سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ذوالفقار ڪانڌڙي جي 10 ڪھاڻين تي مشتمل مجموعو ”دريءَ وٽ بيٺل ھڪ ڇوڪري“ اوھان اڳيان پيش آھي. طارق قريشي لکي ٿو:
”ذوالفقار ڪانڌڙي جي ڪھاڻين جا خوبصورت جملا، نواڻ رکن ٿا. ذوالفقار وٽ لکڻ وقت، ھميشہ داخليت موجود رھي ٿي، ان ڪري سندس ھر ڪھاڻيءَ جو مُک ڪردار ذھني اوک ڊوک، ڪشمڪشي ولوڙ، اندر جي اپٽار ۾ مصروف رھي ٿو.“
ھي ڪتاب 1996ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ذوالفقار ڪانڌڙي جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي