منهنجو ملائشيا جي هن چيني آبادي جي گھڻائيءَ واري رياست ڏانهن وڃڻ جو ذريعو منهنجي گھرواري جو ريسرچ پيپر هو جيڪو پنانگ رياست جي يونيورسٽي سائنس ملائشيا جي لائبريري سائنس بابت ڪانفرنس ۾ پڙهڻ لاءِ منظور ٿيو هو، ڪانفرنس پنانگ جي وسٽان هوٽل ۾ رکيل هئي، 2 آگسٽ کان 3 آگسٽ تائين. ان لاءِ آءٌ هڪ هفتو پهرن پنهنجي دوست ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ليڪچرار سيد فيصل شاه کي فون ڪئي جيڪو پنانگ ۾ يونيورسٽي سائنس ملائشيا ۾ هيڪ، سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي پڙهي رهيو آهي. ان جي مشوري تي جارج ٽائون ۾ آن لائين هوٽل به بڪ ڪرايو، ته وري ٽرين بجاءِ نائيس ڪوچ ۾ سيٽون به بڪ ڪرائي ڇڏيون. بس جي بڪنگ easybook.com تان ڪئي ۽ هوٽل جي بڪنگ Trivago.com تان سرچ ڪئي پر ڪئي ڪون ۽ فون نمبر نوٽ ڪري هوٽل وارن سان ڳالهائي ڇڏيو. وسٽان هوٽل جيئن ته پرڀرو هيو ۽ تاريخي جارج ٽائون کان پري هيو ان ڪري جارج ٽائون ۾ رهڻ سان گھمڻ ڦرڻ ۾ آساني ٿي ۽ هوٽل جو ڪرايو به سستو پيو نه ته هوٽل وسٽان ۾ 300 کان مٿي فيملي ديلڪس روم پئي مليو جيڪو هن هوٽل ۾ 150 ۾ مليو، بڪنگ ڪرڻ دوران خيال آيو ته الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي جت جر وهي ٿو جال ان ۾ پنانگ ۾ رهڻ دوران ڪنهن هوٽل جو ذڪر ڪيو هو، ڪتاب کڻي ڏٺم ته هوٽل اورينٽل هو پر مون جيئن ته بڪنگ ڪري ڇڏي هئي سو وڌيڪ ان بابت معلوم ڪونه ڪيم، البته مون کي هوٽل ملائشيا نالي به سر چنگ ڪرڻ دوران وڻيون جيڪو به هن هوٽل اورينٽل جي ڀرسان ئي هو پر اهو به مهانگو هو، تقريباَ فيملي ڊيلڪس رو۾ جا 225 رنگٽ هئا. مون هوٽل جي ٽائمس ان وارن کي فون ڪري، روم 150 رنگٽ ۾ رِزَرو ڪرائي ڇڏيو. ڪانفرنس کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ شام 30:6 بجي واري ڪوچ ۾ ڪي ايل سينٽرل کان نڪتاسين ۽ تقريباَ 11:30بجي ڌاري رات جو سنگائي نبونگ پنانگ جي بس اسٽاپ تي پهتاسين. ڪوچ انتهائي بهترين هئي ايئر ڪنڊيشن سان گڏوگڏ ايل سي ڊي به هئي جنهن جو فائدو اهو ٿيو ته حسنين ڪارٽون مووي ڏسندي ننڊ پئجي ويو ۽ سفر ۾ تنگ ڪونه ڪيائين. ڪوچ مان لهڻ سان ٽيڪسي وارن تي نظر پئي، انهن جو اسٽاپ به اتي ئي هو، هڪ ٽيڪسي واري وڌي اچي ٽيڪسي لاءِ چيو، آءٌ پهرين ته ان ڏانهن ڌيان نه ڏنو ۽ پنهجو سامان ڪوچ مان لاهي هيٺ رکيو، ٿورو هيڏانهن هوڏانن نهاريو مون سوچيو