(ڀاڱو پهريون)
هي انعام ڪيل جماعت ”صراط مستقيم“ تي هلڻ وارن جي آهي. قرآن ڪريم چيو آهي:
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسُولَ فَأُولَٰئِكَ مَعَ الَّذِينَ أَنْعَمَ اللَّهُ عَلَيْهِم مِّنَ النَّبِيِّينَ وَالصِّدِّيقِينَ وَالشُّهَدَاءِ وَالصَّالِحِينَ وَحَسُنَ أُولَٰئِكَ رَفِيقًا
﴿النساء: ٦٩﴾
ترجمو: ”۽ جيڪي الله ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪندا سي انھن سان گڏ رھندڙ آھن جن تي الله فضل ڪيو آھي (يعني) پيغمبر ۽ صديق ۽ شھيد ۽ صالح، ۽ اُھي چڱا سنگتي آھن.“
نبي سڳورا
انهيءَ انعام ڪيل جماعت جا اڳواڻ نبي سڳورا آهن آهن. اها نبوت تاريخ جي هر دور، هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ ظاهر ٿيندي رهي آهي. انهيءَ ۾ قرآن ۽ توريت جا سامي نسل نبي به اچي وڃن ٿا ته اريائي ۽ زرد نسل جا نبي پڻ اچي وڃن ٿا. يعني حضرت ڪرشن، حضرت ٻڌ، حضرت رامچندر، حضرت مهاوير، حضرت زرتشت ۽ حضرت سقراط وغيره آريائي نسلن سان تعلق رکن ٿا. حضرت اخناطون قبطي نسل مان آهي ۽ حضرت ڪنفيوشس زرد نسل جو آهي.
ان هن جي ڪتابن ۽ فلسفياڻن قولن توڙي مثالن ۾ مذهب جي حقيقي تعليم موجود آهي، جيتوڻيڪ مذهبي پيشوائن پنهنجا مفاد ماڻڻ لاءِ انهيءَ تعليم سان گڏ ٻيا قول ۽ مثال به ملائي ڇڏيا آهن، پر جيئن ته قرآن ڪريم گذريل پاڪ ڪتابن جي لاءِ ”مهيمن“ يعني تنقيدي معيار جو درجو رکي ٿو، تنهن ڪري ان جي مدد سان انهن ۾ موجود صحيح تعليم معلوم ڪري سگھجي ٿي. قرآن ڪريم جي مفسرن جو فرض هو ته دينن جي هيڪڙائيءَ واري نظرياتي بنياد تي، انساني هيڪڙائيءَ جي جوڙ جڪ ڪن ها، پر مسلمان عالمن خدائي وحي جي عالمگير ڪردار کي اجاگر ڪرڻ بدران ان کي محدود ڪري ڇڏيو.
صديق
نبين سڳورن سان گڏ صديق اهي ماڻهو آهن، جن پنهنجي تجربي ۽ وجداني فڪر سان، نبين سڳورن جي تعليم جي سچائيءَ جي تصديق ڪئي آهي. حضرت ابوبڪر پنهنجي تجربي ۽ سوچ سان خدائي توحيد جي تصور ۽ ان جي ضرورت ۽ فائدن تائين پهچي چڪو هو. انهيءَ ڪري ئي هن رسول اللهﷺ جي رسالت واري دعوى جي يڪدم تصديق ڪري ورتي ۽ صديق سڏجڻ لڳو. انهيءَ جماعت ۾ حضرت لقمان ۽ اهي فلسفي، صوفي، شاعر ۽ پاڪ انسان اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي فڪر، فلسفي ۽ پنهنجي عمل، نبين جي وجداني فڪر ۽ عمل جي اهميت تائين پهچ حاصل ڪري چڪا هئا. يعني خدا پرستي ۽ نيڪ عملي سان انساني هيڪڙائيءَ جي جوڙجڪ، عوامي ڀلائي ۽ دينن جي هيڪڙائيءَ جا قائل ٿي چڪا هئا. اهي ماڻهو هر قوم ۾ ڪنهن نه ڪنهن نبيءَ جي پيروڪاري ۾ شامل هوندا آهن ۽ اڄ به دنيا ۾ آهن ۽ سدائين هوندا.
شهيد
شهيد اهي آهن جن نبين ۽ صديقن جي وجداني فڪر جي مضبوطي ۽ نفاذ لاءِ پنهنجي سر گھوريندي شهادت ماڻي. اسان جي دور ۾ آمريڪا جو صدر ابراهيم لنڪن اهڙو ئي شهيد هو، جنهن غلاميءَ کي ختم ڪرڻ جي قيمت پنهنجو سرڏيئي ادا ڪئي. اهڙن ئي شهيدن ۾ دارا شڪوه ۽ علي شريعتي آهن، جن دينن جي هيڪڙائي ۽ مزدور عوام ۽ ٻين پٺتي پيل محڪوم عوام جي ڇوٽڪاري کي، نبين سڳورن جي موڪلڻ جو مقصد سڏيو آهي. ان سان گڏوگڏ ان ۾ اهي انسان به شامل آهن، جن عملي طور پيداواري وسيلن کي رعايتون ڏنل طبقن جي قبضي مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ڇڏيا. ان ۾ شڪاگو جا اهي مزدور به شامل آهن، جن محنت جي لاءِ ڏينهن ۾ رڳو اٺن ڪلاڪن جو وقت مقرر ڪرائڻ لاءِ پنهنجو رت وهايو. دنيا جي قومن ۾ اهڙن انسانن جي فهرست تمام ئي ڊگھي آهي.
صالح
صالحن ۾ سمورن مذهبن جا نيڪ دل، نيڪ عمل ۽ انسان دوست ماڻهو شامل اهي. انهن ۾ اهي به شامل آهن جن جي مذهبيت ته ايتري چٽي نه آهي، پر انهن معاشي مساوات، سياسي ۽ فڪري آزادي، تهذيب ۽ فن جي پاڪيزگي جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. انهيءَ ۾ اهي به شامل آهن جن خانداني ۽ سماجي زندگي ۾ عورت جي انساني پاسي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ رعايتون ڏنل طبقن جن انساني حقن کي پنهنجي اقتدار ۽ تشدد سان دٻائي رکيو آهي، تن حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ جاکوڙ ڪئي.
انساني تاريخ پنهنجي دور ۽ قوم ۾ ظلم ۽ ڏاڍ، سياسي ۽ معاشي محڪومي، محنت جي استحصال ۽ علم ۽ فن جي بحالي جي لاءِ جاکوڙيندڙن ۽ پنهنجو رت وهائيندڙن ۽ انهن لاءِ نظرياتي تعليم جو بندوبست ڪندڙن سان ڀري پئي آهي. جن فردن انساني هيڪڙائي، آزادي، معاشي برابري ۽ علم جي عام پکيڙ لاءِ ڪوشش ڪئي، آزادي ۽ نيڪيءَ کي رواج ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪئي، ۽ غلامي، غربت، جهالت ۽ بي انصافي جي خاتمي لاءِ جيڪا به وک وڌائي آهي ۽ انهيءَ رستي ۾ کين سر صدقو ڪرڻو پيو آهي، سي سڀ صديق، شهيد ۽ نيڪ عمل انسان جي ٽولي ۾ شامل آهن ۽ قرآن ۽ ٻيا پاڪ ڪتاب انهن جي سچائيءَ جي تصديق ڪن ٿا. ڇو جو اهي ئي نبوت جا مقصد هئا. اصل صالحن جا به ڪيترائي درجا آهن. قرآن ڪريم گڏيل طور تي سڀني کي صالح سڏيو آهي، ڇو جو نيڪ عمل نفعو ڏيندڙ عمل آهي، جنهن سان عوام کي فائدو پهچندو آهي.
امام ولي الله جو ”نظريو مفهمين“
قرآن ڪريم ته نبوت کان پوءِ انسانن جا ٽي درجا ٻڌايا آهن؛ يعني صديق، شهيد ۽ صالح. پر امام ولي الله محدث دهلويؓ، جيڪو پنهنجي وقت جو امام هو، پنهنجي تمام ئي مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ جي ڇاونجاهين فصل ”حقيقت النبوة و خواصها“ ۾ غير نبي فردن جي انهن جي نفسياتي ڪيفيت سان نشاندهي ڪئي آهي. امام صاحب اهڙن فردن کي ”مفهم“ جو اصطلاح ڏئي ٿو. پاڻ فرمائن ٿا:
سڀ کان اعلى انسان (مفهم) اهي آهن، جن ۾ عقل ۽ سمجھه آهي. اهي مفهم ماڻهو سڌريل هوندا آهن. انهن جا ملڪوتي گڻ تمام ئي اوچا هوندا آهن. اهي ڪنهن مقصد کي خدائي مدد سان حاصل ڪري سگھندا آهن. علم ۽ خدائي ڳالهين جو ”ملاء الاعلى“ کان انهن تي نزول ٿيندو آهي. اهڙن ماڻهن جي طبيعت ۽ رهڻي ڪهڻي سدائين وچٿري هوندي آهي (يعني اهي غير معتدل حالت کان بچي سدائين وچٿري واٽ تي رهندا آهن). اهي طبيعتون نه ته جزوي ڳالهين سان گھڻو پريشان ٿينديون آهن ۽ نه ئي ايترو حساس هونديون آهن جو، ننڍڙين حقيقتن مان وڏين حقيقتن کي جاچي نه سگھن يا ظاهر منجھان ڪو مطلب نه ڪڍي سگهن. اهي ايترو اٻوجھه به نه هوندا آهن جو جزئي کان ڪلي يا صورت کان معنى تائين نه وڃي سگھن. اهي تمام ئي ثابت قدميءَ سان هدايت واري طريقي تي عمل ڪندا آهن. اهي عبادتن ۾ به برابري رکندا آهن ۽ انساني ڏيتي ليتي ۾ به انصاف کان ڪم وٺندا آهن. اهي انتظامي معاملن ۾ ڪلي يا عام طريقو اختيار ڪندا آهن ته جيئن انسانيت جو عام فائدو ٿي سگھي. (يعني پنهنجا فيصلا عوام جي ڀلائي کي سامهون رکندي ڪندا آهن) اهي ڪنهن کي ڏکائيندا نه آهن، سواءِ ان جي جو ڪڏهن حادثاتي طور ڪنهن کي ڪا تڪليف پهچي وڃي، يا وري ان جي ايذائڻ سان سموري انسانذات کي نفعو پهچندو هجي. اهي سدائين عالم غيب ڏانهن مائل رهندا آهن ۽ ان جو اظهار سندس منهن، ڳالهه ٻولهه ۽ اٿي ويٺي مان ٿيندو آهي. انهن جي سموري وجود مان خبر پوندي آهي ته انهن جي غيبيءَ طرح مدد ٿي رهي آهي. اهي پنهنجي ننڍڙي عمل سان الله تعالى جي ويجھڙائي ۽ دلي سڪون حاصل ڪري وٺندا آهن، جيڪو ٻئي انسان حاصل نٿا ڪري سگھن. اهي ماڻهو يعني ”مفهمين“ ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن ۽ انهن ۾ مختلف صلاحيتون هونديون آهن:
1. الڪامل: اهو هڪ سمجھه ڀريو (مفهم) هوندو آهي جيڪو گھڻو ڪري الله تعالى وٽان اهڙو علم حاصل ڪندو آهي، جيڪو انسان جي انفرادي دلين کي عبادت جي وسيلي پاڪيزه بڻائي سگهي.
2. الحڪيم: اهو هڪ اهڙو مڪمل اخلاقي قانون جوڙيندو آهي جيڪو انسانن جي خانگي ۽ معاشرتي زندگيءَ کي خاص طرح سان ۽ ٻين معاملن ۾ عام طرح سان ترقي ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
3. الخليفه: هي هڪ اهڙو انسان هوندو آهي جيڪو الله تعالى وٽان اهڙا عمل حاصل ڪندو آهي، جن سان انسانن جي سياسي زندگي منظم ٿي سگھي. وري ان جي الله تعالى اهڙي طرح مدد ڪندو آهي جو هو انسانن ۾ عدل قائم رکي سگھندو آهي ۽ ٻين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف جنگ به ڪري سگھندو آهي.
4. روح القدس مان تائيد ڪيل: هي اهو انسان هوندو آهي جنهن کي ملاءِ اعلى تائين پهچ حاصل هوندي آهي. ملائڪن جي جماعت ان سان ڳالهائيندي آهي، تعليم ڏيندي آهي، پنهنجو پاڻ ان کي ڏيکاريندي آهي ۽ ان جي هٿان ڪيترائي معجزا ظاهر ٿيندا آهن.
5. الهادي و مزڪي: اهي اهڙو انسان هوندو آهي جيڪو پنهنجي دل ۽ زبان ۾ ملائڪن کان روشني حاصل ڪندو آهي. ماڻهو ان سان گڏ رهي هدايت حاصل ڪندا آهن. ان جا پيروڪار اطمينان ۽ نور حاصل ڪندا آهن.
6. الامام: هي هڪ اهڙو شخص هوندو آهي جنهن جي علم جو گھڻو ڀاڱو ڪنهن قوم جي سڌاري ۽ تجديد سان لاڳاپو رکندو آهي. هو سدائين ملت جي سجاڳي ۽ احياءَ لاءِ جاکوڙيندڙ هوندو آهي.
7. المنذر: هي اهو ماڻهو آهي جيڪو هن دنيا ۾ اچڻ وارين مصيبتن کان ڊيڄارڻ لاءِ الله تعالي جي طرف کان مقرر هوندو آهي. يا وري هو اهو ٻڌائيندو آهي ته ڪا خاص قوم الله تعالى جي لعنت جي حقار بڻجي وئي آهي يا هو اهڙن واقعن جي خبر ڏيندو آهي جيڪي مرڻ کان پوءِ انسان جي اڳيان (قبر ۾) اچڻيون آهن ۽ اسان سان گڏوگڏ ٻيهر جيئرو ٿيڻ کان پوءِ جي واقعن (حشر) بابت ٻڌائيندو آهي. اهي ڳالهيون هو پنهنجي نفس کان جدا ٿي (نفساني خواهشن کان پاسيرو ٿيڻ کان پوءِ) ڄاڻيندو ۽ ٻڌائيندو آهي.
8. النبي: جڏهن الله تعالى جي مصلحت ان ڳالهه جي گھُر ڪندي آهي ته انسانن وٽ هڪ ”مفهم“ (سمجھه ڀريو) انسان موڪلي ته جيئن هو انهن کي اونداهين مان روشني ۾ آڻڻ جو سبب بڻجي ته، هو هڪ قانون جوڙيندو آهي ته ٻئي سمورا انسان انهيءَ نبيءَ (مفهم) جي جسماني ۽ روحاني فرمانبرداري ڪن. هو ملاءِ اعلى ۾ فرمان جاري ڪندو آهي ته جيڪي ماڻهو هن (نبي) جي پيروي اختيار نه ڪندا انهن تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي. الله تعالى ان (نبي) کي خبر ڏيندو آهي ۽ ان جي فرمانبرداري فرض ٿي ويندي آهي. اهڙي ماڻهو کي نبي سڏيو ويندو آهي. اهي ”مفهمين“ انعام ڪيل جماعت سان تعلق رکندا آهن.
اها ڳالهه سمجھڻ گھرجي ته جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته قرآن سموري انسانذات جي رهنمائيءِ لاءِ نازل ٿيو آهي جنهن جو مقصد مظلوم طبقن کي ظالمن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ، الله تعالى پنهنجي ٻانهن جي لاءِ جيڪي ربوبيت جا وسيلا پيدا ڪيا آهن تن مٿان مخصوص ٽولي جي قبضي کي ختم ڪري انهن جي فائدن کي عام انسانن تائين پهچائڻ، عورتن ۽ غلامن کي محڪومي ۽ ذلت مان ڪڍي انهن جي انساني درجي کي بحال ڪرڻ، محنت جي پيداوار تي مزدور جي حق کي قائم ڪرڻ ته جيئن محنت جي استحصال جو خاتمو ٿي سگھي ۽ ان سان دولت ڪن ٿورڙن ماڻهن جي هٿن ۾ بيهي نه وڃي، سياسي محڪومي جي عمل کي ختم ڪري هر قوم کي آزاد زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيڻ، علم ۽ تهذيب جي برڪتن کي عام ڪرڻ لاءِ هر فرد کي مالي خوشحالي جا موقعا مهيا ڪرڻ، غربت، بدحالي، جسماني، ذهني ۽ روحاني غلامي، جهالت ۽ بي انصافي کي ختم ڪري هر انسان کي جسماني، ذهني ۽ روحاني طاقتن جي واڌاري ۾ مدد ڏيڻ، انسانن وچ ۾ سياسي، معاشي، مذهبي ۽ هر قسم جي نفرتن کي ختم ڪري امن، محبت، ڀائپي ۽ بردباريءَ، هڪٻئي جو احترام ڪرڻ جي تعليم ڏيڻ، جنسي جذبن ۽ سگھه کي غير حياتياتي مقصدن جي لاءِ نه وڃائڻ ۽ نفس کي قابو ۾ رکڻ، چوري، قتل ۽ ڦر مار، ڪنهن جي عزت ۾ هٿ وجھڻ، جنگ ۽ جھيڙي ۽ نفساني خواهشن جي پورائي لاءِ خون خرابو نه ڪرڻ، اهڙي طرح سمورن ناڪاري جذبن ۽ لاڙن کي ختم ڪرڻو آهي؛ ته انهيءَ لاءِ ان ڳالهه کي ذهن ۾ ويهارڻ به ضروري آهي ته مسلمان امت جي قرآن جي مٿان ڪا ٺيڪيداري نه آهي. قرآن دنيا جي سمورن قومن جي لاءِ آهي ۽ مسلمان امت جي ذميواري، قرآني مقصدن کي سهڻي نموني واري نصيحت، حڪمت ۽ ضرورت پوڻ تي سياسي طاقت سان هر انسان تائين پهچائڻ آهي ته جيئن انسانيت امن ۽ خوشحالي سان رهي سگھي.
ان سلسلي ۾ سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته ”في سبيل الله“ جو اصطلاح اصل ۾ عوام جي مفادن لاءِ جاکوڙڻ جو رستو آهي. ڇو جو الله تعالى انسانن جو پالڻهار، انسانن جو مالڪ ۽ انسانن جو معبود آهي. انسان ئي الانام يعني عوام آهي. انهيءَ ڪري جيڪا شيءِ الله تعالى جي نالي سان واڳي وڃي سا عوام جي لاءِ ٿي ويندي آهي. مثال طور، مسجد يا ڪوبه عبادتخانو، جتي الله تعالى جو نالو ورتو ويندو وڃي ٿو، تنهن تي ڪنهن جي به ٺيڪيداري نه هوندي آهي، پر اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ هوندي آهي جيڪو الله تعالى جي عبادت ڪرڻ گھري ٿو. پاڻ سڳورن ﷺ جن نجران جي عيسائي وفد کي نه رڳو مسجد ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني، پر پنهنجي چادر مبارڪ به انهن لاءِ وڇائي. انهيءَ ڪري جهاد في سبيل الله جو مطلب عوام جي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿياربند توڙي بنا هٿيارن جي جاکوڙڻ آهي. رڳو مسلمانن کي ئي نه، پر حديث ۾ سموري مخلوق کي ”عيال الله“ ڪري سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به مذهب کي خاص طرح سان شامل نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ معنى کي چٽو ڪرڻ لاءِ سورت النساء جون آيتون ڏنيون وڃن ٿيون (ترجمو تفهيم القرآن جو آهي).
”آخر ڪهڙو سبب آهي جو توهان الله جي واٽ ۾ انهن بيوس مردن، زائفن ۽ ٻارن جي لاءِ نٿا وڙهو جن کي ڪمزور سمجھي دٻايو ويو آهي ۽ (اهي) پڪاري رهيا آهن ته اي الله سائين اسان کي هن وسندي مان (ٻاهر) ڪڍ جنهن جا رهاڪو ظلم ڪندڙ آهن ۽ پاڻ وٽان اسان جي لاءِ ڪو مددگار پيدا ڪري ڏي. جن ماڻهن ايمان جو رستو اختيار ڪيو آهي سي الله تعالى جي واٽ ۾ وڙهن ٿا ۽ جن ڪفر جي واٽ ورتي سي طاغوت جي لاءِ وڙهن ٿا، سو شيطان جي ساٿارين سان وڙهو ۽ پڪ سمجھو ته شيطان جون چالون حقيقت ۾ نهايت ئي ڪمزور آهن“. (النساء، آيت: 75-76)
هنن آيتن کي جيڪڏهن سورت القصص جي پنجين آيت سان ملائي پڙهيو وڃي ته مطلب چٽيءَ طرح سان سمجھه ۾ اچي وڃي ٿو. ان جو ترجمو هي آهي:
”۽ اسان هي ارادو رکون پيا ته ٻاجھه ڪريون انهن ماڻهن تي جيڪي زمين ۾ ذليل ڪري رکيا ويا هئا ۽ انهن ئي اڳواڻ بڻايون ۽ انهن کي وارث بڻايون ۽ زمين ۾ انهن کي اقتدار بخشيون ۽ انهن کان فرعون ۽ هامان ۽ ان جي لشڪر کي اهو ئي ڪجھه ڏيکاريون جنهن کان هو ڊڄندا هئا (يعني ناڪامي ۽ تباهي)“.
سورت النساء جي آيت ۾ بنا ڪنهن شڪ جي انهن مسلمان مردن، عورتن ۽ ٻارن ڏانهن اشارو آهي، جن کي انهن جي هيڻائپ جي ڪري مڪي جي غلام بڻائيندڙ مالدار سردارن گھيري رکيو هو ۽ انهن تي ظلم ڪري رهيا هئا. انهيءَ ظلم کان بچائڻ لاءِ انهن کي حبشه ڏانهن موڪليو ويو هو. پر جيئن ته قرآن ڪريم هڪ دائمي ۽ عالمگير ڪتاب آهي، انهيءَ ڪري ان جي تعليم اها آهي ته ظالم ۽ استحصال پسندن جي خلاف جڏهن به جاکوڙيو وڃي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿي پون ته مسلمانن تي فرض آهي ته، اهي سندن مدد ڪن، نه ڪي مسلمان پاڻ ئي اسلام جي نالي تي ٻين تي ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڏين.
سورت القصص جي آيتن جو به اهو ئي مطلب آهي ته غلامن، عورتن ۽ ٻين ڪمزور ۽ پٺتي پيل عوام کي سگھارو ڪرڻ ئي جهاد في سبيل الله جو مقصد آهي. اسان جي دؤر ۾ بنا ڪنهن مذهبي فرق جي، پيداواري وسيلن تي قابض طبقن کان، طاقت جي زور تي انهن وسيلن کي عوامي ملڪيت ۾ ڏيارڻ ئي جهاد في سبيل الله آهي، پوءِ ڀلي اهو جهاد اهڙن مسلمانن جي خلاف ئي ڇونه هجي، جيڪي عوام جي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل، رعايتون ڏنل، ظلم ڪندڙ ۽ محنت جو استحصال ڪندڙ آهن.
طاغوت ۽ شيطان جو مطلب به اهڙو ئي فرد، جماعت يا طبقو آهي، جيڪو عوام جي رزق ۽ آزادي جي وسيلن تي قبضو ڪري، انهن کي هيڻو ۽ ڪمزور رکي ٿو، ته جيئن انهن جي محنت جو استحصال ڪري سگھجي. اهڙي قسم جا ماڻهو ئي طاغوت ۽ شيطان آهن. مسلمان قرآن تي پنهنجي ٺيڪيداري قائم رکڻ ۽ سمورن غير مسلمانن تي سوڀارو ٿيڻ، اسلام ۽ قرآن جو مقصد ٻڌائن ٿا، جڏهن ته واڳ ڌڻي ۽ مالدار مسلمان پاڻ ئي مسلمان عوام تي ظلم ڪري ٿو، ان جي محنت جو استحصال ڪري ٿو ۽ ان کي قرآن جو مقصد ٻڌائي ٿو. اهڙو خيال نه رڳو غلط آهي، پر قرآن پاڪ جي مقصد جي به خلاف آهي.
قرآن پاڪ سموري انسانيت جي لاءِ آهي. ان جي تعليم پٺتي پيل ۽ مظلوم انسانن جي لاءِ آهي، پوءِ ڀلي اهي ڪهڙي به مذهب سان واسطو رکندڙ هجن. هاڻي ته اها حالت مسلمانن ۾ ئي پيدا ٿي وئي آهي ته ڏھ سيڪڙو مسلمان پيداواري وسيلن تي قابض ٿي ويا آهن جڏهن ته نوي سيڪڙو مسلمان پٺتي پيل، محتاج، لاچار ۽ مظلوم آهن. اهي پنهنجي محنت، پنهنجي معاشي خدائن وٽ وڪڻي ئي پنهنجو پيٽ پالي سگھن ٿا. تنهن ڪري مسلمان توڙي غير مسلم ظلم جي ساڳي ئي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن ۽ قرآن انهن مظلوم ۽ استحصال ڪيل انسانن جي ڇوٽڪاري لاءِ نازل ٿيو آهي. اسلام کي انهيءَ معنى ۾ ٻيهر قائم ڪرڻ ۽ ان جو مطلب بيان ڪرڻ ئي اسلام جو زنده ڪرڻ آهي، نه ڪه غير مسلمانن جا ڪنڌ ڪپڻ يا وري مسلمان فردن کي، مسلمان عوام جو استحصال ڪرڻ لاءِ اقتدار ۽ دولت جي وسيلن جو مالڪ بڻائڻ آهي. ڇو ته قرآن ڪريم جو ٻڌايل خدا، پوري دنيا جي قومن جو خد ا آهي. قرآن پاڪ جو آڻيندڙ رسول پوري دنيا جي قومن لاءِ رحمت آهي ۽ قرآن پاڻ به پوري دنيا جي قومن کي پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ يادگيري (Reminder) آهي. قرآن جو ٻڌايل خدا، رسول توڙي قرآن ڪريم پاڻ به رڳو مسلمانن جي ٺيڪيداري قائم ڪرڻ لاءِ نه آهي. جيستائين مسلمانن جي اها سوچ رهندي، قرآن پاڪ جي تعليم کان انسانيت کي فائدو پهچائڻ جي معاملي ۾ اهي رڪاوٽ ٿي بڻيل رهندا.
قرآن سامي، آريائي، زرد قومن جي نبين ۽ انهن جي تعليم جي نه رڳو تصديق ڪري ٿو، پر انهن کي پنهنجو پڻ سمجھي ٿو. ڇو جو سمورن مذهبن جي بنيادي تعليم ساڳي ئي آهي ۽ سمورن نبين جي تصديق انساني هيڪڙائي جي قيام لاءِ ضروري آهي. اهو ئي انعام ڪيل جماعت جو “صراط مستقيم” آهي.
******
(ڀاڱو ٻيو)
سامي نسل جا نبي سڳورا
قرآن ڪريم انعام ڪيل جماعتن ۾ نبين سڳورن کي سڀ کان مٿي رکيو آهي ۽ اهو به چٽائيءَ سان ٻڌايو آهي ته ڌرتيءَ جي گولي تي موجود هر وسندي ۾ ڪنهن نه ڪنهن نبي کي موڪليو ويو (الا خلاف فيها نذيرا) ۽ محمد عربيﷺ کي سمورن انسانن ڏانهن موڪليو ويو آهي. يعني دنيا جي سمورن قومن جي لاءِ، قرآن ڪريم الله تعالى کي رب العالمين سڏي ٿو. ٻين لفظن ۾ قرآن جو پيغام، انقلاب ۽ هدايت دنيا جي سمورن قومن لاءِ آهي. انهن قومن ۾ جتي سامي نسل سان واسطو رکندڙ قومون شامل آهن، اتي آريائي ۽ زرد نسل جون قومون پڻ شامل آهن. ان کان پوءِ قرآن چوي ٿو:
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلًا مِّن قَبْلِكَ مِنْهُم مَّن قَصَصْنَا عَلَيْكَ وَمِنْهُم مَّن لَّمْ نَقْصُصْ عَلَيْكَ ﴿غافر: ٧٨﴾
ترجمو: ”۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي پيغمبر موڪلياسون منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان ڪيوسون ۽ منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان نه ڪيوسون.“
ٻئي جاءِ تي فرمايو ويو: “وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَّسُولٌ” ﴿يونس: ٤٧﴾ (هر امت جي لاءِ هڪ رسول آهي). وري فرمايو: “وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ فِي شِيَعِ الْأَوَّلِينَ” ﴿الحجر: ١٠﴾ (اسان توهان کان اڳ ڪيترن ئي گذري ويل قومن ڏانهن رسول موڪلي چڪا آهيون).
ڪٿي ايئن به فرمايوويو: ”وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِي كُلِّ أُمَّةٍ رَّسُولًا“ ﴿النحل: ٣٦﴾ (۽ اسان هر امت جي لاءِ هڪ رسول موڪليو آهي). وري فرمايو ”وَلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ“ ﴿الرعد: ٧﴾ (هر قوم جي لاءِ هڪ هدايت ڪندڙ آهي).
انهن آيتن مان خبر پئي ٿي ته رسول اللهﷺ جن کان اڳ ڪابه قوم يا ڪابه امت اهڙي نه ٿي گذري آهي جنهن ڏانهن ڪو هدايت ڪندڙ يا رسول نه موڪليو ويو هجي. پر مسلمان عالمن جي تنگ نظري قرآن پاڪ جي پيغام جي عالمگيريت کي رڳو سامي قومن تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ يورپ، ايشيا، آفريڪا، اڃا به ان کان اڳتي آمريڪا ۽ آسٽريليا کنڊن ۾ آباد آريائي ۽ زرد قومن ۾ موڪليل نبين سڳورن جي حقيقت کي لڪائي ڇڏيو. هن دؤر ۾ جيڪي وڏا مذهب موجود آهن، انهن ۾ اسلام، ٻڌ مت، جين مت، هندو مت، زرتشي مذهب، يوناني تهذيب ۽ چيني مذهب اچي وڃن ٿا جن ۾ مهاتما ٻڌ، مهاوير، ڪرشن چندر، رام چندر، زرتشت، عيسىؑ، موسىؑ ۽ ڪنفيوشس جا ڪروڙين پيروڪار موجود آهن. ٻئي پاسي جيتوڻيڪ سقراط ۽ مصري رهبر آخن آتون جي مڃڻ وارا موجود نه آهن، پر تاريخ ۾ انهن جون حالتون بيان ڪيل آهن. ياد رهي ته سامي نسل ۾ جنهن حقيقت کي نبوت سڏيو وڃي ٿو، تنهن حقيقت کي آريائي نسل ۾ حڪمت يا فلسفو سڏيو وڃي ٿو.
ختم نبوت جو مطلب هي هو ته نوان مذهبي ٽولا پيدا نه ٿين، جيڪي اسلام کان اڳ ٺهي چڪا آهن. انهن کي انهن جي گڏيل تعليمن جي بنياد تي هڪ هيڪڙائيءَ ۾ آندو وڃي. پر مسلمان امت دينن جي هيڪڙائي جي انهيءَ مقصد کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسانن جي جدائيءَ جو سبب ٽي ڳالهيون رهيون آهن: پهرين ڳالهه معاشري جي طبقاتي ورڇ آهي. يعني پيداواري وسيلن جا مالڪ ڪي ٿورڙا ماڻهو آهن ۽ انهن وسيلن مان فائدو ماڻن کان محروم ماڻهو گھڻا آهن، جيڪي غلامن، زرعي غلامن ۽ پگھاردار غلامن تي مشتمل آهن. ٻئي ڳالهه انسانن جي نسل، قوميت ۽ وطن جي بنياد تي ورهاست آهي. انهيءَ ورڇ انسانن کي هڪٻئي سان جھيڙيندڙ گروھن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ٽئين ڳالهه مذهب جي بنياد تي هڪٻئي سان وڙهندڙ جماعتون آهن، جن مان هر هڪ مذهبي جماعت جي دعوى آهي ته ان جو ئي مذهب ٻئي مذهب کان مٿانهون آهي ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪاري ۽ ڪاميابيءَ لاءِ انهيءَ ۾ شامل ٿيڻ لازمي آهي. هر مذهب جي مذهبي پيشوائيت پنهنجي مفادن جي لاءِ، انهيءَ مذهبي فرقيواريت کي هوا ڏني آهي ۽ انهيءَ ڊوڙ ۾ مسلمان مذهبي پيشوائيت به شامل آهي. رسول اللهﷺ جن نجران جي عيسائي وفد جي عبادت لاءِ، مسجد نبوي ۾ پنهنجي چادر مبارڪ وڇائي ڇڏي. تنهن ڪري ختم نبوت جي حڪمت کي سامهون رکندي سامي نسل جي نبين سڳورن سان گڏوگڏ آريائي ۽ زرد نسلن جي نبين سڳورن جي زندگيءَ جي حالتن ۽ تعليم کي مختصر طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو ته جيئن انساني وحدت جي جوڙ جڪ لاءِ ضمانت ڏئي سگھجي.
سامي نسل جا نبي سڳورا
آدم صفي الله
مسلمان ۽ عيسائي عالمن آدم جي قصي ۾ آدم کي خدا جو موڪليل بڻائي ڇڏيو، خاص طور تي مسلمان عالمن ان سان گڏ ”عليه السلام“ به لڳائي ڇڏيو. جڏهن ته قرآن ڪريم جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته هي آدم انساني نسل جو نمائندو هو ۽ آدم جو مطلب آدم ۽ ان جو اولاد هو. آدم جو قصو تمثيلي ۽ علامتي (Symbolic) طور تي خود آدم جو داستان آهي. جنت يا جنتي معاشرو شڪار وارو زمانو آهي، جنهن ۾ پيداواري وسيلا فرد جي ذاتي ملڪيت نه هئا. لاڏائو قبيلا ٻيلن ۽ دريائن وغيره مان ميوا، جانور، پکي ۽ مڇيون وغيره پڪڙي، خوراڪ جي طور تي استعمال ڪندا هئا (رغدا حيث شئتما). پر جڏهن انهن قبيلن کي دجله ۽ فرات جي ماٿري ۾ ۾ ڪڻڪ ۽ پاڻمرادو پيدا ٿيندڙ ڪجهه ٻوٽا مليا ۽ انهن کي خبر پئي ته هي اَنُ ميون ۽ گوشت وانگر ڪجھه ئي ڏينهن ۾ ڳري سڙي خراب نٿو ٿئي، پر پوري سال تائين محفوظ به رهي سگھي ٿو، ته انهن ان جي پوکيءَ جو طريقو به ڄاڻي ورتو. اهڙي طرح لاڏائو قبيلا، هاڻي دريائن جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ شروع ٿيا ۽ انهن ڪڻڪ جي پوکي شروع ڪئي. زمين جي جنهن ڀاڱي تي ڪڻڪ پوکي ويندي هئي، سو ڀاڱو توڙي ان جي پيداوار انهيءَ جي آباد ڪندڙ جي ذاتي ملڪيت هوندي هئي، ايتري تائين جو آخرڪار ذاتي ملڪيت جو سلسلو شروع ٿيو. ان سان گڏ ئي قيدين کي هاڻي قتل نه ٿي ڪيو ويو، ڇو جو هاڻي خوراڪ جي کوٽ نه رهي هئي، پر انهن کان ڪم ورتو وڃڻ لڳو ۽ اهي پنهنجي مالڪ جي ملڪيت ۾ اچي ويا. اهي غلام پوکي ڪندا هئا، گھر، ماڙيون ۽ محلاتون اڏيندا هئا. مالڪن جي پالتو جانورن جا ڌڻ چاريندا هئا؛ اڃا به ٻين جي زمينن، پوکن ۽ مال دولت تي قبضو ڪرڻ لاءِ جنگن ۾ پڻ ڪم ايندا هئا. اتان کان غلاميءَ (Slavery) جو ادارو قائم ٿي ويو. هن دؤر جي سمورين تهذيبن ۾ غلاميءَ جو ادارو تمام ئي سگھارو ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح سان انسان جو انسان مٿان ظلم وڌندو ويو. انهيءَ محنت جي استحصال ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي نتيجي ۾ اخلاقي بيمارين ڪر کڻڻ شروع ڪيو. انساني معاشري ۾ ڏينهون ڏينهن وڌ کان وڌ دولت جو مقدار توڙي غلامن ۽ ٻانهين جي تعداد حاصل ڪرڻ لاءِ قتل، ويڙھ جھيڙو، جنسي ڇڙواڳي، عصمت فروشي، چڪلي بازي، چوري ۽ ڦر مار جهڙا ڪڌا عمل زور وٺندا ويا. معاشرو هڪڙي پاسي پيداواري وسيلن تي قابض ٿورڙن ماڻهن ته ٻئي پاسي انهن وسيلن کان محروم ۽ پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ پنهنجي محنت کي وڪڻڻ تي مجبور گھڻن انسانن تي مشتمل، ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو. اهو زميني معاشرو هو ۽ ان جو سڀ کان زهريلو اثر ”خوف“ ۽ ”حزن“ هو، يعني ويڙھ جھيڙو ۽ بک بدحالي. (سورت القريش)
قرآن ڪريم ۽ بائبل، آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جو قصو بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي علامتي شخصيتون آهن. هابيل شڪار واري دؤر جو اهڃاڻ آهي ۽ قابيل زراعت واري دؤر جي علامت آهي. قابيل هابيل کي قتل ڪري ڇڏيو يعني شڪار وارو دؤر ۽ ان جو آڳاٽو اشتراڪي معاشرو به ختم ٿي ويو جيڪو غير طبقاتي هو. هاڻي آدم جو نسل قابيلي دؤر ۾ داخل ٿي چڪو هو، جنهن جي نمايان گڻن ۾ طبقاتي معاشري جو قائم ٿيڻ آهي. انهيءَ معاشري ۾ نبين سڳورن جي ڏنل هدايت جي مخالفت ڪرڻ ۽ ٻين جي مال ملڪيت کي ڏاڍ سان کسڻ لاءِ قتل ۽ خون خرابي ڪرڻ جهڙيون خرابيون موجود آهن. اهڙي صورتحال جي خاتمي لاءِ نبين سڳورن کي موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جن خدائي هيڪڙائي جو تصور ڏنو ۽ انهيءَ تصور جي بنياد تي غير طبقاتي معاشري جي جوڙ جڪ لاءِ جاکوڙڻ جي تاڪيد ڪئي. انهن انساني فطرت ۾ موجود خدائي قوت جي نوراني عنصر جي نشاندهي ڪئي، جنهن جي تربيت ۽ تزڪيو انساني زندگيءَ جو بنيادي مقصد آهي. ڇو جو هي عنصر موت کان پوءِ انسان جي چڱي ۽ بد عمل جو اثر وٺي، ٻئي وقت ۽ جاءِ ۾ نئين سري سان زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿو. هيءَ زندگي عملن جي اثرن موجب يا ته سڪون واري هوندي آهي يا وري تڪليف ڏيندڙ.
قرآن ٻڌايو آهي ته انساني تاريخ جو پهريون نبي آدم صفي الله آهي (آل عمران: 33). آدم صفي الله جو زمانو پٿر واري جديد زماني جو تمدني دؤر سڏجي ٿو. اهو پنج هزار سال ق.م جو زمانو آهي. اهو معاشري جي طبقاتي ورڇ ۽ ان جي اخلاقي ۽ معاشرتي نتيجن جي ظاهر ٿيڻ جو شروعاتي زمانو هو. کيس دجله ۽ فرات ماٿري ڏانهن موڪليو ويو. انساني آبادي پکڙي رهي هئي، غلاميءَ وارو ادارو ۽ ان جو خرابيون به ظاهر ٿي رهيون هيون. تاريخ انهيءَ باري ۾ خاموش آهي ته انهيءَ دؤر جي معاشري ۾ ڪهڙي قسم جون تبديليون عمل ۾ آيون. ڇو جو نوحؑ واري طوفان جي ڪري هن دؤر جي سموري تهذيب جا نشان ئي مِٽجي ويا هئا. طوفان کان پوءِ تهذيب جي نئين سر شروعات ٿي. پهرين تهذيب سميري قوم جي هئي.
حضرت نوحؑ جو زمانو
حضرت نوحؑ جو زمانو ٻه هزار سال ق.م هو. ٿي سگھي ٿو ته آدم صفي الله ۽ حضرت نوحؑ جي وچ واري عرصي ۾ ڪيترائي نبي آيا هجن. حضرت نوح عراق جي مٿين حصي ڏانهن موڪليو ويو. سندس دؤر به پٿر جي جديد زماني وارو دؤر هو، پر اهو دؤر ترقي ڪري چڪو هو. آدم صفي الله کان وٺي حضرت نوحؑ تائين طبقاتي ڇڪتاڻ گھڻو وڌي وئي هئي ۽ غلاميءَ جو ادارو گھڻو پکڙجي چڪو هو. بادشاهن، سلطانن ۽ قبائلي سردارن جو غلامن ۽ پٺتي پيل طبقن تي ظلم ۽ ڏاڍ گھڻو وڌي چڪو هو. ان سان گڏوگڏ جنسي ڇڙواڳي ۽ ٻئي خرابيون به عام ٿي ويون هيون.
”الرحيم“ جي باب ۾ ”تاريخ تي ڇا وهيو واپريو“ جي عنوان هيٺ حضرت نوح ۽ ان جي دؤر تي ڪجھه تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي، هتي ڳالهه ڊگهي ٿي وڃڻ جي خيال کان وڌيڪ تفصيل نه ٿي ڏني وڃي.
بائيبل جي ڪتاب پيدائش ۾ لکيل آهي:
”خدا نوح کي چيو ته سموري انسانيت جو خاتمو منهنجو سامهون اچي ويو آهي، ڇو جو انهن جي ڪري ڌرتي ظلمن سان ڀرجي وئي آهي“. (ب 6، آيت 113) ان کان پهريان لکيل آهي:
”ڌرتي خدا تعالى جي اڳيان پليت ٿي وئي هئي ۽ اها ظلم سان ڀريل هئي ۽ خدا ڌرتيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ڏٺو ته اها پليت ٿي وئي آهي. ڇو جو هر انسان زمين تي پنهنجو طريقو بگاڙي ڇڏيو هو“. (ب 6، آيت 11، 12)
پر ڪتاب پيدائش به چٽيءَ طرح سان طبقن جي نشاندهي نه ڪئي آهي. انهيءَ باري ۾ قرآن چٽائيءَ سان نشاندهي ڪئي آهي:
فَقَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِن قَوْمِهِ مَا نَرَاكَ إِلَّا بَشَرًا مِّثْلَنَا وَمَا نَرَاكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذِينَ هُمْ أَرَاذِلُنَا بَادِيَ الرَّأْيِ وَمَا نَرَىٰ لَكُمْ عَلَيْنَا مِن فَضْلٍ بَلْ نَظُنُّكُمْ كَاذِبِينَ ﴿هود: ٢٧﴾
ترجمو: ”پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو ته توکي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نٿا ڏسون ۽ اسان مان بي سوچ خسيسن کان سواءِ (ٻيو) تنھنجو تابعدار نه ٿا ڏسون، ۽ پاڻ کان اوھان جي ڪا زيادتي نه ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀائيندا آھيون.“
قرآن ڪريم ٻڌائي ٿو ته حضرت نوحؑ کان پوءِ حضرت هودؑ کي عاد قوم ڏانهن، حضرت صالحؑ کي ثمود قوم ڏانهن ۽ حضرت شعيبؑ کي مدائن جي ماڻهن ڏانهن موڪليو ويو. انهن سمورين آيتن ۾ معاشري جي ٻنهي طبقن جي چٽائيءَ سان نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ته مالدارن ۽ واڳ ڌڻين غلامن ۽ ٻين پٺتي پيل ماڻهن تي ڪيترا ظلم ڪيا هئا.
حضرت هود ۽ عاد جي قوم
وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ أَفَلَا تَتَّقُونَ (٦٥)قَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِن قَوْمِهِ إِنَّا لَنَرَاكَ فِي سَفَاهَةٍ وَإِنَّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الْكَاذِبِينَ (٦٦) ﴿الأعراف﴾
ترجمو: ”۽ عاد (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود (پيغمبر ڪري موڪليوسون) چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو اوھان جو خُدا نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟ سندس قوم مان ڪافرن سردارن چيو ته اسين بلاشڪ توکي بي سمجھيءَ ۾ ڏسندا آھيون ۽ اسين بلاشڪ توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.“
حضرت صالحؑ
قَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا مِن قَوْمِهِ لِلَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا لِمَنْ آمَنَ مِنْهُمْ أَتَعْلَمُونَ أَنَّ صَالِحًا مُّرْسَلٌ مِّن رَّبِّهِ قَالُوا إِنَّا بِمَا أُرْسِلَ بِهِ مُؤْمِنُونَ (٧٥)قَالَ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا إِنَّا بِالَّذِي آمَنتُم بِهِ كَافِرُونَ (٧٦)
﴿الأعراف﴾
ترجمو: ”سندس قوم مان وڏائي ڪندڙ سردارن انھن کي چيو جن منجھائن ھيڻن (ماڻھن) ايمان آندو ھو ته اوھين ڄاڻندا آھيو ڇا ته صالِح پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان موڪليل آھي، اُنھن چيو ته جنھن (شريعت) سان اُنکي موڪليو ويو آھي تنھن تي اسين ايمان آڻيندڙ آھيون. وڏائي ڪندڙن چيو ته جنھن تي اوھان ايمان آندو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون.“
حضرت شعيبؑ (مدائن جي ماڻهن ڏانهن)
وَإِلَىٰ مَدْيَنَ أَخَاهُمْ شُعَيْبًا قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ قَدْ جَاءَتْكُم بَيِّنَةٌ مِّن رَّبِّكُمْ فَأَوْفُوا الْكَيْلَ وَالْمِيزَانَ وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ أَشْيَاءَهُمْ وَلَا تُفْسِدُوا فِي الْأَرْضِ بَعْدَ إِصْلَاحِهَا ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ ﴿الأعراف: ٨٥﴾
ترجمو: ”۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سنديون شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نه وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.“
حضرت شعيبؑ جي مٿين واعظ کان پوءِ سندس قوم جو ڪهڙو جواب هو، ان لاءِ قرآن ٻڌائي ٿو:
قَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا مِن قَوْمِهِ لَنُخْرِجَنَّكَ يَا شُعَيْبُ وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَكَ مِن قَرْيَتِنَا أَوْ لَتَعُودُنَّ فِي مِلَّتِنَا قَالَ أَوَلَوْ كُنَّا كَارِهِينَ
﴿الأعراف: ٨٨﴾
ترجمو: ”سندس قوم مان ھٺيلن سردارن چيو ته اي شعيب توکي ۽ جن توکي مڃيو آھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌيندا سون يا ته اوھين اسان جي پر ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو ته جيتوڻيڪ اسان اوھانجي دين کي بُڇان ڀائيندڙ آھيون (ته به موٽنداسون ڇا؟)“
حضرت ابراهيمؑ
حضرت ابراهيمؑ جو زمانو به جديد پٿر وارو زمانو هو. پر اهو ان جو ٽيون دؤر هو، جيڪو ٽي هزار کان ٻه هزار سال ق.م تي مشتمل آهي. حضرت آدم صفي الله جو زمانو طبقاتي ورڇ ۽ ان جي اخلاقي ۽ معاشرتي نتيجن جي ظاهر ٿيڻ جو شروعاتي زمانو هو. جڏهن ته حضرت نوحؑ جو دور انهيءَ ورڇ ۽ ان جي نتيجن جي پکيڙ ۽ ارتقا جو زمانو هو. پر حضرت ابراهيمؑ جي دور ۾ اهو سلسلو پنهنجي پڄاڻي کي پهچي چڪو هو.
انهيءَ دؤر ۾ بادشاهت جو ادارو تمام ئي سگھارو ۽ بي لغام بڻجي چڪو هو. بادشاھ مذهبي پيشوا جو درجو ماڻي، عوام جو روحاني اڳواڻ بڻجي ويو هو. انهيءَ ڪري عبادتخانن جا سمورا پوڄاري، جادوگر، ڀوپا ۽ شاعر وغيره سڀ جو سڀ بادشاھ جي هيٺان ۽ ان جا محتاج ٿي چڪا هئا. غلامي عام ٿي وئي آهي. عراق جو نمرود ۽ مصر جو فرعون پنهنجي رب هئڻ جو اعلان ڪري چڪا هئا. عوام تمام ئي هيڻي حال، بيوس ۽ اڌ اگھاڙي هئي. ماڻهو علم ۽ کان بي خبر هئڻ سبب مذهبي پيشوائن جي پکيڙيل وهمن ۾ ڦاٿل هئا ۽ ظلم سهي رهيا هئا.
تنهن ڪري انهن ئي حالتن جي بنياد تي حضرت ابراهيمؑ جي استحصالي طبقي سان سڌو سنئون ٽڪر بابت ته بائيبل ۽ قرآن ۾ ڪابه آيت نٿي ملي، باقي نمرود بادشاھ ۽ پوڄارين سان ٽڪر کائڻ جو واقعو ضرور ملي ٿو. حضرت ابراهيمؑ کان پوءِ جن نبين سڳورن جو ذڪرتاريخ ۾ ملي ٿو، تن جو مقابلو قبائلي سردارن بدران بادشاهن سان ٿيندي نظر اچي ٿو.
هن دور جي خاص ڳالهه هيءَ نظر اچي ٿي ته آقا ۽ جاگيردارن جو استحصالي طبقو بادشاھ ۽ مذهبي پيشوائيت جي اوٽ ۾ اچي ويو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ته استحصالي نظام جي خلاف بغاوت اصل ۾ بادشاھ جي خلاف بغاوت سمجھي ويندي هئي ۽ ايئن لڳي ٿو ته استحصالي نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پهريان بادشاھ ۽ انهيءَ بادشاھت کي ختم ڪرڻ ضروري هو. سياسي ۽ معاشرتي حالتن جو منظر نامو حضرت ابراهيمؑ کان وٺي يهودي، عيسائي، مسلم ۽ صنعتي انقلاب تائين قائم رهيو ۽ اڄ تائين قائم آهي. انهيءَ سلسلي ۾ بادشاھت جي شڪل ڀلي فوجي آمريت رهي هجي توڙي سرمائيداراڻي جمهوريت، انقلاب جو اهو طريقو ساڳي طرح سان قائم رهيو آهي ۽ اڄ به آهي. انهيءَ ڪري اشتراڪي انقلاب جي لاءِ روس، چين، ويٽنام، ڪيوبا، لبيا، ڏکڻ يمن ۽ انڪارا گوا وغيره ۾ به پهريون ٽڪراءُ حڪمران طبقي ۽ ان جي فوجن کانسواءِ انهن جي نظرياتي پٺڀرائي ڪندڙ مذهبي پيشوائن سان ٿيندو رهيو آهي.
اهڙي طرح نمرود جيڪو پنهنجو پاڻ کي ملڪ جي سمورن چراگاهن، باغن، معدني ذخيرن، دريائن ۽ چشمن جو بنا ڪنهن جي ڀائيواري جي مالڪ سمجھندو هو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ کي نه رڳو انسانن جي جان ۽ مال، موت ۽ حياتي جو مالڪ سمجھندو هو، پر انهن جي روحاني ڇوٽڪاري جو مالڪ به پنهنجو پاڻ کي ئي سڏرائيندو هو، تنهن جي انهيءَ بيهودي دعوى جي کوکلائپ کي حضرت ابراهيمؑ ساڻس ڪيل هڪ مباحثي ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو به ٻين انسانن وانگر بيوس مخلوق آهي. اهو قصو قرآن پاڪ هن طرح سان بيان ڪري ٿو:
أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِي حَاجَّ إِبْرَاهِيمَ فِي رَبِّهِ أَنْ آتَاهُ اللَّهُ الْمُلْكَ إِذْ قَالَ إِبْرَاهِيمُ رَبِّيَ الَّذِي يُحْيِي وَيُمِيتُ قَالَ أَنَا أُحْيِي وَأُمِيتُ قَالَ إِبْرَاهِيمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأْتِي بِالشَّمْسِ مِنَ الْمَشْرِقِ فَأْتِ بِهَا مِنَ الْمَغْرِبِ فَبُهِتَ الَّذِي كَفَرَ وَاللَّهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ ﴿البقرة: ٢٥٨﴾
ترجمو: ”(اي پيغمبر) تو اُنھن ڏانھن نه ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (انھيءَ مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي، جڏھن ابراھيم چيو ته منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو ته آءٌ (به) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو. ابراھيم چيو ته الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولهه کان اوڀار، پوءِ ڪافر ھَڪو ٻَڪو ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.“
انهيءَ مباحثي ۾ نمرود جي هار ۽ وڏي بت خاني ۾ بتن کي ڀڃڻ جي سزا ۾، حضرت ابراهيمؑ کي باھ ۾ ساڙڻ جي سازش ڪئي وئي. پاڻ انهيءَ حادثي کان بچي نڪتا ۽ پنهنجي ڀائٽي حضرت لوطؑ کي ساڻ وٺي فلسطين وڃي ويٺا. اتي پنهنجي وڏي پٽ حضرت اسحاق کي پنهنجو جان نشين مقرر ڪري پاڻ حجاز جي علائقي ڏانهن، پنهنجي زال هاجره کي وٺي هجرت ڪري ويا ۽ اتي خدائي توحيد جو مرڪز قائم ڪيائون. اتي پاڻ هڪ بيت الله اڏيائون ته جيئن دنيا جي غلامن، بيواهن، يتيمن ۽ پٺتي پيل عوام کي آقائن، بادشاھن، شاعرن، جادوگرن ۽ ڀوپن کان ڇوٽڪارو ملي سگھي ۽ هڪ الله جي حڪومت قائم ٿي سگھي.
حضرت ابراهيمؑ جي باري ۾ هيءَ آيت خدا تعالى جي انقلاب واري تصور جي نوعيت کي مقرر ڪري ٿي ۽ شرڪ جي مطلب کي چٽو ڪري ٿي. يعني اقتدار ۽ ملڪيت جو حق رڳو الله تعالى جي ذات کي ئي حاصل آهي. انهيءَ ۾ ٻئي ڪنهن غير کي ڀائيوار نٿو ڪري سگھجي. تنهن ڪري غلامن، هيڻن ۽ بدحال مزدور انسانن کي هي سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته آقائن، قبائلي سردارن، بادشاهن ۽ مالدارن جو اقتدار ۽ ملڪيت تي قبضو هٿ ٺوڪيو آهي جيڪو انهن کان کسڻ گھرجي ته جيئن انساني معاشري ۾ معاشي برابري، سياسي، ذهني ۽ فڪري آزادي سان گڏوگڏ انساني ڀائپي جا اوچا گڻ واپس اچي سگھن جن کانسواءِ وڃايل جنت ڏانهن موٽ ناممڪن آهي. پر مذهبي پيشوائن، مفاد پرست عالمن ۽ دانشورن ڏاڍائي ڪندڙ ۽ استحصالي طبقن جي مفادن جي حق، خدا تعالى جي انهيءَ انقلاب واري تصور جي تعبير ۽ نوعيت جي جاءِ تي قياسي ۽ طبيعيات کان مٿانهين تاويلن جو ڪڌو ڪاروبار ٺاهي ڇڏيو، جنهن سان هو ظاهري طرح سان حڪم نافذ ڪندڙ مطلق آمر يا پنهنجي ساراھ ۽ واکاڻ جي ظاهري ادائگي ۽ قرباني جي گوشت ۽ رت سان خوش ٿيندڙ ديوتا بڻجي ويو.
