سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران آبادگار ائسوسيئيشن حيدرآباد پاران مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جي ورڇ ۽ سنڌ علائقي جا حق“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ شامل متن 20 مارچ 1971ع تي سنڌ آبادگار ڪنوينشن حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويو. سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ سنڌوڻديءَ جي پاڻيءَ تان جهڳڙو جُڳن کان ھلندو اچي. ڪيترا ڀيرا پنجاب زوريءَ سنڌو جو پاڻي پنھنجي کڻت جي حصي کان وڌيڪ کنيو آھي ۽ نتيجي ۾ سنڌ جون زمينون يا ٻيلا بنجر بڻيو وڃن. آبادگار ائسوسيئيشن جي ڪنوينشن ۾ ان جهڳڙي جو سربستو احوال دليلن ۽ تاريخي حوالن سان تيار ڪري پيش ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1971ع ۾ آبادگار ائسوسيئيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي