سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند جي ليکڪ ڪشور لالواڻي جي ستن ايڪانڪي ناٽڪن تي ٻڌل ڪتاب ”واندو واسوُ“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ڪشور لالواڻي ناٽڪن جو ماھر، ڪلا جو ڌڻي، لڳاتار گھرو اڀياسي، ناٽڪن سان وفادار ۽ جڙيل رھندڙ آھي. سندس يارھن ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ 9 ايڪانڪي ناٽڪن جا مجموعا (8 سنڌي ۽ ھڪ ھندي) آھن.
هي ڪتاب اسڪين ڪمپيوٽرس احمدآباد، ڀارت پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ڪشور لالواڻيءَ جا جنھن ھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي