سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران اسلم سنديلي جو ٻاراڻي ادب جي سلسلي ۾ لکيل ڪتاب ”سچل سرمست“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب جو مقصد اسان جي سنڌي ٻارن کي سچل سرمست جھڙي آفاقي شاعر ۽ شخصيت بابت ڄاڻ ڏيڻ آھي. ڪتاب ۾ سچل سرمست جي وڏڙن، پيدائش، ابتدائي زندگيءَ جي ڄاڻ، تعليم ۽ تربيت، تصوف ۽ وحدت واري فڪر جي ڄاڻ، سچل جي دور م سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن، سچل جي ڪلام، سچل سرمست جي سوانح نگارن ۽ سچل سرمست جي لاڏاڻي سميت ٻيا موضوع شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران 1990ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي