الطاف شيخ ڪارنر

نڪري ويا ناکُئا

هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ ڪيتريون ئي اُتساهيندڙ ڳالھيون پيش ڪيون آهن، جيڪي سراسر موهيندڙ تہ آهن ئي پر رهنمائي ڪندڙ بہ آهن ۽ منھنجي راءِ موجب هي ڪتاب سنڌي نوجوانن لاءِ ڄڻ تہ مشعلِ راھ آهي، جنھن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سئر سفر يا روزگار واسطي ويندڙن لاءِ ڪيئي نقطا بيان ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ قومون ترقي ڪيئن ٿيون ڪن ۽ قومن جا فرد پنھنجي وطن ۽ ماڻھن جي ڀلائي ۽ بھتريءَ لاءِ ڪيئن ٿا پاڻ پتوڙين يا پنھنجي وطن سان محبت ۽ ان جي مالڪيءَ سان ڪيئن سلھاڙيل آهن... اهي سڀ ڳالھيون اسان ماڻھن لاءِ سِکيا جو مرڪز ۽ محور آهن.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book نڪري ويا ناکُئا

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

نڪري ويا ناکُئا
]سفرنامو، تاريخ ۽ تحقيق [
الطاف شيخ
لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ڇاپو پهريون: آگسٽ 2021ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد،
امرتا ڇاپ گهر، 1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن- سنڌ
قيمت: 300.00 روپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Nikri W’aya Nakh’ua’a
[Travelogue, History & Research]
Altaf Shaikh
Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title: Irfan Ali Memon
Composing: Raaz Muhammad Laghari
First Edition: August 2021
Printed by: Amarta Publications Hyderabad,
Amarta Chhap Ghar, 1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqeer Foundation, Sindh
Price: Rs.300.00

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي سفرنامن، تحقيق ۽ تاريخي مضمونن تي مشتمل مجموعو ”نڪري ويا ناکُئا“ اوهان اڳيان پيش آهي.
هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ ڪيتريون ئي اُتساهيندڙ ڳالھيون پيش ڪيون آهن، جيڪي سراسر موهيندڙ تہ آهن ئي پر رهنمائي ڪندڙ بہ آهن ۽ منھنجي راءِ موجب هي ڪتاب سنڌي نوجوانن لاءِ ڄڻ تہ مشعلِ راھ آهي، جنھن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سئر سفر يا روزگار واسطي ويندڙن لاءِ ڪيئي نقطا بيان ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ قومون ترقي ڪيئن ٿيون ڪن ۽ قومن جا فرد پنھنجي وطن ۽ ماڻھن جي ڀلائي ۽ بھتريءَ لاءِ ڪيئن ٿا پاڻ پتوڙين يا پنھنجي وطن سان محبت ۽ ان جي مالڪيءَ سان ڪيئن سلھاڙيل آهن... اهي سڀ ڳالھيون اسان ماڻھن لاءِ سِکيا جو مرڪز ۽ محور آهن.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ ۽ امرتا پبليڪيشن جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

هڪڙو اُتساهيندڙ ڪتاب

ڀلا ڀاڳ ’امرتا‘ جا، جو اسان جي جڳ مشهور ليکڪ سائين الطاف شيخ جو ’امرتا پبليڪيشنس‘ پاران، هي ٻيو ڪتاب ’نڪري ويا ناکُئا‘ ڇَپَي رهيا آهيون. ان کان اڳ ’امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد‘ پاران سائين الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب ’زنجبار جهنگٻار‘تازو ئي مئي 2021ع ۾ ڇاپَي پڌرو ڪيو اٿئون، جنهن جي ڪتابي بيهڪ ۽ حُسناڪيءَ کي پسند ڪندي سائينءَ هڪدم ئي پنهنجو ٻيو ڪتاب ’نڪري ويا ناکُئا‘ اسان کي ڇپڻ لاءِ اُماڻي ڏنو، جيڪا ڳالهه اسان لاءِ خوشيءَ کان گهٽ ڪونهي ۽ تهائين وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه هيءَ به آهي ته ’زنجبار جهنگٻار‘ کي پڙهندڙن وٽان پذيرائي به تمام گهڻي ملي رهي آهي، جيڪا اسان جي اداري لاءِ باعثِ افتخار آهي.
هي ڪتاب ’نڪري ويا ناکُئا‘ ڇپائيءَ جي تياريءَ هيٺ پروفنگ ۽ ايڊيٽنگ جي حوالي کان پڙهندي، مون کي ذاتي طور يقين ڄاڻو ته تمام گهڻو لطف آيو ۽ منهنجي طبيعت وٽان جيڪو اهم نقطو مون کي هن ڪتاب ۾ نظر آيو، سو آهي اُتساهه... سائين الطاف شيخ پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اُتساهيندڙ ڳالهيون پيش ڪيون آهن، جيڪي سراسر موهيندڙ ته آهن ئي پر رهنمائي ڪندڙ به آهن ۽ منهنجي راءِ موجب هي ڪتاب سنڌي نوجوانن لاءِ ڄڻ ته مشعلِ راهه آهي، جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سئر سفر يا روزگار واسطي ويندڙن لاءِ ڪيئي نقطا بيان ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ قومون ترقي ڪيئن ٿيون ڪن ۽ قومن جا فرد پنهنجي وطن ۽ ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪيئن ٿا پاڻ پتوڙين يا پنهنجي وطن سان محبت ۽ ان جي مالڪيءَ سان ڪيئن سلهاڙيل آهن... اهي سڀ ڳالهيون اسان ماڻهن لاءِ سِکيا جو مرڪز ۽ محور آهن.
ڪتاب ۾ الطاف سائينءَ، جن به موضوعن تي قلم کنيو آهي، سي سڀ اهم هئڻ سان گڏوگڏ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهن ۽ سچ پچ به ساراهڻ جوڳا آهن. مون کي ته ڪتاب جو پهريون آرٽيڪل ’سنڌي انجنيئر ڇوڪري اسرا عباسي ملائيشيا ۾...‘ ئي ڏاڍو اتساهيندڙ ۽ وڻندڙ لڳو. گڏوگڏ ڪرپشن واري مُوذي مرض تي ڪيل ڳالهيون ۽ ملائيشيا جي وزيرِاعظم ’نجيب رزاق‘ جي ڪرپشن واري ڪيس ۽ ان جي تفتيش جي ۽ تفتيش ڪندڙ جي جيڪا ڪهاڻي سائين الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکي آهي ۽ ڪرپشن بابت پاڻ واري ملڪ جي حوالي کان جيڪي ڳالهيون درج ڪيون اٿن، تن جي حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ ان روش جي ڪري ملڪ ۽ قوم جي جيڪا تباهي ۽ نقصان ٿيو آهي، سو نه ڪو ڪَٿَي سگهجي ٿو ۽ نه وري ڀري سگهجي ٿو. ان کان سواءِ ڪتاب ۾ سِکن جي ترقيءَ جا راز پڙهي مون کي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته واقعي به محنت ۾ عظمت آهي. محنت ڪنهن جي به رائيگان نٿي وڃي، پوءِ ان جو مذهب يا مسلڪ کڻي ڪهڙو به ڇو نه هجي.‘
سنڌي ادب جي آفتاب ’شمس العلماء مرزا قليچ بيگ‘ جي خانوادي جي ڪهاڻي به تاريخي حوالن سان اهم آهي ۽ ڪتاب جي آخري ڀاڱي ۾ اسلام جي حوالي کان سائين الطاف شيخ، جيڪي ڳالهيون لکيون آهن يا ونڊ ڪيون آهن، سي سڀئي هنئين سان هنڊائڻ جهڙيون آهن. هونئن اهو چوڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي ته هي سڄو ڪتاب ئي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي. ڪريم ربُّ سائين الطاف شيخ کي چڱو ڀلو ۽ صحتمند رکي ته جيئن هُو، مون سميت پنهنجي سڀني پڙهندڙن لاءِ اهڙا موچارا ڪتاب لکندو رهي - آمين.


فقير محمد ڍول
اربع 28 جولاءِ 2021ع
امرتا ڇاپ گهر - حيدرآباد

انتساب: انجنيئر عبدالوهاب سهتو جي نالي

سنڌ جي هڪ قابل انجنيئر، ادب جي ڄاڻو ۽ دين کان واقف انسان جي نالي جيڪو سمجھو ته منهنجو به ٽيچر ٿي رهيو آهي.
ڪجھه سالن کان جهاز هلائڻ، پڙهائڻ ۽ رلڻ کي ڇڏي ڪراچي ۾ اچي رهيو آهيان. ظاهر آهي ته 80 جي ويجھو اچي ٿيو آهيان، هاڻ اها همت نه رهي آهي. دل جي ڊاڪٽر ۽ آرٿو پيڊڪ سرجن ته گھڻي هلڻ ۽ گھڻي ڳالهائڻ کان به منع ڪئي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ جي هيڪاندي شوق کي ڏسي انڪار نه ڪري سگھندو آهيان ۽ ڏهه پندرنهن منٽ ملي وٺندو آهيان. مون ڏٺو آهي ته هر آيل منهنجي ڪمري جي چوڌاري نظر ڦيرائي، اهو سوال ضرور ڪندو آهي ته سائين توهان جي لئبريري ڏسڻ تي دل چوي ٿي، اها ته ضرور وڏي هوندي!
جواب ۾ آئون اهو ئي چوندو آهيان ته، ”يارو! مون وٽ ته پنهنجن ڪتابن جو ئي سيٽ ناهي. منهنجي زندگي جهازن تي گذري، جن تي جڏهن جونيئر هئس ته رهائش لاءِ ننڍڙو ڪمرو (ڪئبن) هو. وڏي عهدي يعني چيف انجنيئر ٿيڻ تي بيڊ روم سان گڏ ڊرائنگ روم ۽ آفيس به هئي ۽ هڪ بدران ڪنهن جهاز تي ٻه ته ڪنهن تي ٽي ڪٻٽ به هئا، پر تيستائين شادي به ٿي وئي هئي ۽ انهن ڪٻٽن ۾ اسان زال مڙس ۽ ٻن ٻارن جي ضروري سامان لاءِ به گھٽ Space ٿَي ٿِي. ان ڪري ڪتاب ته ڇا پر بوٽن جو به هڪ جوڙو رکڻو پيو ٿي. ڳوٺ هالا ۾ ننڍپڻ کان ٽن چئن ڪٻٽن تي مشتمل لئبريري هئي، جيڪا پوءِ ڪراچيءَ شفٽ ڪيم ۽ سامونڊي نوڪريءَ دوران مختلف بندرگاهن مان ورتل ڪتاب، ڪراچي اچي دوستن ۾ ورهائيندو هوس يا ڪجهه پاڻ لاءِ رکندو هوس پر پوءِ هڪ ڏينهن سال 1973ع ۾ پروفيسر سليم ميمڻ صاحب کي سڀ ڪتاب سگا وارن لاءِ ڏئي ڇڏيم، جنهن گلشن پاسي جي هڪ سنڌي اسڪول کي مون پاران ڏئي ڇڏيا. هاڻ جيڪي ڪتاب اديبن ۽ ادارن کان ملندا آهن يا خريد ڪندو آهيان، اهي پڙهڻ بعد هالا جي ’گرلس ڪاليج لئبريري‘ ڏي موڪلي ڇڏيندو آهيان. هن ڪاليج وارن منهنجي نالي ڪتابن جو هڪ ڪارنر ٺاهيو آهي.“
”سائين پوءِ لکڻ لاءِ توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي ضرورت ته پوندي هوندي؟“ هُو پڇندا آهن ۽ بلڪل صحيح ٿا پڇن. مون کي هر قسم جي ڪتاب جي هر وقت ضرورت پوندي رهي ٿي ۽ اهي مون کي يڪدم ملي ويندا آهن. انهن دوستن جي مهرباني آهي، جيڪي سالن کان پنهنجي لئبريري مان يا ٻين وٽان منهنجي ضرورت جا ڪتاب هٿ ڪري مون ڏانهن پوسٽ ڪندا رهن ٿا. هن وقت انهن جو ٿورو مڃڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ انهن جو نالو لکڻ ضروري آهي. اهي آهن لاڙڪاڻي مان ’پروفيسر مختيار سمون‘، قمبر مان ’عباس ڪوريجو‘، سکر مان ’ادل سومرو‘ ۽ ’عبداللطيف انصاري‘، ڪراچيءَ مان ’امر جليل‘ ۽ ’پروفيسر سليم ميمڻ‘ صاحب. انهن نيڪ انسانن کي فقط فون ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ ڪتاب مون تائين پهچي ويندا آهن.
مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته انهن ڏينهن ۾ نه هئي انٽرنيٽ، گوگل ۽ وڪيپيڊيا ۽ نه مون وٽ جهاز تي سنڌي ۽ اڙدو جون ڊڪشنريون... پوءِ لکڻ دوران ڪٿي منجھندو هوس يا ڪنهن لفظ بابت پڇڻو پوندو هو ته انهن شروع وارن ڏينهن ۾ ٽي ماڻهو مون لاءِ علاؤالدين جي ڏيئي وارا جِنَ هوندا هئا: ’شمشير الحيدري‘، ’قمر شهباز‘ ۽ ’تاجل بيوس‘. افسوس جو انهن کان موڪلائي سال ٿي ويا. انهن جي جاءِ هاڻ نوجوان ٽهيءَ جا ڪنڊياري جو ’مولانا محمد قاسم سومرو‘، سڪرنڊ جو ’پروفيسر غلام نبي چنا‘ ۽ لاڙڪاڻي جو ’انجنيئر عبدالوهاب سهتو‘ آهن. ماشاءَالله هنن نوجوانن جي ادب توڙي مذهب جي ڳالهين بابت ڇا ته ڄاڻ ۽ clear سوچ آهي. انهن مان جن کي سڀ کان وڏي عرصي کان ۽ سڀ کان گھڻو ڊسٽرب ڪندو رهان ٿو، اهو آهي عبدالوهاب سهتو... ان ڪري هن وقت هي ڪتاب هن جي نالي منسوب ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿو. مٿي جن جن ماڻهن جا نالا لکيا اٿم، انهن سڀني مون کي لکڻ لاءِ سهوليت پيدا ڪئي آهي... ايتريقدر جو عبداللطيف انصاري، عباس ڪوريجي ۽ عبدالوهاب سهتي جهڙن مون پوڙهي کي ڪمپيوٽر ۾ به ڀڙ ڪري ڇڏيو آهي. انهن ۾ ’محمد سليمان وساڻ‘، حيدرآباد جي ’راڻي مينگهواڙ‘ ۽ ’جاويد پنهور‘ جا نالا شامل ڪرڻ به ضروري سمجھان ٿو.
پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته عبدالوهاب سهتي سان منهنجي فقط فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. ڪجھه سال اڳ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال مون کي هفتي کن لاءِ پاڻ وٽ گھرايو هو. هڪ ڏينهن هُو مون کي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪنهن سنگت جي دعوت ۾ وٺي ويو، جيڪا مختيار سمون ۽ ان جي ساٿين طرفان ڪئي وئي هئي. ڪيترائي ماڻهو آيل هئا ۽ پنهنجي شوق موجب گھڻي کان گھڻن سان يادگار طور فوٽو به ڪڍرايم. ڪيترا ڄاتل سڃاتل لڳي رهيا هئا. انهن ۾ هڪ پوليس آفيسر ’عرفان سمون‘ به هو، جنهن سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي، پر اتي ويٺل مهمانن ۾ هن کي ڏسي آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته ڪو ڏٺل وائٺل ٿو لڳي. بعد ۾ ڪراچي پهچڻ تي مختيار ٻڌايو ته اهو واقعي عرفان هو. اهڙي طرح عبدالوهاب سهتو به ان دعوت ۾ هو گڏ فوٽو به ڪڍرايم... بعد ۾ ان لاءِ به سوچيندو رهيس ته ڄاتل سڃاتل ٿو لڳي. دراصل جيئن ئي فنڪشن (تقريرون) ختم ٿيو ته پرنسپال صاحب مون کي اتي وڌيڪ ترسڻ نه ڏنو ۽ واپس ڪئڊٽ ڪاليج وٺي آيو. سو تڪڙ تڪڙ ۾ ڪجھه ماڻهن سان فقط فوٽو ڪڍرائي سگھيس. بعد ۾ فيسبُڪ تي عبدالوهاب صاحب جا فوٽو ڏسي عبدالوهاب کي فون ڪيم ته مهمانن ۾ هڪ توهان به لڳائو ٿَي. هن جي ها ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته اهو ماڻهو، جنهن جو سالن کان آئون فون تي مٿو کائيندو اچان، ان سان هڪ دفعو ملاقات ٿي، پر آئون چڱي طرح ڳالهائي به نه سگھيس.
عبدالوهاب کان آئون گھڻي ڀاڱي اهي سوال پڇندو آهيان، جيڪي ’اسلام‘ بابت هوندا آهن. ماشاءَالله، آئون اهو ئي چوندس ته هن جو تمام گھڻو مطالعو آهي ۽ هن جو يادگيرو به سٺو آهي. منهنجي هر سوال جو جواب هُو نه فقط ان ئي وقت ڏيندو آهي، پر اهڙي ته سٺي نموني سان سمجھائيندو آهي جو مون کي يورپ جا نو مسلم گورا ياد اچي ويندا آهن، جن کان سچ ته مالمو (سئيڊن)، ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ۽ بودو (ناروي) جهڙن شهرن جي مسجدن ۾ واعظ ٻڌي اسان جهڙن جاهلن کي دين جي ڄاڻ ٿي. نه ته اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته اسان جي ڳوٺن ۾ نه اهڙا مدرسا هئا ۽ نه وري ڪي عالمِ دين، جيڪي اڄ ڪلهه جتي ڪٿي عام ٿي پيا آهن.
عبدالوهاب، پروفيشن جي لحاظ کان جيتوڻيڪ انجنيئر آهي، پر ادب ۽ مذهب تي هن جو ايڏو ته مطالعو ۽ صحيح سوچ ۽ عقيدو آهي جو هن سان ڳالهائڻ يا بحث ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته قدرت هن کي سمجھائڻ جي صلاحيت ڏني آهي. آئون ته اهو ئي سوچيندو آهيان ته عبدالوهاب صاحب کي ٽيچر ٿيڻ کپندو هو. هُو تازو 60 سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي. هن کي کپي ته هو پاڻ يا لاڙڪاڻي جا ماڻهو هن جا دين تي ليڪچر ٻڌڻ لاءِ هن کي مدعو ڪن. عبدالوهاب صاحب کي معلومات سان گڏ سمجھائڻ جي به ڏات آهي. جن ڳالهين ۾ منهنجو هن سان اختلاف ٿي پوندو آهي يا مون کي سمجھه ۾ نه اينديون آهن ته هُو ڏاڍي آرام سان يعني ٿڌي طبيعت سان دليلن ذريعي سمجھائڻ ۽ مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. نه ته اسان وٽ اسان جا استاد يا مولوي صاحب ڪا شئي بار بار پڇڻ تي يا بحث ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا. عبدالوهاب سهتو صاحب کي مون هميشه انگريزيءَ جي ان چوڻيءَ تي عمل ڪندي ڏٺو ته:
‘Don’t raise your voice, improve your reasoning.’
عبدالوهاب جي زندگيءَ ڏي نظر ٿي ڪجي ته هن ٻالڪپڻ کان غربت ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ گذاريو ۽ هر قسم جي تڪليف کي منهن ڏنو. سخت تڪليفن ۾ رهي به هُن تعليم کي جاري رکيو ۽ نه رڳو انجنيئر ٿيو، پر ادب ۾ به تعليم حاصل ڪئي. هُو ادب جي انهن خذمتگذارن مان آهي، جيڪي خاموشيءَ ۾، بنا ڪنهن شوبازيءَ جي ادب جي خذمت ڪندا رهن ٿا. هن مختلف ٻولين ۽ علائقن جي پهاڪن ۽ چوِڻين تي جيڪو هيستائين ڪم ڪيو آهي، ان جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. بقول فقير دلبر علي لغاريءَ جي اسان وٽ جن انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ لکيو آهي، انهن مخلص ماڻهن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو پڻ هڪ آهي. هن سنڌي ادب جي خذمت ڪرڻ کي هڪ اتم عبادت تسليم ڪيو آهي.
عبدالوهاب سڄي زندگي محنت ۽ محنت ڪندو اچي. هن جو ڪنهن وزير، مشير يا امير سان واسطو ناهي، جنهن ذريعي هن سفارش سان ڊگري حاصل ڪئي هجي... نوڪري حاصل ڪئي هجي. ڏٺو وڃي ته هُو هڪ غريب گھر ۾ ڄائو ۽ ٻاروتڻ کان هُو جدوجهد ڪندو اچي. هُو اسان جي ماڻهن لاءِ مثالي ڪردار آهي ۽ نوجوانن لاءِ، خاص ڪري اهي جيڪي خود ترسي (Self Pity) جو شڪار رهن ٿا، انهن لاءِ انسپائريشن ۽ موٽيويشن آهي.
عبدالوهاب، ڪنڊيارو شهر ڀر سان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڄام نورالله ۾ 1959ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد بچل سهتو هو، جنهن کي سڄو ڳوٺ ’بچو فقير‘ سڏيندو هو. پنهنجي والد بابت عبدالوهاب ٻڌائي ٿو ته، ”منهنجو والد هڪ غريب مسڪين، هاري، اڻ پڙهيل ۽ خوددار ماڻهو هو. زمين ڪاهڻ لاءِ به ڪنهن کان منٿ ايلاز ڪري نه وٺندو هو.“
عبدالوهاب کي ننڍي هوندي کان وٺي علم سان گھڻو چاهه هو. پاڻ پهريان پنج درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. انهيءَ دوران ڳوٺ جي مدرسي ۾ به قرآن مجيد ناظره، قرآن جي معنيٰ ۽ ديني مسئلن بابت به ڄاڻ حاصل ڪئي. اهڙي طرح تعليم جاري رکندي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو مان ڇهون ۽ ستون ڪلاس، حيدرآباد نور محمد هاءِ اسڪول مان اٺون ۽ نائون ڪلاس پاس ڪري، وري نواب شاهه ۾ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ۽ انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاهه مان ۽ انجنيئرنگ جا پهريان ٻه سال مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه مان ۽ انجنيئرنگ جا پويان ٻه سال ڄامشورو مان پڙهيائين، جتي آخري سالن ۾ مائٽن جي مالي ڪمزوريءَ سبب سندس ڪلاس ميٽ دوست حفيظ الله صديقيءَ کان خرچ جا پئسا ملڻ پڄاڻان تعليم مڪمل ڪيائين.
1984ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد عبدالوهاب پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر جي حيثيت سان ڪئي. پھرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿيس. هُونءَ ته عبدالوهاب سهتو کي توهان ڪنڊياروي چئي سگھو ٿا، پر 1990ع ڌاري لاڙڪاڻي مان شادي ڪرڻ ۽ اتي رهي پوڻ ڪري هُو لاڙڪاڻوي سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سال 1994ع کان 1996ع تائين هن جي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ رهي ۽ هُو حيدرآباد لڏي ويو، پر پوءِ سال 2000ع ۾ وري لاڙڪاڻي موٽي آيو ۽ اتي پڪيءَ طرح رهائش اختيار ڪيائين.
مشهور پروفيسر ۽ اديب، مٺل جسڪاڻي ٻڌائي ٿو ته، ”انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب لکڻ جي شروعات سائين سکيو خان چنا جي رهبري ۽ رهنمائيءَ ۾ 1978ع کان ڪئي. کيس ’ڪينجھر ادبي ايوارڊ‘ سال 1997ع ۾ مليو.“ عبدالوهاب پاڻ ٻڌايو ته: ”علمي ادبي ماحول، اسان جي ڳوٺ ۾ نه هو. البت نواب شاهه ۾ رهڻ دوران، ٿورو گھڻو ماحول مليو. جنهن ۾ پڙهڻ سان دلچسپي وڌي. پوءِ لکڻ ڏانهن به لاڙو ٿيو. اسان جي خاندان ۾، منهنجي پيءُ جو مامو عالم هو. پير جھنڊي جي مدرسي منجھه پڙهيو هو. ان جو اثر سڄي ڳوٺ تي پيل هو. هُو مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي جي نالي سان مشهور هو. هُو ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ فقه جو ٽيچر رهيو. سال 1946ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس لکيل قرآن مجيد جي پهرين ٻن پارن جو تفسير ’معارف القرآن‘ نالي سان ڇپيل آهي. ’معارف‘ نالي سان نواب شاهه منجھان رسالو به جاري ڪيائين. جنهن جا چوويهه شمارا نڪتا هئا.“ هن وڌيڪ ٻڌايو ته: ”موجوده وقت ۾ لکڻ پڙهڻ جي حساب سان، مٽن مائٽن منجھان، آئون ئي سرگرم آهيان. منهنجو هڪڙو ننڍي هوندي جو ڪلاسي ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھرو، جيڪو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ بيسڪ سائنس جو چيئرمين ھيو ۽ ھاڻي رٽائر آھي، سو پڻ ديني ڪتابن ۽ مقالن جي تاليف ۽ تصنيف ۾ سرگرم آهي.“
عبدالوهاب سهتو صاحب نه فقط هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي پر ان سان گڏ هُو هڪ بهترين محقق پڻ آهي. سندس پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪافي تحقيق ٿيل آهي.
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’هراس‘ جي نالي سان 1989ع ۾ ’مرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو‘ طرفان ڇپيو. ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’جڏهن بُت ئي چوي ڪافر‘ نومبر 1992ع ۾ ’سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو‘ پاران ڇپايو ويو. سندس ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب ’هٿ جي وڍي‘ جنهن کي ’عبدالوهاب ڪنڊياروي اڪيڊمي ڄام نور الله‘ طرفان 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
عبدالوهاب بعد ۾ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ’پهاڪن ۽ چوڻين‘ ڏي ڌيان ڏنو. بقول هن جي اهي سچ ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهن. ڪهاڻي لکڻ تي وڏي مغزماري ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڪوڙي پلاٽ کي اهڙو بڻائڻو پوي ٿو، جو سچ جو گمان ٿئي. هُونءَ به پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسيون اسان جي لوڪ ادب جي اهم صنف ۾ شامل آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (ڪهاڻين کان سواءِ):
1. ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا
2. ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج
3. موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون
4. اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون
5. گل شڪر (نئين سر لکيل)
6. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون.
7. ڳوٺاڻو ڳُڙ (نئين سر لکيل)
8. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون.
9. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون.
10. چونڊ سنڌي چوڻيون (ترتيب ۽ تدوين)
11. پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون (ترتيب)
12. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون.
13. گھاگهر منجھه ساگر.
14. پهاڪن جي پاٻوهه (سنوار سڌار)
15. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو.
16. نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون
وغيره، شامل آهن.
پهاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
1. چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون (ڇپائيءَ هيٺ)
2. تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پهاڪا (ڇپائيءَ هيٺ)
3. پهاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون (ڇپائيءَ هيٺ)
آئون نٿو سمجھان ته سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسين تي جيترو ڪم سائين عبدالوهاب سهتي ڪيو آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪيو هجي. سندس لکڻيون ڄاڻ جي کاڻ آهن. ان کان سواءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتي تمام بهترين نقاد ’پروفيسر نذير احمد سومري‘ جي تنقيد ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ’تنقيدون ۽ تجزيا‘ ۽ ٻيو ڪتاب ’موهيو مون کي جن‘ جيڪو شخصيتن ۽ خاڪن تي مشتمل آهي، انهن ٻنهي ڪتابن کي ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي. اهي ٻئي ڪتاب پروفيسر نذير احمد سومري جي وفات کان پوءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب سمورو مواد سهيڙي ڇپرايا.
هتي اهو به لکندو هلان ته سائين عبدالوهاب صاحب 1993ع ۾ ايم اي (سنڌي) شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هن کي ته پهاڪن ۽ چوڻين جهڙي سبجيڪٽ تي Ph.D ڪرڻ کَتِي ٿي... ۽ مون کي اسان جي يار پروفيسر ۽ شاعر ادل سومري ٻڌايو ته هن جي سرپرستيءَ ۾ عبدالوهاب صاحب پي.اڇ.ڊي جو پروگرام به ٺاهيو هو، پر پوءِ نوڪريءَ جي بدليءَ ۽ مشغولين جي ڪري هن اهو پروگرام ڇڏي ڏنو.
عبدالوهاب کي ماشاءَالله پنج ٻار آهن. وڏي پٽ عبدالمهيمن BE (سول) ڪرڻ کان پوءِ ايم اِي (اسٽرڪچر انجنيئرنگ) ۾ ڪئي ۽ هاڻ سِول ايوي ايشن کاتي جي انجنيئرنگ ۾ ايگزيڪيوٽو گروپ ون ۾ سرڪاري ملازم آهي. ٻئي نمبر تي نياڻي ميمونا آهي، جنهن MBA ڪئي آهي ۽ FBR انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسرياڻي آهي. ٽيون ٻار عبدالمنعم، بي اي (سول انجنيئرنگ) بعد، جيوٽيڪنڪس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ جيڪب آباد ۾ نوڪري اٿس. چوٿون ٻار عبدالمومن، اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ پڙهي رهيو آهي. عبدالمنتقم، سڀني کان ننڍو آهي ۽ پرائمري تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
عبدالوهاب صاحب سان جيڪي مليا هوندا، اهي اهو ئي چوندا ته سهتو صاحب جو اخلاق، انڪساري، ڪشاده دلي ۽ هر آئي جو احترام ۽ خلوص سان آڌرڀاءُ ڪرڻ، سندس اهڙا گڻ آهن، جيڪي تمام گھٽ ماڻهن ۾ نظر ايندا. رب سائين کيس اڃا به زورِ قلم گھڻو عطا ڪري، جيئن پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ اڃا به گھڻو ڪجھه ملي سگھي.
”منهنجي پڙهندڙن لاءِ اوهان طرفان ڪو پيغام؟“ مون کانئس پڇيو.
”محنت ۾ عار نه سمجھڻ گھرجي. جيڪو به ڪم ڪجي سچيتائيءَ سان ڪجي. منجھس ڪو به جھول نه ڇڏجي. هر ڪم دل ۽ جان سان، بنا ڪنهن ناغي يا ڪوتاهيءَ / ڪاهليءَ جي ڪجي.“

الطاف شيخ
0300-9241666
ڪراچي
2 جُولاءِ 2021

مهاڳ: مون ڪڏهن سوچيو نه هو

عمرِ عزيز پنهنجي پُڄاڻيءَ طرف وڃي رهي آهي. ان ڳالهه چوڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي ته ٽپهري ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي شام جا پاڇا گهرا ٿي رهيا آهن.
حياتيءَ جي انهن ٽنهي پهرن ۾ ڌڻيءَ، ڪتابن جي ساٿ جي عنايت ڪئي آهي. ياد اچيم ٿو ته شايد پهرين پنجن ورهين کان قبلا والد صاحب جي ڇڏيل لائبريري ۽ پنهنجي محترم ڀائرن پاران خريد ٿي ايندڙ ڪتابن، ساٿ جي جيڪا نسبت رکي سا هن گهڙيءَ تائين قائم آهي. ڪا وڏي دعويٰ نٿو ڪريان پر ڌڻيءَ جي مهر مڃيندي، اهو ضرور چوڻ گهرندس ته هي پنجونجاهه سال گهٽ ۾ گهٽ پڙهڻ جي معاملي ۾ چوکا ٿيندا رهيا آهن. هاڻي ويَل وقت تي نگاهه وجھجي ٿي ته ليکڪن جو هڪ وڏو انگُ اهڙو به رهيو، جيڪو سامهون ايندو رهيو ۽ سُتت ئي موڪلائي ويو. ڪي هن سفر کي اڳتي کڻي آيا پر موڪلائي ويا. کين لاڳيتو پڙهندي، لکڻ جي نازڪي سمجهه ۾ ايندي رهي. اتي ائين به ٿيو ته ڪي مهربان قلم سان محبت ۾ ائين سرموڙ رهيا آهن، جو دعا آهي ته پروردگار کين حياتي ڏئي، محتاجي کان بچائي، هُو لکندا رهن ۽ اسين پڙهندا رهون.
ادا الطاف شيخ کي پڙهڻ جي نسبت شروع کان ئي رهي آهي، وري دعويٰ جو لفظ استعمال ڪندي، اهو چوڻ چاهيان ٿو ته شايد ئي ڪو سفرنامو هجي، جيڪو هن فقير نه پڙهيو هجي، هڪڙي ڀيري هُنن بي انتها چاهه مان پنهنجا 31 سفرناما منهنجي ذاتي لائبريريءَ لاءِ تحفتن موڪليا هئا. هڪ سيلاني انجنيئر جيڪو جتي جهاز جي ڪَلَ پُرزن کي ڄاڻي ٿو، اُتي انساني محبت، سلوڪ ۽ انسانيت بابت سوچ جي ننڍن ننڍن پُرزن کي پنهنجي خيال جي پانن سان ڄڻ ته ٿانيئڪو ڪندو رهي ٿو. جيتوڻيڪ سندس شروعاتي سفرنامن کي پڙهندي، ائين لڳي ٿو ته هُو ان شغل کي اختيار ڪرڻ گهري ٿو. ڄاڻ به ڏيڻ گهري ٿو، پر لکڻ ڄڻ ته سندس عادت بڻجندو ٿو وڃي، پر اتي، حُجت سان هٿ ٻَڌندي اهو عرض ڪرڻ چاهيان ٿو ته الاءِ ڇو مون کي ائين لڳو ته تقريبن پنجاهه سفرنامن لکڻ کان پوءِ سندس لکڻ جو انداز ڄڻ مَٽجي ويو هجي. بلڪل ائين جيئن هڪ ماهر بئٽسمين ففٽي هڻڻ کان پوءِ سئنچريءَ ڏانهن سفر ڪندي وڌيڪ پُراعتماد هوندو آهي.
ادا الطاف شيخ کي لاڳيتو پڙهندي، مون ڪڏهن به اهو ڪونه سوچيو هيو ته حياتي ڪڏهن ڪو اهڙو موقعو ڏيندي، جو مان هن سدابهار اهم ليکڪ جي ڪنهن ڪتاب تي لکڻ جي سعادت ماڻي سگهندس. مون کي ذاتي طور پنهنجو قد اهڙو لڳي ئي نٿو جو مان ادا الطاف شيخ جي ڪتاب تي مُهاڳ لکان، پر اهو سندن حڪم آهي ۽ هڪ جونيئر جي حيثيت سان مان سمجهان ٿو ته ان حڪم جي پوئواري ڪرڻ منهنجو فرض آهي.
ادا الطاف جي تحرير ۾ ٽي اسم بيحد واضح آهن:
1. سندس لکڻي بيحد سليس آهي، سوَلي آهي، سادي آهي ۽ هر پڙهندڙ سندس سوچ کي آرام سان پڙهي سگهي ٿو.
2. سندس موضوع عوامي آهن، هُو جتي به وڃي ٿو، اُتي اهڙيون شيون ڳولي لهي ٿو، جيڪي ٻين جي حساب سان به ٺهڪندڙ هجن، مثال طور يورپ ۾ رهندي، رڳو يورپين مثال ڪونهن بلڪِ ائين به آهي ته انهن مثالن کي اسان جي مثالن سان سلهاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
3. لاڳيتي لکڻ جي ڪري قدرت کيس بي انتها ڄاڻ سان نوازيو آهي. هُو جيڪو موضوع کڻي ٿو، ان جي لاڳاپيل گهرائيءَ تائين پهچڻ جي مڪمل ڪوشش ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن هڪ سٽنگ ۾ سندس لکيل باب پڙهيو وڃي ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن تَهُه هٿ نه به اچي ته به ان جي ويجهو تائين رسائي ته ٿي وڃي ٿي.
’امرتا‘ جي پاران ’زنجبار جهنگٻار‘ پيش ڪرڻ جو حَسين موقعو مليو ته وري وري پڙهندي ڄڻ ته عجيب دنيائون سامهون اينديون ويون. هر ذڪر پنهنجي جاءِ تي مڪمل لڳو ۽ هاڻي هن مسودي ۾ به ڄڻ ته اها ساڳي ڪنٽينيوٽي آهي. ادا الطاف جتي سفر ڪرائي ٿو، اُتي وٽس نئين نسل لاءِ نصيحت به جام آهي، جيڪا پڙهندڙ لاءِ لاڀائتي حيثيت رکي ٿي.
هڪ سينئر ليکڪ هئڻ جي حيثيت سان قدرت کيس ائين به نوازيو آهي، جو هُو پنهنجن جونيئرس سان بيحد پيار ڪري ٿو، سندن هٿُ جهلي کين اڳتي اچڻ جي همٿ ڏياري ٿو ۽ هڪ هڪ نُقطي کي واضح ڪري ٿو ته جيئن اڳيان زندگيءَ ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو هر موقعو سوَلو بڻجي وڃي.
ادا الطاف شيخ وٽ هڪ سرهائي اها به آهي ته کيس موضوعن جي نالن رکڻ جو وڏو ڏانءُ آهي. سندس ڪوبه ڪتاب کڻو، فهرست تي نگاهه وجهو، عنوانن جي ڇِڪَ اوهان کي پاڻ ئي محسوس ٿيندي.
عرض ڪري چڪو آهيان ته مون ڪڏهن سوچيو نه هو ته پنهنجي هن دؤر جي يگاني ليکڪ جي ڪنهن ڪتاب جي مُهاڙ ۾ منهنجو نالو به شامل هوندو. مان ادا الطاف شيخ جو ازحد شاڪر آهيان جو هُن مون کي ان لائق سمجهيو آهي. مون آڳ نه لاٿي آهي، باقي اهو ضرور سمجهان ٿو ته هي صاحبِ ادب پنهنجي پورهئي ۾ ايترا ته پخته ڪار هوندا آهن، جو اسان جهڙو سيکڙاٽ، عزت احترا۾ ۾ سلام ڪري رخصت وٺي ته آبرو وڌي وڃي ٿي.
ڪريم رب کين دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخني صرف پنهنجو محتاج رکي. هڪ ڏينهن انشاءَالله سندن سنڌي سفرنامن ۾ به سئنچري ٿيندي، جيتوڻيڪ سنڌي اردو ملائي هڪ سئو ڏهن کان مٿي حسين سفرناما اسان تائين پهچي چڪا آهن. اهڙا سفرناما، جن ۾ ادا الطاف جي تحرير جي سونهن ته موجود ئي آهي، پر گڏوگڏ اسان جهڙن کي به ڪٿي نه ڪٿي موقعو مليو آهي، جنهن جو سچ پچ ته اندازو به نٿو ٿي سگهي.
’امرتا‘ کي پنهنجي هيءَ پيشڪش به مبارڪ هجي.

محمود مغل
24 جولاءِ 2021ع
امرتا ڇاپ گهر
1- باسم چيمبر،
گاڏي کاتو حيدرآباد

پيش لفظ: الطاف شيخ جا سفرناما يا ڏيهه پرڏيهه جي تاريخ

سفرنامن جي تاريخ ۾ وڏو نالو ابن بطوطه جو آهي، جنهن ھڪڙو سفرنامو لکيو پر ان سفرنامي سان گڏ مختلف ملڪن جي تاريخ قلمبند ٿي وئي. ابن بطوطه مراڪش ۾ پيدا ٿيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم پرائڻ بعد سياحت تي نڪري ويو. هو عربستان، ترڪي، شام، ايران، فلسطين، افريقه، افغانستان، روس، چين ۽ هندستان مان ٿيندو سنڌ کان واپس وريو. هن 75 هزار ميل سفر ڪري پنهنجو سفرنامو “عجائب السفارتي غرائب الديار” لکيو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل تاريخ کي ابن بطوطه جي سفرنامي کان کنيو ويو.
سنڌ جو ابن بطوطه، الطاف شيخ جو لقب آهي، جنهن سڄي دنيا جو سفر ڪري سنڌي ٻوليءَ کي هر ملڪ جي تهذيب، تمدن، ماحول، موسم ۽ ماڻهن جي مزاج کان واقف ڪرايو.
سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب: “اسان کي جنهن شاگرد کي ادب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻي هوندي آهي، ان کي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهائي مطالعي جو شوق ڏياريندا آهيون.”
الطاف شيخ سئو کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سفرناما لکيا آهن. هي اسان جي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو سفرنامن جو ليکڪ آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو سفرنامن جو ليکڪ هجي. سنڌي ادب جو اهو اعزاز آهي ته الطاف شيخ هن ادبي صنف کي هٿي وٺرائي نه ته اسان وٽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما ملن ها.
الطاف شيخ اصل هالا جو ويٺل آهي، هو 1944ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان پرائڻ بعد انٽرميڊيٽ ڪيڊٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مئرين انجينئرنگ چٽگانگ مان ڪيائين، جڏهن ته ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي، مالمو سئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين.
الطاف شيخ سفرناما لکڻ جو سلسلو 1968ع کان شروع ڪيو. سندس پهريون سفرنامو“منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان آيو، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيل سفرنامو آهي. الطاف شيخ جو هي سفر يوگوسلاويا ويندي لکيو هو. هي سفرنامو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1969ع ۾ ڇپايو ويو. “بندر بازاريون” 1974ع ۾ سفرنامو ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت آهي. “جاني ته جهاز ۾” 1972ع جي شروعاتي سفرن تي لکيل آهي. “پيار جي گهُٽ” آفريقه ڏانهن ڪيل سفر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ 1971ع ۾ ڪتاب آيو. “وايون وڻجارن جون” 1970ع کان 1973ع تائين چين ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو آهي. نيو هالا کان نيويارڪ، ۽ ڳوٺ بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور ... سندس آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ويسٽ انڊيز جي سياحت تي ٻڌل سفرنامو آهي، جيڪو هن 1968ع کان 1972ع تائين لکيو. “بندر ديسان ديس” الطاف شيخ جي ابتدائي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو سفرنامو آهي. سي ئي جوڀن ڏينهن الطاف شيخ جو 1977ع ۾ سريلنڪا بابت لکيل سفرنامو آهي. جت جر وهي ٿو جال، ملائشيا 12 سال بعد، مونکي موهيو ملائيشيا، ملائيشيا منهنجي من ۾، مڪليءَ کان ملاڪا، هليو آ، هليو آ ملائيشيا وغيره سڀ ملائشيا جا سفرناما آهن. ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه به ملائشيا جوسفر نامو آهي.“نه سي سڙهه سکاڻ” هندستان ۽ روس جو سفرنامو آهي.ڇاجو ديس ڇاجو وديس مختلف ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. ڏيهه پرڏيهه جو سفر ڊينمارڪ جو سفرنامو آهي. “وسي ٿو وڏڦڙو” مختلف مضمونن ۽ سفرنامن جو ڪتاب آهي. “هي ٻيٽ هي ڪنارا، دنيا جي ڏهن وڏن ٻيٽن بابت لکيل آهي جيڪي ڪئناڊا، انڊونيشيا ۽ جپان وغيره جا آهن. “اوهريا جي عميق ڏي” سنگاپور، ملائشيا، بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ جي سفر بابت ڪتاب آهي. هلي ڏسجي هندستان، بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، واٽ ويندي، بنارس کان برمودا، ۽ دهلي جو درشن ... انڊيا جا سفرناما آهن. ايران ڏي اڏام ... ايران جو سفر آهي؛ هليو آ هليو آ ملائشيا، ملائشيا جو، ممباسا شيدي باڇا همباشا ۽ زنجبار جهنگٻار ... آفريڪا جو سفرنامو آهي، “بخشو لغاري کان بالٽيمور ۽ نيو هالا کان نيويارڪ ... آمريڪا جو، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، ٿائيلينڊ جو، اي روڊ ٽو مدينه ۽ ڀلي پار تان ڀيرو ... سعودي عرب جا،سنگاپور ويندي ويندي، آل ابائوٽ سنگاپور۽ سنگاپور ٿو سڏ ڪري ... سنگاپور جا، “ڪويت ڪنارا” ڪويت جو، جپان جن جيءَ ۾ ، ڳالهيون تنهن جپان جون، جپان رس، جپان 25 ورهين بعد، ٽوڪيو جي گيشيا گرل، ڳوٺ جروار کان جپان، جل پريءَ جي اڳڪٿي، جپان جپان آهي، جي وڃين تون جپان ... جپان جا، ڪراچي کان ڪوپن هيگن، ملير کان مالمو، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، جت برف پوي ٿي جام، يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون ... اسڪئنڊيوين ملڪن جا، “ارائونڊ دي ورلڊ” مختلف ملڪن بابت سفرناما آهن.
مٿين سفرنامن مان ڪيترائي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن جيڪي “ايران ڪي دن” ، ڪراچي سي ڪوپن هيگن”، “ملائشيا ڪي دن” ۽ “سمندر ڪي دن” وغيره شامل آهن.
الطاف شيخ سفرنامن کان علاوه اخبار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن لکڻ جي شروعات به ترجمن سان ڪئي هئي. سنڌي ادب ۾ تحريري چاشني جو مزو الطاف شيخ جي سفرنامن مان ملي ٿو. هن جا سفرناما فقط گهمڻ ڦرڻ جو تذڪرو ئي ناهن پر انهن هنڌن جي ڪهاڻي به آهن. الطاف شيخ سڄي دنيا ۾ جتي به ويو آهي اتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي. هو سنڌ جو سچو سيلاني آهي. پرڏيهه ويندڙ سنڌي سندس سفرنامن مان ڄاڻ ۽ رهنمائي وٺندا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کي فقط گھمڻ ڦرڻ وارا لمحا قلمبند ڪرڻ نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ سفرنامي لاءِ نئين ڄاڻ، انھيءَ ھنڌ جي تاريخ سان گڏ ان جي شھرت، تھذيب ۽ ماڻھن جي معلومات پڻ ملي ٿي. ڪيترائي اھڙا ملڪ ۽ شھر آھن جيڪي عام ماڻهو گھمي ڦري اچن ٿا. ڪي اديب سفرناما به لکي اچن ٿا پر قومن جي رھڻي ڪھڻي کان وٺي انھن جون ريتون رسمون صرف الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب جي اھا خوش قسمتي آهي، جنھن کي الطاف شيخ جھڙو اديب مليو. جيڪڏهن الطاف شيخ انگريزي يا اردو ٻولين ۾ سفرناما لکي ھا ته ھو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺي ھا، پر هن پنھنجون خدمتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪري، اسان جي ادب کي سفرنامي جي صنف سان مالدار بڻايو.

طارق عزيز شيخ
جنوري 2021ع - ڪراچي
03213785928

ڳالهه مان ڳالهه

---

سنڌي انجنيئر ڇوڪري اسرا عباسي ملائيشيا ۾...

ملائيشيا ۾ منهنجا سڀ کان گهڻا شاگرد پيٽروناس ۾ ڪم ڪن ٿا. ظاهر آهي هن تيل ۽ گئس جي ڪمپني پيٽروناسPETRONAS, ( Petroliam Nasional Berhad) وٽ سوا سئو کن جهاز آهن، اُهي به اسان جهڙا عام ٽيهه چاليهه هزار ٽنن وارا نه پر هڪ لک کان وڌيڪ ٽنن وارا... سي به تيل کڻندڙ ٽئنڪر، ڪيميڪل ٽئنڪر ۽ گئس کڻندڙ LNG Carriers جن جي نه فقط قيمت وڏي ٿئي ٿي، پر ان تي ڪم ڪندڙن يعني هلائيندڙ نيويگيٽرن کان مئرين انجنيئرن تائين جا پگهار عام جهازن جي پگهارن کان ٻيڻا ٿين ٿا، جو انهن کي هي جهاز هلائڻ ۾ بيحد خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. معمولي غلطي سڄي جهاز کي تباهه ڪري رکي ٿي ۽ هنن گئس، تيل ۽ ڪيميڪل کڻڻ وارن جهازن کي ٺاهڻ وارا به وڏو خرچ ڪري، ان کي باحفاظت بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪن ٿا. ان ڪري هي جهاز مالڪن کي تمام مهانگا پون ٿا، پر پوءِ انهن مان ڪمائي به ان حساب سان آهي. اسان لاءِ ٽي. ايس. ڀنڀور جهڙي هڪڙي سيڪنڊ هئنڊ آئل ٽئنڪر به رت ٿي رئاڙيو، پر سائين ملائيشيا جي هن سرڪاري ڪمپني ’پيٽروناس‘ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جيڪا وڃي پئي امير کان امير ترين ٿيندي. منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ ملائيشيا جي ماڻهن کي شاباش ڏجي، جيڪي هڪ سرڪاري اداري کي به ڪيڏي محنت ۽ ايمانداريءَ سان هلائي رهيا آهن. اسان جهڙن ماڻهن لاءِ واقعي حيرت جي ڳالهه آهي، جن پنهنجي ملڪ ۾ سرڪاري شين کي فقط تباهه ٿيندي ڏٺو، پوءِ اها چاهي PIA هجي يا اسٽيل مل.
ملائيشيا وارن جيئن ئي جهازران ڪمپني شروع ڪئي ته هنن پنهنجي نوجوانن جي تعليم ۽ سکيا لاءِ ملاڪا شهر ۾ ’مئرين اڪيڊمي‘ کولي ۽ پڙهائڻ لاءِ مختلف ملڪن جي جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن گهرايا. آئون انهن شروعاتي ماسترن مان هوس، جن اچي هي ڪم شروع ڪيو ۽ سڀ کان وڏو عرصو رهيس. اٽڪل ڏهه سال کن. ايتري قدر جو شروعاتي بئچن جي ڪئڊٽن مان ڪجهه، ڇهه ست سال بعد ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿيڻ تي اچي هن اڪيدمي ۾ پڙهائڻ جي نوڪري ڪئي. ڪن جي جهاز هلائڻ کان دل ڀرجڻ تي هنن پنهنجي ڪمپني پيٽروناس جي آفيس ۾ جاب ڪيو. بهرحال هن وقت جهازن تي توڙي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي جهازران آفيسن ۾ جيڪي مٿانهن عهدن تي آهن، انهن مان وڏو حصو منهنجي شاگردن جو آهي. جن سان اڪثر پيٽروناس جي اتاهين عمارت Twin Towers گهمڻ مهل سلام دعا ٿي ويندي آهي.
گذريل دفعي هڪ چيني چيف انجنيئر سان ملڻ ويس ته هُو ڪجهه تازن گريجوئيٽ انجنيئرن سان گڏ ڪانفرنس روم ۾ چانهه پي رهيو هو. آئون به اتي ئي پهتس ۽ چانهه دوران هي نوان انجينئر جن ۾ ڪجهه اليڪٽرانڪ انجينئر هئا ته ڪجهه مڪينيڪل انجينئر، مون سان به ملئي ۽ انگريزيءَ ۾ خبرون ڪندا رهيا. خاص ڪري آف شور آئل ڊرلنگ تي ڪم بابت. ڇو جو هنن سمنڊ ۾ موجود آئل فيلڊن تي ڪم ڪيو ٿي ۽ کين اهو ڪم ڪندي هڪ سال ٿي ويو هو. ملائيشيا جا ٻه حصا ويسٽ ملائيشيا ۽ ايسٽ ملائيشيا ايئن آهن، جيئن اسان وٽ پهرين ويسٽ پاڪستان ۽ ايسٽ پاڪستان هو، پر اسان جي وچ ۾ انڊيا جو ملڪ هو پر هنن جي وچ ۾ سائوٿ چائنا سي (سمنڊ) آهي. ايسٽ ملائيشيا پاسي ته شروع کان تيل جي ڳولا ٿي چڪي هئي پر ويسٽ ملائيشيا پاسي به ترنگانو رياست کي ڇهندڙ سمنڊ مان تيل نڪرڻ شروع ٿي ويو آهي. سمنڊ مان نڪرندڙ تيل جي کوٽائي ۽ تيل ڪڍڻ جو ڪم ڪو سولو ناهي. نوڪري ڪرڻ واري انجنيئر کان وٺي نوڪر چاڪر کي شهر جي زندگيءَ کان ڪٽيل رهڻو پوي ٿو. هڪ ته ٻيڙيءَ رستي کوٽائيءَ واري هنڌ تي پهچڻ ۾ ئي حالت خراب ٿيو وڃي، جو سمنڊ هميشه ڪو ماٺو نٿو رهي ۽ ٻيڙي يا لانچ ۾ سفر واري کي ته تمام گهڻو ٿو ولوڙي. تمام گهڻي رف سي ۾ ڪمپنيءَ وارا هيليڪاپٽر جو به بندوبست ڪن ٿا، پر ڪيترن هنڌن تي هيلي پئڊ نه هجڻ ڪري رسن ذريعي هيليڪاپٽر مان لهڻو ۽ چڙهڻو پوي ٿو.
بهرحال آئون هنن نوجوانن سان ڪجهه دير ڳالهيون ڪندو رهيس جن ۾ ڪي فقط BE هئا ته ڪجهه ME به. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته هنن نوجوان ڇوڪرن ۾ هڪ ڇوڪري به هئي. پنهنجي چيني چيف انجينئر شاگرد کي چيم ته هُونءَ اهڙا ڏکيا ڪم فقط چيني ڇوڪريون ڪنديون هيون، پر هاڻ ملئي ڇوڪريون به همٿ ڪن پيون.
”مون کي ٻڌائڻ وسري ويو ته توهان جي به ڇوڪري آهي.“ چيني چيف انجنيئر چيو.
عام طرح جڏهن ڪو چيني اهڙو جملو چوندو آهي ته اسان اهو ئي سمجهندا آهيون ته هن جو مطلب ملئي ماڻهن سان آهي يعني اسان جي مسلمانن سان آهي، پر جي ڪو ملئي ماڻهو اسان کي چوي ٿو ته هي توهان جو ماڻهو آهي معنيٰ اهو ملائيشيا جو رهاڪو انڊين مسلمان آهي. سو مون به اهو ئي سمجهيو ته هيءَ ڇوڪري ملئي آهي يا هتي جي رهاڪو تامل مسلمان، جيڪي جيتوڻيڪ ملئي ڊريس (باجو ڪرونگ) اوڍين ٿيون ۽ مٿي کي ڍڪڻ لاءِ حجاب (تَودونگ) ويڙهين ۽ ملئي زبان ڳالهائين، پر اهي ’ماماڪ‘ سڏجن. ماماڪ جيتوڻيڪ عزت جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’مامو‘ آهي. (ماماڪ ملئي لفظ ۾ آخري ’ڪ‘ جو اُچار خاموش ٿئي ٿو).
هيءَ ڇوڪري جيڪا ملئي ڊريس ۾ هئي ۽ ٻين وانگر سٺي ملئي ڳالهائي رهي هئي، اها بعد ۾ مون سان آفيس ۾ ملڻ آئي ته منهنجي چيني شاگرد هن لاءِ چيو ته Dia bersal dari Karachi Bandar anda (هيءَ آفيسرياڻي توهان جي شهر ڪراچيءَ جي آهي).
”سر آئون ڪراچيءَ جي نه پر لاڙڪاڻي جي آهيان.“ هن ڇوڪريءَ سنڌيءَ ۾ وراڻيو.
”ڀلي کڻي ڪراچي يا لاهور جي هجو. بنا شڪ جي اها وڏي ڳالهه آهي جو تون ڇوڪري ٿي، آف شور ڊرلنگ (سمنڊ تي تيل جي کوٽائي) جو ڪم ڪرين ٿي. لڳي ٿو تو ڪنهن خاص سبجيڪٽ ۾ نه فقط انجنيئرنگ ڊگري حاصل ڪئي آهي، پر ان سبجيڪٽ جي سٺي ڄاڻ به اٿئي، تڏهن ته توهان کي پيٽروناس وارن نوڪري ڏني آهي.“
”مون انسٽرومينٽيشن انجنيئرنگ ۾ ME ڪئي آهي.“ هن ٻُڌايو.
”زبردست“ مون شاباش ڏيندي چيومانس، ”دراصل آئون به شاگردن کي اها ئي صلاح ڏيندو رهان ٿو ته انجنيئرنگ جي اهڙي برانچ کڻو، جنهن جي ڊمانڊ هجي پوءِ ڀلي اها ڏکي هجي. ڏکي هوندي ته ان ۾ گهٽ ۽ فقط اهي شاگرد ايندا جيڪي محنتي هوندا.“
”سر توهان جي اچڻ جو ٻڌي خوشي ٿي، توهان کان پاڻ ڪجهه ضروري ڳالهيون پڇڻيون اٿم.“ هن چيو.
”ڀلي. بس اڌ ڪلاڪ ڏي ته آئون هتي پنهنجن چند ملاڪا مئرين اڪيڊمي جي پراڻن شاگردن سان ملي تو سان ڪئنٽين ۾ ٿو اچي ڳالهايان.“ مون هن کي چيو.
مون کي چاليهه سال اڳ جو زمانو ياد آهي، جڏهن اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جاپان کي پهريون آٽوميٽڪ جهاز ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو، جنهن کي هلائڻ لاءِ مون کي چونڊيو ۽ آئون جهاز جي ڊليوري ملڻ کان ٻه مهينا اڳ ٽوڪيو پهچي ويس. ٽوڪيو شپ يارڊ وارن مون کي آٽوميشن جو ڪورس ڪرائڻ لاءِ اوساڪا موڪليو، جتي هنن مون کي آٽوميشن سان گڏ انسٽرومينٽيشن پڙهڻ تي به زور ڀريو. هنن ٻڌايو ته آٽوميشن لاءِ Instrumentation پڻ لازمي آهي. سچ اهو آهي ته اهو سبجيڪٽ اڄ به ايترو ئي اهم آهي ۽ جتي اسان جا ماڻهو واپڊا، اريگيشن، بلڊنگس ۽ روڊس جهڙن کاتن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ رڳو سول، مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ پويان چريا آهن، اتي ڪي اهڙا به محنتي آهن جيڪي نت نوَن سبجيڪٽن ۾ انجنيئرنگ ڪري رهيا آهن جن جي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڊمانڊ آهي... نوڪري ڪجهه آسانيءَ سان مليو وڃي، پگهار به سٺي ملي ٿي. منهنجي هن ME انجنيئر سنڌي ڇوڪريءَ سان بعد ۾ ڪئنٽين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻڌايو ته هن جو نالو ’اسرا عباسي‘ نالو آهي ۽ لاڙڪاڻي جي ’قمرالدين عباسي صاحب‘ جي نياڻي آهي.
”توهان BE ڪٿان ڪئي؟ ڄامشوري مان يا نوابشاهه مان؟“ مون پڇيو.
”اها به مون هتان ملائيشيا جي يو ٽي پي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.“ اسرا ٻڌايو ته هن مئٽرڪ لاڙڪاڻي جي شمس اسڪول مان ۽ انٽر سائنس زيبسٽ ڪاليج مان ڪرڻ بعد B.E لاءِ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ضرور ورتي، جتي هن پهريون سيمسٽر به مڪمل ڪيو. ان دوران هن کي ملائيشيا جي حڪومت طرفان ملائيشيا جي ’يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس‘ ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي وئي.
”اها ڀلا ڪيئن ملي؟“ مون پڇيو.
”دراصل انهن ڏينهن ۾ پيٽروناس وارن جو اسان جي ملڪ ۾ ڪاروبار شروع ٿيو هو، جيڪو پوءِ ڪجهه سالن بعد بند ٿي ويو. هُو پنج سال کن هتي هئا ته هر سال گهوٽڪي، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ضلعن مان پنج شاگردن کي اسڪالر ڏيندا هئا. منهنجي بئچ آخري هئي، جنهن ۾ آئون اڪيلي ڇوڪري هيس. مون هن اسڪالر لاءِ انٽر پاس ڪرڻ بعد يڪدم Apply ڪري ڇڏيو پر پوءِ جيسين رزلٽ اچي آئون مهراڻ ۾ پڙهندي رهيس.“
اسرا عباسيءَ ٻڌايو ته اسڪالر جو اعلان ٿيڻ تي پيٽروناس وارن پنجن ئي شاگردن کي پنهنجي اسلام آباد واري هيڊ آفيس ۾ گهرايو. ”ضروري ڳالهيون سمجهائي، ٻئي ڏينهن ڪوالالمپور موڪليو، جتان باءِ ٽرين اسان ’اپوح‘ شهر پهتاسين.“
جيئن ته مٿي لکي چڪو آهيان ته پيٽروناس ملائيشيا جي امير ترين ڪمپني آهي، جيڪا ملڪ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جو ڪاروبار ڪري ٿي. تيل جي ڳولا لاءِ نوان نوان کوهه کوٽرائيندي رهي ٿي. زمين مان نڪرندڙ تيل کي ريفائينرين ذريعي مختلف ٻارڻ ۽ چڪنائي جا تيل: ڊيزل آئل، گاسليٽ، پيٽرول ۽ گئسون ٺاهي، دنيا جي ملڪن ڏي پنهنجن جهازن ذريعي موڪلي ٿي. ايتري قدر جو پيٽروناس 1997ع ۾ پيراق رياست ۾ اپوح ريلوي اسٽيشن جي ويجهو ’نرو نوح‘ ۽ ’سري سڪندر‘ ڳوٺ وٽ 990 ايڪڙن تي ’يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس‘ (UTP) نالي پنهنجي خرچ تي يونيورسٽي کولي. هن يونيورسٽي ۾ ملائيشيا توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جا تعليم حاصل ڪن ٿا. لاڙڪاڻي جي اسرا عباسيءَ کي به هن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هن سان چونڊيل باقي چئن شاگردن: فواد انصاري، وفا سومرو، نجف حسين ۽ اوساما پڻ مختلف انجينئرنگ سبجيڪٽ ۾ پنجن سالن ۾ BE ڪئي.
”ان بعد پيٽروناس وارن توهان کي ME (ماسٽرس) ڪرڻ لاءِ اسڪالر ڏني يا پنهنجي خرچ تي پڙهيا آهيو؟“ مون اسرا کان پڇيو.
”نه پيٽروناس وارن وڌيڪ نه پڙهايو. هنن انهن پنجن سالن ۾ به اسان مٿان وڏو خرچ ڪيو. ظاهر آهي. يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ۽ ٽيوشن فيون، ڪتاب، هاسٽل ۾ رهائش، ماني ٽڪي، ان کان علاوه پاڪيٽ مني. وڏو خرچ ايندو هو جيڪو سڀ هُو ڏيندا هئا. BE بعد مون ماسٽرس لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي پر نه ملي، پر مون هر صورت ۾ ماسٽرس ڪرڻ چاهي ٿي، جو ٺلهي BE جي ڇا Value آهي. سو نيٺ پنهنجو بچايل پئسو خرچ ڪري ME لاءِ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتم، پر پهرئين ئي سيمسٽر ۾ هئس ته مون کي ملائيشيا جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان اسڪالر ملي وئي.“ اسرا ٻڌايو.
”ڀلا تو سان گڏ هن يونيورسٽيءَ ۾ ٻيا به پنهنجي ملڪ جا شاگرد هئا؟“ مون پڇيو.
”جي ها. ٻيا به ڪيترائي هئا پر مون واري اسڪالر تي نه هئا. ڪجهه کي مختلف هنڌن تان اسڪالرون مليل هيون، ڪيترا ته پنهنجي خرچ تي پڙهي رهيا هئا. ٻه ته ڇوڪريون به هيون، جيڪي مون وانگر ماسٽرس ڪري رهيون هيون... هڪ دادوءَ جي ’حميرا عباسي‘ هئي ۽ ٻي حيدرآباد جي ’پارس بهراڻي‘ هئي...“
”توکي ماسٽرس ڪرڻ دوران ڪيتري اسڪالر ملي ٿي؟“ مون پڇيو.
”اٽڪل 1500 رنگٽ- چاليهه پنجيتاليهه هزار رپيا ماهوار ملندا هئا ۽ منهنجو سٺو گذارو ٿي ويو ٿي.“ اسرا وراڻيو. جيئن ته اسرا سٺي ملئي ٻولي ڳالهائي رهي هئي سو پڇيومانس ته، هن کي ملئي سکڻ جو ڪيئن شوق ٿيو ۽ ڪڏهن سکي؟
”ملئي مون دراصل دير سان سکي، جڏهن ME ڪري رهي هيس. انهن ڏينهن ۾ منهنجي هڪ ’نور فاتحا‘ نالي ملئي ساهيڙي ٿي وئي. هن جي سنگت ۾ رهي آئون جهٽ ملئي سکي ويس ۽ ملئي اچڻ ڪري منهنجي زندگي آساني سان گذرڻ لڳي.“
”بلڪل ايئن ئي هوندو.“ چيومانس. ”بهتر ته ٿئي ها ته اچڻ سان يڪدم سکي وٺين ها. آئون ته اهو ئي چوندو آهيان ته توهان کي جي تعليم يا نوڪريءَ لاءِ ڪنهن ملڪ ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻو پوي ته يڪدم اتي جي ٻولي سکي وٺڻ کپي.“
اسرا عباسيءَ ٻڌايو ته سندس اها ملئي دوست نور فاتحا اڄ ڪلهه UTP مان Ph.D پئي ڪري.
”مون کي به پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو شوق هو.“ اسرا ٻڌايو، ”پر مون کي جيئن ئي نوڪري ملي ته مون اهو ئي سوچيو ته ٻه ٽي سال نوڪري ڪري آئون ڪجهه پئسو بچايان ۽ پنهنجي فئملي جي مدد ڪريان. خاص ڪري مون کان پوءِ واري ڀيڻ طيبا جي جنهن مهراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرونڪس ۾ B.E ڪئي آهي ۽ هاڻ مون کيس ايسٽ ملائيشيا جي شهر مِري ۾ M.E ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي، جتي آسٽريليا جي مشهور يونيورسٽي ’ڪرٽن يونيورسٽي‘ جي برانچ آهي“
اسرا عباسي پاڻ به گذريل هڪ سال کان ايسٽ ملائيشيا جي بنتولو شهر ۾ نوڪري ڪري رهي آهي، جيڪو مِري ويجهو ’سراواڪ‘ رياست ۾ آهي. اسرا کي M.E ڪرڻ بعد جيئن ئي نوڪري ملي ته هن کي ڪوالالمپور ۾ ٻه مهينا ٽريننگ ڏئي، ترينگانو رياست جي آف شور ڊرلنگس تي موڪليو ويو، جتي سال کن نوڪري ڪرڻ بعد هن کي بنتولو ٽرانسفر ڪيو ويو. هينئر هُوءَ ڇهه ماهي ميٽنگ ۽ سيمينار لاءِ هتي ڪوالالمپور هيڊ آفيس آئي هئي، جيڪا هِن اتاهين عمارت ’پيٽروناس ٽاورس‘ ۾ آهي ۽ جتي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي.
بِنتولو شهر مشرقي ملائيشيا جي رياست سراواڪ جو هڪ سامونڊي ڪناري وارو شهر آهي. مشرقي ملائيشيا جون ٻه رياستون ’سباح‘ ۽ ’سراواڪ‘ بورنيو ٻيٽ تي آهن. انهن رياستن جي وچ ۾ برونائيءَ جو هڪ ننڍڙو پر امير ملڪ پڻ آهي. برونائيءَ بابت تفصيل سان پنهنجي ڪتاب ’برونائيءَ کان برازيل‘ ۾ لکي چڪو آهيان، سباح، سرواڪ ۽ برونائيءَ کان علاوه بورنيو ٻيٽ جو باقي وڏو حصو انڊونيشيا جو آهي، جيڪو ’ڪاليمنتان‘ سڏجي ٿو. ملائيشيا جي هن رياست سراواڪ جو گادي وارو شهر ڪُچنگ آهي. ان کان علاوه سيبو (Sibu) ۽ مِري (Miri) جتي اسرا جي ڀيڻ ’طيبا‘ اليڪٽرونڪ انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪري رهي آهي، پڻ سراواڪ رياست جا وڏا شهر آهن. بنتولو کان مِري اٽڪل 200 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
”توهان کي پڙهائيءَ جو شوق ڪنهن ڏياريو؟ بابا يا امان؟“ مون اسرا کان پڇيو.
”ڏٺو وڃي ته ٻنهي... منهنجي ماءُ امتياز بيگم، راڄپر ذات جي آهي ۽ ڳوٺ جي ٿي ڪري، هن ان وقت B.A ڪئي. اسان جي پڙهائي ڏي گهڻي نظرداري اها ٿي ڪري. ان سان گڏ منهنجو والد قمرالدين عباسي فل سپورٽ ٿو ڪري ۽ محدود روزگار هجڻ جي باوجود اسان سڀني ڀيڻن جي پڙهائيءَ جي خرچن جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.“
اسرا ٻڌايو ته هن کي ڪوبه ڀاءُ ناهي. هُو پاڻ ۾ ڇهه ڀينرون آهن. وڏي ڀيڻ رابيل MBA ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي ڪاليج ۾ ايڪانامڪس جي ليڪچرار آهي. ٻئي نمبر تي ڊاڪٽر لاريب آهي. هن چانڊڪا مان MBBS ڪئي ۽ آمريڪا جي رياست سائوٿ ڊڪوٽا ۾ نوڪري ڪري ٿي. سندس مڙس ڊاڪٽر شڪيل ٿيٻو به چانڊڪا مان ايم بي بي ايس ڪئي ۽ اتي آهي. ٽئي نمبر تي اسرا پاڻ آهي ۽ چوٿين نمبر تي طيبا آهي، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته مهراڻ يونيورسٽيءَ مان BE ڪرڻ بعد هُوءَ اسرا جي ڀر واري شهر مِريءَ جي هڪ يونيورسٽيءَ مان ME ڪري رهي آهي. اسرا جي پنجين ڀيڻ ’طاها‘ چانڊڪا يونيورسٽي مان MBBS ڪري رهي آهي ۽ چوٿين سال ۾ آهي ۽ آخري ڀيڻ ’پريسا‘ پڻ چانڊڪا مان ڊاڪٽري ڪري رهي آهي ۽ ٻئي سال ۾ آهي.
اسرا ٻڌايو ته سندس شادي گذريل سال سندس ڪزن جنيد عباسيءَ سان لاڙڪاڻي مان ٿي ۽ هاڻ هُو وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوالالمپور ۾ رهيل آهي. اسرا کي مون چيو ته، ”تنهنجي ڪهاڻي اهڙي آهي، جيڪا آئون چاهيندس ته اخبار ۾ اچي، جيئن اڄ جي نوجوانن ۽ والدين کي اتساهه ملي ۽ احساس ٿئي ته ڪيئن تنهنجي والدين حق حلال جي پورهئي مان مالي مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي اولاد کي ديني تعليم، انگريزي تعليم ۽ اخلاق جهڙي زيور سان مالامال ڪيو ۽ موٽ ۾ توهان محنت ۽ سچائيءَ سان هنن جي خوابن کي سچ ڪري ڏيکاريو.“
اڄ پهرين فرصت ۾ انسٽرومينٽ (اليڪٽرانڪ سسٽم) انجنيئر اسرا عباسي ۽ ان جي فئملي جي مٿئين ڪهاڻي لکي اٿم.
هڪ ڳالهه ضرور رهجي ٿي وڃي ۽ اها توهان مان به ڪيترن جي ذهنن ۾ کُٽڪندي هوندي ۽ جي سامهون هجو ته ٿي سگهي ٿو، مون کان پڇو ته اسرا مون کان ڪهڙيون ضروري ڳالهيون پڇڻ ٿي چاهيون!
ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهڻ ڪري ۽ هتي جي سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين سان واسطو هجڻ ڪري، هتي جي ماڻهن جي مزاج ۽ ڪلچر کان ڄاڻ هجڻ ڪري، هن مون کان پنهنجي مسئلي ۽ سوچ بابت پڇڻ ٿي چاهيو، جنهن جي جواب ۾ مون جيڪي هن سان ڳالهيون ڪيون اهي ٿي سگهي ٿو انهن نوجوانن جي به رهنمائي ڪن يا Guide Line مهيا ڪن، جيڪي ملائيشيا ۾ تعليم يا نوڪرين خاطر رهيل آهن.
اسرا ٻڌايو ته جيئن ته سندس گهوٽ ڪوالالمپور ۾ رهي ٿو، ان ڪري هُوءَ چاهي ٿي ته هن کي بنتولو (مشرقي ملائيشيا) مان بدلي ڪري ڪوالالمپور ۾ رکن، جتي هن جو مڙس رهي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ مغربي ملائيشيا جي ترينگانو رياست ۾، جتي پڻ تيل جي کوٽائي هلي رهي آهي.
اسرا ٻڌايو ته هن پنهنجن آفيسرن سان ڳالهه ڪئي، پر هُو نٿا مڃين مون به کيس اهو ئي ٻڌايو ته هُو ڪونه مڃيندا، جو ان قسم جي ڳالهين کي هتي اهميت نٿا ڏين. بلڪه ان کي نوڪري ڪرڻ واري جي خلاف ٿا سمجهن.
اسان ته ڌارين ملڪن جا آهيون ۽ contract تي نوڪري ٿا ڪريون. يعني هڪ، ٻن يا ٽن سالن جي ٺيڪي تي، پر هنن جون پنهنجيون ملئي ڇوڪريون جيڪي Permanent جاب ۾ آهن، اهي به اڪيليون مائٽن توڙي مڙسن کان پري ڏورانهن شهرن ۾ نوڪري ڪري رهيون آهن. توکي ٻار جي سنڀال جو مسئلو آهي ته ڪا فل ٽائيم آيا رک يا پنهنجي والده کي گهرائي وٺ، جنهن کي هي ٽن مهينن جي وزٽ ويزا ڏيندا، جيڪا پوءِ Extend ڪرائيندي رهجانءِ. مون کي پڪ آهي ته تنهنجي والده کي به ملائيشيا جي ساوڪ ۽ ميگهه ملهار واري موسم ۾ مزو ايندو. باقي تون هنن سان ضد نٿي ڪري سگهين ۽ نه نوڪري ڇڏڻ جو سوچ، جو توکي تمام سٺي پگهار ڏئي رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته جنهن فيلڊ جي تون انجينئر آهين ۽ جيڪو توکي تجربو آهي، اهو به اهم آهي ۽ هنن وٽ پنهنجو ڪو اهڙو انجنيئر نه هجي، پر جنهن وقت تون نوڪري ڇڏيندينءَ هڪ بدران ٻه ٻه ٽي ٽي انڊين، سنگاپور، آسٽريليا يا انگلينڊ جا پڙهيل هنن وٽ پهچي ويندا ۽ توکان به گهٽ پگهار تي نوڪري ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويندا.
اسرا ٻي ڳالهه اها ڪئي ته هُوءَ هتي ٽن سالن کان مٿي رهي آهي ۽ ملائيشيا جي شهريت لاءِ Apply ڪرڻ چاهي ٿي ۽ کيس ٻيا به چوندا رهن ٿا ته هُوءَ ضرور اپلاءِ ڪري، جو هن کي ملئي به اچي ٿي.
مون کيس پنهنجو Opinion ٻڌايو ته اهو قانون بلڪل صحيح آهي ته هڪ ڌاريون ماڻهو ملائيشيا ۾ ٽي سال رهڻ بعد پڪي رهائش PR لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو، پر اهو قانون رڳو اپلاءِ ڪرڻ جي حد تائين آهي. ملئي ماڻهو ۽ سندن حڪومت اهڙا استاد آهن، جو ڪو سندن ملڪ ۾ ڏهه سال ٿو رهي ته ان کي به ورلي ڪو ڏين ٿا. خير هڪ خيال کان ته چوندس ته وڏا سياڻا ۽ ڏاها آهن، جو ڌارئين ماڻهوءَ کي پري ٿا رکن. ڀلي کڻي اهو مسلمان هجي، سندن ٻولي ڳالهائي، سندن ڪلچر ۾ سمائجي وڃي. باقي ٻاهرين ملڪ جو ڪوبه ماڻهو ڊاڪٽر، پروفيسر، سرجن، انجينئر هنن وٽ ڪم ۾ لڳندو ته هن کي خوش ڪرڻ لاءِ چوندا رهندا ته توهان ملائيشيا ۾ ئي رهي پئو، پاسپورٽ لاءِ اپلاءِ ڪريو ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ ان تان کلندا پيا آهن ته سندن حڪومت ان معاملي ۾ ايڏي سخت آهي جو هو ڀلي سالن جا سال پيو اپلاءِ ڪري، کيس پاسپورٽ ته ڇا PR به نه ملندي. انهيءَ دوران هنن جو پنهنجو ماڻهو ان فيلڊ ۾ جيئن ئي ڪامياب ٿي پهچي وڃي ٿو، ته ڌارئين کي يڪدم ٽپڙ ٻڌايو ڇڏين. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن تون يا ڪو ٻيو ڌاريو apply به ڪري ٿو يا ڪنهن به اٿارٽيءَ هن کي سچو يا ڪوڙو آسرو به ڏنو آهي ته اهو پاڻ تائين محدود رکي. ٻئي ڪنهن سان هرگز ڳالهه نه ڪري. سچي ڳالهه ته اها آهي ته منهنجي ته نظرن ۾ ڪوبه اهڙو ناهي، جنهن کي ملائيشيا يا برونائي جي سٽيزن شپ ملي هجي. ملائيشيا جي آزاديءَ کان اڳ جيڪي اسان جا پٺاڻ، پنجابي يا سنڌي هندو هتي رهيل هئا، اهي هتي جا شهري ٿي ويا، پر هاڻ ڪو ملئي مرد ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري ته ان ڇوڪريءَ کي مڙيئي ڏهه سال کن رلائي رلائي پوءِ ملائيشيا جو پاسپورٽ ڏين ٿا، پر جي ڪا ملئي ڇوڪري ڌارئين مرد سان شادي ڪري ٿي ته ڌارئين ڇوڪري کي ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪن ٿا. حڪومت الڳ ته ملئي ڇوڪري الڳ- هن لاءِ ڄڻ هڪ مفت جو نوڪر ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ پورهيت مليو وڃي ۽ هن کي هر وقت ان خوف ۾ رکيو وڃي ٿو ته ڪجهه به هيڏانهن هوڏانهن کئونس پٽائي ته ملڪ مان تڙي ڇڏينداسين. ان ڪري آئون اهو ئي مشورو ڏيندو آهيان ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. ڀلي گهٽ پگهار واري هجي ڇو جو اتي يڪدم سٽيزن شپ ۽ پاسپورٽ مليو وڃي پر ملائيشيا، برونائي، دبئي، ڪويت جهڙن ملڪن ۾ اهي انساني حق ناهن. ڳالهيون ضرور ڪن ٿا. سو جيستائين صحيح ملڪ ۾ ڪا نوڪري ملي، تيسين مليل نوڪريءَ ۾ خوش رهجي ۽ جيتري قدر ٿي سگهي Low Profile رکجي. سچي ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جا اصلي باشندا ملئي مسلمان ته نٿا چاهين ته اسان جهڙن ملڪن جو هنن وٽ ڪو رهي، پر اهي اسان جا هم وطن جن وٽ هاڻ ملائيشيا جو پاسپورٽ آهي، اهي به نٿا چاهين ته اسان کي به هنن جهڙو Status ملي ۽ جتي هنن مان ڪجهه اسان جي مدد ڪن ٿا، اتي هنن جي گهڻائي اسان جا پير ڪڍڻ لاءِ تيار ۽ ٺڳڻ جا ماهر ثابت ٿين ٿا ۽ چغليون هڻڻ جا استاد پڻ ۽ هڪ ٻي جنرل ڳالهه، ڪوشش ڪري پنهنجي پگهار جي ڳالهه نه ڪجي. سادگي سان رهجي ۽ اهو ئي روئڻ روئجي ته مٿن قرض آهي بچت نٿي ٿئي. ملائيشيا اڄ يورپ ٿي ويو آهي. ماڻهو اٽڪل سئو سيڪڙو تعليم يافته ٿي ويا آهن پر ملئي ماڻهن جون پراڻيون عادتون بدلجڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن. جن مان هڪ قرض وٺڻ به آهي هو توهان جي وڏي پگهار جو ٻُڌي اهاني بهاني توهان کان قرض وٺندا... ۽ اهو سلسلو وڌائيندا رهندا. باقي موٽائڻ جي ڳالهه نه ڪندا. توهان جي گهرڻ تي ماڳهين ناراض ٿي ويندا. ان ڪري اسان ڌارين کي ان ڪم کان لنوائڻ کپي نه ته پوءِ نتيجو اهو ئي نڪري ٿو ته: Lend Money to a Friend & Loose both.

ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جا محنتي ٻارَ

اسان جي ملڪ جي ڪيترن ڇوڪرن جون شاديون ملائيشيا جي مسلمان (ملئي) ڇوڪرين سان ٿينديون رهن ٿيون. ڪيتريون مون به اٽينڊ ڪيون هونديون. هي سڀ شاديون نيٽ يا فيس بڪ ذريعي ٿين ٿيون يا تعليم دوران يا گڏ نوڪري ڪرڻ دوران ’چٽ منگني پٽ بياهه‘ جي اصول تي ٿين ٿيون ۽ انهن پويان اهم پهلو اسان جي گهوٽ کي ملائيشيا ۾ رهڻ جي آساني ملڻ جو هوندو آهي. آئون اهو نه چوندس ته ملائيشيا جي حڪومت ڪا اهڙي سلڇڻي آهي جو هنن جي ملڪ جي ڪنهن ڪاري ڪوجهي يا پڪي پوڙهيءَ سان شادي ڪرڻ تي هو ڌارئين ملڪ جي ناٺيءَ کي يڪدم پنهنجي ملڪ جي شهريت (پاسپورٽ) ڏئي ڇڏين. البت ملائيشيا جو ڪو ڇوڪرو ڌارئين ملڪ جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ٿو ته ان کي مڙيئي ڏهه ٻارنهن سال ڊوڙائي ڊوڙائي پوءِ شهريت ڏين ٿا ۽ ان مدي ۾ ڇوڪريءَ کي پنهنجي ملڪ مائٽن سان ملڻ تي به پابندي وجهن ٿا ۽ گهڻين حالتن ۾ شادي ئي ٽُٽيو پوي. باقي ڌارئين ملڪ جي ڇوڪر جو تيل ڪڍيو ڇڏين. اهي ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ يا يورپ جا ملڪ آهن، جتي جي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ڪو ڌارئين ملڪ جو شادي ڪري ٿو ته سال ٻن ۾ ان ملڪ جي شهريت ڏيو ڇڏين.
ان حساب سان گذريل سال، اسان جي ٽنڊي ڄام جي دوست پروفيسر محمد عمر چَنڊَ جي پٽ عثمان مجتبيٰ جي ڪوالالمپور ۾ ملئي ڇوڪري شيناز سان شادي بلڪل مختلف چئي سگهجي ٿي، جنهن ۾ نه ’ڪالهه ڏٺو اڄ شادي‘ وارو پهلو هو ۽ نه ڇوڪر ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ رهڻ چاهيو ٿي. گهوٽ عثمان مجتبيٰ کي ته نيوزيلينڊ جو پاسپورٽ آهي. هن کي ملائيشيا جهڙي ملڪ جي پاسپورٽ جي ڪهڙي ضرورت. هو پنهنجي پيءُ پروفيسر محمد عمر چنڊ سان گڏ ڪيترن سالن کان نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو ۽ شادي ڪري هاڻ پنهنجي ملئي ڪنوار لاءِ نيوزيلينڊ جي شهريت لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. گهوٽ عثمان مجتبيٰ ۽ ڪنوار شيناز هڪ ٻئي جي ويجهو سال ٻه نه پر ننڍي هوندي کان سالن جا سال هڪ ئي پاڙي ۾ گذاريو. پروفيسر عمر چنڊ، ايران جي اصفهان شهر، عراق جي موصل يونيورسٽي ۽ ٽنڊوڄام جي ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ بعد جڏهن برونائي ۾ 13 سال انگريزيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو ته ساڳئي اداري ۾ ڪنوار جي ماءُ پئان (مئڊم) مزنا به انگريزيءَ جي پروفيسرياڻي هئي. هُوءَ برونائي ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور کان آئي هئي، جتي سندس مڙس تئان (جناب) ابوبڪر جرنلسٽ هو. شاديءَ جو فيصلو برونائي ڇڏڻ بعد ٿيو، ان ڪري نڪاح ۽ وليمو برونائيءَ بدران ڪوالالمپور ۾ ٿيو ۽ رخصتي جي دعوت نيوزيلينڊ ۾.
ڪو زمانو هو. اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جو جڏهن ملائيشيا جي گاديءَ واري شهر ڪوالالمپور ۾ ڪو سنڌين جو ڪاڄ ٿيندو هو ته دعوتي سڀ سنڌي هندو بزنيس مين هوندا هئا. آئون اڪيلو مسلمان هوندو هوس. وڌ ۾ وڌ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ملاڪا کان اچي نڪرندو هو. اهو ان ڪري جو اسان جا سنڌي هندو صدين کان واپار جي سلسلي ۾ هڪ طرف جاوا ۽ جپان کان وڃي نڪتا هئا ته ٻئي پاسي بصري ۽ بخارا کان... پر هاڻ تعليم، نوڪري ۽ پورهئي خاطر جتي ڪٿي سنڌي مسلمان به نظر اچن ٿا. عثمان مجتبيٰ جي شاديءَ ۾ ته خبر ناهي سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن ڳوٺن جا ماڻهو نظر اچي رهيا هئا جيڪي ملائيشيا ۾ نوڪري ۽ ڪاروبار کان علاوه تعليم به حاصل ڪن ٿا. ٽنڊي قيصر جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد شفيع نظاماڻي ۽ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر کي ته ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندي، پندرنهن سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي. سڀ کان گهٽ وقت رهڻ واري اسان جي ڳوٺائي ابرار ابڙو کي به ملائيشيا ۾ آئي ڏهه سالن کان مٿي ٿي ويو آهي. پاڻ تعليم به هتان حاصل ڪيائين ۽ ان بعد نوڪري به هتي ئي ڪري رهيو آهي. ابرار سان گڏ سندس ننڍو ڀاءُ مقصود به ڪجهه سالن کان هتي نوڪري ڪري ٿو ۽ ان بعد هاڻ سندن ڀيڻ نارمين ابڙو پڻ هتي ڪوالالمپور ۾ رهي ٿي. هن مئٽرڪ حيدرآباد جي ’سنڌ گرامر هاءِ اسڪول‘ مان ڪئي، انٽر جي او آر ڪالوني جي ڪاليج ’Educators‘ مان ڪئي ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ بيچلر ’زيبسٽ‘ مان ڪئي. پاڻ حيدرآباد واري زيبسٽ جي پهرين بئچ مان آهي. BCS ڪرڻ بعد هن کي ڀائرن ملائيشيا ۾ پاڻ وٽ گهرائي، هتي جي هڪ بهترين يونيورسٽي UPM (يونيورسٽي پترا ملايا) مان سافٽ ويئر ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ داخلا وٺرائي ڏني آهي. هن ٻه مهينا اڳ ان جو پهريون سيمسٽر مڪمل ڪيو آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن جي شاگردن کي ملئي ٻولي سيکاري وڃي ٿي.
ابرار ابڙو وارن جو اصل ڳوٺ اسان وارو هالا آهي. بلڪه هنن جي وڏن سان اسان جي مائٽي ۽ برادري وارا تعلقات آهن. منهنجي سندن ڏاڏي مرحوم غلام محمد ابڙو وڪيل سان سٺي عليڪ سليڪ هوندي هئي بلڪه مون کي سندن پڙڏاڏو خانصاحب لطف علي ابڙو جو به چهرو ياد آهي. هُو انگريزن جي ڏينهن ۾ پوليس انسپيڪٽر ٿي رهيو ۽ سندس دليري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيڻ جون ڳالهيون اڄ به هالا ۾ مشهور آهن. پاڻ لاڙ توڙي اتر جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهيو. چون ٿا ته جتي هن جي بدلي ٿيندي هئي اتي جا ڌاڙيل اهو علائقو ڇڏي ويندا هئا. پاڻ قداور ۽ ڳالهائڻ جو بيحد رعبدار هو. مون کين سندن وڏي پٽ سائين غلام رسول جي گهر ۾ ٻه ٽي دفعا ڏٺو، جنهن جي گهرواري اسان جي پڦي (منهنجي والد جي سوٽ) جنت هئي. آئون ’ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو‘ ۾ مئٽرڪ ۾ هوس ته سندس وفات ٿي. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هُو حڪيم قاضي معين جي مَطَب تي مارڪيٽ ۾ اچي وهندو هو. خان صاحب لطف علي لاءِ مشهور آهي ته 1940ع واري قراردادِ لاهور جيئن پاس ٿي ته اسان کي انگريزن کان آزادي وٺڻ کپي ۽ مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪجي ته خان صاحب انگريز سرڪار کي استعيفا جو خط لکي موڪليو ته هاڻ منهنجي توهان سان اها وفاداري قائم رهي نه سگهندي.
هالا شهر ۾ ابڙن جون تمام وڏيون ادبي خذمتون آهن. خانصاحب لطف عليءَ جا ٻه پٽ سائين غلام رسول ’غلام‘ ۽ عبدالطيف ’ساقي‘ ته تمام وڏا شاعر ٿي گذريا آهن. اهڙي طرح هن جا ڏهٽا سائين عبدالرئوف ’ويراڳي‘، عبدالقادر ’منور‘، محمد ’جان‘ ۽ ٻيا ڀائر ۽ انهن سڀني جو اولاد سنڌ ۾ شاعري ۽ ادب جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
خانصاحب لطف علي جا پنج پٽ هئا. هڪ پهرين زال مان قائم دين جنهن جو پٽ هالا جي اهم شخصيت خانصاحب ايوب ٿي گذريو آهي. ٻي زال مان چار پٽ ٿيا. مٿين ٻن شاعرن غلام ۽ ساقي کان علاوه ٽيون شمس الدين هو ۽ چوٿون غلام محمد ابڙو جيڪو هالا جي ٽاپ وڪيلن مان ٿي گذريو آهي. ملائيشيا ۾ رهندڙ هي ٻار ابرار، مقصود ۽ نارمين غلام محمد ابڙو وڪيل جي وڏي فرزند محمد اقبال جا ٻار آهن. غلام محمد وڪيل جيتوڻيڪ اسان کان وڏو هو، پر مٽي مائٽيءَ ڪري هن سان منهنجي ملاقات ٿيندي رهي ٿي ۽ آئون اڄ به هن مان بيحد متاثر آهيان. هو Well Dressed هجڻ کان علاوه دل جو صاف ۽ کرو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هُو حقيقت پسند هو ۽ سچ ڳالهائيندي ڊڄندو نه هو. اسان جو شهر ’پيراڻو شهر‘ آهي جتي ننڍي هوندي آئون ڏسندو هوس ته هر ڪو پيرن جي هر ڳالهه تي واهه واهه ڪندو هو. هُو ڏينهن کي رات چوندا هئا ته سڀ آسمان ۾ تارا نظر اچڻ جي ڳالهه ڪندا هئا. پر يارو! شاباس هجي هن شخص وڪيل کي جيڪو غلط ڳالهه کي غلط چوندو هو. ماڻهو اهو ئي سمجهندا هئا ته هاڻ وڪيل غلام محمد ابڙي جو خير ناهي پر شاباس هجي سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي کي به جو ناراض ٿيڻ بدران وڪيل صاحب جي تعريف ڪندو هو ۽ هر ڳنڀير مسئلي جي حل لاءِ وڪيل غلام محمد ابڙي کي گهرائيندو هو.
مزي جي ڳالهه اها ته وڪيل صاحب جون ڪيتريون سٺيون ڳالهيون مون کي سندس وڏي پٽ اقبال ۾ به نظر اچن ٿيون. هُو به پنهنجي پيءُ وانگر محنتي، ديندار ۽ خوددار طبيعت جو ماڻهو آهي. بقول اسان جي همعمر ڳوٺائي دوست ۽ مائٽ عبدالغفار ابڙي جي ’اقبال لاجواب ماڻهو آهي‘. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي. حبيب بئنڪ ۾ نوڪري مليس، پر جڏهن کيس اها ڳالهه دماغ ۾ آئي ته هي وياج جو ڪاروبار آهي ته نوڪري ڇڏي گهر اچي ويهي رهيو ۽ پيٽ گذر لاءِ جيڪو پورهيو مليس ٿي اهو ڪرڻ لڳو. ان دوران هن واٽر فلٽريشن جو به ڪم ڪيو ۽ هر هڪ جي گهر تائين پاڻي پهچائڻ ۾ عيب نه سمجهيو. اقبال جي ٻئي نمبر پٽ مقصود کي بالقن رياست ايسٽونيا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالر ملي. پٽ جي ڪاميابيءَ تي هُو خوش ٿيو، پر هن کي چيائين ته گوگل ۾ Search ڪر ته يونيورسٽيءَ جي ڀرپاسي ۾ ڪا مسجد به آهي يا نه؟ هن نقشي ۾ ڳولي ٻڌايو ته 200 ميلن تائين ڪانهي.
”بهتر آهي ته نه وڃ هتي حيدرآباد ۾ ئي ويهي پڙهه“ اقبال کيس صلاح ڏني. مقصود خوش نصيب چئبو جو حيدرآباد مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد هن کي يڪدم ملائيشيا ۾ نوڪري ملي وئي، سا به ساڳي شهر ڪوالالمپور ۾ جتي سندس وڏي ڀاءُ نوڪري ڪئي ٿي ۽ هاڻ سال کن ٿيندو جو هنن ٻنهي ڀائرن پنهنجي پگهار مان بچت ڪري پنهنجي ڀيڻ نارمين ابڙو کي ملائيشيا جي هڪ پراڻي ۽ بهترين يونيورسٽي UPM (يونيورسٽي پترا ملائيشيا) ۾ داخلا وٺرائي ڏني آهي. مون کي ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته جيئن پيءُ اقبال تڪليفن ۾ گذاري پٽن کي پڙهايو ۽ ان جي موٽ ۾ هنن وڏي محنت ڪري پاڻ مڃرايو ۽ ملائيشيا ۾ نوڪري حاصل ڪئي، تيئن هُو وري پنهنجي ڪمائي/ پگهار هيڏانهن هوڏانهن ضايع ڪرڻ بدران پنهنجي ڀيڻ نارمين جي اعليٰ تعليم تي لڳائي رهيا آهن ۽ ملائيشيا جي ’يوپي ايم‘ يونيورسٽي ڪا اهڙي تهڙي ته نه آهي. نارمين کي شايد خبر نه هجي ته هن يونيورسٽي مان صباح (ايسٽ ملائيشيا) جو پهريون گورنر تن داتو حاجي مصطفيٰ، ملائيشيا جو ڊپٽي پرائيم منسٽر ڊاڪٽر احمد زاهد حامدي ۽ سلنگور رياست جو قونصلر امير دين شاري جهڙا اهم ماڻهو پڙهيا آهن. هن يونيورسٽيءَ جو بنيادي طرح ائگريڪلچر سان واسطو هجڻ ڪري هن مان اسان جي ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ جي ڪيترن گريجوئيٽن Ph.D ڪئي آهي.

بدو عرب، جهنگلي ملئي ۽ اسان ڄٽ

عربن کي اسان هيٺاهون ڏيکارڻ لاءِ بَدو سڏيون ٿا يعني اڻ سڌريل، بيابن ۽ رڻ پٽن ۾ رهڻ وارا... اڻ پڙهيل ۽ ملڪ جو انتظام هلائڻ کان اڻ واقف! اهڙي طرح ملائيشيا جي رهاڪن (ملئي ماڻهن) کي پڻ دنيا ڄٽ ۽ جھنگلي سڏيو ٿي... نه فقط اسان ڌارين پر هنن پاڻ به پاڻ کي اهو سمجھيو ٿي، اهو سڏيو ٿي. مون سمجھيو ته عربن کي بدو چوڻ سان منهنجا سئيڊن جي يونيورسٽيءَ جا ڪلاس ميٽ عرب دل ۾ ڪندا، پر پوءِ تعليم بعد آئون هڪ عرب دوست جي گھر ينبوع ۾ ٻه مهينا کن رهيس ته مون ڏٺو ته هن آفيس ۾ يا شهر ۾، جنهن عرب جو ڪم يا ڳالهه نٿي وڻي، ان کي بدو چئي ائين ٿي دڙڪا ڏنا، جيئن اسان وٽ وڏيرو يا سرڪاري ڪامورو ڳوٺ جي هاري ناري يا پنهنجي ڪلارڪ کي ڄٽ چئي دڙڪا ڏئي. دڙڪا ڏيڻ بعد منهنجو عرب دوست مون کي اهو ئي چوندو هو ته، ”بدو سي بدو ئي رهندا. اصل نه سڌرندا.“ ڄڻ پاڻ انگريز هجي ۽ عربن سان ڪو واسطو نه هجيس!
ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ پنهنجي جهاز وارن دوستن سان گڏ وڃي رهندو هوس. ڳوٺ جي ماڻهن جي ڪا بيوقوفي واري حرڪت ڏسي مون کي منهنجا ملئي دوست چوندا هئا ته بابا اسان ملئي ماڻهو آهيون، پهرين نمبر جا جاهل. ”ملئي معنيٰ ئي ڇا؟“ هُو مون کان اڪثر پڇندا هئا ۽ پوءِ پاڻ ئي جواب ڏيندا هئا ته ”ملئي معنيٰ ’اورانگ هُتان‘ يعني جنگل مئن! جهنگ جو ماڻهو.“
ڇا به هو پر اهي ڳالهيون اڄ جون نه پر 1960ع واري ڏهاڪي جون هيون جنهن ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ مون تعليم مڪمل ڪري، جهازن تي نوڪري شروع ڪئي ۽ ڪڏهن دبئي ۽ دوحا جي بندرگاهن ۾ اچي جهاز کي لنگرانداز ڪبو هو ته ڪڏهن پينانگ، بئنڪاڪ ۽ سنگاپور ۾. هي اهي ڏينهن هئا جن ۾ اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جو پاڻ سَڀرو حال هو. اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ سنگاپور به دو نمبري ملڪ لڳندو هو. ملائيشيا ۽ دبئي جهڙا ملڪ بزنيس، عمارتسازي، تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان کان گھڻو پٺتي هئا. نه رڳو اسان جي روپئي جو پر اسان جي ماڻهوءَ جو به مٿانهون قدر هو. تڏهن ته ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ ته ڇا آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ به آسانيءَ سان رهائش ملي وئي ٿي، پر اسان جي ماڻهن پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهڻ کي بهتر ٿي سمجھيو، جتي سستائيءَ سان گڏ امن امان جي حالت به بهتر هئي. انهن ڏينهن ۾ بروڪلن (نيويارڪ) جي شيدي پاڙن ۽ سنگاپور جي چيني علائقن ۾ ڏينهن جو اڪيلي نڪرندي ڊپ ٿيندو هو.
پر پوءِ يارو! اسان جي ملڪ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر کائي وئي! آهستي آهستي اسان وڃون هيٺاهين جو رخ ڪندا. 1968ع ۾ به ڊالر چئن رپئي هوندو هو، اڄ اهو 150 روپين کان مٿي چڙهي ويو آهي. اڄ آمريڪا جهڙي ملڪ جي گھمڻ جي ويزا ملڻ به مشڪل ٿي پئي آهي... نه ته مون کي ياد آهي ته شاديءَ بعد جهاز آمريڪا وڃي رهيو هو ته زال جو پاسپورٽ بئري هٿان ڪراچيءَ جي آمريڪن ايمبسيءَ ۾ موڪليو هوم ته هنن ان تي ملٽيپل ويزا جو ٺپو هڻي، ان ئي ڏينهن شام جو ڏياري موڪليو هو. ان پاسپورٽ کي ڏسي اڄ به حيرت ٿيندي آهي ته اهي ڪهڙا ته سندر ڏينهن هئا، جڏهن اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي دنيا جي هر ملڪ ۾ عزت سان ڏٺو ويو ٿي. ياد رهي ته پاڻيءَ جي جهازن تي نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ پاسپورٽ ضروري ناهي. هُو ڪنهن به ملڪ ۾ سي ڊي سي ڪتاب تي داخل ٿي سگھي ٿو. باقي ان سان گڏ ان جي زال ۽ ٻارن کي سندن پاسپورٽن تي سفر ڪرڻو پوي ٿو.
دبئي ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ جيڪي اسان جي ملڪ کان پٺتي هئا ۽ جتي جي ماڻهن کي اسان ڄٽ ٿي سمجھيو اڄ اسان کان هر فيلڊ ۾ اڳيان نڪري ويا آهن... تعليم ۽ صحت ۾، روڊ رستن ۽ سفر جي آسانين ۾- سڀ کان وڌيڪ لا ائنڊ آرڊر ۾ يعني امن امان ۾.
انهن ملڪن ۾ پهچي هر ڪو پُرسڪون محسوس ڪري ٿو. ڪنهن به مونجھاري يا مسئلي رونما ٿيڻ تي پوليس مدد ڪري ٿي ۽ هڪ مسڪين ۽ ڪمزور به پنهنجو حق حاصل ڪري سگھي ٿو. اتي جو قاعدو قانون ۽ جزا ۽ سزا جو سلسلو اهڙو مضبوط آهي، جو اتي جي بادشاهه کي به ڪٽهڙي ۾ آڻيو ڇڏي ۽ نجيب رزاق جهڙي وزيراعظم کي به يڪدم ڪاٺ ۾ وجھيو ڇڏي، جيتوڻيڪ هن جو تعلق ملڪ جي اعليٰ خاندان سان آهي ۽ سندس والد تُن عبدالرزاق ملائيشيا لاءِ وڏيون خدمتون ڏنيون ۽ هو ملڪ جو ٻيو وزيراعظم ٿي رهيو- جنهن جي نالي ڪوالالمپور ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن، پر هن جي پٽ وزيراعظم جيئن ئي ڪرپشن ڪئي ته هن کي سزا خاطر ڏنڊ ۽ جيل ۾ بند ڪرڻ ۾ دير نه ڪيائون. سندس پارٽي UMNO جا ماڻهو به نه ڪُڇيا... هر هڪ اهو ئي چيو ته ”جيڪو ڪري سو ڀري.“ هن جي ڪرپشن جي تفتيش ڪرڻ لاءِ جيتوڻيڪ سک پوليس آفيسر هو ۽ چيني جج هئا، پر هنن منٽ ڪري ورتا... ان کي چئبو آهي ته نه رڳو انصاف ٿيڻ کپي پر انصاف ٿيندو نظر به اچڻ کپي... ۽ جيترو جلد اوترو بهتر... نه ته ٻي صورت لاءِ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته:
Justice Delayed is Justice Denied
طاقتور ماڻهن کي جيلن ۾ وجهڻ جون ڳالهيون اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجھيو ڇڏين، جو اسان وٽ ته ’ڪُڪڙ چور‘ جي ته جيل ۾ عمر ڳريو وڃي، پر ملڪ کي ڦري، عوام کي فقير بڻائڻ وارا وتن ضمانتن تي گھمندا ۽ ولايتن ۾ عيش ڪندا. آئون به اهو ئي ٿو چوان ته اسان عربن يا ملائيشين کي ڄٽ ڪيئن ٿي سڏيو؟ ڏٺو وڃي ته هُو ته وڏا عقلمند ۽ ڏاها چئبا، جو هنن پنهنجن ملڪن کي ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ اتي جي پوليس سياستدانن جي ذاتي غلام ٿيڻ بدران ملڪ ۽ عوام جي خذمت ڪري ٿي. اتي پوليس ڪنهن وڏيري، ڀوتار ۽ وزير، شاهه پير جي کيسي ۾ ناهي. هُوءَ اهو ٿي ڪري جيڪو ملڪ جي قانون ۾ آهي ۽ اهو ئي ته اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ حيرت جو سبب آهي ۽ آئون به ڪوشش ڪري ان قسم جون ٿيندڙ ڳالهيون پڙهندڙن جي حيرت لاءِ لکندو رهان ٿو. جيئن هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته اسان جڏهن نوڪريءَ لاءِ ملائيشيا ۾ اچي رهياسين ته اسان پهرين ڏينهن کان ئي گاڏي پئي هلائي. مڪاني قاعدن قانونن موجب ڪنهن ڊرائيونگ اسڪول مان گاڏي هلائڻ سکي، ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جو ته سوچيوسين به ڪونه. ويهه سال دنيا جي سمنڊن تي هڪ کان هڪ ماڊرن جهاز هلائي پهتا هئاسين، سو اسان ان ئي غرور ۾ غرق هئاسين. اهو سوچيوسين ٿي ته ڪنهن پوليس واري جي ڪهڙي مجالَ، جو اسان کان لائسنس جي پڇا ڪري، پر پوءِ اسان جي دماغ جا طاق ٻن هفتن اندر کلي ويا، جڏهن اخبار جي پهرئين صفحي تي اها خبر پڙهيسين ته ڀر واري رياست جي سلطان، جنهن جو سال اندر بادشاهه ٿيڻ جو وارو اچڻ وارو هو، ان جي پٽ جو پوليس واري سگنل ٽوڙڻ تي چالان ڪيو آهي. سندس والد يعني رياست جي سلطان کي جڏهن خبر پئي ته هن پوليس واري کي سندس آفيسر SP سميت پاڻ وٽ گھرايو ۽ هنن اڳيان پنهنجي پٽ کي ٿڦڙ هڻي چيو ته، ”خبردار! قانون امير توڙي غريب لاءِ هڪ ٿيندو آهي. اهو نه سمجھجانءِ ته سلطان جو پٽ آهين ته جيئن وڻنئي تيئن ڪر.“ ان سان گڏ هن پوليس واري جنهن سندس پٽ جو چالان ڪيو هو، ان کي شاباس ڏنائين.
سو ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا ۽ ڀيٽ ڪري سگھو ٿا ته ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ امن امان ڇو آهي ۽ پوليس ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڇو ٿي ڪري.

وقت چورائڻ به حرام آهي

ڪجھه سالن بعد جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ هڪ دفعي وقت کان وڌيڪ ڪار پارڪ ڪرڻ تي منهنجو چالان ٿي ويو. دڪانن تان ڪم لاهي موٽيس ته ڪار جي ونڊ اسڪرين ۾ پرچو لڳل ڏٺم. ڏنڊ ڀرڻ لاءِ پوليس آفيس ڀر ۾ ئي هئي. اندر داخل ٿيان ته اتي جو پوليسDSP سِک هو جنهن سان منهنجي سٺي دوستي هئي. مون کي خبر نه هئي ته هو هتي ملاڪا جي هن علائقي ۾ بدلي ٿي آيو آهي. هو مون کي هر وقت مانيءَ جي دعوت ڏيندو رهيو ٿي. مون کي ڏسي چيائين ته، ”سٺو ٿيو جو چالان بهاني توکي اچڻو پيو. لنچ جو ٽائيم آهي، اچو ته هڪ انڊين جي هوٽل تان ماني کائي اچون. اڄ بنا مانيءَ جي توکي وڃڻ نه ڏيندس.“ هو منهنجو سٺو دوست ٿي ويو هو. پاڻ جيتوڻيڪ ڄائو نپنو هتي، پر سٺي پنجابي ۽ اڙدو ڳالهائي سگھيو ٿي. مون پنهنجي اڪيڊمي جي ڪيترن فنڪشنن تي ساڻس گڏ سندس فئمليءَ کي به گھرايو هو ۽ هُو مون کي هر وقت سندس گھر هلي ماني کائڻ لاءِ چوندو هو، جنهن لاءِ آئون نٽائيندو رهيس ٿي پر اڄ بچڻ جي واهه نه هئي. نيٺ چيومانس ته هل ته ماني کائون پر ڪنهن اهڙي ريسٽورنٽ ۾ وٺي هل، جتي بنا وقت ضايع ٿيڻ جي ماني کائي وٺون. هو هڪ گجراتيءَ جي ئي هوٽل ۾ وٺي آيو ۽ اجايو تڪلف ڪري ٻه ٽي ڊش گھرايائين، جنهن جو ويهه ڊالر بل آيو. (ملائيشيا ۾ ٽِپ جو رواج ناهي.) مانيءَ بعد موٽي سندس آفيس ۾ آياسين ته چيومانس، ”سردار جِي! هن علائقي جو مالڪ ٿي ڪري مون تي اڄ اجايا 5 رنگٽ (ملئي ڊالر) ڏنڊ لڳي ويا آهن!“
مون سمجھيو، هُو اها چالان جي پرچي ڦاڙي ڇڏيندو. ظاهر آهي هُو اعليٰ آفيسر ٿيو، هُو ڇڏي به سگھيو ٿي، پر هن منهن تي مرڪ آڻي چيو ته، ”سر! ڏوهه ڪرڻ ڪري اهو جرمانو سرڪار سڳوريءَ کي ڏيڻو ته پوندو.“ ۽ ڪائونٽر تي وڃي مون پنج رنگٽن جي رسيد ڪٽرائي. ان سان گڏ هتي جي ڪامورن کي ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ جي ڳالهه مون کي سمجھه ۾ آئي يعني هن پنهنجي کيسي مان وِيهه رنگٽ خرچي مون کي ماني کارائي پر سرڪار کي پنج رنگٽ جو نقصان ڪنهن صورت ۾ نه پهچايو. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي دماغ ۾ آهستي آهستي سمجھه ۾ اچن ٿيون ۽ پوءِ ڌيان ۾ اچي ٿو ته هنن ملڪن جي ترقيءَ جو راز ڪهڙو آهي!
بقول اسان جي هڪ پياري دوست، درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جي، جيڪو مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ته گڏ هو، پر گڏ گڏ ڪيترائي جهاز پڻ هلاياسين. هن کي به مون وانگر ماستريءَ جو شوق رهيو آهي ۽ مون سان گڏ ملائيشيا جي ملاڪا واري مئرين اڪيڊميءَ ۾ هن به وڏو عرصو پڙهايو. هُو ملائيشيا جي ماڻهن جي پنهنجي وطن جي ماڻهن سان اڪثر ڀيٽ ڪندو رهيو ٿي. هن کي ٻنهي طرفن جي ماڻهن ۽ مسئلن جي هڪ جھڙائي حيرت واري لڳي ٿي، پر هن کي هر وقت اهو خدشو رهيو ٿي ته اسان وٽ سنڌ ۾ تعليم نه هجڻ ڪري اها ترقي ناهي، اها صحيح سوچ ۽ فڪر ناهي، جنهن ۾ ملئي ماڻهو تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. هيءَ 1980ع جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي، جڏهن اسان سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ اچي رهيا هئاسين. هُو اڪثر ملئي ماڻهن جون ڳالهيون غور سان ٻڌندو هو ۽ هنن جي سوچ جو قدر ڪندو هو. ڪي ملئي جهازران دوست جن جا جهاز ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندا رهيا ٿي، اهي چوندا هئا ته، ”توهان اهو ضرور چئو ٿا ته توهان جو ملڪ اسلام جي نالي تي ٺهيو، پر ظاهري طرح ڪا به اسلامي شئي نظر ته نٿي اچي! هر ڳالهه ۾ ٺڳي، هر شئي ۾ ملاوت، شراب، شباب کان رشوت ۽ چور بازاري! چوڌاري شرڪ جي اها حد جو جتي ڪٿي فالون ڪڍڻ وارن جا اشتهار، جتي ڪٿي ماڻهو قبرن کي پيا چمن ۽ پڙ چاڙهين- انسان ته انسان پر مانگر مڇن کان به عورتون پٽ ٻار جو اولاد پيون گھرن...“
منهنجا ملئي دوست ٻڌائين ٿا ته هنن جو به ڪنهن زماني ۾ اهو حال هو پر تعليم عام ٿيڻ ۽ مذهب جي صحيح ڄاڻ هنن جي سوچ بدلائي ڇڏي. اسان وٽ صحيح سوچ ناهي. بقول ڪئپٽن مخدوم جي اسان وٽ سوئر جي گوشت کي ته حرام سمجھي ان کان پاسو ڪيو وڃي ٿو پر رشوت جي پئسي مان ورتل مال کي حرام نٿو سمجھيو وڃي. ملئي ماڻهو رشوت جي پئسي کي ته حرام سمجھي ٿو پر ڊيوٽي ٽائيم جي چوريءَ کي به حرام سمجھي ٿو. هو ان عبادت کي به صحيح نٿو سمجھي جيڪا ڊيوٽي واري ٽائيم ۾ ڪئي وڃي ٿي- جنهن وقت لاءِ پگھار ڪارخاني جو مالڪ يا سرڪار ڏئي ٿي.
ان ڳالهه جو مثال هن قصي مان سمجھي سگھو ٿا، جيڪو ملائيشيا جي ڪنهن سفرنامي ۾ به شايد بيان ڪري چڪو آهيان. ملاڪا ۾ نوڪري شروع ڪرڻ تي هن رياست جي انڪم ٽئڪس ڪمشنر گھرايو. آئون سندس آفيس ۾ پهتس ته ان وقت لنچ ٽائيم ختم ٿيڻ تي هو. صاحب جي ڪرسي خالي هئي. آئون سامهون رکيل ٽن ڪرسين مان هڪ تي ويٺس ته آفيس جي ٻئي پاسي واري ورانڊي ۾ صاحب کي مصلي تي ڏٺم، جيڪو نماز پڙهي هاڻ دعا گھري رهيو هو. ملائيشيا جي سرڪاري توڙي نجي آفيسن ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کن لنچ بريڪ ٿئي ٿي، جنهن ۾ هرڪو نه فقط ماني کائي وٺي پر آرام به ڪري. ائين ڪرڻ سان لنچ بعد باقي اڍائي ڪلاڪ نوڪريءَ جا هرڪو تازو توانو رهي ٿو ۽ ڪم ۾ ڪارڪردگي(Efficiency) بهتر رهي ٿي. پڙهندڙ چوندا ته ايڏي ڊگھي رسيس! هائو، پر هر ماڻهو 8 کان شام جو ساڍي چئين تائين ڪم ڪري ٿو. ان ۾ هو ڪنهن دوست يار کي پنهنجي آفيس ۾ ته گھرائي ڪچهري نٿو ڪري، پر ڪنهن سان فون تي به نٿو ڳالهائي. يورپ ۽ جپان وانگر ڪنهن کي آفيس جو نمبر ڏيڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو. هر هڪ کي وقت جو پابند بنائڻ لاءِ ڪارڊ پنچ ڪرڻ جو سسٽم آهي. وزيراعظم، وزيرن، سيڪريٽرين کان هڪ عام ڪلارڪ لاءِ ضروري آهي ته هو اٺين بجي اندر آفيس پهچي وڃي ۽ ٽائيم مشين ۾ پنهنجو ڪارڊ پنچ ڪري. اهڙي طرح ساڍي چئين بجي موڪل مهل پنهنجو ڪارڊ پنچ ڪري، جيئن ثبوت خاطر لکت ۾ رهي ته هي آفيسر يا ڪلارڪ، پرنسپال يا پروفيسر ساڍي چئين تائين پنهنجي ڪم جي جاءِ تي موجود رهيو. اسان وٽ آفيسن ۾ وڃ ته صاحب توڙي ٻيا ننڍا آفيسر يارهين ٻارهين کان اڳ آفيس ۾ نظر نه ايندا. هڪ اڌ ڪلارڪ ويٺو هوندو جيڪو صاحب جو ڍڪ ڍڪڻ لاءِ آيل ماڻهن کي اهو چئي پيو ٽاريندو ته صاحب ميٽنگ ۾ آهي، انسپيڪشن لاءِ فيلڊ ۾ آهي، هن کي صلاح مشوري لاءِ چيف منسٽر گھرايو آهي... وغيره وغيره. پر هر سڌريل ملڪ وانگر ملائيشيا جي به جنهن به آفيس وڃ ته گورنر ۽ چيف منسٽر کان سيڪريٽري ۽ پوليس ڪمشنر، پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ ڪلارڪ تائين پنهنجي نوڪريءَ واري جاءِ تي موجود هوندو ۽ ماڻهن جي ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول هوندو. دراصل اهي ڳالهيون ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهن. اسان وٽ هڪ ته صاحب موجود نه هوندو، پر جي آخرڪار ملي به ويو ته هُو ٿڏي تي ڪم ڪرڻ بدران آيل ماڻهوءَ کي اهڙا بهانا ۽ ڳالهيون ٻڌائيندو، جيئن هُو ان ئي خوف ۾ رهي ته اهو ڪم هرگز ٿيڻو ناهي. ٻين لفظن ۾ هُو رشوت ڏيڻ لاءِ راضي ٿي وڃي. سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ رشوت کي به ايترو ئي خراب ۽ حرام سمجھيو وڃي ٿو جيترو ڪم کان غير حاضريءَ کي. اهو ئي سبب آهي جو هي انڪم ٽئڪس ڪمشنر لنچ بريڪ ختم ٿيڻ کان پنج ڇهه منٽ دير سان آفيس جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته مون کان معافيون وٺڻ لڳو ته مون کي سندس اچڻ لاءِ انتظار جي زحمت ڪرڻي پيئي.
”مڙيئي خير آهي انچق (جناب). توهان نماز پئي پڙهي،“ مون چيومانس. ان تي هن سمجھايو ته، ”اهو ثواب بدران گناهه جو ڪم آهي جو سرڪاري ڊيوٽيءَ ۾ وقت جي گھوٻي هڻان، جنهن لاءِ سرڪار پگھار ڏئي ٿي.“
اهڙي ملڪ مان اسان آيا هئاسين جو پهرين ته ان قسم جون ڳالهيون اسان کي سمجھه ۾ نه پئي آيون. اسان سمجھيو ٿي ته فقط رشوت ڏوهه آهي، گناهه آهي، پر هاڻ اها ڳالهه سمجھه ۾ اچڻ لڳي ته ڊيوٽي ٽائيم پنهنجي ڪم يا وندر پٺيان ضايع ڪرڻ به اهڙو ئي گناهه آهي. ڇو جو اسان کي پگھار ته فل ٽائيم جو ملي ٿو. اهو ائين آهي جيئن گراهڪ کي تور ۾ هن جي ڏنل پئسن جي بدلي گھٽ ملهه جو سامان ڏجي.
ملائيشيا، ٿائلنڊ، جپان جهڙن ملڪن ۾ پوليس کاتي کي به ٻين کاتن وانگر ايڏو مددگار ۽ صاف سٿرو ڏسي اسان ماڻهن کي حيرت ٿئي ٿي. هنن جو اهو موٽو هجي يا نه هجي پر هنن جي سٺي اخلاق، ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ ۽ نيازمندي ۽ نئڙت کي ڏسي ازخود دل ۾ خيال اچي ٿو ته واقعي هتي جي پوليس جو ڪم آهي خلق جي خدمت ڪرڻ. جيستائين توهان ڪو ڏوهه نٿا ڪريو ته توهان هنن لاءِ باعزت شهري آهيو. امير توڙي غريب ڪنهن مسئلي لاءِ پوليس کي سڏ ڪندو ته هُو به هن کي ’سر‘ چئي مخاطب ٿيندو. هڪ SP رئنڪ جي پوليس آفيسر جو لکيو اٿم ته ڪوالالمپور ۾ هن کان رستو پڇيم ته هن مون کي ’سر‘ چئي رستو سمجھايو. ان جو سبب پڇڻ تي هن ٻڌايو ته توهان اسان لاءِ Sir يعني صاحب ئي ته ٿيائو جو اوهان، يعني عوام جي ڏنل ٽئڪسن مان اسان کي پگھارَ ملن ٿا ۽ اسان جي گھرن جو چلهو ٻري ٿو ۽ اسان جا ٻچا تعليم حاصل ڪن ٿا...

