرن کان تپاس ڪرائين ٿا. ڦورو سياستدان ۽ ڪامورا خدمت جي نالي ۾ سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن جو پئسو به هڙپ ڪريو وڃن ۽ غريب جو ٻار تعليم کان به محروم ٿيو وڃي. سندن ٻار آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ پيا پڙهن. هنن جا حرام جي پئسن سان نه فقط لاڪر ڀريا پيا آهن، پر گدامن ۾ ڊالرن جي ڀريل ٻورين کي باهه لڳيو وڃي. سرڪاري ڪامورن جي گهرن مان ڪروڙين رپين جي روڪَ رقم پئي نڪري، جنهن کي ڳڻڻ لاءِ چئن چئن مشينن جي ضرورت ٿي پوي، اربين رپين جي ٻيڙين رستي مني لانڊرنگ پئي ٿئي. کين سمجهه ۾ نٿو اچي ته غريب عوام جي کسيل پئسي کي ڪيئن خرچ ڪيون. بقول اسانجي ٽنڊو قيصر جي مرحوم دوست نور احمد نظاماڻيءَ جي “They are Suffering from Surplus” مفت ۾ بنا محنت جي آيل حرام جي بي انتها دولت هنن کي چريو ڪري وڌو آهي. هو جنهن بيماريءَ جي عارضي ۾ مبتلا آهن، اها ”پئسي جي گهڻائي“ آهي.
ان بي پناهه دولت جو اظهار هو شادين مرادين ۾ به ڪن ٿا. گهوٽ ۽ ڪنوار لک لک رپيا بيوٽي پارلر تي خرچ ڪن ٿا ۽ ڏهن لکن جو هڪ رات لاءِ عروسي وڳو اوڍين ٿا ۽ شاديءَ جي ماني ملڪ جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ٿئي ٿي.... شايد ايستائين ڳالهه هجي ها ته ان جو ذڪر نه آڻيان ها، پر مونکي حيرت تڏهن ٿي، جڏهن ڪلهه مون ٻڌو ته اسانجي هڪ سياستدان پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جي فنڪشن جو بندوبست ٿائلينڊ جي هڪ ٻيٽ تي رکيو آهي، جتي دعوتين کي چارٽرڊ جھاز ذريعي ڪراچيءَ کان ٿائلينڊ پهچايو ويندو.

ڪجهه جپاني ڇانهين ۽ بصرن بابت

پاڻ جپان جي مٺي گدري جي ڳالهه پئي ڪئي، جيڪو جپان ۾ميون جو بادشاهه ٿيو ويٺو آهي. ان سان گڏ جپانين جي ڇانهين بابت لکڻ پڻ ضروري ٿو سمجهان، جن جي جپانين شڪل ئي بدلائي ڇڏي آهي.سالن کان جپان ۾ لوڊي جي ڇڪي (Cube) جي شڪل جون ڇانهيون وڪامن ٿيون، جيڪي دٻي ۾ هڪ ٻئي مٿان رکڻ ۾ به آسان آهن. ڇانهين اڄ به قدرت طرفان اها ئي گول شڪل جي ڦٽي ٿي، پر پوءِ جپاني فارمر ان ڇانهينءَ جي چوڌاري ڪاٺ يا سخت گتي جو ڇڪو ڏيو ڇڏين، جيئن ڇانهين گول ٿيڻ بدران ڇهن پاسن واري (Cube) ٿئي. ڏٺو وڃي ته ڇانهيون پوکڻ بعد هنن کي هڪ هڪ ڇانهينءَ پٺيان وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ان کي پهرين ننڍي سانچي ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڇانهينءَ جي وڌڻ تي سانچا بدلايا وڃن ٿا. هاڻ ته دل جي شڪل جون به ڇانهيون وڪامن ٿيون ته احرام (Pyramid) شڪل جون به! هنن ڇانهين جي قيمت في داڻو 200 ڊالر (يعني ويهه هزار روپين) کان مٿي ٿئي ٿي. ٻه سال اڳ ٽوڪيو مارڪيٽ ۾ هڪ ڇانهين 35 هزار يين ۾ به نيلام ٿي.
هڪ دفعي جپان جي بندرگاهه ”ڪانا گاوا“ ۾ اسانجي جھاز جي ڳري مرمت هلي رهي هئي. جھاز جي خشڪ گودي (Dry Dock) ۾ هجڻ ڪري جھاز جي بورچيخاني توڙي غسل خانن جا نلڪا بند رکيا ويا هئا. اهڙيءَ صورت ۾ جھاز جي هر ماڻهوءَ جو ڪناري تي رهائش جو بندوبست ڪيو ويندو آهي يا کيس ڏهاڙيءَ جي حساب سان ڪافي پئسو ڏنو ويندو آهي ته ڀلي هو پاڻ پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪنهن هوٽل ۾ رهي، ماني ٽڪي کائي ۽ ڀاڙو ڪري ڏينهن جو جھاز تي پهچي. مون سان گڏ ان سفر ۾ فئملي نه هئي ۽ آئون هميشه وانگر هوٽل بدران هڪ جپاني مسافرخاني (Ryokan) ۾ رهي پيس، جتي رڌ پچاءَ جو بندوبست هو. صبح جو مسافر خاني جي مالڪياڻيءَ طرفان ملندڙ ڀاڄين جو سُوپ (مِسو سوپ) ۽ پَٽڙو ڀت کائي نڪرندو هوس. رستي تي ڪنهن ريسٽورنٽ تان ڪافي يا چانهن جو ڪوپ پيئندو هوس. منجهند جو شپ يارڊ جي ڪئنٽين ۾ ڪارن سوپ يا مڪئي جو اوٻاريل سنگ ۽ ڪيڪ وٺي کائيندو هوس. شام جو مسافرخاني ۾ موٽڻ وقت ڪنهن ڊپارٽمينٽل اسٽور تان مختلف ڀاڄيون يا ڪنهن مڇيءَ جا ڳڀا وٺي ايندو هوس ۽ ڀاڄيون ڪٽي ٻوڙ رڌيندو هوس يا مڇي تري ڊبل روٽي سان کائيندو هوس.
مسافرخاني جي پوڙهي مالڪياڻيءَ چيو: ”جيڪڏهن تون مونکي بصر ڪٽي ڏين ته اهڙو ٻوڙ آئون ئي تولاءِ ٺاهي رکان“.
دل ۾ سوچيم ته اها واهه جي ڳالهه ٿي. مائيءَ واهه جي آفر ڏني آهي. پر پوءِ ٻي گهڙيءَ سوچيم ته اهو بصر ئي آهي، جيڪو تنگ ٿو ڪري ۽ اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ بند نٿا ٿين، باقي ٻي ڀاڄيءَ کي ڪٽڻ يا سياري جي ٿڌي موسم ۾ چلهه اڳيان بيهي رڌڻ ۾ ڪهڙي تڪليف آهي، جو هن مائيءَ جا ٿورا کڻان، جيڪا روز جي مسواڙ ۾ هڪ يين به گهٽ نه ٿي ڪري. بهرحال سندس آڇ لاءِ ”اريگاتو“ (مهرباني) چئي پڇيومانس: ”آخر بصر ڪٽڻ کان توکي ڪهڙو عار آهي؟“.
”اسان جپانين جون اکيون ڏاڍيون حساس آهن. بصر مان نڪرندڙ گئس اکين ۾ ڏاڍو چڀي ٿي“. هن چيو.
”جپانين ڀاڄين ۽ ميون تي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا تجربا ڪري هنن جي شڪل ئي بدلائي ڇڏي آهي“. ڪجهه سنجيدگيءَ سان ۽ ڪجهه چرچي ۾ چيومانس: ”جيئن بنان ککڙين وارا انگور ايجاد ڪري ورتا اٿئون، تيئن بنان روئارڻ وارو بصر ڇو نٿا ايجاد ڪن؟“.
مائي به ڪا خوش موڊ ۾ هئي. ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”اسان جا مرد نه ٿا چاهين ته ڪو اسان کي سک نصيب ٿئي. ڀلي رنون پيون ڳوڙها ڳاڙين“.
اها ڳالهه اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ 40 سال اڳ جي آهي. ان عرصي اندر خبر ناهي جپان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون اليڪٽرانڪ ايجادون ٿي چڪيون آهن .... خبر ناهي ڪھڙا ڪھڙا ميوا، ڀاڄيون ۽ اناج (خاص ڪري چانور) ڪراسنگ ڪري بهتر جنسن جي صورت ۾ ايجاد ٿي چڪا آهن، پر بصر کي بهتر بنائڻ جي خبر هاڻ گذّريل هفتي ئي پڙهيم ته، ”ايندڙ سرءُ جي موسم کان جپان جي هڪ ڪمپني ڳوڙها نه ڳاڙائيندڙ بصر عوام لاءِ وڪرو شروع ڪندي“.
ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جھڙا چند ملڪ آهن يا وري فجي ڪيوبا جھڙا ٻيٽ، جتي بي انتھا ناريل ٿئي ٿو. اتي جا ماڻھو رس وارو ٻوڙ (Curry) ٺاهڻ لاءِ بصر بدران ناريل جي ڳَرُ (Flesh) جي ڪاتر استعمال ڪن ٿا.... اهـڙن ملڪن جي ماڻهن کي بصر جو قدر ناهي، نه ته سڄي دنيا لاءِ بصر دلپسند ڀاڄي آهي، جنهن بنان ڪا به ڀاڄي، گوشت، مڇي ايترا سوادي نه ٿا رڌي سگهجن. بصر جي ڪاتر (Chop) ڪرڻ کان هرڪو ڀڄي ٿو. ڪي حجام بورچي ڏٺا اٿم، جيڪي سيرن جا سير بصر يڪساهيءَ ڪٽيو وڃن، نه ته عام ماڻهوءَ کي بصر جي هڪ ڳنڍ به رئاريو ڇڏي.
جيئن هڪ عام انب کي ٻي جنس جي انب سان ڳنڍي (پيوند ڪري) ڪا نئين جنس تيار ڪئي وڃي ٿي، اهڙيءَ طرح ٻين ميون ۽ ڀاڄين جا ميلاپ (Hybird) ڪرڻ هاڻ هڪ پراڻي ڳالهه ٿي چڪي آهي ۽ انهن جي ٻوٽن ۽ ٻجن کي ”ڪراس“ ڪري نيون جنسون پيدا ڪيون ويون آهن..... بصر کي به بھتر بنائڻ لاءِ جپان ۾ ان تي وڏي عرصي کان تحقيق هلي رهي هئي.”هائوس فڊس گروپ“ جي سائنسدانن اٽڪل ويهن سالن جي کوجنا بعد سال 2002ع ۾ اهو ثابت ڪيو ته بصر ۾ موجود Syn-propanethial-s-Oxide نالي انزائيمس (جيڪي اکين ۾ چڀي ڳوڙها پئدا ڪن ٿا) کي جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان گهٽائي ڇڏجي يا ڪمزور بنائي ڇڏجي ته هڪ طرف بصر ميوي وانگر مٺو ۽ خوشبودار ٿي پوندو ته ٻي طرف ان کي وڍڻ ويل اکين ۾ ڳوڙها به نه ايندا. ان ڳالهه تي هائوس فڊس گروپ وارن کي “Ig Noble Prize” به مليو هو. هونءَ انگريزي لفظ ”نوبل“ جي معنيٰ ”عالي مرتبه“ چئي سگهون ٿا، جيتوڻيڪ نوبل پرائيز وارو لفظ سئيڊن جي هڪ سخي مرد ”نوبل الفريد“ جي نالي سان منسوب آهي. نوبل پرائيز ته هر سال انهن کي ملي ٿو، جيڪي امن، ادب ۽ سائنس ۾ ڪو ڪارنامو ڪري ڏيکارين ٿا. ان تان هڪ مزاحيه (Parody) پرائيز ”اِگ نوبل“ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو انهن کي ڏنو وڃي ٿو جيڪي کل مسخريءَ جھڙين ايجادن جي ڪوشش ڪن ٿا. بھرحال اڄ مٿين ڪمپنيءَ طرفان “Smile Ball” نالي بصر نه فقط ايجاد ٿي چڪو آهي، پر گذريل سياري ۾ نموني خاطر ٽوڪيو جي هڪ اوچي دڪان ۾ پنج ڇهه ٽن وڪامي چڪو آهي ۽ جنهن رفتار سان اهو بصر خريدارن ورتو، ان مان لڳي ٿو ته ايندڙ سياري ۾ جڏهن هي ڳوڙها نه آڻڻ وارو ”سمائيل بال“ بصر عام طرح هر مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ رکيو ويندو ته ماڻھو ان کي هٿو هٿ خريد ڪندا.
پر يارو! ان بصر جي به ڇا ته قيمت رکي وئي آهي!
مڃان ٿو ته جپان ۾ کاڌي پيتي جي هر شيءِ مھانگي آهي. ٽن ٽماٽن، ٽن پٽاٽن يا ٽن عام بصرن جي قيمت به 200 روپيه آهي پر ان هوندي به هنن ٻن“Smile Ball” بصرن جي قيمت 450 يين ـــ (پنهنجا چار سؤ روپيا) رکي وئي. جن خريد ڪيا، انھن جي راءِ آهي ته ”اهي صوف وانگر مٺا آهن ۽ ونگيءَ وانگر ڪچا کائي سگهجن ٿا. کائڻ سان وات ۾ ڌپ به نٿي ٿئي“.

ڪيوٽو سان واسطو رکندڙ مسٽر نير

ڪيوٽو شهر جي ڳالهه ڪندي هتي جي مشهور ۽ مانواري ڪيوٽو يونيورسٽيءَ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. يونيورسٽيءَ کي جپاني ٻوليءَ ۾ ”دائي گاڪو“ سڏجي ٿو. ”ڪيوٽو دائي گاڪو“ جنهن کي ”ڪيودائي“ به سڏجي ٿو، جپان جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي آهي، جنهن 1897ع ۾ جنم ورتو. ان کان اڳ 1869ع ۾ اها ڀر واري شهر اوساڪا ۾ ڪيمسٽري اسڪول جي شڪل ۾ هئي، جِتي فزڪس به پڙهائي ويندي هئي. ان بعد 1886ع ۾ اهو ”ٿرڊ هائير اسڪول“ جي نالي سان تعليمي ادارو ٿيو... ان بعد ڪيوٽو يونيورسٽي.
ڪيوٽو يونيورسٽيءَ کان وڌيڪ پراڻي يونيورسٽي ٽوڪيو جي آهي، جيڪا ”ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽيءَ“ جي نالي سان آهي ۽ 1877ع ۾ کلي. هن ۾ 35 هزار کن شاگرد آهن، جن ۾ 3000 ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جا ٿيندا. هن يونيورسٽيءَ جا پنج ڪئمپس آهن ۽ پڙهائيءَ جي لحاظ کان ايشيا ۾ پهرين نمبر تي ۽ دنيا ۾ ايڪويهين نمبر تي آهي. گذريل سال جپان مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ”جپان ٽائيمس“ ۾ پڙهيو هوم ته ٽوڪيو جي هن امپيريل يونيورسٽيءَ ۾ ٻه هزار پروفيسر آهن، جن ۾ 60 عورتون آهن ... البت اها ڳالهه عجيب ٿي لڳي ته پروفيسرن جي هيڏي وڏي تعداد ۾ عورتن جو انگ بنهه ٿورڙو آهي. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته جپان ۾ عورتن جو ڪم فقط گهر جي ٻهاري پوچو ڪرڻ سمجهيو وڃي ٿو يا ڪلارڪيءَ جھڙيون ننڍيون نوڪريون ڪرڻ! هن يونيورسٽيءَ ۾ ڏهه کن اهم فئڪلٽيون آهن. جھڙوڪ: قانون، ميڊيسن، سائنس، آرٽس، فارماسوٽيڪل سائنس، انجنيئرنگ، ايڪانامڪس ۽ ائگريڪلچر وغيره.
پاڻ ڪيوٽو يونيورسٽيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. جنهن جا ٽي ڪئمپس آهن. يوشيدا ڪئمپس هن يونيورسٽيءَ جوخاص ڪئمپس آهي. هن يونيورسٽيءَ جپان جي مختلف ادارن جا ڪيترائي اهم ماڻهو، سائنسدان، حسابدان ۽ کوجنائون ڪندڙ پيدا ڪيا. اسان جي سڄي ملڪ مان فقط هڪ ماڻهوءَ ڊاڪٽر عبدالسلام کي فزڪس ۾ نوبل انعام مليو. هيڏانهن جپان ۾ فقط هن يونيورسٽيءَ مان اٺن ڄڻن کي نوبل انعام مليو آهي. اهي انعام انهن کي فزڪس، ڪيمسٽري، فزيالاجي ۽ ميڊيسن جھڙن سبجيڪٽن ۾ مليا.
ڪيوٽو يونيورسٽيءَ جي Alumni يعني هِتان جي اهم تعليم يافته گرئجوئيٽس ڏي نظر ٿي ڪجي ته انهن ۾ رڳو جپاني ماڻهن جا نالا نظر اچن ٿا ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر يورپي يا ٻيا آهن. انهن مڙني ۾ هڪ هندوستاني ”آءِ پي نير“ جو نالو نمايان نظر اچي ٿو.
آءِ پي نير جو پورو نالو آهي ’آئي ياپان پِلائي نير‘. پاڻ انڊيا جي ڏکڻ صوبي ڪيرالا جي شهر تري وندرم (جنهن جو هاڻ ’ٿِرو وانا ٿاپورام‘ نالو آهي) جو هو. جِتان هن بنيادي تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن جپان اچي ڪيوٽو يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. هن ڪجهه عرصو انجنيئر ٿي جپان ۾ ڪم ڪيو، جنهن بعد سڀاش چندر ڀوس (جنهن هندستان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ انگريزن خلاف مهم پئي هلائي) جو ڪارڪن ٿي جپان ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. سڀاش چندر ڀوس کي جپانين جي مڪمل حمايت حاصل هئي. ٻي عالمي جنگ دوران نَير جپان ۾ قائم ڪيل ”انڊپينڊنس ليگ“ ۾ شموليت اختيار ڪئي. نير کي انگريزن خلاف جپانين جي مدد ڪرڻ جي بدلي ۾ جپان جو هڪ وڏو ايوارڊ ”ڪُن زئي هوشو“ (Kun Zuihosho) پڻ مليو. هي ايوارڊ جپان جي بادشاهه شهنشاهه هيرو هٽوءَ پنهنجي هٿن سان 1984ع ۾ کيس ڏنو. نير جپان ۾ ”نير سَان“ سڏيو ويو ٿي. جپان جي ڪيترن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان، ته جپان ۾ عورت توڙي مرد لاءِ “SAN” عزتماب لفظ آهي، جيئن پاڻ وٽ محترم، جناب اعليٰ، محترما وغيره. ساڳي وقت انگريزن جي خطاب “SIR” وانگر “SAN” پڻ آهي. جيئن پاڻ وٽ خانبھادر، راءِ بهادر وغيره.
نير سان (Nair San) بابت هي احوال آئون ڪيوٽو شهر ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ ڪري ”ڪيوٽو يونيورسٽيءَ“ جي حوالي سان لکي ويٺو آهيان، نه ته نير صاحب کان اهي به واقف آهن (خاص ڪري ننڍي کنڊ جا ماڻهو) جيڪي فقط گهمڻ لاءِ ٽوڪيو جو چڪر هڻي موٽن ٿا. منهنجي به نير صاحب سان پهريون دفعو ملاقات ٽوڪيو ۾ پهچڻ سان ٿي هئي. ٽوڪيو ۾ جھاز پهچڻ سان مون وٽ ٽوڪيو ۾ رهندڙ هم وطن هالن جو اشفاق ميمڻ، خيرپور جو ظفر شيخ (جيڪو پوءِ سفير ٿيو) ۽ ٻيا ملڻ آيا. هيءَ ڳالهه سال 1973ع جي آهي يا سال اڳ يا پوءِ جي. مون کين چيو ته، ”توهان هِتي پرديس ۾ رهي پنهنجي ملڪ جي کاڌن کي ياد ڪندا هوندؤ، سو توهان کي منجهند جو يا رات جو وقت ملي ته اسان جي جھاز تي اچي ماني کائيندا ڪريو، جيستائين اهو هن بندرگاهه ٽوڪيو ۾ يا ڀر واري بندرگاهه يوڪوهاما ۾ آهي. ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما ايئن سمجهو ڄڻ ڪوٽڙي، ڄامشورو يا روهڙي خيرپور آهن“.
هر جھاز تي بندرگاهه ۾ ماني ٽڪي گهڻي انداز ۾ ٺهي ٿي، جيئن جھاز هلائڻ وارن جا دوست يا هوم پورٽ ۾ مائٽ مٽ ملڻ لاءِ اچن، ته مانيءَ بنان نه وڃن. ۽ جھاز جا ماڻهو وري بندرگاهه ۾ پهچڻ تي، جھاز تي ماني کائڻ بدران ٻاهر جي ماني (ڀلي دال ماني ڇو نه هجي) کائڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا ڇو جو جھاز جي ماني، ڀلي کڻ ست رڇي ڇو نه هجي، پر ساڳي ذائقي هجڻ ڪري هو تبديلي چاهين ٿا.
هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ سڪرنڊ يا شايد نوابشاهه جو، جان محمد ڪيريو نالي شاگرد (جيڪو اتي ٽوڪيو ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو) مونکي ماني کارائڻ لاءِ گنزا وٺي آيو. گنزا ٽوڪيو جو شروع کان، هڪ گھماگھميءَ، سونهن ۽ فيشن وارو علائقو رهيو آهي. مون هن کي سختيءَ سان منع ڪئي ته تون شاگرد آهين، تڪليف نه ڪر! پر هو مونکي گنزا جي هِگاشيءَ واري علائقي ۾ وٺي آيو، جِتي ڪبوڪي ٿيٽر جي سامهون هڪ ننڍڙي انڊين ريسٽورنٽ “The Nair Restaurant” نالي هئي. هن ٻڌايو ته هن هوٽل جي ”انڊين ڪَري“ ٻوڙ تمام مشهور آهي ۽ پهريون دفعو جيڪو به گراهڪ اچي ٿو ته هن هوٽل جو مدراسي مالڪُ ’نير سَان‘ هن کان پئسا نٿو وٺي ۽ هيءَ هوٽل 1949ع جي ٺھيل آهي.
”انڊين ڪَري“ جپانين ۾ بلڪل مشهور پئي لڳي، جو هوٽل ۾ جيڪو جپاني آيو پئي، ان انڊين ڪَريءَ جو آرڊر پئي ڏنو. اسان کي اها اسان جھڙي ٻوڙ جھڙي نه لڳي، جنهن ۾ نه ڳاڙها مرچ هئا ۽ نه هئڊ، سنڍ يا ٿوم بصر. دراصل هي ٻوڙ هو ته اسانجي اسٽائيل جو، پر جپانين جي ٽيسٽ مطابق هو. جيئن اسانجي ملڪ جي هوٽلن ۾ چائنيز ڊش اسان جي ٽيسٽ مطابق ٺاهيا وڃن ٿا. ڪڏهن ڀلجي به سنگاپور، ملائيشيا يا چين جھڙن ملڪن جي هوٽلن ۾ ڪنهن چائنيز ڊش جو آرڊر نه ڏجو..... سخت مايوس ٿيندؤ. بهرحال، ان بعد آئون جڏهن به نوڪريءَ دوران پنهنجي جھاز تي يا ذاتي طرح گهمڻ لاءِ هوائي جھاز ۾ ٽوڪيو آيس ته ”نير ريسٽورنٽ“ ۾ ضرور ويس ۽ چپاتي، ڀاڄيءَ يا پڪوڙي سنبوسي تي گذر ڪيم. هن ريسٽورنٽ ۾ اچڻ جو مقصد ماني کائڻ نه پر نير صاحب سان ڪچهري ڪري وقت پاس ڪرڻ هوندو هو، جنهن سان 1973ع ۾ جڏهن پهريون دفعو مليس ته هو 68 سالن جو هو، يعني مونکان 40 سال وڏو هو. هن جي ڄم جو سال 1905ع هو. سندس جپاني توڙي انگريزي تامل نموني جي هئي. منهنجي ساڻس آخري ملاقات 1980ع ۾ ٽوڪيو جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ٿي، جِتي پڻ هن پنهنجي ريسٽورنٽ جي شاخَ کولي هئي. ملائيشيا ۾ هوس ته 1990ع ۾ سندس وفات جي خبر سنگاپور جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ پڙهي هيم. سنگاپور جا تامل انڊين اڄ به نير صاحب (نير سَان) جي عزت ڪن ٿا، جو هو ٽوڪيو ۾ ايندڙ پنهنجي هم زبان ماڻهن جي تمام گهڻي مدد ڪندو هو.
نير صاحب هڪ بيحد دلچسپ شخصيت هو. هو ڄاڻ جي کاڻ هو. ٻڌو اٿم ته البرٽ ائنٽوني نالي هڪ اطالوي ڊائريڪٽر نير صاحب تي “Nairsan” نالي هڪ انگريزي فلم ٺاهي رهيو آهي.... يا شايد ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ انڊين تامل فلمن جي مشهور ائڪٽر موهن لعل ۽ چيني اداڪار جئڪي چان اداڪاري ڪئي آهي. نير صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو ڪِتاب پڻ لکيو، جنهن جو نالو آهي “An Indian Freedom fighter in Japan: Memories of A.M Nair (1982)”
اڄ ڪلهه جپان جي هر وڏي شهر ۾ ڪيتريون ئي انڊين ريسٽورنٽون آهن، پر گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن پاڻيءَ جي جھازن رستي اسان جپان وڃڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت ٽوڪيو ۾ سڀ کان پراڻي انڊين ريسٽورنٽ ”دي نير ريسٽورنٽ“ هئي ۽ ان کان علاوه ٻه ٻيون به انڊين ريسٽورنٽون هيون. هڪ ”اجنتا“ نالي هئي، جنهن جو مالڪ پڻ مسٽر نير وانگر ”نيتاجيءَ“ جو.... يعني سباش چندر ڀوس جو پوئلڳ هو ۽ ٻي هوٽل ”اشوڪا“ هوندي هئي جنهن جي شاخ ڪوبي يا شايد اوساڪا ۾ پڻ آهي، جيڪا ”ڪَيم ڇو مزا ما ڇو“ ڳالهائڻ وارن گجراتين جي آهي. پر هي انڊين هوٽلون چاهي جپان ۾ هجن يا انگلينڊ ۾، هانگ ڪانگ ۾ هجن يا آمريڪا ۾، بيحد مهانگيون ٿين ٿيون.... هڪ سنهي ڦلڪي جھڙي مانيءَ (چپاتيءَ) جي قيمت ئي ڊالر کن ٿيو وڃي.... يعني سؤ رپيا.... پوءِ پنهنجي ملڪ جي ٻوڙ مانين وارين هوٽلن جي مهانگائيءَ جي ڪري مجبورن اسان جھڙا پرديسي مئڪڊونالڊ جهڙي جنڪ فوڊ ڏي رخ رکن ٿا، جيڪو انڊين يا پاڪستاني هوٽلن ۾ ملندڙ ٻوڙ مانيءَ يا دال ڀت کان گهڻو گهڻو سستو ٿئي ٿو.... تڏهن ته مون آمريڪا ۽ جپان جي شروع وارن سفرنامن ۾ (جڏهن آئون هڪ جونئر انجنيئر هوس) مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي (KFC) جي مالڪن لاءِ لکيو آهي ته، اهي جنت ۾ ويندا، جن جي ڪري ولايت ۾، اسان کي، گهٽ پئسو هجڻ جي باوجود، پيٽ ڀري کائڻ لاءِ مليو وڃي. پر ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ ۾ نه فقط اهي مٿيان فاسٽ فوڊ مھانگا آهن، پر انهن جا کائڻ وارا پاڻ کي اهم ماڻهو سمجهن ٿا. اسانجي ملڪ ۾ اهڙين ولايتي ريسٽورنٽن ۾ وڃڻ Status Symbol سمجهيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اسان وٽ نان يا چپاتي مهانگي هجڻ جي باوجود، اڄ به انهن برگرن ۽ پيزائن کان سستي آهي.
اسان مسٽر نير جي ٽوڪيو واري انڊين ريسٽورنٽ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. مسٽر نير جي ان ريسٽورنٽ کان وڌيڪَ مشهور، هن جو ٺهيل ”اِندرا ڪَري پائوڊر“ هو، جيڪو ايئن هو جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ ”شان“، ”مهراڻ“ ۽ ”نئشنل“ جا مصالحا آهن. جپانين ان کي ڏاڍو پسند ڪيو ٿي. هڪ ٻه دٻا مسٽر نير مونکي گفٽ طور ڏنا هئا. اهو پائوڊر گول دٻي ۾ هوندو هو. جنهن جي چوڌاري جيڪو ليبل طور پنو چنبڙيل هو، ان تي انگريزيءَ ۾“Indira Pure Curry Powder” لکيل هو ۽ ان جي هيٺان ساڳيو انگريزي نالو جپانيءَ جي ’ڪاٽا ڪانا‘ لکڻيءَ ۾ هو. ان جي هيٺان لکيل هوندو هو: “Prepared by A.M. Nair Co. Ltd”
هڪ ڏينهن مون کِلي مسٽر نير کي چيو: ”:سر! توهان جي ريسٽورنٽ جو ٻوڙ ماني جپانين کي ته بيحد پسند آهي، پر مونکي هرگز نه.... شايد ان ڪري جو آئون جھاز جو ماڻهو هجڻ ڪري جپان ۾ هوندي به پاڪستان ۾ رهان ٿو ۽ اسانجي جھاز تي منجهند ۽ رات جي مانيءَ تي، هر قسم جو ٻوڙ ۽ ماني، نان ۽ اڦراٽا ٺهن ٿا“.
”پوءِ ته توکي منهنجي ريسٽورنٽ ۾ اچي پئسو خرچ نه ڪرڻ کپي“. مسٽر نير چيو.
”آئون هفتي ۾ هڪ دفعو توهانجي ريسٽورنٽ ۾ هڪ هزار کن يين، خبر اَٿَوَ ڇو ٿو خرچ ڪيان؟“. مون چيو.
”ڇو؟“ .
“Because meeting with you “Nair San” is sheer delight and listening your stories is quite a treat”.
مسٽر نير جيڪو جپان ۾ “Nair San” ۽ “Mr. A.M Nair” جي نالن سان مشهور آهي، سندس سڄو نالو “Aiyappan Pillai Madhavan Nair” آهي. پاڻ 1923ع ۾ ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ ڪيوٽو (جپان) ۾ پڙهڻ لاءِ آيو ته هن اچڻ سان پهرين چڱيءَ طرح جپاني ڳالهائڻ سکي. ڪيوٽو يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد هو ”نيتاجي سڀاش چندر بوس“ جو پوئلڳ ٿي هندستان جي آزاديءَ خاطر ڪم ڪرڻ لڳو. نيتاجي جڏهن به جپان آيو ته هو ساڻس گڏ گڏ رهيو ۽ سندس لاءِ ترجميڪار جا فرض ادا ڪيا. هِتي مان اڄ جي نوجوانن کي هڪ دفعو وري اها نصيحت ڪندس، ته هو، جنهن ملڪ ۾ به تعليم يا نوڪريءَ لاءِ، ٽي سال يا ان کان مٿي عرصو وڃن ٿا، يا اتي رهڻ جو پروگرام رکن ٿا، ته هنن کي کپي ته هو پهريون ڪم ان ملڪ جي زبان جپاني، عربي، هسپانوي، ملئي (يا جيڪا به هجي) يڪدم سکي وٺن .... ٿوري محنت لڳي ٿي، پر پوءِ ان ملڪ ۾ باقي ڏينهن رهڻ ۾ هو آساني ۽ پنهنجائپ محسوس ڪندا. مون ان جو پهريون مثال ٽوڪيو ۾ ڏٺو، جڏهن خيرپور جو هڪ CSS پاس نوجوان ظفر شيخ فارين سروس ۾ چونڊجي، ٽوڪيو ۾ پاڪستان ايمبيسيءَ ۾ ٿرڊ سيڪريٽري مقرر ٿيو. اسانجي جھاز به ان سال کان جپان وڃڻ شروع ڪيو هو. مون ڏٺو ته ظفر شيخ ڪم ٽپائڻ خاطر جھڙي تھڙي جپاني ٻولي سکڻ بدران ”نير سان“ وانگر محنت ۽ دل لڳائي اهڙي ته سٺي جپاني سکي جو خود اهل زبان هن جي تعريف ڪرڻ لڳا ۽ جڏهن به ڪٿي ترجميڪار جي ضرورت پوندي هئي ته ظفر کي رکيو ويندو هو. پاڪستان کان ان وقت جو صدر جنرل ضياء الحق ته جڏهن به جپان ايندو هو ته، هُو ظفر شيخ کي پاڻ سان رکندو هو. انهن ڏينهن ۾ ٽوڪيو ۾ پاڪستان جو سفير جنرل ضياء الحق جو ڳوٺائي (يعني جالنڌر جو) قمر اسلام هو. ننڍي کنڊ جي آزاديءَ کان اڳ (مرڻ گهڙيءَ تائين) جيئن ئي سڀاش چندر ڀوس جپان جي سرزمين تي پير رکندو هو ته هو پهريون ڪم نير کي پاڻ وٽ گهرائي رکڻ جو ڪندو هو. ان ڪري جڏهن سڀاش چندر ڀوس جي اڏام ملائيشيا جي هوائي جھاز وانگر Mystery ٿي پئي ته آيا هو تائيوان بعد جپان پهتو يا نه، ته نير جي ان ڳالهه ۾ وزن آهي، ته هُو جپان هرگز نه پهتو، جو پهچي ها ته هميشه وانگر هن سان ضرور رابطو رکي ها. سڀاش جو موت 1945ع ۾ ٿيو ۽ ٻن سالن بعد هندستان آزاد ٿيو. نير کي ”نيتاجي سڀاش“ جي موت جو وڏو صدمو رسيو. هن انڊيا وڃي مادر وطن لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو، پر انڊيا پهچي وزير اعظم نھروءَ سان ڪيل ملاقات هن جي مايوسيءَ جو ئي سبب بڻي ۽ هو موٽي جپان آيو ۽ اچي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيائين.... يعني ان وقت هن اها انڊين ريسٽورنٽ اچي کولي ۽ باقي زندگي جپان ۾ ئي گذارڻ چاهي. بعد ۾ نهروءَ طرفان نير کي سفارتڪاريءَ جي آڇ ڪئي وئي. نير سمجهيو ته هن جي خدمتن جي عيوض کيس گهٽ ۾ گهٽ جپان جو سفير بنائيندا، پر جڏهن هن کي ڪوبي شهر ۾ موجود انڊين قونصل خاني جي قونصل جنرل طور ڪم ڪرڻ جو ليٽر مليو، ته هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ مگن رهيو.
نير صاحب ڪيوٽو اچي تعليم دوران هڪ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن جو نالو هُنَ ”جَناڪي امان“ رکيو. هن چاهيو ٿي ته هن جا پٽ پنهنجي ديس، يعني پنهنجي رياست ڪيرالا مان ڪنهن هندستاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪن. سندس وڏي پٽ واسوديو جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. نير هن کي عاق ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ملڪيت مان ٽڪو به نه ڏنائينس. ٻئي پٽ گوپلان کي به نير ساڳيو الٽيميٽم ڏيندو رهيو، پر منهنجي خيال ۾ هن به پنهنجي پيءُ جي ٺهيل ”ڪَري پائوڊر“ واري سلطنت کي ڇڏي، پنهنجي پسند جي وڃي شادي ڪئي.
سڀاش چندر ڀوس لاءِ پهرين به جپان جي ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان، سو هِتي هن لاءِ فقط ٻه ٽي سٽون لکڻ چاهيان ٿو ته سڀاش بنگال ۾ ڄائو. قوم پرست هو، جنهن هندستان کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ پئي چاهيو. ان سلسلي ۾ هُنَ جرمنن ۽ جپانين سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيو. هن شادي به جرمن ڇوڪريءَ سان ڪئي. جرمنيءَ ۾ هجڻ دوران اتي موجود انڊين سپاهين کيس ”نيتاجي“ جو لقب ڏنو.... هو شاگرديءَ واري دؤر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي يوٿ برانچ جو 1920ع ڌاري اڳواڻ ٿيو ۽ 1938ع ڌاري ڪانگريس جو صدر ٿيو. پڙهائيءَ ۾ به هوشيار هو. گرئجوئيشن بعد انڊين سول سروس ۾ چونڊجي ويو، پر انگريزن جي ماتحت نوڪري ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. پاڻ چوڏهن ڀائرن ڀينرن ۾ نائين نمبر تي هو ۽ جانڪي ناٿ ڀوس نالي وڪيل جو پٽ هو.

جپان ۾ امپورٽيڊ پاڻي

سوچيان پيو ته گذريل سٺ ستر سالن ۾ اسان جي پيئڻ جي پاڻيءَ کي ڇا ٿي ويو آهي؟! ننڍي هوندي ته اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو پاڻي به پئسن سان خريد ڪبو. البت کير لاءِ اسان جا وڏا چوندا هئا ته، ڪهڙو ته زمانو اچي ويو آهي، جو کير پير جھڙي شيءِ مارڪيٽ ۾ پئي وڪامي! پئسن تي کير وڪڻڻ مجبوري يا ڏک جھڙي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. کير اڪثر ڪنهن اهڙي مائٽ کان مفت ۾ ملي ويندو هيو، جنهن وٽ مينهن، ڍڳي يا ٻڪري هوندي هئي. هن پاڻ کي خوش نصيب سمجهيو ٿي ته هو مال وٿاڻ وارو آهي. ٿورا وڏا ٿياسين ته پنهنجي ڳوٺ جي مارڪيٽ ۾ ڪجهه ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي کير وڪڻندي ڏٺوسين، جيڪي چونئرين ۾ کير کڻي گڏهن تي چڙهي ايندا هيا. پائوڊر واري کير جو ته تصور ئي ڪو نه هو، جيڪو هاڻ نت نون نالن سان دٻن ۾ بند ٿي مختلف ملڪن مان اسان وٽ ٻارن کي پيارڻ لاءِ پهچي ٿو. انهن ڏينهن ۾ مائرون پنهنجن ٻارن کي ٿڃ پياري صحتمند رکنديون هيون.
اهو ئي حال پاڻيءَ جو هو. پاڻيءَ جي بوتل خريد ڪرڻ جو ته خواب خيال ۾ به نه هو. هر گهر ۾ پاڻيءَ جا دلا ۽ مٽ هوندا هئا، جن مان پاڻي ڀري پيئبو هو. ڪو به بيمار نه ٿيندو هو! انهن ڏينهن ۾ ته ريفريجريٽر به نه هوندو هو. مسجدن توڙي اسڪولن ۾ دلن مان پاڻي ڀري پيتوسين. 1958ع تائين هالا ۾ رهيس، ان بعد ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتم. اتي به 1963ع تائين اهي مٽ ڏٺم، جن مان نه فقط اسان شاگرد پر هاسٽل ۽ ميس جا ڪم ڪندڙ نوڪر چاڪر، بئرا ۽ اسان جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومسس ۽ ان سان گڏ رهندڙ ٽي انگريز استادَ پاڻي پيئندا هئا. ڪيڏانهن پڪنڪ تي وڃبو هو ته بس ۾ هڪ يا ٻه دلا کڻي هلبا ها يا وري لوهه جي گهالي ۾ پاڻي کڻبو هو. پيٽاري ۾ ته سال ڏيڍ لاءِ مون کي اهڙي هنڌ تي ڪمرو مليو، جنهن جي ٻاهران گهڙا منجيءَ تي چار کن دلا رکيل هئا. راندين يا پي ٽيءَ بعد سڀ اوڏانهن ڊوڙندا هئا. جونيئر ڪيڊٽ ايڏي لٻڙ سٻڙ ڪندا هئا، جو مون کي ياد آهي ته مان ۽ منهنجا روم ميٽ ڪموڊور اشفاق بيگ ۽ شوڪت جماڻي کين سمجهائيندا رهندا هئاسين، ته کليل مٽ کان پري بيهي پاڻي پيو. پر ڪو به نه ٻڌندو هو. پر ان هوندي به ڪو بيمار نه ٿيندو هو.
1963ع ۾ چٽگانگ وڃڻ ٿيو. مون کي حيرت ٿي ته بنگال ۾ به پاڻي پيئڻ لاءِ مَٽ نظر آيا، جن ۾ ڍنڍن ۽ ٽيوب ويلن مان پاڻي ڀريو ويندو هيو. اهو پاڻي پي به سڀ چاق چڱا ڀلا هئاسين. تعليم بعد 1968ع ۾ جھاز جي نوڪري شروع ڪئيسين ته اتي نلڪن مان پاڻي ايندو هيو. ڊائننگ روم، انجڻ روم ۽ ٻين ڪجهه هنڌن تي لوهي ڪولر به هئا، جن مان گلاس ۾ پاڻي ڀري پيئندا هياسين. گلاس نه هجڻ تي ڪولر جي نلڪي ۾ منهن وجهي به پاڻي پيتوسين ۽ اهو پاڻي ڪو منرل واٽر يا ڪنهن چشمي جو پاڻي نه هوندو هو. اهو ئي پاڻي هوندو هو، جيڪو ڪراچيءَ، ڪولمبو يا ڪلڪتي مان ٽئنڪرن ذريعي گهرائي جھاز جي زنگ لڳل ٽانڪين ۾ ڀربو هو، سچي ڳالهه ته اها آهي ته رڳو جھاز جي ٽانڪين ۾ لوهي ڪٽ (Rust) نه هوندي هئي، توهان سال ٻن بعد پنهنجي گهر جي واٽر ٽئنڪ (Under Ground) خالي ڪري صاف ته ڪري ڏسو، ته ان ۾ ڪيتري مٽي ۽ ٻيو گند ڪچرو نظر ايندو. ان جھازن جي ٽئنڪن ۾ ته ڦاٽل جوتا، گريز لڳل اڳڙيون ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا به هوندو هو. پر ڪمال آهي ته، نه فقط اسان، پر مختلف ملڪن مان جيڪي ڪم وارا مزور ۽ مهمان ايندا هيا، اهي به اهو پاڻي پيئندا رهندا هيا. نه فقط اسان جي جھاز تي پر هر جھاز جي پاڻيءَ جي ٽانڪين جو اهو حال هوندو هيو. جپانين به اهو پاڻي پيتو پئي، ته انگريزن، فرينچن ۽ آمريڪين به.....
جنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ وڃبو هو ته گهڻو ڪري نلڪي جو پاڻي (Tap Water) هائجينڪ ۽ صحتمند سمجهيو ويندو هيو ۽ رستي تي جتي اڃ لڳندي هئي ته ڪنهن پارڪ يا گهٽيءَ جي موڙ وٽ لڳل ميونسپالٽيءَ جي نلڪي اڳيان ٻڪ جهلي پاڻي پيئبو هو. بئنڪاڪ مان لنگهندڙ چائوفريا نديءَ ۾ ٻيڙين ۽ ڪچري جي ڀرمار ڏسي، اهو پاڻي سو نه پيتوسين، پر چٽگانگ جي ڪرناڦلي ندي هجي، برما جي اراوا ندي، آمريڪا جي مسي سپي ندي هجي يا ٽوڪيو مان لنگهندڙ سميدا ندي - انهن جي ڪنارن تي واڪ ڪندي، اڃ لڳندي هئي ته ان نديءَ مان ئي پاڻي پي ڇڏبو هو. هڪ ته درياهه جو وهڪرو تيز هوندو هو ۽ ٻيو ته پاڻي صاف نظر ايندو هو. خاص ڪري جپان جي صفائيءَ سٿرائيءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي. منهنجي خيال ۾ ته 1980ع تائين به مون کي جپان جھڙي ملڪ ۾ بوتل ۾ پاڻي وڪامجندي نظر نه آيو. ٽوڪيو جي گنزا واري مڪڊونالڊ ۾ به گهڙي وڃبو هو ته پاڻي مفت ۾ هوندو هو. اوساڪا، ڪوبي، نگويا، يوڪو هاما جي هر دڪان ۾ پاڻي مفت ۾ هوندو هو،. ڪو انڊين سک يا سنڌي هندو واپاري چانهه يا ڪوڪا ڪولا پيئاريندو هو، ته ان سان گڏ جڳ مان پاڻيءَ جو گلاس به ڀري رکندو هو.
اڄ ڪلهه ته هر ملڪ ۾ باٽلڊ واٽر اهڙو عام ٿي ويو آهي، جو لڳي ٿو ته ڇُڙيو پاڻي زهر برابر آهي. پر يارو! 1995ع تائين به سوچيان ٿو ته مون کي ڪٿي به بوتلن ۾ پاڻي وڪامجندي نظر نه آيو. هڪ هڪ ملڪ جو هڪ هڪ بندرگاهه ٿو ياد ڪريان.... بلغاريا، رومانيا، ايسٽونيا ۽ روس کان چليءَ، برازيل، چين، ڪوريا تائين، دنيا ۾ جتي ڪٿي پاڻي مفت ۾ مليو. ملاڪا ۽ ممباسا جي فائيو اسٽار هوٽلن کان وٺي سنگاپور ۽ سيول جي جيم خانن/ ڪلبن تائين، جڏهن بئرو آرڊر وٺڻ لاءِ ايندو هو ته اسان ڪنهن ڪوڪا ڪولا، سيون اپ يا جوس جو آرڊر ڏيندا هئاسين. پاڻي پاڻَ هُرتو مفت ۾ گلاس ۾ کڻي ايندا هيا. پر هاڻ ويندي ٽنڊي آدم ۽ شهدادپور ۾ پٺاڻ جي هوٽل تائين بئرو ڊرنڪ جو پڇي ٿو ۽ توهان هن کي فقط پاڻيءَ لاءِ چئو ٿا ته هو پاڻيءَ جي بوتل رکي ان جا ٽيهه رپيا توهان جي بل ۾ ٿو هڻي! يقين ڪريو 1991ع تائين به سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾، جتي آئون رهندو هوس، پاڻي مفت ۾ ڏنو ويندو هيو. آرڊر وٺڻ واري بئري جي خواهش ضرور هوندي هئي ته گراهڪ مانيءَ سان گڏ ڪنهن مشروب، جوس، ڪافي يا چانهه جو آرڊر ڏئي، جيئن کيس بل وٺڻ تي گهڻي ڪميشن ملي، پر مون جھڙي (جنهن کي مانيءَ تي فقط پاڻي وڻي) کان ” آئر سهاجا (فقط پاڻي کپي)“ جو ٻڌي بئرو شڪل ٺاهي/ يا ٽوڪ طور چوندو هو: ”اواڪ ماهُو مِنيوم اسڪاءِ جيوس“. (توهان فقط آسماني جوس پيئڻ ٿا چاهيو؟).
”آسماني جوس“ مان هن جو مطلب مينهن جو پاڻي يعني عام مفت جو پاڻي هوندو هو. هاڻي ته ميڊيڪل سائنس به اهو ئي ٿي چوي ته مانيءَ کان اڳ يا پوءِ ڪنهن به قسم جي ڪولا هرگز نه پيئجي.
هاڻ ته سڄي ملائيشيا ۾ باٽلڊ واٽر عام ٿي ويو آهي.... بلڪ فئشن ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ ملائيشيا ۾ گهڻي ڀاڱي ٽئپ واٽر (نلڪن جو پاڻي) پيئڻ جوڳو آهي. ماريپور جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ جڏهن نوڪريءَ جا آخري سال پڙهائيندو هوس ته اتي جي ڪئڊٽن کي ٻين فئڪٽرين سان گڏ هڪ دفعو ڪولڊ ڊرنڪ جي هڪ ڪمپنيءَ ۾ پڻ وٺي ويس. مين گيٽ وٽ پراڻين بوتلن کي، ڊرنڪ وجهڻ کان اڳ، جنهن نموني سان صاف ڪيو پئي ويو، اهو ڌيان ۾ اچڻ سان اڄ به دل چوندي آهي ته ڪراچيءَ جي انهن ڪولائن يا منرل واٽر جي بوتلن کان ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جھڙن ملڪن جي نلڪن جو پاڻي به سٺو، جو اتي کاڌي پيتي جي شين تي نظر رکڻ وارا ادارا ايماندار ۽ قاعدي قانون جا سخت آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو اهڙن مينهوڳين وارن ملڪن ۾ به ماڻهو دستن، ڪالرا، ٽائفائيڊ جھڙين بيمارين جا مريض نه ٿا ٿين. ٻئي طرف اسان جي ڳوٺن توڙي شھرن ۾ بيمارن جي قطار لڳي پئي آهي! سچ ته جن ملڪن ۾ گندو پاڻي ۽ پاليوشن ناهي، اتي جون سرڪاري اسپتالون به مريضن کان خالي رهن ٿيون. اسان وٽ رڳو ڳالھيون ۽ ڊرامي بازيون آهن ته ڳوٺ ڳوٺ کي آر او پلانٽن ذريعي پاڻي مھيا ٿي رهيو آهي.... بس رڳو انهن جي افتتاح جي خبر اخبار ۾ پڙهجي ٿي.... ٻيو مڙيئي خير.
ڏٺو وڃي ته ڪيترن ملڪن ۾ خاص ڪري اسان جھڙن ملڪن ۾ پاڻيءَ جي ڇا حالت ٿي وئي آهي. غريب ماڻهوءَ لاءِ اهو پاڻي ئي هڪ مفت جي شيءِ وڃي رهي هئي. پر هاڻ اهو به هٿن مان نڪرندو وڃي. اسان جو پاڻي ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريات ۽ جانورن ۽ انسانن جي ڪرفتيءَ سان ملي، پيئڻ لائق نه رهيو آهي ۽ هيپاٽائٽس ۽ ٻين بيمارين جو سبب بڻجي رهيو آهي. اسان وٽ جن جو ڪم عوام جي صحت ۽ پاڻي صحيح رکڻ جو آهي، انهن واسطيدار ماڻهن جي دل ايڏي سخت آهي، جو هنن کي فڪر ئي ناهي. هو جتي وڃن ٿا، پاڻ سان باٽلڊ پاڻي کڻي نڪرن ٿا. هاڻ ته ڏسان پيو ته اهو فئشن ٿي رهيو آهي ته پنهنجي ملڪ جي منرل واٽر بدران فرانس ۽ ٻين ملڪن مان گهرايل پاڻي پيئن ٿا.
شاباس ٿو ڏيان جپان، سئيڊن، ناروي، فنلينڊ جھڙن ڪيترن ئي يورپي ملڪن کي، جيڪي پنهنجي عوام جي لاءِ ٻين شين سان گڏ صاف پاڻيءَ جو به بندوبست ڪن ٿا. اسان وٽ ڳوٺ ته ڇا ڪراچيءَ جھڙي شهر کي ٿو ڏسجي ته اتي انهن ٽانڪين ۾ ڇا ته گندگي آهي، جن ۾ پاڻي گڏ ڪري شھر جي مختلف علائقن ۾ پمپ ڪيو وڃي ٿو ۽ پئسو کائڻ وارن پاڻيءَ جي پائيپن کي به نه بخشيو آهي. ڪميشن ۽ مال کائڻ جي چڪر ۾ جنهن سادي مٽيريل جا پائيپ لڳايا ويا آهن اهڙا دنيا جي ڪنهن پٺتي پيل ملڪ ۾ به نظر نه ايندا. توهان ڀلي ويٽنام، ڪمبوڊيا يا ڪو آفريڪا جو ملڪ گهمي ڏسو. اسان وٽ اهي پائيپ جلد ئي زنگجيو ۽ سوراخجيو پون. انهن سوراخن ذريعي، ٻاهر وهندڙ گٽر جو پاڻي پائيپن ۾ اچي وڃي ٿو ۽ جتي ڪٿي اهو پاڻي پيتو وڃي ٿو ۽ ننڍا وڏا بيمار ٿين ٿا.
جپان ۾ هونءَ پاڻيءَ جي بوتلن جي وڪامڻ جو فئشن نه هو. توڻي جو اتي جي نلڪن جو پاڻي اسان جي بوتلن واري پاڻيءَ کان به بهتر آهي. هڪ دفعي بيپو شهر جي هِلِ اسٽيشن تي هڪ هوٽل جي ٻاهران ڏٺم ته هڪ آمريڪن ٽوئرسٽ ڪنهن سافٽ ڊرنڪ (ڪوڪا ڪولا وغيره) جي اڇلايل بوتل کڻي ڀر ۾ لڳل نلڪي تان ان کي ڌوئي، پاڻيءَ سان ڀري وڃي پنهنجي ٽوئرسٽ بس ۾ ويٺو ۽ ڏاڍي مزي سان پيئڻ لڳو. دل ۾ چيم ته صحيح ٿو ڪري. سستي سستي تڏهن به پاڻيءَ جي هڪ بوتل هڪ سئو يين (رپين) جي آهي. هڪ ٽوئرسٽ کي اجايو پئسو ڇو وڃائڻ کپي، جڏهن ان ئي جھڙو صاف پاڻي ميونسپل جي نلڪن مان مفت ملي پيو. پر سڀ ته ان آمريڪن ٽوئرسٽ يا اسان جھاز هلائڻ وارن جھڙا سياڻا نه آهن. ڪيترا پنهنجي لئي ۽ ٽون ڦان رکڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري نه فقط جپان ۾ پئڪ ٿيل پاڻيءَ جون بوتلون خريد ڪن ٿا، پر هنن جي زبان تي هر وقت امپورٽيڊ پاڻيءَ جو نالو رهي ٿو.
ٽوڪيو جي مرڪزي علائقي ڀرسان ايبيسو (Ebisu) نالي ريلوي اسٽيشن آهي، اتي هوٽلن، ريسٽورنٽن ۽ مئخانن ڀرسان“Yebisu Garden Place” نالي هڪ علائقو آهي، جتي هڪ بار “R- Gath” آهي، جيڪو مختلف شرابن نه پر دنيا جي مختلف پاڻيءَ جي بوتلن سبب مشهور آهي. جتي دنيا جا امير ۽ شوقين سياح پنهنجي ٽيسٽ جو پاڻي پيئڻ يا خريد ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. منهنجي جپاني دوست ٻڌايو ته هتي سڀ کان گهڻو مصافي (Masafi) برانڊ جو پاڻي هلي ٿو، جيڪو عرب امارات کان امپورٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ هتي “Water From the desert” سڏيو وڃي ٿو. ان جي بوتل 210 يين ۾ ملي ٿي.
ٽوڪيو جي هن واٽر بار جي مالڪ يوشي هيرو مطابق اڄ ڪلهه مصافيءَ کان وڌيڪ پاڻيءَ جا ٻيا برانڊ ٽوڪيو ۾ مشهور ٿي رهيا آهن. جيئن ته اٽليءَ جي “Filette” جي قيمت 270 يين آهي، ڪئناڊا جي “Ice Age” جي 260 يين، فرانس جي Vals جي 270 يين ۽ “Swiss Water” جي قيمت 290 يين آهي.
مون هن پاڻيءَ جي بار جي مالڪ کان پڇيو: ”آخر انهن مختلف برانڊن جي پاڻيءَ ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ جڏهن ته پاڻي ته مڙيئي پاڻي آهي؟“.
”بس مڙيئي شوقينن جا ٽيسٽ ۽ فئشن آهن“. هن ٻڌايو.
”اٽليءَ کان ايندڙ پاڻي “Filette” لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو پاڻي ان وقت کان مشھور آهي، جڏهن روم تي جوليس سيزر جي حڪومت هئي. ڪئناڊا کان ايندڙ “Ice Age” برانڊ نالي پاڻيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو پاڻي اولهه ڪئناڊا جي اتاهن جبلن تي 4500 ميٽر بلنديءَ تي موجود گلئشر تان آندو وڃي ٿو. “Vals” برانڊ جو پاڻي يورپ جو سڀ کان آڳاٽو مِنرل واٽر آهي، جنهن ۾ قدرتي طور ”باءِ ڪاربونيٽ“ وڌيڪ مليل آهي، جنهن ڪري پيئڻ واري جو جيرو صحيح ڪم ڪري ٿو ۽ هي پاڻي کاڌي هضم ڪرڻ ۾ به مدد ڪري ٿو....“. بار جي مالڪ تفصيل سان ٻڌايو.
بس سائين وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون! اهو ملڪ جپان جنهن جي نلڪن جو هار وير وارو پاڻي به سئو سيڪڙو صاف سٿرو، نج ۽ پيئڻ لائق آهي، ان ملڪ جي ٽوڪيو شهر ۾ مفت جو پاڻي ڇڏي، ٻه سئو کان ٽي سئو رپين جي قيمت واري امپورٽيڊ پاڻيءَ جي بوتل خريد ڪري پيئڻ واقعي انهن جو ڪم ٿي سگهي ٿو، جن وٽ پئسو اڻ ميو هجي يا حرام جو هجي. بقول اسان جي پيٽاري جي مرحوم دوست رئيس نور احمد نظاماڻيءَ جي، اهڙا خرچ ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته “They are suffering from surplus!”
ٽوڪيو جي هن Water Bar ريسٽورنٽ “R-Gath” ۾ ٽيهن کن برانڊن جا پاڻي وڪامن ٿا. بار مالڪ ٻڌايو ته پاڻيءَ جا اهي قسم اٽليءَ، اسپين، انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ، سئٽزرلئنڊ، عرب امارات، جرمنيءَ، ناروي، پورچوگال، فرانس، ڪئناڊا ۽ ويندي جپان جي مختلف ٻيٽن ۽ چشمن کان اچن ٿا.
واٽر بار جي مالڪ مرڪندي ٻڌايو ته: ”اسان جا جپاني جپان جو پاڻي پي خوش هئا، پر هاڻ انهن لاءِ به ڌارين ملڪن جو امپورٽيڊ پاڻي پيئڻ فيشن وانگر ٿي ويو آهي“ .

مندرن ۽ گيشائن جو شهر ”ڪيوٽو“

جپان جو تاريخي شهر ”ڪيوٽو“ به انڊيا جي آڳاٽي شهر بنارس وانگر مندرن جو شهر آهي. توهانکي سڄي شهر توڙي پسگرادائيءَ ۾ ٻڌ ڌرم، شنتو ڌرم ۽ زين مت جا مندر نظر ايندا. توهانکي جي ڪيوٽو گهمڻ لاءِ وقت گهٽ آهي ۽ گيشا عورتن جا پاڙا ۽ خوبصورت پارڪ به ڏسڻ چاهيو ٿا ۽ جي سرءُ جي موسم آهي ته وڻن ۾ پيلا، ناسي ڳاڙها پن يا بھار جي موسم ۾ سڪورا گلابي گلن سان ڀريل وڻ به ڏسڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ هن شهر ۾ موجود ٻه سؤ کن مندرن مان هڪ ٻه ضرور ڏسو.... پر جي توهان هڪ ٻه ئي مندر ڏسڻ چاهيو ٿا ته انهن مان هڪ ”ڪِنڪا ڪُوجي“ مندر ضرور ڏسو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ “Temple of Golden Pavilion” سڏين ٿا ۽ جنهن جو زين (Zen) مت سان واسطو آهي. مندر ۾ کڻي گوتم ٻڌ جي مورتي هجي يا رام ڪرشن جي يا هولي ميريءَ جي.... توهان ڪو عبادت لاءِ ته ڪو نه ٿا وڃو. توهان ته ان مندر جي عمارتي بناوت ۽ اوسي پاسي جي نظاري کي پسڻ ۽ ان جي پس منظر ۾ فوٽو ڪڍرائڻ ٿا وڃو.... سو ان لاءِ ”ڪِن ڪَا ڪُوجي“ مندر سڀني کان بهتر آهي. هِتي پاڻ ان مندر جو جپاني نالو ”ڪِنڪا ڪُوجي“ ئي استعمال ٿا ڪريون، جنهن مان توهان سمجهي وڃجو ته هي ”سوني پويلين“ وارو مندر آهي. جپانيءَ ۾ ”ڪِن“ جي معنيٰ ”سون“ آهي ۽ ان ”ڪِن“ جي ڪانجي..... يعني جپاني شڪلين واري لکڻيءَ جي شڪل ڪجهه تنبوءَ جھڙي آهي. اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان، جو شھر جي ٻي ڪنڊ تي ان سان ملندڙ شڪل ۽ ملندڙ جلندڙ نالي وارو مندر ”گِن ڪا ڪُوجي“ به آهي. انگريزيءَ ۾ اهو “Silver Pavilion” مندر سڏجي ٿو، جو ”گِن“ معنيٰ ”چاندي“ آهي.
سونو مندر (ڪنڪا ڪُوجي) هڪ ڍنڍ جي پٺيان آهي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ مندر جو پاڇو پوڻ تي ۽ چوڌاري باغيچا هجڻ ڪري، هڪ حسين نظارو ٺهي ٿو. ان اڳيان، تاج محل وانگر سياح يادگار تصويرون ڪڍرائين ٿا. تاج محل هن ڪيوٽو واري مندر کان ضرور وڏو ۽ قيمتي آهي، پر ڏيکَ ۽ سونهن ۾ هن مندر جو جواب ناهي. هي مندر هڪ ساموريءَ ڇهه صديون اڳ 1397ع ۾ ”ڪيتا ياما“ نالي هڪ رهائشي محل يعني ”وِلا“ طور ٺھرايو هو. بعد ۾ اهو هڪ شوگن خريد ڪيو. ان (ڪاموري يا رياستي عملدار) جو نالو لکڻ غير ضروري ٿو سمجهان، جو گهڻا نالا توهان کي منجهائي رکندا. شوگن، سمورائي ۽ ٻيا اهڙن عھدن وارا ماڻهو توهان کي جپاني تاريخ ۽ ڪلچر ۾ ڪيترائي ملندا، جن جي ڪمن ۽ عھدن بابت ڪٿي ٻئي هنڌ ضرورت پئي ته الڳ تفصيل سان مضمون لکبو. هِتي توهانجي ذهن تي وڌيڪَ بار وجهڻ بدران فقط ايترو لکندس ته شوگن سمجهو ته ملڪ جو خاص فوجي، جنگجو، رئيس، وڏيرو يا ڀوتار آهي.
مٿئين شوگن جي وفات بعد سندس پٽ سندس وصيت مطابق هي گهر زين مندر ۾ تبديل ڪيو. توهان جو جيڪڏهن ڪيوٽو اچڻ ٿئي ٿو ته هن مندر تائين پهچڻ لاءِ بهترين طريقو اهو آهي ته توهان ڪيوٽو اسٽيشن تي پهچي اتان بس نمبر 101 يا 205 ذريعي هن مندر تائين پهچي سگهو ٿا. بس 230 يين ڀاڙو وٺي ٿي ۽ 40 کن منٽن ۾ پهچائي ٿي. رستي تي توهان کي ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا مندر، باغ باغيچا ، شاپنگ سينٽر ۽ پراڻيون عمارتون ڏسڻ جو موقعو ملي ويندو.
هن مندر تي پهچڻ جو هڪ ٻيو آسان ۽ جلد پهچڻ وارو به رستو آهي. ٽوڪيو، اوساڪا، ڪوبيءَ وانگر هِتي ڪيوٽو ۾ به ڪيتريون ئي پرائيويٽ ريل گاڏيون هلن ٿيون. توهان ڪارا سوما سب وي ريل ۾ ڪيوٽو جي ”ڪيٽا اوجي“ (Kita Oji) سب وي اسٽيشن تي لھو، جنهن جو ڀاڙو 260 يين آهي. ڪيٽا اوجي اسٽيشن تان ٽئڪسي وٺنداؤ ته اها ڏهن منٽن ۾ اوهان کي ”ڪِنڪا ڪُوجي“ مندر تي اچي ڇڏيندي، جنهن لاءِ ميٽر تي 1200 يين ڀاڙو ٿيندو. بسون به ايترو ئي وقت وٺن ٿيون جن جو ڀاڙو 230 يين آهي ۽ بس نمبر 101، 102، 204 ۽ 205 هلن ٿيون. اندر ڏسڻ وارن لاءِ هي مندر صبح جو 9 کان شامَ جو 5 تائين کليل رهي ٿو. مندر آچر ڏينهن به کليل رهي ٿو. داخلا في 400 يين آهي.
هونءَ ڏاڏي شوگن يوشيمتسو جي هن مندر ”ڪِنڪاڪُوجيءَ“ مان متاثر ٿي سندس پوٽي يوشي ماسا ان مندر سان ملندڙ جلندڙ (پر سون بدران چانديءَ جي ورقن وارو) مندر ”گِنڪا ڪُوجي“ شھر جي ٻي ڪنڊ تي 1482ع ۾ ٺھرايو. هن چانديءَ واري مندر ۾ پهچڻ لاءِ توهان کي ڪيوٽو اسٽيشن کان بس نمبر 5، 17 يا 100 وٺڻي پوندي، جنهن جو ڀاڙو 230 يين آهي ۽ پهچڻ ۾ منو ڪلاڪ لڳيو وڃي.
پاڻ ڪيوٽو جي سوني مندر ”ڪِنڪا ڪُوجيءَ“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن جي عمارت 1408ع ۾ مندر جي حيثيت اختيار ڪئي. جپان ۾، خاص ڪري پراڻي زماني ۾، باهه لڳڻ جا واقعا ڏاڍا ٿيندا هيا، جو گهر گهاٽ ڪاٺ جا ٺاهيا ويندا هيا. هن مندر کي به مختلف دؤرن ۾ باهيون لڳنديون رهيون.... هِتان هُتان آيل ڪنهن محمود غزنويءَ سو تباهي ڪانه پئي مچائي، باقي ڪيترائي مندر باهه ۾ سڙندا رهيا ۽ وري ٺهندا رهيا. جڏهن جديد دؤر ۾ قدرتي يا اپاڪي (اتفاقي) لڳندڙ باهين تي ضابطو آندو ويو ته گذريل صديءَ ۾ 2 جولاءِ 1950ع تي هياشي يوڪين نالي هڪ مٿي ڦريل 22 سالن جي نوجوان ٻائي، رات جو ٻي بجي ڌاري هن سوني مندر کي کڻي باهه ڏني. ان بعد هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بچي ويو ۽ پوليس جهلي ورتس. هن بکشو ٻائي کي ست سال قيد جي سزا ملي، پر پوءِ ذهني مريض ثابت ٿيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو. چون ٿا ته هن کي ”شيزوفرينيا“ ۽ “Persecution Complex” بيماريون هيون. بھرحال ان هوندي به هن 5 سال کن جيل ڪاٽيو. ان بعد هو ٽي بيءَ جي مرض ۾ سگهو ئي گذاري ويو.
اها ڪهاڻي جپان جي مشهور ناول نويس ”مشيما يوڪيو“ پنهنجي ناول “The Temple of the Golden Pavilion” ۾ افسانوي رنگ ۾ پيش ڪئي آهي. دراصل ڪيوٽو جو هي مندر ”ڪِنڪا ڪُوجي“ ڏسڻ کان اڳ.... بلڪه جپان اچڻ کان اڳ، مون کي مشيما يوڪيو جي ڪجهه ناولن کي يورپ جي اُترين ملڪن (ناروي ۽ ڊئنمارڪ) ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو هو. ان وقت کان مونکي هي مندر ڏسڻ جو شوق هو.... ۽ پوءِ ڪيوٽو پهچي خبر پئي ته هي لاهور، بنارس، اصفهان، دهليءَ ۽ بلخ بخارا جھڙو تاريخي شهر آهي، جنهن ۾ ڏسڻ لاءِ نه فقط هي مندر آهي پر ٻيا به ڪيترائي مندر، آڳاٽيون عمارتون، پراڻي ثقافت، ويندي قديمي ويس وڳن ۽ ڪلچر کان واقف گيشائون، مائيڪو ۽ ماما سانَ موجود آهن.

جپان ۾ لوڻ جي اهميت

جپان ۾ روز مرهه جي زندگيءَ ۾ نظر ايندڙ ڪجهه عام وهمن ۽ وسوسن جي ڳالهه ڪبي ته انهن مان ڪجهه هن ريت آهن.... جپاني ماڻهو ڪنهن جي جنازي تان موٽڻ مھل پنهنجي گهر جي چائنٺ ٽپڻ کان اڳ ڪجهه چپٽيون لوڻ جون پنهنجي مٿان ضرور ٻُرڪيندو. ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو پاڻ کي لڳت يا بدورحن کان بچائي ٿو.... نه رڳو پنهنجو پاڻ کي پاڪ پوتر بنائي ٿو، پر بد روح کي پنهنجي گهر ۾ گهڙڻ کان روڪي ٿو.
اسان مسلمان سمھڻ وقت اولهه ڏي پير ڪري نه سگهندا آهيون، جو اولهه طرف ڪعبة الله آهي. اهڙيءَ طرح ٻين ملڪن ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ٿو. ڌارئي ملڪ ۾ پهچڻ سان اسان مسلمان پهرين اهو معلوم ڪندا آهيون ته سعودي عرب جو شھر مڪو ان ملڪ جي ڪهڙي طرف آهي، جيئن ان طرف ڏي منهن ڪري نماز پڙهون ۽ رات جو سمهڻ مهل کٽ يا پلنگ جي پيراندي ان طرف نه هجي. بهرحال ان ڳالهه سان اسانجو مذهبي واسطو آهي ۽ ان پويان اسان جي نيت الله جي گهر کي عزت ۽ احترام ڏيڻ آهي. سمھڻ مھل جپاني ماڻھو به طرفن جو خيال ڪن ٿا. ڪيترا جپاني (خاص ڪري عورتون) سمھڻ مهل اهو خيال رکن ٿيون ته سندن سيراندي اتر طرف نه هجي، يعني هنن جا پير ڏکڻ طرف نه هجن، جپان ۾ جنازي کي هميشه ان ريت رکندا آهن.... يعني هن جو مٿو اتر طرف رکيو وڃي ٿو. جپانين ۾ اهو وهم عام آهي ته جيڪو ماڻهو اتر ڏي مٿو ڪري سمهندو، اهو ننڍي عمر ۾ مري ويندو. جپانين جي دلين ۾ اهو وهم اهڙو ته ويٺل آهي، جو ڪيترين هوٽلن توڙي مسافر خانن ۾ توهان کي ڪو به اهڙو بستر نظر نه ايندو جنهن جو وهاڻي وارو پاسو اتر طرف هجي.
مٿي لوڻ بابت لکي چڪو آهيان. جپان ۾ لوڻ کي مڙيئي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ لوڻ جي ايڏي اهميت ناهي جو اسانجي ملڪ ۾ لوڻ نه فقط جام آهي، پر سستو پڻ. لوڻ کاڻين ۽ جبلن مان ملي ٿو ته سمنڊ مان به. ڪراچيءَ جي ڏاکڻي علائقي ’ماريپور‘ ۽ ’سئنڊس پِٽ‘ ڏي ويندؤ ته توهان کي سمنڊ جي ڪناري تي ڪيترائي ماڻهو لوڻ ٺاهيندي نظر ايندا. سمنڊ جي ڪناري تي ٻنا ڏئي، سمنڊ جي پاڻيءَ کي اس جي گرميءَ ذريعي سُڪايو وڃي ٿو.... ڪجهه ڏينهن بعد پاڻي سڪيو وڃي ۽ پٺيان لوڻ رهجيو وڃي. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ کاڌي جي سواد بدلائڻ لاءِ هنن وٽ پنهنجو لوڻ ناهي. هو ٻين ملڪن مان گهرائين ٿا. اسان وٽ فقط سمنڊ مان ايترو ته لوڻ ٺاهيو وڃي ٿو، جو ٽئنريز (جانورن جون کلون سڪائڻ وارا ڪارخانا) ٽنن جي حِساب سان لوڻ استعمال ڪن ٿا. ان کان علاوه اسان وٽ جابلو لوڻ پڻ آهي.
لوڻ جي اهميت جي اسان کي به تڏهن خبر پئي، جڏهن سنڌ مان انٽر ڪري بنگال جي شهر چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ وياسين، جِتي لوڻ ڪراچيءَ کان امپورٽ پئي ڪيو ويو ۽ ڪافي مهانگو پئي مليو. پهرين ته اسان اهو چيو ته ايسٽ پاڪستان (اڄ واري بنگلاديش) ۾ جي لوڻ جا جبل نه آهن ته پوءِ سمنڊ مان ڇو نه ٿا ٺاهين، پر پوءِ سگهوئي احساس ٿيو ته اتي يا ان جھڙن ملڪن ۾ سمنڊ جو پاڻي سڪائي لوڻ ٺاهي نٿو سگهجي.... ڇو جو ٻني ٻڌل سمنڊ جي پاڻيءَ کي مڪمل طرح سڪڻ ۾ ٻه ٽي هفتا لڳن ٿا ۽ هِتي هر وقت بارش لڳي پئي آهي، جيڪا سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي ويتر Dilute ڪريو ڇڏي.... ۽ اهو ئي حال جپان جو آهي.
اڄ ڪلهه آمدرفت جا طريقا تيز هجڻ ڪري سائوٿ آمريڪا جھڙن ڏورانهن ملڪن کان روزانو تازي ڀاڄي ۽ ميوا به جپان پهچيو وڃن، پر پراڻي زماني ۾ جپان ۾ لوڻ اهڙي ئي اهم ”جِنس“ هئي، جيئن جاوا ۽ سماترا جا لونگ، ڦوٽا ۽ دال چيني وغيره يورپ جي ملڪن لاءِ هئا. جپان ۾ لوڻ هڪ قيمتي شيءِ هجڻ ڪري آڳاٽي زماني کان هِتي جا ماڻهو ديوتائن ۽ درگاهن اڳيان نذر يا نياز طور لوڻ ئي رکن ٿا .... جيڪا ڪِرت اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. جيئن پاڻ وٽ اَنُ نُور آهي، ڪڻڪ جا داڻا پٽ تي ڪري پوندا آهن ته انهن کي کڻي اکين تي رکي چمندا آهيون يا اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو، هندو توڙي مسلمان، کير کي اهميت ڏين ٿا، اسان کير کي پير سڏيون ٿا، تيئن جپانين لاءِ لوڻ پاڪائيءَ ۽ صاف سٿري هجڻ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. برائيءَ (نِڀاڳ) کي ڀڄائڻ لاءِ گهرن ۽ دڪانن اڳيان لوڻ ٻُرڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ اگربتيون ٻاريون وڃن ٿيون يا واس (لوبان) جي دونهين ڏني وڃي ٿي.
منهنجو ذاتي طور جپان ۾ لوڻ سان واسطو تڏهن پيو، جڏهن منهنجو هڪ جنازي ۾ وڃڻ ٿيو. جيتوڻيڪ هن کان اڳ سريلنڪا ۽ ملائيشيا ۾ منهنجو ڪافي اچڻ وڃڻ ٿي چڪو هو، جِتي پڻ ڪيترائي ٻَوڌي (ٻُڌ ڌرم جا) رهن ٿا ... خاص ڪري ڪولمبو ته ٻڌن سان ڀريو پيو آهي، پر جپان ۾ جنهن بندرگاهه ۾ منهنجو جھاز بيٺو هو، ان جي ڪرين آپريٽر جي ڪنهن مائٽ جي جنازي تي، هن جي وڃڻ تي، مون به ساڻس هلڻ جي خواهش ڏيکاري.
اتي ٿيندڙ ڪجهه رسمن بعد اسان حاظرين (ڪانڌين) کي هڪ هڪ لفافو ڏنو ويو. ڪرين آپريٽر مونکي ٻڌايو ته ان ۾ لوڻ آهي، جيڪو جھاز تي پهچڻ تي پنهنجي ڪئبن ۾ گهڙڻ کان اڳ ان جي دروازي ٻاهر ڇڻڪار ڪري ڇڏجانءِ، جيئن هِتي جي ”شمشان گهاٽ“ جا بد روح تنهنجي ڪئبن جي چائنٺ ٽپي نه سگهن. ان بعد - گهڻو گهڻو پوءِ - جڏهن آئون هڪ جپاني ڪُٽنب سان گڏ رهيل هوس، تڏهن به مونکي هنن سان گڏ هڪ جنازي ۾ وڃڻ جو موقعو مليو هو. ان وقت لفافن ۾ مليل لوڻ، پنهنجي ميزبانن سان گڏ سندن گهر جي ٻاهران، مون به اچي ٻُرڪيو هو. باقي پهرين دفعي جڏهن جھاز ۾ چڙهڻ سان پنهنجي ڪئبن ۾ گهڙڻ کان اڳ ڊيوٽي ميس ۾ ماني کائڻ لاءِ گهڙيو هوس ته هٿ ۾ لفافو ڏسي، ٻين انجنيئرن پڇيو هو ته ان ۾ ڇاهي؟..... مون کين لوڻَ جو ٻُڌايو. ان وقت سڀ گريپ فروٽ کائي رهيا هئا. مون وارو لوڻ ان مٿان ٻُرڪي چٽ ڪري ويا.... لوڻ پنهنجي ڪئبن جي چائنٺ وٽ ٻُرڪڻ جي نوبت ئي نه آئي هئي.
توهان جي فقط ڏينهن ٻن لاءِ جپان ايندؤ ته به لوڻ جي ڇٽڪار توهان ڪجهه دڪانن اڳيان ڏسي سگهو ٿا. ڪيترا دڪاندار پنهنجو دڪان کولڻ کان اڳ ان جي چانئٺ وٽ لوڻ جي ڇٽڪار ڪن ٿا. ڪجهه دڪانن ۽ گهرن اڳيان توهان کي ساسر تي Cone جي شڪل ۾ لوڻ رکيل نظر ايندو.... يعني انهيءَ گهر يا دڪان کي بد روحن جي اچڻ کان پاڪ رکيو ويو هوندو آهي ۽ هنن جي چوڻ مطابق اهي لوڻ جون ڍڳڙيون گراهڪن جي اچڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪن ٿيون. اهي لوڻ جا ٺهيل ٽڪندا (Cone) گهڻو ڪري ريسٽورنٽن جي ٻاهران نه فقط جپان ۾، پر انهن ملڪن ۾ به نظر اچن ٿا، جِتي جپانين جون ريسٽورنٽون آهن.
جپان ۾ لوڻ راندين دوران به استعمال ٿئي ٿو، خاص ڪري سومو ڪشتي (ملهه) ۾. آکاڙي ۾ گهڙڻ تي سومو پهلوان پاڻ کي براين ۽ بدروحن کان بچائڻ لاءِ لوڻ جي مُٺ ڀري آکاڙي ۾ اڇلائي ٿو. هونءَ اهو نظارو به ڏسڻ وٽان ٿئي ٿو، جو هر سومو پنهنجي خاص اسٽائيل سان مُٺ ۾ کنيل لوڻ کي Ring ۾ اڇلائي ٿو. اهو گول دائرو (Ring) جنهن ۾ سومو پهلوان ملهه جو مقابلو ڪن ٿا، جپانيءَ ۾ ”دوهيو“ (Dohyou) سڏجي ٿو.
گهرن ۽ دڪانن اڳيان لوڻ جي ڍِڳڙين کي جپانيءَ ۾ ”مورِي شِي او“ (Mori Shio) سڏين ٿا. ”شِي او“ معنيٰ ”لوڻ“. جپانين جو چوڻ آهي ته پراڻي زماني ۾ ريسٽورنٽن ۽ مسافرخانن اڳيان ”مَوري شِيئو“ امير گراهڪن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ هوندو هو، جيڪي گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا ۽ گهوڙا لوڻ جا شوقين هجڻ ڪري انهن ريسٽورنٽن ۽ مسافر خانن اڳيان اچي بيهندا هئا، جِتي هنن کي چَٽڻ لاءِ لوڻ نظر ايندو هو.
”موري شِيئو“ رکڻ جي هڪ ٻي به روايت ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن جو بنياد هڪ چيني ڪهاڻيءَ سان آهي، ته چين جي هڪ شهنشاهه جون ڪيتريون ئي زالون هيون، جن وٽ هو واري وٽيءَ سان رات گذارڻ ويندو هيو. انهن مان هڪ شهنشاهه زالَ، کي پاڻ ڏي گهڻو ڇڪڻ لاءِ ڇا ڪيو جو پنهنجي گهر جي ٻاهران لوڻ جا ٻُڪَ هاري ڇڏيا.... جيئن شهنشاهه جي ڍڳين سان جوٽيل گاڏيءَ جون ڍڳيون، لوڻ چٽڻ لاءِ هن جي گهر اڳيان لنگهڻ وقت بيهي رهن ۽ شهنشاهه ڍڳين جي اڳيان وڌڻ جو انتظار ڪرڻ بدران، اتي ئي لهي پئي. اهڙيءَ طرح ريسٽورنٽ هلائڻ وارن لاءِ به اهو چيو ٿو وڃي ته هنن چاهيو پئي ته شاهي گهراڻي جا يا امير ماڻهو سندن گراهڪ ٿين. انهيءَ لاءِ هنن پنهنجي ريسٽورنٽ اڳيان لوڻ جي ڇٽڪار ڪئي جيئن انهن جا گهوڙا لوڻ چٽڻ جي شوق ۾ ان ريسٽورنٽ وٽ ترسي پون ۽ اڳتي هلڻ کان پڙ ڪڍي بيهڻ تي سوار مجبور ٿي اتي ئي لهي پون.
جيئن لوڻ جي دَڙِي (Cone) ٺاهي رکڻ کي جپانيءَ ۾ ”مَوري شِيئو“ سڏجي ٿو، تيئن لوڻ جي ڇٽڪار کي ”مَاڪِي شيئو“ سڏجي ٿو. هونءَ ڪيترا جپاني خاص ڪري ٻهراڙيءَ جا، مهيني جي هر پهرين تاريخ پنهنجي گهر جي چوڌاري ”ماڪي شيئو“ (Maki Shio) ڪن ٿا، جيئن پليد روح گهر اندر داخل نه ٿين. نئين گهر ۾ شفٽ ٿيڻ کان اڳ جپاني گهر جي چئني ڪنڊن تي لوڻ جون دڙيون ٺاهي رکن ٿا. ائين ڪرڻ سان هو پنهنجي عقيدي موجب گهر کي پوتر بنائين ٿا. اهو عمل ڪنهن خالي پلاٽ تي گهر شروع ڪرڻ وقت به ڪيو وڃي ٿو.
آئون ننڍو هوس ته پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ مون هڪ اوطاق تي (جِتي سوسي ۽ کاڌي ڪپڙو اڻڻ جا آڏاڻا هئا) ڏٺو ته هڪ آيل مهمان جي وڃڻ تي ان اوطاق جي مالڪ هن جي پيرن جي نشانن تي چلهه مان ٻرندڙ ڪاٺي ڪڍي ڏنڀ ڏنا. بعد ۾ ان اوطاق جي مالڪ جي پٽ (جيڪو منهنجو هم ڪلاسي هو) کان پڇيم، ته هن ٻڌايو ته ”هن آيل ماڻهوءَ جي نظر خراب آهي ۽ اسانجو هلندڙ ڪاروبار کي نظريو وڃي. سو ان جي اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ويو“ .
خير! آئون نٿو سمجهان ته هالا ۾ اهو وهم يا وسوسو اڄ هن سائنس ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ واري دؤر ۾ موجود هوندو ۽ نه وري ڪو جپان جي هالا جيڏي ڳوٺ هاچي نوحي ۾! پر يقين ڪريو 1974ع ۾ جڏهن اسان جي جھاز تي ڳري مرمت هلڻ ڪري اسان کي ’هاچي نوحي‘ بندرگاهه جي هڪ مسافر خاني (ريوڪان) ۾ ٽِڪايو ويو هو، ته هڪ ڏينهن ان مسافر خاني جي مالڪ هن وٽ آيل هڪ همراهه جي وڃڻ بعد هن جي قدمن واري جاءِ تي در تائين زمين تي لوڻ ٻرڪيو هو. مسافر خاني جي مالڪ ان آيل همراهه کي بدبخت ٿي سمجهيو ۽ هن نه ٿي چاهيو ته هن جي اچڻ ڪري سندس مسافرخاني ۾ بدبختي رهي ۽ ان بدبختيءَ يا نِڀاڳ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هن اهو عمل ڪيو.
هونءَ جپاني ڪلچر توڙي ڌرم ۾ سفيد شين (جيئن لوڻ وغيره) کي پوتر سمجهيو وڃي ٿو. جپاني ماڻهو پنهنجن مندرن (جن کي جپاني ٻوليءَ ۾ جنجا ۽ اوتيرا سڏيو وڃي ٿو) توڙي گهرن ۾ پوڄا پاٺ لاءِ ڪنڊ پاسي ۾ ٺهيل ننڍڙي مندر (Altar) ۾ نذر نياز لاءِ سفيد رنگ جون شيون رکن ٿا .... جيئن لوڻ، چانور، پاڻي، ساڪي شراب (چانورن مان ٺهيل شراب) ۽ ڪڏهن ڪڏهن سفيد يا شفاف (transparent) پني جون ڪتريل سنهيون پٽيون... ويندي ٿانوَ، جن ۾ اهي شيون رکيون وڃن ٿيون، سفيد رنگ جا ٿين ٿا. گهر ۾ ٺهيل اِن ننڍڙي مندر يا قربان گاهه کي جپاني ٻوليءَ ۾ ”ڪامي دانا“ سڏجي ٿو. هونءَ ”ڪامي“ لفظ کان جپاني ٻچو ٻار واقف آهي، جيڪو ديوتائن لاءِ به استعمال ٿئي ٿو ته روحن ۽ جن ڀوتن لاءِ به.
جپانين وٽ لوڻ جي پاڪائيءَ واري اهميت تان هڪ دفعو وري جپاني عورتن جي جپاني مذهب، ڪلچر توڙي سوسائِٽيءَ ۾ هيٺاهين درجي جي حيثيت جو ويچار ٿو اچي .... جنهن جو احوال ڪيترن ئي هنڌن تي ڪري چڪو آهيان ته جپاني مرد هر عورت کي پاڻ جھڙو پاڪ نٿو سمجهي. جپان هڪ ماڊرن ملڪ آهي، جنهن ۾ هونءَ ته جيتوڻيڪ عورت کي هر ڳالهه جي اجازت آهي، ته هوءَ پڙهي لکي هر اهو ڪم ۽ نوڪري ڪري سگهي ٿي، جيڪا جپاني مرد ڪري ٿو.... ڊاڪٽري، انجنيريءَ کان ڪار، ٽرڪ يا هوائي جھاز هلائڻ تائين، هن کي ظاهري طرح اهي ئي حق مليل آهن، جيڪي مرد کي، پر جڏهن سماجي يا مذهبي نقطي جي ڳالهه ٿي نڪري ته جپاني مرد جو ذهن هن کي پاڻ جھڙو نٿو سمجهي. هن کي هميشه هيٺائون، نيچ ۽ ناپاڪ سمجهي ٿو.... ايتريقدر جو هڪ وڏي عرصي تائين جپاني عورتن کي گرم پاڻيءَ جي چشمن ۾ وهنجڻ جي به اجازت نه هوندي هئي. فيوجي جبل، جنهن کي جپاني ماڻهو وڏي عزت ڏين ٿا، ان تي جپاني عورتن کي چڙهڻ کان روڪيو ويندو هيو.... هاڻ مڙيئي ڪجهه سالن کان انهن ٻنهي شين تان عورتن لاءِ جهل لاٿي وئي آهي ۽ هو چشمن توڙي فيوجي جبل تي مردن وانگر نظر اچن ٿيون. پر اڄ به اڃان تائين ڪيتريون شيون آهن، جن کي جپاني پاڪ سمجهن ٿا ۽ جيئن ته جپاني مردن جي نظرن ۾ عورت ناپاڪ شيءِ آهي، ان ڪري هن کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو. انهن مان هڪ سومو پهلوانن جي ملهه جو گول آکاڙو (ring) به آهي، جيڪو لوڻ جي ڇٽڪار ڪري پوتر ڪيو وڃي ٿو ۽ ان اندر عورتن جي اچڻ تي سخت پابندي آهي. هيءَ فقط سال ٻه اڳ جي ڳالهه آهي، جيڪا جپان جي اخبارن ۾ به آئي هئي، ته سومو ملهه جي ريجنل مقابلي ۾ پرائمري اسڪولن جي ٻارن جو مقابلو ڪرايو ويو هو. کٽيندڙ ٻارن کي هڪ مشهور سومو پهلوان هٿان انعام ڏياريا ويا. انهن کٽيندڙن ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري به هئي، جنهن کي آکاڙي (Dohyou) ۾ اندر داخل ٿي سومو پھلوان کان انعام وٺڻ کان روڪيو ويو.
جپان ۾ ٻه ڌرم عام آهن.... ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم. شنتو ڌرم جي مئٿالاجيءَ مطابق دنيا پاڻيءَ جو گولو هئي ... يعني هر طرف سمنڊ ئي سمنڊ هو، جنهن تي پهريون ڌرتيءَ جو ٽڪرو ”اونوگورو شيما“ ٻيٽ ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن آسمان جي جوڙي ايزاناگي ۽ ايزانامي هيرن واري ڀالي سان سمنڊ ۾ مانڌاڻ مچائي، ته سمنڊ جي پاڻيءَ مان ڪجهه لوڻ الڳ ٿي هن ٻيٽ جي شڪل اختيار ڪئي. سو پڙهندڙ جپاني ديوتائن جي انهن ڌنڌن مان به لوڻ جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهن ٿا.

ڀَتَ ۽ جپان تي هڪ وڌيڪ مضمون

هن عنوان تي ڪجهه سال اڳ به لکي چڪو آهيان. ورجاءَ جي خيالَ جي باوجود، ڪجهه نيون ڳالهيون هجڻ ڪري، هن کي پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.
اسان جپان جي لوڪ ڪهاڻين، ڌرمي عقيدن، وهمن، وسوسن، ريتن رسمن ۽ سماجي ڪمن ۾ ڪتب ايندڙ لوڻ جي ڳالهه پئي ڪئي. جپان ۾ لوڻ کان به وڌيڪَ جنهن شيءِ جي اهميت ۽ قدر آهي، اهي آهن چانور..... يعني ’ڀت‘- جنهن کي جپاني ٻوليءَ ۾ ”گوهان“ ۽ ”ميشي“ (Gohan/Meshi) سڏجي ٿو. اسان وٽ به چانور کاڌا وڃن ٿا، پر ساڳي وقت ڪڻڪ، جُوئر ۽ ٻاجهر به هلي ٿي. بلڪه ڪڻڪ گهڻي کاڌي وڃي ٿي. اسان وٽ جيئن ڪڻڪ “Staple Food” آهي، تيئن جپانين وٽ چانور آهن. اسان وٽ ڪيڪ، بسڪيٽ، سَيُون، ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهن ٿا. جپان ۾ انهن شين لاءِ ڪڻڪ بدران چانورن جو اٽو استعمال ٿئي ٿو. جپان ۾ جيتوڻيڪ ڪو اعليٰ قسمَ جو چانور نٿو ٿئي، بلڪه اسان جي باسمتيءَ يا ٻئي چانور جي مقابلي ۾ سادو ٿئي ٿو، پر هو ان کي حاصل ڪرڻ ۾ به خوش نصيبي سمجهن ٿا، جو جپان جي جيتري آدمشماري آهي، ان جي حساب سان پوک لاءِ زمين گهٽ آهي، ويتر جابلو هجڻ ڪري ان جو ڪو ويهه سيڪڙو مس رهائش ۽ ٻنيءَ ٻاري لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جپاني ماڻهو وڏي مشڪل ۽ محنت سان هِتي هُتي زمين جو ڪو سنوت وارو ٽڪرو ڳولي، ان تي چانور پوکيو وٺن، جن مان هنن جو گذارو ٿيو وڃي. گذريل صديءَ کان جڏهن جپان اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جي شين مان پئسو ڪمايو آهي ۽ دنيا جي ٽرانسپورٽ .... خاص ڪري هوائي سروس عام ۽ سستي ٿي آهي، ته هنن ڌارين ملڪن مان مختلف ڀاڄيون ۽ گوشت گهرائڻ شروع ڪيا آهن، نه ته هو صدين تائين پاڻيءَ پُسيو، جھڙو تھڙو ڦَڪرو ڀت رڌي، ان تي گذارو ڪيو ويٺا هئا. وڏي عياشي هنن لاءِ اها ئي هوندي هئي، ته ڪڏهن ڪڏهن مڇيءَ جي ڳڀي (Sushi) سان يا سامونڊي گاهه (Nori) سان اهو لئي ۽ پيڻ جھڙو ڀت هنن کاڌو ٿي، نه ته هنن لاءِ رُکو ڀت به وڏي غنيمت هو.
آڳاٽي دؤر جون جپاني ڪهاڻيون، افسانا ۽ ناول ٿو پڙهان ته انهن ۾ ڀَتَ جو ذڪر ضرور اچي ٿو.... ويندي ٻارن جي آکاڻين ۽ لوڪ ڪهاڻين ۾ به .... جيئن هڪ غريب ڳوٺاڻو سڄو ڏينهن ڪکن مان ٽوپلا ٺاهي شامَ جو ڀر واري شهر ۾ وڪڻڻ لاءِ ويو، جيئن رات جي کاڌي لاءِ هو چانور خريد ڪري اچي. ٽوپلا نه وڪامڻ تي هو ڏکويل دل سان گهر موٽي ٿو، جِتي سندس زال ۽ ٻار هن جي انتظار ۾ نظرون در تي ڄمائي ويٺا آهن. خالي هٿين موٽڻ تي هن جي زالَ گُنديءَ جي ڪنڊ پاسي ۾ بچيل چانورن جي لپ ميڙي چونڊي کڻي ٿي اچي ۽ مڙس کي ٿي چوي ته پاڻ کي ته پيٽ خالي سمهڻو پوندو، باقي هي چانورن جا ايترا ڪڻا آهن، جن ۾ گلاس ٻه پاڻيءَ جا وجهي ٻارن کي ڇڊڙي رٻ رڌي ٿي ڏيان.... سو ان قسمَ جون انيڪ ڪھاڻيون ۽ ناول آهن، جن ۾ جپاني ماڻهن جي زندگي چانورن/ڀت (Gohan) جي چوڌاري ڦرندي نظر اچي ٿي.
جپان ۾ ڀت (Gohan) امير توڙي غريب جو کاڌو آهي. جپاني، بنگالي ۽ ملئي ماڻهن وانگر صبح جو به ڀت کائڻ پسند ڪن ٿا. جپاني سماج جي اها ڳالهه پنهنجي اڙدوءَ جي سفرنامي ”گيشائون ڪي ديس ۾“ به لکي چڪو آهيان ته جپاني مردانگي ان ۾ به سمجهي وڃي ٿي ته هو صبح جو نيرن تي به ڀت کائڻ پسند ڪري. ڪيترا مردَ ته شاديءَ بعد پهرين صبح جو ئي پنهنجو اهو شوق پورو ڪرڻ لاءِ يا زال کي خاموش نياپو يا چتاءُ ڏيڻ لاءِ پاڙي جي ريسٽورنٽ مان “Asa gohan Shiromeshi no” گهرائي کائين ٿا، جيئن زال سمجهي وڃي ته في الحال هوءَ نئين نويلي ڪنوار ٿي هن جي گهر ۾ آئي آهي، سو پهرين ڏينهن ته هن کي معافي آهي باقي ٻي ڏينهن کان هن کي سڌو ٿي، سوير اٿي مڙس لاءِ ڀت رڌڻو آهي.... ۽ پوءِ جيڪڏهن اڳتي هلي ڪنهن جپاني گهر ۾ نيرن تي عورت پنهنجي ”سرتاج“ لاءِ ڀت نه رڌي ته معنيٰ زال مڙس جا تعلقات ٻُڏتر ۾ آهن ــ تعلقات جي خرابيءَ جي نتيجي ۾ “In-Home Separation” (جنهن کي جپاني ٻوليءَ ۾ Kateinai Bekky سڏجي ٿو) جي پڪ مڙس جي ”پان شوڪو“ (ڊبل روٽي) کائڻ مان لڳائي سگهجي ٿي.
ڪيترن کي شايد اهو معلوم نه هجي ته جپان کي چانورن جي فصل ڪري آڳاٽي زماني ۾ “Mizu ho no kuni” يعني ”پاڻيءَ جي تيلن واري فصل جي ڌرتي“ سڏيو ويندو هيو. تيلن مان مراد سارين جي فصل جا “Stalks” آهن. يعني هن ملڪ ۾ چوڌاري ۽ هر هنڌ چانورن جي پوک نظر آئي ٿي.
ڏکڻ هندوستان ۾ فصل لهڻ تي” پُونگل“ نالي هڪ جشن ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڍڳي کي سينگاري شهر جي سرگس ڪرائي وڃي ٿي. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ڏکڻ هندستانين جو تعداد گهڻو هجڻ ڪري اتي پڻ اهو جشن ملهايو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح جپان ۾ چانورن جي فصل تي ڪيترائي شنتو ڌرم جا جشن ٿين ٿا، خاص ڪري رونبي وقت ۽ سارين جي تيار ٿيڻ وقت .... جن جو آشيرواد جپان جو شهنشاهه ڏئي ٿو ۽ اهو ئي “Priest-King” سمجهيو وڃي ٿو. اهڙن موقعن تي چانورن مان ٺهيل شيون ساڪي (شراب) ۽ موچي (ڪيڪ) ورهايا وڃن ٿا. مختلف ڪاڄن، ڌرمي جلسن ۽ ثقافتي ميلن ۾ عام طرح چانورن جا ڪيڪ ورهايا وڃن ٿا، جيڪي “Mochi” سڏجن ٿا.
جپان جو اڳيون شهنشاهه هيرو هيٽو هن کان اڳ وارن شهنشاهن وانگر ٽوڪيو واري محل ۾ شوق خاطر هڪ ٻاريءَ ۾ چانور پوکيندو رهيو. آخري ڏينهن ۾ جڏهن سخت بيمار ٿي پيو، ته پوءِ اهو شوق ڇڏي ڏنائين. تنهن هوندي به هر وقت ملڪ جي آبادگارن بابت ۽ چانورن جي فصل بابت پڇندو رهندو هيو. ان بعد وارو شهنشاهه اڪيهتو پڻ چانورن سان واسطو رکندڙ ڌرمي ريتن رسمن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو.
اسان وٽ اَن (ڪڻڪ) بابت ڪيترائي محاورا ۽ پهاڪا آهن... جيئن: ”ان آهي ته ايمان آهي“ ، ”جنهن جي گهر ۾ داڻا ، ان جا چريا به سياڻا“، ”ان نور آهي“ ، ”ڪم جو نه ڪاڄ جو، دشمن اناج جو....“ وغيره. تيئن جپاني زبان ۾ چانورن ۽ ڀت لاءِ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا آهن، جيڪي آئون پنهنجي ڪِتابن ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ ۽ انگريزي ڪِتاب “Proverbs of Far East” ۾ ڏئي چڪو آهيان.
چينين لاءِ چوندا آهن ته هو ڪڪڙ جي هر شيءِ.... کنڀن، رت، چنبن، آنڊن، گجين کان گوشت تائين استعمال ڪن ٿا .... هو چوندا آهن ته ڪڪڙ تي ڇُري ڦيرڻ مهل فقط هن جي رڙ ضايع ٿئي ٿي. تيئن جپان ۾ سارين جي فصل جي هڪ هڪ شيءِ استعمال ۾ آندي وڃي ٿي. چانورن جي اٽي مان ڪيڪ، پيسٽريون ۽ نوڊل ٺاهيون وڃن ٿيون .... ڪِتابن لاءِ لئي (کونئر) ٺاهيو وڃي ٿو. چانورن جا تھه (Husks) جنهن کي اسان وٽ ”توتر“ به سڏين ٿا، ان مان چھري لاءِ “Face Scrub” يعني ميڪ اپ جو سامان ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن سان منهن تي ايئن ليپ ڏنو وڃي ٿو، جيئن اسان وٽ اٽي، هيڊ ۽ بيضي وغيره سان. چانورن جي اٽي جو هي ليپ ٿائلينڊ ۽ برما جي عورتن ۾ به عام آهي. اهي وهنجڻ کان اڳ پنهنجي منهن تي هڻي ڪلاڪ ٻه ائين گهر ۾ يا گهٽيءَ ۾ ڦرنديون رهن ٿيون. اسان وٽ هاڻ بلڪل ناهي، پر مونکي ياد آهي ته ننڍي هوندي 1940ع ۽ پنجاهه وارن ڏهاڪن تائين به ڳوٺن ۾ وهنجڻ کان اڳ پنهنجي جسم تي ميٽ هڻڻ جو رواج هو.
بهرحال، جپاني ماڻهو چانورن جي پوک جي هڪ هڪ شيءِ استعمال ڪن ٿا. سارين جي تيلن (Stalks) کي پلال طور رکيو وڃي ٿو ۽ ڪتر ڪري جانورن کي به کارايو وڃي ٿو ته ان مان رسا پڻ ٺاهيا وڃن ٿا. منهنجي خيال ۾ اهي رسا عام طرح اهڙا مضبوط نٿا ٿين جھڙا سِڻيءَ (Jute) مان يا ڪپهه (Cotton) مان ٺهيل ٿين ٿا. اسان وٽ اتر سنڌ ۾ جِتي ساريون پوکيون وڃن ٿيون، اتي جا هاري ناري پڻ سارين جي تيلن مان سنهيون رسيون وٽين ٿا، جيڪي هو انهن تيلن جون ٻنڍون ٻڌڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. جپان ۾ سنهيون رسيون ٺاهڻ سان گڏ ٿلها.... ٻانهن جي ٿولهه جھڙا رسا پڻ ٺاهين ٿا، جيڪي مندرن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ جپان ۾ توهان ڪنهن به شنتو يا ٻڌ ڌرم جي مندر ۾ ويندؤ ته توهان کي ڇت ۾ لڙڪيل نظر ايندا.....
جپان تي هميشه چين جي تهذيب ۽ تمدن جو اثر رهيو آهي. ايتريقدر جو جپاني شڪلين واري لکڻي جنهن کي جپاني ’ڪانجي‘ سڏين ٿا، اها به چين کان حاصل ڪئي وئي. چانورن جي فصل لاءِ چيو وڃي ٿو ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ چين ۾ پوکيو ويو، ان بعد ڪوريا مان ٿيندو جپان ۾ آيو. جپان جو ڏاکڻو حصو ڪوريا جي ائين ويجهو آهي، جيئن سري لنڪا ڏکڻ هندستان کي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ ڪڻڪ، جَوَ، ٻاجهري ۽ سويابين جپان ۾ ٿورو گهڻو پوکيا پئي ويا ۽ اهي ئي جپان جا اهم فصل هئا، پر چانورن جي پوک بعد جپان جي زراعت جو نقشو ئي بدلجي ويو .... ايتريقدر جو چانور جپان جي ٻنهي ڌرمن شنتو ۽ ٻڌ ۾ پڻ شامل ٿي ويا. اڄ به سُکا ڏيڻي آهي، قرباني ڏيڻي آهي، ڪنهن مندر ۾ مورتي اڳيان پرساد رکڻو آهي، ته اوليت چانورن کي ڏني وڃي ٿي.
صدين تائين جپان ۾ چانور وقت جو رائج سڪو (Currency) سمجهيو ويو. ملڪ جي هر شيءِ ويندي سون، چاندي، ٽامي پتل جو اگهه چانورن جي اگهه سان جڙيل هو، جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ هر شيءِ آمريڪن ڊالر جي چوڌاري ڦري ٿي. نوڪرن توڙي فوجين کي پگهار ۾ چانورن جا ٿيلها ڏنا ويندا هيا. ٽئڪس يا ڍل چانورن جي صورت ۾ ڏني وئي ٿي. گهر لاءِ سيڌو سامان يا ٿانوَ ٿپو وٺڻ لاءِ چانور ڏنا ويندا هيا. ڪنهن جي اميريءَ جي ڄاڻ هن جي گهر ۾ موجود چانورن جي ڳوڻين مان پوندي هئي. وڏيرو يا رئيس اهو هوندو هو، جنهن کي گهڻا ايڪڙ چانورن جي پوک جا هوندا هئا. اڄ به جپان جي حڪومت چانورن کي پوتر سمجهي ٿي ۽ خاطري ڪري ٿي ته ملڪ جا گدام چانورن سان هر وقت ڀريل رهن، جو جپان جي موسم جو ڪو ڀروسو ناهي، ڪنهن وقت به ڏڪار جي حالت پيدا ٿي پوي ته ان کي منهن ڏئي سگهجي. جپان انهن چند ملڪن مان آهي، جنهن جي ٽپال کاتي جي ٽڪلين، نوٽن ۽ سڪن تي چانورن جي پوک ڏيکاريل آهي. جپان ۾ توهان کي چانورن جي فصل جون جِتي ڪٿي تصويرون نظر اينديون. چانور، ڀت، ساريون، فصل .... توهان کي جپاني شاعريءَ ۽ پهاڪن ۾ پڻ نظر ايندا. هڪ جپاني شعر هن وقت ڌيان ۾ پيو اچي:
Nani to Naku
Urangan Shiki wa
Waga Kado no
Inaba Soyogeru
Aki no Yukaze
(اها هڪ غمگين شيءِ آهي .... سارين جي پنن جو لڏڻ .... منهنجي جهوپڙيءَ اڳيان، شامَ جي وقت، سرءَ جي موسم ۾).
هن کان اڳ جنهن سارين جي تيلن مان ٺهيل رسيءَ جي ڳالهه ڪئي، اها ”شِيمَي ناوا“ سڏجي ٿي. هاري ناري نئين سال تي پنهنجي گهر جي صفائي ڪري ٿو. اها رسي (Shimenawa) بدلائي ٿو. نئين لٿل فصل جا چانور خريد ڪري ڀت رڌي ٿو ۽ نئون ڀريل پاڻي پيئي ٿو .... ان رسم کي ”وڪاميزو“ (Wakamizu) سڏجي ٿو.... ماڻهو ان پهرين ڏينهن تي مندر ۾ وڃن ٿا، جنهن کي هو هتسو مودي (Hatsumode) سڏين ٿا.... ان بعد هو ٻنين جو چڪر ڏين ٿا، جنهن کي هُو ”وازا هاجي مَي“ (Wazahajime) سڏين ٿا ۽ علامتي طور هو چانورن جو سلو يا ان جو سڪل تيلو زمين ۾، يا برف باري ٿيل آهي ته برف ۾، ٽنبين ٿا، جيڪا رسم ”نِيوا تايي“ (Niwa-Taue) سڏجي ٿي. چانورن جو ڪاڄ (فنڪشن) جنهن کي جپاني ”متسوري“ سڏين ٿا، سالَ ۾ ٻه دفعا ملهايو وڃي ٿو. هڪ بهار جي موسم ۾ جيڪو ”هارو متسوري“ (Haru Matsuri) سڏجي ٿو ۽ ٻيو سرءُ جي موسم ۾ جنهن کي ”اَڪي مَتسوري“ (Aki Matsuri) سڏجي ٿو. چانورن جي پوک ۾ پنج مرحلا اچن ٿا. جھڙوڪ: ٻج پوکڻ، رونبو ڪرڻ، سلي جو وڌڻ، سلي ۾ داڻو اچڻ ۽ پنجون لابارو. انهن مِڙني مرحلن جي موقعن تي ڌار ڌار ريتون رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون.
اسان وٽ مختلف جنسن جا چانور ٿين ٿا، جن جو پنهنجو سواد، سائيز ۽ شڪل آهي. جيئن، باسمتي، سڳڌاسي، ڪرنيل، اِري 6، اِري 8 وغيره. اِري چانورن جي کوجنا شايد منيلا فلپين ۾ ٿي، جيڪي في ايڪڙ تمام گهڻي اپت ڏين ٿا. جيتوڻيڪ سواد ۽ خوشبوءِ ۾ باستمي ۽ سڳداسي چانور سڄي دنيا ۾ اعليٰ سمجهيا وڃن ٿا. اري (IRRI) شارٽ فارم آهي ”انٽرنيشنل رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ جو.پاڻ وٽ اهو نالو بِگڙجي ”ايري“ بڻجي ويو آهي. اِري چانورن جون ٻه ٽي جنسون آهن، جيڪي پنجاهه سٺ رپئي ڪلو ملن ٿيون .... هي اگهه لاڙڪاڻي جي شهر باڊهه جو اڄ جو آهي، جيڪو اتي منهنجي پڙهندڙن اياز ساريي ۽ سندس گهر واري مهر النساءِ فون تي ٻڌايو آهي. ڪرنيل چانورن جو في ڪِلو ستر اسي رپئي ملي ٿو ۽ باسمتي ۽ سڳداسي 120 روپين جي لڳ ڀڳ آهن. اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي پاسي چين جون مختلف جنسون پوکڻ جو تجربو ٿي رهيو آهي، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اِريءَ کان به وڌيڪَ اپت ڏين ٿيون.
جپاني چانور، جن کي انگريزيءَ ۾ اسان “Japonica Rice” سڏيون ٿا، انهن جو داڻو ننڍو ٿئي ٿو ۽ انهن کي ٻن اهم ڀاڱن ۾ ورهائي سگهون ٿا.... هڪ عام جنس جيڪا ”اُرو چيمائي“ سڏجي ٿي ۽ ٻي کونئر جھڙي (Glutinous) آهي، جيڪا موچي گومي (Mochigome) سڏجي ٿي.
اروچيمائي جنس، يعني عام چانور وڏي پئماني تي پوکيا وڃن ٿا ۽ جپانين جي روز مرهه جو کاڌو سمجهيا وڃن ٿا. ان جو داڻو translucent (ڌنڌلي شيشي جھڙو) آهي. رڌڻ بعد اسان جي چانورن وانگر هڪ هڪ ڪڻو الڳ هجڻ بدران هي چانور کونئر وانگر ڳنڍيل ٿين ٿا ۽ چاپ اسٽڪ سان کائي سگهجن ٿا. جپان کان ٻاهر هي چانور ”سوشي“ چانور سڏجن ٿا.... ڇو جو هنن چانورن جي ڀت سان سوشي (مڇي) کاڌي وڃي ٿي. ساڪي (جپان جو مشهور شراب) پڻ هنن چانورن مان ٺاهيو وڃي ٿو.
موچي گومي چانورن جو ڪڻو ننڍو ٿئي ٿو ۽ اهو جيتوڻيڪ اسانجي چانور وانگر کير جھڙو اڇو ۽ opaque ٿئي ٿو، پر رڌجڻ بعد تمام گهڻو چنبڙيل (Sticky) ٿئي ٿو. ان کان علاوه جپان ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي جنسون، اِريءَ جھڙيون پوکيون وڃن ٿيون. ڪوشي هِڪاري (Koshihikari) جنس گهڻو پسند ڪئي وڃي ٿي ۽ وڏي مقدار ۾ پوکي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح ساسا نيشڪي ۽ يامادانيشڪي پڻ چانورن جون چڱيون مشهور جنسون آهن. ان قسم جا نالا جپان جي مشهور شين هِڪاري (ريل گاڏي) ۽ ماڻهن جي نالن ۽ ذاتين مطابق آهن، جيئن جپاني ڪارون سوزوڪي، ٽويوٽا، ڌائهتسو، متسوبشي وغيره جپان جي ماڻهن ۽ انهن جي ذاتين جا نالا آهن، جن اهي گاڏيون ٺاهيون... تڏهن ته منهنجي دل ۾ خواهش پيدا ٿيندي آهي ته جپان وانگر اسانجي ملڪ جي ماڻهن ۾ به ايڏي قابليت اچي ۽ جپان بدران اهي ڪارون اسان جي ملڪ ۾ ٺهن ۽ انهن جا نالا، نظاماڻي، خاصخيلي، جوکيو ۽ جتوئي جھڙا هجن ها، ٻيو نه ته اِري ۽ ٻين نَيُن پوکيل چانورن جي جنسن جا نالا حميرا چنا يا عابده پروين جھڙين ڳائڻين جا رکيا وڃن ها، يا سحر امداد ۽ پروين شاڪر جھڙين شاعرائن جا..... جيئن جپان جي هڪ چانورن جي جنس جو نالو ”اڪيٽا ڪوماچي“ آهي. چانورن جي هيءَ جنس ڪافي سوادي آهي، جنهن لاءِ جپانين جو چوڻ آهي ته هنن چانورن جي سواد جو عادي ٿيڻ وارو ٻئي ڪنهن قسم جا چانور هرگز پسند نه ڪندو.
هي چانور جپان جي علائقي اڪيٽا جي هڪ بيحد خوبصورت، حسن جي علامت مئڊم ڪوماچيءَ جي نالي آهن. مائي ڪوماچيءَ جي جپاني شاعريءَ جو انگريزي ترجمو مون به جوانيءَ جي ڏينهن ۾ يعني 1970ع واري ڏهاڪي ۾، وڏي شوق سان پڙهيو هو ۽ مون انهن ڏينهن ۾ شمشير الحيدريءَ، قمر شهباز ۽ تاج بلوچ جھڙن اديب دوستن کي به پڙهايوهو. ڪوماچيءَ جو هڪ شعر آهي ته:

تون اچين نٿو (Hito ni awan)
ههڙي بنان چنڊ واري رات جو (Tsuki no naki ni wa)
انتظار پئي ڪريان تو لاءِ(Omoikite)
منهنجيون ڇاتيون اڌما پيون کائين (Mune hashiribi ni)
دل منهنجي ٻري پئي (Kokoro Yakeori)

انهيءَ مفهوم جو شعر تاج بلوچ به ٺاهيو هو، جيڪو آئون پنهنجي ڪِتاب ”پکي اڏاڻا پنهنجي ديس“ ۾ پڻ ڏئي چڪو آهيان:

چنڊ ناهي ۽ نه آهي زندگي
تون ڪٿي آهين او منهنجي روشني!؟
رات ساري مون اکين ۾ آ ڪٽي
منهنجي ڇاتي سمنڊ جيئن ڇلڪي پئي
هجر ۾ دل کامي ۽ تڙپي پئي.......

مائي ”ڪوماچي“ (سڄو نالو: اونو نو ڪوماچي) جيڪا اڄ کان ٻارنهن صديون اڳ سن 825ع ۾ ڄائي، جپان جي مشهور ”وڪا“ (Waka) شاعره آهي، جيڪا پيار، محبت، وڇوڙي ۽ شهوت انگيز (Erotic) قسم جي شاعريءَ کان اڄ تائين مشهور آهي. ”وڪا“ جپاني شعر جو قسم آهي، جنهن ۾ پنج سٽون به ٿين ته ست به..... جيئن هائڪو ۾ فقط ٽي ٿين ٿيون... مثال طور ڪوماچيءَ جو هڪ ٻيو ”وڪا“ آهي:
Hana no iro wa
Utsurinikeri na
Itazura Ni
Wag a mi yoni furu
Nagame seshi ma ni
(گلن جا رنگ + مرجهائي ويا + ۽ آئون بنا مقصد جي + هن دنيا ۾ تڳندي رهيس + ۽ مينهن وسندو رهيو).
ڪوماچي پنهنجي زماني جي بيحد سهڻي عورت مڃي وڃي ٿي.... شايد اهو ئي سبب آهي جو جپان جي سهڻي شڪل، سڳنڌ ۽ سواد واري چانور جو نالو ”ڪوماچي“ رکيو ويو آهي. هن سهڻي شاعره لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ انهن ڏينهن جي شهنشاهه نن مِيو (جنهن جپان تي 833ع کان 850ع تائين حڪومت ڪئي) جي هيٺين درجي جي ڪنيز ۽ خدمتگار پڻ هئي. هِتي اهو لکندو هلان ته، هي اهو زمانو هو، جڏهن عباسي گهراڻي جو خاتمو ٿيو هو، يعني جپاني شهنشاهه’نن ميو‘ جي وفات کان 17 سال بعد 867ع ۾ ... جپاني شهنشاهه نِن مِيو (جنهن جي ڪوچامي ڪنيز سمجهي وئي ٿي)، جي دورِ حڪومت ۾ اڃان عباسي حڪومت قائم هئي ۽ هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن عراق جي خليفي المتوڪل طرفان عمر الحباريءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ مشهور عرب تاريخدان المسعودي سنڌ جي دوري تي آيو هو.
جپان جي هيءَ شاعره جنهن جا عَشقيه ۽ جذبات اڀاريندڙ شعر
امداد حسينيءَ جي شعرن وانگر اڄ به جپان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جون ڇوڪريون Quote ڪن ٿيون ته ائين لڳي ٿو ته هن کي وفات ڪئي ڄڻ ڪجهه سالَ مس ٿيا آهن... پر ڪوماچيءَ 75 سالن جي ڄمار ۾ سن 900ع ۾ وفات ڪئي ....سمجهو ته هن جي حياتيءَ دوران اسان جي امام شافعي (820 ع۾) ۽ امام حنبليءَ پڻ (855ع ۾) وفات ڪئي. سن 711ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ۽ 715ع ۾ عربن اسپين تي قبضو ڪيو. انهن واقعن کي جي ڌيان ۾ ٿو رکجي ته اٽڪل سؤ سالن بعد سن 825ع ۾، هيءَ مائي ڪوماچي جپان ۾ ڄائي هئي. هن دلين تي راڄ ڪندڙ شاعره بابت ڪيترائي سچا ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا پيار محبت ۽ عشق جا داستان آهن. انهن ۾ هڪ قصو ”فڪو ڪوسا“ نالي هڪ اعليٰ آفيسر جو تمام مشهور آهي، جنهن سان ڪوماچيءَ وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو هڪ سؤ راتين تائين لڳاتار هن سان همبستري ڪندو، ته هوءَ ٻين سڀني عاشقن کي ٿڏي ڇڏيندي ... ۽ هوءَ هميشه لاءِ فقط هن جي محبوبا ٿي رهندي.
فڪو ڪوسا صاحب هر رات ڪوماچيءَ وٽ حاضري ڀريندو رهيو، پر اچي اچي آخري راتين ۾ هڪ دفعو هو همت ساري نه سگهيو ... ان ڏک ۽ صدمي ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ بستر تان وري اٿي نه سگهيو. بيماريءَ هن کي موت تائين پهچائي ڇڏيو. چون ٿا ته ڪوماچيءَ کي پنهنجي ههڙي عاشق جي موت تي ڏاڍو ڏک ٿيو ... يعني فقط ڏک ٿيس ... باقي ٻيو مڙيئي خير.... ريزڪي ڪم نه ڇڏيائين.
جپان جا ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن ته ڪوماچيءَ جي پيريءَ وارا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا. جڏهن هن جي سونهن سوڀيا ختم ٿي وئي ۽ کيس ڪو پاڻي ڀري پيارڻ وارو به نه رهيو. سندس سمورن سابق عاشقن کيس نڌڻڪو ڪري ڇڏيو. پئسو ڏوڪڙ سڀ ختم ٿي ويس ۽ هن پنهنجي ماضيءَ جي زندگيءَ تي سخت احساسِ جرم ۽ افسوس محسوس ڪيو. هوءَ هڪ بي گهر (Homeless) فقيرياڻيءَ وانگر گهٽين ۾ ڀٽڪندي رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته عاشق مزاج ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هن جي شاعريءَ کي بيحد پسند ڪندا رهيا. ڪوماچيءَ جي مرڻ بعد هن جي شاعريءَ کي اڄ تائين قومي ليول تي مڃتا ڏني وڃي ٿي. جپانيءَ ۾ مٿس ڪيترائي اسٽيج ڊراما ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. سندس زندگيءَ تي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ انگريزي ٽيلي فلم ”ڪال مي ڪوماچي“ ٺهي آهي، جنهن ۾ ڪوماچيءَ جو پارٽ جپان جي مشهور خوبصورت ائڪٽريس ”ڪائوري هاما موتو“ ادا ڪيو آهي.
اڪيٽا ضلعي جي هن ڄائيءَ نالي نه فقط چانورن کي منسوب ڪيو ويو آهي، پر ”اڪيٽا شنڪان سين“ بليٽ ٽرين کي پڻ ”ڪوماچي“ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ تيز رفتار ريل گاڏي ايسٽ جپان ريلوي ڪمپني (JR) وارن جي آهي ۽ 1997ع کان ٽوڪيو کان اڪيٽا هلي رهي آهي.

جپان بابت ننڍيون ننڍيون ڳالهيون

---

ياڪوزا

”ياڪوزا“ جپان جو ائين بدنام ٽولو آهي، جيئن آمريڪا يا اٽليءَ جو ”مافيا“. سڄي جپان ۾ ياڪوزا (Yakuza) جا هڪ لک کان مٿي ميمبر آهن، جيڪي بيحد منظم آهن ۽ سرڪاري نوڪرين کان وٺي ميڊيا تائين ڇانيل آهن. هو ڏوهن ذريعي پئسو ڪمائين ٿا. هڪ طرف هنن جو مئه خانن، چڪلن، مساج گهرن ۽ جوا خانن تي ڪنٽرول آهي، جن کان ۽ وڏن ڪارخانيدارن ۽ جاگيردارن کان ڀتو ۽ ڪميشن وٺن ٿا، انڪار جي صورت ۾ انهن جي قتل يا اغوا کان به گريز نٿا ڪن. ٻئي طرف غريب ٻارن کي گهيتاري، کين ڏوهه ڪرڻ جو ماهر بنائين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو غريبن جي به دل کولي مدد ڪن ٿا. ان ڪري جپان ۾ ڪيترا ماڻهو ياڪوزا جي ميمبرن جي تعريف ڪن ٿا. ڀَتي ۾ گهٽ پئسو ملڻ تي مالڪن جي دڪانن، آفيسن ۽ فئڪٽرين کي باهيون به ڏيو ڇڏين. ڪيترائي ادارا، ويندي پوليس، ميڊيا ۽ جوڊيشريءَ جھڙا به هنن کان ڊڄن ٿا، ڇو جو ڳالهه نه مڃڻ تي وڏن پوليس آفيسرن، ججن ۽ اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن جي مالڪن کي گم ڪريو ڇڏين. ظاهري طرح هو وڏا شريف ٿي هلن ٿا ۽ هر صاف سٿري ڪاروبار ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ حصو وٺن ٿا ۽ عوام جي خدمت ڪري پاڻ کي سماج سڌارڪ سڏرائين ٿا. هنن جي خاص نشاني اها آهي ته هنن جي سڄي جسم تي ٽئٽو (Tattoos) ٺھيل رهن ٿا. هنن جو هڪ دفعو هن گروپ ۾ شامل ٿيڻ بعد ٻاهر نڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿيو پوي. هڪ ته هو پاڻ به نڪرڻ نه چاهيندا آهن، جو هو هن گروپ جي ميمبر هجڻ جي حيثيت ۾ پاور جو ماڻيل مزو ڇڏڻ نه چاهيندا آهن ۽ ٻي ڳالهه ته هنن کي هر وقت خوف رهندو اچي ته ڪٿي سندن ڀوتار کين ڪوڙن سچن ڪيسن ۾ نه ڦاسائين يا کين زهر ڏئي ماري نه ڇڏين.
آمريڪا جي ”مافيا“ وانگر جپان جي ”ياڪوزا“ بابت به ڪيترائي “God Father” جھڙا ناول لکيل ۽ فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺهيل آهن. انگريزيءَ جون ٻه فلمون جيڪي ياڪوزا جي زندگيءَ جي سٺي عڪاسي ڪن ٿيون، اهي آهن: “Battles without Honour & Humanity” ۽ “Dead or Alive” . ياڪوزا وارن جون جپان ۾ خيراتي ادارن، اسڪولن، اسپتالن، مسافر خانن جھڙيون به شيون آهن، هو غريب ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. ماڻهو منجهيل رهن ٿا ته آيا ياڪوزا همدرد ماڻهن جو ٽولو آهي يا وحشي صفت انسانن جو! هِتي هڪ چوڻي مشهور آهي ته “Yakuza: Kind hearted or monsters in suits?”.

قصو هڪ جپاني امام جو...

بري صحبت ۾ ڦاسڻ بعد ان مان نڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه ٿيو پوي، پر جنهن کي رب پاڪ هدايت بخشي ٿو ته هو سڀ برايون ڇڏي هڪ نيڪ انسان بڻجيو وڃي.
عبدالله تقي تاڪازاوا (Takazawa) نالي هڪ جپاني نو مسلم جي به اهائي ڪهاڻي آهي. هن جي جپان ۾ رهندڙ هڪ ترڪ داعي شيخ نعمت الله سان ملڻ بعد زندگيءَ ۾ اهڙي تبديلي آئي جو هو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو. جپان جي وڏي شھر ٽوڪيو جي هڪ مسجد ۾ امام هجڻ ڪري هن کان ڪيترائي لوڪل جپاني ۽ مون جھڙا ڌاريا واقف آهن ۽ هن سان هر انهيءَ سياحَ جي به ملاقات ٿيو وڃي، جيڪو فقط ٻن ٽن ڏينهن لاءِ به ٽوڪيو ۾ رهي ٿو.
توهان کي حيرت ٿيندي ته عبدالله تقي تاڪازاوا ”ياڪوزا“ ٽولي جو ميمبر هو ۽ هو ٽئٽو (Tattoo) ٺاهڻ جو آرٽسٽ هو. هُو ياڪوزا جي ميمبرن جي جسم تي مشين ذريعي گل گلڪاريون ٺاهيندو هيو. ڪاري ۽ مختلف رنگن جي مس سان جسم تي ٺاهيل هي گل گلڪاريون هميشه لاءِ رهن ٿا ۽ ياڪوزا جي قانون موجب ياڪوزا جي هر ميمبر لاءِ پنهنجي جسم تي اهي tattoo ٺهرائڻ ضروري ٿين ٿا. مولانا صاحب جو پنهنجو جسم به انهن گل گلڪارين سان ڀريل آهي، جيڪي هن ياڪوزا جو ميمبر هجڻ ڪري ٺھرايا هئا ۽ هاڻ هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ هن کي اهي بيحد خراب لڳن ٿا، پر هو مجبور آهي، جو اهي ڊهي نٿا سگهن. ان ڪري امام صاحب هر وقت ڊگهين ٻانهن واريون قميصون يا پهراڻ پائي ٿو. وضو ڪرڻ وقت هن جي ٻانهن جي چترڪاري ٻين کي اڪثر نظر اچيو وڃي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به اسان جھڙن سياحن کي پنهنجين ٻانهن جا ڪف کنجي ڏيکاريندو آهي، ته ڏسو الله جا مون تي ڪرم آهن، جنهن مون کي سڌي راهه تي آندو، نه ته آئون سالن کان هڪ بدنام ٽولي جو ميمبر هوس. هو ڳالهين ڳالهين ۾ جهور پوڙهي نعمت الله کي به دعائون ڏيندو آهي، جنهن جي ليڪچرن هن جي اندر ۾ تبديلي آندي ۽ هو مسلمان ٿيو.
تاڪازاوا (جنهن جو مسلمان ٿيڻ بعد ”عبدالله تقي“ نالو ٿيو ۽ ”تاڪازاوا“سندس ذات آهي) 1971ع ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائو. 35 سالن جي ڄمار ۾ هو 2006ع ۾ مسلمان ٿيو ۽ 2008ع ۾ حج ڪيائين. عبدالله تاڪازاوا اڄ ڪلهه ٽوڪيو جي هڪ علائقي ڪابو ڪيچو جي هڪ ننڍڙي مسجد جو امام آهي.
جپاني نو مسلم عبدالله تاڪازاوا کان هڪ دفعي جڏهن ڪنهن پڇيو، ته ”تون ڪيئن مسلمان ٿئين؟“..... ته هن وراڻيو: ”آئون مسلمان ٿيس ڪو نه. هر انسان وانگر آئون به مسلمان ڄايس، پر آئون اگهور ننڊ ۾ هوس. 12 سال اڳ منهنجي اک کلي. جيئن توهان جي صبح جو ڪڏهن ڪڏهن بنا الارم جي اک کلي وڃي ٿي ۽ آئون سجاڳيءَ ۾ اچي اسلام ڏي موٽي آيس“.
“I was not converted to Islam but I was reverted back to Islam. It is the gradual process, something happened, I became Muslim”.

جپانيءَ ۾ واعظ ڪندڙ ترڪ مولوي

ياڪوزا جي جپاني ميمبر عبدالله تاڪازاوا کي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ وارو ڪراڙو مڙس شيخ نعمت جيڪو ٽيهن سالن کان جپان جي مختلف شهرن ۾ مسلمان ۽ غير مسلم جپانين کي اسلام بابت ليڪچر ڏيندو رهي ٿو ۽ جپانين جھڙي فر فر (Fluent) جپاني ڳالهائي ٿو، ڪير آهي؟
اڇي وڏي ڏاڙهيءَ سان، يورپين جھڙو گورو ۽ صحتمند، هي ديندار انسان شيخ نعمت الله (نعمت الله خليل ابراهيم يرٽ Yurt) هڪ ترڪ مسلمان آهي. شيخ نعمت الله پنهنجي نالي جي اسپيلنگ Nimetullah لکي ٿو. هُو ترڪيءَ جي اترين صوبي اماسيا جي شهر تاشووا (Tasova) ۾ 1932ع ۾ ڄائو. مون سان گڏ مختلف جھازن تي Sail ڪرڻ وارا منهنجا ڪليگ هن شهر تاشووا ۽ صوبي اماسيا کان چڱيءَ طرح واقف هوندا، جو اهو ترڪيءَ جي ان حصي ۾ آهي، جيڪو بحرِ اسود (Black Sea) کي ڇهي ٿو. منهنجي سامونڊي نوڪريءَ وارن ڏينهن ۾ اسان مختلف جھازن تي ڪيترائي سفر هن ڪاري سمنڊ جا ڪيا، جنهن ۾ ڪيترائي بندرگاهه ترڪي، رومانيا، بلغاريا، جارجيا ۽ يوڪرين (اڳوڻي سوويت روس) جا آهن.
مشرقي عشق جي مشهور ڪهاڻي ”شيرين فرهاد“ جو واسطو، ترڪ روايتن موجب، هن صوبي ”اماسيا“ سان چيو وڃي ٿو. تاشووا ساوڪ ۽ گل گلزاريءَ سبب بيحد خوبصورت آهي. هي شهر يشيل ايرماڪ نديءَ (سائي رنگ جي نديءَ) جي ڪناري تي آهي. هيءَ ندي بحرِاسود (Black Sea) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. شيخ نعمت ننڍو هو ته هن کي هن جو والد مختلف مولوين جا واعظ ٻڌڻ لاءِ موڪليندو رهيو. اهڙيءَ طرح هن اسلام جي تعليم حاصل ڪئي ۽ 1955ع ۾ هو استنبول جي “سلطان احمد مسجد” (جيڪا ”بِلو مسجد“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ استنبول ۾ ايندڙ سياحن جو مرڪز رهي ٿي). جو ٻانگو ٿي رهيو. هيءَ مسجد 1609ع ۽ 1616ع جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي ۽ ”آيا صوفيا“ (Hagia Sophia) جي ڀر ۾ آهي. آيا صوفيا عيسائين جو گرجا گهر (Church) 537ع ۾ ٺهيو، جيڪو سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾، 1453ع ۾ مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ان کي ”مسجدِ عثمانيه“ سڏيو ويو. 1935ع کان پوءِ هيءَ عمارت ميوزيم ۾ تبديل ٿي. اسانجو هر ماڻهو جيڪو استنبول گهمڻ اچي ٿو، اهو هن عمارت ”آيا صوفيا“ ۽ “بلو مسجد” جو ديدار ضرور ڪري ٿو. مٿي ذڪر هيٺ ايندڙ شيخ نعمت الله (جنهن عبدالله تڪازاوا ياڪوزائيءَ سميت ڪيترن ئي نوجوانن توڙي وڏي عمر جي جپانين کي اسلام جي راهه تي آندو) 1955ع ۾ هن مسجد جو ٻانگو ٿي رهيو. ان بعد هو ٻين به ڪيترين مسجدن ۾ ٻانگو ٿيو ۽ انهن ۾ واعظ پڻ ڪيائين. نه فقط ترڪيءَ جي مسجدن ۾، پر مڪي، مديني، جپان ۽ ٻين ملڪن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ! کائنس هر دفعي اهو پڇڻ وسري ويو، پر پڪ اٿم ته هو پاڪستان ۽ انڊيا ۾ به ڪافي عرصو رهيو هوندو، جنهن ڪري هو اردوءَ کان به واقف آهي. پنهنجي مادري ٻولي ترڪي، انگريزي ۽ اردوءَ کان علاوه هو عربي، فارسي، جپاني، ويندي چيني ٻوليءَ کان به واقف آهي. پنهنجي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ هن جپان ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو ۽ گذريل ٽيهن سالن کان پنهنجي ڪٽنب سان جپان ۾ رهي ٿو. هو جپان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسلام بابت ليڪچر ڏيندو رهي ٿو ۽ چندو گڏ ڪري مسجدون ۽ انهن ۾ مدرسا ٺهرائيندو رهي ٿو. هيستائين جپان جا سوين، بلڪه هزارين ماڻهو حاجي شيخ نعمت الله جي واعظن ۽ شخصيت مان متاثر ٿي اسلام قبول ڪري چڪا آهن. هو سڄو سڄو ڏينهن مسجدن ۾ گذاري ٿو ۽ ماڻهن کي اسلام بابت سوالن جا جواب ڏئي ٿو ۽ سندن مونجهارن جا اسلام جي روشنيءَ ۾ حل ٻڌائي ٿو. وڏي عمر (اٽڪل 85 سالن) جو هوندي به، هو اڄ به مختلف شهرن جا دورا ڪري اسلام جي تبليغ ڪندو رهي ٿو. شيخ نعمت الله جي زبان تي هر وقت اها دعا رهي ٿي:
“يارب! اسلام جي دشمنن کي هدايت عطا فرماءِ، جيئن هنن جي دشمني پيار ۾ بدلجي وڃي ۽ هو اسلام جي راهه تي اچن، جيئن تو حضرت عمر رضه، حضرت خالد رضه ۽ حضرت اڪرمه رضه جن کي هدايت عطا فرمائي“.

جنجا ۽ اوتيرا ۾ فرق

جپانين جا ڪي پوڄا گهر مندر (Temples) سڏجن ٿا، ته ڪي “Shrines”. جنهن لاءِ پاڻ وٽ سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ درگاهه، مقبري، مزار، آستاني، خانقاهه جھڙا لفظ آهن. جپان ۾ عام طرح ٻه ڌرم آهن. شنتو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم.
شنتو ڌرم جا عبادتگاهه درگاهون (Shrines) سڏجن ٿيون ۽ ٻڌ ڌرم جا پوڄا گهر مندر (Temples) سڏجن ٿا. هونءَ ڌرمي طرح منجهن ڪو خاص فرق ناهي، ٻئي مندر (Jinja) به سڏجن ٿا پر Shrine ۽ Temple سڏڻ تي وڌيڪ وضاحت ٿئي ٿي ته هن عبادت گهر جو واسطو شنتو ڌرم سان آهي يا ٻڌ ڌرم سان. ٻڌ ڌرم جي مندر جو واسطو گهڻو ڪري ٻئي جھان سان وڌيڪ تصور ڪيو وڃي ٿو. دفن، ڪفن ۽ مري ويل عزيز دوستن جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ ماڻهو اڪثر ٻڌ مندرن (Temples) ۾ وڃن ٿا. شنتو ڌرم جي Shrines جو واسطو هن جھان سان تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ ماڻهو زندگيءَ سان واسطو رکندڙ شين، جھڙوڪ، شادين مرادين ۽ صحت جي دعائن لاءِ هنن شنتو مندرن ۾ وڃن ٿا، جيڪي مندر درگاهون سڏجن ٿا. شنتو ڌرم جي مندرن يعني درگاهن (Shrines) کي جپانيءَ ۾ جنجا (Jinja) سڏين ٿا ۽ ٻڌ ڌرم جي مندرن (Temples) کي جپانيءَ ۾ تيرا (Tera) سڏين ٿا يا “Otera”. معنيٰ عزت ماب مندر. پر سچ اهو آهي ته ڪيترن جپانين کي به مندر (Otera) ۽ درگاهه (Jinja) جي فرق جي خبر ناهي. هو اڪثر چوندا آهن ته درگاهون (Jinja) هتي جا آهن. مندر (Otera) انڊيا کان آيا آهن، جو گوتم ٻڌ اتي جو هو ۽ ٻڌ ڌرم انڊيا کان آيو. هونءَ اسانجي ماڻهن جي آسانيءَ لاءِ لکندو هلان ته جيڪي جنجا (درگاهون) آهن، تن جي اڳيان ڳاڙهي رنگ جا ونگن وارا دروازا ٿين، جن کي جپاني “Torii” سڏين ٿا. ٻڌ ڌرم جي مندرن (Otera) جا دروازا اسان جي مندرن جھڙا ٿين ٿا، جن تي ڪاٺ جو ڪم ٿئي ٿو. هنن مندرن جي اها به نشاني آهي ته هنن جي ڀرسان قبرستان به ٿئي ٿو.
پوڄا جو جيتوڻيڪ طريقو هڪ ٻئي سان ڪافي ملي ٿو، پر تڏهن به مندر (Temple) ۽ درگاهه (Shrine) ۾ ڪجهه فرق آهي. مندر ۾ گهڙڻ کان اڳ پنهنجو سر جهڪائجي ٿو. ان بعد اندر پهچي وضو ڪجي ٿو. هٿ ڌوئجن ٿا ۽ گرڙيون ڪجن ٿيون. ان بعد اگربتين مان نڪرندڙ دونهين کي هٿن سان ڇهجي ٿو. دونهين لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته اهو جسم جون بيماريون دور ڪري ٿو. ان بعد مندر اندر داخل ٿي دعا گهرجي ٿي.
درگاهن (جنجائن) ۾ پوڄا جو طريقو جيتوڻيڪ ساڳيو آهي، پر ڪي ڳالهيون مختلف ضرور آهن.
جنجا (Shrine) ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ داخلا واري در وٽ جُھڪي، ان بعد ڪو سڪو (ننڍو يا وڏو) نذراني جي پيتيءَ ۾ وجهجي ٿو. ان بعد ٻه دفعا جهڪي ٻه دفعا تاڙي وڄائجي ٿي. ان بعد هڪ دفعو تمام گهڻو هيٺ جهڪي پوءِ مندر ۾ داخل ٿي دعا گهرجي ٿي.
نئين سال جي شام جنهن کي جپاني ”شوگاتسو“ (Shogatsu) سڏين ٿا، آڌي رات جو ٻڌ ڌرم جي مندرن ۾ 108 دفعا گهنڊ وڄايا وڃن ٿا. جپانين جو عقيدو آهي ته ائين ڪرڻ سان هو 108 ناپاڪ خواهشن کي ڀڄائين ٿا، جن جو انسان سڄو سال شڪار ٿئي ٿو. نئين سال جي شروع ٿيڻ جي موقعي تي گهنڊ وڄائڻ واري رسم کي جپانيءَ ۾ “جويا نو ڪاني” (Joya No Kane) سڏين ٿا.

جپان ۾ پهرين مرد گيشائون هئا

جپانيءَ ۾ لفظ ”گيشا“ جي معنيٰ اهو شخص آهي، جيڪو مختلف آرٽ جي شين کان واقف هجي. گيشائن بابت آئون ڪيترائي مضمون لکي چڪو آهيان، ته هنن کي مردن کي وندرائڻ لاءِ ڪيترائي هنر سکڻا پون ٿا. جيئن ڳالهائڻ جو طريقو، ڳائڻ، وڄائڻ، ويس وڳا پهرڻ کان وٺي اعليٰ ميڪ اپ جي طريقي جي ڄاڻ تائين ۽ پڻ جنرل ناليج، سياست، شعر و شاعري ۽ مهمانن کي شراب کان وٺي کاڌو پيش ڪرڻ جو طريقو وغيره..... جنهن لاءِ هنن کي سارسنڀال لهڻ واري (ماما سان) وٽ رهي سالن جا سال سکيا وٺڻي پوي ٿي. گيشائون مهمانن جي جنسي خواهشن جي پوئواري ڪرڻ بدران انهن کي رد ڪن ٿيون. گيشائن کي اعليٰ قسم جون فنڪار (آرٽسٽ) چئي سگهون ٿا پر رنڊيون هرگز نه.
ڪاليج وارن ڏينهن ۾، 1960ع ۾، جيري ليوس جي هڪ انگريزي فلم “The Geisha boy” ڏٺي هئيسين ۽ اسان سڀني کي اهو ڌيان ۾ رهيو ته گيشا مرد ٿين ٿا. ڇو جو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جپان ۾ رهي مون جڏهن اتي جي گيشائن (عورتن) بابت لکيو ۽ هڪ جپاني ناول ”ٽوڪيو جي گيشا گرل- مس سدا بهار“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ته منهنجي همعمرن جن جيري ليوس جي فلم ڏٺي هئي، اهي حيرت مان پڇڻ لڳا ته ڇا گيشائون عورتون به ٿين ٿيون؟
جي ها، اڄ ڪلهه سڄي جپان ۾ گيشائون عورتون آهن پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شروع ۾ گيشائون مرد هوندا هئا، جيڪي ”تائي ڪو موچي“ سڏبا هئا.
اهي مرد گيشائون جيڪي تائي ڪوموچي (Taikomochi) يا هوڪان (Hokan) سڏبا هئا، جپاني جاگيردارن ۽ نوابن (Daimyo) جي اوطاقن ۽ درٻارن ۾ صديءَ کان خدمتگار يا مسخري طور پنهنجي مالڪ ۽ ان جي مهمانن کي وندرائيندا هئا. انهن جو گهڻو زور زنانا ڪپڙا پائي ناچ تي هوندو هو. هنن چرچا ڀوڳ ڪري نه فقط محفل ۾ آيل مهمانن کي وندرايو ٿي، پر پنهنجي وڏيري/ رئيس کي سٺيون صلاحون به ڏنيون ٿي، جن کي دوبوشو (Doboshu) جھڙي عزت واري لفظ سان پڻ سڏيو ويو ٿي. جنهن جي معنيٰ سمجهو ته ”سنگتي“ يا ”ڪامريڊ“ ئي آهي. هو چانهه ٺاهڻ جا به ماهر هئا. هي سلسلو تيرهين صديءَ کان شروع ٿيو هو. اڳتي هلي هو ”ڪوموچي“ يا ”مرد گيشا“ بدران اوتو گِيشو (Otogishu) يا هانا شيشو (Hanashishu) سڏجڻ لڳا - معنيٰ قصا خوان! ڇو جو هو هاڻ مالڪن کي چانهه ٺاهي پيارڻ بدران، وڏي ادب آداب سان قصا، ڪهاڻيون ۽ چرچا ڀوڳ ٻڌائي، سندن دل وندرائڻ لڳا. هو دشمنن سان مقابلو ڪرڻ جون اٽڪلون پڻ پنهنجي مالڪن کي ٻڌائڻ سان گڏ هنن سان گڏ گڏ ويڙهه ۾ به حصو وٺڻ لڳا. پوءِ وقت گذرڻ تي سترهين صديءَ ۾ جڏهن جپان ۾ ٺاپر ۽ امن جو واءُ لڳو ته هنن اوتو گيشو ۽ هانا شيشوئن جي ضرورت گهٽجڻ لڳي. 1751ع ۾ پهرين گيشا عورت (Onna Geisha) هڪ پارٽيءَ ۾ آئي، جنهن پنهنجي آرٽ ۽ هنر سان مهمانن جي دلين ۾ مانڌاڻ پيدا ڪري ڇڏي. هوءَ ”گيئيڪو“ (Geiko) سڏجڻ لڳي، جيڪو لفظ اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ ڪيوٽو ۾ گيشا لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ارڙهين صديءَ جي آخر تائين هنن گيشا عورتن جو تعداد مرد گيشائن (Taikomochi) کان گهڻو گهڻو وڌي ويو.
انگريزيءَ جو ليکڪ ليسلي ڊائونر پنهنجي ڪتاب“Geisha: The Secret History of a Vanishing World” ۾ لکي ٿو ته، 1770ع ۾ ٽوڪيو جي هيرامنڊي يوشيوارا (Yoshiwara) ۾ 16 گيشا عورتون هيون ۽ 31 گيشا مرد، 1775ع ۾ عورتن جو تعداد 33 ٿي ويو ۽ 1800ع ۾ عورتن جو 143 ۽ مرد گيشائن جو 45 رهيو.

ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي جپان آمد

---

ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي جپان آمد

جپان ۾ اڄ تعليمي درسگاهن جي گهڻائيءَ، ٽيڪنالاجيءَ ۽ پئسي دولت جي ڪري، دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو جپان وڃڻ جي خواهش رکي ٿو. اڄ ڪلهه هوائي جھازن، پاڻيءَ جي مسافر جھازن ۽ فيرين جي ڪري، جپان جھڙي هڪ ٻيٽ تي پهچڻ آسان ٿي پيو آهي. اسان جي ننڍي کنڊ، اسانجي ملڪ، ويندي اسان جي صوبي جا سنڌي مسلمان، جيڪي سفر جي معاملي ۾ ماضيءَ ۾ سست سڏيا ويا ٿي، اهي به جپان ۾ نظر اچن ٿا. سنڌي هندو ته ڪافي نظر اچن ٿا. خاص ڪري ڪوبي ۽ يوڪوهاما جھڙن شهرن ۾ هنن جا دڪان به آهن. مون کان پڙهندڙ اڪثر پڇندا آهن ته جپان ۾ به اسان جا سنڌي، پنجابي يا پٺاڻ صدين کان رهندا هوندا؟! پر جپان ۾ اهڙي ڪا ڪهاڻي ناهي. اسان جا سنڌي هندو ته ڇا، پر سڄي ننڍي کنڊ مان ڪي تامل يا بنگالي به جپان ۾ پراڻي دؤر کان رهيل نه هئا، جيئن هو ٻين ملڪن ۾ هئا. ان معاملي ۾ اسان جا سنڌي هندو واپاري انڊونيشيا، چين يا ٻئي پاسي عرب ملڪن ۽ وچ ايشيا ۾ صدين کان واپار جي سلسلي ۾ ضرور ايندا ويندا پئي رهيا. ٻيو نه ته اهو ته چئي سگهجي ٿو ته انڊونيشيا جي ٻيٽن تي ته هو گهٽ ۾ گهٽ ٽن چئن صدين کان آباد هئا، تڏهن ته هنن جي واپار، ڌنڌن ۽ خوشحاليءَ کي ڏسي شاهه لطيف چيو ته، ”جيڪي جاوا ويا سي ساوا ٿي آيا“. هو ان کان به گهڻو گهڻو اڳ عدن، بصري، بخارا، مصر ۽ وچ ايشيا جي ڏورانهن ملڪن ۾ وڃي نڪتا هئا، جو اوڏانهن وڃڻ لاءِ خشڪيءَ جو آسان سفر ڪرڻو پئي پيو. سامونڊي مضبوط جھاز پوءِ پيدا ٿيا ۽ انجڻ تي هلڻ وارا آگبوٽ ته اڃان به گهڻو گهڻو پوءِ! ٻڌ ڌرم به انڊيا کان مَلايا، فلپين واري روٽ کان چين نه پهتو، پر وچ ايشيا جي ملڪن کان سِلڪ رُوٽ ذريعي چين پهتو.
جيستائين جپان جو سوال آهي ته اهو هڪ گمنام ۽ ڌارين جي دلچسپيءَ کان خالي ملڪ يا ٻيٽن جو جهڳٽو رهندو آيو. اهو ته اڄ اسان جپان مان مرعوب آهيون، نه ته آڳاٽي زماني ۾ جپان پئسي دولت يا تهذيب تمدن ۾ اهڙو ڪو نه هو، يا گهٽ ۾ گهٽ دنيا کانئس واقف نه هئي، جو جپان مان متاثر ٿئي. چين جي تهذيب مشهور هئي. ايتري قدر جو جپانين پنهنجي لکڻي ۽ ڪيتريون رسمون رواج چين مان ڪاپي ڪيا. جپان ”نانيءَ ڪُنڙو“ ڪري پنهنجي ليڪي اندر ئي قيد ٿيو ويٺو هو. هن نه ڪنهن ڌارئي کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ پئي چيو ۽ نه پاڻ ان ليڪي مان ٻاهر پئي نڪتو. توهان آڳاٽي زماني ۾ جتي ڪٿي- عرب ملڪن توڙي ايشيا ۽ آفريڪا جي بندرگاهن ۾ ،چيني ٻيڙن جي ڳالهه ته پڙهندؤ، پر جپانين جي ڪجهه به نه! جپانين وٽ هونءَ به شروع کان نه پوک لاءِ ڌرتي رهي آهي ۽ نه اتي جي جبلن اندر ڌاتو. وڌ ۾ وڌ سادا چانور پوکي هڪ پاڻيءَ پسيو ڀت رڌي گذر ڪيو ويٺا هئا. ڍڳين، ٻڪرين، رڍن وغيره جو نالو نشان نه هو. سندن سڄو زور چوڌاري پکڙيل سمنڊ مان سامونڊي ساهوارا جهلي کائڻ هو ۽ انهن ۾ نه رڳو مڇي، گانگٽ، کيکڙا هئا، پر هر قسم جي شيءِ جيڪا ڄار ۾ ڦاٿي ٿي اها کاڌائون ٿي. طوفاني موسم ۽ خراب سمنڊ ڪري سندن پئي ٻيڙيون ٻڏيون، پئي ماڻهو مئا، پر پوءِ به سندن رخ سمنڊ ڏي هو، جو کاڌو ڪٿان آڻين؟ سمنڊ ڏي نه پئي نِڪتا ته ٻچا پئي بک مئن.
ڌاريا ماڻهو، ويندي اسان جا سنڌي هندو، جيڪي جتي ڪٿي پهچي پئي ويا ۽ سنڌ جون ٺهيل شيون کڻي ڌارين ملڪن ۾ وڪڻي پئسو ڪمائي پنهنجي وطن ۾ خوشحاليءَ جي زندگي پئي گذاريائون، انهن به جپان ڏي وڃڻ ۾ دلچسپي نه ٿي ورتي. آخر وڃن به ڇو؟ جپان وارن ڌارين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ کان دلشڪستو ٿي ڪيو، جيڪا ڳالهه کڻي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ هئي، پر ان هوندي به انهن ملڪن ۾، خوار خراب ٿي به، اسان جا سوداگر اتي پهچي پئي ويا، جو اهي خوشحال ملڪ هئا ۽ اسان جي واپارين خوب ناڻو پئي ڪمايو ۽ ڌارين ملڪن جي ماڻهن اسان جي سوداگرن کان خوب شيون خريد پئي ڪيون. ان مقابلي ۾ جپان ڪنگلو ملڪ هو، جتي جا ماڻهو ٻه ويلا حاصل ڪرڻ لاءِ به سخت پريشان هئا. اتي اسان جا ماڻهو ڪهڙي شيءِ وڪرو ڪري سگهيا ٿي؟
اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو، خاص ڪري سنڌي، جپان ۾ ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ وڃڻ شروع ٿيا، جڏهن آمريڪي فوجي جپان ۾ اچي رهي پيا ۽ انهن جي خريداريءَ لاءِ دڪان ۽ ڪاروباري ڪوٺيون کولڻ لاءِ اسانجا سنڌي واپاري پهرين هانگ ڪانگ ۽ جاوا سماترا کان اوڪيناوا ۽ ٻين هنڌن تي آيا، جتي آمريڪن بيس هئا ۽ پوءِ سڌو سنئون شڪارپور، خداآباد، حيدرآباد، ڪوٽڙيءَ کان پهتا ۽ پوءِ جيئن ئي ڏهن ويهن سالن بعد آمريڪين لڏو پٽيو ته اسانجي ايشين دڪاندارن به جپان ڇڏي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ رهڻ اختيار ڪيو. پر ڪجهه واپاري جپان ۾ رهي پيا، جو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جپاني سلڪ مشهور ٿيڻ لڳي، جنهن جي دنيا ۾ کپت وڌي رهي هئي. اسان جي ماڻهن اهو ئي سوچيو ته هونءَ ته جپاني کٽل ۽ ڪنجوس آهن ۽ ڪا شيءِ خريد ڪري پئسو خرچ ڪرڻ کان ونءُ وڃن ٿا، پر اهو آهي ته اسان سندن سلڪ جو اوچو ڪپڙو خريد ڪري ڌارين ملڪن ۾ مهانگو وڪڻي پئسو ڪمائي سگهون ٿا. هندو سنڌين جا دنيا جي ڏورانهن ملڪن برمودا، ٽرينيڊاڊ، جبرالٽر ۽ يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ واسطا هئا، جتي پنهنجي جاتيءَ ۽ زبان جي سوداگرن کي اهو ڪپڙو ۽ بعد ۾ ٻيون به جپاني شيون موڪلي پئسو ڪمايائون. ان هوندي به آئون ڏسان پيو ته سنڌي هندو واپاري جيترو ٻين ملڪن ۾ وڌي رهيو آهي، اوترو جپان ۾ هرگز نه! 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جپان ۾ جن پوڙهن پوڙهن سنڌين سان آئون ملندو هوس، انهن جي وفات بعد سندن اولاد انگلينڊ يا آمريڪا روانو ٿي ويو ۽ ان اولاد جو اولاد ته هاڻ هتي جپان توڙي ولايت جي ملڪن ۾، ڏسان ٿو ته، پنهنجي شناخت ئي مٽائي چُڪو آهي. پٽن پوٽن ته وري به جھڙي تھڙي سنڌي ڳالهائي پئي، پر انهن جي اولاد يعني پڙ پوٽن تڙ پوٽن مان ته ڪيترن کي اها به خبر ناهي ته سندن وڏا سئو ڏيڍ سئو سال اڳ سنڌ جي ڪهڙن شهرن مان جپان، اسپين، پورچوگال، لاس پاماس، ڪيپ وردي يا بهاما کان اچي نڪتا؟ انهن جون مائرون ته ڇا ڏاڏيون نانيون چيني، فلپيني، اسپيني، فرينچ، انگريز، موراڪن ۽ ٻين ملڪن جون هجڻ ڪري، هاڻ انهن جون ۽ مڪاني ٻوليون ڳالهائين ٿيون.
سو اهڙي منظرنامي ۾ جڏهن ڪو اسانجو اديب مون سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندو آهي ته هو جپان، هانگ ڪانگ، جبرالٽر، سوٽا يا لاس پاماس جھڙين بندرگاهن ۾ رهندڙ سنڌين سان خبر چار ڪرڻ ٿو چاهي ته مون کي حيرت ٿيندي آهي ته هن کي ڪنهن سان ملائجي؟
اهو به 1960ع جو ڏهاڪو هو جڏهن بيروت، ممباسا، زئنزبار، ڪولمبو، سوربائي جھڙن بندرگاهن ۾ ڪي پوڙها (يا اهي جوان سنڌي جيڪي ورهاڱي وقت لڏي آيا ۽ کين اڃان چند سال ٿيا هئا) اسان سان سنڌي ڳالهائيندا هئا ۽ سنڌ جي سڪ ۾ اتي جون خبرون پڇندا هئا. ان وقت به اهي سنڌي جيڪي ٻي جنگ عظيم کان به گهڻو گهڻو اڳ واپار جي سلسلي ۾ ولايت جي شهرن ۾ آيا (يعني اوڻهين صديءَ جي آخري يا ويهين صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾) انهن جو اسان جيڏو اولاد جيڪو ان وقت ئي يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ئي (جڏهن مون جهازن تي سفر شروع ڪيو) مڪاني ڪلچر ۽ ثقافت ۾ رنگيل نظر آيو، جن لاءِ لاس پاماس واري سفر ۾ لکيو هوم ته اتي رهندڙ پوڙهن ته سنڌي ڳالهائي، پئي پر اسان جي عمر جي جوانن اسان جي سنڌي ٿوري گهڻي سمجهي پئي، پر جواب اسپينش ۾ يا ٽٽل ڦٽل انگريزيءَ ۾ پئي ڏنو.
هاڻ جڏهن ورهاڱي کي 70 سالن کان مٿي ٿي ويا آهن ته اهي سنڌي جيڪي ورهاڱي بعد بارسلونا، روم، بيروت، سُوٽا، مئڊرڊ وغيره اچي رهيا، انهن جا پوٽا ڏوهٽا اڄ ڪٿي ٿا سنڌي ڳالهائين؟ هنن جو به ڏوهه ڪونهي. اوڙي پاڙي جي ٻارن کان توڙي اسڪول جي ٻارن کان ۽ ٽي ويءَ تي مڪاني ٻولي فرينچ، پورچوگالي، اسپينش، عربي ٻڌي ٻڌي اهائي ڳالهائين ٿا. وڌ ۾ وڌ انگريزي سکڻ ضروري ٿا سمجهن، جو بين الاقوامي زبان آهي، جنهن بنا ڌارين ملڪ ۾ ڪم نٿو هلي. يورپ، آمريڪا يا جپان ۽ چين ۾ رهندڙ سنڌين کي ڇڏيو، ويندي اهي سنڌي جيڪي انڊيا ۾ رهن ٿا.... ويندي اديبن شاعرن جا پوٽا ڏوهٽا، ڏسان ٿو ته هو مرهٺي، گجراتي، تامل، مليالم ڳالهائين ٿا. دادا جشن تقريبن هر وڏي ننڍي گڏجاڻيءَ ۾ اها تلقين ڪندي وفات ڪري ويو ته، بابا! پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ کي نه وساريو. ٻيو نه ته گهر ۾ ته ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو..... اسان وٽ ته سنڌ ۾ وري به سنڌي هڪ ٻئي سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائين ٿا. پر پوني ۾ هڪ سنڌين جي گڏجاڻيءَ ۾ هفتو کن رهيس، سڀ هنديءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. ويندي اهي اديب ۽ شاعر به، جن جو اسان وٽ وڏو نالو آهي. اهو ئي حال ممبئيءَ ۾ ڏٺم، جتي سواءِ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ۽ هڪ ٻن ٻين ڪٽنبن جي سڀ هنديءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا.

هندستاني ٻائي جي جپان آمد

جپان ۾ ننڍي کنڊ جا جيڪي ماڻهو نمايان طور نظر اچن ٿا، انهن ۾ سنڌي، بنگالي، تامل، پنجابي ۽ ڪيرالا جا ئي آهن، جيڪي سمجهو ته گذريل 130 سالن ۾ وڌي 23 هزار کن ٿيا آهن ۽ اهي مختلف ڌنڌن ۽ پورهين سان واسطو رکن ٿا. جائداد ۽ اليڪٽرونڪ جي ڪم کان وٺي، سيڪنڊ هئنڊ ڪارن ۽ ڪپڙي جي ڪاروبار ۽ درس ۽ تدريس ۾ آهن. اهي سڀ ماڻهو ڏٺو وڃي ته ويجهي ماضيءَ ۾ آيا آهن، جيئن چين ۾ ابِن بطوطا يا مارڪو پولو جھڙي سياح جو ٻڌجي ٿو، ائين ڪنهن ننڍي کنڊ جي ماڻهوءَ جو نٿو ٻڌجي ته هو ٽي صديون يا چار صديون اڳ جپان مان گهمي ويو، يا اتي رهي پيو. پر توهان ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل، يعني ڪنهن تاريخ يا ٻڌ ڌرم جي عالم کان ان بابت پڇندؤ ته هو هڪ انڊين شخص جو ضرور ٻڌائيندو ته 736ع ۾ ننڍي کنڊ جو ”ٻوڌي سينا“ نالي هڪ ٻڌ اسڪالر جپان ۾ آيو هو. ٻوڌي سينا ان وقت جي جپاني شهنشاهه شومُو (Shomu) جي دعوت تي جپان ۾ ٻڌ ڌرم بابت پرچار ڪرڻ ۽ سنسڪرت سيکارڻ لاءِ آيو هو. ٻوڌي سينا تامل نادو جي هڪ وڏي شهر ماڌوراءِ ۾ 704ع ۾ ڄائو هو. هي شهر واءِ گاءِ درياهه (جيڪو مدراس پاسي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪري ٿو) جي ڪناري تي آهي. هن درياهه واءِ گاءِ (Vaigai) جون به دلچسپ ڳالهيون آهن، جيڪي پاڻ انڊيا واري سفر ۾ ئي تفصيل سان ڪنداسين. جپاني ڪلچر ۽ ادب ۾ هن انڊين ٻوڌي ٻائي ٻوڌي سينا بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن. چون ٿا ته ٻوڌي سينا جي اچڻ کان اڳ نارا ۾ موجود فوشومي پهاڙين تي هڪ بزرگ شخص رهيو ٿي، جنهن ڪنهن سان به نه ٿي ڳالهايو. ماڻهن هن کي گونگو ٿي سمجهيو. پوءِ جڏهن هن ٻوڌي سينا کي ڏٺو ته يڪدم وات کوليائين ۽ چيائين: ”اهو وقت هاڻ اچي ويو“.... ۽ پوءِ هو خوشيءَ وچان نچڻ لڳو. ”ٻوڌي سينا“ نارا علائقي جي ”هيئي جوڪيو“ شهر ۾ رهيو، انهن ڏينهن ۾ نارا سلطنت جو 710ع کان 784ع تائين گاديءَ جو شهر رهيو، جيڪو ان وقت جي 43 هين راڻي جين ميئي (Genmei) جي حڪم سان قائم ٿيو هو. جين ميئي 715ع تائين حڪومت ڪئي، ان بعد 724ع تائين هن جي ڌيءَ راڻي گينشوءَ (Gensho) 44 هين تخت نشين جي حيثيت ۾ حڪومت ڪئي. ان بعد جپان جي تختِ گل دائودي (Chrysanthemum) تي جپان جو 45 هون حاڪم شهنشاهه شومو (Shomu) ويٺو. هن جي ڏينهن ۾، بلڪه هن جي گهرائڻ تي 736ع ۾ ٻوڌي سينا جپان ۾ آيو. شهنشاهه شوموءَ 55 سالن جي ڄمار ۾ سن 756ع ۾ وفات ڪئي، پر هن ان کان اڳ 749ع ۾ حڪومت جون واڳون پنهنجي ڌيءَ شهزادي ڪوڪين (Koken) حوالي ڪري ڇڏيون، جيڪا جپان جي 46 هين تخت ڌياڻي ٿي.
شهنشاهه شومو جي وفات کان چار سال پوءِ 760ع ۾ ٻوڌي سينا گذاري ويو ۽ کيس نارا شهر جي ڀرسان Ryoujusen جبل تي دفن ڪيو ويو. ٻوڌي سينا جپان ۾ 24 سال رهيو. هن جي ڌرمي خدمتن ۽ سنسڪرت ٻولي سيکارڻ جي خدمتن جو جپاني به اعتراف ڪن ٿا. چيو وڃي ٿو ته جپاني مشهور ڌرمي عالم ڪوڪائي (ڄم 774ع وفات 835ع) ٻڌ ڌرم جي تعليم سنسڪرت ذريعي حاصل ڪئي. چين ۾ جيڪو ٻڌ ڌرم جو ”هئايان“ نالي مڪتب فڪر قائم هو، ان جو ٻوڌي سينا جپان ۾ ڪيگان (Kegon) نالي بنياد رکيو. ٻوڌي سينا ٻائي جي جپان ۾ اچڻ ۽ هن جي خدمتن جو احوال شوڪو نهان گي (Shoku Nihongi) ڪتاب ۾ آهي جيڪو جپاني تاريخ جو آفيشل رڪارڊ آهي. جيڪو 797ع ۾ مڪمل ڪيو ويو هو. هن ۾ ٻوڌي سينا جو نالو ”بودائي سين نا“ (Bodai Senna) ڏنو ويو آهي.
هن تاريخي ڪتاب مطابق جپان ۾ ٻڌ ڌرم سرڪاري طرح 552ع کان ڪوريا جي سلطنت بائيڪجي (Baekje) کان ايندڙ ٻاون ذريعن قائم ٿي چڪو هو. جنهن کي ٻوڌي سينا تفصيل سان سڌاريو ۽ سنواريو ۽ ان پئٽرن کي ٻڌ ڌرم جو ”ڪيگان ٻڌ“ مڪتبِ فڪر سڏجي ٿو.
ٻڌ ڌرم جو باني سڌارٿ گوتم جيڪو 480 ق م ڌاري ڪوسالا ۾ ڄائو (جيڪو ان وقت ته انديا جو حصو هو، هاڻ اهو علائقو نيپال ۾ اچي ٿو). ٻڌ ڌرم جي پرچار، گوتم ٻڌ زندگيءَ جا باقي 45 سال گنگا نديءَ ۽ ان جي شاخن تي ٺھيل شھرن، ڳوٺن ۾ ڪندو رهيو. هن پنهنجا پوئلڳ، ٻڌ ڌرم پکيڙڻ لاءِ، ان وقت جي انڊيا جي ڏورانهن شهرن ڏي موڪليا. هن جي وفات (400 ق م) تائين هن جا هزارين پوئلڳ ٿي چڪا هئا. سندس مرڻ بعد 400 سالن اندر ٻڌ ڌرم انڊيا جي ڪيترن ئي ڀروارن ملڪن تائين ڪجهه تبديلين ۽ مختلف نالن سان قائم ٿي ويو. جيئن نيڪايا ٻڌ ڌرم، جنهن جي هڪ شاخ ٿيرا وادا اڄ به قائم آهي. ان کان علاوه هن ڌرم ڪٿي مهايانا جو روپ اختيار ڪيو، ته ڪٿي وجريانا جو. ڏٺو وڃي ته گوتم ٻڌ جو جنم حضرت عيسيٰ عليه السلام کان به چار پنج سئو سال اڳ ٿيو. انهن ڏينهن ۾ انڊيا ۾ هندو ۽ جين ڌرم هئا. جين ڌرم، ٻڌ ڌرم کان به چار پنج سئو سال اڳ قائم ٿيو. دراصل ٻڌ ڌرم صحيح معنيٰ ۾ موريا سلطنت جي بادشاهه اشوڪا جي ڏينهن ۾ زور ورتو. (اشوڪا 273 ق م ۾ جنم ورتو ۽ 232 ق م ۾ وفات ڪئي). موريا سلطنت اسان جي ننڍي کنڊ جي هڪ بيحد اهم سلطنت چئي سگهجي ٿي، جيڪا سڀ کان وڏي علائقي تي رهي. خبر ناهي اڄ ڪلهه اسڪولن ۾ موريا سلطنت بابت پڙهائين ٿا يا نه، پر اسان انڊوپاڪ جي تاريخ ۾ ستين ڪلاس يا ان کان هڪ ڪلاس هيٺ ۾ پڙهي هئيسين، ڇو جو مون کي ياد آهي ته موريا سلطنت جي حاڪمن جا نالا ۽ انهن جا سن مون پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ ياد ڪيا ۽ هالا ۾ آئون ستين ڪلاس تائين پڙهيس. گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن آئون سامونڊي نوڪري ڪري رهيو هوس ته مون ٻڌو ته ”موريا گهراڻي/ سلطنت“ جو بابُ تاريخ مان ڪڍيو ويو آهي، جو ان ۾ هندن جي تعريف پئي ٿي. تاريخ جي شروعات محمد بن قاسم کان ڪئي وئي آهي. اميد ته اها غلط ڳالهه هوندي. تاريخ تاريخ آهي ۽ ماضيءَ جي ڳالهين کان اسان کي واقفيت هجڻ کپي ۽ انهن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. ٻي ڳالهه ته موريا سلطنت اسلام ته ڇا پر عيسائيت کان به اڳ ۾ رهي. مزي جي ڳالهه اها ته نه ان جو باني چندر گپت هندو هو ۽ نه آخري ۽ سڀ کان طاقتور حاڪم اشوڪا هندو هو. چندر گپت جو واسطو جين ڌرم سان هو. اشوڪا پاڻ به گوتم ٻڌ جو پوئلڳ ٿيو ۽ عوام کي به ٻڌ ڌرم ۾ داخل ٿيڻ جي پرچار ڪيائين. اشوڪا ٻوڌي ٻاون جو جماعتون ٻڌ ڌرم کي پکيڙڻ لاءِ هڪ طرف سريلنڪا، سيام، ڪمبوڊيا، برما پاسي موڪليون ته ٻئي پاسي ايران افغانستان، اتر آفريڪا ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري وارن يورپي ملڪن ڏي موڪليون.
موريا سلطنت (322 ق م کان 180 ق م) اٽڪل ڏيڍ سئو سال رهي، جنهن مان چندر گپت 24 سال (321 ق م کان 297 ق م تائين) بادشاهه رهيو. چندر گپت جي حڪومت کان ڪجهه سال اڳ سڪندر اعظم ايران ۽ اتر اولهه انڊيا جي وڏي حصي تي چڙهائي ڪئي، پر پوءِ بيماريءَ ۽ لشڪر ۾ ڦوٽ پوڻ سبب 326 ق م ۾پويان پير ڪيائين. سڪندراعظم جي اچڻ کان اڳ هي علائقو دارا کان وٺي (يعني 550 ق م کان) سڪندر جي سوڀ (330 ق م تائين) هخامنشي سلطنت (achaemenid Emp) جي حوالي هو. سڪندراعظم پاڻ ته ايران (پرشيا) فتح ڪري هليو ويو، پٺيان ايران تي حڪومت لاءِ پنهنجن يوناني سپاهين کي مقرر ڪري ويو. سلوقي سلطنت ۽ موريا سلطنت جي وچ ۾ لڳل مشهور لڙائيءَ ۾ چندر گپت جي سوڀ ٿي. اهڙيءَ طرح موريا سلطنت اڄ واري بنگلاديش کان افغانستان تائين وڌي وئي، جنهن ۾ اسان جي سنڌ واري علائقي کان ننڍي کنڊ جو وڏو حصو اچي پئي ويو. اڳتي هلي سندس پوٽي اشوڪا جي حڪومت ۾ ته موريا سلطنت ايڏي وڌي وئي، جو ان جو مثال اڄ تائين انڊيا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اشوڪا کي ”اعظم“ ۽ انگريزيءَ ۾ “Ashoka the Great” به سڏجي ٿو. هن 268 ق م کان 232 ق م تائين 36 سال حڪومت ڪئي. اشوڪا جي ڏينهن ۾ موريا سلطنت ۾ تامل ناڊو، ڪرناٽڪ ۽ ڪيرالا سميت سڄو ننڍو کنڊ اچي پئي ويو. اشوڪا ٻڌ ڌرم کي پکيڙڻ جا وڏا جتن ڪيا ۽ ٻڌ ڌرم کي سريلنڪا کان وچ ايشيا جي ملڪن تائين مشھور ڪيو. هن گوتم ٻڌ جي ياد ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي گوتم جا مجسما ۽ سندس قولن سان لکيل ٿنڀا لڳرايا.
آخر ۾ ڪجهه سٽون جپان جي بادشاهه شهنشاهه شومو تي جنهن انڊين ٻوڌي ٻائي ”ٻوڌي سينا“ کي جپان ۾ گهرايو ۽ ڪجهه ”جپاني ،شهنشاهي سسٽم“ تي لکندو هلان.
جپان جو شهنشاهي سسٽم دنيا جي آڳاٽن راڄن مان آهي، جيڪو برطانيا جي بادشاهت وانگر موروثي سمجهيو وڃي ٿو. ائين ته ايران ۾ به سائرس ۽ دارا کان شهنشاهه ايران تائين هر بادشاهه جو رڪارڊ موجود آهي، پر اتي ڪڏهن مڪاني بادشاهن پئي حڪومت ڪئي، ته ڪڏهن عربن ۽ يونانين، پر جپان ۾ پهرين بادشاهه، بعد ۾ سندس پٽ يا ڌيءَ تختِ گل دائوديءَ تي وهندا رهيا ۽ هاڻوڪو موجوده بادشاهه اڪيهتو ان سلسلي جي 125 هين ڪڙي آهي. شهنشاهه جيمو (Jimmu) جپان جو پهريون بادشاهه هو، جنهن 660 ق م کان585 ق م تائين حڪومت ڪئي. سڪندراعظم ايران ۽ ننڍي کنڊ تي 330 ق م ڌاري فتح حاصل ڪئي، يعني سڪندراعظم جي شهنشاهه ٿيڻ کان 310 سال اڳ پهريون جپاني شهنشاهه جپان جي تختِ گلِ دائوديءَ (Chrysanthemum throne) تي ويٺو هو، جنهن لاءِ جپانين جي اعتقاد موجب چيو وڃي ٿو ته، شهنشاهه جيمو جپانين جي سج جي ديوي اماتيراسُو ۽ طوفانن جي ديوتا سُوسانو جي پوٽي نينيگي (Ninigi) جو اولاد آهي. شهنشاهه جيموءَ جي تخت تي وهڻ وارو ڏينهن جپان ۾ نئشنل فائونڊيشن ڊي طور 11 فيبروريءَ تي ملهايو وڃي ٿو. جيئن برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ جي تخت کي ”تختِ انگلينڊ“ سڏيو وڃي ٿو، ڪوريا جي بادشاهن جي تخت کي “Phoenix Throne” يعني ”تخت ققنوس“ (هنديءَ ۾ ”تخت اڇمڀا“ ۽ فارسيءَ ۾ ”تخت عرش العنقا“) سڏيو وڃي ٿو. مغلن جي تخت کي “Peacock Throne” (تختِ طائوس) ۽ پرشن (ايراني) سلطنت جي تخت کي “Sun Throne” يعني ”تختِ خورشيد“ سڏيو وڃي ٿو، تيئن جپاني شهنشاهن جي تخت جي نالي گل دائوديءَ جي انگريزي ”ڪرسن تيمم“ آهي. ملئي ۾ ان گل کي ”ڪيڪوا“ سڏين ٿا. ٻي جنگ عظيم دوران جپانين ملايا (ملائيشيا) تي چار سال حڪومت ڪئي، ان ڪري ملائيشيا جا ماڻهو جپان جي سلطنت جي ڳالهه ڪرڻ دوران ”تختِ بنگا ڪيڪوا“ جي ڳالهه ڪندا آهن. ملئي ٻوليءَ ۾ ”بُنگا“ معنيٰ ”گل“.
جپان جو شهنشاهه شومو (جنهن ٻوڌي سينا کي انڊيا مان گهرايو ته جپان ۾ اچي ٻڌ ڌرم تي واعظ ڪري ۽ ماڻهن کي سنسڪرت جي ڄاڻ ڏئي) جپان جو 45 هون شهنشاهه هو، جنهن 724ع کان 749ع تائين حڪومت ڪئي. ان بعد سندس ڌيءَ ابي (Abe) ٻه دفعا تخت تي ويٺي. پهرين دفعي راڻي ڪوڪين جي نالي سان 749ع کان 758ع تائين ڇاهيتاليهين نمبر تي ۽ ٻيو دفعو ستيتاليهين نمبر ”شهنشاهه جونين“ بعد اٺيتاليهين نمبر تي راڻي شوتوڪُو (Shotoku) جي نالي سان 764ع کان 770ع تائين. هتي اهو به لکندو هلان ته جپاني بادشاهن ۽ راڻين جا اصل نالا هڪڙا ٿين ٿا ۽ تخت تي وهڻ تي هو ٻين نالن سان سڏرائين ٿا، جيئن ابي (Abe) پاڻ کي هڪ دفعو راڻي ڪوڪين سڏرايو ۽ ٻئي دفعي راڻي شوتوڪو.
جپان جي هيءَ راڻي معاشقن يا دل پشوريءَ جي ڪري به تاريخ ۾ مشهور آهي. هونءَ ته جپاني بادشاهه ۽ راڻيون آسماني مخلوق سمجهيا وڃن ٿا، جو هو جپاني ديوين ۽ ديوتائن جو اولاد تصور ڪيا وڃن ٿا. ايتري قدر جو ٻي جنگِ عظيم جي ڏينهن ۾ به شهنشاهه هيرو هتو جڏهن عوام کي پنهنجو ديدار ڪرائيندو هو ته ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندا هئا. اهو ئي حال هر بادشاهه ۽ راڻيءَ جي دور ۾ رهيو. هنن عوام کي پنهنجي برابر نٿي سمجهيو. شاديون به شاهي خاندان مان ڪيائون. ڪنهن بادشاهه مڙيئي عوام مان ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي به ته اها ڇوڪري چاهي اعليٰ رتبي واري ۽ حسن جمال واري هجي، پر هن کي شاهي خاندان جي حيثيت کان نيچ سمجهي، رهائش لاءِ به محلات کان الڳ بندوبست ڪيو ويو. اهڙي تناظر ۾ راڻي ڪوڪين جو ڊوڪيو نالي هڪ ٻائي سان عشق ٿي پيو. عشق به اهڙو جو راڻي ڪوڪين هن کي 764ع ۾ اعليٰ وزير (گرانڊ منسٽر) جي عهدي تي رکيو ۽ سال ڏيڍ کان پوءِ ترقي ڏئي 766ع ۾ هن کي هوئو (Hoo) يعني شهزادو ٻائو بڻايو ويو. هي ٻائو هر وقت راڻي صاحبه سان گڏ رهيو ۽ هن عوام جي غصي ۽ غم جي به پرواهه نه پئي ڪئي، 770ع ۾ هُنَ پنهنجو پاڻ کي بادشاهه سڏرائي تخت تي زوريءَ وهڻ جون رٿائون پئي رٿيون، ته راڻي صاحبا گذاري ويئي. ان بعد درٻارين ۽ اعليٰ عهديدارن ڊوڪيو ٻائي صاحب جي دماغ مان عشق جو ڀوت ڪڍي ڇڏيو ۽ نه فقط کيس نارا شهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي پر گاديءَ جو شهر به شفٽ ڪري ڇڏيو.
ٻائي ڊوڪيو جي جپان جي راڻي ڪوڪين سان هن ريت ملاقات ٿي جو 761ع ۾ هوءَ بيمار ٿي پئي، جنهن جو هن ٻائي ڪجهه جڙين ٻوٽين ۽ ڪجهه ڦيڻن ٽوڻن سان علاج ڪيو. بس پوءِ ائين ئي قصو ٿيو، جيئن روس جي راڻي زرينا (اليگزينڊريا) جو اتي جي پاڳل ٻائي گريگوري راسپوٽين سان ٿيو هو. اهو معاشقو ايڏو وڌي ويو، جو راسپوٽين راڻيءَ جي محل ۾ سمهڻ لڳو. ملڪ جي اعليٰ عملدارن ۽ ڪورٽ جي درٻارين کي اها ڳالهه نه وڻي. هڪ ڏينهن هنن گڏجي راسپوٽين کي قتل ڪري ڇڏيو.
اهڙا مثال تاريخ ۾ ڪيترائي ملن ٿا. راڻي ڪلوپترا جي معاشقن کان وٺي سنڌ جي آخري ٻوڌي حاڪم راءِ سهاسيءَ جي زال راڻي سهنديءَ تائين، جنهن درٻار جي هڪ ڪشميري هندو ڪلارڪ سان اهڙا ته جنسي تعلقات رکيا جو مڙس کي راهه تان هٽائڻ لاءِ هن چچ سان گڏجي هن جو قتل ڪيو ۽ سندس ڀائرن ۽ ويجهن مائٽن کي ماريو يا جيل حوالي ڪيو. ان بعد چَچُ سرڪاري طرح راڻي سُهنديءَ سان شادي ڪري سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ برهمڻ گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو. اهڙن شاهي عشقن ۽ جنسي تعلقاتن مان دنيا جي مهاراڻي وڪٽوريا پڻ هڪ آهي، جنهن جو عشق هڪ Native هندوستاني بئري عبدالڪريم سان ٿي پيو هو. جنهن کان اڳ هوءَ پنهنجي انگريز بٽلر سان به ٺهيل رهي.

جيڪي ويا جاوا ۽ جپان .....

تازو هڪ نوجوان سرڪاري ڪاموري سان ملاقات ٿي. هو پنهنجي اداري طرفان ٽي چار مهينا، ڪنهن ڪورس جي سلسلي ۾ جپان ۾ رهي آيو هو. هن جي اتي ڪنهن هڪ ٻن سنڌي هندن سان ملاقات ٿي، جن کان اهو معلوم ڪري حيرت ٿيس ته جپان ۾ وڏي عرصي کان ڪيترائي سنڌي واپاري رهن ٿا.
هن مون کي فون ڪري ٻڌايو ته هو هنن بابت لکڻ چاهي ٿو، سو ان سلسلي ۾ هو مون کان پڇڻ لڳو، ته اهي ڪهڙن شهرن ۾ رهن ٿا ۽ هنن جون رسمون رواج ڇا آهن. هنن جون شاديون مراديون پنهنجن ۾ ٿين ٿيون يا ڌارين ۾؟!.... وغيره وغيره.
مون کيس سمجهايو ته آئون ته هڪ مسافر ماڻهو رهيو آهيان ۽ منهنجو واسطو پنهنجي ڪم، يعني جھاز هلائڻ سان رهيو آهي. ان دوران ڪنهن بندرگاهه ۾ گهمڻ ڦرڻ دوران ڪنهن سنڌيءَ يا ڪنهن ٻئي سان ملاقات ٿي آهي يا ڪا اهڙي نئين شيءِ ڏٺي آهي ته ان بابت ان وقت لکيو آهي ۽ اها لکڻي توڙي مشاهدا مٿاڇري سطح وارا رهيا آهن. مون ڪو ريسرچ ورڪ نه ڪيو آهي. مون کي ڪنهن ڳالهه مزو ڏنو آهي يا متاثر ڪيو آهي ته سمنڊ تي جھاز هلڻ مهل خاص ڪري ڊگهن سفرن تي، وقت پاس ڪرڻ لاءِ اهي ڳالهيون پڙهندڙن لاءِ لکيون آهن. جيئن ڏٺيون ٻڌيون يا محسوس ڪيم. اها به تڪليف وٺي مون لکيو آهي نه ته منهنجي ٻين ساٿين اهڙيون ڳالهيون لکڻ تي ڌيان نه ڏنو. هنن لاءِ ۽ مون لاءِ اهم ڳالهه جھاز هلائڻ رهندو هو. جھاز جون مشينون ٺيڪ رکڻ ۽ خراب ٿيڻ تي انهن جي مرمت ڪرڻي هئي، جنهن جو علم ڪتابن، شپ يارڊن (جھازن جي مرمت جي ڪارخانن) ۽ تجربي مان سکندا رهياسين. جھاز جي ڪم مان واندو ٿيڻ تي ننڊون ڪيون سين يا پنهنجي پسند جي وندر جا ڪم ڪيائين، جيئن پتي راند، ڪچهري، گانا ٻڌڻ وغيره. مون کي پڙهڻ لکڻ جو شوق هو سو بندرگاهه ۾ ٿيل ڳالهين، واقعن ۽ مشاهدن کي سمنڊ تي پنهنجي حساب سان لکيو..... فقط وقت پاس ڪرڻ لاءِ. ڪن ڳالهين ۾ مونجهارو ٿيو ته ان جي تصديق ڪري درست ڪرڻ جي به ضرورت نه پئي محسوس ڪيم. صحيح ڄاڻ ۽ معلومات فقط جھاز جي انجڻن جي رکي، جو سمنڊ تي ڊيوٽيءَ دوران اڪيلي سر مشڪلن کي ۽ هر پروموشن لاءِ امتحان کي منهن ڏيڻو پيو. سو مون کي جپان جي شهر ڪوبي يا يوڪوهاما ۾ ڪو سنڌي دڪاندر مليو يا ڪا مسجد نظر آئي ته مون ان تي ريسرچ ڪرڻ نه چاهي ۽ نه ان لاءِ وقت هو. جيتوڻيڪ اڄ اهو ضرور سوچي رهيو آهيان ته سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان جھڙن ملڪن ۾ فلمون ڏسڻ، پارڪن ۾ رلڻ، شاپنگ مالن ۾ ونڊو شاپنگ ڪري وقت وڃائڻ بدران ان وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي اهڙن جهونن ماڻهن سان ملڻ ۾ لڳايان ها. جيتوڻيڪ اهو به سٺو جو وري به مون ڪجهه وقت اهڙين شين کي ڏنو ۽ اخبارن ۾ ڪالم لکيا. باقي سچ اهو آهي ته چڱيءَ طرح تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ يا تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ ته کوجنا جي ضرورت آهي ۽ ڪنهن يونيورسٽيءَ جو شاگرد ان ۾ ٽي چار سال لڳائي پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿو. جيئن هڪ شاگردياڻي مامتا سچن ڪمار (جنهن جي ماءُ لڳي ٿو ته جپاني آهي ۽ پيءُ سنڌي هندو) ڪجهه سال اڳ سنگاپور جي نئشنل يونيورسٽيءَ جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا ٿيسز لکي ان جو عنوان آهي ”جپان ۾ سنڌي واپاري“.(Trade of time: The Sindhi merchants in Japan)
هيستائين اها ٿيسز ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪي هوندي. ليڪچر ڏيڻ خاطر جڏهن منهنجو گذريل دفعي سنگاپور ۽ ملائيشيا وڃڻ ٿيو هو ته اها 200 کن A4 سائيز جي پنن تي مشتمل ٿيسز جي فوٽو ڪاپي مون کي به ڏني وئي هئي.
اهڙيءَ طرح هڪ ٻي عورت ميگها واڌوا کي سڃاڻان، جيڪا ٽوڪيو جپان جي صوفيا يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايشين، آفريڪن ائنڊ مڊل ايسٽ اسٽڊيز جي پروفيسر آهي. هن جو هڪ پيپر پڙهيو هوم جنهن جو عنوان هو:
“Exploring the Working Experiences of Indian Immigrants in Japan.”
ان ۾ پڻ هن سنڌي هندو واپارين جو احوال لکيو آهي، جيڪي هانگ ڪانگ، جاوا سماترا ۽ ورهاڱي بعد سنڌ کان لڏي جپان آيا.... وغيره.
اهڙن عنوانن تي تفصيل سان لکڻ لاءِ وقت، محنت، سرڪاري طرح مدد ۽ پئسو ڏوڪڙ ٿو کپي. جيئن ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو، سئيڊن ۾ اسان ماسٽرس ٿي ڪئي ته مئرين انجنيئرنگ تي پڙهڻ لاءِ لئبريريون هڪ طرف هيون ته مختلف ملڪن ناروي ڊئنمارڪ، فنلينڊ، بيلجم، جرمني ۽ هالينڊ ۾ وڃي اتي ٺهندڙ جھازن کي ڏسڻ لاءِ UNO ۽ اسان جي يونيورسٽيءَ ڀاڙا ڀتا ۽ رهائش جا خرچ پکا ٿي ڏنا، جيئن هر شيءِ چڱيءَ طرح ڏسي، پرکي پروڙي، معلومات حاصل ڪري پوءِ لکون. باقي ائين مسافر جي حيثيت ۾ هر مسافر کي هر ڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي انداز ۾ نظر ايندي. دراصل ان جو ئي نالو ”سفرنامون“ آهي. مون کي حيرت ٿيندي آهي، جڏهن اسان جو نقاد مون تي چڙون ڪندو آهي ته هيءَ شيءِ هينئن نه پر هيئن هئڻ کپي. ڳالهه اها آهي ته آئون تاريخ نويس، سائنسدان يا مفتي مولوي نه آهيان، آئون هڪ مئرين انجنيئر آهيان. هڪ مئرين انجنيئر جي حيثيت ۾ آئون مئرين انجنيئرنگ تي غلط لکان يا شاگردن کي غلط پڙهايان يا غلط جھاز هلايان ته ان لاءِ آئون سزا جو حقدار آهيان، باقي ٽي ڏينهن ٽوڪيو جو سير ڪري جيڪو ڪجهه لکندس، اهو اهڙو ئي هوندو جھڙو امداد حسيني، ايازگل يا زيب سنڌي ڏهه ڏينهن پاڻيءَ جي جھاز ۾ سير ڪري ان جھاز جي انجڻن بابت لکندا. بنا ڪنهن شڪ جي اها لکڻي دلچسپ ضرور هوندي ۽ ان لاءِ هنن کي شاباش ڏيڻ کپي، پر اها توقع هرگز نه ڪجي ته ان ۾ هنن هر ٽيڪنيڪل ڳالهه صحيح لکي هوندي.
سو مون سوال پڇندڙ کي اهائي صلاح ڏني ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو ان ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي سال وڃي رهي ۽ هڪ ئي موضوع تي پُورو ڌيان ڌري.

آڻِئو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي

هونءَ اها ڳالهه واقعي حيرت واري آهي ته چينين وانگر اسان جا سنڌي واپاري واپار خاطر پري کان پري تائين وڃي نڪتا ۽ سو به ان دؤر کان، جنهن دؤر ۾ اڃان يورپي به نه نڪتا هئا. ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌ ورڪي“ نالو ته انگريزن جي اچڻ بعد مشهور ٿيو، پر اسان جي سنڌي توڙي مدراسي ماڻهن رگ ويدن جي زماني کان ڏيساور ۾ وڻج واپار ڪيو ٿي. آڳاٽي زماني جا ڪاٺ جي تختن ۽ سڙهن وارا جھاز اهڙا نه هئا، جو چؤماسي (Monsoon) واري موسم ۾ ڪيڏانهن ٻاهر وڃي سگهن. چؤماسي ۾ جڏهن اسان جا لوهي ۽ طاقتور جھاز به چيچاٽ ٿا ڪن ۽ اسان ”سامونڊي تَپ“ (Sea Sickness) جي حالت ۾ الٽيون ڪندي، عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال ٿا لتاڙيون، اتي ان وقت جا ڪاٺ جي تختن جا جھاز چؤماسي ۾ سمنڊ جي لهرن جي سٽ سهي نه پئي سگهيا. انهيءَ ڪري اهي هر موسم ۾ ٻاهر نه پئي نڪتا. پوءِ جڏهن سمنڊ ماٺو ٿيندو هو، تڏهن خوشيون ملهائيندا هئا. اهو خوشيءَ جو ڏينهن ”ناريل پورنما“ سڏجي ٿو، جو انهيءَ ڏينهن تي سمنڊ ۾ ناريل، مصري، اکا وغيره وجهندا آهن. اهو ڏينهن ”ناريل پورنما“ اڄ به هندو مهاڻا (جيڪي ممبئي ۽ انڊيا جي اولهه ڪناري (Konka Coast) تي رهن ٿا) ملهائين ٿا. اهو هندن جي پنجين مهيني سراونا ۾ ان ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، جڏهن سڄو چنڊ (چوڏهينءَ جو چنڊ) هوندو آهي. گذريل دفعي هنن ڏينهن ۾ ممبئيءَ ۾ هوس، جتي مالابارهل ۽ ڪولابا جي وچ واري سامونڊي پٽيءَ تي ڪيترائي ماڻهو ناريلن ۽ گلن جي هارن سان اچي گڏ ٿيا هئا، جيڪي هنن سمنڊ حوالي ڪيا. بقول ممبئي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جي:“It is celeberated towards the end of monsoon and marked the beginning of calmer sea and safe sailing”.
سو هي ڪم هاڻ کان نه پر صدين کان پيو هلي. شاهه لطيف جي سر سامونڊيءَ ۾ هڪ بيت آهي:
اڀيون تڙ پوڄين، وَهون وڻجارَن جِيُون
آڻِئو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي

(وڻجارن جون (سِڪايل) گهر واريون سمنڊ تي اچي تڙ پوڄا پيون ڪن. اهي پاڻ سان اَکا (ان جا داڻا ۽ ٻيون خوشبوءِ واريون شيون) کڻي آيون آهن ته جيئن سمنڊ کي ڀيٽا ڏين ته جيئن سندن ڀتار سلامتيءَ سان ماڳ اچي پهچن).
برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگريز آرمي آفيسر، سياستدان ۽ اوڀر جي ڄاڻ جي ماهر سر هينري رالنسن (1810ع، 1895ع) ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ هندستان ۽ مغرب جي ملڪن ۾ جيڪو واپار جو ذڪر آهي، ان مطابق سنڌو ماٿر جا رهاڪو بئبلونيا، ميسوپوتيما ۽ اڀرندي آفريڪا طرف وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا. اولهه ۾ سنڌ جو نالو گهڻو مشهور هوندو هو. سنڌ جي سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جون ساکون ٻڌي، عيسوي سن کان 516 ورهيه اڳ ايران (پرشيا) جو بادشاهه ”دارا پهريون“ پنجاب ۽ سنڌ تي ڪاهي آيو هو.
ڪارٽر ته سنڌ جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته روم وارن جا جھاز سنڌ ۾ ايندا هئا. اسان جا سنڌي ماڻهو روم ڏي وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. آخر هي صديون پراڻيون چوڻيون ۽ پهاڪا ائين ته نه ٺهيا، چوڻي آهي ته: ”توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوم، لکيو لوح قلم ۾“.
ان پهاڪي مان لڳي ٿو ته اسان جا ماڻهو صدين کان روم ويندا هيا ۽ اتي سادي زندگي گذاري، پنهنجي وطن جهجهو ڌن کڻي ايندا هيا.
پيريپلس جھازرانيءَ جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته، عيسوي پهرين صديءَ ۾ سنڌ جا واپاري چين ڏي ويا هئا. اتي جي حاڪم کي ڏاڍيون سوغاتون ۽ تحفا ڏنا هئائون. عيسوي ٽين صديءَ ۾ هنن جون بيٺڪون سوڪترا ٻيٽ ۾ هونديون هيون ۽ سندن جھاز آفريڪا جي اڀرندي ڪناري ۽ ايران جي بندرگاهن تي ڏسڻ ۾ ايندا هئا. پنجين ۽ ڇهين صديءَ ۾ سنڌ ۽ گجرات پاسي جھاز راني نهايت زور هئي. حمزي نالي هڪ ايراني سياح لکي ٿو ته، پنجين صديءَ ۾ ڪوفي جي ويجهو فرات نديءَ وٽ هندن جا گهڻا جھاز ڏسبا هئا. ڪامر نالي هڪ ليکڪ لکي ٿو ته، عيسوي ڇهين صديءَ ۾ سلون (لنڪا) ٻيٽ سان ديبل ۽ ويراوال بندرگاهه (جنهن جي ڀرسان سومناٿ مندر آهي) جو گهڻو واپار هلندو هو. تن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ گجرات جي ماڻهن بحري نار ۾ ٻيٽ هٿ ڪيا هئا ۽ بيٺڪون وڌيون هئائون. عيسوي پهرين صديءَ کان وٺي اسانجي ننڍي کنڊ جا ماڻهو سيام، ملايا، انڊونيشيا پاسي جاوا، سوماترا، بالي، ڏور اوڀر جي ڪيترن ئي بندرگاهن تي ويا پئي ۽ پوءِ به ويندا رهيا. گجرات جو پاسو ڪيترا ورهيه سنڌ جي حدن اندر هو. ڀيرومل مهر چند ٻڌائي ٿو ته، سنڌ جا هندو هڪ طرف بصري ۽ بخارا هليا پئي ويا، ته ٻئي طرف سامونڊي سفر ذريعي جاوا، بالي ۽ سوربائيءَ کان وڃي نڪتا، جتان هو جهجهو ناڻو ڪمائي پئي آيا، جنهن بابت هڪ بيت جڙيل آهي، جيڪو 1920ع جي ڏينهن جي سنڌي پنجين ڪتاب ۾ به ڏنل آهي، جيڪي ڪتاب اسان جي والدين جي ڏينهن ۾ پڙهايا ويا:
سودي خاطر سنبھي، جيڪي ويا جاوا
ڪري وڻج واپار سي، سگهو ٿيا ساوا

اڻ ميو ڌن اتان، سو جو ڪمائين
پاڻ ته کائن تن جا، پويان پڻ کائين

ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته، هاڻوڪن عاملن ۽ ڀائي بندن مان ڪيترن جا وڏا ڪلهوڙن جي صاحبيءَ کان به اڳ ڏيساور ڏي ويندا پئي رهيا، جن جو احوال شاهه لطيف پنهنجي رسالي جي سر ”سريراڳ“ ۽ ”سامونڊيءَ“ ۾ڏنو آهي. شاهه جي هڪ بيت جي سٽ آهي: ”قرڦل، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺ پاتائون“.
قرڦل (لونگ) ۽ ڦوٽا يا ڪارا مرچ ۽ دال چيني وغيره سنڌ جي پيداوار نه آهن. اهي مصالحا ملبار ڪناري يا جاوا سماترا کان آڻيندا هئا ۽ پارچا يعني ڪپڙا (ريشم) چين ولايت ۽ بنگال کان آڻيندا هئا. اهي تاريخي حقيقتون آهن ۽ شاهه جي رسالي ۾ انهن ڳالهين جا اهڃاڻ آهن:

سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن
ويا چين بنگال ڏي، ماڻڪ رکي من
(شاهه)
پاڻيٺ يا آبدار موتي (Pearls) ٻين هنڌان (ايراني نار وغيره) کان آڻيندا هئا.
لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊن

اسان جا اهي وڻجارا (سنڌي هندو) درياهه پنٿي هوندا هئا، تنهن ڪري سندن گهر واريون سمنڊ ۾ اکا ۽ بحرانا وجهنديون هيون. لطيف چيو:

جا جر جاٽون نه ڏئي، ڏيئا نه موهي
سَڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون؟

هن مان ظاهر آهي ته وڻجارن جون وهون (زالون) سمنڊ جي ياترا تي وينديون هيون ۽ اٽي جا ڏيئا ٻاري سمنڊ ۾ تارينديون هيون. يعني هي سڀ ڳالهيون اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار سئو سال ته پراڻيون هونديون، جيڪي ڏسي ۽ ٻڌي شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي. پر آئون ته اهو چوندس ته اڄ کان ڪجهه سال اڳ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون جھازن جي نوڪري شروع ڪئي، ڏورانهن ڏيهن ڏي سفر ڪيا، ان وقت تائين به اها حيرت جي ڳالهه هئي، جڏهن اسان کي لاس پاماس، برمودا، ڪيپ وردي، فجي، ٽرنيڊاڊ، سورٻائي ۽ سنگاپور جھڙن ويجهن توڙي ڏورانهن ٻيٽن تي اسان جي ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌ جي حيدرآباد، شڪارپور، مانجهند، ڪوٽڙيءَ جھڙن وڏن توڙي ننڍن شهرن جا ماڻهو ڄميل واپار سان نظر ايندا هئا. مون سان گڏ اسان جي جھاز تي منهنجا پنجابي، بنگالي، پٺاڻ دوست مون اڪيلي سنڌيءَ کي سامونڊي نوڪريءَ ۾ ڏسي جتي حيرت کائيندا هئا ته توهان سنڌي مسلمان گهر کان پري ڇو نٿا نڪرو، اتي ان ڳالهه تي به حيرت کائي مون کي چوندا هئا ته، ”يار! ڪمال آهي توهان جا هندو سنڌي وڏي دل گردي وارا آهن، جيڪي پراڻي جڳ جي ڪمزور ٻيڙن ۾ چڙهي نه فقط هنن ڏورانهن بندرگاهن کان اچي نڪتا، پر واپار جھڙي شيءِ ۾ پئسو لڳائڻ جو جوکو کنيائون“.
سچ آهي ته ڪامياب واپار لاءِ رڳو پئسو به نٿو کپي، همت ۽ ڀاڳ به ضروري آهي. وڏن وڏن هندو سيٺين کي مون قرضي ٿيندي به ڏٺو. پر وڏي همت سان هنن پنهنجو بچاءُ به ڪيو ٿي ۽ وري آسودا ٿي ويا ٿي.
سامونڊي نوڪريءَ جي شروع توڙي آخر وارن سالن ۾ اهو ڌيان ۾ نه آيو ته انهن ڏورانهن ملڪن ۾ واپار تي حاوي رهڻ وارن سنڌين جو انٽرويو وٺجي، خبر چار وٺجي ۽ سندن زندگيءَ جو تفصيلي احوال لکجي ته هو يا هنن جا ابا ڏاڏا هتي ڪيئن پهتا ۽ ڌاري ڌرتيءَ تي ڪيئن ڌنڌو ڄمايائون؟ آفريڪا جي وڏن توڙي ننڍن بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي، جبرالٽر، مالٽا، سوٽا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڏورانهن بندرگاهن تي سنڌي ذاتين وارا دڪان ڏسي، حيرت ضرور ٿيندي هئي. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ وسيامل آسومل ۽ چوٽڙمل وارن جا اسٽور، جاوا، هانگ ڪانگ، انڊونيشيا پاسي مکي هوتچند کيمچند ۽ ٻين سوين سنڌين جون ڪوٺيون ۽ اسٽور، فلپائين ۾ ڌنامل چيلا رام، مولچند، چوئٿرام هاٿيراماڻي، ميشرس پوهومل برادرس، منيلا ۾ ڀائي گيهي مل رامنداس جا دڪان نظر آيا ٿي. هڪ طرف اوڀر جي ملڪن ۾ ڪي اين ڌنامل ۽ ٻين سنڌين جون فرمون ته ٻئي طرف هونولولو (هوائي ٻيٽ) تي ميشرس واٽومل برادرس جھڙا نالا هڪ قسم جا ڄڻ برانڊ نالا هئا، جن جي دڪانن تان خريداري ڪرڻ فئشن ۾ شامل هو. جاوا ۾ ته سنڌ ورڪين ايترو نالو ڪمايو، جو چوڻي مشهور ٿي ته: ”جو وڃي جاوي، سو ڦر نه آوي، جي آوي ته پٽ پوٽا کاوي“.
يعني ايڏو ڪمائي اچي جو هن جون ست پيڙهيون پيون کائين. جبرالٽر ۽ مالٽا ۾ ته سنڌين جا ڪيئي ڪارخانا نظر پئي آيا ۽ ميشرس پوهومل جو نالو ته سائوٿ آمريڪا جي ڏکڻ ۾ فاڪلينڊ ٻيٽ تي به ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. ان کان علاوه برازيل، ڪولمبيا توڙي ڪوروسائو جھڙن ٻيٽن تي ته بولچند وارن جو ڄڻ راڄ هو ۽ اڄ به آهي، جنهن جو تفصيلي احوال پنهنجي ڏکڻ آمريڪا واري سفرنامي ”برونائيءَ کان بيرازيل“ ۾ ڪري چڪو آهيان. جبرالٽر ۽ اولهه آفريڪا جي ملڪن ۾ به اڄ تائين جي ٽي چئنراءِ، ڪشچند چيلا رام، ميٺارام، جسومل، ايم ڏيئلداس ۽ ٻين سنڌي واپارين جي هاڪ ۽ نالو آهي. هڪ جھاز هلائيندڙ جي حيثيت ۾ اسان کي انهن واپارين جي ڄاڻ رکڻ ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. بس سندن مٺا ٻول ٻڌي ٺري پئي پياسين ۽ سندن دڪانن تي سهڻيون سهڻيون ۽ برانڊيڊ شيون ڏسي هِرکجي پئي پياسين ۽ جيستائين کيسي ۾ پئسو رهيو پئي، خريداريءَ ۾ مشغول رهياسين ۽ حيرت لڳي ٿي ته هي سنڌي اهڙيون سهڻيون سوکڙيون ڪٿان آڻين ٿا، جن جي اگهه جو مقابلو ٻيا مقامي دڪاندار ڪريو نٿا سگهن ۽ اڄ اها حيرت لڳي ٿي ته اهي پاڻ انهن ڏور ڏيساور بندرگاهن ۾ ڪيئن پهتا ۽ ڪيئن ڪاروبار شروع ڪيائون؟!
مٿي بيان ڪيل ٻن ڇوڪرين (شاگردياڻين) جي ٿيسز ۽ ٻين مضمون مان سنڌي هندو واپارين جي جپان ۾ آمد ۽ واپار بابت ڄاڻ ملي ٿي. انهن ۾ هڪ مامتا سچن ڪمار آهي، جنهن سنگاپور جي نئشنل يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪئي، جنهن جي ٿيسز جو عنوان ”جپان ۾ سنڌي واپاري“ آهي ۽ ٻي ميگها واڌوا ٽوڪيو (جپان) جي صوفيا يونيورسٽيءَ جي پوسٽ ڊاڪٽوريل فيلو آهي، جنهن جي پيپر جو عنوان آهي “Exploring the Working Experiences of Indian Immigrants in Japan”.
اسانجي ننڍي کنڊ مان ڪيترائي ماڻهو انگريزن جي راڄ ۾، ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ دنيا جي مختلف ملڪن ڏي ويندا رهيا ۽ ڪيترا اتي ئي شاديون ڪري، يا پنهنجي وطن مان شادي ڪري، ولايت ۾ مستقل طور رهي پيا. ولايت ۾ رهندڙ واپاري ”انڊين“ جي جڏهن به ڳالهه ٿي نڪري، ته انهن ۾ گهڻائي سنڌين جي آهي. هونءَ تعداد ۾ کڻي بنگالي، مدراسي، تامل، پنجابي، پٺاڻ ۽ سک گهڻا هجن، پر واپارين ۾ گهڻا ناليوارا سنڌي هندو رهيا آهن. جيئن ملائيشيا توڙي سنگاپور ۽ پينانگ ۾ ريلوي لائين جي ڪم ۽ پوک لاءِ انگريز سرڪار تامل ۽ ٻين سائوٿ انڊينس سان جھاز ڀري آئي. چوڪيداري، فوج ۽ پوليس سسٽم لاءِ گورکا، سک، پنجابي مسلمان ۽ پٺاڻ وٺي آيا، پر واپار ۽ دڪانداريءَ لاءِ سنڌي هندو جتي ڪٿي پهچي پئي ويا. نه رڳو ملايا، ڪينيا، عدن، نائيجيريا، يوگنڊا، برمودا جھڙن هنڌن تي، جتي انگريزن جو راڄ هو، پر انهن ملڪن ۽ ٻيٽن تي به جن تي ڊچ، فرينچن، پورچوگالين جو راڄ هو. جيئن انڊونيشيا، فلپين، موزمبق، سينيگال، برازيل، ڪيپ وردي، لاس پاماس وغيره وغيره.
ميگها پنهنجي مٿئين پيپر ۾ جيتوڻيڪ جپان ۾ رهندڙ 108 کن انڊين واپارين جو احوال لکيو آهي ته هو جپان ۾ ڪڏهن، ڇو، ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ آيا؟! پر ڏٺو وڃي ته ان ٿيسز ۾ گهڻائيءَ ۾ سنڌي هندو واپارين جو احوال آهي.
مٿين ليکڪائن ۽ ٻين مطابق جپان ۾ پهريان ننڍي کنڊ جا هندو (سنڌي) واپاري 1870ع جي شروع وارن سالن ۾ آيا. ان وقت جپان ۾ ٻي ڪا خاص شيءِ ته نه پئي ٺهي ۽ نه وري ڪو اناج، ڀاڄي يا ميوا ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ هئا، نه وري ڪو ڌاتو هو، جيئن انڊيا ۽ ٻين ملڪن مان پتل ۽ ٽامي جا برتن ويا ٿي. ان ڪري وڏي عرصي تائين ڌارين کي جپان ۾ دلچسپي نه پئي رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جپان پاڻ به دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿيو ويٺو هو. هنن نه ڪنهن ڌرائي جو پنهنجي ملڪ ۾ آڌر ڀاءَ پئي ڪيو ۽ نه پنهنجا ماڻهو ٻين ملڪن ڏي موڪليا پئي.
ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو جڏهن 1870ع جي شروعاتي سالن ۾ جپان ۾ اچڻ ٿيو، ته هنن کي جپاني سِلڪ هڪ اهڙي شيءِ لڳي، جيڪا هنن سمجهيو ته اها انڊيا، يورپ ۽ جاوا، ملايا ۽ آفريڪا موڪلبي ته چار پئسا ڪمائي سگهبا. ان وقت جپاني ڪي امير نه هئا، پر اسان جي واپارين جائزو ورتو ته پورهيت آهن ۽ هنن کي ڪپهه، جانورن جي کلن ۽ ٽين (Tin) جي سخت ضرورت آهي، جنهن مان هو ڪجهه ٺاهي چار پئسا ڪمائي سگهن ٿا. ان ڪري اسان جي واپارين اهو سامان انڊيا کان جپان موڪلڻ شروع ڪيو. سلڪ جا ڪارخانا يوڪوهاما ۾ گهڻا هئا، ان ڪري اسان جا تاجر يوڪوهاما ۾ اچي رهيا. پر ممبئيءَ سامان موڪلڻ لاءِ هنن کي ڪوبيءَ ۾ پڻ رهڻو پيو. يوڪوهاما جيتوڻيڪ بندرگاهه آهي، پر ممبئيءَ لاءِ لڳاتار جھاز ڪوبيءَ کان ويا ٿي. اها ڪوبيءَ ۽ ممبئيءَ جي وچ ۾ سِڌي شپنگ 1893ع کان شروع ٿي. مون کي حيرت آهي ته جپان کي ڪاٽن جي ايتري ته ضرورت رهي آهي جو 1980ع تائين ته ڪراچيءَ کان به سٽ، ڪپهه ۽ سادي ڪپڙي سان جھاز ڀرجي ڪوبيءَ ويندا هيا ۽ جپان جي مختلف شهرن جي فئڪٽرين ۾ اهو سامان، Process ٿي اعليٰ معيار جو ڪپڙي جي صورت ۾ عرب ملڪن ڏي موڪليو ويندو هيو.
ڪوبيءَ جي ميونسپالٽيءَ مطابق 1901ع ۾ ڪوبيءَ ۾ رهندڙ انڊين (سنڌي هندو) واپارين جو تعداد 26 هو، جيڪو پوءِ چئن سالن بعد 59 تائين پهتو. يعني ٻيڻو ٿي ويو. اهو تعداد اوڻهين صديءَ جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ تمام گهڻو وڌي ويو، جو جپان ۽ انڊيا جي وچ ۾ جھاز راني به وڌي وئي. 1910ع ۾ ڪلڪتي کان جپان جھاز هلڻ لڳا ۽ 1936ع ۾ مدراس بندرگاهه کان به جھاز راني شروع ٿي وئي. تعليم لاءِ به شاگرد جپان ۾- خاص ڪري ٽوڪيو شهر ۾ اچڻ لڳا.

سنڌي چيلارام جا جهاز، خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون

1902ع ۾ ٽوڪيو ۾ رهندڙ شاگردن ”هندستان ايسوسيئيشن“ ٺاهي ۽ ڪوبيءَ ۾ ”دي اورينٽل ينگ مين ڪلب“ 1904ع ۾ ٺهيو. جيڪو بعد ۾ ”انڊيا ڪلب“ سڏجڻ لڳو. 1921ع ۾ ”انڊين مرچنٽ ايسوسيئيشن“ يوڪوهاما ۾ ٺاهي وئي، جنهن ۾ وڏو تعداد سنڌي هندن جو هو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ سک ۽ گجراتي هئا. 1923ع ۾ جپان ۾ جيڪو ”گريٽ ڪانٽو“ زلزلو آيو، ان ۾ يوڪوهاما سڄو تباهه ٿي ويو ۽ انڊين سوداگر دربدر ٿي ويا. هو سڀ ڪجهه وڃائي ويهي رهيا. ان بعد يوڪوهاما مان انڊينس کي ڪوبيءَ لڏڻو پيو. 1923ع کان 1939ع تائين انڊينس جا فرم 120 مان وڌي 200 ٿي ويا. ان بعد ٻي جنگِ عظيم انڊين واپارين لاءِ وري پريشاني پيدا ڪئي، جو انڊيا تي انگريزن جو راڄ هو ۽ هن جنگ ۾ جپاني انگريزن جي پٺيان هئا. ان ڪري انڊين واپاري پنهنجي جان ۽ پئسو بچائڻ لڳا. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ هو جپان کي ڇڏي سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ رنگون جو رخ ڪرڻ لڳا. ان بعد هن نئين صديءَ ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو جپان ڏي رخ وڌي رهيو آهي. واپارين کان وڌيڪ پروفيشنل ماڻهن جو، خاص ڪري انفارمينشن ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن جو. ان سان گڏ سنڌي هندو واپاري جيڪي اڄ ڪلهه انڊيا ۾ رهن ٿا، پنهنجي واپار کي مختلف طرفن ڏي ڦهلائي رهيا آهن. ڪپڙي جا واپاري اڄڪلهه اليڪٽرانڪ کان وٺي جھازن تائين جو واپار ڪن ٿا. خير جي ڪمن ۾ پڻ سندن جواب ناهي. جتي ڪاروبار ڪن ٿا اتي جي غريب ماڻهن جي تعليم، رهائش جو پڻ خيال ڪن ٿا. نموني خاطر هتي فقط هڪ اهڙي سنڌي هندوءَ ”چيلارام“ جي خاندان جو ذڪر ڪندس ته هنن جو هانگ ڪانگ جپان کان انڊيا تائين ۽ ٻئي طرف آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا تائين شپنگ جو ڪاروبار هلي ٿو، جيڪو حيدرآباد سنڌ جي ڪپڙي جي واپاري چيلارام گيانچند جي پٽ ڪشن چند چيلارام شروع ڪيو. ڪشنچند چيلا رام 1880ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ 71 ورهين جي ڄمار ۾ 1951ع ۾ ممبئيءَ ۾ وفات ڪيائين. اڄ ڪلهه مختلف ملڪن ۾ سندس پيءُ جي نالي سان جُڙيل ڪمپني ”چيلا رام“ جو ڪاروبار سندس پٽ تاهلرام ۽ آهلرام ۽ پوٽا مرلي وغيره هلائي رهيا آهن. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي ته جتي اڄ ڪلهه شپنگ جو ڪاروبار گهٽجي رهيو آهي، اتي اڄ به ”چيلارام“ وارن جي چيل شپ (Chellship) نالي ڪمپني خوب ڪمائي رهي آهي. ”چيلارام“ وارن کي هن وقت به پندرهن کن جھاز آهن، جيڪي دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾ نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي نالي ”درياهه“ مان سڃاتا وڃن ٿا. جيئن بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن جي هر جھاز ۾ ”بنگلار“ اچي ٿو: بنگلار مُک، بنگلار مامتا، بنگلار غوراب، بنگلار جيوتي، بنگلار مايا، بنگلار رُبي، بنگلار اُرمي .... وغيره.
اهڙيءَ طرح ملائيشيا جي “MISC” جھاز ران ڪمپنيءَ جي هر جھاز جو نالو ملائيشيا جي ڪنهن گل تي آهي. جيئن، ايم وي بنگا رايا..... دنيا جي هر جھاز جي نالي جي اڳيان “s.s”, “m.v” يا “tss” جھڙا اکر ان جھاز بابت ٻڌائين ٿا ته اهو جھاز ڪهڙيءَ طرح هلي ٿو؟! جيئن “m.v” معنيٰ ”موٽر ويسل“ يعني ڊيزل جھاز...... ڊيزل انجڻ تي هلندڙ، “s.s” اڳئين دؤر جا ”اسٽيم شپ“ آهن، جيڪي ٻاڦ جي انجڻين تي هلن ٿا، اهڙي طرح “t.s.s” ”ٽربو اسٽيم شپ“ جيڪي ٽربائين انجڻ تي هلن ٿا، وغيره. ملائيشيا جي جھازن تي انهن جي نالي اڳيان لکيل ساڳيو لفظ ”بُنگا“ جي معنيٰ آهي ”گل“. جيئن ”بنگارايا“ جيڪو ملائيشيا جو قومي گل آهي. اهڙيءَ طرح بُنگا کستوري، بُنگاماس، بنگا تيراتائي، بنگا بِدارا، بنگا سروجا، بنگا پيلانگي وغيره.
مٿين جھازن جا نالا حيدرآباد سنڌ جي هندو سيٺ چيلا رام جي “ChellShip” جھاز ران ڪمپنيءَ جي جھازن جي نالن تان ياد آيا- جيڪي هن ريت آهن: ايم وي درياهه برهما، درياهه مهيش، درياهه لڪشمي، درياهه جيوتي، درياهه موتي، درياهه ڪِيرٿي، درياهه گنگا، درياهه تاپتي، درياهه شانٿي، درياهه جمنا، درياهه راما، درياهه منٺن، درياهه ڪنچن. “Trailing Suction Hopper Bredger” اهي جھاز آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جا يا ٻين ملڪن جا بندرگاهه صاف ڪري اونها ڪن، جيئن سامان کڻي ايندڙ جھاز سولائيءَ سان بندرگاهه ۾ گهڙي سگهن.
بنا شڪ جي ”چيلا رام“ وارا وڏا امير واپاري آهن، جن وٽ هڪ نه، ٻه نه، پر ڏيڍ درجن جھاز آهن، جن ۾ ايم وي درياهه گنگا ۽ ايم وي درياهه ڪرشنا جھڙا ”بَلڪ ڪئريئر“ ڪافي نوان ۽ مھانگا جھاز آهن. ”چيلا رام“ فئمليءَ وارن جو ممبئيءَ ۾ ”ڪشنچند چيلا رام“ نالي ڪاليج (K.C.College) پڻ آهي، جتي سائنس، آرٽس ۽ ڪامرس جي ڊگرين سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماس ميڊيا، ڪمپيوٽر، اڪائونٽس، بئنڪنگ، انشورنس ۽ فائننس ۾ به ڊگريون ملن ٿيون. هيءَ ڪاليج اعليٰ تعليمي معيار جي ڪري انڊيا ۾ مشهور آهي. پروفيسر ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ ٻڌايو ته هن ڪاليج کي مٿاهين درجي تي آڻڻ ۾ پرنسپال ڪي ايم (خوشيرام موتيرام) ڪندناڻيءَ ۽ بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ جو وڏو هٿ آهي. هن ڪاليج مان انڊيا جي اهم شخصيتن تعليم حاصل ڪئي، جن مان ڪجهه جا نالا ممبئي يونيورسٽيءَ جي، لاڙڪاڻي جي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ هن ريت ٻڌايا: انيل امباڻي (انڊيا جو امير ترين ماڻهو)، راجيش کنا (ڪنهن دؤر ۾ اسان جو دلپسند ايڪٽر)، جيتندار (ايڪٽر)، ميگهن جاڌو (ايڪٽر)، ڪاجل اگروال (ايڪٽريس)، ذاڪر نائڪ (پيس چئنل وارو)، شلپنا شندي (ٽي وي ايڪٽريس ۽ بگ باس 11 واري)، پراتي راٺوڙ (ٽي وي ايڪٽريس) وغيره وغيره.
هتي اهو به لکندو هلان ته هي سنڌي هندو سيٺ انڊيا توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ خير خيرات ڪرڻ سبب به مشهور آهن. چيلا رام وارا ته شروع کان پنهنجي ڪمائيءَ جو هڪ حصو غريبن جي ڀلي لاءِ استعمال ڪن ٿا، جيڪو پئسو ”چيلا رام فائونڊيشن“ ذريعي تعليم ۽ صحت لاءِ خرچ ڪيو وڃي ٿو. ممبئيءَ ۽ پوني ۾ ان قسم جون ننڍيون ننڍيون خيراتي اسپتالون ته تمام گهڻيون آهن، پر سڀ ۾ اعليٰ ۽ مشهور ”چيلا رام ڊائبٽيز انسٽيٽيوٽ ائنڊ هاسپيٽل“ آهي، جنهن جو مرڪز پوني ۾ آهي ۽ ڪشن چند ڪاليج ممبئيءَ ۾ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ آهي.
هونءَ ”چيلا رام“ دنيا ۾ سنڌي هندن جي ڪمپني تمام مشهور آهي. 1970ع جي شروع وارن سالن ۾ يورپ يا آمريڪا ويندي ايندي اسان سئيز ڪئنال مان لنگهڻ بدران سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪندا هئاسين ۽ آفريڪا کنڊ جي ٻنهي ڪنارن وارن ملڪن جي بندرگاهن ۾ ڪارگو لاءِ يا جھاز جي لاءِ تيل پاڻي ۽ عملي لاءِ راشن کڻڻ لاءِ ترسندا هئاسين. آفريڪا جا ملڪ يورپين جي چنبي مان تازا تازا آزاد ٿيا هئا. رهيل يورپي ۽ اسان جھاز وارا اتي رهندڙ گجراتين، آغا خانين ۽ سنڌي هندن جي دڪانن تان خريداري ڪندا هئاسين، جو انهن جي اسٽورن ۾ وڏي ورائٽي هوندي هئي ۽ سستي اگهه تي شيون ملنديون هيون. انهن ۾ به وري اسان جي سنڌ جا هندو وڌيڪ مشهور هئا. انهن جي ڪمپنين ۾ حيدرآباد جي واپارين چيلا رام وارن جا به اسٽور هئا. نائيجيريا ۾ ته چيلا رام وارن جا اڄ به اسٽور آهن، جن جي شروعات هنن 1920ع کان ڪئي ۽ اڄ جا مالڪ ڊي چيلا رام (ڌنومل چيلا رام) جو اولاد آهن، جيڪي ڪشنچند چيلا رام جا ئي سؤٽَ آهن. ڌنومل چيلا رام اهو واپاري آهي، جنهن قاهره (مصر) ۾ 1860ع ۾ پنهنجي واپاري فرم کولي. اڳتي هلي هن چيلا رام ڪمپنيءَ جو دنيا جي مختلف شھرن ۽ ٻيٽن تي 99 شاخون قائم ٿيون. ايتريقدر جو ”چيلا رام“ ڪمپنيءَ جي دڪانن لاءِ انگريزن جي راڄ واري چوڻي مشهور ٿي: “The sun never sets on Chellarams”
ڇو جو دنيا جي هڪ حصي ۾ چيلا رام وارن جو دڪان بند پئي ٿيو، ته ٻئي پاسي صبح ٿيڻ تي ڪٿي نه ڪٿي چيلا رام وارن جي دڪان جي کلڻ جو وقت پئي ٿيو.
جبرالٽر جي مقامي اخبار “El- Calpense” جي 14 مئي 1894ع (اڱاري ڏينهن) واري پرچي ۾ چيلا رام وارن جي دڪانن جو اشتهار مشهور آهي، جنهن ۾ چيلا رام وارن جي ڪاميابيءَ بابت لکيل آهي ته، هنن 34 سالن اندر هانگ ڪانگ، شنگهائي، منيلا (فلپين) ۽ مالٽا ۾ امپورٽ ايڪسپورٽ جون آفيسون قائم ڪري ورتيون آهن. چيلا رام وارن جي ڪاروبار بابت تفصيلي احوال مارڪو وٽس جي ڪتاب “The Global World of Indian Merchants” ۾ پڙهي سگهو ٿا.
هن موضوع تي پنهنجي پڙهندڙن کي ڪجهه ٻيا ڪتاب به تجويز ڪري سگهان ٿو، جن جي مون کي ڄاڻ آهي ۽ انهن مان ڪجهه پڙهيا پڻ اٿم. انهن مان ڪيترا ته نيٽ تي موجود آهن ۽ پڙهي سگهجن ٿا، ٻيا دنيا جي وڏين لئبريرين ۽ سنگاپور، دبئيءَ، ڪولمبو، دهليءَ ۽ ممبئيءَ جھڙن شهرن جي دڪانن تي دستياب آهن.
* جپاني ليکڪ ماسڪوا ازوما جو ڪتاب “Indians in Tokyo and its vicinity”
* جي اي چندرو جو ڪتاب “The History of Indians in Japan” هن ڪِتاب ۾ ليکڪ چندرو گهنشام داس آڏواڻي لکي ٿو ته، هن جي پيءُ کي 1917ع ۾ يوڪوهاما جپان موڪليو ويو هو، جتي هن جي پيءُ (يعني چندرو جي ڏاڏي) جي ”تاراچند پرسرام“ نالي ڪمپني هئي. چندرو 1924ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو ۽ 29 سالن جي ڄمار ۾ 1953ع ۾ يوڪوهاما آيو. هن پنجاهه سالن کان مٿي عرصو جپان جي شھرن يوڪوهاما، اوساڪا ۽ ڪوبيءَ ۾ رهي پنهنجي ڪاروبار ڄمائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. هن جپان ۾ گذاريل پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکيو آهي. چندرو آڏواڻيءَ جون ٻيون به ڪيتريون ئي لکڻيون آهن، جيڪي بيحد دلچسپ آهن ۽ پڙهڻ جوڳيون آهن.
* انيتا ڇڳاڻيءَ جو پيپر “Indians in japan: A case Study of the Sindhis in Kobe”.
* ائنٿوني ڊي ڪوسٽا جو 2013ع ۾ ڇپيل ڪتاب “Positioning Indian emigration to japan”
* ميمي بينرجي ڌر جو 2004ع ۾ ڇپيل ڪتاب “Indians in japan: History of Relations”
* آرپتا مٿر جو 2012 ع ۾ ڇپيل ڪتاب “India- japan Relations”
* هڪ جپاني هيروشي شيميزو جو ڪتاب: “The Indian Merchants of Kobe & Japans’s Trade…”
* مارڪو وٽ (Claude Markovits) جي ڪتاب جو مٿي به حوالو ڏئي چڪو آهيان. 350 کن صفحن جو هي ڪتاب سال 2000ع ۾ ڇپيو ۽ پڙهڻ وٽان آهي. سندس سڄو نالو آهي:
“The Global World of Indian Marchans, 1750-1947 Traders of Sindh From Bukhara to Panama”
* اسواني (Nisha Jaikishin Aswani) جو 1995ع ۾ ڇپيل ڪتاب “The Sindhi Merchant: A Heritage of the Textle Trade”
* پرڪاش ڀارادواج جو 1990ع ۾ ڇپيل ڪتاب “Sindhis through the Ages”
* رام بخشاڻيءَ جو 2007ع ۾ ڇپيل ڪتاب“Sindhis: God’s Gift to Global: A Reflection”
* وڪاس ڪشنچند چانديراماڻي جو 1993ع ۾ ڇپيل ڪتاب “Sindhi Kinship & Marriage in Singapore”
* هارشا منوهر دادلاڻيءَ جو 2002ع ۾ ڇپيل ڪتاب“Similar Roots, Different Experience: the Sindhis in Singapore & Manila”
* ملائيشيا جي يونيورسٽي ملايا جي پروفيسر مايا کيملاڻي ڊئوڊ جو 2001ع ۾ ڇپيل ڪتاب“The Sindhis of Malayasia: A Sociolinguistic Studay”
* ڪويتا ڏاسواڻيءَ جو 1998ع ۾ ڇپيل ڪتاب“Kishinchand Chellaram: Sindhi path finder”

جپان ۾ اسلام جي آمد ...

