شاعري

دل جي وال تان

جي ايم لاڙڪ بنيادي طور ھڪ رومانوي شاعر آھي. سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ھلندڙ دور جا ڀڙڪندڙ موضوع، استعارا، تشبيھون ۽ مثال موجود آھن.. جي ايم لاڙڪ زندگيءَ ۾ مشڪلن کي منھن ڏيندي جيئندو رھيو آھي،  اھا غربت، ڏُک ۽ اڄ جي سنڌ جا درد،  نظمن جو روپ وٺي سندس شاعريءَ جا موضوع بڻيا آھن. سندس بنھ مختصر ترين نظم بہ انيڪ اڇوتن خيالن سان ڀريل آھن.
Title Cover of book دل جي وال تان

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر ۽ تخليقڪار جي ايم لاڙڪ جي نثري نظمن جو مجموعو ”دل جي وال تان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
جي ايم لاڙڪ بنيادي طور ھڪ رومانوي شاعر آھي. سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ھلندڙ دور جا ڀڙڪندڙ موضوع، استعارا، تشبيھون ۽ مثال موجود آھن.. جي ايم لاڙڪ زندگيءَ ۾ مشڪلن کي منھن ڏيندي جيئندو رھيو آھي،  اھا غربت، ڏُک ۽ اڄ جي سنڌ جا درد،  نظمن جو روپ وٺي سندس شاعريءَ جا موضوع بڻيا آھن. سندس بنھ مختصر ترين نظم بہ انيڪ اڇوتن خيالن سان ڀريل آھن.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ ريکائون پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي جي ايم لاڙڪ جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي.  



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com