اسلام جي ضرورت نه، پر عربن جو ڪلچر آهي

هونءَ ملائيشيا ۾ پوليس وارو چاهي مڪاني ملئي مسلمان هجي يا انڊين تامل يا چيني، ڪنهن ڏوهاريءَ کي اصل نٿو ڇڏي -ڀلي کڻي هو هن جو هم مذهب، هم زبان يا ڳوٺائي هجي. سرڪاري ڪامورو هجي يا سياستدان! مطلب ته توهان جي کيسي ۾ ملائيشيا جي پوليس واري جو اچڻ ايڏو ممڪن نه آهي. مون ملائيشيا ۾ 1968ع کان وٺي وڃڻ شروع ڪيو، جڏهن کان جهاز جي نوڪري شروع ڪيم، پر پوءِ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ اچي ڪناري جي نوڪري ڪيم ۽ ڏهه سال کن لڳاتار اتي رهيل هوس. ان دوران منهنجو والد گل محمد شيخ به ٻه دفعا چار چار مهينا اچي رهيو. پهرئين دفعي والد صاحب کي ڪوالالمپور گھمائيندي ملائيشيا جي پهرئين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان سان به ملايم. منهنجو پيءُ ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ امن امان واري حالت ڏسي تعجب کائيندو هو، جتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا. جتي سڄو ملڪ اسان جي ڪچي وانگر گھاٽو جھنگل آهي. منهنجي والد تنڪو عبدالرحمان سان خبر چار دوران هتي جي امن امان جو به اظهار ڪيو ته مهاتير محمد (ان وقت جي موجوده وزيراعظم) کي ان جو ڪريڊٽ هجي. ان تي تنڪو عبدالرحمان چيو ته، ”ها اهو ٽيم ورڪ آهي. مهاتير محمد امن امان قائم رکندو اچي، پر ان بابت پاليسي منهنجي ڏينهن ۾ ٺاهي وئي.“ هن ٻڌايو ته، ”ملايا کي انگريزن کان جيئن ئي آزادي ملي ۽ هو ملڪ جو پهريون وزيراعظم ٿيو ته هن وڏي غور ۽ فڪر بعد اهو فيصلو ڪيو ته ملڪ جي بهتريءَ لاءِ ٻن کاتن جو خاص خيال رکڻو پوندو. هڪ پوليس کاتو ٻيو تعليم کاتو. جيتوڻيڪ هرهنڌ ميرٽ جو خيال رکيو ويندو پر انهن ٻن کاتن کي سڀ کان گھڻي ترجيح ڏبي. رتيءَ برابر به انهن کاتن ۾ سياست جي دخل اندازي قبول نه ڪئي ويندي. مون انهن کاتن جي ننڍي عملدار- هڪ پوليس سپاهيءَ کان پرائمري اسڪول جي ماستر جو پگھار گھڻي کان گھڻو رکڻ چاهيو، جيئن ميرٽ تي چونڊيل ماستر معاشي پريشانين کان پري رهي، سڪون سان پڙهائي سگهن ۽ ساڳئي وقت هڪ ننڍي کان ننڍي پوليس واري کي به ايترو پگھار ملي جو هُو مجبور ٿي ڏوهاريءَ جو پاسو نه کڻي.“
منهنجي خيال ۾ تنڪو صاحب اها اهڙي ڳالهه ڪئي جيڪا منهنجي والد جي به سوچ رهي ٿي. منهنجو والد جڏهن ٺٽي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو ته مون کي ياد آهي ته هن وٽ هڪ ڏينهن منجھند جي مانيءَ تي سجاول کان سندس ننڍپڻ جو ڪلاس ميٽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه آيو هو. ڳالهين دوران پوليس جي ڳالهه نڪتي ته مون سمجھيو ته منهنجو والد هن معاشري جي خرابيءَ جو ڏوهه پوليس واري کي ڏيندو، پر مون کي حيرت ٿي جڏهن پاڻ ۽ شاهه صاحب اهو ئي چيو ته، ”پوليس واري کي ڏسي ڏک ٿو ٿئي. هو پنهنجي معمولي پگھار مان ٻار پڙهائي، گھر ۾ راشن آڻي يا يونيفارم استري ڪرائي. هن کي مجبور ڪيو ويو آهي ته رشوت وٺي پنهنجو گذارو ڪري.“
منهنجي خيال ۾ اهي ڳالهيون نئين ملڪ شروع ٿيڻ تي نه جناح صاحب کي ۽ نه نهروءَ کي ڌيان ۾ آيون. پاڻ جھنگلن واري ملڪ ملايا جي وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان کي آيون. تنڪو صاحب اهو به چيو ته هن ايس پي رئنڪ واري ۽ ان کان مٿاهين پوليس آفيسر کي اعليٰ کان اعليٰ ڪار ۽ گھر ڏياريو، جيئن هُو ڪنهن امير چينيءَ جي اڳيان احساسِ ڪمتريءَ ۾ نه اچي ۽ ڪو به وڏيرو اسان جي پوليس واري کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري.
ملائيشيا جي هن پهرئين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان سان ڳالهيون ته ٻيون به گھڻيون ئي ٿيون، پر هن وقت هڪ بيان ڪرڻ جهڙي ڳالهه ياد اچي رهي آهي. انهن ڏينهن ۾ ملئي مسلمان عورتن ۾ حجاب (تودونگ) پائڻ جي تحريڪ عام هلي رهي هئي، جنهن کي ملڪ جي مولوين جي هڪ سياسي پارٽي P A S (پارٽي اسلام سي ملائيشيا) گھڻي هوا ڏئي رهي هئي، پر حڪومت عورتن لاءِ حجاب ٻڌڻ ضروري نٿي سمجھيو ۽ ملڪ جي چينين ۽ انڊين جي سياسي پارٽين (ايم آءِ سي ۽ ايم سي اي) ته ان جي سخت مخالفت ٿي ڪئي. منهنجي والد تنڪو صاحب کي ان بابت پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت توهان جي مسلمان ملئي ماڻهن جي UMNO پارٽي جي آهي- توهان جو هن قسم جي اسلامي ڪم بابت ڇا خيال آهي؟
هيءَ ملاقات 1984ع ڌاري جي آهي. منهنجي والد جي عمر 64 سال هئي ۽ تنڪو صاحب جنهن جو 1903ع ۾ جنم ٿيو، 81 سالن جو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تنڪو صاحب جو وڏو مطالعو آهي ۽ هن جا ملئي توڙي انگريزي اخبارن ۾ ڪالم ايندا رهن ٿا. هن منهنجي والد جي ڳالهه کي يڪدم رد ڪندي چيو ته، ”نه، اهو ڪو اسلامي ڪم ناهي. آئون سعودي عرب ۾ به رهيو آهيان ۽ مون ڏٺو ته ان قسم جو پڙدو ڪرڻ- جنهن ۾ منهن کي ڍڪي ڇڏجي جو ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ئي ختم ٿي وڃي. اسلام جي ضرورت نه پر عرب ملڪن جو ڪلچر آهي، جيئن افغانستان ۾ عورتون پاڻ کي تنبوءَ جهڙي برقعي سان ڍڪي هلن ٿيون. هُونءَ به اسان جي ملڪ ملائيشيا ۾ هر اها ڳالهه هلي نه سگھندي، جيڪا عرب ملڪن ۾ هلي ٿي. اسان جو ملڪ گھڻ مذهبو ۽ گھڻ زبانو آهي. هيءَ حڪومت، جيڪا اسان ملئي مسلمانن جي سياسي پارٽيءَ جي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ ۾ رهندڙ چيني ۽ انڊين جو خيال نه ڪريون جن جون مئنڊارن، ٽيوچو، هَڪا، ڪئنٽونيز، تامل، تيلگو، ڪنهڙ، مليالم ۽ گجراتي ۽ پنجابي ٻوليون آهن ۽ جن جا ڌرم هندو، سک، جين، ٻڌ ۽ ٻيا آهن.“ سگھو ئي ان کان پوءِ ان حجاب واري ڳالهه تي تنڪو صاحب اخبار ۾ ڪالم پڻ لکيو ۽ ماڻهن کي اها حيرت ٿي ته سڄي منهن کي ڍڪي هلڻ اسلامي ڪم نه پر عرب ڪلچر آهي. ملائيشيا کي اسلامي رياست نه بنائڻ بابت سندس جملا اڄ به مشهور آهن.
“All talk an Islamic state is just an empty dream. No man in his right sense would accept a nation which bases its political administration on religion, and in a country like Malaysia with its multiracial & multi-religious people, there is no room for an Islamic state...”
ملائيشيا جيڪو انگريزن کان 1957ع ۾ آزادي ملڻ کان اڳ ملايا سڏيو ويو ٿي، تنڪو عبدالرحمان ان جو 1970ع تائين تيرنهن سال پهريون وزيراعظم رهيو. ان بعد 1970ع کان 1976ع تائين تُن عبدالرزاق ٻيو وزيراعظم ٿيو. نجيب عبدالرزاق هن جو فرزند آهي، جيڪو ڪجھه سال اڳ تائين وزيراعظم هو، جنهن کي ڪرپشن ۾ وزارتِ عظميٰ تان لاهي جيل ۾ وڌو ويو آهي. ملائيشيا جو ٽيون وزيراعظم حسين عون 1976ع کان 1981ع تائين ٿيو. ان بعد مهاتير محمد وزيراعظم ٿيو، جنهن جي ڏينهن ۾ مون سامونڊي نوڪري ڇڏي، 1982ع جي شروعاتي سالن ۾ ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. آئون جڏهن ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ ملاڪا آيس ته ملائيشيا جو ٻيو وزيراعظم تن عبدالرزاق گذاري چڪو هو. سندس پٽ نجيب رزاق وزير هو ۽ اسان جي اڪيڊميءَ ۾ فٽبال کيڏڻ لاءِ ايندو هو، جتي هن سان عليڪ سليڪ ٿيندي هئي. ملائيشا جو ٽيون وزيراعظم حسين عون منهنجي ملائيشيا ۾ هجڻ دوران حيات هو، پر منهنجي ملاقات تنڪو صاحب سان ئي ٿيندي رهي ٿي. هو اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پرنسپال ڪرنل ڪومبس جو دوست هو. انگريزن جي حڪومت دوران ڪرنل ڪومبس جي پوسٽنگ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ئي رهي، جتي ٻي جنگ عظيم ۾ جپانين جي حملي دوران ڪرنل ڪومبس جپانين جو قيدي (POW) بڻيو. ملائيشيا کي آزادي ملڻ بعد تنڪو عبدالرحمان ۽ ڪرنل ڪومبس هڪ ٻئي سانContact ۾ رهيا ۽ تنڪو صاحب ڪرنل ڪومبس کان صلاح مشورو وٺندو رهيو ٿي. خاص ڪري چينين جي گوريلا جنگ بابت، جيڪا ملائيشيا جي نئين حڪومت لاءِ آزار بڻجي چڪي هئي. جنهن سال (1960ع ۾) پيٽارو ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جي بلڊنگ ٺهي راس ٿي ۽ اسان ميرپورخاص مان شفٽ ٿي پيٽارو آياسين. ان سال موڪلن ۾ ڪاليج طرفان ڪراچي ٽرپ ۾ ڪرنل ڪومبس اسان کي پهريون دفعو ڪراچي ايئرپورٽ تي تنڪو عبدالرحمان سان ملايو هو. هُو صاحب ڪوالالمپور کان لنڊن وڃي رهيو هو. رستي تي ڪراچيءَ ۾ هن جو ٻن ٽن ڪلاڪن جو اسٽاپ اوور هو يا شايد جهاز بدلائڻو هوس جنهن بابت ڪرنل ڪومبس کي معلوم هو، جنهن سان هن ايئرپورٽ تي ملڻ جو پروگرام اڳواٽ ٺاهيو هو. اسان شاگرد جيڪي هفتي کن لاءِ ڪراچيءَ آيا هئاسين، انهن جو ان وقت ڪراچي ايئرپورٽ گھمڻ جو پروگرام رکيو ويو هو. مون وٽ تصوير به آهي ۽ اسان ست اٺ ڪئڊٽ بلڪل هوائي جهاز وٽ بيٺل نظر اچي رهيا آهيون. انهن ڏينهن ۾ هوائي جهاز کان پري گئلريءَ ۾ بيهڻ جو رواج اڃا نه ٿيو هو.
ان ملاقات بعد 1970ع ۾ جڏهن جهاز تي هوس ته تنڪو صاحب سان ڪوالالمپور ۾ مليو هوس. اهو سندس وزيراعظم هجڻ جو آخري سال هو. تنهن کان پوءِ ڪناري واري نوڪريءَ دوران تنڪو صاحب سان، خاص ڪري عيد جي موقعي تي، ملاقات ٿيندي رهي ٿي. کين آخري ڏينهن تائين ڪرنل ڪومبس ياد هو ۽ هن جون ڳالهيون ڪيائين ٿي. ڪرنل ڪومبس 1978ع ۾ گذاري ويو، جيتوڻيڪ هُو تنڪو صاحب کان ٽي سال ننڍو هو. 1990ع ۾ آئون ملائيشيا ۾ ئي هوس ته تنڪو عبدالرحمان ۽ ملڪ جو ٽيون وزيراعظم حسين عون گذاري ويا. عمر ۾ حسين عون تنڪو کان 20 سال کن ننڍو هو.

بهترين ڪارڪردگيءَ جو راز

ملائيشيا جو وزيراعظم هميشه عام ماڻهن مان چونڊيو وڃي ٿو. هر رياست جو وڏو يعني حاڪم اتي جو سلطان ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي واري تي پنجن سالن لاءِ سڄي ملڪ جو بادشاهه ٿئي ٿو. تنڪو عبدالرحمان جو تعلق شاهي خاندان سان هو. پاڻ ’ڪيداح‘ رياست جي سلطان عبدالحميد حليم جو ستون پٽ هو. سندس والد ڪيداح جو 61 سال 1881ع کان 1943ع تائين سلطان رهيو. هن کان اڳ هن رياست جا 20 مسلمان سلطان ۽ 9 هندو راجا ٿيا، جن جو تاريخي رڪارڊ موجود آهي. ياد رهي ته ملايا ۽ انڊونيشيا پاسي شروع ۾ هندو ڌرم هو. انڊونيشيا جي بالي رياست اها آهي جتي جو اڄ به سرڪاري ڌرم هندو ڌرم آهي. تنڪو عبدالرحمان جي والده اڌ برمي هئي ته اڌ سيامي يعني ٿائي.
بهرحال هتي پاڻ ملائيشيا جي پوليس جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اها اسان جهڙن ايشيائي ملڪن کان بهتر ڇو آهي، جنهن لاءِ تنڪو عبدالرحمان صاحب ٻڌايو ته اها شروع کان ميرٽ جي بنياد تي رکي وئي ۽ ننڍي کان ننڍي سپاهيءَ کي گذر سفر لاءِ ايترو پگھار ملي ٿو جو هن کي هيڏانهن هوڏانهن هٿ نٿو هڻڻو پوي. هُونءَ ته ملائيشيا جي هر کاتي ۾ ڪنهن پير، مير، وڏيري يا سياستدان جي سفارش تي نه پر اميدوار جي پنهنجي قابليت تي نوڪري ڏني وڃي ٿي. پوليس ۾ ته ان تي هيڪاندو سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو، پوءِ اهو ماڻهو ڀلي ڌرتيءَ جو پٽ (بوميپترا) ملئي نه پر چيني هجي يا انڊين- يعني تامل، پٺاڻ، سک يا پنجابي، جنهن جي وڏن ڀلي پوک جو ڪم ڪيو هجي يا چوڪيداري يا ڍڳين پالڻ جو... پر هن جي اولاد پنهنجي تعليم ۽ قابليت ۾ پاڻ کي اتم ثابت ڪيو آهي ته نوڪري هن کي ئي ملي ٿي. شروع جا ڏينهن-يعني 1968ع جا ياد ٿا اچن ته اسان جي ننڍي کنڊ جا پٺاڻ ۽ سک- جيڪي غربت ۽ بيروزگاري کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هتي ملايا ۽ سنگاپور آيا، اهي بئنڪن ۽ دڪانن اڳيان چوڪيدار هئا يا مهمانن لاءِ هوٽلن جو دروازو کولڻ وارا.
سائوٿ انڊيا جي تامل ۽ مليالم ماڻهن جيتن ۽ جانورن وارن جھنگلن ۾ کيتي ٻاڙي ڪئي ٿي يا ريلوي کاتي ۾ مزوري ڪئي ٿي... هاڻ اڌ صديءَ جي سفر بعد ڏسان پيو ته هنن جو اولاد ۽ ان اولاد جو اولاد، تعليم ۽ هنر حاصل ڪري ملائيشيا جي هر کاتي ۾ آفيسر آهي، ڪارخانيدار آهي، وڏو واپاري ۽ سيٺ آهي. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ انڊين (تاملن، پٺاڻن، پنجابين، سکن، گجراتين، سنڌين، بنگالين وغيره) جي جملي آدمشماري 5 سيڪڙو به نه آهي، پر هاڻ توهان کي جتي ڪٿي سک، پٺاڻ، گجراتي، تامل وغيره وڏا سرجن، پروفيسر، وڪيل، جج، پوليس آفيسر ۽ فوجي نظر اچن ٿا. اهو ان ڪري جو ملائيشيا جو غريب کان غريب ماڻهو، ڀلي هن جا وڏا پنهنجي اصل وطن ننڍي کنڊ ۾ وڏين نوڪرين لاءِ نيچ سمجھيا ويا ٿي، پر هتي ملائيشيا ۾ هو سمجھن ٿا ته جيڪو محنت ڪندو ان کي ان جو ڦل ملندو.
ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائيءَ ۾ وڏو عرصو رهڻ دوران مون اهو ئي ڏٺو ته اهو ناممڪن آهي ته هوم منسٽر يا هوم سيڪريٽريءَ جهڙو طاقتور ماڻهو به پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ڪنهن عزيز دوست کي پوليس واري جهڙي معمولي نوڪري به ڏئي سگھي. هو ملڪ جي ٺهيل سسٽم تي ئي ڀاڙي ٿو، جنهن مطابق آفيسرن توڙي معمولي سپاهين جي ميرٽ تي سليڪشن ٿئي ٿي ۽ پوءِ ان ۾ غريب سک، پاڪستاني پٺاڻ يا چينيءَ جو ٻار به چونڊجي وڃي ٿو. يعني ملڪ جو هر ٻار سفارش تي ڀاڙڻ بدران محنت ۾ لڳو رهي ٿو ۽ هن کي پنهنجي ملڪ (ملائيشيا) جي سسٽم تي اعتماد آهي ته هو محنت ڪندو ۽ منجھس قابليت هوندي ته هُو وڏي کان وڏي عهدي لاءِ چونڊجي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جي ننڍن ڳوٺن جا ٻار به ڏينهن رات محنت ڪندا رهن ٿا ۽ جن کان پڙهائي نٿي پڄي اهي ڪنهن ڌنڌي يا هنر کي وڃيو لڳن، جو هو سمجھن ٿا ته ڀلي هنن جو چاچو مامو وزير يا سرڪاري ڪامورو هجي... مقرر امتحان پاس نه ڪندو ته هن کي نوڪري هرگز هرگز نه ملي سگھندي. ان بابت آئون ملائيشيا جي شروعاتي سفرنامن ۾ مثال به لکي چڪو آهيان ته اسان وٽ ملائيشيا جا نوجوان ملئي مسلمان، چيني ۽ انڊين جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٿيڻ لاءِ يعني Post-Sea جي امتحانن لاءِ پڙهڻ ايندا هئا. سندن امتحان وٺڻ وارا به اسان هئاسين.
پهريون دفعو جڏهن امتحان ٿيا ته مون پنهنجي ملئي باس کان پڇيو ته، ”ملئي شاگرد ڪمزور آهن انهن کي پاس ڪرڻ لاءِ ڇا ڪجهه مدد ڪرڻي پوندي؟“ مون کي حيرت ٿي جڏهن هن سنئون سڌو چيو ته، ”هرگز نه. پاس فقط انهن کي ڪبو جيڪي پاس ٿين. ڀلي جهاز بيٺا رهن. اسان کي معيار مٿاهون رکڻو آهي.“
پوءِ ڏهاڪو کن سال ان اداري ۾ رهڻ دوران مون ڏٺو ته چاليهه کن جيڪي جهازن جا چيف انجنيئر ٿيا، انهن مان ٽيهارو چيني پاس ٿيا ۽ هن ملڪ جا ملئي فقط پنج ڇهه پر اسان جي باس توڙي حڪومت کي ڏک نه ٿيو. هنن جو اهو ئي چوڻ هو ته هنن کي محنت ڪرڻ کپي. اسان اهو هرگز نٿا چاهيون ته اسان جي ملڪ ۾ ڪو ڪريل معيار جو ڊاڪٽر، سرجن يا جهاز جو ڪئپٽن چيف انجنيئر هجي. ڀلي کڻي اهو اسان جو عام ملئي مسلمان هجي يا ڪنهن وزير گورنر جو پٽ ڀائٽيو هجي.
ملائيشيا جي معيار بلند رکڻ جو آئون اهو به مثال ڏيندو آهيان ته جڏهن ملائشيا وارن ’پروٽان ساگا‘ نالي ڪار ٺاهڻ شروع ڪئي ته هر هڪ اهو چيو ته هن ملڪ ۾ هر ڪار وڪامي ٿي، سو اهڙي صورت ۾ ڪير جپاني، فرينچ، جرمن ڪارون ڇڏي ملائيشيا جي ڪار خريد ڪندو. سڀني جي وات تي اهو هو ته حڪومت گھٽ ۾ گھٽ سرڪاري ڪامورن کي پابند ڪندي ته هُو پنهنجي ملڪ جي ڪار خريد ڪن نه ته کين ڪار لاءِ بنا وياج جي قرض نه ملندو. هي ائين هو جيئن اسان وٽ سرڪاري آفيسر سرڪاري ميٽنگ لاءِ اسلام آباد وڃڻ لاءِ پي آءِ اي جي ٽڪيٽ خريد ڪن ٿا.
ملائيشين ڪار جڏهن ٺهي راس ٿيڻ تي پهتي ته حڪومت اعلان ڪيو ته اها ان قسم جي ڪا پابندي نه مڙهيندي. سرڪاري توڙي غير سرڪاري ماڻهو آزاد آهي ته هن کي جيڪا ڪار وڻي اها خريد ڪري. پروٽان ساگا ڪار ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ کي حڪومت اهو ئي چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته هيءَ لوڪل ڪار وڪامي ته ان کي اعليٰ قسم جي ٺاهڻ سان گڏ قيمت ۾ به سستو ڪريو ۽ اسان ڏٺو ته ان ڪار ٺاهڻ ۾ ايڏي محنت ۽ خيال رکيو ويو، جو فارين جي ڪارن جي مقابلي ۾ اها بهتر ۽ سستي ثابت ٿي. ملائيشين جي هيءَ ڪار ڪمپني اڄ ڏينهن تائين ترقي ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جون ڪارون مختلف نالن سان ٺاهي ٿي. سڄي دنيا ۾ هنن ڪارن جي ايڏي ته گهرج آهي جو ڪمپنيءَ لاءِ پورائو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
اسان وٽ هڪ ڀنگي يا قاصد جي نوڪريءَ لاءِ به وزيراعليٰ کان سفارش ڪرائڻ جي ضرورت پئي ٿي ۽ پوءِ جيڪي سکر، لاڙڪاڻي يا ڪراچي جي ميونسپالٽي جا شهر کي ٻهاري ڏيڻ وارا نوڪري حاصل ڪن ٿا، اهي پاڻ کي هر وقت ان اعليٰ آفيسر جو ماڻهو سڏرائي نوڪري ڪرڻ کان آڱوٺو ڪڍيو ويٺا آهن. واسطيدار عملدار سان شهر جي گندگيءَ جي شڪايت ڪري ته هُو پنهنجي مجبوري ٻڌائي ٿو ته ڇا ڪريان، هنن ڀنگين کي ڪجھه چئي نٿو سگھجي جو اهي فلاڻي وزير، مشير، پير، ڀوتار يا سياستدان جا ماڻهو آهن. مرضيءَ جا مالڪ آهن... ’وڻين ته ڪم ڪن وڻين ته نه ڪن...‘ يعني اهو آهي اسان وٽ سفارشي ماحول! معنيٰ جنهن کي نوڪري ملي ٿي اهو پاڻ کي ملڪ جو خادم سمجھڻ بدران ان ماڻهوءَ جو ذاتي غلام سمجھي ٿو، جيڪو هن جي سفارش ڪري هن کي نوڪري وٺرائي ڏئي ٿو. اهڙي ماحول جي فضا مان جڏهن آئون ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊميءَ جي نئين کليل ڊپارٽمينٽ مئرين انجنيئرنگ جو هيڊ ٿيس ته منهنجي ماتحت ڪم ڪرڻ لاءِ ملائيشيا حڪومت جي شپنگ ڊپارٽمينٽ وارن ٻن مئرين چيف انجنيئرن لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏنو، جيئن اهي نوڪري حاصل ڪري اسان وٽ پڙهائين.
ڪجھه ڏينهن بعد اسان جي ڪمانڊنٽ (پرنسپال) جو فون آيو ته ٻه اميدوار جاب لاءِ آيا آهن، جن جو اچي انٽرويو وٺ. آئون سندس آفيس ۾ ويس، هڪ سنگاپور جو ملئي هو ۽ ٻيو ملائيشيا جو چيني. ٻنهي ڄڻن چيف انجنيئر جي پوسٽ تي مختلف جهازن تي Sail ڪيو هو ۽ ٻنهي کي هاڻ سمنڊ تي جهاز بدران پڙهائڻ جو شوق هو. ڪجھه سوال پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هنن کي پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ به آهي ۽ سندن انگريزي به سٺي ۽ سمجھه جوڳي آهي. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته ٻئي سٺا ماستر ثابت ٿيندا، پر وزارت جهازرانيءَ جي سيڪريٽري يا وزير تي منحصر آهي ته هنن کي نوڪري ڏئي ٿو يا نه، جو هڪ سنگاپور جو آهي- يعني ملائشيا جو ناهي ۽ ٻيو چيني آهي يعني هنن جو پنهنجو بوميپترو (Son of Soil) ناهي. انٽرويو بعد آئون هنن سان گڏ چانهه پي پنهنجي آفيس پهتس ته ڪمانڊنٽ جو فون آيو:
”ته پوءِ مسٽر الطاف ڪنهن کي رکڻ پسند ڪندين؟ هڪ يا ٻنهي کي؟“
”سائين توهان جيئن چاهيو. منهنجي نظر ۾ ته ٻئي صحيح آهن.“ مون وراڻيو.
”ته ڀلي ٻنهي کي نوڪري ڏي.“ ڪمانڊنٽ چيو.
”سائين آئون ڏيان؟“
”بلڪل. تو وٽ ئي ته هنن کي ڪم ڪرڻو آهي. هائر ۽ فائر جي اٿارٽي تو وٽ ئي رهندي. تون ئي ڊپارٽمينٽ جو مُک آهين.“
”پوءِ ڀلا هڪ ته هن ملڪ جو ناهي. اهو سنگاپور جو آهي.“ مون ڪمانڊنٽ کي واضح ڪيو.
”مڙيئي خير آهي. قابل ماڻهو هجي، پوءِ کڻي ڪهڙي به ملڪ جو هجي.“
منهنجي اوڪي ڪرڻ تي ان ئي وقت ڪمانڊنٽ ٻنهي جهازي چيف انجنيئرن کي منهنجي آفيس موڪليو ۽ اڌ ڪلاڪ بعد انهن جوAppointment ليٽر به اچي ويو.
ميرٽ تي کڻڻ مان اهو فائدو ٿئي ٿو ته نوڪري حصل ڪرڻ وارو صحيح طرح نوڪري ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته گسائڻ تي يا صحيح ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي اتي جو اتي مون کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو ۽ باوجود ان جي ته هڪ غير مسلمان هو ۽ ٻيو غير ملڪي، هنن کي اهو احساس رهيو ٿي ته هنن کي اها نوڪري ان ڪري ملي آهي، جو هو پنهنجي جاب ۾ بهترين آهن، نتيجي ۾ هو پاڻ وڻائڻ خاطر اڃان به محنت ڪري سٺو پڙهائين ٿا.
اهڙي طرح ملائيشيا جي ٻين کاتن ۾ بهتر ڪارڪردگي آهي. پوليس کاتي ۾ چاهي سک هجي يا تامل هندو. هو محنت ڪري ڏوهارين کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو سمجهي ٿو ته اهو ڏوهاري ڀلي ڪو طاقتور هجي، سندس ڪم ان کي بچائڻ بدران سوگھو ڪرڻ آهي. ڀلي کڻي ملڪ جو وزيراعظم هجي. هن جي ڏوهن جي چڱي طرح تفتيش ڪري ڪورٽ ۾ ثبوت پيش ڪرڻو آهي. نجيب رزاق ملڪ جو وزيراعظم ته هو، جنهن جي ڪرپشن جي ڏوهه ۾ نوڪري ته وئي ويتر جيل اچي ويس. هي لکڻ وقت پنهنجي ملڪ جي ٽي ويءَ تان خبر پيو ٻڌان ته حمزو شريف، جيڪو ڪرپشن جي الزام ۾ 14 مهينن کان جيل ۾ هو، ان کي هن جي خلاف ثبوت نه ملڻ تي ڪورٽ سڳوريءَ ضمانت ڏئي ڇڏي. سوال آهي ته پوليس جڏهن هن کي ٻڌو ته ڪهڙي بنياد تي؟ ۽ هيڏي ڊگھي رمانڊ ۽ تفتيش جي، اها ثابتيون هٿ ڪري نه سگھي! ۽ هيڏانهن هڪ طاقتور ماڻهوءَ جي ڪرپشن جا ثبوت پوليس چند هفتن ۾ ڪورٽ ۾ پيش ڪري وزيراعظم کي سزا ڏياري ڇڏي ۽ اهو تفتيش ڪندڙ ڪهڙو پوليس آفيسر هو؟ هڪ سِک ’سردار جِي‘ جنهن جو پيءُ ۽ نانو معمولي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ کان هڪ صدي کن اڳ پنجاب کان هتي ملائيشيا (ملايا) آيا هئا... سردار امر سنگھه.. جيڪو جڏهن ڊي ايس پي ليول جو آفيسر هو ته دوست ٿي ڪري به منهنجي ڏوهه (غلط پارڪنگ) جو ڏنڊ 5 رنگٽ ورتو هئائين ۽ پنهنجي کيسي مان 20 رنگٽ خرچ ڪري مون کي ناسي گورينگ، بيف رينڊانگ ۽ ساتي جي زبردست لنچ کارائي هئائين.

ملائيشيا جو سِکُ پوليس آفيسر

امر سنگهه پهريون سِکُ آهي جيڪو هتي جي پوليس جي اعليٰ عهدي سي پي او (چيف پوليس آفيسر) يعني ڪمشنر جي رئنڪ تي پهتو آهي. ائين ته 1982ع يا شايد 1983ع ۾ زمان خان نالي پٺاڻ پڻ پوليس ڪمشنر هو، جنهن جو پيءُ يا ڏاڏو پشاور کان آيو هو. هُو انگريزن جي فوج ۾ سپاهي طور ملايا آيو هو. ملايا کي آزادي ملڻ بعد واپس وطن وڃڻ بدران هتي ملائيشيا ۾ ئي رهي پيو. غربت جي باوجود هن پورهيا ۽ چوڪيداريون ڪري پنهنجي اولاد کي پڙهايو. اهڙي طرح ملائيشيا جي هن سِکَ پوليس ڪمشنر جو پيءُ ’اسهار سنگھه‘ روزگار لاءِ سال 1938ع ۾ پنجاب (برٽش انڊيا) کان ملايا آيو هو. هُو امرتسر کان ڪلڪتي پهتو، جتان هُو پاڻيءَ واري جهاز ۾ پينانگ آيو. ان وقت هن جي عمر 18 سال هئي. پينانگ ۾ هُو هر قسم جي مزوري ۽ پورهيو ڪندو رهيو، جتي هڪ سال بعد هن کي ملايا ۾ انگريزن جي ٺهيل پوليس کاتي ۾ سپاهيءَ جي نوڪري ملي وئي. هُونءَ به انگريزن، پوليس جهڙي کاتي ۾ پنجابي مسلمانن، سکن، پٺاڻن ۽ گورکن کي ترجيح ڏني ٿي. ٽريننگ بعد اسهار سنگهه کي پيراق رياست جي شهر ستيوان ۾ رکيو ويو. انگريزن ملايا ۾ گوريلا دشمنن جي مقابلي لاءِ جيڪا ’پوليس جنگل اسڪواڊ‘ ٺاهي، ان جو سمجھو ته اسهار سنگھه اوائلي ميمبر هو. هُو ٻڌئيندو هو ته دشمن جي ڳولا ۾ هنن کي ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه مهينا به جھنگل ۾ رهڻو پيو ٿي. ملايا کي هنن چيني دهشتگردن (گوريلن) پنائي رکيو هو، جيڪي امن پسند شهرين تي حملا ڪري جھنگلن ۾ لڪي ويا ٿي. هنن دهشتگردن جو خاتمو آڻڻ نه فقط برٽش حڪومت لاءِ مسئلو هو پر ملايا کي آزادي ملڻ بعد ملئي حڪومت لاءِ به ڪجھه سالن تائين وڏو مٿي جو سور رهيو ۽ هي اهو مسئلو هو، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملايا (ملائيشيا) جو پهريون وزيراعظم اسان جي پيٽارو واري پرنسپال ڪرنل ڪومبس سان صلاح مشورو ڪندو رهيو ٿي، جو ملايا کي آزاديءَ کان اڳ وارا سال ڪرنل ڪومبس جي ملايا ۾ پوسٽنگ رهي هئي ۽ هن کي ان قسم جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جو تجربو هو. بهرحال هاڻ جي پوليس ڪمشنر سردار امرسنگھه جو پيءُ اسهار سنگھه 1971ع ۾ ملايا جي پوليس کاتي مان ڪارپورل جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو.
اسهار سنگھه جي ٻارن يعني پوليس ڪمشنر امر سنگھه ۽ ان جي ڀيڻ ٻڌايو ته هنن جا ڏاڏاڻا پنجاب ۾ امرتسر ڀرسان ٻهراڙيءَ ۾ رهيا ٿي، جن هارپو ڪيو ٿي. ان مان هنن جو صحيح طرح سان سفر گذر نٿي ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ جا ماڻهو سٺي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ زئنزيبار، ڪينيا ويندي موريشس ۽ فجي وڃي رهيا هئا، جتي پڻ گھڻو تڻو پوک ڪرڻي پئي ٿي، پر انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري هنن کي ريل جي ڪمن ۽ پوليس کاتي ۾ به نوڪري ملي وئي ٿي.
”اسان جي پيءُ اسهار وٽ 80 رپيا هئا. هو ڪنهن طريقي سان امرتسر کان ڪلڪتي پهتو، جتان اسٽيمر ذريعي پينانگ آيو.“ ڪمشنر امر سنگھه جي ليڪچرار ڀيڻ ٻڌايو، ”هيءَ 1938ع جي ڳالهه آهي، جڏهن هُو 18 سالن جو هو. هن کي انگريز سرڪار جو پوليس وارو ٿيڻ جو شوق هو ۽ جيسين ڪو موقعو ملي تيسين هو پينانگ ۾ هتي هُتي پورهيو ۽ مزوري ڪندو رهيو.“
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سال کن جي ڀڄ ڊوڙ بعد 1939ع ۾ هن کي پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي وئي ۽ پوليس جي سخت ٽريننگ بعد هن جي پهرين پوسٽنگ پيراق رياست جي سيتياوان شهر ۾ ٿي هئي. هتي اهو به لکندو هلان ته جيتوڻيڪ سِکَ ملائيشيا جي هر رياست ۾ نظر اچن ٿا پر سڀ کان گھڻا پيراق رياست ۾ آهن، جو شروع جي ڏينهن ۾ ماڻهن سمنڊ رستي سفر ڪيو ٿي ۽ ننڍي کنڊ کان هن پاسي اچڻ وارن لاءِ هندي وڏو سمنڊ ٽپڻ بعد پيراق ۽ ڪيداح ملايا جون شروعاتي رياستون هيون. پيراق رياست ۾ سڀ کان گھڻا سکن جا گردوارا پڻ آهن. منهنجو ليڪچر لاءِ پيراق رياست جي ڪاليجن ۾ وڃڻ ٿيندو هو، جتي جي مختلف شهرن: تائپنگ، چيمور، ڪوالاڪنگسار، اپوح، مالم نوار، پسنگ، بدور وغيره ۾ ته هڪ هڪ ٻه ٻه آهن، پر ننڍن ڳوٺن: تنجنگ مالم، باتو گاجاح، ترونوح، لحات، باگان سراءِ، سلم رور ۽ تاپاح ۾ به هڪ عدد گردوارو نظر اچي ٿو. سنڌ صوبي جي ڇهين حصي جيڏي پيراق رياست (جنهن جي جملي آدمشماري 24 لک آهي، جنهن ۾ سک ڏهائي ٻه سيڪڙو مس آهن، يعني ڪي 4800 کن) 42 گردوارا آهن. لکڻ جو مطلب اهو آهي ته ملائيشيا ۾ نه فقط سکن جا پر هندن، عيسائين، ٻڌن ۽ چينين جا به عبادت گھر موجود آهن. اسلام کي هتي ڪو خطرو ناهي. ڪنهن جو ڪنهن سک يا عيسائيءَ سان ذاتي جھيڙو ٿئي ٿو ته هو هن جا عبادت گھر نه ڊاهي ٿو نه ساڙي ٿو. حڪومت توڙي عوام ٻين جي عبادتگاهن ۽ ڪلچر جو خيال ڪن ٿا. دنيا جا ٽوئرسٽ هي شيون ۽ آزادي ڏسي ملئي ماڻهن ۽ اسلام ۾ برداشت جي مادي(tolerance) جي واکاڻ ڪن ٿا.
ٻي ڳالهه اها به لکڻ چاهيان ٿو ته اڄ کان سئو سال کن اڳ جڏهن ننڍي کنڊ جا پٺاڻ، سک، پنجابي، پارسي، تامل، بنگالي وغيره پورهئي ۽ مزوريءَ لاءِ يا انگريز راڄ جي پوليس ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿي هتي آيا ته ان وقت انڊيا جون حالتون خراب هيون، ته هيڏانهن جون به ڪي بهتر نه هيون. جهڙو تهڙو روزگار کڻي ملي ويو ٿي، پر ٻيون حالتون ڏکوئيندڙ هيون. اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو مٽ مائٽ ڇڏي، پراڻن آگبوٽن ۽ سڙهه وارن ٻيڙن ۾ ڪشالا ڪڍي، هتي پهتا ٿي جتي سخت پورهئي سان گڏ، هتي جي خراب موسم ۽ نانگن بلائن ۽ زهريلن جيتن کي پڻ منهن ڏنو ٿي. انهن ڏينهن ۾ نه مڇرن ڀڄائڻ جي چرخي يا فِلٽ هئي ۽ نه مليريا جي بچاءُ لاءِ ڪا ايجاد ٿيل دوا. سر اسٽئمفورڊ رئفلس جهڙا ڪئين انگريز مليريا وگھي ننڍي عمر ۾ مري ويا.
ملائيشيا جي پوليس ڪمشنر جي پٽن ٻڌايو ته هنن جو ڏاڏو ۽ پيءُ اڄ به پنهنجي اباڻي وطن پنجاب ويندا رهن ٿا، جتي سندن والد امر سنگھه جا سوٽ ماسات رهن ٿا. امر سنگھه کي ٽي پٽ آهن: ڊاڪٽر هرپريت سنگھه، ٻيو هرپريم سنگهه جيڪو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ سڀ ۾ ننڍو انيل پريم سنگھه، جنهن او ليول پئي ڪئي، هينئر جي خبر نه اٿم ته اهو ڪهڙي فيلڊ ۾ ويو آهي. امر سنگھه ٻڌايو ته هن جا پنجاب ۾ رهندڙ سئوٽ ماسات اڄ به اتي هارپو ڪن ٿا. اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته هن جي والد اسهار سنگھه اڄ کان 80 سال اڳ پنهنجو وطن ڇڏي پرديس ۾ اچڻ جو صحيح فيصلو ڪيو. هُو ڇا چوندا آهن ته ’حرڪت ۾ برڪت آهي‘ يا ’ڦُول وه سُرها هوا جو چمن سي نڪل گيا.‘ هن جي فيصلي ۽ محنت سندس سڄي ڪٽنب جي زندگي بدلائي ڇڏي.
ملائيشيا جو پوليس ڪمشنر امر سنگھه ڏٺو وڃي ته ملائيشيا ۾ رهندڙ سکن جي ٽئين نسل (جنريشن) جو ماڻهو ٿيو. هن کان اڳ سندس پيءُ اسهار سنگھه پوليس ۾ هو ۽ ان کان به اڳ امر سنگھه جو نانو ’بچن سنگھه‘ پوليس ۾ ڪانسٽيبل هو. اسهار سنگھه 1938ع ۾ پنجاب کان ملايا آيو. بچن سنگھه ان کان به ٽيهارو سال اڳ ملايا ۾ آيو ۽ 1940ع ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ رٽائرڊ ٿيو يعني امر سنگھه جي پيءُ کي پوليس ۾ نوڪري ملڻ بعد ٻه سال رکي، بچن سنگھه انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ ملايا جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪئي، جن ۾ ڪئالا ڪُوبو بارو، ڪئالا لپيس ۽ رئوب ’Raub‘ (جتي امرسنگھه جي ماءُ ڄائي) ڪجهه شهر آهن. اڳتي هلي هن جي شادي امر جي پيءُ اسهار سنگھه سان اپوح ۾ ٿي.
هڪ ڳالهه جيڪا پڙهندڙن لاءِ به غور طلب آهي ته ڪمشنر امر سنگھه جو پيءُ اسهار سنگھه، جيڪو بنيادي طرح ٻهراڙيءَ جو هڪ هاري ماڻهو هو، بعد ۾ ملايا ۾ اچي هن کي ڪا وڏي نوڪري ته نه ملي. هُو هڪ عام پوليس وارو ٿي رهيو. نه وري هن کي ڪا وڏن جي ملايا ۾ ملڪيت هئي. هُو زال ۽ ٻارن سان سڄي عمر مسواڙ جي گھرن ۾ رهيو. رٽائرڊ ٿيڻ وقت به هن وٽ ڪا پاڇي نه هئي، تڏهن ته 60 سالن جي عمر ۾ پيٽ گذر لاءِ چوڪيداري ڪيائين. اهڙي طرح سندس زال (يعني بچن سنگھه جي ڌيءَ) به هڪ غريب پوليس واري جي ڌيءَ هئي، پر اهو سوچيو ته ٻئي ڄڻا يعني پوليس ڪمشنر امر سنگھه جا ماءُ پيءُ ڪيڏا ڏورانهين سوچ رکڻ وارا(Visionary) هئا. هُو سخت ڊسيپلينرين هئا ۽ هنن چاهيو ٿي ته سندن اولاد محنت ڪري تعليم حاصل ڪري. امر سنگھه جي پوليس واري پيءُ اسهار سنگھه ان ۾ اعتقاد ٿي رکيو ته تعليم انسان جي تقدير بدلايو ڇڏي. هن کي يقين هو ته تعليم ئي هڪ اهڙي شئي آهي جيڪا سندس اولاد جي به قسمت بدلائي سگھي ٿي ۽ اها ئي ڳالهه سندس زال (يعني امر سنگھه جي والده) صحيح ٿي سمجھي. والدين جي محنت هڪ ڏينهن رنگ لاتو ۽ سندن ٻار يعني امر سنگھه ۽ سندس ڀينرن يونيورسٽي ملايا (UM) مان گرئجوئيشن ڪيو. هن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملڻ ۽ گرئجوئيشن ڪرڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ناهي. هن سِک فئمليءَ جي ٻارن ضرور پهرين ڪلاس کان وڏي محنت ڪري پڙهيو هوندو ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ پوزيشن کنئي هوندي، تڏهن ته ’يونيورسٽي ملايا‘ ۾ کين داخلا ملي هوندي. اڄ جڏهن ملائيشيا ۾ ڪيتريون ئي فارين يونيورسٽيون آهن، ان هوندي بهUM (يونيورسٽي ملايا) ٽاپ تي آهي. هن يونيورسٽيءَ جون خبرون سنڌ جي شاگردن کان پڇي سگھو ٿا، جن هن يونيورسٽيءَ مان Ph.D. ڪئي آهي. ڪجھه جا نالا جن سان منهنجي آخري سالن ۾ ملاقات ٿي، انهن مان رمضان خاصخيلي، اسحاق مستوئي، حفيظ ٻٻر آهن. منهنجي خيال ۾ ٽنڊو قيصر جو ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻي به هن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر خان محمد قريشي، جنهن ڪيميڪل انجنيرنگ ۾Ph.D. ڪئي ۽ ڊاڪٽر جاويد لغاري جنهن اليڪٽيڪل انجنيرنگ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي.
بهرحال امر سنگهه جون ڀيڻيون پروفيسر آهن. 1982ع ۾ يونيورسٽي آف ملايا مان B.Sc. ڪرڻ بعد امر سنگھه پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ منهنجي خيال ۾ هُو سرڪار طرفان اسڪالر ملڻ تي انگلنڊ روانو ٿيو، جتي جي يونيورسٽي آف بڪنگهام مان LL.B. ڪئي. ان سان گڏ ليگل پرئڪٽس جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو. موٽي اچڻ بعد هن يونيورسٽي آف ملايا ۾ وري داخلا ورتي جتان هن ’ڪمرشل جسٽس‘ ۾ ماسٽرس ڪئي. ان بعد ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ مان Shariah Law & Practice سبجيڪٽ ۾ ڊپلوما ڪئي.

امر سنگهه ۽ هن جي ڪيل اهم تفتيش

امر سنگھه جي پيءُ اسهار سنگھه لاءِ لکي چڪو آهيان ته هُو هڪ هاريءَ جو پٽ هو، جيڪو 80 رپيا کڻي گهران نڪتو هو ته ملايا ٿو وڃان. آگبوٽ وغيره جو ڀاڙو ڏئي پينانگ پهتو ته کيسا خالي هيس. سال کن مزوري ۽ پورهيو ڪري ٻه ويلا کاڌائين ٿي ۽ پوءِ نوڪري مليس ته ان ۾ هن جي ڪا اهڙي بچت نٿي ٿي، جو سڀني ٻارن جي تعليم تي وڏو خرچ ٿي ٿيو. 1979ع ۾ هُو 60 سالن جو ٿي پوليس کاتي مان رٽائرڊ ٿيو ته هن جا ٻار اڃان پڙهي رهيا هئا. امر سنگھه اڃا انٽر ڪئي هئي. هن جو اهو خواب هو ته ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪن. ان خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ هن رٽائرمينٽ بعد ٻي ڪا نوڪري نه ملڻ تي اپوح شهر جي هڪ ڪارن جي ورڪشاپ ۾ سڪيورٽي گارڊ ٿي ڪم ڪيو. هي ورڪشاپ پيراق رياست جي گوپينگ شهر ۾ جالان (شاهراهه) امام پرنگ تي آهي. آئون 1990ع تائين وزيٽنگ ليڪچرر جي حيثيت ۾ اپوح ويندو هوس ته گوپينگ ۾ به ترسندو هوس. اسهار سنگھه 80 ورهين جي ڄمار ۾ 1999ع ۾ گذاري ويو. ٿورو غور ڪيو ته هُو هڪ ڌارئين ملڪ ۾ ننڍي نوڪريءَ ۾ رهي پنهنجي ڪٽنب کي ٺاهي ويو. دراصل ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سِکن جي اها ئي ڪهاڻي آهي. آئون به 1968ع کان ملائيشيا ۾ رهندڙ سِکن ۽ اسان جي ملڪ جي پٺاڻن کي ڏسندو اچان. اڄ کان 50 سال اڳ سک ۽ پٺاڻ معنيٰ ڪنهن هوٽل جا درٻان، چوڪيدار، ڍڳيون پالڻ وارا، سخت جسماني پورهيو ڪرڻ وارا... وغيره. شاباس هجي هنن جي محنتن، پورهين ۽ اڳتي جي سوچ کي. هنن ڏکيا ڏينهن گذاري پنهنجي اولاد کي پڙهايو، اڳتي وڌايو، پڪائي ڪري پئسو بچايو، سائيڪل تي سامان رکي وڪڻڻ بعد هنن گاڏو ورتو ٿي، سوزوڪي ورتي ٿي، پيڊي ورتي ٿي، دڪان ورتو ٿي ۽ پوءِ ڪارخاني يا فئڪٽريءَ جا به مالڪ ٿي ويا ٿي. اڄ انهن جي ملائيشيا ۾ ٽين ۽ چوٿين پيڙهي آهي. اڄ ملائيشيا جا سک ۽ پٺاڻ معنيٰ سٺا رانديگر، پوليس ۽ فوج جا آفيسر، وڪيل ۽ جج، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر... دڪانن ۽ ڪارخانن جا مالڪ!
ملائيشيا ۾ منهنجيون سکن ۽ ٻي جنگ عظيم جي ڏينهن کان هتي رهندڙ پٺاڻن جي اولاد سان خبرون چارون ٿينديون رهيون ٿي. سِکَ جيترو شڪل جا هيبتناڪ لڳن ٿا اوترو ئي خوش مزاج ۽ چرچائي آهن. سندن ڪيتريون ئي ڳالهيون ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان. راندين جا به شوقين آهن. ملائيشيا ۾ سندن هر وقت راندين جون ٽورنامينٽون لڳنديون ڏٺم. ڪڏهن ملاڪا ۾ ته ڪڏهن جوهور بارو ۾. اپوح ته سکن جو ڳڙهه سمجهيو وڃي ٿو جتي امرسنگھه جي فئملي به رهي ٿي. امر سنگھه کي فوٽ بال کيڏڻ جو شوق هو پر گھڻو شوق موٽر سائيڪل هلائڻ جو هو. 60 سالن جو ٿيڻ تي يعني رٽائرمينٽ وٺڻ تي، ڪنهن صحافي پڇيس ته، ”هاڻ ڇا ڪندين؟“ ته هن اهو ئي چيو، ”موٽر سائيڪل هلائڻ جو شوق پورو ڪندس.“
هڪ ٻي مزي واري ڳالهه اپوح ۾ هنن جي فئملي اڄ به KPL 1610 جي نالي سان مشهور آهي. اهو نمبر هن جي والد جي بَڪل جو نمبر آهي. امر سنگھه ٻڌائي ٿو ته هن کي جي وري ساڳي زندگي ملي ته ان ۾ به هُو پوليس جي نوڪري ڪرڻ پسند ڪندو. هو پنهنجي پيءُ بلڪ ناني پوليس واري مان بيحد متاثر هو. پاڻ ٻڌائي ٿو ته، ”منهنجو نانو گذاري ويو ته هن جون ڇڏيل شيون سندس اولاد ورهائي کنيون. ڪنهن ٽي وي کنئي ته ڪنهن پلنگ ته ڪنهن صوفا سيٽ. مون حمام دستو کنيو جو ان تي منهنجي ناني جو بڪل نمبر PC 2023 اُڪريل هو. هُونءَ باءِ دي وي منهنجي جهاز هلائڻ جو سرٽيفڪيٽ(CDC) جو نمبر به اهو 2023 آهي.“
پوليس ڪمشنر امر سنگھه، جيڪو 60 سالن جو ٿيڻ تي هاڻ سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيو آهي، 27 فيبروري 1983ع کان نوڪري شروع ڪئي هئي ۽ نوڪريءَ جا 37 ئي سال هو اهم ڪيس اڪلائيندو رهيو. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته انهن سڀني ۾ اهم ۽Challenging ڪيس ڪهڙو رهيو، ته هن بنا ڪنهن سوچ جي چيو ته سڀ کان ڏکيو ڪيس 1MBD وارو هو.
“While there were many challenging cases, the biggest I handled was the 1MBD investigation. During the raids connected to 1MBD, my officers & I didn’t sleep over two days–butwe never complained.”
واقعي 1MBD ڪيس کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڳرو مقابلو ٿي سگھي ٿو، جنهن ۾ هڪ عام ڌاڙيل جي وٺ ڪرڻ بدران ملڪ جي والي وارث کي ثابتين ثبوتن سان نه فقط سوگھو ڪيو ويو، پر چوريءَ جي مال جي وڏي حصي جيRecovery پڻ ڪرائي ۽ ڌاڙيلن کي ڪورٽ ذريعي ڏنڊ ۽ 14 سال جيل ڏياريو.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته هي ’ون ايم بي ڊي‘ ڪيس ايئن آهي جيئن اسان وٽ ’پاناما ليڪس‘ يا ’پارڪ لين ڪيس‘ وغيره، جيڪي اسان وٽ ته سال گذرڻ بعد به اڃا حل نٿا ٿين. نواز شريف هجي يا ڪو ٻيو، آرام سان ملڪ مان ئي ڀڄيو وڃن. ان جي ڀيٽ ۾ ملائيشيا دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته اتي انصاف ۽ فيصلو جھٽ ٿئي ٿو ۽ ملڪ جو نجيب رزاق جهڙو طاقتور ماڻهو جيڪو وزيراعظم هو، ان کي به چوري نه بخشي وئي ۽ هڪ سک پوليس آفيسر بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ ۾ اچڻ جي تفتيش ۾ دير نه ڪئي.
پهرين ڳالهه اها ته ملائيشيا ۾ ڪرپشن نه برابر ئي آهي. مون کي ياد آهي ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مهاتير جي حڪومت ۾ سندس هڪ وزير ڪنهن فارين فرم کان ڪميشن ورتي ته ظاهر ٿيڻ تي مهاتير نه فقط هن کي وزارت تان لاهي ڇڏيو، پر سياسي پارٽيUMNO مان به ڪڍي ڇڏيو. اتي نجيب جهڙو ماڻهو جيڪو ملڪ جو وزيراعظم هو، ان جي ڪرپشن جو ٻڌي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، جو هي اهو شخص آهي جنهن سان منهنجي ڏهه سال کن ويجھڙائي رهي. 1982ع کان 1991ع تائين. انهن ڏينهن ۾ هي اڃا وزير نه ٿيو هو. پهرين فقط اسيمبليءَ جو ميمبر هو، بعد ۾ ڪلچر، راندين ۽ پوءِ تعليم جو وزير ٿيو. کيس راندين جو ننڍپڻ کان شوق هو ۽ اها فوٽ بال جي راند ئي هئي، جنهن لاءِ هُو اسان وٽ ملاڪا جي اڪيڊميءَ ۾ ايندو هو، جتي منهنجي نوڪري هئي. هُو مون کان ڏهه سال ننڍو هو يعني اسان جي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، هالا جي عبدالغني انصاري، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذڪاء اشرف ۽ ڊاڪٽر آثم جيڏو آهي. 1982ع ۾ جڏهن آئون 38 سالن جو هوس ۽ نجيب 28 سالن جو، هُو بيحد سادي طبيعت جو، نيڪ نمازي هو. پئسي ڏوڪڙ جي لالچ ته ڪنهن به ڪنڊ کان هن ۾ نظر نٿي آئي ۽ واقعي نجيب جهڙي هڪ امير ۽ خانداني ماڻهوءَ کي پئسي جي لالچ ڇو هجڻ کپي... سا به ٻئي جي يعني قوم ۽ ملڪ جو پئسو ڦٻائڻ جي. هن جو تعلق نه فقط هڪ رئيس ۽ پيراڻي فئمليءَ سان آهي پر هن جو والد تن عبدالرزاق ملائيشيا جو ٻيو وزيراعظم ۽ مامو حسين عون ملڪ جو ٽيون وزيراعظم هو. مهاتير محمد ۽ احمد عبدالله بداوي بعد ۾ پاڻ ملائيشيا جو 2009ع کان 2018ع تائين ڇهون وزيراعظم ٿيو. نجيب جي ڪرپشن جو ٻڌي مون کي ته حيرت ٿي! يقين ئي نه پيو اچي ته هن جهڙي خانداني امير کي وڌيڪ پئسي حاصل ڪرڻ جي لالچ ڪيئن ٿي! پر پئسي جي چمڪ ۽ هٻڇ اهڙيون شيون آهن جو اسان پنهنجي چوڌاري ڏسنداسين ته اهڙا ڪيترائي مثال ملندا جن کي وڌيڪ پئسو حاصل ڪرڻ جي لالچ ڏوهاري بنائي ڇڏيو ۽ ان ڪم کي سوَلو بڻائڻ لاءِ هنن کي ڪو نه ڪو سهولتڪار يا فرنٽ مئن مليو وڃي، جيڪو هن کي ڦاسايو رکي. فلپين جي مارڪوس کان لبيا جي قذافيءَ تائين، دنيا جي ڪيترن حاڪمن جي پنهنجي يا سندن زالن جي رهائش جي اسٽائل مان خبر پئجيو وڃي ته هنن ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. حرام جي پئسي مان ٺهرايل محل، بنگلا ۽ زر زيور ظاهر ٿيو پون، پوءِ ڀلي هُو اسان جي مريم نواز وانگر چوندا رهن ته، ”اسان جي نالي ڌارين ملڪن ۾ ته ڇا پر پنهنجي ملڪ ۾ به ڪا جائداد ناهي.“
نجيب رزاق ۽ سندس زال حاجاڻي روسماح بنت منصور جي عياشي ۽ ملڪيت عوام جي اکين ۾ کٽڪڻ لڳي ۽ آواز اٿڻ لڳا. ويندي مهاتير محمد به دانهون ڪيون ته هي ماڻهو ملڪ جي ڀينگ ڪري رهيو آهي. پوليس کي تفتيش ڪرڻي پئي ۽ خبر پئي ته ملڪ جي هڪ ڊيولپنگ ڪمپني1Malaysia Development Berhad جنهن جو نجيب صدر پڻ آهي. ان مان هُو پنهنجي فرنٽ مئن لو تائيڪ جھو(Low Taek Jho) نالي هڪ ٺڳ چيني همراهه ذريعي دولت کي پنهنجي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ٽرانسفر ڪري رهيو آهي ۽ ڪيتري دولت انگلنڊ ۽ عرب ملڪن ڏي ٽرانسفر ڪري چڪو آهي. نجيب کي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ ملائيشيا جي اميگريشن کاتي هن کي ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي هنئي. هي ’ون ايم ڊي بي‘ - يعني ’ون ملائيشيا ڊيولپمينٽ برحد‘ ڪمپنيءَ جو ئي ڪيس آهي، جيڪو پوليس ڪمشنر داتڪ سري امر سنگھه کيInvestigation لاءِ ڏنو ويو. باءِ دي وي امر سنگھه جي نالي اڳيان لکيل ’داتڪ سري‘ کيس مليل خطاب آهي جيئن ملائيشيا جي بادشاهن ۽ سلطانن طرفان ملڪ جي ماڻهن کي چڱا ڪم ڪرڻ تي ملي ٿو. جيئن انگريز پنهنجي راڄ ۾ اسان جي ماڻهن کي ’راءِ بهادر‘ ۽ ’خانبهادر‘ جهڙا خطاب ڏيندا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، جتي هر ڪامورو ميرٽ مطابق رکيو وڃي ٿو، هُو محنت ۽ سچي دل سان ڪم ڪن ٿا. هُو ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا. ڪمشنر امر سنگھه پنهنجي پوليس ٽيم سان گڏ نجيب ۽ سندس زال روسماح جي ملڪيتن جي ڳولا ڪري ورتي ۽ پهرين ئي سَٽَ ۾ 40 ارب رپين کان مٿي ملڪيت رِڪوَر ڪري ورتي. ڪجهه سامان جي لسٽ ٿي ڏسجي ته حيرت ٿئي ٿي ته مارڪوس جي زال اميلڊا وانگر نجيب جي زال روسماح کي به مختلف شين خريد ڪرڻ لاءِ ڇا ته پاڳلپڻو هو. دٻن جا دٻا، جيڪي پڪڙيا ويا انهن مان ٻئي سامان کان سواءِ هي به هو:
• روليڪس، چوپارڊ ۽ رچرڊ مِلي جهڙيون 423 واچون.
• ورساڪي ۽ ڪارٽيئر ڪمپنين جا 234 چشما
• 2200 سونيون منڊيون
• 1400 سونا هار
• 2800 ايئرنگ
• 14 سونا تاج
• 1600 بروش
• 12000 مختلف ڳَهَه
• 567 اعليٰ ڪمپنين جا پرس
• 4 ارب رپين جي 26 ملڪن جي ڪرنسي وغيره.

وزيراعظم نجيب ۽ انصاف

اڳوڻو صدر نجيب رزاق 1953ع ۾ پهانگ رياست جي ڪئالالپس شهر ۾ ڄائو هو. ڪئالالمپور جي ’سينٽ جان اسڪول‘ مان پڙهڻ بعد هن انگلنڊ جي شهر وورڪيسٽرشائر جو ’مالورن ڪاليج‘ اٽينڊ ڪيو. ان بعد ’ناٽنگھام يونيورسٽيءَ‘ مان 1974ع ۾ انڊسٽريل ايڪنامڪس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد وطن موٽي ملڪ جي نئشنل بئنڪ (بئنڪ نگارا) ۽ ان بعد پيٽروناس ۾ نوڪري ڪئي. 1976ع هن پتري زيناح سان شادي ڪئي. جنهن مان هن کي ٽي ٻار ٿيا، ٻه پٽ: نظار نجيب ۽ ناظفدين نجيب ۽ هڪ ڌيءَ: نورليسا نجيب. 1987ع ۾ هن کي طلاق ڏئي روسماح سان شادي ڪئي. روسماح، يونيورسٽي ملايا مان سئڪالاجي ۽ ائنٿروپالاجي جون 1974ع ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ بعد آمريڪا جي لوزيانا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان سوشالاجي ۽ ايگريڪلچر ۾ ماسٽرس ڪئي هئي. ان بعد هن پنهنجي ملڪ پهچي ائگريڪلچر بئنڪ ۾ نوڪري ڪئي ۽ پهرين شادي عبدالعزيز نالي هڪ همراهه سان ڪئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار رضا ۽ اعزرين ٿيا. ان بعد هن نجيب رزاق سان شادي ڪئي، جنهن مان پڻ ٻه ٻار اٿس: ڌيءُ نوريانا ۽ پٽ نورشمان. روسماح جيڪا مٿين مليڪت ميڙي آهي، ان لاءِ چوي ٿي- بلڪ چيو ٿي ته هن ننڍي هوندي کان وٺي گڏ ڪئي هئي. هن ڦُر لُٽ ۾ نجيب جو ويڳو پٽ (يعني هن جي ٻي زال روسماح جو پٽ) رضا عزيز به ملوث آهي، جيڪو ملڪ کان ٻاهر لڪل آهي. هن مٿان اڃا ڪيس هلي رهيا آهن. باقي اڳوڻو وزيراعظم نجيب رزاق 14 سال جيل جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته نجيب کي فٽبال کان سواءِ گولف کيڏڻ جو به شوق رهيو آهي. هن اوباما ۽ ٽرمپ سان به ڪيترا دفعا گولف کيڏيو. ايتري قدر جو ٽرمپ ته نجيب کي نالي سان سڏڻ بدران هميشه چوندو هو: ”ماءِ فئوريٽ پرائيم منسٽر!“
نجيب عبدالرزاق جهڙو ملائيشيا جو وڏو ماڻهو جيڪو نه فقط ملڪ جو وزيراعظم هو، پر هن جو تعلق هڪ وڏيري، اعليٰ ۽ امير گھراڻي سان هو، جنهن جو پيءُ ۽ مامو به هن ملڪ جا وزيراعظم رهي چڪا هئا، جيڪو ملائيشيا جي ملئي ماڻهن جي طاقتور سياسي پارٽي UMNO (يونائٽيڊ ملئيز نئشنل آرگنائزيشن) جو هيڊ هو، اهو ڪيل ڪرپشن (پئسي ڏوڪڙ جي هير ڦير) ڪري اڄ چوڏنهن سال جيل ڪاٽي رهيو آهي. اسان جي ملڪ جو هر باشعور ماڻهو ضرور سوچيندو هوندو ته نجيب رزاق جي فائدي ۽ بچاءُ لاءِ سندس پارٽيءَ جا سياستدان جلسن جلوسن يا ٽي ويءَ جي ٽاڪ شوز ۾ ڇو نٿا ڳالهائين- بلڪ پنهنجي ليڊر ۽ وزيراعظم جي ان ڪرپشن کي لڪائڻ بدران هُو ان کي نندين ٿا ته سندن ليڊر کي ائين نه ڪرڻ کپي ها. مهاتير جهڙي ماڻهوءَ، جيڪو ان ئي سياسي پارٽيءَ جو هو، ان به اهو ئي چيو ته انڪوائري ٿيڻ کپي ۽ ڏوهاري هجڻ جي صورت ۾ کيس سزا ملڻ کپي، جو اسان کي سياست نه پر رياست بچائڻ کپي، ملڪ بچائڻ کپي، عوام جي خوشحالي ڏسڻ کپي- ڇو جو ملڪ جو وزيراعظم جي چور ٿيندو ته پوءِ هيٺيان وڏا ڊاڪو ٿي لُٽَ ڪندا... ۽ هڪ وزيراعظم ڪرپشن جي مال ۾ ڦٻجي ويندو ته پوءِ هر ايندڙ وزيراعظم ملڪ جي ملڪيت جي چوري ڪندو. ان ڪري ’جيڪو ڪري سو ڀري.‘
اها ڳالهه اهڙي آهي، جيڪا اسان جي ماڻهوءَ کي سمجھڻ ڏکي ٿي لڳي پر يورپ وانگر ملائيشيا به اهڙو ملڪ آهي، جتي جڏهن ان جو اعلان ٿيو ته جنهن جو ٻار نشو ڪري ٿو، ان کي پوليس حوالي ڪيو وڃي، جيئن صحت کاتي ذريعي ان جو علاج ڪيو وڃي ته مون ڏٺو ته ڪيترائي مائٽ پنهنجي اڪيلي پٽ کي به ٿاڻي حوالي ڪري آيا. ساڳئي وقت جنهن نه ڪيو ۽ بعد ۾ پوليس کي خبر پئي ته هن نشئي ٻار جي پيءُ کي پوليس جيل ۾ وهاري ڇڏيو، جنهن ٻار جو پيءُ نه هو ته ان جي ماءُ کي به نه ڇڏيو ويو. ان ڳالهه تي ڪنهن به اعتراض نه ڪيو ته ٻارن کي ڇو گھرن مان ڪڍيو ويو يا نشي جي عادت وارن ٻارن جي پوڙهن والدين کي ڇو جيل ۾ وڌو ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي جي صحت کاتي جي ڊاڪٽرن انهن ٻارن جو دوائن ۽ نفسيات ذريعي علاج ڪري، هنن مان نشي جي عادت ڪڍي ڇڏي.
اسان وٽ وڏن ماڻهن جا ڊرائيور، نوڪر يا گارڊ پاڻ کي ڪيڏو سمجھن ٿا! ان بابت ملائيشيا جي ماڻهن جي سوچ جو هڪ مثال لکي چڪو آهيان يا ڪٿي ليڪچر ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هڪ دفعي پنهنجي باس ڪئپٽن حمزي سان گڏ ڪا ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هن جي سرڪاري مرسيڊيز ڪار ۾ پنهنجي شهر ملاڪا کان ڪوالالمپور، وڃي رهيو هوس. ڪار هن جو اهو ڊرائيور هلائي رهيو هو، جنهن کي مڙيئي دماغ ۾ ٿوري گھڻي مالياخولي هئي ته هُو اداري جي باس جي سڀ کان اوچي ڪار هلائي ٿو. ڪوالالمپور کان اڳ اڌ رستي تي سريمبان شهر اچي ٿو. اتي جي هڪ پيٽرول پمپ تان تيل وجهرائي ريسٽورنٽ ۾ چانهه پي اڳتي نڪتاسين ته چند ميلن بعد چڪاس واري ٽرئفڪ پوليس اسڪواڊ بيٺي هئي. هنن اسان جي گاڏيءَ کي روڪيو. ظاهر آهي اسان وارو مٿي ڦريل ڊرائيور مقرر رفتار کان ڪجھه وڌيڪ ئي تيز ڌوڪيندو پئي ويو. ڊرائيور گاڏي بيهاري. مون سمجھيو پوليس وارا سرڪاري نمبر پليٽ واري ڪار، سا به نيويءَ وارن جي ڏسي، ڊرائيور کي ڪجهه چوڻ بدران هلڻ لاءِ چوندا، پر انهن جو هڪ پوليس وارو ڊرائيور پاسي اچي بيٺو. مون سمجھيو ته ڪئپٽن حمزو ئي ان پوليس واري سان ڳالهائيندو پر هن فقط جهڙي تهڙي نظر ڊرائيور ۽ پوليس واري تي وجھي، مون سان ساڳي ٽون ۾ ڳالهه جاري رکي. ڄڻ هيءَ چالان جي وٺ پڪڙ اسان جي گاڏيءَ ۾ نه پر ٻي ڪنهن گاڏيءَ ۾ ٿي رهي هجي. ڊرائيور 100 ڊالر ڏنڊ ڏيڻ جو ٻڌي پريشان ٿي ويو. آخر ڪئپٽن حمزي جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هن ٻه دفعا سر، سر ڪيو پر ڪئپٽن اهڙو ٻڌي جهڙي ڀِت. جيتوڻيڪ آئون سندس ڳالهه ٻڌڻ بدران ٽيڏي اک سان هي نظارو ڏسڻ ۾ ئي لڳو رهيس. ٽيون دفعو سر چوڻ تي هن ڳالهه بند ڪري ڊرائيور ڏي ڏٺو.
”سر اوور اسپيڊنگ تي چالان ڪيو اٿن.“ ڊرائيور چيو.
”ته پوءِ؟ تو ڪئي آهي تون ئي منهن ڏي. قانون ٽوڙڻ جي مون ته توکي موڪل نه ڏني آهي.“ ڪئپٽن حمزي رُکائيءَ مان چيس. ڊرائيور به سمجهي ويو ته هتي غلطي معنيٰ سزا کائڻ. ڊرائيوري ڊرائيور جو ڪم آهي. جهاز ۽ تعليمي ادارو هلائڻ ڪئپٽن حمزي جو. هر هڪ کي قانون مطابق حد ۾ رهڻو آهي... يعني جيڪو ڪري سو ڀري. بهرحال ڊرائيور کي سبق مليو يا نه پر مون کي ۽ منهنجي ٻين ڌارين ملڪن کان آيل ساٿين کي مون ذريعي مسيج ملي ويو ته دوستي پنهنجي جاءِ تي آهي پر ڏوهه ڪرڻ تي ان جي قبوليت ڪرڻ ۽ ڏنڊ ڀرڻ ضروري آهي... ڪنهن به قسم جي سفارش ڪرائڻ يا ڪوڙ ڳالهائڻ، ان ڏوهه کان وڌيڪ غلط ڪم آهي.
اسان جهڙن ملڪن ۽ انهن ملڪن جي - جيڪي ملڪ بهتر سڏيا وڃن ٿا، پوءِ چاهي يورپ جا هجن يا ايشيا جا جپان ۽ ملائيشيا جهڙا ته، انهن جي ماڻهن ۾ اهو فرق آهي ته اهي ڪوڙ نٿا ڳالهائين. پڪڙجڻ تي پنهنجو ڏوهه يڪدم قبول ڪن ٿا. سياستدان عوام جو پئسو پنهنجن اڪائونٽن ۾ نٿا وجھن، سرڪاري ڪامورا رشوت خوري نٿا ڪن، واپاري کير ۾ پاڻي يا مردار جانور جو گوشت نٿا وڪڻن، عورت ذات سان ڏنگائي نٿا ڪن ۽ جي ڪو غلط ڪم ڪن به ٿا، ته انهن جا امير ۽ وڏي عهدي وارا مائٽ هنن کي بچائڻ ۾ مدد نٿا ڪن... هنن جو ضمير سجاڳ رهي ٿو ۽ هنن کي ڏوهه قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. منهنجون اهي ڳالهيون سمجھڻ لاءِ پڙهندڙن کي هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ کپي، جيڪا منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي هڪ دوست حميد انور (ڪٽ نمبر 12) مون کي موڪلي آهي ۽ اها خبر هتي هُوبهو ڪاپي پيسٽ ڪري رهيو آهيان:
”راڻي ايلزبيٿ نه رڳو برطانيا جي راڻي آهي پر هُوءَ ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزي لئنڊ سوڌو 15 ملڪن جي به راڻي آهي ۽ انهن ملڪن جي رهواسين کي راڻي ايلزبيٿ سان وفاداريءَ جو قسم کڻڻو پوي ٿو.
راڻي ايلزبيٿ جي ڀائٽي سائمن (سڄو نالو: Simon Bowes_Lyon) جيڪو لارڊ به سڏجي ٿو، گذريل سال پنهنجي اسڪاٽلينڊ واري محل ۾ پنهنجن دوستن لاءِ پارٽي رکي ۽ هنن کي رات اتي ئي گذارڻ جي دعوت ڏني. رات جو ٻارهين وڳي کان پوءِ هُو هڪ عورت جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ هن سان جنسي تعلق جي خواهش جو اظهار ڪيو. مائيءَ هن جي اها آفر رد ڪري ڇڏي. سائمن هن جا هٿ جھلي منٿ ميڙ ڪئي، پر هن عورت سائمن جا هٿ پري ڪري، هن کي ڪمري مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو. سائمن هن عورت کي مغرور، بدتميز ۽ مٿي ڦريل چئي اتان نڪري ويو.
هن عورت رات اتي ئي گذاري ۽ ٻئي ڏينهن هي واقعو پوليس ۾ رپورٽ ڪرائي ڇڏيو. مقدمو درج ٿيو ۽ ڪاروائي شروع ڪئي وئي. ابتدا ۾ سائمن هن واقعي جي تصديق کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر هن معاشري ۾ عام طور ڪوڙ نٿو ڳالهايو وڃي. سڀني ماڻهن کي يقين هو ته عورت سچ پئي ٻڌائي. جڏهن اخلاقي دٻاءُ پيو ته سائمن آخرڪار پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪري ورتو.
برطانيا جي عدالت سائمن کي عورت تي جنسي حملو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏهن مهينن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو آهي. عدالت جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ هن ڏوهه جي سزا گھٽ به آهي ۽ بنا جيل ڏيڻ جي فقط ڏنڊ لڳائي سگھجي ٿو، پر ملزم کي سخت ترين سزا ان ڪري ڏني پئي وڃي، جيئن هُو اڳتي پنهنجي حيثيت ۽ مرتبي جو ناجائز فائدو نه وٺي.
هن سڄي مقدمي دوران 15 ملڪن جي راڻي ايلزبيٿ، نه دانهيندڙ عورت تي دٻاءُ وجھرائي پنهنجو مقدمو واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو، نه ئي پوليس کي خوف يا خوشامد ذريعي ڪارروائي روڪڻ تي مجبور ڪيو ۽ نه عدالت کي چوِرايو ته اها سائمن کي سزا نه ڏئي.“
هي آهي بقول اسان جي ماڻهن جي، هڪ ڪافر ملڪ برطانيا ۽ هي آهن اتي جا حڪمران، عدالت ۽ پوليس کاتو. ٻئي پاسي توهان پنهنجي ملڪ ۾ ڏسو! ظاهري طرح ته اسلامي مُلڪ آهي، پر بااثر ماڻهو رستن تي غريبن کي پنهنجين گاڏين هيٺان چيڀاٽيو ڇڏين ۽ عدالتون انهن کي آزاد ڪريو ڇڏين. هڪ هڪ ڪري سڀ وڏا مجرم آزاد ٿيو وڃن ۽ ويچارا مظلوم اکين ۾ پاڻي آڻي انهن کي ڏسندا رهن ٿا.

جتي قانون ۽ انصاف آهي، اتي خوشحالي آهي

قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ بار بار فرمايو آهي ته، ”اسان رسول ان لاءِ موڪليا ته هُو زمين تي انصاف جو نظام قائم ڪن...“ قائم بالقسط.
اسان جي مسلمان ملڪن انصاف جو نظام قائم ڪرڻ ته پري، لفظ انصاف کي به گار بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪافرن انصاف جي نظام کي مڪمل طرح نافذ ڪري ڏيکاريو آهي. اڄ ڪافر سڄي دنيا تي غالب آهن، مالڪ الملڪ هي اعزاز کين ڇو ڏنو آهي... ٿورو سوچيو.
هتي هڪ ڳالهه جيڪا سوچ ۾ ٿي وجھي، اُها اِها ته مجرم هيڏي وڏي امير ۽ اثر رسوخ واري گھر جو هو ته به ڪنهن هن جو پاسو نه کنيو ۽ پوليس، ڪورٽ ۽ عوام اهو ئي چاهيو ته مظلوم سان انصاف ٿيڻ کپي ۽ ٻي ڳالهه حيرت واري اها آهي ته هيڏي وڏي ماڻهوءَ کي قيد جي سزا اچي وئي يعني ڏهه مهينا. ڇا هن جهڙي خانداني ماڻهوءَ لاءِ هڪ ڏينهن جيل ۾ وڃڻ به وڏي بي عزتي نه آهي؟ پر هن ان جي رد عمل ۾ ڇوڪريءَ يا ان جي مائٽن کي ڌمڪي نه ڏني ته ڏسي رهندوسانوَ ۽ نه هن ملڪ جي قانون کي گھٽ سمجهي اهڙي ڪا حرڪت ڪئي، جنهن مان هو احساس ڏياري ته جيل پهچي اتي به عيش ڪندس ۽ اجھو ٿو پاڻ کي آزاد ڪرايان.
ڪجھه وقت اڳ ڪراچي آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جي هڪ ڇوڪريءَ سان پاڙي ۾ رهندڙ هڪ وڏيري / امير ماڻهوءَ جي کريل پٽ زيادتي ڪئي. هن سڀني اڳيان پنهنجي پستول سان ڇوڪريءَ کي قتل ڪيو. ڇوڪريءَ جا والدين به سياسي ۽ سرڪاري طرح اثر رسوخ وارا هئا ۽ پوليس قاتل کي سوگھو ڪيو ۽ آخرڪار هن تي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. جنهن ڏينهن هن کي جج طرفان سزا ٻڌائي وئي ته هُو ڪنڌ هيٺ ڪري افسوس ۽ ندامت جو اظهار ڪرڻ بدران پوليس جي بڪتربند گاڏيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ ڏند ڪڍي، عوام کي وڪٽريءَ جي نشاني پيو ڏيکاري. کيس سنڌي ٽوپيءَ ۾ ڏسي مون سان گڏ ويٺل هڪ اديب چيو ته، ”ههڙن ماڻهن ئي اسان جي سنڌ جي ڪلچر کي بدنام ڪيو آهي. ڪهڙي کيپ کٽي اٿس جو سنڌي ٽوپي پائي وڪٽري (فتح) جو اعلان پيو ڪري.“
پر هتي راڻي ايلزبيٿ جي 34 سالن جي ڀائٽي سائمن سزا جو اعلان ٿيڻ تي پنهنجو رعب ۽ دٻدٻو ڏيکارڻ جو احساس ڏيڻ ته کيس آڱوٺي جي پرواهه ناهي بدران، هن ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هن ڇوڪريءَ کان به معافي ورتي، جنهن کان هن ان رات واري واقعي مهل به معافي ورتي هئي.
سائيمن کي 23 فيبروريءَ تي سزا ٻڌائي وئي. اڄ هن کي جيل ۾ مهينو کن گذري ويو آهي. جج کي جڏهن چيو ويو ته، ”هن کي جيل ۾ رکڻ بدران هائوس اريسٽ ڪيو وڃي.“ ته جج جواب ڏنو ته، ”اهڙي سزا هن جي ڏوهه جي برابري ڪري نه سگھندي.“
مون سائمن جو لکت ۾ بيان هاڻ پڙهيو آهي، جنهن جا آخري ٻه پئراگراف آئون پنهنجي پڙهندڙن سان به شيئر ڪندس:
“...I am greatly ashamed of my actions which have caused such distress to a guest in my home. When I realized what I have done I apologized quickly to the woman concerned. I apologize whole heartedly again today. I am deeply sorry for my behavior & the anguish it has caused.
Clearly, I had drunk to excess on the night of the incident. As someone who is only too well aware of the damage that alcohol can cause. I should have known better. I recognize, in any event, that alcohol is no excuse for my behavior.”
ڳالهه اها آهي ته هتي اسلامي يا غير اسلامي ملڪ جو سوال ناهي. ڪو به ملڪ جتي انصاف ناهي، جتي جو حاڪم (وزيراعظم، صدر يا بادشاهه) ڪرپٽ آهي، اهو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي. چڱو جو ملائيشيا وارن وٺ پڪڙ ڪري پنهنجي وزيراعظم کي سوگھو ڪيو. پوليس ۽ ڪورٽن بنا خوف ۽ خوشامند جي جاچ ڪري انصاف کان ڪم ورتو ۽ هيڏي وڏي شخص کي 14 سال قيد ڏئي ڇڏيو. اهي ملڪ جتي ڪڪڙ چور کي ته قيد ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ملڪ جي وڏي ماڻهوءَ جو نالو نٿو ورتو وڃي، ان جو عوام يڪدم غريب ٿيو وڃي ۽ اتي مهانگائي عروج تي پهچيو وڃي، ڇو جو اتي امير لاءِ هڪ قانون ته غريب لاءِ ٻيو قانون هلي ٿو، جيڪو قدرت جي خلاف آهي. توهان پنهنجي ملڪ توڙي ملائيشيا جو مثال وٺو. ملائيشيا جي جيلن ۾ جيڪي به چور ڏسو ٿا انهن سڀني جي چوري ملائجي ته ملڪ جي وزيراعظم جي چوريءَ کان گهٽ ٿئي ٿي. ملڪ جو حاڪم ڪميشنن، ترقياتي ڪمن يا رشوت خوري ذريعي جيڪا ڦر ڪري ٿو، ان جو اثر عوام تي پوي ٿو. ٻي ڳالهه ته ملڪ جا حاڪم ۽ ٻيا وڏا ماڻهو جيڪي ملڪ جو پئسو لٽين ٿا، هو يڪدم ملڪ کان ٻاهر ڪڍيو ڇڏين، جو پنهنجي ملڪ ۾ ان پئسي مان هڪ حد کان وڌيڪ محل، بنگلا، ڪارخانا، فئڪٽريون وغيره ٺاهي نٿا سگھن، جو عوام کي يڪدم خبر پئجيو وڃي. ان ڪري هو پئسو ٻاهر ڪڍن ٿا يعني مني لانڊرنگ ڪن ٿا. سندن ان عمل سان ڊالر ۽ پائونڊ جو اگھه وڌي ٿو- نتيجي ۾ هر شئي مهانگي ٿيو پوي، جنهن جي چِپَ غريب عوام کي سَهڻي پوي ٿي، پر ڳالهه آهي ته ڪٿي عوام تعليم يافته ۽ سلجھيل آهي ته هُو پنهنجي حاڪم جي ان عمل کي نِندين ٿا، نفرت ڪن ٿا... پر اهي ملڪ جتي جي عوام جاهل آهي، جتي جا ماڻهو بي ضمير آهن اتي اهي ماڻهو غريب عوام جي حق ۾ ڳالهائڻ بدران پنهنجي چور حاڪم جوپاسو کڻن ٿا. ويندي ٽي ويءَ جا ائنڪر ۽ جرنلسٽ به ڪرپٽ حاڪم جو پاسو کڻن ٿا، جو هنن کي ان حاڪم طرفان لفافا ملن ٿا. هنن کي ايماندار حاڪم نٿو وڻي. اهو ئي حال اسان جي ڪرپٽ سرڪاري ڪامورن جو آهي. هنن لاءِ ڪرپٽ حاڪم سٺو آهي، جيڪو پاڻ به ڦرلٽ ڪري ۽ هنن کي به ڦرڻ جو موقعو ڏئي. هنن کي ايماندار حاڪم هرگز نه وڻندو- جيڪو سادگيءَ ۾ رهي ۽ ٺڳ ڦورن تي سختي ڪري. انگلنڊ جي وزيراعظم جي اها وائرل وڊيو ته ڪيترن ڏٺي هوندي ته گھر آيل ٽن مهمانن اڳيان جيڪي چانهه جا ڪوپ اچي رکيا اهي ’ٽِي سيٽ‘ جا به نه هئا. مختلف رنگن ۽ سائيزن جا ٻه ڪوپ هئا، ته ٻه مڳ هئا! هُو عام ڪار ۾ سفر ڪري ٿو ۽ ڪمرشل جهاز ۾ ٻئي ملڪ دوري تي وڃي ٿو.
بهرحال ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ بهتري لاءِ قاعدو قانون ۽ انصاف ضروري آهي. نه فقط ضروري آهي، پر امير توڙي غريب لاءِ ساڳيو هجڻ به ضروري آهي. عدن جيستائين انگريزن جي قبضي هيٺ هو ته بيحد امن امان ۽ خوشحالي هئي. ان دور ۾ سنگاپور يا هانگ ڪانگ ڪجھه نه هو. جيڪي ڪجھه هو اهو عدن ۽ ڪولمبو هو. انگريزن جي ڇڏڻ تي مقامي عرب حاڪمن سڄي يمن جي ڀينگ ڪري ڇڏي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا وارو حساب ٿي پيو. ڪرپشن، چوري چڪاري، اغوا ڪاري اهڙي شروع ٿي وئي جو ٽوئرسٽن جي خريداريءَ جي جنت ’عدن‘ اڄ گھوٽڪي ۽ جيڪب آباد ٿي ويو آهي، جتي هر ڳالهه قبيلائي سردارن جي ٿي هلي. ٺهيل ٺڪيل ملڪ يمن جا خوشحال ماڻهو، اڄ غربت جي زندگي گذارين ٿا. ٻئي پاسي دبئي، دوحا، ابو ڌابيءَ جهڙا ملڪ ڏسو يورپ کان به خوشحال نظر اچن ٿا. اهو رڳو ان ڪري جو اتي قاعدو قانون سخت رکيو ويو آهي ۽ انصاف ترت ملي ٿو. شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته 1968ع ۾ پهريون دفعو جڏهن سندربن نالي جهاز کي دبئي ۽ دوحا وٺي وياسين ته چوڌاري رڻ پٽ ئي رڻ پٽ هو. ڪا اوچي عمارت، ڪو پارڪ، ڪا فائيو اسٽار ته ڇا فور اسٽار هوٽل به نه هئي. انگريزن کين تازي خودمختياري ڏني هئي... پيٽرول جو پئسو اچڻ شروع ٿيو هو. فٽ پاٿن تي لڳل پٿارن تي به سئٽزرلئنڊ جون اوچيون واچون، جرمنيءَ جون ڪئميرائون ۽ سونَ مِينَ جون شيون وڪامي رهيون هيون. ڪو پوليس وارو يا گارڊ به نظر نٿي آيو. ان جي پڇڻ تي هتي جي عرب آفيسرن ٻڌايو ته انگريزن جي وڃڻ بعد به اسان هنن جي پوليس آفيسرن کي پاڻ وٽ رکيو، جيسين هُو اسان جي ماڻهن کي Law & Order جي معاملي ۾ چڱي طرح تربيت ڏين. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ پوليس کاتو سخت قسم جو آهي. اهو ڏوهارين کي هرگز نٿو ڇڏي، پوءِ اهو ڏوهاري چاهي ڪو ڌاريون ماڻهو هجي يا شاهي خاندان جو فرد. نتيجي ۾ هر ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ ڏوهه ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، جو هن کي خبر آهي ته ڏوهه ڪرڻ تي طاقتور ماڻهوءَ جي بخشش به ناممڪن آهي. پوليس ۽ انصاف مهيا ڪرڻ جي کاتي جو هڪ وڏو آفيسر ته ڇا، هڪ معمولي سپاهي به وڏي طاقت رکي ٿو.

پينانگ ۽ سنگاپور ۾ سِکن جي آمد

پاڻ ملائيشيا ۾ رهندڙ سکن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هُو ڏاڙهين ۽ پٽڪن ڪري سڄي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ نمايان نظر اچن ٿا. سکن جا انڊيا کان علاوه شايد ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ايترا گردوارا هجن جيترا سئو کان مٿي ملائيشيا ۾ آهن. اهو آهي ته هو عربن يا ايرانين وانگر هنن پَٽن تي ڪئين صديون اڳ نه آيا، نه سنڌي هندن يا گجراتين وانگر ٽي چار سئو سال اڳ آيا. ظاهر آهي عرب ۽ ايراني سٺا جهازران ۽ جهاز ساز هئا، جيڪي حضور صلعم جن جي ولادت کان به گھڻو اڳ نه فقط ملاڪا ڳچي سمنڊ مان لنگھيا پر ڪئنٽن (چين) کان وڃي نڪتا. ٻئي ايراني (خاص ڪري شيرازي) ۽ عرب (خاص ڪري عماني ۽ حاضرالموتي) ممباسا، زنجبار ۽ موزمبق تائين پڻ وڃي نڪتا. هو سامونڊي دنيا جا ماهر هئا. ننڍي کنڊ جا بنگالي، سنڌي ۽ گجراتي ٻئي نمبر تي چئي سگھجي ٿو، جو هنن جي ڪنارن کي عربي سمنڊ ۽ هندي سمنڊ ڇهيو ٿي. ٻيو نه ته اهي ملايا، جاوا، سماترا، عدن، سري لنڪا وغيره شاهه لطيف جي ڄمڻ کان اڳ پهچي چڪا هئا ۽ جن کي واپس پنهنجي وطن سنڌ، ڪڇ، گجرات ايندو ويندو ڏسي، شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ هنن لنڪا لوپي، عدنا موٽي اچڻ وارن وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي.
سکن جو سمنڊ جھاڳڻ جي ڪا پراڻي ڪهاڻي ناهي. هُو دلير ضرور هئا، ٻيا پهلوانيءَ جا ڪم ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان ضرور هئا، پر افغانين وانگر هو سامونڊي سفر جو ائڊونچر ڪيئن ٿي ڪري سگھيا، جڏهن قدرت طرفان هنن وٽ سمنڊ نه هو. تڏهن ته لاهور جا ماڻهو اڄ به چون ٿا ته ڪراچيءَ وانگر لاهور کي جي سمنڊ هجي ها ته هُو لاهور کي الائي ڇا بڻائي ڇڏين ها.
بهرحال عربن، ايرانين، سنڌين، گجراتين، ملبارين ۽ بنگالين وانگر سکن جا سامونڊي سفر آڳاٽا نه آهن. انگريزن پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ کي حاصل ڪيو ته هنن انڊيا مان سکن کي چوڪيداري، پوليس ۽ فوج جي سپاهين طور هن پاسي آندو. انهن کي ڏسي هنن جا مائٽ مٽ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا روزگار لاءِ اچڻ لڳا. انگريز ملايا ۽ سنگاپور مان هليو ويو ته به ڪيترائي سک هن پاسي ترسي پيا. منهنجو هن پاسي 1968ع کان اچڻ شروع ٿيو يعني 1957ع ۾ انگريزن ملايا کي خودمختياري ڏني ۽ 1963ع ۾ ملايا سنگاپور ٻيٽ کي پاڻ کان الڳ ڪري بورينو ٻيٽ جو سباح ۽ سراواڪ ملائي نئون ملڪ ملائيشيا نالي ٺاهيو ته اسان ڪي 5 سال رکي ملائيشيا ۽ سنگاپور اچڻ وڃڻ شروع ڪيو. اسان جتي ڪٿي سِکَ ڏٺا ٿي... خاص ڪري بئنڪن ۽ وڏين هوٽلن اڳيان سِک چوڪيدار هئا يا يونيفارم ۾ ملبوس سڪيورٽي گارڊ. انگريزن به هنن کي پوليس ۽ فوج ۾ رکيو ٿي جو هنن ڏٺو ته هنن جي شڪل ۽ قد بت ٻين ۾ خوف پيدا ڪري ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته هُو وقت جا پابند آهن ۽ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏين ٿا. انگريزن جي پوليس فورس ۽ فوج مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هنن پرائيويٽ ڪمپنين، ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ به چوڪيدار ٿي ڪم ڪيو ٿي، جيئن پوليس ڪمشنر امر سنگهه جو پيءُ اسهار سنگھه، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ پوليس کاتي ۾ پوليس وارو لڳو هو، جڏهن ڪارپورل رئنڪ تي رٽائرڊ ٿيو ته زندگيءَ جا باقي سال اپوح شهر جي ڪنهن موٽر گئراج ۾ چوڪيدار ٿي رهيو. هاڻ ته انهن سکن جي ٽي چوٿين ٽهي هر فيلڊ ۾ نظر اچي ٿي، پر شروع جي سالن ۾ سک معنيٰ جَگا(Jaga) يعني چوڪيدار ۽ چوڪيدار يا هوٽل جو دربان معنيٰ سک. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ سکن جو ٻيو دلپسند جاب ڍڳيون پالڻ هوندو هو، جنهن جو کير سائيڪل تي يا پنڌ ميلن جا ميل پري گھرن ۾ پهچائي ايندا هئا. پر اهي سڀ سِکَ انگريزن جي معرفت ملايا ۽ سنگاپور آيا ۽ اسان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي ڏٺا اهي پهرين ٽهيءَ جا هئا. يعني اهي پاڻ انڊيا کان آيا هئا. ان بعد انهن جو اولاد ۽ ان کان پوءِ ان اولاد جو اولاد اسان جي اڳيان وڏو ٿيو، جيڪو اڄ ڪلهه چوڪيداري يا ڍڳيون پالڻ بدران اعليٰ عهدن تي خوشحال نظر اچي ٿو.
آئون هميشه اهو چوندو هوس ته پهريان سک ڪير هئا، جيڪي پنجاب (انڊيا) کان هتي آيا. آيا اهي انگريزن جي پوليس يا فوج جا ماڻهو هئا يا ڍڳيون پالڻ وارا ڌراڙ. بعد ۾ سکن جي ملايا ۽ سنگاپور پاسي اچڻ جا ڪجھه ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو جهڙوڪ:
• Sikhs in Asia Pacific (by: Sharn Singh Kahlon)
• Sikh Migration (by : Arvond Pal Singh )
• China is Far, Far Away. (by: Prof. Anand)
• Sikhs in Malaysia .(by: Malkiat Singh Lopo)
• Some Sikh Cultural Customs & Traditions in Malaysia.
(by Malkiat Singh lopo.)
• The enchanting prison: Punjabi Pioneer in Malaysia.
(by: Malkiat Singh Lopo.)
• The Sikh Community in Malaysia.
(by: Aman Daima Md. Zain, Awang, Rahima Embong.)
وغيره.
پڙهندڙ جي ڄاڻ يا يادگيريءَ لاءِ اهو لکندو هلان ته اڄ واري ملائيشيا جو پينانگ ۽ سنگاپور وارو ٻيٽ، هن پاسي موجود سوين ويران ٻيٽن مان هئا، جيڪي ملئي سلطانن جي ملڪيت هئا. انگريز هوشيار ماڻهو هئا. هنن محسوس ڪيو ته انهن ٻيٽن جي بهترين جاگرافيائي پوزيشن آهي. انهن کي حاصل ڪري ڊيولپ ڪيو وڃي ته سٺو. سو 1786ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان ’ڪئپٽن فرانسز لائيٽ‘ هي 300 چورس ڪلوميٽرن جو پينانگ ٻيٽ ڪيداح جي سلطان کان خريد ڪري، ان کي صاف سٿرو ۽ رهائش جوڳو بڻايو. هن کان سئو سال اڳ 1687ع ۾ انگريز ممبئي کي ٺاهي جوڙي پاڻ به اچي رهيا ۽ ٻين کي رهڻ جي دعوت ڏنائون. ڪيترائي امير پارسي، سنڌي، بنگالي، کوجا ۽ گجراتي واپاري ۽ غريب هنرمند پورهيت پڻ اچي رهيا. انگريزن جي سٺي ڊيولپمينٽ ۽ امن امان قائم رکڻ ڪري ممبئي شهر ۽ اتي جا رهواسي ڏسندي ئي ڏسندي خوشحال ٿي ويا ۽ سورت بدران ممبئي مشهور بندرگاهه ٿي ويو. سو انگريزن جڏهن پينانگ ٻيٽ کي ٺاهڻ چاهيو ته ڪيترائي اوسي پاسي جا ماڻهو ۽ ننڍي کنڊ جا امير توڙي غريب واپار وڙي ۽ پورهئي مزوريءَ لاءِ پينانگ ٻيٽ تي لڏي آيا، جو هنن کي احساس هو ته جتي انگريز هوندو اتي قاعدو قانون، وڻج واپار، صفائي سٺائي، تعليم ۽ روزگار جا ذريعا نڪرندا رهندا.
اهڙي طرح 1819ع ۾ هڪ ٻئي انگريز ’سر اسٽئمفورڊ رئفلس‘ پينانگ کان اڍائڻو وڏو ٻيٽ 370 کن چورس ڪلوميٽرن جو ’سنگاپور‘ جوهر رياست جي ملئي سلطان کان خريد ڪيو ۽ ان جي ڊيولپمينٽ شروع ڪئي. انگريزن جتي سخت امن امان قائم ڪيو ٿي ۽ رهواسين جي سُکَ لاءِ ضرورت جون شيون: اسڪول، اسپتالون، پارڪ، روڊ رستا، ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي ٿي اتي پوليس عدالتون ۽ جيل به ٺاهيا ٿي، جيئن ڏوهه ڪرڻ وارن کي سزا ڏني وڃي ۽ ٻين لاءِ سبق ٿئي. ان خيال کان هنن 1847ع ۾ پهريون جيل اهو ٺاهيو جيڪو سنگاپور ۾ توهان کي آئوٽرام روڊ تي نظر اچي ٿو ۽ ’آئوٽرام روڊ پرزن‘ سڏجي ٿو. هي آئوٽرام نالو ڪنهن هندوءَ جو ناهي پر انگريز فوجي جنرل جو آهي. سندس سڄو نالو ’سر جيمس آئوٽرام‘ هو، جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بمبئي ۽ بنگال آرمي ۾ رهيو ۽ ڪيترين ئي لڙائين ۾ حصو ورتائين جهڙوڪ: ’فرسٽ ائنگلو افغان لڙائي‘، ’غزني جي جنگ‘، ’ائنگلو پرشن لڙائي‘ وغيره. هُو 1857ع واري بغاوت ۾ به انگريزن پاران وڙهيو. سندس نالي ’آئوٽرام روڊ‘ نه فقط سنگاپور ۾ آهي پر ڪراچيءَ ۾ پاڪستان چوڪ وٽ به آهي. خبر نه آهي اڄ ڪلهه آهي يا پاڪستان چوڪ واري ’رام باغ‘ وانگر ’آرام باغ‘ جهڙي مسلماني نالي وارو ٿي ويو آهي. ان روڊ تي منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ بشيرالدين ميمڻ (ڏيپلائي وڪيل مکي احمد علي جي پٽ) جو گھر هوندو هو. 1962ع ۾ ۽ ان کان هڪ ٻه دفعا پوءِ به ڪراچي آيو هوس ته هن دوست جي گھر آئوٽ رام روڊ تي اچي رهيو هوس، جتي سندس ڏيپلي جو هڪ عزيز سنڌ جو مشهور اديب، ليکڪ ۽ ايڊيٽر محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به اچي رهندو هو، جنهن سان منهنجي پهرين ملاقات اتي ئي ٿي هئي. سنگاپور جو مشهور چانگي جيل جنهن ۾ ٻي جنگِ عظيم دوران جپانين سنگاپور ۽ ملايا جي چينين ۽ انگريزن کي قيد ڪري قتل عام ڪيو. اهو جيل آئوٽرام روڊ واري جيل کان گھڻو گھڻو پوءِ اٽڪل 90 سالن بعد 1936ع ۾ ٺهيو.

ڪاري پاڻيءَ جا قيدي

ملڪن تي قبضو ڪري اتي جي عوام کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ انگريزن ٻه خاص طريقا اختيار ڪيا ٿي. هڪ ته پهرين جي راجائن، نوابن ۽ سردارن وغيره کي انهن ئي عهدن تي رکيو ٿي- ان شرط تي ته هُو انگريزن سان وفادار ٿي هلندا ۽ پنهنجي راڄ رعيت کي ڪنٽرول ۾ رکندا. جن انگريزن جو چيو مڃيو ٿي انهن کي زمينون، خلعتون ۽ خطاب ڏئي اڃا وڌيڪ خوش ڪيو ٿي، جن انگريزن جي خلاف بغاوت يا ٺلهو خيالن جو اظهار به ڪيو ٿي ته انهن کي ختم ڪيو ويو ٿي يا ان جي ئي مائٽن ۽ علائقن مان ڪنهن ٻئي کي جيڪو وفادار لڳو ٿي ان کي نواب، راجا، سلطان، چوڌري، وڏيرو بڻايو ٿي.
ان کان علاوه انگريزن جتي ڪٿي مضبوط قسم جا جيل ٺاهيا ٿي، جتي ڏوهارين توڙي باغي سياستدانن جي عمر ڳاري ڇڏي ٿي. ڪوشش ڪري خطرناڪ ڏوهارين کي ڏيهه نيڪالي ڏئي، ڪنهن ڏورانهين جيل ۾ رکيو ويو ٿي، جتي هن جا همدرد يا ساٿي نه هجن ۽ نه هنن کي ڀڄڻ لاءِ واهه ملي سگھي. انڊيا ۾ جن سياستدانن انگريز راڄ خلاف ماڻهن کي ڀڙڪايو ٿي انهن کي ملايا موڪليو ويو ٿي، جتي پڻ انگريز راڄ هو، جتي پينانگ ۾ يا گھڻو ڪري سنگاپور واري هن آئوٽرام روڊ واري جيل ۾ رکيو ويو ٿي. بعد ۾ 1857ع واري بغاوت بعد بهادر شاهه ظفر مغل بادشاهه جي انهن مائٽن ۽ ساٿين، جن مغل حڪومت سان همدردي ڪئي ٿي، انهن کي انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي موڪلي ڇڏيو ٿي. هي ٻيٽ انڊونيشيا ڏي ويندي، آچيح بندرگاهه کان 150 ڪلوميٽر پهرين اچن ٿا، جن جو ذڪر مارڪوپولو به پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. بعد ۾ 1896ع ڌاري هتي ننڍين کولين وارو هڪ وڏو قيدخانو ٺاهيو ويو، جيڪو اڄ تائينCellular Jail جي نالي سان مشهور آهي. هي جيل هنن ٻيٽن جي گادي واري ۽ وڏي شهر پورٽ بليئر ۾ آهي، جتي هر قيديءَ کي الڳ الڳ ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو رکيو ويو ٿي. جبل جي هر کوليءَ جي ڊيگهه 15 فوٽ ۽ ويڪر 9 فوٽ هئي، جنهن ۾ روشني يا هوا لاءِ هڪ ننڍڙو سِرَ جيڏو روشن دان 10 فوٽ مٿي ٺاهيل هو. چون ٿا ته هن ۾ 80 هزار کن سياسي قيدي رکيا ويا، جن مان ڪي تمام ٿورا بچي سگھيا. انگريزن جو ٺهرايل هي قيدخانو ’ڪارو پاڻي‘ سڏيو ويو ٿي ۽ هن لاءِ مشهور هو ته هن ۾ جيڪو ويو اهو وري نه موٽيو. اهو ان ڪري جو جيل جي ڪمرن مان ڀڄڻ مشڪل ڪم هو. جيڪڏهن ڪنهن جيل جي پورهئي دوران ڀڄڻ جي ڪئي به ٿي ته چوڌاري سوين ميل سمنڊ هجڻ ڪري هن کي ڪا سواري (ٻيڙي) ملڻ مشڪل هئي. ان کان علاوه هنن علائقن ۾ جھنگلي ماڻهو رهيا ٿي جيڪي آدم خور مشهور هئا. جيڪڏهن ڪو قيدي انهن جي ور چڙهيو ٿي ته هنن کيس کائي ڇڏيو ٿي. ننڍي کنڊ مان جيڪي سياستدان ڪاري پاڻي واري جيل ڏي موڪليا ويا انهن ۾ ڪجھه مشهور هي به هئا.
• بنگال جو باتو ڪيشوردت
• بهار جو يوگيندر شڪلا
• ويانڪ دموردر ساورڪر- موهٺو
• فضل الحق خيرآبادي
• سوهن سنگهه ۽
• ڀائي پرمانند وغيره
ڪاري پاڻيءَ جي سزا ۾ سنڌ جا به ضرور هوندا جو اها ڳالهه ته رڪارڊ تي آهي ته هڪ دفعي ست سئو کان مٿي ماڻهو ڪراچيءَ کان پاڻيءَ واري جهاز ذريعي موڪليا ويا هئا. ڪاري پاڻيءَ ۾ جيڪي اسي هزار قومپرست ۽ سياستدان يا ٻيا ڌاڙيل ۽ قاتل قسم جا ڏوهاري موڪليا ويا، انهن سڀني جو جيل جي انگريز آفيسرن رڪارڊ رکيو ٿي، پر ٻي جنگِ عظيم دوران جپانين جو انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي قبضو ٿي ويو، جنهن جو انديشو انگريزن کي خواب خيال ۾ به نه هو. جپانين انگريزن جا ٺهيل سڀ فائيل ساڙي، ان وقت قيد ۾ موجود ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي آزاد ڪري انگريز آفيسرن کي کڻي قيد ۾ بند ڪيو. ان ڪري اڄ تائين فقط ان تفصيل جي خبر پئجي سگھي آهي، جيڪو پهرين لنڊن پهچايو ويو هو.

رنجيت سنگهه جي حڪومت ۽ سنگاپور جيل پهتل سِک

ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ جيڪي سِکَ ڏسو ٿا، انهن جا وڏا- ڏاڏا، پڙ ڏاڏا، جيڪي هتي آيا ۽ اچي رهيا اهي پوليس وارا هئا. سکن جي هن پاسي لڏپلاڻ 1873ع کان شروع ٿي ۽ ڏکڻ اوڀر ۽ اوڀر ايشيا جي ملڪن مان سڀ کان گھڻا سِکَ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ آيا. انڊيا کان جيڪو جهاز ايندو هو، اهو پهرين پينانگ ۾ لنگرانداز ٿيندو هو، جتي ڪجھه ڏينهن لاءِ سک رهي پوءِ ملايا جي مختلف رياستن، سيام، آچيح (جاوا، سماترا) ويندي بورنيو ٻيٽ ڏي سباح ۽ سراوڪ روانا ٿيندا هئا. سِکن کي عبادت لاءِ گردوارو ٿي کتو سو پهريون گردوارو انگريزن جي اجازت سان پينانگ ۾ جالان برڪ ڪيلن روڊ تي ٺاهيو ويو. اهو روڊ هاڻ سڏجي ئي ’جالان گردوارو‘ ٿو. ملئي ٻوليءَ ۾ جالان معنيٰ هلڻ به آهي ته شاهراهه روڊ، رستو به.
پينانگ وارو هي گردوارو جيڪو شروع ۾ ’ڊائمنڊ جوبلي سک ٽيمپل‘ سڏبو هو، مهاراڻي وڪٽوريا جي 1897ع ۾ جتي ڪٿي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي پئي وئي ۽ سکن به برطانيا جي حڪومت کي اهو چئي زمين حاصل ڪئي ته هو مهاراڻي وڪٽوريا جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائڻ جي خوشيءَ ۾ هي گردوارو ٺهرائڻ چاهين ٿا. گردواري جو اعلان ڪرڻ وقت جشن واري ڏينهن تي پينانگ ۾ رهندڙ تعليم يافته ويٽرنري انسپيڪٽر سک ڊاڪٽر سندر سنگھه ٻين سکن سان گڏجي هي پيغام پڙهيو:
“Her Most Gracious Majesty Victoria, Queen of Great Britain & Ireland and Empress of India... In Commemoration of the 60th anniversary of your Majesty’s reign, we have decided to erect a temple in Penang which will be designated the Diamond Jubilee Sikh Temple”.
بهرحال هن گردواري لاءِ چندا گڏ ڪري هن کي سڀ ۾ وڏو ٺاهيو ويو ۽ هن کي اڄ ڪلههWadda Gurdwara Sahib, Penang سڏيو وڃي ٿو. هي گردوارو 1903ع کان کليل آهي.
سکن جي تعداد وڌڻ تي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي گردوارا ٺهڻ لڳا. فقط ڪوالالمپور ۾ 15 ٿي ويا. اڄ ڪلهه سڄي ملائيشيا ۾ هڪ سؤ کان مٿي گردوارا آهن، جن مان سڀ کان گھڻا پيراق رياست ۾ 50 کن آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا (سنگاپور سميت) جيڪي سک آيا، انهن کي انگريزن پوليس ۽ فوج ۾ نوڪري ڏئي هيڏانهن گھرايو ۽ انهن مان گھڻي ڀاڱي هتي ئي رهي پيا. هنن کي خوش ڏسي هنن جا مائٽ ۽ ڳوٺائي سک پنجاب کان هتي اچي ڍڳيون پالڻ ۽ کير وڪڻڻ جو ڪم ڪرڻ لڳا، جو هُو ان ۾ ئي ماهر هئا، پر اهي ڪهڙا سک هئا جيڪي سڀ کان پهرين هتي آيا؟ ان بابت ڪيترن ئي سکن ۽ انگريزن تحقيق ڪري مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن. سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته برٽش انڊيا مان برٽش ملايا ۾ پهريان سِکُ سياسي قيدي آيا هئا. اهي سياسي سک، جن سڀ کان اڳ ملايا جي سرزمين تي پير رکيو، اهي هئا: نهال سنگھه، جيڪو ڀائي مهاراج سنگھه نالي سان وڌيڪ مشهور آهي ۽ کڙڪ سنگھه. هن کي پنجاب ۾ انگريزن خلاف نفرت پکيڙڻ جي ڏوهه ۾ 1849ع ۾ هيڏانهن ملايا موڪليو ويو هو. هُو جهاز ذريعي پهرين پينانگ پهتا هئا، جتان پوءِ کين سنگاپور موڪليو ويو ۽ آئوٽرام روڊ واري جيل ۾ رکيو ويو، جيڪو ٻه سال اڳ 1847ع ۾ ٺهي راس ٿيو هو. پڙهندڙ شايد اهو سوچين ته سک انگريز جي خلاف ڇو ٿيا؟ هُو ته گورکن وانگر انگريزن سان وفادار ٿي رهيا تڏهن ته انگريزن هنن کي جتي ڪٿي- ملايا، هانگ ڪانگ کان ڪينيا، يوگنڊا ۾ پوليس ۽ فوج طور توڙي چوڪيداري ۽ جگا (سڪيورٽي) جي نوڪرين ۾ رکيو ٿي.
تاريخ کان اڻ واقف، منهنجي پڙهندڙن لاءِ مختصر طور اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته انگريزن جي حڪومت کان اڳ انڊيا تي مغلن جي حڪومت هئي. مغلن جا شروع وارا بادشاهه: بابر، همايون، اڪبر وغيره ٺيڪ ٺاڪ ڪنٽرول رکي ويٺا رهيا. 1707ع ۾اورنگزيب بادشاهه جي وفات بعد مغل شهنشاهيت ڍري ٿي وئي ۽ مٿس زوال شروع ٿيو. هُونءَ ته مغل حاڪم سِکن کي داٻي ۾ رکي پنجاب تي به حڪومت ڪندا رهيا، پر پوءِ سک سلطنت (سرڪار خالصه/ سک خالصا راڄ) آهستي آهستي ٿي آرگنائيز ٿيندو ويو ۽ اورنگزيب بعد ٻيا مغل بادشاهه سِکن کي دٻائي نه سگھيا. 1799ع ۾ مهاراجا رنجيت سنگھه لاهور کي فتح ڪري ’سِک سلطنت‘ جو بنياد رکيو، جيڪا 1849ع تائين- اڌ صدي کن قائم رهي. هڪ اهڙو به وقت هو، جو سکن جي اولهه ۾ خيبرپاس کان اوڀر ۾ تبت تائين ۽ اتر ۾ ڪشمير کان ڏکڻ ۾ مٺن ڪوٽ تائين حڪومت رهي. مٺن ڪوٽ پنجاب جي ڏکڻ ۾ سنڌونديءَ جي اولهه ڪپ تي پَنجنَد ڀرسان آهي، جتي مشهور سرائڪي شاعر ’خواجه غلام فريد‘ جو مقبرو آهي.
رنجيت سنگھه 1780ع ۾ ڄائو. کيس ننڍي هوندي ماتا ٿي هئي، جنهن ڪري سندس کاٻي اک ختم ٿي وئي هئي. افغانين کي پنجاب مان ڀڄائي ڪڍڻ لاءِ هن ساڻن ڪيتريون ئي لڙايون ڪيون ۽ 1801ع ۾ رنجيت سنگھه سڄو پنجاب حاصل ڪري پاڻ کي مهاراجا سڏائڻ لڳو. 58 سالن جي ڄمار ۾ 1839ع ۾ رنجيت سنگھه لاهور ۾ گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ راجا کڙڪ سنگھه تخت تي ويٺو. (مٿي جنهن کڙڪ سنگھه جو لکيو اٿم، جنهن کي سنگاپور جي جيل ۾ رکيو ويو، اهو ٻيو همراهه هو.) مهاراجا کڙڪ سنگھه کي هر وقت شراب ۽ چرس ۾ غرق هجڻ ڪري هن کي تخت تان يڪدم لاٿو ويو. ان بعد سک سلطنت جا هي حاڪم ٿيا:
• رنجيت سنگھه 1801ع کان 1839ع تائين
• کڙڪ سنگھه 1839ع ۾ ڪجهه مهينا
• نونهال سنگھه 1839ع کان 1840ع
• چاند ڪور 1840ع کان 1841ع
• شير سنگھه 1841ع کان 1843ع.
• سر دُليپ سنگھه / مهارڻي جِندڪور 1843ع کان 1849ع
بس رنجيت سنگھه ئي وڏو عرصو ۽ وڏي رعب تاب سان حڪومت ڪئي، باقي ان بعد سندس اولاد ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. شراب ۽ آفيم جي نشي ۽ عورتن جي چڪر ۾ اهڙو غلطان ٿي ويا، جو انگريزن جي واپاري ڪمپني ’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ کي هنن کان حڪومت کسڻ ڏکيو نه ٿيو.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1757ع ۾ بنگال تي قبضو ڪيو، ان بعد آهستي آهستي نموني سان سڄي انڊيا تي حڪومت ٿي وين. 1843ع ۾ هنن سنڌ فتح ڪئي ۽ آخر ۾ پنجاب پڻ. جيستائين رنجيت سنگھه طاقت ۾ هو انگريز ڊپلوميسي ۽ دوستي سان ڪم هلائيندا رهيا. هو موقعي ۽ مهل جو انتظار ڪندا رهيا. رنجيت سنگھه بعد پنجاب جو جيڪو به حاڪم ٿيو ٿي، اهو ڪمزور ئي ثابت ٿيو ٿي. انگريزن سکن جي سلطنت سان ٻه لڙائيون ڪيون ۽ پنجاب سندن حوالي ٿي ويو. اهي ٻئي لڙائيون: پهرين ائنگلو سک لڙائي ۽ ٻي ائنگلو سک لڙائي هندستان جي تاريخ ۾ مشهور آهن. Anglo-Sikh War-I ڊسمبر 1845ع کان مارچ 1846ع تائين- ٽي مهينا کن هلي، جڏهن پنجاب تي رنجيت سنگھه جي سڀ کان ننڍي پٽ دُليپ سنگھه جي حڪومت هئي. هُو 1843ع ۾ سندس ڀاءُ شير سنگھه جي وفات تي پنجاب جو راجا ٿيو هو. ان وقت هن جي عمر 5 سال هئي. ان ڪري سلطنت جو ڪاروبار هن جي ماءُ (مهاراجا رنجيت سنگھه جي ننڍي) مهاراڻي جِندڪور ٿي هلايو. جمون ۽ ڪشمير نوابي رياستون جيڪي سک سلطنت جي قبضي ۾ هيون، انهن کي انگريزن الڳ ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏئي برٽش ڪنٽرول ۾ رکيون. ان کان علاوه باقي سک سلطنت جو به وڏو حصو انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. باقي بچيل علائقا دليپ سنگھه ۽ هن جي ماءُ کي حڪومت ڪرڻ لاءِ ڇڏي.
ٻي Anglo Sikh War-II اپريل 1848ع کان مارچ 1849ع تائين هلي. سک سلطنت جو راجا دُليپ ته ٻار ٿيو، اهو ڇا هنن ٺڳ انگريزن سان وڙهندو پر هن جي فوج ۽ ڪجهه ڪجھه قوم پرست قسم جا سِک انگريزن سان وڙهندا رهيا ۽ انگريزن خلاف ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪندا رهيا. لڙائي ته آخر انگريز کٽي ويا ۽ سنڌ سان گڏ پنجاب به سڄو انگريزن حوالي ٿي ويو پر جيئن سنڌ ۾ حر انگريزن جو مقابلو ڪندا رهيا تيئن پنجاب ۾ به ڪجھه دلير سک هئا جن نٿي چاهيو ته ڌارئين ڏيهه کان آيل انگريز هننجي ڌرتيءَ تي راڄ ڪن. انهن ڏينهن ۾ انڊيا جو گورنر جنرل لارڊ ’دالهوزي‘ (Dalhousie) هو، تنهن لاهور جي انگريز ريزيڊنٽ ’فريڊرڪ ڪُوري‘ کي سختيءَ سان انسٽرڪشن ڏنا ته اهڙن باغين کي، جيڪي انگريزن خلاف نفرت ٿا پکيڙين، ختم ڪيو وڃي يا ڏيهه نيڪالي ڏني وڃي. ان جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي سکن کي ڦاهيون ڏيڻ کان علاوه، ڪيترن کي ڪاري پاڻي (انڊامان ۽ نڪوربار ٻيٽن) تي موڪليو ويو ۽ ڪجھه کي ملايا موڪليو ويو. جن کي ملايا موڪليو ويو انهن ۾ ڀائي مهاراج سنگھه ۽ کڙڪ سنگھه پهريان سک هئا، جن ملايا جي زمين تي قدم رکيو ۽ کين پينانگ کان سنگاپور روانو ڪيو ويو، جتي آئوٽرام روڊ واري هن تازي ٺهرايل جيل ۾ قيد ڪيو ويو. هتي اهو وري لکندو هلان ته هي کڙڪ سنگھه، مهاراجا رنجيت سنگھه جو پٽ کڙڪ سنگهه نه پر ٻيو سک- مهاراج سنگھه جو مريد هو.

سِک سلطنت ۽ انگريزن جون اٽڪلون

هتي اهو لکندو هلان ته مهاراجا رنجيت سنگھه جي ڇا ته طاقتور حڪومت هئي. هُو 38 سال حاڪم رهيو. هن جو رعب ۽ دٻدٻو ۽ ائڊمنسٽريشن ۽ قبضي ۾ آيل علائقو مغل بادشاهه بابر کان وڌيڪ هو ۽ جتي مغل بادشاه سوا ٽي سئو سال ڪڍي ويا اتي لڳو ٿي ته رنجيت سنگھه جا پويان ان کان به وڏو عرصو حڪومت ۾ رهندا، پر قدرت جا پنهنجا کيل آهن. رنجيت سنگھه جي اولاد ٻوٽو نه ٻاريو! رنجيت سنگھه جي مرڻ بعد سک سلطنت ڏهه سال ڪا مس قائم رهي سگھي! ان ۾ به هڪ نه، ٻه نه، يڪا پنج راجا ٿيا، جيڪي خواريءَ جو موت مري ويا.
رنجيت سنگھه جو پٽ ۽ سک سلطنت جو رنجيت سنگھه بعد ٻيو حاڪم ’مهاراجا کڙڪ سنگھه‘ سخت موالي نڪتو. ائين ته بابر بعد سندس پٽ همايون لاءِ به چيو وڃي ٿو ته آفيمي يعني موالي هو، پر سائين کڙڪ سنگھه جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هر وقت شراب، آفيم ۽ رنن جي چڪر ۾ رهيو ٿي. هن لاءِ سڌو ٿي هلڻ ئي ڏکيو ڪم هوندو هو. جهڙا تهڙا ٽي مهينا حڪومت مس هلايائين. سندس پٽ نونهال سنگھه بغاوت ڪري کيس تخت تان لاهي کڻي لاهور واري قيد ۾ بند ڪيو، جتي ان وقت جي چالاڪ وزير ڌيان سنگھه، آهستي آهستي زهر ڏئي کيس ٻئي جهان پهچائي ڇڏيو. نونهال سنگھه ’سک سلطنت‘ جو ٽيون حاڪم ٿيو. سندس ان وقت عمر 18 سال هئي. پنهنجي پيءُ کڙڪ سنگھه جي ڀيٽ ۾ هُو ڪجھه بهتر نموني سان حڪومت ڪري رهيو هو، پر سال کن مس راجا رهيو ته محلاتي سازش هيٺ، ساڳئي وزير ڌيان سنگھه هن کي به زهر ڏئي ماري ڇڏيو. سندس شادي ’صاحب ڪور‘ نالي ڇوڪريءَ سان ٿي هئي، پر اولاد اڃا نه ٿيو هوس. مرڻ وقت صاحب ڪور پيٽ سان ضرور هئي.
توهان پيءُ جي مرڻ تي سندس نابالغ پٽ جي تاجپوشي ۽ راجا بنجڻ جو ته ٻڌو هوندو، پر هتي نونهال سنگھه جي مرڻ تي، هن جي ماءُ (يعني کڙڪ سنگھه جي زال) چاند ڪور اهو اعلان ڪيو ته سک سلطنت جو چوٿون حاڪم نونهال سنگھه جو پٽ ٿيندو، جيڪو هن جي زال (راڻي) صاحب ڪور جي پيٽ ۾ آهي ۽ جيسين ٻار ڄمي ۽ بالغ ٿئي، تيسين سِکَ سلطنت جون واڳون چاند ڪور پاڻ ريجنٽ جي حيثيت ۾ سنڀاليندي. ياد رهي ته چاند ڪور 1802ع ۾ ڄائي هئي ۽ ڏهن سالن جي هئي ته هن جي کڙڪ سنگھه سان شادي ٿي ۽ کيس اهو ئي هڪ ئي ٻار نونهال سنگھه ٿيو هو. نونهال سنگھه جي وفات وقت هُوءَ 37 سالن جي هئي ۽ ريجنٽ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي. نونهال سنگھه جي زال صاحب ڪور کي ٽن مهينن بعد، وقت کان اڳ ٻار ٿيو ۽ اهو ٻار پٽ ٻار ضرور ٿيو، پر افسوس جو مئل ڄائو. کڙڪ سنگھه کي ڪو ٻيو ٻار نه هو جو تخت جي دعويٰ ڪري. سندس زال چاند ڪور کي ريجنٽ جو اهو عهدو ڇڏڻو پيو. هُونءَ به رنجيت سنگھه جي ننڍي پٽ شير سنگھه کي اها ڳالهه پسند نه هئي ته سک سلطنت جو حاڪم اهو ٿئي جيڪو ڄائو ئي نه هجي، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته سگهو ئي اهو مئل ٻار ڄائو ۽ ڏاڏيءَ چاند ڪور کي پاڻ ئي ٽپڙ گول ڪري، شاهي محل ڇڏڻو پيو، پر ان کان اڳ شير سنگھه لاهور تي حملو ڪري پاڻ کي ’سک سلطنت‘ جو چوٿون مهاراجا سڏرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شير سنگھه، کڙڪ سنگهه جو ڀاءُ ضرور هو پر رنجيت سنگھه جي ٻي زال مان هو. رنجيت سنگھه کي ڪيتريون ئي زالون ۽ ڪنيزون هيون، جن مان ٽي آفيشل زالون سڏيون ويون ٿي:
• مهاراڻي داتا ڪور- کڙڪ سنگھه جي ماءُ
• مهاراڻي مهتاب ڪور- شير سنگھه جي ماءُ ۽
• مهاراڻي جند ڪور- دُليپ سنگھه جي ماءُ.
مهاراجا شير سنگھه اهو آهي جيڪو پيءُ رنجيت سنگھه جي حڪومت ۾ ڪشمير جو 3 سال گورنر رهيو ۽ 1934ع ۾ افغانين کان پشاور Capture ڪيو.
شير سنگھه به ٻه سال حڪومت مس ڪئي ته درٻار جي هڪ همراهه کيس ۽ ساڻس گڏ وزيراعظم ’ڌيان سنگھه‘ کي شاٽ گن سان قتل ڪري ڇڏيو. هتي اهو به لکندو هلان ته امرتسر کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بٽالا شهر جو جيڪو ’بارنگ يونين ڪرسچن ڪاليج‘ آهي، اها عمارت هن مهاراجا شير سنگھه جو محلات هو. هُونءَ به بٽالا سکن جو اهم شهر آهي، جو سِک ڌرم جي پهرين گرو نانڪ، هتي جي رهاڪو هڪ ڇوڪري ’سلکنيءَ‘ سان شادي ڪئي هئي.
مهاراجا شير سنگھه جي 1843ع ۾ قتل بعد، رنجيت سنگھه جي ننڍي پٽ دُليپ سنگھه کي سِک سلطنت جو مهاراجا بڻايو ويو، جيڪو مهاراجا رنجيت سنگھه جي ٽي ۽ دل پسند زال جند ڪور مان هو. رنجيت سنگھه جي وفات کان سال اڳ 1838ع ۾ ڄائو هو ۽ هاڻ تخت تي ويهڻ مهل سندس عمر 5 سال هئي، ان ڪري هن پاران هن جي ماءُ مهاراڻي جند ڪور ريجنٽ جي حيثيت ۾ حڪومت هلائڻ لڳي.
پڙهندڙ اندازو لڳائي سگھن ٿا ته مهاراجا رنجيت سنگھه جي مرڻ بعد سک سلطنت جو ڇا حال ٿي ويو. انگريز به ههڙي موقعي جي انتظار ۾ هئا ۽ جيئن لکي آيو آهيان ته انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪري، پنجاب حاصل ڪرڻ لاءِ سکن سان 1845ع ۾ جنگ ’فرسٽ ائنگلو سک وار‘ جوٽي. هن لڙائيءَ ۾ انگريزن، سکن کان ڪشمير ۽ جمون کسي، ان کي الڳ اختيار ڏنو، پر پنهجي حفاظت(Protectorate) ۾ رکيو. پنجاب جو پڻ وڏو حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، باقي بچيل حصو ٻي 1848ع واري لڙائيءَ ۾ پنهنجي حوالي ڪيو. پهرين ۽ ٻي لڙائيءَ جي وچ واري عرصي ۾ انگريزن هنن ست اٺ سالن جي ٻار دُليپ سنگھه کي ئي نالي ماتر مهاراجا رهڻ ڏنو، پر ماءُ (جِند ڪور) کي پري ڪري ڇڏيو، جو انگريز سمجھي ويا ته هيءَ ڏنگي عورت آهي ۽ مهاراجا رنجيت سنگھه جي ننڍي ۽ دلپسند زال هجڻ ڪري هن جا سک معتقد آهن يعني هن مائيءَ جي ڀڙڪائڻ تي سک انگريزن خلاف بغاوت ڪري، انگريزن جو سک چين چٽ ڪري سگھن ٿا. باقي دُليپ سنگھه کي مهاراجا قائم رکڻ تي انگريز نقصان ۾ نه هئا. انگريزن اهو ئي چاهيو ٿي ته ڀلي عوام خوش ٿئي ته انگريزن هنن جي حاڪم کي عزت بخشي آهي. باقي رياست جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ انگريزن مهاراڻي جند ڪور جي جاءِ تي هڪ انگريز ريزيڊنٽ رکيو. هي ريزيڊنٽ ظاهري طرح ته ننڍڙي مهاراجي کي صلاح مشوري ڏيڻ لاءِ هو، پر مهاراجا کان اهو ئي ڪم ورتو ويو ٿي جيڪو انگريزن چاهيو ٿي. انگريزن جي اها ئي پاليسي ۽ نمونو انڊيا جي ٻين صوبن، سنڌ، توڙي ملايا ۽ برونائي وغيره ۾ هليو ٿي، جتي جي راجائن، نوابن ۽ سلطانن وٽ رکيل صلاحڪار ريزيڊنٽ ذريعي هنن کان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪرايو ٿي... عوام ان ۾ ئي خوش رهي ٿي ته سندن نواب، پير، سلطان، مير مرشد سندس حاڪم آهي ۽ ان جي حڪم موجب ڪم پيو ٿئي.
اڳتي هلي 1854ع ۾ جڏهن دليپ سنگھه 16 سالن جو ٿيو ته انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريا جي حڪم تي هن کي انڊيا مان هڪ قسم جو اغوا ڪرائي، هن ڏي موڪليو ويو، جنهن هن کي دوست جي حيثيت ۾ پاڻ وٽ رکيو. هي ڪافي ڳڀرو جوان هو، جنهن لاءِ مهاراڻي وڪٽوريا پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿي ته، ”پنجابي نوجوان مهاراجا جون اکيون ۽ ڏند ڇا ته سهڻا آهن!“
مهاراڻي وڪٽوريا مهاراجا دُليپ سنگهه جي ڪيترن ٻارن جي به گاڊ مدر ٿي رهي يعني انهن جي هن سار سنڀال لڌي ٿي، خاص ڪري تعليم ۽ مذهبي ڳالهين بابت. دُليپ سنگھه کي ته انگلنڊ وٺي ويا پر سندس ماءُ جند ڪور کي انڊيا ۾ پنهنجن کان پري کٽمنڊوءَ ۾ رکيو ويو. 8 سالن بعد 1861ع ۾ دُليپ سنگھه کي پنهنجي ماءُ سان ڪلڪتي ۾ ملڻ جو موقعو ڏنو ويو، جنهن کي هُو واپسيءَ تي پاڻ سان انگلنڊ وٺي آيو. انهي دوران دُليپ سنگھه پنهنجو سک ڌرم ڇڏي، عيسائيت اختيار ڪري چڪو هو. دُليپ سنگھه 55 سالن جي ڄمار ۾ 1893ع ۾ پئرس ۾ گذاري ويو. سندس اها خواهش هئي ته مري وڃڻ بعد هن جي لاش کي انڊيا ۾ دفن ڪيو وڃي، پر انگريز حڪومت کي اهو ڊپ هو ته هن جو انڊيا لاش وڃڻ تي سکن ۾ بي چيني پيدا ٿي پوندي ۽ هو انگريز حڪومت جي خلاف گوڙ ڪري سگھن ٿا. ان ڪري دليپ سنگهه کي عيسائي رسم و رواج موجب اوڀر انگلنڊ جي سفوڪ(Suffolk) ضلعي جي شهر آلودن(Elveden) جتي هن جي جائداد به هئي، اتي جي گرجا گھر ۾ سندس زال بامبا ملر ۽ پٽ شهزادي ايڊورڊ البرٽ دليپ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
پڙهندڙن جي ڌيان ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ڳالهه لکندو هلان، بلڪه هنن پاڻ به ان بابت ضرور سوچيو هوندو ته انگريز توڙي ٻيا قبضي گير يورپي ان ڳالهه ۾ هوشيار هئا ته ڪنهن ملڪ يا نوابي سلطنت تي قبضو ڪرڻ وقت هنن کي ان جي سلطنت جي حاڪم کي ختم ڪرڻو پيو ٿي ته ان جي اولاد کي اتي ڇڏڻ بدران انگلنڊ گھرائي ورتو ٿي ۽ هن کي پنهنجي مغربي تهذيب ۽ ثقافت سان اهڙو روشناس ڪرايو ٿي، جو هن کي اها سڌريل ماڻهن جي قوم لڳي ٿي ۽ پنهنجو ملڪ اڻ سڌريل ۽ پنهنجا ماڻهو ڄٽ لڳا ٿي. ڪوشش ته اها ڪيائون ٿي ته هُو جي شراب جو شوقين ناهي ته هن کي عادي بنايو وڃي ۽ هندو يا مسلمان آهي ته هن کي عيسائي بنايو وڃي، پر جي عيسائي نٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي پنهنجي مذهب کان پري رکيو وڃي. ان جو مثال توهان کي دُليپ سنگھه مان به ملي سگھي ٿو ته هن کي پنهنجي ملڪ ۾ رکڻ بدران انگلنڊ گھرائي ورتائون. ننڍي ٻار جا خيال توڙي سوچ بدلرائڻ به سوَلو ڪم ٿو ٿئي. هو سک ڌرم ڇڏي عيسائي ٿي ويو.
انگريزن ڪنهن حاڪم، نواب، پير کي پنهنجي خلاف محسوس ڪيو ٿي ته هن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي ٿي، جنهن لاءِ هنن اَنڊامان ٻيٽن تي جيل ٺاهيو ۽ سنگاپور جي آئوٽرام روڊ تي پڻ جيل ٺاهيو ۽ ننڍي کنڊ جا باغي سياستدان يا خطرناڪ ماڻهو اوڏانهن موڪليا ٿي. بهادر شاهه ظفر جو سڄو خاندان ختم ڪري ڇڏيائون، ان بعد به هنن بهادر شاهه کي دهليءَ ۾ نه رکيو. برما جي شهر رنگون (ينگون) موڪلي ڇڏيو. هن جي مري وڃڻ تي انگريزن هن جي دفن واري جاءِ کي شهيد پير پاڳاري جي قبر وانگر راز ۾ رکيو. بهادر شاهه ظفر جي هينئر جيڪا قبر آهي اها ڌُڪي موجب آهي، پڪ ناهي. اڄ به ڏسو اوساما بن لادن بابت آمريڪا به صحيح طرح نٿو ٻڌائي. چئي، اسان هن جي لاش کي سمنڊ ۾ وجھي ڇڏيو. جنرل ضياءَ به ڀُٽو صاحب سان ڪجھه ائين ڪرڻ چاهيو ٿي پر مجبور ٿي پيو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي هن رات جي اونداهيءَ ۾ ڀٽو صاحب جو لاش ڳڙهي خدا بخش موڪلي يڪدم دفن ڪرائي ڇڏيو. ڇو جو هن کي خبر هئي ته اهڙا ماڻهو هن دنيا کي ڇڏڻ بعد اڃا به وڌيڪ طاقتور ٿيو وڃن.
انگلنڊ جي علائقي سفوڪ ۾ جتي دليپ جي قبر آهي، اتي اسان جهاز وارن جو ڪافي وڃڻ ٿئي ٿو، جو اتي سامونڊي ڪنارو آهي. هڪ دفعي مئرين اڪيڊمي ملائيشيا جي سِک پروفيسر جهاز ’ڪئپٽن تيجپال سنگھه‘ سان هوس ته هن هي گرجا گھر ڏيکاريو، جتي جي قبرستان ۾ دليپ سنگھه دفن آهي. بقول هن سِکَ ڪئپٽن جي پنجاب جي طاقتور حاڪم رنجيت سنگھه جي ٽي ۽ کانئس 37 سال ننڍي راڻي مهاراڻي جند ڪور کي 21 ورهين جي ڄمار ۾ 1838ع ۾ جڏهن هي شهزادو دُليپ سنگھه ڄائو ته هن ته اهو ئي سوچيو هوندو ته هن جو پٽ سندس مڙس جي مرڻ بعد سک سلطنت جو همايون نه ته اڪبر، شاهجهان يا اورنگزيب ٽائيپ بادشاهه ٿيندو. پنهنجي پنجاپڻ سکڻيءَ سان شادي ڪندو ۽ سک ڌرم جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ملڪ جي وڏن گردوارن جون مذهبي رسمون ادا ڪندو ۽ وفات بعد سندس مقبرو آگري جي تاج محل جهڙو کڻي نه پر دهليءَ ۾ همايون جي مقبري جهڙو امرتسر، لڌيانا يا چندي ڳڙهه ۾ ٺهرائبو، پر مهاراڻي جند ڪور کي ڪهڙي خبر ته هو انگلند جي سانت ڀري سفوڪ ضلعي ۾ دفن ڪيو ويندو (جتي هو هاڻ دفن آهي)، جرمن گوري ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو، ان کان اڳ پنهنجن ابن ڏاڏن جو سک ڌرم ڇڏي عيسائي ٿي ويندو!
1848ع ۾ ٻي ائنگلو سک لڙائي بعد انگريزن جو پنجاب (سک سلطنت) تي مڪمل قبضو ٿي ويو ۽ جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته مهاراجا دُليپ سنگھه کي تخت تان لاهي ماءُ کان الڳ ڪري رکيو ويو ۽ پوءِ 1854ع ۾ جڏهن هو 16 سالن جو ٿيو ته کيس برطانيا ڏي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. هن جي بار بار ڪوششن جي، هن کي ماءُ سان ملڻ لاءِ انڊيا وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جو انگريز کي اهو خوف هو ته ڪيترائي سک هن جي ماءُ (يعني مهاراجا رنجيت سنگھه جي ننڍي زال) جند ڪور ۽ دُليپ سنگھه تان جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ موقعو ملڻ تي هو، انگريزن جي خلاف وڏو ٻائيتال مچائي سگھن ٿا. آخر 1861ع ۾ جڏهن دُليپ سنگھه 23 سالن جو ٿيو ته پنجاب ۾ ٺاپر ڏسي انگريزن دُليپ کي انڊيا اچي ماءُ سان ملڻ ۽ کيس پاڻ سان گڏ انگلنڊ وٺي وڃڻ جي اجازت ڏني.
دُليپ سنگهه انگلنڊ کان سامونڊي جهاز رستي ڪلڪتي پهتو، جتي سندس ماءُ کي کٽمنڊو کان (جتي انگريزن هن کي نظربند رکيو هو) گهرايو ويو. واپس انگلنڊ موٽڻ وقت رستي تي قاهري ۾ دليپ سنگھه جي ملاقات هڪ عيسائي ڇوڪري بامبا سان ٿي، جنهن جو مِلر نالي پيءُ جرمن بزنيس مئن هو ۽ ماءُ حبش (اٿوپيا) جي ڪنيز هئي. دليپ ۽ بامبا جي شادي مصر جي السڪندريا شهر ۾ 1864ع ۾ برطانيا جي قونصل خاني ۾ ٿي. دُليپ کي هن زال مان 6 ٻار ٿيا.
مهاراجا دليپ سنگھه ايلويدن (سوفوڪ) واري محل ۾ رهڻ کان اڳ لنڊن، اسڪاٽلنڊ، يارڪ شائر، يورپ جي مختلف شهرن ۾ ويندي، مهاراڻي وڪٽوريا ۽ ان جي فئمليءَ سان گڏ هن جي اوسبرن واري محل ۾ پڻ رهيو. 1863ع ۾ هن سوفوڪ ضلعي ۾ ايلويڊن(Elveden) جاگير خريد ڪئي، جيڪا 17000 ايڪڙن تي هئي يعني ان جي 69 چورس ڪلوميٽر پکيڙ هئي.
هن جاگير تي دُليپ سنگھه پنهنجي رهائش لاءِ هڪ اطالوي ۽ انڊين اسٽائيل جو محل ٺهرايو، جتي هُو پهرين جرمن زال بامبا ۽ ڇهن ٻارن سان گڏ 1886ع تائين رهيو. ان بعد پئرس آيو. 1887ع ۾ سندس زال بامبا جي وفات بعد دُليپ سنگھه 1889ع ۾ پئرس جي هڪ رهاڪو فرينچ ڇوڪري ادا ويٿرل(Ada Wetherill) سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي ٻه ٻار ٿيا: پالين اليگزينڊرا ۽ ادا آئرين. ان بعد هُو هتي پئرس ۾ ئي 1893ع ۾ گذاري ويو. هن جي لاش کي سوفوڪ کڻائي ويا، جتي ايلويڊن گرجا گھر جي قبرستان ۾ سندس پهرين زال بامبا ۽ پٽ جي قبرن ڀرسان دفن ڪيو ويو.
دراصل دُليپ سنگھه، جنهن کي مهاراڻي وڪٽوريا طرفان سر جو خطاب مليو هو، ان جي تفصيلي ڪهاڻي پڙهڻ وٽان آهي ۽ هن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن مان ڪجھه جا نالا، جن کان آئون واقف آهيان، هيٺ ڏيان ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته دُليپ سنگھه کان جيتوڻيڪ سندن وڏن جي سک سلطنت هٿن مان هلي وئي هئي، پر انگريز سرڪار هن جو ’مهاراجا‘ لقب قائم رکيو. اها پڻ ڊپلومئٽ قوم انگريز جي چالاڪي آهي، جنهن ذريعي هن انهن خارج ٿيل راجائن، نوابن، بادشاهن وغيره جي عقيدتمندن کي خوش ٿي رکيو. ڪن کي هنن Prince (شهزادو) به سڏيو ٿي، جيتوڻيڪ هُو جيل جي ڪوٺي ۾ پيا هئا.
هتي ’سِک سلطنت‘ بابت مون فقط اهو سوچي مختصر احوال لکيو آهي ته پڙهندڙ تاريخ مان اهو سبق حاصل ڪن ته هيءَ دنيا اچڻي وڃڻي شئي آهي. ڪئين فرعون جهڙا ظالم حاڪم آيا. ان وقت ته ڪنهن به نٿي سمجھيو ته هنن جي حڪومت ڪا ختم ٿيندي. اسان وٽ ته ايوب خان ۽ ضياءُ لاءِ به اهو چوندا هئا ته انهن مان جان هرگز نه ڇٽندي، پر ڳالهه اها آهي ته نادر نادر آهي ته قادر به قادر آهي. قدرت اهڙا طريقا ڪڍي ٿي، جو پوءِ سڄو ٽبر هڪ ئي جهاز ۾ سوار ٿي تباهه ٿيو وڃي. ڪو به هميشه لاءِ طاقتور ۽ دولتمند نٿو رهي. هڪ سج جا ٻه پاڇا آهن. رهجيو وڃن فقط انسان جا نيڪ ڪم. انهن کي ئي ياد ڪيو وڃي ٿو. اڄ جي دنيا جي لالچي ۽ ظالم حاڪمن کي کپي ته تاريخ مان سبق حاصل ڪن. هي جو غريب عوام جو حق ماري هنن جي صحت، تعليم ۽ ترقياتي ڪمن جا به پئسا هڙپ ڪري دولت جا انبار پيا گڏ ڪن، ته جيئن هنن جون ست پيڙهيون عيش جي زندگي گذارينديون. اهو فقط اکين جو ڍَءُ آهي. هُو اهو ئي سمجھي رهيا آهن ته حرام جي گڏ ڪيل دولت هميشه ساڻن رهندي، پر يارو! ايئن ناهي. شهنشاهه ايران، قذافي، صدام حسين، مصر جي شاهه فاروق، فلپين جي اڪينو ۽ يوگنڊا جي اِدي امين ۽ ٻين جا مثال اسان جي سامهون آهن. ڪيترائي اسان جا سياستدان، عوام جي خذمت ڪرڻ بدران هميشه پئسو ۽ پاور حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا ۽ غريب عوام جو ڀلو ڪرڻ بدران انهن کي وڌيڪ غريب بنائي پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي امير بڻائڻ جو سوچين ٿا. هنن کي اها خبر نٿي رهي ته ست پيڙهيون ته پري جي ڳالهه آهي، اهو حرام جو پئسو هنن کي به نصيب ٿيندو يا نه؟ تاريخ ۾ وڏا وڏا طاقتور ۽ جابر بادشاهه نظر ايندا. جيستائين هو نيڪ ٿي هليا، اخلاق جي دائري ۾ رهيا، عوام جو خيال ڪيائون، هنن جي سلطنت قائم دائم رهي. جتي هو شرابي، چرسي، موالي، زاني ۽ ظالم ٿيا، عوام سان نا انصافي ڪيائون ۽ پئسي دولت جي لالچ ۾ آيا، هو ۽ هنن جو اولاد تباهه ٿي ويو. اهڙا ڪيترائي مثال مختلف هنڌن تي لکي چڪو آهيان. ’دنيا رنگ رنگيلي‘ ڪتاب ۾ مغل سلطنت جو لکيو اٿم ته تخت خاطر نه رڳو ڀائر، ڀائرن کي پر چاچن ۽ پيئرن کي قتل ڪندا رهيا، انڌو ڪندا رهيا، قيد ۾ بند ڪندا رهيا. هيڏي وڏي دٻدٻي واري مغل سلطنت جي آخري مغل حاڪمن جو ڪهڙو حال ٿيو! آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي، عباسي گھراڻي جي آخري بغداد جي عباسي خليفي المستعصم باالله کي هلاڪو خان ٽي ڏينهن بکيو رکي چيس ته گدام ۾ گڏ ڪيل اهو سون ۽ چاندي کاءُ، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تون پاڻ پتوڙيندو رهئين.
پنجاب جو مهاراجا رنجيت سنگھه، جنهن جو ڪو قد بت به نه هو، ماتا جي ڪري سڄو منهن چگھن سان ڀريل هو، هڪ اک کان ڪاڻو به هو، پر هن محنت ڪري نه رڳو افغانين جهڙن ڌارين ۽ ڏنگن ماڻهن کان جنگيون کٽيون ۽ کين پنجاب مان ڀڄائي ڪڍيو، پر پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ خوشحالي آندي. پاڻ امير ترين سڏيو ويو ٿي، جنهن کي دولت جا انبار ته ڇا پر ڪوهه نور هيرو به مليل هو. بعد ۾ سندس پٽ کڙڪ سنگھه اهڙي ته عياشي ۽ نشي پتي ۾ اچي لڳو، جو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي تباهي آڻي ڇڏي. جيستائين مهاراجا رنجيت سنگھه جيئرو هو، هو پنهنجي حڪومت جا 38 سال انگريزن کي به سڌو رکيو ويٺو رهيو. بعد ۾ انگريزن کي پنجاب فتح ڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳي. ڏهن سالن اندر سڄي سک سلطنت اجڙي وئي، جنهن لاءِ چيو ويو ٿي ته هتي جي ٿيندڙ راجائن، مهاراجائن جو ڪو وار به ونگو ڪري نه سگھندو. رنجيت سنگھه جي خاندان جا سڀ نرينه ٻار ختم ٿي ويا. حڪومت جي چڪر ۾ پاڻ ئي هڪ ٻئي کي قتل ڪرائي ڇڏيائون. زنانو اولاد انگريز حڪومت کان مليل پينشن تي گذارو ڪرڻ لڳو. جيئن مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي اولاد بابت لکيو اٿم ته اهي ڪلڪتي ۾ڪيڏي غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن! ان ڪري اسان کي ۽ اسان جي حاڪمن کي کپي ته تواريخ جو مطالعو ڪريون ۽ سبق سکون. حرام ۽ ڦرلٽ جي پئسي مان اولاد امير ۽ طاقتور نه پر تباهه ٿي سگھي ٿو. هُونءَ به گھڻي دولت ۽ عياشي اولاد کي ڪمزور بنايو ڇڏي... ڪجھه ڏينهن اڳ بي بي سي تان دبئي جي بنياد رکڻ واري شيخ راشد المڪتوم جو دبئي بابت انٽرويو ٻڌي رهيو هوس. هڪ ڳالهه منهنجو ڌيان ڇڪايو، جيڪا هتيShare ڪري رهيو آهيان ته جڏهن بي بي سي جي نمائندي هن کان دبئيءَ جي مستقبل بابت پڇيو ته هن وراڻيو:
”منهنجي پيءُ اٺ تي سواري ڪئي ٿي، آئون مرسيڊيز ڪار ۾، منهنجو پٽ لئنڊ روور ۾ گھمي ٿو ۽ منهنجي پوٽي کي ٿي سگهي ٿو لئنڊروور ڇڏڻي پوي ۽ پڙ پوٽي کي وري اٺ جي ئي سواري نصيب ٿئي.“
“What is that?” بي بي سي جي نمائندي پڇيو. هن کي شايد اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ان تي شيخ راشد المڪتوم وراڻيو:
“Tough times create strong men, strong men create easy times. Easy times create weak men, weak men create tough times.”
پاڻ مهاراجا رنجيت سنگھه جي پٽ دليپ سنگھه جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن جي ڪهاڻي بيحد دلچسپ آهي، جنهن تي ڪيترن ئي ڪتاب لکيا آهن- خاص ڪري يورپي ليکڪن. هتي پنهنجي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڪجھه ڪتابن جا نالا لکان ٿو جيڪي منهنجي نظرن مان گذريا آهن:
1. Queen Victoria’s Maharajah Duleep Singh
by: Michael Alexander & Sushila Anand.
2. Duleep Singh: the Maharaja of Punjab & the Raj.
by: Rishi Ranjan Chakrabarty.
3. Maharajah Duleep Singh
by: Balihar Singh.
4. The Exile
by: Navtej Sarna.
5. The Last Sunset the Rise and Fall of the Lahore Durbar.
by: Amarinder Singh.

سِک سلطنت هڪ نظر ۾

• مهاراجا رنجيت سنگھه جو پيءُ مهان سنگھه پنجاب جي هڪ ننڍڙي علائقي جو وڏيرو / نواب هو. ان قسم جا حاڪم پنجاب ۾ مثالدار سڏجن ٿا ۽ اهڙا علائقا مثال(Misal) سڏيا ويا ٿي.
• 1792ع ۾ سردار مهان سنگھه جي وفات تي سندس پٽ رنجيت سنگھه 12 سالن جي ڄمار ۾ ان ’سُڪر چاڪيا مثال‘ جو سردار ٿيو.
• رنجيت سنگهه، سکن جا اهڙا ڪيترائي علائقا (مثال) هڪ ڪري 1801ع ۾ پاڻ ان جو مهاراجا ٿيو.
• رنجيت سنگھه 1780ع ۾ گجرانوالا ۾ ڄائو هو، جيڪو شهر اڄ ڪلهه پاڪستان واري پنجاب ۾ آهي. هن 1839ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪئي. سندس رک (وڀوتي) سماڌي لاهور واري عمارت ۾ آهي، جيڪا بادشاهي مسجد، لاهوري قلعي ۽ سکن جي گوردواري ڊيرا صاحب ڀرسان آهي.
• لاهور جو هي ديرا صاحب گردوارو هڪ تاريخي آهي، جتي سکن جي پنجين گرو ارجن ديو کي مغل بادشاهه جھانگير جي حڪم تي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو.
• مهاراجا رنجيت سنگهه 1801ع کان 1839ع وفات تائين، سک سلطنت جو باني رهيو.
• بهادريءَ جي ڪري هو اڄ تائين ’شير پنجاب‘ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.
• هن ڏهن ورهن جي ڄمار ۾ پنهنجي پيءُ مهان سنگھه سان گڏ پهرين جنگ وڙهي ۽ 17 سالن جي ڄمار ۾ افغانستان جي بادشاهه زمان شاهه درانيءَ جي پنجاب تي ڪيل حملي کي پسپا ڪيو. 1797ع ۾ امرتسر تي زمان شاهه جي هڪ ٻئي حملي کي به رنجيت سنگھه ناڪام بڻايو هو.
• مهاراجا رنجيت سنگھه ڪڏهن به اسڪول نه ويو ۽ نه گھر ۾ پڙهڻ لکڻ سکيو. هُو فقط گرمکيءَ جي الف ب کان واقف هو.
• هن کي ننڍي هوندي کان گھر ۾ گھوڙي سواري، تيراندازي، بندوق بازي ۽ تلوار بازي سيکاري وئي.
• 19 سالن جي ڄمار ۾ 1799ع ۾ هن لاهور تي قبضو ڪيو، جنهن بعد صحيح معنيٰ ۾ سک سلطنت وجود ۾ آئي.
• 1801ع ۾ هو ويهن سالن جو هو ته هن کي مهاراجا بنائڻ لاءِ اوسي پاسي جي سڀني راجائن ۽ نوابن گڏجي تاجپوشي ڪئي.
• رنجيت سنگھه کي 8 پٽ هئا، پر هن فقط کڙڪ سنگھه ۽ دليپ سنگھه کي پنهنجو اصلي يعني biological پٽ قبول ڪيو ٿي.
• رنجيت سنگھه کي 20 کن زالون هيون، جن مان مشهور ’ماهتاب ڪور‘، ’راج ڪور‘، ’رتن ڪور‘، ’ديا ڪور‘ ۽ ’مهاراڻي جند ڪور‘ (دُليپ سنگھه جي ماءُ) هيون.
• رنجيت سنگھه جي فوج ۾ سکن کان سواءِ مسلمان ۽ هندو پڻ هئا. ويندي ڪجھه يورپي به هئا. باقي انگريزن کي نٿي رکيو جو هن انگريزن کي ڦيريگور ۽ جاسوس طبيعت جو سمجھيو ٿي.
• رنجيت سنگھه جي دورِ حڪومت ۾ هن ٻين مذهبن جي ماڻهن کي به سهوليتون ڏنيون ٿي.
• رنجيت سنگھه ’ڪوهه نور هيري‘ جي ڪري به مشهور رهيو، جيڪو هن کي افغانستان جي شجاع شاهه درانيءَ کان مليو هو. جنهن کي رنجيت سنگھه هن هيري کي اوڊيشا (اوڙيسا) رياست جي جگن ناٿ مندر ۾ رکرايو.
• رنجيت سنگھه جي ياد ۾ انڊيا حڪومت 22 فوٽن جو ٽامي پتل (Bronze) جو مجسمو ٺهرائي، 2003ع ۾ انڊيا جي پارليامينٽ ۾ لڳرايو آهي.
• نه رڳو انڊيا ۾ پر فرانس جي شهر سينٽ ٽروپيز ۾ پڻ 2016ع ۾ رنجيت سنگھه جو Bronze مان ٺهرايل چهرو(Bust) اتي جيAllard sq چونڪ تي رکرايو آهي. هي مجسمو پنجاب حڪومت فرانس کي فرينچن ۽ سکن جي تواريخي تعلقاتن ڪري تحفي ۾ موڪليو هو. راجا رنجيت سنگهه پنهنجي فوج ۾ نه رڳو فرينچ سپاهي رکيا پر فرانس جو جنگي جرنيلJean Francjuis Allard کي سکن کي فوجي سکيا ڏيڻ ۽ انگريزن کي پري رکڻ لاءِ اٽڪلون ٻڌائڻ لاءِ نوڪريءَ ۾ رکيو هو. هي جرنيل فرانس جي هن ڪناري واري شهر Saint Tropez جو رهاڪو هو، جتي هن جي نالي سان ’الارڊ چوڪ‘ آهي.
• انڊيا ۾ رنجيت سنگھه نالي پنجاب جي شهر ’ڀٽنڊا‘ ۾MRSPTU (مهاراجا رنجيت سنگھه پنجاب ٽيڪنيڪل يونيورسٽي) پڻ آهي. چنديڳڙهه کان 224 ڪلوميٽر پري هي شهر ڀٽنڊا اهو آهي، جتي دهلي سلطنت جي پهرين عورت حاڪم راڻي ’رضيه سلطانا‘ کي 1240ع ۾، اتي جي مبارڪ قلعي ۾ قيد رکيو ويو هو.
• پنجاب جي شهر لڌيانا ۾ ٽال پلازه کان ٿورو پهرين جي. ٽي. روڊ تي مهاراجا رنجيت سنگهه نالي ميوزيم پڻ آهي. امرتسر کان دهلي ويندي رستي تي ٻن ڪلاڪن بعد هي شهر اچي ٿو، جنهن جو ذڪر آئون پنهنجي دهلي واري سفرنامي ’دهليءَ جو درشن‘ ۾ ڪري چڪو آهيان.
• امرتسر ۾ سکن جي گولڊن ٽيمپل (جنهن کي سري هرمندر صاحب ۽ درٻار صاحب به سڏجي ٿو) تي سون جو ڪم چون ٿا ته مهاراجا رنجيت سنگھه ڪرايو.
• جڏهن رنجيت سنگھه 1830ع ۾ 50 سالن جو ٿيو ته گهڻي شراب پيئڻ ڪري هن جو جيرو بيحد خراب ٿي ويو ۽ هُو بيمار رهڻ لڳو. 1839ع ۾ هُو ننڊ ۾ ئي گذاري ويو. سک زالن کان علاوه هن کي هندو زالون به هيون. مرڻ وقت سندس چئن هندو زالن ۽ ستن هندو ڪنيزن پنهنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ پنهنجي رضا خوشيءَ سان ستيءَ جي رسم ادا ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي چتا (ٻرندڙ باهه) ۾ ساڙيو.
• رنجيت سنگھه جي ننڍي زال جند ڪور 1817ع ۾ ڄائي ۽ 1863ع ۾ وفات ڪيائين.
• رنجيت سنگھه جي وفات کان سال اڳ 1838ع ۾ جند ڪور کي شهزادو دُليپ سنگهه ڄائو هو.
• 1839ع ۾ رنجيت سنگھه جي وفات تي سندس وڏو پٽ کڙڪ سنگھه ڪجھه مهينن لاءِ مهاراجا ٿيو، ان بعد ان جو پٽ نونهال سنگھه 1839 کان 1840ع تائين تخت تي ويٺو. ان بعد مهاراجا رنجيت سنگھه جي ٻي زال جو پٽ شير سنگھه 1841ع کان 1843ع تائين مهاراجا ٿيو. ان بعد جند ڪور جو پٽ دُليپ سنگهه تخت نشين ٿيو.
• دليپ سنگھه 5 سالن جو هو جو 1843ع ۾ تخت تي ويٺو.
• 46_1845ع ۾ پهرين ائنگلو سک لڙائي لڳي، جڏهن دُليپ سنگھه 8 سالن جو هو. انگريزن سک سلطنت جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، پر هنن دليپ سنگھه کي مهاراجا رهڻ ڏنو. سندس ماءُ مهاراڻي جند ڪور، جنهن کي دليپ جي صغير هجڻ ڪري هيستائين هن پاران ريجنٽ جي حيثيت ۾ پئي حڪومت هلائي، ان کي پٽ کان الڳ رکيو ويو.
• 49_1848ع ۾ ٻي ائنگلو سک لڙائي لڳي، جڏهن مهاراجا دليپ سنگھه 10 سالن جو هو. هن لڙائيءَ ۾ انگريزن باقي بچيل سک سلطنت تي به قبضو ڪري ورتو ۽ مهاراجا دليپ سنگھه کي تخت تان لاهي ڇڏيو، پر ماءُ سان ملڻ نه ڏنو.
• 1854ع ۾ جڏهن دليپ سنگھه 16 سالن جو ٿيو ته هن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي برطانيا موڪليو ويو.
• 1861ع ۾ جڏهن هُو 23 سالن جو ٿيو، ته هن کي آخرڪار انڊيا وڃي پنهنجي ماءُ سان ملڻ جي موڪل ڏني وئي.
• دليپ جي ماءُ مهاراڻي جند ڪور پنهنجي پٽ سان ملڻ لاءِ کٽمنڊو کان ڪلڪتي جي هوٽلSpence ۾ اچي رهي. دليپ سنگھه انگلنڊ کان پاڻي واري جهاز رستي ڪلڪتي آيو.
• هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته ڪلڪتي جي هيءَ اسپينس هوٽل 1830ع ۾ ٺهي هئي، جيڪا چون ٿا ته انڊيا جي بلڪه سڄي ايشيا ۾ پهرين فائيو اسٽار هوٽل هئي. هن هوٽل جو فرينچ ناول نويس جوليس ورني جي ناول The Steam House ۾ به ذڪر آهي.
• انگلنڊ موٽڻ تي رستي تي قاهري (مصر) ۾ دُليپ سنگھه جي مستقبل ۾ ٿيڻ واري زال بامبا سان ملاقات ٿي.
• بامبا، دُليپ سنگھه کان ڏهه سال ننڍي هئي ۽ 1848ع ۾ ڄائي هئي، سندس پيءُ جرمن هو ۽ ماءُ اٿوپين ڪنيز.
• 1864ع ۾ دُليپ ۽ بامبا عيسائي رسم مطابق مصر جي شهر سڪندريه جي برٽش قونصل خاني ۾ شادي ڪئي. بامبا ننڍپڻ کان ڪرسچن هئي، دليپ سنگھه انگلنڊ وڃڻ کان اڳ 1853ع ۾ عيسائي ٿي چڪو هو.
• کين سوفوڪ(Suffolk) انگلنڊ ۾ رهڻ دوران ڇهه ٻار ٿيا: وڪٽر، فريڊرڪ، صوفيه جندان، ڪئٿرينا هِلدا، صوفيه اليگزينڊرا ۽ ننڍو ٻار البرٽ ايڊورڊ.
• 1887ع ۾ سندس هيءَ زال بامبا گذاري وئي. ٻن سالن بعد 1889ع ۾ دُليپ سنگھه پئرس ۾ ادا وئٿرل (Ada Wetherill) نالي هڪ فرينچ عورت سان شادي ڪئي. هن مان کيس ٻه ٻار ٿيا: پالين اليگزينڊرا ۽ ادا آئرين.
• 1893ع ۾ دُليپ سنگھه پئرس ۾ وفات ڪئي. سندس لاش کي انگلنڊ کڻي آيا ۽ سوفوڪ ضلعي جي ايلويڊن گرجا گھر جي قبرستان ۾ سندس زال بامبا ۽ پٽ البرٽ ايڊورڊ ڀرسان دفن ڪيو ويو.
• انگلنڊ جي آڳاٽي ۽ مان واري ڪاليج ايٽان (Eton) ۾ دُليپ سنگھه جي ٻن پٽن شهزادي وڪٽر ۽ شهزادي پريڊرڪ جو به يادگار رکيل آهي.
• انگلنڊ جي هن ايٽان ڪاليج لاءِ لکندو هلان ته دنيا جي پنجن مهانگن ترين ڪاليجن مان هڪ آهي، جنهن جي سالياني في اڌ لک پائونڊ يعني هڪ ڪروڙ رپيا آهي يعني روز جو 35 هزار رپيا خرچ ٿيو. هتي سڀ امير ماڻهن جا ٻار پڙهن ٿا.
• هي اسڪول 1440ع ۾انگلنڊ جي بادشاهه هينري ڇهين ٺهرايو هو. هينري ڇهون انگلنڊ جي بادشاهه هينري پنجين جو اڪيلو پٽ هو. هو 1421ع ۾ ڄائو ۽ 1471ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ڪجھه مهينن جو مس هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو ۽ کيس بادشاهه بڻايو ويو. پاڻ 30 سال کن فرانس جو پڻ بادشاهه رهيو- سندس ناني چارلس ڇهين جي وفات تي.
• ايٽان ڪاليج تواريخ، دولت ۽ اهم شاگردن جي ڪري دنيا ۾ معتبر ڪاليج سمجھيو وڃي ٿو. پنهنجي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هن ڪاليج جي ڪجھه شاگردن جا نالا لکان ٿو:
- انگلنڊ جو هاڻوڪو وزيراعظم بورس جانسن
- ٿائلنڊ جو اڳوڻو وزيراعظم اپيسٽ ويجاجيوا
- بيلجم جو بادشاهه ليوپولڊ ٽيون
- ڊائنا جا پٽ شهزادو هئري ۽ وليم
- آغا سوم، سر سلطان محمد شاهه
- نيپال جو شهزادو نرنجن بير بڪرم
- اٿوپيا جو ولي عهد زيرا يعقوب امها سيلاسي
- نيپال جو بادشاهه بريندرا
وغيره...

سِکن کي پنهنجي حاڪمن کان انگريز بهتر لڳا

پاڻ دراصل ملائيشيا ۾ سکن جي آمد جي ڳالهه پئي ڪئي ته هُو ڪڏهن آيا ۽ جيئن ته هُو ويجھڙائيءَ ۾ آيا يعني ڏيڍ يا پوڻيون ٻه صديون کن اڳ، ان ڪري اهو معلوم ڪري وٺڻ آسان آهي ته هتي آيل پهريان سک ڪير هئا. سنڌ جا هندو توڙي گجراتي هڪ ته واپاري ماڻهو هئا، ٻيو ته هُو سمنڊ جي ڪناري تي رهيا ٿي، سو صدين کان پئي ڏورانهن ڏيهن ڏي ويا- جيئن ايراني (خاص ڪري شيرازي) ۽ عرب (خاص ڪري عماني ۽ حضرالموت جا رهاڪو). سِکن جو واسطو ٻني ٻاري سان رهيو. چوڌاري ڪو سمنڊ به ڪونه هو، جو هُو سٺا Seafarer ٿي سگھن ۽ پاڻهي نڪري پون، جيئن جپاني يا انگريز ٿيا، يا اسان وٽ سنڌي، گجراتي، بنگالي، تامل، ڪڇي ۽ ڪوڪني وغيره.
ٻي ڳالهه ته ٻاهر ڪڍڻ يا وٺي وڃڻ ۾ انگريزن جو به هٿ هو. هنن پنهنجين ٻين ڪالونين ۾ جهڙوڪ اڄ وارن ملڪن: ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا يا فجي، پينانگ ملايا ڏي، ريلوي جي ڪمن توڙي پوک لاءِ بنگالي تامل، گجراتي وغيره پئي موڪليا پر سک نه. اهو ان ڪري جو پنجاب تي انگريزن جو آخر ۾ قبضو ٿيو. ائنگلو سک لڙائي پهرين ۽ ٻي بعد. ان کان پوءِ انگريزن سکن کي پوليس، فوج، ريلوي ۽ ٻين کاتن ۾ نوڪري ڏني ۽ هنن اهي نوڪريون خوشيءَ سان قبول ڪيون ۽ وڏي محنت ۽ ايمانداري سان ڪري انگريزن جي دل ورتي. نه ته ان کان اڳ جيستائين 1839ع تائين رنجيت سنگھه پنجاب جو مهاراجا رهيو، سکن کي دربدر ڀٽڪڻ ۽ روزگار لاءِ رلڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. رنجيت سنگھه جيسين پنجاب جو حاڪم رهيو، پنجاب ۾ وڏي خوشحالي رهي. رنجيت سنگھه جي وفات کان پوءِ ڏهن سالن اندر هن جا جيڪي پٽ ۽ پوٽا حاڪم ٿيا- کڙڪ سنگھه، شير سنگھه، نونهال سنگھه يا دُليپ سنگھه- ڪنهن به ٻوٽو نه ٻاريو. پنجاب جي حالت خراب ٿي وئي. انگريزن وڏي آسانيءَ سان سک سلطنت تي قبضو ڪري ورتو. ڪيترن سکن کي انگريزن جي آمد جي ڳالهه نه وڻي ۽ هنن بغاتون ڪيون، پر ڪيترن اهو محسوس ڪيو ته سندن آخري سکَ حاڪمن کان هي انگريز وري به بهتر آهن، جيڪي عوام جي ڀلي جا به ڪم ڪري رهيا آهن ته روزگار به ڏئي رهيا آهن. هو وقت سان گڏ انگريزن جو ساٿ ڏيڻ لڳا ۽ هنن وٽ ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ لڳا. سندن ايمانداري، محنتي هجڻ ۽ قد بت ۾ مڙس ماڻهو ۽ ڏاڙهين مڇين جي ڪري شڪل ۾ هيبتناڪ هجڻ ڪري انگريزن هنن کي پوليس ۽ فوج ۾ گھڻي تعداد ۾ رکيو. ان کان سواءِ ملايا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۾ آفيسن ۽ گھرن جي چوڪيداريءَ لاءِ ۽ ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ ممباسا کان ڪمپالا تائين ريلوي لائين وڇائڻ تي مقرر ڪيو. هنن کي ٻاهرين ملڪن ۾ انگريزن وٽ رهي وڏو پگھار ملڻ تي بچت ٿي ٿي ۽ سندن خوشحالي ڏسي سندن اوڙي پاڙي وارا ۽ مٽ مائٽ سک به ملايا، سنگاپور، نئروبي، ممباسا وڃڻ لڳا.
اهي سِک، جن انگريزن جي حڪومت کي ذهني طرح قبول نٿي ڪيو ۽ بغاوت جو سوچي هنگاما ۽ احتجاج ڪيو ٿي انهن کي انگريزن سخت سزائون ڏنيون ٿي، جيئن ٻين لاءِ عبرت ٿئي. انگريزن اهڙن باغي سياستدانن ۽ قومپرستن جو اتي ئي قتل ڪرايو ٿي يا ڏٺائون ٿي ته هنن ماڻهن جي يڪدم مارڻ تي ماڻهو جذباتي ٿي وڳوڙ پيدا ڪندا ته اهڙن کي هنن ڏيهه نيڪالي ڏئي پينانگ ۽ سنگاپور جي جيلن ۾ رکيو ٿي. هو سکن جي آخري بادشاهه کي به قتل ڪري سگھيا ٿي، پر هنن ڄاڻي واڻي انگلنڊ موڪلي ڇڏيو جيئن اتي جون هوائون کائي، ايٽان جهڙي انگريزي اسڪول ۾ پڙهي ته دماغ کليس ۽ عيسائي بڻجي انگريزن جي ڪلچر کي پسند ڪري. بامبا جهڙي جرمن ۽ ادا جهڙي فرينچ- يعني گوري کل واري ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ۽ پوءِ هن جي معرفت ٻين سکن کي آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪيو وڃي. باقي هن جي ماءُ (مهاراجه رنجيت سنگھه جي سڀ کان ننڍي ۽ لاڏلي زال) جند ڪور جي دماغ ۾ اڃا هوا هئي، ان ڪري هن کي سندس پٽ دُليپ کان پري ڪيو ويو ۽ امرتسر کان گهڻو پري کٽمنڊو ۾ نظربند رکيو ويو. 1854ع ۾ دُليپ سنگھه انگلنڊ ويو ته پوءِ 7 سالن بعد جڏهن انگريزن ڏٺو ته سندس ماءُ جند ڪور هاڻ بس ٿي وئي آهي ۽ اها هنن لاءِ خطرو ناهي ته دليپ کي ساڻس ملڻ ۽ پاڻ سان انگلنڊ وٺي اچڻ لاءِ 1861ع ۾ ڪلڪتي گھرايو ويو.

مهاراج سنگهه ۽ کڙڪ سنگهه ملايا ۾ پهريان سِک

ملايا يعني اڄ واري ملائشيا ۾ سکن جي اچڻ جي ڳالهه ٿي ڪجي ته هنن کي پوليس فورس سان وابسته ڪيو وڃي ٿو، جيڪي 1870ع ۾ پنجاب کان گھرايا ويا هئا، پر پهريان سک جيڪي ملايا ۾ آيا، اهي انهن کان به پهرين ٻي ائنگلو سک لڙائي بعد آيا جيڪا 49-1848ع ۾ لڳي. ان وقت جيڪي سکِ ملايا آيا، اهي سياسي قيدي هئا، جيڪي سکن جي حڪومت وڃڻ تي انگريزن خلاف بغاوت ڪري رهيا هئا يا انگريزن کي انهن مان خوف هو ته هو ٻائيتال مچائيندا ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائيندا ۽ انگريزن کي حڪومت ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيدا ڪندا. ان ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگريز آفيسرن انهن کي پنجاب مان ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته سک سلطنت جي آخري مهاراجا کي انگلنڊ اماڻي ڇڏيو ته ان جي ماءُ مهاراڻيءَ جند ڪور کي کٽمنڊو ۾ رکيو ويو. اهڙي طرح سک اڳواڻن مان ڪن کي ڪلڪتي ۽ ممبئي ۾ رکيو ته وڌيڪ خطرناڪ سياستدانن ۽ مذهبي اڳواڻن کي پينانگ (ملايا) ۽ سنگاپور جهڙن ڏورانهن علائقن جي جيلن ڏي موڪليو ويو. اهڙي طرح ٻين کي سڀ کان ڏکئي هنڌ تي ڏکئي جيل ’ڪاري پاڻي‘ ڏي به موڪليو، جيڪو برما، بنگال، اوڙيسا ۽ لنگڪوي ٻيٽن (ملايا) کان پري خليج بنگال واري سمنڊ جي وچ تي نڪوبار ۽ انڊامان ٻيٽ تي ٺاهيو ويو هو. ان جيل جو هڪ حصو اڄ به ٽوئرسٽن لاءِ برقرار رکيو ويو آهي. بهرحال انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي يعني ڪاري پاڻيءَ ڏي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ وارن خطرناڪ قيدين کي موڪليو ويو ٿي. باقي اهي قيدي جن کي ست سالن کان مٿي جي سزا ملي ٿي، انهن کي پينانگ يا سنگاپور واري جيل ڏي روانو ڪيو ويو ٿي. هي سلسلو 1848ع کان پوءِ شروع ٿيو، جڏهن پنجاب تي انگريزن جو مڪمل قبضو ٿيويو هو. جيئن سنڌ جا باغي سياستدان 1843ع کان پوءِ يعني سنڌ تي قبضو ٿيڻ بعد، ٻاهر موڪليا ويا ٿي.
پنجاب مان جيڪي پهريان سِکَ قيدي ملايا موڪليا ويا ۽ جن کي سنگاپور ۽ پينانگ جي جيلن ۾ رکيو ويو، انهن ۾ سڀ ۾ مشهور مهاراج سنگھه آهي، جنهن کي سنگاپور جي آئوٽرام روڊ واري جيل ۾ اڪيلائيءَ ۾ قيد رکيو ويو. 1856ع ۾ هو قيد ۾ مري ويو. سندس لاش کي جيل جي سامهون واري گرائونڊ تي ساڙيو ويو، جتي اڄ ڪلهه ’سنگاپور جنرل هاسپيٽل‘ آهي. بعد ۾ 1970ع بعد جڏهن پنجاب کان سک انگريزن جي پوليس ۾ ڀرتي ٿي سنگاپور آيا ۽ هنن کي هن واقعي جي خبر پئي ته هنن ان جاءِ تي يادگار خاطر هڪ مقبرو ٺاهيو. بعد ۾ اسپتال جي سامهون سکن گردوارو پڻ ٺاهيو ته اهو مقبرو به ان ۾ شفٽ ڪيو ويو.
مهاراج سنگھه کان علاوه سندس نائب کڙڪ سنگھه پڻ مشهور سياسي سک قيدي ٿي گذريو آهي، جيڪو مهاراج سنگھه سان گڏ سنگاپور پهتو هو. ياد رهي ته سک سلطنت جي ٻئي مهاراجا (مهاراجا رنجيت سنگھه جي وڏي پٽ) جو نالو پڻ کڙڪ سنگھه هو. سنگاپور جي جيل ۾ مهاراج سنگھه جي اوچتي موت بعد اهي افواهه گرم ٿي ويا ته مهاراج سنگھه جو اسسٽنٽ کڙڪ سنگھه ٻين قيدين سان گڏجي بغاوت ڪرڻ وارو آهي. ان ڪري 1857ع ۾ انگريزن کڙڪ سنگھه کي سنگاپور واري جيل مان ڪڍي پينانگ موڪلي ڇڏيو. هن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي سک ملايا جي جيلن ۾ هئا. مالڪيات سنگھه لوپو نالي ملائيشيا ۾ رهندڙ سک ليکڪ پنهنجي ڪتاب Some Historical Notes ۾ لکي ٿو ته: ”پينانگ جيل ۾ آخري سک قيدي 1903ع ۾ گذاري ويو. مالڪيات سنگھه منهنجي عمر جو پينانگ ۾ ٽيچر هو. هن ۽ هن جي زال مختيار ڪور وٽ هٿ جي هنرن جي وڏي ڪليڪشن هوندي هئي.“ مالڪيات سنگھه جو 284 صفحن جو مٿيون ڪتاب 1971ع ۾ پينانگ ۾ ڇپيو هو. ان بعد سندس هڪ ٻيو ڪتابThe Enchanting Prison پڻ ڇپيو.
پنجاب تي قبضو ڪرڻ بعد انگريز سرڪار پوليس کاتي لاءِ جيڪي سک ڀرتي ڪيا، انهن جو پهريون جٿو 1867ع ۾ هنن هانگ ڪانگ موڪليو، جتي پڻ انگريزن جي حڪومت هئي. هانگ ڪانگ جي چيني گئنگسٽرن کي سِکن جي ڏاڙهي واري خوفائتي شڪل کان ڪافي ڊپ ٿيو ٿي ۽ سِکن ڪري انگريزن کي ڪاميابي حاصل ٿي. اهو لقاءُ ڏسي سنگاپور جي انگريز گورنر به پوليس کاتي لاءِ پنجاب مان سک ڀرتي ڪيا. 165 سکن جو پهريون جٿو 1881ع ۾ سنگاپور پهتو، جن مان ڪجھه کي پينانگ موڪليو ويو. دراصل انگريزن جي سڄي ملايا مٿان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح حڪومت هئي پر سنگاپور ۽ پينانگ ٻيٽ ته ڄڻ هنن جي زر خريد ملڪيت هئي، جو اهي ٻيٽ هنن ملئي راجائن / سلطانن کي پئسا ڏئي خريد ڪيا هئا. هنن شروع جي آيل سِکَن کي سنگاپور توڙي ملايا ۾ پهرين پوليس کاتي ۾Escort ۽ گارڊ جي ڊيوٽين لاءِ مقرر ڪيو. ان بعد 1890ع ۾ ملايا جي سڀني رياستن ۾ سکن کي پوليس کاتي ۾ نوڪريون ڏنيون ويون... ويندي بورنيو ٻيٽ تي صباح، سراواڪ ۽ برونائيءَ ۾، جتي جتي انگريزن جو راڄ هو، هنن پوليس کاتي جي مختلف ڊيوٽين لاءِ پنجاب کان سِک گھرايا.
هنن سکن جي ڌرم ۽ ثقافت جو خيال رکندي ’پوليس جنرل آرڊرس‘ ۾ حڪم ناما جاري ڪرايا ته ڪنهن به سک کي ڏاڙهي يا مٿي جا وار ڪوڙائڻا نه آهن. هڪ اهو آرڊر به پاس ڪرايو ويو ته انگريز سرڪار وٽ نوڪري ڪندڙ هر سِکَ ۽ هن جي فئمليءَ کي في ماڻهو هڪ عدد کٽ (چارپائي) مهيا ڪئي ويندي.
ٻه ڏهاڪا سالن ۾ هن پاسي سکن جو ايترو ته تعداد وڌي ويو، جو 1909ع ۾ فقط ڪيداح رياست ۾ ٽوٽل 501 پوليس وارن ۾ 154 سِکَ هئا.
شروع کان يعني 1968ع کان جڏهن کان جهاز هلائڻ جي نوڪري شروع ڪيم ته جهاز پينانگ يا سنگاپور لنگر انداز ٿيندو هو، ته گھمڻ ڦرڻ دوران دڪانن ۽ بازارن ۾، پارڪن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي جاين تي، سئنيمائن ۽ بسين ۾ ڪو سک نظر ايندو هو ته آئون ساڻس زوريءَ پيو ڳالهائيندو هوس. ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ دوران ته اڃان به وڌيڪ. اهو ان ڪري جو هر وقت انگريزي ۽ ملئي ڳالهائي ڳالهائي دل اڙدو ۽ سنڌي ڳالهائڻ تي چوندي هئي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ سڀني انڊين جو تعداد 5 سيڪڙو ٿيندو، جيڪو وڏو تعداد آهي، پر ان 5 سيڪڙو ۾ سنڌي هندو، ڪڇي ۽ پاڪستاني پنجابي به آهن، پر اهي سڀ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. وڏو تعداد سائوٿ انڊين جو آهي، جيڪي تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪنهڙ ٻوليون ڳالهائين ٿا، جن کان اسان اڻ واقف آهيون ۽ هو اسان جي سنڌي ۽ اڙدو (هندي) کان اڻ ڄاڻ آهن. انهن سڀني ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي به هوندو هو ته ان کي ڪيئن سڃاڻجي؟ پر سک کي هن جي ڏاڙهي ۽ پٽڪي مان سڃاڻڻ سولو ڪم آهي. ان ڪري ريلوي اسٽيشن يا ڪنهن پبلڪ جاءِ تي اسان جهڙا ماڻهو ويٺا هوندا هئا ته آئون يڪدم سک جي ڀرسان وڃي وهندو هوس، پوءِ ساڻس اڙدو ۾ ڳالهائيندو هوس، هُو پنجابي، هندي ۽ انگريزي جي مڪسچر ۾. ٻي ڳالهه اها آهي ته هُو خوش مزاج ٿين ٿا. خوب ڪچهري ڪندا هئا ۽ رستو منجھڻ تي يا گاڏي خراب ٿيڻ تي هُو سٺي مدد ڪندا هئا. ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل به هئا. پينانگ جهاز ايندو هو ته اتي راجندر سنگھه بيديءَ سان ملاقات ٿيندي هئي، جيڪو اتي جي اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو، پر کيس سکن جي ۽ انڊيا جي تواريخ پڙهڻ سان وڏي دلچسپي هئي ۽ مقامي انگريزي اخبار ۾ سکن بابت مضمون به لکندو هو. باءِ دي وي اڙدو افسانه ۽ ڪهاڻي نويس راجندر سنگهه بيدي ٻيو هو، جيڪو 1915ع ۾ سيالڪوٽ ۾ ڄائو هو ۽ 1984ع ۾ ممبئي ۾ وفات ڪيائين. هُو ڪيترين ئي فلمن جو ڊائريڪٽر، پلي رائيٽر، اسڪرين رائيٽر به رهيو. جهڙوڪ ’ايڪ چادر ميلِي سِي‘، ’مُٺي ڀر چاول‘، ’دستڪ‘، ’ميري همدرد ميري دوست‘، ’رنگولي‘ ۽ پراڻين فلمن ۾ ’مڌومتي‘، ’بمبئي ڪا بابو‘، ’مسافر‘، ’ديوداس‘، ’مرزا غالب‘، ’داغ‘ ۽ ’بَڙِي بِي‘ وغيره. اڄ به انڊيا جي پنجاب حڪومت هر سال اڙدو ادب تي ’راجندر سنگھه بيدي ايوارڊ‘ ڏئي ٿي.
پر هي راجندر سنگھه بيدي جنهن جي آئون ڳالهه ڪري رهيو آهيان، اهو سڄي عمر هيڏانهن ملايا جي شهر پينانگ ۾ رهيو ۽ اڙدوءَ کان اڻ واقف هو. هن جو تواريخ جو وڏو مطالعو هو ۽ هن مون کي هتي رهندڙ ڪيترن ئي اهم سکن سان ملايو. انهن مان ڪجھه جو احوال شروع وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان. شروع ۾ ڀرتي ٿي آيل سکن جي راجندر هڪ مزيدار ڳالهه ٻڌائي ته ڪيداح رياست جي حڪوت پنهنجي پوليس کاتي لاءِ فرانس مان 100 کن Grays ڪمپنيءَ جون بندوقون گهرائي هتي جي مڪاني پوليس آفيسرن کي ڏنيون. اهي بندوقون سوا چار فوٽ ڊگھيون هيون. ملئي ماڻهو قد جا ننڍا هجڻ ڪري هنن لاءِ اهي بندوقون کڻي هلڻ يا چوڪي ڏيڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو. نتيجي ۾ هنن کان اهي نيون آيل بندوقون واپس وٺي نوَن ڀرتي ڪيل سک پوليس وارن کي ڏنيون ويون. ان جي بدلي ۾ ملئي پوليس کي انهن لاءِ ننڍيون بندوقونSlender Carbine اِشو ڪيون ويون.
پينانگ بندرگاهه جو سڄو سڪيورٽي سسٽم سکن حوالي هوندو هو، جيڪو 1957ع تائين رهيو. اسان جي ڏينهن ۾ به بندرگاهه جي علائقي ۾ ڪيترائي سک پوليس سارجنٽ نظر ايندا هئا.
بهرحال سکن مان انگريز ۽ ملئي خوش هئا جو هنن سٺي نموني سان ۽ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڪئي ٿي. هتي جا چيني غنڊا ۽ گئنگسٽر جن ملئي ماڻهن جي پرواهه نٿي ڪئي، اهي سکن جي رعب تاب کان ڪَن هڻڻ لڳا. ان کان علاوه سک جتي به رهيا ٿي ته هنن نه پاڙي اوڙي کي رنجايو ٿي ۽ نه مڪاني ثقافت سان هٿ چراند ڪئي ٿي. هنن يڪدم مقامي ٻولي ملئي سکي ورتي ٿي ۽ ملئي ماڻهن جي هر ڳالهه کي تعريف جي نگاهه سان ڏٺو ٿي. ان ڪري مقامي ماڻهو هنن مان خوش هئا. ساڳئي وقت سک به خوش هئا. هو پنهنجو وطن ڇڏي پرديس ۾ ضرور آيا هئا، پر ان لاءِ هنن کي انگريز سرڪار کان سٺو پگھار مليو ٿي، جيڪو هنن ڳوٺ موڪلي پنهنجو سٺو گھر ٺهرايو ٿي، ٻني ٻارو خريد ڪيو ٿي- يعني ملايا ۾ نوڪري ڪندڙن جو بلند معيار ڏسي پنجاب جي ڳوٺن جا ماڻهو هنن جي عزت ڪرڻ لڳا هئا. اهي سک جن واپس پنجاب وڃڻ بدران پنهنجي زالن ٻارن کي ملايا ۾ ئي رکيو، انهن پنهنجن ٻارن کي هتي پڙهايو. سکن کي ملايا جي موسم ۽ ماحول به وڻيو ٿي. پنجاب وانگر درياهه ۽ سرسبز ساوڪ هئي. مڪاني ماڻهو ملئي توڙي چيني کير پيئڻ جا عادي نه هئا، پر هنن پنهنجي لاءِ ڍڳيون پاليون ۽ ڀاڄي ڀتي پوکڻ لڳا.

ملايا ۾ شروع جي سِکن چوڪيداري ڪئي ۽ مال پاليو

پينانگ، سنگاپور ۽ ملايا جي سڀني رياستن ۾ سکن جي آدمشماري وڌڻ تي پنجاب کان ڪيترائي سک، جن کي برٽش راڄ ۾ پوليس يا فوج ۾ نوڪري نه ملي، اهي پنهنجي خرچ تي ملايا اچڻ لڳا... پوءِ ڪن هتي اچي پوک جو ڪم شروع ڪيو، ته ڪي چوپايو مال پالڻ لڳا. ڪي درزڪو ۽ ڌوٻڪو ڪم ڪرڻ لڳا، ته ڪي واڍا ۽ رازا ٿيا. ڪن سکن ته سيڌي ۽ ٻئي سامان جا دڪان به کوليا، جيتوڻيڪ ان ڪم ۾ سنڌي ۽ گجراتي هندو ۽ چيني پراڻا تجربيڪار هئا. هڪ اهڙو ئي سکن جو اسٽيشنري جو دڪان جالان تائنڪو عبدالرحمان تي سنڌين جي گلوب سلڪ اسٽور جي سامهون هو. هن دڪان تان 1969ع کان وٺي 2000ع تائين مون اسٽيشنري خريد ڪئي- خاص ڪري فائونٽين پينون. هُو پاڪستاني 50 رپين جي برابر ڊالر جي هڪ پين ڏيندو هو، جيڪا انهن ڏينهن ۾ مهانگي سمجھي ويندي هئي، پر ڇا ته ان جو نب هوندو هو. سالن بعد پين ڀڄي پوندي هئي پر نب اهو ئي لس ئي لس لکندو رهيو ٿي. ان پين سان پارڪر ۽ شيفر به مقابلو نه ڪري. هن وقت جڏهن 2021ع ۾ هي لکي رهيو آهيان ته انهن پينن مان هاڻ هيءَ آخري وڃي بچي آهي، جنهن کي گذريل ٽن سالن کان استعمال ڪري رهيو آهيان. نالو اٿس:Trapen Scholar
ملاڪا ۾ سکن جي گردواري وٽ هڪ سک جي اٽي جي چڪي هوندي هئي، جتان اسان گھٽ ۾ گھٽ ڏهه سال اٽو خريد ڪيو. بعد ۾ اتي هوٽل رامادا رائنائيسنس کلي ته هن اهو هٽ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو سندس ڏاڏي شروع ڪيو هو. هن پاسي هر وقت مينهن وسڻ ۽ درياهن ڪري نه ڪو ڪڻڪ پوکي نه کائي. انڊونيشيا، ويٽنام، ڪمبوڊيا، جپان، ڪوريا وانگر هتي جو Staple کاڌو ڪڻڪ نه پر چانور آهي. ڪيڪ ۽ سَيُون به چانورن جي اٽي مان ٺاهين. سکن، پٺاڻن ۽ پنجابي مسلمانن جي اچڻ ڪري هتي ڪڻڪ جي اٽي جي ضرورت پئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ سکن هر وڏي شهر ۾ اٽي پيهڻ جون چَڪيون لڳايون. اهڙي طرح ڍڳيون پالڻ ۽ کير وڪڻڻ جو ڪم به سک ڪرڻ لڳا. بلڪ سکن لاءِ ته ملائيشيا ۾ مشهور آهي ته هو اڃا ٻار آهي ته مائٽ کيس ڍڳيون چارڻ جي ڪم تي لڳائين ٿا. وڏو ٿي هو فوج ۾وڃي ٿو. فوج مان رٽائرڊ ٿي ڪنهن بئنڪ ۾ گارڊ ٿئي ٿو... مطلب ته ملائيشيا ۾ توهان کي ڪو سک غربت ڏي وڌندو نظر نه ايندو. عمر سان گڏ هو ويندو امير ٿيندو. پورهيو ڪري پئسو بچائي هو وڌيڪ بهتر ڪاروبار ڪندو. جيئن اسان وٽ پنجابي دهلي سوداگران لاءِ مشهور آهي ته هنن جو ٻچو ٻچو واپار کي چهٽيل رهي ٿو. غريب هوندو ڪجھه نه هوندس ته به فٽ پاٿ تي رومال وڇائي ان تي ڪو سامان رکي وڪڻڻ شروع ڪندو. پئسو گڏ ڪري گاڏو وٺندو. گاڏي بعد ڪنهن پيڊي جو مالڪ ٿيندو ۽ پوءِ ڪنهن دڪان جو ۽ فئڪٽري جو خريدار ٿيندو.
اهو ئي حال هتي جي سکن جو آهي ۽ هڪ صديءَ کان سکن کي وڌندو ڏسي هتي جا چٽر ۽ خرچائو ملئي حيرت کائين ٿا ته سِکن جو ٻار اڃا ننڍو آهي ته هن جا مائٽ هن کي ٻئي ڪنهن ڪم سان نه ته ڍڳيون چارڻ تي لڳايو ڇڏين. سکن لاءِ هڪ راڳ بيحد مشهور آهي، جنهن کان ٻچو ٻچو واقف آهي. اهو هَنگ مختار نالي هڪ ملئي شاعر ويهين صديءَ جي شروعات ۾ لکيو هو. مون پهريون دفعو 1968ع ڌاري ٻڌو. انهن ڏينهن ۾ ان راڳ تي سک دل ۾ ڪندا هئا، جو اهي اڪثر چوڪيدار، ڌنار يا وڌ ۾ وڌ پوليس وارا هئا. هاڻ ته سک يعني انهن شروعاتي آيل سکن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد ڊاڪٽر، سرجن، انجنيئر، پروفيسر، وڪيل، جج ۽ فوج ۾ اعليٰ عملدار آهن. هُو هاڻ پنهنجي غربت تي به فخر ڪن ٿا ته هنن ڪيئن زيرو مان محنت ڪري اڄ جي پوزيشن حاصل ڪئي.
گذريل سال يونيورسٽي ملايا ڪوالالمپور ۾ ٽنڊو قيصر جي پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻي، هڪ ٻئي ڊپارٽمينٽ جي هڪ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ پروفيسر ملايو، جيڪو سِک هو. ڳالهين ڳالهين ۾ هن چيو ته اسان سکن جا ته پيءُ، ڏاڏا هتي ڌنار ٿي آيا يا چوڪيدار. نظاماڻي کلڻ لڳو. هن ان کي چرچو سمجھيو. ان تي چيومانس ته، ”تنهنجو سک پروفيسر دوست صحيح ٿو ٻڌائي. هن جي وڏن وڏيون محنتون ڪري پئسو بچائي، پنهنجي اولاد کي پڙهايو ۽ وڏو ماڻهو بڻايو.“ جيئن پنهنجي ’آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس‘ واري ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان کي مختلف جهاز ناروي ۽ سئيڊن پاسي وٺي وڃڻا پيا ٿي، ناروي ۽ سئيڊن ۾ ڪارخانا لڳڻ ڪري هنن کي لئبر جي ضرورت پئي، جو انهن ملڪن جي آدمشماري تمام گھٽ آهي. هنن پاڪستان مان به گھرايا ۽ ڪيترائي گجرانوالا ۽ لاهور جي ٻهراڙين وارن علائقن جا اڻ پڙهيل ۽ بي هنر آيا. ڪيترا ته هاري هئا، پر پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي ڪري هُو زالين مڙسين اچي نڪتا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن وڏي همت ڪئي، جو ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ آيا، جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۽ انگلنڊ جي ڏاکڻن شهرن ۾ به ڪو ورلي ٿي ويو. پنجاب جي هنن ماڻهن کي هتي ئي رهڻ جي شهريت ڏني وئي ۽ جيتوڻيڪ هنن کي محنت مزوريءَ جو به ڪو گھڻو اجورو نٿي مليو پر هنن مان گھڻن کي شاباس هجي، جو هنن زالين مڙسين پورهيا مزوريون ڪيون. ههڙي ٿڌ ۾ روڊ رستا ٺاهڻ، ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ، ويندي ريلوي اسٽيشنن ۽ هوائي اڏن جا ٽوائليٽ صاف ڪرڻ، وغيره جهڙا ڪم ڪيا... پر هنن هڪڙو ڪم عقل جو ڪيو ته ناروي ۽ سئيڊن جي ڳوٺ ۽ ٻهراڙين ۾ رهندي به پنهنجي ٻارن ڇوڪرن، توڙي ڇوڪرين کي پڙهايو. ماشاءَالله ڪي ٻار ته اهڙا هوشيار نڪتا جو هنن هتي جي مقامي يونيورسٽين مان پي. ايڇ. ڊيون ڪيون، وڪالتون ڪيون، ڊاڪٽري ۽ انجنيري پڙهيا. هاڻ سئيڊن ۽ ناروي ٿو وڃجي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جي سکن وانگر ناروي ۽ سئيڊن جي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ آيل هنن پنجابي اميگرينٽس جو اولاد ڊاڪٽر، سرجن، وڪيل، جج... ويندي ملڪ جا وزير آهن. جيتوڻيڪ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هي جڏهن سئيڊن ۽ ناروي آيا هئا ۽ هنن کان هيٺاهين درجي جا ڪم ورتا ويا ٿي، ته مقامي ماڻهن هنن کي گھٽ نظر سان ڏٺو ٿي ۽ اسان پاڪستانين کي به ڏک ٿيو ٿي ته اسان جا ماڻهو گورن جا ڪاڪوس صاف ڪندا وتن، پر اڄ انهن جي اولاد جي وڏي لئه آهي. اڄ انهن جو مٿاهون مانُ آهي. ڇا ٿي پيو جي هنن جي وڏن پورهيا ڪيا. اهو ئي حال ملائيشيا ۾ سکن جو آهي. ڇا ٿي پيو جيڪڏهن اڄ کان سئو سال کن اڳ انهن جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن هتي چوڪيداري ڪئي ۽ مال چاريو... پر هنن ۾ اڳتي وڌڻ جوVision هو. سو انهن ڏينهن جي هن چرچي واري راڳ کي اڄ جا نوجوان سِکَ ڪٿ ۾ نٿا آڻين بلڪه هو ان کي تاريخ ٿا سمجھن ۽ پنهنجن وڏن کي دعائون ٿا ڪن ته هنن هتي اچي ڪمائي عيش نه ڪيو، پر اولاد تي خرچ ڪيو. اولاد کي لاڏلو بنائڻ بدران هنن کي محنتي ۽ پورهيت بڻايو. هنن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏني. نموني خاطر ان ملئي راڳ جون ڪجھه سٽون هتي لکان ٿو:
Kecik Kecik, Lembu jaga
Sudah besar, masuk askar,
Sudah pencen, bank jaga
Satu senapang, Peluru dua
Kecik Kecik, Lembu Jaga...
ڪِچي ڪِچي ليمبو جگا. ڪِچي ڪِچي معنيٰ ننڍو. هُو ننڍو آهي ته ڳئون جو خيال ڪري ٿو. ملئي ٻوليءَ ۾ چ جو اچار CH لکڻ بدران فقط C لکيو وڃي ٿو ۽ هتي آخري اکر K ساڪن آهي، جيئنMacik (ماسي) ۽Rakyat (رعيت) ۾K نٿو اچارجي. جگا معنيٰ چوڪيدار يا گارڊ به آهي ته چوڪيداري ڪرڻ، نظر رکڻ به آهي. سک جو ٻار اڃان ننڍو آهي ته هن کي ڳئون چارڻ تي لڳايو وڃي ٿو. سوڊاهه بيسار، ماسوق اسڪر، وڏو ٿيڻ تي هو فوج / پوليس ۾ ڀرتي ٿئي ٿو. سوڊاهه پينچن، بئنڪ جگا. پوڙهو ٿيڻ تي- يعني پينشن تي لهڻ تي، بئنڪ جو چوڪيدار ٿئي ٿو. اهو ائين آهي جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا جي پوليس ڪمشنر امر سنگھه جو پيءُ جڏهن 60 ورهين جي ڄمار ۾ ڪارپورل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو ته گھر ۾ وهڻ بدران هنن گاڏين جي ورڪشاپ ۾ چوڪيداري ڪرڻ ۾ بي عزتي محسوس نه ڪئي.
ملئي ٻوليءَ ۾ رائفل کي سيناپانگ ۽ گوليءَ کي پيلورو چون. سک پينشن بعد جڏهن ڪنهن هوٽل يا بئنڪ وغيره جو چوڪيدار ٿئي ٿو ته هن کي بندوق هٿ ۾ ڏيو ڇڏين ۽ هُو غريب ان ۾ ئي خوش. سڄو ڏينهن بيٺو آهي... ساتو سيناپانگ- هڪ رائيفل، پيلورُو دوعا- گوليون ٻه. ڪِچي ڪِچي ليمبو جگا....

شروع جي سِکن کير وڪيو ۽ چوڪيداري ڪئي

بهرحال ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي دنيا جي مختلف ملڪن ملايا، هانگ ڪانگ، فجي کان موريشس، ڪينيا، يوگنڊا ۾ پهچائڻ ۾ انگريزن جو وڏو هٿ هو. پنجاب جيستائين انگريزن جي قبضي ۾ نه آيو هو ته سک پنهنجي وطن پنجاب تائين محدود هئا. 1845ع کان پوءِ سِک ٻاهر نڪتا. ان کان ٻه ٽي سال اڳ 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪيو پر سنڌي هندو ننڍي کنڊ جي واحد قوم هئي جيڪا بنگالين کان به اڳ نڪتي. انگريزن جي ننڍي کنڊ ۾ پهچڻ کان اڳ، پورچوگالين جي ڏينهن ۾ به سنڌي پورچو گال توڙي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وچ ۾ پورچوگالي ٻيٽن Cape Verde Islands تي پهچي چڪا هئا، تڏهن ته 1970ع ڌاري ڪيپ وردي ٻيٽ جي ڪپڙي جي سنڌي دڪاندار چيو ته هن جو ڏاڏو لِسبن ۾ آيو هو، جتان پوءِ هن جو پيءُ هن ٻيٽ تي آيو. نه فقط ڪيپ وردي ٻيٽ ۽ اسپين جي ڪَناري ٻيٽن (Canary Islands) تي پر برازيل جي ٻيٽن توڙي ٽرنيڊاڊ، ٽُوباگو ۽ برمودا جهڙن ڏورانهن ٻيٽن تي به سنڌي ڪڏهوڪو پهچي چڪا هئا. جاوا، سماترا، بالي ۽ سور بائي جهڙن ويجهن هنڌن تي ته هنن جو واپار شاهه لطيف جي ڄمڻ کان به اڳ جو هو.
بهرحال راجا رنجيت سنگھه جي پنجاب ۾ قائم ڪيل ’سک سلطنت‘ جي ٽُٽڻ ۽ انگريزن جي قبضي تي پهريان سک جيڪي ملايا ۽ سنگاپور پهچايا ويااهي قيدي هئا، ان بعد سکن کي فرمانبرداري ۽ ايمانداري سان انگريزن جي خذمت ڪندو ڏسي، انگريزن هنن کي پوليس ۽ فوج ۾ ڀرتي ڪيو ۽ کين هانگ ڪانگ کان سواءِ ملايا ۽ سنگاپور ۾ به رکيو. پوءِ ته انهن جي خوشحاليءَ جو ٻڌي ڪيترائي هنرمند ۽ بي هنر سک پنجاب کان ملايا اچڻ شروع ٿي ويا. پهرين پهرين جيڪي آيا ٿي انهن چوڪيداري ۽ مال چارڻ ۽ کير وڪڻڻ جهڙا ڪم ڪيا ٿي، پوءِ ته درزي، واڍا ۽ سيڌَي جا دڪان هلائڻ وارا به اچي ويا. ڪيترا سک ٽرانسپورٽ جي ڌنڌي ۾ به اچي ويا. انهن ڏينهن ۾ نه هئا پڪا رستا ۽ نه ڪارون لاريون. هُو شهرن، ٽِنَ جي کاڻين ۽ جاگيرن تان ڍڳي گاڏين ذريعي سامان ڍوئڻ جو ڪم ڪندا هئا. ڪيترا سِکَ پٺاڻن وانگر سائيڪل تي مختلف شيون يا ڪپڙن جا تاڪيا رکي ٻهراڙيءَ ۾ وڪڻندا هئا. ڪنهن ڏينهن ڪهڙي ڳوٺ ۾ ته ڪنهن ڏينهن ڪهڙي ۾. گھڻو تڻو ڪم اوڌر تي هلندو هو. 1940ع ۽ 1950ع وارن ڏهاڪن تائين جون تصويرون موجود آهن، جن ۾ سِکَ سامان سان گاڏا ڀري ڇڪيندا هئا ۽ روزگار ڪمائيندا هئا.
اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن عام ٿيڻ کان اڳ تائين کيِر مکڻ جو واپار سکن جي هٿن ۾ هو. پينانگ جي راجندر سنگھه بيديءَ مون کي الور اسٽار شهر جي هڪ سِکَ ڌنار حضورا سنگھه سان 1978ع ۾ ملايو، جيڪو بعد ۾ 1998ع ۾ پينانگ ۾ گذاري ويو. هن لاءِ چيو ويو ٿي ته هو پاڻ الور اسٽار واري محل ۾ 1930ع وارن سالن ۾ کير پهچائيندو هو ۽ هن جي اتي جي سلطان عبدالحميد سان ذاتي سلام دعا هئي.
مال سنگھه نالي هڪ سک لاءِ مشهور آهي ته هن 1960 جي ڏهاڪي تائين اتي جي رهندڙ سکن ۽ تاملن کي کير سپلاءِ ڪيو. هڪ سک پرتاب سنگھه لاءِ به مشهور آهي ته هُو روزانو سائيڪل تي کير رکي گھر گھر پهچائيندو هو ۽ فيريءَ رستي پينانگ ٻيٽ تي پهچي اتي رهندڙ سکن کي کير ڏيندو هو، پر سکن جو اهم ڌنڌو چوڪيداري هو. چيني ماڻهو امير هئا، هو پنهنجي ننڍي يا وڏي دڪان جي سنڀال لاءِ سِکن کي پگھار تي رکندا هئا. هي جَگا سڏيا ويا ٿي، معنيٰ چوڪيدار يا گارڊ. راجندر سنگھه بيدي ٻڌائي ٿو ته هن جي پيءُ به پينانگ جي رنيميدي (Runnymede) هوٽل ۾ 13 رنگٽ مهيني جي پگھار تي چوڪيداري ڪئي ٿي. هيءَ 1937ع جي ڳالهه آهي. هنن سک چوڪيدارن ۽ ٻين سکن ملايا ۾ رهندڙ تاملن وانگر وياج تي به پئسا ڏنا ٿي. تعليم جي اهميت محسوس ڪري هنن سکن پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪليو. ٻي وڏي لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ ڪيترن سکن جا ٻار سينئر ڪئمبرج جا امتحان ڏئي چڪا هئا، جن مان ڪي سنگاپور جي رئفلس ڪاليج ۾ ته ڪي انڊيا جي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. جنگ شروع ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي سکن جا ٻار سنگاپور جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهي رهيا هئا. ملئي ڊاڪٽر داتو عبدالوهاب رٽائرڊ ڊائريڪٽر آف ميڊيڪل سروسز پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾لکي ٿو ته: ”جپانين جي بمباريءَ ۾ ڪيترائي شاگرد مارجي ويا، جن ۾ هڪ سک شاگرد به هو. پهريون سک جيڪو وڪيل ٿيو، اهو پينانگ جو گرچرن سنگھه هو، جيڪو پوءِ جسٽس آف پيس (J P) ٿيو.“

مهاراج سنگهه ۽ کڙڪ سنگهه

هُونءَ هڪ ڳالهه آهي ته پنجاب ۾ سکن جي طاقتور حڪومت هئي، جنهن تي انگريزن قبضو ڪيو. ڪجھه سِکن انگريزن خلاف احتجاج ضرور ڪيو، بغاوت به ڪئي، باقي گھڻي ڀاڱي پنجاب جا ماڻهو انگريزن جي حڪم جي پوئواريءَ ۾ لڳي ويا. پنجاب جا مسلمان ته خوش ٿيا ته رنجيت سنگھه جي حڪومت مان جان ڇٽي، پر سندن سک به انگريزن جا چئيوان ٿي، هنن جي پوليس ۽ فوج ۾ نه فقط پنجاب ۾ پر هانگ ڪانگ، ملايا، ڪينيا، سنگاپور وغيره ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. پنجاب ۾ انگريزن جي کوليل تعليمي ادارن ۽ اسپتالن مان پورو پورو فائدو وٺڻ لڳا. البت جن سکن ’سک سلطنت‘ جي پوين راجائن جهڙوڪ دُليپ سنگھه ۽ ان جي ماءُ مهاراڻي جند ڪور جي حق ۾ آوزا ٿاريو ۽ هنگامو ڪرڻ جو سوچيو ٿي، انهن کي انگريزن سخت سزائون ڏنيون ٿي ۽ ڪيترن کي ڏيهه نيڪالي ڏني ٿي. ملڪ بدر ڪرڻ وارن سکن ۾ ڀائي مهاراج سنگھه ۽ ان جو چيلو کڙڪ سنگھه مشهور آهن، جو اهي پهريان سِکَ هئا جيڪي ملايا موڪليا ويا، جتي جي جيلن ۾ هنن جو موت ٿيو.
منهنجي خيال ۾ ڪجھه سٽون انهن بابت لکڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. ڀائي مهاراج سنگھه 1780ع ۾ نهال سنگھه جي نالي سان پنجاب جي لڌيانا ضلعي ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ئي هن جو مذهب ڏي لاڙو هو ۽ وڏو ٿي هن ان وقت جي مشهور انقلابي نورنگ آباد جي ڀائي بير سنگھه جي پيرن تي هلڻ شروع ڪيو ۽ انگريزن خلاف ڪم ڪرڻ لڳو. هڪ پلان موجب هنن لاهور درٻار جي انگريز ريزيڊنٽ هينري لارينس ۽ ٻين انگريزن جي ساٿي انڊين جو قتل ڪرڻ چاهيو ٿي، پر اهو راز فاش ٿي ويو ۽ مهاراج سنگھه لڪي ويو. انگريز سرڪار هن جي امرتسر واري جائداد قبضي ۾ ڪري ڇڏي ۽ هن جي سِرَ جي قيمت ڏهه هزار رپيا لڳائي.
1849ع ۾ مهاراج سنگھه آدم پور مان گرفتار ٿي ويو. ان وقت جو جالنڌر جو ڊپٽي ڪمشنر، جنهن هن سکن جي مذهبي ۽ جنگي اڳواڻ مهاراج سنگھه کي گرفتار ڪيو، اهو لکي ٿو ته:
“The Guru (Maharaj Singh) is no ordinary man. He is to native what Jesus is to the most zealous of Christians.”
جالنڌر جو هي انگريز ڊپٽي ڪمشنر، مهاراج سنگھه جي شخصيت مان ايڏو ته متاثر هو، جو هن پنهنجي حڪومت کي هن سان نرمي وارو ورتاءُ ڪرڻ جي سفارش ڪئي، پر انگريز سرڪار ڪنهن به قسم جو جوکم نٿي کڻڻ چاهيو ۽ هن کي يڪدم سنگاپور جيل ڏي موڪلڻ جا حڪم جاري ڪيا.
مهاراج سنگھه جي خطرناڪ هجڻ جو اندازو ان وقت جي گورنر جنرل لارڊ دالهوزي(Lord Dalhousie) جي خط مان به لڳائي سگھجي ٿو، جيڪو هن پنجاب جي گورنر هينري لارينس کي 1849ع ۾ لکيو ته:
“Maharaj Singh has started a khalsa Lehar (Sikh Movement), and this should be crushed at all costs or else the English cannot step into Punjab.”
بهرحال! مهاراج سنگھه ۽ ان جي ساٿي- خاص ڪري کڙڪ سنگھه کي گرفتار ڪرڻ بعد هنن کي ڪلڪتي موڪليو ويو. جتان ’محمد شاهه‘ نالي پاڻيءَ واري جهاز 15 مئي 1850ع تي ملايا لاءِ لنگر کنيو. هنن سک قيدين سان گڏ انگريزن جي 70 ريجمينٽ فوج جو هڪ ڪارپورل ۽ ڇهه سپاهي نظرداريءَ لاءِ هئا. هنن سان گڏ هڪ انگريز سارجنٽ به هو. هنن کي انڊيا جي گورنر جنرل کان آرڊر مليل هئا ته ٻن اهم قيدين: مهاراج سنگھه ۽ کڙڪ سنگھه کي ٽنگن ۾ لڳل ٻيڙيون (Fetters) به ان وقت کولجو، جڏهن جهاز بلڪل کلئي سمنڊ ۾ پهچي.
ٻن مهينن بعد جهاز سنگاپور پهتو، جتي هنن کي آئوٽرام روڊ واري جيل جي کولين (ڪمرن) ۾ رکيو ويو. مهاراج سنگھه جي کوليءَ ۾ جيڪا هڪ ننڍڙي دري ٺهيل هئي، ان کي به بند ڪرائي اونداهه ڪارونڀار ڪئي وئي. 1853ع ۾ مهاراج سنگھه کي اکين ۾ موتيو ٿيڻ تي هُو نابين ٿي ويو. ان کان علاوه هن کي زبان جو ڪئنسر ۽ وائي سور (Rheumatism) ڪري هن جا پير ۽ ٽنگون سڄي پيون. جيل جي سول سرجن هن کي ڪڏهن ڪڏهن کوليءَ مان ٻاهر ڪڍي واڪ ڪرائڻ لاءِ چيو، پر انڊيا جي سرڪار انڪار ڪيو. هن جي صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ لڳي. 5 جولاءِ 1856ع تي هو جيل ۾ ئي گذاري ويو. ڀائي مهاراج سنگھه جو ڪريا ڪرم سندس ساٿي کڙڪ سنگھه ڪيو، جنهن کي بعد ۾ پينانگ جيل موڪليو ويو. هُو پڻ اتي جيل ۾ ئي گذاري ويو.

سنگاپور جو مشهور جج چُورسنگهه سِڌُو

جن ڏينهن ۾ هن پاسي يعني ملايا ڏي پهريان سِکَ قيدين جي صورت ۾ اڄ کان پوڻا ٻه سئو سال اڳ 1850ع ۾ موڪليا ويا، انهن ڏينهن ۾ انڊيا، ملايا، برما، سنگاپور، هانگ ڪانگ، سري لنڪا وغيره تي انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو راڄ هو. سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ ملائيشيا سان ڪاز وي (پل) ذريعي ڳنڍيل آهي. سنگاپور جي نظرداري ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) ۾ رهندڙ انگريزن به ڪئي ٿي، پر انتظاميه طور سنگاپور ’مدراس پريزيڊنسي‘ ۾ رکي وئي هئي- جيئن سنڌ ملڪ فتح ڪرڻ بعد ان کي ۽ عدن کي ضلعن جي صورت ۾ ’بامبئي پريزيڊنسي‘ هيٺ آندو ويو هو.
هنن سک قيدين بعد سگھو ئي ٻيا سک، جن انگريزن جي پوليس ۽ فوج ۾ نوڪري ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري، انهن کي ملايا موڪليو ويو. ملايا ۾ انهن کي خوشحال زندگي گذاريندو ڏسي، پنجاب کان ڪيترائي بيروزگار هنرمند ۽ بي هنر ملايا اچڻ لڳا، جن ۾ شروعاتي سکن چوڪيداري ۽ ڍڳيون پالڻ جو ڪم ڪيو، پوءِ ڪي ملايا جي مختلف رياستن ۾ رهڻ لڳا، خاص ڪري ڪيداح ۽ پينانگ ۾ ته، ڪي سنگاپور ۾ به. ملائيشيا کي آزادي ملڻ وقت سنگاپور ملايا سان ئي شامل هو پر پوءِ ٽن سالن کان پوءِ ملايا وارن سنگاپور کي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ هزار ميل کن ڏُور بورنيو ٻيٽ تي صباح ۽ سراواڪ رياستن کي پاڻ سان ملائي هڪ نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو.
ملائيشيا وانگر سنگاپور ۾ به ٽي قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين. پر سنگاپور ۾ ملئي ڪي 20 سيڪڙو مس آهن. 70 سيڪڙو چيني آهن، باقي 10 سيڪڙو انڊين ۾ وڏو حصو ڏکڻ هندوستان جي تامل مدراسين جو آهي، جو سنگاپور مدراس صوبي سان ڳنڍيل هو. سنگاپور ۾ ريلوي، پوک ۽ روڊ رستا ٺاهڻ جهڙن ڪمن لاءِ ڏکڻ هندوستان کان ماڻهو موڪليا ويا ٿي، جن تامل، تيلگو، ڪنهڙ ۽ مليالم ٻوليون ڳالهايون ٿي. انهن لاءِ ملايا توڙي سنگاپور ۾ تامل اسڪول کوليا ويا، جهڙا مدراس ۾ هئا.
سنگاپور ۾ جيڪي 10 سيڪڙو کن ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا، اهي سڀ انڊين سڏجن ٿا. انهن انڊين ۾ وڏو حصو سائوٿ انڊين آهن، باقي ننڍي حصي ۾ گجراتي، سک، سنڌي هندو، بنگالي، پارسي، ڪشميري رهن ٿا. سو ڏٺو وڃي ته سنگاپور ۾ انڊين جي اقليت ۾ سک ڪميونٽي ته اڃا به وڌيڪ منارٽيءَ ۾ آهن. ويجھڙائيءَ ۾ ورتل آدمشماريءَ مطابق سنگاپور ۾ 15 هزار کن سک رهن ٿا. سکن جي عبادت لاءِ ست گردوارا آهن. انهن کان سواءِ هڪ تبليغي سوسائٽي، هڪ ويلفيئر سوسائٽي، ٻه نوجوانن جون سوسائٽيون ۽ ٻه راندين جا ڪلب آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور توڙي ملائيشيا ۾ رهندڙ سک راندين ۾ هوشيار آهن. هُو قداور ۽ صحتمند آهن. هُونءَ ته ڪو زمانو هو جو سِک معنيٰ چوڪيدار، دربان. 1970ع تائين به اهو حال ڏٺوسين، پر پوءِ سکن جي اولاد پڙهي لکي مختلف ادارن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو.
سنگاپور جي ڪجھه مشهور سکن جا هن وقت نالا ياد اچي رهيا آهن، جن مان سڀ کان گھڻو مشهور سِکُ منهنجي نظر ۾ سنگاپور جي سپريم ڪورٽ جو جج چُور (Choor) سنگھه چئي سگھون ٿا. ڇا ته لاجواب جج ۽ نيڪ انسان ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي زندگي پنهنجي ملڪ (سنگاپور)، پنهنجي مذهب ۽ پنهنجي ماڻهن جي خذمت ۾ گذاري ڇڏي. سکن جو احوال لکي آئون به ٿڪجي پيو آهيان، پر جڏهن سوچيان ٿو ته انهن جو احوال لکڻ مان ڪو فائدو به آهي يعني پنهنجي پڙهندڙن- خاص ڪري نوجوان ٽهيءَ کي لاڀ ملي سگھندو؟ جواب ۾ هائوڪار محسوس ڪريان ٿو.
اڄ جا ڪيترا نوجوان سوين سُکَ ۽ سهوليتون هوندي به پاڻ کي مايوسيءَ جو شڪار محسوس ڪن ٿا. انهن لاءِ سِکن جون هي ڳالهيون ۽ هنن جون جدوجهدون هڪ قسم جو اتساهه (Inspiration & Motivation) ثابت ٿي سگھن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو جسٽس چُور سنگهه سِڌوءَ جي زندگيءَ تي به ڪجھه سٽون لکڻ چاهيان ٿو، جنهن لاءِ آئون اهو چئي سگھان ٿو ته مون سي ڏٺا ماءِ... يا اهو چئي سگھان ٿو ته مون جسٽس سڌوءَ جھڙي هڪ عظيم انسان کي آمهون سامهون ڏٺو، هن سان ڳالهايو ٻولهايو ۽ جيتوڻيڪ چرچن چرچن ۾ اهو به چيو ته توهان جي ڪهاڻي لکڻ کپي پر ان وقت ته ٻيون ڳالهيون ئي لکڻ لاءِ کوڙ هيون، جيڪي آئون جهاز هلائڻ دوران توڙي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻ دوران پنهنجن ڪالمن ۽ سفرنامن ۾ لکندو رهيس. اڄ انيڪ سال گذرڻ بعد جڏهن جسٽس سِڌوءَ کي هي جهان ڇڏئي به ٻارنهن سال ٿي ويا آهن، ته سندس ياد اوچتو ئي اوچتو اچي وئي آهي ۽ پڙهندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جسٽس سِڌُوءَ جهڙا به نيڪ ۽ سخي انسان، خدا جو خوف رکندڙ ۽ بنا خوف جي حق جو فيصلو ڪرڻ وارا هن دنيا ۾ رهي ويا ۽ هن هڪ ٻئي ملڪ ۾ هيڏي پوسٽ تي پهچڻ لاءِ ڪيڏي محنت ڪئي. سِک ڪي امير نه آهن. ها راجا رنجيت سنگھه وٽ دولت ۽ ڪوهه نور هيرو هو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هر سک امير هو ۽ آهي. راجا رنجيت سنگھه جو پئسو ته سندس پٽ دُليپ سنگهه جي ڏينهن ۾ ئي دُڦَ ٿي ويو. اڄ به ڪيترا سک ڪُڙمي ۽ مزور آهن، پر سندن ان ڪلچر ۽ عادت جي تعريف ڪبي ته گھڻي ڀاڱي هر هڪ خوش مزاج طبيعت رکي ٿو، محنت ڪري ٿو، اجائي خرچ کان پرهيز ڪري ٿو ۽ پاڻ بکون ڪاٽي به پنهنجي اولاد کي سماجي توڙي معاشي طرح خوشحال بڻائي ٿو.
سنگاپور جي سپريم ڪورٽ جو هي جج جسٽس چُور سنگھه ڪو منهنجو همعمر يا دوست نه هو. عمر ۾ ته هُو منهنجي والد کان به يارنهن ٻارنهن سال وڏو هو. ٻي ڳالهه ته اڄ جي دور ۾ ته ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان ملڻ واقعي ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ان ۾ ڪجھه دهشتگرديءَ جو به پهلو اچي ويو آهي، نه ته 1980ع تائين ته ملائيشيا جي گورنرن ۽ چيف منسٽرن جهڙن اهم ماڻهن جي آفيسن جا به دروازا کليل رهيا ٿي، ڇا جون اڳواٽ جون appointments، ڇا جا سڪيورٽي گارڊ! شروع واري ڪمري ۾ ويٺل سندن سيڪريٽريءَ کي هٿ جي اشاري سان هيلو هاءِ ڪري صاحب جي ڪمري ۾ گھڙي پئبو هو. البت انگريزن جي جھونن قاعدن موجب جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به ساڳيا رهندا اچن، ججن کي جنهن تنهن سان ملڻ جي آزادي نه هوندي هئي، پر حالتون منهنجي فئوَر ۾ هيون، جو نئين جهاز کي سنگاپور ۾ وٺي اچڻ تي ۽ هڪ ٻه دفعو اسان جي قومي ڏينهن تي سنگاپور بندرگاهه ۾ هجڻ تي ملڪ طرفان ملهايل فنڪشن تي جسٽس سِڌوءَ سان اسان جي جهاز تي ملاقاتون ٿيون. 1980ع ۾ سندس رٽائرمينٽ بعد جڏهن آئون ڏهاڪو کن سال ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اچي رهيس ته پوءِ ته هيڪاندو هن سان ملڻ ٿيندو رهيو، جو ان وقت هُو رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو هو. هُو ليکڪ هڪ طرف هو ته سماجي ڪارڪن ٻئي طرف.
چُور سنگھه سِڌو 1911ع ۾ پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. هُو چئن سالن جو هو ته پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ آگبوٽ ذريعي ڪلڪتي کان سنگاپور پنهنجي پيءُ وٽ آيو، جيڪو ٻيڙين جي تڙ (Boat Quay) وٽ هڪ گدام جو چوڪيدار هو. هڪ چوڪيدار جو ڇا پگھار ٿي سگھي ٿو، پر هن پنهنجي پٽ کي پاڙهڻ چاهيو ٿي. چُور سنگھه پنهنجي پرائمري ۽ مڊل تعليم پرلس هِل پرائمري اسڪول ۽ آئوٽرام روڊ اسڪولن جهڙن سرڪاري ۽ خيراتي اسڪولن مان حاصل ڪئي، جتي پهچڻ لاءِ هو ٻڌائيندو هو ته کيس روزانو 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو ٿي. غربت ڪري هنن جي گھر ۾ بلب به نه هو. رات جو گھٽيءَ ۾ ٻرندڙ فانوس هيٺان ويهي پڙهندو هو. رستي تي لڳل ڌمڻ واري نلڪي تي وهجندو هو ۽ ڪاڪي ليما (Kaki Lima) ۾ سمهي رهندو هو. ڪاڪي ليما ملئي لفظ آهي، جيڪو اس کان بچاءُ لاءِ دڪانن اڳيان ٺهيل ڇپرو ٿئي ٿو. ڪاڪي معنيٰ پير، ليما معنيٰ پنج. انهن ڏينهن ۾ پنج پيرن يعني پنج فوٽ کن ويڪر جي هر دڪاندار پنهنجي دڪان اڳيان اڏاوت ٺاهيندو هو، جيئن سندس دڪان ۽ ان اڳيان بيٺل خريدار مِينهن جي ڦڙين ۽ اس کان بچي سگھن. اهو سڏبو ته ڪاڪي ليما هو پر ضروري نه آهي ته پنج فوٽ هجي، ان کان وڌيڪ ويڪرو يا سوڙهو به ٿي سگھيو ٿي.
چُور سنگھه پنهنجي ذهانت ۽ محنت ڪري سٺين مارڪن ۾ پاس ٿيو، جنهن ڪري هن کي سنگاپور جي رئفلس ڪاليج ۾ اسڪالرشپ سان داخلا ملي وئي، جتان هن 1929ع ۾ ٽاپ ڪلاس ۾ سينئر ڪئمبرج ڪئي. سنگاپور جو چيف منسٽر ڊئوڊ مارشل به هن جو ڪلاس ميٽ هجڻ ڪري، هن جو اتي دوست ٿيو.
جسٽس چُور سنگھه بعد ۾ اسڪالر ملڻ تي انگلنڊ ويو. وڪالت پڙهيو ۽ لنڊن جي مشهور اداري Grays Inn مان بئريسٽر ٿيو ۽ 1960ع ۾ سنگاپور جو ڊسٽرڪٽ جج ٿيو. ٽن سالن بعد، يعني 1963ع ۾ هو سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ 1980ع ۾ ستر سالن جي ڄمار ۾ رٽائرڊ ٿيو. ان بعد هو سماجي ۽ ڌرمي ڪمن سان گڏ ڪتاب به لکندو رهيو. ڪٿي ڪنهن اسڪول ۾ فنڪشن هوندو هو يا سکن جي ڪنهن گردواري يا ڌرمي رسم جو بنياد رکيو ويو ٿي ته هو اتي پڻ نظر آيو ٿي. ڪو سک هجي، هندو يا ملئي مسلمان، هو پنهنجي حيثيت آهر هن جي مدد ڪندو رهيو ٿي. هن غربت جا ڏکيا ڏينهن ڏٺا هئا، ان ڪري هن کي ضرورتمندن جي تڪليفن جو احساس رهيو ٿي. شهر ۾ جتان به لنگھيو ٿي ته ساڻس ملڻ وارن عقيدتمندن جو هجوم رهيو ٿي. سنگاپور شهر يا سڄو ملڪ ئي ڪيڏو آهي، خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ ته سنگاپور هڪ ڳوٺ جيان هوندو هو. سنگاپور جي پکيڙ ئي ڇا آهي! سکر شهر کان ٻيڻ جيترو 700 چورس ڪلوميٽر آهي. سکر ضلعي جي ته ستين حصي جيڏو ٿيو! سو اهڙي ٻيٽ تي چند اهم ماڻهن کي سڃاڻڻ ڏکيو ڪم ناهي.
جسٽس چُور سنگھه کي ان ڳالهه به مشهور ڪيو ته هُو نه فقط قابل جج هو پر دلير پڻ. هڪ اقليت جو ماڻهو ٿي ڪري هن ڪنهن جي به پرواهه نٿي ڪئي. ڀلي ڪو وزيراعظم لي ڪئان يو جو چيني امير مائٽ هجي يا ملڪ جو وڏو گئنگسٽر. هن تڪڙو انصاف ڪيو ٿي ۽ ڏوهاريءَ کي ڦاهي ڏيندي به ويرم نٿي ڪئي. ان ڪري وڏا وڏا چور ٺڳ، ڏوهاري سڌا ٿي ويا. نه ته سنگاپور ڪو شريفن جو ملڪ نه هو. هر ’دو نمبري‘ شئي هتي وڪامي ٿي. ڏينهن ڏٺي جو به اڪيلي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڊپ ٿيندو هو ته ڪو کيسو نه ڪتري وڃي، ڪو جعلي نوٽ نه ڏئي وڃي. جُوا خانا، شراب خانا، دنيا جون رنڊيون کنڊيون هتي هونديون هيون. ٿائلنڊ پوءِ مشهور ٿيو، ان کان اڳ ۾ چڪلن ۽ مساج گھرن جون قطارون سنگاپور ۾ هونديون هيون، پوءِ وزيراعظم ٿيڻ تي لي ڪئان يو ڏوهارين کي سڌو ڪرڻ جو عزم ڪيو. اسان جي جهاز جو وڏي عمر وارو چرچائي ريفريجريشن انجنيئر محمود خان سنگاپور جي اخبار ۾ لي ڪئان يو جا اهي بيان پڙهي کلندو هو ته هي وڪيل صاحب ڇا سنگاپور جي بدمعاش چينين کي سڌو ڪندو! اهو مائوزي تنگ آهي، جنهن ڏنڊي جي زور تي چين جي چينين کي سڌاري ڇڏيو، پر پوءِ دنيا ڏٺو ته لي ڪئان يو نه فقط سخت قاعدا قانون ٺاهيا، پر انهن تي عمل به ڪرايو. هن هر اداري کي خودمختيار ۽ مضبوط بڻايو، جن ۾ انصاف و عدل(Judiciary) به هڪ هو، جنهن جو مثال مٿيون جج هو، جنهن انصاف ڏيڻ ۾ دير نٿي ڪئي. هن طاقتور ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن کي به ڦاهيءَ تي لڙڪائي ڇڏيو. جسٽس چُور سنگهه کان اڳ ۾ سنگاپور ۾ ڪنهن ڏوهاري عورت کي ڦاهي نه آئي هئي. هي پهريون جج آهي، جنهن ’ميمي وانگ‘ نالي هڪ ڪئبري ڊانسر چيني عورت کي به ڦاهيءَ جي سزا ڏئي ڇڏي، جنهن 1970ع ۾ پنهنجي جپاني عاشق جي زال جو قتل ڪيو. هي ڪيس سال ڏيڍ هلندو رهيو ۽ ان جون سنسني خيز خبرون سنگاپور جي اخبارن ۾ پهرئين صفحي تي اينديون هيون ۽ اسان جو جهاز هانگ ڪانگ يا جپان ڏي ويندي يا اتان ڪراچيءَ لاءِ موٽندي رستي ۾ سنگاپور ۾ ترسندو هو ته اسان وڏي تجسس سان ان ڪيس جون تازه ترين خبرون معلوم ڪندا هئاسين. دراصل هاڻ ياد آيو ته اسان هن سِک جج جو نالو هن ڪيس جي حوالي سان ٻڌو، جنهن تي اثر رسوخ وارن ماڻهن جو ڪافي پريشر پئجي رهيو هو ته هن ڪيس کي لوڙهيو وڃي، پر هر هڪ جي زبان تي هو ته سک جج تمام سخت ۽ انصاف پسند آهي. هُو پنهنجي رب کان علاوه ڪنهن کان نٿو ڊڄي. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي جهاز چناب تي دعوت ۾ اسان جي سنگاپور آفيس جي نمائندي مون کي دعوت ۾ آيل هن جج بابت ٻڌايو ته هي جج مومي وانگ جو ڪيس پيو هلائي يعني ان وقت تائين ناچڻي مومي وانگ اسان لاءِ وڌيڪ اهم هئي، جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جهاز واران لاءِ اهڙين رنڊين کنڊين جون خبرون ۽ جاسوسي ناول ئي دلچسپيءَ جو سبب هوندا هئا. بهرحال، پڙهندڙن لاءِ مومي وانگ جو قصو اڳتي هلي ٿو لکان. هتي جسٽس چُور سنگهه سِڌوءَ جو قصو ختم ڪرڻ لاءِ لکندو هلان ته 1980ع ۾ جج جي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو سماجي ڪم ڪرڻ لڳو. مون به ان بعد سگهو ئي 1981ع ڌاري جهاز جي نوڪري ڇڏي ڏني، پر ٻئي سال 1982ع کان ڪناري جي نوڪري لاءِ ملائيشيا ئي اچي رهڻو پيو ۽ ملائيشيا کان سنگاپور ائين اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، جيئن ڪراچيءَ کان هالا. عيد برات، ڪرسمس هاليڊي کان علاوه مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا شاپنگ لاءِ سنگاپور اچڻو پوندو هو، جو ملائيشيا ۾ اڃان ڪي اهڙا شاپنگ سينٽر نه کليا هئا. سنگاپور ۾ مڙيئي سستا ۽ Sale وارا دڪان عام ٿيڻ لڳا هئا. جج صاحب سان به ڪڏهن ڪڏهن خبرچار ٿيندي هئي. هُو مون کان 35 سال وڏو هو. سکن جون، خاص ڪري هن پاسي جي سِکن جون خبرون هُونءَ به دلچسپ هونديون آهن، جج صاحب ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ زماني جو ماڻهو هو. مون کي سندس اها خوبي وڻندي هئي ته هُو نيڪ ۽ اصول جو ماڻهو هو. هر هڪ جو خير گھرندڙ هو. ههڙن ماڻهن لاءِ آئون هميشه اهو سوچيندو آهيان ته هنن جو دين ڌرم کڻي ڪهڙو به هجي، پر سندن ڪم اهي آهن، جن لاءِ اسلام اسان مسلمانن کي تاڪيد ٿو ڪري. هميشه سچ ڳالهائڻ، وڏن جي عزت ڪرڻ، ننڍن کي نصيحتون ڪرڻ ۽ پيار ڏيڻ، خير خيراتون ڪرڻ... لاجواب انسان هو. کيس ننڍي هوندي کان ڪرڪيٽ ۽ گولف کيڏڻ جو شوق رهيو. سندس زال ’ڀڳوان ڪور‘ به هڪ غريب سک جي ڌيءُ چون ٿا. هن کي يا جج جي ٻارن کي مون ڪڏهن ٽانءَ ٽيڙيءَ ۾ نه ڏٺو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته جسٽس صاحب جو شان ملڪ جي وزيراعظم لي ڪئان يو برابر هو. کيس ٻه پٽ: دُليپ سنگھه (اداڪار دليپ ڪمار وارو نالو دِليپ نه پر مهاراجا رنجيت سنگھه جي ننڍي پٽ شهزادي دُليپ سنگھه وارو نالو Duleep هو) ۽ ٻيو ڊاڪٽر دلجيت سنگھه آهي. ڌيءَ جو نالو منجيت ڪور آهي.
سنگاپور جي هن سک جج جي اها به عظمت آهي ته هُو 1949ع ۾ مئجسٽريٽ ٿيو، ان بعد 1960ع ۾ ڊسٽرڪٽ جج ٿيو ۽ 1963ع کان 1980ع تائين سنگاپور جي سپريم ڪورٽ جو جج رهيو. هيترا سال سرڪاري نوڪريءَ ۾ وڏن عهدن تي رهي هن ڪي ملڪيتون ۽ مال نه ٺاهيا. سڄي عمر سادگيءَ ۾ رهيو ۽ آخر تائين هڪ سادي گھر ۾ رهيو. سندس ٻار عام ٻارن وانگر تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ محنت سان پنهنجي پيءُ وانگر هميشه نمبر کنيائون. سنگاپور ۾ رهندڙ هر ماڻهو-خاص ڪري سِکَ کيس وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اهو سنگاپور جي سکن جو پيار آهي، جن 18 نوين (Niven) روڊ واري سڀ کان اهم گُردواري جو 1994ع ۾ جسٽس صاحب کان پيڙهه جو پٿر رکرايو. سکن جو هي گردوارو سنگاپور ۾ سڀ کان Latest آهي. ان کان پهرين وارن گردوارن جا نالا اڳتي هلي لکان ٿو.
جسٽس چُور سنگھه صاحب پنهنجي قبر جي ڪُتبي لاءِ مواد پاڻ ئي لکي ڏئي ويو هو. 31 مارچ 2009ع تي وفات ڪيائين ۽ ٻئي ڏينهن پهرين اپريل تي سنگاپور جي انگريزي اخبار ’دي اسٽريٽ ٽائيمس‘ ۾ سندن هي ڪتبو(epitaph) ڇپيو هو:
I came here by His grace,
After toiling in many lower lives.
I have done my duty to my State,
To my community and my Faith.
I leave now as ordained by my fate,
To meet Him and sit at His Lotus feet.