ٻيا ٽيڪسي وارا به اچي پڇندا پوءِ جنهن ڪرايو گھٽ چيو ان سان ويندس پر مزي جي ڳالهه سواءِ ان هڪ ٽيڪسي واري جي ٻئي ڪنهن به اچي ڪونه چيو ته اچو منهنجيءَ ٽيڪسي ۾ ويهو. پوءِ سمجهي ويس ته نمبر وار ٽيڪسي نڪري ٿي، ان ڪري ان ماڻهو کان ڪرايو پڇيم هوٽل جي ٽائيمس ان جارج ٽائون وڪٽوريا اسٽريٽ وڃڻ لاءِ ته انتهائي معودبانه انداز ۾ ڪرائي جي ريٽ لسٽ ڏيکاريائين، جنهن ۾ جارج ٽائون جو ڪرايو 35 رنگٽ لکيل هيو، ۽ چيائين ته هوٽل جي پوري ايڊريس لکيل آهي ته پڙهايون. مون هوٽل جي ايڊريس ۽ فون نمبر پني تي لکي ڇڏيو هو ۽ موبائل ۾ به اسڪرين تي سيو ڪري اسٽريٽ ڪري وري چيائين اوڪي. مون کيس ها ڪري ٽيڪسي ڇڏي هئي، سو پنو ڪڍي ڏيکاريمانس ته چيائين ٺيڪ آهي، وڪٽوريا ۾ سامان رکڻ لاءِ ڊگي کولڻ جو چيو ائين 20 کان 25 منٽ جي سفر کان پوءِ جارج ٽائون ۾ هوٽل جي ٽائيمس ان ۾ پهتاسين. ٽيڪسي واري لهڻ سان سامان پاڻ کنيو ۽ هوٽل ۾ اندر هلي سامان رکي پوءِ نڪتو، سندس انگريزي ته تمام بهترين هئي پر لهجو به تمام بهترين هئس، ويندي ڪارڊ به ڏنائين، ته جي گھمڻ لاءِ ٽيڪسي کپي ته رابطو ڪري سگهو ٿا.
پنانگ جي پل
پنانگ ملائشيا جي تاريخي ۽ خوبصورت رياست آهي، جنهن جو اڌ حصو پورو ٻيٽ آهي ۽ باقي اڌ حصو ملائشيا جي باقي رياستن سان زميني طرح ڳنڍيل آهي. جڏهن ته ٻيٽ وارو حصو جتي تاريخي شهر جارج ٽائون به آهي ته وري هتان جي يونيورسٽي سائنس ملائشيا به آهي. اهو حصو سمنڊ جي مٿان پل ٺاهي باقي ملائشيا سان ڳنڍيو ويو آهي، جيڪا پل 1984ع ۾ 13 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي مشتمل هئي ۽ دنيا جي پهرين ٽن وڏين پلن ۾ جيڪي سمنڊ جي مٿان ٺهيل آهن، شمار هئي. پر هاڻي هڪ ٻي شاندار پل ٺاهي ويئي آهي، جيڪا 24 ڪلوميٽر سمنڊ جي مٿان ڊگھي هجڻ باوجود به دنيا جي تقريباَ 26 نمبر ڊگھي پل سمجهي وڃي ٿي، جو هاڻي دنيا ۾ سمنڊ مٿان سوين پلون ٺهي چڪون آهن جن مان ڪجهه ته سوين ڪلوميٽرن تي به آهن جيئن چائنا جي ڊيناڪش گرانڊ پل Danayang-kunshan grand bridge جيڪا 164.8 ڪلو ميٽر آهي، چائنا جي صوبي جيانگسو ۾ واقع آهي، حالانڪه هي پل سموري سمنڊ تي نه آهي پر درياءَ، ڍنڍون، نديون، پهاڙ ۽ کڏن، ڳوٺن يا شهرن مٿان گذري ٿي، هن پل تي ريلوي لائين وڇايل آهي ۽ ريل ٽريڪ لاءِ استعمال ۾ اچي ٿي. ائين دنيا جي ٻي وڏي پل تائيوان ۾ آهي، جنهن جي ڊيگهه 157 ڪلوميٽر تي آهي، ائين ٽي، چوٿين ۽ پنجين نمبر وڏيون برجز سڀ جون سڀ چائنا ۾ آهن ۽ سڀ هاءِ اسپيڊ ريلوي ٽريڪ طور استعمال هيٺ آهن البت 6 نمبر وڏي برج ٿائلينڊ ۾ آهي، جيڪا موٽروي طور ٺهيل آهي جنهن جي ڊيگھ آهي پر هي ڪنهن سمنڊ مٿان نه پر نيشنل هاءِ وي مٿان ايڪسپريس هاءِ وي طور ٺهيل آهي، ائين سڌي سنئين سمنڊ مٿان ٺهيل وڏي ۾ وڏي ڊيگھ واري پل جيانگزو بي برج آهي، جنهن جي لمبائي 42.4 ڪلو ميٽر آهي جيڪا چائنا جي چندائو شهر کي سندس سب اربن شهر هنگدائو سان ڳنڍي ٿي ۽ دنيا جي سمنڊ پاڻي مٿان وڏي ۾ وڏي برج سمجهي وڃي ٿي ۽ روڊ طور استعمال ٿئي ٿي. اتفاق سان هي چندائو شهر مان گھمي آيو آهيان، جنهن جو احوال انشاءَ الله چائنا جي سفرنامي ۾ ڪبو. ائين ملائشيا جي هي سمنڊ مٿان ٺهيل پل به ٽاپ 10 ۾ ضرور اچي ٿي، ان کان علاوه سعودي عرب ۽ بحرين کي ڳنڍيندڙ ڪنگ فهد ڪازوي پل به اهم آهي، جنهن جي ڊيگهه 25 ڪلوميٽر آهي، بهرحال ملائشيا گورنمينٽ کي داد رسي ڏيڻ کان رهجي نٿو سگھجي، جو هنن ته 80 جي ڏهاڪي ۾ به دنيا جي چند بهترين سمنڊ مٿان پلن مان هڪ ملائشيا ۾ به ٺاهي ويئي، ۽ هاڻي به ضرورت مطابق ٺاهيندا اچن. هن پل تان گذرڻ جو نظارو به دلفريب آهي، ان پلن کان علاوه پنانگ جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ فيري به هلي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو سان گڏ گاڏين کي به کڻي سمنڊ پار ڪرايو وڃي ٿو، پنانگ رياست جو نالو پنانگ به هتي عام ملندڙ وڻ پنانگ جي نالي تي رکيل آهي، جيئن ملاڪا رياست جو نالو به ملاڪا وڻ جي پٺيان آهي. پنانگ ۾ اسان بٽرورٿ بس اسٽاپ تي لهون ها، جيڪو پنانگ جي زميني پاسي تي آهي اهو اسان جي رهائش واري هوٽل جارج ٽائون کي بلڪل ويجهو هو جو وچ ۾ فيري ذريعي 15 منٽن ۾ تقريباَ هڪ رنگٽ 20 سينٽ جي ڪرائي سان جارج ٽائون پهچائي ها، پر مون سوچيو دير سوير فيري جي ٽائمنگ جي به خبر نه آهي ٻيو پريشان نه ٿئي، جو وري رات بس مان لهي سمنڊ جو سفر ۾ پريشاني نه ٿي، ان ڪري مون سوچيو سڌو سنگائي نبونگ کان ٽيڪسي ڪري وينداسين هوٽل. حالانڪه اها خبر هوٽل تي رهائش کان پوءِ پئي ته فيري جو اسٽاپ اسان جي هوٽل جي پويان ئي آهي جو اسان جو هوٽل سمنڊ جي ڀرسان ئي هيو، مزي جي ڳالهه ته هوٽل جي پويان روڊ ڪراس ڪري وري بس اسٽاپ هو جتان سڄي پنانگ شهر ۾ هلندڙ نه صرف بسن جو اڏو هو پر ٽيڪسي اسٽينڊ به هو ته وري سمنڊ مان هلندڙ ڦيري به اتان پئي هلي.
پنانگ فيري
ٽئين ڏينهن جارج ٽائون مان واڪ ڪندي ڦيري واري جيٽي پهتاسين، شام جا پوڻا ست ٿي رهيا هيا، ماڻهن جي پيهه لڳي پئي هئي مون عابده کي چيو هل ته ڦيري ۾ چڪر ڏيئي اچو 15 منٽ جو سفر آهي وري ساڳي ئي ۾ موٽي اينداسين، بيٺل ماڻهن مان هڪ کان پڇا ڪئي ته ٽڪيٽ ڪٿان ملندي ته خبر پئي ته هن پاسي ڏانهن مفت ۾ آهي، باقي ٻئي پاسي کان ٽڪيٽ ٿيندي آهي. مفت ۾ فيري ۾ چڙهڻ جو ڄڻ ڊبل مزو آيو، سج لهڻ مهل جي خوبصورت منظر ۾ ڦيري آئي، جنهن مان پهرين ماڻهو لٿا پوءِ گاڏيون جن لاءِ الڳ الڳ رستا هئا، اهي نڪتيون، اسين چڙهڻ وارا ماڻهن جي لاءِ الڳ وچ ۾ انتظار ڪرڻ جي جڳهه هئي تقريبن هزار جي قريب ماڻهو هوندا ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون، ائين فيري جڏهن خالي ٿي ته اسان لاءِ گيٽ کليو مون سمجهو ويهڻ جي جاءِ به ڪونه ملندي جو سوين ماڻهو اسان جي اڳيان هئا پر جڏهن ڦيري ۾ گھڙياسين ته ڏٺم ماڻهو ويهندا به ويا پئي پر گھڻا پاسن کان بيهندا به پئي ويا. وري وچ ۾ ڪجهه ڪارون به اچي بيٺيون، اسان فيري ۾ گھڙڻ سان سڌو آخري حصي جيڪو بلڪل کليل هيو ۽ جتان سمنڊ صاف نظر اچي رهيو هو بس لوهي ننڍي گيٽ ذريعي اهو حصو بند هو ان جي ڀرسان ئي 4 ماڻهن جي ويهڻ جي بينچ لڳل هئي جنهن تي هڪ نوجوان ويهي چڪو هو، اتي ويهي رهياسين، پر عابده ويهڻ سان چيو آءٌ ته بيهان ٿي سامهون مون چيو ٺيڪ آهي، مان ٻار ٿو سنڀاليان. ايتري ۾ هڪ پوڙهو چيني منڊڪائيندو لڪڻ جي آسري اچي رهيو هو، مون چيو هن کي جڳهه ڏجي، مون کيس ويهڻ جو اشارو ڪري پاڻ اٿڻ جي ڪئي ته پوڙهي چيني يڪدم ڪنڌ لوڏي نه ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ ڄڻ هلڻ ۾ تڪڙو ٿيو ته سامهون فيري وٽ بيهڻ جي جاءِ تي ڪو ٻيو نه بيهي رهي. مون دل ۾ چيو واه هي همراه به بيهي سمنڊ جا نظارا ڪندو ڀلا آءٌ ئي ويهندس ڇا! ٻارن کي اٿاري عابده سان گڏ بيهي رهيس کيس رباب ڏنم سنڀالڻ لاءِ باقي حسنين ته تيز هوا لڳڻ جي خوشي ۾ ماپي ئي نه پيو، سو پاڻ ئي بيهي رهيو. ڦيري کي 30 کان 35 منٽ لڳا ٻئي پاسي پهچڻ تي جيئن ته اسان سڀ کان اڳيان بيٺا هياسين ۽ اسان کي لهڻو به نه هو تنهنڪري پاسي تي ٿي بيهي رهياسين ته جيئن ماڻهو ۽ گاڏيون هليون وڃن پر وري خيال آيو ته پڇا ڪريان ٽڪيٽ وٺڻ ضروري آهي، ٻيو اها ئي ڦيري واپس ٿيندي الائي ڪا ٻي، تنهنڪري اتي بيٺل ڦيري لنگر سان لڳائيندڙ همراه جنهن لوهي گيٽ به کولي ته جيئن ماڻهو نڪري وڃن، ان کان پڇيم، چيائين ته ٽڪيٽ وٺي اچو، هي فيري ئي واپس هلندي سو تڪڙو فيري مان لهي سامهون ئي بيٺل ماڻهن جي پويان ٽڪيٽ ڪائونٽر تان ٽڪيٽ ورتي، جيڪا 1 رنگٽ ۽ 20 سينٽ ۾ ملي. مون آخري ڦيري جو ٽائيم به پڇا ڪيو ته چيائين هڪ بجي تائين . مون عابده کي چيو تون هروڀرو پئي پريشان نه ٿيءُ، هي ته رات هڪ بجي تائين هلي ٿي. تون 7 بجي ئي آخري پئي سمجهي.
واپسي ۾ ساڳي ڦيري 15 منٽ ۾ پهچايائين. حالانڪه مون کي اسپيڊ جو فرق ته سمجهه ۾ نه آيو پوءِ خبر نه آهي هوا جي رخ شايد مٽيو جو جلدي پهتاسين، فيري جي سفر ۽ سمنڊ جي خوبصورت روشني سان ڀرپور ڪناري، ٿڌي هوا ۽ سمنڊ ۾ بيٺل جهازن ڪناري تي ٺهيل جڳهن ۽ خصوصاَ سمنڊ مٿان ٺهيل پل جي نظاري مزو ڏيئي ڇڏيو. پوءِ خبر ناهي ته اها پل جيڪا روشنين سان ڀرپور هئي، اها 1985ع واري ٺهيل پراڻي پل هئي، جنهن جي ڊيگھ ان وقت 13 ڪلوميٽر هجڻ باوجود به دنيا جي ٽيون نمبر وڏين پلين ۾ شامل هئي يا نئين 2014ع واري ٺهيل پل، جنهن جي ڊيگھ 24 ڪلو ميٽر آهي، حقيقت ۾ ڦيري جي هن سفر مزو ڏيئي ڇڏيو، پنانگ ۾ هي اسان جو ٽيون ڏينهن هو ۽ سڀاڻي تي نڪرڻو هو، پهرين ڏينهن ته سفر ڪندا بلڪ پهرين رات اچي ڄڻ ننڊ ڪئي هئيسين، جو پهتا ئي رات جو 11 کان پوءِ هياسين، ٻئي ڏينهن صبح جو سوير عابده ڪانفرنس لاءِ نڪري ويئي باقي ٻار ۽ مان سمهي رهياسين. پهرين اسان جو اهو خيال هيو ته سوير اٿي ٻار تيار ڪري عابده سان گڏ وينداسين ڪانفرنس واري هوٽل، کيس ڇڏي اينداسين ۽ ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ به وٺڻ وينداسين پر هڪ ته پنانگ ۾ رات پهچڻ سان ڄڻ شهر مان نئين ماڻهو وارو ڊپ ختم ٿي ويو هيو، نيٽ تي معلومات کان علاوه دوستن سان ڳالهه ٻولهه ۽ شهر سياحن سان ڀرپور هجڻ جي خبرن ڪري مون سوچيو عابده پاڻ ٽيڪسي ڪري هلي وڃي. ائين آءٌ چوڻ وارو هيس ته عابده چيو ٻارن کي آرام ڪرڻ ڏي، مان پاڻ هلي ٿي وڃان. ائين هن ٽيڪسي ۾ ويهڻ سان فون ڪيو ۽ هوٽل پهچي ڪانفرنس حال ۾ ويهي به فون ڪيو، ان دوران سندس پاران ٽيڪسي جو نمبر به واٽس اپ تي موڪليائين. خير عابده وري شام جو 6 بجي ڌارا هوٽل ته واپس اچي ويئي. اسين جيئن ته هوٽل ٻاهران ئي ويٺا، سندس انتظار ڪري رهيا هياسين ته گاڏي واري اسان جي ڀرسان ئي گاڏي بيهاري سلام به ڪيو ۽ عابده لٿي نه صرف ٻار خوش ٿيا. هو پاڻ به خوش ۾ نه پئي ماپي، جو هو ڪانفرنس اٽينڊ ڪري پيپر پڙهي آئي هئي ته ان جي خوشي به هئي. عابده ٻڌايو ته صبح ٽيڪسي وارو به تامل هو ۽ واپسي ۾به تامل هو، ٻئي سٺا هئا. هي ويچارو ته هوٽل پهچڻ لاءِ رستو سوچي رهيو هو ته مون ٻڌايومانس ته هن طرف هلو، جيڪو غلط رستي تي وٺي وڃي انڊين اسٽريٽ جو نڪتو، پر اتان هن پنهنجي ڪنهن تامل دڪاندار کان پڇا ڪيو ته ان ٻڌايس ته آرام سان اچي ويو پر جيين لٽل انڊيا مان نڪتو ته مون کي به رستو سمجهه ۾ اچي ويو هو ۽ آءٌ ئي گاڏي واري کي هت وٺي آئي آهيان. مون چيو وڏي ڳالهه آهي، سلام آ تنهنجي اعتماد کي، رات اچڻ سان سڄو رستو توکي ياد اچي ويو. جنهن تي مون کيس سندس بچين جي سندس پاران ٻڌايل ڳالهه ياد ڏياري، جيڪا هن ٻڌائي هتي ته سندس گھر ڀرسان پيپسي وارن جي فيڪٽري هئي. هڪ ڏينهن اسڪول ٽوئر تي استاد سڀني ٻارن کي فيڪٽري وٺي پئي ويا، بس جي ڊرائيور چيو ته مون کي رستي جي خبر نه آهي، فيڪٽري ڪهڙي پاسي کان آهي ته يڪدم مون چيو هو ته مس مون کي خبر آهي اسان جي گھر جي ڀرسان آهي. ائين بس واري کي غلط روڊ تي وٺي ويئي هئي سو سندس اعتماد اڃان به ساڳيو ڏسي مزو آيو. بهرحال سفر جو ٻيو ڏينهن عابده ڪانفرنس ۾ گذاريو ۽ مان ٻارن سان گڏ جارج ٽائون گھمي. جارج ٽائون ۾ڪافي مندر ڏٺا، سمنڊ جو ڪنارو ڏٺو، مسجد ڪيمپرن ڪلينگ ڏٺي ائين ٻارن کي ناشتو پوءِ لنچ به ڪرايو.
پنانگ ۾ ٽئين ڏينهن گھمڻ جو موڊ ٺاهيو جو عابده چيو اڄ ڪانفرنس ۾ ڪونه ويندس، جو پنهجو پيپر به پڙهي آئي هئي، هڪ سڄو ڏينهن اتي هئي چيائين بس اڄ ڀلي گھمجي، سو هوٽل مان نڪري هوٽل جي پٺيان واري گھٽي ورتي جتان تاريخي جڳهون ڏسندا وري اچي لٽل انڊيا پهتاسين جتان گھمندا مسجد ڪيپٽن ڪلينگ پهتاسين. هن مسجد جي مينار تي پاڪستاني جهنڊو به لڳل هو. هڪ انڊين هوٽل تي ناشتو ڪيوسين جنهن ۾ روٽي چنائي آمليٽ ۽ تهه تاري (چانهه) ملائشيا جي مشهور چانهه پيتي.
