لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لاٿَمِ ڪَسُ قَلوُبَ تان

کيمن يوُ. موُلاڻيءَ جو هي مجموعو تنقيدي رچنائن جو ڳٽڪو آهي، جيڪو کوج ۽ چڪاس، بلڪ ائين چوڻ گهرجي تہ گھري کوج ۽ تپاس کان پوءِ ئي لکيو ويو آهي. ڪن ٿورين تنقيدن کي ڇڏي باقي سڀ الڳ الڳ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا آهن ۽ اهو بخوبي ظاهر آهي تہ ليکڪ ڪيترن ئي ڪتابن کي اٿلائڻ کان پوءِ ئي پنھنجن نتيجن تي پھتو آهي. هتي شامل چوڏهـَنِ تنقيدي ڪاوشن مان پنج غزل سان وابستہ آهن.

  • 4.5/5.0
  • 77
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book لاٿَمِ ڪَسُ  قَلوُبَ تان

ارپنا

ارپيم
سرڳواسي پوُج ماتا صاحب شريمتي لڇمي ٻائي
۽
سرڳواسي پوُج پتا صاحب شري اُڏيرنومل موُلاڻيءَ
کي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڀوپال ھند جي نامياري شاعر ۽ محقق کيمن يو. مولاڻي جي لکيل تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن جو مجموعو ”لاٿَمِ ڪَسُ قَلوُبَ تان“ اوهان اڳيان پيش آهي. واسديو موھي لکي ٿو:
”کيمن يوُ. موُلاڻيءَ جو هي مجموعو تنقيدي رچنائن جو ڳٽڪو آهي، جيڪو کوج ۽ چڪاس، بلڪ ائين چوڻ گهرجي تہ گھري کوج ۽ تپاس کان پوءِ ئي لکيو ويو آهي. ڪن ٿورين تنقيدن کي ڇڏي باقي سڀ الڳ الڳ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا آهن ۽ اهو بخوبي ظاهر آهي تہ ليکڪ ڪيترن ئي ڪتابن کي اٿلائڻ کان پوءِ ئي پنھنجن نتيجن تي پھتو آهي. هتي شامل چوڏهـَنِ تنقيدي ڪاوشن مان پنج غزل سان وابستہ آهن.“
ھي ڪتاب اَمت پرڪاشن ڀوپال، ھندستان پاران 2022ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون کيمن يوُ، موُلاڻي جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪـَس لاٿل رچنائون

اڪثر اسين ادب ۾ افسانوي ۽ شاعراڻه تخليقن طرف ڌيان ڏيندا آهيون، رچنا به ان ادب جي ڪندا آهيون، شايد اسين پنهنجي ڪنهن ڪلپنا جڳت ۾ ئي ٽهلڻ چاهيندا آهيون، فرضي ماحول هوندي به اسان کي اهو آنند دائي لڳندو آهي، ٻوليءَ جا ڪيترا اڻ ڇهيل روپ ان مان ليئا پائيندا آهن، جيڪي تازگي بخشڻ سان گڏ ٻوليءَ جي شبد ڀنڊار کي سـَٻـَر ُ ڪرڻ جو احساس به ڏيندا آهن. ان جي برعڪس، مضمون-غير افسانوي ادب جي هڪ سگهاري صنف-پنهنجو بنياد ٺوس حقيقتن تي اڏيندا آهن، ان ۾ ان افسانوي يا شاعراڻه ساهتيه واري ڪلپنا جو دخل نه هوندو آهي، جيتوڻيڪ تخليقيت انهن ۾ به موجود هوندي آهي. کوج ۽ چڪاس مضمونن جي خاص ڪري تنقيدي رچنائن جي بنيادي تقاضا هوندي آهي. کيمن يوُ. موُلاڻيءَ جو هي مجموعو تنقيدي رچنائن جو ئي ڳٽڪو آهي، جيڪو کوج ۽ چڪاس، بلڪ ائين چوڻ گهرجي ته گهري کوج ۽ تپاس کان پوءِ ئي لکيو ويو آهي. ڪن ٿورين تنقيدن کي ڇڏي باقي سڀ الڳ الڳ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا آهن ۽ اهو بخوبي ظاهر آهي ته ليکڪ ڪيترن ئي ڪتابن کي اٿلائڻ کان پوءِ ئي پنهنجن نتيجن تي پهتو آهي.
هتي شامل چوڏهـَنِ تنقيدي ڪاوشن مان پنج غزل سان وابسته آهن. کيمن خود به هڪ پختو غزلگو شاعر آهي. هن پنهنجي شخصي آزمودي ۽ سوُجهه جو انهن مقالن ۾ ڀرپور استعمال ڪيو آهي ۽ دل کي آئڙن اهڙيون جاچنائون ڪيون آهن. مثال طور هو نارايڻ شيام ۽ سڳن آهوجا لاءِ صحيح ٿو چوي ته انهن شروعاتي دؤر ۾ فن ۽ فڪر ذريعي روايتي غزل کي وستار ڏنو، بيان جي طرز ۾ ڦيرو آندو ۽ ان کي نون پيچرن تي آندو، ته هنن روايتي غزل جي زمين تي ئي نئين ڀاو ٻوڌ جو اظهار ڪيو. البت، مقالي جي آخرين پئرا ۾ بعد جديد غزل نسبت کيمن جي ان جاچنا سان سهمت ٿيڻ ڏکيو آهي ته ان جي تقاضا لائوُڊ هئڻ آهي. نه، بعد جديد غزل ان جي ابتڙ بلڪل سانت نوع وارو آهي، ان جو سانت نوع ئي گهڻو ڪجهه چوڻ جي سگهه رکي ٿو، جنهن کي خود کيمن به مڃي ٿو ته اهو گونگو ڪونهي.
مجموعي جو ٻيون مقالو غزل ۾ سنڌيپڻي جي فنڪارانه اظهار جي چڪاس ڪري ٿو. هن ۾ کيمن سنڌيپڻو ڪنهن کي ٿو چيو وڃي سمجهائڻ بعد بلڪل سجاڳيءِ سان مقالي جي تقاضا کي پنهنجي نظر کان دوُر نه ڪندي فن جي حولاي ۾ به مثالن جي اوک ڊوک ڪئي آهي. هر مثال مان سنڌيپڻي سان گڏ اظهار جو فن به ظاهر ٿي ٿو بيهي، اها هن مقالي جي ڪاميابي آهي. وشيه کي وسعت ڏيندي، کيمن سنڌي پڻي جي حوالي ۾ سورمين کي به شامل ڪيو آهي ۽ هر سوُرميءَ سان وابسته ڪنهن نه ڪنهن شعر کي ڪوٽ ڪيو آهي، جنهن مان، جيئن مون اڳ چيو ته پيشڪش جو فن به جهلڪي ٿو:
اُس جي قيمت پڇ سسئيءَ کان
جنهن جي رات رڻن ۾ پيئي.
( نارايڻ شيام)
غزل تي ٻيا تنقيدي ليک گوورڌن شرما “ گهايل”، لڇمڻ دُبي ۽ واسديو موهيءَ جي غزل تي باريڪ نظرثاني آهن، انهن ۾ به کيمن پنهنجي ڳالهه کي خوبصورت مثالن ذريعي گهري پين سان ليڪيو آهي ۽ پنهنجن مشاهدن کي واضع ڪيو آهي جئن : لڇمڻ دُبي واري ليک ۾ هڪ هنڌ هو چوي ٿو ته ‘ غزلگو شاعر لاءِ لفظن جي تلاش ۽ تراش ڪرڻ لازمي آهي. تراشيل لفظن ۾ سنويدنا هئڻ به ضروري آهي.’ بلڪل سچ آهي ته سنويدنا کان سواءِ ته رچنا صرف لفاظي ٿي پوندي. ساڳيءَ طرح گوورڌن شرما واري ليک ۾ کيمن پختگيءَ سان پرولي ۽ اشاري ۾ فرق سمجهائيندي لکيو آهي ته ‘غزل کي پرولي بڻائڻ وارا شاعر اڪثر چوندا آهن ته اهو نئون غزل آهي. ڪي وري ان کي تغزل چئي پنهنجي دل کي خوش ڪندا آهن. پر اهو صحيح نٿو لڳي.’ ان کان پوءِ هوُ صاف چوي ٿو ته گوورڌن شرما جا غزل ان عيب کان آجا آهن. اها جائز جاچنا آهي. اهڙيءَ طرح واسديو موهيءَ جي غزل تي به هن جهيڻي نظر وڌي آهي.
تيرٿ بسنت جي ڪوتا جي اوک ڊوک ڪرڻ لاءِ ڏسجي ته کيمن ڏکي راهه جي چونڊ ڪئي آهي. هن تيرٿ بسنت جي ڪوتائن کي جدا جدا رسن ۽ صنعتن جي حوالي ۾ پرکيو آهي. هو سنسڪرت جي ڪن ودوانن جي ويچارن کي ڪوٽ ڪندي پنهنجي ڳالهه کي اڳيان وڌائي ٿو ۽ چوي ٿوته ويچارن مان پيدا ٿيل ڪوتا ۾ الڳ الڳ رس هوندو آهي. تنهن کان پوءِ رسن جي آڌار تي تيرٿ بسنت جي ڪوتائن کي بيهاري انهن جي درجا بندي (Classification ( ڪئي آهي جا، چئي سگهجي ٿو ته هن جي سوُجهه ٻوُجهه واري ڇنڊڇاڻ جي ضامن آهي. رسن سان گڏ کيمن تيرٿ بسنت جي ڪوتائن ۾ استعمال ڪيل صنعتن جي به نشاندهي ڪندو اڳيان وڌي ٿو. سڄو ليک، روايتي حدبندين اندر هوندي به ڪوتا جي شڪتين کي پرکڻ جي صلاحيت ڀري ڪوشش آهي:
هي نرمل جل
بلور جهڙو صاف سيتل
لڳي ٿو خوردبين ۾
جيوڙن سان ڳتيل،
جي رام ليلا گرائونڊ تي
انبوهه جيان پيا چـُرنِ
جل-بلور جهڙو صاف، ان اندر جيوڙا- انبوهه: چئي سگهجي ٿو ته هي نڪور تشبيهون آهن.
نئين ڪوتا تي ليک ۾ کيمن ڪوتا لاءِ چئن تتن کي اهم مڃيو آهي جي آهن: انڀو/انڀوتي، ڪلپنا، ويچار ۽ اظهار. هي اهڙا تت آهن جيڪي ڪنهن به رچنا سان لاڳو ڪري سگهجن ٿا، هروڀرو نئين ڪوتا سان ڇو. باوجود ان جي کيمن سان اتي ته سهمت ٿي سگهجي ٿو ته نئين ڪوتا ٺلهي بيان بازي ڪانهي ۽ نه وري ڪا نعريبازي. نئين ڪوتا، شاعريءَ جي سگهاري صنف آهي ان کي ڪنهن به نموني هلڪڙائيءَ سان کڻي نٿو سگهجي. هر ڪوي پنهنجي وقار مطابق ان کي قد بخشي ٿو.
تنهن کان پوءِ جي ٽن الڳ الڳ مضمونن ۾ لڇمڻ ڪومل جي ترجمان طور صلاحيتن کي ڳڻائيندي، گيتانجليءَ جي سنڌي ترجمن جو ذڪر ڪندي بيوس ۽ سندس شاگردن تي رويندرناٿ ٽئگور جي اثر جي ڳالهه ڪندي، اڳتي وڌي کيمن پوين ٻن ڏهاڪن ۾ ٻال ڪوتائن جي اوسر جو پوريءَ طرح جائزو وٺي ٿو ۽ ٻال ڪوتائن جي ڪـُل ُ ورهاست ڪري انهن جو ڇيد ڪيو آهي، جو ان جي اڀياس جا ترورا پيش ڪري ٿو. هوُ خود به ٻال رچنائون ڪندڙ آهي ان ڪري وشيه کي هن پوري اعتماد سان نڀايو آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ هن ٽن بزرگ شاعرن – کيئلداس فاني، سدارنگاني خادم ۽ شيخ اياز- جي رچنائن کي کنيو آهي جن جي جاچنائن ۾ به هن، شاعرن جي سگهارين ڪـُنڊن کي اجاگر ڪيو آهي، جنهن مان کيمن جي شاعراڻي نظر جي باريڪي ظاهر ٿئي ٿي. فانيءَ جي منظرڪشيءَ واري عناصر کي هو هن رچنا ذريعي ظاهر ڪري ٿو:
پرهه ڦٽيءَ جو صبح سويرو
سج کي هو ڪڪرن جو گهيرو
ماڪ اگهيو گـُل َ جو منهن ميرو
پوئين سٽ کي ليڪ مون پاتي آهي، ‘ گـُل جو منهن ميرو’ جو فقرو سچ پچ ڪلپنا جي ڪيترين ئي حدن کي پار ڪري ٿو وڃي. کيمن، سدارنگاڻي خادم جو ذڪر ڪندي بلڪل درست ٿو چوي ته انڀون مان پيدا ٿيل سنويدنا شاعر جي من ۾ ڇٽپٽاهٽ پيدا ڪندي آهي ۽ ڪوي ٻوليءَ جي فني استعمال ذريعي اها پاٺڪن تائين پهچائيندو آهي، جنهن جا ڪي مثال هن ڪوٽ ڪيا آهن. شيخ اياز جي سنڌ نسبت رچنائن کي کيمن سخاوت سان ڪوٽ ڪيو آهي ۽ سنڌ لاءِ اياز جي جذبي کي جوڳو مان ڏنو آهي.
کيمن جي هنن مضمونن يا تنقيدي ليکن جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي هن جي وشين طرف جانبداري پر پنهنجن راين ۾ بي ريائي. هن جنهن به وشيه تي لکيو آهي، ان جو اونهو اڀياس ڪيو آهي، جنهن سبب هو ڪنهن به رچنا کي خوردبينيءَ هيٺان رکي ان جي هر جهيڻي رچاو کي چڪاسي سگهيو آهي ۽ رچناڪارن کي سندن رچنائن جي آڌار تي پرکيو آهي، پنهنجين اکين تي ڪنهن به قسم جو چشمو چاڙهي رچنائن/ رچناڪارن کي ڪنهن رنگ جي گهيري اندرنه آندو آهي. هن جون جاچنائون ان ڪري واڌوُ معنى خيز آهن، ۽ هن جي نقاد لاءِ واڌوُ مرتبو حاصل ڪري ٿيون وٺن. شايد ان ڪري هنن ليکن تي هن جي وهايل پسيني جون بوندون مون کي موتين کان گهٽ ڪونه لڳيون آهن.

-واسديو موهي

ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي غزل

غزل شاعريءَ جو هڪ فارم آهي. غزل سولي ۾ سولي ۽ ڏکئي ۾ ڏکي صنف- سخن آهي. پر ان کي سولو سمجهي سنڌيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻو غزل لکيو ويو آهي ۽ اڃا به لکجي رهيو آهي. در حقيقت ان ڪٽر صنف-سخن ۾ گهرگهلائپ کي ڪا جڳهه ڪانهي. پختي بندش ۽ تغزل )غزليت ) ئي غزل کي غزل بڻائيندا آهن. هند خواهه سنڌ ۾ انهن تي اڪثر گهٽ ڌيان ڏنو ٿو وڃي. اهڙي غزل مان گيت ليئا پائيندو نظر ايندو آهي.
غزل بنيادي طرح عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. جنهن جو مطلب آهي محبوبا سان عشق محبت جون ڳالهيون ڪرڻ. صدين تائين سنڌي غزل جو اهو ئي موضوع رهيو. ناز ۽ نياز جي ڪيفيتن، حسن ۽ عشق جي ڳالهين کي نرم ۽ شيرين لفظن ۾ بيان ڪيو ويندو هو. اهي آزي نيازيءَ ۽ ڏک ڏوراپي وارا بيان دل تي اثر ڇڏيندڙ ته هوندا هئا، پر منجهن ڏاڍو دهراءُ هوندو هو. هالانڪ ان وقت غزل جا نيم پوريءَ طرح نڀايا ويندا هئا. ائين ته نٿو چئي سگهجي ته هاڻي رومان غزل ۾ڪونهي، ڇاڪاڻ ته عشق محبت انسان جي فطرت ۾ سمايل آهي. پر اڄ سنڌي غزل جي فن ۽ فڪر ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي.
منهنجي خيال ۾ دوهو غزل جو اوائلي روپ آهي. غزل دوهي جي تمام ويجهو آهي. جيڪڏهن يُتيءَ جي ڳالهه کي پاسيرو رکي ڇڏجي ته غزل جو مطلع بلڪل دوهي وانگر ٿئي ٿو جنهن جو قافيه ٻنهي مصراعن جي آخر ۾ اچي ٿو ۽ غزل جا ٻيا سڀ شعر مقطع سميت بيت (يعني دوهي ۽ سورٺي جي ميل مان تيار ڪيل سنڌي بيت) وانگر ٿين ٿا. بيت جي ٻين مصراع هم قافيه ڪري سگهجي ٿي. هڪ ٻي ڳالهه به چوڻ چاهيان ٿو ته جيئن وائيءَ ۾ وراڻي ٿيندي آهي تيئن غزل ۾ به ڊگهو رديف استعمال ڪيو وڃي ٿو. رديف بندش کي پختو بڻائيندو آهي. سنڌ جي ڪن اديبن جو چوڻ آهي ته وائي غزل جو آڳاٽو روپ آهي ۽ غزل وائيءَ مان پيدا ٿيو آهي. ڪجهه به هجي پر منهنجي خيال ۾ اهي سڀ ڳالهيون تحقيق گهرن ٿيون.
ڪن جو چوڻ آهي ته غزل ‘غزالا ’ لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنى آهي ڌاڳو ڪَتَڻُ يا نوڙي وَٽَڻُ. غزل ۾ به مصراعن کي ڌاڳي وانگر ڪتڻو ۽ نوڙيءَ وانگروٽڻو پوي ٿو. ڏٺو وڃي ته غزل ۾ به ٻن مصراعن ۾ آيل لفظن کي جڏهن ڌاڳي وانگر ڪَتي يا نوڙيءَ وانگر وَٽي حشو لفظن کي ڪڍجي ٿو، جئن گهرگهلائپ نه اچي، تڏهن وڃي غزل جو اهو بند شاندار بڻجي ٿو.
ٻيو هڪ لفظ آهي ‘غزال’ جنهن کي انگريزيءَ ۾ Gazelle چوندا آهن. ان جي معنى آهي هرڻي. غزل ڀلي ان لفظ مان نه به نڪتو هجي، پر ان لفظ جو غزل سان واسطو ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته غزلگو شاعر لاءِ خيال کي هرڻيءَ وانگر ڇلانگون ڏيارڻ ضروري هوندو آهي. جنهن کي ڪي جمپنگ چون ٿا.
غزل ڀلي کڻي يارهن صديون اڳ ريگستاني ڌرتيءَ تي عربي ٻج مان ڦٽو هجي، پر اهو فارسي ويس وڳي سان صوفي درويشن سان گڏ تيرهين صديءَ ڌاري اچي سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهتو. ان کان پوءِ غزل ڪلهوڙن جي حڪومت واري دؤر يعني ارڙهين صديءَ ۾ سنڌي ويس وڳو پاتو، پر رنگ وري به عربي فارسي گاڏڙ سنڌي هوس. سبب اهو هو جو ڪلهوڙن جي دؤر ۾ فارسي سرڪاري ٻولي هئي. چوڻي به هئي ته ‘فارسي گهوڙي چاڙهسي’. ان وقت شاعر گهڻي ڀاڱي درٻاري هوندا هئا، ان ڪري حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ فارسي ٻوليءَ جا لفظ غزلن ۾ ٽُنبيندا هئا. اهو سلسلو پوءِ به ڪافي وقت تائين رهيو. پوءِ ڌيري ڌيري گهٽجندو ويو ۽ ان جي جاءِ سنڌي ٻولي وٺندي ويئي. شروعاتي د‍ؤر ۾ غزلگو شاعرن جو فن، فڪر، امنگ، اڌما ۽ احساس به فارسي شاعريءَ کان متاثر رهيا. هر شاعر جو ذهني رَوَيو لڳ ڀڳ ساڳيو رهيو ۽ اهي گل، بلبل، سعياد، ساقي، مئخانو، شمع ۽ پرواني جهڙا اڪيچار لفظ غزل ۾ دهرائيندا رهيا، جن جو عام سنڌيءَ ۽ ان جي حالتن سان ڪو سڌو واسطو ڪونه هوندو هو. انهن تفصيلن ۾ نه وڃي ڀارت ۾ سنڌي غزل جي اپٽار ڪجي.
ڀارت جي ورهاڱي وقت ڪيترا اهڙا شاعر به سنڌ مان لڏي آيا جيڪي سنڌ ۾ غزل لکندا هئا جهڙوڪ ليکرج ڪشنچند ‘عزيز’، هوندراج ‘دکايل’، پرسرام ‘ضيا’، هرومل سدارانگاڻي ‘خادم’، کيئل داس بيگواڻي ‘فاني’، ارجن ‘شاد’، پرڀوُ ڇڳاڻي ‘وفا’ ۽ هري ‘دلگير’ وغيرهه پر انهن جو لاڙو به رومانوي غزل طرف هو. ورهاڱي کان پوءِ به غزل ۾ عربي فارسي لفظن جو استعمال وڌيڪ ٿيندو هو. مثال َ ڏسو :
آزمايا غمزا جو ڪارين اکين،
پيو حوس ۾ پارسائيءَ جو دماغ.
( ليکراج عزيز )
بيخودي اڄ عشق جي ظاهر پشيماني بڻي،
خوامخواهه الجهن اندر جي آ پريشاني بڻي.
( هوندراج ‘دکايل’ )
رقيبن کي راحت مون کي رنج ڏين،
اها آهي ڪهڙي عدالت مٺا.
( هرو مل سدارنگاڻي ‘خادم’ )
ان کان پوءِ عربي فارسي لفظن جو استعمال ڌيري ڌيري گهٽجندو ويو، پر موضوع وري به ساڳيو عشق محبت وارو ئي رهيو.
هن ڏسي مون کي دري ٻوٽي ڇڏي،
پر وِٿِيُن مان ويهي واجهائڻ لڳي.
( پرڀو ڇڳاڻي ‘وفا’ )
ڀارت جو ورهاڱو هڪ اهڙو قهري واقعو هو، جنهن سنڌين جي سماجي ۽ مالي حالتن کي نقصان رسايو. ثقافت، تعليم، ادب، ڪلا وغيرهه سڀ ڊانواڊول ٿي ويا. ڳوٺ، شهر، گهر، مڪان، زمينون، ڄميل ڌنڌا، ننڍپڻ جا يار دوست، نوڪريون سڀ ڇڏائجي ويا. اهو سڀ ڏسي هرڪو وائڙو هو. ڪنهن کي به اهو ڪونه ٿي سمجهه ۾ آيو ته آخر اوچتو هيءُ ڇا ٿي ويو.
پکي وڻ ڇڏي ڇو اچانڪ اُڏاڻا،
ڇڏي ماڳ پنهنجو وڃي ٿيا ويڳاڻا.
( کيئلداس بيگواڻي ‘فاني’ )
هرڪو نين جڳهين تي نئين ماحول سان پاڻ کي ٺهڪائڻ ۾ رنڀي ويو هو، پر اڻ سڃاتل جڳهين تي پاڻ کي ٿانئيڪو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ته ڪونه هو. ان وقت جياپي جو سنڪٽ پيدا ٿي ويو هو. نارايڻ شيام کي لڳو:
ٺنڊڪ نه چنڊ ۾ نه ڪمي سج جي تاوَ ۾،
بدليل زمين جي به هوا ڀانئجي پئي.
آزادي ملڻ جو ڀرم ٽٽي پيو هو، نئين ماحول جون بدزيبايون ڏسي هر سنڌيءَ جو من دکي هو. هر ڪنهن جي منهن تي صرف هڪڙو ئي سوال هو:
حاصل نيٺ ڇا ٿيو آ، زهر پيئڻ لاءِ ئي ته مليو،
آزاديءَ جي امرت خاطر، سارو سمنڊ ولوڙيو هو.
( پرڀو ڇڳاڻي ‘وفا’ )
وطن جو حال اهڙو هو، غلامي ائن وئي چوندي،
ته صحرا ۾ بهارن جي اچڻ سان ڪجهه نه ٿيو آهي.
( ڪرشن ‘راهي’ )
سڄو ڏيهه آهي ڏکوين جو ڏيرو،
هتي چين جو ٿيندو ڪهڙو بسيرو؟
( ڊاڪٽر موتي پرڪاش )
دکن ۾ انسان کي سدائين پنهنجو وطن ياد ايندو آهي، وطن ۾ ماڻيل سکن جون گهڙيون ياد اينديون آهن، پنهنجا ياد ايندا آهن.
سڀ تري آيا وري دل تي ٻنيون ٻارا اٿم،
ڪي ڍنڍون ڍورا ۽ ڪي آب سان تالاب تار.
( ڊاڪٽر ارجن ‘سڪايل’ )
ڊاڪٽر ارجن ميرچنداڻي ‘شاد’ کي وطن ڏسڻ جي ايتري ته شديد چاهت هئي جو جذبات وهيڻو ٿي هيءُ لفظ لکيائين.
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اڏڻ ڏيو،
اصلي وطن جي ڀي ته زمين کي ڏسڻ ڏيو.
مگر افسوس هو آخر تائين پنهنجي جنم ڀومي ڏسي ڪونه سگهيو. ها، اصلي وطن ڏانهن ضرور هليو ويو، جتان ڪو اڄ تائين ڪونه موٽيو آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ واجب ٿيندو ته ان دؤر ۾ مسلسل غزل لکيا ويندا هئا، جن ۾ هڪ ئي خيال/ ڪيفيت/ موضوع جو وستار هوندو هو، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته اهي غزل گيت جو احساس ڪرائيندا هئا. انهن غزلن مٿان گيتن وانگر سرا به ڏنا ويندا هئا ۽ ان سري مطابق غزل جو مضمون هوندو هو.
ورهاڱي وقت سنڌيءَ سميت ڀارتي ٻولين جي ادب تي ڪميونسٽ ويچارن جي پرچارڪ ترقي پسند ڌارا جو زور هو. اهو اثر سنڌي غزل تي به هو.
آئيندي جا خيال ائين سمجهي ئي ڪجن،
‘مزدور - راڄ ’ آيو ڪ آيو جهان ۾.
( سڳن آهوجا )
ترقي پسند ويچارڌارا جو اهو اثر هتي سنڌي غزل تي گهڻو ڪونه هو. اهو اثر فقط چئن پنجن شاعرن تي وڌيڪ هو، جيڪي ممبئيءَ جي سنڌي ادبي ڪلاس ۾ ويندڙ هئا. انهن نؤجوان شاعرن تي به اهو اثر پنج ڇهه سال مس رهيو.
غزل جو گهاڙيٽو ۽ مزاج ڪنهن به ڌارا يا واد جو محتاج ڪونهي. ڏٺو وڃي ته اهي ترقي پسند ڌارا کان متاثر ٿيل سنڌي شاعر درحقيقت آشاوادي هئا، جن پوءِ ان وقت جي ڏتڙيل سنڌي قوم ۾ روح ڦوڪڻ جو ڪم ڪيو، اها ان وقت جي ضرورت هئي. هيٺيان مثال ان ڳالهه جي تائيد ٿا ڪن.
بڻجي بادل، سر پهاڙن سان گسايون ٿا اسين،
بوند بڻجي جڳ جا ويرانا سجايون ٿا اسين.
( ايشور ‘ آنچل ’ )
بر ۾ بازاريون لڳن۽ ساوڪون سڃ ۾ ٿين،
جهنگلن ۾ اي ضيا منگل منائيندا هلو.
( پرسرام ‘ضيا’ )
اڌ روٽيءَ سان بصر به آهه،
ان کي فاقو ڪير چوي.
( اندر ڀوڄواڻي )
ان بعد سنڌي غزل غم-جانان کان پنهنجو پلاند ڇڏائي غم-دؤران طرف پنهنجو رخ ڪيو. غزل ۾ ان وقت جا عڪس ۽ پڙاڏا نظر اچڻ لڳا.
ڪيڏا ڪيس ٿيا مندر ۾،
ڀڳون ويٺي جاچيو چپ چپ.
( هري دلگير )
ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي غزل جي شروعاتي لاڙن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو دؤر لڳ ڀڳ 1956ع تائين رهيو. حالانڪ انهن لاڙن جو ٿورو گهڻو اثر پوءِ به رهندو آيو، پر ڌيري ڌيري اظهار ۾ نواڻ ايندي وئي.
نارايڻ شيام ۽ سڳن آهوجا ٻه اهڙا پختا شاعر هئا، جن فن ۽ فڪر ذريعي روايتي غزل کي وستار ڏنو. انداز بيان ۾ ڦيرو آندو. سنڌي غزل کي نوان گس ڏيکاريا. روايتي غزل جي زمين تي ئي نئين ڀاو ٻوڌ جو اظهار ڪيو. مثال طور هتي نارايڻ شيام جي 1953ع ۾ ڇپيل پهرئين شاعريءَ جي ڪتاب ‘ماڪَ ڦُڙا’ ۾ صفح 105 تي درج غزل جو هڪ بند پيش آهي.
هي ڇاکون ويٺي ويٺي وئي دل اداس ٿي،
محفل ته اڳ کان سرس سوا ڀانئجي پئي.
روايتي غزل جي زمين تي ڀارت ۾ اهو پهريون سَلو هوجنهن جديد غزل جو احساس ڪرايو هو، مطلع ۾ رديف جو استعمال ڪيل ڪونهي، ڪٿي به گرهه لڳايل ڪانهي، تنهن هوندي به مصراعون پاڻ ۾ ائين ڳنڍيل آهن جو انهن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي. شعر جي بيهڪ، بناوت ۽ بندش به ڪجهه الڳ قسم جي آهي. غزل ۾ انداز-بيان ئي ته اهم ٿيندو آهي. غزل جي ان انداز- بيان کي غزلگو استاد شاعر ارجن حاسد straight line sensibility ڪوٺي ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ شروع شروع ۾ سنڌ وانگر مصرع طرح ڏني ويندي هئي. هڪڙي مصرع طرح ڏنل هئي، ‘روح سان راس رچائڻ وارا’. اها رومانوي مصرع هئي، نارايڻ شيام لکيو:
روح سان راس رچائڻ وارا،
آءٌ نيڻن کي سِڪائڻ وارا.
‘نيڻن کي سِڪائڻ’ نئون اصطلاع هو. سڳن آهوجا لکيو:
روح سان راس رچائڻ وارا،
نيڻ پائن ٿا ڪي پائڻ وارا.
زمين ساڳي آهي پر ٻنهي شاعرن جي ثاني مصرع الڳ الڳ آهي. ٻنهي جو مصرع اول سان نباهه لاجواب آهي. ٻنهي جا ڀاو الڳ نکري بيٺا آهن. ٻنهي شاعرن ڪٿي به گرهه ڪانه لڳائي آهي.
روايتي شاعريءَ جي هلندي مغربي اثر کڻي نئين ڪوتا به سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي. اها ڪوتا حيات جي مسئلن سان دوبدوُ هئي. ان ۾ بدلجندڙ ماحول ، انسان جي نقلي وهنوارن، غلاظتن، پنهنجن جي بي رخين، بيگانيت، بي سلامتي، اڪيلائپ، سماج ۾ وڌندڙ دغا دولاب، مادي زندگي وغيرهه جو اظهار هو. انسان جي سڃاڻپ گم ٿي ويئي هئي. جديد غزل نئين ڪوتا جا اهي اثر کڻي انسان جي سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
گهر جا ڀاتي، ڄڻ گهر ۾ گڏ اڪيلا ٿا رهن،
پنهنجي پنهنجي گهر ۾ آهن پنهنجا پنهنجا اجنبي.
(ڪرشن راهي )
جديد غزل حقيقتن تي ٻَڌل سوچ ۽ فڪر جو غزل هو. ايم ڪمل چيو:
وڪڻڻو پاڻ ٿَو ته ماٺ ڪيو،
اگهه خريدار جي خوشيءَ تي ڇڏيو.
ماڻهو آهيان ٿو وِڪامان حاسد،
۽ وري ڪيڏو نه سستو آهيان.
( ارجن حاسد )
جديد غزل ۾ گهڻو ڪري شاعر پنهنجي ڳالهه اشاري ۾ چوڻ لڳا. عبارت ۾ لفظي خواهه معنوي صنعتن جو استعمال چمتڪاري نموني ٿيڻ لڳو. اظهار ۾ Synaethesia (حواسن جي ڪمن ۾ ڦير بدل ) جو استعمال ڪيو ويو.
ذهن ۾ جن جي هٿوڙا آهن،
لڱ انهن جا ئي ته ٻوڙا آهن.
( ارجن حاسد )
بدلاءُ قدرت جو نيم آهي. ادب ۾ به آد کان بدلاءَ ايندا رهيا آهن. ڀارت ۾جديد غزل جو اهو دؤر 1965ع کان 1985ع تائين رهيو، ان کان پوءِ بعد جديد غزل جو دؤر آيو. هونئن ته ڪنهن به دؤرکي وچ ۾ ڪا ليڪ پائي الڳ نٿو ڪري سگهجي، تنهن هوندي به اهو چوڻو پوندوته بعد جديد غزل شاعر جي اندرين لوچ ۽ لوڇ وارو غزل آهي. ان ۾ تهدار معنى سمايل رهي ٿي. بعد جديد غزل ۾ تجسم سگهارو آهي. اهو برهمانڊ جي هر بي جان چيز ۾ جان وجهي ٿو ڇڏي.
ڀوُنءِ جا چپ به ڦٽي پيا آهن،
مينهن سمنڊن تي وسائڻ وارا.
( نارايڻ شيام)
شام ٿيندي ئي سنجها جي ٽاڻي،
هڪ ڏيئو رات رکي ويندي آ.
( ارجن حاسد )
پڪ شرارت ڪا هوا هن سان ڪئي،
سمنڊ ايڏو اڳ ڀڙڪيو نه هو.
( گوپ ڪمل )
بستري صبح کي ٻڌايو سڀ،
چادرن وٽ هيو حجاب ڪٿي.
(کيمن يوُ. موُلاڻي)
سڌ نه پيئي غشي هئي يا مؤت،
پير مهٽي ڏٺا مون جذبن جا.
( شريڪانت صدف )
ڪنهن وقت غزل پنهنجي گهاگهر ۾ کوُهه سمائيندو هو، پوءِ تلاءُ سمائڻ لڳو ۽ هاڻي سمنڊ سمائڻ لڳو آهي.غزل جو هيءُ بند ڏسو:
اڄ هو سرڪاري ڦوُلدان ۾ آ،
ڇا به هو اڳ، گلاب آ هاڻي.
( ايم. ڪمل )
بعد جديد غزل جو ماٺيڻو اظهار ٿوري ۾ گهڻو ڪجهه چئي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو. اهو غزل مٺڙو ڏنگ هڻي ٿو ڪڍي.
مٺو مٺو ۽ ڏنگ ڏنگ پڻ،
جيون ماکيءَ جو مانارو.
( لڪشمڻ دُٻي )
سج سان ٿي منهن اٽڪائي،
جرئت ڪڪريءَ جي ته ڏسو.
( ڍولڻ راهي )
بعد جديد غزل ۾ وينجنا به خوب استعمال ٿيوآهي. وينجنا لفظ جي اها شڪتي آهي، جيڪا لفظ جي اصلي معنى جي بدران ٻي ڪنهن معنى جو ٻوڌ ڪرائيندي آهي. ارجن حاسد جي غزل جو هيءُ بند ان جو سٺو مثال آهي.
ديهه جي سونهن، جهرڻن کي اڃ ٿي لڳي،
مان ته هرڻين ڳڻڻ ۾ لڳي لڳي ٿو وڃان.
ان شعر ۾‘جهرڻن’ لفظ جي معنى جوان ڇوڪرا ۽ هرڻين جي معنى ڇوڪريون آهي. واسديو موهيءَ جي هيٺئين شعر ۾ ’موتي’ لفظ جي معنى پگهر جا ڦڙا آهي. چوي ٿو:
ڪيئي موتي چُهي وٺي ڌرتي،
ڪوڏرون جئن هلن تکي اُس ۾.
سنڌي غزل ۾ ايهام جو به خوب استعمال ٿيو آهي. مثال ُ ڏسو:
پيٽ ڏني آهي لاچاري،
باهه تڏهن آ هرڪنهن ٻاري.
( کيمن يوُ. موُلاڻي )
هتي ‘باهه’ لفظ ٻٽي معنى ۾ ڪتب آيو آهي. هڪ چلهه جي باهه جيڪا پيٽ ڀريندي آهي. ٻي جتي به ڀڙڪندي آهي اتي تباهي آڻي ڇڏيندي آهي. ‘باهه ٻارڻ’ اصطلاع به آهي.
غزل ۾ رومان هر دؤر ۾ رهيو آهي. بعد جديد غزل ۾ به آهي، پر ان جي اظهار جو ڍنگ بدليو آهي. اڄ جو شاعر اِشاري ئي اِشاري ۾ نئون ڪجهه چئي رومان جو ائين احساس ٿو ڪرائي جو تپرس لڳيو وڃي. هيءُ بند ڏسو:
چؤنڪ تان ويڻي به هڪ ورتم کڻي،
رات ڇنڇر جي اگهاڙي بي حيا.
( ارجن حاسد )
بعد جديد غزل ۾ نيون تشبيهون ۽ استعارا وغيرهه استعمال ٿين ٿا. ان ۾ جماليات ڀري پيئي آهي. هاڻي غزل جو ائبسرڊ دؤر هلي رهيو آهي. ان ڊيگهه ۾ نه وڃي هتي صرف غزل ۾ ورهاڱي بعد ٿيل تجربن جو ٿوري ۾ ذڪر ڪجي ٿو. روايتي غزل واري دؤر ۾ ليکراج ‘عزيز’ ٽن مصراعن وارو غزل لکيو هو. ان جا ٻه بيت مثال طور پيش آهن، ڏسو:

پلنگن ۽ پوشن کي هت ڪير پائي،
سمهان شال سرتين سان واري وڇائي،
عمر ساج تنهنجا نه هڏ ٿي سڃاڻا.

بندياڻيءَ کي مارن سان مالڪ ملائي،
پنان ٿي عزيز آءٌ نت پاند پائي،
ڀرم سان ڪريان من ڀٽن پاسي ڀاڻا.
اهو غزل سندس ڪتاب “آبشار” جي صفح ٽئين تي درج آهي. هن ٽن مصراعن وارو صرف اهو هڪ ئي غزل لکيو، ان کان پوءِ گهڻي وقت تائين ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر ٽن مصراعن وارو غزل ڪونه لکيو. پوءِ وري واسديو موهيءَ ٽن مصراعن وارا غزل چيا. جن کي هن ‘هائيڪو غزل’(سوچ صورتون- غزل ۽ هائيڪو جو ميل ) ڪوٺيو. مثال ڏسو:

(1)
تکو هيو طوفان،
خالي ڊوڙيو روڊ تي،
ڏڪڻو وڻ حيران.
(2)
پنهنجي وچ ۾ ڪاچ،
ڏسجي سڀ، ٻڌجي نٿو،
ڀڻڪ هئي رازدان.

موهيءَ پهرين ۽ ٽين مصرع کي پيش جي سهاري هم قافيه بڻائي غزل جي تقاضا مطابق وچ واري ٻين مصراع کي مصراع اول ڪري پيش ڪيو.
پوءِ وري ديوي ناگراڻيءَ ٻٽي رديف سان ٻٽي قافيه کي ڦٻائي هڪ نئون تجربو ڪيو. سندس غزل جون هيءُ مصراعون ڏسو :

-احمق هجي ۽ ساڻ جي منهن جو هجي ملوڪ،
ان کي نواب ٿو پوي، چوڻو ڪٿي ڪٿي.
-تُڪ سان نه تُڪ ملي جي، ٿا حامي اتي ڀرين،
اهڙو نقاب ٿو پوي، مٽڻو ڪٿي ڪٿي.
هيري ٺڪر به غزل ۾ هڪ تجربو ڪيو آهي. هن قافيه ۾ هڪ ئي لفظ کي ٽي ڀيرا دهرائي بندش کي چست بڻايو آهي. سندس غزل جون هيءُ ڪجهه مصراعون ڏسو:
ڏڏ ٿي جو ڏاڻ گهريم هن کان، هو ڏيندو ڏيندو ڏيندو ويو،
جيڪي ڪجهه مون کي کپندو هو، سو ايندو ايندو ايندو ويو.
ڄڀ جيڏو منهنجو دامن هو، اڀ جيڏي هن جي مهر ميا،
مان وٺندي وٺندي ٿڪجي پيس، هو ڏيندو ڏيندو ڏيندو ويو.
پريم پرڪاش وري غزل جي ڀر ۾ ويهي نيون ڪوتائون لکيون آهن. اهي به ٽن ٽن مصراعن واريون آهن. انهن ۾ بحر وزن، ڇند، رديف ۽ قافيه ڪجهه به ڪونهي. انهن کي غزل ته مڃي ڪونه سگهبو، پر ائين ته چئي سگهجي ٿو ته نئين ڪوتا جا جيڪي اثر کڻي سنڌي غزل ڦليو ڦوليو آهي، اڄ اها نئين ڪوتا خود غزل ڏانهن ڇڪجي ان جي ڀر ۾ ويهڻ چاهي ٿي. اها سنڌي غزل جي ڪاميابي ئي ليکبي.
ڪل ملائي سنڌي شاعرن سنڌي غزل کي پنهنجي تخليقي ٻوليءَ سان اوچائيءَ تي پهچايو آهي. نارايڻ شيام نئين ڪوتا جي عناصرن کي پنهنجي لب و لهجي سان غزل ۾ اوتيو. ارجن حاسد ۽ ايم ڪمل جا غزل نئين ڪوتا جا ئي عڪس کڻي آيا. موهيءَ به اهڙن ئي عڪسن سان پنهنجي مخصوص ڍنگ ذريعي غزل کي نوان روپ ۽ آڪار ڏنا. بعد جديد غزل ڀلي لائوڊ ناهي پر گونگو ڪونهي. اهو اندر ۾ لهي اندر کي ولوڙي ٿو. ٻين شاعرن به پنهنجي پنهنجي نموني اظهار ۾ لاڳيتي نواڻ آڻي سنڌي غزل جو درجو وڌايو آهي ۽ ائين سنڌي غزل ڀارت جي ٻين ٻولين جي وچ ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. مون کي اميد ئي نه پر پوري پڪ آهي ته اهو اڃان به منزلون طئه ڪندو رهندو.
( سماپت )

آزاديءَ کان پوءِ 1980ع تائين سنڌي غزل ۾ -سنڌيپڻي جو فنڪارانه اظهار

عام طور سان ائين مڃيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ غزل لڳ ڀڳ ٽن سؤ سالن کان لکجي رهيو آهي. ان دؤران اهو موضوع جي خيال کان پنهنجا نت نوان روپ بدليندو رهيو آهي. سنڌي غزل اڄ به سنڌ خواهه هند ۾ شد مد سان لکجي رهيو آهي ۽ نت نيون منزلون طئه ڪري رهيو آهي.
جيتري قدر غزل ۾ سنڌيپڻي جو سوال آهي ته سنڌيپڻو ان شخص ۾ ته ضرور هوندو جيڪو سنڌي هوندو ته پوءِ سوال ٿو اٿي ته سنڌي ڪير آهي يا سنڌي ڪنهن کي چئي سگهجي ٿو؟ ان باري ۾ ڊاڪٽر ستيش روهڙا جو چوڻ آهي ته “سنڌي اهو آهي جو سنڌ ۾ ڄائو آهي- جو سنڌ مان ڀارت ۾ آيو آهي- جو سنڌيءَ جو سنتان آهي-جو موهن جي دڙي جي پراچين سڀيتا جو وارث آهي- جو پاڻ کي سنڌي سمجهي ٿو-جنهن کي ٻيا ماڻهو سنڌي سمجهن ٿا.” پاڻ کي جيڪو سنڌي سمجهندو ان ۾ ضرور ته ڪي اهڙيون خاصيتون هونديون جنهن ڪري هو پاڻ کي سنڌي سمجهي ٿو ۽ ٻيا به ان کي سنڌي سمجهن ٿا.
در حقيقت هن ڌرتيءَ جي هر علائقي جي ماڻهن جي ٻولي، کاڌا پيتا، ويس وڳا، آچار ويچار، وهنوار، ريتيون رسمون، نالا وشواس ۽ مڃتائون الڳ الڳ هوندا آهن جنهن ڪري اهي ٻئي علائقي جي ماڻهن کان ڪجهه الڳ ليکيا ويندا آهن ۽ اهي ڳالهيون ئي سندن سڃاڻپ هونديون آهن.
سنڌ ڀارت جو جهوني ۾ جهونو سڀيه ماڻهن جو علائقو رهيو آهي، جنهن جي ساري دنيا ۾ هاڪ ۽ ساک هئي. ان علائقي جي سڀيتا سڄي ڀارت ۾ پکڙيل هئي ۽ اڄ به اها ڀارتواسين جي آچار ويچار ۽ وهنوار ۾ سمايل آهي. ان ڪري ئي ڀارت تي هندستان نالو پيو. انگريز سنڌونديءَ کي انڊس چوندا آهن ۽ اُن جي ڪري ئي ڀارت کي انڊيا ڪوٺيندا آهن.
اهڙي اعلى سڀيتا جي وارثن تي ايامن کان زماني جا قهر نازل ٿيندا رهيا آهن. تواريخ شاهد آهي ته شروعات کان لُچَ ۽ ڦوروُ سڀيه ماڻهن تي حملا ڪري سندن سک ڦٽائيندا رهيا آهن. تواريخ جو هڪ اهڙو ئي وڏي ۾ وڏو قهر 1947ع ۾ سنڌ تي نازل ٿيو، جنهن جي ڪري سنڌوُ سڀيتا جا مول وارث ’سنڌي هندو’پنهنجي جنم ڀومي مان ڌڪاڻجي پنهنجي ئي وشال ملڪ هند ۾ هليا آيا. چون ٿا ته ايڏي وڏي لڏپلاڻ دنيا جي اتهاس ۾ شايد ئي ڪڏهن ٿي هجي، جنهن ۾ آزاديءَ لاءِ لڙندڙن کي آزادي ملڻ کان پوءِ مجبور ٿي پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻي پيئي هجي. پر اسان سنڌي هندن سان ائين ٿيو. اسان ڌرم جي نالي تي ٿيل ان ورهاڱي سبب پنهنجو سڀ ڪجهه پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ ڇڏي هٿين خالي هند ۾ هليا آياسين. پاڻ سان کڻي آياسين صرف پنهنجي سنڌي ٻولي، ساهت۽ سنڌيپڻو. جنهن جي سرهاڻ جُڳن کان پوري ڀارت ۾ پکڙيل آهي. ان جي تصديق سڳن آهوجا فنائتي نموني هن بند ۾ ڪئي آهي.
ڀلجي به سنڌيت کي ڀلائي نٿا سگهون،
سالن کان سنڌ ڀٽڪي ٿي هندستان ۾.
(‘ارمان’–1970ع، ص-65 )
ها، اها حقيقت آهي ته سنڌ سالن کان ڀارت ۾ ڀٽڪي رهي آهي. ايامن کان ڪيترن ئي سببن ڪري سنڌي هندستان جي ڌرتيءَ تي ايندا ۽ جذب ٿيندا رهيا. ڀارت جو ڪو ورلو ئي ڀاڱو هوندو، جنهن تي سنڌ جي سنسڪرتيءَ جو اثر نه هجي. اهو عالم آشڪار آهي ته يَگَ هَوَنَ سڀ کان اول سنڌ جي ڌرتيءَ تي ويدن جي زماني ۾ شروع ٿيا. جيڪي اڄ به هند جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪيا ٿا وڃن. هر هندو انهن تي ناز ڪري ٿو. اهڙي ڌرتيءَ کان جدا ٿيڻ جو درد ته ڪو انهن کان پڇي جن پنهنجي جنم ڀومي وڃائي آهي. جتي باهه ٻرندي آهي سيڪ اتي ئي ايندو آهي. تڏهن ته ليکراج ‘عزيز’ چوي ٿو:
- احوال فصل گل ۾، بلبل نه پڇ وطن جو،
افسانو آهي پُر غم، ٿيو سنڌ جي چمن جو.
- شيشو ٿي چوُر دل جو، اک جو ٿو جام ڇلڪي،
ڪجهه ذڪر جي وطن جي نڪري ٿو انجمن جو.
- دل ۾ هميشهه آهي، جي ياد سنڌ پياري،
اکڙين جي آهي سامهون، نقشو سدا وطن جو.
هن غزل جي چست بندش ڌيان ڇڪائي ٿي. ليکراج ‘عزيز’ ان غزل ۾ وطن کان وڇڙڻ جي درد جو اظهار اهڙي ته صادق نموني ڪيو آهي جو هڪوار ته پڙهندڙجي اکين مان لُڙڪ لڙي ٿا پون. ان غزل ۾ اڳتي چوي ٿو:
- قسمت ڪڍيوسين گهر مان ڪنهن اهڙي نحص دم ۾،
مرندي به ٿيندو مشڪل ديدار ڪو وطن جو.
- منهنجو ‘عزيز’ پردو ٿئي سنڌ جو ئي صحرا،
آهيان مان لاش خاطر طالب نه ٻئي ڪفن جو.
( ‘آبشار’- 1953ع، ص-26 )
اهڙي آرزوُ رڳو‘عزيز’ ظاهر ڪانه ڪئي پر ٻين شاعرن به پنهنجن غزلن ۾ اهڙي آخرين اِڇا جو اظهار ڪيو. گوبندرام سلامتراءِ رائسنگهاڻيءَ چيو:
دل چوي ‘سائل’ مران شل ماڳ موٽي سنڌ اندر،
سنڌ شمع تان جان ڏيان مان، جئن پروانو الوداع.
( ڪتاب ‘ آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه’ ، ص-57 )
ڊاڪٽر ارجن ‘سڪايل’ به سنڌ کي ساريندي اهڙو ئي اظهار ڪيو:
التجا آهي ‘سڪايل’ يار جي درگاهه ۾،
ڪاش! مان هيڪر ڏسان سي سنڌ جا دلدار يار.
( ڪتاب ‘ آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه’ ، ص-36 )
ٻالپڻ ۽ جواني زندگيءَ جو اهو سونهري وقت هوندو آهي، جيڪو انسان کي ساري زندگي ڪونه وسرندو آهي. ان وقت جون ڀوڳيل ۽ ماڻيل گهڙيون انسان جي ذهن جي پٽيءَ تي گهريون اُڪِري وينديون آهن ۽ اهي آخرين گهڙيءَ تائين ميسارجي نه سگهنديون آهن. ورهاڱي کان وٺي 1980ع تائين سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي به شاعر هئا، انهن ٻالپڻ ۽ جواني سنڌ ۾ امن چئن ۽ مؤج مزي سان گذاري هئي. انهن کان اهي سک ڪٿي ٿي وسري سگهيا. تڏهن ته انهن گهڙين کي ياد ڪندي نارايڻ شيام چيو:
مون جوانيءَ ۾ گذاريون، جي ڪلفٽن بيچ تي،
اڄ به تئن پُر شور، اوڀاريون ۽ لهواريون گهڙيون.
( ڏات ۽ حيات-1988ع، ص-147 )
الا، هيءُ صاف اڀ، اڌ رات جي خاموش چانڊوڪي،
جو نوشهري ۾ ڏسندو هوس، هيءُ ئي چندرما آهي.
( ڏات ۽ حيات-1988ع، ص-125 )
ان وقت ڪو اهڙو شاعر ڪونه هو، جنهن سنڌ جي ساروُڻيءَ ۾ قلم نه هلايو هجي. ارجن حاسد جي دل جو درد هنن لفظن مان چٽيءَ طرح عيان آهي.
- جلي زمين وئي آسمان لٽجي ويو،
اسان جي هوندي سڄو ئي جهان لٽجي ويو.
- هئوسين فخر ته ڀارت جا آهيون رهواسي،
اوهان جي مهر سان سو ڀي ته شان لٽجي ويو.
( سواسن جي سرهاڻ- 1966ع، ص-30 )
اندر ڀوڄواڻيءَکي لڳو ته کيس جنم ڀوميءَ جي سڀني يارن دوستن وساري ڇڏيو آهي. تڏهن درد جي دانهن ڪندي چيائين :
جن جي اکين جا نوُر هئاسين،
اَلا! انهن کان وسري وياسين.
( پرهه باکون ڪڍيون- 1963ع، ص-25 )
اهڙي ئي قسم جي درد جي دانهن ٽيڪچند ‘مست’ به ڪئي. ان چيو :
سنڌ کي ساريندي ڇلڪن، پنهنجا نيڻ نماڻا يار،
روح کي راحت مست ڏين، سنڌڙيءَ جا اوراڻا يار.
( ڪنهن سان اوريون حال-1978ع، ص-27 )
ڊاڪٽر ارجن ‘سڪايل’ جو هيءُ لاجواب شعر به ڏسو :
هند سنڌ جو سمنڊ ته ساڳيو،
ڌار ڪنارن ٻوڙيو مون کي.
( سنڌي غزل جو هئنڊ بوڪ-2008ع، ص-224 )
ليکراج ‘عزيز’ به بيوس بڻجي چيو ته مان ڇا ڪيان، مون کان جنم ڀوميءَ جون ڳالهيون وسرن ئي ڪونه ٿيون. چوي ٿو:
وساريان نه وسرن ٿا سانگي سياڻا،
پون ياد پل پل ٿا ٿر ٿوڪ ٿاڻا.
( صراحي-1963ع، ص-14 )
گوورڌن شرما ‘گهايل’جو پنهنجي جنم ڀوميءَ سان لڳاءُ سندس غزل جي هن بند مان شدت سان اڀريو آهي. چوي ٿو :
سنڌوُ درياهه ۽ سنڌ جو هرڪو آباد منظر،
چاهين ڏسڻ ته منهنجي اک سان نهار ڪانگل.
( آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه، ص-76 )
ان وقت هر سنڌيءَ جي من ۾ سنڌ واپس وڃڻ جي تڙڦ هئي. ان جو اظهارخوبچند پاڳل پريميءَ ڏسو ته ڪهڙي نه فنائتي نموني ڪيو آهي :
کڻ اڃا اخبار هٿ ۾، جهٽ اچي ڪاڪو چوي،
سنڌ هلبو يا اڃا سهبا هتي ويهي عذاب؟
ڊاڪٽر ارجن ‘سڪايل’ سوال ٿو ڪري ته :
چئه ته سعدي پير جو ميلو لڳي ٿو ڳوٺ ۾؟
اڄ به ٿا چورين صوفي عشق جي ڪا تند تار؟
ڊاڪٽر ارجن‘سڪايل’ سنڌ وارن کان صحيح سوال پڇيو هو. سڳوري سنڌ صوفي درويشن جو گهر هئي. ان ڌرتيءَ جي ڪڻ ڪڻ ۾ پيار سمايل هو. هر شخص عشق سان ٽمٽار هو. هندو خواهه مسلمان سڀ ان پيار جي رنگ ۾ رڱيل هوندا هئا. اڄ به دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ رهندڙ سنڌي نه رڳو پنهنجي وطن سان پيار ڪري ٿو، پر کيس سنسار جي هر پراڻيءَ سان محبت آهي. هو پريم کي پرماتما ۽ عشق کي الله مڃي ٿو. سنڌي ڌرم ۽ مذهب جي ڀيد ڀاو کان آجا آهن. هو سچا صوفي آهن. هو مهمان کي ڀڳوان سمجهن ٿا. سچي انسانيت جا پيروڪار آهن. سندن اهو آچار وهنوار ئي سندن سڃاڻپ آهي. اهو ئي سنڌيپڻو آهي. شايد انهيءَ ڪري هرو مل سدارنگاڻي‘خادم’ سنڌيءَ لاءِ هيئن چيو:
جو سندءِ قرب ۾ ڪٺل آهي،
لوڪ پرلوڪ کان ڇٽل آهي.
( روح ڏنو ريلو-1963ع، ص-58 )
اها ڳالهه صحيح به آهي. جيڪڏهن پيار پرماتما آهي ته پوءِ جتي پيار ملندو اتي ته ڄڻ پرماتما سان مکاميلو ٿي ويندو. ان کان پوءِ لوڪ پرلوڪ جي ڳالهه ڪير ڪندو؟ اسان سنڌي ذات پات مان ڪونه ڄاڻون. هر جيو ۾ پرماتما کي ڏسون. تڏهن‘خادم’ چيو:
دؤر دنيا جا ڀل پيا بدلن،
تنهنجو مشتاق بي بدل آهي.
( روح ڏنو ريلو-1963ع، ص- 58 )
ها، سنڌي اڄ به نه بدليو آهي. هو اڄ به هرڪنهن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏئي ٿو. هو پنهنجي ڀلي ڪرڻ کان پهرين ساري سنسار جو ڀلو چاهي ٿو، هو اڍائي گهرن جو خئر گهرندڙ آهي. اڍائي گهر ڪهڙا؟ هڪ هندو ٻيو مسلمان ۽ ٽيون مهمانُ. هو ڦِٽائڻ کان وڌيڪ نڀائڻ ۾ وشواس رکي ٿو.هرڪنهن کي سِري پِري جاءِ ڏئي ٿو. سدارنگاڻيءَ جي لفظن ۾ اسان سنڌي اُهي آهيون جيڪي پيار ۾:
سر وڃي، ساهه وڃي، ٻاڦ نه نڪري ٻاهر،
نينهن نهائينءَ کان نه گهٽ آهيون نڀائڻ وارا.
( روح ڏنو ريلو-1963ع، ص-89 )
سنڌي سادگي پسند آهي. معصوم صورت وارو آهي. هو انسان ته ڇا ڪنهن جيو جنتوُءَ کي به نه اُچائيندو آهي.سندس ان هلت پٺيان عظمت آهي. تڏهن اندر ڀوڄواڻيءَ چيو:
نظر ٻالي ڀولي ۽ معصوم صورت،
هلي عاقلن عاملن جي حڪومت.
( پرهه باکون ڪڍيون-1963ع،ص-15 )
اهو ئي سبب آهي جو اسان دنيا جي هر حصي ۾ اتان جي رهاڪن سان ٺَهي جُڙي رهون پيا. پوءِ ڀلي اهو چين هجي يا آمريڪا، ميانمار (برما ) هجي يا آسٽريليا، جپان هجي يا انگلئنڊ. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ به اسان هتان جي مڪاني ماڻهن کي ڪس ڪسر کائي پنهنجو بڻائي ويٺا آهيون. اسان وير وروڌ ۽ نفرت مان اصل ڪونه ڄاڻون. ڪو اڳرائي ڪندو ته به ان کي پريم سان سمجهائي راهه تي آڻڻ وارا آهيون. تڏهين ته اندر ڀوڄواڻيءَ چيو:
تون ته اسان کي لڙڪ ڏئي وئين!
اچ، تو کي نغما ڏينداسين.
( پرهه باکون ڪڍيون-1963ع، ص-25 )
اسان سان جيڪڏهن ڪو نفرت ڪندو آهي. خراب هلت هلندو آهي تڏهن به اسان ان کي ائين ئي چوندا آهيون:
هڪ گهڙي ويهي ڏس اسان سان اول،
پوءِ ڀل چئه اسان برا آهيون.
( پرهه باکون ڪڍيون-1963ع،ص-38 )
اسان سنڌي هندو گهڻي ڀاڱي واپاري آهيون ۽ واپاريءَ لاءِ منهن تي مرڪ رکڻ ضروري آهي، جيئن گراهڪ اچڻ سان خوش ٿئي. ‘پرهه باکون ڪڍيون’ جي ص-40 تي اندر ڀوڄواڻيءَ ان گُڻَ جوهيئن بيان ڪيو:
فقط مرڪن جي طاقت سان ڪريون ٿا راڄ دلڙين تي،
ڏسين ٿو ‘اندر’ شاهن کان به اعلى شان پنهنجو آ.
ورهاڱي کان پوءِ اٽڪل ويهن سالن تائين غزلگو شاعرن تي ورهاڱي جي محرومين جو اثر رهيو، پر پوءِ به انهن آشاوادي رويو ڪونه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم ايامن کان آشاوادي رهي آهي. تواريخ شاهد آهي ته جڏهن به اها هيٺ ڪِري آهي، تڏهن وري پاڻ کي ڇنڊي ڦوڪي اٿي کڙي ٿي آهي. سنڌي چوندوآهي ته اڳتي وڌڻ زندگي آهي ۽ بيهڻ مؤت. ان ڪري ‘جا گذري تنهن کي ياد نه ڪر، پل غفلت ۾ برباد نه ڪر.’ اندر به چيو:
هت اسان کي به ڪو مڪان نه آ،
هڪ خدا ئي ڪو لامڪان ڪونهي.
( فن شاعري-1983ع، ص-42 )
ان وقت ضيا، عزيز، فاني، خادم، اندر ڀوڄواڻي وغيرهه ڪئين شاعر عنوان ڏيئي پنهنجا مسلسل غزل سنڌي عوام اڳيان پيش ڪندا هئا. ان وقت سٺي ڳالهه اها ٿي ته سنڌي غزل ڪي قدر عربي/ فارسيءَ جي اثر کان پنهنجو پلاند ڇڏايو، پر وطن جي وڇوڙي جو درد ان ۾ شامل رهيو.
اسان سنڌين جي آچار ويچار تي شاهه جي ستن سورمين جي پريم ڪهاڻين جو اثر ويٺل آهي. شايد اهو ئي سبب هو جو ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزلگو شاعرن انهن ڪهاڻين کي علامت طور ڪتب آڻي پنهنجي اظهار کي گهڻ ڪُنڊائي معنى وارو بڻائي ڇڏايو ۽ روزمرهه واري زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪشٽن کان نجات پائڻ لاءِ انهن ڪردارن سان روح رهاڻ ڪري پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. آخر اهي ڪردار ئي ته سنڌي جيوت سان رليل مليل هئا ۽ سنڌيپڻي جي علامت هئا. ٻيو ڪو غير سنڌي ڇو ڀلا اهڙيون علامتون ڪتب آڻيندو.
مارئي وطن پرستيءَ جي علامت آهي. ان سنڌياڻيءَ جي رڳ رڳ ۾ ساڻيهه جي سڪ سمايل هئي. انڪري هرڪو شاعر سنڌي قوم کي مارئي ۽ سياست کي عُمر سمجهڻ لڳو. انهيءَ سياست ئي ته سنڌي قوم کان جنم ڀومي کسي ورتي هئي. اندر ڀوڄواڻيءَ سنڌي قوم کي آٿت ڏيندي چيو:
سڌري ويندا جي سؤ عُمر هوندا،
تنهنجي من ۾ جي مارئي هوندي.
( پرهه باکون ڪڍيون- 1963ع، ق-19 )
ورهاڱي کان پوءِ ڪجهه سالن بعد نارايڻ شيام کي لڳوته هاڻي وطن واپس ورڻ ممڪن ڪونهي. تڏهن چيائين:
ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري سنڌ جون ڀٽون،
اڄ پاڻ وٽ ڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان.
( روشن ڇانورو- 1961ع، ص-30 )
ان سلسلي ۾ ٽيڪچند مست جي غزل جو هيءُ بند به ذڪر لائق آهي:
اڄ هرڪو سنڌي ائين پيو سنڌ لاءِ سِڪي،
جيئن مارئيءَ جو ساهه اباڻن جي لءِ سِڪيو.
( اچ پيار ڪريون- 1972ع، ص-27 )
سهڻيءَ ساهڙ سان ملڻ لاءِ درياهه جي دهشت ۽ لوڪ جي ڪا پرواهه ڪانه ڪئي. هوءَ درياهه ۾ ٽپي پيئي. ان حوالي سان ايم ڪمل جو هيءُ شعر قابل-داد آهي. جنهن ۾ تلميع جو استعمال ڪيل آهي.
اوچتو مينهن ۽ طوفان پڪ ڄاڻ،
سهڻي ميهر جي ملاقات آ اڄ.
( روشن راهون، ڌنڌلا ماڳ- جولاءِ 1981ع، ص-37 )
ليلا چنيسر جي لوڪ ڪهاڻي ڪنهن نه ٻڌي هوندي، جنهن ۾ راڻي ليلا هڪ هار خاطر پنهنجو گهوٽ راجا چنيسر وڃائي ٿي ڇڏي ۽ پوءِ پڇتائي ٿي. هار سينگار جي سهڻين دنيوي چيزن تي هرکڻ عؤرت جي ڪمزوري هوندي آهي ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اها ڪجهه به ڪري سگهندي آهي. ان وقت هوءَ اڳ پٺ ڪانه ڏسندي آهي. نارايڻ شيام چيو:
اڳئين ناتي ليلا ! ملڻ ناهه ممڪن،
چنيسر سان هاڻي نئون جوڙ ناتو.
( آڇيندي لڄ مران-1972ع، ص-49 )
ان شعر ۾ ايهام ذريعي ڀارت جي سنڌي هندن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته هاڻي اڳئين ناتي سنڌ ۾ وڃڻ يا وڃي رهڻ ممڪن ڪونهي. ان ڪري ان سان نئون ناتو جوڙڻ ئي صحيح آهي. هتي ايهام ذريعي ليلا ڀارت جي سنڌين ۽ چنيسر سنڌ جي معنى ۾ کنيل آهن.
نوُري مُهاڻي هئي، پر هوءَ نوڙت ۽ نماڻائيءَ جي موُرت هئي. ان ڪري ان وقت جي بادشاهه ڄام تماچيءَ ان تي موهت ٿي کيس پنهنجي پَٽَ راڻي بڻايو هو. پٽ راڻي بڻجڻ کان پوءِ هوءَ مڇين جي بانس بدران عطرن جي سرهاڻ سان واسجي ويئي. ڀلا راڄ محل ۾ ککيون ۽ کاريون ڪٿي؟ اها سچائي ظاهر ڪندي نارايڻ شيام چيو:
هاڻ ککي هاڻي نه مهاڻي،
سڱ سَمي جو سُرهو سُرهو.
( واريءَ ڀريو پلاند- 1968ع، ص-8 )
سسئيءَ جا ڏير اڌ رات جو پنهنجي ڀاءُ پنهل کي نشي جي حالت ۾ چوريءَ اٺ تي چاڙهي پنهنجي وطن وٺي ويا. سسئيءَ پنهل جي پيار ۾ ڇا ڇا نه سَٺو؟ سسئي پنهل کي ڳولهيندي ڏونگر ڏوريا، پير پِٿوُن ڪيا. ان ڳالهه جو ذڪر ليکراج ‘عزيز’ هن ريت ڪيو:
ڪُپت دل ۾ ڌري، ڪيچي ٺهي، ڪي ڏينهن ٺهري ويا،
پلاڻي اٺ کڻي زوريءَ، پنهل هڪ رات پَهِري ويا.
( صراحي- 1963ع، ص-5 )
هرو مل سدارنگاڻيءَ سنڌي هندن کي همٿ ٻَڌائيندي چيو:
وندر۽ هاڙهو ڪندا ڇا توکي،سسئي! چڙهي مِلُ وڃي پنهل کي،
ڏڪين ٿي ڪيئن ڏونگرن ٽپڻ کان، جن کان ڪڏهين ڍريا سياڻا.
( روح ڏنو ريلو، ص- 58 )
نارايڻ شيام به سسئيءَ جو درد محسوس ڪندي چيو:
اُسَ جي قيمت پڇ سسئيءَ کان،
جنهن جي رات رڻن ۾ پيئي.
( ڏات ۽ حيات-1988ع، ص-58 )
سسئي چنڊ جهڙي سهڻي هئي ته مومل به ڪا گهٽ ڪانه هئي. ميرپور ماٿيلي جي راجا نند جي ڌيءَ مومل به حسن جي شهزادي هئي. تڏهن ته پنهنجي حسن جي حفاظت لاءِ هڪ اهڙو طلسمي محلات اڏايو هئائين، جنهن کي پار ڪري ڪوئي مومل تائين پهچي ڪونه ٿي سگهيو. آخرڪار امرڪوٽ جو رهاڪوُ مينڌري نالي نؤجوان ان طلسم کي ٽوڙي مومل تائين پهتو ۽ مومل ماڻيائين، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ غلطفهميءَ جو شڪار بڻجي مومل کان منهن موڙي ڇڏيائين. مومل ڀتار جي وڇوڙي ۾ ورلاپ ڪيا. ليکراج ‘عزيز’ ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي هڪ غزل ۾ هن ريت ڪيو آهي:
روئي ساريان ٿي پنهنجو ڍوليو ڍٽ،
ماري خنجر فراق جو ٿو اُڦٽ.
( صراحي- 1963ع، ص-27 )
غزل جي هن بند جا قافيه ڌيان ڇڪائين ٿا. ان سلسلي ۾ نارايڻ شيام جي غزل جو هيءُ بند به لاجواب آهي:
ڪاڪ ٻهڪي ٿي، هئي جيسين ڪنواري مومل،
هيءَ راڻي جي وني ٿي، ته هو ويرانو ٿيو.
( واريءَ ڀريو پلاند- 1968ع، ص-33 )
ڪنايو معنى پوشيدهه ڳالهه. غزل ۾ ان جو استعمال غزل جي شعر کي اوچائيءَ تي پهچائي ٿو ۽ پڙهندڙ/ ٻڌندڙ کي آنند بخشي ٿو. اندر ڀوڄواڻيءَ جي هيٺئين بند ۾ ڪنايي جو استعمال ٿيل آهي.
چيئه ونيءَ کي مٺڙي ‘مومل’،
ڪاڪ محل جي ياد اچي وئي.
( فن شاعري-1983ع، ص-69 )
اسان سنڌي ڪَلائن جا ڪوڏيا آهيون. سورٺ - راءِ ڏياچ جي لوڪ ڪهاڻي ان جو مثال آهي. دنيا ۾ اڄ تائين اهڙو ڪو شخص ڪونه ٿيو آهي جنهن راڳ تي ريجهي پنهنجو سِرُ پنهنجي هٿن سان ڪَٽي ڏنو هجي. تڏهين ته نارايڻ شيام سر وٺندڙ ٻيجل کي چوي ٿو:
ڳائڻا سورٺ ناهي راڳ،
راڳ لٽيو سورٺ جو سهاڳ،
( واريءَ ڀريو پلاند-1968ع، ص-120 )
دودي چنيسر جو قصو سنڌ جي ٻن جوڌن ڀائرن جي سچي ڪهاڻي آهي، جن راڄ گدي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي پنهنجي مادري وطن سنڌ ڌرتيءَ کي نقصان رسايو. هڪڙي غدار ڀاءُ ڌارئي کي وٺي اچي پنهنجي وطن سنڌ تي چڙهائي ڪئي ۽ ڀاءُ سان جنگ ڪندي جان ڏني ته ٻئي پنهنجي وطن سنڌ جي رکيا ڪندي شهيدي ماڻي. تڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ اها عام چوڻي آهي ته ‘ دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي’. اندر ڀوڄواڻيءَ پنهنجي غزل جي هڪ بند ۾ معنوي صنعت ‘ارسال المثل’ جو سهڻو استعمال ڪيو آهي. ڏسو:
‘دودو ڌوڙ چنيسر ڇائي’،
ائن چئي ٻڍڙي ٻاڻ هڻي وئي.
( فن شاعري-1983ع، ص- 45 )
حالانڪ لئلا مجنوءَ جو قصو سنڌ جو ڪونهي، پر هر سنڌي ان قصي کان واقف آهي. ان قصي سان وابسته واسديو نرمل جي غزل جو هيءُ بند رومان جو سهڻو مثال آهي.
نرمل خيال رک، ڪٿي مجنوُ نه ٿي پوين،
لئلا به گهر ۾ آهه ته پٿّر به گهر ۾ آهه.
( منهنجا سُر ۽ تنهنجا گيت-1970ع، ص-17 )
منصور سنڌ جو رهاڪوُ ڪونه هو، پر سنڌ ۾ گهڻن کي منصور جي ڄاڻ آهي. منصور اناالحق معنى ‘مان سچ يعني برهم آهيان’ جو نعارو هڻي سوُلي ماڻي. جن منصور جو قصو ٻڌو هوندو، تن کي نارايڻ شيام جي غزل جو هيءُ شعر سوُلي ياد ڏياري ڇڏيندو.
ٻول ٻڌي منصور سريکا،
سوُري آخر سرچي ويئي.
( ڏات ۽ حيات-1988ع، ص-130 )
ورهاڱي کان پوءِ وطن جي وڇوڙي جو درد دل ۾ سانڍي، جياپي لاءِ جفاڪشي ڪرڻ واري وقت ۾ جڏهن ڪنهن شاعر وٽ سنڌ مان ڪنهن يار جو خط اچي ويندو هو ته سندس تتل دل ٺري پوندي هئي ۽ کيس لڳندو هو ته جنم ڀوميءَ ۾ اڃا به ڪي سندس سار لهڻ وارا زندهه آهن. نارايڻ شيام جو اهڙو شعر ڏسو:
وطن ڇڏڻ وقت مون ٿي سمجهيو، ڪندو نه ڀلجي ڪو ياد ليڪن،
اياز، احسان، راز پارا، ڪي قرب وارا اڃا به آهن.
( روشن ڇانورو-1961ع، ص-40 )
ساڳئي قسم جي ڳالهه هري دلگير به هڪ شعر ۾ ڪئي.
جڏهن به ساڻيهه جا سنيها، اسان کي پرديس ۾ پُڄن ٿا،
تڏهن وطن ۾ ٿا پاڻ سمجهون، وڃي ٿو وسري وطن ۾ ناهيون.
( پل پل جو پرلاءُ-1977ع، ص-86 )
ورهاڱي کان پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن نئين ٽهيءَ تي نئين ماحول جو اثر پوڻ لڳو ۽ اها ڌيري ڌيري پنهنجي مادري زبان کان منهن موڙي ڌارين مڪاني ٻولين کي ترجيح ڏيڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته کيس سڄو ڏينهن ان علائقي جي مڪاني ماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي مجبوري هئي. ان ۾ سندن ڪو ڏوهه به ڪونه هو. اهو قدرتي نيم آهي ته ٻوليءَ جو وڪاس پنهنجي زمين تي ٿيندو آهي ۽ سنڌي قوم وٽ هتي ڀارت ۾ پنهنجو ڪو زمين ٽُڪر ڪونه هو. جيڪڏهن ڀارت ۾ سنڌ سان لڳل ڪي علائقا هئا به ته اتي سنڌي هندن پاڻ کي ڪونه ورسايو. اهي پيٽ گذران جي وسيلن کي ڳولهيندي سڄي ڀارت ۾ ٽڙي پکڙي ويا. جنهن کي جتي روزگار جو وسيلو نظر آيو، اهو اتي وسي ويو. اهڙين حالتن ۾ نئين ٽهيءَ تي مڪاني اثر پوڻ لازمي هو. پنهنجي آئيندهه جي ابن جي اهڙي رَوَشِ ڏسي ڀلا شاعرن جو قلم ڪٿي ٿي چپ رهي سگهيو. ارجن حاسد سنڌي قوم کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته:
زندهه سا قوم رهندي، جنهن جي زبان زندهه،
پنهنجي جي قوم زندهه، سارو جهان زندهه.
( سواسن جي سرهاڻ-1966ع، ص-9 )
نارايڻ شيام پنهنجي هڪ شعر ۾ سنڌي ٻوليءَ جون خاصيتون ٻڌايون ۽ اسان سنڌين کي هرکائيندي چيو:
نئين آهه نت، ناز وارن جي ٻولي،
نگاهن، ادائن، اشارن جي ٻولي.
( روشن ڇانورو-1961ع، ص-28 )
پر ٿيڻو ته ڪجهه ڪونه هو. ڌيري ڌيري سنڌي قوم پنهنجن گهرن مان پنهنجي مادري ٻوليءَ کي ڌڪي ٻاهر ڪڍندي ويئي. تڏهن خفا ٿيندي واسديو نرمل چيو:
تنهن کي مان ‘سنڌي’ ڪيئن سڏيان، جنهن کي
شاهه جو ڪجهه به برزبان ڪونهي.
( منهنجا سُر ۽ منهنجا گيت-1970ع، ص-26 )
پر شاعر ڪڏهن دل شڪستا ڪونه ٿيندا آهن. نارايڻ شيام ايهام جو استعمال ڪندي سهڻي نموني اسان سنڌين کي سمجهائيندي چيو آهي ته ابا، سنڌي ٻولي نه ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ڀلي کڻي سنڌ اسان وٽ ڪانهي، پر سنڌوءَ جو پاڻي ته اسان جي رڳن ۾ ڊوڙي رهيو آهي. اسان پاڻ سنڌوءَ جون لهرون آهيون:
سنڌو لهر جي ناهه کڻي،
لهر ته آهي سنڌوءَ جي.
( آڇيندي لڄ مران-1972ع، ص-91 )
مٿئين بند جي پهرين سٽ ۾ ‘سنڌو لهر’ جو مطلب سنڌ سان آهي ۽ پوئين سٽ ‘لهر ته آهي سنڌوءَ جي’ جو مطلب هندستان ۾ رهندڙ اسان سنڌين سان آهي. ارجن حاسد ور ور سنڌين کي سمجهائيندو رهيو ته هتي سنڌي ٻولي ئي آخر توهان کي پيارو بڻائيندي:
پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪر سنڌي!
توکي پيارو اُها بڻائيندي.
( سواسن جي سرهاڻ- 1966ع، ص-40 )
ڊاڪٽر ارجن ‘سڪايل’ سنڌين کي سمجهائيندي چيو:
رڳو دؤلت جي سهاري ڇا زندهه رهندا،
شاهه کي، سنڌ کي، سنڌيءَ کي ڀلائڻ وارا.
( سنڌي غزل جو هئنڊ بوڪ-2008ع، ص-205 )
قومون ۽ ٻوليون ڪو جلد ختم ڪونه ٿينديون آهن. انهن کي ختم ٿيڻ ۾ ڪئين سال صديون لڳي وينديون آهن. ڀارت ۾ رهندڙ پارسين جو مثال اسان جي سامهون آهي. هو اڄ به پنهنجي زيارت گاهن ۾ وڃن ٿا، پنهنجون ريتيون رسمون نڀائين ٿا، ڏڻ وار ملهائين ٿا. ڀلي پنهنجي ٻولي نه ڳالهائيندا هجن. ٻولي ئي ته قوم جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. شيام چيو:
الا! ائن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
( روشن ڇانورو-1961ع، ص-28 )
منهنجي خيال ۾ جيستائين سنڌ ڌرتي آهي،تيستائين ٻولي قائم رهندي، البت ٻين ٻولين جيان اها به پنهنجو روپ رنگ مٽائيندي ۽ شاهوڪار ٿيندي رهندي. نارايڻ شيام خود آشاوادي ٿيندي ائين به چيو آهي ته:
گنگا جمنا امرت امرت،
ليڪن ٿڃ ته سنڌوُ آهي.
( ڏات ۽ حيات- 1988ع، ص-118 )
سنڌ ۽ اسان سنڌين کي ايامن کان ايترا ڪشٽ ڪشالا ملندا رهيا آهن جو اسان هاڻي زندهه دل ٿي پيا آهيون. گهٻرائڻ ته اصل ڄاڻون ئي ڪونه. اسان هر مشڪل کي مڙس ٿي منهن ڏيندا آهيون. ٻي قوم هجي ها ته ورهاڱي جهڙي سخت طوفان ۾ اڏامي اڻ ڄاتل زمين تي ڪڻو ڪڻو ٿي وڃڻ کان پوءِ گم ٿي وڃي ها. ان جو نالو نيشان به نه رهي ها. پر اسان اڄ به زندهه آهيون ۽ نه صرف زندهه آهيون پر اڳي کان اڳرا آهيون. اسان هر کيتر ۾ ترقي ڪئي آهي. ان جو سبب اسان جو سنڌيپڻو آهي. تڏهن ته اندر ڀوڄواڻيءَ فخر سان چيو:
ايندي جي مصيبت ته اچي ٿيندي پريشان،
هٽندي نه ڪڏهن مرڪ مڌر منهنجي چپن تان.
( پرهه باکون ڪڍيون- 1963ع، ص-36 )
اسان محنت ڪرڻ کان ڪڏهن ڪونه ڪيٻايون. اسان جو عقيدو ان ڳالهه ۾ آهي ته ‘ڀنگي ٿي ڪمائجي شاهه ٿي کائجي.’ اها چوڻي اسان جي فطرت ۾ آهي. اسان نه ماضي نه مستقبل ڏانهن ڏسون. سدائين حال ۾ جيئون. نارايڻ شيام چيو:
- رڳو پير کڻ، گس ۽ چارا گهڻا،
نه دل لاهه پانڌي، سهارا گهڻا.
- ڊهي پَٽِ پيا ٺُل پراڻا مگر،
نوان ڏس کڙا ٿيا منارا گهڻا.
( ڏات ۽ حيات-1988ع، ص-50 )
اسان کان ڀلي کڻي ڪي ساهتڪار، ودوان، اڳوان وغيرهه وڇڙي ويا آهن، پر ڪئين نوان مُنارا به کڙا ٿي ويا آهن. اڄ اسان وٽ انترراشٽريه درجي جا رانديگر، سياستدان ۽ ساهتڪار وغيرهه آهن. ارجن حاسد سچ چيو آهي:
هت هند ۾ به سنڌوُ، وهندي آ تنهنجي ڌارا،
آهن اڃا ته آهن، ڪي مهربان زندهه.
( سواسن جي سرهاڻ- 1966ع، ص-9 )
(سماپت)
( مرڪزي ساهتيه اڪاڊميءَ جي نئين دهلي سيمينار23-22 جنوري 2009ع ۾ پڙهيل مقالو)
(بشڪريه ساهتيه اڪادمي )

تيرٿ بسنت جي شاعري

تيرٿ بسنت سنڌي ساهتيه جو وڏو نالو آهي. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪل ٽيٽيهه ڪتاب ڇپايا، جن ۾‘جواهر جيوني’ ڪتاب جا ٻه ڀاڱا ۽ ‘گانڌيجي’ ( جيوني) ڪتاب جا ٽي ڀاڱا شامل آهن. انهن ڪتابن ۾ آزاد ڪوتا صرف ٻه ڪتاب آهن. پهريون ڪتاب ‘آواز’ نالي سان سال 1980ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. ۽ ان کا پوءِ ستت ئي سال 1982ع ۾‘سنسار’ نالي ٻيو ڪتاب عوام کي پڙهڻ لاءِ مليو. هتي انهن ۾ شامل شاعريءَ جي اوک ڊوک ڪرڻي آهي.
اسان کي سنڌي شاعريءَ جي پرک ڀارتيه ڪاويه شاستر مطابق به ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي وڏي ڌيءُ مڃي وڃي ٿي ۽ ڀارتيه ڪاويه شاستر ۾ اٿاهه گيان سمايل آهي. ان ڪري مون ان کي آڌار بڻايو آهي.
جڏهن کان انسان ڳالهائڻ سکيو آهي، تڏهن کان هن پنهنجي واڻيءَ کي سهڻو ۽ اثردار بڻائڻ جو جتن ڪيو آهي. ڪوتا من موهيندڙ واڻيءَ کي ئي چئجي ٿو. ويد سنسار جا پهريان گرنٿ آهن، جن جو مواد ڪوتا ۾ آهي. ڪوتا ڇا آهي؟ ان جي باري ۾ ڪوبه ودوان اڄ ڏينهن سوڌو ڪابه خاطرخواهه پريڀاشا جوڙي نه سگهيو آهي. هر دؤر ۾ هر ودوان الڳ پريڀاشا ٻڌائي آهي ۽ پنهنجو رايو پيش ڪيو آهي. گريس جي پليٽو ۽ ڀارت جي ڀرت مُنيءَ کان وٺي سڀني ودوانن ڪوتا جي باري ۾ پنهنجا الڳ الڳ رايا ۽ ويچار ظاهر ڪيا آهن.
انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا ڪوتا کي‘ڪويءَ جو ڪلا جو ڪم’ چيو ويو آهي. ڪوتا جيڪڏهن ڪلا جو ڪم ئي ته هوندو آهي. اگني پراڻ جي اڌياءَ 337 جي سلوڪ 607 ۾ به چيل آهي ته چاهيل ارٿ کي مختصر ۾ ظاهر ڪندڙ پداوليءَ جو اهڙو جملو جيڪو سڀني نقصن کان آجو هجي، اها ئي ڪوتا آهي.
ڪوتا جا ٿلهي ليکي ٻه پاسا ٿين ٿا. هڪ جذبو ( منوڀاو ياخيال ) ۽ ٻيو اظهار. احساس، ڪلپنا، ٻُڌي ۽ ڍنگ وغيرهه ڪئين ڳالهيون انهن ٻنهي ۾ اچي وڃن ٿيون. ڪن ودوانن جذبي يعني منوڀاو يا خيال کي اهميت ڏني آهي ته ڪن وري اظهار کي ترجيح ڏني آهي. تيرٿ بسنت پاڻ به ودوان هو، ان ڪري اچو ته ڏسون ته ان جو ڪوتا جي باري ۾ ڪهڙو ويچار آهي. چوي ٿو:
“ ڪوتا آهي جڙ ورڌ آڪرمڻ/ جيءَ اندر جوالا جو ڀڙڪڻ/ من اندر مانڌاڻ مچڻ/ دور دور جا ديس رمڻ/ پنهنجي نرالي ٽور ٽرڻ/ رنگبرنگي اوڄ اڻڻ / شعر روح جو رقص آهي/ وجداني فزا جو عڪس آهي/ بکي منجهانئس هيج هلاس/ آس نراس ۽ چت اداس. ...” ( آواز، ص-16 ۽ 15 )
“ ڪا ڪا ڪوتا آهي انترڌيان/ پنهنجي پاڻ سان روح رهاڻ/ وياپڪ درشٽيءَ جو تيمان/ سرت نرت جو نرماڻ .....” ( آواز، ص-14 )
سچ آهي به ائين. جذبو(منوڀاو يا خيال ) ئي ڪوتا جي جڙ آهي. جذبو نه هوندو ته اظهار ڪيئن ٿيندو؟ ڪوتا وياپڪ درشٽيءَ جو تيمان آهي. پنهنجي پاڻ سان روح رهاڻ آهي. تيرٿ بسنت جو اهو رايولڳ ڀڳ ورڊس ورٿ جي ان قول جهڙو ئي آهي ، جنهن ۾ هن چيو آهي ته:
Poetry is the spontaneous overflow of powerful feelings, it takes its origin from emotions recollected in tranquility.
ان لحاظ کان ڏسجي ته ڪوتا جو دائرو ڏاڍو وياپڪ آهي. اهو جيترو وياپڪ آهي، اوترو ئي سوکيم به آهي. جذبا ( منوڀاو يا خيال ) من ۾ پيدا ٿين ٿا. من هڪ عجيب و غريب چيز آهي. اهو ايڏو طاقتور آهي جو سيڪنڊ ۾ ڪٿي جو ڪٿي پهچيِ وڃي. ان جي پهچ ۾ سڄو برهمانڊآهي. ان ۾ جنم جنمن جا سنسڪار ڀريل ٿين ٿا. اهو وچتر مانڊاڻ منڊيندو ٿو رهي. اهو ننڊ توڙي جاڳ ۾ پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهي ٿو. سوين روپ مَٽيندو رهي ٿو. من جي باري ۾ چوڻي به آهي ته:
‘ڪڏهين من ماڪوڙو ڪڏهين ڪيهر شينهن،
سرتيون سارو ڏينهن هينئون هنڌ نه هڪڙي.’
تيرٿ بسنت به ان ڳالهه جي تائيد ڪندي ‘آواز’ ڪتاب جي صفح 7 تي لکي ٿو ته:
“مڄاڻا/ رُلي من ٿو ڪهڙا ماڳ/ ونڊي منڊي وچتر ڀاڳ/ ٿو جوڙي ڪهڙا لاڳ چاڳ/ ويٺو ٻڌ سندس رينگٽ راڳ/ ڀل هجي ننڊ يا جاڳ/ لاشڪ توڏو آهي بي واڳ! هن چت اندر وسي ٿو برهمانڊ/وڪاس وناس جو سوريه چاند/ يگا يگ جو ڪرم ڪانڊ.”
اهي جذبا ۽ خيال/ويچار من ۾ پيا اڀرن. پل پل پيا ڄمن ۽ پل پل پيا مرن. هرڪو پمجمجي مَٽِ پاڻ آهي. تيرٿ بسنت چوي ٿو: “من اندر انيڪ ويچار/ مڇرن جيان ڀون ڀون ٿا ڪن./ هرڪو آپي آپ آهي. پنهنجي جاءِ پاڻ آهي.” (آ واز، ص-25 ) يا “ويچار ئي آهي انتم آڌار،نو نرماڻ جو سرجڻهار.” ( آواز، ص-9)
جيڪڏهن منوڀاو (ويچار) ئي ڪوتا جو سرجڻهار آهي ته پوءِ اُهو ته نراڪار آهي. اهو نراڪار ويچار ئي ساڪار شبدن ذريعي ڪوتا جو روپ ڌارڻ ڪري ٿو.هاڻي جتي شبد هوندا، اتي انهن جو ارٿ به ضرور هوندو.انهيءَ ڪري سنسڪرت ودوان ڀامهه چيو ته ‘شبدارٿؤ سهتؤ ڪاويم’ يعني لفظ ۽ ارٿ جو ميلاپ ئي ڪوتا آهي. پنڊتراج جڳنناٿ پنهنجي ڪتاب “رس گنگاڌر” ۾ ڄاڻايو آهي ته ‘رمڻيئارٿ پرتي پادڪهه شبدهه ڪاويم’ يعني سهڻو ارٿ ڏيندڙ لفظ ئي ڪوتا آهي. ان ڳالهه تي ڪيترن ئي ودوانن اعتراض ورتو. چي: هڪ لفظ سهڻو ارٿ ڪونه ڏيئي سگهندو آهي. پر لفظن يا جملي ۾ ارٿ ڏيڻ جي سگهه ٿيندي آهي. تيرٿ بسنت به حمايت ڪندي چوي ٿو:
“شبدن ۾ آهي سسڪار، جو/ ڀئنر جيان ڀون ڀون ڪري/ ڪپاٽ اندر ڪوتا اپائي/ هرڪو پل پيارو ٿو ڪري/ پوءِ/ ويچار جو هرڪو موڙ/ روح جو ريلو، ريچڪي دؤر/ بجليءَ جي شرڙاٽ جيان،/ آڻي ڇڏي اجالو انڌڪار ۾!” ( آواز، ص-91 )
آچاريه وشوناٿ پنهنجي‘ساهتيه درپڻ’ڪتاب ۾ لکيو آهي ته رس ڀريو جملو ڪوتا آهي.‘واڪيم رساتمڪم ڪاويم.’ ٻين لفظن ۾ چئجي ته جنهن جملي مان رس يعني آنند جو احساس ٿئي، اهو جملو ڪوتا آهي. جهڙيءَ طرح کاڌي پيتي جي شين ۾ الڳ الڳ رس يعني آنند هوندو آهن، تهڙيءَ طرح ڪوتائن ۾ به الڳ الڳ رس هوندو آهي. ڪوتا ۾ يارهن رس ٻڌايا ويا آهن، جيڪي هن ريت آهن- شرنگار رس، ادڀت رس، شانت رس، ڀڳتي رس، وير رس، واتسليه رس، هاسيه رس، ڪَرُڻ رس، رُدر رس، ويِڀَتِس رس ۽ ڀيانڪ رس. انهن مان پهريان ست رس سکدائي ۽ پويان چار دکدائي آهن، حالانڪ ڪن جو رايو آهي ته ڪرڻ رس به سکدائي آهي، پر منهنجي خيال ۾ اهو صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪَرُڻا يعني ديا دک جو احساس ٿيڻ کان پوءِ ئي ايندي آهي، ان ڪري اها سکدائي ٿي نٿي سگهي، ها باقي ڪنهن تي ديا ڪري ان جو دک دور ڪرڻ بعد سک جو احساس ٿي سگهي ٿو.
شرنگار رس کي سڀني رسن جو راجا يعني رسراج مڃيو ويو آهي. ان ۾ ناري ۽ پرش جي پريم جو اظهار هوندو آهي. تيرٿ بسنت جي پهرئين ڪتاب ‘آواز’ جي صفح 185 تي ڏنل ‘سجني’ سري واري ڪوتا شرنگار رس جو سهڻو مثال آهي. ڪوتا ڏسو:
“ اي سجني/سهڻي ٿيءُ، سدوري ٿيءُ/اها لڄاري اک کڻي نهار./ان اشتياقي اک جي نهار/هردي جي اندر آڻي ٿي عجيب اداسي/سوچان ٿو تون ئي کڻي ٿي سنگم/جتي/ سنڌو ۽ ستلج جو جل ملي وڃي! ( ايهام )/جيئن ڪلاونتي روح/ سنگيت جي ترنگ ۾ تڙڳي /تيئن هي جيءُ منهنجو/تنهنجي لوينڊر سان واسجي ويو آهي./ڀانيان ٿو/منهنجي اڌير من اندر/ ڪي گلاب ٽڙڻ لڳا./تنهنجي بادام جي گل جهڙي/گوري لساڻ/اهڙي ٿي وڻيم/جهڙي بهار جي هير،/جڏهن شرميلي اک کڻي/حجاب وچان/خاموش ٿي وڃين ٿي/ته تنهنجا اواڪ ٻول/سندم رت اندر/سرور جيان سرن/آءٌ ڄاڻان ٿو/تنهنجي چال ۾ ڪا چترائي ناهي/تون/اهڙي سدوري ٿي لڳين/جهڙي ڪبوُتري ( نئين نڪوري تشبيهه )/جنهنجو ڇرڪ/ خود ڇڪيندڙ آهي/ نٿو ڄاڻان/ تنهنجي سارنگيءَ جي تار ۾/ ڪهڙي تنوار آهي/ لڳي ٿو/ تنهنجي سادي سٻاجهي/سونهن جو سرود ( نئون نڪورو استعارو )/منهنجي ازلي اساٽ جي قافلن جي/اڃ اجهائيندو./تون نه پڇ/مان ڇا کي ٿو ڀانيان/يا/ ڇو ٿو ڀانيان!/تون/سياڻي ناهين ته ڇا/سياڻي آهين ته ڇا؟/سهڻي ٿيءُ- سدوري ٿيءُ/اها لڄاري اک/ کڻي نهار/ته/ ڪو آٿت اچيم.......”
تيرٿ بسنت جي ٻئين ڪتاب ‘سنسار’ جي صفح 150 تي ‘ويڻا’ سري واري ڪوتا به شرنگار رس جو سهڻو مثال آهي. ڏسو:
“اندر ۾ ويڻا ٿي وڄي!/هوءَ/منهنجي اک سان ٿي ڏسي/منهنجي نڪ سان ساهه ٿي کڻي/منهنجي ڪن سان ٿي ٻڌي/منهنجي دل سان ٿي ڌنوين/رت مان رون رون ٿي ڪري/تان جو/مان ناهيان مان/پر ٿي پوين ٿو/هوءِ! هوءِ!! هوءِ!!!/اها آهي ڪرامت/جا/ سالن کان سنبران/مان/سندو آتما جو آواز/اندر جو احساس/سرير جو سواس/سمرپڻ جو سڏ /سڌو ٿو ٻڌان/اسان جو پيار ازلي آهي/جيءُ جيءَ سان جڪڙيل آهي/مون/توکي ارپيو آهي پاڻ/ کُهه پوي تنهنجي ڄاڻ/ٿيءُ تون مون ساڻ/لاهي شڪ گمان!/استري آهي پرش جي شڪتي/شو جي پاروتي/برهما جي سرسوتي/منش جي بهترين ڀڪتي/يُڪتيءَ جي سچي مُڪتي!/سوچ/پيار نٿو ملي هر گهڙيءَ/امولڪ آهي دل جي دلبري/ روح جي رمز ۽ ذوق زندگي/ ان بنا بي رس ۽ چس آهي جندڙي!/اهو سالن جوسکڻو ليکو ڇاهي/آرٿڪ الجهڻ پڻ اجايو آهي/ماڻهو سيارو اونهارو ناهي/نڪي مند مهيني جو گهارو آهي/تون مون سان، مان توسان/بيحد سکي آهيون/خوش حال، خوش خيال/سرجوش با هوش/هڪ ٻئي جو جينُ ايمان آهيون./آءٌ-آءٌ-آءٌ/تون آهين منهنجو ساهه/سڻ منهنجي پريت جي پڪار/منهنجا جيءَ جيار/دل جا دلدار/ آءٌ-آءٌ-آءٌ.......”
مٿين ٻنهي ڪوتائن جي هر جملي مان شرنگار رس ٽپ ٽپ ڪري سِمي ٿو، جو پاٺڪ/ ٻڌندڙ کي شرنگار رس سان تربتر ڪري ٿو ڇڏي. درحقيقت ڀاو ۽ ڪلا جو تال ميل ئي ڪوتا ۾ رس پيدا ڪندو آهي.
ادڀت رس- جنهن ڪوتا مان پاٺڪ يا ٻڌندڙ جي من ۾ تعجب جو احساس پيدا ٿئي ته چئبو ته هو ادڀت رس واري ڪوتا جو آنند ماڻي رهيو آهي. تيرٿ بسنت جي هيءَ ڪوتا ادڀت رس جو احساس ڪرائي ٿي.
“هن سنسار اندر ڪي آهي، جو/ اڄاتي اسان کي چهٽي ٿي پوي/ جيون پٿ تي وَهندي ڳَهندي/ ڪَنڊِ جيان اوچتو اٽڪي ٿو پوي/ جيئن وڻ جي ڇوڏي هيٺ گرنٿ/ چڪر اندر چڪر ٿين/تيئن وجود تي پرتن مٿان پرت/تهن مٿان تهه ٻَجهندا ٿا وڃن/تان جو اسين کپ کتل پيا لڳون/اسٿل اچل بڻجي پئون/هيءَ رڪت ڌارا، جا سامونڊي سير جيان/سرير اندر سرت ٿي اپائي/تَنهنجو تاپ پڻ ڳجهه ڳوهه ۾ ليئر ٺاهي،/جيون گنگا جي چست رفتارسست ڪيو ڇڏي ( جيون گنگا نئون استعارو)/ لاشڪ سنسار اندر ڪي آهي.” (آواز،ص-134 )
ڀارتيه ڪاويه شاستر ۾ هن رس جو مالڪ برهما کي مڃين ٿا، جنهن هيءُ عجيب و غريب جهان جوڙيو آهي. جنهن کي سمجهڻ ڪنهن به انسان لاءِ ناممڪن چيز آهي. هن جهان کي ڏسندي تپرس وٺيو ٿو وڃي. شاعر پنهنجي ادڀت رس واري هڪ ٻي ڪوتا ‘ڪارسري ڪڪري’ ۾ دنيا جي وچترتا جو ڏسو ته ڪهڙو نه بهترين چترڻ ڪيو آهي.
“هوءَ ڪارسِري ڪڪري/اڀ مان اڏندي ٿي وڃي/سونَ وَرني ڪِنار سان/سِرڻِ جيان تَرندي ٿي وڃي/مڄاڻان ڪٿان ٿي اچي/ڪاڏي ٿي وڃي/هوا جي لهرن ۾/لُڙهندي ٿي وڃي!/هي اونهو اونڌو آڪاس/وچتر شڪتين جو اکٽ ڀنڊار/مهامنڊلن جو جنسار/وشو وهڪرن جو پرم پسار/برهم ليلا جو عجيب اسرار/اَگاڌ اسيم خال ئي خال/ڪرشمو قدرت لازوال/آهي عبرت حيرت بي مثال!/انهيءَ اٿاهه اڻ هوند مان/جوتيون ٿيون جرڪن/آنڌيون ٿيون اٿن/وڃيون ٿيون چمڪن/سڃ جي سيني مان/سج ٿا اپجن/وڪاس وناش جا مانڊاڻ ٿا منڊجن/سرشٽيون ٿيون ٺهن.......” ( سنسار ڪتاب جو صفح- 198 ۽ 197 )
ويڀتس رس- جنهن ڪوتا پڙهڻ يا ٻڌڻ سان من ۾ بڇان يا نفرت جو احساس جاڳي ته اهڙي ڪوتا کي ويڀتس رس واري ڪوتا چيو ويندو آهي. تيرٿ بسنت جي 1982ع ۾ ڇپيل ‘سنسار’ نالي ڪتاب جي صفح 109 تي ڏنل ‘بدبوُ’ سري واري هڪ ٻي ڪوتا به ڪجهه اهڙو ئي احساس ڪرائي ٿي.
“سندس وات آهي/ڪني پاڻيءَ جي هؤدي/جنهن ۾ پنئرا ٿا سرن/آهي ويشنو ڄائي ڄم کان/مگر/سندس سانس مان گندي گوشت جي ڌپ ٿي اچي./ائين آهي ڇا/ ماڻهوءَ جي من جي غلاظت/ ڄمار جي خيانت/رت ۾ پايورا جا ڪيڙا وجهي/ڪرفتي ڪئريئر/ٿي بڻائي/۽/هو بڻجي پوي ٿو/وياپڪ بدبو بدبو!”
ڀيانڪ رس- جنهن ڪوتا پڙهڻ يا ٻڌڻ سان من ۾ ڊپ جو احساس اڀري ته ان کي ڀيانڪ رس واري ڪوتا چيو ويندو آهي. تيرٿ بسنت وئيٽنام تي بمبازيءَ وقت هڪ ڪوتا لکي هئي، جيڪا سندس 1982ع ۾ ڇپيل سنسار نالي ڪتاب ۾ صفح 76 تي ‘هوچي مِن’ سري هيٺ درج ٿيل آهي.انهيءَ ڪوتا جا هيءُ ڪي ٽڪرا ڏسو جن ۾ ڀيانڪ رس سان گڏ ويڀتس ۽ ڪرُڻ رس جو گڏيل مسيل احساس آهي. هتي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جهڙي آهي ته ڪنهن به هڪ ڪوتا ۾ ڪئين رس ٿي سگهن ٿا.
“مٿان آسمان مان وڄون ٿيون وسن/هيروشيما جي ئي سؤ بمن برابر/مئگنيشم ۽ نيپالم/چيِس برگر ۽ ڊيزي ڪٽر/جا ڪڙڪاٽ ۽ ڌماڪا/نگر، بندر، کيت، جهنگل/ پڄريل فولاد جي پٽڙي اگنيءَ ۾/سواها ٿا ٿين/ٻار ٿا مرن، مائرون ٿيون جهُرن/اک نڪتل، ٻوٿ سڙيل/ڳريل ڳل، آنڊا نڪتل/چچريل لوٿ ٿا لڇن/ڪو هِت ٿو ڪِري، ڪو هُت ٿو مري/ملڪ ٿيندو ٿو وڃي/چندر لوڪ جي ڀسميءَ جهڙي/سڙيل ٻريل ڪاري دز/جتي ڪا اوڀر اڀري نه سگهي/بلڪ ٿيندو وڃي اهڙو مساڻ/ جو صديءَ پڄاڻا به/نه بڻجي سگهي رهڻ لائق آستان..”
جهڙيءَ طرح ڪا ڪوتا پڙهندي يا ٻڌندي دک جو احساس ٿئي ۽ پوءِ ديا اچي ته ان کي ڪرُڻ رس مڃيو ويندو آهي، تهڙيءَ طرح جڏهن ڪنهن ڪوتا ۾ ماءُ جو پنهنجي اولاد لاءِ ممتا يا پيار جو ڀاو هجي ته ان کي واتسليه رس واري ڪوتا چوندا آهن. تيرٿ بسنت جي ‘سنسار’ نالي ڪتاب جي صفحي 32 تي ڇپيل ‘بيکارڻ’ سري واري ڪوتا پيش آهي، جيڪا ڪرُڻ رس ۽ واتسليه رس سان گڏ رؤدر رس جا احساس اڀاري ٿي.
“... بيکارڻ جي لولي/لولي لال لولي! لولي لال لولي!/ڪا لڳي مُئي کي گولي/شل لڳي پڻهين کي گولي/لولي لال لولي! لولي لال لولي!......”
مٿين سٽن ۾ رؤدر رس سمايل آهي. جنهن ڪوتا مان چڙ يا ڪروڌ جو احساس جاڳي ان کي رؤدر رس واري ڪوتا ليکجي ٿو.انهيءَ ساڳي ڪوتا ۾ اڳتي واتسليه رس سان گڏو گڏ ويڀتس رس به سمايل آهي. اچو ته اهڙا ڪي ٽڪرا ڏسون:
1....“رت رڳن ۾ ڳاڙهو ڳاڙهو/اڀري اٿلي جيئن ڦوهارو/دال روٽي پالڪ ميٿيءَ/ جي گندي گوديءَ اوٻارو/اوگهه سوگهه، ڪِن ڪچري/جوٺ اوٻر جو ٿوڪارو/لولي لال لولي! لولي لال لولي!.............”
2....“وڃي وهان اتي جتي ڌوڙ وسي/دونهون سندم ساهه گهُٽي/گونهه گوبر جي ڌپ اچي/پَٽِڙي ڪرفتيءَ جو واهه وهي/جتي ڪُتو ۽ ڪُتي ڪئه ڪري/ڪوڙهيو ڪنجهي ساهه کڻي/لولي لال لولي! لولي لال لولي!.....”
هاڻي ڏسو ته ان کي ڪوتا ۾ واتسليه رس سان گڏ ڪيئن ٿو ڪرُڻ رس جو احساس جاڳي. بيکارڻ پنهنجي ٻچڙي کي چوي ٿي:
1.“.....ڀورل، ماڻهين ٻالي ڀولي/هيءَ نپَٽُ ڪوري نڪوري/تؤنس تن ۾، رون رون رڳ رڳ ۾/ٿيندي ويئي ڳؤري ڳؤري/ڪيسين رهندي ڪيسين جيئندي/هيءَ ڪايا نٻل ندوري؟/لولي لال لولي! لولي لال لولي!...........”
2.“.....ٻچڙو کڻي ٿي گهمان، ناچس اڄ نه سڀان/نه اٽو نه لٽو، نه اوهي نه واهي/نه اجهو نه اوڇڻ، نه راهي تلاهي/ننگو نرمل، ڪچڙو ڪومل/نيٻل درٻل، بيوس بلڪل/لولي لال لولي! لولي لال لولي!.....”
3.“....تون ڄائين ڇو؟/هن پاپ نگر ۾ آئين ڇو؟(رؤدر رس)/ناهي ڪُنڊ ڪٿي، رکان توکي جتي/ نه مڙهي نه مندر، نه ڀونگو نه ڀنگر/ هي جاءِ هٽ هٽ، گم ٿي جهٽ پٽ/ گارين جو ڌوُڙيو جُٺ ڦِٺِ، چٺ ڦٺ/ لولي لال لولي! لولي لال لولي!........” ( ڪرُڻ رس )
هندي ٻوليءَ ۾ واتسليه رس جو شروعاتي ڪوي سورداس کي مڃيو وڃي ٿو، جنهن جي لکيل لوليءَ جو ڀڳت ڪنوررام جي آواز ۾ هڪ رڪارڊ به ڀريل آهي. مٿين ساڳي ڪوتا ۾ تيرٿ بسنت وري واتسليه رس هن ريت اڀاريو آهي. چوي ٿو:
1.“..... ڇو ٿو دڙهوُن هڻي جگر ڏارين؟/ڀيڙي مُٺيون ٿو اولارين!/رنڀي رڙي ٿو ٻاڪارين/ڦٿڪي ڦٿڪي ٿو اڀ ڏارين/ڪنهن کي پوي نه ڪهڪاءُ/جو ڪري دوُر هي انياءُ/ لولي لال لولي!/لولي لال لولي!.........”
2.“.....ٻڌي تنهنجي اوئان اوئان،/اچ ته گڏجي توسان روئان/روئي پـِٽي ڪرم ڪُٽيان/سڏڪي سڏڪي سينو سٽيان/تون ئي چؤ، مان ڇا ڪريان؟/چؤ ڀلا مان ڇا ڪريان؟/ لولي لال لولي! لولي لال لولي!........”
هيءَ ڪوتا تمام وڏي آهي، پر هتي ان مان صرف اهي ٽڪرا ئي پيش ڪيا اٿم جن ۾ خاص ڪو رس ڀريل آهي. تيرٿ بسنت جي شاعريءَ ۾ هاسيه رس، وير رس، ڀڳتي رس ۽ شانت رس جا مثال ڪونه ٿا ملن. اهو شايد ان ڪري جو شاعر جي نظر ۾ نئين شاعري نئين نقطي نظر جو اظهار آهي.چوي ٿو:
“نئين نقطي نظر جو اظهار آهي نئين شاعري/هي سکڻو منورنجن ناهي، نڪي وري لطف اندازي!/شاندار طرز سان شاندار موضوع کپي/جو هر بند اندر آڳ لڳائي، نئين زندگي بخشي/سچ ته سڄي سامگري اسان جي سيني ۾/ادب اساب جي اندرين اُڃ جو پوُرائو آهي. (سنسار، ص-250) ڀلا اندرين اڃ مان هاسيه، ڀڳتي، شانت ۽ وير رسَ ڪٿان نڪرندا؟
تيرٿ بسنت پنهنجي طرز بيان کي دلڪش بڻائڻ لاءِ پنهنجن ڪوتائن ۾ تجنيس جو گهڻو استعمال ڪيو آهي. تجنيس کي هنديءَ ۾ انوپراس ۽ انگريزيءَ ۾ ايليٽريشن چيو ويندو آهي. اها لفظي صنعت يعني شبد النڪار آهي، ان جو هڪ قسم آهي تجنيس حرفي، جنهن ۾ مصرع جي گهڻن لفظن جو منڍ وارو حرف ساڳيو هوندو آهي. ڪي مثال پيش آهن:
1.“...هي ڇورو ڇٽيلو/هي هوڏي هٺيلو/نه حيلو وسيلو/نه گرو نه چيلو/ڇڙهو ڇٻيلو. ..” ( آواز، ص-5) ڪوتا جي لفظن ڇورو، ڇٽيلو، ڇڙهو، ڇٻيلو ۾ پهريون لفظ ‘ڇ’ ۽ هوڏي، هٺيلو، حيلو ۾ پهريون لفظ ‘هه’ من ۾ جهنڪار پيدا ٿا ڪن. ٻيا ڪي مثال ڏسون:
2.“.... چاهيان/چـِٽيان هردي جا گوڙ گهمسان/خفت سوداءَ ۽ خفقان/خلقيان خدايون، جوڙيان جهان/سٻر سهڻا سياڻا انسان....” ( آواز، ص-178 )
3.“.... جيئن سج منجهان ترورا ترڪن/تيئن تيز تيز ترشنائون تپن/ازلي اڃ سان لرزي انگ انگ/اچي ذوق منجهه آتشي امنگ....” ( سنسار، ص-60 ) هنن چئن سٽن مان پهرين ٻن سٽن جي لفظن ۾ پهريون حرف ‘ت’ آهي ۽ پونين ٻن سٽن ۾ ‘ الف’ حرف جي استعمال اظهار کي سهڻو بڻايو آهي. مثال گهڻا آهن، جيڪي پيش ڪرڻ ضروري نٿا لڳن.
تيرٿ بسنت پنهنجي شاعريءَ کي معنوي صنعتن سان به سينگاريو آهي. تشبيهه معنوي صنعت آهي.تشبيهه هڪ معنوي صنعت آهي. ان کي هنديءَ ۾ اُپما ۽ انگريزيءَ ۾ سِمِلي چون. ان ۾ هڪ شئه جي روپ ۽گڻ سنٻنڌي خاصيت کي واضع ڪرڻ لاءِ ٻي شئه سان جنهن ۾ اها ساڳي خاصيت وڌيڪ چٽي هجي، ان سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي. مثال طور:
“....تون/گلاب جهڙي شاداب/ٿي لڳين/مگر آءٌ/پنهنجي تحخاني اندر/تنهنجو / پشم جهڙونرم بدن/ايسپرسو جهڙو ساهه گرم/نوريئڙي جهڙي مشڪڻي نهار/مڇيءَ جهڙي گِسڪڻي گلنار/سانڍيندو اچان.....” ( آواز، ص-191 )
مٿين ڪوتا ۾ نرم بدن جي پشم سان، گرم ساهه جي ايسپريسو سان، مشڪڻي نهار جي نوريئڙي سان ۽ گسڪڻي گلنار جي مڇيءَ سان مشانهتڪئي ويئي آهي. اهي سڀ نيون نڪوريون تشبيهون آهن. تيرٿ بسنت جي ڪوتا جون هيءُ ٻه سٽون به ڏسو:
“....برقي شرار ۾ ويو رجي سج/بڻي شفق اهڙي جهڙو سون نج...” ( آواز، ص-56 ) شفق جي نج سون سان مشابهت من کي آنند ڏيئي ٿي. ڪوتا جو هيءُ ٽڪرو به ڏسو:
“.... هي نرمل جل/بلور جهڙو صاف سيتل/لڳي ٿو خوردبين ۾/جيوڙن سان ڳتيل/جي رام ليلا گرائونڊ تي/انبوهه جان پيا چُرن پُرن....” ( آواز، ص-88 )
شاعر نرمل جل جي بلور سان ۽ ان جي جيوڙن جي رام ليلا گرائونڊ جي انبوهه سان مشابهت ڪري تضاد اڀاريو آهي. حقيقت ۾ هيءُ جهان آهي به ائين. هر انسان ٻاهران ڪيترو به صاف سٿرو ڇونه ڏسجندو هجي، پر جيڪڏهن گهرائيءَ سان جاچي ڏسبو ان جي اندر سوين وڪار چرندا پرندا ڏسڻ ۾ ايندا.
تشبيهه وانگر استعارو به معنوي صنعت آهي. ان ۾ لفظ کي مجازي معنى ۾ اهڙيءَ طرح ڪتب آڻبو آهي جو ان جي حقيقي معنى سان تشبيهه جو تعلق هجي. استعاري ۾ بيان کي دلڪش بڻائڻ جي سگهه تشبيهه کان وڌيڪ ٿيندي آهي. هنديءَ ۾ هن کي روپڪ ۽ انگريزيءَ ۾ ميٽاڦر چوندا آهن. تيرٿ بسنت به پنهنجي شاعريءَ کي هن معنوي صنعت سان سينگاري وڌيڪ چٽو ۽ اثردار بڻايو آهي. مثال طور:
“.. ائين/ اسر جي اوجاڳي ويل/چت جي درسنيءَ تي/خماريل اکين اڳيان/اجاگر ٿين ٿا/قربدار شخص....” ( آواز، ص-36 ). هتي چت جي درسني استعارو آهي. اسان کي خبر آهي ته چت جو ڪو آڪار ڪونه ٿيندوآهي، پر شاعر ان کي استعاري ذريعي ساڪار درسنيءَ جو روپ ڏيئي پنهنجي اظهار کي خوبصورت بڻايو آهي.ٻيو مثال ڏسو:
“....ماڻهو به آهي ڪا برف جي ڇپ/جا جيتري ڳري،اوتري ڳجهي....” ( آواز، ص-56).ماڻهوءَ کي برف جي ڇپ ٿو چوي.اهو نئون نڪورو استعارو آهي.ڪوتائن جا اهڙا ٽڪرا ئي ڪڏهن ڪڏهن چوڻين جو روپ اختيار ڪندا آهن ۽ عام ماڻهن جي چپن تي رقص ڪرڻ لڳندا آهن. استعاري جو هيءُ هڪ مثال به ڏسو:
“....جي/ جيئڻ آهي جلڻ/ته/جلاءِ جيءَ جو ديپ/هڪوار/اوندهه ۾ اجالو ته اچي ويندو....” ( سنسار، ص-121 ). جيءَ جو ديپ استعارو آهي. جيءَ جو ديپ ٻرڻ سان اوندهه ۾ اجالو اچڻ واري ڳالهه سان طرز- بيان ۾ رنگيني اچي ويئي آهي. ٻيا مثال به ڏيئي سگهجن ٿا، پر اجائي ڊيگهه کي غير ضروري سمجهندي مثالن کان ڪنارو ٿو ڪريان.
ڪلپنا کي شاعريءَ جو آڌار مڃيو ويو آهي. شاعر وٽ ڪلپنا جو وشال ڀنڊار ٿئي ٿو، جنهن ذريعي هو نراڪار جذبن/خيالن کي ساڪار روپ ڏئي ٿو. ائين ڪندي هو ڪائنات جي بي جان چيزن ۾ به جان وجهيو ڇڏي ۽ پنهنجي تخليق کي ايترو ته اثردار بڻايو ڇڏي جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي منهن مان پاڻمرادو واهه واهه نڪريو وڃي. شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي لطافت تجسم يعني مانويڪرڻ يا پرسنيفڪيشن ذريعي آڻيندو آهي.
“.... ڀلا بسنت آهي ريچڪي/اوچتو رُسي، اوچتو پرچي/ڪڏهن هٿڙو گهمائي، دل هرکائي/کسڪي ٿو وڃي/ته سردي گرمي سريت جيان/هڪٻئي تي چڙهت ٿيون ڪن/يا من مؤجي پريميءَ جيان/لپٽجي ٿيون وڃن..” ( سنسار، ص-227 )
مٿئين ڪوتا جي ٽڪري ۾ تيرٿ بسنت سردي، گرمي ۽ بسنت جي مُندن جو مانويڪرڻ ڪيو آهي. مُند ريچڪي ڪيئن ٿيندي؟ ريچڪ ته ماڻهو ڪندو آهي. ماڻهو ئي رسندو ۽ پرچندو آهي. ٻيو به ڪمال ڏسو. سردي گرميءَ کي پهاڄون ٿو ڪوٺي. ڀلا سردي گرمي پهاڄون ڪيئن ٿينديون؟ اهو سڀ ڪويءَ ڪلپنا سان تجسم ذريعي ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي ۽ پنهنجي اظهار ۾ رنگيني آڻي ڇڏي آهي. هيءَ ڪوتا به ڏسو:
“....ڇيڳريون ڇوليون/چؤپٽ چريون/ڪنهن نه جهليون ٻارڙن جيان اٿلي پٿلي/ليٽي پيٽي/نچي ٽپي/ڦان ٿيو پون/لس ليٽ ٿيو وڃن....” ( سنسار، ص-155 )
ڀلا ڇوريون ڇيڳريون يا چؤٽ چريون ڪيئن ٿينديون؟ ڇيڳريون ته ڇوريون ٿي سگهن ٿيون. هتي به ڇولين جو مانويڪرڻ ڪيل آهي، جنهن سبب ڪوتا من کي موهي ٿي.
“.....هاڻي چنڊ ڊوڙندو ٿو وڃي/تارا نِوڙي پاڻيءَ ۾ ٿا نهارين/ڄڻ ڪا سندري سروور ۾ پاڻ ٿي پُسي...” ( سنسار، ص-84 )
چنڊ ڊوڙندو ناهي. تارا نِوڙي پاڻيءَ ۾ نهاريندا ناهن. اهي ٻئي ڪم انسان يا پسون ڪري سگهندو آهي. تيرٿ بسنت تلاءَ کي آئينو بڻائي اهڙو چٽ چٽيو آهي جو الوڪڪ سونهن ڀريو نظارو ذهن ۾ اڀري اکين آڏو اچي ٿو بيهي. شاعر اهو ڪالپنڪ نظارو تجسم ذريعي خلقڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
ايهام هڪ اهڙي لفظي صنعت (ارٿ النڪار) آهي، جنهن ۾ شاعر ڪنهن شعر جي مصرع ۾ ڪو اهڙو لفظ ڪتب آڻيندو آهي، جنهن جون ٻه يا ان کان وڌيڪ معنائون هونديون آهن. هڪ عام رواجي ۽ ٻيون غير رواجي. انگريزيءَ ۾ ان النڪار کي پَن ۽ هنديءَ ۾ شليش النڪار چوندا آهن. ڪوتا پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جو ڌيان رواجي معنى ڏانهن ويندو آهي، پر شاعرجي ڪوتا ۾ ٻي غير رواجي معنى هوندي آهي. ڪن ودوانن جو رايو آهي ته هيءُ ارٿ النڪار سان گڏ شبد النڪار به آهي، ڇو ته لفظ جڏهن عام رواجي معنى ۾ ٿو اچي تڏهن اهو شبد النڪار آهي ۽ جڏهن ان جون ٻيون معنائون نڪرن ٿيون تڏهن اهو ارٿ النڪار آهي. هتي تيرٿ بسنت جي شاعريءَ مان صرف هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
“،،...يارو چٻرا ٿا چيخن/ڀورڙن کي ڀچو بڻائي/ڀومي ٿا ڀيلين/پاپ ۾ پرٻل ڀرشٽاچاري/جن جي عينڪي اکين ۾/ڪُپت جون ڪُرڙيون ٿيون تڙڳن/جن جو رڳون/روڳي رت سان آهن نيريون نيريون/پراڻي ڌوتيءَ جهڙيون ليڙون ليڙون/سي ديس جي خشڪ آنڊي تي/ڀرشٽاچار جو سڻڀ لڳائي/سڪل ٿڻ ٿا ڏُهن/گويا جيئرا لاش/ڀيم جي ڀاڪر ۾ ٿا جَڪڙِن........... ” ( آواز، ص-95)
هن ڪوتا ۾ تجنيس حرفي به واهه جي آهي. ڪوتا ۾ چٻرا لفظ جي ٻي معنى آهي سرڪاري آفيسر. اڳتي ٻيا لفظ آهن- عينڪي اکيون ۽ ڪپت جون ڪرڙيون. ‘عينڪي اکيون’ جي عام رواجي معنى آهي عينڪ پاتل اکيون، پر غير رواجي معنى آهي گهٽ نظر واريون يا ڌنڌلو ڏسندڙ اکيون. شاعر چوڻ ٿو چاهي ته آفيسرن جي اکين جي نظر گهٽ ٿيندي آهي اهي ڌنڌلو ڏسنديون آهن. ‘ڪُپت جون ڪُرڙيون’ جي غير رواجي معنى آهي ڀرشٽاچار يا ڪرپشن جا خيال. ‘ڪپت جون ڪرڙيون’ نئون نڪورو استعارو بالتشريح به آهي.
ڀارتيه ڪاويه شاستر ۾ ريتي، وڪِروڪِتي، ڌِوني ۽ اؤچتيه وغيرهه نالن وارا ٻيا به ڪئين اصول يا سڌانت آهن، جن جي ذريعي ڪوتا جي پرک ڪري سگهجي ٿي، پر هتي وقت جي ڪميءَ سبب انهن سڀني کان ڪنارو ٿو ڪجي.
تيرٿ بسنت ڀلي کڻي پنهنجي شاعريءَ کي نئين شاعري ( نئين ڪوتا ) چيو هجي ۽ موهن ڪلپنا به سندس ڪوتائن کي نئين ڪوتا مڃي سندس ڳالهه جي تائيد ڪئي هجي، پر مونکي سندس ٻنهي ڪتابن جو مطلع ڪندي، سندس شاعريءَ ۾ صرف نئين ڪوتا نه پر نظم ۽ آزاد نظم به نظر آيا آهن. نظم ۽ آزاد نظم ٻئي اردوءَ جي اثر هيٺ سنڌي ساهتيه ۾ آيا. نظم جي هر سٽ مقرر ڪيل ڇند يا بحر وزن ۾ ٿئي ٿي ۽ ان ۾ قافيو به ٿئي ٿو. مثال طور‘آواز’ڪتاب جي ص- 111 تي ڏنل ‘آواري جي آس’ سري واري ڪوتا جون ڪي سٽون پيش آهن، جيڪي نظم جون ٿيون لڳن:
1.لاشڪ آءٌ آهيان ڪو راز- وشال ويچار دور دراز
امنگ آرزوءَ جو پرواز- ويڻا ڪائنات جو آواز
2.آءٌ آهيان ڌرتيءَ جي دل جي ڌڙڪن- ديش ڪال جو سندر سرجن
سرشٽيءَ جو اوجل درپن – جڳان جڳ جو اتم جيون
3.سندم رت ۾ ساگر ٿو ڇلڪي- مغز اندر سورج چمڪي
ٿي انگ انگ ۾ اني ڀڙڪي – ساهه اندر شڪتي جرڪي
ڇاهيان منجهائون گيت اپجي – جئن سپ اندر موتي پسجي
مٽيءَ مُٺ مان مچ مچي – ڀرپور جيون نرتيه نچي
4.روح ۾ ڇڙي راڳ بسنت – ٿئي ايشوري آسيس اننت
اتپن ٿئي انمول اُڪنڊ – سرهو سٻر ڪلاونت!
مٿئين نظم جي سٽن ۾ تيرٿ بسنت ڇند ۽ قافيا ٻئي ڪتب آندا آهن. نئين ڪوتا /نثري نظم ۾ قافيو ڪونه ٿيندو آهي. صرف شاعراڻو خيال لازمي شرط هوندو آهي، هاڻي آزاد نظم جي ڳالهه ڪريون. آزاد نظم جي هر سٽ جو ڇند/بحر وزن مقرر ڪيل ڪونه هوندو آهي. هر سٽ جي رڪنن ۾ ڪمي پيشي ڪري ڪا سٽ ننڍي يا ڪا وڏي ڪري سگهبي آهي، آزاد نظم ۾ نظم وانگر قافيو ڪونه هوندو آهي، پر قافيه ٿي به سگهي ٿو.هتي آءٌ تيرٿ بسنت جي ٻئين ڪتاب ‘سنسار’ جي صفحي 163 تي ڏنل ‘اونهو انڀو’ سري واري ڪوتا جا ڪي انس پيش ٿو ڪريان. اهي نئين ڪوتا آهن يا آزاد نظم، اهو توهان پاڻ ڏسو.
“....هن ڪوسي وارياسي واءَ/تپت تاءَ سمي/ڪجهه سجهي ئي نٿو،/البت/سنجها جو اُتر مان/ ڪا ڪڪري/ لغڙ جيان آئي ترندي/ ۽ آهستي آهستي/ ڪارسرا اڇسرا ڌڻ ويا ڇانئجي./پوءِ وڏڦڙو وسيو ۽ وڄ وراڪا ڪيا./اڃا گگن گرڀت ئي هو/ته اک لڳي ويئي/۽ مڄاڻا ڪنهن ويل اويل/تري آئي دل جي سرور اندر/ڪا صورت، ڪو آواز، ڪا نهار/جنهن جي هلڪي ڇهاءَ/نس نس ٽنگسٽن جي تار جهڙي تپائي ڇڏي/اننت مان اتينت پيار جي الهاس/وياپڪ ڪروڻا جو آڀاس/ايشوري آسيس جو سواس/نرمل جوت جو پرڪاش/بلڪ/ڪو اونهو ارمان ۽ انڀو اٿلي پيو/جنهن/قلب جي ڄميل برف رجائي ڇڏي...”
هڪ ٻيو مثال ڏسو:“.....اڪيلائيءَ اندر/ دل جي ويراني ۾/ جڏهن/ ڳوڙهن سان ڳالهائيندو آهي/ ڪو بکايل/ بيگانو خيال/ ته ان جي اجهل/ اواڪ اڃ/ جي اظهار خاطر/ بي اختيار/قلب ۾ قوت ۽ قلم جي ڪرامت/اچي ويندي آهي.......”
فارم ڪهڙو به هجي، ڪوئي فرق ڪونه ٿو پوي. ڪلا ته ڪلا آهي. بقول تيرٿ بسنت : “ڪلا جي وشيشتا آهي رنگ، روپ، آواز، رس، ساز دواران اهڙو سندر سنسار سرجڻ جو ان اڳيان هيءُ جڳت ٻُسو، ڪُجسو ڀاسي. مراد آهي ڀرپور جيون لاءِ اٻلاکا اتپن ڪري، دنيا کي بهتر بڻائڻ.ڪلا سدائين پورڻتا جي پوڄارڻ رهي آهي.”
ڪل ملائي تيرٿ بسنت جي شاعري چئمبرس ڊڪشنريءَ ۾ ڏنل ڪوتا جي ان پريڀاشا تي بلڪل کري ٿي اتري، جنهن ۾ لکيل آهي ته ڪوتا ڪلپنا ۽ چيتنا/انڀوتيءَ مان پيدا ٿيل ويچارن کي سريلن لفظن ۾ ظاهر ڪرڻ جي ڪلا آهي.
“Poetry is the art of expressingin melodious words, thoughts which are creation of imagination and feelings.”
(سماپت )
(17 سيپٽمبر 2009ع تي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جي ‘تيرٿ بسنت شتابدي سيمينار، ڀوپال’ ۾ پڙهيل مقالو )
( بشڪريه ساهتيه اڪادمي )

مؤجوُدهه دؤر ۾ سرجن – نئين ڪوتا ( 2001 کان 2010ع )

هونئن ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب جا دؤرگهڻي ڀاڱي صدي/ اڌ صديءَ کان گهٽ جا ڪونه ٿيندا آهن. اهي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڏهاڪن جا ته اوس ٿيندا آهن، پر هتي مون کي ايڪويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل/ ڇپيل نئين ڪوتا تائين پاڻ کي محدود رکڻو آهي. ظاهر آهي ته ان ڏهاڪي ۾ به نئين ڪوتا سنڌي ساهتيه کي مالامال ڪندي ترقيءَ جي راهه تي پنهنجو قدم اڳتي وڌايو آهي.
نئين ڪوتا ڪا ٺلهي بيان بازي ڪانهي ۽ نه وري ڪا نعري بازي آهي. نئين ڪوتا ويچار تي ٻڌل يعني ٿاٽ اوريئينٽيڊ ڪوتا آهي. نثر جا جملا ٽوڙڻ ڦوڙڻ سان به نئين ڪوتا ڪانه جُڙندي آهي، جيستائين ان ۾ انڀو ۽ سنويدنا مان پيدا ٿيل ويچار جو فنڪارانه اظهار نه هجي. اهو ئي فنڪارانه اظهار ڪو شعاع پسائي ذهن/من جي ڪا ڪُنڊ روشن ڪري سگهندو آهي.
سنڌيءَ ۾ نئين ڪوتا ويهين عيسوي صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ پرڏيهي اثر هيٺ آئي. ان کان اڳ نثري نظم،آزاد نظم ۽ ادب لطيف نالن سان ڪوتا لکي ويندي هئي، حالانڪ اهي نالا به پرڏيهي ڪوتا جي فارمن جا سنڌي ترجمو هئا. آزاد نظم ته سڌو سنئون انگريزي لفظ ‘فري ورس’ جو ترجمو هو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ گرو رويندرناٿ ٽئگور جي انگريزي ڪتاب‘ گارڊنر’ جو ‘پريت جا گيت’ نالي سان نثري نظم ۾ترجمو ڪيو ته لالچند امرڏني مل به ان ساڳي ڪتاب جو‘سدا گلاب’ نالي سان نثري نظم ۾ ترجمو ڪيو. ارجن ايسراڻيءَ وري انگريزي ڪتاب ‘ڪريسينٽ موُن’ جو ‘ ٻالچندر’ نالي سان نثري نظم ۾ ترجمو ڪيو. 1962ع ڌاري ڪلا پرڪاش پنهنجي ڪوتائن جو ڪتاب ‘ممتا جون لهرون’ ادب لطيف ۾ لکي ڇپايو.
نئين ڪوتا ورهاڱي سبب جيوت ۾ پيدا ٿيل خال، سنڌ جي ڳوٺن مان نڪري ڀارت جي شهرن ۾ اچي رهڻ سبب پيدا ٿيل ويڳاڻپ، اجنبيت، رشتن جي کوکلائپ ۽ ٻيا ڪئين مسئلا کڻي نئين جيون ٻوڌ ۽ ڀاو ٻوڌ مان ڦٽي نڪتي. هريش واسواڻيءَ جي لکيل ‘پرش وئشيا’ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين نئين ڪوتا مڃيو وڃي ٿي. ڪي گوورڌن ڀارتيءَ جي ‘سئنيٽوريم جي پهرين رات’ کي پهرين نئين ڪوتا مڃين ٿا.
ان نسبت ڪرشن راهي لکي ٿو-“ گوورڌن ڀارتيءَ جون ‘سئنيٽوريم جي پهرين رات’ ۽ ‘پوسٽ آپريشن وارڊ ۾’ ذڪر لائق آهن، اگرچ اهي ٻيئي ڪوتائون آزاد نظمون آهن. مگر انڀو جي شدت ۽ اظهار جي جدت سان آزاد نظم جون حدون لتاڙي گهڻو پٺيان ڇڏي ٿيون وڃن. زندگيءَ جي پيڙا جو اهڙو شديد انڀو ۽ ان جو اهڙو تکو ۽ ڪؤڙو اظهار آزاد نظم ۾ ڪڏهن ڪونه آيو هو. البت، اهو سچ آهي ته اهي ٻه ڪوتائون شاعر جي بنهه شخصي، ڪجهه جسماني، ڪجهه ذهني پيڙا جي ئي سهاري بيٺيون آهن. گوورڌن جو نئون ڪوتائي رخ ان ڪري اتي ئي رهجي ويو آهي. هريش واسواڻي نئين ڪوتا جو باني، سنڌي شاعريءَ جي نون آوازن ۾ پهريون آواز آهي.” (‘سنڌي شاعريءَ ۾ نوان آواز’ - ڪرشن راهي 1982ع )
ان کان پوءِ موهن ڪلپنا، واسديو موهي ۽ آنند کيماڻي به نئين ڪوتا تي قلم آزمائي ڪرڻ لڳا. پوءِ ان سفر ۾ شيام جئسنگهاڻي، نامديو تاراچنداڻي، رتن آڏتاڻي، وشنو ڀاٽيه، برج موهن، گوورڌن تنواڻي، موهن‘ديپ’ ۽ پريم پرڪاش وغيرهه به شامل ٿي ويا. ڪن پابند شاعري ڪندڙ شاعرن جهڙوڪ ايم ڪمل، ارجن حاسد، ايشور‘ آنچل’، ارجن شاد ، ڪرشن ‘راهي’، لڇمڻ ڀاٽيا ‘ڪومل’ وغيرهه به نيون ڪوتائون لکيون. ان کان پوءِ ايشور چندر، سندري اتمچنداڻي، اندرا واسواڻي، نانڪ مدناڻي ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ جهڙن ڪيترن ئي نثر نويسن به نئين ڪوتا تي قلم هلائي پنهنجو پاڻ موکيو. نئين ڪوتا جو جهول ڪڏهن خالي ڪونه رهيو. نت نوان آواز اڀرندا رهيا. جينت ريلواڻي، چترو ناگپال، گوورڌن شرما ‘گهايل’، نند جويري، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڊاڪٽر ستيش روهڙا ۽ ٻيا ڪئين شاعر/شاعرائون آهن، جن نئين ڪوتا لکي آهي ۽ اڄ به لکي رهيا آهن.
موهن ڪلپنا جو چوڻ آهي ته،“ نئين ڪوتا اگهاڙي من جي پوري ننگائپ آهي. جتي گهڻو ڪجهه مختلف ۽ متضاد آهي ۽ شخص ڪنهن اڏامندڙ کِن ۾ پنهنجي من جي ڪنهن حصي جي ننگائپ، تلخيءَ جي اڻ چاهيل بندش مان، غير بناوٽي فارم ۾ اظهاري ٿو. نئين ڪوتا نانگ ڦڻيءَ جو وڻ آهي.” (سنڌيءَ ۾ نئين ڪوتا ۽ چيتنا جي تشريح – 1982ع )
ان ڏس ۾ هن ڏهاڪي ۾ لکيل هريش واسواڻيءَ جي هيءَ ڪوتا ڏسو، جنهن ۾ نين علامتن ۽ نئين تخليقي ٻوليءَ ذريعي فنڪارانه اظهار ڪيل آهي:
“ ادرشيه آگ/منهنجي جسم ۾ پيل،/هڪ الائڊ ڌاتوءَ کي،/ڳاري/سفيد ترل پدارٿ/بڻائي ڇڏيو،/پاري وانگر/مون ان کي پنهنجي ترين تي نه کڻي/هڪ سنٿيٽڪ پاردرشي پردي ۾ جذب ڪري/هڪ ٻئي جسم جي/شُڌ ڪسؤٽيءَ تي ڪسڻ ٿي چاهيو،/پر ڪسؤٽي خود الائڊ نڪري پيئي ....” (آس پاس کان آر پار طرف – 2010ع )
مٿي چيو ويو آهي ته نئين ڪوتا لکڻ وارن شروعاتي شاعرن ۾ واسديو موهي به هو. سندس نين ڪوتائن جو پهريون مجموعو 1975ع ۾ ‘تضاد’ نالي سان شايع ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کان پوءِ هو غزل طرف مُڙيو، پر تنهن هوندي به هو نئين ڪوتا لکندو رهيو ۽ اڄ به لکندو رهي ٿو. ان پهرئين ڪتاب ڇپجڻ بعد سندس نين ڪوتائن بابت موهن ڪلپنا لکيو هو- “ موهيءَ جي ڪوتا، ‘ڪوتا’ ۾ روزمرهه جي زندگيءَ جي لطافت مؤجود آهي. هڪ خوبصورت انداز- بيان جيان، جا سندس شخصيت جي الڳ ڇاپ قبول ڪري سگهجي ٿي.” ( ‘سنڌيءَ ۾ نئين ڪوتا ۽ چيتنا جي تشريح’- موهن ڪلپنا 1982ع )
موهيءَ جي نئين ڪوتا ۾ ان وقت جا شوخي هئي، سا اڄ به قائم آهي. هڪ مثال: “هاڻي تو وٽ/بي حساب هٿيار آهن/ڪرسيءَ جي، قاعدن جا/هاڻي تنهنجي نظر/منهنجي اندرين پرڳڻن تي آهي/تون ايندين ضرور/مون کي ڊپ ناهي/مون پاڻ وٽ/هڪ سئي سنڀالي رکي آهي/مون کي خبر آهي/پنهنجو اندريون پرڳڻو سونپڻ کان/منهنجي انڪار تي/ تون مون تي حملو ڪندين/ان وقت مان توکي سئي چڀائيندس/مون ئي چئن جي ننڊ ملندي/پر تنهنجي هميشهه ڦٽل رهندي...(‘ريل جي پٽڙي ميري’-2009ع، ص-116 )
جڏهن ڪو ڪوي پنهنجي جذبي ۽ پيڙا جي تک کي عام ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندو آهي، تڏهن هو ڪن خاص چيزن، لفظن ۽ آوازن کي علامتي معنى ۾ ڪتب آڻيندو آهي ۽ ائين هو پنهنجي ڪوتا ۾ گهرائي ۽ معنويت پيدا ڪندو آهي. شيام جئسنگهاڻيءَ جي ڪوتا‘رات 2’ جو ڪجهه حصو پيش آهي، جنهن ۾ علامتون موهين ٿيون.
“منهنجي جاڳيل قدمن جي آهٽ پائي/ننڍڙا مڪان بي چئنيءَ ۾ڪن کڙا ڪن ٿا /ٿڪل رستا منهنجي پيرن جي ڇهاءَ سان سهڪن ٿا/مان پنهنجي پاڇي جو پيڇو ڪندو ٿو رهان/تارا مون ڏانهن نهاري عياري اکيون ڀڃن ٿا/مان کين ناڪاري اڳيان هلندو ٿو رهان/ رستن جا بورڊ واچوڙي ۾ اڏري ويا آهن/روشنيءَ تي هر دشا ۾ ڌنڌ حاوي آهي.” ( وجود ئي وڻڪار- 2009ع )
هر انسان پنهنجي اندرين ذريعي سنسار ۾ انڀوَ حاصل ڪندو رهندو آهي، پر انهن انڀون مان پيدا ٿيل احساس ۽ جذبا زندگيءَ جي مجبورين سبب سندس من ۾ ئي دٻجي مري ويندا آهن. صرف هڪ شاعر ئي آهي، جنهن جي من ۾ اهي پچندا رهندا آهن ۽ جڏهن پچي راس ٿيندا آهن ته اهي لفظن جو جامو پائي پني تي اڪرجي ويندا آهن. پوءِ پاٺڪ جڏهن انهن کي پڙهندو آهي تڏهن سندس من جو اهو دٻيل احساس جنهن سان هوُ پهرين ڪڏهن دوبدو ٿيو هو، اهو جاڳي اٿنندو آهي ۽ سندس منهن مان واهه واهه نڪري ويندي آهي، ڄڻ سندس ان احساس اظهار پائي کيس پيڙا کان نجات ڏياري سک ڏنو هجي. نامديو تاراچنداڻيءَ جي هيٺين ڪوتا ‘تلاش’ به ڪجهه اهڙو ئي احساس ڪرائي آنند ڏئي ٿي. ڏسو:
“....مان/پنهنجي طاقت/ملڪيت/ڪلا/ڄاڻ/ڊگرين/۽/موهه کي/ٽڪرا ٽڪرا ڪري/ڀڃي ڀوري/هڙ ٻڌي/ڪلهي تي کڻي/ڪنهن ‘اڻ ڄاتل’ جاءِ تي/اڇلڻ لاءِ گهمان ٿو‘/ سالن کان/اهڙي جاءِ/اڃا نه لڌي آهي!/جيڪا مون ڪڏهن نه ڏٺي هجي!/جتي مان ڪڏهن نه پهتو هجان!/ڪلهي تي بار تاري آهي!......” ( ‘سپون’، جنوري- مارچ 2003ع )
نئين ڪوتا ۾ ڪوتا ان جي اختصار ۾ هوندي آهي ۽ ان جي نثر جو اثر لفظن جي سوکيم معنى ۾ هوندو آهي. لفظ ڌاڳي وانگر هوندا آهن. هر ڌاڳي کي ڦولهڻ جي ضرورت پوندي آهي. هر لفظ جا ڪئين مفهوم/تهه ٿيندا آهن ۽ تخليق جو رول ئي اهو آهي ته لفظن مان ڪا نئين چيز پيدا ڪري، ڇاڪاڻ ته هڪ لفظ ٻئي لفظ سان گڏجي پنهنجي معنى مَٽائي ڇڏيندو آهي. هڪ مثال ڏسو:
1.‘ماما پهرين مون کي سڌ ڪانه پيئي/شبد جا ٽي ڀاڱا ڪيم تڏهن ڄاتم/ ماما تو ۾ ٻه مائرون آهن. .....’ ۽ 2.‘ماما هل ته مندر هلون/چڱن ڏينهن کان ڀڳوان اسان جو درشن ڪونه ڪيو آهي. .....’ ( شريڪانت صدف- ‘وچ وارن کي لٺ بڻاءِ’2004ع )
موهن همٿاڻيءَ وٽ به اختصار آهي.ان ڪري سندس ڪوتا دل ۾ چڀي ٿي. ڏسو:
1.‘ننڍپڻ جو/ سچ/وڏو ٿيڻ تي/‘ڪوڙ’/ٿو لڳي./سچ پچ/اسان/وڏا ٿيڻ بعد/ڪوڙا سچار ٿي ويندا آهيون. .......’ ۽ 2.‘اونداهي ڪمري ۾/وڃي ڪري ئي/نگيٽو کي/ڊولپ ڪري/‘پازيٽو پڪچر’/ڏسي سگهبي آهي/‘رچناڪار’/ڪا خوبصورت رچنا/ ڪرڻ لاءِ/بدصورتيءَ جي تلاش ۾ آهي. ....’ (‘هاڻي صبح جو انتظار ڪونهي’-2009ع )
نئين ڪوتا روزمرهه جي زندگيءَ مان کنيل نون انڀون جو اظهار چاهي ٿي. اظهار ۾ ٽريٽمينٽ به اڇوتو ۽ انوکو هئڻ گهرجي، ان مان تخليقي قوت نمايان ٿي بيهندي آهي.
‘گهٽيءَ جي موڙ تي/زبون ڪئبن ۾/هڪ شخص/سندس پيشاني/کيڙيل زمين/ سندس اکيون/وسامندڙ ٽانڊا/سندس هٿن جون نسون/وڻ جي ڏنگين ڦڏين ٽارين جيان/ اڪيلو-انتظار،/خاموش..../سندس سامهون آهن/رنگبرنگي ڌاڳا/ڪي سُيون/هڪ بورڊ آهي/ مبهم لکاوٽ/ڪنهن پراڻي يادگيريءَ جيان/آهستي آهستي/ظاهر ٿئي ٿي/رف وگ ر /وڄ ٿي چمڪي/مون کي عرصي کان ڳولها آهي/رفوگر جي/جو منهنجي وشواس جي چادر جا/ٽنگ رفو ڪري. ......’ ( موهن گيهاڻي، رچنا- 116، آڪٽوبر- ڊسمبر 2007ع )
نئين ڪوتا جي صرف هڪ ئي ڪسؤٽي آهي ته اها من کي هڪدم ڇهي وڃي. دل و دماغ کي ڌوڏائي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ۽ ان کي پڙهندي يا ٻڌندي واهه واهه نڪري وڃي.
هيءُ ڪجهه مثال ڏسو:
1.‘.....ڪالهه سندس جوان جماڻ ڌيءُ، گهران ويئي/ته رات سڄي نه موٽي،/صبح جو آئي/وڃي پنهنجي ڪمري ۾ سمهي پيئي/ائين چئي ته ڏاڍي ٿڪل آهيان....’ (ارجن حاسد، ‘نه ائين نه’ 2009ع- صفحو 153 )
2.‘پيار تي/ ڍير سارا ڪتاب/ مون پوءِ پڙهيا/ڍير سارا ڪتاب/مون پوءِ لکيا/ پڙهيل ۽ لکيل/انهن ڪتابن جا/ سڀ سبق/اصل ۾/مون پهرين چميءَ ۾/پڙهي، لکي ورتا هئا.’ ( لعل پشپ – ‘سپون’، آڪٽوبر- ڊسمبر 2004ع )
شاعر جي انڀو ۽ انڀوتيءَ ۾ جيتري صداقت ۽ جذبي ۾ جيتري تک هوندي، اظهار به اوتروئي سهڻو لڳندو. اڄ نئين ڪوتا زندگيءَ جون اهڙيون اڻ ڇهيل ڪُنڊون روشن ڪيون آهن جو ڪوتا پڙهندي يا ٻڌندي اکيون چرخ ٿيو وڃن.
‘زندگي ڏاڪڻ چڙهندي رهي/مؤت ڏاڪڻ لهندو رهيو/چڙهندي لهندي/ٻئي هڪ جڳهه تي مليا/گلي مليا/۽ ائين مليا جو/زندگي، زندگي نه رهي/مؤت، مؤت نه رهيو/ هڪ خال اڀري آيو. .....’ ( دروپدي ڌنواڻي – “پتنگ ” 2009ع )
سگمن فرائيڊ جو چوڻ آهي ته،“ اچيتن من ۾ ستل اڇائن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ئي ڪلائن جو جنم ٿيندو آهي.” هونئن به اڇائن بنا زندگي جيئڻ جو ڇا مطلب آهي؟ اندرا شبنم به ان ڳالهه جي تصديق ٿي ڪري. چوي ٿي:
‘ننڍپڻ کان اڄ تائين..../خواهشن کي دٻائڻ،/آرزن کي دفنائڻ، چاهي به نه چاهڻ/جو پاٺ پڙهايو ويو هو/ڪو غلط ڪم آهي./اڄ! هن وقت ...هن پل/ايمانداريءَ سان ٿي چوان/اڇائن پوري ڪرڻ لاءِ ته/جيئڻ لاءِ/چاهه پيدا ٿي رهيو آهي.’(جاڳيل ضمير2006ع)
مايا راهي نئين ڪوتا لکندڙ شروعاتي شاعرائن مان آهي. سندس اظهار جو ڍنگ نرالو ۽ ان ميداني نديءَ جهڙو آهي، جيڪا ٻاهران ته سانت هوندي آهي، پر اندر وهڪرو تيز هوندو اٿس. اهو وهڪرو تري واري مٽي ئي محسوس ڪري سگهندي آهي. سندس هڪ ‘ڪينجهر’ سري واري ڪوتا ڪجهه اهڙو ئي تاثر ٿي ڏئي. ڪوتا وڏي هئڻ سبب نٿو ڏيان.
نئين ڪوتا اظهار جي معاملي ۾ ان ڪري به الڳ آهي جو ان ۾ شاعر پنهنجا نوان انڀوَ، طنز۽ طعني زنيءَ وغيرهه ذريعي نوان شبد چتر خلقي نئين ڀاو ٻوڌ جو اظهار ڪن ٿا.
‘ٻار کي/هينئر تون/کلڻ کيڏڻ ڏي/پوءِ/هن کي فرصت ڪانه ملندي/کيس/ برهما وانگر سرجڻهار/وشنوءَ وانگر پالڻهار بڻجڻو پوندو/۽ شنڪر وانگر سمنڊ ولوڙي/ ٻين کي امرت ڏيئي/پاڻ زهر پيئڻو پوندو/ان ڪري ٿو چوان/ٻار کي/ هينئر تون/کلڻ کيڏڻ ڏي.’ ( کيمن يو. مولاڻي- ‘ڌرتيءَ کان آڪاس تائين’ 2010ع، صفحو- 99 )
‘ نالن بدران،/انگن جو اپيوگ/ٿئي جي ماڻهوءَ لاءِ/مِٽجي ويندا پوءِ/پنهنجو پاڻ اهي ويڇا/گم ٿي ويندو/ٻانڀڻ شودر جو ڀيد ڀاءُ/هندو، مسلم، سک، عيسائيءَ جا/جهڳڙا ٿيندا سڀ ختم.’ (ڍولڻ راهي- رچنا 105، جنوري- مارچ2005ع )
ڊاڪٽر ومي سدارنگاڻيءَ جي اظهار جو ڍنگ الڳ آهي. هوءَ ڄڻ ڪئميرا کي ڪلڪ ڪري چمڪ ڏيئي هڪ شبد چتر پيش ٿي ڪري. اختصار جي خوبي هن وٽ به آهي.
1.‘لفظن کي نه سميٽ/کين گهمڻ ڦرڻ ڏي/کليل هوا ۾،/انهن جو وات/بند ڪندين/ته/هو/اکين سان ڪجهه چئي ڏيندا.’ ۽ 2.‘ول/ٻٻر تي ڇانئجي ويئي آهي/ٻٻر جا ڪنڊا/لڪي ويا آهن.’ ( ‘سج الائي ڪٿي ڪري پيو’ – 2004ع )
اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ڪوتا سنويدنا جي پيدائش آهي. شايد ان ڪري نئين ڪوتا ۾ اڄ سوڌو وطن جي وڇوڙي ۽ پنهنجي الڳ زمين نه هئڻ جي درد/ سنويدنا جو اظهار به ملي ٿو، جيڪو ٻين ٻولين جي ڪوتا ۾ ڪونهي. ڀارت ۾ ڄاول سنڌي شاعرن ۽ شاعرائن به پنهنجي ڪوتائن ۾سنڌ کي ڏاڍو ساريو آهي. مون کي لڳندو آهي ته انهن جڏهن پنهنجي رت جي روح کي وطن جي وڇوڙي سبب لڙڪ هاريندو ڏٺو آهي، تڏهن اهي لڙڪ سندن روح جا دائمي لڙڪ بڻجي ويا آهن، ويتر جو هتي ڌارين جو اجوڳ وهنوار ڏسن ٿا ته سندن پيڙا لفظن جو روپ ڌاري ڦٽي ٻاهر ٿي اچي وڃي ۽ ان ۾ پاڻمرادو تکاڻ به اچي ٿي وڃي. هاڻي اچو ته ڏسون هند ۾ ڄاول شاعر/شاعرائن جون سنڌ لاءِ اڪير جون ڪوتائون/تخليقون:
1.‘هندستان جو مطلب آهي/سنڌين جو اسٿان/سنڌين جو ديش/سنڌسٿان ۾ ئي سنڌي شرڻارٿي؟!/هڪ رفيوجي!؟/ان لاءِ/ڪا زمين نه؟!/‘رفيوجي’/اوهين ٿيا/يا اسين؟/ انڊيا جو مطلب ئي/انڊس تان ٺهيو/منهنجو ديش مون کي ڏيو/مان/هندستان ٿو گهران!’
( مهيش نيڻواڻي – ‘ شري هري ’- 2004ع )
2.‘مون جلا وطن هوندي به/سيني ۾ سانڍي سار/سانگين جي آ/ ڳهيلا چيري ڏس جگر منهنجو/ايندءِ نظر نادر نقشو سنڌ جو’
( وينا شرنگي-سپون جنوري مارچ 2004ع)
3.‘پتا هن زمين سان ڪندو هو/ساهه کان به وڌيڪ پيار/اڪثر ويهي رهندو هو/ ڏاڏي جي پوکيل وڻ هيٺان/۽ گهمائيندو هو هٿ/زمين تي ڌيري ڌيري/ڀري وٺندو هو واري هٿن ۾/۽ پوري ڇڏيندو هو اکيون/ائين لڳندو هو ڄڻ/ڏسي رهيو آهي ڪو سپنو/پهچي ويو آهي پنهنجي ڳوٺ ‘ڀرين’ ۾.’
(هريش ڪرمچنداڻي – ‘تنهن هوندي به’ 2004ع )
4.‘ڊسڪوري چئنل تي/سالن کان پوءِ/سنڌو ندي ڏسي/امان پهچي ويئي سنڌ ۾./خوش ٿيل امان جي اکين ۾/مِڙي آئي چمڪ/سي کن پل ۾ ئي ڀرجي ويس ڳوڙهن سان.’
( وينا ڪرمچنداڻي – ‘ تنهن هوندي به’ 2004ع )
5.‘نه مان سنڌ ۾ ڄائي آهيان/ نه مون سنڌ ڏٺي آهي/پوءِ به ڇو محسوس ٿيندي آهي/سنڌ جي زمين جي خشڪي/آسمان جي اداسي/مون کي پنهنجي باري ۾ سوچيندي؟’
( رشمي راماڻي – ‘مان هڪ سنڌڻ’ 2005ع )
ڪرشن کٽواڻي پنهنجي جيئري ئي سنڌ جو ديدار ته ڪري آيو هو. پر سندس هيٺين ڪوتا هند جي هر سنڌي فرد جي حالت جو بيان ٿي ڪري. هيءَ ڪوتا سنڌي قوم جي ماضي، حال ۽ مستقبل ڏانهن به اشارو ٿي ڪري. ان ڪوتا ۾ سموري سنڌي قوم جي ڀٽڪاوَ، غير سلامتيءَ، اڪيلائپ، ڌاريائپ، ويڳاڻپ ۽ سڃاڻپ گم ٿيڻ جي احساس اظهار پاتو آهي.
‘ڪو وقت هو جو پوري ڌرتيءَ کي پنهنجو سمجهندو هو/هاڻي هو هڪ گهر، هڪ شهر، هڪ ملڪ چاهيندو آهي/جو پنهنجو هجي، آس پاس پنهنجا هجن/پر فيصلو ڪري نٿو سگهي/سندس دل، سندس پئسن سان گڏ بئنڪ وٽ گروي آهي/بئنڪ کي دل ڪانه ٿيندي آهي/هوءَ انسان کي به ڪاغذ جو ٽڪرو بڻائي ڇڏيندي آهي/جنهن تي روپين جو انگ لکيل هوندو آهي.’
( ‘مرڪندي موڪل ڏي ’ – 2008ع )
جهڙيءَ طرح پابند شاعريءَ ۾ گهاڙيٽن ۽ انداز-بيان/ادائگيءَ وغيرهه جا وقت به وقت تجربا ٿيندا رهيا آهن، تهڙيءَ طرح نئين ڪوتا ۾ به تجربا ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. هونئن ته ويهين صديِءَ جي آخر ۾ ئي تجربا شروع ٿي ويا هئا، جن ۾ لفظن کي اُڀو لکڻ، چؤڪنڊي جي چئني پاسي لکڻ، ليڪون، عجب جون نيشانيون ۽ ٻڙيون ٻڙيون لکي ڪوتا جو اظهار ڪيو ويو هو، پر اڄ به اهڙا تجربا ٿين پيا. هن ڏهاڪي ۾ به هريش واسواڻيءَ اهڙو تجربو ڪيو آهي. اٺن صفحن ۾ ڦهليل سندس ان طويل ڪوتا هتي صفحن جي محدودگيءَ سبب پوري پيش ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي، پر ان جو ڪجهه حصو ڏيڻ کان به پاڻ کي روڪي نٿو سگهان. ان ڪوتا جو سِرو آهي‘اسميتا لاءِ هڪ ڪاويه ڪٿا’.
“پکڻِ/ٻڌ/تون جڏهن اڏامين ٿي، ڳائين ٿي، لنوين ٿي/پنک ڦڙڦڙائين ٿي/ڏاڍو سٺو ٿو لڳي./اوترو ئي قدرتي آهي/ان وقت،/منهنجو تو ڏانهن نهارڻ....کوهجي وڃڻ/پر/ منهنجي هانو ۾/جڏهن ڪو گيت هُري ٿو/ڪا لئه پيدا ٿي ٿئي/پَرن ۾ درد ڀرجي اچي ٿو/ تڏهن/تون مون کي ڇڏي ٿي ڏين/کوهيل.... کوهيل...۽ کوهيل./مون ڏانهن/ نه هه ا ر ي ن/ به ڪونه ٿي،/ڇو؟/ آءُ/ويهه تون/گهڙي کن/ٽار تي-/ٻڌاءِ/ فرق سمجهاءِ.
() () () () () ()
( گيت ( - ( - ( - ( - (
( - ( - ( نرگهٽ ( - ( - (
( - ( - ( - ( گهٽ ( - (
( - ( - ( - ( - ( اڏام (
( - ( سرڻ ( سرسراهٽ ( - ( - (
( - ( - ( - ( - ( - (
نوٽ: نشانين کي پکڻِ جو آواز سمجهڻ کپي.
( ‘ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون’ – اپريل 2001ع )
انند کيماڻي به پنهنجي نين ڪوتائن کي الٽ ڪوتائون چوندو آهي. ڪوتا ڏسو:
“ عمر جي واڌ/۽ صحت جي گهاٽ/جي حوالي ۾/وقت جي وراٽ ساگر ۾/غرق ٿيڻ کان اڳ به،/منهنجي آخري لڙائي/نه ڪنهن سماج سان آهي/۽ نه ڪنهن ملڪ سان/نه ڪنهن مذهب سان آهي/نه وقت جي/ڪنهن ٽُڪري سان/بلڪ خود سان آهي./خود/جيڪو هر پل ڪريو آهي/هر پل سنڀليو آهي/هر ڪِراوٽ/۽ هر سنڀلاهٽ ۾/سالميت جي/ڪجهه قيمت ڏيڻي پيئي اٿم/گويا مارڪيٽ ۾/ڪجهه خريد فروخت/ڪيو هجيم.”
( ‘رچنا’ ٽماهي رسالو، نمبر 125،جنوري- مارچ 2010ع )
هن ڪوتا ۾ ‘ڪراوٽ’ ۽ ‘سنڀلاهٽ’ جهڙا لفظ ڌيان ڇڪائين ٿا ۽ ٻوليءَ طرف شاعر جي سجاڳيءَ جا مثال آهن، پر خريد فروخت کي مذڪر ڪري کڻڻ کٽڪي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اها پروف جاچڻ واري جي غلطي هجي.
ايم. ڪمل هونئن ته غزلگو شاعر مڃيو وڃي ٿو، پر هن نئين ڪوتا به لکي آهي ۽ نئين ڪوتا ۾ ‘ڊائريءَ جا ورق’ سري سان تجربو به ڪيو آهي. ڪجهه ڊائريءَ جا ورق ڏسو:
“1.لفظ/ڏاڍا ضدي آهن./منهنجي/مئي کان پوءِ/معنائون ڇڏيندا.
2.حيات/هڪ کٽل شاهوڪار/مدي کان اڳ/وياج گهري.
3.ماڻهو آهن– پر چهرا ڪونهن/چهرا آهن – پر اکيون ڪونهن/اکيون آهن – پر ديد ڪونهي/ديد آهي – پر پڇاڻ ڪانهي/پڇاڻ آهي – پر شعور ڪونهي/ماڻهن جو هيٺ ڪرڻ- اچرج هيڻ آهي/۽ مٿي چڙهڻ -/محض اتفاق يا سازش” (روشنيءَ جي تلاش-2004ع)
ڊاڪٽر پريم پرڪاش پڻ ٽن مصراعن واريون نيون ڪوتائون لکيون آهن، جن کي غزل جي پاسي ۾ ويهي لکيل غير سلسليوار ڪوتائون ٿو ڪوٺي. ڪجهه مثال:
“1.پيٽ لاءِ پيٽ کان هيٺ جو دڪان کوليو آهي/چوي ٿو شرم ڇا جو/تون پنهنجي منهن ڪارو ڪيل غيرت کي لڪائي ڏسج. 2.ڪجهه دير اڳ/دوست حال پڇي ويو/اها ڌمڪي خوفناڪ به پچائي ڏسج. 3.گهر ويٺي کائڻ سولو/پئسا، ٽئلينٽ، اسپرٽ،آتما، وشواس/رهيو کُهيو به کائي/ٻيڙي ٻوڙي ڏسج. 4.چاندنيءَ جي دال تي اس جو تڙڪو/ڳوهيل رات جي پڪل روٽيءَسان/ائين به ڍءُ ڪري رات ڪٽي ڏسج. 5.مان آهيان، هوءَ آهي/اماس ٻنهي جي وچ ۾ ويٺي آهي/ڪنهن جي ڪٽوري مان چورائي چانب جو ڪنڊو چٻاڙي ڏسج.”
ان ساڳي طرز تي رتن آڏتاڻيءَ به نئين ڪوتا لکي هئي. درحقيقت نئين ڪوتا جي شروعاتي دؤر ۾ رتن آڏتاڻي نيون ڪوتائون لکندو هو، جن ۾ خيال جي گهرائي به هوندي هئي، پوءِ الائي ڇو هن جي ڪا ڪوتا ڪٿي نظر ڪانه آئي. هاڻي هو وري سنڌي ادبي مخزنن ۾ نظر اچڻ لڳو آهي. رچنا 123- جولاءِ سيپٽمبر 2009ع ۾ ڇپيل ‘جيڪڏهن’ سري واريون سندس هيٺيون ڪوتائون به ٽن سٽن ۾ هڪ مڪمل خيال پيش ڪرڻ واريون ڪوتائون آهن.
“1.هن خاموشيءَ جي عالم کي چيري/جي منهنجي دل جي دردن تي/دستڪ ڏيئي سگهين ته اچ. 2.سون کي هٿ لائي ته ٿي وڃي پٿر/اهڙي سندم ساک آهي/تون به بچي سگهين ته بچ. 3.لان ته سُڪي ويئي آ مدت کان/هاڻ اٿئي اڪ ۽ ٻٻر/هن اڱڻ ۾ نچي سگهين ته نچ. 4.مان ساري جو سارو برپٽ آهيان/ڀل ٿوروئي، ڪڏهن نه ڪڏهن/وسي سگهين ته وس. 5.ڊرائنگ روم ۾ سڀ نقلي/باقي گهر جملي اصلي/هن منظر جر تهه تائين، رَسي سگهين ته رس!”
ڪوتا لفظن جي ڪلا آهي. جڏهن مغربي ملڪن ۾ نئين ڪوتا وجود ۾ آئي، تنهن کان پوءِ نسلي ۽ قبائلي سماجن جي اوسر واري ماهر ( ائنٿروپولوجسٽ ) ڪلاڊ ليوي اسٽراس هڪ ويچار پيش ڪيو. چي: ‘ٻولي پڻ هڪ اڏاوت يا بناوت ( اسٽرڪچر ) آهي، جنهن جو هڪ مڪمل سرشتو آهي. ان سرشتي جا مخصوص اندروني نظام آهن. لفظ وٽ پنهنجي ليکي ڪا معنى ڪانه هوندي آهي. اهو پني تي لکڻ جي صورت ۾ صرف هڪ آڪار آهي ۽ ٻولڻ جي صورت ۾ صرف هڪ آواز. اهو پنهنجي ضد واري لفظ ذريعي ئي پنهنجي معنى ڏيئي سگهندو آهي. سندس ان ويچار کي ترت پوءِ زاڪ ديريدا خارج ڪندي چيوهڪ لفظ صرف ٻئي لفظ ڏانهن وٺي وڃي ٿو۽ ڪابه معنى ٻن لفظن جي لغتي معنى ۾ ڪانه هوندي آهي، پر اها انهن ٻن لفظن جي وچ ۾ جيڪو کٽل آهي، ان کي ڳولهي، پرولي سلڻ بعد ئي هٿ ڪري سگهجي ٿي. اها معنى سڀني لاءِ ساڳي هجي، اهو ضروري ڪونهي.
مغربي ملڪن جي نئين ڪوتا ۾ انهن نظرين کي ڌيان ۾ رکي ٻوليءَ جو استعمال ضرور ٿيو آهي، جنهن کي بعد جديديت (پوسٽ ماڊرنزم) چون ٿا، پر سنڌي ٻوليءَ جي نئين ڪوتا ۾ ورلو ئي ڪو اهڙو تجربو ٿيو آهي. البت لڳي ٿو گوپال ٺڪر کي انهن نظرين جي ڄاڻ آهي، شايد ان ڪري هن نئين ڪوتا ۾ ‘چؤاکرا’ نالي سان نئون تجربو ڪيو آهي. هر چؤاکري ۾ ٻه مصرعون ٿين ۽ هرهڪ مصرع ۾ ٻه لفظ. پڙهندڙ کي هر مصرع جي ٻن لفظن جي وچ ۾، انهن لفظن جي لغتي معنى کان علاوهه جيڪي ڪجهه کٽل آهي، ان کي ڳولهي، پرولي سلڻ بعد پاڻ معنى هٿ ڪرڻي آهي. هتي گوپال ٺڪر جا ڪي چؤاکرا پيش آهن، توهان پاڻ ڏسو ته هو ان تجربي ڪرڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ويو آهي.
1.زندگي رفتار، 2.عورت سنجها، 3.صبح چادر، 4.اپاهج زندگي، 5.ڪامپيوٽر مائوس. 6.مرد منجهند. 7.رات چنري. 8.رٺل انسانيت.
( ‘حيف تنهين کي هوءِ’- 2004ع )
ان کان پوءِ گهنشيام ساگر به ان ساڳي طرز تي چؤاکرا لکيا، پر انهن کي چؤاکرا نه چئي چؤحرفيون چيائين. حالانڪ انهن جو رنگ ڍنگ به ساڳيو آهي. ڪجهه مثال ڏسو:
1.اگهاڙي اگربتي، 2. ماچيس آدمي، 3. آنڊا اڱر، 4.هٿ پير، 5.شهر پوڄاري. 6.عورت باهه. 7.سنسڪار رک. 8.جيون موُڙي.
(‘رچنا’ – جولاءِ سيپٽمبر2008ع )
منهنجي خيال ۾ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪوتا کي ڪنهن به صفت يا ليبل سان جوڙي نئين يا پراڻي نه ليکڻ گهرجي، پر ڪوتا جي ڪسوٽي اها هئڻ کپي ته ڪوتا ڪيتري قدر تخليقي معيار تي پوري ٿي اتري.
مؤجودهه دؤر يعني ايڪويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي جي نين ڪوتائن کي ڳولهيندي/ ڦولهيندي/ چونڊيدي مون کي لڳو ته اڄڪلهه سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا نئين ڪوتا لکي ٿي وڃي ان جو شبد ڀنڊار محدودگي پيدا ٿو ڪري، جنهن ڪري اظهار ڪجهه اڌورو ٿو رهي ۽ پاٺڪ سٺو معيار ماڻڻ کان محروم رهجي ٿو وڃي. تز سنڌي لفظ هوندي به ٻين ٻولين جا لفظ ڪتب آڻڻ سان ٻوليءَ جو ساءُ ڪسارو ٿو ٿئي. ان جو مطلب اهو بنهه ڪونهي ته اڄ جي يعني ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي جي سنڌي نئين ڪوتا سگهاري ڪانهي. اها ڪيترين ئي ڀارتي ٻولين کان تهائين وڌيڪ سگهاري آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جي راهه تي اڳتي ۽ اڳتي قدم وڌائيندي پئي وڃي. جن جا نالا هتي رهجي ويا آهن، تنهن لاءِ وقت جي محدودگي ذميوار آهي. (سماپت)

( دهلي سنڌي اڪادميءَ جي رسالي ‘سنڌو جوت’35-34 ۾ ڇپيل )
( بشڪريه دهلي اڪادمي )

منهنجي نظر ۾ واسديو موهيءَ جا غزل

بقول نارايڻ شيام، ‘شعر رائزنيءَ لاءِ ته ٿيندو ئي ناهي. شعر آهي جذبن ۽ احساسن جو آئينيدار. ان جو حسن ۽ گهرائي آهن ماڻڻ واسطي ۽ نه رائزنيءَ واسطي.’ پر ماڻڻ به هرڪنهن ماڻهوءَ جو الڳ الڳ ٿيندو آهي. اهو ڪئين ڳالهين تي مدار ٿو رکي. هر ڪنهن جون پسنديون ناپسنديون الڳ الڳ ٿين ٿيون. شعور يا سمجهه به الڳ الڳ ٿيندي آهي. مون کي موهيءَ جي پوري شاعريءَ تي نه، پر ان جي غزل تي نظرثاني ڪرڻي آهي.
هند خواهه سنڌ ۾ ذري گهٽ سڀ سنڌي شاعر غزل لکن ٿا. ليڪن ڀارت ۾ جيڪي سنڌي شاعر غزل لکن ٿا، انهن ۾ واسديو موهيءَ جو نالو سٺن غزلگو شاعرن ۾ مٿاهون آهي. درحقيقت موهيءَ سنڌي شاعريءَ جي پڙ ۾ نئين ڪوتا سان پير پاتو هو. سندس نين ڪوتائن جو پهريون شعري مجموعو “ تضاد” نالي سان 1975ع ۾ شايع ٿيو هو. ان ڪتاب جي سنڌي ادبي جڳت ۾ آجيان ٿي هئي، پوءِ هن آڪٽوبر 1983ع ۾ ڇپايل پنهنجي ٻئين ڪوتائن جي مجموعي “ صبوُح ڪٿي آهي” جي آخر ۾ ڇهه غزل ڏيئي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو هو. ڀلا نئين ڪوتا لکڻ وارو جڏهن موزون شاعري خاص طور غزل جهڙي ڪي قدر ڏکي صنف تي قلم هلائيندو ته ڌيان ويندو ئي. تڏهن ته ڪتاب جي مهاڳ جي آخر ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش لکيو هو ته، ‘ڪوتا لکندي روايتي شاعريءَ جي غزل طرف مڙڻ جا ڪارڻ موهيءَ وٽ ضرور هوندا. بهرحال غزل موهيءَ لاءِ نئين ذهنيت کڻي، ٿورو پر پختو ڪيل پنڌ آهي.’ سچ پچ موهيءَ نج ۽ الڳ طرزبيان سان غزل جي کيتر ۾ پختو قدم ڌريو.
غزل ۾ طرزبيان کي پنهنجي خاص اهميت هوندي آهي. طرزبيان ۾ ٻولي ۽ بيان ڪرڻ جي ڍنگ جو خاص دخل هوندو آهي. اچو ته سندس پهرئين مجموعي جي غزلن جا چند اشعار ڏسون، جن مان سندس ڀاوٻوڌ، احساس ۽ تخيل صاف جهلڪن ٿا.
جنتا ناهي هي آهي لوهه تتل،
خود ڪٽايو فقط ڪٽايو آ. ( صفح-71)
ڌمڪي ٿن روئندا مار کائيندا،
ٻار ڊپ ۾ کلڻ لڳا آهن. ( صفح-72)
ٽاچنيءَ تي پتنگ جو ڦٿڪڻ،
ياد پنهنجو جئڻ ڪرائي ڇڏيو.( صفح-74)
تارا ٽوڙي اچي تريءَ تي رکيا،
هٿ جي ريکا کي بس جلائي ڇڏيو. (صفح- 74)
شانت شعلا نه ٿيا اکين جا، ڀل
جهوپڙيءَ جي ته رک اڏامي وئي. ( صفح-77)
موهيءَ جي اظهار جو ڍنگ پنهنجو نج ۽ نرالو آهي. موهيءَ جو ٻيون غزلن جو مجموعو تيرهن سالن بعد“ برف جو ٺهيل” نالي سان آگسٽ 1996ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. ان ۾ صرف غزل هئا. ايڪونجاهه غزلن واري هن مجموعي کي سال 1999ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.
ان مجموعي جي غزلن ۾ موهيءَ جي طرزبيان ۾ نکار صاف نظر اچي ٿو. سندس ٻولي النڪارن سان سينگاريل آهي. شاعريءَ ۾ رنگين زباني يعني النڪرت شعلي هئڻ سان لفظ نيون نيون معنائون اختيار ڪري وڌيڪ اثر ڇڏين ٿا. خود موهي چوي ٿو:
ڪي پڙاڏا گونجندا،
لفظ ڦاٿو آ وڃي.
( ‘برف جو ٺهيل’، صفح-53)
ان ڪري سندس غزلن جا گهڻا شعر معنائن جا پڙاڏا گونجائي دل ۽ دماغ کي واسي ٿا ڇڏين. هُن لفظن ۾ رنگ ڀري اهڙا ته چتر چٽيا آهن، جن کي ڏسندي من ڪا گهڙي ته انهن ۾ گم ٿيو وڃي. ‘برف جو ٺهيل’ ۾ ڏنل سندس منظر ڪشي پڙهي توهان پاڻ امين ٿيو.
تون بادل جهليندين سج گهسي ايندو،
دريءَ جو تاڪ ڏس ٿورو کليل آهي. ( صفح-12)
ڪناري تي ٻيڙين جو هر انگ لرزي،
بنا ڪجهه چوڻ جي ڏڪائين ڇوليون. ( صفح-14)
لاش بيبوُءَ جو آهي پڪ، پر امان،
ڪپڙو سوري وري ڏٺو آهي. ( صفح-26)
ٻار ڪنهن تي ويو آ، پيو سوچي،
هٿ گهمائي اکين سڄو جوڙو. (صفح-38)
رڳو ڪي پليٽون ڀڳيون، ڪجهه نه ٿيو،
ڇليل آڱرين تي پٽي ٿا ٻَڌون. (صفح-51)
جهوپڙي ڪا نظر نٿي آئي،
اوچتو هڪ ڏيئو ٻريو ۽ پوءِ. ( صفح-55)
لفظن جي شڪتي اننت ٿيندي آهي، بشرطيڪ ساهتيڪار کي لفظن ذريعي اها شڪتي ظاهر ڪرڻ جي ڪلا ايندي هجي. لفظ اسان جي من، ڪلپنا ۽ انڀوتيءَ تي اثر وجهن ٿا. شاعريءَ ۾ “وينجنا” لفظ جي اُها شڪتي آهي، جنهن ۾ لفظ جي رواجي ارٿ بدران ٻيو ڪو خاص ارٿ نڪري ٿو ۽ اهو شعر کي گهڻ ڪُنڊائي ارٿ بخشي ان کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ٿو. موهيءَ “وينجنا” جو خوب استعمال ڪيو آهي.
ڪيئين موتي چُهي وٺي ٿي ڌرتي،
ڪوڏرون جئن هلن تکي اُس ۾. (صفح-6)
مصرع اول پڙهڻ سان پاٺڪ منجهندو، سوچيندو ته موتي ٺوس ٿيندو آهي، اهو ڳيهي سگهجي ٿو، ان کي ڌرتي چُهي ڪيئن سگهندي؟ پوءِ ثاني سِٽَ پڙهڻ سان سمجهي ويندو ته شاعر پگهر جي ڦڙي کي موتي چيو آهي. ان کان پوءِ سندس مُک مان ازخود واهه واهه نڪري ويندي. اهو ئي “ وينجنا” جو ڪمال آهي. هاڻي ڪي ٻيا شعر ڏسون، جن ۾ وينجنا سان گڏ طعنزني به آهي. موهي طعنزني (Irony) ۾ ماهر آهي.
توکي هر چيز رنگين لڳندي ضرور،
صرف پهراڻ نمڪين پائي اچج. (صفح-19)
عام طور سهڻي شخص کي نمڪين چئبو آهي. هتي به نمڪين پهراڻ جو ارٿ سهڻو پهراڻ آهي.
ڀيڙ ۾ تنهنجو چهرو نه گم ٿي وڃي،
تون چپن تي الف بي سجائي اچج. ( صفح- 19)
شاعر سنڌي ٻولي نه چئي الف بي چيو آهي. ان سان شعر جي سونهن وڌي آهي.
توسان گڏجڻ جو هو اڃا احساس،
ٻُڪ مان پاڻيءَ ڦڙو ڦڙو ٿي وهيو. ( صفح-39)
شعر جي ثاني سِٽَ ۾ پاڻيءَ جو ارٿ پاڻي نه پر وقت آهي ۽ ڦڙو ڦڙو جو ارٿ پل ۽ گهڙيون آهن. “وينجنا” جا اهڙا ڪئين مثال ڏيئي سگهجن ٿا.
سلاست به غزل جي هڪ خوبي مڃي ويئي آهي. اها شعر کي ديرپا بڻائيندي آهي. جيستائين ٻولي عام ماڻهن جي واهپي ۾ هوندي تيستائين اهو شعر به قائم دائم رهندو. شاهه عبداللطيف ۽ ڪئين ٻيا شاعر پنهنجن شعرن جي ان خوبيءَ جي ڪري اڄ به زندهه آهن. اها خوبي شاعر ۾ وڏي مشق پچائڻ کان پوءِ ايندي آهي. ان کان پوءِ شاعر پنهنجي ڪلا سان سادن لفظن ۾ وڏي اونهي ڳالهه چوڻ جي قابل بڻجندو آهي. سليس ٻوليءَ ۾ چيل غزل جا شعر وڌيڪ اثردار ٿيندا آهن ۽ اهي عام ماڻهن جي زبان تي چڙهي ويندا آهن. اهڙن شعرن ۾ حوالي طور ڪم اچڻ جي خوبي پاڻمرادو اچي ويندي آهي. موهيءَ جي غزلن ۾ اها خوبي جابجا پکڙي پيئي آهي. ڪجهه مثال ڏسون:
پنهنجا ڦوڦينڊا ڇا ٿو ڏيکارين،
هرڪو پيرين اگهاڙو پائيندين. ( صفح-10)
ساري دنيا سان دوستي ٿو رکين،
پاڻ کي ڪيترو لڄائيندين. (صفح-11)
مون کي آرام سان سمهڻ ڏي تون،
مون کي ڪيڏانهن ڪونه وڃڻو آ. ( صفح-20)
گهڻو ڪجهه لڪل هوندو تنهنجي نظر کان،
هميشهه سڌي بس ۾ اچ وڃ ڪرين ٿو. ( صفح-23)
سال 2005ع ۾ شايع ٿيل ‘ڪونج’ رسالي جي ايم ڪمل شخصيات پرچي جي صفحي 95 تي موهي لکي ٿو،‘ پاڻ کي اظهار جا نوان نوان طريقا اختيار ڪرڻ ئي کپن، جي ڪڏهن اسان سجاڳ ساهتيڪار آهيون ۽ اسين ڪو سانچو بڻجڻ کان بچڻ ٿا چاهيون.’ لڳي ٿو ته موهيءَ اهي لفظ پاڻ عمل ڪرڻ کان پوءِ ئي لکيا آهن. جڏهن سال 2001ع ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو ‘چهنب ۾ ڪک’ نالي سان ڇپجي ظاهر ٿيو ته ان جي پهرئين حصي ۾ ڏنل چاليهن غزلن ۾ هن پنهنجي دلڪش جذبن ۽ خيالن جي اظهار جا نوان نوان من موهيندڙ طريقا اختيار ڪيا. هُن سنڌي غزل کي نئين شئلي ڏني ۽ جدت جو احساس ڪرايو. موهيءَ معمولي لفظن سان اهڙا ته ويهي چتر چٽيا آهن جو عجب وچان اکيون ڦاٽي ٿيون وڃن. ڪي شعر پيش آهن جن ۾ وائيءَ ۾ وڪڙ (وڪروڪتي) ذريعي ڪمال پيدا ڪيل آهي.
اڀ وڇائجي ويو ڌرتيءَ تي،
تارا پيرن ۾ وچڙن ٿا. ( صفح-11)
واڻ جي کٽ ڇڪي ٿو ٻڍو،
سوچ ۾ ننڊ اُڻي ٿو ٻڍو. ( صفح-13)
هو دريءَ تي بيهي ڪري ٿو پنڌ،
اک ٿي اٽڪي پويس چانئٺ تي. (صفح-27)
اکين ۾ کڻي ٿو گهمي رنگ ڪيڏا،
گهڙي هرڪا هن جي هجي ٿي ٺڳايل. ( صفح-36)
کوهه ۾ بالٽي ‘ٺڪ’ وڳي،
ڳوٺ ٽانڊن جيان پئي ٻريا. (صفح-37)
وائيءَ ۾ وڪڙ آڻڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي.اها شاعر جي غيررواجي شعور مان نڪتل سوچ جو ڪمال آهي. هن مجموعي ۾ شامل گهڻا غزل رديف سان ڪيل نباهه وارا آهن. حالانڪ رديف سان نباهه ڪرڻ وارا غزل شروعات کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ چيا ويا آهن ۽ ڪنهن وقت ته غزل ۾ رديف جو هئڻ به لازمي سمجهيو ويندو هو. مير عبدل حسين ‘سانگي’، غلام محمد شاهه ‘گدا’، حافظ حامد ‘ٽکڙائيءَ’ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪئين سنڌي شاعرن رديف سان نباهه وارا غزل چيا آهن، پر موهيءَ هڪ نئين قسم جو تجربو ڪيو آهي، جنهن ۾ غزل جي هر شعر جو رديف ساڳيو هوندي به الڳ معنى ٿو ڏئي، اڳ ڪنهن به سنڌي شاعر اهڙي قسم جو تجربو ڪونه ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ موهي اهو تجربو ‘وينجنا’ جي ذريعي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. مثلن:
ٻيٽَ مٿي تي هٿڙا ڦيري،
پرچي پرچي سمنڊ چوي ڪجهه.
شعر جي ثاني مصرع ۾ ‘سمنڊ چوي ڪجهه’ رديف آهي. هتي سمنڊ جو معنوي ڪرڻ (Personification) ڪيو ويو آهي. هاڻي شعر جي مصرع اول ۾ جيڪڏهن ‘ٻيٽ’ لفظ جي معنى وينجنا ذريعي پيءُ مڃجي ته ’سمنڊ’ کي پُٽ مڃڻو پوندو ۽ پوءِ شعر جي معنى صاف ٿي بيهندي. هاڻي ٻيو شعر ڏسون:
هيڏو ڏگهه ٻيڙين کي ڇيڙي،
مچلي مچلي سمنڊ چوي ڪجهه.
هاڻي هتي ساڳيو لفظ ‘سمنڊ’ گهر جي بزرگ پيءُ لاءِ ڪتب آندل مڃجي ۽ ‘ڏگهه’ ته جوان پٽ جو ارٿ ٿو ڏئي. ‘ٻيڙيون’ جوان ڇوڪريون آهن. وينجنا ذريعي جڏهن لفطن جون اهي معنائون ڪڍبيون ته شعر جي معنى صاف ٿي بيهندي. هاڻي اچو ته ٽئين شعر ۾ ڏسون ته ‘سمنڊ’ ڪهڙو ٿو ڪردار نڀائي.
چنڊ ڏٽا ڏيئي ڊوڙائي،
سهڪي سهڪي سمنڊ چوي ڪجهه.
مٿئين شعر ۾ سمنڊ پريمي (عاشق) جي روپ ۾ آيو آهي، جنهن کي چنڊ معنى ‘محبوبا’ ڏٽا ڏيئي ڊوڙائي ٿي ۽ سمنڊ سهڪي سهڪي ڪجهه چوي ٿو. هونئن به ڏٺو وڃي ته چوڏس جي رات جو پورو چندرما اڀرندو آهي ته سمنڊ جي لهرن ۾ ڊڪ ڊوڙ مچي ويندي آهي. وير چڙهندي آهي. سمنڊ ڄڻ سهڪي پوندو آهي ۽ گجگوڙون ڪري ڪجهه چوندو آهي. موهيءَ پنهنجن غزلن ۾ سنڌي اصطلاحن جو به خوب استعمال ڪيو آهي. هن نوان اصطلاح به جوڙيا آهن. هونئن به اصطلاح ۽ پهاڪا سگهڙ ۽ شاعر ئي جوڙيندا آهن. ان بعد ئي اهي عوام جي زبان تي چڙهندا آهن. سندس اصطلاحن وارا ڪجهه شعر ڏسو:
لفظ هن جا وڄن ڪونه ٿا،
سانت اوڍي سمهي ٿو ٻڍو. (صفح-13)
اڀ کيڙي پنهنجن سان مرڪي،
ڏيئو ٺاري سج ويٺو آ. ( صفح-16)
ڪو پُسڻ کان بچي ڏکيو آهي،
اڀ وسي ٿو پوي ڇٽيءَ هيٺان. (صفح-21)
تون شام جو ٿڪ ڀڃندين،
سج گهوڙا نه ڇوڙي ته ....ته. (صفح-23)
روز جي هڻ پتوڙ اوندهه ته به،
ڪئن نه سج وڪڻي ٿو اچي مڻڪوُ. ( صفح-24 )
مان ڦلان ڦولان ٿوسنڌي جو ٿيس،
روز پن پن ٿي ڇڻان، تون انگ ڳڻِ. ( صفح-45)
پاڻ کي سمجهي ڌنوان ٿو،
اڀ تريءَ تي کڻي ٿو گهمي. ( صفح-49)
سانت اوڍي سمهڻ، اڀ کيڙڻ، اڀ وسڻ، سج وڪڻڻ، پن پن ٿي ڇڙڻ، اڀ تريءَ تي کڻڻ نوان اصطلاح آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۾ اضافو آهن.
موهيءَ ڪجهه نئون چوڻ جي موهه ۾ شعرن کي ڪٿي ڪٿي پرولي بڻائي ڇڏيو آهي.حالانڪ اهڙن شعرن جو تعداد تمام گهٽ، نه جي برابر آهي. ڪي شعر ڏسو:
چاندي ڏنم ڪڪر کي،
ڇو ڀاڳ ٿيو پريشان. (صفح-20)
لفظ کي چپ ڏٺو جڏهن کان مون،
پنُ تريءَ تي رکي ڇڏيو آهي. (صفح-22)
رنگ اڏامي لهن ٿا چاپوڙا،
تيز کوُرو تپيس چانئٺ تي. ( صفح-27)
جوان وڌوا بادل کُرڙي، پيئي کُرڙي،
تاوَ جو هڪڙو پرت نه اکڙي، سانت چڀي ٿي. ( صفح-42)
موهي ڏات ۽ ڏانو جو ڌڻي آهي. سندس تخيل بيحد وسيع آهي. هو ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ به اهڙا نقطا ڳولهي ٿو لهي جو عقل حيران ٿيو وڃي.
پنهنجو رشتو سمنڊ نديءَ جو،
توکي ٿورو کارو لڳندس. (صفح-12)
منهنجي هر چيز سنڀالي ٿو رکين،
شهر شايد ڪو ڊٺل آهيان مان. ( صفح-17)
اڀ وڏو، پر ڪٿي اجهو ناهي،
ڪنهن ڇني ڇوري جان ڪڪر ڀٽڪيل. (صفح-29)
آخر ۾ مان فقط ايترو چوندس ته مون موهيءَ جي غزلن کي ماڻيو آهي. سندس نوان نوان تجربا سنڌي غزل کي مالامال ڪري رهيا آهن. هو پنهنجي ڏات ۽ ڏانو جا رنگ پسائيندي عظمت جي راهه تي گامزن آهي. ( سماپت)

گووَرڌن شرما ‘گهايل’ جا غزل- هڪ نظر

گوورڌن شرما “ گهايل” سنڌي ادب جو هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. هونئن ته سندس شاعريءَ جا ڇهه مجموعا شايع ٿيل آهن، پر هت مان فقط سندس ٻن شاعريءَ جي مجموعن “ميڙي چونڊي” ۽ “ٽڪرا ٽڪرا ننڊ” ۾ ڇپيل غزلن تي نظرثاني ڪندس. “ميڙي چونڊي” ۾ 24 غزل آهن ۽ “ٽڪرا ٽڪرا ننڊ” مجموعي ۾ 22 غزل ڇپيل آهن.
انهن غزلن تي چوڻ کان اڳ ٿوري ۾ غزل جي هيئت ( فارم) جي باري ۾ ڪجهه چوڻ ضروري ٿو سمجهان. غزل ٻن سٽن جي شعرن سان جڙيل شاعريءَ جو هڪ فارم آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار شعر هئڻ لازمي مڃيو ٿو وڃي. وڌ ۾ وڌ ڪيترا به شعر ٿي سگهن ٿا. شروعاتي شعر کي مطلع ۽ آخري شعر کي مقطع چيو ويندو آهي. اڳي مقطع ۾ شاعر اڪثر پنهنجو تخلص وجهندا هئا، هاڻي به وجهن ٿا، پر هاڻي تخلص وجهڻ اهڙو ضروري ڪونه ٿو ليکجي. برک شاعر نارايڻ شيام به چيو آهي ته:
غزل سان نڀائڻ وڏي ڳالهه آهي،
تخلص جو ڇاهي آيو نه آيو.
هونئن ته غزل ۾ مطلع ۽ مقطع کي ڇڏي باقي ڪيترا به شعر ٿي سگهن ٿا، پر اڄڪلهه سنڌي غزل ۾ عام طور اٺن بندن تائين غزل لکيو ٿووڃِي، جنهن ۾ مطلع ۽ مقطع به شامل ٿو رهي. هڪ ٻي ڳالهه جا غزل ۾ ضروري سمجهي ويندي آهي، سا اِها آهي ته مطلع جي ٻنهي سٽن جي آخر ۾ قافيه ۽ رديف ملايو ويندو آهي. باقي شعرن جي ٻين سٽ ۾ مطلع وارو قافيه ۽ رديف ملايل هوندو آهي. “گهايل” انهن ڳالهين جو خيال رکيو آهي.
ڇاڪاڻ ته غزل ٻن سٽن جي شعرن سان جُڙي ٿو، ان ڪري ڪيترا ئي شاعر غزل کي سوَلو سمجهن ٿا. اڄڪلهه سنڌيءَ ۾ موزون شاعري ڪندڙ لڳ ڀڳ سڀ شاعر غزل چون ٿا، پوءِ ڀلي اهي هند ۾ رهندا هجن يا سنڌ ۾ رهي پنهنجي ڌرتيءَ تي مٽيءَ جي مهڪ ماڻيندا هجن. غزل کي جيترو سوَلو سمجهيو وڃي ٿو، اهو اوترو ئي ڏکيو آهي. غزل جو هر هڪ شعر مهارت گهري ٿو. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته غزل جي هر شعر جي ٻن سٽن ۾ هڪ پورو خيال سمائڻو ٿو پوي. ڪنهن به شعر جي ڪاميابي ان ڳالهه ۾ آهي ته اُهو ٻڌندڙ جو دل ۽ دماغ لرزش ۾ آڻي ڇڏي ۽ هن جي منهن مان پاڻمرادو واهه واهه نڪري وڃي. ڪنهن جي منهن مان واهه واهه ڪڍائڻ ڪا سوَلي ڳالهه ڪانهي. ان لاءِ ضروري آهي ته شاعر کي لفظن جي سڀاءَ، معنى، ذائقي ۽ لڳ لاڳاپن جي پوري ڄاڻ هجي، ورنا شاعر جو شعر لفظن جو هڪ ميڙ ٿي پوندو ۽ لفظ جهنجهڻ وانگر وڄڻ لڳندا. شاعر کي فن جي ڄاڻ نه هوندي ته اهو پنهنجي جذبي ۽ احساس جي شدت ۽ سوچ کي لفظن ذريعي اوُچاين تي پهچائي نه سگهندو. سندس شعرَ بنا روح جي جسم جهڙو لڳندو، جنهن مان ٻڌندڙ/پڙهندڙکي ڪو رس چس ڪونه ايندو.
وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته هند توڙي سنڌ ۾ هيترن شاعرن جي سنڌيءَ ۾ غزل لکڻ جي باوجود ڪن ٿورن شاعرن کي ڇڏي گهڻي ڀاڱي سنڌي شاعر سهڻو غزل نه ٿا لکن. تنهن هوندي به جيڪي ڳاڻ ڳڻيا غزلگو شاعر آهن، تن سنڌي غزل کي ايتري ته اوچائي بخشي آهي جو اڄ سنڌي غزل ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اڳرو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ۾ وڌيڪ اوُچاين کي ڇهندو پيو وڃي. اڄ جو سنڌي غزل ان ڪري به اوُچاين کي ڇُهي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو اڄ جي زندگيءَ جون پيڙائون، ٽٽل سماج جا دٻاوَ ۽ پرزا پرزا ٿيل انسان جي احساسن جو اظهار ڪري ٿو. گهايل جا ڪيترا ئي غزل اهڙو روپ ڏيکارين ٿا.
_جنهن ڏني وهه ، سو چوي جڳ ماڻين،
ڀروسو خود تان کڄي ويو آهي.
_ اڪثر ڀريل لاڪر جن جا،
تن جون دلڙيون ڪوريون يار.
_ يم کي رشوت آڇڻ جي لئه،
تلسيءَ جو ڏل گنگاجل هو.
_گهايل سي دل ڇا توريندا،
جن ٿي مهرون توريون يار.
_ڇڏ جفا ۽ وفا جي معنى کي،
مان به اخبار ٿو ڏسان هر روز.
زندگيءَ جي باري ۾ سڀني شاعرن پنهنجو پنهنجو نظريو ڏنو آهي. گوورڌن شرما “ گهايل” ڀلا ڪيئن ٿوو اڇوتو رهي سگهي. اچو ڏسون ته سندس نظر ۾ زندگي ڇاهي:
_زندگيءَ جو ٻڌاءِ ڇا مفهوم؟
ٿو صبح شام سج ڏسان هر روز.
_ ڪهڙي مومل ڪهڙو راڻو،
ڌڪجي پيو بس جيون گهاڻو.
_زندگي ڇاهي چئه؟
ساعتون، سازشون.
غزل کي اشارن واري رچنا چئجي ته به غلط نه ٿيندو. ڳالهه ائين چئجي جو ڍڪ به ڍڪيو رهي ۽ ڳالهه به وائکي ٿي پوي. اڄ سنڌي ٻوليءَ جا ڪي شاعر اشاري کي پروليءَ وانگر ڪتب آڻين ٿا، جنهن ڪري سندن غزل، غزل نٿا رهن. ذهني ورزش بڻجيو پون، جڏهن ته سلاست غزل جي هڪ خوبي مڃي ويئي آهي. اشاري ۽ پروليءَ ۾ وڏو فرق آهي. منهنجي خيال ۾ غزل جي شعرن کي پرولي بڻائڻ واجب نه آهي. غزل کي پرولي بڻائڻ وارا شاعر اڪثر ائين چوندا آهن ته اهو نئون غزل آهي. وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته گوورڌن شرما “گهايل” جا غزل ان عيب کان بنهه آجا آهن. هو پنهنجي ڳالهه سادن سودن لفظن ۾ ڪاميابيءَ سان چئي ٿو ڏئي. ڪي مثال ڏسو:
-راڄنيتي رڳو،
مان به تون، تون به تون.
-ڪڏهن ته گهايل کلي خوشيءَ سان، ڪيا ٿي انگل قبول جن،
اهي ئي هاڻي ڳڻي ڳڻن ٿا، ذري ذري ۽ ذري ذري.
-گهايل پنهنجي ميڙي چونڊي،
سهڪڻ، تڙڦڻ، ٺڳجڻ، ڀٽڪڻ.
-هلنديءَ بن هت ڪين هلي ٿي،
ڀٽڪي ڀٽڪي ٿي ڀل ساڻو.
¬- تنهنجو ڄار ڏٺو ٿم پيارا،
ڇو اڇلين پيو هر هر داڻو؟
-اڄ ڏسون ڇونه ايڪلويه کي،
ڪُلُ دروڻا جو وڌي ويو آهي.
-شِوَ بڻڻ لاءِ ڏس،
ڪيترن رک مَلي.
-در وٽ سهڻي رنگولي هئي،
چلهه وٽ ٻاڪاريو ٿي ٻارن.
غزل لکندڙ شاعر لاءِ اهو ضروري آهي ته کيس رديف ۽ قافيي جي مناسبت ۽ انهن کي ڦٻائي بيهارڻ جو هنر ايندو هجي. گوورڌن شرما “گهايل” اهو هنر ڄاڻي. ڏسو:
-ڪٿي جيڪڏهن ڪي قرب وارا گڏبا،
اسان جو به “گهايل” ذڪر مان ٿيندو.
- جنهن جا وارث هِتي هُتي ڪيئين،
پوءِ به سڏجي اها ته ڇوري آ.
- باوفا سان نڀائي ٿو هرڪو،
بي وفا تان به جان گهوري آ.
- ڪي ڪي ڄاڻن منهنجي ياري، هڪڙو مان ۽ هڪ آئينو،
پنهنجي سنگت پياري پياري، هڪڙو مان ۽ هڪ آئينو.
- هردم رهندو ڪين سرءُ،
نيٺ ته ڦٽندو ايندو ڦاڳ.
-عيش عشرت جون سڀ شيون مؤجود،
پو به پيو ٿو لڇان، ڏکان هر روز.
مٿين شعرن جي پختي بندش ڌيان ڇڪائي ٿي. انداز- بيان به دلڪش آهي، ان ڪري فڪر/سوچ اڀري بيٺي آهي. غزل پڙهڻ سان ذهن ۽ جذبات ۾ جنبش اچي ٿي وڃي.
شاعر جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو، ڀوڳي يا ماڻي ٿو، انهن احساسن کي لفظن جو جامو پهرائي شاعريءَ جي روپ ۾ پاٺڪ جي آڏو رکي ٿو ۽ ان کي به پنهنجن احساسن سان هم آهنگ ڪرائي ان جي چيتنا کي جاڳائي ٿو.
اڄڪلهه شهري زندگيءَ جون پيڙائون هر شهري انسان ڀوڳي ٿو. اڄ هند جا ذري گهٽ سڀ سنڌي شاعر شهرن ۾ رهن ٿا، ان ڪري اهي انهن پيڙائن کي ڀوڳين ٿا. رشتن جو کوکلوپڻو کين به رنجائي ٿو. انسانن جون بي رخيون کين به جهنجهوڙين ٿيون، ان ڪري سندن شاعريءَ ۾ ان جو ذڪر اچي ٿو. گوورڌن شرما “گهايل” پاڻ به پُڻي شهر جو باشندو آهي. کيس به اهڙين ڳالهين سان ضرور دوبدو ٿيڻو پوندو هوندو، شايد ان ڪري سندس غزلن ۾ به انهن جا عڪس آهن.
-نه آئين نه نياپو مُڪُئه ڪو ڪڏهن،
اها ته آ پنهنجپائي سڄڻ!
-سڀ چون پيا وري وري اچجانءِ،
جو به ويو سو وري وريو ناهي.
-هل هلان ڀڄ ڀڄان،
گهرج آ وقت جي.
-هٿ ۾ تسبيهه ٿو رکي هردم،
اهڙي غلطي ڪئي اٿس ڪائي.
-ورسيءَ تي والاريون ڪرسيون،
پهرين صف ۾ چٻرن طوطن.
-ڪن وٽ روٽ سُڪل ڀي ناهي،
ڪن وٽ مالپڙن تي ماڻو.
گهايل سنڌ ۾ دادوُ ضلعي جي ميهڙ شهر ۾ سنه 1937ع ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جا اٽڪل ڏهاڪو کن سال پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ گهاريا. اها شروعاتي ٻالپڻ واري زندگي اڄ به هن کان وسري ناهي. هونئن به ٻالپڻ ڪنهن کان وسرندو ناهي. اهي يادگيريون سندس دل ۽ دماغ تي اڃا ڇانيل آهن. انهن چنبڙيل يادگيرين سندس قلم جي نوڪ کي به اچي ڇهيو آهي. چوي ٿو:
-ميهڙ واري ميندي، درياهه،
ناممڪن آ مون کان وسرڻ.
-کچڻي پاپڙ ڏڌ ۽ لولي،
سڀ ڳالهائن منهنجي ٻولي.
-ليلا مومل نوُري ناهيان،
پاتي ٿم لاڏيءَ جي چولي.
-سنڌ جون سوُکڙيون،
گودڙي ۽ جهلي.
-جنهن کي ساري سال گذاريم،
‘گهايل’ پيارو پيارو پل هو.
-سپنن جا سک آهن جام،
آهه حقيقت ڍوڍو ساڳ.
-‘گهايل جي تمنا آ، هيڪر مان ڏسان ميهڙ،
بس پوءِ ڀلي پراڻن جي ڏور ٽٽي مؤلا.
هاڻي هو پنهنجي جنم ڀومي ميهڙ جو ديدار ڪري آيو آهي. گهايل کي پنهنجي سنڌ ڌرتي، ماڻهن، وڻڻ ٽڻن، ٻنين ٻارن، نظارن ايتريقدر جو ان جي هر شئه سان ايترو ته پيار آهي جو هو سنڌ کي ڪونج بڻائي پنهنجي دل تي ڦٽ لعنت وجهندي چوي ٿو:
آڪاس تي اڏرين ۽ لهرن تي لُڏين اي دل،
ٻاڏاءِ ته پڃري مان بس ڪونج ڇُٽي مؤلا.
گهايل هڪ سٺو انسان آهي. هر شاعر کي پهرين سٺو انسان بڻجڻو پوي ٿو، نه ته هو عميق ۾ ٽٻيون هڻي موتي ميڙي نه سگهندو. اهو منهنجو شخصي عقيدو آهي. گهايل سٺي انسان ٺهڻ لاءِ صلاحون ٿو ڏئي:
-اگر مراد ٿي اها ته سڀ سٺا هجن،
اول اول ته پاڻ کي تپاس ۽ سڌار تون.
-جتي وڃين اتان کڻي گڻن جي اچج سوُکڙي،
بنا گڻن نه آهه ڪو، نه ڳالهه سا وسار تون.
سنڌ جي هڪ وڏي شاعر سدا حيات سائين تاجل ‘بيوس’ کيس سون سريکو شاعريءَ جو سرجڻهار لکيو آهي. هن جي باري ۾ هند جي مايناز بزرگ شاعر سدا حيات سائين هري درياني ‘دلگير’ صاحب جو چوڻ آهي ته، “ گوورڌن شرما ‘گهايل’ جو امنگ ۽ اتساهه ڏسي، منهنجي من ۾ به مؤجون اٿنديون آهن. هو پنهنجي وطن، قدرت جي نظارن ۽ سچائيءَ تي فدا آهي. سندس شعر ۾ ڪافي اصليت، اڇل ۽ اڏام م‍وجود آهي. سندس خيال خوبصورت آهن. گهايل جي شاعريءَ جو گهڻو حصو داخلي آهي، جنهن جو مڪان خارجي شاعريءَ کان مٿانهون ٿيندو آهي. سندس شاعري گوناگون وشين واري آهي.”
سندس غزلن جو مطلع ڪندي مون کي محسوس ٿيو ته درحقيقت گوورڌن شرما ‘گهايل’ سدا حيات سائين هري درياني ‘دلگير’ وانگر سک درسي شاعر آهي. هو مشڪل ۾ به همٿ نٿو هاري ۽ اميد ٿو ڪري ته ڪاري رات آهي ته ڇا ٿيو؟ ستارا ته نگهبان آهن:
-مٿان رات ڪاري، ۽ رستو به مشڪل،
ستارن جو پهرو نگهبان ٿيندو.
-گهر گهر سنڌو ڇُلندي ‘گهايل’،
ايندي ايندي اهڙي ڇولي.
-ڪونهي محتاج مند جو ‘گهايل’،
دل خزان ۾ به ٿي ٽڙي پو ڇا؟
گهايل جي ڪيترن ئي غزلن مان گيت ليئو پائيندو نظر اچي ٿو. ان وڏ کان شاعر کي ڪنارو ڪرڻ گهرجي. هونئن هرڪو رچناڪار پنهنجين رچنائن جي پاڻ ئي جاچ پرک ڪندو رهندو آهي ۽ جج بڻجي فيصلو ڪندو رهندو آهي. گوورڌن شارما ‘گهايل’ به شايد ائين ئي ڪندو هوندو. تڏهن ته لکيو اٿائين:
-روز ساڳي ساڳي ‘گهايل’ شاعري،
ڪجهه نوان گلزار مان اچ گل کڻي.
-ڪجهه نئون ڇونه ٿو لکين ‘گهايل’،
زيست کان ڪيئن ڀڄان لڪان هر روز.
ڪل ملائي گوورڌن شرما ‘گهايل’ هڪ سٺو غزلگو شاعر آهي، جنهن مان سنڌي غزل کي وڏيون آشائون آهن. مون کي اميد ئي نه پر پوري پڪ آهي ته سندس قلم اڃا به اوُچاين کي ڇُهندو ۽ هو سنڌي غزل ۽ سنڌي ادب جا گهڙا ڀريندو رهندو.

(سماپت)

لڪشمڻ دُبي جي ڏهن غزلن تي رائزني

ڪوبه لطيف-فن تڏهن ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندو آهي، جڏهن هر تخليق جي تڪ تور ٿئي. بحث مباحثا ٿين. ويچار/رايا پيش ڪيا وڃن. ڪجهه ٻڌجي ڪجهه ٻڌائجي. ڪجهه سکجي ڪجهه سيکارجي، پر ڏک جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادب ۾ اهو ڪم ڪي قدر گهٽجي ويو آهي. اهو ڪو سٺو اُهڃاڻ ڪونهي. خير، مون کي هتي شري لڪشمڻ دبي جي ڏهن غزلن تي پنهنجو رايو پيش ڪرڻو آهي. هر ڪنهن جو رايو پنهنجو ٿيندو آهي. صحيح يا غلط، ان جو فيصلو پاٺڪن کي ڪرڻو آهي. سڀ رايا صحيح هجن، اهو به ٿي نٿو سگهي. منهنجي سامهون لڪشمڻ دبي جو هيءُ پهريون غزل آهي، جنهن جو مطلع آهي:
گهڙي کن نشو يا خماري رهي ٿي،
مگر پو فقط شرمساري رهي ٿي.
مطلع سهڻو آهي. غزل جو وزن آهي، فعولن چار ڀيرا. مطلع پڙهڻ کان پوءِ جڏهن مان غزل جو پهريون بند پڙهان ٿو ته منهن جو ذائقو ڪجهه خراب ٿي ٿو پوي. بند آهي:
ملڻ توسان فقط منتظر ڏس،
قبر زندگي ڀر ڪنواري رهي ٿي.
مٿئين بند جي پهرين مصرع وزن ۾ پوري نٿي لڳي. ان ۾ ڪجهه مڙيوئي کـُٽل آهي. ان ڪري مصرع مان ڪا معنى ڪانه ٿي نڪري. ٿورو خبرداريءَ کان ڪم ورتو وڃي ها ته هيءُ بند معنى ڀريو ٿي پوي ها. ڏسو صرف “ لاءِ” لفظ وجهڻ سان بند ڪيئن ٿو بيهي.
ملڻ (لاءِ) توسان فقط منتظر ڏس،
قبر زندگي ڀر ڪنواري رهي ٿي.
درد جو غزل جي مزاج سان گهٽو رشتو آهي. احساس جي شدت جيستائين پنهنجي عروج تي نه هوندي، تيستائين غزل ممڪن ئي ڪونهي. ڪل ملائي هيءُ سڄو غزل احساس جي شدت جواظهار ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ غزل جا ٻيا سڀ بند سهڻا آهن مثال طور هڪ ٻيو بند به ڏسون:
وڃو واسنائون ڪو ٻيو گهر وسايو،
هتي ڪا عجب بيقراري رهي ٿي.
هاڻي منهنجي سامهون هيءُ ٻيو غزل آهي، جنهن جو مطلع آهي:
خواهشن جو ڌڻ هلو ڪاهي اچون،
زندگيءَ جو ڪم سڄو ڊاهي اچون.
مون کان ته پهرين مصرع ئي ڪانه ٿي ڳيسي. خواهشون ڪٿي ٻاهر رهنديون آهن ڇا جو انهن جو ڌڻ ڪاهي اچبو؟ خواهشون ته اندر ۾ پيدا ٿينديون آهن. ان غزل جا هيٺيان بند خوبصورت آهن.داد جي لائق آهن. اظهار جو طريقو دلڪش آهي. توهان به ڏسو:
1-جي هجي ميرو وڳو بدليون کڻي،
پر اُداسيءَ کي ڪٿي لاهي اچون.
2-وڃ پڇي اچ تون اسان جي يار کان،
فڪر کان فرصت اگر آهي، اچون.
هرهڪ شاعر جي اظهار جو طريقو يا انداز-بيان پنهنجو پنهنجو ٿيندو آهي. غزل ۾ انداز-بيان کي وڏي اهميت آهي. جيتري عام فهم، ڳالهائڻ ٻولهائڻ واري ٻولي ڪتب آندل هوندي، غزل اوترو ئي اثرائتو ۽ دل کي ڇـُهندڙ لڳندو. غزل جا اهڙا ئي بند لوڪن جي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿي، وقت موقعي تي دهرايا ويندا آهن. دبي صاحب جا ڪيترا ئي بند انهيءَ انداز ۾ لکيل آهن، ليڪن مان هن ٻئين غزل جي هيٺئين بند تي وري اٽڪي بيهي ٿو رهان:
سخت سوڙهي سوچ جي ديوار کي،
اچ ته شاعر اڄ هلي ڊاهي اچون!
مان سوچيان ٿو، ديوار سخت ته ٿيندي پر سوڙهي ڪيئن ٿيندي؟ ديوار ته ننڍي، وڏي، ڊگهي، ٿلهي يا سنهي ٿي سگهي ٿي، پر سوڙهي سوچ کي ديوار سان ڪيئن ڀيٽبو؟ غزل جي بند ۾ هڪ به بي معنى، اڍنگو يا حشو لفظ ان بند جو مزو ڪرڪرو ڪري ڇڏيندو آهي. هونئن به غزلگو شاعر لاءِ لفظن جي تلاش ۽ تراش ڪرڻ لازمي آهي. تراشيل لفظ ۾ سنويدنا هئڻ به ضروري آهي.
ان غزل جو وزن آهي-‘ فاعلاتن فاعلاتن فاعلن’. لڪشمڻ دبي جو اهو دلپسند وزن آهي. سندس گهڻا غزل ان وزن تي ئي چيل آهن. هنن ڏهن غزلن مان چار غزل پڻ ان وزن تي آهن، يعني چاليهه سيڪڙو. هن اڳلي غزل جو وزن به اهو ساڳيو آهي.مطلع ڏسو:
هڪ خوشيءَ لاءِ غم سوين پيدا ڪندا،
ٻيو ڀلا مجبور ماڻهو ڇا ڪندا؟
واهه واهه ساڳيو ئي سهڻو دلڪش انداز آهي. اڄڪلهه انداز-بيان کي ڏسي ئي غزل جي پرک ڪئي وڃي ٿي. هن غزل جا ٻيا ڪجهه شعر به ملاحظا فرمايو ۽ پاڻ اَمين ٿيو:
1-ٿي چڪي ڌرتي سڄي تقسيم آ،
هاڻ هن آڪاس جا ٽڪرا ڪندا.
2-هيءَ جلادن جي آ بستي دوستو،
ڪونه ڪنهن تي پڻ اثر سڏڪا ڪندا.
هن غزل جي مقطع تي اچي وري منهنجي پڙهڻ جي سلسلي ۾ رنڊڪ ٿي پوي. مان سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ٿو وڃان.
جن ڏٺي ڪانه ڪا آسودگي،
لڪشمڻ سي لوڪ ڪم ڪهڙا ڪندا.
مقطع جي پهرين مصرع جو وزن ٺيڪ ڪونهي. ٿوروئي ڌيان ڏنو وڃي ها ته هن مصرع جو وزن ٺيڪ ٿي وڃي ها. هيءَ درستي ڏسو:
جن ڏٺي ( آ ) ڪين ڪا آسودگي،
لڪشمڻ سي لوڪ ڪم ڪهڙا ڪندا؟
ان شعر جي باري ۾ هڪ ٻي ڳالهه به غور ڪرڻ لائق آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا جن آسودگي ڪانه ڏٺي آهي، اهي ڪوئي به ڪم ڪونه ڪري سگهندا؟ ملازم، ورڪر ۽ مزور سڀ آنديءَ نينديءَ وارا هوندا آهن. ڇا اهي ڪوئي ڪم ڪونه ڪري سگهنمدا آهن؟ سچ ته اهو آهي ته سڄو نظام ملازمن جي سهاري هلي ٿو. مزور شهر اڏي ٿا ڏيکارين. آڪاس ڇهندڙ عمارتون ٿا اڏين. ڇا اهي ڪم ڪونه آهن؟
هيءُ غزل جيڪو هاڻي مان پڙهان پيو، اهو ‘مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن’ وزن تي آهي. ان غزل جو مطلع آهي:
ٻٻر پوکي اگر تون خار پائين ٿو، چڙين ڇو ٿو؟
ڏنو جو تو اهوئي يار پائين ٿو، چڙين ڇو ٿو؟
هن غزل ۾ تمام وڏو رديف ڪم آندو ويو آهي،‘پائين ٿو، چڙين ڇو ٿو؟’. تمام سٺي ڳالهه آهي. وڏي رديف وارا غزل ئي مشاعرن ۾ وڌيڪ داد حاصل ڪندا آهن ۽ ڪامياب ويندا آهن. رديف ڪيڏو به وڏو ڇونه هجي، پر ڏسڻو اهو آهي ته شاعر رديف سان نباهه ڪيئن ۽ ڪيترو ٿو ڪري. هونئن به نباهه سان ئي غزل، غزل بڻجندو آهي. هن غزل ۾ رديف کي اهڙو ته سٺي نموني ڦٻايو ويو آهي جو غزل نکري بيٺو آهي. ليڪن هيٺين ٻن شعرن ۾ ‘سندي’ لفظ جو استعمال کٽڪي ٿو:
1-ڇڏي احساس جا مٺڙا سهانا پيچرا پيارا،
سندي جيوت اگر بيزار پائين ٿو، چڙين ڇو ٿو؟
2-بڻايا درد دنيا ۾ ڪئين منصور ۽ گؤتم،
جگر ۾ تون سندي جي هار پائين ٿو، چڙين ڇو ٿو؟
‘سندي’ لفظ حرف جر آهي، معنى اٿس‘جو’ يا ‘جي’. ان لحاظ کان سِٽُن مان معنى ئي ڪانه ٿي نڪري. درحقيقت ‘سندي’ لفظ بدران ‘سندءِ’ لفظ ڪم آڻڻ گهربو هو. مون ته‘سندءِ’ پڙهي مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.‘سندءِ’ لفظ جي معنى آهي سندس. ان هوندي به هڪ مصرع منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. “ بڻايا درد دنيا ۾ ڪئين منصور ۽ گؤتم” منصور ۽ گؤتم ويچارا ته درد ڀوڳي ويا هوندا، انهن درد ڪهڙا بڻايا هوندا؟ مصرع مان ڪا معنى هڙ پلئه نٿي پوي.
هيءُ اڳلو غزل ڇند تي ٻڌل آهي. هر مصرع ۾ ويهه ماترائون آهن. ڏهن غزلن مان صرف هيءُ هڪ غزل ئي ڇند تي ٻڌل آهي، ٻيا سڀ غزل وزن بحر تي چيل آهن. غزل سهڻو آهي ۽ ڇند تي پورو آهي. توهان به ڏسو:
ٽڪرا ٽڪرا ڪري مون کي جاچيو هوندائون،
تڏهن بڻيا منهنجي باري ۾ رايا هوندا.
هيءُ شعر به دلڪش آهي:
پنهنجي ئي ڪنهن غم جا ڳوڙها هئس اکين ۾،
مون کي لڳو هن منهنجي ڪري وهايا هوندا.
هينئر جيڪو غزل مان پڙهان پيو، ان جو وزن آهي، ‘ مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن’. ان ڏکئي وزن تي سنڌيءَ ۾ ڪجهه گهٽ ئي لکيو ٿو وڃي. استاد شاعر ته اڄ به ان وزن تي قلم آزمائي ڪن ٿا. لڪشمڻ دبي ان وزن تي به غزل لکيو آهي تنهن لاءِ کيس مبارڪون هجن. ليڪن هيٺين شعرن ۾ هو وزن ۾ ٽـُٽو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ‘ڪوئي’ لفظ کي ‘ڪو’ ۽ ‘ئي’ الڳ الڳ ڪري کنيو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو غلط آهي.‘ڪوئي’لفظ هڪ ئي آهي.
1-ڏٺا جي عيب مون پنهنجا ڪوئي جواب نه هو،
اوهان جي ڪرم جو مون تي مگر حساب نه هو.
2-جڏهن تو درد جي دولت عطا ڪئي مون کي،
ڪوئي به درد نه هو، غم نه هو عذاب نه هو.
انهيءَ غزل جي هيٺئين بند بند جون مصرعون به وزن ۾ پوريون ڪونهن.
اهو ئي ماڻهو لڳو آهي سٺو هر ڪنهن کي،
زماني جي حساب سان جو ڪامياب نه هو.
اڳلو غزل ‘فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن’ وزن تي آهي. هن غزل جا ڪجهه شعر به دماغ کي تراوٽ بخشيندڙ آهن. ڏسو:
1-زندگي ضد تي چڙهي هڪ ٻار وانگر ٿي وئي،
آس جا دلڪش کلونا ملڻ سان پرچي وئي.
2- ڪر ڀروسو وقت ساڳيو ڪونه ڪو رهندو ڪڏهن،
مؤت جهڙي هئي گهڙي پر شڪر آ، گذري وئي.
3-هاءِ هيءَ انسان جي زندهه رهڻ جي آرزو،
پياس جي ماري ڏسو ڪيئن زهر پڻ اڄ پي وئي.
4-آدميءَ جي آبروُ ويئي وڪامي ‘لڪشمڻ’
هاءِ ليڪن ڪيئن ٻڌايان ڪيتري سستي وئي.
مٿين شعرن ۾ ڏسو ته ‘ملڻ’ ۽ ‘ڪيئن’ جهڙا لفظ وزن ۾ پورا نه بيٺا آهن. ‘ڀـَرِوَسو’ لفظ کي به شايد اردو ٻوليءَ جي اثر هيٺ ‘فعولن’ ڪري کنيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان کي ‘فاعلن’ جي وزن ۾ کڻڻ صحيح ٿو لڳي.
هاڻي جيڪو غزل منهنجي سامهون آهي، اهو به مٿئين غزل جي وزن تي ئي آهي. هن غزل جا ڪجهه شعر به وزندار آهن:
1-اڳ جيئڻ جا ملهه هئا، ماڻهو هئا، فرصت هئي،
هاڻ ڇا جو جيئڻ يارو، جي ويا سي جي ويا.
2-زندگيءَ جي تلخ سچ کي جڏهن کان سمجهڻ لڳا،
مسڪرائڻ پڻ ويچارا ٻارڙا ڀلجي ويا.
مٿي ڏنل ٻئين نمبر بند جون ٻئي مصرعون وزن ۾ پوريون ڪونهن. ان غزل جون هيٺيون ٻه مصرعون پڻ وزن ۾ پوريون ڪونه آهن. اوهان پاڻ ڏسو:
1-هٿن مان ڪجهه معتبر دشمن مگر کسڪي ويا.
2-ڪجهه ڪڇڻ ممڪن نه هو، سهڻ پڻ دشوار هو.
انهن مصرعن ۾ ‘هٿن’، ‘سهڻ’ ۽‘ جڏهن’ جهڙا لفظ ‘فعو’ بدران ‘فاع’ ڪري کنيا ويا آهن. هاڻي مون کي باقي ٻن غزلن تي پنهنجو رايو پيش ڪرڻو آهي. ٻنهي جو وزن ساڳيو آهي، ‘فاعلاتن فاعلاتن فاعلن’. پهرئين غزل جو مطلع آهي:
سيڪڙو ڀيرا ٽٽل دل جوڙجنئه!
خواب جي پٺيان مگر پيو ڊوڙجنئه!
ذهن تي زور ڏيڻ کان پوءِ به شعر جو ڪو مطلب سمجهه ۾ نٿو اچي. ويچار وٽڙيل آهي ۽ بندش گهرگهلي ٿي لڳي. غزل ته هڪ سنسڪار آهي، ڀاونا آهي، جيڪا پاٺڪ جي دل تي لفظن ذريعي گهرو اثر ڪري، ان ۾ ڪسڪ پيدا ڪري ٿي. وري هي شعر ڏسو:
ڪارگر جذبو اٿئي ناراضگي،
بي صبر ٿي منهن نه ان کان موڙجنئه!
ڇا مطلب آهي؟ ناراضگي ڪارگر جذبو آهي؟ ائين يا ٻيو ڪجهه؟ هن غزل جي پرٻوڌن غزل کي غزل ئي رهڻ ڪونه ڏنو آهي.
هيءَ ڪوئي مسجد نه ٿئه، مندر نه ٿئه،
ايترو سوچي ڪري دل ٽوڙجنئه.
مون ته ٻڌو، ڏٺو ۽ سمجهيو آهي ته ‘دل ايڪ مندر هئه، پيار ڪي جس ۾ هوتي هئه پوجا، يي پريتم ڪا گهر هئه’. ان سچ کي ڪٿي ناڪاري سگهبو؟ پر پنهنجو پنهنجو خيال آهي.
هيءُ آخرين غزل روايتي آهي. منجهس نئون ڪجهه ڪونهي. اهڙو ڪجهه ڪونهي جو منهن مان ازخود واهه واهه نڪري. غزل جي ڪاميابي منهن مان ازخود نڪتل واهه واهه ۾ هوندي آهي. وري به هيءُ شعر خوبصورت آهي:
خون، حيبت، باهه، گوليون، رهزني،
ٻيو نئين جڳ ۾ نه ڄاڻان ڇا ڏسان.
مٿين ڏهن غزلن ۾ ڪجهه فني اوُڻاين کي ڇڏي، لڪشمڻ دبي جا غزل پاٺڪ جي دل کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي ٿا ڇڏين. هونئن به ٿوريون گهڻيون ڪميون ته هرهڪ شاعر جي تخليق ۾ رهن ٿيون. جيڪي اڀياس سان ڌيري ڌيري ختم ٿي وڃن ٿيون. ڪوبه انسان پورڻ ڪونهي. مون کي اميد ئي نه پر پوري پڪ آهي ته هيءُ صاحب سنڌي غزل کي اوُچاين تي پهچائيندو. ( سماپت )

لڇمڻ ڀاٽيا ‘ڪومل’- ترجمان جي روپ ۾

لڇمڻ ڀاٽيا ‘ڪومل’ سنڌي ادب ۾ گهڻ ڪـُنڊائين شخصيت وارو ساهتڪار هو. هو موُل روپ سان شاعر هو، پر نثر نويس به ڪو گهٽ ڪونه هو. هن ڪهاڻيون لکيون، ناٽڪ لکيا (ڀلي اهي ناٽڪ ڇاپي هيٺ ڪونه آيا) ناٽڪن ۾ ڪردار طور حصو به ورتائين، سندس آتم ڪٿا جا ٽي ڀاڱا سنڌ ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا، جن ۾ سندس لکڻيءَ جي بيباڪيءَ سنڌ ۽ هند ۾ چڱو چوٻول مچايو. انهن ٽنهي ڀاڱن جو هندي ٻوليءَ ۾ ترجمو کيمن يوُ. موُلاڻيءَ ڪيو. جن هندي پاٺڪن ۾ چڱي مقبوليت حاصل ڪئي، هندي ٻوليءَ ۾ ڪيل انهن ترجمن تان مراٺي ٻوليءَ ۾ به ترجما ٿيا. جن ذريعي ڀارت واسين کي هاڻي وڃي اهو احساس ٿيو آهي ته اسان سنڌين ڀارت جي آزاديءَ خاطر پنهنجو اگر تگر ڇڏي ڀارت ۾ اچي ڪيئن دربدر ٿياسين ۽ ڀارت جي آزاديءَ ۾ اسان جو وڏو يوگدان آهي. کين اها به ڄاڻ ملي ته سنڌين ڀارت جي آزاديءَ خاطر پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي وڏي ۾ وڏي قرباني ڏني آهي.
ترجما آد جڳاد کان ٿيندا رهيا آهن. ترجما نه هجن ها ته هڪ خطي، ملڪ، طبقي جي ماڻهن جا ويچار ٻين ماڻهن تائين پهچي نه سگهن ها ۽ علم و ادب جو واڌارو نه ٿي سگهي ها. ترجمن سنسار جي الڳ الڳ حصن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سٺن ويچارن کي ڦهلائڻ ۾ وڏو ڪردار نڀايو آهي. عربن جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته اهي سنڌ جي وڏن ودوانن کي سندن ڪتابن سميت غلام بڻائي پاڻ سان گڏ پنهنجي ملڪ وٺي ويا ۽ اتي وڃي انهن کان سنڌ جي اعلى علم و ادب جو خزانو پنهنجي عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرايو. ان کان پوءِ سنسار کي انگن، ٻـُڙيءَ ۽ ڏهائيءَ جي ڄاڻ پيئي. ترجمن وسيلي مليل انگن جي ان ڄاڻ سان انسان اڄ ايتري ترقي ڪئي آهي جو اهو برهمانڊ ۾ گرهن تائين پهچي ويو آهي.
هتي مان لڇمڻ ڀاٽيا ‘ڪومل’ جي ڪيل ترجمن جو ذڪر ڪندس. آگسٽ 1974ع ۾ هن ولاديمير ماياڪووسڪيءَ جي چونڊ شعرن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو ڪيو، جيڪو اي.جي.اُتم ‘نئين دنيا پبلشرس’ ممبئيءَ واري ‘نئون صبح’ نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. 86 صفحن واري ان ڪتاب جو ملهه ان وقت صرف 5 روپيا هو. اڄ اهو ڪتاب اڻلڀ آهي.ان ۾ ماياڪووسڪيءَ جي سترهن ڪوتائن جو نثري نظم ۾ ڪيل ترجمو ڏنل آهي.
ان ڪتاب جي باري ۾ لڇمڻ پنهنجي آتم ڪٿا جي ٻئين ڀاڱي جي صفح 203 تي هڪ دلچسپ سچائي بيان ڪئي آهي. لکي ٿو: ‘سال 1975ع جي جوُن ۾ مون کي روس جي انقلابي شاعر ولاديمير ماياڪووسڪيءَ جي زندگي، شاعري ۽ 40 نظمن جي منظوم سنڌي ترجمي تي سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ مليو، جيڪو مون کي سرڳواسي اي. جي. اُتم جي زوردار سفارش تي ڏنو ويو. اُتم اوارڊ ڪميٽيءَ جو واحد جج هو. هـُن مهينواڳ مون کي ماياڪووسڪيءَ جي زندگي ۽ شاعريءَ تي دهليءَ ۾ ٽي چار ڪتاب ڏنا ۽ مون کان واعدو ورتائين ته مان ٻن هفتن ۾ ماياڪووسڪيءَ تي س‍ؤ کن صفحن جو مسؤدو تيار ڪري هن ڏانهن موڪليان. شرط اهو به وڌائين ته ماياڪووسڪيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو منظوم ئي ڪرڻو آهي. مون ٻارهن کان پندرهن ڪلاڪ روز سخت محنت ڪري مسؤدو مڪمل ڪري اُتم کي ڏياري موڪليو، جيڪو هن هڪ هفتي اندر شايع ڪرائي اوارڊ ڪميٽيءَ اڳيان اوارڊ لاءِ زوردار سفارش ڪندي پيش ڪيو. ڪميٽيءَ جي چيئرمين خواجا احمد عباس وچ وچ مان ٻه نظم ٻڌي اوارڊ جو فيصلو ڪيو. اوارڊ جي رقم ته خاص نه هئي پر ان سان گڏ ٻن هفتن جو سڄي روُس جو دؤرو هئو. انهن ٻن هفتن ۾ مون ۽ اسان جي وفد ماسڪو، لينن گراڊ، سمرڪند، بخارا، ازبيڪستان، آذربائيجان، جارجيا ۽ آرمينيا (ڪوهه قاف) وغيرهه جو سير سفر ڪيو.ان وقت متحد روُس پنهنجي عروج تي هو.’
ترجمو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. ان لاءِ پهريون شرط اهو آهي ته ترجمو ڪندڙ کي ٻنهي ٻولين ( يعني جنهن مان ترجمو ڪري رهيو آهي ۽ جنهن ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي )تي عبوُر حاصل هئڻ گهرجي. مون کي خبر ڪونهي ته لڇمڻ روسي ٻولي ڄاڻندو هو يا نه؟ مون کي اها به ڄاڻ ڪونهي ته هن اهو ترجمو روسي ٻوليءَ تان ڪيو آهي يا ٻي ڪنهن ٻوليءَ تان. ڪتاب ۾ ڪٿي به ان ڳالهه جو ذڪر ڪونهي. البت پبلشر اي.جي.اُتم ‘ٻه لفظ’ سري هيٺ ڪتاب جي شروعات ۾ لکيو آهي ته ، “ اسان جي هڪ برک شاعر لڇمڻ ڪومل پنهنجي سپڪ ۽ سهڻي ترجمي سان ماياڪووسڪيءَ جهڙي اعلى شاعر کي سنڌي جنتا اڳيان پيش ڪيو آهي، جيڪو هڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم هن بخوبي نڀايو آهي، جنهن لاءِ هن کي جيترو داد ڏجي اوترو ئي ٿورو.”
مان اي.جي.اُتم جي انهن لفظن سان شاملراءِ آهيان ته ترجمو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر منهنجي خيال ۾ شاعريءَ جو ترجمو ڪرڻ تهائين ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته شاعري مختصر لفظن ۾ اظهار جو واهڻ آهي. ان ۾ واڌو يعني حشو لفظن جي گنجائش ڪانه هوندي آهي. ارڙهين صديءَ جي انگريز نقاد ڊاڪٽر جانسن جو ته ايتري قدر چوڻ آهي ته شاعريءَ جو ترجمو ٿي ئي نٿو سگهي. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه صحيح ناهي. هيل تائين شاعريءَ جا ڪئين ترجما ٿيا آهن ۽ ڪامياب ترجما ٿيا آهن. لڇمڻ جو نثري نظم ۾ ڪيل هي ترجمو پڻ ان جو مثال آهي. ان کان سواءِ کيمن يوُ. موُلاڻيءَ ساميءَ جي اٽڪل 2700 سلوڪن جو ساڳئي ڇند ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. منظوم شاعريءَ ۾ ڪيل ان ترجمي کي ودوانن ساراهيو آهي.
ترجمو تخليق کان وڌيڪ قابليت گهرندو آهي. هم معنى لفظ کپندا آهن. ٻنهي ٻولين جا اصطلاح ۽ پهاڪا الڳ الڳ هوندا آهن. گرامر الڳ هوندو آهي، ان ڪري جملن جي گهڙت الڳ هوندي آهي. ڪي ساڳيا ئي لفظ هڪ ٻوليءَ ۾ مذڪر ته ٻي ٻوليءَ ۾ مونث ٿيندا آهن. مثال طور‘آواز’ هنديءَ ۾ مونث ته سنڌيءَ ۾ مذڪر آهي.ساڳي ڳالهه عدد واحد ۽ عدد جمع سان به آهي. سنڌيءَ ۾ ‘ڪتاب’ لفظ جي حرف ‘ب’ جي مٿان زبر جمع ٿي پوندو ۽ پيش ڏبو ته اهو عدد واحد ٿي پوندو، پر هندي ٻوليءَ ۾ ائين ڪونهي. هندي ٻوليءَ ۾ ‘ڪتاب’ جو عدد جمع ‘ڪتابين’ آهي. ترجمي ڪرڻ مهل هڪ ٻي ڏکيائي به درپيش ايندي آهي. ڊڪشنرين ۾ اڪثر جيڪي هم معنى لفظ هوندا آهن، اهي ڪڏهن ڪڏهن ساڳيو مطلب ڇڏائڻ ۾ قاصر هوندا آهن. ان ڪري هڪ لفظ پويان ٻه ٻه ٽي ٽي جملا به گهڙڻا پوندا آهن، جيئن مطلب واضح ٿي سگهي۽ ٻوليءَ جو رس چس قائم رهي سگهي.
ماياڪووسڪي متحد روس جو انقلابي شاعر هو، پر سندس شاعريءَ ۾ رومانيت به هئي. مون کي ڪتاب پڙهندي لڳو ته لڇمڻ ترجمو ڪندي سندس شاعريءَ جي آتما کي ضرب نه رسائي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هن پاڻ کي پختو ترجمان ثابت ڪيو آهي. سندس ترجمي جا ڪجهه مثال ڏسو:
1-پر پوءِ به خبر ناهي ڇو/منصفن ‘پيروُءَ’ سان انصاف نه ڪيو؟/هو آيا/ ۽ سڀني مٿان بندشون مڙهي ڇڏيائون./پکين پرندن مٿان،/رقص مٿان/۽ پيروُءَ جي دوشيزائن مٿان. ( صفح-30)
2-هيٺ لهي اچ لوفر،/مون پوريءَ طاقت سان سج کي چيو./مان واڪا ڪندو رهيس./ڪجهه ٿڌو ٿيءُ/ڇا تون اسان کي ڪباب ڪرڻ آيو آهين؟ (صفح-44)
3-اوهه ٽامي،/مون کي پيار نه ڪر./ٽامي-اهو سچ نه آهي./روزگار جو وسيلو ڪونهي./چوري ڪرڻ جو وجهه نٿو ملي/ هر طرف/ورديءَ وارا بوُٽ گهمي رهيا آهن./۽ اهي ڌاريا/ڪامي ڪُتن وانگر/ هن کي حوس جي نگاهن سان/گهوري رهيا آهن./زرد چهري وارو ٻڍو/هن جي ڪاري ڳردار جسم کي ڏسي/سڄو پگهرجي ويو./۽ هن جي سوٽُ سڻڀي ڇاتيءَ کي/بار بار/ نظرن سان ڇهندو رهيو! (صفح-55)
مٿين مثالن مان ڪٿي به ائين ڪونه ٿو لڳي ته هيءُ ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جو سنڌي ترجمو آهي، ڄڻ موُل سنڌي تخليق هجي. درحقيقت اها ئي ترجمي جي ڪاميابي ليکي ويندي آهي. هن ترجمي ۾ ترجمان جو لب و لهجو نج سنڌي آهي. مثال گهڻيئي آهن، پر وڌيڪ مثال ڏيڻ هروڀرو ضروري ڪونه ٿو لڳي. لڇمڻ صرف هڪ ڪتاب ترجمو ڪونه ڪيو. هن ٻيا چار ڪتاب به مختلف ٻولين تان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا.
کيس قرت ال عين حيدر جي ترجمو ڪيل ڪتاب ‘پن ڇڻ جو پرلاءُ’ تي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ ترجمي جو انعام ڏنو. ان کان سواءِ هن راجيندر سنگهه بيديءَ جي ڪتاب جو ‘ميري چادر’ عنوان سان ۽ سريندر ڪوهليءَ جي ڪتاب جو ‘بلي شاهه’ عنوان سان ترجمو ڪيو، پر وڏو ڪمال ته هن اِشا نيلسن جي ڪتاب ‘ميران ٻائيءَ’ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندي ميران ٻائيءَ جا پنجاهه ڀڄن منظوم شاعريءَ ۾ ترجمو ڪيا. جيئن مٿي چيو ويو آهي ته هڪ ٻوليءَ جي منظوم شاعريءَ جو ٻي ٻوليءَ جي منظوم شاعريءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڀلي ناممڪن نه هجي پر ڏکيو ضرور آهي، تنهن هوندي به لڇمڻ اهو ڪري ڏيکاريو ۽ ان طرح پاڻ کي سٺو ترجمان ثابت ڪيو. (سماپت)

گيتانجليءَ جا سنڌي ترجما ۽ انهن جو سنڌي شاعريءَ تي اثر

گرو رابيندرناٿ ٽئگورجو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو. هو ڀارت جو پهريون ساهتڪار هو جنهن کي سندس ‘گيتانجليءَ’ نالي ڪوتائن جي مجموعي، جيڪو هن پاڻ بنگالي ٻوليءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، ان تي سال 1913ع ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو نوبل انعام مليو هو. ان ڪتاب ۾ 103 ڪوتائون شامل هيون، جن مان اڌ يعني 52 ڪوتائون هن پنهنجي بنگالي ڪتاب ‘گيتانجليءَ’ تان کنيون هيون ۽ باقي ٻيون 51 ڪوتائون ‘نوٽبيڙو’ يا پنهنجي ٻين بنگالي گيتن جي ڪتابن تان کنيون هيون. پنهنجي بنگالي ڪوتائن جو انگريزي ترجمو ڪندي هن ڪيترين ئي ڪوتائن جا ٽڪرا ڪڍي ڇڏيا ۽ ڪن ۾ وري درستيون به ڪيون. اهو انگريزي ڪتاب جنهن تي کيس نوبل انعام مليو اهو سندس انگريز دوست ڊبليوُ. بي.ييٽس ڇپايو. هتي اهو واضح ڪرڻ واجب ٿيندو ته اصل بنگالي ٻوليءَ ۾ ڇپيل گيتانجليءَ ۾ 157 ڪوتائون هيون.
گيتانجلي ڪتاب کي نوبل انعام ملڻ کان پوءِ ان جا دنيا جي ڪئين ٻولين ۾ ترجما ٿيا. ڀارتواسين به پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ ترجما ڪيا. سڀ کان پهرين گيتانجليءَ جو اردوُ ترجمو 1914ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ سال 1915ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڇپيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ گيتانجليءَ جو پهريون ترجمو نوبل انعام ملڻ کان 13 سالن بعد يعني 1926ع ۾ ڇپيو، جيڪو دليپ سنگهه ماڻڪاڻيءَ ڇپايو. اڄ اهو ڪتاب اڻلڀ آهي. شري لالسنگهه اجواڻيءَ جي ڪتاب ‘سنڌي ساهتيه ڪا اتهاس’ ۾ به ان جو ڪو ذڪر ڪونهي. بهرحال سنڌيءَ ۾ هيل تائين گيتانجليءَ جا ڪل چار ترجما ڇپجي چڪا آهن.
گيتانجليءَ جو ٻيون سنڌي ترجمو منگهارام ملڪاڻيءَ ڪيو، جيڪو سال 1942ع ۾ ڇپيو. ان ڳالهه جي تصديق اجواڻيءَ جي مٿئين ڪتاب جي صفح-189 تي ڪيل آهي.حالانڪ 1956ع ۾ هندستان ڪتاب گهر ممبئيءَ وارن جڏهن ان ڪتاب جو ٻيون ڇاپو ‘هندستان ساهتيه مالها ( سال-3، پستڪ-4)’ طور ڇپايو، تڏهن ان ڪتاب جوٻيون ڇاپو هئڻ جو ذڪر ڪونه ڪيائون. ايتريقدر جو ڪتاب ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جي لکيل مهاڳ جي هيٺان تاريخ به 8 جون 1956ع پيل آهي. البت منگهارام ملڪاڻيءَ مهاڳ ۾ ان جي ٻئين ڇاپي هئڻ جي تصديق ڪئي آهي. لکي ٿو-“ ....ٻي مدد مون کي چوهڙ مل هندوجا ڪئي، جنهن سنڌ ۾ ‘رتن ساهت منڊل’ پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڪڍيو هو...” پر ملڪاڻي صاحب ان پهرئين ڇاپي جو سال ڪونه لکيو آهي. منظوم شاعريءَ ۾ ترجمو ڪيل اهو ڪتاب اڄ به ميسر آهي.
گيتانجليءَ جو ٽيون ترجمو گوبندرام سلامتراءِ رائسنگهاڻي ‘سائل’ نثري نظم ۾ ڪري ڇپايو. اهو ڪتاب به ڪٿي ڪونه ٿو ملي. چوٿون ترجمو کيمن يوُ. موُلاڻيءَ جو ڪيل آهي جيڪو سال 2012ع ۾ ڇپيو آهي، ان ۾ گيتانجليءَ جي انگريزي ترجمي ۾ شامل 103 ڪوتائن جي ترجمي کان سواءِ رابيندرناٿ ٽئگور جي ٻين مجموعن ۾ شامل100 ڪوتائن کي به شامل ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح ان ڪتاب ۾ 203 ڪوتائون آهن. منگهارام ملڪاڻيءَ جو ترجمو منظوم شاعريءَ ۾ ڪيل آهي ۽ باقي ٽي ترجما نثري نظم ۾ ڪيل آهن.
جيئن مٿي چيو ويو آهي ته گيتانجليءَ کي نوبل انعام ملڻ کان پوءِ ان جا دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني ٻولين ۾ ترجما ٿيا، انهن ترجمن جي ڪري ڀارت جي ڪيترين ئي ٻولين جي شاعريءَ سان گڏ سنڌي شاعريءَ تي به ان جو اثر پيو، اها ڄاڻ ان وقت جي سنڌي شاعريءَ جو مطالع ڪرڻ مان پوي ٿي.
گيتانجليءَ جو سنڌي شاعريءَ تي پيل اثر ڏسڻ لاءِ اسان کي لاڙڪاڻي جي ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ واري اسڪول ۾ هلڻو پوندو، جيڪو ان وقت سنڌي شاعريءَ جو مرڪز هو. ان وقت بيوس سنڌي شاعريءَ تي ڇانيل هو. بيوس 1885ع ۾ ڄائو هو. 1913ع ۾ جڏهن ٽئگور کي گيتانجليءَ تي نوبل انعام مليو، تنهن وقت هو 28-27 سالن جو ڳڀروُ جوان هو. هوُ 21 سالن جي عمر ۾ ئي پختو شاعر بڻجي چڪو هو. فتحچند واسواڻي سندس ڳوٺائي ۽ گهرو دوست هو. ان صاحب بيوس شتابدي گرنٿ “سڏ پڙاڏو ساڳيو” جي صفح 6 تي لکيو آهي-“ ٽئگور جي شعر بيوس تي ڪافي اثر ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٻيا شاعر جيوت کي دک درسي نظر سان ٿا ڏسن، جنهن ڪري ويراڳ ۽ تياڳ جون صلاحون ٿا ڏين، پر ٽئگور ئي آهي جو هر نظاري، جيوت جي هر پهلوُءَ کي سک درسي نظر سان ڏسي آنند ڀريو ماڻڻ جو مارڳ ٿو بتائي. ماڻيو پر ‘مان-بنا ’،‘منهنجو-بنا’. پرڀوُءَ جون ڏاتيون، آنند مئه آهن. انهن مان آنند وٺو، پر نرمل رهت سان، ڪنول گل بڻجي .”
فتحچند واسواڻيءَ اڳتي لکيو آهي-“ رابيندرناٿ جي ڪتابن پڙهڻ سانگي بيوس وڏي عمر ۾ انگريزي سکيو. شؤق ڇا نٿو ڪري سگهي؟ ڇهن مهينن ۾ ايتري ته انگريزي سکيو، جوٽئگور جو ‘ساڌنا’ جهڙو فيلسوفيءَ جو ڪتاب به پڙهي ۽ سمجهي سگهندو هو، نه رڳو ايترو بلڪ ڪاليجي شاگردن کي ان فيلسوفيءَ جي سمجهاڻي ڏيندو هو.”
لالسنگهه اجواڻيءَ “ سنڌي ساهتيه ڪا اتهاس ” جي صفح 192 تي صاف اکرن ۾ لکيو آهي –“ شاهه ۽ رابيندرناٿ ٺاڪر، بيوس جي ڪوتا جا آدرش هئا.” جنهن شخص ٽئگور جو ايڏو اڀياس ڪيو هوندو ۽ ٽئگور جنهن جو آدرش رهيو هوندو، ان تي ٽئگور جي شاعريءَ جو اثر ڪيئن نه پيو هوندو؟ ۽ جيڪڏهن اثر پيو هوندو ته ضرور ان جي شاگردن تي به اثر پيو هوندو. شاگردن تي ئي ڇو؟ ان وقت سنڌ جا ذري گهٽ سڀ سنڌي هندو شاعر بيوس جي اثر هيٺ هئا، انهن سڀني تي به ضرور اثر پيو هوندو.
رابيندرناٿ ٽئگور گيتڪار هو ۽ گيتانجلي گيتن جو مجموعو آهي. ڪوي ڪشنچند بيوس پڻ گيتڪار هو. سندس گيتڪار هئڻ جي تصديق لالسنگهه اجواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ساهتيه ڪا اتهاس’ ۾ ڪئي آهي. چوي ٿو-“ بيوس ۾ هڪ گيتڪار جا حقيقي گڻ هئا.” هتي اهو چوڻ به بي واجب نه ٿيندو ته بيوس جي لاڙڪاڻي واري شاعريءَ جي اسڪول جا گهڻي ڀاڱي سڀ شاگرد پڻ گيتڪار ئي هئا. هو گيتن سان گڏ وايون، نظم ۽ بيت به لکندا هئا. اُهي غزلگو شاعر ڪونه هئا. ايتريقدر جو بيوس غزل جي ٻن مصرعن وانگر جيڪي بند لکيا، انهن کي غزل نه چئي ‘پوُر’ ڪوٺيو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته سندس ٻن مصرعن وارا اهي بند غزل جون فني تقاضائون پوريون ڪونه ٿا ڪن. اهڙو هڪ بند ڏسو:
منهنجي دل جا ديوتا ! تنهنجو لهان مندر ڪٿي؟
عشق جو جنهن ۾ اُجالو آهه سو اندر ڪٿي؟
بيوس جي مٿئين بند تي ٽئگور جي ڪوتا جو اثر صاف نمايان آهي. ٽئگور جي ڪوتائن ۽ گيتن ۾ مکيه وشيه تڙڦ آهي. تڙڦ ۾ من سدائين محبوب سان ملڻ لاءِ آتو رهندو آهي. مٿئين بند ۾ پڻ پرڀوُءَ لاءِ تڙڦ نظر اچي ٿي. ٽئگور پنهنجي هڪ ڪوتا ۾ چيو آهي:
“ڇا سندس خاموش آهٽ نا ٻڌين ٿو؟ هو اچي پيو: هو اچي پيو-نت اچي پيو.” بيوس به چوي ٿو:
نيڻ درسن لاءِ کوليو، شهسواري ٿي اچي،
دل اندر درٻار لڳندي، ذات باري ٿي اچي.
بيوس جي هيٺئين بند تي به ٽئگور جو اثر عيان آهي:
اڄ غريبن جون ڪکايون جهوپڙيون مالڪ گهمي،
ٿو مڙهيءَ، مسجد، مندر ،ديول ٽڪاڻي کان ٽهي.
مثال گهڻا آهن پر مان انهن کان ڪنارو ٿو ڪريان. هاڻي لاڙڪاڻي جي شاعريءَ واري اسڪول جي شاگرد هري دلگير جون به ڪي ڪوتائون ڏسو:
پريم پوڄارڻ ڇڏي پنهنجي وئين پريتم ! پري،
دل جي ديپڪ ۾ اڃا ٿي پريم جي جوتي ٻري،
دل-دري کولي اچين هڪوار منهنجا هوت!تون،
تنهنجو درشن ديد –درپڻ ۾ ڪري ٺاڪر! ٺري.
هري دلگير جي ديس ڀڳتي گيت جون هيءُ سٽون ڏسو:
او منهنجا داتار،
سڻ منهنجا ڪرتار.
منهنجي ديس جي مٽي مٺڙي، ٿي جل ۾ ميٺاج،
وايوُءَ ۾ ميٺاج مدامي، هر ڦل ۾ ميٺاج،
ميٺُ هجي ميٺاج کان پيارو،
مصري ۽ ماکيءَ کان نيارو،
ڏي ميٺاج اپار.... او منهنجا داتار، او منهنجا ڪرتار.
هري دلگير پاڻ پنهنجي ‘نامعلوم لفظ’ سري واري ڪوتا ۾ مڃيو آهي ته مٿس ٽئگور جو اثر هو. سندس ئي لفظن ۾ ڪوتا ڏسو:
گيت مون گرديو جو رات ريڊيو تي ٻڌو،
لفظ نامعلوم ها، غير ٻوليءَ کان هيس،
لفظ لهرن کان اجهل، هير کان هلڪا سڌير،
ٽُٻَ هنيا ميٺاج ۾، خاص خوشبوءِ ۾ ڀنل،
دل اندر جهومڻ لڳا، خوب جهومائڻ لڳا.....
ڪوتا وڏي آهي ان ڪري اها اتي ئي ختم ٿو ڪريان. پرڀوُ ‘وفا’ به بيوس جو شاگرد هو. سندس ڪوتائن جي مجموعي ‘پرواز’ ۾ صفح-2 تي ڏنل ڪوتا جون ڪجهه سٽون ڏسو، جن مان ظاهر آهي ته مٿس ٽئگور جو اثر هو:
جڏهن ويهي مندر ۾ چپ چاپ مان،
اي ڀڳون ٿو تنهنجو جپيان جاپ مان،
ٿو چاهيان فقط تنهنجو ميلاپ مان،
نج جت دخل دنيوي خيالن جو ڪو،
اُتي آتما کي اُڏائي سگهان.
ڪشنچند ‘بيوس’ جي هڪ ٻئي شاگرد هوندراج ‘دکايل’ جي هيٺين ڪوتا مٿس پيل ٽئگور جي اثر جو مثال آهي:
منهنجي گيتن جو سـُر-لئه سنگيت به تون آهين!
ڀيڙ ڀري دنيا ۾ منهنجو ميت به تون آهين!
مندر، مسجد، گردئارو، ديول ۽ پاڪ ڪليسا؛
سڀني جي تـُل منهنجي لاءِ پـُنيت به تون آهين!
تنهنجي تابع آهي هن سنسار جو راڄ سڄو ئي،
تير-تبر ڌاران لاشڪ جڳ جيتُ به تون آهين!....
ها، اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءُ سنسار پل پل مٽجي ٿو. هر چيز بدلجي ٿي. هر ٻوليءَ جي ڪوتا به آد جڳاد کان پنهنجا رنگ، ڍنگ، رخ ۽ لاڙا مٽيندي رهي آهي. ان ڪري سنڌي ڪوتا تي ٽئگور جو اثر گهڻو وقت ڪونه رهيو، جيئن ڪن ٻين ٻولين تي به گهڻو وقت ڪونه رهي سگهيو. ( سماپت )

گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌي ٻال ڪوتا جي اوسر

( سال 1995ع کان سال 2014ع تائين)

ٻال ڪوتا معنى ٻارن لاءِ لکيل ڪوتا. ٻال ڪوتا کي ٻال گيت به چيو وڃي ٿو. گيت ڳائڻ جي چيز آهي. ان ڪري ان ۾ ڳائڻ جا گُڻَ هوندا آهن. گيت بحر وزن يا ڇند تي ٻـَڌل رچنا هوندي آهي. گيت ۾ شاعر ڪيئن قسمن جي جذبن جو اظهار ڪندا آهن، پر سڀ کان وڌيڪ پيار جي جذبن جي اپٽار هوندي آهي. هن سنسار ۾ ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ پيار جو رشتو سڀ کان مهان ۽ انوکو ليکيو ويو آهي.منهنجي خيال ۾ پهريون ٻال گيت به ان وقت ماءُ جي ممتا جي جهرڻي مان ازخود ڦٽي نڪتو هوندو، جنهن وقت هن پنهنجي ٻچڙي کي ڪلڪاريون ڪندي ڏٺو هوندو. ان وقت سندس مـُک تي ڪي اکر گنگنائيندي پاڻمرادو اچي ويا هوندا، ۽ اهوئي سنسار جو پهريون ٻال گيت بڻيو هوندو. اڄ به مائرون پنهنجن ٻارن کي لوليون ڏيئي سمهارين ٿيون. گيت ڳائي ٻڌائين ٿيون. ٻارن جي هر جڳياسا جو حل ٻڌائين ٿيون حالانڪ ڪي ماهر لوليءَ کي ٻال گيت نٿا مڃين، پر اهو ته مڃڻو ئي پوندو ته ٻارن لاءِ ساهتيه ۽ ٻارن بابت ساهتيه ۾ فرق آهي.
منهنجي ويچار ۾ سنڌي ٻال گيت جيڪي تعليم سان وابسته رهيا آهن، اُهي لازمي طور پوءِ آيا هوندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ شروعاتي دؤر ۾ تعليم آخوند ڏيندا هئا. اُهي ٻال گيت ڳارائيندا هئا يا نه، ان ڳالهه جي خبر ڪانهي، پر لڳي ٿو ته اسان وٽ مروج ٻال گيت انگريزن جي اچڻ بعد جديد تعليم جو حصو بڻيا آهن. جيئن ته‘واهه ڙي تارا، گول تارا، روشن تارا چمڪي وارا....’ يا ‘جو کير پئي سو وير ٿئي...’ يا ‘پئسو لڌم پٽَ تان ، پئسي ورتم گاهه...’ وغيرهه، پر ان کان اڳ گهرن ۾ ٻارن لاءِ راندين جي گيتن جهڙو ڪجهه ضرور رهيو هوندو. جيئن ته ‘ارچڪ مرچڪ، ڌاڻا ڌرچڪ، آڳ پٽيهر، نانگڻ جوڳڻ، کارا کُٽي، ٻـُٽي ڇـُٽي.’ يا ‘ ڦر ڦر سؤنٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي...’يا ‘ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڻي اسان تنهنجا ماڻهو، پٽينداسين ڏاڙهوُن...’ پر انهن سڀني ڳالهين لاءِ کوجنا جي ضرورت آهي.
ٻال منووگيان جي آڌار تي ٻال گيتن کي ٻارن جي عمر مطابق ٽِن ِ ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. 3کان 6 سالن جي عمر وارن ٻارن لاءِ لکيل ٻال گيتن کي شِشوُ گيت چيو ويندو آهي.ان کان پوءِ تيرهن سالن جي عمر تائين جي ٻارن لاءِ لکيل گيتن کي ٻال گيت چيو ويندو آهي. ان کان وڏن پر سترهن سالن تائين جي عمر وارن ٻارن لاءِ لکيل گيتن کي ڪِشور گيت چوندا آهن.
وڏن لاءِ گيت لکڻ سولو آهي، پر ٻارن لاءِ گيت لکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ٻارن لاءِ گيت لکڻ واري ڪويءَ کي پنهنجي ٻالپڻ ۾ وڃي خود ٻار بڻجڻو ٿو پوي ان ڪري ٻال گيت لکڻ واري ڪويءَ لاءِ سڀ کان پهرين ٻال منووگيان ۽ ٻارن جي ورتين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لازمي آهي. کيس خبر هئڻ گهرجي ته ٻار جي ڪلپنا شڪتي وڏن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي. ان ڪري هوُ ڪاٺ جي گهوڙي کي سچو گھوڙو سمجهي ان تي سواري ڪندو آهي.ماچيس جي ريل گاڏيءَ ۾ ويهي ٻين شهرن جو سئر ڪري ايندو آهي. پريءَ يا راڪاس جي ڪهاڻي ٻڌي پاڻ کي پري يا راڪاس سمجهي انهن وانگر ڪارناما ڪري ڏيکارڻ چاهيندو آهي. ٻار ۾ جڳياسا به تمام گهڻي هوندي آهي. هوُ هر شئه جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيندو آهي. نين شين کي ڏسي، انهن کي اُٿلائي پـُٿلائي ڏسندو آهي.انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ انهن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي.رانديڪي کي ٽوڙي وري ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٻار هر سهڻي شئه کي سانڍي رکڻ چاهيندو آهي. ننڍيون ننڍيون چيزون جهڙوڪِ چاڪ، موُرتيون، سهڻين مورتين وارا ماچيس، رنگين پينسلون به کيس قيمتي لڳنديون آهن. ٻار ڪڏهن به پاڻ کي ٻين کان گهٽ ڪونه سمجهندو آهي. ٻار جو اهو اهم ئي سندس وڪاس ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. ان ڪري ٻار جي هر سٺي ڪم جي ساراهه ڪرڻ گهرجي. ٻار ۾ چٽاڀيٽيءَ جي ڀاونا گهڻي ٿيندي آهي، جيڪا کيس همت وارو ۽ بهادر بڻائيندي آهي. ٻار ۾ نقل ڪرڻ جي ورتي ٿيندي آهي. هو وڏن کي جيڪي ڪجهه ڪندو ڏسندو آهي، ان جو نقل ڪرڻ چاهيندو آهي. پيءُ وانگر چشمو پائڻ چاهيندو آهي. ڏاڏيءَ وانگر لٺ کڻي ڪُٻِڙو ٿي هلڻ چاهيندو آهي. گهر ۾ هر قسم جا سنسڪار حاصل ڪندو ۽ سکندو ويندو آهي.
ٻارن کي اُها ئي ٻال ڪوتا وڻندي آهي، جيڪا ڳائي سگهجي يا جنهن ۾ ناٽڪيپڻو هجي. دلچسپ گفتگوُ يا بيان هجي. کل مذاق جو جزو هجي. ٻار جا پنهنجا پـِرايل آزمودا، انڀو ۽ ماحول هجي. سندن ڏٺل چيزن جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل هجي. ٻال ڪوتا ۾ لفظ اهڙا هئڻ گهرجن، جيڪي ٻار جا ٻڌل هجن ۽ کيس انهن جي معنى جي ڄاڻ هجي. ڏکين ۽ اڻ ٻڌل اکرن واري ڪوتا ٻارن کي اصل ڪانه وڻندي آهي. سـُٺي ٻال ڪوتا جي پرک فقط هڪڙي آهي ته اها ٻارن کي ڪيتري قدر وڻي ٿي. جيڪا ٻال ڪوتا ٻارن جي زبان تي چڙهي وڃي ۽ جنهن کي هوُ پاڻمرادو گنگنائيندا وتن، ان کي ئي ڪامياب ٻال ڪوتا ليکڻ گهرجي. ٻال ڪوتا ۾ جيترو ردم هوندو اها اوترو ئي ٻارن کي وڻندي. پختي رديف/قافيي ۽ ان جي دهراءَ واريون ٻال ڪوتائون ٻارن کي ڏاڍيون وڻنديون آهن.
ٻال ڪوتائن يا ٻال گيتن جا ڪئين قسم ٿيندا آهن. جهڙوڪ: پرارٿنا گيت، قدرت جا گيت، جانورن جا گيت، پکين جا گيت، راند روُند جا گيت، مٽن مائٽن جا گيت، ڪمين ڪاسبين جا گيت، مهاپرشن جا گيت، ڏڻن وارن جا گيت. سائنس جي وشين جا گيت، آکاڻي گيت، پرولي گيت، انگن جا گيت، کوڙن جا گيت، نيتي سکيا وارا گيت، نواڻ وارا گيت، لولي گيت، پرڀاتي گيت، ديش ڀڳتي گيت، آئيويٽا جي حرفن تي لکيل گيت، ڀاڄين ۽ ميون جا گيت وغيرهه وغيرهه. مطلب ته اِنهن سڀني وشين وارا گيت يا جن شين کي ٻار هرروز ڏسي ٿو ۽ جن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهي ٿو. جهڙوڪ گل، پوپٽ، ڀنڀوُريوُن، چنڊ، سج، تارا، وڻ، برسات، اسڪوُٽر، موٽر ڪار، ريل، ريڊيو، ٽي.وي، فون.، موبائيل، بلب، ٽيوب لائيٽ، ڇٽي، مٽڪو، جادوُگر، مداري وغيرهه وغيرهه.
گذريل ويهن سالن ۾ يعني سال 1995ع کان سال2014ع تائين هيٺ ڏنل ٻال گيتن جا ڪل ڇويهه مجموعا شايع ٿيا. انهن ۾ هري لگير ۽ گوورڌن ڀارتيءَ جي تازو ڇپيل ڪتابن کي شامل ڪونه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ شامل گيت گهڻي ڀاڱي پونين ٻن ڏهاڪن کان اڳ ۾ به ڇپيل آهن. باقي ڇويهه مجموعن ۾ مٿي ڏنل وشين وارا ذري گهٽ سڀني قسمن جا گيت مؤجود آهن.
1.مهڪندڙ مـُکڙيون- 1995ع: جڳديش شهدادپوري.
2.سچ جي جئه ( ٻال ڪوتا ۾ ڪٿا)-1995ع: ڪشور پهوجا
3. ديپ لليت- 1996ع: ڪمل پياسي.
4. معصوم فرشتا-1997ع: ٽيڪم آفتاب.
5. ٻال سڀا-1997ع: ساون ڪمار اداسي.
6.گلڙا گلستان جا- 1997ع: سڀاش شرما.
7. ٻليءَ جو اسڪوُل- 1998ع: ومي سدارنگاڻي.
8.پرياورڻ ۽ ٻار- 1998ع: مهيش نيڻواڻي.
9. ٻال گيت-1999ع:انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
10.مرڪندڙ مـُکڙيون-2000ع: سڀاش شرما.
11.اسين ننڍڙا ٻار- 2002ع: منگهارام چيتنديو ديوانو.
12.وڻ ٽڻ گل ۽ سرهاڻ-2003ع: ڪمل پياسي.
13. ٻاراڻا ٻول-2003ع: سترامداس سائل.
14. گول مٽول-2003ع: هوندراج بلواڻي.
15.سهڻا گلڙا ٻار-2005ع : کيمن يوُ. موُلاڻي.
16. رنگبرنگي گـُل- 2007ع: روشن گولاڻي.
17.مٺڙي مٺڙي لات-2008ع : روشن گولاڻي.
18.رنگبرنگي گـُل-2010ع: ڊاڪٽر ديال آشا.
19. گلڙا گلستان جا، فرشتا هن جهان جا-2010ع: پرسرام پ. وليڇا.
20. ماڻڪ موتي-2010ع: ستي کلناڻي ‘سکي’.
21. گلڙن جو گلستان-2010ع: سروج گوپال ڀارواڻي.
22. لنون پکيئڙا لاتيون-2011ع: ميران هڱوراڻي.
23.ساوا ساوا پن-2011ع: ڪمل پياسي.
24. تارا ڪن ٿا اشارا-2012ع: ڪشن خوبچنداڻي.
25.روشن تارا-2012ع: روشن گولاڻي.
26.ٻار گل گلزار-2013ع: ڪشن خوبچنداڻي ‘رنجايل’
ٿي سگهي ٿو ته ڪي ڪتاب مون کي ملي نه سگهيا هجن. پونين ٻن ڏهاڪن جي ٻال گيتن جي ڪتابن کي پڙهندي مون کي محسوس ٿيو ته ڪن شاعرن ڪٿي ڪٿي ٻارن سان وئل وهايو آهي. ٻن شاعرن جيڪي پاڻ خود ماستر رهيا آهن ۽ جن جو ٻارن سان روز واسطو پيو هوندو تن لکيو آهي ته ٻلي صرف رات جو نڪرندي آهي.مون کي ته اها ڳالهه بلڪل ڪانه آئڙي. مون ته ٻليءَ کي ڏينهن جو به نوُس نوُس ڪندي ڏٺو آهي.
پونين ٻن ڏهاڪن جي سنڌي ٻال ڪوتا جي اوسر جي ڳالهه ڪندي سنڌي ٻال رسالن جو ذڪر ڪرڻ به واجب ٿو لڳي. ورهاڱي کان پوءِ هتي ڀارت ۾ ٻارن جو ماهوار رسالو “ ڦلواڙي ” اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي تائين لاڳيتو ڇپجندو رهيو. اهو هنن ٻن ڏهاڪن ۾ ئي بند ٿيو. هاڻي ڪجهه سالن کان گجرات سنڌي اڪادميءَ جو “باغ بهار” ، دهلي سنڌي اڪادميءَ جو “جهر مر” ۽ راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد جو “پوپٽڙا” نالي ساليانا ٻال رسالا ڇپجن ٿا. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته انهن سڀني رسالن ۾ ٻارن جي ڏانو جون سٺيون ڪوتائون، ڪهاڻيون ۽ ٻيو ٻارن جو دلپسند مواد شايع ڪيو ٿو وڃي. مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪادمي، ڀوپال پاران ڪجهه سال اڳ “سنڌوُ ٻال مشعال” نالي ساليانو ٻال رسالو ڇپائي ظاهر ڪيو ويندو هو، اهو به هاڻي بند ٿي ويو آهي. البت “ سنڌوُ مشعال” نالي سالياني ادبي رسالي ۾ ٿورو گهڻو ٻال ساهتيه به شامل ڪيو وڃي ٿو.
ڪل ملائي ڏسجي ته گذريل ويهن سالن ۾ هر نائين ڏهين مهيني هڪ سنڌي ٻال گيتن جو مجموعو مس ڇپيو آهي. ان جو سبب ڳولهڻ لاءِ پري ڪونه وڃڻو پوندو. اڄ سنڌي پرائيمري ۽ مڊل اسڪول ذري گهٽ عدم پيدا آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو پڻ ڇڊو ٿيندو پيو وڃي، تنهن هوندي به اها وڏي اچرج جي ڳالهه آهي ۽ ساڳئي وقت خوشيءَ جي ڳالهه به آهي ته اسان جا سنڌي شاعر ٻارن لاءِ گيت رچي رهيا آهن ۽ ڪتاب به ڇپائي رهيا آهن پوءِ ڀلي انهن جو معيار ڪهڙو به هجي. ( سماپت )

فانيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو- سڪ سوز ۽ ساز

استاد شاعر کيئلداس بيگواڻي ‘فانيءَ’ جو جنم سنڌ جي شڪارپور شهر جي ڀرسان ميان جي ڳوٺ ۾ 4 اپريل 1914ع تي هڪ غريب ڪٽنب ۾ ٿيو، جتي هندو زميدار ۽ ٻيو پڙهيل ڳڙهيل طبقو به جهجهي انداز ۾ رهندو هو، پر پوءِ سندس وڏا پنهنجو اهو اباڻو ڳوٺ ڇڏي شڪارپور شهر ۾ وڃي رهيا ۽ اتي شڪارپور جي سڪي پل جي ڀرسان وڃي ڪچو گهر اڏيائون. چون ٿا ته اها سڪي پل دنيا جي پهرين اوور برج هئي. شڪارپور شهر اصل کان شاعرن جي زمين رهي آهي. ان شهر ۾ ئي اسان سنڌين جو مهان سنڌي ڪلاسيڪي شاعر ڀائي چئنراءِ بچومل ڏاتاراماڻي “سامي” پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي سلوڪن ذريعي نه صرف ويدانت جي واڻي سنڌيءَ ۾ سڻائي، پر شڪارپور شهر ۽ سنڌ جو نالو به امر ڪري ڇڏيو. ان شاعراڻي زمين تي ئي سائين کيئلداس بيگواڻي ‘فانيءَ’ جي من ۾ شاعريءَ جو سلو ڦٽو، جو ڌيري ڌيري وڌي وڻ ٿيو ۽ جنهن جي مٺن سوادي ڦلن سنڌي ادب کي مالامال ڪيو.
17 مئي 1947ع تي فانيءَ کي سائين ڪشنچند تيرٿداس کتري ‘بيوس’پنهنجي هٿ اکرين لکي ڏنو هو ته “کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي سا منهنجي نظر ۾ اهڙي آهي جهڙي سون منڊيءَ تي هيري جي ڪڻي.” ‘بيوس’ جو اهو هٿ لکيل نوازشنامو فانيءَ جي ‘سڪ سوز ۽ ساز’ جي پهرئين ئي صفحي تي ڇپيل آهي. ان نوازشنامي جي هيٺان فانيءَ لکيو آهي ته “مٿيون نوازشنامو مون کي سفارش جي صورت ۾ ان وقت ڪم آيو جڏهن مان شڪارپور ڪاليج ۾ پروفيسريءَ جي عهدي لاءِ اميدوار بيٺو هوس. آءٌ ايڏي احسان جا لک وار شڪرانا مڃان ته به پورا نه پوندا.”
فانيءَ ننڍپڻ کان شاعري ڪئي، پر هن پنهنجي حياتيءَ ۾ شاعريءَ جا صرف ٻه مجموعا ڇپارايا. هن پهريون مجموعو ‘سڪ سوز ۽ ساز’ نالي سان 1983ع ۾ اڻهترسالن جي عمر ۾ ڇپايو ۽ ان کان يارهن سالن بعد ٻيون شاعريءَ جو مجموعو‘خزان جي خوشبوءِ: پيلا پن’ نالي سان مارچ 1994ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. هتي مون کي صرف سندس پهرئين مجموعي بابت ئي چوڻو آهي.
130صفحن ۾ ڦهليل ان مجموعي ۾ نظم،گيت، ڪافيون، بيت، غزل، پنجڪڙا، ترائيل ۽ ترانا (درحقيقت رباعيون آهن.) وغيرهه شامل ڪيل آهن. ان ڪتاب جي عنوان جي وضاحت ڪندي شاعر لکيو آهي:
سڪ سوز ۽ ساز ٽيئي تارون تَن جون،
انهن مان اڀري اٿي انهد جو آواز،
سڀ روحاني راز راڳ منجهان روشن ٿئي.
“دل کي دل ڏي” سري هيٺ لکيل مهاڳ ۾ فانيءَ شاعريءَ بابت لکيو آهي،“ لاشڪ شعر زندگيءَ جو ترجمو يا ڇايا چتر آهي، جنهن ۾ نه فقط رنگ ۽ امنگ پر سڪ سوز ۽ سيسراٽيون، شعلا ۽ شبنم به مؤجود آهن. انهيءَ ڪري شاعر نه فقط پاڻ کي پر پنهنجي صحبتين کي به ‘لڙڪن جو کڻي جام مرڪي ٿو پياري’. هو حياتيءَ جي تلخ حقيقتن کي شهد ۾ ٻوڙي شيرين بڻائڻ جي قوت ۽ ڪلا جو استعمال ٿو ڪري.”
فانيءَ جي شاعراڻي ٻولي سپڪ، سهڻي ۽ مائيدار آهي. ‘احسان’ سري واري نظم ۾ ڏسو ته ڪيئن ٿو گهاگهر ۾ ساگر سمائي. چوي ٿو:
منهنجو ڇا جنهن کي مان پنهنجو چوان،
منهنجي ڪوتا تي ڪرم ڪنهنجو چوان.
يا
شبد- رس لوليءَ جي لفظن مان ملي،
گيان – رس ماهر معلمن مان ملي،
جوت ڪجهه جيوت جي جذبن مان ملي،
شاعري نغمن جي نظمن مان ملي،
منهنجي ليکڻ تي لکين احسان ٿيا،
واهرو منهنجا سوين ودوان ٿيا.
کيئلداس بيگواڻي فانيءَ شروع کان ماستريءَ جو پيشو اختيار ڪيو ۽ آخر تائين ان پيشي سان ڳنڍيو رهيو. شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن هو اسڪول ۾ پڙهائيندو هو، تڏهن شيخ اياز به سندس شاگرد هو. فانيءَ کيس اسڪولي پڙهائيءَ سان گڏ شاعريءَ جي به تربيت ڏني. اڄ شيخ اياز سنڌ جو عظيم شاعر ليکيو ٿو وڃي. ڀارت جي ورهاڱي جڏهن استاد ۽ شاگرد ٻنهي کي زوريءَ هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو، تڏهن شيخ اياز پنهنجي استاد کي هڪ خط لکيو هو. ان خط جي جواب ۾ فانيءَ پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار جيڪو شاعريءَ ۾ ڪيو هو، اهو غزل جي روپ ۾ هو. اهو غزل ‘سڪ سوز ۽ ساز’ ڪتاب جي صفحي 29 تي درج آهي. ان غزل ۾ دل جي گهراين ۾ سمايل وڇوڙي جي درد جو اظهار اهڙي ته اثردار نموني ڪيو ويو آهي جو پڙهندڙ جون اکيون به آليون ٿيو وڃن.
ورهه ۽ وڇوڙو پلئه جن کي پيو آ،
اهي روز روئن ڏئي اوڇنگارون.

جدا ٿي وطن کان هتي جالڻو پيو،
نڪو ڏوهه ڪنهن تي نه ڪنهن تي ميارون.
فانيءَ کي پنهنجي جنم ڀوميءَ سان ايترو ته پيار هو جو هو ان کي آخر تائين ساريندو رهيو. هو آخرين دم تائين پنهنجي اباڻي وطن کي وساري نه سگهيو ۽ آخر بي وس بڻجي درد دل ۾ دٻائي دنيا مان ئي هليو ويو. لکيائين:
او منهنجا وطن دلدار وطن،
ڪيا ڪيڏا ڀلائڻ جا مون جتن،
لڳي لنءَ لنءَ ۾ آهي اهڙي لگن،
ڀل کان نه ڀلن اهي ڀاڻ ڀونءِ،
ڪوشش مون ڪئي ويرٿ سا وئي،
چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ،
سمجهي ٿو سٺواڄ رڃ ۾ مرڻ.
(‘سڪ سوز ۽ ساز’، صفحو – 51 )
فانيءَ کي جيترو پنهنجي وطن سان پيار هو، اوتروئي هو پنهنجي مادري سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندو هو. ٻوليءَ کي هو پنهنجي جيجل ماءُ سڏيندو هو. صفحي 115 تي لکي ٿو:
او منهنجي ٻهڳڻ ٻولي تون جيجل ماءُ لکن جي ماءُ،
تنهنجي ٻولن جي ٻنڌڻن ۾ پهتو پيار ڀريو پرلاءُ،
تنهنجي ٻوليءَ جي لفظن ۾ پهرئين پيار پڪاريو،
هڪ هڪ لفظ هلي هردي جي تارُن کي والاريو،
توسان منهنجو موهه جڏهن کان سالم هو نه سماءُ،
او منهنجي ٻهڳڻ ٻولي تون جيجل لک مائن جي ماءُ.
‘تنهنجي ٻولن جي ٻنڌڻن ۾’ هڪ سهڻو شاعراڻو اظهار آهي. انهن لفظن مان ئي ظاهر آهي ته فانيءَ کي سنڌي ٻوليءَ تي ڪيڌو نه دسترس حاصل هو. سندس ان ٻهڳڻ ٻوليءَ جا هن مجموعي مان ڪئين مثال ڏيئي سگهجن ٿا. اها ڳالهه به غور ڪرڻ لائق آهي ته فانيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سائين ڪشنچند ‘بيوس’ وانگر صرف سنڌي ٻوليءَ جو ئي استعمال ڪيو آهي. هن عربي، فارسي ۽ ٻين ڌارين ٻولين کان گهڻي قدر ڪنارو ڪيو آهي.
هن مجموعي ۾ فانيءَ جون چار ڪافيون به درج ٿيل آهن. صفحي 59 تي هڪ ڪافيءَ ۾ شاعر پاڻ کي مومل، سسئي، ليلان ۽ سهڻي بڻائي وطن جي جدائيءَ واري درد جو هينئن ورنن ڪيو آهي:
ليلان جئن لکئي سان لڙندس،
چاهه چنيسر جي ۾ سڙندس،
سڪ جي ڪڍندس ڪيئن چپر مان،
چهٽيل چت سان چوري چوري،
جيءُ جدائي جهوري جهوري،
‘چت سان چهٽيل چت جي چپر’ پڙهي شاعر کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ‘سڪ جي چپر’ هڪ نئون نڪورو استعارو آهي.
فانيءَ جي شاعريءَ ۾ منظرڪشي به مؤجود آهي. هو لفظن ذريعي اهڙا کڻي ٿو منظر چٽي جو من آنند سان واڳجي ٿو وڃي.
پرهه ڦٽيءَ جو صبح سويرو،
سج کي هو ڪڪرن جو گهيرو،
ماڪ اگهيو گل جو منهن ميرو......(صفح-3 )
فانيءَ صفح 121 تي پنهنجي انترمن جي پيڙا جي منظرڪشي به بيحد دلڪش نموني ڪئي آهي. ڏسو ڇا ٿو چوي:
دل جا بادل اک تي ڇانيل،
بوند ۾ منهنجي بحر سمايل،
دل ۾ آلو دوُد دکي ٿو،
فاني ٻاهر آگ اجهايل.
‘سڪ سوز ۽ ساز’ ۾ يارهان ترانا ڏنل آهن. فهرست ۾ ڏنگين ۾ انهن کي رباعيون لکيو ويو آهي. صفحي 114 تي ڇپيل اهڙي ئي هڪ رباعي پيش آهي، جنهن مان خيال جي بلندي عيان آهي:
شبنم سان نه ڀنڀٽ ڪو اجهامي ويندو،
پر- هيڻ پکي ڪيئن اڏامي ويندو،
شڪتيءَ جي اڳيان سڀڪو ٿو ڪمزور جهڪي،
سج اڀري ئي مس چنڊ وسامي ويندو.
( مفعول مفاعيل مفاعيلن فع – رباعيءَ لاءِ مقرر اخرب جو وزن 7 )
هر شاعر جو انداز- بيان الڳ ٿيندو آهي. فانيءَ جو انداز- بيان انوکو آهي. ‘بوندون’ سري هيٺ ڏنل سندس ٻه چؤسٽا ڏسو:
هٿن جون ليڪون سمهيون رهن ٿيون،
سڄاڻ اک کي اٿي چون ٿيون،
اجهو ٿو غربت جو ڀاڳ جاڳي،
مگر اميريءَ کي اک ڀڃن ٿيون.
‘هٿن جون ليڪون سمهيون رهن ٿيون’ تجسم جو هڪ سهڻو مثال آهي. شاعر لاءِ هٿن جون ليڪون به ڄڻ ڪي ڇوڪريون يا عورتون آهن، جيڪي جاڳڻ کان پوءِ اک کي چون ٿيون ته اي اک! دل نه لاهه، غربت جو ڀاڳ اجهو ٿو جاڳي. فانيءَ آخرين مصرع ۾ ان چؤسٽي کي رومانوي ٽچ ڏنو آهي. چي:‘مگر اميريءَ کي اک ڀڃن ٿيون.’ اک ڀڃڻ جا ٻيا به ڪئين مطلب آهن. اتي فانيءَ پاٺڪ کي معنائن جي جهنگ ۾ سوچڻ لاءِ ڇيڪ ڇڏي ڏنو آهي. اها شاعراڻي ڪاريگري آهي، جيڪا کيس استاد شاعرن جي صف ۾ کڙو ٿي ڪري. سندس هڪ ٻيو رومانوي ٽچ واروچؤسٽو به ڏسندا هلون. چوي ٿو:
حسن گونگو بي زبان،
عشق کي آواز ڏئي،
عشق جنبش ۾ جوان،
جهٽ اچي ٿو ساز ٿئي.
غزل ته آهي ئي رومان جي پيدائش، پر هاڻي غزل ڪئين لڪ لتاڙي ڪافي اڳتي وڌي آيو آهي. ‘سڪ سوز ۽ ساز’ ۾ ڪجهه غزل به ڏنل آهن، اهي به گهڻي ڀاڱي رومانوي قسم جا آهن. صفح 79 تي ڏنل غزل جو هيءُ بند ڏسو:
سونهن ۾ ڪيڏي ڪشش آهه اڃا پر ڇا ڪجي؟
پاند ڇرڪن کان زماني جي ڇڏائي نه سگهيس.
غزل جي پوئين مصرع سچ پچ ڇرڪ ٿي ڀرائي. مون هن کان اڳ ڪٿي به ‘زماني جي ڇرڪن کان پاند ڇڏائڻ’ ڪونه پڙهيو آهي. زمانو ستم ڪندو آهي، دک ڏيندو آهي، پر انهن جي ڪري ڪوئي ڇرڪ ڀري ته اها ته ٿي دکن ۽ ستمن جي انتها. هڪ ئي لفظ ‘ڇرڪ’ مصرع کي ڪيڏي نه وڏي معنى ٿو بخشي. لفظن کان اهڙي قسم جو ڪم فانيءَ جهڙا استاد شاعر ئي وٺي سگهندا آهن ۽ ان کي گهڻ معنوي بڻائي سگهندا آهن. خيال جي بلندي صفح 80 تي ڏنل غزل جي هن بند ۾ به نظر اچي ٿي.
جي خوشي آهه سج جي پاڇي جيان،
غم به آڪاس تي غبار آهي.
غزل اشارن جي زبان ليکي ويندي آهي. خوشيءَ کي سج جو پاڇو چوڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته خوشي سج جي پاڇي وانگر گهڻي دير هڪ جڳهه تي جٽاءُ نه ڪري سگهندي آهي ۽ غم آڪاس تي ڇانيل غبار مثل آهي، جو دور تائين ڏسي سگهڻ ۾ رنڊڪ پيدا ڪندو آهي. هڪ ٻئي غزل ۾ چوي ٿو:
ڏينهن جي روشني ڦڪي آهي،
روشني ڌنڌ کان ڌڪي آهي.
غزل جي مٿين ٻن بندن ۾ ڪوٽيبلٽيءَ جي خوبي ته آهي ئي آهي، پر ان سان گڏ اسٽريٽ لائين سينسيبلٽي به آهي. هر بند جون ٻئي مصرعون هڪ لائين وانگر ٿيون لڳن، جنهن ڪري بندن ۾ ڪوٽيبلٽيءَ جي خوبي اچي ويئي آهي. فانيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ اڪثر پختا قافيه ڪتب آندا آهن. مثال طور صفحي 90 تي ڏنل غزل جا ٻه بند پيش ڪجن ٿا.
-ٻالڪپڻ جوڀن جا واقعا
پور پرن تي آيا اڏري.
-هير ڏکڻ جي هاڻ هٽائڻ،
فاني ناهه سڻائي سٿري.
هڪ ئي غزل جا مٿيان ٻئي بند سهڻي شاعراڻي اظهار جا مثال آهن. سٿري قافيو بلڪل سهڻي نموني ڦٻايل آهي. اڏري ۽ سٿري ٻئي پختا قافيا آهن. ان کان سواءِ ‘پور پرن تي آيا اڏري’ ۾ ايهام جو استعمال ڪيو ويو آهي. پرن جي ٻي معنى آهي پکين جا پر. هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته پر بي جان ۽ پکي جاندار ٿيندا آهن. اهو ايهام جو سهڻو مثال آهي.
’سڪ سوز ۽ ساز’ ۾ 21 پنجڪڙا درج ٿيل آهن. مثال طور صرف هڪ پنجڪڙو ڏسو:
ملي ويو ڪين کي ڪيئن وجود،
رکي ڪو ڪين ۾ ڪيئن ويساهه،
ڪري سچ ڪوڙ جيان گمراهه،
ته اهڙي سچ جو ڪهڙو سود،
ملي ويو ڪين کي ڪيئن وجود.
فانيءَ جا گيت به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن ۾ سمايل ٻوليءَ جو ردم رواني ۽ سلاست جهومائن ٿا.صفح 25 تي درج هڪ گيت:
منهنجا گيت اڌورا آهن.
بند اڌورا ڇند اڌورا قافيا پڻ اڻپورا آهن.
1.سوز ڀريو ٿو راڳ رڳن مان دم دم درد سڻائي،
پنهنجي ئي پورن کان ويٺس پنهنجي جان جلائي،
نغما نغما ناهن پر ڪي غم جون کاڻيون کورا آهن،
منهنجا گيت اڌورا آهن.
شاعر قدرت سان رليا مليا پيا هوندا آهن. فانيءَ جي شاعريءَ ۾ قدرت جا نظارا جابجا پکڙيا پيا آهن. ‘ٻالڪ’ نالي نظم ڏسو:
چنڊ منجهان چانڊاڻ کڻي،
شفق منجهان لالاڻ کڻي،
شبنم مان آلاڻ کڻي،
قدرت جوڙيو ادڀت روپ،
سهڻو سوڀياوان سروپ.
شاعري اها جيڪا وقت تي جيت پائي جيئري رهي سگهي. شاعريءَ جي پرک وقت پاڻ ڪندو آهي. فانيءَ جي شاعريءَ جي به ڪندو. مون ته صرف سندس شاعريءَ ۾ سمايل ڪن خوبين جو ٿوري ۾ ذڪر ڪيو آهي.
( سماپت )
(مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جي جنم شتابدي سيمينار 2014-11-23 تي ڀوپال ۾ پڙهيل مقالو. ( بشڪريه ساهتيه اڪادمي )

خادم جي ڪوتائن جو فني پهلوُ

خادم’ ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدارنگاڻيءَ جو تخلص آهي. سندس وڏا سنڌ جي ساهتي علائقي جي شهدادپور شهر ضلعي نوابشاهه جا رهاڪو هئا، اتي ئي 22 آڪٽوبر 1913ع تي سندس جنم ٿيو. هو فارسي ٻوليءَ ۾ ايم. اي. ڪرڻ کان پوءِ 1938ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ فارسي شعبي جو پرڌان بڻيو ۽ ورهاڱي بعد دهلي يونيورسٽيءَ ۾ فارسيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. هن آڪاشواڻي دهليءَ جي ايڪسٽرنل ڊويزن جي فارسي سروس ۾ به سپروائيزر طور پنهنجون شيوائون ڏنيون. هو 1960ع ڌاري مرڪزي ساهتيه اڪاڊميءَ جي سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر ٿيو ۽ پوءِ 1968ع کان 1978ع تائين ان جو ڪنوينئر به رهيو. هوُ ڀارت سرڪار جي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ ۾ ‘ڪميٽي فار اسٽئنڊرڊ لٽريچر ان سنڌي’ سان جڙيل رهيو. هن ايران جي تهران يونيوسٽيءَ ۾ ‘فارسي گويان هند و سند’ (پرشين پوئٽس آف سنڌ ) موضوع تي فارسيءَ ۾ ٿيسز پيش ڪري پي. ايچ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ اهڙي نموني هو ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي سڏايو.
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ سنڌي ادب کي شاعريءَ جا پنج مجموعا ڏنا، جن ۾ ٻه روباعين جا مجموعا، ٻه نئين ڪوتا جا مجموعا ۽ هڪ غزلن جو مجموعو شامل آهن. ان کان سواءِ سندس ٻه مضمونن جا مجموعا ڇپيل آهن. هن ‘ورهاڱي کان پوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ’ سري وارو هڪ ڪتاب ايڊٽ به ڪيو. جيتريقدر ترجمن جو سوال آهي ته ٻين ٻولين جا ٽي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ پنهنجي ئي رباعين جو سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو ڪري ‘رنگين رباعيان’ نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپارائي پڌرو ڪيائين. اهو ڪتاب هندي ٻوليءَ جي ادبي حلقن ۾ ڪافي مشهور ٿيو.
شاعريءَ ۾ رباعي ۽ غزل کي سخت گيـِر گهاڙيٽا ( فارم ) ليکيو ويندو آهي، جن تي قلم آزمائي ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ تجربي جي درڪار هوندي آهي. ان بعد ئي غزل ۾ تغزل جو احساس اڀرندو آهي. رباعي ته وري چئن مصرعن واري هڪ جادوئي دٻليءَ مثل ٿيندي آهي، جنهن جي آخرين مصرع ڄڻ هڪ ڪنجي هوندي آهي، رباعيءَ جو سڄو سار ان آخرين مصرع ۾ هوندو آهي. چوڻ جو مطلب اهو ته اها آخرين مصرع ئي رباعيءَ کي رباعي بڻائيندي آهي، جيئن غزل جي بند جي ثاني مصرع غزل ۾ تغزل جو احساس ڏياريندي آهي. رباعيءَ لاءِ اخرم ۽ اخرب جا 12-12 وزن يعني ڪل 24 وزن مقرر ڪيل آهن، پر غزل ۾ اهڙي ڪا بندش ڪانه آهي. اهو ڪنهن به فارسي وزن يا ڇند تي لکي سگهجي ٿو. ها، پر غزل جي بند جي ٻن مصراعن ۾ ربط جو هئڻ لازمي هوندو آهي.
نئين ڪوتا ۾ پڻ اختصار، تز لفظ ۽ هڪ اندروني لئه هوندي آهي. ڏسڻو اهو هوندو آهي ته لکڻيءَ ۾ شاعري آهي يا نه؟ ڪوتا جو حظ حاصل ڪرڻ لاءِ/آنند ماڻڻ لاءِ پاٺڪ کي پڻ اڳواٽ اها ڄاڻ هئڻ لازمي آهي، جيئن هو فني باريڪيون ماڻي سگهي. اها سوجهي ۽ ڄاڻ هر پاٺڪ جي پنهنجي آزمودن ۽ شخصيت موجب سندس نجي ٿيندي آهي. پر سمورين ادبي تخليقن سان هڪ شرط لاڳو آهي ته اهي ڪيتري قدر ديرپا آهن. اڄ اسان ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جو سؤ سالا جشن ملهائيندي سندس لکڻين جي اوک ڊوک ڪري رهيا آهيون، اها بذات خود هڪ ثابتي آهي ته هن جون لکڻيون/ اسان کي ڏنل ورثو ديرپا ثابت ٿيو آهي.
هتي ان ڳالهه تي سوچڻ جي به ضرورت آهي ته غزل ۽ رباعيءَ جهڙي ڪهنا مشق فارمن ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ آزاد نظم ۽ نئين ڪوتا طرف ڇو مڙيو؟ اها ته پڪ آهي ته هلندڙ بس ۾ ٻين شاعرن کي ويٺل ڏسي ان ۾ چڙهي مشهوري ماڻڻ جي تمنا کيس نئين ڪوتا طرف آمادهه ڪونه ڪيو هوندو. منهنجي خيال ۾ حقيقت اها آهي ته تخليقڪار جڏهن ڪا تخليق ڪندو آهي ته ان جو اظهار ڪرڻ کان اڳ سندس ذهن ۾ ڪئين خيال، جذبا ۽ عڪس هوندا آهن ۽ ائين ڪنهن فارم کي چونڊي اظهار ڏيڻ خاطر ڪيترو ئي خزانو سندس نيم تحت الشعور ۾ ڪٺو ٿيندو رهندو آهي، پوءِ اهو ڪڏهن گرم پاڻيءَ جو چشمو بڻجي يا ڪڏهن ٻرندڙ جبل جو لاوا بڻجي ڦاٽ کائي نڪرندو آهي. اها تخليقي قوت ٻاهر نڪرڻ لاءِ سدائين موزون رستو ڳولهيندي رهندي آهي. انومان لڳائي سگهجي ٿو ته ‘خادم’ سان به ضرور ڪجهه اهڙو ئي ٿيو هوندو، جنهن کيس انهن فارمن طرف متوج ڪيو هوندو.
هتي اهو چوڻ به غلط نه ٿيندو ته هيئيت (فارم) ۽ مواد جڏهن پاڻ ۾ ملي هڪ ٿيندا آهن، تڏهن ئي ڪنهن ڪلا جو جنم ٿيندو آهي. اهڙي وقت فارم مواد جو محتاج آهي يا مواد فارم جو، اهو بحث اجايو ٿيو پوي، ڇاڪاڻ ته ڪابه ڪلا تڏهن پيدا ٿيندي جڏهن آهي ٻئي عناصر هڪ ٻئي سان رل مل ٿيندا آهن ۽ ائين هڪ نئين ايڪائي ڪوتا جي روپ ۾ پيدا ٿيندي آهي.
خير، مون کي هتي ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ‘خادم’ جي صرف ٻن مجموعن ۾ ڇپيل ڪوتائن جي فني پهلوءَ جي اوک ڊوک ڪرڻي آهي. سندس پهريون مجموعو ‘پرهه جي باک’ 1972ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. 120 صفحن ۾ ڦهليل ان مجموعي ۾ ٿورا آزاد نظم ضرور شامل آهن، پر ٻيون سڀ نيون ڪوتائون آهن. ڪتاب جي قيمت صرف اڍائي روپيا آهي. اهو مجموعو هن پنهنجي استاد ليکراج ‘عزيز’ جي نالي ڪيو آهي، جنهن کيس شاعريءَ جي فن سان روشناس ڪرايو. ليکراج‘عزيز’ سنڌي غزل ۾ پنهنجو جيڪو يوگدان ڏنو، اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. هوپابند شاعريءَ جو پڪو پختو شاعر هو.
‘پرهه جي باک’ ۾ ڏنل آزاد نظمن جو طرز- بيان اردوءَ جي آزاد نظمن جهڙو آهي. اهو شايد ان ڪري جو سنڌيءَ ۾ آزاد نظم اردو شاعريءَ معرفت آيو. منهنجي خيال ۾ هاڻي جنهن کي نئين ڪوتا ٿو چيو وڃي، اها آزاد نظم (فري ورس) ۽ ادب لطيف (بلئنڪ ورس) جو ئي ايڪسٽينشن آهي.
جنهن وقت ‘خادم’ جا مٿيان ڪتاب ڇپيا، اهو دؤر آزاد نظمن جو ئي هو، ان دؤر ۾ شيخ اياز، هري دلگير، نارايڻ شيام، ڪرشن راهي، ايشور آنچل ۽ ارجن شاد وغيرهه ڪيترن ئي شاعرن آزاد نظم لکيا، پر پوءِ آهستي آهستي نون لاڙن، نئين ذهنيت ۽ ٻوليءَ جي تخليقي استعمال سان ڪوتا جي ٽريٽمينٽ ۾ ڦيرو ايندو ويو. هونئن به بدلاءُ اڻ ٽر آهي. جڏهن سنسار جي هرهڪ چيز بدلجي ٿي ته پوءِ ڪوتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
‘خادم’ جو ٻيون ڪوتائن جو مجموعو ‘چيخ’ سري سان 1977ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن تي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ کيس 1978ع ۾ انعام سان نوازيو. ان ۾ 53 نيون ڪوتائون ڏنل آهن،پر ڪتاب جي سر-ورق تي انهن کي آزاد نظم لکيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اهي آزاد نظم ڪونهن پر نيون ڪوتائون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪو وزن بحر ڪتب آندل ڪونهي. آزاد نظم ۾ ڪونه ڪو ردم ضرور هوندو آهي. ڀلي قافيي جو استعمال هجي نه هجي.
‘خادم’ جي هن مجموعي جو عنوان ‘چيخ’ بلڪل صحيح ٿو لڳي. ڪوتا شاعر جي اندر جي سنهي چيخ ئي ٿيندي آهي، جيڪا سندس زندگيءَ جي انڀون جي دٻاءَ/لوڇ پوڇ مان پيدا ٿي لفظن ۾ اظهار پائيندي آهي. شاعر اهي انڀو پنهنجي آسپاس واري ٻاهرين دنيا مان حاصل ڪندو آهي. اهي انڀو ئي سندس سنويدنا کي جاڳائيندا آهن. انڀون ۽ سنويدنائن جو ڪو روپ ڪونه ٿيندو آهي، اهي امورت آهن. لفظن جو جامو پائڻ کان پوءِ اهي ڪوتا جو روپ اختيار ڪندا آهن. شاعر لاءِ انڀو ۽ سنويدنائون ٻئي مسلسل ڪريائون هونديون آهن. جن لاءِ هو سدائين سجاڳ رهندو آهي، ڇو ته شاعر باشعور ٿيندو آهي.هيءَ ڪوتا ڏسو، جنهن ۾ ڏنل انڀو اسان کي به ضرور ڪڏهن ٿيو هوندو.
“جبل جيئن زور سان ٻانهون وڌائي/ماٿريءَ کي/ٻک وجهي/ سيني لڳائي/پاڻ ڏانهن کينچي/۽ هوءَ/ڦٿڪي/ڇڏائڻ جي ڪري/روئي/نديون نارا وهائي/رڙ مچائي.../مگر چارو نه پائي/انت ۾ سڌ ٻڌ ڀلائي/وڃي ٿي سانت../ منش به تيئن مصيبت جي شڪنجي ۾ اچي/روئي رڙي/ٻانهون هڻي/بيوس بڻي/آخر/ڪري ٿو پاڻ کي قسمت حوالي” ( ‘پرهه جي باک‘، صفحو- 40)
اهو عالمگير سچ آهي، جيڪو لازمان، لامڪان ۽ لاانسان آهي. هر ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي مصيبتن سان دوبدو ٿيڻو پوي ٿو. ڪوبه مصيبتن کان ڇٽل ڪونهي. ڪوتا جي ان ٽڪري جو فني پهلو اهو آهي ته شاعر تخليقي ٻوليءَ جو استعمال ڪندي پهرين ايهام ۽ پوءِ استعارو ڪتب آندو آهي.
يٿارٿ/سچ جو گيان، ترڪ ۽ ويچار وسيلي ملندو آهي.ويچار ئي ڪلپنا شڪتيءَ کي جاڳائيندا آهن ۽ ڪلپنا وري سوجهيءَ ذريعي ملندي آهي. استعارن جو واسطو به ڪلپنا شڪتيءَ سان ئي هوندو آهي. اڄڪلهه علامت کي به هڪ قسم جو استعارو ٿو مڃيو وڃي، پر منهنجي خيال ۾ اها اجائي مونجهه پيدا ڪرڻي آهي. علامت ۽ استعاري ۾ فرق آهي. حالانڪ علامتون ۽ استعارا شاعر جي شعور مان پاڻمرادو اڀرندا آهن. شاعر جو شعور سدائين ڪنهن نه ڪنهن سچ جي تلاش ۾ رهندو آهي. علامتون ۽ استعارا ان سچ کي شدت سان ظاهر ڪرڻ ۾ شاعر جي مدد ڪندا آهن. ڪلپنا انهن مان ئي پريرڻا حاصل ڪندي آهي. ڪلپنا کي پر لڳي ويندا آهن. هيٺين ڪوتا ۾ شاعر زندگيءَ لاءِ پهاڙ جو استعارو ڪتب اڻي زندگيءَ کي گهڻ ڪُنڊو ارٿ عطا ڪيو آهي. ڏسو:
“زندگي آهي پهاڙ/سخت پٿر ۽ ڇپون/لڪ اڻانگا، آڏا/ڇا ته اوچيون چاڙهيون!/ ڇا ته اونهيون لاهيون!!/ ڪيئن رسان چوٽيءَ تي/ پير ترڪي نه وڃي/ ساهه سرڪي نه وڃي/هڏ ڀڄي ڀل ٿين چور/پهچڻو آهي ضرور”(پرهه جي باک،ص11)
هن ڪوتا ۾ انسان جي زندگيءَ جو چتر چٽيو ويو آهي. انسان آد جڳاد کان ائين ئي پنهنجي زندگي جي رهيو آهي. زندگيءَ جو پهاڙ چڙهندي هو ان ڊپ ۾ ئي رهي ٿو ته ڪٿي پير ترڪي نه وڃي، پر پوءِ همٿ ٻڌي سوچي ٿوته ڀلي هڏ گڏ ڀڄي چور چور ٿين، پهاڙ جي چوٽيءَ تائين پهچڻو ته ضرور پوندو. جيئڻو آهي ته ماٺ ڪري ويهي ته ڪونه رهبو.
منظرڪشيءَ ذريعي پنهنجي ڳالهه چوڻ ڪوتا جو جهونو نمونو آهي. ‘خادم’منظر ڪشيءَ ذريعي سهڻو ڪلاتمڪ اظهار ڪيو آهي.ڪي مثال ڏسو:
(1)“....آ ڪنهن جو سينو آئينو/جنهن مان پيو مرڪي تاج محل؟/ ڇا اها آهي ساڳي جمنا-/رنگ راس سندي راڻي جمنا؟/ڇا گهري سپني مان جاڳي/جل وستر ۾ اوڍيل جمنا؟....” (‘پرهه جي باک’، صفحو- 26 )
‘جل وستر’ هڪ نئون نڪورو استعارو آهي، جيڪو آنند جو انڀو ڪرائي ٿو. ان ۾ تجسم ( پرسنيفڪيشن )جو به ڪامياب استعمال ڪيل آهي. جمنا نديءَ کي ‘رنگ راس سندي راڻي جمنا’ ٿو ڪوٺي.
(2)“....سج باکون ڪڍيون/مِٽيو ڌنڌ/صاف ٿي پيئي فزا/ماڪ/ڊپ ڀؤ کان/سسي/گم ٿي وئي/ٽهڪڙا ڦولن وڌا/۽ ڪليون -/موج مستيءَ ۾/نچي/پيون ٽڙي....”(‘پرهه جي باک’ص - 46 )
هتي‘ماڪ جو ڊپ کان سسي گم ٿي وڃڻ’ سهڻو شاعراڻو اظهار آهي، جيڪو شاعر جي شاعراڻي قوت ڏانهن اشارو ٿوڪري.
(3)“....اڀ آهي صفا/۽/صاف فضا/ڪهڙو نه چٽو ٿيو آهي ڏينهن!/ سورج ٿو وسائي سون جو مينهن/ڇا چهچ ٿي پيئي آهي زمين!/شايد ٿي زمرد جي ورکا/هر ٽاريءَ جو/ٻيءَ تي/ڏونڪو هڻڻ/سر تال ملائي ٿو پن پن/هر ٻوٽو/ ناچ ۾/مست/ مگن......” ( ‘پرهه جي باک’، صفحو-21 )
‘سون جو مينهن’ ۽ ‘هر ٽار جو ٻيءَ تي ڏونڪو هڻڻ’ نج شاعراڻا اظهار آهن، جن مان شاعر جي شاعراڻي فطرت عيان آهي.
شاعر ‘ڪالڪا-سملا’ رستي تي هلندڙ ريل کي ڏسي، ان ريل گاڏيءَ جو هن ريت فنائتو اظهار ڪيو آهي: “... ڪاري، تهه ڪاري ٻر مان/اوندهه گهر واري ٻر مان/چين چين، پوءِ رڙ ڪوُڪ ڪندي/دانهيندي/ور کائيندي/نڪتي ٻاهر اڇي ڪوُئي./ننڍڙي ننڍڙي/۽ سنهڙي/وک وڌايائين تڪڙي/اکڙين ۾ مشعال ٻريل....” (پرهه جي باک’، صفحو-28 )
مٿين ڪوتا ۾ معنوي صنعت‘ڪنايو’ جو استعمال ڪيل آهي.ان کان سواءِ ‘چين چين، پوءِ رڙ ڪوڪ ڪندي / دانهيندي / ور کائيندي’ جهڙا لفظ ٻوليءَ جي تخليقي استعمال جا بهترين مثال آهن.
‘خادم’جي خوبي اها آهي ته هو انڀو مان پيدا ٿيل سنويدنا کي ڪوتائن ۾ بلڪل سهج نموني اظهاري ٿو: “ چاهيان ته مران-/غير رواجي ڪو مؤت:/جيئن پاڻي ٿئي ٻاڦ/داڻو اڀري/سورج ڏئي ٽٻي/اڀ ٿئي بادل....”
ڪوتا جو اهو انس ‘پرهه جي باک’ جي صفحي 59 تي ڇپيل آهي. ان ۾ قدرتي سلسلي کي داخلي رنگ ڏيئي اظهاريو ويو آهي.
طنز جهوني وقت کان اظهار جو ذريعو رهي آهي. هرومل سدارنگاڻي ‘خادم’ جي ڪن ڪوتائن ۾ طنز به آهي. اها طنز سندس ڪوتائن جي رچاو سان جڙيل آهي. انهن ڪوتائن ۾ نئين ڀاو ٻوڌ جو اظهار نظر اچي ٿو. مثال ڏسو:
(1)“اڪيچار گرهن جي پهري وچان/ويو اوچتو ڪوئي ڌاڙو هڻي..../ ڪيم ڪيڏي محنت سان پالي وڏا/مگر.../هاءِ!هاءِ!!/ويو هو کڻي پاڻ سان بي ڌڙڪ/نه هڪ چنڊ/پر ساڻ/منگل/ٻڌر.” ( ‘پرهه جي باک’، صفحو-67 )
(2)“هنئر ٿو مان سمجهان/ورهين بعد پرجهان/ته هيءُ آسمان/جوتشي /غيب ڄاڻو/هئوآشنا خوب گرهن سندم کان/رنو ٿي انهيءَ کان” (صفحو-79 )
(3)“اڳي/ميرن لٽن جي لڏ/هينئر/ڌوتل اڇا ڪپڙا/گڏهه جو شان اعلى آهه.” (‘پرهه جي باک’، صفحو- 13 )
اها پوڍاون ۽ نيتائن تي چوٽ ڪيل آهي، جيڪي فقير مان امير بڻجي ڪنهن کي پاڻ جهڙو ڪونه ٿا سمجهن.
ڏٺو وڃي ته ڪوتا شاعر جي لاشعور ۾ دٻيل انڀو جي ڦٽ جي سوُٽ آهي. هلڪي چوٽ رسڻ سان ئي شاعر جي انڀو جو اهو ڦٽ تازو ٿي پوي ٿو ۽ پوءِ سندس سنويدنا ان کي اظهارڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري. هن ڪوتا ۾ اهڙي ئي سوٽ جو سهج اظهار ۽ فڪر جي گهرائي آهي:“ مون کان جي پڇو/انسان آهه/ ٻپيرو حيوان/سڱ/پڇ/نه اٿس/چري نٿو گاهه ۽ پن.” (‘چيخ’، صفحو- 19 ) اهو انڀو اهڙو آهي، جو اسان به ڪڏهن نه ڪڏهن ائين ضرور حاصل ڪيو هوندو. ان ڪوتا ۾ ‘ٻپيرو حيوان’ انسان جي علامت آهي.
هاڻي مجبوري، بيوسي ۽ ڇٽپٽاهٽ مان پيدا ٿيل ڪن ڪوتائن جا ڪي انس پيش آهن، جن شاعر جي قلم جي نوڪ تي سهج نموني اچي پاڻمرادو اظهار پاتو آهي:
(1)“ڀاڳ جي دونهين آ گهٽيو دم/تازي هوا ڏي/ڪجهه ته جيئڻ ڏي.” ( ‘چيخ’ صفحو-9) ( ڇٽپٽاهٽ )
(2)“شڀ اڇائون ڏيان/کڻان دعا جا هٿ/ان سواءِ منهنجي هٿ ۾/ڇا آهي؟/ڇا ڪرڻ گهرجي؟؟ڇا ڪري ٿو سگهان؟؟؟” (چيخ، صفحو-11) ( بيوسي)
(3)“اهڙي ٿي لڳي ماٺ/نه اڪلي ٿي زبان/چاهيان ٿو چوڻ/خوب چوڻ /سڀ کي وڄائڻ منهن تي/پر/ائين ٿو لڳي/ شايد/ ڪجهه چئي نه سگهان.” (‘چيخ’، صفحو-18 ) ( مجبوري )
(4) “ڀتيون/ڀتيون ئي ڀتيون/۽ انهن پٺيان به ڀتيون/ مٿاهيون/وڏيون/چوڙيون/اڳيان/پٺيان/چوگرد دري نه آهي در./ سڏيان ته ڪنهن کي سڏيان؟/ ڪيئن سڏيان؟/ٻڌندو ڪير؟“ (‘چيخ’ – صفحو44 ) ( بيوسي )
مَٿيُن ڪوتائن ۾ ڪو رڙ واڪو ڪونهي. ٻوليءَ ۾ هڪ گهري سانت آهي، پر عالمگير سوچ جا پڙاڏا آهن.‘ڀتيون’ لفظ ۾ گوناگون معنائن جا تهه آهن.اهو پاٺڪ تي ڇڏيل آهي ته اهو ڪهڙو تهه ٿو کولي. جيئڻ ڪا سٿري ڳالهه ڪانهي. زندگيءَ ۾ انسان جي آڏوطرح طرح جون ڀتيون اينديون آهن، اهي ڀتيون اڳ به هيون، اڄ به آهن ۽ سڀاڻي به رهڻيون آهن. ڪامل شاعر جي اظهار جي اها فني ڪاريگري ئي ڪوتا کي جاوداني بخشيندي آهي.
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ‘خادم’ جنهن وقت پنهنجي ڪوتائن جا اهي مجموعا ڇپايا، ان وقت سنڌ کان وڇڙڻ جو ڏنگ اڃا تازو هو. سندس ڪوتائن جي مجموعي ‘چيخ’ جي صفحي 46 تي ڏنل‘اي امڙ!’ سري واري ڪوتا ڪجهه اهڙو ئي احساس ڪرائي ٿي، حالانڪ ڪوتا ۾ ڪٿي به سنڌ لفظ ڪتب ڪونه آندل آهي، پر ڪوتا پڙهڻ وقت اهو ظاهر ٿي ٿو بيهي ته ‘امڙ’ لفظ سنڌ جي ئي علامت آهي. هونئن به امڙ کان وڏو ڪو رشتو ڪونه ٿيندو آهي ۽ شايد ان ڪري ئي جنم ڀوميءَ کي جنني چيو ويندو آهي. شاعر چوي ٿو:
“اي امڙ! تون هُتي آهين/مان هِتي/وچ ۾/آهه ديوار هڪ/اتاهين کڄيل/ جيئري/جڳ ۾/ ٽپڻ..جا آهي محال/نه مون کي ٿي/ ٻُڌي سگهين/نه اچي ئي لهي سگهين سڌ- سار/تو بنا/ياد تنهنجيءَ ۾/ڪيئن ٿو گذري سمو/ڌڻي ڄاڻي../دل اداس آهه/ننڊ نيڻين ناهه/چؤطرف آهي ٻاٽ سناٽو/ڪاش ديوار کي هجي ڪو در!” ( ‘چيخ’- صفحو46 )
اختصار ڪوتا جي هڪ خوبي مڃي ويندي آهي. هرومل سدارنگاڻي ‘خادم‘جي هيءَ ننڍڙي ڪوتا ان جو تز مثال آهي، جيڪا گهڻو ڪجهه چئي ٿي.
“حملي جي رات/ نؤورنين سان سيج تي سرگرم نؤجوان/ .../ ڪيڏين نه ڏهاڳڻين کي ڇورا ڄمندا !” (‘پرهه جي باک’ – صفحو 71 )
آخر ۾ مان ڪوتا جو هيءُ انس لکڻ کان پاڻ کي روڪي ڪونه ٿو سگهان. ائين ٿو لڳي ته هيءَ ڪوتا ويهين صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي جي نه پر ايڪويهين صديءَ جي ٻئين ڏهاڪي جي لکيل اڄوڪي تازي رچنا آهي.“ماٺ/ساڳي ماٺ/ساڳي ماٺ واري ماٿري/رات پڻ/هر رات جهڙي- /ارد.../لنبي.../ظلم واري.../مان/۽ دوري/۽ اڪيلائي/۽ ڀٽڪڻ عمر جو.” (‘پرهه جي باک’ – صفحو99 )
ڪوتا ۾ ڏسڻو اهو آهي ته شاعر وشيه کي ڪهڙي ڪُنڊ کان کنيو آهي ۽ ڪوتا کي ڪهڙو ٽريٽمينٽ ڏيئي اڀاريو آهي. وقت جي محدودگيءَ سبب مان وڌيڪ مثالن کان ڪنارو ٿو ڪريان. ليڪن ايترو اوس چوڻ چاهيندس ته هيءُ ڪوتائون زندگيءَ جي حقيقتن مان حاصل ڪيل انڀون ۽ سنويدنائن جوتخليقي ٻوليءَ ۾ ڪيل اظهار آهن. اهي اڄ جي ڪوتا جون لڳ ڀڳ سڀ گهرجون پوريون ڪن ٿيون. منجهن اندروني ردم آهي. فني خوبين سبب کين وقت جي دز اڃا لَٽي نه سگهي آهي، حالانڪ اهي ان وقت جون آهن جنهن وقت نئين ڪوتا سنڌي ادب ۾ اڃا ٻاروتڻ ۾ هئي. (سماپت)

سنڌ جو عظيم شاعر- شيخ اياز

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي،
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
۽ دنيا کي بدلائي ٿي.
مٿين سٽن جو خلقيندڙ شيخ اياز آهي. شيخ اياز ويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو مبارڪ علي شيخ هو. ‘ اياز’ سندس تخلص هو. سندس جنم 2 مارچ 1923ع تي اتر سنڌ جي شڪارپور شهر ۾ ٿيو. شڪارپور شهر جي عمر ڀلي کڻي چار صديون هجي پر اها چئن هزارسالن جي تواريخ کي پاڻ ۾ سمائي اڄ به شان سان اوچي ڳاٽِ قائم آهي. شڪارپور سنڌ جي شهرن جي راڻي ليکي ويندي آهي.
اياز جي ماءُ دادن ٻائي اصل هندو هئي، جنهن غلام حسين شيخ سان شادي ڪري پوءِ مسلمان مذهب اختيار ڪيو. هونئن ته شڪارپور جون ڪئين خاصيتون ڳڻايون وينديون آهن، پر ان شهر جي وڏي ۾ وڏي خاصيت اها آهي ته اتي سنڌ جي ٽن ڪلاسيڪل شاعرن شاهه، سچل ۽ ساميءَ مان آخرين شاعر ڀائي چئنراءِ بچو مل ڏاتاراماڻي ‘سامي’ 1743ع ۾ ڄائو، ان پنهنجي سلوڪن ذريعي ويدن جي واڻي سنڌيءَ ۾ سڻائي سنڌي قوم سان وڏو وڙ ڪيو. وري ويهين صديءَ ۾ شيخ اياز پيدا ٿيو، جنهن پنهنجو آواز سنڌ جي هر گهر تائين پهچايو. سندس هيٺين وائي هر سنڌواسيءَ جي من جو آواز ۽ نئين امنگ اتساهه جو باعث بڻيو. ان وقت هر گهٽي ۽ گهر ۾ اها وائي جوش سان ڳائي ويندي هئي.
سهندو ڪير ميار وو يار،
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو؟
-جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائيءَ،
ڪرندا ڪنڌ هزار وو يار،
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو؟
-ڪيسين رهندي نيٺ ته ڊهندي،
دوکي جي ديوار وو يار،
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو؟
اياز زميني حقيقتن جو اهڙو ته شدت سان اظهار ڪيو ڄڻ اهي سندس روح مان نڪتل رڙيون هجن. ان ۾ سنڌ جون رڙيون گڏيون ته واويلا مچي ويئي.
جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
مرن پيون مارويون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
شيخ اياز جو پيءُ غلام حسين شيخ پاڻ به شاعر هوندو هو. هو ‘فقير’ تخلص ڪتب آڻيندو هو. شيخ اياز تي ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جو اثر پيو. ان کان پوءِ 1934ع ۾ جڏهن هو ٻاراڻن ڪلاسن ۾ پڙهندو هو تڏهن شڪارپور جي نيو ايرا اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان وقت اسڪول جو هيڊ ماستر جناب مينگهراج منشاراماڻي هو. هو بيحد قابل شخص هو. انهيءَ ساڳئي اسڪول ۾ ئي جناب کيئلداس بيگواڻي‘فاني’۽ هاسانند پرسواڻي جهڙا هوشيار ماستر به هوندا هئا. اهڙن باشعور استادن جي ڪري اسڪول جو انتظام بيحد سٺو هلندو هو. انهن ماسترن اسڪول ۾ ادبي ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو. اهي شاگردن کي رسيس ۾ سٺا ادبي ڪتاب پڙهڻ لاءِ همٿائيندا هئا. ان اسڪول جا سڀ ماستر جڏهن به ڪلاس ۾ گهڙندا هئا ته سڀ کان پهرين شاگردن سان ملڪ سان وابستا معاملن ۽ اخباري خبرن تي بحث مباحثو ڪندا هئا. کيئلداس بيگواڻي ‘فاني’ شاگردن کي شاعري ۽ علم عروض سيکاريندو هو. شيخ اياز به ان کان شاعري سکندو هو. سٺي انتظام ۽ ادبي ماحول جو نتيجو اهو نڪتو جو ان اسڪول جا ڪئين شاگرد شاعري ۽ ادب ڏانهن مائل ٿيا. سندن ڪوتائون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون. انهن ۾ هندو، مسلمان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀ هوندا هئا.
ڪوبه فن محنت گهري ٿو. اياز اها محنت ڪئي. ان ڪري ننڍپڻ ۾ ئي سندس شاعري سنڌ جي وڏن وڏن رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي. سندس پهرئين شعر جي ڳالهه ڪجي ته اهو جناب بهاري لعل هريرام ڇاٻڙيا جي سالياني “سدرشن” نالي ٻال رسالي جي جنوري-فيبروري 1938ع واري پرچي ۾ ڇپيو هو. ان شعر جو عنوان هو ‘ مرد خدا’. اٺن مصرعن واري ان ڪوتا ۾ ٻالڪ مبارڪ علي شيخ انسان پرستي، سڀني ڌرمن ۽ پنٿن لاءِ عزت، هڪ ئي خدائي ذات ۽ حق جي ڳالهه جو ذڪر ڪيل آهي. ٻالڪپڻ ۾ پيدا ٿيل اها سوچ ۽ نظريو اياز ۾ آخرين دم تائين قائم رهيا. سندس ٻيون شعر ماهوار‘سنڌو’ رسالي جي نومبر 1938ع واري پرچي ۾ ڇپيو هو.
اياز کي شاهه لطيف جي ڪلام ۾ گهڻي عقيدت هئي. ان ڪري هن پنهنجن ڪيترن ئي ڪتابن جا نالاشاهه جي بيتن مان کنيا جهڙوڪ: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، لڙيو سج لڪن ۾، جهڙ نيڻان نه لهي، ڪونجون ڪرڪن روهه، ڀنئر ڀري آڪاس، ڪتين ڪر موڙيا، تون ڇپر تون ڇانو، ڪپر ٿو ڪن ڪري، اڀر چنڊ پس پرين، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۽ هينئڙوڏاڙهونءَ گل جيئن وغيره اياز شاهه سائينءَ جي نقش قدمن تي هلي ان وانگر سنڌ ڌرتي ۽ ان جي ماروئڙن سان محبت ڪئي. اهڙا شعرته تمام گهڻا آهن، پر هتي ڪجهه ڪوٽ ڪجن ٿا:
“ اي ڌرتي! تنهنجا ڌاڄ ڌڻي/هينئن ڪيئن ڪاڻيارا رهندا؟/۽ ڀنڊارن مان بک کڻي، / هو ڪيئن دک پيا سهندا. / انڌير نگر جي در در تي، / انياءُ تارازي توري ٿو،/ٿي آزاديءَ جي وٿ ملي،/جي گهر تڙ ڪوئي گهوري ٿو!/اڄ بات ٿئي ٿي گوليءَ سان/مون عمر وڃائي ٻوليءَ ۾،/مان ڪهڙي منهن سان گيت وجهان،/اي ديس! دکن جي جهوليءَ ۾.”
“ڪي جو ٻيجل ٻوليو”ڪتاب ۾ ڏنل سندس غزل جو هيءُ مطلع ڄڻ ته منهنجي روح ۾ وسي ويو آهي. اهو مطلع اڪثر منهنجي زبان تي رهندو آهي. ڏسو ته سهين ٿورڙن لفظن ۾ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ٿو ڪري چوي ٿو:
“ساڳ پنهنجو پلي،/ سنڌ پو ڀي ڀلي.”
جيڪڏهن اياز سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان محبت ڪئي ته موٽ ۾ سنڌ جي ماڻهن کيس اڻ ميو پيار ڏنو. هو جتي به ڪنهن مشاعري ۾ ويندو هو ته ماڻهن جا حشام اچي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ شاعري ٻڌي جهومڻ لڳندا هئا. ان نسبت سندس ڪلام مان ڪوريل ٻيون به ڪي سٽون پيش آهن، جيڪي سندس ان ساڳي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪن ٿيون.
1.“ سنڌ ديس جي ڌرتي توتي/ پنهنجو سيس جهڪايان/مٽي ماٿي لايان.”
2.“ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي/ وري ورندو واءُ.”
3.“ڌرتي منهنجو ديس/ مگر مان سنڌڙيءَ جندڙيءَ لايان.”
4.“ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ،/پوءِ به نعرا نينهن جا،/سنڌڙيءَ جي سؤڳنڌ،/ مرنداسين پر مرڪندي.”
5.“سنڌڙيءَ ساٿ سچوم،/ڪوري ڪنڌ ڏنوم،/گهوريس گهوريس سنڌ تي.”
6.“روئي پيئي رت/ سڏڪا ڀري سنڌڙي.”
7.“منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي،/ سنڌڙي منهنجي ماءُ!”
سنڌڙيءَ سان محبت وارا اياز جا ٻيا به ڪئين دوها، سورٺا، بيت ۽ وايون آهن، پر مٿي صرف شاعريءَ جون ڪي مصرعون نموني طور پيش ڪيون ويون آهن. شيخ اياز جو سنڌ ۽ سنڌواسين جي جدا شخصيت نسبت پنهنجو هڪ الڳ رايو هو. ورهاڱي کان ٿورو اڳ لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ هن گهري دوست موهن پنجابيءَ ۽ ٻِين ڪن دوستن سان گڏجي ڪهاڻيون لکيون. پوءِ اهي مجموعي جي صورت ۾ “ اسان جي سنڌ ” عنوان سان ڇپائي پڌريون ڪيون. هنن سوچيو ته اهي ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ هندو سنڌ مان لڏپلاڻ ڪونه ڪندا، پر ائين ڪونه ٿيو.ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ شيخ اياز هن ريت لکيو هو، “اڄ اسين زندگي ۽ مؤت جي چؤواٽي تي بيٺا آهيون. ممڪن آهي ته مؤجودهه فرقيوار ڪشمڪش ۾ اسان جي علحدي تهذيب، الڳ قوميت، ٻولي، آرٽ، اقتصادي ترقي مطلب ته جدا شخصيت ميٽجي وڃي. ان کان انڪار نه ڪري سگهبوته اسين سنڌي هڪ جدا قوم آهيون. اسان جي زندگيءَ جي طرز، رهڻي ڪهڻي، اٿ ويهه، خوراڪ پوشاڪ، ٻول چال، وهم وسوسا، امنگ اڌما، ريتيون روايتون، مشغوليون مصروفيون سڀ هڪ جدا رنگ ڍنگ رکن ٿيون. سنڌوءَ تي خاص دارومدار اسان جو آهي. ململ جو چولو ۽ گوڏ اسان جو مخصوص لباس آهي. ٻلهاڙو ۽ ونجهوٽي اسان جون رانديون آهن. دلو فقط سنڌ جو سادو ساز آهي. ڪافي رڳو اسان جي ڪلام ۾ ملندي. مومل راڻو، سسئي پنهون فقط اسان جي ڏند ڪٿائن جو حصو آهن، نه رڳو ايترو پر اسان جون ملڪي حدون ۽ ٻولي به جدا آهن. ان مان ثابت آهي ته اسان سنڌي هڪ جدا قوم آهيون. اسان کي هڪ الڳ شخصيت آهي.”
شيخ اياز جو انومان صحيح نڪتو. اڄ ڀارت ۾ اسان سنڌي پنهنجي علحدي تهذيب، ٻولي، ادب، آرٽ، زندگيءَ جي طرز، رهڻي ڪهڻي،اٿ ويهه، خوراڪ پوشاڪ، ٻول چال، وهم وسوسا، امنگ اڌما، ريتيون روايتون ۽ رنگ ڍنگ سڀ بدلائي رهيا آهيون. حالانڪ ورهاڱي کان اڳ به اسان سنڌي ڀارت ۾ ئي رهندا هئاسين ۽ اڄ به رهون ٿا. حالانڪ اسان سنڌين جي سنڌو سنسڪرتي سڄي ڀارت ۾ پکڙيل آهي، پوءِ به پنهنجي ڌرتي پنهنجي ٿيندي آهي، جتي تهذيب قائم رهندي آهي.
اياز آخر تائين ڀارت جو ورهاڱو قبول ڪونه ڪيو. پنهنجي هڪ ڪوتا ۾ چوي ٿو،“دل چوي ٿي سارا ويڇا/ڀاڪر پائي رک ڪريون ها/سانگ سياست جا آهن جي/تن کي ڪانا ڪک ڪريون ها!/ڪيڏي اڃ اسان ۾ آ پر/ چاهيون ٿا ته به ڪونه ملون ٿا!/ڇا ڪا ڌرتي پنهنجي آهي؟/ڇونه ملون ٿا؟ ڇونه ملون ٿا/سارو وقت اکين ۾ ڳوڙها/توکي مون کي آيا آهن/هن دنيا ۾ ڪيئين پنهنجا/هڪ ٻئي لاءِ پرايا آهن.”
اياز ڌرم مذهب کي گهڻو ڪونه مڃيندو هو. سچي انساني ڌرم جو قائل هو. شايد اهو سنسڪار کيس پنهنجي ماءُ وٽان مليو هو. هن هندو، جين ۽ ٻڌ ڌرمن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو. هن سنڌي سنت ڪوين جي ٻاڻيءَ سان گڏ ڀارت جي سنت ڪوين خاص طور ميران ٻائي، ڪبير وغيرهه جي ڪلام جو خاص مطالع ڪيو هو. اهو اياز جي ڪلام مان پاڻمرادو ظاهر ٿي ٿو بيهي.
شيخ اياز کي پنهنجي جنم ڀومي سنڌ جي سورمن ۽ سورمين تي ناز هو.هيءَ ڪوتا ان جو ثبوت آهي. راجا ڏاهر کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
“راجا ڏاهر! /تنهنجون نياڻيون/سهڻيون ساديون/ڪنهن هت آنديون/ مانديون بانديون/چيلهه ۾ رسا/ ڇڪبا چوٽا/اڳتان گهوڙا/پٺتان پياريون / راجڪماريون/ننگيون ساريون/ها پر تن جي/منهن ۾ عظمت/نفرت جرئت/ آهن منهنجون ڄڻ ڪوتائون.”
جن سنڌ جي تواريخ پڙهي هوندي تن کي ڄاڻ هوندي ته جڏهن راجا ڏاهر حملاور محمد بن قاسم کان هار کاڌي، تڌهن قاسم سندس نياڻين سوريا ۽ پرمل کي عرب موڪلڻ لاءِ گرفتار ڪيو هو. شيخ اياز پنهنجي ڪوتا ۾ ان وقت جو منظر چٽي اسان کي تواريخ، عظمت ۽ جرئت جي ياد ڏياري آهي.
اياز کي پنهنجي ماترڀومي سنڌ لاءِ ايترو ته پيار هو جو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي تشبيهون ۽ استعارا ڪتب آندا آهن اهي نج سنڌ ڌرتيءَ جا نوان نڪورا ۽ اصلوڪا آهن. هو پارس هو. هن جنهن چيز کي ڇهيو ان کي سون بڻائي ڇڏيو. سندس سڄي شاعري سچو سون آهي. زندگيءَ جي آخرين نون سالن اندر شاعريءَ جا 26 ڪتاب ڇپايائين، جن ۾ “الوداعي گيت”۽ “سر نارائڻ شيام” نالي وارا شاعريءَ جا ٻه ڪتاب به شامل آهن. “سر نارائڻ شيام” ۾ چوي ٿو:
-ناهي پنهنجي ساهتيه جو ڪوئي ورهاڱو.
ڀانيو مون ڀاڱو، ڪڏهن ناهي پاڻ کي.
-صدين لءِ رهندو سڄو، هي جي منهنجو مون،
متان ڀائين تون، اڌ ڪندس مان پاڻ کي.
-آهه اڌوري تو بنا، هيءِ جا منهنجي مون،
ساميءِ وانگر تون، سدا رهندين سنڌ ۾.
شيخ اياز سيپٽمبر 1965ع ۾ ڀارت پاڪستان جي وچ ۾ ٿيل جنگ جي پسمنظر ۾ نارايڻ شيام جي نالي کي علامت بڻائي ڀارت جي سنڌين سان ڳنڍ قائم ڪندي هيٺيون نظم لکيو هو:
“ هي سنگرام/سامهون آ/نارائڻ شيام/هن جا منهنجا/قول به ساڳيا/ ٻول به ساڳيا/ هي ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي،پر/منهنجا رنگ رتول به ساڳيا/ڍٽ به ساڳيا/ ڍول به ساڳيو/هانءُ به ساڳيو/ هول به ساڳيا/هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!/هن کي گولي ڪيئن هڻان مان؟/ڪيئن هڻان مان!!/ ڪيئن هڻان مان!!/ ڪيئن هڻان مان!!”
ان نظم سبب ڏاڍا ڏک ڏسڻا پيا هئس. تڏهن چيائين:
“سچ وڏو ڏوهاري آهي/روز ازل کان پڪڙيو ويو آ/زنجيرن ۾ جڪڙيو آ/ ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آ/ مان ڏوهي آن، مان ڏوهي آن.”
شيخ اياز پنهنجو گهڻو ڪلام نج سنڌي فارمن جهڙوڪ وائي،دوهري، بيت ۽ سورٺي ۾ قلمبند ڪيو. اهڙيءَ طرح انهن ۾ نئين سر جان ڦوڪي مروج بڻايو. اسان جا اهي سڀ فارم ڀارتيه پنگل شاستر يعني ڇند تي لکيا ويندا آهن.
هر فنڪار جي تخليق ڪيتري قدر جٽادار آهي ان جو فيصلو وقت ڪندو آهي. وقت ئي صحيح معني ۾ جج هوندو آهي. اياز کي اها خبر هئي، شايد انڪري پنهنجي شاعريءَ جي مجموعي “ڀنور ڀري آڪاش” (1992) جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: “مان فقط ايترو يقين سان لکان ٿو ته منهنجو فن ۽ فڪر ڪنهن به تقليد يا مصلحت آميزيءَ کان ڪوهين دور آهي ۽ مون اهڙي هڪ سٽ به نه لکي آهي، جا منهنجي روح جي گهراين مان چيرجي نه نڪتي هجي....”
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي زمين جي نج سنڌي لفظن جو استعمال ڪيو آهي. جيڪي لفظ واهپي مان نڪري ويا هئا، هن انهن لفظن کي سنڌ جي زمين کيڙي زمين مان ٻاهر ڪڍيو۽ اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي اکرن جي ڀندار ۽ شاعراڻي سينسبلٽيءَ ۾ اضافو آندو، شاهه عبداللطيف کان پوءِ مؤجودهه دؤر ۾ اياز ۽ استاد بخاري ئي سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ ڳايا ويا آهن. تنهن هوندي به وسيعت ۽ گوناگونيت اياز کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شاعر ۾ ڪانه ٿي ملي، جيڪا سندس تخليقي قوت جو ثبوت بڻجي بيٺي آهي ۽ سندس لافاني هئڻ جو ثبوت بڻي آهي. چوندا آهن ته شاعر اهو جنهن جي چولي ۾ چڻنگ هجي. ايازجي چولي ۾ چڻنگ هئي جيڪا ڀنڀٽ بڻي ۽ ان ڀنڀٽ وڏو شعاع جو منظر پيش ڪيو. جنهن شاعريءَ جي ميدان ۾ خوب رنگ رچايو.
اياز لوليون ۽ لوڪ گيت لکيا ته ٿر جي ماڻهن جا به گيت لکيا. ٿرين جي دکن سکن کي پنهنجي ڪلام ۾ جوڳي جاءِ ڏنائين. ان ڪري هو سنڌ جو عوامي شاعر بڻجي پيو هو. ٿر جي غربت جو منظر چثيندي چوي ٿو:
“ڪنڊيءَ نه سڱري،/ٻٻر نه پلڙو/ سائو نه سلڙو،/ڇانگون نه ڇيلڙا!/مارو اڪيلڙا!/مارو اڪيلڙا!/
پنڊيءَ نه ڳڀرو/وهه وات ويلا/منهڙا به ڀيلا/ڳوڙها ڳهيلڙا/مارو اڪيلڙا/مارو اڪيلڙا.”
شيخ اياز رڳو شاعري ڪانه لکي، ڪهاڻيون به لکيون. سندس پهريون ڪهاڻين جو مجموعو اپريل 1947 ع ۾ “سفيد وحشي” نالي سان ڇپجي ظاهر ٿيو. ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيائين، “....منهنجو رايو الڳ آهي، منهنجو سياسي ۽ سماجي تصور الڳ آهي....منهنجي نظر ۾ سنڌي هڪ جدا قوم آهن، سندن زندگي، سڀيتا، روايتون، ٻولي، نالا مطلب ته سڀ ڪجهه هندستان جي ٻين پرڳڻن کان علحدو آهي....”
اهڙو عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997 ع تي اسان کان سدا لاءِ وڇڙي ويو. سندس چاهنا هئي ته ڀٽ شاهه جي سرزمين تي کيس دفن ڪيو وڃي. تنهن مطابق ئي کيس اتي دفن ڪيو ويو. هن چيو هو:
-جر ۾ ٿو جرڪان، ڳائي تنهنجا گيت مان،
مري شل مرڪان، ڀٽائيءَ ڀيڙو وڃي!
-سنڌڙي شاهه لطيف جي،لهر نه ڪو لوڏو
اکڙين کان اوڏو، مون کي منهنجو ڀٽ ڌڻي!
هن پنهنجي ڪتاب “ننڊ وليون” جي انتساب ۾ چيو آهي:
اي ڌرتي! اي موهن جي دڙي جي ڌرتي!
جي مان ٻيهر ڄمندس
ته وري تنهنجي ئي واريءَ ڏانهن موٽندس،
مون کي ٻيءَ ڏرتيءَ تي ننڊ نه ايندي.
(سماپت)

دلگير جو ‘ماڪ ڦڙا ’

هري دلگير جو جنم جڳ مشهور هيريٽيج سائيٽ موئن جو دڙو جي ڀرسان وسيل شهر لاڙڪاڻي ۾ 15جون 1916ع تي هڪ سٺي خاندان ۾ ٿيو. سندس پتا ديوان گرڏنومل بختراءِ درياني فرسٽ ڪلاس ريزيڊينٽ مئجسٽريٽ هو، جيڪو رٽاير ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سنڌي چانڊڪا پئنچايت جو مکي هو. سندس وڏا ۽ هو پاڻ روحل فقير جا عقيدتمند هئا.
هري دلگير انجنيئرنگ جي پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾سول انجنيئر جي سرڪاري نوڪري ڪئي. ورهاڱي بعد به هو سرڪاري نوڪري ڪندي سنڌ ۾ رهيو، پر پوءِ سنه 1958ع ۾ سنڌ ڌرتيءَ کان سدا لاءِ موڪلائي 1959ع کان ڀارت جي آديپور شهر ۾ اچي رهيو، اتي ڪئين وڏا عهدا ماڻيائين. ان کان سواءِ سنڌي ادب جي کيتر ۾ به کيس ڪئين سرڪاري ۽ غير سرڪاري انعام ۽ سنمان مليا. 1977ع ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو“پل پل جو پرلاءُ” ڇپيو، جنهن تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ انعام ڏنو.
هري دلگير نثر توڙي نظم جا ڪل ملائي 26 ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا، جن ۾ چار ٻال ڪوتائن جا مجموعا به شامل آهن. سندس شاعريءَ جا شروعاتي ٻه مجموعا سنڌ ۾ ڇپيا. پهريون “هرشچندر جيون ڪوتا ” 1941ع ۾ ڇپيو ، جنهن تي سنڌ سرڪار کيس انعام عطا ڪيو.ان کان پوءِ ستت ئي 1942ع ۾سندس ٻيو مجموعو “ڪوڏ” نالي سان ڇپيو. ان تي به سنڌ سرڪار کيس انعام عطا ڪيو. هيءُ “ماڪ ڦڙا ” سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو آهي، جو 1953ع ۾ جناب ديي سڀاڻيءَ آشا ساهت منڊل، اجمير پاران ڇپائي پڌرو ڪيو. ان مجموعي ۾ ٻه ڀاڱا آهن. پهرئين ڀاڱي ۾ هري دلگير جي شاعري ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ نارايڻ شيام جي شاعري شامل ڪيل آهي. هتي مون کي صرف هري دلگير جي شاعريءَ جي اوک ڊوک ڪرڻي آهي، جيڪا 94 صفحن ۾ ڦهليل آهي.
هري دلگير شاعريءَ جا شروعاتي سبق نواز علي جعفري ‘ نياز’ کان حاصل ڪيا، جيڪو سندس ئي اسڪول ۾ ماستر هو. نياز صاحب ان وقت مشاعرن جو اهم شاعر ليکيو ويندو هو. ان کان پوءِ دلگير سائين ڪشنچند ‘بيوس’ جي لاڙڪاڻي واري شاعريءَ جي اسڪول جو شاگرد بڻيو. بيوس ۽ سندس شاگردن جو زندگيءَ طرف آشاوادي نظريو هوندو هو جو دلگير ۾ پڻ موجود آهي. ڏسو:“ کول اکيون ڏس لاٽ.... مسافر !/ ناهه انڌاري واٽ....مسافر !” (صفح-34)
“داغ جي انسانيت تي، خون پنهنجي ساڻ ڌوءُ، ڇو اڙي ‘دلگير’ ٿي بي جان تون ويٺو ڏسين.” ( صفح-6)
دلگير جنهن وقت شاعريءَ جي پڙ ۾ پير پاتو ان وقت نظم، آزاد نظم ۽ گيت جهڙين صنفن تي ڪي قدر وڌيڪ زور هوندو هو. ان جو هڪ سبب شايد اهو به هو ته ويهين صديءَ جي ٻئين ڏهاڪي ۾ گرديو رويندر ناٿ ٽئگور کي سندس بنگالي گيتن جي انگريزي ترجمي ‘ گيتانجليءَ’ تي نوبل انعام مليو هو ۽ ان وقت سنڌ ۾بنگالي ساهتيه خاص ڪري ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيندا رهندا هئا. گيتانجليءَ جا به سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ٿيا. اهي به گهڻو ڪري آزاد نظم ۾ ٿيا. شايد ان ڪري ‘ماڪ ڦڙا ’ ۾ دلگير جي گهڻي شاعري انهن ٽن فارمن ۾آهي. البت ڪي قطع ۽ غزل به شامل ڪيل آهن. سندس شاعريءَ جا موضوع گهڻو تڻو انسان پرستي، غريبن ۽ پٺتي پيلن سان همدردي، قدرتي نظارا، بدلجندڙ سماج، ديس ڀڳتي، سنڌ جي ساروڻي ۽ سنڌ سان محبت وغيرهه خاص آهن. ائين به چئي سگهجي ٿو ته سندس شاعريءَ ۾ ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ واري وقت جا اولڙا آهن.
دلگير جي سنڌي ٻولي سپڪ سلوڻي ۽ مائيدار آهي.هن نج سنڌيءَ جو استعمال ڪيو آهي. عربي، فارسي ۽ اردوُ ٻولين جا لفظ گهٽ ڪتب آندا آهن.البت هندي لفظ آهن.
“مان سپنن جو رهواسي،/مان ئي سپنا ٺاهيان ٿو، /مان سندرتا جو پياسي،/ پنهنجي پياس نه لاهيان ٿو،/مان گيتن جو ڳائيندڙ،/مٺڙا ساز وڄائيندڙ،/ڌرتي عرش اڏايان آنءُ،/ شاعر منهنجو آهي نانءُ.” هري دلگير جي شاعريءَ جي رواني ۽ رديف قافين جي پختائي ازخود من ۾آنند جي وهڪري ۾وهائي ٿي وڃي. اهي خوبيون هن مجموعي ۾ جابجا پکڙيون پيون آهن. مثال طور صفح. 68 تي درج هڪ مسلسل غزل جا ڪجهه بند پيش آهن. غزل جو عنوان آهي “ ائين ڇو؟ ”.
-گيت ڳائڻ مون گهريو، پد به ڪو ڳائي نه سگهيس،
هاءِ، جيون ۾ مڌر ميٺ ملائي نه سگهيس.
1-ساز دل شانت ۾، هر تار سندس آهه ڍلي،
ڪيڏي ڪوشش سان به هڪ تار وڄائي نه سگهيس.
2-مان ستل هوس، مٺي بين وڄائي تو سڏيو
نين ليڪن نه کليا، کيپ گنوائي نه سگهيس.
غزل جي بندش لاجواب آهي.در حقيقت بندش ئي غزل کي غزل بڻائيندي آهي.
وقت جي هر وهنوار، ان جي هر چڱائي لڱائيءَ تي شاعر جي تکي نظر هوندي آهي. تڏهن ته هو وقت جا چٽ چٽي اسان کي ڏيکاريندو آهي. دلگير به پنهنجي وقت جا ڪئين چٽ چٽيا آهن. هڪ نظم ۾ هڪ عورت پتيءَ کي پنهنجو درد ائين ٿي ٻڌائي ڄڻ اهو سڀني استرين جو درد هجي. نظم مان مرد خلاف بغاوت جي بوءِ پڻ اچي ٿي:
“مرد آهين، تون بيشڪ مزو موج ڪر،/ ڌرم مردن کي آزادگي آ ڏني،/ ڇيڳرا هو گهمن، عيش عشرت وٺن،/ ڀل ته بازار بد ۾ هو ناسون هڻن،/ ڀل سون عورتن ساڻ رستو رکن، کين آهي معاف،،/ آهه سڀ ڪجهه معاف،/ مرد جو هو ٿيا- کين سڀ ڪجهه روا،/ شاستر جيڪي آهن سي مردن لکيا،/ تنهن ڪري ڌرم ٿي پيو سندن آ غلام،/ ڌرم مردن جي لئه شوق ئي شوق آهه، استرين لئه مگر ڌرم زنجير آهه/ تيز شمشير آهه...” ( صفح-49 ۽ 50 )
دلگير جي شاعري سترنگي آهي. نظمن ۾ زندگيءَ جي انڊلٺ جا سڀ رنگ سمايل آهن. وقت جي ڪميءَ سبب اهي سڀ ته هتي پيش نٿا ڪري سگهجن. بهرحال “ نا- معلوم لفظ-“سري واري هڪ آزاد نظم جون چند سٽون پيش ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان، جنهن جي هڪ هڪ لفظ مان سنڌي ٻوليءَ جي خوشبوءِ ٿي اچي. نظم پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ شاعر قدرت سان هم آهنگ ٿي ويو آهي. ان نظم ۾جماليات موهي ٿي:
“ گيت مون “ گرديو” (ٽئگور) جو/ رات ريڊيو تي ٻڌو،/لفظ نامعلوم ها،/غير ٻوليءَ کان هيس،/لفظ لهرن کان اجهل،/ هير کان هلڪا سڌير،/ٽٻ هيا ميٺاج ۾،/خاص خوشبو ۾ ڀنل،/ دل اندر جهومڻ لڳا،/ خوب جهومائڻ لڳا./ منهنجي دل جهومڻ لڳي،/ جهومڻ لڳا ڪل ڪائنات؛/ چشم دل جي سامهون،/مون ڏٺو،/ ديوتائون عرش مان ڄڻ ڦول برسائڻ لڳا./ منهن ڪڍي ٻوٽي منجهان ڪچڙي ڪلي،/ ڦول ٿي جهومڻ لڳي؛/ امرتي برسات جا وسڪارا ٿيا آنند جي آڪاس مان،/ زندگيءَ جي انڊلٺ،/ تاب سان چمڪڻ لڳي؛/ مشڪندي، نچندي سا ڄڻ ڳائي پئي؛-/ “ مان امر آهيان امر/ مان امر آهيان امر” ......( صفح 77 ۽ 78 ) مٿين سٽن ۾ شاعر جي تخيل جي بلندي ماڻڻ وٽان آهي. هن نظم ۾ شاعر دل کولي اشارن، علامتن ۽ استعارن جو استعمال ڪيو آهي.
دلگير تي ٽئگور جي شاعريءَ جو اثر هو. هيٺيون سٽون ان ڳالهه جي شاهدي ٿيون ڏين:
“پاپ جو مندر ڊاهه-پوڄاري،/ پاپ جو مندر ڊاهه !/ 1- مسڪينن جي نازڪ هڏڙين تي جنهن جو بنياد،/ جنهن کان ناحق لک لٽجي ويا، ڀونگيون ٿيون برباد،/ جنهن جي سر سر خون ٻڏل آهه،/ چپو چپو پاپ ڀنل آهه،/ ڪئن سو مندر آهه؟- پوڄاري .”(صفح- 45 )
ان وقت جي سڀني سنڌي شاعرن سنڌ ۽ سنڌوءَ جي مهما ضرور ڳائي آهي. دلگير به سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ انجنيئر جي عهدي تي هو. ان ڪري سنڌو نديءَ سان ملاقات ڪرڻ سندس روزمرهه جي ڪرت هئي. کيس سنڌو نديءَ سان ازلي پريم هو. شايد ان ڪري “سنڌو -ستار” سري واري نظم ۾ سنڌوءَ جي مهما ڪجهه هن طرح بيان ٿو ڪري: “ وڄندي ٻڌان ٿو سنڌ ۾ سنڌو ! سندءِ ستار،/ ڇا تان گان تنهنجو ٿو آنند ڏي اپار،/ آلاپ تنهنجا وايو جي لهرن مٿان تري،/ ڇيڙن اچي ٿا سنڌ جي هردي جي تار تار.” ( صفح-9 )
گيت شاعريءَ جي سڀ کان آڳاٽي صنف آهي. اسان جي شاعريءَ ۾ اڳئي وائي، ڪافي ۽ ڪلام گيت جي صورت ۾ هئا، پر ڪشنچند ‘بيوس’ پهريون شاعر هو جنهن گيت جي صنف کي سنڌي شاعريءَ سان ڳنڍيو. جيئن مٿي چيو ويو آهي ته هري دلگير بيوس اسڪول جو شاگرد هو. ان ڪري هن پاڻ به ڪئين گيت لکيا. سندس ڪي گيت ‘ماڪ ڦڙا’ ۾ به درج آهن.اچو هڪ گيت ڏسون. جنهن مان دلگير جي آشاوادي نظريي جي پروڙ پوي ٿي.
“مڌر مڌر تون ڳاءِ....او دل !/ مڌر مڌر تون ڳاءِ./ 1-سپنن جي سوني نگريءَ ۾آشا-وينا ڇيڙ، / وايو ساگر جي لهرن ۾ آنند گيت پکيڙ،/ لهر لهر کي پنهنجي سر سان، پيارو ناچ نچاءِ/ مڌر مڌر تون ڳاءِ/ 2-تنهنجي گيت ۾ جيون آهي ڳاءِ سدا ‘دلگير’ / گيت ڪري ئي گيت تون ڳائج، ڏي هر دل کي ڌير/ تنهنجو گيت نه تو لئه آهي، پر آهي جڳ لاءِ/ مڌر مڌر تون ڳاءِ،/ او دل !” ( صفح-70 )
“ ڀارت جو گيت” ۾ پنهنجي ڀارت ديش لاءِ پروردگار کان دعا گهرندي چوي ٿو: “ او منهنجا داتار،/ سڻ منهنجا ڪرتار./ 1- منهنجي ديش جي مٽي مٺڙي، ٿي جل ۾ ميٺاج،/ وايوءَ ۾ ميٺاج مدامي، هر ڦل ۾ ميٺاج،/ ميٺ هجي ميٺاج کان پيارو،/ مصري ۽ ماکيءَ کان نيارو،/ ڏي ميٺاج اَپار....او منهنجا داتار.” ( صفح-7 )
‘ماڪ ڦڙا ’ جو مطلع ڪندي مون ڏٺو ته هري دلگير فارسي بحر وزن سان گڏ ڀارتي ڇندن جو به استعمال ڪيو آهي ۽ ٻنهي تي سندس پڪڙ مضبوط آهي. سندس مٿيان ٻئي گيت ڇند شاستر تي ٻڌل آهن. ڇند ۾ رچيل گيت وڌيڪ نکري پوندا آهن. انهن ۾ ازخود رواني اچي ويندي آهي، جيڪا گيت جي پهرين ضرورت هوندي آهي.
هري دلگير جو شاعريءَ جو پهريون مجموعو ‘ هرشچندر جيون ڪوتا ’ 1941ع ۾ ڇپيو، ان وقت سندس عمر 25سال هئي ۽ 12 سالن بعد جڏهن هن جي عمر 37 سال هئي، تڏهن مذڪور مجموعو ڇپيو. مطلب ته هن ڪتاب ۾ اها شاعري شامل آهي جا هن پنهنجي عمر جي 26 کان 37 سالن جي عرصي ۾ ڪئي، ان عرصي ۾ هو گهڻو عرصو خود شاگرد رهيو ۽ ان دؤر ۾ شاعريءَ ۾ جيڪي خيال مروج هئا، اهي ئي سندس شاعريءَ جا موضوع بڻيا.باقي سندس شاعريءَ ۾ خيال جي بلندي، احساس جي گهرائي ۽ جذبي جي شدت موجود آهي.هن لفظي ۽ معنوي صنعتن جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي.جنهن شاعر جا شروعاتي ٻه مجموعا ئي انعام حاصل ڪيل هجن اهڙي شاعر جو هيءُ ٽيون مجموعو ڪيئن گهٽ ٿي سگهندو؟ سچ پڇو ته مون ‘ ماڪ ڦڙا’ کي ماڻيو ۽ خوب ماڻيو آهي. توهان به ڪٿان هٿ ڪري پڙهو ۽ شاعريءَ جي هندوري ۾ لڏي آنند ماڻيو. ( سماپت )
(هري دلگير سيمينار آديپور، ڪڇ 29-28 جنوري 2017ع )

بايوڊاٽا

1.نالو : کيمن يو. مولاڻي
2.پتا جو نالو : مرحوم جناب اُڏيرنو مل مولاڻي
3.جنم تاريخ : 10 جون 1944ع ( ڳوٺ؛ درس، تلقو : مورو، ضلعو: نوابشاهه .
4.ائڊريس : اي (A) نيوُ 14/134، بئراڳڙهه، ڀوپال-462030 ( ڀارت).
5. موبائيل نمبر: 7987036540 ۽ 9425051715 ۽ 098273437356.
۽ اي ميل ائڊريس: khimanmulani10@gmail.com
6. ساهت لکڻ ڪڏهن شروع ڪيو: 1960ع.

ڇپيل سنڌي ڪتاب :
1.ٽارين جهليا ٻور (ڪوتائن جو مجموعو ) 1986ع.
2.اڏر اڏر ڙي پوپٽڙا ( ٻال ڪوتائن جو مجموعو )1989ع.
3. اڱڻ مٿي اوپرا (ڪوتائن جو مجموعو )1995ع.
4. اوسيڙو ( ڪهاڻين جو مجموعو ) 1998ع.
5. هل ڙي مٽڪا ( ٻال ڪهاڻين جو مجموعو )2001ع.
6. لنو سنديون لاتيون ( ڪوتائن جو مجموعو )2003ع.
7.سهڻا گلڙا ٻار ( ٻال ڪوتائن جو مجموعو ) 2005ع.
8. ڌرتيءَ کان آڪاس تائين ( ڪوتائن جو مجموعو) 2010ع.
9. جيءَ ۾ ٽانڊا ( ڪوتائن جو مجموعو ) 2016ع

هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڇپيل سنڌي ڪتاب :
1.پاڇو (چونڊ ڀارتيه ٻولين جون ڪهاڻيون ): 1988ع.
2.جپ ۽ ڌيان: پنڊت شريرام شرما آچاريه، 2010ع.
3.نئين جُڳ جو مڇيءَ جو اوتار : پنڊت شريرام شرما آچاريه، 2010ع.
4.ڊاڪٽر امبيڊڪر: رتن ڪمار سامڀريا، 2010ع.
5.گيتانجلي: گرو رويندر ناٿ ٽئگور، 2012ع.
6.ميان جان جي ڪڪڙ ( ڪهاڻيون ) : رتن ڪمار سامڀريا،2012ع.
7. ميگهدوت : ( ڪوتائون )ڪاليداس : 2014ع.
8.جل تون جلال تون ( ناول ): پربوڌ ڪمار گوول، 2014ع.
9.خاموشين جي ديس ۾( ڪهاڻيون ): جيا جادواڻي،2014ع.
10. نارايڻ گــُرو (مونوگراف): ٽي. ڀاسڪرن
11.هـِتي نه هـُتي ( ڪوتائون): اشوڪ واجپائي.
12. ساهت جا ڪجهه اندروني موضوعاتي حوالا ( تقريرون ) ڪـُـنور نارايڻ

سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو ڪيل ڇپيل ڪتاب:
1.سنڌ ڪا اتهاس: مول ليکڪ موهن گيهاڻي، 2004ع
2.ڪلچرل باءِ پاس سرجري: مول ليکڪ ڊاڪٽر ستيش روهڙا، 2004ع
3.سامي ڪي شلوڪ، ڀاڱو پهريون: مول ڪوي چئنراءِ ڏاتاراماڻي‘ سامي’ ،2005ع
4.سنڌي لوڪ گاٿائين: (سمپادن ۽ ترجمو) کيمن يو. مولاڻي،2005ع.
5. سندر سي بچي ( ٻال ڪوتائون ): مول ڪوي کيمن يو. مولاڻي، 2008ع.
6.ڪڇ ڪي ياترا : مول ليکڪ تيج قابل، 2009ع
7.پهلا پيار ( ناول ): مول ليکڪ گوبند خوشحالاڻي،2009ع
8.چڙيا رئن بسيرا ( ڪهاڻيون ): مول ليکڪ مختلف سنڌي ڪهاڻيڪار، 2009ع.
9. سنڌي لوڪ ڪلا : مول ليکڪ ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي، 2010ع.
10.بهي کاتي ڪي پني، ڀاڱو پهريون ( آتم ڪٿا) : مول ليکڪ لڇمڻ ڀاٽيا 2011ع.
11.پياس ( ناول ) : مول ليکڪ هري همٿاڻي، 2011ع.
12.شهيد بختاور : مول ليکڪ سعيد خادم علي شاهه، 2011ع.
13.ديش تو ميرا ( ناول ): مول ليکڪ گوبند خوشحالاڻي، 2012ع.
14.بهي کاتي ڪي پني، ڀاڱو ٻيون(آتم ڪٿا) : مول ليکڪ لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، 2012ع.
15. سامي ڪي شلوڪ، ڀاڱو ٻيون : مول ڪوي چئنراءِ ڏاتاراماڻي‘ سامي’ 2012ع.
16.سامي ڪي شلوڪ، ڀاڱو ٽيون : مول ڪوي چئنراءِ ڏاتاراماڻي‘ سامي’ 2013ع.
17.بهي کاتي ڪي پني، ڀاڱو ٽيون(آتم ڪٿا ): مول ليکڪ لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، 2013ع.
18. چل ري مٽڪي ( ٻال ڪهاڻيون ) : مول ليکڪ کيمن يو. مولاڻي 2014ع.
19. درپڻ ڪي سامني (ناول ) : مول ليکڪا- ڪلا پرڪاش
20.ڪڀي بسنت ڪڀي پتجهڙ(ڪهاڻيون): مول ليکڪا- تارا ميرچنداڻي
21.لهرون ڪي گونج ( ناول ): مول ليکڪا- تارا ميرچنداڻي
22. سورج ڪي پهلي ڪرڻ (ناول ) : مول ليکڪا- تارا ميرچنداڻي.

سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو ڪيل اڻ ڇپيل ڪتاب :
1. سنڌ ڪڇ ڪي پراچين سنبنڌ ( تحقيق) : مول ليکڪ جينت ريلواڻي.
2. هر پيالي ڪي چمچي ( ڪهاڻيون ) : مول ليکڪگوبند خوشحالاڻي.
3.سنڌي لوڪ گيتون ڪي ساماجڪ پرشٺڀومي : مول ليکڪ نارايڻ ڀارتي.
4. سنڌ ڪڇ ڪاٺياواڙ ڪي سانسڪرتڪ سنبنڌ ( تحقيق ) : مول ليکڪ جينت ريلواڻي.

هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اڻ ڇپيل ڪتاب :
1.سنسان جا ساٿي : مول ليکڪ پنڊت شريرام شرما آچاريه.
2.منهنجي وصيعت ۽ وراثت : مول ليکڪ پنڊت شريرام شرما آچاريه.

انعام اڪرام ۽ سنمان:
1.اين. سي. اي. آر. ٽيءَ جو “ اُڏر اُڏر ڙي پوپٽڙا ” تي 93-1992ع ۾ انعام.
2.اين. سي. پي. ايس. ايل جو “ اڱڻ مٿي اوپرا ” تي 1995ع ۾ انعام.
3.اين. سي. پي. ايس. ايل جو “لنو سنديون لاتيون” تي 2004ع ۾ انعام.
4.مڌيه پرديش راشٽر ڀاشا پرچار سمتيءَ جو“سامي ڪي شلوڪ” تي 2005ع ۾ انعام.
5.مڌيه پرديش راشٽر ڀاشا پرچار سمتيءَ جو “چڙيا رئن بسيرا ” تي 2009ع ۾ انعام.
6.مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جو “ سهڻا گلڙا ٻار” ( ٻال ڪوتائون ) تي 2010ع ۾ انعام.
7.مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪادميءَ جو لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ-2011ع.
8. مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جو “ ڊاڪٽر امبيڊڪر- هڪ پريرڻادائي شخصيت ”

هنديءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب تي 2013ع ۾ ترجمي جو انعام.
9.اين. سي. پي. ايس. ايل جو “ ڌرتيءَ کان آڪاس تائين” تي2013-2012 ۾ انعام.
10.مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جو “ جيءَ ۾ ٽانڊا” تي 2018 ۾ انعام.
11.اين.سي. پي.ايس.ايل. لائيف ٽائيم اچيومينت (ساهتيڪار سنمان)19-2018

ٻيون حاصلاتون:
1. مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪادميءَ جو اڳوڻو ميمبر.
2. مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جي صلاحڪار منڊل جو اڳوڻو ميمبر.
3.مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪادميءَ جي سالياني مخزن “ سنڌو مشعال ” جو ايڊيٽر.