
سنڌ جا سونھان شاھ – سچل
حميد سنڌيءَ پنھنجي ھن ڪتاب ۾ شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ ۽ سُرن تي تحقيقي مقالا ۽ تاثرات گهڻي چاھت ۽ محنت سان لکيا آھن. ڪتاب ۾ شاھ لطيف جي سُر سامونڊي، سارنگ، بلاول، ڪاموڏ، گهاتو، ڪاپائتي، بروو سنڌي، کاھوڙي، ڪارايل، مارئي ۽ ليلا چنيسر جو فڪري اڀياس پيش ڪيو آھي. ڪتاب ۾ سچ سرمست جي شاعريءَ ۽ فڪر بابت 8 مقالا شامل آھن.