هوپ آن اينڊ آف بس Hop-On & Hop- Off
ٽوئرسٽ بس ۾ چڙهڻ جو سوچيو پر جيئن ته اسٽاپ جي هڪ ته خبر نه هئي ٻيو منهجو خيال هو ته ٽوئرسٽ بس تي پهرين اسٽاپ کان ئي ويهجي. سو ٽيڪسي ڪري اچي هوپ آن ۽ آف جي پهرين اسٽاپ پهتاسين، مزي جي ڳالهه هي ٽيڪسي ڊرائيور به انڊين سائوٿ سائيڊ جو هو. شهر جي باري ۾ ٻڌايو ته چينين جي گھڻائي آهي، زمين گھٽ هجڻ ڪري مهانگو آهي، منهجي گھر پنانگ جي ٻئي پاسي آهي، مون جڏهن هتي ٽرين نه هجڻ جو سبب پڇيومانس ته چيائين وفاقي حڪومت ۽ پنانگ جي حڪومت ۾ اختلاف هجڻ ڪري انٽر سٽي ٽرين جو پراجيڪٽ نه ٿي سگھيو آهي جو وفاقي حڪومت دلچسپي نه ٿي وٺي. مون چيو هتي وڏا وڏا پراجيڪٽ ته وفاقي حڪومت جي مدد سان آهن چيائين ها ڊاڪٽر مهاتير جو دؤر جا آهن هاڻي پسند ناپسند هلي ٿي. خير ائين اسان کان به پئي پڇيائين ته ملائشيا ڪيئن لڳو، هتي گھمڻ آيا آهيو يا رهندڙ آهيو، جو هن سمجهيو همراه کي خبرون ڪافي آهن، شايد ان ڪري پڇيائين ته هتي رهندڙ آهيو ڇا. مون کيس ٻڌايو ته هتي جي اسلامڪ يونيورسٽي ڪولالمپور جا شاگرد آهيو ته خوش پئي ٿيو، خير اسان هوپ آ نه ۽ آف بس جي اسٽوڊنٽ ٽڪيٽ ۾ چڙهياسين جو اسان کي ٽڪيٽ 23 رنگٽ ۾ پئي ۽ ٻن ٽڪيٽن جا 46 رنگٽ ڏناسين نه ته ٽڪيٽ 45 رنگٽ جي هئي ۽ 90 رنگٽ ڏيڻا پون هان پر ٻئي شاگرد هجڻ ۽ ٻارن جو ننڍو هجڻ ڪري ٽڪيٽ نه وٺڻي پئي سو 46 رنگٽ ۾ 24 ڪلاڪ لاءِ ٽڪيٽ ملي، بس ۾ 15 کان 20 ماڻهو چڙهيا جن ۾ اڪثريت يورپين جي هئي ۽ ڪجهه چائنيز ۽ اسان، بس جيئن ته ڊبل اسٽوريڊ هئي ۽ مٿيون حصو اڌ بند ۽ اڳيون اڌ حصو کليل بغير ڇت جي، سو پهتين ته اسان مٿي اي سي واري حصي ۾ ويٺاسين پوءِ نڪري ڪري کليل سيٽن واري حصي ۾ ويٺاسين جو جهڙالي موسم هجڻ ۽ هوا لڳڻ ڪري مزو پئي آيو ٻيو شهر کي بس جي ڇت تان ڏسڻ جو مزو به واه جو هو، روڊ رستا بهترين ٺهيل ته وري وڻڪاري سان گڏ تاريخي جڳهون به ته وري ڪٿان سمنڊ جو ڪنارو ته وري ڪٿي پهاڙي تي وڏا وڏا وڻ ۽ ساوڪ. پهرين اسٽاپ جتان چڙهياسين سمنڊ ڪناري هو ان اسٽاپ جو نالو گرني ڊرائيو آهي، جيڪو ملائشيا جي هاءِ ڪمشنر سر هينري گرني جي نالي تي رکيو ويو آهي، جتي گرني پلازه آهي، بلڪل کليل ڪشادو علائقو، هڪ پاسي کان سمنڊ ڪناري سان ٺهيل واڪنگ ٽريڪ ٻئي پاسي ڏانهن شهر ۽ وڏيون عمارتون، مون کي هتي پهچي ٿڌي هوا جو احساس ٿيو، نه ته ٻارن کي گھمائيندي جارج ٽائون ۾ گرمي وٺي ويئي هئي. پنانگ گھمڻ لاءِ هن بس کان وڌيڪ ڪو وڌيڪ سٺو آپشن هوندو ته پنهنجي گاڏي هوندي يا وري ڪنهن دوست جي گاڏي، جيڪو به جي رستن تان واقف هجي، نه ته، هي بس سڀ کان بهتر آپشن آهي، جو بس ٻن حصن کي ڪور ڪري تي هڪ سٽي روٽ ٻيو بيچ روٽ. ۽ ٻئي بسون هن گرني ڊرائيو اسٽاپ ته اچي بيهن ٿيون پوءِ ٽوئرسٽ مرضي سان جنهن ۾ پهرين چڙهن. ائين اسان سٽي روٽ واري بس ۾ چڙهياسين جنهن جا 13 مختلف اسٽاپ هئا، جن جا نالا هن ريت آهن، گرني ڊرائيو، باٽنيڪل گارڊن. پنانگ هل اسٽيشن ۽ پنانگ هل ڏانهن ويندڙ ٽرين، ڪيڪ لاڪسي مندر، ٽائم اسڪوائر، ڪومتار، چوراستا، يونيسڪو هيريٽيج، ڪلين جيٽيز، ڪروز، سينٽ جارج، بلو مينسن، ڪيلاوي. جيڪي مختلف گھمڻ وارين جڳهن جي نسبت سان آهن. جيئن هي پهريو اسٽاپ سمنڊ ڪناري ئي مزي وارو هو ۽ بس ملڻ جي جڳهه. سو اسان ته گرني ڊرائيو جي پهرين اسٽاپ وٽ بس ۾ مٿي چڙهي ڦوٽو ڪڍياسين، پوءِ ويهي رهياسين. 10 کان 15 منٽ بعد باٽنيڪل گارڊن آيو، جيڪو ٻيو اسٽاپ هو هڪ خوبصورت باغيچو جتي ڀولڙا گھمندي نظر پئي آيا، وچ ۾ پاڻي جو ڦوهارو هو، هي گارڊن تمام وڏو هو بس اندر هلي واپس ٿي، ڪجهه ماڻهو لٿا پر اسان جو پروگرام پنانگ هل گھمڻ جو هو، سو ويٺا رهياسين. جيڪو هن کان پوءِ اچڻو هو رستي ۾ مسجد نگري پنانگ به آئي، جيڪا ڇا ته خوبصورتي سان ٺاهي ويئي هئي. ملائشيا جي هر اسٽيٽ ۾ اسٽيٽ مسجد هجي ٿي جنهن جي خوبصورتي ۽ ڪشادگي نرالي هجي ٿي، ائين ڪولالمپور ۾ مسجد نگارا آهي جيڪا ملڪي جي قومي مسجد آهي ائين هر اسٽيٽ جي پنهنجي مسجد هجي ٿئي ٿي، جنهن کي اسٽيٽ حڪومت جي وڏي مسجد ۽ سڃاڻپ سمجهيو وڃي ٿو، پوءِ وري پنانگ هل وارو اسٽاپ آيو جتي اسين لهي ڪري پنانگ هل ٽرين لاءِ ٽڪيٽ ڪائونٽر طرف هلياسين.