---

جپان ۾ اسلام جي آمد

مون 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ جپان وڃڻ شروع ڪيو ته مون کان دوست ۽ مائٽ پڇڻ لڳا ته، جپان ۾ مسلمان آهن؟ دراصل جپان ۾ اسلام جي تاريخ تمام مختصر آهي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ خاص ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ ۾ ته جتي ڪٿي مسلمان ملن ٿا ۽ عيسائي ته انهن کان به وڌيڪ. اسان محمد بن قاسم جي فتح بعد سنڌ کي ”باب الاسلام“ سڏيون ٿا ۽ ننڍي هوندي آئون اهو ئي سوچيندو هوس ته اسلام سنڌ ۾ اچڻ بعد انڊيا، بنگلاديش ۽ اڳتي چين طرف وڌيو. پر ڏٺو وڃي ته سنڌ تي محمد بن قاسم جي حملي کان اڳ ئي عرب مسلمان، بلڪه اصحابي به رهيا پئي. اهڙيءَ طرح انڊيا جي ٻين شهرن ۾ پڻ. تڏهن ته ڪڊغلور (انڊيا جي رياست ڪيرالا) ۾ 629ع جي ٺهيل مسجد آهي. اهڙيءَ طرح چين جي شهر ڪئنٽن ۾ ”هئا ئي شينگ مسجد“ آهي، جيڪا اڄ کان 1400 سال اڳ 620ع ۾ عربن ٺھرائي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ اصحابي سڳورو سعد ابن ابي وقاص به اتي واپار توڙي سفارتڪاريءَ لاءِ ايندو رهيو. اهڙيءَ طرح اٿوپيا جي ڳوٺ نجاش (Negash) ۾ ”نجاش اميدين مسجد“ آهي، جيڪا 620ع ۽ 630ع جي وچ ۾ ٺهي ۽ ان کان به پراڻي مسجد ”مسجد الصحابه“ آهي، جيڪا اريتيريا جي بندرگاهه واري شھر مصوع (Massawa) ۾ آهي، جيڪا 620ع ۾ حضور صلعم جن جي ساٿين ٺھرائي.
اهڙيءَ طرح عيسائي مذهب ٿو ڏسجي، ته اهو به آفريڪا، ايشيا ۽ ٻين کنڊن جي ملڪن ۾ نظر ايندو، جتي پهرين ٻڌ ڌرم، هندو ڌرم، يا جين ڌرم جھڙا پراڻا ڌرم هئا. جپان جيتوڻيڪ هر شيءِ، ٻولي، ڪلچر، رسمون، رواج، چين کان ئي امپورٽ ڪندو رهيو، جو اهو سندس در وٽ ملڪ آهي، پر جپان وارن جي ٻي ڪنهن مذهب ۾ ڪڏهن به دلچسپي نه رهي. اهو ٻڌ ڌرم الائي ڪيئن اچي ويو، جنهن سان ۽ پنهنجي شنتو ڌرم سان ئي هو هلندا اچن. ڏٺو وڃي ته هنن جو پنهنجي مذهب يا ڌرم سان اهو جوش جنون وارو ناتو ناهي، بس سمجهو ته هڪ ثقافتي رسم رواج وارو آهي. عيسائين ته وڏي عرصي کان ۽ مسلمانن منهنجي وڃڻ وارن ڏينهن کان ڪافي واعظ ۽ تقريرون ڪري جپانين کي عيسائي يا مسلمان بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر نتيجو بنهه نه برابر معمولي نڪتو. مان هاڻ ٻن ٽن ڏهاڪن کان ڏسي رهيو آهيان ته جپانين ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ جپان ۾ مسلمان به ڪافي نظر اچن ٿا.... پر انهن ۾ به گهڻا اميگرنٽ، يعني اسلامي ملڪن کان لڏي آيل آهن يا جپان ۾ نوڪري ۽ واپار ڪندڙ عربن، ايرانين، پاڪستانين ۽ بنگالين جون مقامي زالون آهن، جيڪي ساڻن شادي ڪرڻ لاءِ مسلمان ٿيون. ان کان علاوه هاڻ مڙيئي ڪجهه جپاني نوجوان نظر اچن ٿا، جيڪي اسلام کان متاثر ٿي مسلمان ٿيا آهن.
پراڻي زماني ۾ جڏهن هوائي جھاز، ريل گاڏيون يا ڪارون نه هيون، تڏهن عربستان ، هند، سنڌ يا وچ ايشيا جا ماڻهو پيرين پنڌ يا گهوڙن گڏهن، خچرن ۽ اٺن ذريعي هڪ طرف استنبول (قسطنطنيا)، البانيا، بلغاريا تائين وڃي نڪتا ٿي، ته ٻي طرف چين جي الهندي ڇيڙي تائين - بلڪه روس ۽ ڪوريا تائين به آيا ويا پئي. هنن لاءِ فقط جپان پهچڻ ڏکيو هو جو هڪ ته سڄو جپان ٻيٽن جو ڍير آهي، جيڪي چين جي سرزمين کان ڪافي پري آهن، رهيو سوال سمنڊ رستي جپان پهچڻ جو، ته اهو ان ڪري مشڪل هو، جو هڪ ته جپان جي سرزمين ٻارهوئي طوفانن، سائڪلونن ۽ سونامين ۾ گهيريل پئي رهي ۽ ان وقت جي سڙهن ذريعي هلندڙ ڪاٺ جي ٻيڙين لاءِ سخت جوکي جي ڳالهه هئي، جڏهن ته گذريل صديءَ تائين به جپان ويندي ڪيترائي ڪل تي هلندڙ جھاز به ٻڏي ويا. جيڪي جپان جي ڪناري تائين پهتا، انهن جھازن توڙي جھازن ۾ سوار ماڻهن کي جپان ۾ اندر اچڻ نه ٿي ڏنو ويو. جپان پنهنجو پاڻ کي وڏو عرصو (اٽڪل 220 سال) دنيا کان ڪٽيل رکيو. اڄ جي دؤر ۾ به هو ڌارين کان ٽهن ٿا. هو پنهنجو پاڻ ۾ رهڻ چاهين ٿا. هو نٿا چاهين ته ڪو ڌاريو سندن مذهب، ٻوليءَ، رسمن، رواجن، ڪلچر سان هٿ چراند ڪري. اڄ به هڪ ڌارئي کي جپان پهچي يڪدم احساس ٿئي ٿو ته هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هيءَ هڪ هوموجينس قوم آهي. يعني هن ۾ هڪجهڙائي آهي.
توهان کڻي ڪيتريون به پراڻيون تاريخون يا سفرناما پڙهو. انهن ۾ چين، روس، انڊيا، ملايا جا ته احوال ملندا، پر جپان جا هرگز نه، ۽ نه وري هو يونانين، رومن، عربن ۽ وائڪنگ وانگر ٻين ملڪن ۾ پئي ويا. پوءِ ڪيئن ٻين ملڪن ۽ قومن جي دين ڌرم کان هنن کي واقفيت ٿئي ها.
مون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کان پُڇ پُڇ ڪئي آهي، ان موجب مسلمانن جو جيڪو پهريون رڪارڊ ملي ٿو، اهو نائين صدي عيسويءَ جي مشهور ليکڪ، جاگرافي دان، تاريخ نويس، موسيقي شناس ۽ traveller (گهمڻ جي شوقين) هڪ ايراني (خراسان جي رهندڙ) مسلمان ابن خردادبه (Ibn khordadbeh) جي عربي سفرنامي ”ڪتاب المسالڪ والممالڪ“ مان ملي ٿو، جيڪو هن 846ع ۾ لکيو، جڏهن هو 26 سالن جو هو. هي ڪتاب فارسيءَ ۽ ٻين ٻولين سان گڏ انگريزيءَ ۾“The Book of Roads and Kingdoms” جي نالي سان اڄ به موجود آهي. مون کي ته ابن بطوطا ۽ مارڪو پولو کان به وڌيڪ هن شخص خردادبه تي حيرت ٿيندي آهي ته ڪيئن هن ننڍي عمر ۾، ان وقت جي دنيا ۾ سير ڪيو! ظاهر آهي ان وقت تائين ته سائيڪل به ايجاد نه ٿي هئي. هن پيرين پنڌ يا گڏهن خچرن تي سفر ڪيو هوندو .... بيابان ۽ جبل لتاڙيا هوندائين ۽ ان بعد هن برهمترا نديءَ وارن شهرن، اَنڊامان ۽ نِڪوبار ٻيٽن (جن کي ڏهه صديون بعد ۾ انگريزن ”ڪاري پاڻيءَ“ جو نالو ڏئي ننڍي کنڊ جي خطرناڪ ڏوهارين ۽ سندن حڪومت جي مخالفت ڪندڙ سياستدانن کي سزا خاطر اوڏانهن موڪليو ٿي)، ملايا، جاوا، چين ۽ منگوليا جو احوال لکيو آهي! هو ڪوريا تائين ويو آهي. هو جپان جي ٻيٽن تي وڃي نه سگهيو آهي، پر حاصل ڪيل معلومات مطابق جپان لاءِ لکي ٿو ته ايڏانهن چين ۽ ڪوريا جي اوڀر ڏي ”وق وق“ جي سرزمين آهي. دراصل جپان مختلف نالن سان سڏبو رهيو آهي. جن مان ڪجهه نالا جپانين پنهنجي ملڪ لاءِ پئي رکيا آهن. جيئن اڄ به هو جپان کي ”نپان“ يا ”نهان“ سڏين ٿا ۽ ڪجهه نالا اسان ڌاريا استعمال ڪريون ٿا. جيئن ”گڏين جو ملڪ“، ”گيشائن جو ديس“، ”اڀرندڙ سج جي ڌرتي“ وغيره. تيئن خردادبه ممڪن آهي ته ان الڳ ٿلڳ ۽ ڏورانهين ٻيٽ جو اهو وق وق نالو يا ان سان ملندڙ جلندڙ نالو چين يا ڪوريا جي ماڻهن کان ٻڌو هجي. يا ٻڌو هڪڙو هجي پر پنهنجي ٻولي فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ مختلف نموني سان اچاريو هجي. بهرحال هو پنهنجي مٿين سفرنامي ۾ جپان (وق وق جي ڌرتيءَ) جو ٻن هنڌن تي ذڪر ڪري ٿو. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”چين جي اوڀر ۾ وق وق جا ٻيٽ آهن، جيڪي ايڏو ته خوشحال ۽ امير آهن، جو اتي جا رهواسي پنهنجن ڪتن لاءِ سون جا پَٽا ٺھرائين ٿا ۽ ان ڌاتوءَ مان هو پنهنجن ڀولڙن جي ڳچيءَ جا ڪالر پڻ. هو پنهنجو لباس سوني ڌاڳي سان سبرائين ٿا، هتي بهترين ايبوني ڪاٺ به ملي ٿو.....“.
هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”هنن وق وق جي ٻيٽن لاءِ اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هنن وٽ سون ۽ ايبوني جنس جو ڪاٺ ايترو آهي، جو هو ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪن ٿا.....“.
ابن خردادبه جاگرافي دان ۽ نقشا ٺاهڻ جو ماهر هو. هن ان وقت جي دنيا جي نقشي ۾ ”شاهراههِ ريشم“ ڏيکاريو آهي ۽ جپان (وق وق) کي نقشي جي بلڪل اوڀر واري ڇيڙي ۾ ڏنو آهي. هي پهريون مسلمان آهي جنهن جپان جي ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. هونءَ اسلامي دنيا جي، ابن خردادبه هڪ قابل ۽ دلچسپ شخصيت آهي. سندس سڄو نالو ”ابوالقاسم عبيدالله ابن عبدالله ابن خردادبه“ آهي. پاڻ ايران جو رهاڪو هو. سن 820ع ۾ ايران ۾ ڄائو ۽ 92 ورهين جي ڄمار ۾ 912ع ۾ وفات ڪيائين. سندس نالو ابوالقاسم عبيدالله هو. ”خردادبه“ سندس ذات سندس ڏاڏي جي نالي جي ڪري آهي، جيڪو آتش پرست (زرتشتي) هو ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيو هو. ابوالقاسم عبيدالله جو پيءُ عبدالله ابن خردادبه عباسي گهراڻي جو مشهور جرنيل ٿي رهيو. ابن خردادبه (يعني ابوالقاسم عبيدالله) پاڻ به عباسي دؤر جي خليفي ابوالعباس احمد اِبن جعفر (جيڪو 842ع ۾ ڄائو ۽ 870ع کان 892ع تائين حڪومت ڪيائين) وٽ پوسٽ ماسٽر ٿيڻ سان گڏ هن جو اهم جاسوس ٿي رهيو. هن پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب المسالڪ والممالڪ“ ۾ عباسي دؤر جي مختلف ماڻهن ۽ صوبن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ابن خردادبه ان ڪتاب کان علاوه مختلف عنوانن تي ٻيا به اٺ نَو ڪتاب لکيا آهن.
شروع جي يورپي ڊاڪومينٽس ۾ پورچوگالين مڙيئي مسلمانن جي جپان ۾ آمد بابت لکيو آهي. پورچوگالي هونءَ چنڊا سمجهڻ کپن، پر ڊائري يا تاريخ لکڻ جا ماهر ۽ عادي هئا. ويندي واسڪو ڊاگاما سان به تاريخدان گڏ هليا پئي، جن هن جي تعريف جوڳن ڪمن سان گڏ ڪجهه خراب ڪمن جو به ذڪر ڪيو آهي. جيئن هن حاجين جو جھاز ساڙيو ته ان ظلم جو احوال سندس ئي تاريخدانن ٻين تائين پهچايو. ٻي ڳالهه ته جپانين ڪنهن به ڌارئي کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نه پئي ڏنو. پنهنجي پاڙيسري ڪورين ۽ چينين کي به سوچي سوچي اچڻ پئي ڏنو ۽ هنن تي نظر پئي رکي ته واپار وڙي جو ڪم لهڻ تي هو واپس روانا ٿي ويا يا نه. يورپين ۽ ٻين لاءِ ته اڃان به وڌيڪ سختي هئي - سواءِ پورچوگالين جي، جيڪي جيئن انڊيا ۾ سڀ کان اڳ ۾ پهتا، تيئن جپان ۾ پڻ پهچي ويا ۽ هنن کي اهڙو رام ڪيائون جو جپانين هنن کي مڙيئي ڪن ڪن بندرگاهن جي ڏورانهن پوڇڙن وٽ پنهنجا جھاز لنگر انداز ڪرڻ جي اجازت ڏني. اهو سلسلو 1500ع بعد شروع ٿيو، جڏهن پورچوگالي ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ سمنڊ ٽپي هندي وڏي سمنڊ ۾ پهتا، جتي انڊيا جي مالابار ۽ ڪرومنڊل ڪنارن وارن بندرگاهن، سريلنڪا ۽ ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي بندرگاهن ملاڪا وغيره تي قبضو ڪري پوءِ واپار خاطر ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ جپان به اچڻ وڃڻ لڳا. انهن جي لکيل احوالن مان هڪ ۾ آهي ته، هنن جي جھاز تي هڪ عرب مسلمان به هو، جيڪو، جيترا ڏينهن جپان ۾ جھاز لنگر انداز هو، جپاني ماڻهن کي اسلام بابت ليڪچر ڏيندو رهيو. واپسيءَ تي هو ملاڪا بندرگاهه ۾ لهي پيو. اها 1555ع جي ڳالهه آهي.
ان بعد جديد دؤر ۾- يعني اوڻيهين صديءَ ۾ جڏهن ٻاڦ تي هلندڙ ڪل (انجڻ) وارا جھاز (جن کي اسان جا ماڻهو ”آگبوٽ“ سڏيندا هئا، جيئن ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏين کي ملئي ماڻهو ”ڪيريٽا آپي“. يعني ”باهه واري ڪار“ سڏيندا هئا) هلڻ شروع ٿيا هئا، مسلمان جن سان جپانين جو واسطو پيو اهي انڊونيشي هئا، جن جو اوڻيهين صديءَ جي آخري ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ ڊچن ۽ انگريزن جي جھازن تي خلاصين طور نوڪري ڪرڻ دوران جپان جي بندرگاهن ۾ اچڻ ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ (سمجهو ته 1870ع واري ڏهاڪي ۾) حضور صلعم جن جي بايو گرافي جپاني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي، جنهن سان تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ جپانين کي ٿوري گهڻي اسلام جي ڄاڻ ٿي.
جپانين جو مسلمانن سان صحيح طرح واسطو 1890ع ۾ ٿيو. ان کان ڪجهه سال اڳ جپان جي شهزادي ڪوماتسوا اڪيهتو، قسطنطنيه اچي ترڪ سلطان جي حاضري ڀري هئي. ترڪيءَ جي ”سلطنت عثمانيه“ جي خليفي ، ان جي جواب ۾ ترڪ سلطنت طرفان پنهنجي نيويءَ جو جھاز ”ارطغزل“ (Ertugrul) جپان موڪليو. افسوس جو هي جھاز وڪاياما بندرگاهه جي آسپاس 16 سيپٽمبر 1890ع تي سخت طوفان جي سَٽَ نه جهلي تباهه ٿي ويو. هن جھاز ۾ سوار ماڻهن مان 500 کان مٿي خلاصي ۽ آفيسر ٻڏي ويا، جن ۾ ائڊمرل علي عثمان پاشا به هو. فقط 69 خلاصي ۽ آفيسر بچي سگهيا، جيڪي ٻن جپاني جھازن ذريعي پنهنجي ملڪ پهتا. هي حادثو اڄ به جپان ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جپان ۽ ترڪيءَ جي دوستيءَ جو مثال سمجهيو وڃي ٿو. پاڻيءَ جا جھاز هلائيندڙ دوستن لاءِ لکندو هلان ته هي اڍائي هزار ٽن جو فريگيٽ جھاز هو، ڊيگهه ۾ 260 فوٽ (80 کن ميٽر) ۽ ويڪر ۾ 50 فوٽ هو. سندس ڊرافٽ (يعني سطح سمنڊ کان هيٺ حصو) 26 فوٽ هو. کيس 600 هارس پاور جي ٻن Horizontal انجڻن هلايو پئي. ان وقت جي حساب سان هي چڱو خاصو ڪاٺ جو جھاز هو. اڃان ويلڊنگ وارا لوهي جسم وارا جھاز نه ٺهيا هئا. هن جھاز جو نالو ”ارطغرل“ سلطان عثمان غازيءَ جي والد جي نالي تي رکيو ويو هو. سلطان عثمان غازيءَ (سلطان عثمان اول) سلطنت عثمانيه جو بنياد 1299ع ۾ رکيو، جنهن جو پاڻ مرڻ (1323ع) تائين سلطان رهيو. سلطنت عثمانيه 1922ع تائين، يعني ڇهه صديون قائم رهي.
هن جھاز 14 جولاءِ 1889ع تي قسطنطنيه (جيڪو هاڻ استنبول سڏجي ٿو) بندرگاهه ڇڏيو. ترڪي ڇڏڻ کان اڳ 25 سال پراڻي هن جھاز جي چڱيءَ طرح مرمت ڪئي وئي هئي. ويندي سندس Hull يعني ٻاهرين باڊيءَ جا ڪيترا ڪاٺاڻا تختا بدلايا ويا هئا. جھاز پورٽ سعيد بعد سئيز ڪئنال مان ٿيندو عدن ۾ آيو. جتي ڏينهن ٻه ترسي پوءِ سوماليا آيو، جتان وري واپس جدي ۾ ترسيو. جيئن جھاز وارا عمرو ڪري سگهن. ان بعد ڪجهه پنهنجي انجڻن جي زور تي، ڪجهه موسمي هوائن جي رخ جو فائدو وٺي، جھاز انڊيا جي بندرگاهه پانڊيچيري ۽ ڪلڪتي ڏي آيو ۽ ڪجهه ڏينهن اتي ترسي سنگاپور آيو. رستي تي ملاڪا ۾ به ترسيو هو، جو اتان هن جو لنگهه ٿيو هو. ان بعد سائگون ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه ڏينهن ترسيو ۽ آخرڪار جپان جي بندرگاهه ناگاساڪيءَ ۾ اچي لنگرانداز ٿيو. ان کان پوءِ ترڪيءَ جو هي جنگي جھاز يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ آيو، جتي جھاز جي اڳواڻ ائڊمرل علي عثمان پاشا ۽ هن جي آفيسرن سان جپان جو شهنشاهه ميجي (جيڪو “ميجي دي گريٽ“ به سڏجي ٿو) هنن جھاز وارن سان مليو، جن کيس سلطنت عثمانيه جي انهن ڏينهن جي سلطان عبدالحميد دوم طرفان ڏنل تحفا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن 14 جون 1890ع تي ترڪيءَ وارن سان نوجوان شھزادو يوشي هِتو هارو (Yoshihito Haru) پڻ مليو. هي شهزادو شهنشاهه ميجيءَ جي وفات بعد جپان جو 123 هون بادشاهه ٿيو ۽ 1879ع کان مرڻ (1926ع) تائين، شهنشاهه تائيشو تينوءَ (Taisho Tenno) جي نالي سان حڪومت ڪيائين. ان بعد هن جو پٽ شهنشاهه هيروهٽو 1989ع تائين بادشاهه ٿيو. ان بعد هن جو پٽ اڪي هٽو ٿيو. سال 2019ع ۾ هن پاڻ تخت ڇڏيو ۽ هاڻ سندس پٽ نارو هتو (Naruhito) جپان جو 126 هون شھنشاهه ٿيو آهي.
ترڪن جي جھاز ٻڏڻ ۽ هيترن ماڻهن جي مرڻ تي جپانين جي دل ۾ ترڪن لاءِ تمام گهڻي همدردي پيدا ٿي، جيڪي هنن جي بادشاهه سان ملڻ ۽ کيس تحفا ڏيڻ لاءِ ڏورانهين ڏيهه کان هلي جپان آيا هئا. ٻڏندڙن مان جيڪي ڏيڍ سئو کن لاش سمنڊ مان ملي سگهيا، انهن لاءِ وڪاياما ضلعي جي شھر ”ڪوشي موتو“ ۾ خاص اسلامي نموني جو قبرستان ٺاهي انهن کي دفنايو ويو. 1929ع ۾ شهنشاهه هيرو هِتو پڻ هن قبرستان جي زيارت ڪئي ۽ ان کي وڌائي سهڻو بنايو ۽ 1974ع ۾ جپان حڪومت هتي ترڪش ميوزيم به ٺهرايو، جنهن ۾ ٻڏي ويل ان جھاز ”ارطغرل“ جو ماڊل ۽ ڪجهه خلاصين جا مجسما به رکيا آهن. هن حادثي تي جپاني ۽ ترڪ فلمسازن “125 years Memory” نالي هڪ فلم 2015ع ۾ ٺاهي، جيڪا 132 منٽن جي آهي. اها فلم جپاني، ترڪ ۽ انگريزي ٻولين ۾ آهي، جنهن ۾ ترڪ ۽ جپاني اداڪارن حصو ورتو آهي.
جپانين جو مسلمانن سان سڀ کان گهڻو واسطو روس جي آڪٽوبر واري انقلاب دوران ٿيو. روس ۾ آيل هي انقلاب “October Coup”، ”بولشيوڪ انقلاب“ ۽ “Red October” به سڏجي ٿو، جيڪو ولاديميرلينن جي بولشيوڪ پارٽيءَ آندو. هن آڪٽوبر 1917ع واري انقلاب بعد روس ۾ پهرين ڪميونسٽ حڪومت ٺهي ۽ روس دنيا جي تاريخ ۾ پهرين سوشلسٽ رياست بڻيو. لينن جي هن ڪميونسٽ پارٽيءَ ملڪ ۾ مذهب تي به بندش وڌي، جنهن ڪري ڪيترا مسلمان هيڏانهن هوڏانهن جي ملڪن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. هن انقلاب جي وٺ پڪڙ کان بچڻ ۽ آزاد زندگي گذارڻ لاءِ روس ۽ ڀرپاسي وارين ترڪمنستان، تاجڪستان وغيره جھڙين رياستن جا ترڪ تاتاري نسل جا سوين مسلمان رفيوجي به جپان اچي نڪتا، جتي هنن کي پناهه ڏني وئي ۽ هو جپان جي مختلف وڏن شهرن ۾ ٽولا ٽولا ٿي رهڻ لڳا. هنن کي ڏسي ڪيترائي سندن پاڙيسري ۽ واسطي ۾ ايندڙ جپاني اسلام مان متاثر ٿيا ۽ مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا. ٽوڪيو ۾ مسجد به ٺھي.
ان ڳالهه سان سڀ متفق آهن ته سائيبيريا (روس) کان جپان ۾ آيل عبدالرشيد ابراهيم نالي جو تاتاري عالم، صحافي ۽ سياح پهريون مسلمان آهي، جيڪو هڪ مقامي جپانيءَ کي مسلمان بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. عبدالرشيد ابراهيم جو اصل روسي نالو “Adbdrashit Gumerovich Ibragimov” هو. هي نالو ان ڪري به لکيو اٿم ته پڙهندڙن کي اندازو ٿئي ته روس پاسي مسلمانن جا ڪهڙي قسم جا اسلامي نالا ٿين ٿا. جيئن، اسماعيل، ابراهيم ۽ خليل وغيره، پر انهن جي آخر ۾ ”وچ“ ۽ ”موو“ جھڙا لفظ به ڳنڍيا وڃن ٿا، جن کي هو جڏهن اچارين ٿا ته اسان کي عجيب لڳن ٿا. اهو ئي حال ترڪن جي نالن سان آهي. هي صاحب عبدالرشيد (يعني عبدر رشيت) 1857ع ۾ پنهنجي روسي شهر ”تارا“ ۾ ڄائو ۽ 87 سالن جي ڄمار ۾ 1944ع ۾ ٽوڪيو ۾ گذاري ويو.
هتي اهو به لکندو هلان ته مولوي عبدالرشيد جو پڙ ڏاڏو (Gabdrashit) روس جي شهر تارا جي پٿرن واري مسجد ٺهرائڻ ۾ اڳ اڳ رهيو ۽ پاڻ اتان جو ”آخوند“ يعني مولوي، قرآن پڙهائڻ وارو ۽ مسجد جو امام سڏيو ويندو هيو. مولوي عبدالرشيد به وڏو عالم ۽ قابل ماڻهو هو. سندس جيونَ ڪٿا پڙهڻ وٽان آهي. هن ننڍپڻ کان اسلامي تعليم حاصل ڪئي. ويندي مديني، مڪي ۽ استنبول جي مدرسن ۾ هو ڇهه سال رهيو. ٽوڪيو ۾ اچڻ کان اڳ هو پنهنجي روسي شهر تارا جي مسجد جو امام هو، جنهن مسجد لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هن جي پڙ ڏاڏي ارڙهين صديءَ جي آخر وارن سالن ۾ ٺھرائي هئي. هن ڪوتارو يامااَوڪا (Kotaro yamaoka) نالي جپانيءَ کي 1909ع ۾ ممبئيءَ ۾ مسلمان بڻايو، جنهن پنهنجو اسلامي نالو ”عمر“ رکيو. يعني عمر ياما اوڪا. ياما اوڪا سندس ذات هئي. عمر ياما اوڪا پهريون جپاني هو، جنهن حج ڪيو. ٽوڪيو واري مسجد لاءِ دراصل عمر ياما اوڪا ڪافي ڀڄ ڊڪ ڪئي، جيڪا ترڪيءَ جي سلطان ۽ هڪ جپاني امير ماڻهوءَ جي مدد سان 12 مئي 1938ع تي ٺهي راس ٿي.
هن مسجد جو پهريون امام عبدالرشيد ابراهيم ۽ هڪ ترڪ باشندو عبدالحئي قربان علي ٿيو. هي عبدالحئي ترڪ اهو آهي، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ 1922ع ۾ ترڪن ٽوڪيو ۾ مسلمانن جي جماعت ٺاهي. ٽوڪيو جي هن مسجد جي سارَ سنڀالَ ٽوڪيو ۾ رهندڙ ترڪ ڪري رهيا آهن. هونءَ جپان جي پهرين مسجد ڪوبيءَ واري آهي، جيڪا ڪوبيءَ ۾ رهندڙ ترڪ تاتارين جي واپاري برادري 1935ع ۾ ٺهرائي.
مٿي بيان ڪيل ٽوڪيو جي مسجد جي سارسنڀال لهندڙ ۽ مولوي عبدالرشيد سان گڏ مسجد جي امامت ڪندڙ مولوي عبدالحئي قربان علي ”باشقير“ هو ۽ روس کان آيو هو. سندس خانداني نالوMuhammad” “Gobdulkhay Kurbangaliev هو . باشقير روس جي هڪ خودمختيار صوبي باشقيرستان (Bashkortostan) جا رهاڪو ٿين ٿا. هو ترڪ نسل جا آهن ۽ هنن جي باشقير ٻولي به ترڪي ٻوليءَ سان ملي ٿي. باشقيرستان جو هي روسي صوبو وولگا نديءَ ۽ ڪوه اورال (Ural) جي وچ ۾ آهي ۽ سندس گاديءَ وارو شھر اوفا (Ufa) روس جو يارهون نمبر وڏو شھر آهي، جنهن بابت ”آرڪٽڪ جي آسپاس“ نالي سفرنامي ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان، ته هتي ڪيترائي مسلمان رهن ٿا ۽ مسجدون ۽ يونيورسٽيون آهن، جتي اسان جا شاگرد اسلامي تعليم به حاصل ڪن ٿا. مولوي عبدالحئي 1889ع ۾ روس جي هڪ باشقير مذهبي گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد پنهنجي علائقي جو امام، خطيب ۽ دين جو استاد هو، جنهن جا اڄ تائين باشقيرستان ۾ ڪيترائي مريد آهن. مولانا عبدالحئي به پنهنجي والد جي مدرسي مان بنيادي ديني تعليم حاصل ڪئي. 1916ع ۾ هو روس جو مفتي اعظم ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته روسي انقلابي جي ڪري سڀ ڪجهه اتي رهجي ويو ۽ نئين ڪميونسٽ حڪومت مذهب، مدرسن ۽ مسجدن تي پابندي هڻي ڇڏي. مسلمانن لاءِ حالتون ناسازگار ڏسي، هو 1920ع ۾ منچوريا (چين جي اتر اوڀر واري علائقي) ۾ لڏي آيو، جتي هن ٻين ترڪ ۽ باشقير رفيوجين (پناهگيرن) کي گڏ ڪيو ۽ امام ٿيو. ان بعد هو جپان ۾ آيو ۽ 1924ع ۾ ٽوڪيو ۾ رهندڙ ترڪ تاتارين ۽ باشقيرن جو محلو ٺاهيو ۽ پاڻ هنن جو مذهبي اڳواڻ ٿي رهيو. 1927ع ۾ هن ٽوڪيو ۾ رهندڙ مسلمانن جي ٻارن لاءِ اسڪول ٺاهيو ۽ 1928ع ۾ هن ”آل جپان مسلم ڪانگريس“ ٺاهي ۽ عربي ڪتاب ڇاپڻ لاءِ پريس لڳرائي، جنهن ۾ هن ترڪن ۽ انهن جي تاريخ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا. هن ڪوريا ۽ منچوريا جي واپاري ۽ امير شخصيتن سان تعلقات قائم ڪيا ۽ جپان جي فوجي اڳواڻن، جھڙوڪ اوگاساوارا ناگاناري، ٽوياما متسورو ۽ ٻين سان دوستي پيدا ڪئي، جن کان هن کي مالي مدد به ملي پئي، جيڪا هن ديني ڪمن ۾ استعمال پئي ڪئي. 1938ع ۾ ٽوڪيو ۾ مسجد ٺهڻ تي هو جپان جو پهريون مفتي ٿي رهيو.
مولوي عبدالحئي قربان علي جپان ۾ اسلام کي ٻين ڌرمن جيتري برابري ڏيارڻ لاءِ وڪالت ڪندو رهيو. 1939ع ۾ جپان جي وزيراعظم هيرا نُوما ڪچيرو اعلان ڪيو ته جپان ۾ اسلام کي جپان جي ٻين ڌرمن، ٻڌ ڌرم، شنتو ۽ عيسائيت جي برابر حق ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. 1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم جي خاتمي تي روس جي سيڪريٽ پوليس مولوي عبدالحئيءَ کي ٽوڪيو مان جهلي وئي ۽ مٿس بغاوت جو ڪيس مڙهي کيس روس جي بدنام قيدخاني ”ولاديمير سينٽرل پرزن“ ۾ ڏهه سال (1955ع تائين) قيد ۾ رکيو. ان بعد هو پنهنجي اصل ڳوٺ ۾ اچي رهيو جتي هن 1972ع ۾ وفات ڪئي.
ٽوڪيو جي مسجد بابت مٿي لکي چڪو آهيان ته اها ”آڪٽوبر انقلاب“ بعد روس کان لڏي آيل ترڪ تاتارين ۽ باشقير مسلمانن 1938ع ۾ ٺهرائي راس ڪئي. اها مسجد مولانا عبدالرشيد ابراهيم ۽ مولانا عبدالحئي قربان عليءَ جي رهنمائيءَ ۾ ٺهرائي وئي، جنهن جو هو پهريون امام ٿيو. هيءَ مسجد ٽوڪيو جي شيبويا علائقي ۾ آهي. زلزلن جي ڪري هن مسجد ۾ ڪيترائي ڏار پئجي ويا، ان ڪري 1986ع ۾ هن کي ڊهرائي وري نئين سنئين انداز ۾ ٺهرايو ويو، جنهن تي هڪ ارب يين خرچ اچي ويو. هن مسجد جي ٺاهه جوڙ ۽ رونق لاءِ ترڪيءَ مان به 70 ترڪ ڪاريگر گهرايا ويا هئا. مسجد جي اڏاوت لاءِ اعليٰ قسم جو پٿر (ماربل) ترڪيءَ مان گهرايو ويو. ٽوڪيو جي مسجد، جنهن کي ترڪ ٻوليءَ ۾ “Tokyo Camii” لکيو وڃي ٿو، ايراضيءَ ۾ 734 چورس ميٽر آهي، کيس هڪ بيسمينٽ آهي ۽ مٿي ٽماڙ آهي، سندس قبو (Dome) 23 ميٽر ۽ اڪيلو منارو 42 کن ميٽر آهي. “Camii” ترڪ لفظ ”جامي“ ۽ عربيءَ جي ”جامع“ مان نڪتل آهي. معنيٰ جامع مسجد. هيءَ نئين مسجد 2000ع ۾ ٺھي راس ٿي.

احمد آريگا ۽ ڪوبيءَ واري مسجد ....

شروع جي ڏينهن ۾ جيڪي جپاني مسلمان ٿيا، بُونپاچيرو آريگا (Bunpachiro Ariga) پڻ انهن مان هڪ هو، جيڪو پڻ ياما اوڪا وارن ڏينهن ۾، واپار لاءِ انڊيا ويو هو، جتي جي مقامي مسلمانن جي اثر هيٺ هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو ”احمد آريگا“ رکيو.
ميجي انقلاب (Meiji Restoration) بعد (يعني 1868ع کانپوءِ) جپان ۾ هاءِ بوتسو ڪِشاڪو (Haibutsu Kishaku) نالي هڪ مهم هلي هئي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”ٻڌ ڌرم ۽ شاڪيا موني (Shakya muni) کي ختم ڪريو ۽ ان کي جپان مان تڙي ڪڍو“. هتي ان لفظ ”شاڪيا مونيءَ“ جي سمجهاڻي ڏيندو هلان. عيسوي سن کان هزار کن سال اڳ تائين اڄ جي نيپال ۽ انڊيا واري بارڊر وٽ شاڪيا (Shakya) نالي هڪ قوم رهي پئي، جنهن جا رهاڪو به ان نالي سان سڏيا پئي ويا. انهن ۾ سڌارٿا گوتم نالي هڪ بهترين شاڪيا، يعني شخص پيدا ٿيو جيڪو ”گوتم ٻڌ“ ۽ ”شاڪيا موني ٻڌ“ جي نالن سان سڏجڻ لڳو. جپاني گوتم ٻڌ کي شاڪيا موني نالي سان سڏين ٿا. سو هن“Haibatsu Kishaku” مھم ۾ ڪيترائي مندر ۽ گوتم ٻڌ جا مجسما (Statue) ڀڳا ويا ۽ ڪتاب ساڙيا ويا هئا. ان مھم ۾ هڪ ٻه نه پر چاليهه هزار مندرن کي نقصان رسايو ويو هو.
مٿي ذڪر ڪيل جپاني مسلمان احمد آريگا 1868ع ۾ ڄائو هو ۽ هن مهم ۾ هن هڪ ٻار جي حيثيت ۾ حصو ورتو هو. هن تجربي ۾، هن ڏٺو ته جن ديوتائن، يعني گوتم ٻڌ جي بتن کي ڀڳو ويو، انهن ته ڪجهه به نه ڪيو. جپاني انهن بتن توڙي شنتو ڌرم جي هر ديوتا کي ڪامي (Kami) سڏين ٿا. بھرحال احمدآريگا اهو ڏٺو ته سندن ابن ڏاڏن جي شنتوڌرم توڙي ٻڌ ڌرم جي چڱي مڙس شاڪيا موني جي ”ڪامين“ (ديوتائن) ۾ ته ڪو حال افعال ئي ناهي، جو کڻي انسانن کي نقصان پهچائين. ”اسان آهيون جو انھن اڳيان پيا نياز ۽ پرساد رکون ۽ سجدا ڪريون“. هن سوچيو هو.
وڏو ٿي احمد آريگا ڪنهن اهڙي مذهب جي ڳولا ۾ مشغول رهيو، جنهن ۾ هڪ خدا کي مڃيو وڃي. هن ڏٺو ته ٻڌ ڌرم، شنتو ڌرم ۽ ڪنفيوسينزم جي تقريرن جو ماڻهن تي ڪو اثر نه پئي ٿيو. اڃان به ”عيسائيت“ تي ماڻھن تقريرون ٻڌيون پئي. اهو سوچي هو عيسائي ٿيو ۽ 1889ع ۾ نوڪري ڇڏي عيسائيت (Christianity) جي پرچار ڪرڻ لڳو. پر پوءِ جلد ئي هن کي مونجهارو ٿيو ته عيسائيت ۾ پادري هڪ اڪيلي خدا جي ڳالهه ڪرڻ بدران فادر، پٽ (ڪرائسٽ) ۽ هولي اسپرٽ، يعني ٽن ٽن خدائن جي ڳالهه ڪن ٿا. اهو سوچي هو آهستي آهستي ٿڌو ٿي ويو ۽ تبليغ جو ڪم ڇڏي، واپار سانگي انڊيا روانو ٿيو، جتي هن جي هڪ انڊين مسلمان واپاري حيدر عليءَ سان ملاقات ٿي. هيءَ 1892ع جي ڳالهه آهي. احمد آريگا حيدر عليءَ ۽ هن جي مذهب اسلام مان بيحد گهڻو متاثر ٿيو. هن کي پهريون دفعو اسلام بابت ڄاڻ ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي 1932ع ۾ آريگا جڏهن 65 سالن جو ٿيو ۽ ڌنڌي مان رٽائرمينٽ اختيار ڪيائين ته هن مسلمان ٿيڻ جو ارادو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هن جي ملاقات روسي ترڪ مولوي عبدالحئي قربان عليءَ سان ٽوڪيو ۾ ٿي، جنهن هن کي شامگونيءَ سان ملايو، جيڪو ڪوبيءَ جي مسلمانن جو اڳواڻ هو. سيپٽمبر 1932ع تي آريگا ان جاءِ تي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو، جيڪا جاءِ ڪوبيءَ واري مسجد لاءِ مقرر ٿي چڪي هئي. هن پنهنجو نالو احمد رکيو. ٽن سالن بعد 1935ع ۾ ڪوبيءَ واري هيءَ مسجد ٺهي راس ٿي.
هيءَ مسجد جپان جي پهرين مسجد آهي ۽ اها ڪوبيءَ جي تاريخي ۽ ڪمرشل علائقي ڪٽانو (Kitano- cho) ۾ آهي. هيءَ مسجد ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ جي ”ميمڻ مسجد“، جنهن جي اردگرد بولٽن مارڪيٽ، موتن داس مارڪيٽ، کوڙي گارڊن جھڙيون مارڪيٽون آهن، جن ۾ سڄو ڏينهن گراهڪن جي پيهه پيهان رهي ٿي. اسانجو جھاز ڪوبيءَ جي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اسان خريداريءَ لاءِ سڌو هن مسجد واري علائقي ۾ ايندا هئاسين. مسسجد جي ويجهڙائيءَ ۾ ئي ٻڌن جي اڪوتا درگاهه ۽ ڪوبي وومين يونيورسٽي آهي. ”سنوميان“ ريلوي اسٽيشن به اتي ئي آهي. هونءَ مسجد جي پوسٽل ائڊريس هن ريت آهي:
2-24-14, Nakayamate Dori, Chuo- Ku, Kobi- Shi, Japan 650-0004
مضبوط عمارت سازيءَ ۽ بيسمينٽ جي ڪري هيءَ مسجد ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ٿيندڙ هوائي حملن ۾ به بچي وئي. بلڪه ڪيترن ئي ماڻهن هن مسجد جي بيسمينٽ ۾ اچي پناهه ورتي هئي. 1995ع ۾ جيڪو هتي خطرناڪ زلزلو آيو (جنهن ۾ ڪوبي شھر جو وڏو حصو، هن مسجد واري علائقي سميت تباهه ٿي ويو)، ان زلزلي ۾ به هيءَ ”ڪوبي مسجد“ ڊاهه ڊوهه کان بچي وئي. هي زلزلو جيڪو جپاني ٻوليءَ ۾ ”هان شِن اواجي دائي شن سائي“ (The Great Hanshin Earthquake) نالي سان مشھور آهي 17 جنوري 1995ع تي ويهه سيڪنڊن لاءِ هليو. اهو Moment Magnitude Scale يعني ماپ جي حساب سان 7 درجي جو هو. هن زلزلي جو مرڪز (Epicentre) ڪوبيءَ کان فقط 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اواجي ٻيٽ هو. هن زلزلي ۾ فقط ڪوبي شهر مان 6000 کان مٿي ماڻهو مري ويا هئا. هن کان وڌيڪ طاقتور ڪانٽو زلزلو هو، جيڪو 1923ع ۾ آيو هو ۽ جنهن ۾ هڪ لک کان مٿي ماڻهو مري ويا هئا. ان جو درجو (گريڊ) 8 هو. جپان جي مشهور ليکڪ ”ياسُوناري ڪاوا باتا“ جي ناول “The Scarlet Gang of Asakusa” جي ڪيترن ئي بابن ۾ هن زلزلي جو احوال آهي.
هن زلزلي ۾ هن شهر جي مسجد ته بچي وئي، پر ٻيون چار لک کن عمارتون ڊهي ويون يا انهن ۾ وڏا ڏار پئجي ويا. ايتري قدر جو ڪوبي بندرگاهه جي 150 ڌڪن (Jetties) مان 120 هيٺ دٻجي ويون. وڏا وڏا روڊ، ويندي بندرگاهه وٽان لنگهندڙ“Hanshin Expressway Route 43” ۽ پليون اکڙجي ويون ۽ اٽڪل 300 هنڌن تي باهه لڳي هئي.
ٽن مهينن بعد آئون پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ اوساڪا آيس ته اتان ڪوبيءَ پڻ آيس. هن شهر جي ڊٺل حالت ڏسي حيرت ٿي ته ههڙو جديد ۽ مھانگو شھر کنڊر ٿي ويو هو. پر شاباس هجي جپاني حڪومت کي، سال ڏيڍ بعد وري آيس ته ڪوبي شهر اهڙو ئي جرڪندڙ ۽ خوشحال نظر آيو، جھڙو 1972ع کان ڏسندو آيو هوس. بلڪه پهرين کان به سهڻو ۽ جديد نظر آيو. هونءَ هن زلزلي جي تباهيءَ جو اندازو ان مان لڳايو ته هر زلزلي بعد هڪ ٻه ٻيا به جهٽڪا لڳندا آهن، جيڪي پڻ ڪافي خطرناڪ هوندا آهن. هن ڪوبيءَ واري زلزلي کان پوءِ ڪيترائي ڏينهن اٽڪل 74 جهٽڪا لڳا. ايتريقدر جو ماڻهو ڪيترائي هفتا پنهنجي گهرن اندر داخل ٿيڻ کان ڊڄڻ لڳا هئا.
هن زلزلي ۽ ڪوبي مسجد جي ڳالهه جپاني مسلمان احمد آريگا تان نڪتي، جيڪو هن ڪوبي مسجد جي ٺهڻ کان ٽي سال اڳ، ان مسجد واري جاءِ تي 1932ع ۾ مولوي عبدالحئي قربان عليءَ ۽ ڪوبيءَ جي مسلمانن جي اڳواڻ شام گونيءَ جي معرفت مسلمان ٿيو هو. مسلمان ٿيڻ بعد احمد آريگا هر وقت اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو. پهرين هو جپان جي اولهه واري حصي، ڪوبي، ڪيوٽو ۽ اوساڪا جي جپانين کي اسلام بابت ٻڌائيندو رهيو. 1933ع ۾ هو ٽوڪيو آيو، جتي هن اسلام جي پرچار ۽ ٻين ڪمن لاءِ هڪ آفيس قائم ڪئي ۽ پوءِ در در ۽ محفلن ۾ وڃي اسلام بابت ٻڌائڻ بدران هن ڇپائيءَ ذريعي ماڻهن تائين اسلام جي ڄاڻ پهچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. 1934ع ۾ هن قرآن شريف جو جپاني ترجمو ڇپرائي گهٽ قيمت تي ماڻهن کي ڏنو. ڇو جو ان کان اڳ وارو پهريون ڇاپو جپانين کي تمام مهانگو ٿي لڳو. 1935ع ۾ هن حضور صلعم جن جي سوانح حيات به جپاني ٻوليءَ ۾ ڇپرائي. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي سموري قوت دين جي ڪمن تي لڳائي رکي. 78 ورهين جي ڄمار ۾ هِنَ جپاني احمد (بونپاچيرو) آريگا، 1946ع ۾ ٽوڪيو ۾ وفات ڪئي.

جپان جا اهم شروعاتي مسلمان ....

اوڻهين صديءَ ۾، ميجي انقلاب بعد، ڪيترائي جپاني واپار ۽ مختلف ڪمن لاءِ انڊيا، ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃڻ لڳا. ترڪيءَ لاءِ مشھور آهي ته ڪيترائي جپاني اوڏانهن ٿوري ٿوري عرصي لاءِ ايندا ويندا رهيا، پر ٽي اهڙا جپاني هئا، جيڪي استنبول (ترڪيءَ) ۾ وڏو عرصو رهي پيا، جن جو ذڪر ترڪيءَ ۾، جپان سان دوستيءَ جي سلسلي ۾، اخبارن ۾ هن عنوان سان ايندو رهي ٿو:
“Sun & Crescent-3 Japanese in Istanbul”
سج جپان جي نشاني آهي ۽ هلال (چنڊ) ترڪيءَ جي. اهي ٽي جپاني جيڪي ترڪيءَ ۾ وڏو عرصو رهي ڪاروبار، پورهيي ۽ درس تدريس جھڙا ڪم ڪندا رهيا، تقريبن همعمر هئا: يامادا (1957ع-1866ع)، اِتو (1954ع- 1867ع) ۽ اوتاني (1948ع-1876ع). ٽنهي سلطنت عثمانيه ۽ ريپبلڪ ترڪيءَ ۾ دلچسپي پئي رکي، ان ڪري هو استنبول ۾ وڏو عرصو رهيا.
اِتو (Itu Chuta) آرڪيٽيڪٽ ۽ پروفيسر هو. هن جو ترڪيءَ بابت تفصيلي سفرنامو آهي. خاص ڪري عمارت سازيءَ بابت. ٻيو اوتاني (Otani Kozui) جيڪو ٻڌ ڌرم جو عالم ۽ محقق هو. هن اتاترڪ سان ملي ”انقره ائگرو انڊسٽري“ ڪمپنيءَ جو بنياد رکيو ۽ بعد ۾ هڪ ٻئي ترڪ سان ملي ريشم جو ڪپڙو اڻڻ جي فئڪٽري ترڪيءَ جي هڪ ٻئي شهر برسا (Bursa) ۾ کولي.
جپان جي اسلامي تاريخ ۾ ترڪيءَ ۾ رهندڙ مٿين ٽن جپانين ۾ پهريون يامادا (Yamada Torajiro) اهم شخصيت آهي. هڪ ڪامياب واپاري ۽ چانهه پيئڻ جي رسم جو ماهر يامادا تورا جيرو، هڪ سٺو ليکڪ به آهي، جنهن ويهه سال ترڪيءَ ۾ رهڻ دوران ترڪيءَ تي جپانيءَ ۾ ڪتاب لکيو، جنهن جو انگريزي ترجمو، “Turkey An Official Look” آهي.
يامادا 1892ع کان وٺي 1912ع تائين استنبول ۾ ويهه سال رهيو، جتي هو غير سرڪاري طرح جپان جي سفارتخاني لاءِ قونصل جنرل جا فرض به ادا ڪندو رهيو. ترڪيءَ ۾ رهڻ دوران هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو عبدالخليل رکيو. واپس جپان موٽڻ وقت هو حج به ڪندو آيو.
جپان جي شروعاتي مسلمانن ۾ هڪ بيحد اهم شخصيت اوڪاوا (Shumei Okawa) هڪ سرڪاري آفيسر ۽ اعليٰ تعليم يافته جپاني ٿي گذريو آهي. هي اسلامي معلومات جو به وڏو عالم هو. جيئن مولانا مودوديءَ جيل ۾ قرآن مجيد جو تفسير لکيو، تيئن ٻي جنگ عظيم بعد آمريڪي فوج طرفان هن کي مليل سزا موجب جيل ۾ رهڻ دوران هن قرآن مجيد جو ترجمو مڪمل ڪيو جيڪو هو پهرين کان شروع ڪري چڪو هو.
شوميئي اوڪاوا هڪ جپاني قوم پرست ۽ پئن- ايشين ليکڪ هو. جپان پاسي هيءَ “Pan Asian” تحريڪ وقت بوقت عام ٿيندي رهي آهي، جنهن مطابق جپانين جي اهائي سوچ آهي ته، ”اسين ايشيا جا ماڻهو يورپ کان الڳ آهيون. يورپ جي آمريت اسان کي غلام سمجهي ٿي، جنهن جي خلاف اسان ايشيائين کي هڪ ٿي وڃڻ کپي ۽ احتجاج ڪرڻ کپي“. اوڪاوا جپاني تاريخ، مذهب جي فلسفي، انڊين فلسفي ۽ سامراجيات بابت ڪتاب ڇپرائي عام ڪرڻ سبب مشهور هو. هو جپان جي ياماگاتا ضلعي جي ساڪاتا شهر ۾ 1886ع ۾ ڄائو ۽ 1911ع ۾ ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪيائين، جتي هن انڊين فلسفي ۽ ويدڪ ادب بابت تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن جپاني فوج ۾ ترجميڪار جي نوڪري ڪئي. هن وٽ جرمن، فرينچ، انگريزي، پالي ۽ سنسڪرت ٻولين جي سٺي ڄاڻ هئي ۽ چئني ويدن: رِگ ويد، سَماويد، يجُور ويد ۽ اَٿر ويد کي چڱيءَ طرح پڙهيو هيائين. هن تي اناگاريڪا ۽ مولوي برڪت الله جي لکڻين وڏو اثر ڪيو هو، جيڪي جپاني مئگزين “Michi” ۾ اينديون رهنديون هيون. .
انگاريڪا (Anagarika Dharampala) سريلنڪا جو سنهالي ٻولي ڳالهائيندڙ ٻڌ ليکڪ ٿي گذريو آهي، جيڪو 1864ع ۾ ڪولمبو ۾ ڄائو (يعني اوڪاوا کان 22 سال وڏو هو) ۽ 1933ع ۾ سريلنڪا ۾ ئي گذاري ويو. هي بيحد مشهور ٻوڌي ليکڪ ٿي گذريو آهي، جنهن جا لکيل ڪيترائي ڪتاب اڄ به سريلنڪا جو تعليمَ کاتو سنهالي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپرائيندو رهي ٿو. 2014ع ۾ هن جي 150 هين جنم ڏينهن تي انڊيا ۽ سريلنڪا هن جي ياد ۾ ٽپال جي ٽڪلي به جاري ڪئي هئي. ڪولمبو ۾ هن جي نالي ”انگاريڪا ڌرم پالا ماوٿا“ اسٽريٽ به آهي. سنهالي ٻوليءَ ۾ ماوٿا معنيٰ روڊ، رستو، جيئن فارسيءَ ۾ شاهراهه، هنديءَ ۾ مارگ ۽ ملئي ۾ جالان لفظ رستي يا گهٽيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ڌرم پالا جو هڪ ڪتاب بيحد مشهور آهي“Return to Righteousness: Collection of Speeches Essays & Letters”
مولانا برڪت الله (عبدالحفيظ محمد برڪت الله) هن جپاني مسلمان اوڪاوا کان ٽيهارو کن سال وڏو هو ۽ 1854ع ۾ مڌيا پرديش جي شهر ڀوپال ۾ ڄائو هو. هو انڊيا جي آزاديءَ لاءِ ملڪ کان ٻاهر رهي پنهنجين پرجوش تقريرن ۽ انقلابي لکڻين ذريعي جنگ جوٽيندو رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي ايترو وقت جيئرو نه رهي سگهيو جو ملڪ کي آزاد ڏسي سگهي. 1927ع ۾ گذاري ويو. 1988ع ۾ انڊيا جي حڪومت مولانا برڪت الله کي عزت بخشڻ لاءِ ”ڀوپال يونيورسٽيءَ“ جو نالو بدلائي ”برڪت الله يونيورسٽي“ رکيو. انڊيا جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ انڊينس، ملڪ کان ٻاهر رهي جيڪا پهرين Provisional حڪومت ٺاهي، ان جو مولانا برڪت الله کي وزيراعظم بنايو ويو هو. هيءَ عارضي حڪومت 1915ع ۾ ڪابل (افغانستان) ۾ ٺاهي وئي هئي. ان کان اڳ 1913ع ۾ سئن فرانسسڪو (آمريڪا) ۾ جنهن غدر پارٽيءَ جو بنياد رکيو ويو، مولانا برڪت الله ان جي بنيادي ميمبرن مان هڪ هو. 1910ع ۾ مولانا صاحب جپان وڃي رهيو، جتي هن اسلامي برادري ٺاهي. 1911ع ۾ هن ٽن جپاني ماڻهن کي مسلمان ڪيو. هڪ سندس اسسٽنٽ حسن هتانائو، ٻي هن جي زال ۽ ٽيون زال جو پيءُ ڪينٽارو هِڪي. ڪي اهو ئي چون ٿا ته هي پهريان جپاني آهن، جيڪي مسلمان ٿيا. مولانا صاحب جپان ۾ رهي اسلام تي ۽ انڊيا جي آزاديءَ تي لکندو رهيو. 1914ع ۾ جپان حڪومت مولانا صاحب جي هڪ پمفليٽ “The Sword is the last Resort” تي بندش هنئين، ان بعد هن اردوءَ ۾ هڪ پمفليٽ ”فرنگي ڪا فريب“ عام ڪيو. جپاني اوڪاوا مولانا برڪت جي لکڻين مان به مرعوب هو. 1926ع ۾ اوڪاوا جي هڪ بااثر ڪتاب “جپان ائنڊ دي وي آف دي جپانيز” (جپاني نالو (Nihon Oyobi Nihonjin no michi جپان ۾ وڏو ٿرٿلو مچايو. ايتري قدر جو هي ڪتاب ايڏو مشهور ٿيو جو ٻي جنگ عظيم جي خاتمي تائين هي ڪتاب 46 دفعا ڇپيو. ٻي جنگ عظيم ۾ آخرڪار گڏيل قومن جي سوڀ تي هُنن ٻين جپانين سان گڏ اوڪاوا تي به ڪيس هلايو. اوڪاوا سان گڏ جيڪي 28 ڄڻا هئا، انهن کي ته ڦاهي ڏني وئي. اوڪاوا جي دماغي حالت صحيح نه هجڻ ڪري هن کي فقط قيد جي سزا ڏني وئي. ڪجهه عرصو جيل ۾ رکي هن کي ٽوڪيو جي چرين جي اسپتال “Matsuzawa Hospital” ۾ رکيو ويو، جتي هن قرآن شريف جو جپانيءَ ۾ ٽيون ترجمو مڪمل ڪيو. 1948ع ۾ هن کي هن اسپتال مان به آزاد ڪيو ويو. هو زندگيءَ جي آخري سالن ۾ پنهنجي زندگيءَ جون يادگيريون (Memoirs) لکندو رهيو. هن ان جپاني ڪتاب: “Anraku no Mon” جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٻن ڄڻن ڪيو آهي، جن ڪتابن جا نالا آهن “Gate to Comfort” ۽ “The Gate to Peace of Mind” . هن ڪتاب ۾ اوڪاوا چرين جي اسپتال وارن ڏينهن لاءِ لکي ٿو ته، اهي ڏينهن هن لاءِ پُرسُڪون هئا.
آڪٽوبر 1957ع ۾ انڊيا جو وزيراعظم جواهر لعل نهرو هڪ مختصر ٽرپ لاءِ جپان آيو ته هن اوڪاوا سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. نهروءَ جي هٿ سان لکيل دعوت، ٽوڪيو ۾ انڊيا جي سفارتخاني جو آفيسر، اوڪاوا کي ڏيڻ لاءِ هن جي گهر پهتو ته هن ڏٺو ته اوڪاوا بلڪل مرڻينگ حالت ۾ هو ۽ هن لاءِ ٻاهر نڪري جواهر لعل نهروءَ وٽ پهچڻ ناممڪن ڳالهه هئي. هندو ويدن ۽ قرآن جو ڄاڻو مسٽر اوڪاوا ان واقعي کانپوءِ پورا ٻه مهينا نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ رهي 24 ڊسمبر 1957ع تي گذاري ويو.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ اوڪاوا جو يادگيرين جو جپانيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”انراڪو نو مون“ مون ٽوڪيو ۾ پنهنجي سفارتخاني ۾ ڏٺو هو، جڏهن قمرالاسلام صاحب جپان ۾ پاڪستان جو سفير هو. ڪافي ٿلهو ڪتاب هو، جنهن جي ان وقت به قيمت 6000 يين هئي، يعني اڄ جا اسان جا ست هزار روپيا. جپاني لفظ ”انراڪو“ جي معنا آهي ”سُڪون“ ۽ جپاني لفظ “No” معنيٰ “جو” ۽ “Mon” معنيٰ ”دروازو“. جپاني جملا انگريزيءَ وانگر نه پر هوبهو سنڌي اردو گرامر جي پوئواري ڪن ٿا. يعني ”انراڪو نو مون“ جو سنئون سڌو ترجمو ”سڪون جو دروازو“ ٿيندو ۽ نه انگريزي حساب سان “Comfort of Gate” ايئن، سنڌيءَ جي جملي ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ جو جپانيءَ ۾ ترجمو ان ئي بيهڪ ۾ ٿيندو. يعني: ”اناتانو (تنهنجو)، نومائي وا (نالو)، نان (ڇا)، ڊيسڪا (آهي)“.
پر انگريزيءَ ۾ ائين ناهي. انگريزيءَ ۾ ٿيندو: ”ڇا آهي تنهنجو نالو؟“(What is your Name?)
ان ڪري اسان سنڌي يا اردو ڳالهائڻ وارن لاءِ انگريزيءَ جي مقابلي ۾ جپاني سکڻ سولو ڪم آهي. جنهن ۾ فقط جپانيءَ جا لفظ ياد ڪرڻ سان، جملا پنهنجي سنڌيءَ يا اردوءَ واري بيهڪ موجب ڳالهائي سگهون ٿا.
هتي جپاني مسلمان اوڪاوا لاءِ اهو به لکندو هلان ته هو مرڻ وقت تائين اِها ڳالهه ڪندو رهيو ته هن کي خواب ۾ هڪ دفعو حضور صلعم جن جو ديدار نصيب ٿيو هو.

جپانين جو مسلمانن سان واسطو (عمر ياما اوڪا ۽ عمر ميتا )

اسلام چين ۾ ته شروع وارين صدين ۾ ئي آيو. پنهنجي چين واري ۽ ٻين سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته عرب جھاز رانيءَ جا ماهر هئا. هو واپار وڙي لاءِ چين ڏي هڪ ته خشڪيءَ واري سلڪ روٽ (ريشم روڊ) ذريعي پئي آيا ۽ ٻيو سمنڊ رستي، چين جي اوڀر واري ڇيڙي ڪئنٽن کان اچي پئي نڪتا. اهو ڪم اسلام جي آمد کان به گهڻو اڳ کان پئي هليو. ايتري قدر جو انهن عرب سوداگرن مان جيئن ئي مسلمان ٿيندا ويا ته هنن اسلام جي تعليم نه فقط چين ۾ رهندڙ عربن تائين پهچائي پر انهن جي پاڙيسري مقامي چينين کي به مسلمان بنايو. چين جي ڪئنٽن شهر جي مسجد انهن ڏينهن جي آهي ۽ دنيا جي آڳاٽين مسجدن مان هڪ آهي. ڏٺو وڃي ته هند سنڌ ۾ اسلام چين کانپوءِ آيو.
بهرحال چين ۾ اسلام اچڻ بعد انڊيا ۽ انڊونيشيا ۾ آيو. مٿي اتر ڏي يعني جپان ڏي يڪدم نه آيو، جو وچ تي فلپين ٿو اچي، جتي اسپين وارن جو قبضو هو ۽ جيڪي اسلام جي سخت خلاف هئا، جو مسلمانن هنن جي ملڪ (اسپين) ۽ پورچوگال تي سوين سال حڪومت ڪئي هئي. جپان وارن اسلام توڙي ان کان آڳاٽي مذهب عيسائيت کي قبول ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿي ورتي جو هو ٻڌ ڌرم ۾ چڱيءَ طرح رڱيل هئا، سو هنن مذهب جي باري ۾ ٻي ڪنهن جي ڳالهه نه پئي ٻڌي. جپانين پنهنجو پاڻ کي دنيا کان اهڙو ته الڳ ٿلڳ ڪري رکيو هو، جو نَڪي هو ٻاهر پئي نڪتا نه وري هنن ڪنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ پئي ڏنو. سندن ملڪ پاڪستان، افغانستان چين يا ملائيشيا وانگر به نه آهي، جو پاڙي وارا ملڪ بارڊر ٽپي هنن جي ملڪ ۾ داخل ٿي سگهن. جپان جو سڄو ملڪ ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جنهن جا ڪنارا سخت کاڌل آهن ۽ جپان جي اردگرد شروع کان لڳندڙ سخت طوفانن ۽ سونامين، ڌارين کي تيستائين همت نه پئي ڏياري جيسين اڳيان هلي دنيا ايڏي ترقي ڪئي جو پاڻيءَ جا جھاز لوهه جا ٿيا ۽ ڪَلَ (انجڻ) تي هلڻ لڳا. پوءِ جپان ۾ پهريان مسلمان ملئي خلاصي هئا، جيڪي انگريزن ۽ ڊچن جي جھازن تي آيا. ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) تي انگريزن جو قبضو هو ۽ جاوا سماترا (انڊونيشيا) تي ڊچن جي حڪومت هئي. انهن ٻنهي ملڪن جا ماڻهو دراصل ملئي نسل جا مسلمان آهن، جيڪي ملئي ٻولي ڳالهائين ٿا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انڊونيشيا جا ماڻهو ان کي ”بھاسا انڊونيشيا“ سڏين ٿا ته ملائيشيا جا ماڻهو ”بھاسا ملائيشيا“. سو اهي شروع جا ملئي ماڻهو جيڪي جپان آيا پئي، اهي ملائيشيا جا به هئا ته انڊونيشيا جا به ۽ اهي اوڻهين صديءَ جي به آخري سالن ۾ آيا، جڏهن جپان وارن ڌارين جي اچڻ تان پابندي هٽائي.
جھازن تي ايندڙ ملئي خلاصين بعد، جپانين جو جن ٻين مسلمانن سان واسطو پيو، اهي ترڪ هئا. 1890ع ۾ ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه وارن جپان سان سٺا تعلقات ٺاهڻ لاءِ پنهنجي نيويءَ جو ”ارطغرل“ نالي جھاز جپان موڪليو جيڪو واپسيءَ تي سخت طوفان لڳڻ ڪري 16 سيپٽمبر 1890ع تي جپان جي ڪناري وٽ ئي ٻڏي ويو. ان جھاز ۾ 609 جي لڳ ڀڳ ماڻهو هئا، جن مان 540 ٻڏي ويا.
پهريون جپاني، جيڪو جپان کان حج تي ويو، اهو ”ڪوٽارو ياما اوڪا“ هو، جنهن جي ممبئيءَ ۾، 1909ع ۾ روس ۾ جنم وٺندڙ ليکڪ عبدالرشيد ابراهيم سان دوستي ٿي هئي ۽ هن جي رهنمائيءَ ۾ اسلام قبول ڪيو هيائين ۽ پنهنجو نالو ”عمر ياما اوڪا“ رکرايائين. هن کي ترڪيءَ جي ”سلطان عبدالحميد (ٻئي)“ طرفان ٽوڪيو ۾ مسجد ٺهرائڻ جي اجازت ۽ مدد ملي. اهڙيءَ طرح 1938ع ۾ ٽوڪيو ۾ مسجد ٺهي راس ٿي.
هونءَ جپان ۾ صحيح طرح مسلمانن جي ڪميونٽي لائيف ان وقت کان شروع ٿي، جڏهن پهرين جنگ عظيم دوران روس ۾ آيل بولشيوڪ انقلاب ۾ سوين مسلمان ترڪ، ازبڪ، تاجڪ، ڪرغز ۽ ڪذاخ پناهگيرن روس ڇڏي اچي جپان ۾ پناهه (Asylum) ورتي ۽ جپان جي مختلف شهرن ۾ رهي پيا. انهن سان ميل ملاقاتن ڪري ڪيترا ئي مقامي جپاني مسلمان به ٿيا. پوءِ جڏهن مسلمانن جو تعداد وڌيو ته ڪيتريون مسجدون ٺهي ويون. سڀ کان اول ۽ اهم مسجد ڪوبيءَ واري آهي، جيڪا 1935ع ۾ ٺهي ۽ اڃان تائين قائم دائم آهي. کيس ڪوبيءَ واري خطرناڪ زلزلي ۾ به نقصان نه رسيو. اڄ ڪلهه جپان ۾ ٽيهه چاليهه کن هڪ ماڙ مسجدون آهن ۽ اهڙيون سئو کن يا ان کان به مٿي هڪ ڪمري جون ننڍيون مسجدون آهن، جيڪي هتي ”مصلا“ سڏجن ٿيون.
پهرين جنگ عظيم دوران (جنهن ۾ جپانين چين ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا تي حملو ڪيو) ڪيترائي جپاني انهن ملڪن جي مقامي ماڻهن جي اثر هيٺ مسلمان ٿيا. هو جڏهن جپان واپس موٽيا ته جپان ۾ هنن پهرين ”جپانيز مسلم آرگنائيزيشن“ ٺاهي، جنهن جو پهريون باني ”صادق امائي زومي“ ٿيو. بعد ۾ هن جپاني مسلم ايسوسيئيشن جو صدر عمر ميتا (Umar Mita) ٿيو.
قرآن جو عربيءَ مان باقاعده ترجمو 1972ع ۾ عمر ميتا ڪيو. هن کان اڳ قرآن جو ترجمو 1920ع، 1937ع ۽ 1950ع ۾ ڇپجي چڪو هو، پر اهي ترجما غير مسلم جپانين ڪيا يا انگريزي ترجمي تان جپانيءَ ۾ ڪيا ويا هئا. عمر ميتا پهريون جپاني مسلمان هو، جنهن قرآن جو ترجمو سنئون سڌو عربيءَ تان جپانيءَ ۾ ڪيو. ائين ته هڪ ترجمو عربيءَ مان جپانيءَ ۾ 1957ع ۾ به ڇپيو پر اهو چوٿون ترجمو غير مسلم ڪيو هو. عمر ميتا جو هي ترجمو جيڪو هن 1968ع ۾ مڪمل ڪيو، پهرين جپان مسلم ايسوسيئيشن نظر مان ڪڍيو، ان بعد عمر ميتا هي ترجمو 1970ع ۾ چڪاس لاءِ مڪي شريف جي ”مسلم ورلڊ ليگ“ ڏي موڪليو، جتي اهو چڱيءَ طرح جاچيو ويو، ان بعد ان کي ڇاپڻ جي اجازت ڏني وئي. هي ترجمو هيروشيما جي ”تڪومي ڪوبو پرنٽنگ ڪمپنيءَ“ وارن ڇاپي 1972ع ۾ مارڪيٽ ۾ آندو. هن ڪم تي عمر ميتا کي 12 سال لڳي ويا. 10 جون 1972ع عمر ميتا لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن هو، جڏهن هي قرآن جو ترجمو ڇپجي راس ٿيو. عمر ميتا لاءِ هي ڪاميابيءَ جو ڏينهن هو. ان وقت عمر ميتا جي عمر 80 سال هئي. پورن چئن سالن بعد 1976ع ۾ عمر ميتا وفات ڪئي. رب پاڪ کيس جنت ۾ جايون نصيب ڪري. سندس ترجمو اڄ به ڪيترن لاءِ رهنمائي آهي ۽ جن جپانين کي عربي نٿي اچي اهي هن ترجمي ذريعي قرآن جو اصل مفهوم سمجهن ٿا.
عمر ميتا جنهن جو اصل نالو رِيو اِچي ميتا (Rioichi Mita) هو 1892ع ۾ هڪ جنگي جوڌي (Samurai) ٻوڌيءَ جي گهر ۾ ياماگچي ضلعي جي چوفو (Chofu) شهر ۾ ڄائو هو. هن ياماگچي ڪمرشل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي، جيڪو ڪاليج اڄڪلهه ”ياماگچي يونيورسٽي“ آهي. تعليم بعد هو گهمڻ لاءِ چين ويو، جتي ڪجهه سال رهي پيو ۽ چيني ٻولي سکيو. چين ۾ هن جي چيني مسلمانن سان دوستي ٿي وئي ۽ هن کي هنن جي طرزِ زندگي بيحد پسند آئي.
عمرميتا جي حاجي عمر ياما اوڪا سان به ان دوران ملاقات ٿي. ”حاجي عمر ياما اوڪا“ جنهن جو مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون، پهريون جپاني مسلمان هو، جنهن 1909ع ۾ حج ڪيو. اتان موٽڻ تي ياما اوڪا جپان جي مختلف ٻيٽن تي اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو. 1921ع ۾ عمر ميتا اسلام بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ حاجي عمر ياما اوڪا سان وري مليو. آخرڪار 1941ع ۾ عمر ميتا 49 سالن جي ڄمار ۾ اسلام قبول ڪيو. جڏهن سٺ سالن جي ڄمار تي پهتو ته عمر ميتا اسلام جي تبليغ ۾ پنهنجي زندگي ارپڻ چاهي. هن کي ان وقت عربي سکڻ جو شوق ٿيو، جنهن لاءِ هو 1957ع ۾ پاڪستان روانو ٿيو، جتان پوءِ ٻئي سال 1958ع ۾ حج تي روانو ٿيو.
1960ع ۾ ”جپان مسلم ايسوسيئيشن“ جي پهرين صدر صادق (Sadiq Imaizumi) جي اوچتي وفات تي عمر ميتا کي JMA جو ٻيو صدر چونڊيو ويو. قرآن مجيد جي جپاني ترجمي کان علاوه عمر ميتا ٻيا به ڪتاب لکيا آهن، جيئن: “Understanding Islam” ۽ “An Introduction to Islam”.
ان کان علاوه عمر ميتا پاڪستان ۾ رهڻ دوران مولانا محمد ذڪريا جو ڪتاب ”حياتِ صحابا“ جو پڻ جپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

جپان بابت ڪجهه اهم ۽ دلچسپ ڄاڻ

---

ڪاري نو اِڪي واڪاري (ڍنڍَ پکيءَ وانگر، زندگي موڪلائي ٿي)

• جپان جي آدم شماري: ٻارهن ڪروڙ، ستر لک (127000000)
• اتاهون جبل: فُيوجي جبل 3776 ميٽر اتاهون آهي.
• ڌرتيءَ جي ايراضي: 377915 چورس ڪلوميٽر. ( پاڪستان جي پکيڙ 881913 چورس ڪلوميٽر ۽ آدمشماري ايڪيهه ڪروڙ ساڍا ستاويهه لک (212750000) آهي. وڏي ۾ وڏي ڍنڍ: بِيوا (Biwa) ڍنڍ- 670 چورس ڪلوميٽر. جپان جي هيءَ ڍنڍ ”بيواڪو“ جپان جي چئن وڏن ٻيٽن مان هونشو ٻيٽ تي آهي. اها هونشو ٻيٽ جي هڪ پريفيڪچر (ضلعي) شيگا ۾ آهي. جيئن اسان جي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر سنڌ صوبي جي دادو ضلعي ۾ آهي (هاڻ ڪجهه دادوءَ ۾ ته ڪجهه ڄامشوري ۾ ٿي). منڇر ڍنڍ پکيڙ ۾ 350 چورس ڪلوميٽر ٿيندي پر سانوڻيءَ جي موسم ۾ 550 چورس ڪلوميٽر ٿيو وڃي. سنڌ- بلوچستان ۾ کيرٿر (ڪِرٿار) جبلن جي قطار مان نديون پاڻي کڻي منڇر ۾ پهچائين ٿيون، جتان فالتو پاڻي سنڌو نديءَ ذريعي عربي سمنڊ ۾ پهچي ٿو.
جپاني لفظ ”ڪو“ معنيٰ ”ڍنڍ“ آهي، ”بيواڪو“ معنيٰ ”بِيوا ڍنڍ“. جيئن جپاني لفظ ”گاوا“ (Kawa) معنيٰ ”ندي“. جيئن ٽوڪيو شهر مان لنگهندڙ ”سُميدا گاوا“ معنيٰ ”سُميدا ندي“.
بيوا ڪو (ڍنڍ) ۾ پاڻي مختلف درياهن مان اچي ٿو. گهرج کان وڌيڪ پاڻي جيڪو نديءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو، اها ندي ”سيتا گاوا“ سڏجي ٿي. اڳتي هلي هيءَ ندي ”اوجي“ (Uji) نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. رستي تي ٻه نديون: ”ڪيزو“ ۽ ”ڪاتسورا“ هن نديءَ سان ملي ”يودو“ (Yodo) ندي ٺاهين ٿيون، جيڪا خليج اوساڪا ۾ ”سيتو“ (Seto) سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
بيوا ۽ اسان واري ڪينجهر ڍنڍ بيحد آڳاٽيون آهن، جن جو پراڻن ڪتابن ۽ شاعريءَ ۾ به ذڪر اچي ٿو. پر افسوس جو اسان وٽ خيال ۽ خبرداري نه هجڻ ڪري منڇر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ مڇيون به پيون مرن ۽ پرديسي پکين اچڻ گهٽائي ڇڏيو آهي. پر هيڏانهن جپان جي سخت قاعدن قانونن تي عمل ٿيڻ ڪري بيوا ڍنڍ جو پاڻي صاف سٿرو آهي، جنهن کي ڪيوٽو ۽ اوتسو (Otsu) شهرن جو ڏيڍ ڪروڙ عوام پيئڻ ۾ استعمال ڪري ٿو. مڇين جا انيڪ قسم ۽ موتين (Pearls) لاءِ سِپون پاليون وڃن ٿيون. هڪ ٻي ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته اسان وٽ ههڙي سهڻي ۽ آڳاٽي ڍنڍ هجڻ جي باوجود ان جي آس پاس جا شهر دادو، سيوهڻ، جهانگارا، باجارا ۽ واهي پانڌي جپاني شهرن اوتسو، ڪيوٽو، موري ياما، تاڪا شيما، ناگا هاما، مائي بارا ۽ هڪوني وانگر ترقي نه ڪري سگهيا آهن.
جپان جي اهائي هڪ وڏي ڍنڍ آهي. ان کان علاوه 26 ٻيون به ڍنڍون آهن. جيئن، ساروما، ناڪا اومي، شِن جي، تويا، اوگا وارا، ٽوتورو، هاچيرو، تازاوا وغيره. اهي سڀ ننڍيون ڍنڍون آهن... ويهه ٽيهه چورس ڪلوميٽرن جي پکيڙ جون. ان مقابلي ۾ اسان جي ملڪ ۾ سٺ کن ڍنڍون آهن، جن جي پکيڙَ ۽ سونهن جو جواب ناهي، جيئن اسڪردوءَ وٽ شانگريلا آهي، ٺٽي ضلعي ۾ پرديسي پکين، مڇين جي ورائٽيءَ ۽ ٻيڙيءَ جي سير سبب مشهوري رکندڙ ڪينجهر (جيڪا ڪلري به سڏجي ٿي) ۽ هاليجي ڍنڍون آهن. نارائڻ ماٿريءَ ۾ لولوسر ڍنڍ آهي، جيڪا سطح سمنڊ کان 3410 ميٽر مٿاهين آهي. يعني لڳ ڀڳ فيوجي جبل جي چوٽيءَ جيتري اتاهين ٿي. ان کان علاوه اسان وٽ هُنزا ماٿريءَ ۾ عطاباد ڍنڍ آهي، ڪاغان ماٿريءَ ۾ سيف الملوڪ ڍنڍ، اسڪردوءَ ڀرسان هڪ ٻي 2700 ميٽرن جي بلنديءَ تي ستپرا ڍنڍ آهي... وغيره وغيره.
جپان جي ڍنڍ بيواڪو جي ڪناري وٽ بيهندي، يا اوتسو، تاڪاشيما ۽ ناگاهاما جھڙن، بيوا ڍنڍ جي ڪناري وارن شهرن مان بيوا ڍنڍ جو نظارو ڪندي، مون کي اڪثر ٺٽي جي ڪينجهر ڍنڍ ياد اچي ويندي آهي، جيڪا گهمڻ لاءِ اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان ايندا هئاسين يا بعد ۾ والد صاحب جي ٺٽي ۾ بدلي ٿي، ته مڪليءَ تي رهائش دوران ڪينجهر ڍنڍ تي وڃبو هو. اڄ جپان جي هيءَ ڍنڍ ڏسي جپان جي شاعر مئتسو باشوءَ وانگر مون کي ڪينجهر ٿي ياد اچي. بلڪ شاهه لطيف جو بيت ٿو ياد اچي:
هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراءُ
اچي وڃي وچ ۾ تماچيءَ جي ناءُ،
لڳي اتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي.

مئتسو باشوءَ (Matsuo Basho) جو هڪ هائڪو آهي:

Yamaji Kite
Naniyara yukashi
Sumiregusa

هي هائڪو مئتسو باشو 1684ع ۾ بيوا ڍنڍ وٽان لنگهندي چيو هو. مئتسو باشو، بيوا ڍنڍ وٽ، ڪجهه گهوڙي تي سوار ٿي ته ڪجهه پنڌ، هي جبل اُڪري اوتسو شهر وڃي رهيو هو. باشو گاهه ۾ گل ڏسي متاثر ٿيو هو.
ياماجي ڪِيٽي (جابلو رستي تان ايندي) ”ياما“ معنيٰ ”جبل“ ۽ ”ياماجي“ معنيٰ ”جابلو رستو“. ”ڪِيٽي“ معنيٰ ”اچڻ“. جپان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ يا گهمڻ وارن لاءِ اهو لکندو هلان ته رومن جپاني جيئن مون مٿي لکي آهي، پڙهڻ ۾ ڪي آئي ٽي اِي ”ڪائيٽ“ نه پر ”ڪِيٽي“ ٿيندو. جيئن جپاني شهر “Kobe”، ”ڪوبي“ پڙهيو وڃي ٿو.
مٿين هائڪو جي ٻي سٽ آهي: ”ناني يارا يوڪاشي“ (ڪنهن ڳالهه ڪري وڻندڙ آهي). فقط “Nani”معنيٰ ”ڇا“ ۽ ”ناني يارا“ معنيٰ ”ڪنهن ڳالهه ڪري“ ۽ ”يوڪاشي“ معنيٰ ”وڻندڙ“، ”سونهن واري“ “Charming” ۽ آخري سٽ آهي ”سُمي ريگوسا“ (گاهه ۾ موجود بنفشو (Violet) گل).
باشو جون هن ڍنڍ بيوا سان ڪئين يادگيريون وابسته هيون. هو هن ڍنڍ جي ڀر واري علائقي “Iga”۾ ڄائو ۽ هن ڍنڍ جي ڀرواري هڪ ٻئي شهر ڪيوٽو مان تعليم حاصل ڪيائين. باشو هن ڍنڍ جو ديدار 1684ع ۾ ۽ مرڻ کان ڪجهه مهينا اڳ 1690ع ۾ ڪيو. هُن هِن ڍنڍ جي آس پاس قدرتي سونهن ۽ مندرن جو احوال پنهنجي يادگيرين ۾ ڪيو آهي. هو اونهاري جي ڏينهن ۾ بيوا ڍنڍ مٿان ڪڪرن کي ترندو ۽ شام جو هڪ جهنگلي بدڪ (Geese) کي ڍنڍ تي لهندو ڏسي ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو ۽ هڪ هائڪو ۾ چوي ٿو:

Kumo to hedatsu
Tomo Ka ya Kari no
Ikiwakare

”ڪُومو تو هيداتشو“ (هوا ۾ ترندڙ ڪڪر وانگر). جپانيءَ ۾ ”ڪومو“ (Kumo) معنيٰ ”ڪڪر“.
”تومو ڪا يا ڪاري نو“ (هڪ جهنگلي بدڪ ۽ هن جي ڀيچي (ساٿيءَ) وانگر). (Kari) معنيٰ ”بدڪ“ (Wild Geese) ”تومو“ (Tomo) معنيٰ ”ساٿي“ يا ”ساٿياڻي“. هونءَ ”دوست“ لاءِ جپاني لفظ ”توموداچي“ (Tomodachi) استعمال ٿئي ٿو. ”وڪاري“ معني ”موڪلائڻ“ (Farewell)“. تومو ڪايا ڪاري نو اِڪي وڪاري (هڪ جهنگلي بدڪ ۽ ان جي ساٿيءَ وانگر، زندگي موڪلائي ٿي). بِيوا ڍنڍ جي ڪناري تي ان جي صاف پاڻيءَ ۾ آنءُ پير پسائي پنهنجي ڏينهون ڏينهن گدلي ٿيندڙ ڪينجهر لاءِ اهو ته ضرور چئي سگهان ٿو ته: ”ڪينجهر! تنهنجي ڪنڌي ميري نه ٿئي“.
اسان جي ڪينجهر تي پکين جي شڪار ۽ پاڻيءَ ۾ گندگيءَ جي شامل ٿيڻ سبب اڄ اسان وٽ نه اهو پرديسي پکين جو وڏو تعداد آهي ۽ نه اهي مڇين جا انيڪ قسم، ڀلي اسان دل ئي دل ۾، شيخ اياز جي لفظن ۾، ڪينجهر جي اوج جون سڌون ڪندا رهون ته:

اي ڪينجهر! تنهنجي ڪنڌيءَ تي،
ڪو ميلو نيٺ ته مچڻو آ!
ڪا نوري نيٺ ته نچڻي آ،
ڪوئي ته تماچي اچڻو آ!

پر ان ميلي کي مچائڻ لاءِ اسان کي جپانين وانگر محنت ڪرڻي پوندي. ان کي صاف رکڻو پوندو، پرديسي پکين جي حفاظت ڪرڻي پوندي، آبي جيوت جي جياپي لاءِ زهريات کي پري رکڻو پوندو. ترقياتي ڪمن جي پئسي کي ذاتي عياشين تي ضايع ڪرڻ بدران ڪينجهر جي سونهن تي خرچ ڪرڻو پوندو، جيئن گهڻي کان گهڻا ڏيهي ۽ پرڏيهي هن ڍنڍ کي ڏسڻ لاءِ ائين اچن جيئن جپان ۾ ڍنڍ بِيوا (Biwa) تي اچن ٿا...

جپان جو ڌرم، قومي ترانو وغيره ...

• جپان جو سڪو: يين.
• جپان جو جهنڊو: اڇي ڪپڙي تي وچ ۾ ڳاڙهو سج.
• سرڪاري زبان: جپاني.
• سرڪاري ويب سائيٽ: www.japan.go.jp
• ٽائيم زون: UTC + 9
اسان جو ٽائيم زون + 5 آهي. يعني اسان جو ٽائيم لنڊن جي گرين وِچ مِينِ ٽائيم (GMT) کان پنج ڪلاڪ اڳيان آهي ۽ جپان جو نو ڪلاڪ اڳيان آهي... يعني اسان وٽ ڪراچيءَ يا لاهور وغيره ۾ سج لنڊن کان پنج ڪلاڪ اڳ ٿو اڀري ۽ جاپان ۾ اسان کان به چار ڪلاڪ اڳ اڀري ٿو.
• جپان جو فون نمبر: + 81 جيئن اسان جو +92 آهي ۽ انڊيا جو +91.
• جپان جو ڪوڊ: JP.
• جيئن اسان جو PK آهي، ملائيشيا جو MY، فرانس جو FR وغيره.
• قومي ڏينهن: 11 فيبروري.
• جيئن اسان جو 14 آگسٽ آهي، جنهن ڏينهن تي اسان جي ملڪ کي خودمختياري ملي ۽ انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي. اسان ان ڏينهن کي ”يوم آزادي“ سڏيون ٿا. جپاني ان کي ”ڪَين ڪَو ڪُو ڪِي نين نو هِي“ (Kenkoku Kinenno Hi) سڏين ٿا. يعني ”نيشنل فائونڊيشن ڊي“. هن ڏينهن تي شهنشاهه جيمو جي سرپرستيءَ ۾ جپاني قوم ٺهي هئي. جپانين جي ڏند ڪٿائن مطابق ان ڏينهن تي جپان ٺهيو هو ۽ جپان جو پهريون شهنشاهه جِيمو (Jimmu) 660 ق م ۾ 11 فيبروريءَ تي نارا (Nara) پريفيڪچر جي ”ڪاشي هاراگو“ شهر ۾ تخت تي لٿو هو. ڪاشي هارا شي (”شي“ معنيٰ ”شهر“) ۾ ان هنڌ تي شنتو درگاهه آهي، جيڪا گهڻو پوءِ ٺاهي وئي هئي.
آڳاٽين روايتن مطابق شهنشاهه جِمو (Jimmu) جپان جو پهريون شهنشاهه آهي. جپاني ڏند ڪٿائن موجب هو سورج ديوي اَماتيراسو (Amaterasu) جي پوٽي نينگي (Ninigi) ۽ طوفانن جي ديوتا سوسانُو (Susanoo) جو اولاد آهي. جِمو شهنشاهه جي هن ڌرتيءَ تي لهڻ واري تاريخ تي جپاني موڪل ڪن ٿا. شهنشاهه جِيمو هن ڌرتيءَ تي ان نازل ٿيڻ واري تاريخ (11 فيبروري، 660 ق م) کان 585 ق م تائين 75 سال پهرين شهنشاهه جي حيثيت ۾ راڄ ڪيو. جپانين جو چوڻ آهي ته هو (جيمو) 711 ق م ۾ ڄائو هو. ان حساب سان هو جڏهن جپان جي ڌرتيءَ تي لٿو هو ته هن جي عمر 51 سال هئي ۽ هن 126 ورهن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ان بعد هن جو وڏو پٽ سُواِزِيئي (Suizei) جپان جو ٻيو شهنشاهه ٿيو، جيڪو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي. جنهن جو موجوده شهنشاهه ”تينو نارُو هِيتو“ 126 هون تينو (شهنشاهه) آهي. جپانيءَ ۾ ”تينو“ جي معنيٰ ”شهنشاهه“ آهي.
جپان جو قومي ترانو ”ڪِمي گايو“ (Kimigayo) معنيٰ ”شهنشاههِ عالي جي سلطنت“ آهي. منهنجي خيال ۾ جپان جو هي قومي ترانو نه فقط دنيا جي قومي ترانن کان جهونو آهي، پر مختصر پڻ. جپان جي شهنشاهيت ته عيسوي سن کان به ست صديون آڳاٽي آهي ۽ اڄ تائين هلندي پئي اچي ۽ جپان جي هن قومي تراني جو وڪا شعر هيئن (Heian) دور کان هلندو اچي. هيئن (يا هيئان) دور 794ع کان 1185ع تائين هليو. هن دور ۾ نه فقط ٻڌ ڌرم جپان ۾ عام ٿيو پر شاعريءَ ۽ آرٽ ۾ به جپان ترقي ڪئي. چون ٿا ته هن دؤر ۾ هي وڪا (Waka) يعني جپاني شعر، مشهور ٿيو ۽ ڳايو وڃڻ لڳو. وڪا ۾ گهڻو ڪري 7-7-5-7-5 ترتيب واريون پنج سٽون ٿين ٿيون. هونءَ ته وڪا شاعريءَ جا به ڪيترائي نمونا آهن، جيئن: تنڪا (Tanka) ننڍا شعر، چوڪا (Choka) وڏا شعر، سيڊوڪا (Sedoka) ياد ڪرڻ جھڙا شعر. جيڪي اڪثر ٻڌ ڌرم جي مندرن جي درن ۽ ڀتين تي لکيل نظر اچن ٿا، ۽ ڪاتا اوتا (Katauta) شعر جا ننڍڙا حصا آهن.
اسان وٽ سنڌيءَ توڙي اردوءَ ۾ جپاني شاعريءَ جي صنف ”هائڪو“ ته ڪافي عرصي کان مشهور آهي، پر اڄ ڪلهه اسان وٽ ”وڪا“ جي گهاڙيٽي واري شاعري به نظر اچي ٿي.
جپان جو قومي ترانو ”ڪِمي گايو“ يعني ”شهنشاهه جي سلطنت“ پهرين راڳ طور ڳايو ويندو هيو، يا خوشيءَ جي ڪاڄن ۽ نئين سال جي موقعي تي مرد توڙي عورتون ڳائيندا هيا. پر پوءِ 1880ع ۾ هن کي هڪ خاص ڌن ڏئي قومي تراني طور ڳايو وڃڻ لڳو. ڪنهن جلسي، ميٽنگ يا اسڪول جو ڏينهن شروع ڪرڻ وقت يا ريڊيو جو صبح جو پروگرام شروع ڪرڻ کان اڳ ۽ رات جو پروگرام ختم ڪرڻ وقت ”ڪِمي گايو“ ڳايو وڃڻ لڳو. هن تراني ۾ بس ملڪ جي شهنشاهه جي وڏي زندگيءَ ۽ سلطنت قائم دائم رهڻ جي ئي دعا آهي، جيئن بعد ۾ انگلينڊ وارن به هڪ دعا شروع ڪئي ته “God Save The King”. اها دعا اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو به آزاديءَ کان اڳ اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ پڙهندا هئاسين. نه فقط اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ پر ملايا، سنگاپور، ڪينيا، نائيجيريا وغيره ۾ پڻ، جن جن ملڪن ۾ انگريزن جو راڄ هو، اهو قومي ترانو پڙهيو ويندو هيو. اڄ به برطانيا کان علاوه ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، آسٽريليا جھڙن ملڪن ۾ “God Save The Queen” قومي ترانو پڙهيو وڃي ٿو.
ٻي جنگِ عظيم دوران ڪجهه سالن لاءِ جپان وارن جو هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملايا وغيره تي قبضو ٿيو ته انهن ملڪن ۾ “God Save The King” يعني انگريزن جي بادشاهه ۽ ان جي بادشاهت جي دعا گهرڻ بدران ”ڪمي گايو“ جپاني شهنشاهه ۽ ان جي سلطنت جي دعا وارو جپاني قومي ترانو ڳايو وڃڻ لڳو. اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو ذري گهٽ بچي وياسين، جو جپاني فوجون برما تائين پهچي ويون هيون. آمريڪا وارا هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ائٽم بم نه هڻن ها ته هالا، سڪرنڊ ۽ مٽياريءَ جي پرائمري اسڪولن ۾ اسان جا ٻار به سنگاپور ۽ ملايا جي اسڪولن جي ٻارن وانگر ”ڪِمي گايو“ (سدا سلامت رهي شهنشاهه) جپاني قومي ترانو ڳائيندا وتن ها. ٻي جنگِ عظيم دوران جپانين جنهن جنهن ملڪ تي قبضو ڪيو، اُتي جي اسڪولن ۾ يڪدم جپاني پڙهائڻ شروع ڪئي وئي ۽ پنهنجا ردي پني جا نوٽ جاري ڪيا ويا، جن کي مقامي ماڻهن ٽوڪ طور ”بنانا ڪرنسي“ پئي سڏيو.
ملائيشيا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ مون سان گڏ هڪ پروفيسر سنگاپور جو به هو، جيڪو عمر ۾ مون کان ٽي چار سال وڏو هو. هو 1940ع ۾ ڄائو هو، جنهن وقت اسان جي ملڪ وانگر سنگاپور تي به انگريزن جي حڪومت هئي. پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو ته جپانين ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) ۽ سنگاپور تي قبضو ڪري ورتو. بعد ۾ وري انگريز آيو ۽ ملايا ۽ سنگاپور کي خودمختياري ڏني وئي. سنگاپور الڳ ملڪ رهڻ بدران ملايا سان گڏ رهيو پر سال ڏيڍ بعد ملايا وارن سنگاپور کي الڳ ڪري ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي هزار ڪلوميٽر کن پري بورنيو ٻيٽ جي ٻن رياستن: صباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان ملائي، هڪ نئون ملڪ ”ملائيشيا“ ٺاهيو. سو اسان وارو سنگاپوري پروفيسر چوندو هو: ”مون چار قومي ترانا پڙهيا آهن: انگريزن جو قومي ترانو، ان بعد جپانين جو، ان بعد ملايا جو ۽ هاڻ پنهنجي ملڪ سنگاپور جو“.
هونءَ جپان جو قومي ترانو، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته بيحد مختصر آهي، هن ريت رومن جپاني ۽ انگريزي ترجمي سان آهي:

Kimigayo wa (May your reign),
chiyo ni yachiyo ni (Continue for a thousand eight thousand generations),
Sazare-ishi no (Until the tiny pebbles),
Iwao to narite (Grow into massive boulders),
Koke no musu made (Lush with moss).

جپانين جو هي قومي ترانو ”ڪِمي گايو“ 1888ع ۾ ڌُن ٺهڻ کان وٺي، ٻي جنگِ عظيم (1945ع) تائين وڏي شان شوڪت سان نه فقط جپان ۾، پر جتي جتي جپان وارن جي حڪومت هئي، خوب ڳايو وڄايو ويو. 1945ع ۾ جپان تي ائٽم بم ڪرڻ تي جپان آمريڪن اڳيان آڻ مَڃِي، جنهن جو اعلان ان وقت جي بادشاهه سلامت ڪيو ۽ جپانين جي جتي ڪٿي حڪومت ختم ٿي وئي. جپان ۾ به شهنشاهي راڄ ختم ڪري اتي پارليامينٽري ڊيموڪريٽڪ رياست قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ نه شهنشاهه جي ضرورت هئي ۽ نه ”ڪِمي گايو“ ڳائڻ جي. پر ٻي وڏي لڙائي کٽيندڙ ملڪن جپان جي بادشاهه کي تخت تان لاهڻ بدران ان کي تخت تي ويهڻ ۽ ان جي لاءِ دعا جي راڳ ”ڪِمي گايو“ کي ڳائڻ جي اجازت ڏني. اهو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي.

جپان وارن جو مذهب: شنتو

جپان جي 80 سيڪڙو ماڻهن جو مذهب ”شنتو“ سڏجي ٿو، جيڪو وڏن جي ريتن رسمن تي ئي ٻَڌل آهي. شنتو جيڪو شنتوزم ۽ ڪامي نو مِچي (Kami no Michi) به سڏجي ٿو، هڪ گهڻن ديوتائن جي پوڄا جو مذهب آهي، جيڪو ديوين، ديوتائن، جنن، ڀوتن (روحن) جي چوڌاري ڦري ٿو. جيڪي جپاني ٻوليءَ ۾ ڪامي (Kami) سڏجن. اهي ڪامي مختلف عوامي مندرن ۽ گهرن جي ننڍڙن مندرن ۾ پوڄيا وڃن ٿا، جتي پوڄاري سکائون باسن ۽ مختلف ڪمن جي پورائي لاءِ تعويذ پڻ خريد ڪن ٿا. ان کان علاوه سال جي مختلف مُندن ۾ جلوس ۽ جشن ملهايا وڃن ٿا، جن کي جپاني ٻوليءَ ۾ متسوري (Matsuri) سڏجي ٿو.
شنتو ڌرم بنيادي طرح جپان ۾ ئي آهي، جتي ان ڌرم جا هڪ لک کن مندر (Shrines) آهن، جتي جپاني، رسم رواج طور حاضري ڀرين ٿا. ان ڪري شنتو ڌرم لاءِ چيو وڃي ٿو ته: “Shinto is first & foremost a ritual tradition”
شنتو مذهب ۾ ائين ناهي ته ان جي پوڄاريءَ يا پوئلڳ کي ڪهڙين ڳالهين ۾ يقين رکڻ کپي، پر هن ڌرم ۾ آهي ته پوئلڳ کي ڪهڙيون رسمون ادا ڪرڻ کپن. هڪ آمريڪن فلاسفر جي مشاهدي مطابق: “Shinto is interested not in credenda but in agenda, not in things that should be believed but in things that should be done.”
اهو تمام ڏکيو آهي ته شنتو ڌرم جي ريتن کي جپاني ماڻهن جي رواجن کان الڳ ڪري سگهجي. سو آئون ته اهو به چوندس ته جيڪي جپاني پاڻ کي شنتو ڌرم جا نه ٿا سڏرائين، اهي به ته اهي ئي رسمون ۽ رواج ڪن ٿا، جيڪي شنتو ڌرم جا پوڄاري ڪن ٿا. سڀ جپاني ٻُڌ ڌرم جي مندرن ۾ به وڃن ٿا ته شنتو ڌرم جي مندرن ۾ به. هونءَ شنتو ڌرم جا مندر (جتي هنن جو ڪو ديوتا (Kami) پوڄيو وڃي ٿو ) جپاني ٻوليءَ ۾ جنجا (Jinja) سڏجن ٿا.
جپان ۾ ٻڌ ڌرم 552ع کان هلي رهيو آهي ۽ ٻڌ ڌرم جو جپانين تي ڪافي اثر آهي. چين جي هڪ تاريخي ڪتاب “Book of Liang” (جيڪو 635ع ۾ لکيو ويو) مطابق، 467ع ۾ پنج ٻوڌي ٻاوا گنڌارا (اڄ واري اتر پاڪستان) کان هتي جپان ۾ آيا. انهن به جپانين کي ٻڌ ڌرم بابت ٻڌايو. پر سرڪاري طرح اهو چيو وڃي ٿو ته جپان ۾ ٻڌ ڌرم ان وقت صحيح طرح مشهور ٿيو، جڏهن 552ع ۾ ڪوريا جي هڪ بادشاهه جپان جي بادشاهه ڏي هڪ ڪورين ماڻهن جو ٽولو موڪليو، جنهن ۾ ٻوڌي ٻاوا ۽ بکشو شامل هئا، جن پاڻ سان گوتم ٻڌ جي هڪ ننڍي مورتي به پاڻ سان آندي هئي.
جيئن شنتو ڌرم جي مندر کي جپانيءَ ۾ ”جنجا“ سڏين ٿا، تيئن ٻڌ ڌرم جو مندر ”تيرا“ (Tera) سڏجي ٿو، جنهن جي اڳيان ٺهيل وڏو دروازو “Remon” سڏجي ٿو. اهڙيءَ طرح شنتو ڌرم جي مندر اڳيان ڪاٺ جي پٽين سان ٺهيل دروازو ”توروئي“ (Torii) سڏجي ٿو. جپان ۾ ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جا مندر جتي ڪٿي نظر ايندا ۽ سڄي جپان ۾ سندن تعداد لک کان مٿي آهي. هتي آئون فقط ستن مندرن جا نالا لکان ٿو. اوساڪا، ڪوبي، ٽوڪيو، يوڪو هاما، نگويا جھڙن بندرگاهن ۾ بار بار وڃڻ ڪري اسان کي انهن جڳ مشهور مندرن کي ڏسڻ جو موقعو مليو:

1. ڪِن ڪا ڪُو جي (Kinkakuji) مندر، جيڪو “Golden Temple” به سڏجي ٿو، جنهن جي نالي سان جپاني ليکڪ مشيما يوڪيو جو ناول به آهي. هي مندر ڪيوٽو شهر ۾ آهي. هونءَ ته ڪيوٽو شهر مندرن سان ڀريو پيو آهي ۽ هڪ کان هڪ خوبصورت ۽ ڏسڻ وٽان مندر آهي، پر هتي فقط هڪ ٻه ٻيا لکان ٿو.
2. ڪِيو ميزو (Kiyomizu-dera) مندر ڪيوٽو ۾ آهي.
3. سَان جُو سان گينڊو (Sanjusangendo) مندر به ڪيوٽو جو مشهور مندر آهي.
4. سَين سَو جي مندر (Sensoji) مندر ٽوڪيو ۾ آهي.
5. تودائي جي (Todai-ji) مندر نارا شهر ۾ آهي.
6. شيتين نوجي (Shitennoji) مندر اوساڪا ۾ آهي .
7. هوڪَوڪُو جي (Hokokuji) مندر ڪماڪُورا ۾ آهي.

جپان ۾ ٻارن کان وڌيڪ وڏن جا پئمپر وڪامن ٿا ....

جپان ۾ صحت جو بهتر بندوبست هجڻ ڪري هتي جا ماڻهو ڪافي بيمارين کان بچيل رهن ٿا، ان ڪري هتي جي ماڻهن جي وڏي عمر ٿئي ٿي. ٽائيفائيڊ، مليريا جھڙيون ڪيتريون ئي بيماريون، جيڪي اسان وٽ عام ۽ وچڙندڙ آهن، انهن کان يورپ جا ملڪ ته ڇا پر ايشيا جا جپان، ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ، ڪوريا، چين ۽ ملائيشيا به صاف آهن. اسان وٽ ته پوليو ختم ٿئي ٿي.... هاڻ ته ايڊس، ڇتن ڪتن جا چڪ، ڊينگي... خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون بيماريون ڪاهي پيون آهن، جن کان ڪنهن زماني ۾ (1960ع واري ڏهاڪي ۾) آفريڪا جا ڪجهه بندرگاهه بدنام هئا، جن بندرگاهن ۾ اسان کي جھاز تان هيٺ لهڻ جي به اجازت نه هوندي هئي. اسان وٽ، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۾، ننڍا وڏا سلهه ۾ ايڏو مبتلا آهن، جو ايران جھڙو پاڙيسري ملڪ به اسان جي ماڻهن کي تيستائين زيارت لاءِ اچڻ نه ٿو ڏئي، جيستائين اسان ڦڦڙن جو ايڪسري ڪرائي ڊاڪٽر کان ”اوڪي“ جو سرٽيفڪيٽ نه وٺون. گندي پاڻيءَ ۽ ڪچي شراب پيئڻ ڪري اسان وٽ جيري جون بيماريون، هيپاٽائيٽس وغيره عام ٿي پيون آهن ۽ ڪجهه بيماريون ته اهڙيون آهن، جيڪي اسان جي ماڻهن وٽ پئسو اچڻ ڪري وڌي رهيون آهن، جيئن ته ڊائبٽيز ۽ بلڊ پريشر وغيره. هونءَ اسان وٽ عيد براد مٺو رڌبو هو، هاڻ هر روز مٺو کاڌو وڃي ٿو ۽ ننڍا توڙي وڏا مختلف ڪولائون، شربت ۽ دٻن ۾ بند جوس پيئن ٿا. نتيجي ۾ اسان جو ملڪ انهن ٽاپ جي ملڪن ۾ آهي، جتي سڀ کان گهڻا ٻار مٺي پيشاب جا مريض ٿي پيا آهن، جنهن بيماريءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته خاموش قاتل (Silent Killer) آهي. پر هيڏانهن جپان ڏي ڏسو ته امير ماڻهوءَ جو به کاڌي تي ڪيڏو ڪنٽرول آهي. ان کان علاوه هر جپاني روزانو گهڻي کان گهڻي واڪ ڪري ٿو. هو ميلن جا ميل پنڌ ڪري اسٽيشن تائين ۽ پنهنجي آفيس ۽ گهر تائين اچي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو بئنڪ جھڙن هنڌن تي ويهڪ جي نوڪري ڪن ٿا، انهن لاءِ لنچ ٽائيم ۾ اڌ ڪلاڪ کن والي بال جھڙي راند ڪري پاڻ کي Active رکڻ ضروري آهي. نتيجي ۾ هو اسان کان وڌيڪ صحتمند رهن ٿا ۽ اسان کان وڏي عمر ماڻين ٿا. پر هر ڳالهه جا فائدا ۽ نقصان به آهن.
سئيڊن ۾ پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ سئو ورهيه جي ڄمار جي عورت کي چيو هيم ته آئون سال ٻن کان پوءِ 50 سالن جو ٿيڻ وارو آهيان، يعني پوڙهو سڏبس.
”50 ته اسان وٽ وِچُ جواني سمجهي وڃي ٿي“. هن وراڻيو.
”ها. پر اسان وٽ ماڻهوءَ جي سراسري (Average) عمر 65 سال آهي“. مون ٻڌايومانس.
”ڏاڍو سٺو. ڇٽا پيا آهيو گهڻين تڪليفن کان“. سئيڊن جي پوڙهيءَ چيو.
”ڪيئن ڀلا؟“. مون پڇيو.
”ڏس نه“. پوڙهيءَ مون کي سمجهايو، ”توهان وٽ سٺ يا ستر سالن تائين وڌ ۾ وڌ توهان کي اکين جي (Cataracts) جي آپريشن ڪرائڻي پوي ٿي يا ڪجهه مردن کي Prostate (پيشاب واري غدود) جي آپريشن ڪرائڻي پوي ٿي. پر ان کان وڌيڪ عمر ٿيڻ تي جسم جي هر شيءِ وڃي ٿي خراب ٿيندي، جيئن مون سان حالت آهي. اکيون ٺيڪ ڪرايو اچان ته ڏند خراب، ڪڏهن جسم جي چمڙي پئي ڦاٽي ته ڪڏهن ڪن خراب. پنج سال اڳ ٻئي گوڏا نوان وجهرايم. اهو به شڪر آهي، جو ٻئي جي محتاجيءَ کان بچيل آهيان، نه ته منهنجي عمر جا ماڻهو توکي ويل چيئر تي ئي نظر اچن ٿا. ڪيترن کي ته ٻيا کارائين پيارين ۽ هنگائين مُٽائين ٿا“.
سو جپان ۾ به ڪيترائي وڏي عمر جا آهن، جن پنهنجي صحت جو خيال رکيو ۽ جي رهيا آهن، پر هو ننڍي ٻار وانگر ايڏو ته ڪمزور ٿي پيا آهن، جو ٽوئليٽ تائين به پاڻ نه ٿا وڃي سگهن ۽ هنن جو پاڻ تي ڪنٽرول نه رهڻ ڪري هنن جو اولاد هنن کي ٻارن وانگر پئمپر ٻڌي ٿو، جيئن هو ننڍي ٻار وانگر ان ۾ هنگندا مُٽندا رهن.
جپان ۾ ننڍن ٻارن جو تعداد گهٽ هجڻ جو اهو به سبب آهي، جو جپان ۾ ماڻهن جي مشغول زندگي آهي. ان کان علاوه مهانگائيءَ ڪري هرڪو گهٽ ٻار پالڻ ٿو چاهي. ڪي ته بنهه نه. هو اهو ئي سوچين ٿا ته ڪجهه سال برٿ ڪنٽرول ڪيو وڃي. نوڪري ڪري پئسو بچايو وڃي، جيئن پنهنجو گهر ٿئي. اهو ئي سبب آهي، جو جپان ۾ ٻارن جو تعداد گهٽ آهي ۽ دڪانن تي ٻارن جي پئمپرن کان، پوڙهن لاءِ وڏي سائيز جا پئمپر وڌيڪ نظر ايندا.
هڪ ٻي ڳالهه ته جپان ۾ وڏي عمر جا ماڻهو ته ٿين ٿا، پر جپان جي اوڪيناوا ٻيٽن لاءِ مشهور آهي، ته اتي جا ماڻهو اڃا به وڏي ڄمار ماڻين ٿا. جيئن اسان وٽ هُنزا، چترال ۽ گلگت جا ماڻهو وڏي عمر جي ڪري مشهور آهن. گذريل سال 2018ع ۾ دنيا جي پوڙهي ترين عورت 117 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري وئي. اها جپان جي چِييو مِياڪَو (Chiyo Miyako) هئي. هاڻ جيڪا وڏي عمر جي عورت آهي، اها به جپاني ”ڪاني تناڪا“ (Kane Tanaka) آهي. هوءَ 115 ورهين جي آهي. دراصل چييو مياڪو جي مرڻ جي خبر اخبارن، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي دنيا کي احساس ٿيو ته جپان ۾ تمام وڏي عمر جا ماڻهو رهن ٿا. ويندي مون کي به ان بعد ڄاڻ ٿي.
منهنجو 1970ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن کان جپان وڃڻ ٿيندو رهيو آهي. مون کي ڪيتريون ئي پوڙهيون نظر پئي آيون آهن، جيڪي لڳندو آهي ته سئو سالن جي لڳ ڀڳ هونديون، پر اتفاق سان مون جنهن کان به خبر چار ورتي ته ان اهو ئي ٻڌايو ٿي ته هن جي عمر ڪا وڏي ناهي، پر جپان تي ڪِريل ائٽم بمن جي ڪري، انهن جي Radiation (گرمائش ۽ ائٽمي شعاعن) هنن جي جسم جي کل کي ڪومائي ۽ ساڙي ڇڏيو آهي، ان ڪري هو جسماني طرح ائين لڳن ٿيون. پر چييو مِياڪو جي موت تي خبر پئي ته جپان ۾ ائٽم بم جي تباهڪاريءَ جي باوجود ڪيترا ماڻهو، مرد توڙي عورتون سئو سالن کان به وڏي عمر جا آهن. چييو جيڪا 2018ع ۾ 117 سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي، معنيٰ هوءَ 1901ع ۾ ڄائي ۽ جڏهن ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بمباري ٿي ته هوءَ 45 سالن جي هوندي. هوءَ نه فقط ائٽمي بمن جي Radiation کان بچي وئي، پر هن ڊگهي ڄمار ماڻي ۽ 72 سال وڌيڪ حيات رهي. هيءَ مائي جپان جي شهر يوڪوهاما ۾ رهي ٿي. يوڪوهاما شهر جپان جي وڏن بندرگاهن مان هڪ آهي ۽ ٽوڪيو کان ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي، جيئن ڄامشوري کان هالا. اسان جي پاڪستاني جھازن جو يوڪوهاما ۾ تمام گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو.
اسان جي زندگيءَ جو وڏو عرصو يوڪوهاما جي گهٽين ۾ گذريو. ٿي سگهي ٿو يوڪوهاما جي گهٽين، ڪوتو بوڪيچو، اشي ڪاواچو، ڪاشي وابا يا ياما شيتا پارڪ ۾، يا يوڪو هاما جي چائنا ٽائون ۾، اسان کي جيڪي پوڙهيون نظر اينديون هيون، انهن مان هڪ چييو مياڪو بيبي به هجي. ان وقت جي خبر پوي ها ته هيءَ اڄ سڀاڻ ۾ مرڻ بدران وڏي عرصي بعد مرندي ۽ گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز جو رڪارڊ ڀڃندي ته ساڻس گڏ ڪئين فوٽو ڪڍراجن ها.
دراصل هن مائيءَ مياڪو کان ٽي چار مهينا اڳ هڪ ٻي، نابي تاجيما (Nabi Tajima) نالي هڪ عورت گذاري وئي. ان جي عمر مياڪو کان به سٺ ستر ڏينهن وڌيڪ هئي. نابي تاجيما جپان جي اڄ ڏينهن تائين جي وڏي عمر واري عورت ٿي گذري آهي. هوءَ سئو ڏينهن گهٽ 118 سالن تائين هن دنيا ۾ رهي. تاجيما 4 آگسٽ 1900ع تي ڪيڪائي جيما نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي ڄائي ۽ اتي ئي 21 اپريل 2018ع تي وفات ڪيائين. سندس مڙس تومي نِشيءَ 1991ع ۾ 93 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. هن کي نو ٻار ٿيا. ست پُٽ ۽ ٻه ڌيئون. 2017ع ۾ وفات وقت هن جي ٻارن، ڏهٽاڻ، پوٽاڻ ۽ انهن جي اولاد جو تعداد 160 هو. هنزا (پاڪستان) جي ڪنهن وڏي عمر جي ماڻهوءَ کان جڏهن پڇبو آهي ته هن جي وڏي عمر جو ڇا راز آهي؟..... ته هنن مان اڪثر اهو ئي چوندا آهن ته لڳاتار ورزش ۽ کاڌي ۾ ڌنئورو کائڻ سندن وڏي عمر جو سبب آهي، پر جپان جي Kikaijima ٻيٽ جي هيءَ مائي تاجيما بنا ڪنهن رک رکاءُ جي پنهنجي وڏي عمر جو راز اهو ئي ٻڌائيندي رهي ته هوءَ تمام گهڻيون ننڊون ڪري ٿي ۽ سوادي کاڌو کائي ٿي.
چييو مياڪو جي وفات بعد هاڻ ڪاني تناڪا جپان ۾ وڏي عمر واري زندهه عورت آهي. ڪاني (Kane Tanaka) 2 جنوري 1903ع تي فڪو اوڪا صوبي جي هڪ ڳوٺ ”هگاشي ڪو“ ۾ ڄائي ۽ اتي ئي رهي ٿي. هن وقت هوءَ 117 سالن جي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد 2 جنوريءَ تي هن جو 118 هون سال شروع ٿيندو. سندس مڙس جو نالو هيديو تناڪا آهي.هن کي پنج ٻار آهن، جن مان هڪ هن نپايو آهي. هن مائيءَ لاءِ اهو به مشهور آهي ته هوءَ ستڙو ٻار هئي. يعني وقت کان ٻه مهينا اڳ ڄمي پئي هئي ۽ مرندي مرندي اهڙو بچي وئي، جو اڃا تائين جيئري آهي. هن مڙس سان گڏ ٻي وڏي لڙائيءَ وارن ڏينهن ۾ رٻ ۽ چانورن جي اٽي جون مانيون ۽ نوڊل (Udon Noodles) وڪڻي گذر سفر ڪيو. جنگ ۾ بمباريءَ دوران سندس مڙس ۽ هڪ پُٽ مري ويو. ڪاني تناڪا جڏهن 103 ورهين جي ٿي ته هن کي آنڊي جو ڪئنسر ٿي پيو. پر هوءَ ان مان به بچي وئي. 107 ورهين جي ٿيڻ تي هن جي پٽ هن بابت ڪتاب لکيو. جنهن جو “In Good & Bad Time, 107 Years Old” جي نالي سان انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ هن جي پُٽ هن جي زندگيءَ جو احوال ۽ وڏي ڄمار ماڻڻ بابت دليل بازي ڪئي آهي. 114 ورهين جو ٿيڻ تي فڪو اوڪا شهر جي مشهور ٽي وي چئنل KBC (ڪيوشو اساهي براڊ ڪاسٽنگ) وارن هن جو تفصيلي انٽرويو نشر ڪيو هو. 9 مارچ 2019ع تي گنيز ورلڊ رڪارڊس وارن تناڪا لاءِ اعلان ڪيو ته ”هاڻ هوءَ دنيا جي پوڙهي ترين زندهه عورت آهي“.
مئڊم تناڪا چيو ته ”مون کي پڪ آهي ته آئون اڃا به گهٽ ۾ گهٽ چار سال جيئري رهنديس ۽ 120 سال پورا ڪنديس“.
تناڪا کي ننڍي هوندي کان شاعريءَ ۽ ڪئليگرافيءَ جو شوق آهي، جنهن کي هوءَ اڄ به قائم رکندي اچي. هوءَ اڄ ڪلهه نرسنگ هوم ۾ رهي ٿي ۽ چئن پيرن واري واڪر ذريعي پاڻهي هلي ٿي.
هونءَ ڪيترن ملڪن ۾ پوڙهو ماڻهو عذاب ۾ ٿو رهي. اڄ جي مشغول ۽ جديد دور ۾ افسوس جو اولاد کي پنهنجن وڏن جو خيال رکڻ ۽ خدمت ڪرڻ جو نه وقت آهي نه احساس. ان خيال کان جپان اهو ملڪ آهي، جنهن جي هيڏو جديد ۽ امير هجڻ جي باوجود، هتي جو نوجوان طبقو پنهنجن وڏن جو خيال رکي ٿو. اڄ به جپان ۾ ماڻهو پراڻن رواجن رسمن جو خيال ڪن ٿا. يورپ پاسي ته اهڙو حال آهي، جو پوڙهي ماڻهوءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ نه هن جي اولاد کي وقت آهي ۽ نه پاڙي وارن کي. هر ڪو سڄو هفتو پورهئي ۽ نوڪريءَ ۾ مشغول رهي ٿو. ويڪ اينڊ تي، يعني ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل وارن ڏينهن تي ته زال مڙس گهمڻ هليا وڃن ٿا. هو اهو ئي چاهين ٿا ته سندن پوڙهو ماءُ پيءُ وڃي اولڊ هائوس ۾ رهي ته هنن جي جان ڇُٽي ۽ جوابداري ختم ٿئي. اهو ئي احساس آهي، جيڪو اسان جي ملڪ جي ماڻهوءَ کي پيريءَ ۾ يورپ يا آمريڪا ۾ رهڻ کان دل شڪستو ڪري ٿو. هڪ مقامي يورپي يا آمريڪا جو اصل رهاڪو ته هن ماحول کان ننڍي هوندي کان واقف آهي، پر اسان جو ماڻهو جڏهن ڏسي ٿو ته هن جو جوان اولاد، پُٽ يا ڌيءَ هن جي ڳالهه ٻُڌڻ يا هن وٽ اچي ويهڻ لاءِ تيار نه آهن، ته هن جون وايون بتال ٿيو وڃن ۽ سخت مايوسيءَ جو شڪار ٿيو وڃي.
اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي، آئون سئيڊن جي مالمو شهر ۾ هيس، جتي هڪ پاڪستانيءَ جي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهيس. مون کي هن وقت به ان پنجابي نوجوان ڊرائيور جو نالو ”شبير“ ياد آهي. ڪو ٽيهارو سالن جو ٿيندو. هن ٿڌا شوڪارا ڀري مون کي چيو: ”سائين! هينئر هڪ اهڙي سواري لاهي پيو اچان، جنهن منهنجيون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن، سوچيان پيو ته هن ملڪ (سئيڊن) ۾ رهان يا پنهنجي ملڪ هليو وڃان“.
منهنجي پُڇڻ تي هن ٻڌايو ته مالمو جي سينٽرل اسٽيشن وٽان هڪ پوڙهي مائي سندس ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي، جنهن کي ڀر واري شهر لُنڊ (Lund) ۾ پنهنجي پُٽ سان ملڻو هو. هن ٻڌايو ته هن کي پٽ ڏٺي ست مهينا ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ڏينهن کان هوءَ هن کي ساري رهي آهي، جيڪو هر سال فقط ڪرسمس ڊي تي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ وٽس ملڻ اچي ٿو ۽ ڪرسمس ڊي ۾ ته اڃان به 5 مهينا پيا آهن.
ڊرائيور ٻڌايو ته، ”هن پوڙهيءَ کي پٽ وٽ ڇڏي واپس مالمو موٽڻ جي پئي ڪيم ته سندس فون آيو ته، ”مون کي اچي کڻ“.
”آئون جلدي پيٽرول وجهائي سندس جاءِ تي پهتس ۽ کيس ٽئڪسيءَ ۾ ويهاريم. وڃڻ وقت جيترو خوش هئي، هينئر ان کان وڌيڪ غمگين هئي. چيومانس، ”هيڏو ڀاڙو ڀري پٽ وٽ آئينءَ، گهٽ ۾ گهٽ رات ته رهين ها“. وراڻيائين، ”هن کي مون سان ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو وقت ئي نه هو. چوڻ لڳو، تون وڃ، آئون ڊسمبر ۾ تو وٽ ايندس“. پوڙهيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي شبير کي سخت صدمو ٿيو هو. ٿوري دير جي خاموشيءَ بعد هن چيو: ”سر! آئون ته اهو سوچي رهيو آهيان ته ان کان ته بهتر پنهنجي ملڪ ۾ وڃي رهڻ کپي“.
منهنجي ڪنهن جواب نه ڏيڻ ۽ ماٺ ۾ رهڻ تي هن وري ڪڇيو: ”سائين! توهان جو ڇا خيال آهي؟ ڳوٺ ڳوٺ آهي. موٽي وڃجي؟“.
”تنهنجي مرضي، پر آئون اهو ئي چوندس ته خوش نصيب آهين جو هتي سئيڊن جھڙي فلاحي ملڪ ۾ رهيو پيو آهين ۽ روزگار کي لڳل آهين. آئون مڃان ٿو ته ههڙن ملڪن ۾ اولاد به نه ٿو پُڇي. اهو ئي حال اڄ ڪلهه پنهنجي ملڪ جو آهي. پوڙها مائٽ معمولي علاج لاءِ به دربدر آهن. ڪجهه خوش نصيب آهن، جن جو اولاد نيڪ صالح آهي ۽ وڏن جو خيال رکي ٿو، نه ته پاڻ وٽ توڙي ملائيشيا جھڙن ملڪن ۾ به اهو حال ٿي ويو آهي. سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ توڙي ڪئناڊا، نيوزيلينڊ جھڙن ملڪن ۾ وري به ميڊيڪل جون ته سهولتون آهن. اولاد نٿو پُڇي ته سرڪار طرفان پوڙهن جي خدمت لاءِ نوڪر، نرسون ۽ اولڊ هائوس ته آهن“.
سو اهي ٿيون ڳالهيون سوچجن ته هن نفسانفسيءَ واري دؤر ۾ جپان وري به بهتر آهي، جتي والدين توڙي اسڪول جا ٽيچر ننڍي هوندي ئي ٻارن کي وڏن جي عزت ڪرڻ سيکارين ٿا. جپان ۾ ته وڏن جي عزت ڪرڻ جو هڪ ڏينهن به ملهايو وڃي ٿو، جنهن تي سڄي جپان ۾ موڪل ٿئي ٿي. اهو ڏينهن ”ڪيرو نو هي“ (Keiro no Hi) سڏجي ٿو ۽ هر سال سيپٽمبر جي ٽئين سومر تي ملهايو وڃي ٿو.
جپان ۾ 1963ع کان وٺي هر ان جپانيءَ کي حڪومت طرفان ”ساڪي“ (شراب پيئڻ جو چانديءَ جو پيالو) ڏنو وڃي ٿو، جيڪو سئو سالن جي ڄمار کي پهچي ٿو. مزي جي ڳالهه اها ته ان سال يعني 1963ع ۾ سئو سال ڄمار تائين پهچڻ وارن جو تعداد 153 هو، پر هاڻ ان تعداد ۾ واڌارو اچڻ ڪري حڪومت خرچ گهٽائڻ لاءِ انهن کي فقط مبارڪ جو خط موڪلي ٿي. سال 2018ع ۾ سينچريءَ تائين پڄڻ وارن جو تعداد 35 هزارن کان به مٿي چڙهي ويو هو.

آسمان مان لٿل شهنشاهه جنگ هارائي ....

ڪڏهن ڪڏهن لکڻ ۾ مون کي پڙهندڙ به مدد ڪن ٿا، يا کڻي چئجي ته رهنمائي ڪن ٿا. هو رکي رکي مون کان ڪنهن اهڙي ڳالهه بابت سوال ڪن ٿا، جو منهنجي دل ان عنوان تي لکڻ لاءِ چاهي ٿي. مئي ۾ جپان جو نئون بادشاهه ٿيو ته مون کي ڪيترن ئي پڙهندڙن ان تي لکڻ لاءِ چيو. مهينو کن ته مون ان کي اهم نه سمجهيو. ملائيشيا وانگر جپان ۾ به منهنجو گهڻو رهڻ ۽ اچڻ وڃڻ رهيو آهي، پر جپان جي بادشاهن تي ڇا لکجي؟ هنن جون نه مغل بادشاهن يا برونائيءَ جي شهزادن واريون حرڪتون آهن، نه آفريڪا جي حاڪمن رابرٽ مغائبي، عيدي امين، سوازي لئنڊ جي بادشاهه مساوتيءَ يا سوڊان جي صدر عمر البشير جھڙا ڪم.
پر هاڻ ٻن ٽن مهينن گذرڻ بعد منهنجي دل جپان جي بادشاهه تي ڪجهه لکڻ چاهي ٿي، جو ننڍي هوندي جنهن بادشاهه جو گهڻو نالو منهنجي ڪنن تي پيو، اهو جپان جو بادشاهه هو. آئون ۽ منهنجا همعمر اديب شاعر تاج بلوچ، تاجل بيوس، يوسف شاهين، امداد حسيني وغيره جيڪي ڄاواسين ته هالا، پني عاقل، صوڀي ديري، نصرپور ۽ وسئين ملوڪ شاهه (ٽکڙ) وغيره ۾، پر اهي شهر تن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ نه پر برٽش انڊيا ۾ هئا، ان ڪري اسان جي برٿ سرٽيفڪيٽ تي برٽش انڊيا لکيل آهي. جيئن اسان جڏهن 1960ع ۾ مئٽرڪ ڪئي ته سنڌ ۾ سيڪنڊري بورد آف ايجوڪيشن اڃان نه ٺهيو هو، ان ڪري تاج، يوسف شاهين ۽ مون جھڙن کي مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان مليل آهي. جن ڏينهن ۾ اسان ڄاواسين انهن ڏينهن ۾ ٻي جنگ عظيم (World War Two) هلي رهي هئي. ان بعد سگهو ئي انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي ۽ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست جي حيثيت ۾ جنم ورتو.
اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو، يعني پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جيڏا ٿياسين، ته اسان ماڻھن جي واتان جرمن جپان جي شڪست ۽ انگريزن جي ڀڄي وڃڻ جون خبرون ٻڌيونسين ۽ اهي ڪيترن سالن تائين ”هاٽ ٽاپڪ“ هئا. خاص ڪري ٻي وڏي لڙائي، جنهن سڄي دنيا ۾ وڏي اٿل پُٿل ۽ تباهي آڻي ڇڏي هئي. جپان ۽ جرمنيءَ جھڙن هارايل ملڪن جي ته حالت خراب هئي، پر انگلستان، فرانس جھڙا ملڪ، جن کٽيو، اهي به چڱا خاصا ذليل ٿيا ۽ معاشي حالتن هنن کي ايترو ته ڪمزور ۽ مجبور ڪيو، جو هنن کي قبضي ۾ رکيل ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن کي آهستي آهستي ڪري ڇڏڻو پيو.
جيئن ماڻهو ضياءَ الحق ۽ الطاف حسين جون ڳالهيون ڪن ٿا، ته ههڙن طاقتورن جي قدرت ڪيئن تباهي آڻي ڇڏي، تيئن ماڻهو جپان، جرمنيءَ ويندي انگلينڊ، فرانس، اٽليءَ ۽ يورپ جي ماڻهن جي ڳالهه ڪندا هئا. اسان ننڍا هئاسين، ڪا ڳالهه هِتان جَهٽيندا هئاسين ته ڪا هُتان. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي، ته ڪا نه. پر هڪ ڳالهه جنهن مون کي سڀ کان گهڻو Fascinate ٿي ڪيو اها جپان جي بادشاهه هيرو هِتو جي هئي. جنهن لاءِ مون پنهنجي والد کان پنهنجي ڳوٺ جي دوستن سان ڪچهري ڪندي اڪثر اهو ٻڌو، سمجهيو ۽ ڌيان ۾ رهيو ته جپان جو بادشاهه وڏي طاقتور شيءِ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن کي جپان جا ماڻهو آسماني مخلوق ٿا سمجهن. هن جو ايڏو ادب ڪن ٿا ۽ خوف کائين ٿا، جو هو ٻاهر عوامَ ۾ نڪري ٿو اچي ته ماڻهو هن کي ڏسڻ بدران ڪنڌ کڻي هيٺ ٿا ڪن.
جپاني فوجي پنهنجي بادشاهه جي آشيرواد سان ويا ملڪن پٺيان ملڪ فتح ڪندا. ملايا ۽ سنگاپور تي طاقتور انگريزن جو قبضو ۽ انهن جي فوج هئي. انهن کي به موچڙا هڻي ڪڍي ڇڏيائون يا کين قيدي بڻائي انهن ملڪن تي قبضو ڪيائون ۽ مقامي ماڻهن تي بي پناهه ظلم ڪيائون. هنن کي پڪ هئي ته هنن جي ئي سوڀ ٿيندي - هو ئي ايشيا ۾ طاقتور آهن. هو برما جي سرحد تائين پهچي ويا هئا ۽ برما بعد سندن سامهون ننڍو کنڊ هو، جنهن ۾ اسان جو پاڪستان به اچي ويو ٿي. انگريز جپانين اڳيان اهڙا بيوس نظر اچي رهيا هئا، جو ننڍي کنڊ جا ته ڇا ايران، افغانستان جا ماڻهو به اهو سوچي رهيا هئا، ته اسان تي قبضو ڪرڻ لاءِ اجهو جپان آيو ڪي آيو. ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ ۾ پرل هاربر ۾ بيٺل آمريڪي جھازن تي جپاني هوائي جھازن اهڙو حملو ڪيو، جو جھازن سان گڏ بندرگاهه به تباهه ٿي ويو. جپان سڄي دنيا ۾ خوف پکيڙي ڇڏيو هو ۽ سڀني ٿي چيو ته ڪير آهي جيڪو جپان کي موچڙو هڻي سگهي؟ پر پوءِ خبر پئي ته دنيا ۾ ائٽم بم جھڙي به شيءِ آهي، جيڪا آمريڪين وٽ هئي. آخرڪار آمريڪين اها استعمال ڪئي. جپان جي ٻن وڏن شھرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي اهي بم ڪيرائڻ سان جپان جون وايون بتال ٿي ويون. بمن جي گرمائش ۽ ائٽمي شعائن (Radiation) کان ريل جا پٽا ۽ ڏامر جا رستا به وٽڙي ويا. ماڻهن جا هڏا هڪ ٻئي سان ڄڻ ويلڊ ٿي ويا، لکين ماڻهو مري ويا يا زخمي ٿي پيا، جيڪي بچيا انهن تي ۽ انهن جي اولاد تي عجيب بيمارين جا اثر رهيا. ڪيترن اهڙن بيمارن ۽ معذورن جون ڪهاڻيون آئون پنهنجن جپان جي شروعاتي سفرنامن ۾ ڏئي چڪو آهيان. بھرحال جپاني فوجون توڙي عوام، ملڪ جي بادشاهه سميت (جيڪي هڪ ڏينهن اڳ تائين دنيا کي ڊيڄاري رهيا هئا) هنن بمن جي تباهڪاريءَ مان اهڙو هراسجي ويا، جو هنن يڪدم آڻ مڃي. ان جو اعلان جپان جي بادشاهه ريڊيو ذريعي ڪيو ۽ پنهنجين فوجن کي هر ملڪ مان نڪرڻ لاءِ چيو. سج ديوتا جو اولاد، هي بادشاهه، جيڪو بادشاهه (King) نه، پر شهنشاهه يعني (Emperor) ٿو سڏيو وڃي، ان جو سندس ماڻهن پهريون دفعو آواز ٻڌو.
اڄ بزنس مين هجڻ ڪري جاپانين جي ڳالهائڻ ۾ نرمي آهي. انهن جو ٻي جنگ عظيم وارو روپ ڏسو ته توهان کي حيرت ٿيندي. منهنجو ته اتفاق سان انهن ملڪن ۾ رهڻ ٿيو، جن تي جپاني قبضو ڪري چڪا هئا. يعني ڪوريا، ملايا ۽ سنگاپور وغيره. سو شروع وارن سالن ۾ اهي پوڙها ملئي، چيني يا (ڪورين جن ٻي جنگ عظيم دوران جپانين جا ظلم سَٺا هئا) جون ڏک ڀريون ڪهاڻيون عام هيون. جنگ دوران جپانين مڪاني ماڻهن کي اهي ئي گشا هنيان پئي ته اسان توهان کي هڪ غير ايشيائي قوم (انگريزن) جي غلاميءَ مان ڪڍڻ آيا آهيون. پر سنگاپور ۽ ملايا وغيره تي قبضو ڪرڻ بعد ملڪ جو الهه تلهه لُٽي جپان موڪليائون ۽ ماڻهن کي غلامن وانگر رکيائون. ان جو ننڍڙو نمونو توهان کي فلم ”برج آن دي رور ڪوائيءَ“ مان ئي پئجي سگهي ٿو، جنهن پُل کي ٺاهڻ لاءِ جپاني نه فقط انگريز قيدين کي غلامن طور استعمال ڪرڻ لڳا، پر مڪاني ملئي توڙي چينين کي پڪڙي ٿائيلنڊ وٺي پئي ويا. جتي هنن کي ماري، ڪُٽي پورهيو ڪرايو پئي ويو. کائڻ لاءِ بنهه ذرو ڏنو پئي ويو ۽ بيمار ٿيڻ جي حالت ۾ هنن کي شوٽ پئي ڪيو ويو. ملاڪا ۾ جتي ڏهه سال رهي نوڪري ڪيم، پاڙي ۾ ڪيترائي ملئي مرد توڙي عورتون رهيون پئي، جيڪي ان ظلم مان بچي موٽيون هيون. مان ڪجهه جو درد ڀريو احوال مون شروع جي ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي سفرنامن ۾ لکيو آهي.
اهڙيءَ طرح جپان وارا برما ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي به ڏٽا ڏيڻ لڳا ته اسان توهان کي انگريزن کان آزادي وٺي ٿا ڏيون، ان ڪري توهان اسان جپانين جو ساٿ ڏيو ۽ انگريزن خلاف بغاوت ڪريو. اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن جپانين کي به سمجهيو پئي ته انگريزن کي به سڃاتو پئي، جيڪي اسان جي ملڪ جا بنگالي، مرهٺا، پٺاڻ ۽ پنجابي سپاهي جپاني فوجن سان مقابلي لاءِ هانگ ڪانگ، ملايا، سنگاپور ۾ مارائي رهيا هئا ۽ اسان کي اهو آسرو ڏئي رهيا هئا ته مڙس ٿي وڙهو ته سوڀ اسان انگريزن جي ٿئي ته توهان جي ننڍي کنڊ کي خودمختياري ڏينداسين. پر ائين جلد نه ٿيو. ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ انگريزن ننڍي کنڊ کي آزادي ڏني، سا به ٻن سالن بعد ۽ سو به ان ڪري، جو ڏٺائون ته ننڍي کنڊ جا ماڻهو سياسي طرح وڌيڪ سجاڳ ٿي ويا آهن. هنن جي هاڻ شرافت سان پچر نه ڇڏبي ته هو اسان کي ذليل ڪري ڀڄائيندا. هوڏانهن ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن کي ڏٽا ڏئي ٻيا به ڏهه سال کن ڪڍي ويا.
آمريڪين وٽ ائٽم بم ٺاهڻ جي نه فقط ٽيڪنالاجي هئي، پر هنن ٺاهي به ورتا هئا، جنهن جي جپانين کي ڄاڻ نه هئي ۽ هو بم جي تباهڪاريءَ مان هڪ دفعو وري حيرتزده ٿي ويا، جيئن سئو سال کن اڳ 1854ع ۾ هو آمريڪا کان آيل پهريون دفعو لوهي جنگي جھاز انجڻ تي هلندو ڏسي ٿيا هئا. جپان وارن ڪنهن به ڌارئي کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ نه ٿي ڏنو. هنن کي فخر هو ته هنن جون سوين ٻيڙيون چوڌاري پھري تي آهن، جن ۾ تير ڪمانن سان سوار سپاهي حملو ڪندڙن کي اصل ڊاهي رکندا. پوءِ آمريڪا جو ڪموڊور مئٿيو پيري ڪَل تي هلندڙ لوهي جھاز (جنهن تي ڪئين توبون لڳل هيون ۽ بندوقن سان ان تي فوجي موجود هئا) زوريءَ خليج ٽوڪيو ۾ وٺي، هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو. جپاني هيڏي وڏي جهاز ۽ ان جي انجڻ مان ايندڙ آواز ٻُڌي ڊڄي ويا ته هيءَ ڪهڙي بلا آهي.
اڄ جپان هر شيءِ ٺاهڻ جي ڪري مشهور آهي پر ان وقت، يعني ميجي دؤر کان اڳ، جپان ۾ انڊسٽري يا فئڪٽري نه هئي. جپاني، انجڻ واري جھاز جي ڌڌڪي ۽ توبن جي ٺڪائن کان اهڙو ڊڄي ويا جو چپ ٿي ويا ۽ آمريڪن ڪموڊور کين چيو ته هي جو توهان پنهنجي ملڪ ۾ ٻين جو اچڻ بند ڪيو آهي، اهو قانون اسان سان لاڳو نه ٿيندو. اسان کي جڏهن وڻندو تڏهن اينداسين. جپاني تير ڪمانن وارا سڀ هٿ ادب جا ٻڌي بيهي رهيا. چوندا آهن ته ”موچڙو ڇٽيهه لکڻو“ ٿيندو آهي. ان بعد وري جپانين جو مٿو خراب ٿيو. ٻي جنگ عظيم ۾ جپانين کي جيئن پئي وڻيو تيئن پئي ظلم ڪيائون ۽ ملڪن تي قبضو ڪيائون. هو ٻين سان ته کونئس ڪندا رهيا، پر آمريڪا جي جھازن تي به پرل هاربر ۾ حملو ڪيائون. جپانين کي پڪ هئي ته هنن جو ڪو به نالو نه ٿو وٺي سگهي. انگريز هڪ طرف جرمنن جي دٻاءَ هيٺ هئا ته ٻي پاسي جپانين جي، پر آخرڪار انگريز اٽڪل ڪري جرمنن تي حاوي ٿي ويا. جرمنيءَ وارن 8 مئي 1945ع تي آڻ مڃي ۽ انگريزن کي هڪ طرف کان سُڪون ٿيو ۽ هاڻ هنن توڙي آمريڪا، چين ۽ روس وارن جپان کي سوڙهو ڪرڻ شروع ڪيو.
26 جولاءِ 1945ع تي برطانيا ۽ آمريڪا وارن جپان کي غير مشروط آڻ مڃڻ لاءِ چيو. جپانين ان چتاءُ يا الٽيميٽم جي پرواهه نه ڪندي جنگ جاري رکي. پوءِ نيٺ آمريڪا وارن 6 آگسٽ 1945ع تي پهرين جپان جي شهر هيرو شيما تي ائٽم بم ڪيرايو. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا جو صدر هئري ٽرومئن هو. هن هڪ بم بعد جپانين کي وارننگ ڏني ته هو جنگ بند ڪن ۽ آڻ مڃين نه ته ٻي صورت ۾ آسمان مان ان قسم جي مصيبتن جو توهان جي ٻين شهرن ۾ به وسڪارو ٿيندو. جپانين اڃا به ان کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو.
ٽن ڏينهن بعد آمريڪا وارن 9 آگسٽ 1945ع تي هڪ ٻيو ائٽم بم جپان جي هڪ ٻئي شهر ناگا ساڪيءَ مٿان اُڇلايو. چون ٿا ته هنن ٻن بمن وگهي ٻه لک کان مٿي ماڻهو مري ويا، جن ۾ گهڻا ئي شھري ماڻهن جي هئي. انهن مري ويلن ۾ اڌ کان وڌيڪ ته پهرين ڏينهن ئي مري ويا، باقي ٻن کان چئن مهينن اندر مئا. جيڪي بچيا انهن تي به بم جي گرميءَ ۽ ائٽمي لھرن (Radiation) جو اهڙو اثر ٿيو، جو هو سڄي ڄمار چيچلائي چيچلائي مئا. انهن مان ڪجهه ماڻهن جو احوال آئون شروع جي جپان وارن سفرنامن ۾ ڏيندو پيو اچان، جڏهن اسان جو جھاز هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ ويو ٿي.
ٻيو بم لڳڻ تي جپان کي هوش آيو ته اسان جا ماڻهو ۽ ملڪ تباهه ٿو ٿئي. هنن يڪدم آڻ مڃي. ناگا ساڪيءَ تي بم ڪرڻ جي ڇهن ڏينهن بعد 15 آگسٽ 1945ع تي جپان زباني طور ۽ 2 سيپٽمبر تي لکت ۾ آڻ مڃي، جنهن جو اعلان جپان جي بادشاهه هيرو هِتو ريڊيو ذريعي ڪيو ۽ هيءَ جنگ جنهن ۾ دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڦاٿل هئا ۽ 1939ع کان هلي رهي هئي، سا سيپٽمبر 1945ع ۾ ختم ٿي.
جپان جي ڪجهه ظالم فوجين تي ڪيس هلايا ويا. جپان کي هاڻ مليٽري ٺاهڻ کان منع ڪئي وئي، شهنشاهه هيرو هتو جا بي پناهه اختيار رد ڪري، هن کي فقط نالي ماتر جپاني عوام جو شهنشاهه قائم رهڻ ڏنو ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جپانين مليٽريءَ واري جنگ ته ضرور هارائي، پر هاڻ فوج ٺاهڻ بدران هنن مشينون ۽ اليڪٽرڪ جا سامان وغيره ٺاهي پاڻ کي معاشي طرح فاتح بڻائي ڇڏيو. اڄ هو دنيا جي خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن مان آهن. امن امان، صفائي سٿرائي، تعليم ۽ صحت جي حوالي کان جپان دنيا جي ٽاپ ملڪن مان آهي. زندگيءَ جي بنيادي سهولتن ۽ پريس جي آزاديءَ سبب جپان بهترين ملڪ آهي.

جپان جو گُلِ دائودي ۽ دنيا جا ٻيا تخت .....

جپان جو شهنشاهه هيرو هِتو (Hirohito) اهو بادشاهه آهي، جنهن جي حڪومت دوران ٻي وڏي لڙائي لڳي، ۽ جنهن بابت اسان ننڍي هوندي کان ٻڌڻ شروع ڪيو. وڏا ٿي اسڪول، ڪاليج ۽ مئرين اڪيڊميءَ ۾ آياسين، ته اتي به خبرن ۾، ٻي جنگِ عظيم جي ڪهاڻين ۾ يا ڪُوئز مقابلن ۾ ”هيرو هِتو“ جو نالو ٻڌندا رهياسين. تعليم ختم ڪري جھاز هلائڻ شروع ڪياسين. 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن کان مون کي ڏور اوڀر واري رُوٽَ تي رکيو ويو. اسان جو جھاز سامان لاهڻ، چاڙهڻ ۽ مرمت لاءِ، جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ ايندو هيو. جپان پهچي خبر پئي ته جپان جو بادشاهه اڃا هيرو هِتو ئي آهي ۽ منهنجي آخري سفر تائين، جپان جو بادشاهه هيرو هِتو ئي رهيو. سامونڊي نوڪري ڇڏي جڏهن ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ آيس، ته اتي 1989ع ۾ شهنشاهه هيرو هِتو جي گذاري وڃڻ جي خبر پئي. هو وڏو عرصو پنهنجي ملڪ جو بادشاهه ٿي رهيو. ائين ته ٿائلينڊ جھاز کي وٺي اچڻ وارن ڏينهن ۾، توڙي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ دوران بئنڪاڪ، هاديه، پٽاني ۽ ٿائلينڊ جي ٻين شهرن ۾ سرڪاري ميٽنگن يا ڪانفرنسن ۾ گهمڻ لاءِ وڃبو هو، ته ٿائلينڊ جي ساڳي بادشاهه ”فومِي فون ادونياديت“ (Bhumibol Adulyadej) جو ٻڌبو هو، جنهن هاڻ 2016ع ۾ وفات ڪئي. هن ستر سال حڪومت ڪئي. هو هِيرو هِتو کان 27 سال ننڍو هو ۽ 1946ع ۾ تخت تي ويٺو هو. جپان جو شهنشاهه هيرو هِتو مرڻ بعد دنيا جو وڏو عرصو رهڻ وارو بادشاهه مڃيو ويو ٿي. اڄ ڪلهه انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ سڀني کان ڪراڙي راڄ ڪرڻ واري آهي. هوءَ 1952ع ۾ تخت تي ويٺي هئي. هينئر هن کي 68 سال ٿي ويا آهن. هوءَ جي ٽي سال ٻيا به ڪڍي وئي ته دنيا ۾ وڏو عرصو حڪومت ڪرڻ وارن بادشاهن/راڻين ۾ هوءَ ٽاپ تي ايندي، پر مون کي نٿو لڳي، ڇو جو هوءَ ڪافي ڏٻري ٿي وئي آهي ۽ هلڻ ۾ چيچاٽ ٿي ڪري. هوءَ 1926ع ۾ ڄائي هئي ۽ هن وقت 94 سالن جي آهي. اسان کائنس 20 سال کن ننڍا آهيون، ته به پُورا لڳا پيا آهيون، بلڪه آصف زرداريءَ ۽ نواز شريف جھڙا، جيڪي راڻي ايلز بيٿ کان ٽيهارو سال ننڍا آهن، اهي ئي لٺ تي يا ٻين جي مدد سان ٿا هلن. آصف زرداري 1955ع ۾ ڄائو هو ۽ نواز شريف 1949ع ۾. منهنجا دوست چوندا آهن ته انگريز وڏي عمر ماڻين ٿا - خاص ڪري عورتون. اها به ڳالهه صحيح ٿي سگهي ٿي، جو ايلز بيٿ جو مڙس شهزادو فلپ، ڊيوڪ آف ايڊنبرو 100 سالن جو ٿيڻ بعد، اڃا به جيئرو آهي. سو لڳي ٿو ته هيءَ ان کان به وڏي عمر جي ٿي مرندي .... وڌيڪ رَب کي سُڌ.
جپان جو شهنشاهه هيرو هِتو شهنشاهه شووا (Showa) جي نالي سان به مشهور آهي. جپان سان دلچسپي رکندڙ پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هتي اهو لکندو هلان، ته جپان جي شهنشاهن جا اڪثر ٻه نالا ٿين ٿا. هڪ اهو نالو، جيڪو ڄمڻ وقت هنن جا ماءُ پيءُ رکن ٿا. جيئن ”هيرو هِتو“ نالو آهي. پوءِ جڏهن هو بادشاهه ٿئي ٿو ته شاهي خاندان جا ماڻهو ۽ حڪومت جا اعليٰ ڪارندا گڏجي ان بادشاهه جي حڪومتي دؤر جو نالو تجويز ڪن ٿا. جيئن هيرو هِتو شهنشاهه جي بادشاهي دؤر (Era) جو نالو ”شووا دور“ رکيو ويو. مرڻ بعد يا بادشاهت وارن ڏينهن ۾ ئي هو ان نالي سان پڻ سڏيو وڃڻ لڳو. سو شهنشاهه هيرو هِتو پنهنجي ان نالي کان علاوه ”شهنشاهه شووا“ به سڏجي ٿو.
هيرو هِتو جو ڏاڏو شهنشاهه متسو هِتو (جيڪو 1852ع ۾ ڄائو ۽ 1867ع کان 1912ع تائين بادشاهه رهيو) جي دؤر جو نالو ”ميئجي دور“ (Meiji Era) تجويز ڪيو ويو هو. ان ڪري شهنشاهه متسوهِتو کي عام طرح سڀ ”شهنشاه ميئجي“ سڏين ٿا. هن شهنشاهه جي ڏينهن ۾ جپان وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نظام مان نڪري Industrialized ٿيو. ميئجي دؤر جپان جو اهم دؤر سمجهيو وڃي ٿو. جنهن بابت اڳتي هلي ڪجهه احوال لکندس.
اهڙيءَ طرح هاڻ شهنشاهه نارو هِتو، جيڪو شهنشاهه هيرو هِتو جو پوٽو آهي ۽ جپان جي گلِ دائودي (Chrysanthemum Throne) تخت تي پهرين مئي 2019ع تي ويٺو ، ان جي دؤر جو نالو ”رائي وا“ (Reiwa Era) تجويز ڪيو ويو. ان ڪري شهنشاهه نارو هِتو ”شهنشاهه رائي وا“ پڻ سڏيو ويندو رهيو. هونءَ جپاني لفظ “Reiwa” جي معنيٰ آهي ”امن، سڪون جي ڳولا“ (Pursuit of Harmony).
مٿي جپان جي گلِ دائودي تخت جو ذڪر ڪيو اٿم. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ان بابت ڪجهه لکڻ ضروري ٿو سمجهان. هي تخت دنيا جي مشهور تاريخي تختن ۾ آڳاٽو آهي. جپاني بادشاهت (Monarchy) سڀني کان پراڻي آهي. ائين ته ڏٺو وڃي ته، مصر جي فرعون يا ايران جي دارا جھڙن بادشاهن جي بادشاهت ان کان به آڳاٽي آهي، پر اها اڄ قائم نه آهي. جپان جي بادشاهت جو بنياد 660 ق م ۾ شهنشاهه جيموءَ رکيو ۽ هو جپان جو پهريون شهنشاهه ٿيو. اهو سلسلو لڳاتار اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي ۽ شهنشاهه نارُو هِتو ان لڙيءَ جو 126 هون موتي، يعني شهنشاهه آهي، جيڪو جپان جي گلِ دائودي تخت تي ويٺو آهي. جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي جپاني شهنشاهه جا اهي پاور نه رهيا آهن. ٻي جنگِ عظيم کانپوءِ، هاڻ جپان جو آئين ملڪ جي شهنشاهه کي فقط رياست ۽ عوام جي ٻڌيءَ جي علامت ٿو سمجهي.
“The emperor is the symbol of the state and the unity of the people.”
جپان جي شهنشاهن جي ويهڻ جي گادي تڪا مِيڪُورا (Takamikura) جيڪا ”تخت گلِ دائودي“ ۽ انگريزيءَ ۾ “Chrysanthemum Throne” ٿي سڏجي، دراصل ڪيوٽو جي شاهي محل ۾ رکيل آهي، جيڪو شهر وڏو عرصو جپان جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. هاڻي ٽوڪيو جپان جو گاديءَ جو هنڌ آهي. دنيا جي تخت گاهن ۾ هي سڀ کان پراڻو تخت اڄ ڪلهه فقط ان وقت استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ڪنهن نئين بادشاهه جي تخت نشينيءَ جي رسم ادا ڪئي وڃي ٿي. جيئن هينئر پهرين مئي 2019ع تي جپان جي نئين شهنشاهه ناروهِتو کي ان تخت تي وهاري گادي نشين ٿيڻ جي رسم ملهائي وئي هئي. ان بعد هو ٽوڪيو واري شاهي محل ۾ اچي رهيو هو. شهنشاهه جي هن تخت سان گڏ، راڻي صاحبا جي ويهڻ لاءِ پڻ ڪرسي ”مچودائي“ (Micho Dai) شامل آهي.
دنيا جا تخت مختلف نالن سان سڏجن ٿا، جپان ۾ گلِ دائودي طاقت ۽ سونهن جي علامت سمجهيو وڃي ٿو ۽ جپانين کي هن گل تي خاص ڪري پيلي رنگ جي گل دائوديءَ تي ناز آهي، جنهن جون سورهن پتيون (Petals) شهنشاهه جي مهر (Seal) ۾ آهن. اها 16 پتين واري نشاني توهان کي جپان جي پاسپورت تي به نظر ايندي، جيتوڻيڪ يورپ جي ڪيترن ملڪن فرانس، بيلجيم، اٽلي، اسپين، پولينڊ، هنگري، ڪروشيا وغيره ۾ گلِ دائودي (Chryranthemum Flower) موت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو ۽ جنازي ۽ قبرن مٿان اهو گل رکيو وڃي ٿو. پرڏور اوڀر پاسي ائين ناهي. اتي فقط سفيد رنگ جو گلِ دائودي، جپان، چين ۽ ڪوريا ۾ بدحالي، غم ۽ برباديءَ جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي باقي ملڪن ۾ گلِ دائودي، چاهي سفيد رنگ جو هجي يا ڪنهن ٻئي جو، اهو ”ايمانداريءَ“ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. هاڻ ته زرعي سائنس ايڏي ترقي ڪئي آهي، جو گلِ دائوديءَ جون ڪيتريون ئي جنسون نڪري پيون آهن. ان تان مون کي ياد آيو ته هن سال اسرائيل گلِ دائوديءَ جي هڪ نئين جنس ايجاد ڪئي، جيڪا سائيز ۾ ننڍي آهي، پر ان ۾ جلد گل اچي ٿو، جنهن جو نالو ”نريندرا مودي“ رکيو آهي. هنن اهو گل انڊيا جي وزيراعظم جي نالي ڪري، کيس مان ڏنو آهي. هي پهريون دفعو آهي، جو انڊيا جو سربراهه يهودي رياست اسرائيل جي دؤري لاءِ آيو آهي.
هڪ تخت جنهن کان اسان جا ماڻهو، يعني ننڍي کنڊ جا ماڻهو ڀليءَ ڀت واقف هوندا، اهو آهي ”تختِ طائوس“، جنهن کي انگريز “Peacock throne” سڏين ٿا. هيرن، جواهرن ۽ قيمتي پٿرن سان مڙهيل هي تختِ طائوس مغل بادشاهن جو تخت گاهه هو، جيڪو سترهين صديءَ ۾ (1635ع ۾) شاهجهان بادشاهه ٺهرايو ۽ دهليءَ جي لال قلعي جي ديوانِ خاص ۾ رکيو ويو. سئو کن سالن بعد 1739ع ۾ جڏهن ايران جي شهنشاهه نادر شاهه دهليءَ تي حملو ڪيو ته واپسيءَ تي هو ٻي ڦرلٽ جي سامان سان گڏ مغلن جو هي تختِ طائوس به کڻائي ويو. ان بعد ان جھڙو هڪ ٻيو تخت رکيو ويو، جيڪو 1857ع واري بلوي تائين اتي رهيو.
1747ع ۾ جڏهن نادر شاهه کي سندس ئي آفيسرن قتل ڪيو، ته هي تخت غائب هو. لڳي ٿو جنهن کي وجهه لڳو، اُن هِن مان قيمتي هيرا ۽ پٿر ڪڍي تين وال ڪري ڇڏيا. ڪي چون ٿا هن تخت کي، يا ان مان نڪتل قيمتي هيرن کي سلطنتِ عثمانيه جي سلطان ڏي ترڪيءَ موڪليو ويو. ڪي اهو به چون ٿا ته ايران جي حاڪمن جيڪو تختِ خورشيد يعني “Sun Throne” ٺاهيو، ان ۾ ڪجهه حصا تختِ طائوس جا به لڳايا ويا. تختِ خورشيد اوڻهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ شهنشاهه فتح علي شاهه قاجار پنهنجي دورِ حڪومت (1797ع کان 1834ع) ۾ ٺھرايو.
ائين ته حضرت سليمان جو ”تختِ سليمان“ به مشهور آهي، جنهن جو ذڪر مسلمانن، عيسائين ۽ يهودين جي مذهبي ڪتابن ۾ اچي ٿو، پر اهو اڄ موجود نه آهي.
سئيڊن جي بادشاهه جو روپو تخت (چانديءَ جو تخت) جيڪو سئيڊش ٻوليءَ ۾ “Silvertronen” سڏجي ٿو، اهو پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. هي تخت اسٽاڪ هوم محل ۾ رکيل آهي، جيڪو 1650ع ۾ راڻي ڪرسٽينا جي تاج پوشيءَ وقت ٺاهيو ويو هو. اهو تخت آخري دفعو 1975ع ۾ استعمال ٿيو هو.
جپان جي تختِ گل دائوديءَ وانگر چين جو ”ڊرئگن تخت“ به ڪافي آڳاٽو آهي، جيڪو بيجنگ ۾ رکيل آهي. هن تي 221 ق م کان چين جي “Qin” گهراڻي جي حاڪمن کان وٺي، لڳاتار هڪ ٻئي پويان “Qinq” گهراڻي جي آخري بادشاهه پوئي (Puyi) تائين (يعني 1912ع تائين) چين جا بادشاهه ويٺا. چين جي هن آخري شهنشاهه پوئيءَ جي درد ڀري ڪهاڻيءَ تي ڪيترائي ناول ۽ فلمون ٺهيل آهن. خاص ڪري ڪولمبيا پڪچرز جي ٺهيل فلم “The Last Emperor” ڏسڻ وٽان آهي. اها فلم انگريزي، چيني ۽ جپاني، ٽنهي ٻولين ۾ آهي.

جپان جا شهنشاهه ۽ سندن ڪنيزون رکڻ جو شوق ....

پاڻ جپان جي 124 هين بادشاهه هيرو هِتو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪو شھنشاهه شووا (Showa) به سڏجي ٿو. هو 1901ع ۾ ٽوڪيو جي آئوياما محل ۾ ڄائو، جن ڏينهن ۾ سندس ڏاڏو شهنشاهه ميئجي (متسوهِتو) جپان جو 122 هون شهنشاهه هو ۽ سندس پيءُ شهنشاهه تائشو (يوشي هِتو) ولي عهد شهزادو هو. شهنشاهه ميئجيءَ کان پوءِ شهنشاهه تائشو جپان جو 123 هون شهنشاهه ٿيو، جنهن جي وفات تي شهنشاهه هيرو هِتو 1926ع کان 1989ع (وفات) تائين جپان جو 124 هون بادشاهه رهيو. هيرو هِتو کي ست ٻار ٿيا. ٻه پُٽ پنج ڌيئرون. سندس وفات بعد سندس چئن ڌيئن بعد وڏو پٽ اَڪِيهِتو جپان جو 125 هون شهنشاهه ٿيو.
هيرو هِتو ڇهن سالن جو ٿيو ته هن کي جپان جي خاص اسڪول گاڪو شوئن (Gakushuin) ۾ داخل ڪيو ويو هو، جيڪو ان وقت شاهي خاندان جي ٻارن جي تعليم لاءِ مقرر هو. ”گاڪو شوئِن“ جيڪو “Peers School” ۽ “Gakushujo” به سڏجي ٿو، 1847ع ۾ جپان جي 120 هين شهنشاهه ننڪو (ايا هتو) ڪيوٽو ۾ ٺهرايو. پاڻ 1817ع کان 1846ع (وفات) تائين شهنشاهه رهيو. هي اسڪول در اصل جپان جي شاهي خاندان جي ٻارن لاءِ ٺهرايو ويو، جتي ڪي جي ۽ نرسريءَ کان هاءِ اسڪول ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم جو بندوبست رکيو ويو. هن اسڪول ۾ عوام جي ڪجهه اهم ماڻهن جي ٻارن کي به داخلا ڏني پئي وئي، پر فقط پرائمري سطح تائين. هي اسڪول سمجهو ته ائين هو، جيئن برٽش راڄ ۾ لاهور ۾ ايڇيسن ڪاليج هئو، جتي انگريز راڄ تائين فقط انگريزن ۽ ڪجهه خاص نوابن ۽ راجائن جا ٻار داخلا وٺي ٿي سگهيا. 1877ع ۾ هي اسڪول ڪيوٽو کان ٽوڪيو شفٽ ڪيو ويو، جنهن جي ڀتين تي شهنشاهه ننڪو جا هي چار قول اُڪريل آهن.

1. Walk in the paths trodden by the feet of the great sages.
2. Revere the righteous canons of the empire.
3. He that has not learned the sacred doctrines, how can he govern himself?
4. He that is ignorant of the classics, how can he regulate his own conduct?
1947ع ۾، ٻي جنگِ عظيم هارائڻ بعد آمريڪا جي چوڻ تي هن اسڪول ۾ فقط شاهي خاندانن جي ٻارن کي داخلا ڏيڻ بدران عام ٻارن کي به داخلا ملڻ لڳي ۽ هي اسڪول جپان جي وزارت تعليم حوالي ڪيو ويو، نه ته اهو شاهي خاندان جي گهرو ايجنسيءَ هلايو پئي.
هن اسڪول مان شهنشاهه هيرو هِتو کان علاوه هن جي راڻي صاحبه نگاڪو (Naisho)، هيرو هِتو جي پُٽ 125 هين شهنشاهه اڪِيهِتو، پوٽي (هاڻوڪي 126 هين شهنشاهه) نارُو هِتو پڻ تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه انهن جون ڀيڻون، ڀائر، سئوٽ، ماسات هِن اسڪول مان پڙهيا. ڪوريا جا به ڪجهه شهزادا هن اسڪول مان پڙهيا. پرائمري تعليم تائين پڙهڻ وارن عام ٻارن مان هڪ اسان جو دلپسند جپاني ليکڪ يوڪيو مشيما به هو، جيڪو 1925ع ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ جپاني حڪومت ۾ هڪ سرڪاري وڏو آفيسر هو ۽ سندس نانِي، جنهن کيس نپايو، هڪ اهم تعليمي اداري جي پرنسپال هئي ۽ ان کان علاوه سندس نسل ڪنهن نواب خاندان سان به مليو پئي. شايد اهو ئي سبب هجي جو يوڪيو هڪ عام ٻار ٿي ڪري به هن اسڪول ۾ پڙهيو. هو ڇهن سالن جو هو ته هن اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ٻارهن ورهين جي ڄمار تائين شاهي خاندان جي ٻارن سان پڙهيو. سندس هڪ ناول “Spring Snow” هن اسڪول جي پس منظر ۾ آهي، جنهن ۾ هِن ناول جا ٻه ڪردار ”ڪِيو اَڪي“ ۽ ”شيگي ڪوني“ هن اسڪول جا ئي شاگرد آهن.
1912ع ۾ هيرو هِتو جي ڏاڏي شهنشاهه ميئجيءَ جي وفات تي هيرو هِتو جو والد يوشي هِتو تخت نشين ٿيو ۽ پاڻ (هيرو هِتو) ولي عهد مقرر ٿيو. ان ئي سال هن کي نيويءَ ۾ به ڀرتي ڪيو ويو. 1926ع ۾ هو شهنشاهه ٿيو ۽ شهنشاهه شووا سڏجڻ لڳو. 1924ع ۾ سندس شادي خاندان جي هڪ ڇوڪري ناگاڪو ڪونيءَ سان ٿي، جيڪا عمر ۾ کانئس ٻه سال ننڍي هئي. يعني سندس ڄم جو سال 1903ع هو. شاديءَ کان ٻه سال پوءِ هيرو هِتو شهنشاهه ٿيو هو. هيرو هِتو ۽ ناگاڪو جو مڱڻو 1919ع ۾ ٿيو جڏهن ناگاڪو سورهن سالن جي هئي. جپان جي ان وقت جي رواج مطابق اها شادي هڪ قسم جي “Arranged” شادي چئي سگهجي ٿي. هيرو هِتو کي پنهنجي زال چونڊڻ لاءِ ايتري سا مهلت ڏني وئي ته خاندان جي هڪ چانهه پاڻيءَ جي دعوت ۾ آيل ڇوڪرين مان ڪنهن کي زال چونڊڻ لاءِ، هن کي پردي پويان لڪي، ڇوڪرين کي ڏسڻ لاءِ چيو ويو. هيرو هِتو ناگاڪو جي چونڊ ڪئي. ائين ته ناگاڪو به ساڳي شاهي اسڪول گاڪو شوئِن مان پڙهي، پر اتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا الڳ سيڪشن هئا. مڱڻي بعد هن کي اسڪول مان ڪڍي راڻي ٿي رهڻ لاءِ ڇهن سالن جو ٽريننگ پروگرام ڪرايو ويو.
هيرو هِتو جڏهن ولي عهد (Crown Prince) ٿيو ته سندس زال شهزادي ناگاڪو “Crown Princess” سڏجڻ لڳي. ان بعد 1926ع ۾ هيرو هِتو تخت تي ويٺو ۽ “Emperor” يعني ”شهنشاهه“ سڏجڻ لڳو، ته سندس زال ”راڻي“ (Empress Nagako) سڏجڻ لڳي.
هيرو هِتو شهنشاهه ٿيڻ تي وڌيڪ ڪنيزون (Concubines) رکڻ بدران اڳوڻين 39 ڪنيزن کي به چلتو ڪري ڇڏيو. ويهين صديءَ جي شروعات تائين (يعني هيرو هِتو تائين) هر شهنشاهه مزي ۽ وڌيڪ اولاد، خاص ڪري وارث لاءِ پُٽ حاصل ڪرڻ لاءِ “Concubines” رکيون پئي، جنهن لاءِ جپان ۾ “Sobame” لفظ آهي. اسان وٽ ڪنيز کان علاوه داشته، آشنا، رکيڪ، ويِهاريل وغيره جھڙا لفظ آهن. مختلف ملڪن، ڪلچر ۽ حڪومتن ۾ ڪنيزن جو مختلف درجو رهيو آهي. هنن کي زال کان گهٽ سمجهيو ويو آهي پر هِن مان اولاد کي خاص ڪري پٽ کي ڪٿي گهڻو مان ۽ برابريءَ جا حق ڏنا ويا آهن ڪٿي ڪجهه ڪجهه، ته ڪٿي بنهه نه. بهرحال ڪنيزون رکڻ هڪ عام ڳالهه رهي آهي. خاص ڪري بادشاهن، نوابن، راجائن لاءِ. ڪٿي ڪٿي اهي ”مسٽريس“ جي لقب سان سڏيون وڃن ٿيون. انهن مان پيدا ٿيل ٻار نه فقط غيرقانوني (Illegitimate) سمجهيا وڃن ٿا پر ڪن قومن ۾ اهي ٻار سڃاڻپ لاءِ پنهنجي پيءُ جي ذات به لڳائي نه ٿا سگهن.
جپان جي ميئجي دؤر (1868ع کان 1912ع تائين) ۾ اهو قانون پاس ڪيو ويو ته ڪنهن کي به هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻيون نه آهن پر نواب، رئيس، شاهي خاندان جا ماڻهو ڪنيزون رکي سگهن ٿا. ان جو خاص مقصد وارث پيدا ڪرڻ به هو. زال جي پُٽ نه ڄڻي ته ملڪيت يا تاج ۽ تخت جو وارث ڪٿان اچي؟ اهڙيءَ حالت ۾ ڪنيزن مان ڪنهن جي ٻار کي وارث بڻايو ٿي ويو. ان ڪري شاهي خاندان جي ڪنيزن لاءِ اهڙو موقعو اچي سگهيو ٿي ته هن جو حرام جو ٻار ملڪ جو شهنشاهه ٿي سگهيو ٿي. ميئجي دور جي حاڪم شهنشاهه ميئجي (موتسو هِتو) کي پنهنجي زال راڻي هاروڪو مان پُٽ جو اولاد نه هيو (هن راڻيءَ جو ڄمڻ وقت مائٽن ”ماساڪو اچيجو“ نالو رکيو، شاديءَ بعد راڻي ”شوڪين“ ۽ ”هاروڪو“ رکيو ويو. پر بهتر آهي ته پڙهندڙ هڪ هڪ شهنشاهه ۽ راڻين جا ٻه ٻه ٽي ٽي نالا ڌيان ۾ رکي مونجهاري ۾ پوڻ بدران هڪ ئي نالو هاروڪو ياد رکن) شهنشاههَ پنهنجي ٽاپ رئنڪ جي هڪ ڪنيز مئڊم ياناگيهارا ناروڪو (Yanagihara Naruko) مان ڄاول هڪ پُٽ کي قانوني لکپڙهه سان پنهنجي راڻي هاروڪو حوالي ڪيو، جنهن هن کي پالي وڏو ڪيو ۽ شهنشاهه ميئجي جي مرڻ تي اهو شهنشاهه تائشو (يوشي هِتو) ٿيو. شهنشاهه هيرو هِتو جنهن جو پاڻ ذڪر ڪريون پيا، اهو هن شهنشاهه تائشو جو پُٽ هو. يعني شهنشاهه هيرو هِتو جي ڏاڏي ياناگيهارا ناروڪو سندس ڏاڏي بادشاهه جي داشته (Concubine) هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جپاني شهنشاهه جيڪي ڪنيزون رکندا هئا اهي سڀ شاهي خاندان جون عورتون هونديون هيون. شهنشاهه هيرو هِتو جي هيءَ ڏاڏي به ڪيوٽو جي نواب گهراڻي مان هئي ۽ سندس ڀاءُ ”ساڪي متشو“ ياماناشي صوبي جو گورنر هو. ليڊي ناروڪو هڪ بهترين ڪئليگرافر ۽ شاعره پڻ هئي. هوءَ حرم جي ذهين، سٺي سڀاءَ ۽ فضيلت واري داشته مڃي ويندي هُئي. هن جو هي شهنشاهه هيرو هِتو ٽيون ٻار هو. ان کان اڳ هن کي ٻه پُٽ ٿيا پر ٻئي پُٽ گردن ٽوڙ بخار (Meningitis) ۾ مري ويا.
شهنشاهه هيرو 63 سال جپان جو حاڪم رهڻ بعد 1989ع ۾ وفات ڪري ويو. زندگيءَ جا آخري ٻه سال هو سخت بيمار رهيو. هن جو هاضمو صحيح نٿي رهيو. Pancreas جي آپريشن ٿيس. پوءِ خبر پئي ته هن کي آنڊي جو سرطان ٿي پيو آهي. آپريشن بعد ٻه ٽي مهينا فرحت ۾ رهيو. ان بعد هڪ ڏينهن محل ۾ ئي غش ٿي ڪري پيو ۽ پوءِ ڪجهه مهينن جي اندر رَتُ اچڻ بعد گذاري ويو. وفات وقت شهنشاهه هيرو هِتو سڀني بادشاهن ۾ وڏو هو ۽ هن سڀ کان وڏو عرصو بادشاهت ڪئي. (ان بعد اهو اعزاز ٿائلينڊ جي بادشاهه فومي فون ادون ياديت کي نصيب ٿيو ۽ اڃا تائين آهي ۽ ٿي سگهي ٿو جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته اهو رڪارڊ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ ٽوڙي، جيڪڏهن هوءَ ٻه ٽي سال ٻيا به ڪڍي وڃي). هيرو هِتو جي وفات بعد سندس پُٽ اِڪيهِتو تخت تي ويٺو.
هيرو هِتو جي وفات بعد يارهن سال رکي سن 2000ع ۾ سندس زال (يعني نئين شهنشاهه اڪِيهتو جي والده) ناگاڪو وفات ڪئي. هوءَ به آخري سالن ۾ سخت بيمار رهي. 1975ع ۾ هوءَ پنهنجي مڙس شهنشاهه هيرو هِتو سان آمريڪا (USA) مان ٿي اچڻ بعد ٻه سال رکي پٺيءَ ڀر ڪري پئي ۽ ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳي ويس. اڃا ان مان صحيح نه ٿي، ته هڪ دفعو وري ڌڪو کاڌائين، جنهن بعد هوءَ باقي زندگي ويل چيئر ۾ ئي رهي. هوءَ مڙس جي جنازي تي به نه نڪري سگهي.

ڪجهه سريتن (ڪنيزن) بابت....

هتي جپان جي بادشاهن بابت لکندي، ٿورو موضوع مٽائي، ڪجهه صفحا ان بحث بابت پنهنجن پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو، جيڪو بحث اڪثر جپان جي بادشاهن بابت، سندن ويهاريل سريتن (Concubines) بابت هلندو آهي.
شروع جي ڏينهن ۾ جپان ايندو هوس ته اسان جي جھاز تي به پنهنجن پراون وچ ۾ اهڙو بحث هلندو هو. خاص ڪري جڏهن اسان جو جھاز ڪوريا جي بندرگاهن ۾ لنگر انداز هوندو هو ته ڪورين، جپانين جي دل وٽان گلا ڪندا هئا. اهو ان ڪري جو ٻي جنگ عظيم تائين جپانين جو ڪوريا تي قبضو رهيو ۽ جپانين جيڪي ڪورين تي ظلم ڪيا سي اڄ به هنن کان نٿا وسرن.
جپان ملڪ هڪ ته ٻيٽن جو جهڳٽو آهي ۽ ٻيو ته هر ٻيٽ جو ڪنارو ايڏو کاڌل آهي، جو چپي چپي تي قدرتي بندرگاهه آهن، جيڪي صدين کان استعمال ٿي رهيا آهن. ڪي بندرگاهه ته هڪ ٻئي کي ائين ويجهو آهن جيئن سکر روهڙي، ڪوٽڙي ڄامشورو، مانجهند، هالا وغيره. اسان جو جڏهن به جپان اچڻ ٿيندو هو ته هڪ ئي بندرگاهه ۾ سامان لاهڻ يا چاڙهڻ بدران جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ ويندا هئاسين ۽ ٻاهريون سمنڊ پئسفڪ، اوڀر چيني سمنڊ يا جپاني سمنڊ وٺڻ بدران، جپان جي مختلف ٻيٽن جي وچ وارو اندريون سمنڊ وٺي هڪ کان ٻئي بندرگاهه ڏي ويندا هئاسين. اهو سمنڊ سڏجي ئي ”اندريون سمنڊ“ ٿو. هاڻ مختلف جپاني ٻيٽ، پُلين يا سامونڊي سرنگهن ذريعي ڳنڍجي ويا آهن ۽ بسون ڪارون يا ٽرينون هڪ ٻيٽ کان ٻئي تائين پهچيو وڃن، پر اهي پليون سمنڊ کان ايڏو ته مٿي ٺاهيون ويون آهن، جو هيٺان پاڻيءَ جو جھاز هلي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح سمنڊ هيٺيان سرنگهون (Tunnels) تمام گهڻو هيٺ ٺهيل آهن، جن مان خشڪيءَ جي ٽرئفڪ ۽ مٿان اسان جا جھاز آرام سان هلندا رهن ٿا.
جن جن جھازن تي منهنجو رهڻ ٿيو، اهي هڪ طرف ٽوڪيو، اوساڪا، يوڪوهاما، ڪوبي ۽ چيبا ويندا هئا ته ٻئي پاسي بلڪل ڏکڻ ۾ ناگاساڪي، هيرو شيما، ساسيبو، شمونو سيڪي، موجي ۽ ٻين بندرگاهن ۾ ويندا هئا. پوءِ ڪڏهن انهن ڏاکڻن بندرگاهن مان ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهن: پوسان، انچان، سيول ۽ دائسن به ويندا هئاسين. جپان جي شپ يارڊ ۾ جاءِ نه هوندي هئي ته جھاز جي مرمت ۽ روٽين ڊراءِ ڊاڪنگ ڪوريا مان ئي ڪرائيندا هئاسين.
پهرين اسان کي ڪوريا ۽ جپان جي ماڻهن ۾ فرق محسوس نه ٿيندو هيو. ان کان اڳ ممباسا، دارلاسلام، موپوتو جھڙن آفريڪي بندرگاهن ۾ جھاز هلايا هئاسين جتي رڳو شيدي نسل جي ڪارن ۽ گهنڊيدار وارن وارن ماڻهن کي ڏٺو هئوسين سو انهن جي مقابلي ۾ هي ڪورين ۽ جپاني هڪ جھڙا ٿي لڳا. پوءِ آهستي آهستي محسوس ڪيوسين ته ڪورين ڪناري جا ماڻهو آهن (يعني Mainland جا، جيڪا ڌرتي چين ۽ روس سان ڳنڍيل آهي) ۽ جپاني سامونڊي ٻيٽن جا (جن جي چوڌاري پاڻي آهي ۽ سمورا ٻيٽ مين لئنڊ کان ڌار ۽ پري پري آهن). جپانين ۽ ڪورين جو نه فقط ڪلچر، ٻولي، لکڻي مختلف آهي پر شڪل شبيهه، رسمون، رواج ۽ عادتون پڻ... اسان جي هڪ جھاز جي ٿرڊ انجنيئر عاشق ميمڻ (جيڪو شروع کان جپان ۽ ڪوريا واري روٽ جي جھازن تي رهيو) ساڻس گڏ ڪيل پهرين سفر ۾ ئي، منهنجي ڪن ۾ اهو ڦسڪو هنيو هو ته هي جپاني ۽ ڪورين سمجهه ته ”چانڊيا مگسي“ اٿئي.
اسان جو جھاز جپان جي بندرگاهن مان ٿي ڪوريا جي بندرگاهن ۾ ايندو هو ته بندرگاهه ۾ اسان جي جھاز تي سامان لاهڻ يا چاڙهڻ وارا فورمين ۽ ڊراءِ ڊاڪنگ ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر، مستري، مزور اسان جي دماغ ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻھن جو Image اتم ۽ اتاهون ڏيکارڻ لاءِ، جپان جون اڪثر گلائون ڪندا هئا. ٻيون ڳالهيون ته اسان جي دماغ ۾ نه رهيون ۽ نه اسان ان پھلوءَ ۾ دلچسپي پئي رکي پر هاڻ جپان جي بادشاهن جون ڳالهيون لکڻ وقت مون کي ياد اچي رهيو آهي ته ڪي ڪي ڪورين اسان کي اهو به چوندا هئا، ته جپاني پاڻ کي ”هڪ نسل“ يعني ”هومو جينس“ قوم سڏرائي پاڻ پڏائين ٿا يا هو چون ٿا ته، اڍائي هزار سالن کان هنن جو بادشاهه ان سج ديوتا جي پُٽ جو اولاد هلندو اچي، جيڪو 660 ق م ۾ آسمان تان لٿو .... پوءِ جپان جي بادشاهه هيرو هِتو (جنهن جي حڪم سان، جپاني فوج ٻي جنگِ عظيم دوران ملايا ۽ سنگاپور وارن تي ظلم ڪيا هئا ۽ ان کان اڳ ڪورين تي) لاءِ چوندا هئا ته توهان کڻي ڪنهن کان به پڇو ته ان جو پيءُ شهنشاهه تائشو (يوشي هِتو) سندس پيءُ شهنشاهه ميئجيءَ جي زال راڻي ماساڪو اِچِيجو جو پُٽ نه هو، پر شهنشاهه ميئجيءَ جي هڪ سريت ياناگيهارا ناروڪو جو ٻار هو.
مونکي ۽ مون سان گڏ منهنجي جھاز تي ڪم ڪرڻ وارن پاڪستانين کي حيرت ٿيندي هئي ته هن ملڪ جو ڪو بادشاهه هڪ ڪنيز جو پُٽ به ٿي سگهي ٿو. مون کي ان ڳالهه تي به تعجب لڳندو هو ته، هي جپان جا شهنشاهه ڪهڙي قسم جا حاڪم آهن، جيڪي ڌڻ ڪنيزن جو رکن ٿا ۽ جيڪي رنڊيون ئي سمجهڻ کپن، جو اهي جنسي لذت لاءِ رکيون وڃن ٿيون. مون پنهنجي مسلمان حاڪمن ۽ ٻين بادشاهن کي وڏو ساڌ پات ٿي سمجهيو، پر پوءِ سمنڊ تي جيئن جيئن مون کي تاريخ جي مطالعي جو موقعو مليو ته خبر پئي ته هتي ته سڄو ملڪ منصور لڳو پيو آهي. جپان جي هِن بادشاهه هيرو هِتو کي شاباس هجي، جنهن تخت تي ويهڻ سان ڪنيزون (سريتون) رکڻ جي رواج کي ته ٻنجو ڏنو، پر هِن کي درٻار طرفان جيڪي ٽي درجن کن عورتون Concubine طور مليون هيون، انهن کي به روانو ڪري ڇڏيائين.
تاريخ ٿي پڙهجي، ته اها دنيا جي حاڪمن جي ويهاريل سريتن ۽ انهن جي اولاد جي طاقت ۾ اچڻ جي ڪھاڻين، محلاتي سازشن، قتل ۽ غارتن سان ڀريل نظر ٿي اچي. توهان کي ڪيترا ئي اهڙا حاڪم، بادشاهه، شهنشاهه، سلطان، وزير ملندا، جيڪي محل ۾ رهندڙ سريتن، ٻانهين، غلام عورتن (جن لاءِ انگريزيءَ ۾ هڪڙو ئي لفظ “Concubine” استعمال ۾ اچي ٿو) جو اولاد نظر ايندو. مثال ته گهڻائي آهن، پر ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجي ڪتاب ”دنيا رنگ رنگيلي“ ۾ موراڪو جي هڪ طاقتور سلطان مولاي اسماعيل بن شريف (Moulay Ismail) جي زندگيءَ تي لکيو اٿم، ته هو هڪ حبشڻ غلام ڇوڪريءَ جو پُٽ هو. هونءَ ته اسان جي مصري شاهن، سلطنت عثمانيه جي سلطانن، موراڪو جي بادشاهن، توڙي ايران جي شهنشاهن ۽ اُميه گهراڻي جي اندلسي حاڪمن ۽ اميرن، خليفن، گوري رنگ جون وچ ايشيا، يونان، اسپين، اٽلي، رومانيا، بلغاريه جون عيسائي ۽ يهودي عورتون پسند ڪيون ٿي. خود سلطان مولاي اسماعيل جا ڇاڙتا ۽ قزاق ڇڏيل هئا ته يورپ جي مختلف بندرگاهن مان هن لاءِ نه فقط مال جي ڦرلٽ ڪن، پر هن جي حرم جي واڌاري لاءِ سهڻيون ڇوڪريون به آڻين. پر سلطان مولاي اسماعيل جي ماءُ آفريڪا جي ڪاري نسل جي هئي، جنهن جو اثر هن جي رنگ ۽ نڪ نقشي تي به هو. هي حاڪم شڪل جو سو سادو هو، پر حق جي ڳالهه ڪبي ته، هن موراڪو تي ٺيڪ ٺاڪ نموني حڪومت ڪئي، سندس Good Governance جي ڪري امير توڙي غريب خوش هئا. هو 1645ع ۾ موراڪو جي صوبي تافيلالت (Tafilalt) ۾ ڄائو ۽ 26 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي علائقي جو سلطان ٿيو، جنهن ۾ واڌارو آڻي هو سڄي موراڪو جو سلطان ٿي ويو. هو سڀني کان وڏو عرصو (55 سال) موراڪو جو سلطان رهيو. هو اڄ به گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊس ذريعي مشهور آهي، جو هو موراڪو جو وڏي عرصي لاءِ سلطان ته رهيو، پر سڄي دنيا ۾ ايترا ٻار ڪنهن کي نه ٿيا، جيترا هن کي ٿيا. هن لاءِ مشهور آهي ته هن کي 525 پُٽ ۽ 342 ڌيئرون ٿيون. هن کي ڪيتريون ئي زالون هيون. ان کان علاوه ڪيتريون ئي سريتون (عيش لاءِ ويهاريل عورتون) هيون، جن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو ڪاٿو نه ڪري سگهيو آهي. سو اسان کي هرو ڀرو جپان جي شهنشاهن کي ڏوهه نه ڏيڻ کپي. جپان جي شهنشاهن کي جيڪو سريتن مان اولاد ٿيو، سو به سج ديوتا جو ئي چئبو هو، جو جپان جي شهنشاهن کي ڪنيزون (سريتون) رکڻ جي اجازت ضرور هئي، پر اهي شاهي خاندان جون ئي ڇوڪريون هونديون هيون. يعني شهنشاهه جون سؤٽيون ماساتيون نه ته، سؤئٽاڻي سؤٽ مان هونديون هيون، يعني هيرو هِتو شهنشاهه تائين جپان جي حاڪمن ۾ ڌاريو رت نه هو. هيرو هِتو جو پُٽ اڪيهتو ۽ ان بعد هن جو پوٽو يعني هاڻوڪو شهنشاهه نارو هِتو پهريان شهنشاهه آهن، جن شاهي خاندان جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ بدران هڪ عام (Commoner) ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.

دنيا جون ٻه مشهور سُريتون

سريت، ويهاريل يا رکيل عورت مان پيدا ٿيل ٻار جو بادشاهه (ملڪ جو حاڪم) ٿيڻ جو ٿو سوچجي ته سلطنت عثمانيه جي ڪنيز ڪوثم سلطان ۽ پرشيا (ايران) جي آنا خانم جو مثال دماغ ۾ اچي ٿو.
ڪوثم سلطان جيڪا فارسي نالي ”ماهه پيڪر“ يعني ”چنڊ مهانڊي“ به سڏبي هُئي، سلطنت عثمانيه جي هڪ بيحد طاقتور Concubine مڃي وڃي ٿي. هوءَ سلطان ”احمد اول“ (جنهن 1603ع کان 1617ع تائين حڪومت ڪئي) جي حرم ۾ هڪ عام سريت (ڪنيز) جي حيثيت ۾ آئي هئي ۽ هن سلطان احمد اول جي ايڏي دل کٽي ورتي، جو هن کي ”خاصڪي سلطان“ يعني سلطان جي خاص سريت جو درجو ڏنو ويو. هيءُ درجو، جيڪو ترڪي ٻوليءَ ۾ “Haseki Sultan” لکيو وڃي ٿو، سلطنت عثمانيه جي سلطانن جي خاص ڪنيزن کي وقت جي سلطان طرفان عطا ڪيو ويو ٿي. هيءَ ڪنيز ماهه پيڪر نه فقط سونهن ۾ سرس هئي (ترڪيءَ جي ڪيترين ئي لئبررين ۽ عجائب گهرن ۾ ماهه پيڪر جي تصوير لڳل نظر ايندي) پر ذهين ۽ اڳواڻي ڪرڻ وارين خاصيتن جي به مالڪ هئي. شايد ان ڪري به سلطان احمد اول هن کي ”ڪوثم“ سڏڻ لڳو. ترڪي ٻوليءَ ۾ ”ڪوثم“ ان رڍ کي سڏين ٿا، جيڪا سڄي ڌڻ جي اڳواڻي ڪري. ان ۾ شڪ ناهي ته ڪوثم کي اڳواڻي ڪرڻ ۽ سياسي مسئلن جي وڏي ڄاڻ هئي، جنهن ڪري وري مٿس سلطان جي راڻي صاحبه ”ماهه فيروز خاتون“ جون وڏيون خارون هيون، جو سلطان صاحب هن ڪنيز کي وڌيڪ مانُ ڏيندو هيو.
ماهه پيڪر (ڪوثم) يوناني نسل جي گوري هئي. ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ماهه پيڪر يونان جي هڪ ٻيٽ تينوس جي پادريءَ جي ڌيءَ هئي ۽ سندس اصل نالو ”اناستاسيا“ هو. ترڪيءَ جي هن سلطان جي قبضي ۾ اچڻ تي هن کي مسلمان بڻائي ”ماهه پيڪر“ نالو رکيو ويو. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته يونان ۽ ترڪيءَ جي وچ واري سمنڊ، ايجين سمنڊ ۾ سوين ٻيٽ آهن، جن تي هميشه کان يونان ۽ ترڪيءَ وارن جو جهيڙو رهي ٿو. تينوس انهن مان هڪ تاريخي ٻيٽ آهي، جنهن تي ڪنهن زماني ۾، ايران جي هخامنشي گهراڻي جي حاڪم دارا جي پٽ خشيارشا اول (Xerxes I) به حملو ڪيو هو.
تينوس (Tinos) ٻيٽ هڪ آڳاٽو ٻيٽ آهي ۽ يونانين لاءِ هي ٻيٽ تاريخي ۽ مذهبي حيثيت رکي ٿو. هن ٻيٽ تي هڪ پراڻو گرجا گهر هن ٻيٽ جو لئنڊ مارڪ سمجهيو وڃي ٿو. هن ٻيٽ تي ڪم ڪندڙ سئو کن هوا تي هلندڙ چرخيون (Windmills) ، هزار کن آڳاٽي زماني جي، عمارتسازيءَ جو اعليٰ نمونو ڪبوتر خانا (Dovecotes) ۽ پنجاهه کن ڳوٺ سياحن جي ڏسڻ جو اڄ به مرڪز آهن. يونانين جو عقيدو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي وڃڻ بعد سندن امڙ حضرت مريم عليه السلام زندگيءَ جا باقي يارهن سال هن ٻيٽ تي گذاري 15 آگسٽ تي وفات ڪئي، جنهن ڏينهن (Dormition of Virgin Mary) تي گريڪ آرٿوڊڪس ۽ رومن ڪئٿولڪ عيسائي هن ٻيٽ تي گڏ ٿين ٿا ۽ جنهن کي هو حج برابر سمجهن ٿا. ڪيترا ياتري بندرگاهه ۾ فيريءَ تان لهڻ بعد هتي جي گرجا گهر ۾ ڪنهن سواريءَ تي يا پيرين پنڌ پهچڻ بدران مونڙيون پائي يعني هٿن ۽ گوڏن ذريعي پهچن ٿا. هي ٻيٽ سئو سال کن (1715ع کان 1821ع تائين) سلطنت عثمانيه جي قبضي ۾ پڻ رهيو.
ڪوثم شروع جا 15 سال پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ هن ٻيٽ تينوس تي گذاريا، جتان ترڪ فوج جي ڪنهن صرب (Serbia) بيگلر بيگيءَ (ڪمانڊر) کيس کنڀي يا خريد ڪري سلطان احمد اول جي خدمت ۾ ٻانهيءَ طور پيش ڪيو ۽ هو ءَ ”اناستاسيا“ مان ”ماهه پيڪر“ ۽ ”ڪوثم“ بڻجي وئي. کيس ڪيترائي ٻار به ٿيا. اڳتي هلي سلطان احمد پنهنجي راڻي ماهه فيروز کي محل مان ڪڍيو ته ڪوثم هن جي زال بڻجي ويهي رهي. سلطان کي ڏنل صلاحن ۽ پنهنجين خدمتن جي ڪري عوام هن مان بيحدخوش هو.
سلطان احمد اول نه وڏي ڄمار ماڻي ۽ نه ڪو وڏو عرصو حڪومت ڪئي. هو 1590ع ۾ ڄائو ۽ 26 ورهين جي ڄمار ۾ 1617ع ۾ وفات ڪيائين. 1603ع ۾ سندس والد ”سلطان محمد سوم“ جي وفات تي پاڻ 13 سالن جي ڄمار ۾ سلطانت عثمانيه جو حاڪم ٿيو ۽ وفات تائين 13 کن سال حڪومت ڪيائين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سلطنت عثمانيه جو هي چوڏهون سلطان احمد اول هڪ ته ننڍي عمر ۾ سلطان ٿيو ۽ ٻيو ته ٿورڙا سال سلطان رهيو، پر حقيقت اها آهي ته هن پنهنجي دورِ حڪومت ۾ ڪيترائي سٺا ڪم ڪيا، جنهن ڪري تاريخ ۾ هن کي ساراهيو وڃي ٿو. زالن کان علاوه ٻيون عورتون ويهارڻ وارو ڪم پنهنجي جاءِ تي، پر هن سلطنت عثمانيا ۾ هلندڙ برادر ڪشيءَ (ڀائرن جي قتل) جي رواج کي ٻنجو ڏنو. اهو رواج (حاڪم جو پنهنجي ڀائرن، چاچن، ڀائٽين ويندي پيءُ جو قتل ڪرڻ، اکيون ڪڍڻ، قيد ڪرڻ) نه فقط ترڪ مغل۽ معاويه سلطنت جي مسلمان حاڪمن ۾ عام هو، پر اهو ئي حال يورپ ۽ آفريڪا پاسي هو. چين، ڪوريا، ويٽنام، ملايا ۽ برونائي، ڪمبوڊيا ۾ به هو. ان بابت وڌيڪ احوال هتي وچ ۾ ٽنبڻ بدران آخر ۾ ٿو لکان. بهرحال هن ڪم تي بندش وجهڻ ڪري سلطنت عثمانيه جي ٻين حاڪمن جي ڀائرن جو بچاءُ ٿي ويو نه ته هر سلطان تخت تي ويهڻ سان پنهنجي ڀائرن کي ان ڊپ کان ٿي ماريو ته متان هو سندس تخت تي قبضو ڪن. هڪ سلطان ته پنهنجن سڳن ۽ ويڳن ٽوٽل 19 ڀائرن کي مارائي ڇڏيو.
سلطان احمد شاهه اول ”سلطان احمد مسجد“ ٺهرائڻ سبب به مشهور آهي. هيءَ مسجد ”بلو مسجد“ به سڏجي ٿي ۽ استنبول جي تاريخي مسجدن مان هڪ آهي. هيءَ مسجد سلطان احمد اول سن 1609ع ۽ 1616ع جي وچ ۾ ٺھرائي، جنهن ۾ اڄ تائين پنج وقت نماز جاري آهي. ان مسجد واري ڪمپائونڊ (ڪليه) ۾ سلطان احمد جو مقبرو پڻ آهي. ان کان علاوه مدرسو ۽ لا علاج مريضن لاءِ شفا خانو (Hospice) آهي. نيري رنگ جي ڪاشيءَ جي سرن جي ڪري اها رات جو به روشنيءَ ۾ نيري لڳي ٿي. هن ۾ ڏهه هزار کن نمازين جي جاءِ آهي. ڀر ۾ ئي 537ع جو ٺهيل يوناني عيسائين جو گرجا گهر ”ايا صفيه“ (Hagia Sophia) آهي، جيڪو سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو هو ۽ هاڻ ميوزيم آهي. استنبول ۾ هي ٻئي شيون سياحن لاءِ ڪشش رکن ٿيون. ڪجهه سال اڳ عيسائين جو پوپ ترڪيءَ آيو ته هن هلي اچي هن مسجد جي به زيارت ڪئي. پوپ جي اها مسجد جي زيارت تاريخي ان ڪري آهي، جو تاريخ ۾ هي ٻيو دفعو هو جو هڪ پوپ مسلمانن جي عبادت گهر ۾ داخل ٿيو هو. ساڻس گڏ هِن مسجد جو امام ۽ استنبول جو مفتي پڻ هئا. هو ڪا دير اکيون پوري سوچيندو رهيو پوءِ رب جا شڪر ادا ڪندي چيائين:
“May all believers identify themselves with the one God and bear witness to true brotherhood”
سلطان احمد اول ڪعبي جي پڻ وڏي مرمت ڪرائي، جڏهن ان وقت جي آيل هڪ وڏي ٻوڏ ۾ ڪعبي ۽ آس پاس جي عمارتن کي وڏو نقصان رسيو هو. سلطان احمد ان مرمت لاءِ قسطنطنيه (استنبول) مان ڪيترائي ڪاريگر ۽ مستري موڪليا ۽ ڪعبي جي ڇت لاءِ سونو نارو جوڙايو، جيئن مينهن جو پاڻي ڇت تي ترسڻ بدران هيٺ وهي وڃي. زم زم جي کوهه جي چوڌاري ڄاري به سلطان احمد جي ڏينهن ۾ لڳرائي وئي، ڇو جو ڪيترا ماڻهو جنت ۾ وڃڻ جو طريقو کوهه ۾ ٽپ ڏئي، پنهنجو انت آڻڻ ۾ سمجهي رهيا هئا. ان خودڪشيءَ جھڙي ڪم کي روڪڻ جي بچاءُ خاطر ڄاري ضروري هئي.
سلطان احمد اول مُدي جي بخار ۾ 1617ع ۾ گذاري ويو. سندس وفات بعد هن جي ننڍي ڀاءُ مصطفيٰ اول کي تخت تي ويهاريو ويو. ائين ته سلطان احمد کي وڏو ڀاءُ شهزادو محمود به هو، پر جيئن ته هنن جي پيءُ ”سلطان محمد سوم“ پنهنجي پٽن مان احمد کي پسند ٿي ڪيو ۽ هن کي شڪ هو ته سندس مرڻ تي هن جي اڻويهن ڀائرن مان متان ڪو تخت تي ويهڻ جي ڪوشش ڪري، ان ڪري پاڻ تخت تي ويهڻ سان پهرين پنهنجن اڻويهن ئي ڀائرن جو قتل ڪرائي ڇڏيائين. انهن ڏينهن ۾ ريشم جي ڏور گلي ۾ ٻڌي ساهه جي نس کي ٻوساٽڻ قتل ڪرڻ جو عام طريقو هو. سندس وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن جي پنهنجي وڏي پٽ شهزادي محمود سان اڻ بڻت ٿي پئي، ان ڪري هُن وڏي پُٽ کي به قتل ڪرائي ڇڏيو. ان ڪري سندس وفات بعد تخت تي احمد کي وهاريو ويو. جنهن اڳتي هلي اهو قانون ڪڍيو ته سلطنت عثمانيه جي حاڪمن کي ڀائرن جو قتل نه ڪرڻ کپي. جيڪڏهن ڪنهن به سلطان کي پنهنجو ڀاءُ يا ڀائٽيو پسند نه آهي، ته ان کي محلات ۾ تيار ڪرايل هڪ خاص حصي ۾ رکيو وڃي. جنهن جو نالو ”قفس“ رکيو ويو.
چون ٿا ته ڀائرن کي نه مارڻ جي قانون پٺيان سلطان جي ڪنيز ڪوثم جو عقل هو، جنهن سلطان کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ۽ پاڻ هر وقت سلطان احمد اول جي ننڍي ڀاءُ مصطفيٰ اول جي سنڀال ڪندي رهي ٿي ته متان ان کي ڪو جوکو نه رسي.
سندس مڙس جي مرڻ تي هوءَ چاهي ها ته وڏي آرام سان پنهنجي پُٽن مان ڪنهن کي تخت تي وهاري سگهي ها، پر هن پنهنجي ڏير مصطفيٰ اول کي ئي تخت تي ويهاريو، جيڪو سلطنت عثمانيه جو 15 هون سلطان ٿيو. هڪ سال بعد 1618ع ۾ هو گذاري ويو. ان بعد به ڪوثم چاهي ها ته پنهنجي پُٽ کي وارو ڏئي پئي سگهي، جو هوءَ بادشاهه جي اصل راڻي ماهه فيروز جي جاءِ حاصل ڪري چُڪي هئي، پر ڪوثم ائين ڪرڻ بدران ماهه فيروز جي پُٽ عثمان دوم کي ترڪيءَ جو سورهون سلطان بڻايو. سلطان عثمان دوم 1618ع کان 1622ع تائين سلطان رهيو، ان بعد ڪوثم جا ٻه پُٽ مراد چوٿون 1623ع کان 1640ع تائين، ترڪيءَ جو سترهون ۽ سلطان ابراهيم 1640ع کان 1648ع تائين، ترڪيءَ جو ارڙهون سلطان ٿيا. سلطان ابراهيم جي وفات بعد ان جو پُٽ محمد چوٿون (يعني ڪوثم جو پوٽو) 1648ع کان 1687ع تائين ترڪيءَ جو اوڻهيون سلطان ٿيو.
ڏٺو وڃي ته هڪ ڌارئي ملڪ ۽ مذهب جي سريت هئڻ جي باوجود ڪوثم جا ٻه پُٽ ۽ هڪ پوٽو سلطنت عثمانيه جا سلطان ٿيا ۽ سلطنت عثمانيه فقط ترڪيءَ تائين محدود نه هئي... اڄ وارو سعودي عرب، عراق، مصر ۽ يورپ جا البانيا، رومانيا، بلغاريا جھڙا ملڪ به ان جي قبضي ۾ ٿي آيا ۽ ڪوثم جي سونهن، ڀاڳ، رعب تاب، ذهانت جي تعريف نه فقط ترڪيءَ جا مسلمان ڪن ٿا، پر يونان جا عيسائي پڻ هن کي پنهنجو سمجهن ٿا. اسان جو درٻيلي جو ڪليگ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ڪجهه عرصو يونان جي جھازن تي به رهيو. هن ٻڌايو ته هن جي هڪ يوناني جھاز تي يونان جي تينوس (Tinos) ٻيٽ جو به هڪ خلاصي هو، جيڪو وڏي فخر سان ڪئپٽن مخدوم کي ٻڌائيندو هو ته توهان جي ٻن مسلمان بادشاهن جي ماءُ ۽ هڪ جي ڏاڏي اناستاسيا (يعني ماهه پيڪر/ڪوثم) هن جي ڳوٺ جي هئي. هي ائين آهي جيئن اسان چوندا آهيون ته مغل شهنشاهه اڪبر جي ماءُ حميده سنڌ جي هئي يا جيئن اها به روايت آهي ته حضرت امام حسين رضه جي زوجه مبارڪ شھربانو (جنهن جو مقبرو شھر ري (تهران) ۾ آهي) به سنڌ جي هئي ۽ اهو ٻڌي اسان کي پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو.
مون پنهنجي ايران واري سفرنامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ به لکيو آهي ۽ هتي هڪ دفعو پڙهندڙن لاءِ وري لکندو هلان ته بيبي شھربانوءَ جي شيعا توڙي سني وڏي عزت ڪن ٿا. هن لاءِ ڪن هنڌن تي آهي ته هن جو تعلق سنڌ سان هو ته ڪن هنڌن تي آهي ته هوءَ پرشيا (ايران) جي آخري آتش پرست شھنشاهه يزدگرد سوم جي ڌيءَ هئي. جيڪي ٻئي ڳالهيون صحيح چيون وڃن ٿيون.
اُردوءَ جو شاعر ۽ ليکڪ سيد ضمير اختر نقوي صاحب لکي ٿو ته بِيبي شهربانوءَ جي والده سنڌي شھزادي هئي، جنهن جو تعلق سنڌ جي ٻوڌي راءِ گهراڻي سان هو، جن جي حاڪمن جا تعلقات پرشيا جي ساساني گهراڻي جي شهنشاهن سان هئا. پرشيا جي هن آخري شهنشاهه يزدگرد سوم سنڌ جي جنهن شهزاديءَ سان شادي ڪئي، ان جو نالو ”ماهه طلعت“ هو، جنهن مان هن کي شھربانو ڄائي ۽ اها شادي سنڌ جي جنهن شهر ۾ ٿي اهو ”ماهه طلعت“ جي نالي پويان ”ماتلي“ مشهور ٿيو.

مضمون سان تعلق رکندڙ سلطنت عثمانيه جا سلطان

سلطان سليمان اول- ڏهون سلطان
Suleiman the Magnificent – سلطان سليمان القانوني
والدين: سليم اول ۽ عائشه حفصه سلطان
ڄم: 1494ع. حڪومت: 1520ع کان 1566ع وفات تائين
(سلطنت عثمانيه ۾ سڀ کان وڏو عرصو حاڪم رهيو)

سليم ثاني Selim II - يارهون سلطان
والدين: سليمان اول ۽ خرم سلطانا
ڄم: 1525ع. حڪومت: 1566ع کان 1574ع وفات تائين
(گهڻي پيئڻ ڪري مغرب ۾ هي “Selim the Drunk” سڏبو هو)

مراد III ثالث – ٻارهون سلطان
والدين: سليم ثاني ۽ نوربانو سلطان
ڄم: 1546ع. حڪومت: 1574ع کان 1595ع مرڻ تائين

سلطان محمد III ثالث ـــ تيرهون سلطان
والدين: مراد ثالث ۽ صفيه سلطان
ڄم: 1566ع. حڪومت: 1595ع کان 1603ع مرڻ تائين
(تاريخ ۾ پنهنجي 19 ڀائرن جو ڳلو گهُٽي مارڻ سبب بدنام آهي. مرڻ کان اڳ پنهنجي وڏي پُٽ شهزادي محمود کي به قتل ڪيائين)

سلطان احمد اول- چوڏهون سلطان
والدين: محمد سوم ۽ خندان سلطان
ڄم: 1590ع. حڪومت: 1603ع کان 1617ع مرڻ تائين
(سلطنت عثمانيه ۾ ڀائرن کي قتل ڪرڻ جي ڪلچر کي هن بند ڪرايو)

سلطان مصطفيٰ اول- پنڌرهون سلطان
والدين: محمد سوم ۽ حليمه سلطان
ڄم: 1591ع. حڪومت: 1617ع کان 1623ع تائين. وفات: 1640ع
(کيس ڪي ماڻهو ”ولي“ ته ڪي ”پاڳل“ چوندا هئا. سلطان احمد جو ننڍو ڀاءُ هو. کيس سندس ڀائٽي، سلطان احمد جي پٽ مراد چوٿين قتل ڪرايو)

سلطان عثمان ٻيو (ثاني) ـــ سورهون سلطان
(والدين: سلطان احمد اول ۽ ماهه فيروز خاتون)

سلطان مراد چوٿون (رابع) ـــ سترهون سلطان
والدين: سلطان احمد اول ۽ ڪوثم
ڄم: 1612ع. حڪومت: 1623ع کان 1640ع مرڻ تائين

سلطان ابراهيم – ارڙهون سلطان
والدين: سلطان احمد اول ۽ ڪوثم
ڄم: 1615ع. حڪومت: 1640ع کان 1648ع مرڻ تائين

سلطان محمد چوٿون (رابع ) ـــ اوڻهيون سلطان
والدين: سلطان ابراهيم ۽ تور خان خديجه
ڄم: 1642ع. حڪومت: 1648ع کان 1687ع تائين. وفات: 1693ع

سلطان سليمان ثاني- ويهون سلطان
والدين: سلطان ابراهيم ۽ اشوب سلطانا (Serbian غلام قطرينا)
ڄم: 1642ع. حڪومت: 1687ع کان 1691ع وفات تائين

ٻي سريت آنا خانم جي ڪهاڻي

سلطنت عثمانيه جي ڪوثم سلطان سان گڏ، مون ايران جي هڪ مشهور Concubine آنا خانم (Anna Khanum) جو مثال ڏنو آهي، جنهن جو پُٽ شاهه عباس اول صفوي گهراڻي جو پنجون بادشاهه ٿيو. صفوي (Safavid) سلطنت پرشيا (ايران) جي هڪ طاقتور سلطنت (1502ع کان 1736ع تائين) ٻه صديون کن رهي، جنهن جو بنياد اسماعيل شاهه اول رکيو. ستين صديءَ ۾ عربن جي ايران فتح ڪرڻ بعد ايرانين جي هيءَ پهرين طاقتور سلطنت هئي. هن ۾ شيعن جو اثنا عشري مڪتب سرڪاري مذهب قرار ڏنو ويو. هنن پنهنجي سلطنت ۾ ايران سان گڏ آذربائيجان، بحرين، آرمينيا، جارجيا، اتر قفقاز، عراق، ڪويت ۽ افغانستان به شامل ڪري ڇڏيا ۽ ترڪي، شام، ترڪمنستان، ازبڪستان، ويندي پاڪستان جي به ڪجهه حصن تي به صفوي سلطنت جو راڄ هو.
آنا خانم ڇهين صفوي بادشاهه شاهه صفيءَ جي رکيڪ هئي، جنهن سان بعد ۾ هن شادي ڪئي ۽ جنهن جو پُٽ سلطان محمد مرزا (شاهه عباس دوم) عظيم پرشن سلطنت جو، پنهنجي پيءُ شاهه صفي اول جي وفات بعد، 1642ع کان 1666ع تائين بادشاهه رهيو. شاهه عباس دوم جڏهن تخت تي ويٺو ته هو فقط ڏهن سالن جو هو، ان ڪري سمجهو ته ملڪ جو سڄو ڪاروبار سندس والده آنا خانم جي هٿ ۾ هو. انهن ڏينهن ۾ هڪ فرانسيسي سونارو اصفهان گهمڻ آيو هو. هو پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو ته، آنا خانم ملڪ جي وزير اعظم سان گڏجي پنهنجي هر ڳالهه مڃرائي پئي. ايران جي شهر اصفهان ۾ توهان جو جي وڃڻ ٿئي، ته ان جي ٻهراڙيءَ ۾ عباس آباد نالي ڳوٺ آهي (جيئن منگهوپير يا ماڙيپور ڪراچيءَ ۾ آهن). عباس آباد ۾ توهان آنا خانم جي ان وقت جي ٺهرايل مسجد ۽ اسڪول ڏسي سگهو ٿا.
روس پاسي جي هن چرڪس (Circassian) نسل جي غلام ڇوڪريءَ آنا خانم جون کٽيون مٺيون ڳالهيون گهڻيون ئي آهن. هيڏي وڏي پرشن سلطنت جي راڻي بڻجڻ ۽ بعد ۾ ستين بادشاهه ”شاهه عباس دوم“ جي ماءُ جي حيثيت ۾ هن جي ڪيل چڱن مٺن ڪمن جا احوال گهڻا ئي آهن. هتي سندس ذڪر ڪندي، سندس عباس آباد ڳوٺ ۾ ٺهرايل مسجد ۽ اسڪول جي ڳالهه ان ڪري لکي اٿم، جو مون کي پنهنجو ايراني ڪليگ ڪئپٽن شهريار ياد اچي ويو، جيڪو اصفهان جو رهاڪو آهي ۽ مون سان سئيڊن جي ”ورلڊ ميري ٽائيم“ يونيورسٽي، مالمو ۾ ٻه سال گڏ هو. منهنجي سفرنامن پڙهڻ ۽ لکڻ جي شوق ڪري هو هميشه پنهنجي ڳوٺائي (يعني اصفهان جي ٻهراڙيءَ واري علائقي عباس آباد جي رهاڪو) ابو طالب جي ڳالهه ڪندو هو. هن مونکي ابو طالب جي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل سفر نامي “The Travels of Taleb in Europe” جي ڪاپي پڻ ڏني هئي، جيڪو اصل فارسيءَ ۾”مسير طالبي في بلاد افرنگي“ جي نالي سان آهي. ابو طالب نه فقط ايران وارن لاءِ پر انگلينڊ، يورپ، ترڪيءَ، عرب ملڪن ۽ اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ هڪ دلچسپ شخصيت آهي. هي غريب ماڻهو (خاص ڪري هن جا آخري ڏينهن سخت مسڪينيءَ ۾ گذريا) انگلينڊ ۽ يورپ ۾ ”ايراني شهزادو“ (The Persian Prince) ۽ ننڍي کنڊ ۾ ”ابو طالب لنڊني“ جي نالي سان سڏيو ويندو هيو. سندس اصل نالو مرزا ابو طالب خان (مرزا ابو محمد طالب تبريزي اصفهاني) هو. هو پنهنجي وقت جو تعليم يافته، اسڪالر ۽ ليکڪ مڃيو ويندو هيو. سندس 1799ع کان 1805ع واري دؤر جو سفر نامو نه رڳو انگلينڊ ۽ يورپ ۾، پر انڊيا ۾ به اڄ تائين ڇپبو رهي ٿو. هن سفرنامي جا شروع جا ڇاپا 1812ع، 1827ع ۽ 1836ع جا آهن ۽ تازو براڊ ويو پريس وارن 2008ع ۾ نئون ڇاپو ڇپرايو. انڊيا ۾ سونا پبليڪيشن، نيو دهليءَ وارن جو 1972ع وارو ٻيو ڇاپو مارڪيٽ ۾ نظر اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو هي سفر نامو نيٽ تي به موجود هجي. هن سفرنامي ۾ ڪي ڪي ڳالهيون ابو طالب واهه جون لکيون آهن. انهن ڏينهن ۾ هي سفر نامو انڊيا توڙي يورپ جي ماڻهن لاءِ هڪ ٻئي جي علائقن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ بلاشڪ ڪارآمد ثابت ٿيو هوندو. اڄ هي سفرنامو انهن ڏينهن جي حالت ۽ تاريخ جي تصوير ڪشي ڪري ٿو. ابو طالب ان وقت جي يورپ ۾ جيڪي ڏٺو، خاص ڪري انڊسٽريل ترقي، ڪارخانا، نيون ايجادون، حڪومت جا طريقا، ڪارون، ريل گاڏيون، آرٽ، جوڊيشري، ايسٽ انڊيا ڪمپني، مختلف درجن جي ماڻهن جي طرزِ زندگي، وغيره وغيره پنهنجا ويچار ڏنا آهن... ۽ اهو پڻ تفصيل سان لکيو اٿس ته ڪيپ ٽائون (ڏکڻ آفريڪا) جا مسلمان مهربان ۽ اعليٰ درجي جا آهن... انڊامان ۽ نڪوبار (ڪاري پاڻيءَ) جا آدم خور جهنگلي ماڻهو، جھاز تي ساڻس سفر ڪندڙ يورپي مسافرن کان بهتر آهن... آڪسفورڊ هندستاني مندرن جو شهر لڳي ٿو... ننڍي کنڊ جا قاضي ۽ سندن انصاف ڏيڻ جو طريقو انگلينڊ جي جوڊيشريءَ کان بهتر آهي، جيڪو خوفائتو ۽ غلطين جو مرتڪب آهي. ابو طالب انگلينڊ ۾ برابريءَ جي نظام جي تعريف ڪري ٿو ته اتي قانون جي نظرن ۾ هر هڪ برابر آهي... ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون.
مرزا ابو طالب جي زندگيءَ جو احوال به سندس هن سفر نامي مان پوي ٿو، جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته هو ڪٿي جو آهي ۽ هن جا وڏا ڪير هئا، وغيره. ابو طالب جو پيءُ حاجي محمد بيگ خان ترڪ نسل جو هو ۽ عباس آباد (اصفهان، ايران) ۾ ڄائو ۽ اتي ئي رهيل هو، پر نادر شاهه افشار (جنهن 1736ع کان 1747ع تائين ايران تي حڪومت ڪئي) جي ظلمن جي خوف کان ابو طالب جو پيءُ اصفهان ڇڏي انڊيا جي اوڌ رياست جي شهر لکنوءَ ۾ هليو آيو، جتي هن جي ڄاڻ سڃاڻ صفدر جنگ سان ٿي، جيڪو هن رياست جو نواب هو. دراصل صفدر جنگ وارن جو خاندان به ايران کان انڊيا آيو هو. صفدر جنگ جي چاچي برهان الملڪ سعادت علي خان (اول) جو واسطو ايران جي صفوي گهراڻي سان هو. پاڻ ايران جي خراسان صوبي جي شهر نيشاپور (جيڪو مشهد جي ويجهو آهي) ۾ 1680ع ۾ ڄائو ۽ مغلن جي حڪومت ۾ انڊيا هليو آيو. مغلن جا آخري بادشاهه ڪمزور ٿي چُڪا هئا. هنن جو سڄو زور حرم ۾ عورتن جو تعداد وڌائڻ، نشي ۾ ڌت رهڻ، ناچ گاني ۽ ڪبوتر پالڻ تي وڃي رهيو هو ۽ چوڌاري سک، مرهٺا، مختلف نواب، راجا پنهنجي پنهنجي رياست ٺاهي، ان تي پنهنجي طاقت ڄمائي رهيا هئا. نيشاپور جي هن خراساني برهان الملڪ انڊيا جي اُترئين رياست اوڌ (Oudh) جو نواب ٿي 1722ع کان 1739ع مرڻ تائين حڪومت ڪئي. کيس ڪو پٽ نه هو، ان ڪري سندس وفات بعد هن جو ناٺي صفدر جنگ (ابو منصور خان) اوڌ رياست جو نواب ٿيو ۽ 1739ع کان 1754ع وفات تائين حڪومت ڪيائين. هي دؤر هو جنهن ۾ ابو طالب جو پيءُ زال سان گڏ اصفهان کان لکنوءَ آيو، جتي هن کي صفدر جنگ نوڪريءَ ۾ رکيو. 1754ع ۾ صفدر جنگ جي وفات بعد سندس پُٽ نواب سراج الدوله اوڌ رياست جو نواب ٿيو. ابو طالب جي پيءُ حاجي بيگ خان، صفدر جنگ جي ڀائٽي محمد قلي خان وٽ نوڪري پئي ڪئي. صفدر جنگ جي وفات بعد نواب سراج الدوله جي پنهنجي سؤٽ قلي خان سان اڻبڻت ٿي پئي، جنهن کي هن قتل ڪرائي ڇڏيو. حاجي بيگ خان اهو حال ڏسي لکنو ڇڏي مغربي بنگال جي شهر مرشد آباد اچي نڪتو. پنهنجي زال ۽ ٻه سال کن اڳ ڄاول پٽ ابو طالب کي لکنوءَ ۾ ئي ڇڏيائين.
نئين نواب کي حاجي بيگ جي ان حرڪت تي ڪاوڙ ته لڳي، پر هن ابو طالب جي ماءُ جي خرچ پکي ۽ ٻار جي اعليٰ تعليم لاءِ چڱو پئسو ڏنو. ابو طالب جو پيءُ بنگال ۾ ڪڏهن انگريزن وٽ ته ڪڏهن مقامي نوابن وٽ نوڪري ڪندو رهيو ۽ 1768ع ۾ وفات ڪيائين. ابو طالب جي بنگال جي نواب مظفر جنگ جي خاندان مان شادي ٿي ۽ هو اتي جي شهزادي جي خدمت ۾ رهيو. 1775ع ۾ شجاع الدوله جي وفات بعد آصف الدوله اوڌ رياست جو نواب ٿيو ته ابو طالب کي اوڌ رياست ۾ گهرائي ائڊمنسٽريٽر ۽ ٽئڪس ڪليڪٽر جي نوڪري ڏني وئي. هن سال ڏيڍ لکنو ۾ رهڻ بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي. اتي هو گورکپور ۾ ڪرنل اليگيزنڊر هئني کي ٽئڪس ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ مدد ڪرڻ لڳو... بهرحال قصي کي ختم ڪجي. هن انگريزن وٽ ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون. آخر ۾ هڪ انگريز جي بيمار ٿيڻ تي هي ان سان گڏ انگلينڊ روانو ٿيو. رستي تي ڪيپ ٽائون ۽ ٻين بندرگاهن مان ٿيندا هو انگلينڊ پهتا. ان بعد هن يورپ جا ملڪ به گهميا. واپس خشڪيءَ رستي يونان، ترڪي، مصر ۽ ٻين ملڪن مان ٿيندو ايران پهتو. سمجهو ته هن ٽي چار سال ان سفر ۾ لڳايا، جنهن جو احوال هن پنهنجي سفرنامي ۾ فارسيءَ ۾ لکيو آهي جنهن جا ترجما ۽ ڇاپا اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن.

صفوي گهراڻي جا ڪجهه شروعاتي حاڪم:

شاهه اسماعيل اول- پهريون بادشاهه
ڄم: 1487ع. حڪومت: 1501ع کان 1524ع تائين
شاهه اسماعيل اول صفوي گهراڻي جو باني هو، جنهن گهراڻي ايران تي ٻن صدين کان وڌيڪ حڪومت ڪئي. هن شيعه فرقي جو اثنا عشري سرڪاري مذهب ڪرايو. پاڻ شاعر به هو، لقب هوس ”خطائي“ معنيٰ گنهگار.

شاهه ٿهماسب يڪم- ٻيو بادشاهه
ڄم: 1554ع. حڪومت: 1524ع کان 1576ع وفات تائين
صفوي گهراڻي ۾ سڀ کان وڏو عرصو حڪومت ڪيائين.
والدين: شاهه اسماعيل اول ۽ تاجلي بيگم
همايون مغل بادشاهه ۽ شهزادو بايزيد پنهنجي پيءُ سلطان سليمان يڪم (Suleiman the Magnificent) جي ڪاوڙ ۽ خونريزي کان بچڻ لاءِ شاهه تهماسب يڪم وٽ آيا هئا.

شاهه اسماعيل دوم- ٽيون بادشاهه
ڄم: 1537ع. حڪومت: 1576ع کان 1577ع مرڻ تائين
والدين: تهماسب يڪم ۽ سلطانم بيگم

شاهه محمد خدا بندهه – چوٿون بادشاهه
ڄم: 1532ع. حڪومت: 1578ع کان 1587ع تائين
سندس پُٽ عباس اول کيس تخت تان لاٿو.
والدين: تهماسب يڪم ۽ سلطانم بيگم

شاهه عباس اول- پنجون بادشاهه
ڄم: 1571ع. حڪومت: 1588ع کان 1629ع.
صفوي گهراڻي جو طاقتور حاڪم
والدين: محمد خدا بندهه ۽ خيرالنساءَ بيگم
پنهنجن پُٽن مان ڪِن کي انڌو ڪيائين ته ڪِن کي قتل.

شاهه صفي اول- ڇهون بادشاهه
ڄم: 1612ع. حڪومت: 1629ع کان 1642ع مرڻ تائين
والدين: محمد باقر ولد شاهه عباس اول ۽ دلارام خانم

1615ع ۾ شاهه عباس اول پنهنجي پُٽ محمد باقر کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪيو. هن پنهنجن ٻين 19 کن پُٽن کي به انڌو ڪيو يا قتل ڪيو، ان ڪري تخت لاءِ صفي اول ئي رهيو. جنهن پڻ تخت تي ويهڻ سان صفوي گهراڻي جي شهزادن کي (جن ۾ شڪ هئس ته بغاوت ڪندا) قتل ڪرائي ڇڏيو. پاڻ گهڻي شراب خوريءَ ڪري ٽيهه سالن جي ڄمار ۾ مري ويو.

شاهه عباس دوم- ستون بادشاهه
ڄم: 1632ع، حڪومت: 1642ع کان 1666ع
والدين: صفي اول ۽ آنا خانم.

شاهه سليمان – اٺون بادشاهه
ڄم: 1648ع، حڪومت: 1666ع کان 1694ع تائين
والدين: عباس دوم ۽ روسي (چرڪس)نڪهت خانم
شاهه سليمان به گهڻي پيئڻ ڪري مري ويو.

رياست اُوڌ جا نواب

اوڌ اڄ جي انڊيا جي اترئين رياست اتر پرديش (UP) وارو علائقو آهي، جنهن جي اتر ۾ نيپال آهي. منجهس لکنو، آيوڌيا، الهه آباد ڊويزنون ۽ ڪجهه ڪانپور جا ضلعا اچيو ٿا وڃن. ڏکڻ ۾ گنگا نديءَ جو دو آب آهي. پوک جي لحاظ کان بيحد سرسبز ۽ امير علائقو آهي. 1350ع کان اوڌ جو علائقو دهليءَ جي سلطانن، مغل بادشاهن، اوڌ جي نوابن ۽ برٽش راڄ جي هٿن ۾ رهيو. 1857ع واري بلوي ۾ هن علائقي (اوڌ نوابي رياست) جو هڪ شهر ڪانپور هنگامي جو مرڪز بڻيو.
1555ع ۾ همايون بادشاهه اوڌ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. شهنشاهه جھانگير هي صوبو پنهنجي پسند جي ماڻهوءَ شيخ عبدالرحيم حوالي ڪيو. 1722ع ۾ هِن صوبي اوڌ جو نواب ايران کان آيل سعادت خان کي مقرر ڪيو ويو جنهن پنهنجي درٻار فيض آباد ۾ ٺاهي. لکنوءَ جا نواب دراصل اوڌ جا نواب هئا. انهن کي لکنوءَ جا نواب ان ڪري سڏيو ٿو وڃي جو اوڌ جي ٽئين نواب اوڌ رياست جي گاديءَ جو شهر لکنو ڪيو ۽ هي لکنوءَ ۾ رهڻ لڳا.

اوڌ جي ڪجهه نوابن جو شجرو ....

برهان الملڪ – پهريون نواب
اصل نالو: سعادت علي خان اول
ڄم: 1680ع ۾ نيشاپور، خراسان

سندس تعلق صفوي گهراڻي سان هو. هو ايران کان دهليءَ، مغلن وٽ آيو هو. ترڪ ۽ فارسي ٻوليون ڳالهايائين ٿي.
حڪومت: 1722ع کان 1739ع مرڻ تائين

صفدر جنگ (ابو منصور خان) ـــ ٻيو نواب
اصل نالو: محمد مقيم
ڄم: 1708ع. حڪومت: 1739ع کان 1754ع وفات تائين

شجاع الدوله – ٽيون نواب
اصل نالو: جلال الدين حيدر
ڄم: 1732ع. حڪومت: 1754ع کان 1775ع وفات تائين

آصف الدوله - چوٿون نواب
اصل نالو: محمد يحيٰ مرزا
ڄم: 1748ع. حڪومت: 1775ع کان 1797ع وفات تائين

آصف جاه مرزا- پنجون نواب
اصل نالو: وزير علي خان
ڄم: 1780ع. حڪومت: 1797ع کان 1798ع، وفات 1817ع

يامين الدوله
اصل نالو: سعادت علي خان دوم
ڄم: 1752ع. حڪومت 1798ع کان 1814ع وفات تائين

برادر ڪُشيءَ جو سلسلو

مٿين صفحن ۾ سلطنت عثمانيه جي چوڏهين سلطان ”احمد اول“ (جنهن 1603ع کان 1617ع تائين حڪومت ڪئي)، ان جو احوال لکندي ٻڌايو اٿم ته، هن پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ اهو نيڪ ڪم ضرور ڪيو، ته هن سلطنت عثمانيه جي شاهي خاندان ۾ هلندڙ برادر ڪشيءَ (Fratricide) جي رواج کي ٻنجو ڏنو. برادرڪشي، يعني ڀائرن کي ختم ڪرڻ جي هن رواج ۾، نه فقط ڀائر، پر ڪن سلطانن پنهنجا سئوٽ ۽ ڀائٽيا به قتل ڪري ٿي ڇڏيا. اهو ان ڪري جو هنن کي شڪ ٿي ٿيو ته متان منهنجو ڀاءُ يا سئوٽ سلطان ٿيڻ جي شوق ۾ منهنجي خلاف بغاوت نه ڪري ۽ مون کي تخت تان لاهي مون کي ماري نه ڇڏي، ان کان بهتر آهي آئون هن کي اڳواٽ قتل ڪري ڇڏيان...... ڪٿي ته پوڙهي پيءُ چاهيو ٿي ته سندس مرڻ بعد هن جو ٻيو يا ٽيون نمبر پُٽ بادشاهه ٿئي ته هن پنهنجن وڏن پُٽن کي مارائي ٿي ڇڏيو، جيئن هن جي پسنديده پُٽ کي وارو ملي ۽ ان کي وارو ملڻ تي، يعني بادشاهه ٿيڻ تي هن پنهنجن باقي ڀائرن کي به مارائي ٿي ڇڏيو. ڪنهن ڪنهن سلطان ته نه فقط پنهنجن ڀائرن کي، پر پنهنجن سئوٽن ۽ شاهي خاندان جي ٻين نوجوانن جو به قتل ڪرائي ٿي ڇڏيو يا اکيون ڪڍرائي ٿي ڇڏيون، جيئن هو حاڪم ٿيڻ جي قابل نه رهن. قتل ڪرڻ جو عام طريقو گلو دٻائڻ يعني (Strangulation) هوندو هو، جنهن ۾ تار يا سنهي نوڙيءَ کي ڳچيءَ جي چوڌاري ٻڌي ماريو ويندو هيو. ڳلو گهٽجڻ تي رت دماغ ڏي وڃڻ بند ٿيو وڃي. ڳلي کي دٻائڻ سان ساهه کڻڻ جو پائيپ (Trachea) به دٻجيو وڃي ۽ ساهه کڻڻ ناممڪن ٿيو پوي. هن ڪم لاءِ هر دؤر ۾ خاص ماهر هوندا هئا يا اهو ڪم محل ۾ ڪم ڪندڙ کدڙن ۽ حبشي نوڪرن کان ڪرايو ويندو هُيو.
سلطنت عثمانيه جي چوڏهين سلطان ”احمد اول“ اها برادر ڪشيءَ جي ڪُڌي رسم ضرور ختم ڪرائي. هن جي پيءُ سلطان محمد سوم پنهنجي حڪومت جي دؤر ۾ پنهنجن 19 ڀائرن کي قتل ڪري انهن کي پنهنجي پيءُ سان گڏ هڪ ئي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو. سلطان احمد اول ڀائرن کي قتل ڪرڻ بدران هنن کي محل جي هڪ حصي ۾ قيد ڪرڻ جو قانون ٺاهيو، جنهن جو نالو ”قفس“ (قيد خانو) رکيو، جنهن ۾ ڄڻ ته هنن کي سڄي عمر House Arrest ڪيو ويندو هيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن قيد اڪيلائيءَ ۾ هو پاڳل ٿي پئي ويا يا خودڪشي ڪري پئي ڇڏيائون.
سلطان سليم دوم جي پيءُ سلطان سليمان پنهنجن پُٽن مصطفيٰ ۽ بايزيد کي مارائي ڇڏيو. انهن جو ٽيون ڀاءُ جھانگير پنهنجن ٻن ڀائرن جي قتل جي صدمي ۾ مري ويو ۽ وڏو ڀاءُ محمود ماتا جي بيماريءَ سبب اڳ ۾ ئي مري چڪو هو. رهجي ويو سليم دوم، جنهن جي ماءُ سلطان سليمان جي دلپسند ويهاريل (ڪنيز) هئي.
اسان وٽ اڪثر اهو بحث هلندو آهي، ته ڪنهن صاحب حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال کي مارائي ڇڏيو. ان جي جواب ۾ ٻيا اهو ئي چوندا آهن ته، مسلمان ٿي ڪري اهو ماڻهو پنهنجي ٻچن جي ماءُ کي ڪيئن ٿو ماري؟! آئون اهو ئي چوندو آهيان، ته ان جي حقيقت پوليس، انٽيليجنس ۽ جوڊيشري معلوم ڪري سگهي ٿي. اسان هڪ عام ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ محلاتن جي سازشن بابت ڪهڙي ڄاڻ رکي سگهون ٿا..... پر ها، تاريخ جي شاگرد جي حيثيت ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته، اهو ممڪن آهي، ڀلي ڪو پنج وقت نمازي هجي. دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، خاص ڪري مسلمان بادشاهن جي واقعن سان، جن مسجدون ۽ مدرسا هڪ طرف ٺھرائي اسلام جي خدمت جي پرچار ڪئي، ته ٻئي طرف حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ يا ان جي کسجڻ جي ڊپ کان، پنهنجا سڳا ۽ ويڳا ڀائر قتل ڪري ڇڏيا، پنهنجن ڀائـٽن توڙي پيءُ جون اکيون ڪڍي ڇڏيون... پنهنجي دلپسند ڪنيز جي پُٽ کي تخت ڏيارڻ لاءِ هنن پنهنجا باقي پُٽ مارائي ڇڏيا ۽ جڏهن حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو پنهنجا پُٽ، پيءُ، ڀائر ۽ ڀائٽيا مارائي سگهي ٿو، ته زال کي قتل ڪرڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟!
مون سان گڏ سئيڊن ۾ پڙهندڙ ترڪيءَ جو جھازي انجنيئر ”سلطنت عثمانيا“ جي ڪنهن ظالم سلطان لاءِ ٻڌائيندو هو ته، هن معمولي ڳالهه تي ڪاوڙجي، پنهنجين ٽي سئو زالن کي جيئرو ڳوڻين ۾ سبي، باسفورس ۾ اڇلائي ڇڏيو. باسفورس اهو سوڙهو سمنڊ آهي، جيڪو ميڊيٽرينين سمنڊ ۽ بحرِ اسود کي ڳنڍي ٿو ۽ استبول شهر جي وچ مان لنگهي ٿو. سندس ٻنهي پاسي سلطنت عثمانيه جي سلطانن جا تاريخي محل پڻ آهن، جن ۾ وقت جا حاڪم رهندا هئا. اها ڳالهه ته حقيقت آهي، ته هر سلطان وٽ ڌڻ زالن ۽ سريتن جا هوندا هئا، جن کان ڪا غلطي ٿيندي هئي يا سلطان ڪاوڙبا هئا ته هو هنن کي جيئري ئي ڳوڻين ۾ سبي هيٺ باسفورس ۾ ڦٽو ڪندا هئا.
بحرِ اسود (Black Sea) جي ملڪن رومانيا، بلغاريا، يوڪرين وغيره جي بندرگاهن ۾ ويندي، يا واپس ميڊيٽرينين سمنڊ ڏي ايندي، اسان کي هر وقت جھاز کي هن باسفورس سمنڊ مان اڪرائڻو پوي ٿو. سلطنت عثمانيه (Ottomon Empire) جي تاريخ پڙهڻ بعد مون کي سمنڊ جي هن حصي ”باسفورس“ مان لنگهندي، هتي جي سلطانن جي زالن ۽ ڪنيزن جو سوچي، اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا. جتي منهنجا ٻيا جھازي دوست، باسفورس مان گذرندي، جھاز جي ڊيڪ تي چيلهه تي هٿ رکي استنبول شھر جو نظارو ڪندا هئا ۽ فوٽو ڪڍندا هئا، اتي آئون باسفورس جي پاڻيءَ ۽ سلطانن جي محلن کي ڏسي غمگين ٿي ويندو هوس، جتان جوان عورتن کي ڳوڻين ۾ سبي باسفورس ۾ اڇلايو ويو ۽ هو پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿ پير به نه پئي هڻي سگهيون. ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ بعد هنن جون رڙيون به بند ٿي ويون هونديون ۽ سير ڏنل ڪڪڙ وانگر ڳوڻين ۾ ڪجهه ڦٿڪا کائي مري ويون هونديون.
تاج ۽ تخت کي حاصل ڪرڻ يا محفوظ رکڻ خاطر پنهنجي ڀائرن يا ٻين مائٽن کي ڪاٽا ڪرڻ، نه فقط سلطنت عثمانيا جي سلطانن ۾، پر ٻين به ڪيترن شاهي گهراڻن ۾ عام هو. ايران جي پراڻي سلطنت هخامنشي (Achaemenid Empire) کي ٿو ڏسجي ته ڪوروش اعظم Cyrus (جنهن 550 ق م کان 530 ق م تائين ايران (پرشيا) تي حڪومت ڪئي) جي مرڻ تي سندس پُٽ قمبيز الثانيءَ (Cambyses-II) پنهنجي ڀاءُ بارديا کي قتل ڪري، پاڻ تخت تي ويٺو. اهڙيءَ طرح شهنشاهه اردشير اول (Artaxerxes-I) جي وفات تي سندس پُٽ خشيار شاي دوم (Xerxes-II) تخت تي ويٺو. اڃا 45 ڏينهن حڪومت مس ڪيائين ته هن کي سندس ڀاءُ سغد پانهه (Sodianus) قتل ڪري، پاڻ تخت تي ويٺو. هو اردشير اول جي هڪ سريت مان غير قانوني پُٽ هو. هن ڇهه مهينا حڪومت ڪئي ته سندس هڪ ويڳي ڀاءُ دارا دوم (Darius-II) سندس منهن ڦلهير جي ڍير ۾ وجهي ٻوساٽي ماري ڇڏيس ۽ پاڻ 423 ق م کان 405 ق م تائين ايران جو بادشاهه ٿيو.
اهڙيءَ طرح ڏٺو وڃي ته سلطنت اشڪانيان (Parthian Empire) ۽ سلطنت ساساني (Sassanid) ۾ به توهان کي برادرڪشيءَ جا انيڪ مثال ملندا. وري ننڍي کنڊ ڏي ٿي نظر وجهجي ته مغل سلطنت ۾ شاهجھان پنهنجي ڀاءُ خسرو مرزا کي 1622ع ۾ ۽ ٻئي ڀاءُ شهريار کي 1628ع ۾ قتل ڪيو. دارا شڪوهه شاهجهان جو وڏو پُٽ ۽ تخت جو حقدار هو، پر شاهه جھان جي بيمار ٿيڻ تي دارا شڪوهه کي سندس ننڍي ڀاءُ اورنگزيب 1659ع ۾ قتل ڪيو ۽ پاڻ تخت تي ويٺو. جيتوڻيڪ شاهجهان بيماريءَ مان صحتياب ٿي ويو، پر تخت پنهنجي پيءُ حوالي ڪرڻ بدران اورنگزيب هن کي پاڳل مشهور ڪري آگري واري قلعي ۾ قيد ڪري رکيو، جتي 1666ع ۾ هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اورنگزيب لاءِ چون ٿا ته ديندار انسان هو. هن کي نه فقط سڄو قرآن ياد هو، پر ڪيتريون ئي حديثون پڻ. هو نماز روزي جو به پابند هو.... سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا هن کي خبر نه هئي ته هڪ انسان کي قتل ڪرڻ سڄي انسانيت کي قتل ڪرڻ برابر آهي؟ هن پنهنجي پوڙهي پيءُ کي قيد ڪري اذيتون ڏنيون. ڇا هن کي والدين جي درجي جي خبر نه هوندي؟ يا اهو چئجي ته تخت ۽ تاج ۾، يعني حڪومت حاصل ڪرڻ ۾ ايڏي ڪشش آهي، جو انسان کان دين ۽ ڌرم وسريو وڃي!
اطالوي ليکڪ منوچي، انڊيا بابت پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته، اورنگزيب جي حڪم تي هن جي ماڻهن اورنگزيب جي وڏي ڀاءُ دارا شڪوهه کي قتل ڪري هن جو سر ڌڙ کان ڪپي اورنگزيب ڏي موڪليو. اورنگزيب پنهنجي ڀاءُ جي سر کي غور سان ڏٺو ته واقعي ان جو آهي يا نه. پڪ ٿيڻ تي هن پنهنجي خنجر سان ان سر کي ٽي چيهڪ ڏنا ۽ پوءِ حڪم جاري ڪيو، ته هن سر کي ڪنهن ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪري سندس بيمار پيءُ شاهجهان ڏي آگري قلعي موڪليو وڃي (جتي هن کي اورنگزيب قيد ڪري رکيو هو). قاصد کي اهو به چيو ويو، ته جنهن وقت شاهجھان رات جي مانيءَ تي ويهي ته سندس وڏي پُٽ جي سر واري هيءَ پيتي هن کي پيش ڪري اهو چيو وڃي، ته هي خاص طعام تنهنجي لاءِ تنهنجي ننڍي پُٽ اورنگزيب موڪليو آهي ۽ نياپو ڪيو آهي ته اسان اڄ به توکي وساريو ناهي.
منوچي لکي ٿو ته، بيمار ۽ ڪمزور شاهجھان اهو ٻڌي خوش ٿيو ۽ چيو ته، رب پاڪ شل هن تي رحمتون نازل ڪري، جو هن مون کي ياد ڪيو آهي..... ان بعد جڏهن هن پيتي کولي ۽ وڏي پُٽ دارا شڪوهه جو رتوڇاڻ سر ڏٺو ته هن کي ڏڪڻي وٺي وئي ۽ غش ٿي ڪري پيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته منوچي (Niccolao Manucci) هڪ ليکڪ، گهمڻ ڦرڻ جو شوقين، طِب جو ڄاڻو ۽ جاگرافر هو. پاڻ 1638ع ۾ اٽليءَ جي شهر وينس ۾ ڄائو هو. هن 1660ع کان وٺي 1717ع ۾ وفات تائين، تقريبن سڄي ڄمار انڊيا ۾ گذاري ۽ 79 ورهين جي عمر ۾ انڊيا جي شهر چنائي (مدراس) ۾ وفات ڪئي. سندس 1698ع ۾ اطالوي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب “Storia do Mogor” (جيڪو انگريزيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيندو رهي ٿو) ۾ مغلن جي تاريخ ۽ زندگيءَ جو تفصيلي احوال آهي. خاص ڪري شاهه جھان، اورنگزيب، شيواجي مهاراج، دارا شڪوهه، شاهه عالم، راجا جئه سنگهه ۽ ڪيرت سنگهه بابت.
شاهي خاندانن ۾ برادر ڪشيءَ (Fratricide) ۽ ويجهن عزيزن کي مارڻ واري سلسلي تي لکندي، آخر ۾ ايراني شاعر فردوسيءَ جي ڊگهي قومي نظم ”شاهنامي“ جو حوالو ڏيڻ به ضروري ٿو سمجهان، جنهن ۾ پڻ تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مثال نظر اچن ٿا. جيئن بادشاهه فريدون جي وفات بعد هن جا پُٽ سام ۽ تور گڏجي پنهنجي ڀاءُ ايرج کي قتل ڪن ٿا. فريدون بادشاهه پنهنجي سلطنت پنهنجن ٽنهي پُٽن ۾ ورهائي هئي. هن وڏي پٽ سام جي حوالي شام ملڪ ڪيو، ٻئي نمبر تور کي توران ڏنو ۽ ننڍي پٽ ايراج کي ايرنا جي حڪومت ملي. پيءُ جي مرڻ بعد وڏي ڀاءُ سام ٻئي نمبر ڀاءُ تور سان ملي ننڍي ڀاءُ ايرج کي قتل ڪري ڇڏيو. ان تي ايران ۽ توران جي وچ ۾ جنگين جو هڪ طويل سلسلو شروع ٿي ويو هو. ڪئين سالن بعد ايرج جي پوٽي ”منوچھر“ وڏو ٿي سام ۽ تور کي ماري پنهنجي ڏاڏي جو بدلو ورتو ۽ پاڻ ٻنهي جي حڪومتن جو مالڪ ٿيو.
ايراني مِلي داستان ”شاهنامي“ جو ”رستم“ هڪ بيحد مشهور روايتي هيرو ٿي گذريو آهي. رستم اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجي پٽ ”سهراب“ جو قتل ڪيو. بعد ۾ رستم کي سندس ويڳي ڀاءُ ”شغاد“ ماريو. هن رستم کي سندس گهوڙي سميت هڪ اڳواٽ کوٽايل وڏي کڏ ۾ ڌڪو ڏنو، جنهن ۾ ڪپ، خنجر، نيزا ۽ ٻيون لوهي چهنبدار ۽ تکيون شيون رکيون ويون هيون. کڏ ۾ مرڻ کان اڳ رستم بدلو وٺڻ جو سوچي ٿو. هن شغاد کان ڪمان ۽ ٻن تيرن جي فرمائش ڪئي. رستم کي تير ۽ ڪمان ڏئي شغاد ڀڄڻ لڳو، پر رستم جو پهريون تير ئي هن کي اهڙو لڳو جو اتي ڍيري ٿي پيو. اهڙيءَ طرح اغريرث (Aghrirath) هڪ مشهور توراني ڪردار جو قصو ”شاهنامي“ ۾ آهي. اغريرث توران جي سلطنت جي بادشاهه پشنگ جو پُٽ هو. هن کي سندس ڀاءُ افراسياب قتل ڪيو.

سلطان هن کي آخر تائين زال نه بڻايو

پاڻ واپس جپان جي شاهي خاندان جي احوال تي اچون، جن جا بادشاهه 660 ق م کان اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن. انهن مان ڪي اصل راڻين جو اولاد هئا، ته ڪي انهن شهنشاهن جي ويهاريل سريتن جو اولاد هئا. سلطنت عثمانيه جي سلطانن، ايران جي شاهن، انڊيا جي مغل بادشاهن، اُميه خليفن ۽ ٻين حاڪمن وانگر جپان جي شهنشاهن به سريتون (Concubines) خوب رکيون ٿي. شهنشاهه هيرو هِتو (جنهن جي ڏينهن ۾ ٻي جنگِ عظيم لڳي ۽ آمريڪا وارن ناگاساڪي ۽ هيروشيما شهرن تي بم هنيا) پهريون شهنشاهه هو، جنهن تخت تي ويهڻ تي وڌيڪ سريتون رکڻ بدران، شاهي درٻار طرفان مليل اڳ واريون 39 سريتون به واپس ڪري ڇڏيون ۽ آئندي لاءِ هر شهنشاهه لاءِ سريت رکڻ تي بندش هنئين. اهو به رڪارڊ تي رهي ته هن جو پيءُ شهنشاهه تائشو (ڄم جو نالو يوشي هتو) سندس ڏاڏي شهنشاهه ميئجي جي رکيڪ (Concubine) ياناگيهارا ناروڪو (Yanagihara Naruko) مان غير قانوني هو. ناروڪو جو پيءُ شاهي درٻار ۾ سرڪاري ڪامورو هو، جيڪو پوءِ ترقي ڪري جپان جي هڪ ضلعي (پريفيڪچر) ياماناشي جو گورنر ٿيو. سندس ڌيءَ (جيڪا بيحد ذهين، بااخلاق ۽ خوبصورت هئي) کي شاهي محل ۾ 1870ع ۾ جپان جي 121 هين شهنشاهه ڪوميئي (120 شهنشاهه ننڪو جي پُٽ ۽ 122 هين شهنشاهه ميجيءَ جي پيءُ) جي راڻي زال اساڪو ڪوجيءَ (Asako Kuji) جي خدمت لاءِ رکيو ويو ۽ کيس “Lady of Bed Chamber” جو عهدو ڏنو ويو. هيءَ ڇوڪري ناروڪو ۽ وقت جو شهنشاهه ميجي هڪ ئي قبيلي (Clan) جا هئا ۽ سندن پڙ ڏاڏو يا تڙ ڏاڏو ساڳيو هو. محل اندر ملڪ جي رسم ۽ شاهي خاندان جي وهنوار مطابق شهنشاهه ميجيءَ کي راڻيءَ (زال) کان علاوه ٻه ٽي درجن ڪنيزون به هيون، پر هن جي هن ڇوڪري ناروڪو (جيڪا سٺي شاعره ۽ ڪئليگرافر به هئي) سان دوستي ٿي وئي. اهڙين حالتن ۾ شهنشاهن (حاڪمن، بادشاهن) جي مائرن، ڀينرن به چاهيو ٿي ته حاڪمن جو ريزڪي ڪم به هلندو رهي. اهو ڪم هڪ ته حاڪم جي خوشنوديءَ لاءِ قائم رکيو ٿي ويو، جيئن هن جي دل وندري رهي ۽ ٻيو ته شهنشاهه لاءِ اهو ان ڪري به ضروري سمجهيو ٿي ويو ، جيئن هن کي گهڻي کان گهڻا ٻار ٿين ۽ والي وارث جي کوٽ پيدا نه ٿئي. ڇو جو متان حاڪم کي پنهنجي راڻي صاحبه مان ڪو پُٽ نه ٿئي يا ڄاول هڪ يا ٻه چار پُٽن مان ڪوبه نه بچي (جو انهن ڏينهن ۾ بيمارين جا اڃان سٺا علاج ايجاد نه ٿيا هئا ۽ ٻار ننڍي عمر ۾ ئي مليريا، ڪالرا، ماتا، ٽائيفائيڊ جھڙين بيمارين وگهي مري ويا ٿي) ته اهڙي حالت ۾ سلطنت لاءِ وارث حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ويهاريل، سريت، غلام، ٻانهيءَ يا ڪم واري ڇوڪريءَ مان ڄاول ٻار کي شهنشاهه بڻايو وڃي. مثال طور 119 هين شهنشاهه ڪوڪاڪو کي سندس راڻي زال ۽ مختلف ويهاريل عورتن (Concubines) مان جملي سورهن ٻار ٿيا. اَٺَ پُٽ ۽ اَٺَ ڌيئون. پر سڀ ننڍي هوندي مري ويا، سواءِ چوٿين نمبر ٻار ”آيا هِتو“ جي، جيڪو سندس سريت ”ڪاجيوجي تاداڪو“ مان هو، جنهن کي بعد ۾ راڻي ياشيڪو هنج جو ٻار ڪري نپايو ۽ شهنشاهه ڪوڪاڪو (Kokaku) جي مرڻ تي هن ٻار آيا هِتو (Ayahito) کي شهنشاهه ننڪو (Ninko) جي نالي سان 120 هون شهنشاهه بڻايو ويو. سو ان قسم جا مثال ڪيترين ئي سلطنتن ۾ ملن ٿا، جن ۾ شهنشاهه/ حاڪم/ بادشاهه جي همت افزائي ڪئي وڃي ٿي ته گهڻي کان گهڻا ٻار پيدا ڪر ۽ جي هن ۾ ٻار ڄڻڻ جي قوت ناهي يا قدرت طرفان هن کي ٻار نٿو ٿئي يا دير سان لکيل آهي، ته ان تي شاهي خاندان ۽ عوام طرفان وڏو زور بار پوي ٿو. جيئن فرينچ انقلاب وارن ڏينهن جي ”بادشاهه لوئي-17“ يا ايران جي شاهه ”محمد رضا پهلويءَ“ کي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ڇتو ڪيو ويو هو.
صفيه سلطان نالي هڪ ڪنيز سلطنت عثمانيه جي ٻارهين سلطان مراد سوم (سلطان سليم دوم جي پُٽ) جي سريت هئي، جنهن مان تيرهون سلطان محمد سوم ٿيو. جنهن 1595ع کان 1603ع تائين ترڪيءَ تي حڪومت ڪئي. پاڻ (صفيه سلطان) پٽ جي وفات بعد به جيئري رهي ۽ پوٽن احمد اول (14هين سلطان) ۽ مصطفيٰ اول (15هين سلطان) کي تاجپوشي ڪندي ڏٺو. صفيه البانيا جي رهواسڻ هئي. 1563ع ۾ جڏهن هوءَ 13 سالن جي هئي ته سلطنت عثمانيه جي ڏهين سلطان سليمان اول (Suleiman the Magnificent) جي پوٽيءَ هما سلطان، پنهنجي سئوٽ (مستقبل جي ٻارهين سلطان) مراد سوم کي ٻانهيءَ (غلام) طور گفٽ ڪئي هئي. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته وڏن ماڻهن جي ڏيڍين يعني محلن ۽ بنگلن ۾ پُٽن کي کارڻ ۾ گهر جي عورتن جو به هٿ رهيو آهي. ظاهر آهي هڪ نوجوان ڇوڪري کي ڪو ٻيو تحفو ڏيڻ بدران سهڻي ڇوڪري حوالي ڪرڻ (سهڻي ڇا، ڪا به نوجوان ڇوڪِري ڏيڻ) جو ڇا مطلب چئي سگهجي ٿو؟ هونءَ ته عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ هر حاڪم پاڻ کي اسلام جو شيدائي به سڏايو پئي. چاهي مغل بادشاهه هجن يا صفوي، بغداد جا عباسي هجن يا اندلس جا اميه. ترڪيءَ جي سلطانن ته پاڻ کي مڪي ۽ مديني جو خدمتگار به سڏيو ٿي، جو عربستان تي ترڪن جي حڪومت هئي، پر ڏٺو وڃي ته ڪيترن جا ڪم غير اسلامي هئا. زنا، شرابخوري، جوا ۽ قتل ته هنن جو عام شغل هو.
صفيه جھڙي تيرهن سالن جي حسين الباني ڇوڪري ملڻ وقت شهزادي مراد سوم جي عمر 17 سال هئي. هو 28 سالن جو ٿيو ته 1574ع ۾، سندس پيءُ سلطان سليم دوم جي وفات تي هن کي تخت تي وهاريو ويو. تيستائين هن کي پنهنجي انهيءَ مٿين ٻانهي صفيه مان ڄاول پٽ محمد سوم 8 سالن جو ٿي چڪو هو. چون ٿا ته تخت تي ويهڻ تائين مراد سوم کي صفيه اڪيلي ڪنيز (concubine) هئي. هن نه ٻي ڪا ڪنيز رکي نه وري ڪنهن سان شادي ڪري ان کي راڻي بڻايو. سلطان بڻجڻ کان پوءِ به هو ڪئين سال ائين رهيو. ايتري قدر جو صفيه مان پيدا ٿيل ٻيو پٽ ننڍي هوندي گذاري ويس، پر هو ان ڪنيز تي ئي گذارو ڪندو رهيو.
هڪ ڪنيز (صفيه) جو هيڏي وڏي سلطنت عثمانيه جي سلطان تي اهڙو قبضو، گهر جي ڀاتين کي پسند نه آيو. خاص ڪري هن جي ماءُ نور سلطان ۽ ڀيڻن کي..... هنن کي اهو به خوف پئي رهيو ته سڀاڻي اهو اڪيلو پٽ محمد به جي مري ٿو وڃي ته سلطان مراد سوم جو وارث ڪير ٿيندو. (صفيه کي ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون ٿيون. وڏو محمد سوم، ٻيو نمبر شهزادو محمود جيڪو ڪجهه سالن جي عمر ۾ گذاري ويو ۽ ٻه ڌيئون، عائشه سلطان ۽ فاطمه سلطان).
وقت گذرندي سلطان مراد سوم 35 سالن جو اچي ٿيو، پر هن کي نه صفيه مان وڌيڪ ٻار ٿيا، نه هن کي ڪنهن ٻي ڪنهن عورت لاءِ ڪا ڪشش محسوس ٿي. سندس ماءُ نور بانو جيڪا اڃان جيئري هئي ۽ جنهن جو سڄي محل تي رعب تاب هو، تنهن پنهنجي پُٽ کي صلاح ڏني ته گهراڻي جي حق ۾ بهتر آهي ته ڪجهه سريتون رک، جيئن انهن مان ڪجهه پُٽاڻو اولاد ٿئي، پر سلطان مراد سوم جي دلچسپي نه وٺڻ ڪري نور بانوءَ کي شڪ ٿيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنيز صفيه هن جي پٽ تي جادو ۽ ڦيڻا ٽوڻا ڪري، هن کي خصي (Impotent) ڪري ڇڏيو هجي ۽ هاڻ هن کي ڪنهن به عورت جي خواهش نه ٿي ٿئي. ان وهم ڪري نور بانوءَ صفيه جي نوڪرياڻين ۽ خدمتگار ٻانھين کي دڙڪا دهمان ڪيا. ويندي جيل ۾ رکرايو ته هو سچي ڪن، جيڪڏهن هنن کي صفيه جي ڪيل جادوءَ يا تعويذن جي ڄاڻ آهي.
سلطان مراد جي هڪ ڀيڻ اسما خان سلطان (Esmehan) ته ڳولي ڳولي ٻه بيحد خوبصورت ٻانهيون خريد ڪري آئي ۽ پنهنجي ڀاءُ حوالي ڪيائين، ته هو انهن کي سريت طور رکي. اهي هن قبول به ڪيون، پر جڏهن گهر جي ڀاتين کي خبر پئي ته هو هنن سان همبستري ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي، ته پوءِ هنن کي پڪ ٿي ته سلطان تي جادوءَ جو اثر آهي. هنن هڪ طرف جادوگرن ۽ ڦيڻن ٽوڻن وارن کي لڳايو، ته ٻي طرف طبيبن حڪيمن کي، جيڪي صبح شام سلطان کي پنهنجين ڦڪين، ستين، معجونن، ڪشتن سان نوازيندا رهيا. پوءِ چون ٿا ته فرانس جي بادشاهه لوئي سترهين وانگر هي سلطان مراد سوم به چاق چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ شھوت اهڙي وڌي ويس، جو انهن ٻن سريتن مان هڪ ٻئي پويان 47 ٻار ٿيا. 20 پُٽ ۽ 27 ڌيئرون!
ان معاملي ۾ سندس پهرين سريت صفيه سلطان ڪنهن به قسم جي رنجش يا ساڙ جو اظهار نه ڪيو. هوءَ سلطان ۽ ان جي خاندان سان اهو ئي اڳ وانگر سٺو هلندي رهي. سلطان جي والده نور بانوءَ جي وفات بعد، سلطان صفيه کي ئي گهر جو وڏو ڪيو ۽ هوءَ هر ڪاروبار هلائڻ کي لڳي رهي ۽ سلطان کي سياسي اٽڪل بازيون ۽ چالون سيکاريندي رهي. سلطان جي آخري ڏينهن ۾ صفيه اڪيلي عورت هئي، جيڪا هن سان ساٿ نڀائيندي رهي. پر اها حيرت جي ڳالهه آهي ته آخر تائين صفيه هن جي سريت ئي رهي، سلطان هن سان شادي ڪري هن کي زال نه بڻايو.
وڏن ماڻهن جي مَٰحلن، بنگلن ۽ ڏيڍين جون ڳالهيون ٿيون ٻڌجن ۽ پڙهجن، ته حيرت ٿي ٿئي. غير مسلم حاڪمن کي ته هڻو کڏ ۾، پر اهي مسلمان حاڪم، بادشاهه، شاهه، سلطان، جن پاڻ کي دين جو رکوالو ۽ خادم ٿي سڏرايو، انهن جي گهرن ۾ ڇا ته انڌا ڌنڌ سيڪس، شراب خوري، خونريزي جھڙن ڪمن جو ڪاروبار هليو پئي، جنهن ۾ نه رڳو مرد پر عورتون به ڀاڱي ڀائيوار رهيون پئي. جن جي آشيرواد سان سلطانن ۽ لاڏلن شهزادن، انهن جي نظر هيٺ، عشق، محبت، شراب ۽ شباب جون محفلون رچايون پئي. انهن محلاتن ۾ پنهنجين جي عصمت بچيل رکڻ لاءِ آفريڪا مان امپورٽ ڪيل غلامن کي کدڙو ڪري، گارڊ طور رکيو ويو ۽ نر پکيءَ جي جهار پئي هڪلي وئي. ان هوندي به تاريخ اهڙن قصن سان ڀري پئي آهي، جن ۾ انهن پهري ۾ رهندڙ پردي وارين به عشق ۽ عيش ڪرڻ جا موقعا ۽ مهلون ڳولهي ٿي ورتيون. ان قسم جي جهلڪ توهان کي اسان وٽ تهمينه درانيءَ جي ناول “My Feudal Lord” يا امر جليل، نسيم کرل، نورالهديٰ شاهه ۽ غلام نبي مغل جهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين مان به ملي سگهي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ خير النساء جعفريءَ جي ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۽ مُنير احمد ”ماڻڪ“ جي ”حويليءَ جا راز“ به ڳڻائي سگهجن ٿيون.
مون پهريون ڀيرو هڪ جونئر مئرين انجنيئر (يعني ففٿ انجنيئر) جي حيثيت ۾ جنهن جھاز ذريعي باسفورس سمنڊ (جيڪو ميڊيٽرينين سمنڊ جي هڪ حصي ايجين سمنڊ کي بحرِ اسود سمنڊ سان ڳنڍي ٿو ۽ ان سمنڊ باسفورس جو وهڪرو استنبول شھر جي وچ مان لنگهي ٿو) ٽپيو، ان جھاز جو چيف انجنيئر ترڪيءَ جو مسلمان هو. ان وقت منهنجي عمر چوويهه پنجويهه سالن کن هئي، هو ستر کان وڏي عمر جو هو. ساموندي زندگيءَ مان رٽائرڊ ٿي هو وري واپس آيو هو. اسان جي جھازران ڪمپنيءَ به نوان نوان جھاز ورتا هئا. هلائڻ وارن جي اڻاٺ هئي سو ٻيو ڪو چيف انجنيئر نه ملڻ تي اسان جي ڪمپنيءَ هن پوڙهي ترڪ چيف انجنيئر کي ان جھاز تي رکيو هو، جنهن تي هڪ جونيئر مئرين انجنيئر جي حيثيت ۾ منهنجي بدلي ٿي هئي.
ترڪ چيف انجنيئر پوڙهو ضرور هو، پر جھازران ڪمپنيءَ يا جھاز جي مالڪ کي ڪهڙي پرواهه. جيستائين ڪنهن جو بين الاقوامي سمنڊن ۾ جھاز هلائڻ جو “M.O.T”وارو امتحان پاس آهي ۽ اهو سرٽيفڪيٽ انشورنس ڪمپنيءَ کان نئون (Renew) ٿيل آهي، هو جھاز هلائي سگهي ٿو، پوءِ ڀلي هو ڪيترو به پوڙهو هجي. جھاز حادثي جي ور چڙهڻ يا ٻُڏڻ تي جھاز جي مالڪ کي انشورنس ڪمپني نقصان ڀري ڏئي ٿي. اسان جو هي ترڪ چيف انجنيئر وڏي عمر جي ڪري، ڪم ۾ سو ڍرڙو هو، پر سڄي دنيا جو ڄاڻو هو. ڳالهائڻ جو به کرو هو. ڪنهن جو به رک رکاءُ نٿي ڪيائين. پنهنجن کي به رهڙي پئي رکيائين. خاص ڪري سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي سلطانن (حاڪمن) تي ته خاص خارون هيس، ته هو ڪهڙا مسلمان حاڪم هئا، جن جون رڳو ڏاڙهيون سي وڏيون هيون، پر ڪم غير اسلامي. رڳو عياشي ڪيائون... چڱو جو مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ پيدا ٿيو، جنهن سلطنت عثمانيه کي ٻنو ڏئي ترڪيءَ کي ريپبلڪ بڻايو ۽ پاڻ ملڪ جو صدر ٿي ترڪيءَ کي خوش حال ۽ جديد بڻايائين...
استنبول شهر جي وچ مان لنگهندڙ باسفورس سمنڊ درياهه وانگر سوڙهو آهي، جنهن مان جھاز جي گذرڻ وقت ٻئي ڪنارا صاف نظر اچن ٿا. باسفورس جي ڪناري ۽ ڪجهه پرڀرو ٺهيل تاريخي محلاتن ۽ وڏن گهرن ڏي اشارو ڪري ٻڌائين ته، ”اهي پراڻيون عمارتون اسان جي سلطانن جون هيون“.
”پوءِ هاڻ ڪير رهن ٿا؟“. جھاز جي ڊيڪ تي ساڻس بيٺل اسان جونيئر آفيسرن پڇيو هيس.
”انهن جو اولاد“. هن چڙ مان وراڻيو. ”يا انهن جا چمچا، جيڪي اڄ به پاڻ کي وڏي ذات پات وارا پاڪ پوتر سمجهن ٿا. هو پاڻ کي رئيس، پير ۽ مذهبي پيشوا سمجهن ٿا، اهي رهن ٿا“.
”اهي ڪهڙو ڪم ڪن ٿا؟“ اسان پڇيو هيس.
”ڪم وري ڪهڙو ڪن ٿا... وڏن جي ملڪيت ويٺا کائين..... يا سياست ۾ اچي عوام جو پئسو پيا هضم ڪن. اڄ به انهن گهرن ۾ هو اهي ئي ڪم ڪن ٿا جيڪي سندن وڏن ڪيا...“.
اسان اهڙن موقعن تي پاسو ڏئي هليا ويندا هئاسين ۽ پنهنجي پوڙهي ترڪ باس کي ڇيڙڻ کان توبنهن ڪندا هئاسين، جيڪو جوش ۾ اچي ڳالھائڻ مهل ڏڪندو هو ۽ ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪرندو هو.
اڄ انهن سلطانن ۽ انهن جي محلن ۾ ٿيندڙ سياسي، سماجي ۽ جِنسي چال بازين جي ڳالهه ڪندي پنهنجو پوڙهو ترڪ چيف انجنيئر به ياد اچي ويو، جنهن سان اڄ کان پورا 50 سال اڳ، هڪ ئي جھاز تي ڪجهه سامونڊي سفر ڪرڻ جو موقعو مليو هوم.

سريتون نه رکڻ ڪري وارث جي ناموجودگي

پاڻ جپان جي شهنشاهت تي موٽي اچون، جنهن جي 122هين شهنشاهه ميئجيءَ جي مشهور (رکيڪ) نارُوڪو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين.
شهنشاهه ميئجيءَ (Meiji) کي پنهنجي زال (راڻي) ماساڪو (جنهن سان 1867ع ۾ تخت تي ويهڻ کان ٻه سال پوءِ شادي ڪيائين) مان پُٽ جو اولاد نه ٿيو ته هن پنهنجو وارث ”تائشو“ کي بڻايو، جيڪو پٽ هن کي محل ۾ سندس مرحوم پيءُ شهنشاهه ڪوميئي (Komei) جي حيات راڻي اساڪو (Asako Kujo) جي خدمت ڪندڙ ڇوڪري ناروڪو مان ٿيو هو.
”اساڪو ڪُوجو“ شهنشاهه ميئجيءَ جي پيءُ شهنشاهه ڪوميئي جي زال ضرور هئي، پر اها به ميئجيءَ جي ماءُ نه هئي. شهنشاهه ميئجي به هڪ سريت ناڪاياما يوشيڪو جو پٽ هو، جيڪا شهنشاهه ڪوميئي جي دلپسند سريت هئي. سو ڏٺو وڃي ته نه فقط شهنشاهه تائشو هڪ سريت جو اولاد هو، پر سندس والد محترم شهنشاهه ميئجي به هڪ سريت جو پُٽ هو.
تاريخ جا گهڻا ڪتاب انگريزيءَ ۾ آهن. ائين ته عربي، فارسي، يوناني، جرمني ۽ هسپانويءَ ۾ به آهن، پر اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو انگريزيءَ جا پڙهن ٿا. هتي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هڪ ٻه لفظ سمجهائڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو بادشاهن، شهنشاهن، حاڪمن جي قصن ۾ عام استعمال ٿئي ٿو. هڪ “Consort” ۽ ٻيو “Concubine”. ”ڪنسرٽ“ اها عورت آهي، جيڪا ان مرد (بادشاهه) سان شادي ڪري ٿي ۽ زال ٿي رهي ٿي. اها راڻي پڻ سڏجي ٿي. بادشاهن جي گهڻو ڪري هڪ ڪنسرٽ رهي ٿي. پر جي هڪ کان مٿي آهن ته انهن مان جيڪا ڏاڏي پوٽي زال آهي يا جنهن تي حاڪم جي گهڻي دل آهي، اها ”چيف ڪنسرٽ“ يعني ”پَٽَ راڻي“ سڏجي ٿي. “Concubine” نڪاح ۾ ايندڙ زال نه هوندي آهي. اها ڪيترائي حاڪم دلپشوريءَ لاءِ رکن ٿا. ڪي ته هڪ ٻه نه پر ڪئين ”ڪن ڪُوبائين“ رکن ٿا، جن لاءِ اسان وٽ ڪنيز، سريت، ٻانهي، غلام، ويهاريل، يار، رکيڪ، رکيل جھڙا نالا استعمال ٿين ٿا. مختلف سلطنتن ۾ اهي سريتون حاڪمن لاءِ اغوا ڪيون وينديون هيون، خريد ڪيون وينديون هيون، خوشامد طور تحفي ۾ ڏنيون وينديون هيون. اهي عورتون نه فقط لطف حاصل ڪرڻ لاءِ رکيون وينديون هيون، پر ان خيال کان به ته جيئن حاڪمن کي انهن مان گهڻي کان گهڻا پُٽ ٿين جيئن اصل زال (Consort) مان پٽ نه ٿئي، يا ٿيڻ بعد فوت ٿي وڃي، ته سريت (Concubine) جي پٽ کي تخت ۽ تاج جو وارث بڻايو وڃي. ڪيترين سريتن کي بعد ۾ زالون به بڻايو ويندو هيو. ڪن جي آخر تائين سريت رهڻ جي باوجود، سندن ڪنهن دلپسند پُٽ کي تخت جو وارث بڻايو ويندو هيو. جنهن جا مثال مٿين صفحن ۾ لکي چڪو آهيان.
جپان ۾ به شروع کان شهنشاهن لاءِ سريتون رکڻ عام ڳالهه هئي. هو اڃان شهزادا هوندا هئا، ته هنن جون مائرون يا حڪومت، هنن کي سريتون مهيا ڪندي هئي. تخت تي ويهڻ بعد ته انهن جو تعداد اڃان به وڌايو ويندو هيو. جپان جي شهنشاهن جيئن ته پاڻ کي آسماني مخلوق ٿي سمجهيو، جو هنن جو وڏو شهنشاهه جيمو (جيڪو جپان جو پهريون شهنشاهه ٿيو) سورج ديوي ”اماتيراسو“ جو اولاد سمجهيو وڃي ٿو. اها مِٿ ٻي جنگِ عظيم دوران ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بم ڪيرائڻ بعد ختم ٿي. جڏهن آمريڪين طرفان جپان حڪومت کان 1945ع ۾ ٺهرايل نئين آئين ۾، جپان جي ان وقت جي شهنشاهه هيرو هِتو کان اعلان ڪرايو ويو ته هو به ٻين وانگر عام ماڻهو آهي، نه ته جپاني اهڙو چريا ٿي پيا هئا، جو پنهنجي بادشاهه کي بقول هڪ تاريخدان جي، ڊيمي گاڊ (پڪو ديوتا) ٿي سمجهيائون. هنن ته اهو به تصور نه ٿي ڪيو ته هو جنگ هارائيندا ۽ سندن هن آسماني شهنشاهه جي هار ٿيندي.
سريتون (Concubines) نه رڳو ترڪ سلطانن، عرب حاڪمن، ايراني شاهن، برونائي جي بادشاهن، مغل بادشاهن، فرانس جي بادشاهن ۽ انهن جي شهزادن رکيون پئي، پر جپان جي شهنشاهن (جن پاڻکي آسماني مخلوق (Divine Rulers) پئي سمجهيو) به پئي رکيون ۽ خوب پئي رکيون. ايتري قدر جو 124هين شهنشاهه هيرو هِتو (جنهن شهنشاهن ۽ انهن جي شهزادن لاءِ سريتون رکڻ تي بندش جو قانون لڳايو) به اڃا شهزادو هو ته هن جي حوالي، دل وندرائڻ لاءِ شاهي درٻار طرفان 39 سريتون ڪيون ويون هيون، جيڪي هن تخت تي ويهڻ سان واپس ڪيون. هڪ زال (جنهن سان شادي ڪيائين) سان توڙ تائين نڀايائين. سندس اها زال ناگاڪو ڪُوني سندس سؤٽ به هئي. جپاني شهنشاهن بابت اهو به لکندو هلان ته هنن شادي ته پنهنجي شاهي خاندان مان ٿي ڪئي پر جيڪي سريتون پئي رکيون، اهي به سئوٽ، ماسات يا سئوٽاڻي سوٽ مان ئي پئي رکيون، جيئن انهن مان پئدا ٿيل ٻار به هڪ ئي رت جا هجن ۽ سورج ديوي ”اماتيراسو“ جو آسماني اولاد سڏجن. جپان جي 124 هين شهنشاهه هيرو هيتو جو پُٽ اَڪيهتو (جپان جو 125 هون شهنشاهه) پهريون شهنشاهه هو، جنهن اها ريت به ختم ڪئي ۽ هُن خاندان کان ٻاهر هڪ عام رعيت جي ڇوڪريءَ مِچيڪو (Michiko Shoda) سان 1959ع ۾ شادي ڪئي، جڏهن هوءَ 25 سالن جي هئي ۽ شهزادو اڪِيهتو 26 سالن جو هو. کين ٽي ٻار ٿيا. نارو هِتو، جيڪو هاڻ شهنشاهه آهي ۽ ٻيو فومي هِتو ۽ هڪ ڌيءَ ساياڪو.
جپان جي شاهي خاندان ۾ هيءَ نه رڳو پهرين عام رعيت جي ڇوڪري هئي، پر هوءَ جپانين جي شنتو يا ٻڌ ڌرم جي هجڻ بدران رومن ڪئٿولڪ (عيسائي) هئي. هن انگريزي ادب ۾ B.A ڪئي هئي ۽ ڪجهه ڪورس آڪسفورڊ ۽ هارورڊ مان به ڪيا هيا. مِچيڪو جي اَڪيهِتو سان سڃاڻ ناگانو شهر ۾ ٽينس ڪورٽ تي ٿي. مِچيڪو جيتوڻيڪ هڪ امير ڪارخانيدار جي ڌيءَ هئي، پر سندس عام رعيت سان واسطو هجڻ ڪري، هن کي شاهي خاندان ۾ قبول ڪرڻ تي ڪافي احتجاج رهيو، پر پوءِ اها شادي ڌام ڌوم سان ٿي. چون ٿا ته گهوٽ ڪنوار جي سرگس ٽوڪيو جي خاص روڊن تي ٿي، جتي پنج لک کن ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ هي پهريون دفعو هو جو ڪنهن شاهي خاندان جي شاديءَ جو نظارو، عوام اکين سان ڏٺو ۽ ساڳي وقت ٽي ويءَ تي به ڏيکاريو ويو.
شهنشاهه اَڪيهِتو کان اڳ جپان جي شاهي خاندان ۾ اهو رواج هوندو هو، ته ٻار کي ڪنهن دائيءَ حوالي ڪيو ويندو هيو، جيڪا ان ٻار کي ٻه ٽي سال کن پاڻ وٽ رکندي هئي پر اڪيهتو ۽ مِچيڪو ان رسم کي به ختم ڪري، ٽنهي ٻارن کي پاڻ نپايو. ايتري قدر جو ٻارن کي ٿڃ به مِچيڪو پاڻ ڏني. 1989ع ۾ شهنشاهه هيرو هِتو جي وفات تي سندس پُٽ اڪيهتو جپان جو 125هون شهنشاهه ٿيو ۽ سندس زال مِچيڪو راڻي يعني “Empress Consort” ٿي
30 سال شهنشاهه رهڻ بعد شهنشاهه اَڪيهتو پنهنجي پُٽ نارو هِتو جي حق ۾ 2019ع ۾ تخت تان دستبردار ٿيو. ائين ناهي ته شهنشاهه اڪيهتو ڪو جپان جو پهريون شهنشاهه آهي، جنهن وقت کان اڳ تخت ڇڏي ڏنو. جپان جي 2680 سالن جي لڳاتار بادشاهت ۾ ڪيترائي شهنشاهه تخت تان پاڻهي لٿا. شهنشاهه اَڪيهتو کان اڳ جنهن تخت ڇڏيو، اهو 119 هون شهنشاهه ڪوڪاڪو (مورو هيتو) هو، جنهن 1780ع کان 1817ع تائين حڪومت ڪئي ۽ 1840ع ۾ وفات ڪيائين.
اڄ ڪلهه جپان جو 126 هون شهنشاهه نارو هِتو جپان جي گلِ دائودي تخت تي ويٺل آهي. نارو هِتو 1960ع ۾ ٽوڪيو واري شاهي ”ٽوڪيو امپيريل پئلس“ ۾ ڄائو. گذريل سال 2019ع ۾ هن جو پيءُ شهنشاهه اڪي هِتو تخت تان دستبردار ٿيو ته هي نارو هِتو 59 ورهين جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو. هي شهنشاهه به پنهنجي پيءُ وانگر سريتون (Concubines) رکڻ کان پري رهي فقط هڪ زال ماساڪو (Masako Owada) تي گذارو ڪندو اچي. هنن جي شادي اڄ کان 26 سال اڳ 1993ع ۾ ٿي هئي ۽ هن جي زال ماساڪو به شهنشاهه جي ماءُ مچيڪو وانگر عام رعيت مان آهي. شهنشاهه نارو هِتو ٽوڪيو جي شاهي يونيورسٽي “Gakushuin” مان 1982ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان بعد آڪسفورڊ (انگلينڊ) مان انگريزي سبجيڪٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي. سندس ٿيسز جو عنوان هو: “A study of Navigation & Traffic on Thames”. هن آڪسفورد انگلينڊ ۾ گذاريل ڏينهن بابت يادگيرين جو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي: “The Thames and I- A Memoir of Two Years at Oxford”.
انگلينڊ کان جپان موٽڻ تي هن وري ٽوڪيو جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ 1988ع ۾ “Humanities” ۾ ماسٽرس ڪئي. شهزادي نارو هِتو جي سندس زال ماساڪو سان پهرين ملاقات يونيورسٽي آف ٽوڪيو ۾ ٿي، جتي هوءَ پڙهي رهي هئي. شهزادو پهرين نظر ۾ گهائجي ويو. ان بعد هن ٽي دفعا ماساڪو کي شاديءَ لاءِ چيو. آخر هن ڳالهه مڃي. 1993ع ۾ سندن مڱڻو ٿيو ۽ پنج مهينن بعد ڌام ڌوم سان شادي ٿي. دعوت ۾ 800 کن مهمان گهرايا ويا هئا، جن ۾ ڪيترا يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن جا اڳواڻ هئا. شاديءَ کان چار سال اڳ نارو هيتو جو ڏاڏو هيرو هِتو گذاري چڪو هو، سو شاديءَ وقت نارو هِتو جو پيءُ اڪي هِتو جپان جو شهنشاهه هو ۽ سندس (ناروهِتو جي) ولي عهد (Crown Prince) ٿيڻ جو اعلان ٿي چڪو هو.
ماساڪو جو پيءُ جپان حڪومت ۾ پهرين ڊپلومئٽ هو. ماساڪو پنهنجي والدين سان گڏ پهرين ماسڪو (روس) ۾ رهي. ڪجهه سالن بعد پيءُ جي بدلي ٿيڻ تي هوءَ نيو يارڪ ۾ رهي ۽ بنيادي تعليم اُتان حاصل ڪيائين. ان بعد ڪجهه سال هوءَ جپان مان به پڙهي. هن جو پيءُ سرڪاري نوڪري ڇڏي آمريڪا جي رياست مئسيچوسيٽس ۾ اچي پروفيسر ٿيو، ته ماساڪو به آمريڪا هلي آئي، جتي هن فرينچ ۽ جرمن ٻوليون به سکيون. هن هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ڪئي. ان بعد هوءَ جپان موٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽوڪيو مان Law (قانون) پڙهي ۽ جپان جي فارين سروسز ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ هن مقابلي جو امتحان ڏنو. جنهن ۾ 800 اُميدوار ويٺا. ماساڪو ۽ ٻه ٻيون جپاني ڇوڪريون انهن 25 مان آهن، جيڪي هن امتحان ۾ ڪامياب ٿيون. ان بعد سگهو ئي هن جي شادي شهزادي نارو هِتو سان 1993ع ۾ ٿي. 1999ع ۾ هوءَ پيٽ سان ٿي، پر سندس پهرين ٻار تي ڪُهائي (Miscarriage) ٿي. ٻن سالن بعد 2001ع تي ٻيو ٻار، ڌيءَ شهزادي آئيڪو ڄائي، جيڪا هينئر 19 سالن جي آهي.
هتي اهو لکندو هلان ته ايران جي پهلوي سلطنت وانگر جپاني سلطنت ۾ تخت ۽ تاج جو وارث پُٽ کي ئي بڻايو وڃي ٿو. اهو ئي ته سبب آهي، جيڪو مٿي لکي چڪو آهيان، ته هر جپاني شهنشاهه کي سندس خاندان جي ماڻهن ۽ درٻارين گهڻي کان گهڻيون سريتون رکڻ لاءِ همت افزائي پئي ڪئي، جيئن شهنشاهه کي پنهنجي راڻيءَ مان پُٽ نه ٿئي ته ڪنهن ويهاريل مان پيدا ٿيل ٻار کي ئي شهنشاهه بڻائي آسماني (Divine) شهنشاهيت جو سلسلو وڌايو وڃي. پر هاڻ شهنشاهه هيرو هِتو کان وٺي، نه سندس پُٽ شهنشاهه اڪي هِتو ڪا سريت رکي، نه هن شهنشاهه نارو هِتو - جنهن کي اولاد ۾ فقط هڪ ڌيءَ “Aiko” آهي. هاڻ جپاني قوم مان اهو وهم ته ختم ٿي ويو آهي ته سندس بادشاهه ديوتا آهي. جنهن جو اعلان هيرو هِتو ڪري چڪو. هونءَ به ان جو پُٽ 125هون شهنشاهه اڪي هتو ۽ پوٽو 126 هون شهنشاهه نارو هِتو، پنهنجين آسمان مان لٿل مخلوق جي ڇوڪرين کي ڇڏي عام رعيت مان شادي ڪري چُڪا آهن. جپان حڪومت جي صلاحڪارن ۽ خاندان جي ڪميٽيءَ اهو فيصلو ڪيو آهي ته هن 126هين شهنشاهه نارو هِتو کي جيڪڏهن اڃا پُٽ نه ڄائو ته پوءِ هن جي ننڍي ڀاءُ شهزادي فومي هِتو (ڄم جو سال 1965ع ۽ ڪيڪو سان شاديءَ جو سال 1990ع) کي 127 هون شهنشاهه بڻايو ويندو. ان بعد هن جي پٽ شهزادي هِساهِتو کي 128هون شهنشاهه بڻايو ويندو جنهن جي عمر هن وقت 14 سال آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته هاڻوڪي شهنشاهه نارو هِتو ته پيءُ وانگر هڪ عام ڇوڪريءَ (Commoner) سان شادي ڪئي آهي، پر سندس ننڍي ڀاءُ شهزادي فومي هِتو به پنهنجي شاهي (Divine) خاندان جون ڇوڪريون ڇڏي هڪ عام ڇوڪري ڪيڪو ڪاوا شيما سان شادي ڪئي آهي. کين ٻه ڌيئون، شهزادي ماڪو ۽ شهزادي ڪاڪو ۽ هڪ پُٽ شهزادو هِسا هِتو آهن.

جپان جا ڪجهه شهنشاهه

شهنشاهه جيمو (Jimmu) ـــ پهريون حاڪم
سورج ديوي اماتيراسو (Amaterasu) جو اولاد
حڪومت: 660 ق.م کان 585 ق.م

جپاني ڏند ڪٿا مطابق اماتيراسو ديويءَ پنهنجي پوٽي نينگي (Ninigi no Mikoto) کي زمين تي چانور پوکڻ لاءِ موڪليو. شهنشاهه جيمو ان جو تڙپوٽو چون ٿا، جنهن جو اولاد جپان تي حڪومت ڪندو اچي ۽ جيڪي آسماني مخلوق سمجهيا وڃن ٿا. هينئر شهنشاهه نارو هِتو جپان جو 126هون شهنشاهه آهي.

سُو اِيزي اي (Suizei) ـــ ٻيو شهنشاهه
(جيمو جو ٽيون نمبر پُٽ) ڄم 581 ق. م وفات 549 ق. م
حڪومت: 581 ق. م کان 549 ق. م

ڪوڪاڪو (مورو هِتو) ـــ 119 هون شهنشاهه
ڄم: 1771ع. وفات: 1840ع. زال يُوشِيڪو
حڪومت: 1780ع کان 1817ع تائين

ننڪو (آيا هِتو) ـــ 120 هون شهنشاهه
ڄم: 1800ع حڪومت: 1817ع کان 1846ع (وفات تائين)
زالون: تسو ناڪو ۽ ياسوڪو. پيءُ: شهنشاهه ڪوڪاڪُو
ماءُ: تادا ڪَو (جيڪا شهنشاهه جي سريت هئي)

ڪوميئي (اوساهِتو) ـــ 121 هون شهنشاهه
ڄم: 1831ع، حڪومت: 1846ع کان 1867ع (وفات تائين)
زال: اساڪو ڪوجو. پٽ: شهنشاهه ميئجي (ناڪاياما يوشيڪو سريت مان)
پيءُ: شهنشاهه ننڪو. ماءُ: فوجيوارا نو تسونيڪو

ميئجي (متسو هِتو) ـــ 122 هون شهنشاهه.
ڄم: 1852ع. حڪومت: 1867ع کان 1912ع (وفات تائين)
زال: ماساڪو اِچيجو. پٽ: شهنشاهه تائيشو (سريت ناروڪو مان)

ميئجي دور کان اڳ 1853ع ۾ آمريڪا جو ڪموڊور مئٿيو پيري پنهنجي جھازن کي ٽوڪيو وٺي آيو ۽ جپانين جون اکيون پٽيون. ميئجي دؤر ۾ جپان دنيا کان الڳ ٿلڳ رهڻ ختم ڪيو ۽ جپان هڪ وڏيرڪي سسٽم مان نڪري انڊسٽريل ملڪ ٿيو.

تائشو (يوشي هِتو) ـــ 123 هون شهنشاهه
ڄم: 1879ع. حڪومت: 1912ع کان 1926ع (وفات تائين)
زال: سداڪَو ڪُوجِي. پٽ: شهنشاهه شووا (هيرو هِتو)
پيءُ: شهنشاهه ميئجي. ماءُ: ياناگي هارا ناروڪو (سريت)
اولاد: 4 پٽ- هيرو هِتو، ياسو هِتو، نوبُو هِتو ۽ تاڪا هِتو

شووا (هيرو هِتو) ـــ 124 هون شهنشاهه
ڄم: 1901ع. حڪومت: 1926ع کان 1989ع وفات تائين
زال: ناگاڪَو ڪُوني (1924ع ۾ شادي ۽ راڻي ٿيڻ بعد نالو: ڪَوجُون). پٽ: شهنشاهه اڪي هِتو
پيءُ: شهنشاهه تائشو، ماءُ، راڻي تيئيمي ئي (Teimei) (سداڪو ڪوجي)
هن شهنشاهه مليل 39 سريتون به واپس ڪري ڇڏيون ۽ اڪيلي زال تي گذارو ڪيائين جنهن مان 5 ڌيئون ٻه پُٽ ٿيس.

اڪي هِتو ـــ 125 هون شهنشاهه
ڄم: 1933ع: حڪومت: 1989ع کان 2019ع
زال: مچيڪو شودا. شادي: 1959ع پٽ: شهنشاهه نارو هِتو

هن مرڻ کان اڳ شهنشاهيت ڇڏي ڏني ۽ هي پهريون جپاني شهنشاهه هو جنهن هڪ عام گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. سندس پُٽ نارو هِتو به هڪ عام ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.

نارو هِتو – 126 هون شهنشاهه
ڄم: 1960ع: حڪومت: 2019ع (پيءُ جي تخت ڇڏڻ تي )
زال: ماساڪو اووادا (1993ع ۾ شادي)
ليکڪ: The Thames & I- Memoirs of Oxford
شهنشاهه نارو هِتو کي پُٽ جو اولاد نه آهي.

شهنشاهه اڪيهتو (125 هين شهنشاهه) ۽ راڻي مِچيڪو جو اولاد

(1) شهنشاهه نارو هِتو:
راڻي: ماساڪو اووادا (عام ڇوڪري)
اولاد: شهزادي آئيڪو (ڄم: 2001ع)

(2) شهزادو فومي هِتو :
زال: ڪيڪو ڪاوا شيما (عام ڇوڪري)
اولاد: شهزادي ماڪو (ڄم: 1991ع)، شهزادي ڪاڪو (ڄم: 1994ع) ۽ شهزادو هِسا هِتو (ڄم: 2006ع)

مئريٽائيم تاريخ جو هڪ بدترين حادثو ...

پاڻيءَ جا ڪي جھاز پنهنجي مختلف نوعيت جي هجڻ ڪري ڪن محدود علائقن ۾ ئي هلن ٿا. مسافر ۽ سندن سواريون (موٽر سائيڪلون، ڪارون، ويندي بسون ۽ ريل گاڏيون) کڻڻ واريون فيريون ٻن يا ٽن چئن ويجهن بندرگاهن ۾ ئي اينديون وينديون رهن ٿيون. جيئن هانگ ڪانگ کان ڪولون، يا پينانگ کان بٽر ورٿ هلندڙ فيريون، مالمو کان ڪوپن هيگن، يا مالمو کان جرمنيءَ يا پولينڊ ويندڙ فيريون، جن ۾ سڄي ٽرين، اڃان به، ٻه ٻه اچي سگهن ٿيون. انهن فيرين ۾ چڙهڻ لاءِ اسان کي بندرگاهه تي به اچڻ جي ضرورت نٿي پوي. مالمو (سئيڊن) جي يونيورسٽيءَ مان نڪري ڀر ۾ مالمو جي سينٽرل اسٽيشن تي ايندا هئاسين، جتان جرمني ويندڙ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهندا هئاسين. ريل گاڏي مالمو شهر لتاڙي مالمو جي بندرگاهه ۾ ايندي هئي، جتي جرمنيءَ ڏي ويندڙ ڌڪي سان ٻڌل فيريءَ وٽ اسان کي سوار ٿيڻ لاءِ لاهڻ بدران، اها ٽرين جھاز جي پٺ (Stern) وٽان فيريءَ اندر داخل ٿي ويندي هئي. فيريءَ تي ٺھيل ريل گاڏيءَ جا پٽا مالمو ڌڪي تي ٺھيل پٽن سان بلڪل ڀيچيل هوندا هئا ۽ سڄي ٽرين فيريءَ اندر اچي بيھندي هئي. يعني اهي فيريون ڪافي ڊگهيون ۽ ويڪريون ٿين ٿيون.
سئيڊن ۾ ٻه اڍائي سال هجڻ دوران يونيورسٽيءَ وارا مون کي جرمنيءَ وڃڻ لاءِ جنهن به فيريءَ جي ٽڪيٽ ڏيندا هئا، ان ۾ ڊبل ٽرئڪ هوندو هو. فيري جھاز وارا هڪ ٽرين مالمو بندرگاهه مان چاڙهي، ٻي ٽرين رستي تي ڪوپن هيگن بندرگاهه مان چاڙهيندا هئا. بسون، موٽر ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون ان کان علاوه. اهي فيريون انهن ئي ٽن بندرگاهن ۾ هلنديون هيون. ٻيون مالمو کان گڊانيا (پولينڊ) جي بندرگاهن ۽ مالمو ۽ هيلسنڪي (فنلنڊ) بندرگاهن ۾ هلنديون هيون. ان کان علاوه يورپ جي مٿين ۽ ٻين بندرگاهن ۾ هوور ڪرافٽ (Hoover Craft) هلندا هئا، جيڪي هوائي جھاز واري اصول تي سمنڊ کان ٿورو مٿڀرو ٿي هلن ٿا. سو ان قسم جون سواريون هڪ ته ٻن ٽن بندرگاهن ۾ هلنديون هيون، ٻيو ته اهي جھاز ٻي ڪنهن هنڌ وڃڻ بدران سڄو سال اتي ئي پيا ڦرندا هئا. اهڙيءَ طرح اهڙن جھازن کي هلائڻ وارا هڪ ئي علائقي ۽ هڪ ئي موسم ۾ رهن ٿا. ان کان علاوه ڪيترائي مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جا ڍنڍ نما سمنڊ ٿين ٿا، جتي پڻ جھاز ان ننڍڙي علائقي ۾ محدود رهن ٿا. جيئن ڪئسپين سمنڊ آهي، جيڪو ڍنڍ مثل آهي. ان ۾ موجود مسافر يا ڪارگو جھاز ان سمنڊ ۾ ئي هلندا رهن ٿا ۽ ڪناري وارن ملڪن ايران، ترڪمانستان، ازبڪستان، روس ۽ آذر بائيجان جي اندروني بندرگاهن: راشت، اترلي، باڪو، آق تائو (Aktau)، مخاچ قلعه (Makhachkala)، استرا خان ۾ ئي ڦرندا رهن ٿا. اهي جھاز اتان نڪري ٻئي ڪنهن سمنڊ ۾ نٿا وڃي سگهن. اتي ئي ٺھن ۽ اتي ئي ڳري ختم ٿي دفن ٿين. اهو ئي حال آفريڪا جي وڪٽوريا ڍنڍ ۽ ڪئناڊا جي وڏين ڍنڍن ۾ جھازن ۽ جھاز هلائڻ وارن جو آهي. آفريڪا جي وڪٽوريا ليڪ ۾ هلندڙ جھاز فقط ڪينيا، تنزانيا، يوگنڊا، برونڊي ۽ روانڊا ملڪن جي اندروني بندرگاهن قسومو، بوڪوبا، مواترا، عنتيبي، پورٽ بيل ۽ اسان جي گجراتين جي دلپسند بندرگاهه جنجا ۾ اچي وڃي سگهن ٿا. يوگنڊا جا جنجا ۽ ڪمپالا اهي شهر آهن، جن ۾ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ انڊيا جي گجرات صوبي جا ڪيترائي گجراتي هندو، مسلمان، آغا خاني ۽ بوهري رهن ٿا. آفريڪا جي هن ڍنڍ ۾ ٻين ننڍن وڏن جھازن کان علاوه انگريزن جو هڪ وڏو جھاز ”ايم وي وڪٽوريا“ مشهور هو. 1966ع کان پوءِ هن ڍنڍ ۾ ٻه ٽرين فيريون ڪينيا ۽ تنزانيا جي وچ ۾ هلڻ شروع ٿيون. ڪنهن زماني ۾ جڏهن آئون جونيئر هوس، ائٽلانٽڪ، هندي وڏي سمنڊ ۽ ميڊيٽريين سمنڊ جي طوفانن ۽ ڇولين ڪري پيدا ٿيندڙ ”سي سڪنيس“ کان بچڻ لاءِ ”وڪٽوريا ليڪ“ ۾ هلندڙ ”ايم وي اهورو“ (M.V uhuru) يا ”ايم وي اموجا“ ٽرين فيريءَ ۾ نوڪري ٿي ڪيم. پر پوءِ خيال آيو ته اهڙن جھازن تي نوڪري ڪرڻ سان مَمَ گوڏا چٽي ويندي، جو پوءِ بين الاقوامي سمنڊن ۾ جھاز هلائي نه سگهندس. ڇاهي جو اهڙن بند سمنڊن ۽ ڍنڍن ۾ جھاز ڪجهه ڪلاڪن بعد بندرگاهه ۾ پهچيو وڃي. ان جو مزو پنهنجي جاءِ تي، ان کان علاوه جھاز تي پورهيو به گهٽ ٿو ٿئي، جو انجڻن جي مرمت لاءِ ورڪشاپ اچيو وڃي. پر نقصان اهو آهي جو ماڻهو، خاص ڪري اسان مئرين انجنيئر ڪم سکڻ کان رهجيو وڃون. سمنڊن تي ڪهڙا ڪهڙا حادثا ٿين ٿا، انهن کي ڪيئن منهن ڏجي، انجڻ کي ڪيئن ٺاهجي؟! اهو سکي نٿا سگهون... ان ڪري هڪ جونيئر مئرين انجنيئر لاءِ بهتر آهي ته ”فارين گوئنگ“ جھازن تي نوڪري ڪري ۽ ڪم سکي. ڪم ۽ ڪانفيڊينس اچڻ ۽ چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هو ڀلي نون جھازن تي Sail ڪري يا فيرين تي..... ڇو ته هڪ مئرين انجنيئر (جھاز جي انجنيئر) کي ڪم اچڻ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو تعليم دوران اسان کي ويلڊنگ ۽ ليٿ مشين تي ڪم ڪرڻ به سيکاريو وڃي ٿو، جو کلئي سمنڊ ۾ جھاز تي ورڪ شاپ جي مدد نٿي پهچي سگهي ۽ هر صورت ۾ جھاز جي انجنيئرن کي هر مشين جو فالٽ ڳولي، ان کي درست ڪري جھاز کي بندرگاهه تائين پهچائڻو پوي ٿو ۽ اهو نقص هڪ جونيئر صحيح نٿو ڪري سگهي ته سينئر (ٿرڊ يا سيڪنڊ انجنيئر) کي ڪرڻو پوي ٿو ۽ آخر ۾ چيف انجنيئر کي هر صورت ۾ صحيح ڪرڻو آهي، جو اوور آل جوابداري چيف انجنيئر جي رهي ٿي. جھاز جي مالڪن وٽ يا ڪورٽ ۾ ان کي ئي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
آفريڪا جي هن وڪٽوريا ڍنڍ جي ڳالهه ڪندي، هتي جو افسوس ناڪ واقعو ٿو ياد اچي، جيڪو 1996ع ۾ ”ايم وي بڪوبا“ جھاز سان درپيش آيو. جيتوڻيڪ هن قسم جي ڍنڍن ۾ کلئي سمنڊ وانگر نه وڏيون ڇوليون ٿين ٿيون نه طوفان. ڪڏهن ڪو طوفان لڳي به ٿو ته هر وقت ڪنارو ۽ ڪو نه ڪو بندرگاهه چند ڪلاڪن جي فاصلي تي هجڻ ڪري جھاز هلائڻ وارا يڪدم ڪنهن ويجهي بندرگاهه ۾ پناهه وٺي سگهن ٿا. پر هي جھاز “M. V. Bukoba” (جنهن تي ڪارگو ۽ مسافر ٻئي هئا) ٻڏي ويو. جھاز 1979ع جو ٺھيل هو. 850 ٽن وزن جو هو ۽ منجهس 430 مسافر کڻڻ جي گنجائش هئي، پر گهڻو پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ هن ۾ يارهن ٻارهن سئو کن مسافر سٿيا ويا هئا، جن مان 1000 کن ٻُڏي ويا. بعد ۾ جڏهن ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ۽ جھاز ٻڏڻ ۽ گهٽ ماڻهن جي بچڻ جا سبب معلوم ڪيا ويا ته ڪيترائي ڏوهه ظاهر ٿيا. جيئن:
• مقرر تعداد کان وڌيڪ مسافر کڻڻ.
• لائيف جئڪيٽن، لائيف بيلٽن ۽ لائيف بوٽن (Boats) جي کوٽ.
• باهه وسائڻ جي سامان جي کوٽ. جھاز تي رکيل فائر ايڪسٽنگشرن ئي ڪم نه ڪيو ۽ خبر ناهي ڪيتري عرصي کان انهن کي چيڪ به نه ڪيو ويو هو.
• آفت جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ جيڪي پستول ذريعي گولا فائر ڪيا ويندا آهن انهن Distress Signals جي به کوٽ هئي.
• روٽين مرمت جيڪا جھاز کي خشڪ گودي ۾ ڊراءِ ڊاڪنگ دوران ڪرائي ويندي آهي، اها نه ڪرايل هئي.
• جھاز جي سلامتيءَ جي جيڪا چيڪنگ هر سال ڪئي وڃي ٿي، اها به نه ٿيل هئي. جيئن اسان وٽ ڪيترين گاڏين جي سلامتيءَ جي چڪاسَ نٿي ٿئي يا ٿئي به ٿي ته ڪوڙي ٿئي ٿي. نتيجي ۾ اسان جي ملڪ ۾ ان قسم جا ڪيترائي روڊ ائڪسيڊنٽ ٿين ٿا، جن جو سبب بريڪ جو نه لڳڻ، ٽاءِ راڊ جو ٽٽڻ، يا ٺوڙهن ٽائرن جو برسٽ ٿيڻ هوندو آهي.
• ڪيترا جھاز هلائڻ وارا نيويگيشن ۾ ڪچا ثابت ٿيا، جو انهن جو امتحان بين الاقوامي ادارن بدران مقامي ادارن ورتو، جيڪي رشوت وٺي پاس ڪريو ڇڏين.
• سمنڊ ۾ ڪريل بنا لائيف جئڪيٽن وارن کي ڪڍڻ لاءِ ٽوٻن جي به اڻاٺ هئي.

آفريڪا کنڊ جي مئري ٽائيم تاريخ ۾ هي بدترين حادثو هو، جنهن جي ڏک ۾ تنزانيا ملڪ وارن ٽي ڏينهن ماتم ڪيو هو.

گرم مند جھاز جي انجنيئرن لاءِ مسئلو

جھاز جي هڪ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ نه رڳو مون کي، پر مون کي پڪ آهي ته ٻين جھازن جي چيف انجنيئرن کي به، گرم مند کان ٿڌي مند بهتر لڳندي هوندي، جو ان ۾ انجنيئر به خوش رهن ٿا... انجڻ روم جي گرمي فرحت ڏئي ٿي ۽ ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو ۽ جھاز جي هر قسم جي مشينري صحيح ڪم ڪري ٿي. جھازن جو مالڪ ڪنجوسيءَ کان ڪم وٺي اهو ئي چاهي ٿو ته گهٽ خرچ ۾ ڪم هلي. پوءِ انجڻ جا گٺل پارٽ وقت تي نه بدلڻ ڪري اهي صحيح طرح ڪم نٿا ڪن. جھاز جي ٻن سالن بعد ٿيندڙ ڊراءِ ڊاڪنگ ڪنهن يورپي ملڪ ۾ ڪرائڻ کان مالڪ لنوائيندو آهي. چوندءِ، هوم پورٽ يعني ڪراچيءَ پهچي ڊراءِ ڊاڪ ڪرائجو..... ڊراءِ ڊاڪنگ ۾ جھاز کي خشڪ گوديءَ ۾ بيهاري ان جي ٻاهرين لوهي جسم کي مشين ذريعي چڱي طرح کرڙي صاف ڪيو وڃي ٿو. ان بعد ان تي بهترين چلڪڻو رنگ روغن لڳايو وڃي ٿو، جنهن سان جھاز جي رفتار وڌيو وڃي. ڇو جو جھاز جي ٻاهرين باڊي لسي ٿيڻ ڪري، هُو پاڻيءَ ۾ Resistance پيدا ڪرڻ بدران سهولت سان تري ٿو.ِ جھاز جڏهن هوم پورٽ ۾ پهچي ٿو ته ڪو ٺاهوڪو ڪارگو ملڻ تي جھاز جي مالڪ جي دل بي ايمان ٿيو پوي. هو اهو چاهي ٿو ته اهو ڀاڙو مِس نه ٿئي. جھاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ يا ٻي ضروري مرمت وڃي کڏ ۾ پوي. ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ انشورنس ڪمپنيءَ جي سرويئر کي منٿ ميڙ ڪري ٿو ته هن جي جھاز کي ٽي مهينا کن مهلت ڏني وڃي، جو هن جي مجبوري آهي. جپان پهچڻ تي اتي ڊراءِ ڊاڪنگ ۽ ٻي مرمت ڪرائينداسين. ٻي مرمت لاءِ ورڪ شاپ کي گهرائڻ بدران اسان کي منٿ ميڙ ڪندو ته سمنڊ تي توهان جھاز جا انجنيئر جھڙي تھڙي ئي سهي، مرمت ڪجو، جيئن جپان تائين خراب نه ٿئي ۽ سلامتيءَ سان وڃي جپان ڪارگو پهچائي.
جھاز جو مالڪ انشورنس ڪمپنيءَ جي سرويئر کان ڊڄي ٿو. ڇو جو اهو وڌيڪ وقت نه ڏيندو ته مقرر مدو ختم ٿيڻ تي جھاز جي هر صورت ۾ ڊراءِ ڊاڪنگ ڪرائڻي پوي ٿي. ٻي صورت ۾ جھاز کي ڪنهن گاٺ يا ڀڃ ڊاهه (Wear & Tear) ڪري يا حادثي ۾ نقصان رسڻ تي، انشورنس ڪمپني نقصان جا پئسا ڀري نٿي ڏئي.
هڪ دفعي موڪلون ڪاٽي ڊيوٽيءَ لاءِ آفيس رپورٽ ڪيم ته مون کي هڪ پراڻي جھاز تي رکيو ويو، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ يورپ جو سفر ڪري ڪراچيءَ پهتو هو. اسان جھاز هلائڻ وارن لاءِ پراڻو يا نئون جھاز، يا آمريڪا، يورپ يا ڏور اوڀر (Far East) روٽ تي هلندڙ جھاز، ڪو مسئلو نه هوندو آهي. هر هڪ تي ٿي چار ڪلاڪ رات واري ۽ چار ڪلاڪ ڏينهن واري ڊيوٽي ڪرڻي. بس ايترو آهي ته جھاز “Sea Worthy” هجي. يعني انشورنس ڪمپنيءَ طرفان هن کي ”هلڻ جوڳو“ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ مليل هجي..... مالڪن طرفان هن جھاز کي ايڏو نظر انداز ڪيو ويو هو، جو هن جي هر مشين جي اوورهالنگ ضروري هئي، جنهن لاءِ مالڪن کي ڪيترن ئي اسپيئر پارٽن تي خرچ ڪرڻو پئي پيو، پر جھاز جا مالڪ انشورنس ڪمپنيءَ کي به گوليون ڏيئي ڪم هلائي رهيا هئا، ته اڄ نه سڀاڻي ورڪ شاپ وارن کان سڄي رهيل مرمت ٿا ڪرايون. دراصل جھاز جا مالڪ ان ٻڏتر ۾ هئا ته هن جھاز کي سمنڊ تي هلڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ، هيڏي وڏي مرمت تي لکين رپيا خرچ ڪجن يا Scrape ڪري ڪنهن ڪٻاڙيءَ کي رديءَ ۾ وڪڻي ڇڏجي. ڇو جو اهو جھاز ايڏو ته پراڻو ٿي چُڪو هو جو مرمت بعد به وري ساڳين مشينن ۾ يا ٻين ۾ نقص پيدا ٿيڻ جو خدشو هو.
مالڪن جي فيصلي نه ڪرڻ تي جھاز جو چيف انجنيئر ذهني طرح پريشان ٿي موڪل تي لھي ويو. آئون موڪلون ڪاٽي آيو هوس ته مون کي ان جھاز حوالي ڪيو ويو. اتفاق سان ڪمپنيءَ کي ڪولمبو بندرگاهه لاءِ هڪ اهم ۽ سٺي ڀاڙي وارو ڪارگو ملي ويو، جيڪو جھازران ڪمپنيءَ جي ڪارگو ڊپارٽمينٽ وارن جھاز تي چاڙهڻ به شروع ڪري ڏنو. جھاز ۾ جيڪي ٽي وڏا جنريٽر ٿين ٿا، انهن مان هڪ ته جھاز هلائڻ وارن جي ٻوليءَ ۾ بنهه ”ڪپوت“ (ختم) هو، باقي ٻن جنريٽرن جي اوور هالنگ کي ڪئين ڪلاڪ مٿي ٿي ويا هئا ۽ سندن ڪارڪردگي ايتري ته ڪري پئي هئي، جو سمنڊ تي به هڪ بدران ٻنهي کي هلائڻو پئي پيو. يعني انهن بچيل ٻن مان ڪو هڪ خراب ٿي پوي ته ٻيو لوڊ نه کڻي سگهندو ۽ ٽِرپ ٿي ويندو. يعني ٻيو به بند ٿي ويندو. جنهن سان گڏ جھاز جي مين انجڻ ۽ ٻيون مشينريون بيهي رهنديون، جيسين پهرين جنريٽر کي صحيح ڪري، ٻنهي کي گڏ (Parallel) نه هلايو وڃي. اهو ئي حال جھاز جي ايئر ڪمپريسرن جو هو، جن مان پيدا ٿيل هوا ذريعي جھاز جي مين انجڻ (پرو پيلر هلائڻ واري) ۽ جنريٽر اسٽارٽ ڪيا وڃن ٿا. ٻين مشينن کان علاوه ريفريجريشن سسٽم جو حال به صفا ”ڍڳو پير پيران“ هو. جھاز ۾ موجود خلاصين ۽ آفيسرن جي کاڌي خوراڪ لاءِ ڪولڊ اسٽوريج ۾ پنجاهه سٺ کن ڪٺل ٻڪريون، ڪجهه ڍڳيون، ڪڪڙيون ۽ مڇيون رکيل هيون، جن کي صحيح حالت ۾ رکڻ لاءِ ڏهه کان ويهه ڪاٽُو ٽيمپريچر رکڻو پوندو آهي.
انشورنس ڪمپنيءَ جو سرويئر جيڪو منهنجو دوست به هو، تنهن کي گهرائي صلاح ورتم، ته هن چيو: ”مون کي جيڪڏهن آفيشلي گهرائي جھاز جي مشينريءَ بابت رپورٽ ڪندين ته آئون ڪنهن به صورت ۾ جھاز جي مالڪن کي هي جھاز هلائڻ جي اجازت نه ڏيندس. جيسين مڪمل مرمت نه ٿئي. پر اَن آفيشلي آئون توکي اها ئي صلاح ڏيندس، ته جيئن ته جھاز تي ڪارگو به چڙهي ويو آهي ۽ جھاز جا مالڪ توکي منٿون پيا ڪن ۽ توسان وعدو ٿا ڪن ته جھاز کي فقط ڪولمبو تائين وٺي وڃ، جھاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ ۽ مشينن جي مرمت اتي ڪرائڻ جو بندوبست ٿا ڪريون... سو اهڙي حالت ۾، ڪمپنيءَ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ تون ڪولمبو تائين جھاز هلائڻ جي Risk کڻي سگهين ته ضرور کڻ“.
آئون ان جھاز کي ڪولمبو تائين وٺي ويس. رستي تي چار چار ڪلاڪ جھاز هلائڻ جي ڊيوٽيءَ کان علاوه هر هڪ انجنيئر ٻه ٻه وڌيڪ ڪلاڪ ڊيوٽي ڏئي جھاز جي مرمت به جاري رکي، جيئن جھاز اڳتي رڙهندو رهي. آخرڪار جھاز ممبئيءَ ويجهو اچي بيهي رهيو ۽ اسان 24 ڪلاڪ کن ڏينهن رات جنريٽرن تي ڪم ڪري، هن کي وري هلڻ جوڳو بڻائي اچي ڪولمبو بندرگاهه ۾ پهتاسين. جھاز تان سامان لاٿو ويو، پر مرمت جو بندوبست نه ٿي سگهيو. ڪولمبو جا شپ يارڊ ٻين جھازن لاءِ بُڪُ هئا. ڪجهه اسان جا مالڪ مرمت جي اگهه تي به نه ٺهيا. آخر اتي جي سرويئر کان مهينو کن وڌيڪ اجازت وٺڻي پئي ۽ جھاز کي جپان وٺي اتي مرمت جو بندوبست ڪرڻو پيو.
اهي اونهاري يعني جون جولاءِ جا ڏينهن هئا، جن ۾ اسان جو پاسو، عربي سمنڊ، خليج بنگال، يعني ڪراچيءَ کان ممبئي ڪولمبو تائين، چنائيءَ کان چٽگانگ ۽ اڳيان پينانگ سنگاپور کان منيلا فلپين وارو سائوٿ چائنا سمنڊ، گرم رهي ٿو ۽ اهڙي مند ۾ جھاز جي انجڻ ۽ ٻين مشينرين جو ٽيمپريچر قائم رکڻ ڏکيو ٿيو پوي. پاڻيءَ جي جھاز ۽ خشڪيءَ تي هلندڙ ڪار يا لاريءَ ۾ اهو فرق آهي ته ڪار وغيره ڪجهه ڪلاڪ روڊ تي هلائڻ بعد ڪلاڪ اڌ بيھارڻي پوي ٿي، جيئن ان جي گرمائش گهٽ ٿئي. جھاز کي ڏينهن رات لڳاتار هلائڻو پوي ٿو ۽ ان جي گرمائش گهٽائڻ لاءِ فريش واٽر ۽ سي واٽر ڪولنگ سسٽم جو بندوبست هوندو آهي. اها ڪولنگ ان وقت بهتر ٿئي ٿي، جڏهن هوا توڙي سمنڊ جو پاڻي ٿڌو رهي ٿو.
جھاز سنگاپور کان پوءِ مٿي اتر ڏي منيلا ۽ هانگ ڪانگ تائين به اهڙو رهي ٿو، پر پوءِ هانگ ڪانگ کان مٿي وڌيڪ اتر طرف وڃڻ تي اونهاري ۾ به ڪافي ٿڌڪار رهي ٿو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي جنريٽرن جي Exhaust ٽيمپريچر کان ريفريجريشن سسٽم صحيح ٿيو وڃي. هوڏانهن اولهه ڏي به عربي سمنڊ کان ايراني نار ۽ بحرِ احمر سخت گرم رهن ٿا ۽ جھاز هلائڻ وارن انجينئرن کي سخت پريشان ڪريو وجهن. پر منهنجو اهو ئي تجربو آهي ته سئيز ڪئنال مان لنگهي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ سان جيڪا يورپ پاسي جي ٿڌڙي هير لڳي ٿي، اها جھاز جي مشينن ۽ سمنڊ کي ٿڌو ڪريو رکي ۽ هر شيءِ نارمل ڪم ڪرڻ لڳي ٿي.