سنگاپور جو وڏو گردوارو سنڌي واپاريءَ ٺهرايو

مٿي سنگاپور جي گردوارن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. سنگاپور ۾ سکن جو پهريون عبادت گهر يعني گردوارو 1880ع ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل سکنPearl’s Hill بئرڪس وٽ ٺهرايو، جتي سک پوليس وارا ۽ سندن فئمليون رهيون ٿي. مٿي ذڪر ڪيل سنگاپور جو سپريم ڪورٽ جو جج ’جسٽس چُور سنگھه سِڌو‘ جو پيءُ پوليس ۾ نه هو. هنBoat Quay (سنگاپور نديءَ جي پتڻ واري علائقي) ۾ هڪ گدام جي رات جي چوڪيداري ڪئي ٿي ۽ اتي ئي آس پاس جي ڪنهن جھوپڙيءَ ۾ رهيو ٿي. چُور سنگهه پرائمري تعليم لاءِ اتان کان روزانو 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪري پرلس هِل علائقي جي اسڪول ۾ آيو ٿي. پرلس هِل يعني پرلس ٽڪري وارو علائقو اپر ڪراس اسٽريٽ ۽ Eu Tong Sen اسٽريٽ جي وچ ۾ آهي. شروع ۾ هي علائقو ڪنهن چينيءَ جي جاگير هئي، جنهن تي هن Gambier وڻن جي پوک ڪئي ٿي، جنهن مان نڪرندڙ کونئر ۽ لاک جهڙيون شيون چين ايڪسپورٽ ڪيون ٿي. 1819ع ۾ انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هن ٻيٽ جي خريداري بعد هن ٽڪريءَ واري علائقي تي ڪئپٽن جيمس پرل قبضو ڪيو ۽ چوٽيءَ تي پنهنجو گھر ٺاهي هن ٽڪري واري علائقي جو نالو سر اسٽئمفورڊ رئفلس جي نالي پٺيان ’مائونٽ اسٽئمفورڊ‘ رکيو، پر ان بعد سگھو ئي هيءَ ٽڪري ڪئپٽن جيمس پرل جي نالي پويان ’پرلس هِل‘ سڏجڻ لڳي. ياد رهي ته ڪئپٽن پرل ’انڊانا‘ نالي بحري جهاز جو مالڪ ۽ ڪمانڊر هو، جنهن 1819ع ۾ سر اسٽئمفورڊ رئفلس کي پنهنجي جهاز ۾ پينانگ مان کڻي هن سامونڊي علائقي جي ٻيٽن جو جائزو وٺرايو. رئفلس کي سنگاپور ٻيٽ جي لوڪيشن تمام گھڻي پسند آئي ۽ هن هي ٻيٽ ان وقت جي مالڪ ملئي سلطان کان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ خريد ڪيو. ڪئپٽن پرل هن ٽڪريءَ تي ٺهرايل گھر ۾ 1819ع کان 1822ع تائين رهيو، ان بعد رٽائرڊ ٿيڻ تي هيءَ ٽڪري انگريز سرڪار کي ڏهه هزار انڊين رپين ۾ وڪڻي يورپ هليو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ انڊيا جو سڪو ۽ پوسٽ جون ٽڪليون هليون ٿي، جو سنگاپور جو انتظام مدراس پريزيڊنسيءَ هلايو ٿي، جيئن بعد ۾ 1843ع کان پوءِ سنڌ، عدن وانگر بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪئي وئي هئي.
پرلس هِل اسڪول، جنهن مان چُور سنگهه پرائمري تعليم حاصل ڪئي، اهو 1881ع ۾ ’سنگاپور چائنيز برانچ اسڪول‘ جي نالي سان کُليو هو. جيڪي سکر شهر کان واقف آهن، انهن لاءِ لکندو هلان ته اتي جو سينٽ مئريز هاءِ اسڪول به ساڳئي سن 1881ع ۾ ٺهرايو ويو هو. سکر توڙي سنگاپور ان وقت برطانيا راڄ ۾ آيو ٿي ۽ انگريزن جي مشهور شخصيت جارج ربنسن رپان انڊيا جو وائسراءِ هو، جنهن جي نالي گھنٽا گھر ملتان واري بلڊنگ ’رپان بلڊنگ‘ سڏجي ٿي ۽ ان عمارت جو هال Ripon Hall سڏجي ٿو. ان کان علاوه چنائي (مدراس) جي ميونسپالٽي واري عمارت پڻ رپان بلڊنگ سڏجي ٿي. انڊيا جي ڪرناٽڪا رياست جي شِوَ موگا ضلعي جوRiponpet شهر ۽ ڪلڪتي جي رپان اسٽريٽ به هن وائسراءِ نالي آهي. لارڊ رپان جي هڪ ڪم کي ويندي سندس انگريزن به سخت ننديو ۽ نقطه چيني ڪئي. اهو آهي انڊيا جي هڪ مهاراجا درڀناگ سان 1883ع ۾ شڪار ڪرڻ. هن شڪار ۾ هنن وڏي تعداد ۾ جانورن جي ڀينگ ڪئي هئي، جيتوڻيڪ اهي ڏينهن جانورن جي افزائش (breeding) جا هئا ۽ شڪار تي پابندي هئي. شڪار ڪيل جانور هن ريت هئا: 4 چيتا، 47 جھنگلي سانَ، 280 مِرُون، 467 هرڻ ۽ 800 کن ٻيا ننڍا جانور.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي وائسراءِ لارڊ رپان اڄ به مدراسين جي دلپسند شخصيت آهي، جيئن اسان سنڌي فريئر برٽن انگريز جي عزت ڪريون ٿا. ملائيشيا توڙي سنگاپور جا تامل به لارڊ رپان کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ هن لاءِ هنن جي ٻولي تامل ۾ چوڻي مشهور آهي ته: “Lord Ripon, engal appan” يعني لارڊ رپان اسان جو بابو آهي. لارڊ رپان 1880ع کان 1884ع جي آخر تائين انڊيا جو گورنر جنرل ۽ وائسراءِ رهيو. 1884ع ۾ بمبئي جي پارسين پنهنجو ڪلب ٺاهيو، جيڪو اڄ تائين لارڊ رپان جي نالي The Ripon Club سڏجي ٿو. انهن ڏينهن ۾ ڪينيا، يوگنڊا ۽ ٽانگا نيڪا (تنزانيا) تي به انگريزن جي حڪومت هئي. يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ جي هڪ آبشار جو نالو پڻ ’رپان فال‘ آهي. انگلنڊ جي وزيراعظم جي گھر ۽ آفيس واري لنڊن جي عمارت ’ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ‘ جي نالي سان مشهور آهي. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته انڊيا جو هي وائسراءِ لارڊ رپن آڪٽوبر 1827ع ۾ هن عمارت ۾ ڄائو هو، جتي هن جو پيءُ ايف. جي. رابنسن انگلنڊ جو وزيراعظم هجڻ ڪري رهيو ٿي.
بهرحال پاڻ سکر جيSt. Mary’s ڪانوينٽ اسڪول ۽ سنگاپور جي Perl’s Hill واري اسڪول جي ڳالهه پئي ڪئي، جيڪي انگريز راڄ ۾ 1881ع ۾ٺهيا. ان کان سال اڳ 1880ع ۾ پرلس هِل وٽ سکن جو پهريون گردوارو ٺهيو. ان بعد سکن جو ٻيو گردوارو ائنسن روڊ(Anson Road) تي ٺهيو. سکن جو هي عبادت گھر تنجنگ پگار ڊاڪ ڪمپنيءَ پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ سک پوليس وارن لاءِ ٺهرايو بعد ۾ اهو 1912ع ۾Silat Road تي شِفٽ ڪيو ويو.
هتي اهو لکندو هلان ته سنگاپور ٻيٽ انگريز سرڪار جي هٿن ۾ 1819ع ۾ آيو ۽ سر اسٽئمفورڊ رئفلس ان ويران ۽ دلدلي گپ، گاهه ۽ مڇرن سان ڀريل ٻيٽ کي ڊيولپ شروع ڪرايو. مڇر ايڏا جو رئفلس کي به آخر مليريا ٿي پئي ۽ ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. هي ٻيٽ جاگرافيءَ جي لحاظ کان بيحد سٺي هنڌ تي هجڻ ڪري جپان، ڪوريا يا آسٽريليا، نيوزيلينڊ ڏي ويندڙ جهاز هتان لنگھيا ٿي. انگريزن جو انتظام هجڻ ڪري پورهيت توڙي پئسي واري کي وشواس هو ته هتي به ائين ئي خوشحالي ايندي، جيئن انگريزن سخت قاعدن قانونن، عدل انصاف ۽ امن امان ذريعي پينانگ ۽ ممبئي ٻيٽن تي آندي. (ممبئي اصل ۾ ڇهن ستن ٻيٽن جو جھڳٽو ئي ته هو، جيڪو بعد ۾ ملي هڪ شهر ٿيو). انگريزن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ تي اسان جي سنڌ جي واپارين به سنگاپور ۾ پنهنجو ڪاروبار ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيو، پوءِ انهن مان ڪجھه واپاري سنڌ مان سنگاپور پهتا ته ڪجھه سنڌي ملايا، جاوا ۽ سماترا کان به آيا، جن جو اتي پراڻو واپار هلندڙ هو.
هتي اهو به لکندو هلان ته اسان جا سنڌي هندو پوڄا پاٺ لاءِ جتي هندن جو مندر ناهي، اتي هو سکن جي گردواري ۾ وڃن ٿا. بلڪه هندن جو مندر هوندي به هو سکن جي ٽڪاڻي ۾ وڃن ٿا جيئن آئون ملاڪا (ملائيشيا) ۾ ڏسندو هوس. ملاڪا واري گردواري ڀرسان هڪ سک جي اٽي جي چڪي هئي، جتان اسان به اٽو وٺندا هئاسين ۽ ڪيترن ئي سنڌي واپارين سان هن دڪان يا گردواري ۾ ملاقات ٿيندي هئي. گردواري ۾ هلندڙ لنگر لاءِ سنڌي فئمليون اڪثر کيرڻي آڻينديون هيون ۽ ان سنڌي کيرڻيءَ جي ملاڪا جا ملئي توڙي چيني تعريف ڪندا هئا.
سو سنگاپور جي سکن جي تواريخ جي اها ڳالهه مشهور آهي ته 1912ع ۾ سنگاپور ۾ رهندڙ سنڌي واپارين جي ڪميونٽيءَ جي سربراهه واسيا مل پنهنجي کيسي مان هتي جي اوچي علائقيQueen’s Road تي هڪ بنگلو سکن جي مرڪزي گردواري لاءِ خريد ڪيو، جتي 1921ع ۾ گردوارو ٺهي راس ٿيو. سکن جو هي گردوارو اڄ بهCentral Sikh Temple ۽ پنجابيءَ ۾ ’وڊا گردوارا‘ سڏجي ٿو.
سنڌين جي ٺهرايل مٿئين سک گردواري بعد ڪجھه سالن اندر سنگاپور ۾ ٻيا به ڪيترائي گردوارا ٺهيا، جهڙوڪ سيشل اسٽريٽ، چاندي روڊ، ڪربائو روڊ، جالان ڪايو ۽ سيمباوانگ وغيره، نيول بيس وارو گردوارو وغيره...

سنگاپور جو سنڌي واپاري واسيا مل ڪير هو

سنگاپور ۾ اڄ کان سئو سال اڳ رهندڙ سنڌي واپاري واسيا مل، جنهن سنگاپور جي اوچي علائقيQueen’s Road تي هڪ محل نما بنگلو وٺي ان ۾ سکن لاءِ عبادت گهر (گردوارو) ٺهرائي سکن کي ڏنو، ان بابت ڪجھه لکڻ کان اڳ سکن ۽ سنگاپور جي هڪ ٻي ڳالهه لکندو هلان. هن کان اڳ واري مضمون جي آخر ۾ سنگاپور ۾ موجود سکن جي گردوارن لاءِ لکيو اٿم ته اهي سنگاپور ۾ ڪهڙي ڪهڙي هنڌ تي آهن. هڪ گردواري لاءِ لکيو اٿم ته ڪربائو(Kerbau) روڊ تي به آهي. ڪربائو روڊ تان مون کي ياد آيو ته هن علائقي ۾ سک رهيا ٿي. اهي سک جيڪي انگريز سرڪار جي پوليس ۾ نه هئا، پر روزگار ڪمائڻ لاءِ هتان اچي نڪتا هئا. کين ڪو هنر ته نٿي آيو، پر ٻني ٻارو ۽ مال پالڻ آيو ٿي يا وري امير ماڻهن جي گھرن، آفيسن، دڪانن ۽ گدامن جي چوڪيداري ڪئي ٿي ۽ هو ’جگا‘ يعني چوڪيدار سڏيا ويا ٿي. هن علائقي ڪربائو روڊ جي آسپاس جيڪي سک رهيا ٿي، انهن مال جو ڪاروبار ڪيو ٿي يا انهن جو کير وڪيو ٿي. 1920ع تائين ته اڃا ڪا ٽرڪ، لاري نه آئي هئي. سنگاپور ۾ ٻيڙين تائين سامان آڻڻ جو ڪم بيل گاڏين ذريعي ڪيو ويو ٿي، جيڪي سکن هلايون ٿي ۽ اهي هتي ڪربائو روڊ وٽ رهيا ٿي. ان وقت پڪا رستا نه هئا. بعد ۾ پڪا رستا ٿيا ته هن علائقي جي هڪ روڊ جو هي نالو ’ڪربائو روڊ‘ رکيو ويو ۽ ٻئي جو انگريزي نالو ’بفئلو روڊ‘ رکيو ويو، جنهن جي معنيٰ مينهن آهي. اهڙي طرح ڪربائو روڊ جي به ساڳي معنيٰ آهي. ڪربائو ملئي لفظ آهي معنيٰ مينهن. سو ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته گھڻن سکن جو واسطو مال چارڻ سان رهيو، جنهن ڪم لاءِ سنگاپور جي انگريز سرڪار کين رهڻ لاءِ هي علائقو ڏنو. اهڙي طرح سنگاپور جو هڪ علائقو ڌوٻي گھاٽ هو، جيئن انگريزن بمبئي ۾ ڌوٻي گھاٽ لاءِ زمين ڏني، جتي اڄ به ڌوٻي ڪپڙا ڌوئين ٿا. سنگاپور ۾ هاڻ ڌوٻي نه رهيا آهن، هر هڪ کي واشنگ مشينون آهن يا ڊراءِ ڪلين جي دڪانن تي ڪپڙا ڏين ٿا، پر اڄ تائين ان علائقي ۽ اتي ميٽرو ريل جي اسٽيشن جو نالو ڌوٻي گھاٽ (Dhoby Ghaut) آهي، جيڪا اسٽيشن آرچرڊ ۽ سمرسيٽ اسٽيشنن بعد اچي ٿي. ڌوٻي گهاٽ بعد سٽي هال، رئفلس پليس ۽ مئرينا بي جهڙيون اسٽيشنون اچن ٿيون. هوڏانهن ڪربائو روڊ (Jalan Karbau) تي سِکَن جي گھڻائي هجڻ ڪري گردوارو ضروري ٿي پيو. ان جي آس پاس واري علائقي ۾ به اڄ تائين گھڻائي انڊيا جي مسلمانن ۽ هندن جي آهي- خاص ڪري سرنگون روڊ تي. ايتري قدر جو هن علائقي کي اڄ تائين ’ننڍڙو انڊيا‘Little India سڏيو وڃي ٿو. اسان جو جهاز جڏهن به سنگاپور ايندو هو ته شاپنگ لاءِ سرنگون روڊ جو رخ ڪندا هئاسين، جتي خاص ڪري مصطفيٰ دڪان تي ميڪ اپ ۽ ڪوڙن ڳهن کان اليڪٽرڪ جو اهو سامان مليو ٿي، جيڪو پاڪستان ۾ پسند ڪيو ويو ٿي. ڪربائو روڊ ۽ بفئلو روڊ سرنگون روڊ سان ائين ملن ٿا جيئن ڪراچيءَ ۾ وڪٽوريا روڊ ۽ ايلفي بندر روڊ سان ملي ٿي. سکن جي مال چارڻ ۽ بيل گاڏيون هلائڻ کي ياد رکڻ لاءِ ڪجھه سال اڳ بفئلو روڊ تي هڪ ڍڳي گاڏيءَ جو مجسمو رکيو ويو آهي، جنهن تي ويٺل سوار فخر سان ان کي هلائي رهيو آهي. سرنگون روڊ وٽ سائوٿ انڊين هندن جا ٻه مندر به موجود آهن، جن کي هتي جي هندو ڪميونٽيءَ ايترو ته سهڻو ۽ رنگين ڪري رکيو آهي، جو اهي هتي ايندڙ هر ٽوئرسٽ لاءِ باعث ڪشش رهن ٿا: هڪ ’شري ويراما ڪاليا من مندر‘ ۽ ٻيو ٿورو اڳيان چندر روڊ تي ’شري لڪشمي ناراين مندر‘.
مٿيون احوال لکڻ سان منهنجو مطلب فقط اهو آهي ته سنگاپور ۾ گھڻائي سائوٿ انڊين (تامل ڳالهائڻ وارن) جي آهي، پر سنگاپور جي ترقيءَ ۾ پنجاب جي سک اقليت جو به اهم رول رهيو آهي. سنگاپور ۾ جيڪي سنڌ جا هندو واپاري رهيا ٿي، انهن جي سماجي توڙي ڌرمي دوستي ۽ اٿڻ وهڻ سکن سان گھڻو رهيو ٿي ۽ جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ سنڌي هندو اڄ به پوڄا پاٺ لاءِ سکن جي گردوارن ۾ وڃن ٿا. ايتري قدر جو هڪ سنڌي امير واپاري واسيا مل پنهنجي خرچ تي سکن کي گردوارو ٺهرائي ڏنو.
واسيا مل سنڌي واپاريءَ جو تعلق ’واسيا مل آسو مل ائنڊ ڪمپنيءَ‘ سان آهي، جنهن بابت پنهنجي شروع جي جپان جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته اها پهرين سنڌي ڪمپني هئي، جنهن 1882ع ۾ يوڪوهاما بندرگاهه واري شهر ۾ ڪپڙي (Textile) جي ڪاروبار جي آفيس کولي. K.A.J چوٽڙ مل، پوهو مل برادرس، ٽي موٽو مل، جھمٽ مل قيمت راءِ ۽ ٻيون سنڌي واپاري ڪمپنيون بعد ۾ کليون.
بهرحال واسيا مل آسومل ڪمپني جپان ۾ کلڻ کان 12 سال اڳ 1870ع ۾ پهرين سنگاپور ۾ کلي هئي يعني پاڪستان ٿيڻ کان به 77 سال اڳ! هنن جو سنگاپور ۾ پهرين به خاص ڪاروبار ٽيڪسٽائيل هو. هيءَ ڪمپني اڄ جي مسٽر مدن جي پڙ ڏاڏي آسومل کولي. ڪمپنيءَ جون شاخون نه رڳو يوڪوهاما (جپان) ۾ پر هانگ ڪانگ، شنگھائي، جڪارتا ۾ پڻ کوليون ويون پر سنگاپور هنن جي واپار جو مرڪز رهيو. سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ تي جيڪي دڪان نمبر 74 ۽ 76 آهن، اهي آسومل ڪمپنيءَ جون شروعاتي آفيسون هيون ۽ هيءَ هاءِ اسٽريٽ واسيا مل جي دڪانن کان مشهور هئي، جن تي مردن توڙي عورتن ۽ ٻارن جا دنيا جا برانڊيڊ ڪپڙا ۽ هر ولائتي اعليٰ معيار جي شئي ملي ٿي. سندن ڪجھه دڪان سرنگون روڊ تي به هئا. گھڻو ڪري گرائونڊ فلور تي ريٽيل (ريزڪي) ۽ مٿين فلور تي هول سيل (ٻڌي) اگھه تي شيون مليون ٿي. دڪانن تي ايندڙ گراهڪن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌي ڇوڪرا ۽ تامل سيلز گرلس کان سواءِ چيني ۽ يورپي ڇوڪرين به ڪم ڪيو ٿي. واسيا مل وارن پاڻ سيٺين انگريزي ۽ سنڌيءَ کان علاوه چيني (ڪئنٽونيز) ۽ ملئي به ڳالهائي ٿي. هنن جي رهائش اڄ واري هالنڊ روڊ تي هئي، جتي هنن کي گھر ۾ سئمنگ پول به هو، جيڪو ان وقت توڙي اڄ، وڏي ڳالهه سمجھيو وڃي ٿو، ڇو جو سنگاپور ٻيٽ تي پاڻيءَ جو مسئلو آهي، جيڪو ملائيشيا وارن کان پائيپن ۽ پمپن ذريعي خريد ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنگاپور ۾ رهندڙ هيءَ سنڌي فئملي نه فقط ٻين سنڌي واپارين کان پر چيني ۽ يورپين کان به امير هئي. سندن تعلقات انگريز حاڪمن ۽ انهن جي فئملين سان هئا. واسيامل جو پوٽو مسٽر مدن، جنهن وڪالت پڙهي ۽ اڄ تائين سنگاپور، ڪوالالمپور ۽ انڊيا ۾ هن جا ليگل فرم ڪم ڪن ٿا، عمر ۾ اسان کان ڏهه سال کن ننڍو ٿيندو، ٻڌائيندو هو ته هن جي والده ڪملا جي سنگاپور جي گورنر (1955ع کان 1957ع) سر رابرٽ بلئڪ جي زال سان دوستي هوندي هئي. مسٽر مدن اهو به ٻڌايو ته ننڍي هوندي هو اڪثر پنهنجي ماءُ سان گڏ ملئي سلطان جي زال سان ملڻ لاءِ هنن جي محل (اِستانا) ۾ پڻ ويندا هئا. سنگاپور جو ڪملا ڪلب هن جي ماءُ ٺهرايو ۽ هُوءَ اڪثر اسپتالن ۾ وڃي بيمارن جي مالي مدد ڪندي هئي. هن جي ڏاڏي واسيا مل سِکَن کي گردوارو ٺهرائي ڏنو ۽ هن جي پيءُD. T آسومل سنگاپور آريا سماج ائسوسيئيشن هلايو ٿي. هو (مدن جو پيءُ) چئمبر آف ڪامرس جو چيئرمئن پڻ هو. سنگاپور ۾ سنڌين جو ’سنڌو هائوس‘ نالي مائونٽ بيٽن روڊ تي جيڪو ڪلب آهي، ان ۾ به مدن جي پيءُ وڏي مدد ڪئي. مطلب ته بنا ڪنهن شڪ جي هيرآباد (حيدرآباد) سنڌ جي هيءَ فئملي سنگاپور جي امير فئملي مڃي وئي ٿي، جنهن جي ’واسيا مل آسو مل ائنڊ ڪمپنيءَ‘ جون برانچون نه فقط ايشيا جي ملڪن ۾ پر آفريڪا ۾ به واپار جي معيار ۽ ساک ۾ وڏي نالي واريون هيون. هنن جنهن ڪاروبار ۾ هٿ وڌو ٿي ان مان هنن ناڻي جون ڳوڻيون ڀريون ٿي. ايتري قدر جو مسٽر مدن فخر سان چوندو هو ته: “Sindhis have an inherent knack for making money” يعني ”سنڌين کي پئسي ڪمائڻ جون قابليتون ورثي ۾ مليل آهن.“
بنا ڪنهن شڪ جي، ٻئي ڪنهن سنڌيءَ کي پئسي ڪمائڻ جون اٽڪلون هجن يا نه پر آسومل فئمليءَ وٽ هيون ۽ هنن وڏو پئسو ڪمايو. پر هو ڇا چوندا آهن ته هڪ سج ٻه پاڇا... هن دنيا ۾ عروج سان گڏ زوال به آهي. 1970ع ۾ هنن جي ڪمپنيءَ جون ڪجهه برانچون ڪجھه ملڪن ۾ نقصان ۾ هليون ويون. هنن سنگاپور مان پئسو ڪڍي، انهن ڪمپنين کي مٿڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي تري نه سگھيون. ماڳهين سندن سنگاپور وارو ڪاروبار به اهڙو ٻڏڻ لڳو جو وري اهو اڀري نه سگھيو. ان سان گڏ مدن جي پيءُ ڊي ٽي آسو مل جي صحت به ڪرِي پيئي ۽ گذاري ويو. بهرحال اڄ به هنن جو انڌو منڊو سنگاپور ۾ بزنيس آهي، پر اهي جوڀن وارا ڏينهن نه رهيا آهن. وري به جيڪو تيڪو انڊيا ۾ وڏو ڪاروبار اٿن، جنهن کي مدن جا پٽ: 36 سالن جو گورف ۽ 34 سالن جو وڪرم هلائين ٿا. انڊيا ۾ به هن سنڌي فئمليءَ جي وڏي ساک، عزت ۽ نالو آهي. اهو نه فقط پئسي جي ڪري آهي پر خير جي ڪمن ڪري به آهي. بمبئي جي باندرا ويسٽ علائقي ۾ هنن جو ٺهرايل ’واسيامل آسومل سائنس ڪاليج‘ به آهي، جيڪو هن فئملي 1949ع ۾ ٺهرايو. بمبئي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ مون کي هي ڪاليج ڏيکارڻ بعد اتي ئي باندره ۾ هڪ انجنيئرنگ جو ڪاليج پڻ ڏيکاريو، جنهن لاءِ پروفيسر صاحب ٻڌايو ته اهو به حيدرآباد سنڌ کان هيڏانهن لڏي آيل سنڌي فئمليءَ ٺهرايو آهي. ڪاليج جو نالو هو ’ٿڌو مل شاهاڻي انجنيرنگ ڪاليج‘ هي ڪاليج 1983ع ۾ بمبئي جي معزز ۽ سرنديءَ واري شخصيت ’دادا ڪشنچند شاهاڻيءَ‘ پنهنجي پيءُ ’ٿڌو مل شاهاڻيءَ‘ جي ياد ۾ ٺهرايو، جتيI .T ، ڪمپيوٽر، بايو ميڊيڪل انجنيرنگ ۽ بايو ٽيڪنالاجيءَ ۾ ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ ٿئي ٿي.

فئمليءَ جو شجرو
آسو مل
واسيا مل
ڊي. ٽي. آسو مل
(زال: ڪملا)
مدن مل (وڪيل)
وڏو پٽ گورف
(زال گاريما)
ننڍو پٽ وڪرم

سنگاپور جي ڪئبري ڊانسر مِيمي

اسان جي ڏينهن ۾ (ويندي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به) سمنڊ تي جهاز ۾ نيٽ، ڪمپيوٽر يا موبائل فون جهڙي وندر نه هوندي هئي. جهاز جڏهن بندرگاهه ۾ اچي لنگرانداز ٿيندو هو يا ڪنهن ملڪ جو ڪنارو وٺي هلندو هو ته ريڊيو يا ٽي وي نظر ايندي هئي، سا به بلئڪ ائنڊ وائيٽ. ڪن ملڪن ۾ خاص ڪري آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ ته اڃا ٽي وي به شروع نه ٿي هئي ۽ اسان لاءِ نئين ملڪ يا بندرگاهه جي خبر چار لهڻ لاءِ واحد طريقو ان ملڪ مان نڪرندڙ انگريزي اخبار هوندي هئي. جهاز جيئن ئي بندرگاهه ۾ داخل ٿي جيٽيءَ سان لڳڻ شروع ٿيندو هو ۽ ڪناري تي بيٺل مزور جهاز جا رسا ڇڪي جيٽيءَ تي لڳل ڪِلن سان ٻڌندا هئا ته اسان جهاز جي ڊيڪ تي بيهي هيٺ بيٺل ميڊيڪل، اميگريشن ۽ ڪسٽم جي آيل عملي ۾ بريف ڪيس جھليل آفيس جو ايجنٽ ڳوليندا هئاسين ته هن جي ٻئي هٿ ۾ اسان جهاز وارن لاءِ آيل خط ۽ ان ملڪ جون تازيون اخبارون آهن يا نه؟ جھاز جا رسا ٻڌجڻ تي جهاز جي ڏاڪڻ کي هيٺ لاٿو وڃي ٿو، جنهن ذريعي آيل ماڻهو جهاز تي چڙهن ٿا.
اخبارن ۾ ٻين خبرن سان گڏ ممباسا، پينانگ، بيروت، دارالسلام ۽ سنگاپور جهڙن بندرگاهن ۾ اتي جي سئنيمائن ۾ هلندڙ انڊين فلمن جا نالا پڙهندا هئاسين، جيئن پهرين فرصت ۾ اهي ڏسي سگھجن. ڪن ڪن ملڪن جي اخبارن جو اسٽائيل تمام دلچسپ هوندو هو، جنهن بابت پنهنجي ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ به لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا جي اخبار ’نيو اسٽرئيٽ ٽائيمس‘ ۾ ڪي ڪي بازاري نموني جون خبرون جيڪي آخري يا اندرين صفحي تي مس هڪ ڪالم ۾ اچڻ کپن، اهي پهرئين صفحي تي ليڊ تي يا هيٺين اڌن ۾ يا ٽي ڪالمي انداز ۾ ڏنيون ويون ٿي. سنگاپور مان به نيو اسٽرئٽ ٽائيمس نالي اخبار نڪري ٿي، ان جو به ملائيشيا جي اخبار جهڙو اسٽائيل هو. شايد اخبار وارن پڙهندڙن جي نبض سڃاتي ٿي ته هنن کي سياسي خبرن کان وڌيڪ اسڪئنڊلن وارين خبرن سان دلچسپي آهي. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور جي اخبار ۾ فرنٽ پيج تي هڪ ته سنگاپور جي هڪ چينياڻي ڪئبري ڊانسر ’ميمي وانگ‘ جي خبر ٽاپ تي هوندي هئي، جنهن سنگاپور ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي جپاني انجنيئر يار ’هيروشي وتنابيءَ‘ جي زال اياڪو(Ayako) جو قتل ڪري وڌو هو ۽ ان ڏوهه جو ڪيس سنگاپور جي سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو، جنهن جو جج ’جسٽس چُور سنگھه سِڌُو‘ نالي هڪ سک هو. ماڻهن کي اهو شڪ هو ته هي سِک جج ڌارئين ملڪ کان آيل هجڻ ڪري هن تي پئسي وارن امير چيني ۽ سرڪاري ڪامورن جو ڪيس کارڻ لاءِ پريشر پئجي سگھي ٿو. ان سان گڏ جسٽس چُور سنگھه جي ايمانداري ۽ دليريءَ جون به ڳالهيون مشهور هيون ته هُو فيصلن ۾ انصاف ڪري ٿو ۽ ڏوهارين کي ڦاهي ڏيندي به دير نٿو ڪري. ان ڪري سنگاپور جا ماڻهو هن جج کي ’مسٽر هئنگ مئن‘ سڏيندا هئا. جج به مجبور هو جو ملڪ ۾ ڦاهيءَ جو قانون عام هو. يورپ جا ملڪ توڙي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جهڙا سنگاپور جا دوست ملڪ ان ڳالهه تي آواز اٿاريندا رهيا ته انگريزن جي ٺهيل هن پراڻي قانون کي تبديل ڪيو وڃي، پر ملڪ جو وزيراعظم ان قسم جي سخت سزائن جي حق ۾ هو. مزي جي ڳالهه اها ته اهي سزائون اڄ به قائم آهن. چرس، هيروئن يا ٻي ڪنهن نشي جي ذري رکڻ واري ڏوهاريءَ کي ان ئي وقت ڦاهي اچي ٿي. سنگاپور جي اسڪولن ۾ اڄ به ڏنگن ٻارن جي ڪيننگ ٿئي ٿي. لي ڪئان يو جو هميشه اهو موقف رهيو ته ڏنگن ٻارن کي لڪڻ سان ڪُٽجي. هُو پاڻ به انگريزن جي اسڪولن ۾ پڙهيو، جتي ڪيننگ عام هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس سنگاپور مان نوڪري ڪري آيو هو، هُو جڏهن اسان جي ملڪ ۾ پرنسپال ٿي آيو ته هُو جيتوڻيڪ ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ پنهنجن شاگردن جو خيال ڪندو هو، پر حد کان وڌيڪ ڏنگن ٻارن جي هن پنهنجي هٿن سان ڪيننگ به ڪئي يعني کين ڏنڊي سان ڪٽيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڇهه سالن دوران هن چئن يا پنجن ڪئڊٽن کي اها سزا ڏني ۽ ٻه ڏنڊا مس ٿي هنيائين، پر سزا کائيندڙ ڇوڪرن جي جسم جي کل به ڦاٽي پئي ٿي ۽ هُو هفتو کن سڌو ٿي نه سمهي سگھندا هئا.
بهرحال پاڻ سنگاپور جي ناچڻي (Cabaret Dancer) ميمي وانگ جي ڳالهه ڪريون، جنهن جي قتل ڪرڻ جون خبرون اخبارن جي زينت هئي. اسان جو جهاز سنگاپور ايندو هو ته پهرين اهو پڇبو هو ته، ”ميمي وانگ جو ڇا ٿيو؟ هن جو ڏوهه ثابت ٿيو يا ڪورٽ هن کي معصوم قرار ڏئي باعزت بري ڪيو؟ ۽ جي هو ڏوهارڻ ثابت ٿي آهي ته هن کي ان جي سزا عمر قيد ملي يا ڏوهه مطابق يعني سنگاپور جي قانون مطابق ڦاهي ڏني وئي؟“ جيتوڻيڪ اڄ ڏينهن تائين سنگاپور ۾ ڪنهن عورت کي ڦاهي ملڻ جي سزا نه ٻڌي وئي.
پوليس جي تفتيش بعد هي ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ سک جسٽس چُور سنگهه وٽ هلڻ شروع ٿيو ۽ 26 ڏينهن اندر جج صاحب فيصلو ڏئي ڇڏيو. اسان منيلا، هانگ ڪانگ ۽ ٽوڪيو ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن رهي سنگاپور مان جهاز لاءِ تيل خريد ڪرڻ لاءِ وري لنگرانداز ٿياسين ته خبر پيئي ته ميمي خلاف سڀ ثابتيون ثبوت ملي ويا ۽ هن پنهنجي ڏوهه جو اقرار به ڪيو ۽ هن کي جيل جي ڊيٿ سيل ۾ ڦاسيءَ لاءِ رکيو ويو آهي. هيستائين هر ڪنهن جيڪا پنهنجي راءِ پئي ڏني، ان جو سلسلو ختم ٿيو ۽ هر هڪ کي حقيقت جي خبر پيئي ته اصل ڳالهه ڇا هئي.
ميمي وانگ سنگاپور جي هڪ ڊانسر هئي، جنهن جو سندس هڪ يار سان عشق ٿي ويو. هي يار هڪ جپاني هيروشي وتنابي هو، جنهن سنگاپور جي بيدوڪ علائقي ۾ زمين رِي ڪليم ڪرڻ جو ڪم ٿي ڪيو. سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ 1965ع ۾ خودمختيار ٿيڻ بعد هُو اڄ ڏينهن تائين ان ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو ته ڪنهن طرح چوڌاري سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري ڪجهه وڌيڪ زمين حاصل ڪئي وڃي. ان لاءِ هُو ٻاهرين ملڪن جا ماهر گھرائيندو رهي ٿو. جپاني انجنيئر هيروشي به ان سلسلي ۾ سنگاپور گهرايو ويو هو ۽ پنهنجي زال آياڪو ۽ ٻارن سان رهيو ٿي. هُو دل پشوريءَ لاءِ هن ناچڻي چيني عورت ميميءَ وٽ به پهچي ويو ٿي. وقت سان گڏ ميميءَ جو نه فقط هيروشي سان عشق ٿي ويو پر هن جي زال آياڪو سان رقابت ٿي پئي ۽ هن هيروشيءَ کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪرڻ لاءِ سندس زال کي قتل ڪرڻ جا پروگرام ٺاهيا. ان ڪم لاءِ هن پنهنجي مڙس ’سِم ووه ڪُم‘ کي چيو، جنهن کي هن ڪڏهن کان ڇڏي ڏنو هو ۽ پيٽ گذر لاءِ هن ڊانس ڪئي ٿي. سندس ڇڏيل مڙس سِم (Sim Woh Kym) پئسي جي لالچ ۾ ان ڏوهه ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
رات جو ڏهين وڳي ڌاري ميمي ۽ سندس مڙس سِم ’سي ويو روڊ‘ تي جپاني انجنيئر هيروشي جي فلئٽ تي پهتا، جتي آياڪو اڪيلي هئي. ميميءَ سندس مڙس هيروشيءَ کي ان وقت ملڻ لاءِ شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ سڏايو هو، جيئن قتل بعد هُوءَ هن سان وڃي ملي ۽ ڪنهن کي شڪ به نه ٿئي ته ان وقت واري قتل ۾ ميميءَ جو هٿ آهي ۽ ڪورٽ ۾ هُوءَ ان ئي ڳالهه تي زور ڏيندي رهي ته قتل واري وقت هُوءَ شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ هئي، جنهن جي شاهدي آياڪو جي مڙس کان به وٺي سگھو ٿا.
پنهنجي يار جي فلئٽ تي پهچي سِم جپاني عورت آياڪو جي اکين ۾ بليچ اڇلايو، جنهن سان هن جون اکيون سڙڻ لڳيون. ميميءَ يڪدم خنجر ڪڍي هن جي پيٽ ۽ ڳچيءَ ۾ هنيو.
ٿي سگھي ٿو ميمي هن قتل ۾ ڏوهاري ثابت نه ٿي سگھي ها، پر هن ڪيس جو سڀ کان وڏو شاهد اياڪو جي نوَن سالن جي ڌيءَ چيئيڪو (Chieko) نڪتي، جيڪا قتل وقت اتي موجود هئي. هن ڪورٽ ۾ بيان ڏنو ته هن کي ۽ سندس ٻن ڀائرن کي ماءُ ماني کارائي بستر تي ليٽائي پنهنجي ڪمري ۾ وئي. ان فلئٽ ۾ هنن جو باٿ روم ڪمرن جي وچ ۾ هو يعني ٻنهي ڪمرن جو هڪڙو ئي ڪامن باٿ روم هو.
چيئيڪو ٻڌايو ته، ”هُوءَ اڃا جاڳي رهئي هئي ته هن رڙين جا آواز ٻڌا، جيڪي هن جي ماءُ جا هئا. هن باٿ روم مان وڃي ڏٺو ته هن جي ماءُ جيڪا رتو رت ٿيل هئي، سُور کان دانهون ڪري رهي هئي. هڪ ماڻهو منهنجي ماءُ کي کاٻي ٻانهن کان ڇڪي رهيو هو ۽ اوباسان ساڄي هٿ کان ڇڪي رهي هئي.“ چيئيڪو ٻڌايو.
اوباسان (Obasan) جپاني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي چاچي / ماسي يعني آنٽي. ميمي ڊانسر جي پنهنجي جپاني يار سان اهڙي دوستي ٿي وئي هئي، جو هُوءَ جپاني يار جي گھر به ايندي هئي ۽ هيروشيءَ پنهنجن ٻارن کي اهو چيو هو ته هن کي اوباسان (آنٽي) سڏيو.
“مون پنهنجي ماءُ کي رتوڇاڻ ڏسي روئڻ شروع ڪيو ۽ اوباسان پنهنجو هٿ کڻي منهنجي وات تي رکيو. منهنجي روئڻ بند ڪرڻ تي هن هٿ پري ڪيو. ان بعد چيئيڪو ڏٺو ته ميمي ۽ سندس مڙس سِم ڏاڪڻين تان هيٺ لهي ويا.
اخبارن ۾ ان ڪهاڻيءَ کان علاوه ميمي ۽ جپاني انجنيئر هيروشي جي وچ ۾ شرمناڪ جنسي تعلقات جون ڪهاڻيون پڻ ظاهر ٿينديون رهيون. هي قتل جنوري 1968ع تي ٿيو هو، جنهن سال کان مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي. ڊسمبر 1970ع تي جج سزا جو فيصلو ڏنو ۽ اپيلون ۽ ٻيون قانوني ڪارروايون مڪمل ٿيڻ تي 27 جنوري 1973ع تي ميمي کي جيڪا هاڻ 34 سالن جي هئي 40 سالن جي سِم سان گڏ چانگي جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي. 1965ع ۾ سنگاپور کي آزادي ملڻ بعد ميمي پهرين عورت هئي، جنهن کي سنگاپور ۾ ڦاهي ڏني وئي.

سنگاپور جي هڪ ٻئي سِکَ درشن سنگهه جي ڪهاڻي

درشن سنگھه سنگاپور جي چانگي جيل تي انگريزن جي حڪومت کان سپاهي هو، جنهن جو ڪم ڦاهي ڏيڻ هو. هن کي موت جي سزا واري ڏوهاريءَ کي جسماني توڙي نفسياتي طور تيار ڪري ڦاهي گھاٽ آڻڻو پيو ٿي ۽ هر ڏوهاريءَ جي قد بت موجب ڦاهي ڏيڻ لاءِ اڳواٽ رسو خريد ڪري اچڻو پيوٿي.
درشن سنگھه سالن کان هن ڪم تي مقرر هو پر هن کان ورلي ڪو واقف هو. ميمي وانگ ڪئبري ڊانسر جي ڦاهيءَ واري ڪيس کان پوءِ هُو نه فقط سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ مشهور ٿيو پر پنهنجي اصل وطن پنجاب ۾ به هن جي مائٽن مٽن کي خبر پئي ته لڌيانا جي ڀرپاسي واري ڳوٺ جو ڇوڪرو جيڪو پنجونجاهه سال اڳ پورهئي روزگار لاءِ ڳوٺ ڇڏي سنگاپور ويو هو، اهو سڄي عمر ڪهڙي نوڪري ڪندو رهيو!
ڦاسيءَ جي مقرر وقت يعني صبح جو ڇهين وڳي کان اڌ ڪلاڪ کن اڳ، ڀرواري گرجا گھر کان پادريءَ کي گھرايو ويو، جنهن اچي ميميءَ ۽ سندس مڙس سم کي بخشش لاءِ دعا پڙهائي. ميميءَ جي ڌيءَ طرفان ماءُ لاءِ آندل گلن جو هار ۽ پني تي لکيل نياپو ’منهنجي پياري ماءُ لاءِ‘ ميميءَ کي پهچايو ويو. ان بعد پوري ڇهين بجي درشن سنگھه ليور دٻائي هنن کي لڙڪائي ڇڏيو. درشن سنگھه جي مشهوري هن واقعي کان اڳ ئي اخبارن ۾ ٿيندي رهي ٿي، جو ڦاهي وارن ڏوهارين يعني ڊيٿ سيل ۾ جيڪي قيدي رهيا ٿي، انهن تي نظر رکڻ درشن سنگھه جو ڪم رهيو ٿي. جيسين فائنلي ڦاهي وارو ڏينهن اچي. ميمي جيڪو وقت جيل ۾ رهي، اهو جيل وارن لاءِ ٻڙڌڪ مچائي ڏنائين، خاص ڪري جڏهن کان سندس رحم جي اپيل سنگاپور جي صدر رد ڪري ڇڏي. هُوءَ ڪڏهن ڪڏهن قيدين وارو وڳو ڦاڙي الف اگھاڙي ٿي پئي هلندي هئي ۽ ايندڙ ويندڙ پوليس واري توڙي قيدين کي ڪچيون گاريون ڏيندي هئي. هُوءَ جيل خاني جي وارڊن تي دٻي ۾ ڪيل پيشاب اڇلائيندي هئي پوءِ هڪڙو درشن سنگھه ئي سپاهي هو، جنهن کي ڏانءُ آيو ٿي ۽ ميميءَ کي ريجهائي چوندو هو ته، ”ميمي ائين نه ڪر. هن چادر سان پنهنجي جسم کي ڍڪي رک. ايئن اگھاڙي ٿي نه هل نه ته تنهنجي سونهن ختم ٿي ويندي.“ ۽ هرڪو ڏسندو هو ته هُوءَ درشن سنگھه جي ئي ڳالهه غور سان ٻڌندي هئي ۽ گاريون ڏيڻ بند ڪندي هئي. ميميءَ ۽ درشن سنگھه جي وچ ۾ هڪ عجيب قسم جو ذهني ڳانڍاپو ٿي پيو. ايتري قدر جو جيل جا سپاهي ۽ آفيسر درشن سنگھه سان چرچا ڪندا هئا ته ميمي تنهنجي گرل فرينڊ آهي. درشن سنگھه ڪڏهن به دل ۾ نه ڪيو. ڦاهيءَ کان ڪجھه ڏينهن اڳ ميميءَ، درشن سنگھه کي چيو ته، ”هن جهان ۾هڪ تون ئي انسان آهين، جنهن مون سان مِٺو ڳالهايو ۽ منهنجو قدر ڪيو. ٻئي جهان ۾ پاڻ Lover ٿي گذارينداسين. منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪوشش ڪري تون به سگھو ئي پهچي وڃجانءِ.“ مون کي ياد آهي ته ميميءَ جون اخبارن ۾ ايندڙ اهي ڳالهيون پڙهي اسان کلندا هئاسين ته هُوءَ سک کي بنا ڏوهه جي، وقت کان اڳ مارڻ چاهي ٿي!
هي لکڻ وقت هڪ چرچو ياد اچي رهيو آهي، جيڪو واٽس ائپ تي اڄ ڪلهه بيحد گھڻو وائرل آهي. هڪ عورت مڙس کان موڪلائي ٻئي شهر نوڪريءَ جي ڳولا ۾ وئي، جتي هن کي نه فقط سٺي پگهار واري نوڪري ملي وئي، پر رهڻ لاءِ گھر پڻ. هن يڪدم پنهنجي مڙس کي ميسيج ڪيو، پر هڪ نمبر هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري، هن جو نياپو هڪ اهڙي شخص کي وڃي مليو، جيڪو وفات ڪري ويل پنهنجي زال کي دفن ڪري ان وقت گھر پهتو هو ته سندس نگاهه ميسيج تي پئي، جنهن کي پڙهي هو ماڳهين بيهوش ٿي ويو. ميسيج ۾ لکيل هو: ”آئون خيريت سان پهچي وئي آهيان ۽ رهائش لاءِ مون کي گھر به سٺو مليو آهي، ان ڪري تون هاڻ يڪدم مون ڏي هليو آ- تنهنجي پياري زال.“
بهرحال ميميءَ کي ٽنگڻ بعد سردار جيءَ، مِيميءَ وٽ وڃڻ جو بندوبست ته نه ڪيو، پر اها حقيقت آهي ته درشن سنگھه يڪو مهينو، ڏينهن رات سخت بيمار رهيو ۽ سنگاپور جي توئا پايوه(Toa Payouh) اسپتال ۾ داخل رهيو. اسان سنگاپور ڇڏي چڪا هئاسين ۽ هر هڪ جو اهو خيال رهيو ته ميميءَ جو عاشق وڌيڪ جيئرو رهي نه سگھندو. جهاز کي ڪولمبو ۽ ڪراچيءَ مان گھمائي، جڏهن ٽن مهينن بعد سنگاپور وري آياسين ته ڪلفرڊ پيئر تي پير رکڻ سان سنڌي هندو دڪاندار موهن ۽ ڀرواري دڪان جي سک مالڪ کان درشن سنگھه جي خبر پڇيسين ته هنن ٻڌايو ته هُو اڳئين کان اڳرو آهي ۽ ساڳيو ٽنگڻ وارو ڪم جاري اٿس.
هنن ٻڌايو ته بيماريءَ بعد (خاص ڪري هڪ عاشق عورت ميمي وانگ کي ٽنگڻ بعد) ان ڪم مان دل شڪستو ٿي پيو هو. هن پوليس ۾ رهڻ چاهيو ٿي پر ڦاسي واري ڪم کان استعيفا ڏني. سنگاپور سرڪار هڪ ٻيو همراهه چونڊي درشن سنگھه حوالي ڪيو ته هن کي سِرڪڻ ڇڪڻ سيکاري، پر اهو پهرين ڦاهيءَ تي ئي اهڙو ڊڄي ويو جو ڀڄي ويو. ان ڪري حڪومت درشن سنگھه کي منٿ ميڙ ڪئي آهي ته في الحال ڦاهيءَ وارو ڪم هلائيندو رهي، جنهن لاءِ هن کي في ڦاهيءَ جا 800 سنگاپور ڊالر ڏنا وڃن ٿا. (انهن ڏينهن ۾ سنگاپور جو في ڊالر ڇهين رپئي هجڻ ڪري اهي پنج هزار رپيا ٿيا ٿي).
درشن سنگھه کي ڦاهي ڏيڻ وارو ڪم هن کي هڪ انگريز سرجنٽ سيکاريو هو، جنهن انگريزن جي ڏينهن ۾ اهو ڪم ڪيو ٿي. جتي به انگريزن حڪومت ڪئي. انڊيا هجي يا ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا، سنگاپور، برونائي ۽ ملائيشيا هجي يا برما ۽ سري لنڪا، هنن انصاف، قانون ۽ سزائن جا طريقا ۽ سسٽم ساڳيا رکيا. اڄ انگريزن جي حڪومت نه رهي آهي، پر جتي ڪٿي اهي ئي قانون هلندا اچن. اهو ئي فجر مهل ڏوهاريءَ کي ڦاهي ڏيڻ، ڦاهيءَ کان اڳ هن جو ڊاڪٽر کان ميڊيڪل ڪرائڻ... رسو ڇڪڻ مهل مئجسٽريٽ جو لازمي هجڻ... مولوي، ٻائي، پنڊت يا پادريءَ کان دعا ڪرائڻ...