حضرت يوسفؑ
حضرت يوسف يعقوبؑ ، جنهن جو لقب اسرائيل هو، جو پٽ هو. قرآن ڪريم سورت يوسف ۾ ان جي قصي کي احسن القصص سڏيو آهي. حضرت يوسف کي ننڍپڻ ۾ سندس ويڳن ڀائرن کوھ ۾ اڇلائي ڦٽو ڪيو هو، جتان کيس هڪ سوداگر جي قافلي ڪڍي ورتو ۽ مصر ۾ وڪڻي ڇڏيو. اهڙي طرح وڪرو ٿيندي ٿيندي پاڻ مصر جي بادشاھ تائين پهچي ويو، جتي سندس حيثيت هڪ غلام جي هئي. پاڻ تمام گھڻو سهڻا هئا، جنهن ڪري مصر جي راڻي مٿس موهت ٿي پئي ۽ پنهنجي جنسي خواهش جي پورائي لاءِ کين گناھ تي هشائڻ لڳي، پر جڏهن ان ۾ کٽي نه سگھي ته مٿس الزام هنيو ۽ کيس قيد ڪرائي ڇڏيو.
احسن القصص سڏڻ جا ڪي سبب آهن جن ۾ پهريون سبب هي آهي ته حضرت يوسفؑ قيد ۾ وڃڻ قبوليو پر گناھ جي حرص جو شڪار نه ٿيو. ٻيو سبب هي آهي ته کين خوابن جي صحيح تعبير جو علم ڏنو ويو هو، جنهن کي قرآن تاويل الاحاديث سڏيو آهي. انهيءَ علم جي ڪري کين قيد کان رهائي ملي ۽ خزاني جو وزيرمقرر ڪيا ويا. ٽيون سبب هي آهي ته هن خلق خدا کي ڏڪر کان بچائڻ لاءِ اشتراڪي معيشت جي اصول کي پنهنجايو ، چوٿون سبب هي ته بدلو وٺڻ تي وس هئڻ باوجود پاڻ پنهنجي ڀائرن کي معاف ڪري ڇڏيو جن کيس غلام بڻائي وڪرو ڪري ڇڏيو هو. پنجون سبب هي ته سندن حڪومت تمام ئي عوام پرور حڪومت هئي جنهن ڪري هر شخص خوشحال ۽ مطمئن زندگي گذاري رهيو هو.
سندن وفات کان پوءِ ڪيترن ئي صدين تائين حضرت يعقوبؑ جي اولاد مصر ۾ وڌندي ويجھندي رهي، ايستائين جو مصر جي قبطي قوم کي ان ڳالهه جو خوف ٿيڻ لڳو ته اهي سگھارا ٿي سندن بادشاهت تي قبضو نه ڪري وڃن، تنهن ڪري مصري حڪومت اسرائيلين کي غلام بڻائي ورتو ۽ انهن مٿان ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. آخرڪار ان ۾ حضرت موسىؑ کي موڪليو ويو ۽ هُن کين غلاميءَ واري خواريءَ کان ڇوٽڪارو ڏياريو.
حضرت موسىؑ ۽ بني اسرائيل
حضرت يوسفؑ کان پوءِ، جنهن اشتراڪي معيشت وسيلي انسانن کي ڏڪر کان بچايو سو حضرت موسىؑ هو. حضرت يعقوبؑ، جنهن جو لقب اسرائيل هو جي اولاد مصر ۾ وڌندي ۽ ترقي ڪندي رهي ايستائين جو قبطي آبادي ۽ انهن جي بادشاھ فرعون ۽ ان جي سردارن انهن اسرائيلن جي وڌندڙ طاقت کان ڊڄڻ شروع ڪيو. انهيءَ خوف جي بنياد تي انهن کي غلام بڻايو ويو ۽ هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ انهن ۾ حضرت موسىؑ کي موڪليو ويو. مصر مان لڏڻ کان پوءِ فلسطين کي ٻيهر فتح ڪرڻ ۾ چاليهه سال لڳي ويا. انهيءَ عرصي ۾ بني اسرائيل جي قبيلن کي برپٽ بيابانن مان لنگھڻو پيو، پر فتح کان پوءِ انهن جو معاشرو امير ۽ غريب طبقن ۾ ورهائجي ويو. انهن جا امير غير انساني عملن ۽ بد اخلاقين ۾ ڦاسي پيا. اهي ريشمي لباس پهريندا، سون ۽ چاندي جي ٿانون ۾ کائيندا، قلعي جهڙين محلاتن ۾ رهندا، اوچن قسمن جا شراب پيئندا ۽ هاٿي جي ڏندن مان جڙيل پلنگن تي آرام ڪندا هئا. دل وندرائڻ لاءِ وري ناچ ۽ راڳ جو محفلون مچائيندا هئا، پر محتاجن ۽ مسڪينن جي ڪابه پرواھ نه ڪندا هئا.
انهن جي سڌاري لاءِ هڪ ٻئي پٺيان نبي سڳورا ايندا رهيا جن کي اهي يا ته قتل ڪري ڇڏيندا هئا يا وري پنهنجي طاقت سان انهن کي چپ ڪرائي ڇڏيندا هئا. انهن کي ور ور ڪري خدائي عذاب کان ڊيڄاريو ويو، پر اهي پنهنجي شرارتن ۽ نافرمانين کان نه مڙيا. اهڙيءَ طرح بائيبل جي عهدنامه عتيق جو گھڻو ڀاڱو اسرائيلي ۽ يهودي قوم جي لاءِ نيڪ تعليم جي تاڪيد ۽ انهن جي حڪمرانن، سرمائيدارن ۽ مذهبي پيشوائن تي سخت تنقيد سان ڀريو پيو آهي. انهن مان رڳو ٻه ٽي مثال پيش ڪيا وڃن ٿا:
”حضرت عاموس فرمايو اشدود جي محلاتن ۾ ۽ ملڪ مصر جي محلاتن ۾ پڙهو ڏياريو ته سامريه جي جبل تي گڏ ٿي وڃو ۽ ڏسو ته هن ملڪ ۾ ڪيڏو نه هُل ۽ ظلم آهي، ڇو جو اهي نيڪي ڪرڻ نٿا ڄاڻن ۽ جيڪي پنهنجي محلاتن ۾ ظلم ۽ ڦر جو مال گڏ ڪن ٿا. انهي ڪري خداوند ايئن فرمائي ٿو ته دشمن تنهنجي ملڪ جو گھيراءُ ڪندو ۽ تنهنجي طاقت کي توکان کسيندو ۽ تنهنجا محلات لُٽيا ويندا“. (ڪتاب عاموس، ب 3، 9-11)
”حضرت ميڪاه سڏيو ۽ مون چيو اچي يعقوب جا سردارؤ ۽ نبي اسرائيل جا حڪمرانو! توهان نيڪيءَ سان دشمني ۽ بديءَ سان محبت رکو ٿا ۽ ماڻهن جي کَل لاهيو ۽ انهن جي هڏن تان ماس روڙيو ٿا ۽ منهنجي ماڻهن جو گوشت کائو ۽ انهن جي کَل لاهيو ۽ انهن جي هڏن کي ڀَڃو ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪريو ٿا“. (ب 3، 1-3)
”اي بني يعقوب جا سردارؤ ۽ اي بني اسرائيل جا حڪمرانو! توهان جيڪو انصاف سان دشمني رکو ٿا ۽ سموري سچائيءَ کي مروڙيو ٿا، ته هن ڳالهه کي ٻڌو! توهان جيڪو ”صيون“ کي خون خرابي سان ۽ ”يرشلم“ کي بي انصافي سان اڏيو ٿا، ان جا سردار رشوت وٺي انصاف ڪن ٿا ۽ ان جا عالم پگھار وٺي تعليم ڏين ٿا ۽ انهن جا نبي پئسا وٺي فال ڪڍن ٿا، ان تي به اهي خدا تي ڳالهيون ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته ڇا خدا اسان جي وچ ۾ نه آهي. سو اسان تي ڪابه مصيبت نه ايندي. تنهن ڪري ”صيون“ توهان جي ئي (عملن جي) ڪري پوک وانگر پوکيو ويندو ۽ ”يروشلم“ کنڊر ٿي ويندو“.
(ڪتاب ميڪاه، ب 3، آيت 9-12)
”حضرت هوسيع چيو، هي ملڪ (فلسطين) سچائي، ٻاجهه ۽ خدا شناسي کان خالي آهي. بد زباني ۽ واعدي خلافي ۽ خون خرابي ۽ چوري ۽ حرام ڪاري کانسواءِ هتي ڪجھه به نه رهيو آهي. اهي ظلم ڪن ٿا ۽ قتل مٿان قتل ٿئي ٿو، تنهن ڪري ملڪ ماتم ڪندو“. (ب 4، 3-14)
”اي ڀوپؤ، هيءَ ڳالهه ٻڌو! اي بني اسرائيل ڪن ڏيو، اي بادشاھ جا گھر وارؤ ٻڌو، باغي رتو ڇاڻ ۾ ٻڏل آهن پر انهن سڀني کي سڌاريندس، مان افرائيم کي سڃاڻان ٿو ۽ اسرائيل به مون کان ڳجھو ڪونهي ڇو جو اي افرائيم تو بدڪاري ڪئي آهي. اسرائيل ناپاڪ ٿيو، سندس عمل کيس خدا ڏانهن موٽڻ نٿا ڏين، ڇو جو بدڪاري جو روح ان ۾ موجود آهي ۽ هو خداوند کي نٿو ڄاڻي“. (ب5، 1-5)
اهڙي طرح بائيبل جي ٻين نبين، جهڙوڪه حضرت حزقيل، يسعياه، يرمياه وغيره جي ڪتابن ۾ اهڙي قسم جي سخت تنقيد موجود آهي ته تباهيءَ جي ڌمڪي به. پر حڪمرانن، دولتمندن، جادوگرن، ڀوپن ۽ ٻين اثر رسوخ رکندڙ طبقن انهن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ انهيءَ سزا ۾ ور ور ڪري انهن جا شهر، وسنديون ۽ ملڪ ڪڏهن ٻاهرين حملو ڪندڙن ۽ ڪڏهن آسماني آفتن سان تباھ ٿيندا رهيا.
حضرت موسىؑ جي باري ۾ بائيبل مان اقتباس ته ڏنا ويا آهن، پر هتي قرآن ڪريم مان به هڪ عبارت ڏني وڃي ٿي، جنهن مان خبر پوندي ته حضرت موسىؑ کي به حضرت نوح، حضرت هود، حضرت صالح ۽ حضرت شعيب عليهم السلام وانگر انهيءَ دؤر جي بادشاهن ۽ سردارن ڏانهن موڪليو ويو هو. ڇو جو اصول هي آهي ته نبين سڳورن کي بادشاهن ڏانهن موڪليو پئي ويو آهي، جن پنهنجي دولت ۽ اقتدار جي ذريعه عوام کي جيڪي مزدور، غلام ۽ پٺتي پيل حالت ۾ هئا، محنت جي استحصال ۽ ظلم انهن کي انسان بدران هڪ وکر (Thing) بنائي انهن جي زندگي جانورن کان به بدتر بڻائي ڇڏي هئي. علم ۽ تهذيب جي سرچشمن تي به انهن ئي بادشاهن ۽ سردارن جو قبضو هو. تنهن ڪري عوام علم جي روشني ۽ تهذيب جي برڪتن کان محروم هئڻ سبب غير انساني زندگي گذاري رهيو هو.
خدا تعالى جو تصور هڪ انقلابي تصور هو. اهو هي ته هر شيءِ جو مالڪ الله آهي، بادشاھ ۽ ان جا سردار نه آهن. دنيا جون سموريون شيون الله تعالى پنهنجي ٻانهن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ پيدا ڪيون آهن، پر بادشاهن، سردارن، اميرن ۽ ٻين طاقتور طبقن انهن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي.
نبي يا خدائي حڪيم جي ذميواري انسان سازي هوندو آهي، جنهن لاءِ کيس معاشري جي رعايتون ڏنل طبقن سان وڙهڻو پوندو آهي ته جيئن پيداوار، دولت، اقتدار، علم ۽ تهذيب جي سرچشمن کي، انهن جي چنبي مان آزاد ڪرائي عوام جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن انهن وسيلن جي مدد سان، اهي (عام ماڻهو) انسان بنجڻ جي لائق ٿي سگھن ۽ پنهنجي نفسيات جي اوچن حصن جي گھرجن کي سمجھندي، پنهنجي ذات جي تڪميل ڪري سگھن. اهڙي طرح سان اهي خدائي نيابت ۽ خلافت جا حقدار بڻجي سگھندا جيڪا ڳالهه انهن جي ڏنل زندگيءَ جو بنيادي مقصد آهي.
حضرت عيسىؑ
حضرت عيسىؑ جي پيدائش وقت بيت اللحم رومي بادشاهت جي قبضي ۾ هو ۽ روم تي قيصر آگسٽس جي حڪمراني هئي. حضرت عيسىؑ جي پيدائش وقت يهودي چئن طبقن ۾ ورهايل هئا:
پهرين طبقي کي ”صدوقي“ سڏيو ويندو هو. اهو يهودي رئيسن ۽ اعلى مذهبي عالمن تي مشتمل هو. تعليم يافته هئڻ ڪري انهن مٿان رومي تهذيب جو گھرو اثر هو. انهيءَ ڪري اهي رومي اقتدار جا حامي هئا ۽ عام يهودين جي رومي غلامي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ واري هلچل جا سخت مخالف هئا.
ٻيو طبقو ”فريسيون“ جو هو. اهو وچولو طبقو هو جيڪو موسوي شريعت جي ظاهري عبادتن ۽ رسمن جي پيروي ته وڏي شد مد سان ڪندو هو، پر ان جي روح کان بيخبر هو.
ٽيون طبقو ”بنائين“ جو هو جنهن کي لاطيني ۽ انگريزي ۾ ايسيني (Essene) سڏيو ويندو هو. اهي اشتراڪي معيشت جا حامي هئا ۽ انهيءَ تي سختيءَ سان عمل ڪندڙ هئا. اهڙي طرح اهي بني اسرائيل جي نبين جي شريعت جي روح کي سمجھندڙ ۽ ان تي عمل ڪندڙ هئا.
چوٿون طبقو عام يهودي مزدورن جو هو، جنهن ۾ هاري، هنرمند ۽ ننڍن دڪانن جا مالڪ شامل هئا. انهن مٿان هڪ پاسي رومي حڪمران ظلم ڪندا هئا ته ٻئي پاسي صدوقي ۽ فريسي ڦريندا هئا. رومي حڪومت کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ انهيءَ طبقي سان بغاوتون ٿينديون رهنديون هيون ۽ هي طبقو پنهنجي ڇوٽڪاري جي لاءِ ڪنهن رهبر جي راھ تڪيندڙ هو.
حضرت عيسىؑ يهودين جي دولتمند صدوقين، ظاهري عبادتن تي بس ڪري ويهندڙ فريسين، قانون پرست فقيهن، ڏن وٺندڙن ۽ بت پرست ظالم رومين جي سخت خلاف هو. اهڙيءَ طرح پاڻ هڪ دولتمند کي ڏسي ڪري فرمايائون:
”دولتمندن جو خدا جي بادشاهي ۾ داخل ٿيڻ ڪهڙو ڏکيو آهي، ڇو جو اٺ جو سئي جي پاکي مان نڪري وڃڻ ان کان به سؤلو آهي ته دولتمند خدا جي بادشاھي ۾ داخل ٿئي“. (لوقا، ب18، 24-25)
ٻئي جاءِ تي فرمايو:
”اي دولتمندؤ، ٿورو ٻڌو ته توهان پنهنجي مصيبتن تي، جيڪي اچڻ واريون آهن، روئو ۽ هاءِ گھوڙا ڪريو. توهان جو مال خراب ٿيو ۽ توهان جي لباسن کي ڪيڙا کائي ويا. توهان جي سون چاندي کي ڪٽ چڙهي وئي ۽ اها ڪٽ توهان جي مٿان شاهدي ڏيندي ۽ باھ وانگر توهان جي گوشت کي ساڙي. توهان آخري دؤر ۾ خزانو گڏ ڪيو آهي. ڏسو جن مزدورن توهان جا فصل لُتا، انهن جي اها مزدوري جيڪا توهان ٺڳي ڪري رکي ڇڏي، دانهون ڪري ٿي (اهڙي طرح ڪارخانيدار جڏهن مزدور جي اڻ ادا ڪيل مزدوري کي ڦٻائي ٿو ته اها مزدوري به دانهون ڪري ٿي) ۽ فصل لڻڻ وارن جي دانهن، ڪوڪ فوجن جي پالڻهار تائين پهچي وئي آهي. توهان ڌرتيءَ تي عيش عشرت جا مزا ورتا آهن. توهان پنهنجي دلين کي ڪُسڻ واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو، توهان هڪ نيڪ ۽ سچار انسان کي ڏوهاري ڪيو ۽ ان کي ڪهي ڇڏيو، ڇا هو توهان جو مقابلو نٿو ڪري؟“
(يعقوب جو عام خط 5، 1-6)
فقهين جي باري ۾ فرمايو:
”فقيهن کان خبردار رهجو جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ جو شوق رکن ٿا ۽ بازارن ۾ سلامي ۽ عبادتخانن ۾ اوچي درجي جي ڪرسين ۽ مهمانين ۾ مير مجلس هئڻ پسند ڪن ٿا. اهي بيواهن جي گھرن کي هيسائي ويهن ٿا ۽ ڏيکاءَ لاءِ نماز کي ڊگھو ڪن ٿا، انهن کي سڀ کان وڌيڪ سزا ٿيندي“. (لوقا: ب 20، 25-27)
فريسين ۽ فقيهن جي باري ۾ فرمايو:
”اي ڏيکاءُ ڪندڙ فقيهو ۽ فريسيو، توهان تي افسوس آهي جو دالين، سونف ۽ جيري (جي فصل) تي ته عشر ادا ڪندا آهيو، پر توهان شريعت جي وڌيڪ ڳرين ڳالهين يعني انصاف ۽ ٻاجھه ۽ ايمان کي ڇڏي ڏنو آهي“ (متي، ب23، آيت 33)
”اي نانگؤ! اي نانگ جا ٻارؤ! توهان دوزخ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندؤ؟“ (متي ب 23، آيت 33)
پاڻ پنهنجي انقلابي خيالن جي اشاعت، جيڪا خدائي وحي تي آڌاريل هئي، ٽيهن سالن جي عمر ۾ شروع ڪئي ۽ رڳو ٽن سالن کان پوءِ يهودي عالمن ۽ رومي سردارن جي سازش سان صليب تي چاڙهيا ويا. اهڙي طرح خدا جي بادشاهت يعني روحاني اشتراڪي معاشري جي قيام جو خواب اڌورو رهجي ويو.
ٽيون ڀاڱو
آريائي نسل جا نبي
حضرت شري ڪرشن
آريائن جي هندستاني شاخ ۾ حضرت ڪرشن تمام ئي نمايان شخصيت آهي.سندن الهامي ڪتاب ڀڳوت گيتا آهي. پاڻ پانڊئن ۽ ڪورئن ٻنهي وٽ عزت جي نگاھ سان ڏٺا ويندا هئا. ڪورئن جو سردار دريوڌن وڏو آڪڙ وارو ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو هو. ان جي خود غرضي ۽ هوس پرستي جي ڪري ۽ پانڊئن کي سندن حق ڏيارڻ لاءِ حضرت ڪرشن کي هڪ وڏي جنگ وڙهڻي پئي جنهن کي مهاڀارت سڏيو وڃي ٿو. پاڻ بت پرستي، ديو پرستي، دنيا تياڳڻ، ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ خوني قربانين ۽ نذرانن جو سخت مخالف هو. ورن اشرم کي به نه مڃيندو هو. حقيقي توحيد پرست نظرين جو جياپو سندس حياتي جو مقصد هو. پاڻ مالدارن جي رويي، برهمڻ ازم ۽ سانکيه فلسفي جي دهريت پسندي نظرئي جو سخت مخالف هو، جنهن جي پٺڀرائي برهمڻ ڪندا هئا. پاڻ کشتري هو، جيڪو برهمڻ ازم جي خلاف هڪ رد عمل هو. پاڻ دوار ڪاپوري جي هڪ ننڍڙي رياست جو راجا هو.
کانئن اڳ هندن ۾ فلسفي جا ڇهه فڪري اسڪول رائج هئا؛ جهڙوڪه نيايه (Nyaya) جيڪو منطق ۽ استدلال تي آڌاريل هو. ان جو باني گوتم هو (گوتم ٻڌ نه). ٻيو فلسفو ويشيسڪا (Vaishesika) هو جيڪو نيايه فلسفي کان ٿورڙي اختلاف سان باقي لڳ ڀڳ ساڳي ئي فڪر وارو هو. ان جو باني ڪناڊا (Kanada) هو. ٽيون فلسفو سانکيه (Sankhia) هو، جنهن جو باني ڪپيلا منڪر هو. انهيءَ فلسفي جو بنياد ٻن حقيقتن تي آهي: (1) پروشيه (Parushia) ۽ (2) پراڪرتي (Parakirti) يعني مادي جسم عنصرن مان ٺهندا آهن ۽ عنصر جوهرن (Atoms) مان ٺهندا آهن، جوهر طاقت سان ۽ طاقت پراڪرتي سان ٺهي ٿي.
روح يا پرش ذات آهي جيڪا حقيقي، ابدي ۽ مادي گدلاڻ کان پاڪ آهي. جڏهن روح ۽ مادو (پراڪرتي) پاڻ ۾ ملندا آهن ته انهن مان هڪ هاڪاري ۽ ٻيو ناڪاري هوندو آهي. انهن ٻنهي جي جھيڙي سان اعتدال پيدا ٿي نئين تخلق پيدا ٿئي ٿي. اهڙي طرح ”ڄاتل“ علت مان پيدا ٿي ٻيهر علت ۾ گم ٿي وڃي ٿو. مولانا رومي فرمايو آهي: ”صورت از بے صورتی آمد بروں، باز شد کانا لیہ راجعوں“ يعني صورت بي صورت حقيقت مان پيدا ٿي ٻيهر بي صورت حقيقت ڏانهن موٽي وڃي ٿي.
پراڪرتي يا مادي جون ٽي قوتون، جيڪي هر مظهر ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، سي پهرين ستوه (Sattva)، ان جو رنگ اڇو آهي، ان جا گڻ روشني، خوشي، پاڪيزگي ۽ تپش ۽ سٺائي آهن، ٻيو رجس (Rajas)، آهي، ان جو رنگ ڳاڙهو آهي. ان جا گڻ بي چيني، تبديلي، چرپر ۽ ارتقا، مصيبتن جو اٿڻ، سخت محنت ۽ ڳڻي آهن. ٽيون تمس (Tamsa) آهي، ان جو رنگ ڪارو آهي. ان جا گڻ پَستي، غفلت، پريشاني، آرام طلبي، سستي، لاغرضي وغيره آهن. سڀ کان پهريان رجس جي عمل جي طاقت چرپر ۾ ايندي آهي. ستوه ۽ تمس ان کان پوءِ اينديون آهن. انهن ٽنهي مان هر مظهر ۾ ڪنهن هڪ جو غلبو ٿيندو آهي ۽ ان مطابق ئي نتيجا ظاهر ٿيندا آهن.
چوٿون فلسفو يوگو آهي. ان جو باني پتانجلي آهي. فلسفو سانکيو نظري آهي، پر يوگ فلسفو عملي آهي. يوگ ۾ خدا تعالى جو تصور موجود آهي جڏهن ته سانکيي ۾ ناهي. يوگ ۽ سانکيي ۾ حقيقي زندگي آهي، جيڪا پاڪ، آزاد ۽ بي عيب آهي. انهيءَ عقل، نفس ۽ حواس وسيلي جسم سان ڳانڍاپو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. عقل پراڪرتي جي پهرين منزل آهي ۽ انهيءَ تي ستوه گھيريندڙ آهي. يوگ جو بنيادي مقصد مرڪزيت ۽ تصور آهي.
پنجون فلسفو ميماسه (Mimasa) آهي. ان جو باني مني آهي. اصل ۾ اهو علم الڪلام آهي. ميماسه دنيا ۽ ان جي سمورين شين ۽ مظهرن کي حقيقي مڃي ٿو، خدا جي قدرت نه. ان جي مطابق اهو هڪ ابدي قانون آهي، جيڪو ڪائنات ۾ جاري آهي ۽ سبب ۽ مسبب جي سلسلي کي منظم ڪري ٿو.
ڇهون فلسفو ويدانت (Vadantaa) آهي. هي اصل ۾ ويد فلسفو آهي جيڪو هند جي سمورن فلسفن ۾ شامل آهي ۽ عيسائي ۽ اسلامي فڪر ۽ عقيدي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هي فلسفو فڪر ۽ ساڃاھ کي اخلاقي ۽ روحاني بڻائي ٿو. انهيءَ ڪري ويد فلسفي کي هندو تصوف به چيو ويندو آهي. ان جا ٻه پاسا آهن؛ هڪڙو وحدت الوجود ۽ ٻيو وحدت الشهود. وحدت الوجود جو پيروڪار شنڪر آچاريه آهي، جڏهن ته وحدت الشهود جو پيروڪار رامانوج آهي. اهي اپاني شد ويدن جو تفسير ۽ تشريح آهن ۽ اسلامي فڪرن سان ويجھڙائي رکن ٿا. دراشڪوه جي ”سر اڪبر“ ۾ اسلامي فلسفي ۽ عقيدن کي اوپاني شد سان ثابت ڪيو ويو آهي. برهمناس ۾ ويدائي رسمن جي تفصيل موجود آهي. ويد، برهمناس ۽ اپاني شد،ٽئي هند فلاسافي جو بنيادي آهن، جن جو نقشو ڪجھه هيئن ٺهي ٿو:
ويدانت
ويد
برهمناس
اپاني شد
تصوف
اسلامي تصوف
قرآن حديث
ٻڌ مت جا اثر ۽ افلاطون جو فلسفو ۽
ماني، زرتشت ۽ عيسائيت جديد افلاطونيت
تصوف
ديدانت ۽ تصوف
حق ۽ باطل نساني خواهشن جي نفس ۽ حواسن عشق
۾ فرق خلاف پرهيزگاري تي ضابطو
ڀڳوت گيتا هند جي حڪمت ۽ رياضت جو نچوڙ آهي جيڪو نه رڳو هندستان، پر سموري دنيا ۾ عزت ۽ قبوليت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. گيتا هندستاني مذهبن ۽ فلسفي اسڪولن تي تنقيد آهي ۽ انهن جو هڪ نقصان به آهي. خاص طرح سانکيه، يوگ، مماسه ۽ اپاني شد جي فڪرن تي آڌاريل آهي. مثال طور سانکيه فلسفي ۾ پرش (پروشه) ۽ پراڪرتي (مادو) جدا جدا آهن. انهن جو ڳانڍاپو مادي زندگي آهي ۽ جدائي دائمي زندگي. گيتا جو مؤقف هي آهي ته روح (پروشه) ۽ مادو ٻنهي ۾ هڪٻئي سان ڳانڍاپي جو شعور نه آهي، پر ٽين طاقت، جيڪا سگھاري ۽ هوش حواس رکندڙ آهي، انهن کي جياري ٿي ۽ جدا به ڪري ٿي. انهيءَ ڪري انساني روح کي انهيءَ ٽئين سگھه (خدا) سان ڳنڍيل هئڻ گھرجي ۽ ان کان مدد وٺڻ گھرجي ۽ انهيءَ ئي طاقت ۾ پنهنجو پاڻ کي ملائڻ ۽ جذب ڪرڻ گھرجي. ”انا لله و انا اليه راجعون“ انهيءَ سان ئي دائمي برڪت، دائميت ۽ ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي.
يوگ جي مطابق رياضت ۽ نفس جو تزڪيو ڇوٽڪاري جو وسيلو آهي. گيتا ان جي تائيد ڪري ٿي. پر ان جو چوڻ آهي ته نفس جو تزڪيو عبادت، پاڪيزگي ۽ بهشت جي تمنا جي لاءِ نه هئڻ گھرجي، پر حقيقي محبوب جي ملڻ لاءِ هئڻ گھرجي. ميماسه بي غرض عمل (نشڪاما) سان فرض ادا ٿئي ٿو. گيتا چوي ٿو ته حاڪم خدا آهي، تنهن ڪري سندس هر حڪم کي بنا ڪنهن لالچ جي، فرض سمجھندي مڃڻ گھرجي. اهو ئي انسان کي مادي جسم ۾ آڻي ٿو ۽ ان لاءِ ذميواريون مقرر ڪري ٿو. جيڪو ڪجھه به آهي، ان وٽان آهي.
سانکيي پراڪرتي (مادي) جا ٽي جوهر ٻڌايا آهن، يعني ستوه، رجس ۽ تمس. اهي دنيا جي سمورن شين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. گيتا چوي ٿو ته نفس جي تزڪيي سان انهن ٽنهي جوهرن يا طاقتن کان مٿانهون ٿيڻ انسان جو گھربل مقصد آهي. اهڙي طرح روح انهن جي فرمان ۾ نه رهندو پر اهي ان جي فرمان ۾ اچي وينديون.
گيتا جي تعليم انهيءَ ٻڌايل تعليم سان گڏوگڏ طبقاتي نقطي نگاھ واري پڻ آهي. ان ۾ اڌياءِ 16 جي 7 کان 20 تائين وارين آيتن ۾ شيطاني اوگڻ رکندڙ انسانن جي ڪرتوتن تي روشني وڌي وئي آهي. ان جو مڪمل اقتباس شرڪ واري باب ۾ ڏنو ويو آهي. انهيءَ اقتباس ۾ دهريت پسند، عياش، مالدار ۽ ظالم حڪمرانن سان گڏوگڏ مذهب کي پنهنجي خواهشن ۽ نفساني خواهشن جي لاءِ استعمال ڪندڙ فردن جي چٽائي ڪئي وئي آهي. رعايتون ڏنل ۽ استحصال پسندن جو اهو ئي طبقو آهي، جن جا فرد سموري انساني تاريخ ۾ نبين سڳورن، انهن جي سچار پيروڪارن ۽ انهن جي پاڪ مقصدن جي مخالفت ڪندا رهيا آهن. انهن کي ستائيندا، اذيتون ڏيندا، قتل ڪندا ۽ جلاوطن ڪندا رهندا آهن. اهو ئي طبقو ۽ ان جا رڪن زميني زندگي کي جنت واري زندگي، يعني طبقاتي معاشري کي غير طبقاتي اشتراڪي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ واري واٽ ۾ ڏاڍو ڏونگر بڻيا رهيا آهن ۽ اڄ به بڻيل آهن.
علامه اقبال کيس (حضرت ڪرشن کي) هندو معاشري ۾ عمل (نشڪاما ڪرما) جي فلسفي جو جياريندڙ مجدد سڏيو آهي.
گيتا جو اهو اقتباس ان ڳالهه جو دليل آهي ته، حضرت ڪرشن واقعي خدا تعالى جو موڪليل هو. ڇو جو نبي يا پيغمبر جي اهائي نشاني آهي ته هو رعايت ڏنل (آسودن، وڏائي ڪندڙن ۽ وڏيرن) طبقي کي ختم ڪري، غير طبقاتي معاشرو اڏڻ گھرندو آهي جنهن ۾ پيداواري وسيلا مزدور ۽ محروم انسانن (مستضعفين) جي ملڪيت ۾ هوندا آهن. اها ئي نشاني حضرت رام چندر، مهاتما ٻڌ، مهاوير، زرتشت، سقراط ۽ ڪنفوشس جهڙن مقدس انسانن کي خدا جو موڪليل بڻائي ٿي.
حضرت مهاتما ٻڌ
هيءَ ڳالهه هڪ اصول بڻجي وئي آهي ته آريه قوم جا پاڪ سڌارڪ گھڻو ڪري واڳ ڌڻي طبقي سان تعلق رکندڙ هئا. حضرت ڪرشن دوارڪا جي هڪ رياست جو راجا هو، جڏهن ته شري رام چندر جِي، اجوڌيا جي رياست جو جانشين هو. شايد ان جو سبب هي هو ته آرين ۾ قبيلي جي سردار کي راجا سڏيو ويندو هو. تحقيق جي سائنسي طريقي کي رواج ۾ آڻڻ ۽ صنعتي انقلاب کان اڳ وارن سمورن دؤرن ۾، علم ۽ تهذيب جيئن ته مٿانهن طبقن جي ٺيڪيداريءَ ۾ هئا، انهيءَ ڪري ڏاها ۽ سڌارڪ انسان به انهن ئي طبقن مان پيدا ٿيندا هئا.
انهن ئي حالتن سبب سڌارٿ گوتم به ساکيا خاندان جي شاهي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو هو. هن موت، ڪراڙپ، بيماري ۽ ٻين اهنجن جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ، جن ۾ غريب ۽ پٺتي پيل عوام ئي گھڻو گھيريل هئي، 29 سالن جي عمر ۾ بادشاهي، سک ۽ آرام تياڳي جنگ منهن ڪيو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين ساڌن ۽ سنياسين کان علم حاصل ڪندو رهيو. سخت رياضتن ۽ ڊگھن مراقبن ۾ رهي ڪري آخرڪار هڪ رات جڏهن پاڻ هڪ پراڻي بڙ يا انجير جي وڻ هيٺان مراقبي جي حالت ۾ هو ته پنهنجي دل ۾ هڪ غير معمولي روشني يا خدائي تجلي محسوس ڪئي، جنهن سان کيس سمورن سوالن جا جواب ملي ويا. انهيءَ تجلي جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پاڻ سڌارٿ گوتم بدران ٻڌ بڻجي ويو. اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ ”ٻڌ“ ۽ عبراني ٻوليءَ جو لفظ ”نبي“ ساڳي معني رکندڙ آهن. ڇو جو ٻڌ عام معني ۾ رڳو درويش يا صوفي نه هوندو آهي، پر هڪ اهڙي شخصيت هوندو آهي، جيڪو مطلق حقيقت سان تعلق قائم ڪري، ان مان حاصل ٿيندڙ هدايت جي بنياد تي انساني معاشري کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان جي تنظيم هڪ اهڙي طريقي تي ڪئي ويندي آهي جيڪا ڪامل انسان جي تخليق ۾ مددگار بڻجي.
جيتوڻيڪ برهمڻن ۽ استحصالي طبقن مهاتما ٻڌ جي تعليم کي پنهنجي مفاد جي لاءِ خطرو محسوس ڪندي، ٻڌ جي پيروڪارن کي هندستان مان ڪڍي ڇڏيو ، پر انهن جي تعليم جي اثر جو هي حال هو جو نيپال، سري لنڪا، سمورو ڏکڻ اوڀر ايشيا، چين، جپان، تبت، وچ ايشيا، سيائبريا ۽ سويڊن جو ليپ لينڊ انهن جي گھيري ۾ اچي ويو. حضرت ٻڌ جي فلسفي ۽ نظرين تي اڻ ڳڻيو ادب وجود ۾ اچي چڪو آهي، پر انهيءَ سموري ادب ۾ سر ايڊون آرنلڊ جو ڪتاب ”لائٽ آف ايشيا“ سڀ کان وڌيڪ قابل تعريف آهي. آرنلڊ مهاتما ٻڌ جي تعليم کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
1. عالمي اميد جي دائميت (Eternity of Universal Hope)
2. بي ڪنار محبت جي لافانيت
(The Immortality of Boundless Love)
3. مطلق ڀلائيءَ ۾ ناقابل شڪست عقيدو (سقراط ۽ افلاطون جي نظر ۾ مطلق ڀلائي ئي خدا تعالي جو ٻيو نالو آهي)
(An indestructible eliment of Faith in Final Good)
4. انساني آزاديءَ جي تمام ئي فخر لائق دعوى جيڪا اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڪئي وئي.
(The proudest essertion ever made of human freedom)
هڪ غلط فهميءَ جو ازالو
حضرت ورڌن مهاوير ۽ مهاتما گوتم ٻڌ جي باري ۾ مهايان فرقي جي تحقيق ڪندڙ ڏاهن ٻڌايو آهي ته سندن تعليم ۾ نه خدا جو تصور آهي، نه روح جو ۽ نه ئي موت کان پوءِ عملن جي جزا ۽ سزا جو عقيدو موجود آهي. انهيءَ الزام کي جين مت جي عالمن ۽ ٻڌ مت جي ناگ ارجن ۽ ناگ سين جهڙن مفسرن پنهنجي استدلال سان مضبوط ڪري ڇڏيو آهي.
هيءَ ڳالهه ڌيان طلب آهي ته جيڪڏهن اهي الزام صحيح آهن ته گوتم جون پنهنجي جواني جي شروعات ۾ ئي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ سموريون ڪوششون، سندس سخت رياضت، سندس دل تي تجلي جو ظاهر ٿيڻ جنهن سان کيس سمورين اوچين حقيقتن جو علم حاصل ٿيو، سڀئي بي ڪار ۽ بي مقصد شيون بنجي وڃن ٿيون، جن سان ڪوبه روحاني فائدو ۽ سڃاڻ حاصل نٿي ٿي سگھي. جڏهن ته مهاتما ٻڌ جي دل تي اهڙي قسم جو خدائي نور ظاهر ٿيو، جيڪو تاريخ جي سمورن سڌارڪ انسانن ۽ نبين سڳورن تي ٿيندو رهيو آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ لازمي طور کائنس سمورا مادي پردا هٽي ويا هوندا، جنهن کان پوءِ گوتم سمورن شڪن شبهن کان مٿانهون ٿي ڪري حق اليقين جي منزل تي وڃي پهتو هوندو.
ڏٺو وڃي ته انهيءَ حقيقت جو انڪار نٿو ڪري سگھجي ته اخلاقي زندگيءَ جو دارمدار گھڻي ڀاڱي انهن مٿي ذڪر ڪيل طبيعيات کان مٿانهن حقيقتن جي وضاحت تي آڌاريل آهي. جيڪڏهن حضرت گوتم جي نظر ۾ انسانيت جي تڪميل هڪ حقيقي مقصد هو، جيئن سندس تعليم مان ظاهر آهي، ته ڇا اها تڪميل ڪائنات جي شروعات ۽ پڄاڻي انساني روح يا خودي جي دائميت ۽ ان جي ڪامل آزادي ڪائنات جي خالق جي وجود کي سمجھڻ واري عرصي ۾ لاڳاپيل ضروري رويو اختيار ڪرڻ بنا ممڪن ٿي سگهي ٿي؟ جڏهن ته انهن حقيقتن جي تسلي جوڳي حل کانسواءِ انسان انسان جي حيثيت ۾، اخلاق جي دنيا ۾ هڪ وک به صحيح نٿو کڻي سگھي ۽ ڪوبه اخلاقي نظام، ڪنهن به حالت ۾، انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ کانسواءِ هڪ پلڪ لاءِ به قائم نٿو رهي سگھي. جيڪڏهن ڪائنات جي خالق، انساني روح جي دائميت ۽ انساني عملن جي جوابداري يا ذميواري جو انڪار ڪيو وڃي ته اخلاقي فلسفو نج مفاد پرستي ۽ عيش پرستي جي بنياد تي اڏجي ويندو، جنهن جو لازمي نتيجو نااميدي، بي حاصليت، بي مقصديت وارن لاڙن جي پيدا ٿيڻ ۽ انهن سمورن اوچن گڻ تي ويساھ کڄي وڃڻ جي صورت ۾ نڪرندو، جن جو حاصل ڪرڻ انسان جي تڪميل لاءِ بيحد ضروري آهي.
انهن ٻنهي مذهبن جي مقدس بانين جي باري ۾ حتمي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ، انهن سماجي حالتن جو جائزو وٺڻو پوندو، جن ۾ اهي مذهب پيدا ٿيا ۽ وڌيا ويجھيا هئا. انهن مذهبن جي ظاهر ٿيڻ جو زمانو ڇهين صدي ق.م آهي. ان وقت هڪ پاسي هندو معاشري ۾ ورن آشرم يعني ذات پات جا اثر تمام ئي زور پڪڙي ويا هئا. هر پاسي برهمڻن جي ٻڌايل پوڄا جو چرچو ۽ ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ خوني قربانين جو زور هو. عوام مورتن جي پوڄا ۽ ٻين دردناڪ وهن ۾ ڦاٿل هو. حضرت ڪرشن ۽ شري رام چندر جي تعليم کي لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن جو عرصو گذري چڪو هو، جنهن ڪري اهو به بگڙجي چڪو هو.
ٻئي پاسي مناظري باز سوفسطائي ٽولن جا فرد، جن جو اڳواڻ چارواڪ هو، فساد مچائي رهيا هئا. چارواڪ پنهنجي تقريرن سان ڪارن کي اڇو ۽ اڇن کي ڪارو ثابت ڪري ڇڏيندو هو. ان جو مطلب هي هو ته اخلاقي قدر پنهنجو ڪو بنياد نه پيا رکن. حرام ۽ حلال، جائز ۽ ناجائز ۽ سهڻي ۽ ڪوجھي جو معيار رڳو فرد جي پنهنجي مرضي ۽ پسند تي آڌاريل هو. اهڙي طرح موقعي پرست ۽ خوشامدي قوتن کي فردن کي لُٽڻ جا گھڻائي موقعو ملي ويندا آهن.
انهيءَ ذهني ۽ اخلاقي بگاڙ سان گڏ چار واڪ جو ماديت پسند فلسفو اڀري رهيو هو، جنهن جي نظر ۾ ڪنهن اوچي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ دنياوي لذتن کان پاسيرو ٿيڻ وارو عمل هڪ بيوقوفي کان وڌيڪ ڪجھه نه هو. جيڪو ڪجھه آهي هن دنيا ۾ ئي آهي، تنهن ڪري انهيءَ نانگ وانگر وٽ کائيندڙ فرقي جي ڪري معاشري ۾ گوشت خوري، شراب نوشي، زنا ڪاري ۽ نفساني لذتن کي حاصل ڪرڻ جو جنون پيد اٿي رهيو هو. انهيءَ غير انساني ماحول ۾، انهن پاڪ بزرگن پنهنجي دعوت جي شروعات ڪئي.
انهن ضابطي هدايت سان ماڻهن کي متعارف ڪرايو، تنهن ۾ خوني قربانين، مورتين جي پوڄا، ذات پات جي ورڇ، ڏيکاءَ وارين رسمن ۽ عبادتن جي ادائگي کي ختم ڪيو ويو هو. شودر ۽ عورت کي به ڌرم ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ملي وئي هئي، ڇو جو اهي به انسان هئا ۽ سڀ انسان برابر آهن. علم ۽ عقل تي ڪنهن به برهمڻ يا ٻئي ڪنهن ٽولي جي ٺيڪيداري جو انڪار ڪيو ويو هو. علم جا دروازا سڀني لاءِ کوليا ويا. هر شخص جو اهو حق مڃيو ويو ته هو پنهنجي عقل سان سوچي سمجھي ۽ تناسخ جي چڪر مان نڪرڻ جو رستو ڳولي ته جيئن کيس روحاني سڪون ۽ ڪامل واندڪائي (نرواڻ) ملي سگھي.
انهيءَ هدايت واري ضابطي ۾ علمي بحثن ۽ طبيعيات کان مٿانهن حجتن بدران، نيڪ عملي تي زور ڏنو ويو هو. انهن بزرگن حق پرستي ۽ محبت کي ئي دين ٻڌايو. انهيءَ کي پنهنجائڻ ئي انساني ڇوٽڪاري جو سبب ٻڌايو. انهن جي نظر ۾ دين يا ڌرم ازلي ۽ ابدي قانون آهي، جنهن سان سموري ڪائنات هلي رهي آهي. اهو ئي شهنشاھ آهي. اهو ئي عالمگير عدل آهي. اهو ئي روح القدس، حق جو ڪلمو ۽ مطلق خير آهي.
حضرت ٻڌ جو اهو پنهنجو ذاتي تجربو هو ، نه ڪي چار واڪ جي لذت پرستي واري فلسفي ۽ عيش آرام واري زندگي اختيار ڪرڻ سان روحاني سڪون حاصل ڪرڻ يا وري زاهدن جي سخت رياضتن ۽ نفس مارڻ سان ڇوٽڪاري جي واٽ ڳولڻ. ان جي نظر ۾ حقيقي شريعت ۽ هدايت جو رستو وچٿري واٽ ۽ عدل جو رستو هو. انهيءَ وچٿري واٽ تي هلڻ جي ئي سمورن نبين سڳورن تلقين ڪئي آهي. مهاتما ٻڌ فرمايو ته ڪا به ڳالهه ان لاءِ سچ نه آهي ته اها ٻڌ چئي آهي، پر انهيءَ لاءِ جو اها عقلي طور تي انسان جي لاءِ فائديمند ۽ صحتمند آهي.
انهيءَ دين يا ڌرم ۾ وچٿري واٽ تي عمل ڪرڻ لاءِ اَٺَ اصول مقرر ڪيا ويا ۽ ڀڪشوئن جي هڪ جماعت جوڙي وئي، جيڪا روزي ڪمائڻ جي فڪر کان آزاد ٿي، علم ۽ نيڪي کي عوام ۾ عام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي. پر افسوس جو دنيا جي تاريخ ۾ جهڙي طرح هر نيڪ ۽ فائديمند تعليم ۽ صحيح رستي کي مٿئين ۽ استحصال پسند طبقن ۽ مذهبي پيشوائن پنهنجي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ بگاڙي ڇڏيو. اهڙي طرح ٻڌ مت ۽ جين مت کي به بگاڙي ڇڏيو.
جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته انهن ٻنهي مذهن ۾ خدا، انساني روح ۽ جي سٺن ۽ برن نتيجن ۽ آخرت واري زندگي ۾ انهن نتيجن مان چڱي ۽ خراب زندگي جي اڏاوت جو مطلب موجود نه آهي ته انهيءَ ذڪر ڪيل اعلى تعليم جو مقصد ڇا آهي؟ سر آرنلڊ ”لائٽ آف ايشيا“ جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي:
And also of a firm couistion that a third of mankind would never have been brought in bland abstractions of in nothingness as to believe issue and crown of being. (Light of Asia p.ix)
”ان کانسواءِ منهنجو هي پڪو ويساھ آهي ته جيڪڏهن ”نرواڻ“ سان گوتم ٻڌ جو مطلب رڳو خيالي تصور يا مڪمل عدم وجود ۽ عدميت وجود ئي سڀ کان اهم مسئلو هجي ها ته، دنيا جو هڪ ٽهائي ڀاڱو اڄ بلڪل ئي ان (ٻڌ مت) جو قائل نه هجي ها“.
ڳالهه رڳو ايتري هئي ته برهمڻن ۽ استحصالي طبقن پنهنجي مفادن لاءِ خدا ۽ مذهن جي نالي کي تمام ئي غلط طريقي تي استعمال ڪيو هو. انهيءَ ڪري انهن مقدس بزرگن مهاوير ۽ گوتم ٻڌ خدا جي وجود جي تشريحن، ان جي نالي کي وري وري پڙهندو رهڻ، کيس خوش ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جون قربانيون ڏيڻ ۽ سندس ديدار لاءِ معاشرتي ذميوارين کان منهن موڙي اڪيلو ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي رهڻ کان روڪيو هو ۽ معاشرتي ذميوارين کي محبت، ديانت ۽ انصاف سان پورو ڪرڻ تي ئي زور ڏنو هو. اصل ۾ طبيعيات کان مٿانهن مسئلن تي انهن جي خاموشي کي انهن جي پيروڪارن ۽ ٻين انهن مسئلن کان انڪار سمجھي ورتو.
اسان جي دؤر ۾ انساني خودي (Ego) جي سڀ کان وڏي پارکو علامه اقبال چيو آهي ته ”منکر او اگر شدی منکر خویشتن مشو“ (جيڪڏهن تون خدا جو انڪاري هجين ها ته تون پنهنجو انڪاري نه هجين ها) ان جو سبب هي آهي ته: ”تلاش او کنی جز خود نہ یابی۔۔۔۔ تلاش خود کنی جز او نہ یابی“ يعني جيڪڏهن تون خدا جي ڳولا ڪرين ٿو ته تون پنهنجي ذات کانسواءِ ٻيو ڪجھه به لهندين.... جيڪڏهن پنهنجي ذات جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندين ته توکي خدا کانسواءِ ٻيو ڪجھه نه ملندو.
تنهن ڪري اهڙو وقت قومن مٿان اچي ويندو آهي جڏهن انسان بدران خدا جي هستي تي زور ڏنو ويندو آهي ۽ ڪڏهن انسان جي پنهنجي ذات تي ڌيان ڌرڻ جي سخت ضرورت جو احساس ڏياريو ويندو آهي.
مهاتما ٻڌ بابت مولانا ابو الڪلام آزاد جي راءِ
جيئن ته مهاتما کان اڳ هندستان تي جيڪو مذهب ڇانيل هو ان جو نقشو ڊاڪٽر راڌا ڪرشن “انڊين فلاسافي” ڪتاب ۾ هن طرح لکيو آهي:
“ڏيتي ليتي جو هڪ سودو هو جيڪو خدا ۽ انسان جي وچ ۾ ٿيو هو. جڏهن ته هڪ پاسي اپاني شد جو برهما هو جيڪو ذات الهي جو هڪ اوچو ۽ سهڻو تصور پيش ڪري پيو. ٻئي پاسي اڻ ڳڻين خدائن جو هجوم هو جن لاءِ ڪابه حد مقرر نه پئي ڪري سگھجي. آسمان جا ستارا، مادي جا عنصر، زمين جا وڻ، ٻيلن جا جانور، جبلن جون چوٽيون، دريائن جون لهرون؛ مطلب ته ڪائنات ۾ موجود ڪا اهڙي شيءِ نه هئي، جيڪا خدائي حڪومت ۾ شامل نه ڪئي وئي هجي. ڄڻ ته هڪ بي لغام ۽ پاڻ مرادو ڦٽندڙ خيال کي هڪ سند ملي وئي هجي ته دنيا جي جيترن به شين کي خدائي تخت تي ويهاري سگھي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ويهاريندو رهي. پوءِ جيڪڏهن خدائن جا اڻ ڳڻيا ميڙ به انهيءَ خداسازي واري ذوق لاءِ پورا نه پون ته پوءِ ڀانت ڀانت جي گندگين ۽ عجيب شڪل جسمن جي خيالي صورتن جو به انهن ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اوپاني شدن فڪر ۽ نظر جي دنيا ۾ انهن خدائن جي سلطاني، بي ترتيب ڪري ڇڏي هئي، پر عمل جي زندگي ۾ انهن کي ڇيڙيو ئي نه ويو هو. اهي جيئن جو تيئن خدائي تختن تي ويٺا رهيا.
(انڊين فلاسافي، ڇاپو ٻيو، ص452)
جيڪڏهن انهن سان گڏ گيتا، البيروني، ابوالفضل، داراشڪوه ۽ سر وليم جونز جي راءِ کي مڃيو وڃي ته هندو مذهب جو هڪ ڀاڱو، جيڪو توحيدي تصور، اڃا به غير صفاتي تصور وارو هو، رڳو خاص ماڻهن لاءِ هو. ڇو جو اهي ئي انهيءَ درجي لائق هئا. ٻيو ڀاڱو عوام لاءِ هو. اهو بت پرستي بابت هو، ڇو جو انهن جي ٻاراڻن ذهنن جي لاءِ اها ئي واٽ مناسب هئي. پوءِ جيئن ته خاص ماڻهو به عوام کان جدا رهي نٿا سگھن، اهڙي طرح هندو زندگي جي ٻاهرين بناوت، بنا ڪنهن فرق جي شرڪ ۽ بت پرستي ئي رهندي آئي.
گوتم ٻڌ جي وفات کي اڃا گھڻو وقت ئي نه گذريو هو جو ٻڌ مذهب جي پيروڪارن جي گھڻائي، سندس شخصيت کي عام انساني سطح کان مٿانهون ڏسڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس آثارن ۽ برڪتن جي پوڄا ڏانهن لاڙو وڌڻ لڳو هو. سندس وفات جي ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن ٻڌ مذهب جي پهرين تمام ئي وڏي مجلس راڄ گيري ۾ ٿي ۽ سندس خاص شاگرد آنند سندس آخري وصيتون بيان ڪيون ته، بيان ڪيو وڃي ٿو ته ماڻهو ان جي روايت تي مطمئن نه ٿيا ۽ ان جا مخالف ٿي پيا. ڇو جو ان جي روايتن ۾ کين انسانيت کان مٿي ڪا عظمت نظر نه آئي، جنهن کي انهن جون طبيعتون ڳولي رهيون هيون.
لڳ ڀڳ سئو سالن کان پوءِ جڏهن ٻئي مجلس ويسالي (موجوده مظفر پور) ۾ ٿي ته ان وقت مذهب جي بنيادي سادگي ختم ٿي چڪي هئي ۽ ان جي جاءِ نون نون خيالن ۽ گڏيل عقيدن اچي والاري هئي. هاڻي عيسائي مذهب اقانيم ثلاثه (تثليث) وانگر، جيڪو پنج سئو سالن کان پوءِ ظاهر ٿيڻو هو، هڪ ٻڌ اقانيم جو عقيدو، ٻڌ جي شخصيت چوڌاري هڪ پِڙَ وانگر چمڪڻ لڳو ۽ عام انساني سطح کان سندس شخصيت کي مٿانهون مڃيو ويو. يعني ٻڌ جي شخصيت جي اندر ٽي شخصيتون ظاهر ٿي پيون: (1) ان جي تعليم جي شخصيت، (2) ان جي دنياوي وجود جي شخصيت ۽ (3) ان جي حقيقي وجود جي شخصيت جيڪا لوڪ (بهشت) ۾ رهي ٿي؛ دنيا ۾ جڏهن به ٻڌ ظاهر ٿيندو آهي ته ان جي حقيقي وجود جي هڪ جھلڪ هوندي آهي. نرواڻ يا ڇوٽڪارو ماڻڻ جو مطلب هي ٿيو ته ماڻهو حقيقي ٻڌ جي انهيءَ رهڻ واري جهان کان مٿي پهچي وڃي.
پهرين صدي عيسوي ۾ راجا ڪوشان جي زماني ۾، جڏهن چوٿين مجلس شاور (موجوده پشاور) ۾ ٿي، ته هاڻي بنيادي مذهب جي جاءِ تي هڪ قسم جو ڪليسائي مذهب قائم ٿي ويو هو. ٻڌ ڪهشت مارگ (اٺن رستن) جو عملي روح، ڀانت ڀانت جي رسمن پرستين ۽ وهمن ۾ گم ٿي ويو هو.
آخرڪار ٻڌ جا پيروڪار ٻن وڏن فرقن”هينيان“ ۽ ”مهايان“۾ ورهائجي ويا. هينيان فرقو ٻڌ جي شخصيت ۾ هڪ اڳواڻ ۽ معلم جي انساني شخصيت ڏسڻ گھري پيو. جڏهن ته مهايان فرقي کيس مڪمل طور تي انسانيت جي رباني سطح تي ممڪن بڻائي ڇڏيو هو ۽ ٻڌ مذهب جي پيروڪارن جي عام واٽ انهيءَ مهايان فرقي جي عقيدن واري ئي ٿي وئي. ٻئي پاسي هينيان فرقو خدا ۽ ڪائنات جي شين بابت يقين سان ڪجھه نه چئي سگھڻ واري نظريي (Agnosticsim) کان مهايان جي انڪار تائين پهچي ويو ۽ انهيءَ وڌيل انڪار، مطلق انڪار جي شڪل اختيار ڪري ورتي.
ان کانسواءِ هيءَ حقيقت به وسارڻ نه گھرجي ته ٻڌ جي ظاهر ٿيڻ وقت بت پرستي جون خرابيون پنهنجون پاڙون کپائي چڪيون هيون. بت پرستي پاڻ ئي حقيقت واري واٽ تي پهچڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي چڪي هئي. مهاتما ٻڌ انهيءَ رڪاوٽ کي رستي مان ختم ڪرڻ گھريو ۽ سمورو ڌيان زندگيءَ جي عملي ڪاميابي جي مسئلي تي ڌريو. انهيءَ صورتحال جو لازمي نتيجو اهو ٿيو ته برهمڻن جي خدا پرستي واري عقيدي کان انڪار ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو وڃي ته ڇوٽڪاري جي واٽ انهن معبودن جي پوڄا ۾ نه، پر حق جي علم ۽ حق تي عمل ڪرڻ ۾ آهي، يعني اشٽانگ مارگ (هشت مارگ) ۾ آهي، جن جو مقصد علم ۽ عمل جي پاڪائي حاصل ڪرڻ آهي. علم حق ٻاجھه، قرباني، هوس کان آزادي ۽ پنهنجي ذات پرستي کي ختم ڪرڻ آهي. تنهن هوندي به هن خدا، روح، عملن جي اثرن وغيره جي باري ۾ چپ اختيار ڪئي هئي، سا اصل ۾ ذات جي انڪار بابت نه هئي، پر صفتن بابت هئي. جڏهن ته صفتن جو انڪار هڪ اهڙي جاءِ آهي، جتي انساني فڪر ۽ زبان جون سموريون تعبيرون معطل ٿي وڃن ٿيون ۽ چپ رهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نٿو رهي.
قرآن ڪريم ۾ ذوالڪفل جي باري ۾ علامه الوسي، روح المعاني ۾ لکيو آهي ته اهو ڪپل دستور جو عربي بگاڙ آهي، جنهن جو مطلب مهاتما ٻڌ آهي. ڊاڪٽر محمد حميد الله پيرس واري، جامعه اسلاميه بهاولپور ۾ پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ ٻڌايو آهي ته سندس استاد مناظر احسن گيلاني کي هڪ معتبر ٻڌ عالم ٻڌايو آهي ته مهاتما ٻڌ کي جيڪو گيان (خدائي تجلي) حاصل ٿي هئي، ان وقت ٿي جڏهن پاڻ هڪ پراڻي انجير جي وڻ هيٺان ويٺو هو. عام طور تي انهيءَ کي بڙ جو وڻ ٻڌايو ويو آهي. ڪپل دستور ۽ ان جي ماٿري ۽ ان جي اوسي پاسي ۾، جنهن جون حدون صوبي بهار سان ملن ٿيون، انجير جا وڻ جھجھي تعداد ۾ موجود آهن. تنهن ڪري ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته سورت والتين ۾ تين جو جيڪو لفظ استعمال ٿيو آهي، سو اهو ئي وڻ آهي جنهن جي هيٺان مهاتما کي پنهنجي مراقبي دوران خدائي تجلي محسوس ٿي هئي. انهيءَ ڪري والتين جو مطلب مهاتما ٻڌ آهي، جڏهن ته زيتون جو مطلب حضرت عيسىؑ آهن جن زيتون جي جبل تي پنهنجو مشهور خطبو ڏنو هو. آيت جو ترجمو هينئن ٿيو ته مهاتما ٻڌ، حضرت عيسىؑ، حضرت موسىؑ ۽ محمد عربيﷺ جون شخصيتون، انهن جو فڪر ۽ ڪردار ان ڳالهه جو شاهد آهي ته انسان پنهنجي فطرت ۾ تمام ئي سهڻي بڻاوت آهي. اهو معاشرو (معاشري جي مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ سبب پيدا ٿيندڙ بداخلاقين جي ڪري) اسفل سافلين (تمام ئي هيٺائين) ۾ وڃي ڪريو آهي.
خدا ۽ انسان خود پنهنجي اڻ کٽ امڪانن ۽ تخليقي صلاحيتن جي ڪري هڪ ئي حقيقت جا ٻه پاسا آهن.
ايران جي زرتشت پيروڪار سائرس (ذوالقرنين) وانگر مهاتما ٻڌ جي پيروڪار اشوڪ اعظم به محبت، ڀائپي، برابري، امن ۽ نيڪي سان سينگاريل رياست قائم ڪئي، جنهن سان هندستان جي تاريخ جا پنا اڄ به چمڪي رهيا آهن.
حضرت رام چندر
پاڻ حضرت ڪرشن کان ڪيتريون ئي صديون پوءِ، اجوڌيا جي راجا دسرٿ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ عوام دوستي، محبت، امن ۽ انساني برابري جو وڏو حامي هئڻ سبب، جانشين بنجڻ واري رسم وقت درٻارين جي سازشن جو نشانو بڻيو ۽ چوڏهن سالن تائين جلاوطن ڪيو ويو. انهيءَ سازش ۾ سندس ويڳي ماءُ ڪيڪئي کي استعمال ڪيو ويو، پر ڪيڪئي جي سڳي پٽ ڀرت، تاج تخت تي پاڻ ويهڻ بدران حضرت رام چندر کي ويهاريو. چوڏهن سالن کان پوءِ پاڻ جڏهن واپس آيو ته انسان دوستي، امن، انصاف ۽ برابري جي اعلى اخلاقي قدرن تي پنهنجي حڪومت جو بنياد رکيو. ايستائين جو رام راڄ جو اصطلاح انهن ئي قدرن واري حڪومت جي لاءِ هڪ پهاڪو بڻجي ويو. خليفي عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ”اسلام کا نظریۂ حیات“ ۾ رام راڄ حڪومت جو مطلب خدائي (مرضي واري) حڪومت سڏيو آهي.
سندس الهامي ڪتاب ”رامائڻ“ اعلي اخلاقي قدرن ۽ هدايت ۽ نصيحت سان ڀريل آهي. افسوس آهي جو پاڪستان ۾ ان جو ڪوبه نسخو نه ملي سگھيو، جنهن مان سندس عظيم تعليم جي واقفيت لاءِ ڪي اقتباس ڏنا وڃن ها. دنيا جي ٻين مذهبن وانگر سندس مذهب ۾ به ڦير ڦار جي ذريعي اجايا ۽ غلط فڪر ملائي ڇڏيا ويا آهن.
حضرت مهاوير
پاڻ مڌ ديش (صوبي بهار) جي هڪ کشتري راجا جو پٽ هو. سندس نالو ورڌن مهاوير هو. سندس تعليم جو مقصد هي هو ته نيڪي۽ پرهيزگاري کي پنهنجائڻ، حرص ۽ نفساني خواهشن کان آزادي، دنيا ۽ ان جي نفساني لذتن سان دل نه لڳائڻ، گناهن جي خيال ڪرڻ کان به بچندو رهڻ، ڪنهن جاندار کي تڪليف نه پهچائڻ ۽ خيرات، سخاوت ۽ اڻ کٽ ٻاجھه سان دنياوي ۽ آخرت واري زندگي ۾ ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو آهي. ٻين لفظن ۾ ان جو مقصد پٺتي پيل معاشري جي هيٺئين طبقي جي عوام جي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي حالت کي سڌارڻ، انهن کي علم، خوشحالي، فڪر ۽ راءِ جي آزادي جا حق ڏيارڻ جا امڪان پيدا ڪرڻ هو. اهو ئي اهو فرض هو، جنهن کي حڪمت ۽ نبوت ئي پورو ڪندي آهي.
اصل ۾ مذهبن جا اهي مقدس باني، جيڪي آريائي ۽ زرد نسلن سان تعلق رکن ٿا، تن کي جيڪڏهن نبي نه به مڃيو وڃي، ته به قرآن ڪريم اهڙن جي تعليم جو مثال پيش ڪري ٿو، جن مان حضرت لقمان جو مثال پڻ ڏنو آهي. مفسرن جو وڏو تعداد انهن کي نبي يا پيغمبر نه مڃيو آهي، پر الله تعالى ان جي تعليم کي قرآن ۾ بيان ڪري ڇڏيو. اهو هڪ مثال آهي، جنهن سان اسان حضرت لقمان جهڙي تعليم رکندڙ کي پنهنجائي سگھون ٿا. اڄ حضرت ڪرشن، حضرت رام چندر، مهاتما ٻڌ، زرتشت، سقراط، ڪنفيوشس جهڙين شخصيتن جي مڃڻ وارا ڪروڙن جي تعداد ۾ آهن. تنهن ڪري انساني ٻڌي جي لاءِ لازمي آهي ته انهن جي تعليم کي پنهنجايو وڃي ۽ قرآن ڪريم سان ڀيٽيو وڃي. جيستائين معتبر عالمن جي راءِ آهي، ته اهي سمورا بزرگ نبي هئا، جيڪي پنهنجي پنهنجي امتن جي سڌاري لاءِ موڪليا ويا هئا. انهن جي تعليم اڄ به دينا ۾ موجود آهي. رڳو قرآن جي حڪم موجب حڪمت ۽ سهڻي نصيحت جي جذبي سان مطالعي جي ضرورت آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته پاڪ ڪتابن جو هڪ ئي وقت گڏيل مطالعو ڪيو ئي نه ويو آهي، جنهن ڪري مذهبي پيشوائيت ۾ فرق پيدا ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي. اڄ جيڪڏهن دنيا عالمي ڳوٺ بڻجي رهي آهي ته ان قسم جي مطالعي جي به سخت ضرورت پيش اچي رهي آهي ته جيئن دينن جي هيڪڙائي کي هڪ حقيقت بڻائي سگھجي، جيڪو انساني اتحاد ۽ ٻڌي جي لاءِ بنيادي شرط آهي.
حضرت زرتشت
حضرت زرتشت ايران جي صوبي آذربائيجان جي وسندي اروميه ۾ ڏيڍ هزار سال ق.م ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش سپي تا آما خاندان ۾ ٿي. ان وقت آريا خاندان ايران ۽ هندستان ۾ پکڙيل هو ۽ فطرت جي مظهرن جي پوڄا ڪندو هو. سندس ابا ڏاڏا آڳاٽي مجوسي مذهب سان تعلق رکندا هئا. سندس والد نبو مندر جو وڏو پوڄاري هو.
پاڻ خدائي توحيد ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگي جي عقيدي جي پرچار ڪيائون ۽ پٺتي پيل غريب عوام کي پڪ ڏياريائون ته آخر ڪار آهور امزد اهرمن تي سوڀارو ٿيندو. سندس تعليم جي مخالفت مجوس جي مذهبي پيشوائن، اميرن ۽ حڪمران طبقي شروع ڪري ڏني ۽ کيس ايذائڻ شروع ڪيو. سالن جا سال پرچار کان پوءِ جڏهن ماڻهن مان بد روحن جي پوڄا، ڦر مار، ويڙھ جھيڙي ۽ ٻين بد اخلاقين کي نه ڇڏيو ته پاڻ مايوس ٿي ڪري چيائون:
”مان ڪهڙي ملڪ هليو وڃان، ڪنهن پاسي وڃان. منهنجي مٽن مائٽن ۽ سردارن منهنجي ڳالهه ٻڌڻ به پسند نه ڪئي نه ئي ماڻهون مون ڏانهن ڌيان ڏين ٿا ۽ نه ئي ظالم حڪمران اهڙي حالت ۾ آهن. اي اهور امزدا مان تنهنجي رضا کي ڪيئن پورو ڪريان!؟“ (يسنا 42: 1-2)
زرتشت خدا کان پڇيو:
”اي اهور امزدا تنهنجي خدائي ڇا آهي؟ تنهنجي رضا ڇا آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ سان تنهنجو قرب ملي ٿو؟ جواب ملي ٿو ته تون منهنجي رضا غريبن ۽ پاڪ باز انسانن جي مدد ڪرڻ سان حاصل ڪري سگھين ٿو.“ (گاٿا انهود يناي 24-5)
”مان ظالم، ٺڳ ۽ مطلبي ماڻهن جي ڏنل لالچن کي به نه قبوليندس“. (آبان يشت)
پاڻ مذهبي پيشوائن کي ڳالهائيندي چون ٿا:
اي شيطانؤ! توهان پليت عقل جي فطرت مان ٺاهيا ويا آهيو. جيڪو به توهان جي فرمانبرداري ڪري ٿو، سو ظلم ۽ جهالت جي پوڄا ڪري ٿو“. (گاٿا 3:33)
پاڻ چيائين:
”اهو ماڻهو جيڪو خدائي آيتن جو انڪار ڪري ٿو، جيڪو هي چوي ٿو ته آسمان ۽ زمين کي ٻنهي اکين سان نه ڏسڻ گھرجي، هي اهو ماڻهو آهي، جيڪو شرارتي ماڻهن کي تحفا ڏئي ٿو
.... اهڙي قسم جا ماڻهو زندگيءَ جي نظام کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن. اِهي اُهي ئي آهن جيڪي مال ۽ دولت کي گڏ ڪندڙ مردن ۽ عورتن کي عزت ڀريو سمجھندا آهن. اهي ماڻهو اسان جي راھ ۾ رڪاوٽ آهن ۽ نيڪ ماڻهن جي دلين کي چڱائيءَ کان ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن“. (گاٿا 11:33)
پاڻ تاڪيد ڪيائون ته:
گمراهيءَ کي جتي به ڏسو، هر هٿيار سان ان جو مقابلو ڪريو. (گاٿا 18:31)
سندن تعليم سٺي ڳالهائڻ، سٺي خيال ۽ سٺي ڪردار جي اصولن تي آڌاريل آهي. مزدڪ ۽ دار يوش اول يعني سائرس جنهن کي قرآن ذوالقرنين سڏيو آهي، تنهن دين جا پاڻ مجدد هئا.
چوٿون ڀاڱو
يونان ۾ الله تعالى طرفان موڪليل سقراط
ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ”اسلام ڪا نظريه حيات“ ۾ چيو آهي ته مختلف تهذيبن پنهنجي مثالي انسان لاءِ مختلف لفظ استعمال ڪيا آهن. هندو انهن کي اوتار يا رشي سڏي ٿو، رواقين انهن کي حڪيمن جو نالو ڏين ٿا، اسرائيلي انهن کي نبين جو لقب ڏين ٿا ۽ يونان وارا خاص ڪري سقراط ۽ افلاطون کي فلاسافر طور سڃاڻن ٿا.
تنهن ڪري اقتباس موجب سقراط جي باري ۾ ٻن ڳالهين جي نشاندهي ضروري آهي. پهرين هيءَ ته سقراط به ايران جي زرتشت ۽ هندستان جي شري ڪرشن، رام چندر، مهاوير ۽ ٻڌ وانگر هڪ ديني اڳواڻ ۽ الله تعالى طرفان مقرر ڪيل هو. افلاطون جو ڪتاب ”اپالوجي فيڊو“ ۽ ”سمپوزيم“ مان ان جي خدائي الهام ڪيل هئڻ جو ثبوت ملي ٿو. جناب بي اي ڊار پنهنجي ڪتاب ”قديم حڪما ڪا فلسفه اخلاق“ ۽ منصور الحميد سقراط تي پنهنجي ڪتاب ۾ انهيءَ موضوع تي تفصيل سان روشني وڌي آهي.
سقراط جو ذهني سفر به حضرت ابراهيمؑ وانگر آفاق کان انفس (ڪائنات جي نظارن کان پنهنجي ذات) ڏانهن موٽي ٿو. ڇو جو يونان جي طبيعياتي فلاسافي جي مادي نظرين ۽ سوفسطائين جي اخلاقي اضافيت اخلاقي قدرن کي کوکلو ڪري ڇڏيو هو. خدا، روح ۽ ان جي بقا، مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ اخلاقي زندگي جي حقيقت ۽ اهميت آلين کان اوجهل ٿي وئي هئي.
اهو يوناني معاشرو، جنهن ڏانهن سقراط کي موڪليو ويو هو، ان جي بناوت ۾ امير، وچولو طبقو ۽ غلام شامل هئا. ثقافت، تهذيب ۽ علم تي مٿانهين طبقي جي دڪانداري هئي، غلامن جي محنت انهيءَ مٿانهين طبقي کي ادب، فن ۽ علم ۽ تهذيب ۾ حصو ڳنڍڻ لاءِ واندڪائي مهيا ڪندي هئي. انهيءَ معاشري ۾ ڪي ماڻهو ماديت ڏانهن لاڙو رکندڙ هئا، ڪي مشرڪاڻن عقيدن ۽ رسمن ۾ ڦاٿل هئا. اهي ماڻهو پنهنجي بداخلاقي لاءِ، ديوتائن جي غير اخلاقي زندگيءَ مان جواز حاصل ڪندا هئا. ڪي اهڙا هئا جن اخلاقي قدرن جي اضافيت سان روحاني زندگي کي برباد ڪري ڇڏيو هو. انهن سمورن عقلي ۽ ذهني ڪڌن ڌنڌن سان گڏوگڏ ايٿنز جي سياسي زندگي به تمام ئي زوال جو شڪار ٿي وئي هئي. اهڙي ماحول ۾ الله تعالى جي طرفان سقراط کي انهيءَ يوناني معاشري جي نئين سر اڏاوت جو ڪم حوالي ڪيو ويو. ان خدمت جي لاءِ سقراط به نبين سڳورن وانگر ڪا پگھار ڪونه گھرندو هو. اهڙيءَ طرح اپالوچي ۾ لکيل آهي:
”ياد رکو ته هي خدا آهي جنهن مون کي توهان جي شهر ۾ موڪليو آهي. جيڪڏهن توهان اهو سمجھو ٿا ته اها ذميواري مون پاڻ پنهنجي سر تي کنئي آهي ته توهان چڱي طرح سان سمجھي سگھو ٿا ته ڪوبه ماڻهو رڳو پنهنجي ذاتي لاڙي جي بنياد تي اهڙي وک وڌائي نٿو سگھي، جنهن سان سندس مفادن کي نقصان پهچندو هجي. مثال طور مون جڏهن کان پنهنجا فرض نڀائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين منهنجا سمورا معاملا بگڙي ويا آهن. مون پنهنجي سمورن ذاتي ڪمن کان بي پرواھ ٿي ڪري، پنهنجو سمورو وقت توهان کي هدايت واري واٽ ڏانهن اچڻ لاءِ ترغيب ڏيڻ تي کپائي ڇڏيو آهي. مون اها ذميواري هڪ وڏي ڀاءُ يا پيءُ جي حيثيت سان پوري ڪئي آهي. ڇا مون کي انهيءَ ڪم مان ڪو فائدو مليو آهي؟ ڇا مان انهيءَ پرچار جي لاءِ توهان کان ڪا پگھار گھران ٿو؟.“
(ص 31، بحوالہ قدیم حکماء کا فلسفہ اخلاق)
ٻئي ڳالهه جنهن تي روشني وجھڻ ضروري آهي، سا هي ته سقراط پنهنجي تبليغ جي خاص طريقي ڪار ۽ خاص سوالن وسيلي پنهنجي سامهون، مقابلي ۾ آيل جي ذهن کي بحث مباحثي جي مرڪزي موضوع ڏانهن آڻيندو هو. اها ڳالهه ٻولهه زندگي جي سمورن اجتماعي ۽ انفرادي پاسن تي آڌاريل هوندي هئي جنهن ۾ سياست، سائنس، جنگ، واپار، مذهب ۽ خاص ڪري اخلاقيات تي بحث ڪيو ويندو هو. سقراط جي چوگرد نوجوان عورتن ۽ مردن جو ميلو مچي ويندو هو، جيڪي سندس ڳالهه ٻولهه کي وڌي ڌيان سان ٻڌندا هئا. سقراط پنهنجي تبليغ جي خاص طريقيڪار سان علم جي دعوى ڪندڙ شهر جي علمي کوٽ کي وائکو ڪري، ڪيترن ئي حاڪمن، سردارن ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن کي پنهنجو دشمن ڪري ڇڏيو هو. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو انهيءَ استحصال پسند طبقي جي غلام بنائيندڙ رڪنن واري جمهوريت، سندس مٿان الزام لڳائي زهر پيئڻ جي سزا ڏئي مارائي ڇڏيو. سندس مٿان الزام هي هئا:
(1) هو قومي ديوتائن کي نٿو مڃي.
(2) هو پنهنجي هڪ ڌارئي خدا جو تصور پيش ڪري ٿو.
(3) هو نوجوانن کي گمراھ ڪري ٿو.
انهيءَ مٿانهين طبقي جي ناراضپي ۽ سقراط جي سخت مخالفت جو هڪ وڏو سبب هي به هو ته هو ڳالهه ٻولهه دوران عام زندگيءَ جو مثال ڏيندو هو ۽ ڊکڻن، موچين ۽ قاصائين سان ڀيٽ ڏيندي به نه مڙندو هو. هڪ مخالف تنگ ٿي کيس طعنو ٿو هڻي ته اوچن عقلي بحثن ۾ به توکي لوهرن ۽ موچين کانسواءِ ٻيو ڪجھه نٿو پيو سجھي. سقراط پنهنجي خاص طنز ڀرئي انداز سان جواب ڏئي ٿو ته ادا مون کي ته توتي ريس ٿي ٿئي جو زندگيءَ جي ننڍڙن معاملن مان واقف ٿيڻ کان اڳ ئي تون زندگيءَ جي اوچن ڳالهين کان واقف ٿي ويو آهين. مان ته اڃا تائين زندگيءَ جي ننڍڙن حقيقتن کي جاچي رهيو آهيان.
(داستان دانش، ص 75، از خليفو عبدالحڪيم)
انهيءَ عبارت مان، سقراط جي هيٺين طبقن جي زندگيءَ بابت اونهي مطالعي ۽ تمام گھڻي دلچسپي جو اظهار ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ طبقي جا نوجوان سندس پيروڪار هئا. قرآن ڪريم ۾ ٻڌايو ويو آهي:
إِنَّ اللَّهَ لَا يَسْتَحْيِي أَن يَضْرِبَ مَثَلًا مَّا بَعُوضَةً فَمَا فَوْقَهَا﴿البقرة: ٢٦﴾
ترجمو: ”الله مڇر ۽ اُن کان وڌيڪ جي مثال ڏيڻ کان حياء ئي نه ڪندوآھي.“
سقراط جي مرڻ کان پوءِ يونان پهريان سڪندر اعظم جي غلاميءَ ۾ آيو. ان کانپوءِ رومي بادشاهت جي ڌرتيءَ تي وڌ کان وڌ قبضي جي هوس ان کي هڪ صوبي جي حيثيت سان پنهنجي اندر ملائي ورتو. اهڙي طرح ايٿنز جو فلسفو ۽ حڪمت جيڪا تفريحي فنن (مصوري، موسيقي وغيره) ۽ سونهن جو هندورو هئي، سو ڌرتيءَ جي گولي سان سدائين لاءِ مِٽجي ويو. قرآن ڪريم هي هڪ عالمي اصول بيان ڪري ٿو:
وَمَا أَهْلَكْنَا مِن قَرْيَةٍ إِلَّا لَهَا مُنذِرُونَ(٢٠٨) ذِكْرَىٰ وَمَا كُنَّا ظَالِمِينَ (٢٠٩)
﴿الشعراء﴾
ترجمو: ”۽ اھڙي ڪنھن ڳوٺ کي ناس نه ڪيوسون جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نه) ھوا. نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نه ھواسون. “
تادل صاحبدل نامد بدرد ہیچ قومے را خدا رسوا نہ کرو
حضرت سقراط جي حالتن، سندس نبي هئڻ جي شاهدي ۽ عدالت ۾ پنهنجي مٿان لڳندڙ الزامن جي جواب ۾ سندس دليلن سان ڀريل تقرير کي ڄاڻڻ لاءِ جناب منصور الحميد جي ڪتاب ”سقراط“ ۽ جناب پي اي ڊار جي ڪتاب ”حکماء قدیم کا فلسفہ اخلاق“ مطالعو ڪرڻ گھرجن. هتي ڊيگھه جي خيال کان تمام ئي ٿورڙي بيان تي قناعت ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن موقعو مليو ته آريائي ۽ زرد قومن جي نبين جي حالتن ۽ تعليم تي تفصيلي ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪبي.
پنجون حصو
خدا طرفان مصر ڏانهن موڪليل بادشاهه آخن اتون
خدا طرفان موڪليل نبين ۽ حڪيمن جي تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو آهي جو موڪليل نبي پاڻ ئي ڪنهن ملڪ يا قبيلي جو حڪمران هو. اهڙن شخصيتن ۾ حضرت سليمانؑ، ايران جو دارا پهريون، سائرس ۽ هندستان جو اشوڪ اعظم ۽ حضرت رام ڪرشن جهڙا عظيم ۽ پاڪ فرد ملن ٿا.
انهن مان ڏيڍ هزار سال ق.م آمون هوٽپ چوٿون هڪ خدا طرفان موڪليل بادشاھ ٿي گذريو آهي. جيتوڻيڪ مصر ۾ پنج هزار سال ق.م ۾ خدائي توحيد جا تصور اچي چڪا هئا، جيڪي پڪ سان ڪن نبين سڳورن جي تعليم جو ئي نتيجو هوندا. ان سان گڏوگڏ ملڪ جون معاشي ۽ سياسي حالتون خراب ٿيڻ ڪري هڪ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ جي اچڻ جو تصور به موجود هو.
آمون هوٽپ چوٿين، جڏهن خدائي وحي جي روشنيءَ ۾، سڌارن جي شروعات ڪئي ته سڀ کان پهريان آمون جي شرڪ گاڏڙ نالي بدران خدا جو نئون نالو آتون تجويز ڪيو ويو، جيڪو آڳاٽي ٻولي ۾ روحاني سج لاءِ استعمال ٿيندو هو. انهيءَ نسبت سان هن پنهنجو نالو آخن آتون رکيو. هن حڪم ڏنو ته عبادتخانن ۾ آمون ۽ ان سان گڏ ٻين ديوتائن جي پوڄا بند ڪئي وڃي. جيئن ته بتن سان گڏ پوڄارين، منظم رسمن ۽ ديو داسين جو وڏو تعداد واڳيل هوندو آهي، تنهن ڪري سمورا مذهبي دڪاندار بادشاهي سرپرستي کان محروم ٿي ويا. ديوداسي جو ادارو، جيڪو هڪ منظم زناڪاري جو اڏو هو، ختم ڪيو ويو.
جيئن ته آخن آتون جي پيءُ آمون هوٽپ ٽئين جي دؤر ۾ مصري بادشاهت جون حدون اولهه ايشيا، يونان ۽ اوسي پاسي جي سمورن سامونڊي ڪنارن تائين پکڙجي چڪيون هيون، تنهن ڪري انهن سمورن ملڪن جي واپاري سلسلن ۾ پکيڙ سان گڏوگڏ سياسي هيڪڙائي به پيدا ٿي چڪي هئي. ائين مقامي مصري خدا جي تصور ۾ پکيڙ آئي ۽ هو رب العالمين سمجھيو وڃڻ لڳو.
آخن آتون جي مختلف مناجاتن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، آخن آتون ڪائنات جي هر ذري ۾ اڪيلي الله جو جلوو ڏٺو. ان ڪوشش ڪئي ته اهوعلم ۽ يقين سمورن ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو وڃي. هي زمين ۽ آسمان، جانور ۽ پکي، انسان ۽ حيوان، وڻ ۽ پاڻي سڀئي ڄڻ ته ان جي واکاڻ ۽ ساراھ جا ڍڪ ڀري رهيا آهن. هو پنهنجي سموري مخلوق لاءِ ماءُ ۽ پيءُ وانگر آهي. هو ئي انهن کي پيدا ڪري ٿو، انهن کي روزي ڏئي ٿو ۽ انهن کي هدايت ڏئي ٿو. سندس جلوو هر جاءِ تي ظاهر آهي.
(حکماء قدیم کا فلسفہ اخلاق، ص 490)
انهيءَ عظيم تبديلي جي اثر هيٺ آخن آتون مصر جي قومي نشان، جيڪو اهرام ۽ باز جي شڪل ۾ هو ۽ انهن جي خدا شمس آمون جي نمائندگي ڪندو هو، تنهن کي تبديل ڪرائي ڇڏيو. ان جي بدران اهڙو نشان تجويز ڪيو جيڪو مصر کان سواءِ ٻين قومن جي به نمائندگي ڪندو هجي. اهڙي طرح ان مقصد جي لاءِ سج کي هڪ پِڙَ جي شڪل ۾ بنايو، جنهن مان اڻڳڻيان ڪرڻا هيٺين پاسي نڪرن پيا ۽ هر ڪرڻو هڪ انساني هٿ ۾ ختم ٿئي پيو. ان جو مطلب هي هو ته هڪ مرڪزي طاقت مٿين جهان کان زميني جهان تي حڪومت ڪري ٿي ۽ سموري مخلوق ان جي قدرت ۽ ٻاجهه سان پلجي ٿي. (حکماء قدیم کا فلسفہ اخلاق، ص 487)
پر بدقسمتي سان هي انقلاب مصر جي سر زمين ۾ مستقل طور پنهنجا پير ڄمائي نه سگھيو ۽ تمام ئي جلد مختلف پاسن کان سندس خلاف بغاوتون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون، جن کي اڀارڻ ۾ مذهبي پيشوائن جو وڏو هٿ هو. ڪجھه ئي سالن ۾ رجعت پسند قوتن آخن آتون کي زهر ڏي ماري ڇڏيو ۽ سندس ساٿين کي به ختم ڪري ڇڏيو ويو. انهيءَ نئين توحيدي دين جي جاءِ تي، ساڳئي قديم آمون ديوتا جي پوڄا ٻيهر ٿيڻ لڳي. شرڪ آميز رسمون واپس اچي ويون ۽ ديوداسين تي آڌاريل منظم زناڪاري جو اڏو ٻيهر قائم ٿي ويو.
ڇهون ڀاڱو: زرد نسل جا عظيم سڌارڪ
چين ۾ خدا جو موڪليل ڪنفوشس
ڪنفوشس جو دؤر ڇهين صدي ق.م آهي ۽ اهو ئي دؤر يونان جي سقراط ۽ هندستان جي ورڌن مهاوير ۽ گوتم ٻڌ جو به آهي. انهيءَ ڪري انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه ساڳي ئي آهي جيڪا انهيءَ دؤر جي مذهبي حالتن جي ڪري اڀري هئي، سا هيءَ ته انهن سمورن سڌارڪن خدا، مرڻ کان پوءِ واري زندگي، روح جي بقا جهڙن طبيعيات کان مٿانهن عقيدن جي باريڪين کي بيان ڪرڻ بدران، انسان جي اخلاقي ۽ معاشرتي زندگي، سلامتي ۽ صحت مندي کي ترجيح ڏني آهي. انهن سببن تي ورڌن مهاوير ۽ گوتم ٻڌ تي ڏنل وضاحتي نوٽ ۾ وضاحت سان بيان ٿي چڪو آهي.
ڪنفوشس جون حالتون ۽ تعليم جو گھرائيءَ سان مطالعو ان ڳالهه جي چٽائي ڪري ٿو ته، بنا ڪنهن شڪ ۽ گمان جي ان کي به وحي ۽ الهام سان نوازيو ويو هو. وحي جي ئي روشني ۾ هن پنهنجي اخلاقي نظام جا اصول جوڙيا هئا. ائين ڪنفوشس چو آهي ته:
”پندرنهن سالن جي عمر ۾ مون کي علم جو شوق پيدا ٿيو. ويهن سالن جي عمر ۾ پچي ويو هئس ۽ چاليهن سالن جي عمر ۾ منهنجي دل هر قسم جي شڪن شبهن کان پاڪ ٿي وئي. پنجاهين سال مون کي خدا جي حڪم جي خبر پئي. سٺ سالن جي ڄمار ۾ منهنجا ڪن حقيقت ۽ سچائي جي آواز تي لبيڪ چوڻ لاءِ هر گھڙي تيار رهندا هئا. ستر سالن جي عمر ۾ مان پنهنجي دل جي هر خواهش تي، بنا ڪجھه ڪڇڻ جي عمل ڪرڻ تي لاڙو رکان پيون، ڇو جو هاڻي مون کان اهڙو ڪوبه عمل ٿي نٿي سگهيو، جيڪو اخلاقي قدرن جي منافي هجي. (حکماء قدیم کا فلسفہ اخلاق، ص 4)
انهيءَ اقتباس تي ليکڪ لکيو آهي ته:
”انهيءَ ننڍڙي بيان سان گھٽ ۾ گھٽ ايتري وضاحت ضرور ٿئي ٿي ته ڪنفوشس ٻين آڳاٽن سڌارڪن وانگر الهام ۽ وحي سان نوازيو ويو آهي ۽ ان جي ئي روشني ۾ هن پنهنجا اخلاقي اصول جوڙيا، جيڪي انهيءَ قوم جي لاءِ واٽ جي لاٽ جو ڪم ڏيندا رهيا آهن.“ (ايضاً)
ڪنفوشس جنهن چيني معاشري ڏانهن موڪليو ويو هو، تنهن جي حالت هيءَ هئي ته جڏهن ڪنفوشس پيدا ٿيو هو، ان وقت چين ۾ ’چو‘ خاندان حڪومت ڪندو هو. مرڪزي حڪومت جي ڪمزوريءَ سبب ملڪ مختلف نيم خود مختيار رياستن ۾ ورهايل هو. هر رياست ٻئي سان جنگ ۾ جٽيل هئي ۽ اهڙي طرح عوام جي حالت به بلڪل ئي رحم جوڳي هئي. مسلسل ۽ لڳاتار هلندڙ جنگين جي ڪري سڄي ملڪ جي اقتصادي حالت بگڙجي چڪي هئي ۽ قوم جا سردار پنهنجي عياشين ۽ مستين ۾ مست هئا. جاگيرداري نظام، جيڪو ڪڏهن ’چو‘ خاندان جي طاقت جو سبب هو، هاڻي سلطنت ۽ عوام کي ظلم ۽ استحصال جي ٻن پڙن ۾ چٿي رهيو هو. قديم روايتون ۽ اخلاقي قدر پنهنجي اهميت وڃائي چڪا هئا. ماڻهن وٽ نه ڪو زندگيءَ جو نظريو هو ۽ نه ئي ڪو اصول، جنهن جي روشني ۾ اهي پنهنجي بدحالي کي سنواري سگھن. اهڙين بڇڙين حالتن ۾ ڪنفوشس معاشري جي سڌاري جي لاءِ سندرو ٻڌو.
(حکماء قدیم کا فلسفہ اخلاق، ص 7)
استحصالي ۽ مٿانها طبقا مذهبي پيشوائن سان ملي حالتن کي ڪيترو جلد ۽ ڪيتري حد تائين خراب ڪري ڇڏن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي لاءِ الله تعالى طرفان موڪليل انسانن جي تعليم کي مِٽائي ڇڏن ٿا، ان جو اندازو ان ڳالهه مان ٿئي ٿو ته ڪنفوشس جي مشهور شاگرد مينشس، جنهن کي چيني ٻوليءَ ۾ حڪيم منگ چون ٿا، جي دؤر جي باري ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن مينشس جوان ٿيو ته چين جون حالتون تمام گھڻيون بگڙي چڪيون هيون. گھرو ويڙھ ملڪ ۾ پريشاني ۽ مالي بحران پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن به ماڻهو جي زندگي محفوظ نه هئي. امير غريبن جو رت چوسي عياشين ۾ مست هو ۽ غريب لنگھڻ ڪاٽڻ ڪري بيحال ٿي رهيو هو.
(حکماء قدیم کا فلسفہ اخلاق، ص 29)