جپان هزارين ٻيٽن جو جھڳٽو آهي

فار ايسٽ، يعني ڏور اوڀر پاسي جھاز هلائڻ ۾ هڪ چيف انجينئر اڃا به وڌيڪ سک جو ساهه کڻي ٿو، جو جيئن ئي تائيوان ٻيٽ گذري ٿو ته جپان شروع ٿيو وڃي.
توهان مان جيڪي هوائي جھاز رستي ٽوڪيو، اوساڪا، هِيروشيما يا جپان جي ڪنهن ٻئي شهر ويا هوندا، اهي ضرور سوچيندا هوندا ته هوائي جھاز سڄو تائيوان ٻيٽ لتاڙي سندس ڇيڙي واري اترئين شهر تائپيءَ مٿان جڏهن گذري ٿو، ته پائيليٽ مسافرن کي هن شهر جو ٻڌائي ٿو، ته هن وقت اسان جو هوائي جھاز ”تائپيءَ“ مٿان اڏامي رهيو آهي، ٽوڪيو پهچڻ ۾ 4 ڪلاڪ لڳي ويندا، جو تائپيءَ کان ٽوڪيو 2100 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي..... جپان ۾ رهي آيل اهو به چوندا، ته جپان آهي ئي ڪيڏو...... سو ان جو ٽوڪيو شهر هجي يا اوساڪا، هيرو شيما يا ڪاگو شيما- تائيوان جي تائپي شهر کان تقريبن ساڳي فاصلي (يعني ٻه هزار کن ڪلوميٽرن) تي ٿين ٿا. سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پاڻيءَ وارو جھاز تائپي ڇڏڻ بعد يڪدم جپان جي ويجهو پهچيو وڃي.
بالڪل صحيح آهي پڙهندرن جي ڳالهه! تائپيءَ کان ٽوڪيو پهچڻ ۾ جتي هوائي جھاز کي چار ڪلاڪ ٿا لڳن (جو هوائي جھاز جي گهٽ گهٽ ته به 525 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار ٿا ٻَڌون). اتي اسان جي تکي ۾ تکي هلندڙ پاڻيءَ جي جھاز کي تائپيءَ کان ٽوڪيو پهچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڏينهن پنج راتيون ٿيون لڳن، سو به تڏهن، جڏهن اسان واري جھاز جي رفتار 20 ناٽ (يعني 20 ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ) لڳايون. يعني اسان جي زميني 30 کن ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان..... ٻي ڳالهه ته هوائي جھاز ته مک وانگر سڌو ٿو اڏامي. پاڻيءَ وارو جھاز هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو ٿو هلي، ڪٿي ڪو ٻيٽ آهي ته ان کان پري ٿي پاسا ڏئي ٿو هلي. تائپي ۽ ٽوڪيو جي وچ ۾ ايڏا گهڻا ٻيٽ ۽ سامونڊي طوفان آهن، جو فاصلي جي حساب سان پاڻيءَ جي جھاز لاءَ ٽوڪيو سمجهو ته تائپي کان 3000 کن ڪلوميٽر پري آهي ۽ مخالف طرف جي ڇولين ۽ هوائن ۾ بحري جھاز کي 5 ڏينهن نه ته ساڍا چار ڏينهن ته ضرور لڳن ٿا.
اهو صحيح آهي ته تائيوان کان ٽوڪيو، بحري جھاز رستي، پنج کن ڏينهن جي فاصلي تي آهي، پر جپان ملڪ جون حدون تائپي (تائيوان جو بندرگاهه) ڇڏڻ جي ٻئي ڏينهن کان شروع ٿيو وڃن. ڇاهي جو جپان، ايران، افغانستان يا سري لنڪا ۽ بنگلاديش وانگر هڪڙي ٽُڪري جو نالو ناهي، پر مالديپ وانگر ٻيٽن جو جهڳٽو آهي. مالديپ خطِ استوا (Equater) وٽ سريلنڪا جي کاٻي پاسي 1192 ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيڪي اڪيلا قطار ۾ هجڻ بدران ٻن ٻن لڙين وارن 26 هارن وانگر آهن، جيڪي هار “Atoll” سڏجن ٿا ۽ ڏکڻ کان اتر طرف هندي وڏي سمنڊ ۾ آهن. هيٺين ٻيٽ کان مٿين ٻيٽ تائين ڊيگهه، پاڻيءَ جي جھاز رستي يا هوائي جھاز رستي وڃجي، ته سڌي ليڪ ۾ 820 ڪلو ميٽر ٿيندي (يعني تقريبن ڪراچيءَ کان ملتان جيترو پنڌ ٿيندو جيڪو 880 ڪلوميٽر آهي) هي ٻيٽ ويڪر ۾ 130 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهن. هونءَ آهن ايتر ا ننڍڙا ننڍڙا جو انهن سڀني 1192 ٻيٽن جي ڪُل پکيڙ ماپجي ته سنڌ جي نوشهرو فيروز (جنهن جي پکيڙ 3000 چورس ڪلوميٽر آهي) جي به ڏهين حصي برابر 298 چورس ڪلوميٽر ٿيندي، پر اها ايراضي (يعني 1192 ٻيٽ) هندي وڏي سمنڊ جي 90000 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي.
مالديپ ملڪ جي جيڪڏهن جپان سان ڀيٽ ڪجي ته جپان 6852 ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيڪي ٻيٽ اتر ۾ بحر اوخوتسڪ (Okhotsk) کان، ڏکڻ ۾ فلپين سمنڊ تائين پکڙيا پيا آهن. مالديپ جا ته سڀ ٻيٽ ننڍا آهن. ايتري قدر جو هڪ تي فقط ايئرپورٽ آهي، ته ٻئي تي صرف سرڪاري آفيسون. اهڙيءَ طرح 85 کن اهڙا ٻيٽ آهن، جن تي سياح نظر اچن ٿا، جن لاءِ انهن تي هوٽلون آهن ۽ ٻيا 200 اهڙا ٻيٽ آهن، جن تي ٿورا گهڻا ماڻهو رهن ٿا ۽ ان قسم جا ٻيٽ آباد سڏجن ٿا، باقي خالي آهن يا ويران آهن. ڪي ته اهڙا آهن جيڪي وڏي وير (Hide Tide) اچڻ تي ٻڏيو وڃن. مالديپ جي ماڻهن جو ڪم سمنڊ سان ئي واڳيل آهي. اتي ڪي وڏا ڪارخانا ۽ ڪچي مال لاءِ وڏي پئماني تي زراعت ڪرڻ يا چوپايو مال پالڻ جو بندوبست ناهي.
جپان جا به هزارين ٻيٽ ننڍا آهن، پر پنج ٻيٽ چڱا خاصا وڏا آهن. انهن پنجن مان به چار هونشو، هوڪئدو، ڪيُوشوُ ۽ شڪاڪُو تمام وڏا ۽ هڪ ٻئي جي ايڏو ته ويجها آهن، جو انهن کي پلين ۽ سرنگهن ذريعي ملايو ويو آهي. 1970ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن کان جڏهن منهنجو جپان ۾ پهريون دفعو اچڻ ٿيو. مٿيان ٻيٽ ڳنڍيل نه هئا. هڪ ٻيٽ تان ٻئي تي فيري ۽ لانچن ذريعي اچڻو پوندو هو، پر هاڻ باءِ روڊ، جپان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين (يعني انهن مٿين چئن ئي ٻيٽن تي) اچي وڃي سگهجي ٿو. نه فقط ڪار يا بس ۾، پر هر قسم جون ريل گاڏيون، انهن چئن ٻيٽن مٿان پيون هلن. جيئن ممبئي ۾ هلن ٿيون. جيڪو شهر دراصل ستن ٻيٽن: ورلي، پاريل، مازاگائون، ماهيم، اولڊ وومئن، ممبئي ۽ ڪولابا جو جهڳٽو هو. جن ٻيٽن جي وچ ۾ وهندڙ سمنڊ جي پاڻيءَ ۽ ڌُٻڻ وارن علائقن کي مٽيءَ سان ڀري يڪو هڪ ٽُڪرو ڪيو ويو آهي. هتي جپان جي انهن مٿين چئن ٻيٽن جي چوڌاري اڃا سمنڊ قائم آهي، جيڪو Inland سمنڊ سڏجي ٿو ۽ جنهن مان اسان جا جھاز هلندا رهن ٿا. باقي ٻيٽن کي ڳنڍڻ لاءِ اتاهيون پليون آهن، جن هيٺان جھاز لنگهيو وڃن يا وري سمنڊ جي تري هيٺان مضبوط سرنگهون (Tunnels) آهن، جن مٿان اسان جا جھاز لنگهيو وڃن.
مٿين چئن ٻيٽن مان هونشو ٻيٽ ته 228000 چورس ڪلوميٽر آهي. يعني اسان واري پنجاب صوبي (جيڪو 205344 چورس ڪلوميٽر آهي)، کان به وڏو ٿيو. هونشو ٻيٽ ڊيگهه ۾ 1300 ڪلوميٽر ۽ ويڪر ۾ 50 ۽ 230 ڪلوميٽرن جي وچ ۾ آهي. يعني ڪٿي سنهو آهي ته ڪٿي 230 ڪلوميٽرن تائين ويڪرو آهي. جپان جو هي هونشو (Honshu) ٻيٽ دنيا جي وڏن ٻيٽن مان هڪ آهي ۽ ستين نمبر تي چيو وڃي ٿو. دنيا ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ گرين لئنڊ آهي، ان بعد نيوگني جيڪو آسٽريليا جي ڀرسان آهي ۽ ڪجهه عرصو اڳ تائين ”پاپئا نيو گني“ سڏيو پئي ويو. ان بعد بورنيو ٻيٽ آهي، جنهن جو هڪ ٽڪرو برونائي ملڪ آهي، پوءِ مئڊا گاسڪر ۽ ڪئناڊا جو ٻيٽ بئفن آهي. ان بعد ڇهين نمبر تي انڊونيشيا جو ٻيٽ سماترا آهي، ۽ ستين نمبر تي جپان جو هي ”هونشو“ ٻيٽ آهي، جنهن جي ڪيترن ئي شهرن کان اسان جا ماڻهو واقف آهن، جيڪي اتي گهمڻ، تعليم، واپار وڙي يا ڪانفرنسون ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا. جپان جي گاديءَ وارو شهر ٽوڪيو، اوساڪا، ڪوبي، ڪيوٽو، يوڪوهاما، چيبا، يوڪوسوڪا، شمودا، نگانو، وڪاياما، نگاتا، هيروشيما، ياماگاتا، سيندائي وغيره آهن، جن مان ڪيترن ئي بابت پنهنجن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان. جپان جو مشهور جبل فيوجي به هن ٻيٽ هونشو تي آهي.
اهڙيءَ طرح جپان جا ٽي ٻيا ٻيٽ، جيڪي پلين ۽ سرنگهن رستي هن ٻيٽ سان ڳنڍيل آهن، اهي آهن اتر ۾ هڪئدو، جيڪو اسان جي صوبي سنڌ جي اڌ کان ڪجهه وڏو 85000 چورس ڪلوميٽر آهي، جنهن جا مشهور شهر (جن ۾ اسان جي ملڪ جا ماڻهو نظر اچن ٿا) سپورو، وڪانائي، ڪيتامي، هاڪو داتي، ابا شِري وغيره آهن. اتر ۾ هجڻ ڪري ۽ سياري ۾ سخت سيءَ هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو جپان جي هن ٻيٽ کان لنوائين ٿا. جپان جو ٽيون نمبر ٻيٽ ڪيوشو، جيڪو هڪئدو جي اڌ جيترو آهي، باقي ٻيٽن جي اولهه ۾، ڪوريا جي بلڪل ويجهو آهي. اسان کي هن ٻيٽ جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ جھاز کي وٺي اچڻو پئي پيو. ڪنهن بندرگاهه ۾ سامان تيار نه هوندو هو ته تيستائين، ڏينهن اڌ جي پنڌ تي ڪوريا جي ڪنهن بندرگاهه، سيول پوسان يا انچان ۾ هليا ويندا هئاسين.
ڪيوشو ٻيٽ جي ڪجهه مشهور شهرن جا نالا هن ريت آهن: فڪوئوڪا، ميازاڪي، نوبي اوڪا، يوڪو هاشي، دازائفو (Dazaifu)، ناگاساڪي وغيره. ڪوڪورا (Kokura) شهر به هن ٻيٽ تي آهي، جتي ٽي مهينا کن ڌيءَ وٽ رهي مون ”ڪراچيءَ کان ڪوڪورا“ سفر نامو لکيو هو. هي شهر ڪنهن زماني ۾ بندوقون، بم ۽ بارود ٺاهڻ جي ڪارخانن جي ڪري مشهور هو. اهوئي سبب آهي جو ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ آمريڪين پهرين هن شهر ڪوڪورا تي ائٽم بم هڻڻ ٿي چاهيو، پر ان رات هن شهر جي مٿان گهاٽا ڪڪر هجڻ ڪري جھاز جي پائليٽ کي ڪوڪورا جو سوچيل هنڌ ڳولڻ ۾ مشڪل ٿي پيو ۽ هو هيرو شيما هليو ويو.
جپان جو چوٿون وڏو ٻيٽ جيڪو باقي هنن ٽن ٻيٽن وٽ آهي، شڪوڪو (Shikoku) سڏجي ٿو. هي ٻيٽ ڪيوشو ٻيٽ جي به اڌ جيترو آهي. ڪيوشو 36800 چورس ڪلوميٽر آهي، ته هي شيڪوڪو 18800 چورس ڪلوميٽر آهي. يعني سنڌ صوبي جي پکيڙ جي ستين حصو جيترو آهي. شيڪوڪو جا ڪجهه مشهور شهر آهن: متسوياما، ڪوچي، ڪاگاوا، تڪامتسو، توڪوشيما وغيره.
مٿين چئن ٻيٽن ۾ هڪ ٻيو به شامل ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي جپاني پنجون اهم ٻيٽ سڏين ٿا. اهو آهي اوڪيناوا (Okinawa). پر اوڪيناوا ايڏو وڏو ناهي. اوڪيناوا اسان جي اُترئين 2600 چورس ڪلوميٽر پکيڙ واري ضلعي ڪشمور جي اڌ جيترو آهي ۽ سندس جملي ايراضي 1200 چورس ڪلوميٽر آهي. ٻي خاص ڳالهه اها ته اهو جپان جي مٿين چئن ٻيٽن جي ڀرسان ناهي. ڪيوشو ٻيٽ جي ڇيڙي واري شهر ناگاساڪيءَ کان اوڪيناوا 775 ڪلوميٽر پري آهي. هڪ دفعي مون کي جھازران ڪمپنيءَ ٽوڪيو کان هوائي جھاز ۾ اوڪيناوا موڪليو هو، جنهن ڪلاڪ سوا ورتو ۽ ٽڪيٽ 25 هزار يين هئي. اسان جا پاڪستاني سياح يا شاگرد جن اوڪيناوا جو ٻڌو آهي ته هو ڇو ايڏو ڀاڙو ڀري هڪ ڏورانهين شهر کي ڏسڻ لاءِ وڃن ۽ وقت به ضايع ڪن. ان کان ڀلو آ ته ڀر وارا شهر ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، ڪوبي ۽ ڪيوٽو وغيره گهمجن. هونءَ به اوڪيناوا ٻيٽ تي آمريڪي فوجين جو قبضو رهيو آهي. هينئر به سندن اڏاوتون موجود آهن، سو اوڪيناوا ۾ مون کي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو نه مليا. ها البت ايترو ياد اٿم ته چانڊڪا جو هڪ گرئجوئيٽ ڊاڪٽر خاصخيلي اتي جي اسپتال (جيڪا آمريڪا جي انتظاميا جي هٿ هيٺ هئي) ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هو. بعد ۾ هو آمريڪا هليو ويو. هن ڊاڪٽر کان علاوه اوڪيناوا ۾ ڪيترائي پراڻا سنڌي هندو واپاري رهن ٿا، جن جا وڏا هانگ ڪانگ ۽ ملايا کان هتي آمريڪي فوجن جي گهرائڻ تي ڪاروبار لاءِ آيا. خاص ڪري ڪپڙي ۽ ٽيلرنگ جي ڪاروبار لاءِ. هنن فوجي يونيفارمن، ٽوپين، جُوتن ۽ سوکڙين پاکڙين جا دڪان به هلايا. انهن مان ڪيترا آمريڪا لڏي ويا. ٻين مقامي جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪري هتي جي قوميت وٺي ڇڏي ۽ هاڻ ته انهن جو اولاد به جپاني نالن سان سڏجي ٿو. ڪي هندو ڌرم قائم رکندا اچن، ته ڪي شنتو ۽ ٻڌ ڌرم جا پوڄاري ٿي ويا آهن. اوڪيناوا ۾ اڄ به ڪيتريون ئي انڊين ريسٽورنٽون نظر اچن ٿيون، جيئن: ”آيرويدا“، جيڪا هتي جي چمڙيءَ جي اسپتال (Kuwae Dermatology Clinic) ڀرسان آهي، “Dechibica” ريسٽورنٽ، جتي ڊگها نان به ملن ٿا. انهن کان علاوه تاج اوڪيناوا، اندرا، لڪشمي ڪَري هائوس وغيره.
هاڻ پاڻ ان ڳالهه تي اچون ته تائيوان ٻيٽ جي اترئين شهر تائپيءَ جي ختم ٿيڻ سان جپان ڪيئن ٿو شروع ٿيو وڃي؟ ان لاءِ آئون پنهنجي شاگردن کي هميشه پڇ واري لغڙ جو مثال ڏيندو آهيان، جيڪو اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته ڳوٺ ۾ اڏائيندا هئاسين. اڄ به ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جي ڪيترن ڳوٺن ۾ لغڙ جي هيٺين ڪنڊ ۾ اڳڙيءَ جو ڊگهو پڇ ٻڌو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ يا لاهور جھڙن شهرن ۾ جيڪي لغڙ اڏايا وڃن ٿا، اهي بنا پڇ جي آهن. جپان جا مٿيان چار وڏا ٻيٽ جن کان اسان جا ماڻهو واقف آهن، اهي سمجهو مين لغڙ آهي. جيڪو لغڙائي پني ۽ بانس جي تيلين مان ٺهيل ٿئي ٿو. باقي اڳڙين جو ڊگهو پڇ جيڪو ڪيوشو ٻيٽ کان هيٺ تائيوان جي ويجهو وڃيو پهچي، اهو سمجهو ته جپان جا پنج ڇهه هزار ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن. اِهي ريوڪو (Ryukyu) ٻيٽ سڏجن ٿا، جيڪي جهڳٽن جي شڪل ۾ هيٺ ڏکڻ ۾ فلپين سمنڊ تائين وڃيو نڪرن. انهن ٻيٽن جي جهڳٽن يا گروپن ۾ به ڪي اهم جهڳٽا آهن، جيئن اوسومي (Osumi) ٻيٽ، توڪارا، امامي، مياڪو، سين ڪاڪِي، ياءِ ياما وغيره. امامي ۽ مياڪو ٻيٽن جي جهڳٽن جي وچ ۾ اوڪيناوا ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جنهن جي هر ٻيٽ جو پنهنجو پنهنجو نالو آهي، پر ان جهڳٽي ۾ وڏي ٻيٽ جو نالو به ”اوڪيناوا“ آهي، جنهن کي جپان جو پنجين نمبر تي وڏو ٻيٽ سڏي سگهون ٿا. هن ٻيٽ جي ايراضي 1200 چورس ڪلوميٽر آهي. هونءَ ته ان جي اتر ۾ امامي ٻيٽن جي جهڳٽي ۾ امامي اوشيما به وڏو ٻيٽ آهي، جنهن جي پکيڙ 712 چورس ڪلوميٽر آهي. ان کان علاوه جپان جي هنن ننڍن ننڍن هزارين ٻيٽن ۾ ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي ماڊرن آهن ۽ اسان جھاز هلائڻ وارن لاءِ سهولتون مهيا ڪن ٿا. طوفانن جي حالت ۾ (جيڪي هن علائقي ۾ تمام گهڻو لڳن ٿا) بچاءَ لاءِ هنن ٻيٽن مان ڪيترن تي آڏ واريون جايون آهن، جتي جھاز کي سلامتيءَ جي حالت ۾ رکي سگهجي ٿو. جھاز جي انجڻ خراب ٿيڻ تي ايمرجنسيءَ ۾ مرمت ٿي سگهي ٿي. ايتري قدر جو ڪنهن ڳري پارٽ جي ضرورت پئجي وڃي ته اهو به هو اوساڪا يا ڪوبيءَ جي شپ يارڊ مان ايئرلفٽ ڪرايو وٺن، جو جپان جي هنن ڪيترن ئي ٻيٽن تي هوائي سروس موجود آهي ۽ فيرين ۽ لانچن ذريعي ته ڪيترائي ٻيٽ ڳنڍيا پيا آهن.
پڙهندڙ هاڻ جھاز هلائڻ وارن جي مسئلن کي سمجهي ويا هوندا ته هڪ ته اهو علائقو اتر ۾ هجڻ ڪري اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي ۽ جھاز جي مشينري بهتر طريقي سان ڪم تڏهن ڪري ٿي، جڏهن هوا ۽ سمنڊ جو ٽيمپريچر گهٽ هجي. ٻي ڳالهه ته جھاز ڪٿي به خراب ٿي سگهي ٿو ۽ سمنڊ تي طوفان به جتي ڪٿي آهن. خاص ڪري جپان جي اردگرد ته الا امان آهي... طوفان، سائڪلون، ٽائفون، سوناميون، ايئن ئي لڳنديون رهن ٿيون، جن هلاڪو خان جھڙي طاقتور کي به رت رئاڙي ڇڏيو ۽ جپان هن جي موچڙن کان بچي ويو. جتي سلطنت عثمانيه جا جديد ۽ وقت جا مضبوط ٻيڙا به ٻڏي ويا. اتي اڄ جي ڪنهن جو جھاز، انجڻ جي ناڪاره ٿيڻ تي لُولو لنگڙو ٿيو پوي ته، لغڙ جي پڇ وارن جپاني ٻيٽن (ريوڪيو ٻيٽن) مان ڪيترن تي ان جي مرمت جو سٺو بندوبست آهي. ان ڪري جھاز هلائڻ وارن جي دل بهادر رهي ٿي. اهڙيءَ مشڪل ۾ جپاني پئسا سو ٺاهي ٺوڪي وٺن ٿا، پر مدد به ڪن ٿا. پر ڪو زمانو هو جڏهن سوا ٻه سئو سال کن جپان تي راڄ ته بادشاهه جو هو، پر هلي شوگن (فوجين) جي ۽ جپان پنهنجو پاڻ کي سختيءَ سان دنيا کان الڳ ٿلڳ رکيو ويٺو هو. هو نه ڪيڏانهن ويا ٿي ۽ نه ڪنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ ٿي ڏنائون. ان دؤر ۾ ڪنهن ڌارئي جو جھاز حادثي ۾ ڀڄي پئي پيو يا بتال ٿي هنن جي ٻيٽن تي پئي پهتو ته مقامي جپانين پنهنجي فوجي حاڪمن (Shoguns) جي حڪم موجب ماڻهن کي بچائڻ بدران قتل ڪري پئي ڇڏيو.
برطانيا ۽ آمريڪا وارن (جن جو چين سان واپار وڙو هليو پئي) جپانين کي گهڻو ئي سمجهايو ته ماڻهو ٿيو ۽ دنيا سان واهپو رکي خود به سُکي زندگي گذاريو ته ٻين کي به واپار ۾ فائدو حاصل ڪرڻ ڏيو، پر جپانين جو مثال ان چريءَ وانگر هو، جيڪا ويران وير وڌ ئي رهندي آهي. جپانين پنهنجين ڪاٺ جي سڙهه وارين ٻيڙين جو لشڪر ٺاهي ڇڏيو هو، جن تي هر وقت تير ڪمان، نيزن ڀالن وارا سپاهي رهيا پئي، جيئن ڪو ڌاريو هنن جي ڪناري جو رخ ڪري ته هو هن جي ٻيڙيءَ کي تباهه ڪري ڇڏين ۽ ان طاقت جو هنن کي وڏو گهمنڊ هو. هنن پاڻ کي وڏو پهلوان مڙس پئي سمجهيو.

جپان جا شوگن ۽ جپان جي اڪيلائي

جپان جو هي تن تنهائيءَ (Isolation) وارو دؤر ڪو سال ٻه نه رهيو، پر 220 سال رهيو ... 1633ع کان 1853ع تائين. اهو عرصو جپاني حڪومت پنهنجن ماڻهن کي دنيا کان الڳ ٿلڳ ڪري رکيو. سواءِ ڪن خاص ماڻهن کي خاص ڪمن لاءِ ٻاهر موڪليو پئي ويو‏، نه ته ڪنهن به جپانيءَ کي اجازت نه هئي ته هو ڪو ڪوريا يا چين جھڙي ويجهي ملڪ ۾ به وڃي سگهي. ائين ڪو هليو به ويو پئي ته ان جي واپس اچڻ تي هن جو جھاز ۽ هن سميت جھاز تي سوار سڀني ماڻهن کي ٻوڙيو ۽ ساڙيو پئي ويو. اهو ئي حال ڌارين سان ڪيو ويندو رهيو. فقط ڪجهه چيني ۽ ڪورين واپارين کي جپان جي ڪناري ڏي وڌڻ جي اجازت هئي ۽ ڪجهه يورپي واپارين کي پڻ. خاص ڪري پورچو گالين ۽ ڊچن کي... سو به فقط هڪ ٻن بندرگاهن ۾، جن ۾ به هنن لاءِ هڪ ڏورانهين ڪنڊ مقرر هئي، ته اتي هو جپان طرفان گهرايل سامان لاهي يڪدم روانا ٿي وڃن.
ان تنهائيءَ (Isolation) واري دؤر ۾ دنيا ۾ ڇا پئي ٿيو، جپان وارن ان جي پرواهه نٿي ڪئي. هو پنهنجو پاڻ ۾، پنهنجي ڪلچر، رسمن ۽ رواجن ۾ خوش هئا ۽ هنن پنهنجو پاڻ کي اتم اتاهون پئي سمجهيو. ساڳي وقت ٻاهر جي دنيا کي خبر نه پَئِي ته جپانين جي رهڻي ڪهڻي يا اٿڻي ويهڻي ڇا آهي؟ انهن جو ڪيئن پيو گذر سفر ٿئي؟ واپار وڙي جي خيال کان انهن کي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ۽ جپان مان ڪهڙيون شيون خريد ڪري ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪري سگهجن ٿيون؟
جپان وارن جو پنهنجو پاڻ کي دنيا کان ڌار ۽ ڪٽيل رکڻ جو وڏو سبب جيڪو اڄ به جپان جا تاريخ نويس، سياڻا ۽ محقق ڏين ٿا، اهو هن ريت آهي ته هنن چاهيو پئي ته ڪو ڌاريو سندن لائيف اسٽائيل ۽ دين ڌرم ۾ کٽراڳ پيدا نه ڪري. جيڪو يورپي، خاص ڪري اسپين ۽ پورچوگال جا پادري ڪري رهيا هئا ۽ عيسائيت پکيڙي رهيا هئا. هنن جي تبليغ جي ڪري جپان جا ڪيترائي ماڻهو عوام توڙي اشرافيه، عيسائي ٿيا، جن جي همدردي ماڳهين هنن فرنگين سان ٿي رهي هئي. ان ڪري ئي جپان جي فوجي عملدارن ۽ انهن جي اڳواڻ (شوگن)، جنهن جي هن ملڪ مٿان هلي پئي، 1633ع کان اهي سخت قاعدا ٺاهيا ته جپان ٻين کان ڌار ۽ پنهنجي منهن رهندو. هتي هڪ ڳالهه جپان ۾ رهندڙ يا جپان سان دلچسپي رکندڙ اسان جي ماڻهن لاءِ سمجهڻ ضروري (جنهن کان اڄ جا ڪيترائي جپاني به اڻ واقف آهن) ته جپان تي 660 ق م کان جيئن ئي شهنشاهه جيموءَ جي حڪومت ٿي ته اڄ تائين ان جي اولاد جي هلندي اچي ۽ انهن حاڪمن جي لڙيءَ جو اڄ ڪلهه 126 هون شهنشاهه نارو هِتو آهي. جپاني ڏندَ ڪٿا، بلڪه اڄ به ڪيترن ئي جپانين جي عقيدي ۽ ويساهه مطابق، جپان جا هي سڀ بادشاهه آسماني مخلوق سمجهيا وڃن ٿا، جن جو وڏو شهنشاهه ”جيمو“ سورج ديويءَ جو اولاد آهي. ٻي جنگِ عظيم ۾ جپان جيڪا اڳ اڳرائي ڪئي ۽ جيڪو هنن جي مٿي ۾ اُٺُ هو ته هارَ ته هنن جي نصيب ۾ ئي ڪانهي، جو هنن جو بادشاهه آسماني مخلوق آهي، اهو اُٺُ هن جنگ ۾ چڱيءَ طرح پادر کائڻ بعد (يعني هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ائٽم بم ڪرڻ بعد) نڪري ويو. هنن آڻ مڃي پنهنجو ملڪ آمريڪا حوالي ڪيو ۽ ملڪ جي شهنشاهه هيرو هِتو اهو اعلان ڪيو ته هو آسماني مخلوق نه، پر هڪ عام ماڻهو آهي. هاڻ ته هن جي اولاد مان هڪ پٽ ۽ ٻن پوٽن به پنهنجي اعليٰ خاندان جي ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ بدران، عام رعيت مان ڪئي آهي. ان هوندي به اڳ توڙي اڄ، ويندي هر دؤر ۾، جپاني شهنشاهه کي هن ملڪ جي رعيت پنهنجو ديوتا سمجهندي اچي. هنن لاءِ بادشاهه هڪ اتم، اتاهين ۽ آسمان مان لٿل شيءِ آهي. پر ڏٺو وڃي ته حقيقت ۾ ته هو به ٻين وانگر انسان آهي. هتي جي بادشاهن ۾ به ٻين انسانن وانگر برائيون ۽ سٺايون آهن، ڪمزوريون ۽ طاقتون آهن. مغل سلطنت جا پويان بادشاهه جڏهن عياشيءَ ۾ گهڙي پيا ۽ ڪمزور ٿي پيا ته صوبي بنگال ۽ ٻين هنڌن تي نواب، راجا، جاگيردار ۽ فوجي ڪمانڊر پنهنجي پنهنجي حڪومت ٺاهي ويهي رهيا. آخر ۾ ته ڏورانهين ڏيهه جا ڪنگلا، يعني انگريز به مٿن حاوي ٿي ويا ۽ مغلن جي آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي ڏينهن ۾ ته سڀ ڪجهه انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سپاهين ۽ انتظاميا حوالي هو. بهادر شاهه ظفر ته رڳو انگريزن کان مليل وظيفي تي گذارو پئي ڪيو، باقي هن جي پنهنجي محل کان، اڄ واري دهلي ايئرپورٽ واري علائقي تائين به نه پئي هلي. اسان جھڙن ملڪن ۾ جڏهن سياستدان ڀاڙي ٿيو پون ته ايوب خان ۽ عيدي امين جھڙا ڊڪٽيٽر اچيو وڃن ۽ حڪومت جون واڳون انهن حوالي ٿيو وڃن.
اهو ئي حال جپان جي بادشاهن سان به ٿيو. هنن جي ڪمزورين جي ڪري ملڪ جا فوجي (سمورائي) جيڪي مختلف لڙائين کي منهن به ڏئي رهيا هئا، ته مارجي به اهي رهيا هئا، تن ملڪ جي انتظام جون واڳون سنڀاليون ۽ انهن جو فوجي ليڊر ”شوگن“ سڏجڻ لڳو. بس اهو آهي ته هنن پنهنجي بادشاهه (شھنشاهه) کي مصر جي فاروق يا ايران جي محمد رضا شاهه پهلويءَ وانگر ڏيهه نيڪالي نه ڏني، جو هنن پاڻ به پنهنجي شهنشاهه کي آسماني مخلوق ٿي سمجهيو. پر جي پاڻ نٿي مڃيو ته هنن اهو ته سمجهيو پئي ته سڄي رعيت جا جذبات هنن شهنشاهن سان جڙيل رهن ٿا. ان ڪري هنن شهنشاهه کي شهنشاهه ئي رهڻ پئي ڏنو. باقي حڪم سڀ هنن جو پئي هليو ۽ حڪومت کي ”شوگنيٽ“ سڏيو پئي ويو. هوڏانهن شهنشاهه ۽ سندن درٻار جا آفيسر ڪامورا سڀ نالي ماتر هئا. هي ڪم 1199ع کان شروع ٿيو، جڏهن جپان جو 82 هون شهنشاهه گوتوبا (Go-Toba) هو، جنهن 1183ع کان 1198ع تائين حڪومت ڪئي، پر صحيح طرح انتظام نه هلائڻ ڪري ٻيو بهادر شاهه ظفر ٿي پيو.
جپان جا فوجي (Samurai) جيڪي زمينن، بلڪه جاگيرن جا مالڪ هجڻ ڪري طاقتور، وڏيرا، سردار ۽ ڀوتار سمجهيا پئي ويا، ملڪ ۾ ٿيندڙ بغاوتن ۽ لڙائين کي به انهن منهن پئي ڏنو. هو اهڙو طاقتور مڃجڻ لڳا جو مٿئين شهنشاهه ”گو توبا“ پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ ”مناموتو نو يوري تومو“ سمورائي (جنگجو جوڌي) کي 1185ع ۾ ملڪ جو شوگن (Shogun) ليڊر بنايو. کيس ليڊر ڪو دل سان نه بڻايو هوندائين، پر پنهنجي شهنشاهيت جي ڪمزور حالت ڏسي هن جوڌي جي خواهش تي هن ”ها“ ڪئي هوندي، جو هن لاءِ ٻي ڪا واٽ به نه هئي. هن شوگن 1192ع ۾ هڪ قسم جي وڏيرا شاهي فوجي حڪومت (Feudal Military Govt) ڪماڪورا شهر ۾ قائم ڪئي. سرڪاري عهدا ۽ وڏيون نوڪريون اثر رسوخ وارن فوجين ۽ زميندارن کي ڏنيون ويون.
شوگنن (فوجي ڊڪٽيٽرن) 1192ع کان 1868ع تائين 676 سال جپان تي حڪومت ڪئي. ان دوران ”گوتوبا“ 82 هين شهنشاهه کان، شهنشاهه ”ڪوميئي“ 121 هين شهنشاهه تائين 39 کن شهنشاهه ٿيا، جن مان ٽي چار عورتون به حاڪم ٿيون. خاص ڪري ايڊو دؤر (جيڪو 1603ع کان 1867ع تائين چيو وڃي ٿو) ۾ 108 هين شهنشاهه ”گو ميزو نواو“ بعد 109 ئين، هن جي ٻيو نمبر ڌيءَ راڻي مي اِشو، ملڪ جي حاڪم ٿي. هن 1629ع کان 1643ع تائين جپان تي راڄ ڪيو... راڄ ڇا ڪيو... پاڻ کان اڳ وارن شهنشاهن وانگر ٺلهي Figure Head ٿي رهي. جيئن پئي شوگن حڪم ڪيو، تيئن پئي هن به هائوڪار ڪئي ۽ ”سڀ صحيح آهي“ چيو. اهو حال جپان جي 121هين شهنشاهه ڪو ميئي تائين هليو، جنهن جي حڪومت 1846ع کان 1867ع تائين رهي. نه فقط جپان تي فوجين جي حڪومت رهندي آئي، پر مٿي بيان ڪيل جپان جي عورت حاڪم ”راڻي مي اِشو“ جي دؤرِ حڪومت ۾، 1633ع کان، جپان کي ٻين لاءِ بند رکيو ويو، جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان، ته نه ڪنهن جپانيءَ کي ٻاهر وڃڻ جي آزادي هئي ۽ نه ٻاهر جي ڪنهن ماڻهوءَ کي جپان ۾ داخل ٿيڻ جي. ڪنهن جي مجال جو جپاني فوجي ڊڪٽيٽر (Shogun) جي ٺاهيل هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪري، يا ملڪ جو شهنشاهه هن قانون جي خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي. هي سلسلو 121هين شهنشاهه ڪوميئيءَ جي راڄ تائين هليو، جنهن جي آخري ڏينهن ۾ آمريڪا (USA) جو نيول ڪموڊور مئٿيو پيري پنهنجن جديد قسم جي جھازن سان، جپانين طرفان اجازت نه ملڻ جي باوجود، جپان جي پاڻيءَ ۾ ڌوڪي پيو. ملڪ جو وڏو سو شهنشاهه هو، پر ان لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته عوام توڙي فوجي حاڪمن هن کي آسمان مان لٿل مخلوق سمجهي هن جي عزت سو ضرور پئي ڪئي، پر فقط نالي ماتر. حڪم احڪام سڀ فوجين جا پئي هليا. يعني شوگن (مليٽري ڊڪٽيٽر)، دائي ميو (جاگيردارن) ۽ سمورائي (مليٽري آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن) جا.
ڪماڪورا دؤر، جيڪو 1185ع کان 1333ع تائين چيو وڃي ٿو ۽ جنهن ۾ شوگن پنهنجي گاديءَ جو شهر ڪماڪورا ٺاهيو، ان ۾ منگولن 1281ع ۾ جپان تي حملو ڪري نه رڳو هنن فوجي شوگنن کي ٺاهي ٺوڪي موچڙا پئي هنيان پر سڄي جپان تي قبضو ڪري پئي ورتو. اڄ دنيا جي تاريخ ئي ٻي هجي ها، پر هن ۾ ڪاميابي شوگن حڪومت جي ٿي. ان ڪري نه ته ڪو هو پهلوان هئا يا هنن وٽ وڏو جنگي سازو سامان هو، پر منگولن جي هار جو سبب انهن ڏينهن ۾ لڳندڙ سخت طوفان (Kaze) آهي، جنهن منگولن جي ڪاٺاڻن ٻيڙن کي ڀڃي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. جنهن لاءِ اڄ به جپاني چوندا آهن ته هنن کي طوفان بچايو ۽ هن طوفان کي هو ”ڪامي“ يعني ”ديوتا“ سڏين ٿا. يعني ”ڪامي ڪازي“ (Divine Wind).
وچ ۾ هڪ 96 هين شهنشاهه (جنهن 1318ع کان 1339ع تائين راڄ ڪيو) گودائي گو نالي شوگن کان ملڪ جو مڪمل قبضو حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پر فقط ٽن سالن لاءِ 1333ع کان 1336ع تائين. ان بعد وري فوجين جو هڪ ٻيو ڊڪٽيٽر اَشي ڪاگاوا ملڪ جي انتظاميا تي قبضو ڪري شوگن ٿي ويٺو. “Ashi Kaga” قبيلي جا فوجي 1336ع کان 1575ع تائين جپان تي حڪومت ڪندا رهيا. اشي ڪاگاوا فوجين جي حڪومت جو هي دؤر ”مورو ماچي“ دؤر سڏجي ٿو.
مورو ماچي دؤر جي آخري سالن ۾ - يعني سورهين صديءَ ۾ ڪجهه پورچوگالي واپاري ۽ فرانسز زئويئر (Francis Xavier) جھڙا عيسائي تبليغي پهريون دفعو جپان پهتا، جن جپان ۽ مغرب جي وچ ۾ واپار ۽ ڪلچر جي ڏي وٺ ڪئي، پر تمام هلڪي ڦلڪي پئماني جي. جپانين هنن لاءِ ناگاساڪي بندرگاهه جي پوڇڙ وٽ هڪ هنڌ مقرر ڪيو، جتي هنن جا جھاز اچي لنگر انداز ٿيندا هُيا. پر پوءِ جڏهن عيسائين جي پرچار وڌي وئي ته جپانين هنن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ سترهين صديءَ ۾ 1633ع کان هنن دنيا کان الڳ ٿلڳ Isolation ۾ رهڻ جو قانون جاري ڪيو، جنهن تي هنن سختيءَ سان عمل شروع ڪيو. جپان جي اها اڪيلائيءَ واري پاليسي ۽ فوجي حڪومت ڪموڊور پيريءَ جي زوريءَ اچڻ بعد ختم ٿي. ايئن ڪو ناهي ته پيريءَ جي خليج ٽوڪيو ۾ گهڙي پوڻ تي جپاني خوش ٿيا ۽ ڀاڪر ۽ ڳراٽڙيون پائي هن ڌاري قوم جو آڌر ڀاءُ ڪيائون. هرگز نه. سڄي ملڪ سمجهيو ٿي ته سندن هي شوگن ۽ سمورائي (فوجي عملدار) جيڪي کائي پي ڏنڊا ٿي پيا هئا، اهي پنهنجي طاقت ذريعي ۽ پهري لاءِ سالن کان چوڌاري بيهاريل جھازن ذريعي هنن ڌارين جا ڀڳڙا ڪري ڇڏيندا. پر يارو! ڪجهه نه ٿيو.

ڪموڊور پيريءَ جو جپان ۾ داخل ٿيڻ

جپانين وٽ ڪاٺ جا سڙهن وارا ٻيڙا ۽ انهن تي موجود لوهي زرهه اوڍيل سپاهي ضرور هئا، پر هٿيار ڇا هئن؟ مدي خارج بندوقون ۽ ٺڙڪو پستول، نيزا ۽ بڙڇيون! ظاهر آهي هو ٻه سئو سالن کان مٿي دنيا کان الڳ ٿلڳ رهيا هئا. دنيا ۾ ان عرصي دوران ڇا پئي ترقي ٿي، هنن کي ڪا ٻِيٽ ئي ڪانه ٿي پئي. هي پنهنجي ٻه صديون اڳ جي سازو سامان سان پاڻ کي وڏو پهلوان سمجهيو ويٺا هئا ۽ رڳو پنهنجن تي رعب رکي رهيا هئا، ته اسان وڏا جوڌا مڙس آهيون. ملڪ جو نالي ماتر شهنشاهه به چپڙي ڪري ويٺو رهيو.
آمريڪين جپان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪيترا سال کين سمجهايو ته هڪ ٻئي سان واپار ڪرڻ کپي، هڪ ٻئي کان سکڻ کپي. آمريڪي واپاري جھاز ڪوريا ۽ چين پاسي ويندي طوفانن ۾ تباهه ٿي يا بتال ٿي، جپاني سمنڊ ۾ بي يارو مددگار ٿي پهتا پئي، ته انهن کي وڌيڪ ٻوڙڻ ۽ سوارن کي قتل ڪرڻ بدران انهن جي مدد ڪئي وڃي. پر سائين ! جپان به وڏي انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل هو ۽ جپان جي فوجين شيرشاهه جي شڪري وانگر فقط گهر جا ڪڪڙ ماري ڏٺا هئا. هنن کي ڪهڙي خبر ته دنيا ڪٿان وڃي نڪتي آهي ۽ ڪوئلي جي مدد سان ڪَلَ (انجڻ) وارا جھاز ايجاد ٿي چُڪا آهن، جن جا جسم ڪاٺ بدران لوهه جا آهن ۽ جن کي چرپر لاءِ هوا جي محتاجي ڪرڻي نٿي پوي، پر هو پنهنجي انجڻ جي زور تي ٿا هلن ۽ اهو ئي حال بمن، بارودن ۽ بندوقن جو ٿي ويو آهي. هٿ ۾ ڪاٺ جون بندوقون کڻي دشمن تي چٽڻ بدران سڄي جھاز تي چوڌاري لوهي توبون ۽ وڏيون بندوقون فِٽ ٿيل آهن. 1852ع ۾ آمريڪا جي صدر ملرڊ فل مور (جيڪو 1850ع کان 1853ع تائين تيرهون صدر رهيو) ڪموڊور پيريءَ کي واپار خاطر جپاني بندرگاهه کولڻ لاءِ جپان موڪلڻ جي مهم سونپي ۽ هو آمريڪا جي مشرقي ڪناري واري بندرگاهه نورفولڪ کان جپان ڏي روانو ٿيو. يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آفريڪا کنڊ جو ڪنارو ڏئي، ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپي، هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيو، جتان پوءِ ملائيشيا ۽ فلپين وٽان ٿيندو پهرين اوڪيناوا ٻيٽن تي ترسيو. هو ان کان اڳ ٻين ملڪن ۾ به ترسندو آيو هو. پيريءَ جا جھاز خليج ٽوڪيو (جيڪو انهن ڏينهن ۾ “Edo Bay” سڏبو هو جو ٽوڪيو شهر جو نالو ايڊو هو) ۾ 8 جولاءِ 1853ع تي پهتا. جپانين گهڻي ئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جھاز جي ڪمانڊر کي نياپا ڪيا ته هتان هليو وڃ ۽ جي جپان حڪومت سان ڳالهائڻو به اٿئي ته جپان جي بندرگاهه ناگاساڪيءَ وٽ هلي لنگر انداز ٿي، پر ڪموڊور پيريءَ سندن هڪ نه ٻُڌي ۽ هو اندر ڌوڪيندو آيو ۽ کين چيو ته جيڪي ڪرڻو اَٿَوَ اهو ڪريو. هن پنهنجي جھاز جي انجڻ کڻي فل ٿراٽل تي رکي، سو هڪ ان انجڻ جو ڌڌڪو، مٿان ڪموڊور پيريءَ اهو به حڪم ڏنو ته جھاز تي جيڪي 73 توبون (Canons) لڳل آهن، اهي هڪ ئي وقت هوا ۾ فائر ڪريو ۽ پوءِ توبن جا منهن ايڊو (ٽوڪيو شهر) ڏي ڪري ڇڏيو. آمريڪن ڪموڊور پيريءَ جو خاص مقصد جپانين کي ڊيڄارڻ هو، سو جپان جا فوجي ليڊر ۽ عوام آمريڪا وارن جا ههڙا آفت جھڙا جھاز ۽ توبن جا ٺڪاءُ ٻڌي ڏڪي ويا. ڪموڊور پيريءَ جپاني فوجين کي چيو ته، جيڪڏهن توهان اسان جو مقابلو ڪرڻ جو سوچيندئو ته اسان توهان کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.... جپاني ٻڙڪ نه ٻوليا. ”جي سائين، جي سائين“ ڪندا رهيا ۽ سڀني کي پنهنجي کوکلي شان ۽ ڪمزوريءَ جو احساس ٿيو ته هو پاڻ کي ٺلهو ”فتح خان“ سمجهيو ويٺا هئا.... دنيا ته الائي ڪٿان وڃي نڪتي آهي! اسين جپاني رڳو پنهنجو پاڻ ۾ قبيلائي جهيڙن ۾ محو آهيون، باقي ٻاهر جي دنيا سان مقابلي جو ڪو ٽپڙ نه اٿئون!
ڪموڊور پيريءَ اتي جو اتي پنهنجي ماڻهن کي، جھاز تي رکيل ٻيڙيون لاهي ڪناري جي سروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته هي خليج ڪيڏو اونهو آهي ۽ سندس ڪنارو ڪيئن آهي. جيئن ان مطابق آئيندي ايندڙ ننڍا وڏا جھاز بيهي سگهن. هن اوچتي حادثي جپانين کي منجهائي رکيو. فوجي ڊڪٽيٽر ”شوگن توڪُو گاوا“ جي بيماريءَ ته ويتر جپاني حڪومت کي اڌ رنگ ڏئي ڇڏيو. ڪموڊور پيري جپانين ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪري، اهو چئي هانگ ڪانگ هليو ويو، ته هو وري سال بعد هتي ايندو. خبردار جو ڪا رنڊڪ پيدا ڪئي اَٿَــوَ.
پيري سال بدران ڇهن مهينن کان پوءِ موٽي آيو. هن ڀيري هڪ يا ٻن جھازن سان نه، پر هن سان يڪا ڏهه جھاز هئا، جن تي 1600 کن سپاهي موجود هئا. جپانين ٿورو گهڻو رينگو ڪيو، پر پوءِ ڪموڊور پيريءَ جي هر ڳالهه لکت ۾ قبول ڪيائون ۽ جپانين جي 220 سالن جي اڪيلائي (جنهن کي جپاني ساڪَوڪُو (Sakoku) ٿا سڏين) ختم ٿي. جپانين اهو به قبول ڪيو ته آمريڪي نه فقط واپار پر پنهنجو قونصل خانو ۽ رهائش به قائم رکي سگهن ٿا. ان لک پڙهه تي صحيحون ٿيڻ بعد آمريڪين جيڪي جپانين کي تحفا ڏنا، انهن ۾ شامل هئي، هڪ ننڍڙي ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏيءَ جي انجڻ (Locomotive). پڙهندڙ اندازو لڳائين ته هيءَ سال 1854ع جي ڳالهه آهي ۽ جپان جيڪو اڄ انڊسٽري ۽ مئنيوفيڪچر ۾ اتاهون آهي، ان جي 1854ع تائين حالت اسان جي ننڍي کنڊ کان به بدتر هئي، ڇو جو هنن کي اها به خبر نه هئي ته ريل گاڏي به ڪا شيءِ آهي ۽ هو ريل جي انجڻ جو ماڊل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا هئا. اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ان کان هڪ سال اڳ 1853ع ۾ ممبئيءَ جي علائقي ”بوهري بندر“ کان ”ٿاڻي“ شهر تائين 34 ڪلوميٽرن جو فاصلو براڊ گيج (ساڍا پنج فوٽ) واري ريل گاڏيءَ شروع ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ 14 بوگيون (Carriages) لڳيون ٿي، جن ۾ 400 ماڻهو ويهي سگهيا ٿي ۽ جن ٽن انجڻن (Locomotives) هن ريل گاڏيءَ کي ڇڪيو ٿي، انهن تاريخي شروعاتي انجڻن جا، وقت جي حاڪم انگريزن نالا رکيا هئا: صاحب، سنڌ ۽ سلطان. انهن ئي ڏينهن ۾، يعني 1858ع ۾، ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي اسٽيشن تائين 174 ڪلوميٽر ريل جا پٽا لڳايا ويا، جن تان “Scinde” نالي ريلوي ڪمپنيءَ جي ٽرين هلڻ لڳي هئي. ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته اهي ملڪ ۽ قومون جن پاڻ کي ڪوٺڙيءَ ۾ بند رکيو ۽ دنيا جي ڄاڻ سڃاڻ نه رکي، اهي پٺتي رهجي ويون، اهي ترقي نه ڪري سگهيون. ڪموڊور پيريءَ جي جھازن کي ڏسي جپاني هراسجي ضرور ويا، پر هنن اڳتي وڌڻ جو عزم ڪيو ۽ اڳتي هلي دنيا ڏٺو ته ٻي جنگِ عظيم تائين جپاني پاڻيءَ جا جھاز ته ڇا هوائي جھاز به ٺاهي ويا، جن پرل هاربر ۾ بيٺل آمريڪي جھازن تي اهڙو حملو ڪيو، جو دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون. هنن جا اڄ به مختلف قسم جا پاڻيءَ جا جھاز دنيا جي اعليٰ جھازن ۾ مڃيا وڃن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن جيڪو پهريون جھاز ٺاهيو، ان کي جڏهن سمنڊ ۾ لانچ ڪيو ويو، ته ان جي Stability جو حساب ڪتاب صحيح نه رکڻ ڪري، اهو جھاز پاڻيءَ ۾ اچڻ سان پاسيرو ٿي ڪِري پيو ۽ ٻُڏي ويو.
پاڻ تحفن جي ڳالهه پئي ڪئي، جيڪي آمريڪن ڪموڊور پيريءَ جپاني حڪومت جي نمائندن کي پيش ڪيا. انهن ۾ ريل گاڏيءَ جي اسٽيم انجڻ، ٽيليگراف ڪرڻ جو اوزار، ڪجهه ٻني ٻاري ڪرڻ جا اوزار، ننڍي سائيز جا هٿيار، پستول، بندوقون، 100 گئلن وسڪيءَ جا، گهڙيال (بعد ۾ ته جپان سئٽزر لئينڊ جي واچن ۽ جرمنيءَ جي گهڙيالن جو مقابلو ڪيو، پر 1855ع تائين جپان جا اهي حال هئا جو هنن لاءِ واچ يا گهڙيال به وڏو تحفو هو)، ڪجهه چلها (Stoves) ۽ ڪتاب شامل هئا. ان جي بدلي ۾ جپانين آمريڪن کي سون جي چمڪ وارو فرنيچر ۽ پيتيون، ٽامي پتل (Bronze) جا ٿانوَ ۽ زيور ۽ چيني مِٽيءَ (Porcelain) جو سامان ڏنو.
آمريڪين جي ان رعب تاب ۽ زور زبردستيءَ ڪري جپان جي فوجي حڪومت شوگن ۽ سمورائي وغيره جي خواري ٿي ۽ بس ٿي ويا. ملڪ جي شهنشاهه کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو، جو هو فوجي حڪومت جي چنبن مان نڪري ويو. ڪجهه سالن بعد 1867ع ۾ جپان جي 121 هين شهنشاهه ڪوميئي جي وفات تي شهنشاهه ميئجي ملڪ جو 122 هون شهنشاهه ٿيو ۽ هن ملڪ تي ٺاهي ٺوڪي حڪومت هلائي، جنهن ۾ فوجين کي ڪا ڀاڱي ڀائيواري نه ڏني وئي. هي نئون دور ”ميئجي دؤر“ سڏجڻ لڳو ۽ هن دؤر (جيڪو ماڊرن دؤر به سڏيو وڃي ٿو) ۾ جپان هر شعبي ۾ ترقي ڪئي. هي شهنشاهه ميئجي جپان جي مشهور شهنشاهه هيرو هِتو (جنهن جي ڏينهن ۾ ٻي جنگِ عظيم لڳي) جو ڏاڏو هو ۽ هاڻ جيڪو جپان جو 126هون شهنشاهه نارو هِتو آهي، اهو وري هيرو هِتو جو پوٽو آهي.
ڪموڊور مئٿيو پيري 1768ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو هو. هو اتي جي نيويءَ ۾ ڀرتي ٿيو ۽ مختلف جھازن تي رهڻ بعد 72 ورهين جي ڄمار ۾ 1840ع ۾ ڪموڊور ٿيو. 1852ع ۾ آمريڪا جي تيرهين صدر Millard Fillmore آمريڪا جو جپان سان واپار شروع ڪرڻ لاءِ جپان ۾ زوريءَ گهڙڻ جي مهم ڪموڊور پيريءَ حوالي ڪئي، ڇو جو آمريڪا وارن جو چين سان واپار وڌي رهيو هو ۽ جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته چين ويندي آمريڪي جھاز جپان جي ڀر وارن سمنڊن ۾ مشڪلات ۾ آيا ٿي ته جپانين انهن جي مدد ڪرڻ بدران آمريڪي خلاصين کي قيد پئي ڪيو يا ڦاهي ڏئي پئي ڇڏي. سو اهڙن ماڻهن جي سلامتيءَ سان واپسي پڻ آمريڪا وارن جي گُهرَ هئي. پيري اوڪيناوا ٻيٽن جي وڏي شهر ”ناها“ ۾ ڪجهه وقت ترسي 1853ع ۾ جپان پهتو. انهن ڏينهن ۾ اوڪيناوا جا ٻيٽ ”لِيو چيو“ ٻيٽ سڏبا هئا. جپان پهچي هُو اتي جي حڪومت کي چتاءُ ڏئي هانگ ڪانگ موٽي آيو. ان بعد وري هو، ٻيو دفعو 13 فيبروري 1854ع تي جپان آيو ۽ جپانين کي پنهنجيون ڳالهيون مڃرائي لکت ۾ معاهدو ڪيو، جنهن موجب جپانين آمريڪن کي جپان جي ٻن بندرگاهن هاڪو داتي ۽ شمودا ۾ رهائش ۽ جھاز بيهارڻ جي اجازت ڏني. ان بعد پيري آمريڪا موٽي آيو. اهو سال 1855ع هو ۽ پيريءَ جي عمر 87 سال هئي. ٽن سالن بعد 1858ع ۾ هن نيو يارڪ ۾ وفات ڪئي. پيريءَ کي جپان موڪلڻ جو جنهن تيرهين صدر 1852ع ۾ حڪم ڏنو، اِهو ملرڊ هڪ سال بعد 1853ع ۾ لهي ويو. جنهن بعد آمريڪا جو چوڏهون صدر فرئنڪلن پيئرس ٿيو. جيڪو 1853ع کان 1857ع تائين صدر رهيو. ڪموڊور مئٿيو پيريءَ جي ڪاميابيءَ بعد هن نئين صدر، جولاءِ 1856ع ۾ هئرس (Townsend Harris) کي آمريڪا جو پهريون سفارتڪار (قونصل جنرل) ڪري جپان موڪليو، جنهن جپان جي شهر شمودا ۾ اتي جي مندر ”گيو ڪُو سينجِي“ وٽ اچي آمريڪي قونصل خانو کوليو.

جپان جي شهر شمودا ۽ مائي ڪِچيءَ جي ڪهاڻي

جپان جو شهر شمودا (Shimoda) جيڪو بندرگاهه به آهي، هونشو ٻيٽ جي ڏاکڻي حصي ۾ آهي. اسان جيئن ئي هانگ ڪانگ يا چين بعد جپان ڏي رخ رکندا آهيون، ته جپان جي ننڍن ننڍن هزارين ”ريوڪو ٻيٽن“ بعد جپان جي اهم ۽ وڏي ٻيٽ ”هونشو ٻيٽ“ جي ويجهو پهچڻ تي، وڪاياما ۽ شمودا جھڙا بندرگاهه، پهرين ۽ سؤلا پون ٿا، جتي اسان جي جھازن جو گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو. ڪموڊور پيري به ٽوڪيو کان اڳ هن بندرگاهه ”شمودا“ ۾ آيو پئي ۽ اڄ به هن شهر ۾ بندرگاهه کان هڪ مندر ريوسينجي (Ryosenji Temple) واري روڊ جو نالو ”پيري روڊ“ آهي. نئين آيل آمريڪن ڊپلومئٽ، هئرس ٽائونسينڊ هن مندر ۾ ”جپان آمريڪا شمودا معاهدو“ (Treaty) صحيح ڪيو هو. بنا شڪ جي شمودا هڪ خوبصورت شهر آهي، جنهن ۾ هن سال 2020ع ۾ اولمپڪ رانديون ٿي رهيون آهن، پر ان کان وڌيڪ هي شهر شمودا آمريڪي ڊپلومئٽ ”هئرس“ ۽ ان جي جپاني ڪنيز ”اوڪِچيءَ“ جي ڪري مختلف ناولن، ڪهاڻين ۽ فلمن جي زينت آهي.
اسان جو جھاز به پهريون دفعو شمودا بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيو هو ته شهر گهمندي هن جپاني عورت اوڪچيءَ (Tojin Okichi) بابت ٻڌو هئوسين، جنهن کي وفات ڪئي اڄ سوا صديءَ کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي. سندس نالو ته ڪِچي هو پر جپاني ٻوليءَ ۾ ڪنهن کي مانُ ڏيڻ لاءِ سندس نالي جي اڳيان ”او“ (O) ڏنو وڃي ٿو. پر افسوس جو جيستائين ڪچي جيئري رهي، هوءَ ڳوٺ وارن لاءِ ڦٽ لعنت جو سبب بڻي رهي. مرڻ بعد اڄ تائين، هن کي سڄو جپان ياد ڪري ٿو، هن جي تعريف ڪري ٿو. سندس تصويرون (Paintings) سياح خريد ڪن ٿا. سندس تصوير وارا ڪافيءَ جا ڪوپ، پوسٽ ڪارڊ ۽ ٻيون شيون سووينيئر طور خريد ڪيا وڃن ٿا. مون وٽ به پنهنجي هڪ جھاز جي ڪئبن ۾ اوڪچيءَ جي تصوير واري پليٽ ڀت تي ٽنگيل رهي ٿي. جيئن جپان جي ٻين بندرگاهن: نگويا، وڪاياما، يوڪوهاما، هيروشيما وغيره جا منهنجا جپاني دوست ۽ واقفڪار اهو تحفو ڏسي سمجهي وڃن ته اسان جو جھاز جپان جي ڏاکڻي بندرگاهه شمودا (Shimoda) مان ٿي هتي پهتو آهي. شمودا، جيڪو دنيا جي خوبصورت سامونڊي ڪنارن (بيچُن)، باغن ۽ گرم پاڻيءَ جي چشمن جي ڪري مشهور آهي. شمودا بندرگاهه جي بيهڪ اهڙي آهي، جو جپان ايندي اسان کي پهرين هتي لنگر ڪيرائڻو پيو ٿي، جيئن حيدرآباد کان ڪراچيءَ ايندي پهرين سچل ڳوٺ ٿو اچي. ٻنهي ڳوٺن جو هڳاءُ منهنجي دماغ ۾ اهڙو ويٺل آهي، جو ڪنهن جپان جي سفرنامي جو نالو ”سچل ڳوٺ کان شمودا“ رکڻ ٿو چاهيان.
شمودا شھر جي هڪ ٻُڌ مندر ”گيوڪوسينجيءَ“ جي ڀر ۾ هن عورت جي ياد ۾ ”اوڪچي ميموريل هال“ به آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ڏيهي ۽ پرڏيهي سياح اچن ٿا. پهريون دفعو شمودا ۾ اچڻ تي آئون به پنهنجي جھاز جي ڪجهه ساٿين سان گڏ هي مندر ۽ اوڪچي هال گهمڻ ويو هوس، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ هڪ جپاني عورت ڀڳل سڳل، پر سمجهه ۾ اچڻ جوڳي انگريزيءَ ۾ مون کي وڏي چَس ۽ چاهه سان اوڪچيءَ جي ڏک ڀري پريم ڪهاڻي ٻڌائي هئي.
ڪموڊور پيريءَ جي زوريءَ جپان داخل ٿيڻ کان اڳ 220 سالن تائين ڪنهن جپاني عورت جي ته ڇا، پر ڪنهن مرد جي به ڌارئي ملڪ جي مرد سان ميل ملاقات نه ٿي هئي. سو ان حساب سان ڪِچِي سَان پهرين عورت هئي، جيڪا ڪنهن ڌارئي جي سريت ٿي رهي. هتي ڪِچيءَ جو نالو ”او ڪِچي“ بدران ”ڪِچي سَان“ لکيو اٿم. پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته ڳالهه ساڳي آهي. جپاني نالن (اسمن) اڳيان ”او“ ڏيڻ معنيٰ اهو نالو فضيلت سان کڻڻ آهي ۽ اهو ”او“ نه فقط انسانن جي نالن اڳيان پر ”چا“ چانهه، ”ميزو“ پاڻيءَ ۽ ٻين شين جي اڳيان به لڳائي انهن کي عزتدار بڻائي سگهجي ٿو، جيئن اسان وٽ ڪيترن شين کي اهو مانَ وارو درجو ڏيڻ لاءِ انهن شين جي پويان ”شريف“ ڳنڍيو وڃي ٿو. جيئن مٽياري شريف، درگاهه شريف وغيره. انسانن کي عزت سان سڏڻ جو ٻيو طريقو هنن جي اڳيان جناب، محترم، محترمه، مسٽر، مسز يا مِس جھڙا لفط آهن، پر جپانيءَ ۾ انهن سڀني لفطن لاءِ هڪ ئي لفظ ”سان“ (San) آهي. جيڪو نالي پويان لڳايو وڃي ٿو جيئن مٿي لکيو اٿم “Kichi- San”.
سو ذڪر هيٺ آيل هيءَ جپاني حسينا ”ڪِچي سَان“ ڪنهن عام ڌارئي جي نه، پر مسٽر هئرس (Townsend Harris) جي سريت ٿي رهي، جيڪو آمريڪا ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ جپان ۾ پهريون سفارتڪار (قونصل جنرل) ٿي ٽوڪيو کان 100 کن ميلن جي فاصلي تي سمنڊ جي ڪناري واري شهر شمودا ۾، 1856ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ آيو هو. جتي هن ٻه سال گذاريا.
”ڪچيءَ هئرس جي دل وٽان خدمت چاڪري ڪئي“. شمودا جي ڪِچي ميموريل هال ۾ ڪم ڪندڙ عورت ٻڌايو. ”هو بيمار ٿيو ته هن کيس وقت تي دوا درمل ڏني ٿي، سڄي جسم کي زور ڏنا ۽ هن جي کاڌي پيتي لاءِ ڳائي گوشت ۽ کير جو بندوبست ڪيو“.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته هن پاسي يعني ڏور اوڀر يا ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن: جپان، ڪوريا، فلپين، ويندي ملائيشيا، انڊونيشيا، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا پاسي، اڳ ۾ کير پيئڻ جي عادت ئي نه هئي. ايتريقدر جو پنهنجن ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ به لکي آيو آهيان ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ اسان کي ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ڍڳيءَ جو کير حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي ٿي پيئي. سو جپان ۾ ڪِچيءَ کي پنهنجي صاحب هئرس لاءِ کير حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻ پيئي. شمودا جي ميوزيم ۾ ڪِچيءَ جو هڪ ماڊل رکيل آهي، جنهن ۾ هن جي هٿ ۾ کير جو گلاس آهي. هئرس کي مقامي هارين کي سمجهائڻو پيو هو ته هو ڍڳيون پالي کير پيدا ڪن، جيڪو جپانين ان کان اڳ نٿي پيتو. جپان جي اڄ جي ٽاپ جي مشهور کير ڪمپني موري ناگا (Morinaga) جڏهن بعد ۾ کير جي پئڪنگ ۽ پائوڊر ٺاهڻ جو ڪارخانو هنيون ته ان جو ڪريڊٽ آمريڪن هئرس ۽ ڪِچي سانَ کي ڏيڻ لاءِ، ان جي تختي شمودا جي هن مندر اڳيان هنئي وئي، جتي هئرس پنهنجي آفيس ۽ رهائش گاهه ٺاهي هئي. ڪنهن ڍڳي يا ڍڳيءَ کي ڪُهي ڳائو گوشت حاصل ڪرڻ ته جپاني ماڻهن جي سوچ کان ٻاهر ڳالهه هئي. اڄ دنيا جي بهترين ڳائي گوشت “Wagyu” يا ”ڪوبي اسٽيڪ“ جپان مشهور آهي پر ان وقت ڍڳيءَ کي گوشت لاءِ ڪهڻ پاپ جو ڪم سمجهيو ويندو هيو. آمريڪن قونصلر جنرل ۽ ان جي ڊچ ترجميڪار لاءِ جپانين مجبور ٿي هر وقت هڪ ڍڳو وڻ سان ٻڌي ڇڏيو ٿي، پر ان جي ڪسڻ واري رات مندر جا ٻاوا گوتم ٻڌ جي مجسمي اڳيان سجدي ۾ ڪري پوندا هيا، ته هنن يا هنن جي شهر مٿان هن پاپ جون آفتون نازل نه ٿين، جيڪو هي مغرب جا ماڻهو هنن ذريعي ڪن ٿا.
شمودا جي هن مندر ”گيو ڪُوسِينجي“ (جنهن جي اڳيان ڍڳي يا ڍڳيءَ جو ڪوس ٿيو ٿي) ۾ هي سلسلو ٻه سال ڏهه مهينا هليو، جيڪو وقت هئرس (آمريڪن قونصل جنرل) هتي رهيو. مندر جي رکوالي ڪرڻ واري عورت هن مندر جي اڳيال لڳل يادگار پليٽ ڏيکاري، جنهن تي ڍڳيءَ جي تصوير آهي. هن ٻڌايو ته هي اهو هنڌ آهي، جتي انسانن جي کائڻ لاءِ پهرين ڍڳي ڪُٺي وئي هئي. ان پليٽ تي جپانيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ جيڪا عبارت لکيل آهي، اها هتي لکان ٿو:

"This monument, erected in 1931 by the butchers of Tokyo, marks the spot where the first cow in Japan was slaughtered for human consumption. (Eaten by Harris and Heusken)"

اُن پليٽ تي جن ٻن ڍڳيءَ جو گوشت کائيندڙن جا نالا لکيل آهن، انهن ۾ هڪ ته هئرس آهي، جيڪو آمريڪن حڪومت طرفان قونصل جنرل ٿي شمودا ۾ آيو هو ۽ ٻيو همراهه هيوسڪين (Heusken) ڊچ آمريڪي هو ۽ هئرس لاءِ ترجميڪاريءَ لاءِ رکيو ويو هو. هيوسڪين 1832ع ۾ ائمسٽرڊم (هالينڊ) ۾ ڄائو. جتان پوءِ هو لڏي نيويارڪ آيو. هن کي جپاني ڪانه ٿي آئي، پر انهن ڏينهن ۾ ڊچ واحد يورپي ٻولي هئي، جنهن کان جپاني واقف هئا، ڇو جو جپان ۾ اڪيلائيءَ (Isolation) واري دؤر ۾ به جپانين ڊچ واپارين کي ناگاساڪي بندرگاهه وٽ مقرر ڪيل هڪ جڳهه تي، سندن جھاز لنگر انداز ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. انهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري ڪجهه جپاني ڊچ سکي ويا هئا. هي آمريڪن قونصل جنرل هئرس جپانين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندو هو. جيڪا انگريزي هيوسڪين پنهنجي مادري زبان ڊچ ۾ ترجمو ڪري ان جپاني همراهه کي ٻڌائيندو هو، جنهن کي ڊچ آئي ٿي ۽ پوءِ ان جپاني همراهه ان ڊچ ٻوليءَ جو جپانيءَ ۾ ترجمو ڪري حڪومت جي واسطيدار عملدارن کي ٻڌايو ٿي. اهڙيءَ طرح جپانيءَ ۾ مليل جواب ڦري گهري انگريزيءَ ۾ هئرس کي ٻڌايو ويندو هيو. هيوسڪين جڏهن جپان آيو ته هن جي عمر 23 سال مس هئي. قونصل جنرل جو مترجم هجڻ ڪري هن جي به جپان ۾ ڪافي لئي هئي ۽ جپان حڪومت توڙي عوام هنن جي اڳيان پويان پئي ڦريا ۽ چمچا گيري پئي ڪيائون. ايتري قدر جو انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ هڪ عام ماڻهوءَ ۽ ويندي جھڙي تھڙي آفيسر کي به گهوڙي تي سوار ٿيڻ جي اجازت نه هئي. هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ هنن کي پنڌ وڃڻو پيو ٿي. گهوڙي تي سوار ٿيڻ جي فقط سامورين (جپاني جنگجو جوڌن ۽ سردارن) کي اجازت هئي. سو هي ڊچ ترجميڪار جتي ڪٿي رعب سان گهوڙي تي سوار ٿي پئي نڪتو ۽ ساڻس گڏ ٻه يا ٽي جپاني باڊي گارڊ سپاهي به گهوڙن تي هن سان گڏ پئي هليا. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي ڏسي اصل ۾ جپانين جو اندر پَڄريو پئي. هڪ رات هيوسيڪن ڪنهن دعوت تان موٽيو ته جپاني قومپرست ڇوڪرن جي ٽولي (Shishi) مٿس حملو ڪيو. جيتوڻيڪ هيوسڪين سان گڏ ٻه گهوڙي سوار گارڊ سپاهي ۽ چار پنج ڄڻا گولا (گئس بتيون) کڻي رستو ڏيکارڻ وارا پيدل هلندڙ سپاهي به هئا، پر هيوسڪين کي جسم جي ٻنهي پاسي اهڙا زخم رسيا جو هو بچي نه سگهيو. هيوسڪين کي ٽوڪيو جي ڪورن جي (Korin-Ji) قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. هيوسڪين هر روز تفصيل سان ڊائري لکندو هيو. اها 1964ع ۾ "Japan Journal 1855-1861" جي نالي سان نيو جرسيءَ جي رٽگرز يونيورسٽي پريس طرفان ڇپي.
شمودا شهر، هئرس، هيوسڪين، اوڪِچي، پهرين ڍڳي جي ڪسڻ، ۽ ڍڳيءَ جي کير پيئڻ ڪري هڪ اهڙو شهر ٿي پيو آهي، جنهن کي دنيا جا سياح ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. خاص ڪري آمريڪي، جن جي وڏن جپان جي هِنَ الڳ ٿلڳ رهڻ واري پاليسيءَ کي طاقت جي زور تي رد ڪيو ۽ دنيا جي ماڻهن کي جپان ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو مليو.
1979ع ۾ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ جھاز جي اوچتي مرمت لاءِ مون ان کي شمودا بندرگاهه ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ بيهاريو هو ته ان دوران هڪ ڏينهن آمريڪا جو صدر جمي ڪارٽر به هي مندر ڏسڻ آيو هو. خبر ناهي هو انهن ڏينهن ۾ صدر هو يا رٽائرڊ هو. بھرحال جپان وارن هن کي شمودا ۾ وڏو پروٽوڪول ڏنو هو.
پاڻ جپاني عورت اوڪِچي، ڪچي سَان يا محترما ڪِچيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن بابت، منهنجي 1973ع يا 1974ع واري شمودا جي پهرين جپان جي سفر ۾ ”گيوڪوسينجِي“ مندر جي ڀر ۾ اوڪِچي ميموريل هال ۾ هڪ ڪم ڪرڻ واري عورت ٻڌايو ته: ”1854ع ۾ او ڪِچي (Okichi) شمودا شهر جي سترهن سالن جي هڪ خوبصورت ۽ مشهور گيشا هئي، جيڪا تسورو ماتسو (Tsuru Matsu) نالي هڪ مقامي واڍي سان مڱيل هئي“.
هونءَ گيشائون پوڙهيون ٿي پوءِ شادي ڪنديون آهن. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هو گراهڪن کي ريجهائڻ جا مليل پئسا گيشا گهر جي مالڪڻ ”ماما سان“ کي قرض پوري ڪرڻ ۾ ڏينديون آهن، جيڪا ڪيترائي سال هنن کي قابل ڪرڻ (Train ڪرڻ) ۾ خرچ ڪندي آهي. پر ميموريل هال جي سنڀال ڪندڙ عورت ٻڌايو ته: ”مِس ڪِچيءَ تي ڪنهن جو ڪو قرض نه هو. گيشا گهر جي هوءَ پاڻ مالڪ هئي ۽ هن جي هن واڍي تسورو سان اهڙي دل هئي جو هن جلدي شادي ڪرڻ لاءِ مڱڻو به ڪري ورتو هو“.
”آمريڪن سفارتڪار جي شمودا اچڻ تي هن کي خوش رکڻ لاءِ مقامي انتظاميا اوڪچيءَ کي حڪم ڏنو ته هوءَ پنهنجي مڱيندي جي پچر ڇڏي آمريڪا کان آيل آفيسر (هئرس صاحب)جي خدمت چاڪريءَ ۾ لڳي وڃي...“.
مندر وٽ موجود هن عورت ذري گهٽ اکين ۾ ڳوڙها آڻي اوڪِچي گيشا جي غمگين ڪهاڻي اڳتي هن ريت بيان ڪئي: ”جپان جي شوگن حڪومت اهو سوچي ته هي آمريڪن سفارتڪار (جنهن جي هٿن ۾ هاڻ هنن جي قسمت هئي جو، هنن کي هن جي پٺيان آمريڪي جھازن جا گڙڪا ۽ توبن جا ٺڪاءُ ٿي ٻڌڻ ۾ آيا) هتي اڪيلو محسوس ڪندو، سو هن جي دل پشوريءَ لاءِ شهر جي ننڍي نيٽي ۽ حسين ڇوڪري هن جي حوالي ڪرڻ جي خوشامد ڪئي، جيئن هئرس پنهنجي حڪومت ڏي جپان جي شوگن حڪومت بابت بهتر رپورٽ موڪلي. ايتري قدر جو ڪِچيءَ جو واڍي تِسورو سان مڱڻو ختم ڪري واڍي کي ڪنهن ٻئي شهر ڏي گم ڪري ڇڏيائون. نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري....“.
”پر ڏٺو وڃي ته هن ڇوڪريءَ لاءِ ڪيڏو وڏو ظلم ٿيو، جو اسان جپاني Xenophobia جا مريض آهيون“ .
هن چيو. هن جو مطلب هو ته جپانين کي ڌارين ۽ نون ماڻهن کان خوف ۽ نفرت آهي. اها حقيقت آهي. اهو احساس جپانين ۾ اڄ به آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ ته جپان جي ٻچي ٻچي ڌارين کان نفرت پئي ڪئي پئي... يا کڻي چئجي ته سالن جا سال هنن جي دلين دماغن ۾ وڌو ويو هو، ته ڌارين کان پري رهو، ڌاريا قابلِ نفرت، گندا ۽ ڄٽ آهن. اهڙي تناظر ۾ ڪِچي کان سندس چاهڻ وارو پري ڪري، کيس کائنس 34 سال وڏي عمر، واري (بقول جپانين جي، جسم تي وار ۽ وڏي ڏاڙهي هجڻ ڪري هو Barbarian (جهنگلي) سڏيو ويندو هيو) جي حوالي ڪيو ويو. جپاني ته سنهي مڇ رکڻ کي به خراب سمجهن ٿا ۽ هونءَ به هنن جو جسم وارن کان آجو يا نه هئڻ برابر رهي ٿو.
”اوڪِچي پنهنجي شوق سان نه پر سرڪار جي حڪم تي پنهنجي ملڪ جي بهتريءَ ڪارڻ پاڻ کي هڪ کجيءَ جي جِنَ حوالي ڪري ڇڏيو، پر عوام هن سان نفرت ڪرڻ لڳو. هن کي ڪِنو ۽ گندو سمجهڻ لڳو“، مندر واري عورت وڏي ڏک مان ڪِچيءَ جي ڪهاڻي جاري رکي. ”ٻن اڍائي سالن بعد هو ڌاريو (آمريڪي) ته پنهنجي ملڪ موٽي ويو، پر هن معصوم ڇوڪريءَ تي نفرت جو ٽِڪو هڻي ويو. هن ڏي هر ايندڙ ويندڙ نفرت سان نهارڻ لڳو. ماڻهن جي نظرن کان بچڻ لاءِ هن پيئڻ تي زور ڏنو. هوءَ هر وقت نشي ۾ رهڻ لڳي. آخر هڪ ڏينهن هوءَ سمنڊ جي ڪناري تي هلي وئي ۽ ڪا دير سوچي سوچي هن پنهنجو پاڻ کي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ مري وئي“.
شمودا اهو شهر آهي، جتي اسان جا جھاز ويندا رهن ٿا. اسان جا جھازران، توڙي جپان ۾ تعليم ۽ نوڪرين لاءِ آيل اسان جا ماڻهو، هتي جو هي مندر ۽ اوڪچيءَ جي قبر ۽ ان ۾ رکيل يادگار شيون ڏسندا رهن ٿا.
پڙهندڙن کي هاڻ او ڪچيءَ جي ڪهاڻيءَ جي ته خبر پئجي وئي هوندي، سو انهن کي گذارش آهي ته هنن جو ڪڏهن شمودا وڃڻ ٿئي ته مندر يا ان جي ڀرسان ٺهيل ”او ڪِچي ميموريل هال“ ۾ موجود گائيڊ عورت کان او ڪچيءَ جي ڪهاڻي پُڇڻ بدران چپ چاپ مندر ۽ او ڪِچي ميموريل هال ڏسي ٻاهر نڪري اچن ۽ گائيڊ کان ڪهاڻي ٻڌڻ کان گريز ڪن، جو هتي جي گائيڊ تمام مهانگي آهي ۽ ايترا پئسا وٺڻ تي منهنجي زال به هن سان وڙهي پئي، ته اهڙي ڪهاڻي ٻڌڻ جي اسان کي ڪهڙي ضرورت هئي؟! هن اسان کي شايد امير آمريڪي سمجهي ڦريو آهي. خبر ناهي ڪهاڻي صحيح به آهي يا نه......
بهرحال او ڪچيءَ جي ڪهاڻي ٿوري ڦير ڦار سان ڪافي حد تائين حقيقت تي مبني آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفارتڪار جي وڃڻ کان پوءِ هن پنهنجي مڱيندي واڍي سان اچي شادي ڪئي، جيڪا اٺ سال قائم رهڻ بعد طلاق ٿي. ان بعد او ڪچيءَ پنهنجو گيشا گهر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حالتون مختلف ٿي چڪيون هيون ۽ هوءَ نقصان ۾ هلي وئي. غم ۽ نفرت جي احساس کان ڀڄڻ لاءِ هن شراب پيئڻ تي زور ڏنو ۽ هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏيائين. اها سال 1891ع جي 27 مارچ جي تاريخ هئي.
اوڪِچي جي غمگين ڪهاڻيءَ تي ڪيترائي انگريزي ۽ جپاني ناول، فلمون ۽ ڊراما ٻَڌل آهن. سندس ڪهاڻيءَ جي خاص انگريزي فلم 1958ع جي “The Barbarian & the Geisha” آهي، جنهن ۾ آمريڪا جي سفارتڪار هئرس جو پارٽ ان وقت جي مشهور هيرو، مون جيڏن جي جوانيءَ جي ڏينهن جي دلپسند ائڪٽر جان وين (John Wayne) ادا ڪيو آهي.
او ڪچيءَ تي هڪ مشهور جپاني گانو ”اوڪِچي مونو گاتاري“ (اوڪچيءَ جي ڪهاڻي) عنوان سان آهي، جيڪو 1960ع ۾ جپان ۾ ٽاپ جو گانو هو.
اوڪِچيءَ تي جپاني ٻولين ۾ ٺهيل اسٽيچ ڊرامن مان هڪ ۾ اوڪِچي جو ڪردار جپان جي هڪ ائڪٽريس ”ڪواڪو دائي اِچيءَ“ به ادا ڪيو آهي. هوءَ هيءُ اسٽيج ڊرامو سڄي جپان ۾ ڪري هاڻ شمودا ۾ ڪرڻ لاءِ پهتي هئي. چون ٿا ته جنهن ڏينهن هن کي اهو ڊرامو ڪرڻو هو، ان کان اڳ واري رات هوءَ ۽ هن جو ساٿي گهڻي پيئڻ ڪري هوش وڃائي ويٺا ۽ هن جي ساٿيءَ کان ڪار رورس گيئر ۾ سمنڊ ۾ هلي وئي ۽ اداڪارا ”دائي اِچي“ ٻڏي وئي.

الطاف شيخ جا شايع ٿيل ڪِتابَ

1. اناميڪا
2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
3. پيار جي گُهٽَ
4. وايون وڻجارن جون
5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
6. دنيا آهي ڪاڪ محل
7. سمونڊ جن ساڻيهه
8. بندر بازاريون
9. سمونڊ جي سيوين
10. سي ئي جوڀن ڏينهن
11. بندر ديسان ديس
12. خبرون کيڙائن جون
13. ڪويت ڪنارا
14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
15. جاني ته جھاز ۾
16. جپان جن جي جيءَ ۾
17. ڳالهيون تنهن جپان جون
18. خدا ڏي خط
19. جپان رس
20. سانباهو سمونڊ جو
21. موج نه سھي مَڪڙي
22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
23. بھترين سفرناما
24. لنڊن تائين لفٽ
25. ٻارن جون آکاڻيون
26. ٽوڪيو جي گيشا گرل
27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
28. سنگاپور ويندي ويندي
29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
31. دُنگيءَ منجهه درياهه
32. ڏاهي جهرڪي
33. جت جر وهي ٿو جال
34. يادن جي انڊلٺ
35. ڳالهيون آهن ڳچ
36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
37. Proverbs Of Far East
38. اوهريا جي عميق ڏي
39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
40. ملير کان مالمو
41. جت برف پئي ٿي جام
42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
43. ارائونڊ دي ورلڊ
44. رٺي آهي گهوٽ سان
45. يورپ جا ڏينهن ۽ راتيون
46. اي روڊ ٽو مدينا
47. هيلسنڪيءَ جي حسينا
48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
49. آل ابائوٽ سنگاپور
50. ملائيشيا منهنجي من ۾
51. ڀلي ڀار تان ڀيرو
52. هي ٻيٽ هي ڪنارا
53. بوتلن جو سفر
54. سوزيءَ سان پيار
55. جل پريون
56. ملائيشيا 12 سالن بعد
57. تيستائين گڊ باءِ
58. جپان پنجويھه ورهين بعد
59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
60. دهليءَ جو درشن
61. نيو هالا کان نيويارڪ
62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
63. ايران ڏي اُڏام
64. چنڊ چوانءِ سچ
65. هلي ڏسجي هندستان
66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
67. ممباسا، شيدي بادشاهه، همباشا
68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
71. مونکي موهيو ملائيشيا
72. وٺو وڏ ڦڙو
73. نه سي سڙهه سُکان
74. بنارس کان برمودا
75. برونائيءَ کان برازيل
76. گهاتو گهر نه آيا
77. جل پريءَ جي جيون ڪٿا
78. ڪئمپس جا ڏينهڙا
79. تاريخ جو سفر
80. جيءَ اندر جهاتي
81. واٽ ويندي...
82. ڳوٺ جروار کان جپان
83. جي وڃين تون جپان
84. وري ياد آيا
85. آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس
86. دنيا رنگ رنگيلي
87. جپان جپان آهي
88. جهونا ٿيا جھاز (ڇپائيءَ هيٺ)
89. پهتا اُت پانڌيئڙا (ڇپائيءَ هيٺ)
90. چين ڪيو بي چين (ڇپائيءَ هيٺ)
91. زئنزيبار … جهنگبار (ڇپائيءَ هيٺ)


اُردو
92. سمندر کے دن
93. ملائیشیا کے دن
94. یورپ کے دن
95. کراچی سے کوپن ہیگن
96. ایران کے دن
97. گيشائون کے ديس مين
98. جہاز چلانے کے دن
99. جپان کے دن
100. کنارے کے دن
101. میں چلا ممباسا
102. چلو چلیں ہندوستان
103. ملائیشیا نے مجھے موھ ليا