اسان وارو هئنگ مئن تارا مسيح

دنيا ۾ ڦاهي ڏيڻ وارا اڻ سڃاڻپ ۾ رهن ٿا. هنن کي حڪومت طرفان به منع ڪئي وڃي ٿي ته ڦاهي گھاٽ جي ڪارروائي جو ذڪر ڪنهن سان به نه ڪريو. درشن سنگھه ان تي ايڏو سختيءَ سان عمل ڪيو ٿي جو، پنهنجي زال کي به نٿي ٻڌايو ته هي جو کيس رات جو ٻين ٽين بجي فون ڪري گھرايو وڃي ٿو، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هن جي پهرين زال کيس ڇڏي وئي. ان بعد ٻي شادي ڪيائين پر منهنجي خيال ۾ اولاد نه ٿيس. هن ٻه يا ٽي ٻار پاليا ضرور - جيڪا ڳالهه سنگاپور توڙي ملائيشيا جي ملئي مسلمانن ۾ به عام آهي.
هُونءَ ته ڦاهيءَ وارا (هئنگ مئن) عوام جي نظرن کان لڪل رهن ٿا پر پوءِ ڪنهن اهم يا مشهور ماڻهو وڏي ڌاڙيل، سياستدان، ڪاموري يا شاعر، سائنسدان يا ڊانسر، رنڊيءَ کي ڦاهي اچڻ تي ملڪ جي ميڊيا هڪ هڪ ڳالهه جي کوج لڳايو وٺي ۽ هئنگ مئن اخبار جي سرخين ۾ اچيو وڃي، جيئن درشن سنگهه سنگاپور جي ڪئبري ڊانسر کي ڦاهي ڏيڻ بعد مشهور ٿيو، نه ته ڪنهن کي خبر هئي ته سنگاپور ۾ سالن کان اهو ڪم ڪير پيو ڪري؟ هن ڪيس بعد خبر پئي ته ان ڪم لاءِ هتي جو ڪو چيني يا ٻُڌ يا ملئي مسلمان پوليس وارو نه، پر ڏورانهين ڏيهه پنجاب جو سِکُ ڪري رهيو آهي. هُو مِيمي ڳائڻيءَ کي ڦاهي ملڻ جي اعلان بعد مشهور ٿيو. اهي 1970ع واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا. انهن ڏينهن ۾ اسان کي خبر نه هئي ته اسان جي ملڪ ۾ ماڻهن کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ ڪير مقرر آهي. اسان جي ملڪ جو هئنگ مئن تارا مسيح ان ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ مشهور ٿيو، جڏهن هن 4 اپريل 1979ع تي ملڪ جي مشهور وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني.
افسوس ٿو ٿئي اهو سوچي ته 1973ع ۾ جڏهن اسان پاڪستاني جهاز هلائيندڙ، سنگاپور ۾ اچي هن ملڪ جي ’هئنگ مئن‘ درشن بابت خبرون ڪندا هئاسين، ان وقت اسان کي اها خبر نه هئي ته اسان جي ملڪ ۾ به هڪ هئنگ مئن آهي تارا مسيح، جنهن جي هٿان اسان جي قابل وزيراعظم کي ڇهن سالن بعد ڦاهي اچي ويندي. افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي ته اسان وٽ جسٽس چُور سنگهه جهڙو ايماندار، دلير ۽ انصاف پسند جج نه هو، جنهن ملڪ جي حاڪم جي سفارش جي به پرواهه نه ڪئي ۽ اهو ڪيو جيڪو صحيح سمجهيو. اسان وٽ مسلمان جج ٿي ڪري به انصاف نه ڪري سگھيو ۽ ضياءُ الحق جهڙي ڊڪٽيٽر کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي انسان جو قتل ڪرائي ڇڏيو، جيڪو جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته نه فقط اسان جي ملڪ پر هن سڄي ريجن ۾ اڄ وڏي خوشحالي ۽ بهتري نظر اچي ها. بعد ۾ اهو غلط فيصلو ڪرڻ وارا جج احساسِ جرم جو اعتراف ڪندا رهيا ۽ اهو ئي چيو ويو ته ڀٽو صاحب جو قتل جوڊيشل قتل هو.
ڀٽو صاحب جي ڦاهيءَ کان اڳ تارا مسيح کان ورلي ڪو واقف هو. بعد ۾ تارا مسيح جو ذڪر گھر گھر ۾ ٿيڻ لڳو- خاص ڪري هن جون ڀٽي صاحب بابت آخري لمحن واريون ڳالهيون ٻڌي.
ڀٽو صاحب جي ڦاسيءَ لاءِ تارا مسيح ڏي ماڻهو موڪليو ويو. تارا مسيح ملڪ جو واحد ڦاهي ڏيندڙ هو. هُو ان ڏينهن بهاولپور ۾ هو. هن کي سرڪاري هوائي جهاز ۾ بهاولپور کان راولپنڊيءَ پهچايو ويو. هي پهريون دفعو هو جو هن کي هوائي جهاز جو سفر نصيب ٿيو. سنگاپور جي هئنگ مئن سک درشن سنگھه کي ته في ڦاهيءَ جا 5000 رپيا مليا ٿي پر پاڪستان جي هن عيسائي تارا مسيح کي فقط 25 رپيا في ڦاهي ڪمائڻ لاءِ گھرايو ويو پر هن کي اها ڄاڻ نه هئي ته هن کي ڪنهن کي ڦاهي ڏيڻي آهي. ان ساڳئي هوائي جهاز ۾ ڦاهيءَ لاءِ بليڪ وارنٽ به راولپنڊي جيل لاءِ هو.
13 اپريل صبح جو راولپنڊي پهچڻ سان تارا مسيح کي جيل جي هڪ کوليءَ ۾ رکيو ويو. هن سان گڏ ڪنهن مسجد جي پيش امام کي به رکيو ويو هو، جيڪو ڦاهيءَ کان اڳ ۽ پوءِ مذهبي رسمون پوريون ڪري سگھي. اهو ڏينهن ان کوليءَ ۾ رهڻ دوران پيش امام کي به خبر نه هئي، بلڪه هُو بار بار تارا مسيح کان پڇندو رهيو ته خبر ناهي ڇو پوليس بيگناهه گرفتار ڪري هتي کڻي قيد ڪيو آهي.
تارا مسيح جو خاندان انگريز راڄ ۾ ته ڇا برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڏينهن کان وٺي ان ڪم تي لڳل آهي. تارا مسيح جو پيءُ، ڏاڏو، ان جو ڀاءُ ان ئي پروفيشن کان واقف آهن. چون ٿا ته مشهور انقلابي ۽ آزادي تحريڪ جي هيرو ڀڳت سنگھه کي تارا مسيح جي چاچي ’ڪارا مسيح‘ ڦاهي ڏني هئي. ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏيڻ بعد پورن پنجن سالن بعد تارا مسيح 1984ع ۾ وفات ڪري ويو. ان بعد پاڪستان حڪومت سندس ڀاڻيجي ناصر مسيح کي ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو، جنهن 2011ع تائين 27 سال نوڪري ڪئي ۽ هاڻ هن جو ڪو ڪزن ان ڪم لاءِ مقرر آهي.
سنگاپور جي هئنگ مئن درشن سنگھه جي ڪا خبر چار؟ 1973ع ۾ ڪئبري ڊانسر کي ڦاهي ڏيڻ بعد هُو اهڙو ته بيمار ٿيو جو ٻئي جهان ڏي هلڻ وارو هو پر پوءِ ٻه هفتا کن اسپتال ۾ رهڻ بعد وري ڪم کي لڳي ويو. هُو اسان کان 12 سال کن وڏو هو يعني 1973ع ۾ هُو 42 سالن جو ٿيندو. هاڻ ته ان کي به اڌ صدي کن گذري وئي آهي. ڪئين سال گذري ويا هن جو نالو ٻڌي. پڙهندڙ به اهو ئي سوچي رهيا هجن ته هو گذاري ويو هوندو... مون به اهو ئي پئي سوچيو پر توهان کي حيرت ٿيندي ته گھٽ ۾ گھٽ ٽي سال اڳ 2017ع تائين ته هُو حيات ۽ کڙو تڙو هو. اهو ائين جو گذريل هفتي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ۽ ساڳين جهازن تي گڏ سفر ڪرڻ، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ڪئين سال گڏ رهڻ واري درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم وٽ ويس ته هن جي ٽيبل تي سنگاپور جو 2017ع جو ڪو رسالو کليل رکيو هو. ان پيج تي اڌ صفحي جيڏي تصوير ڏسي احمد کي چيم ته هن همراهه جي شڪل ته سنگاپور جي هئنگ مئن درشن سنگھه سان ملي ٿي.
ڪئپٽن مخدوم ٽهڪ ڏيندي چيو، ”پڙهڻ وارو چشمو پائي ڏس ته اهو ئي آهي، جنهن جي ڀرسان سندس سنگاپور جي ماڊل گرل ۽ اٿليٽ ڏوهٽي پوجا، پنهنجي ناني جي 85هين سالگره ملهائي رهي آهي.“
”تنهنجي معنيٰ ته ميمي وانگ کي ڦاهي ڏيڻ وارو اڃا جيئرو آهي!“ مون وراڻيو.
”اڃا جيئرو آهي يا نه پر گھٽ ۾ گھٽ 3 سال اڳ 2017ع تائين ته هُو جيئرو هو، جنهن سال جي هيءَ مئگزين آهي.“ ڪئپٽن مخدوم وراڻيو.

باربي ڊال جو شهر ’اوڊيسا‘

ورلڊ مئري ٽائيم يونيورسٽي سئيڊن ۾ ٻه سال رهائش دوران، جولاءِ جي 15 ڏينهن جي وئڪيشن ۾ اسان کان گھمڻ جي جاءِ جو پڇيو ويو ته اهي ڏينهن اسان يورپ جي ڪهڙي شهر ۾ گذارڻ چاهينداسين. مون سان گڏ جهازن جا ٽي پاڪستاني ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر به شاگرد هئا. انهن سڀني هيلسنڪي (فن لئنڊ) ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. آئون چپ رهيس. مون مالمو ۾ ئي رهي سنڌ جي اخبارن لاءِ ڪجھه ڪالم لکڻ ٿي چاهيا. منهنجي ساٿين مون کي سمجهايو ته گھمڻ يا رهائش جا پئسا يونائٽيڊ نيشن جو ادارو آءِ ايم او ٿو ڀري. نه هلڻ تي اهي پئسا يونيورسٽيءَ جي کيسي ۾ هليا ويندا.
منهنجي ها ڪرڻ تي منهنجا ساٿي خوش ٿيا ته سڀ گڏ هڪ هنڌ هلنداسين ۽ ڪچهرين ۾ سٺو وقت گذرندو. مون کي اهو سمجھه ۾ نه آيو ته هي شهر (مالمو) ڇڏڻ لاءِ مون کي مڃرائي ويا پر جيڪڏهن ٻئي شهر ۾ به ساڳين ئي ماڻهن يعني پنهنجي پاڪستاني جهازرانن سان هلي رهڻو آهي ته پوءِ هتان سئيڊن جي شهر مالمو مان ڇو نڪرجي. هتي ئي ويٺا ڌوڙ پايون ۽ اونهاري جي سج جي اُس جو سيڪ هتي ئي وٺندا رهون. هي ئي ته سال جا ٻه هفتا کن ٿين ٿا، جن ۾ ڏهاڪو کن ڏينهن ڪڪر غائب رهن ٿا ۽ سج نظر اچي ٿو، جنهن جي اس ۾ موجود ڪجھه گرمائش سيءَ جي ڏڪڻيءَ کان بچائي ٿي.
مون کي ته پٺاڻ وارو لطيفو ياد آيو. جمعي نماز واري واعظ ۾ مولويءَ نيڪوڪارن کي جنت ۾ حورون ملڻ جي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته، ”جيڪي مومن نيڪ ڪم ڪندا، انهن کي جنت ۾ هنن جي زال حُور جي روپ ۾ ملندي.“ اهو ٻڌي هڪ پٺاڻ اٿي کڙو ٿيو ۽ مولويءَ کي چيائين، ”پوءِ اهڙي جنت ۾ وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟“
سو آئون پنهنجن هم وطنن کي هميشه چوندو آهيان ته ٻاهر جي دنيا ۾ نڪرڻ تي هر وقت رڳو پنهنجن سان گڏ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ پاڪستاني جهاز تي ته نوڪري دوران مجبوري هئي، جو ان تي سڀ هم وطني هئا. ماڻهو ڪيڏانهن وڃي، چوڌراي سمنڊ ئي سمنڊ هوندو هو. ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن نوڪري دوران پڻ پنهنجن ملڪي ماڻهن کي اهو ئي چوندو رهيس ته ڪجھه ڌارين سان به ملو ۽ انهن سان گڏ هلو. سئيڊن ۾ به پنهنجن کي اهو ئي چوندو هئس ته سٺو موقعو آهي، دنيا جي ٻين ملڪن جي شاگردن سان گڏ هلو گھمو، پر اسان جا يار هر وقت پنهنجو ٽولو ٺاهي مانيءَ تي به گڏ هلندا ته يونيورسٽي پهچڻ لاءِ به گڏ بس ۾ چڙهندا هئا. آئون چوندو هوس ته پاڻ ته هُونءَ ئي هڪ ٻئي جا سڃاڻو آهيون، ڪجھه ڌارين ملڪن جي شاگردن کان به ته خبر چار لهجي، پر ڪو به منهنجي ڳالهه نه مڃيندو هو. چڱو جو آئون ڌارين سان به خبرون چارون ڪندو رهيس ۽ مون کي لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي مزيدار ڳالهيون ملنديون رهيون، جن سان مون چار پنج ڪتاب لکي ورتا: ’اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا‘، ’ملير کان مالمو‘، ’جت برف پوي ٿي جام‘، ’ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن‘ ۽ ’يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون‘....
بهرحال موڪلون گذارڻ لاءِ فارم مليو. اسان جي ملڪ جي جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن رٿيل پروگرام موجب هيلسنڪي (فنلئنڊ) لکيو، پر مون باتومي (جارجيا) لکيو. مون کي پڪ هئي ته گوڙ ته وڏو ٿيندو پر ٻئي ڏينهن صبح وارا پيرڊ اٽينڊ ڪرڻ بدران آئون يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين ۾ وڃي ويٺس. رسيس ٽائيم ۾ جيئن ئي ڊڪار (سينيگال) جي حبشڻ پورٽ ڊئريڪٽر ايمي ڪئنٽين ۾ دخل ٿي ته مون تي نظر پوڻ تي ڪافيءَ جو ڪوپ کڻڻ ڇڏي، سڌي مون وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي، ”مسٽر الطاف ڇا ڳالهه آهي؟ اڄ تنهنجو هر هڪ پاڪستاني پڇي رهيو آهي.“ ايمي جيتوڻيڪ پورٽ ائڊمن ۾ ماسٽرس ڪري رهي هئي، پر گڏيل ڪلاسن ۾ هن جي سيٽ منهنجي ڀرسان رهي ٿي، سو ظاهر آهي منهنجا ساٿي منهنجي غير حاضر هجڻ جو سبب هن کان پڇندا رهيا. آئون ايميءَ کان موڪلائي ٻاهر نڪتس ته منهنجا پنج ئي هم وطني بڪ اسٽال وٽ ملي ويا ۽ سڀ ورائي ويا ته هيءُ ڪهڙو مذاق آهي- آخر باتومي (Batumi) ڇو؟ باتومي بندرگاهه کان ته هيلسنڪي بندرگاهه بهتر آهي.
”بس منهنجي مرضي! مون لاءِ موڪلون گذارڻ لاءِ باتومي شهر بهتر آهي.“ ٽهڪ ڏيندي چيومان.
”ان کان ته اوڊيسا وڃين ها ته اسان اهو چئون ها ته ڪنهن واقفڪار پوڙهيءَ سان ملڻ ٿو وڃين، جو اوڊيسا پنهنجي جهازران ڪمپني جا جهاز اڪثر ويندا رهيا ٿي.“ هڪ چيو.
بلڪل صحيح. اوڊيسا توڙي باتومي بحرِ اسود (Black Sea) جا بندرگاهه آهن. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن مون سامونڊي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي هئي ته اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا جهاز ڪراچي توڙي دوحا دبئي جهڙن عرب ملڪن لاءِ روس مان سامان کڻڻ لاءِ هن بندرگاهه اوڊيسا ڏي ويندا هئا، جنهن جو احوال مون پنهنجي پهرئين سفرنامي ’منهنجو ساگر منهنجو ساحل‘ ۾ ڪيو آهي. اوڊيسا روس جو نه پر يوڪرين (Ukraine) ملڪ جو بندرگاهه آهي، پر انهن ڏينهن ۾ يوڪرين، جارجيا، تاجڪستان جهڙا ملڪ روس جي قبضي ۾ هئا ۽ روس USSR (يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ) سڏيو ويو ٿي. 1991ع ۾ هي USSR ٽُٽو ۽ هر ملڪ آزاد ٿيو آهي. اوڊيسا بندرگاهه لاءِ اسان کي سئيز ڪئنال يا ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ڀونچ (ميڊيٽرينن سمنڊ) ۾ داخل ٿي پوءِ ترڪيءَ جو باسفورس ڳچي سمنڊ مان گذري بحر اسود ۾ داخل ٿيڻو پيو ٿي. ٻين لفظن ۾ استنبول شهر جي وچ مان جيڪو اهو باسفورس نالي ويڪرو ڪئنال وهي ٿو، ان مان هر جهاز کي گذري بحرِ اسود ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو. يوڪرين ملڪ روس بعد يورپ جو وڏو ملڪ آهي، جنهن جو اوڊيسا واحد وڏو بندرگاهه آهي. اهڙي طرح جارجيا ملڪ جو بندرگاهه باتومي آهي. ترڪي جيڪڏهن چاهي ته انهن ملڪن جي جهازن جي باسفورس مان اچ وڃ بند ڪري ڇڏي. اسان کي به هر ڀيري بحرِ اسود ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ترڪيءَ وارن کان باسفورس مان لنگھڻ جي اجازت وٺڻي پوي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته جهازن جي ايتري رش رهي ٿي جو اسان جي جهاز واري لاءِ ٻه ٻه ڏينهن باسفورس جي منهن وٽ انتظار ڪرڻو پيو ٿي.
هُونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوڊيسا بحرِ اسود (Black Sea) جو خوبصورت بندرگاهه آهي ۽ انگريزيءَ ۾ هن کي Pearl of the Black Sea ’ڪاري سمنڊ جو موتي‘ سڏيو وڃي ٿو. ويهين صديءَ جي مشهور روسي شاعره ’ائنا اختموو‘ هتي ڄائي هئي. هڪ ٻيو مشهور روسي شاعر ۽ ناولسٽ ’اليگزينڊر پشڪن‘ جنهن جا ڪجھه ناول اسان ڪاليج وارن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان پڙهيا، جهڙوڪ:
• The Captains Daughter
• The Queen of Spades
هُو ڄائو ته روس جي شهر ماسڪو ۾ هو پر پوءِ حڪومت خلاف سندس هڪ شعر Ode to Liberty تي ملڪ جو بادشاه (زار) اليگزينڊر اول ناراض ٿي پيو ۽ هن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. پشڪن اھو عرصو هن بندرگاهه واري شهر اوڊيسا ۾ گذاريو. اوڊيسا جي هڪ چونڪ تي پشڪن جو ڌاتوءَ مان ٺهيل Bust (جسم جي مٿين حصي جو مجسمو) پڻ رکيل آهي.
سڀ کان وڌيڪ مشهور شخصيت، جنهن ڪري اڄ ڪلهه اوڊيسا مشهور آهي، اها آهي وئليريا ڇوڪري (Valeria Luckanava) جيڪا 1985ع ۾ هن شهر اوڊيسا ۾ ڄائي ۽ هتي ئي رهي ٿي. اها ڪمال جي ڳالهه آهي ته دنيا جي مشهور گُڏي باربي ڊال (Barbie Doll) جي شڪل هوبهو هن ڇوڪريءَ سان ملي ٿي، جنهن سان ملڻ ۽ هن سان فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ هر وقت رش رهندي آهي. سو اوڊيسا ۾ موڪلون گذارڻ ۾ ڪا خرابي ڪانهي. ٻيو نه ته باربي ڊال جهڙي يوڪريني ماڊل سان ۽ ننڍپڻ جي دلپسند ناول نگار اليگزينڊر پشڪن جي مجسمي سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ سهي ۽ پراڻيون يادون تازيون ڪرڻ ۾ ڪا برائي ناهي، پر اوڊيسا ۾ مون لاءِ ڪا خوبصورت ياد هجڻ بدران بدصورت ياد ئي آهي.

ڪوهه قاف جبل ڪٿي آهي؟

انهن ڏينهن ۾ هي بندرگاهه اوڊيسا، روس جو ئي حصو هو ۽ اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري اديبن وٽ (سنڌي توڙي اردو اديبن وٽ) روس جي وڏي لئي ويٺل هئي ته هُو وڏو امير ۽ طاقتور ملڪ آهي. اهو آمريڪا وانگر راڪيٽ (اسپوٽنڪ) پيو ڇڏي، دنيا جي شاگردن کي اسڪالرون پيو ڏئي، آفريڪي ۽ ايشيائي غريب ملڪن جي مالي ۽ ٽيڪنيڪل مدد پيو ڪري. ظاهر آهي ته مالدار ملڪ آهي تڏهن ته ٻين جي پئسي ڏوڪڙن ۾ مدد ٿو ڪري ۽ سندس معاشي نظام اهڙو سٺو آهي جو روس ۾ ڪو غريب نه آهي... ڪا بُرائي ناھي... هر هڪ کي برابر جو ملي ٿو. اسان وٽ اديب پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائيندي فخر محسوس ڪندا هئا. اسان جو جهاز جڏهن پهريون دفعو روسي يعني هن بندرگاهه اوڊيسا جي جيٽيءَ تي لڳو ته منهنجو دماغ روس جي انهن اعليٰ قدرن، امن امان، سخاوت ۽ اميريءَ جي ڳالهين سان ڀريل هو، پر پهرين رات ئي بندرگاهه مان نڪرڻ سان جڏهن هتي جي روسي رنڊين کنڊين کي اسان جهاز جي Sailors کي چهٽندي ڏٺو، خوش پوشاڪ ماڻهن کي اسان کان مهانگي اگھه تي يعني بليڪ ۾ ڊالر خريد ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندي ڏٺو، جن لاءِ خبر پئي ته هتي جا ماڻهو هتي رهڻ بدران يورپ جي انهن ملڪن ڏانهن لڏي وڃڻ چاهين ٿا، جتي Capitalism آهي ۽ ٻاهر جي ملڪن ۾ روسي ڪرنسي روبل کي ڪو پڇي به ڪونه ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ڏسڻن وائسڻن کي جهاز جي خلاصين کان سندن پراڻا ڪپڙا، ڪوٽ، بوٽ ۽ جورابن تائين خريد ڪندي ڏٺو، ته مون کي حيرت ٿي ته روس جي اصليت ته ڪجھه ٻي آهي. آئون اهي سڀ ڳالهيون دستور موجب عبرت اخبار ۾ ڇپجڻ لاءِ لکي موڪليندو رهيس. مون ته نيڪ نيتيءَ سان جيڪي ڪجھه جنهن بندرگاهه تي ڏٺو ٿي لکيم ٿي، پر پوءِ ٽن چئن مهينن بعد، سفر مڪمل ڪري ڪراچي پهتس ته مون کي ته وڏا وڏا سنڌي توڙي اڙدو جا ڪميونسٽ اديب ورائي ويا ته هي مون ڇا لکيو آهي؟ هُو ان کي ڪوڙ پيا سمجھن، پوءِ جڏهن مون بار بار چيو ته اها حقيقت آهي ته پوءِ ڪنهن اهو به چيو ته، ”سائين ڀلي کڻي حقيقت به هجي پر تڏهن به مصلحت کان به ڪم وٺڻ کپي.“ بهرحال منهنجي اهڙي ته وٺ وٺان ڪيائون ۽ هيسائي رکيائون جو ڪراچيءَ ۾ هجڻ دوران مون جهاز تي ئي رهڻ ۾ عافيت سمجھي.
پوءِ گھڻا گھڻا سال گذرڻ بعد جڏهن اسان جي ماڻهن تي روس جي حقيقت کُلي ۽ ڏسڻا وائسڻا پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائيندي شرم محسوس ڪرڻ لڳا ته پوءِ مون کي واهه واهه ڪرڻ لڳا ته تو حقيقت تي ٻڌل احوال لکيو هو، پر في الحال شروع وارا سال پنهنجن سينئر اديبن جا دڙڪا کائي دل ئي دل ۾ توبهه ڪندو رهيس ته اجايو اسان جو اهو جهاز (سندربنس) اوڊيسا ويو ۽ مون کي لکڻ جهڙي شوق کان بد دل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هاڻ منهنجا هم وطن ڪلاس ميٽ جهازران منهنجي وٺ پڪڙ ڪري رهيا هئا ته اتي باقي رهيل ڪئپٽن عاشق به اچي نڪتو. تنهن کي به حيرت ٿي ته جڏهن ٻيا سڀ پاڪستاني جهازران فنلئنڊ پيا وڃن ته مون جارجيا جو رخ ڇو رکيو آهي.
”بابا، چيف صاحب شاعر ماڻهو آهي، هُو ڪوهه قاف جون پريون ڏسڻ ٿو چاهي.“ ڪئپٽن عاشق چيو.
آئون مرڪندو رهيس، جواب ۾، ”بلڪل صحيح، بلڪل صحيح“ چوندو رهيس. هُونءَ به جتي مون وڃڻ ٿي چاهيو يعني جارجيا، ڪوهه قاف جبلن جو ته علائقو آهي، جتي جي خيالي جنن، ڀوتن ۽ پرين جون ڳالهيون اسان سڀ ننڍي هوندي کان ٻڌي ٻڌي وڏا ٿيا آهيون. بهرحال هتي جي جابلو علائقن ۾ پَريون هجن يا نه، پر هتان جون عورتون به ته پرين کان گھٽ ناهن. پڙهندڙن لاءِ اهو لکڻ ضروري آهي ته جارجيا، جنهن کي پاڙي وارن ملڪن آرمينيا، آذربائيجان، ترڪي، ايران ۽ عراق جا فارسي، ترڪي ۽ عربي ڳالهائڻ وارا گرجستان ۽ جرجيا ٿا سڏين. اهو ڪوهه قاف جبل وارو ملڪ ۽ اھي جبل ڪٿي آهن؟
پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ايران آهي. اسان خشڪي رستي ڪوئيٽا کان ايران جي شهر زاهدان ۾ داخل ٿيون ٿا ۽ ايران جي ٻئي ڇيڙي جي اتراهين شهر تبريز وٽان بارڊر ٽپي ترڪيءَ ۾ داخل ٿيون ٿا. ترڪيءَ جي اتر ۾ بحرِ اسود Black Sea آهي، جيئن ايران جي اتر ۾ ڪئسپين سمنڊ آهي. ڪارو سمنڊ (بحر اسود) 437000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪئسپين سمنڊ، جنهن کي عرب بحر قضوين ۽ فارسي ڳالهائڻ وارا درياههِ خزر ۽ درياهه ڪاپسي سڏين ٿا، پکيڙ ۾ 371000 چورس ڪلوميٽر آهي.
ڪئسپين سمنڊ ۽ بحر اسود جي وچ وارو علائقو قفقاز (Caucasus) سڏجي ٿو، جنهن ۾ جارجيا (گرجستان) کان سواءِ آرمينيا ۽ ڪجھه حصا روس، ترڪي ۽ آذربائيجان اچي وڃن ٿا. جارجيا بحرِ اسود جي ڪناري تي آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ايشيا ۽ يورپ جو بارڊر ٺاهي ٿو. هن جي ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ ايشيائي ملڪ آهن ۽ کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ يورپ جي موسم ۽ علائقو آهي. جارجيا ڪو وڏو ملڪ ناهي، اسان جي سنڌ صوبي جي اڌ جيڏو چئي سگھجي ٿو، جو سنڌ صوبي جي پکيڙ 141000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ جارجيا جي 70000 چورس ڪلوميٽر، پر جارجيا جو سونهن ۽ جاگرافيائي لوڪيشن جو جواب ناهي. شايد اھوئي سبب آھي جو صدين کان مختلف طاقتور سلطنتون ان تي حملا ڪري قبضو ڪنديون رهيون آهن. ويندي منگولن ۽ سلطنت عثمانيه (ترڪن) به نه ڇڏيو. ترڪن کان ايرانين کسيو. 1917ع ۾ روسي انقلاب بعد جارجيا خودمختيار ريپبلڪ ٿي اڀري، جنهن جي سلامتي جو ذمو جرمنيءَ کنيو ٿي، پر پهرين جنگِ عظيم ۾ روس جارجيا تي حملو ڪري هن کي سوويت يونين ۾ ملايو. 1991ع ۾ USSR جي ٽٽڻ بعد ھاڻ جارجيا هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. تبلسي جارجيا جي گاديءَ جو شهر آهي، جيڪو 1936ع کان اڳ تفليس سڏيو ويو ٿي.
جارجيا جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ هڪ ٻئي جي سڌائيءَ ۾ جبلن جون قطارون آهن، جيڪي اولهه کان يعني بحرِ اسود کان شروع ٿي اوڀر طرف ڪئسپين سمنڊ تائين وڃن ٿيون. هنن جي ڊيگھه 1200 ڪلوميٽر کن آهي ۽ ويڪر 160 ڪلوميٽر. اتر ۽ ڏکڻ جبلن جي قطارن ۾ 100 کن ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. هي جبل يورپي ٻولين ۾ ته Caucasus سڏجن ٿا پر اسان وٽ عربي، فارسي، ويندي سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ قفقاز، ڪاڪيشن ۽ ڪوهه قاف جبل سڏجن ٿا. جبلن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل رهن ٿيون، جن جي ڳرڻ سان ڪيتريون ئي نديون ڦٽن ٿيون ۽ جارجيا کي سرسبز ڪن ٿيون. هنن جبلن، ڪوهه قاف جبلن سان سچين، ڪوڙين ۽ من گھڙت ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن جو مختلف ملڪن جي ادب ۾ ڪاٿو ئي ڪونه آهي. هتي جي موسم نه اسان جهڙن ملڪن جهڙي گرم آهي ۽ نه ناروي، سئيڊن جهڙن ملڪن جهڙي سخت سرد. هتي جا ماڻهو ڳاڙهي ۽ اڇي چمڙيءَ جا آهن، جن کي توهان يورپي به چئي سگھو ٿا ته ايشين به. هُونءَ به جارجيا (گرجستان) يورپ ۽ ايشيا کنڊ جي سنگم تي آهي. هنن جي پنهنجي جارجيائي يعني گُرجي ٻولي آهي، جنهن جي لکڻي سمجھو ته تامل، سنهالي ۽ برميءَ جيان آهي. گرجي کان سواءِ روسي، آرميني ۽ آذري ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون، جو ظاهر آهي اهي ملڪ جارجيا جي پاڙي جا آهن. جارجيا جو سڀ کان مٿاهون هنڌ مائونٽ شِڪارا آهي. ندين لاءِ لکي چڪو آهيان ته ڪيتريون ئي آهن، پر سڀ ۾ وڏيون ڪورا (Kura) ۽ ريوني (Rioni) آهن. هن پاسي نديءَ کي درياهه ئي سڏين ٿا، جيڪو فارسي لفظ ته آهي پر هن پاسي جي ٻين ٻولين ۾ به اهو لفظ آهي. جيئن ڪارا لفظ نه فقط اسان وٽ Black آهي، پر هن پاسي به اهو ئي لفظ استعمال ٿئي ٿو. جارجيا جي گاديءَ جو شھر تبليسي (Tbilisi) ڪورا درياهه جي ڪناري تي آهي، جيئن هالا پراڻا يا ڄامشورو سنڌوءَ جي ڪناري تي آهن. بندرگاهن ۾ ڏٺو وڃي ته باتومي (جتي مون وڃڻ ٿي چاهيو) کان سواءِ پوٽي ڪليو ۽ سپسا بندرگاھ پڻ جارجيا ۾ آهن. هُونءَ هتي اهو به لکندو هلان، جيڪو هن وقت ڌيان ۾اچي ويو آهي ته ھي ’جارجيا‘ ڪوهه قاف جبلن واري ملڪ جو نالو آهي ۽ هڪ جارجيا آمريڪا جي رياست پڻ آهي، جنهن جي بندرگاهه سوانا ۾ اسان کي اڪثر جهاز وٺي وڃڻو پيو ٿي ۽ اتي جي سفرنامن ۾ مون ان جارجيا جو ذڪر ڪيو آهي.

باتومي، جوارين جي جنت آهي

ان وقت سئيڊن جي شهر مالمو ۾ جهاز وارن جي اعليٰ تعليم لاءِ ٺهيل يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسان پاڪستان جي جهازن جا ڇهه چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن، ايندڙ هفتي کان شروع ٿيندڙ 15 ڏينهن جي سمر وئڪيشن ۾ ڪنهن شهر ڏي گھمڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا هئاسين. ان لاءِ مون کان سواءِ ٻين سڀني يڪراءِ هيلنسڪي (Finland) ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. منهنجي جارجيا بندرگاهه باتومي روانو ٿيڻ تي سڀني کي نه فقط حيرت هئي، پر هورا کورا پڻ، جو ڪوپن هيگن، اوسلو، ٽئلن، گڊانسڪ، ائنٽورپ، راٽرڊم ۽ امسٽرڊم جهڙا يورپ جا خوبصورت ۽ ويجھا شهر ڇڏي، آئون باتومي جهڙي شهر ۾ ڇو موڪلون گذارڻ وڃي رهيو هوس ۽ نه وري کين ٿي مون Convince ڪيو ته هو به مون سان گڏ باتومي هلن، پر اها ته کين خبر هوندي ۽ سمجھي ويا هوندا ته آئون ٽولي سان گڏ هلڻ بدران اڪيلو اڪيلو رهڻ ۾ بهتري سمجھان ٿو. سو هنن کي ان جي وڌيڪ ڳڻتي نه هئي، پر جارجيا جهڙي ملڪ روانو ٿيڻ جو فڪر ضرور هو، جيڪو پاڙي وارن يورپي ملڪن کان ننڍو ۽ گھٽ مشهور رهيو آهي.
”توهان مون کي ڇڏي ڏيو،“ مون کين کلندي چيو، ”توهان هاڻ ٽولو ٺاهي وڃي، هيلسنڪي جي رستن تي گھمجو. ايئن نه ٿئي ته فنلئنڊ ڏسڻ بدران اتي به ويٺا مون بابت بحث ڪريو.“
اسان جي گروپ ۾ موجود مون وانگر سنڌ جي هڪ چيف انجنيئر عبدالحميد قاضيءَ چيو ته، ”سائين اسان کي رڳو اهو فڪر آهي ته ڪنهن بهتر هنڌ تي وڃو. هي ائين آهي جيئن ڪو ايشيا جو ڪو ملڪ گھمڻ لاءِ جپان، ڪوريا، ملائيشيا، ايران ڇڏي پاڪستان وڃي ۽ سو به ٽنڊو ٺوڙهو ۾!“
سڀ کلڻ لڳا. وراڻيومان، ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ٽنڊو ٺوڙهو يا ٽنڊو سومرو يا ٽنڊو قيصر وڌيڪ اهميت رکي ٿو.“
رسيس جو ٽائيم ختم ٿي ويو هو. سڀ باقي ليڪچر اٽينڊ ڪرڻ اٿي کڙا ٿياسين. ڪئپٽن سليم اختر چيو ته، ”لڳي ٿو جارجيا ۾ الطاف جا مائٽ يا ڳوٺائي رهندا هجن.“
مون ساڻس تاڙي وڄائيندي چيو، ”سچ ٿو چوين. نه رڳو منهنجا پر سائين حميد قاضي صاحب جا به!“
”اڙي اهو وري ڪيئن؟“ چيف انجنيئر حميد قاضي وائڙو ٿي ويو. مون ڏٺو ته معلوم ڪرڻ لاءِ هُو سخت آنڌمانڌ محسوس ڪرڻ لڳو پر ڪجھه پڇڻ کان اڳ اسان يونيورسٽيءَ جي سينٽرل ليڪچر هال ۾ داخل ٿي چڪا هئاسين ۽ پروفيسر ڪئپٽن ڊئوڊ سن ’ميري ٽائيم لا‘ تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
اهو ٻڌائڻ رهجي ويو ته مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جي ڪلاس ميٽ ۽ هاڻ هتي سئيڊن ۾ مون سان گڏ تعليم وٺندڙ، چيف انجنيئر احمد ڪمال علوي لڳاتار مرڪندو رهيو.
”ڇو خير ته آهي؟“ پڇيومانس، ”تون وري ڇا پيو سوچين؟“
”آئون اهو پيو سوچيان ته جيستائين مون سان گڏ چٽگانگ ۾ هئين ۽ ان بعد جيستائين مون سان گڏ جهاز پئي هلايئي، تيستائين ته تو ۾ جوا جي عادت نه هئي. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اتي جي ملئي ۽ چيني ماڻهن توکي جواري ته ڪونهي بڻائي ڇڏيو؟“
”ڇا مطلب؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”باتومي وڃڻ ٿو چاهين ان ڪري ٿو سوچيان.“ احمد ڪمال علوي چيو.
مون کان کِل نڪري وئي. ”مولانا صاحب وڏي معلومات رکين ٿو.“ چيومانس.
دراصل ڳالهه ته هن صحيح ڪئي... اها نه ته ڪو آئون جواري ٿي پيو آهيان. واقعي جوا به نشي وانگر آهي. مون ڏٺو آهي ته جن کي جوا جي عادت ٿئي ٿي، اهي جوا بنا رهي نٿا سگھن. کيسي ۾ پئسو نه هوندن ته به قرض کڻي به جوا کيڏندا- ڀلي جَوءِ جا ڳهه وڪڻڻا ڇو نه پون... پر هتي چيف انجنيئر علويءَ جي ان ڳالهه کي صحيح ٿو چوان ته بحرِ اسود (سمنڊ) جو ڪناري وارو هي جارجيا جو بندرگاهه باتومي واقعي جوا جو وڏو آهي. جوا جي ڪري باتومي ايڏو مشهور آهي، جيڏو آمريڪا (USA) جو شهر لاس ويگاس- جنهن شهر جي ڪيترين ئي هوٽلن جي ٽوائليٽن ۾ به جوا جون مشينون لڳل آهن، جيئن قبضيءَ جا مريض جواري شوقين وقت ضايع ڪرڻ بدران پنهنجي شوق جو پورائو ڪندا رهن.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته باتومي شهر جي وڌڻ ويجھڻ ۽ خوشحال ٿيڻ جو راز، هن شهر جا جوا خانا آهن، جن جو هر سال تعداد وڌندو رهي ٿو ۽ باتوميءَ ۾ اڄ ڪلهه ٽوئرسٽن جي اچڻ جو وڏو سبب جوا جو شوق پورو ڪرڻ آهي. جوا خانا ته ترڪي، روس، آذربائيجان، آرمينيا وغيره ۾ به آهن، پر اتي جا ماڻهو پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ جي ماڻهن جي نظرن کان لڪي ڇپي هتي باتومي اچن ٿا. باتومي بندرگاهه جي جواخانن (Casinos) جا اشتهار ويندي سئيڊن جي اخبارن ۽ رسالن ۾ به اچن ٿا ته جيئن سئيڊن جا ماڻهو موڪلون ملهائڻ لاءِ جارجيا جي شهر باتوميءَ ۾ اچن. خاص جواخانن جا اشتهار ته ٽائيم ۽ نيوز ويڪ جهڙن رسالن ۾ به اچن ٿا، جهڙوڪ: Eclipse ڪئسينو، ڪئسينو انٽرنيشنل، ڪئسينو آئيويريا باتومي، ڪئسينو پيس ... وغيره
بي بي سيءَ جي هڪ خبر ۾ پڙهيو هوم ته باتوميءَ جون ڪيتريون ئي هوٽلون، جن ۾ جوا خانا آهن، اهي پنهنجي هوٽلن جي ٻاهران وڏي فخر سان ترڪيءَ جو جھنڊو ڦڙڪائين ٿيون، جو باتوميءَ ۾ ايندڙ جوا جي شوقينن ۾ 70 سيڪڙو ترڪ آهن، جيڪي اڪثر آمريڪن Roulette بلئڪ جئڪ، ڪئريبين پوڪر جهڙيون جوا جون رانديون کيڏن ٿا. ترڪيءَ سان جارجيا ڄڻ مليو پيو آهي ۽ ترڪ پنهنجي ملڪ کان جارجيا 20 منٽن ۾ پهچيو وڃن.
هُونءَ اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته صدين کان ترڪ حڪومتون هن ننڍڙي ملڪ (جارجيا) تي لڳاتار حملا ۽ قبضا ڪنديون رهيون ۽ جارجي ماڻهو ترڪن کي پنهنجي ملڪ مان ڀڄائڻ ۾ پورا رهيا ٿي. اڄ ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي، جو جارجيا وارا ترڪن کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ ڇا ڇا نه لالچون ۽ ڌتارا ڏين ٿا ته هو باتومي اچن، اچي اتي جي هوٽلن ۾ جوا کيڏن ۽ عياشي ڪن، جيئن ملڪ ۾ پئسو اچي. ترڪيءَ جي ماڻهن کي جارجيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نه ويزا جي ضرورت رکي وئي آهي ۽ نه پاسپورٽ آڻڻ جي. هُو فقط شناختي ڪارڊ پري کان ڏيکاري جارجيا جو بارڊر ٽپي سگھن ٿا. انگ اکرن موجب گذريل سال فقط باتوميءَ ۾ 8 لک ترڪ ٽوئرسٽ آيا هئا. باتومي بندرگاهه ۽ اوسي پاسي جي دڪاندارن، ٽئڪسين وارن ۽ رنڊين کنڊين جو چوڻ آهي ته جوا لاءِ ايندڙ ترڪن مان سندن وڏي ڪمائي ٿي رهي آهي ۽ چوڌاري خوشحاليءَ جو عالم آهي، پر بي بي سي جي رپورٽ مطابق بارڊر جي ٻئي پاسي ترڪن کي سخت شڪايت آهي، بقول هڪ ترڪ مزور جي ته، ”آئون جيڪي ڪمايان ٿو جوا ۾ ضايع ڪريان ٿو. جوا جو مون تي اهڙو ڀُوت سوار آهي جو هر ٻئي ڏينهن باتومي نٿو وڃان ته طبيعت خراب ٿيو پويم.“ بي بي سي وارا اهو به لکن ٿا ته ڪيترا ترڪ دڪاندار جوا جي ڪري قرضي ٿي ويا آهن ۽ هنن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. جارجيا جي بارڊر واري ترڪيءَ جي حصي وارين مسجدن ۾ اتي جا امام واعظ ۾ ماڻهن کي هر وقت اها تلقين ڪن ٿا ته جوا گناهه آهي ۽ جوا پليگ وانگر پکڙجي رهي آهي، جيڪا خاندانن کي تباهه ڪري رهي هئي ۽ زالن مڙسن جي وچ ۾ جھيڙا پيدا ڪري رهي آهي. جارجيا ۾ موجود ترڪي جي سفارتخانن مطابق ترڪ عورتن جا هر روز باتومي واري قونصل خاني ڏي فون اچن ٿا ته هنن جا مڙس غائب آهن. هنن کي ڳولڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي، پر باتومي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ته ڏوهن ۽ ڌاڙيلن کان مشهور هو ۽ هن پاسي اچڻ کان هر هڪ کي خوف ٿيو ٿي، اڄ ڪلهه ڏينهون ڏينهن لاس اينجلس ۽ مانٽي ڪارلو ٿيندو وڃي.

’مانٽي ڪارلو‘ ڪٿي آهي؟

لاس ويگاس يا ٺلهو ويگاس آمريڪا (USA) جي رياست نيواڊا (Nevada) جو شهر آهي. هيءَ رياست بلڪل اولهه ۾ ڪئليفورنيا رياست ڀرسان آهي، جنهن کي پئسفڪ سمنڊ ڇهي ٿو. جهڙي ريت اوڀر ۾ پينسلوانيا رياست نيو جرسي ڀرسان آهي، جنهن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇُهي ٿو. بهرحال آمريڪا جو هي شهر لاس ويگاس سالن کان دنيا ۾ جوا ۽ نائٽ لائيف يعني ناچ گاني، شراب ۽ شباب کان مشهور آهي. هن شهر جا عاشق هن کي ڪيترن ئي نالن سان نوازين ٿا، جيئن ته Sin City (گناهن جو شهر)، روشنين جو شهر، سِلور سٽي، دنيا جي جوارين جو شهر.... وغيره.
لاس ويگاس وڏن جوا خانن (Casino-Hotels) سان ڀريو پيو آهي. هن شهرجي پسمنظر ۾ ڪيترائي ناول، فلمون ۽ ميوزڪ وڊيو آهن. چون ٿا ته 1955ع ۾ هتي جوا لاءِ پهريون ڪئسينو هوٽل مولن روگ نالي کلي هئي. ان جي وڏي ڪمائي ڏسي پوءِ ته ڌڙاڌڙ هڪٻئي پويان جواخانا کلندا ويا ۽ اڄ دنيا ۾ سڀ کان گھڻا Casinos هن شهر لاس ويگاس ۾ آهن. ڪي ته ايڏا وڏا ۽ مشهور آهن، جن جا اشتهار ’ٽائيم‘ ۽ ’نيوز ويڪ‘ جهڙن رسالن ۾ به اچن ٿا، جيئن:
El_Cortez,
The Palms,
The Mirage
Aria
The Golden Nugget
وغيره. ۽ انهن ۾ دنيا جي مشهور جوائن جو بندوبست ٿيل آهي... جيئن بلئڪ جئڪ، روليٽ، Baccart، ڪينو، پوڪر Craps وغيره. ان کان سواءِ هر ڪمري ۽ ڪيترن ئي ڪمرن جي باٿ رومن ۾ جوا لاءِ لڳل سلاٽ مشينون آهن.
بهرحال لاس ويگاس کان ته اسان جا ڪيترائي ماڻهو واقف هئا، پر مونٽي ڪارلو (Monte Carlo) جو نالو ماڻهن تڏهن ٻڌو جڏهن اسان جي هڪ جج صاحب جي پٽ کي اسان جي ملڪ جي هڪ پراپرٽي ڊيلر ۽ ڊيولپر رشوت ۾ مانٽي ڪارلو ۾ ڪجھه ڏينهن عيش ڪرايو، جنهن تي هن جا ڪروڙها رپيا خرچ ٿيو. ماڻهن کي ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اهي خبرون پڙهي ڏندين آڱريون اچي ويون ته رشوت ۾ ڇا ته خرچ ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪهڙن ڪهڙن نيڪ ماڻهن جو اولاد ڇا ته عياشيءَ ۾ پئسو وڃائي ٿو.
سوال آهي ته اها جاءِ يا علائقو جيڪو جوا ۽ عياشيءَ کان دنيا ۾ مشهور آهي، جتي دنيا جا شاهي خاندان ۽ اميرن جا ٻار ۽ اسان جهڙن غريب ملڪن جي رشوتخور ڪامورن جا کريل ٻار عياشي لاءِ وڃن ٿا، اها جاءِ ڪٿي آهي؟
مونٽي ڪارلو، يورپ ۾ فرانس ۽ اٽليءَ ڀرسان هڪ بيحد ننڍڙي ملڪ ’موناڪو‘ جو سمجھو ته ضلعو بلڪ تعلقو آهي. ڇو ته ايراضي ۾ سڄو ملڪ فقط ٻه چورس ڪلوميٽر مس آهي يعني بائوديري ۽ باڊهه کان به ننڍو آهي. ان جي چئن وارڊن ۾ جيڪو وڏو وارڊ آهي اهو مانٽي ڪارلو آهي، جنهن جي آدمشماري ويهه هزار مس ٿيندي. سڄي ملڪ موناڪو جي آدمشماري 38000 آهي. موناڪو دنيا جو ٻيو نمبر ننڍو ملڪ آهي. ان کان ننڍو ’وئٽيڪان‘ آهي، پر آدمشماري ۽ سندس پکيڙ جو حساب لڳايو وڃي ته موناڪو دنيا جو ڳتيل ترين ملڪ آهي، ڇو جو هتي في ڪلوميٽر تي 19000 ماڻهو رهن ٿا. موناڪو جي ٽن پاسن کان فرانس آهي ۽ هڪ پاسي ڏکڻ ۾ ميڊيٽريينن سمنڊ آهي. موناڪو جو جيڪڏهن بارڊر وٺي هلو ته ساڍا پنج ڪلوميٽر خشڪي جا آهن ۽ چار ڪلوميٽر سامونڊي ڪنارو آهي. فرانس سان لڳو لڳ هجڻ ڪري هتي جا ماڻهو فرينچ ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ اها ئي هتي جي سرڪاري ٻولي آهي. ان کان سواءِ ڪجھه ماڻهو اٽلي جي هڪ dialect پڻ ڳالهائين ٿا، جيڪا موناڪو جي ويجھو اٽليءَ جي ڪناري تي ڳالهائي وڃي ٿي.
موناڪو ۾ حڪومت جو نظام Unitary Constitutional Monarchy سسٽم آهي ۽ اڄڪلهه ملڪ جو بادشاهه شهزادو البرٽ دوم آهي، جنهن جي هن وقت 63 سال عمر آهي. هو 2005ع کان ملڪ جو حاڪم آهي. موناڪو جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو ٽوئرزم ۽ جوا خانا آهن، جن سان موناڪو جو مانٽي ڪارلو وارو علائقو ڀريو پيو آهي. جتي دنيا جا شاهه، شهزادا، امير واپاري ۽ رشوت خور ڪامورا جيڪي بقول اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ مرحوم نور احمد نظاماڻيءَ جيSuffering from Surplus آھن، هتي اچن ٿا ۽ پنهنجا کيسا خالي ڪريو وڃن. مانٽي ڪارلو جي پسمنظر ۾ ڪيتريون ئي فلمون ۽ ناول وغيره پڻ آهن، جهڙوڪ، الفرڊ هچڪاڪ جي فلم To Catch a Thief جيڪا 1954ع ۾ ٺهي هئي، جنهن ۾ اداڪار ’ڪئري گرانٽ‘ ۽ ’گريس ڪيليءَ‘ ڪم ڪيو هو. 1960 ۾ جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ هئاسين ته هيءَ فلم حيدرآباد جي ’نيو ميجسٽڪ‘ سئنيما ۾ خوب هلي هئي. ان کي ڏسڻ وارا ’غلام نبي مغل‘، ’وليرام ولڀ‘، ’نعيم بروھي‘ ۽ ’پروفيسر قاضي خادم‘ جهڙا حيدرآباد ۾ توهان کي جام ملندا. ان کان سواءِ جيمس بانڊ جون ٻه فلمون: 1983ع جي Never Say Never Again ۽ 1995ع جي فلم Golden eye به مانٽي ڪارلو ۾ فلمايل آهي. هڪ ٻي فلم Once upon a Crime به هتي جي پسمنظر ۾ آهي.
انگريزي ادب جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته ’ايڊٿ وارٽن‘ جو ناول The House of Mirth به مونٽي ڪارلو ماحول ۾ لکيل آهي. سڀ کان مشهور ٽيليويزن سيريزThe Ghost who Saved the Bank at Monte Carlo آهي.
شام جو ڊنر بعد اسان واري چيف انجنير حميد قاضيءَ اچي مون کي پاسو ڏنو ته جارجيا ۾ ڪهڙا سنڌي رهن ٿا، جن کي ڳالهائيندو ٻڌي توکي خوشي ٿيندي.
ٻُڌايومانس ته، ”اسان جي سنڌين جا وڏا هتي جا هئا، جيڪي هتي جي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ هاڻي هنن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ هتي جي ٻولي گُرجي ٻڌڻ ٿو چاهيان ۽ هنن جو وطن گُرجستان گھمڻ ٿو چاهيان.“ پر مون ڏٺو ته اسان جي حميد قاضيءَ کي جيئن ته سنڌي ادب سان ايڏو شوق نه رهيو آھي، ان ڪري هُو منهنجي ڳالهه سمجھي نه سگھيو. سو نيٺ صاف صاف ٻڌايومانس ته، ”سائين! مرزا قليچ بيگ، جنهن سڀ کان گھڻا سنڌيءَ جا ڪتاب لکيا 400 کان به مٿي، ان جا وڏا هتي جا هئا. ان جو پيءُ مرزا فريدون بيگ (مرزا سڊني بيگ) ۽ نانو مرزا خسرو بيگ ننڍا هئا ته سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌي سکي ٻين سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳا، پر پنهنجو پاڻ ۾ جارجي (گرجي) ۽ فارسي پڻ ڳالهائيندا رهيا هئا. هُونءَ گرجستان جا اڄ به نوي سيڪڙو ماڻهو عيسائي آهن. هُو به عيسائي هئا، پر ايران ۾ رهڻ ڪري هُو مسلمان ٿيا، پر سندن اولاد مان ڪجھه عيسائي به رهيا.
ايئن به ناهي ته مرزا قليچ بيگ کي فقط سنڌي ڳالهائڻ وارا سڃاڻن ٿا. ٽنڊو ٺوڙهو جي گُرجي مرزائن ۾ ڪيترا مرچنٽ نيويءَ ۾ به آيا ۽ هنن جهاز به هلايا. انهن ۾ سڀ کان گھڻو مشهور ڪئپٽن سَني مرزا ٿي گذريو آهي. هُو پنهنجي مست ملنگ ۽ خوش مزاج طبيعت ڪري اسان سڀني جي دلپسند شخصيت رهيو آهي. پاڻ جيتوڻيڪ انجنيئر نه پر نيويگيٽر هو، پر قدرت طرفان هن کي اليڪٽرونڪ جي وڏي ڏات مليل هئي. هُو هر قسم جو جائرو ڪمپاس ٺيڪ ڪري ويندو هو. بعد ۾ ته هن جهاز تي Sail ڪرڻ بدران ڪراچيءَ ۾ رهي، پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي جهازن جا ڪمپاس ٺاهڻ لڳو.“
حميد قاضيءَ کي چيم ته، ”سڀاڻي ٻين ساٿين کي ڀلي ٻڌائجانءِ ته آئون پنهنجي ٻوليءَ جي عظيم ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ڪري هن جي وڏن جي ديس ۾ وڃان ٿو. هنن سنڌي ادب ته نه پڙهيو آهي، سو جيڪڏهن پڇنئي ته مرزا قليچ بيگ ڪهڙو؟ ته جواب ۾ ٻڌائجان ته پاڻ واري ڪئپٽن سنيءَ جو سڳو ڏاڏو.“ ياد رهي ته مرزا سني (اصل نالو مرزا ضامن بيگ) مرزا قليچ بيگ جي پُٽ مرزا نادر بيگ جو پٽ هو. هُو ڪجھه سال اڳ گذاري ويو.
مرزا قليچ بيگ جو هڪ ٻيو پوٽو، (اختر بيگ جو پٽ) مرزا اقبال بيگ به مرچنٽ نيويءَ ۾ هو. شروع جا سال ته هُو اسان جي ئي ڪمپني PNSC ۾ رهيو، بعد ۾ هن دبئي جي هڪ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري اختيار ڪئي. مرزا قليچ بيگ جي ڀائٽي امداد حسين جو پٽ مقبول به ڪجھه سال مرچنٽ نيويءَ ۾ رهڻ بعد حيدرآباد ۾ اچي بزنيس ڪيو. البت هاڻ سندس پٽ ڪئپٽن ذوالقرنين جهاز هلائي ٿو.
دراصل گذريل صفحن ۾ مون جڏهن رنجيت سنگھه جو احوال لکيو ته منهنجي ذهن ۾ آيو ته منهنجي پڙهندڙن جيڪڏهن پنجاب جي سک سلطنت بابت پڙهيو آهي ته هاڻ هنن لاءِ مرزا قليچ بيگ يعني ٽنڊي ٺوڙهي جي ’گُرجي مرزائن‘ جو سنڌ ۾ اچڻ جو دور سمجهه ۾ اچي ويندو. هي ٻه گرجي شهزادا ۽ امير انهن ڏينهن ۾ ڄاوا، انهن ڏينهن ۾ گرجستان ڇڏيائون، پوءِ شيراز مان سنڌ ان دور ۾ آيا، جڏهن پنجاب ۾ سک سلطنت يعني راجا رنجيت سنگھه ۽ سندس اولاد جي حڪومت هئي.
راجا رنجيت سنگهه پنجاب تي 38 سال حڪومت ڪئي- 1801ع کان 1839ع تائين. ان بعد ڏهه سال سندس اولاد انڌي منڊي حڪومت ڪئي 1849 تائين. رنجيت سنگھه جو ننڍو پٽ دُليپ سنگھه آخري حاڪم ٿيو، جنهن کي انگريزن تخت تان لاهي پنهنجي ملڪ ۾ ويهاري ڇڏيو ۽ پنجاب تي سندن قبضو ٿي ويو. ان کان اڳ 1843ع ۾ سنڌ انگريزن حوالي ٿي وئي هئي.
جارجيا جا نوجوان مرزا خسرو بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ، جيڪي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ اچي رهيا، جن جي اولاد سنڌي ادب جي وڏي خذمت ڪئي آهي، هُو ڪير هئا ۽ سنڌ ۾ ڪيئن آيا؟

مرزا خسرو بيگ جي سنڌ ڏي روانگي

جارجيا (گرجستان) بابت شروع ۾ ئي لکي چڪو آهيان، ته هي هڪ ننڍڙو پر بيحد خوبصورت ملڪ ڪوهه قاف جبلن جي وچ ۾ ايشيا ۽ يورپ کنڊ جي ميلاپ وٽ آهي. جارجيا هڪ ته ننڍڙو ملڪ آهي، ٻيو ته ان جو هڪ حاڪم ۽ پنهنجي مضبوط فوج نه هجڻ ڪري، هر وقت ڌارين جي حملن هيٺ رهيو آهي، جن هتي ننڍن نوابن، شهزادن تي آسانيءَ سان حملا ڪري، انهن جا علائقا پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿي ورتا... ڪڏهن منگولن، ترڪن ۽ عربن ٿي حملا ڪيا، ته ڪڏهن سلجوقن، ايرانين ۽ ٻين اوسي پاسي جي طاقتور قومن ۽ جنگجو حاڪمن هن ملڪ ۽ هتي جي ماڻهن تي جُلهيون ٿي ڪيون. صدين کان هن ملڪ جي اها تاريخ رهي آهي.
هيءَ ارڙهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ جي ڳالهه آهي، جڏهن ايران جو بادشاهه آغا محمد شاهه قجر هو. آغا محمد شاهه قجر ايران تي 1789ع کان 1797ع تائين حڪومت ڪئي ۽ ’قجر گھراڻي‘ جو بنياد رکيو، نه ته ان کان اڳ ايران تي ’افشار گھراڻي‘ جي حڪومت هئي، جنهن جو بنياد ’نادر شاهه‘ رکيو هو ۽ 1736ع کان 1747ع تائين حڪومت ڪئي، جنهن دوران هن دهليءَ تي به حملو ڪري وڏي تباهي مچائي هئي. ان بعد نادر شاهه جو ڀائٽيو عادل شاهه افشار بادشاهه ٿيو. بهرحال پاڻ آغا محمد شاهه قجر جي ڳالهه ڪنداسين، جنهن پنهنجي دورِ حڪومت ۾ جارجيا (گرجستان) جي شهزادي ’اسڪندر مرزا‘ جي علائقي تي حملو ڪيو. هي علائقو تبلسي ڏي ويندڙ رستي تي ’ڪرا درياهه‘ جي ڪناري وارو آهي. ڪرا درياهه لاءِ لکي چڪو آهيان ته هيءُ جارجيا جي وڏين ندين مان هڪ آهي، جنهن جي ڊيگھه 1515 ڪلوميٽر آهي، جيڪا ترڪيءَ جي ’ڪسرنڊنگي جبل‘ مان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪوهه قاف جبلن جي ننڍي قطار مان ٿيندي جارجيا بعد آذربائيجان اچي ٿي، جتان پوءِ ڪسئپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڇوڙ تائين تمام گھڻو وهڪرو هجڻ ڪري هن نديءَ جا 500 کن ڪلوميٽر اڄ به جهازرانيءَ لاءِ صحيح آهن، جيئن پورچوگالين ۽ انگريزن جي ڏينهن ۾ هنن جا ڪاٺ جا ٻيڙا، ڪوٽڙي ۽ سکر تائين اچي سگھيا ٿي.
فارسي لشڪر جي اچڻ جو ٻڌي مرزا اسڪندر جي علائقي جا ماڻهو پنهنجو علائقو ڇڏي ڀڄي ويا. مرزا اسڪندر کي ٻه پٽ هئا. وڏو همايون 9 سالن جو هو ۽ ننڍو خسرو 7 سالن جو. همايون سخت بيمار هو ۽ ٻين سان گڏ سفر ڪرڻ جي طاقت نه هئس ۽ ساڳئي وقت هن ڀاءُ بنا رهڻ به نٿي چاهيو، سو هنن ٻنهي ڀائرن کي محل جي باغ ۾ ٻن ٽن سپاهين سان ڪنهن اڏاوت ۾ لڪائي رکيو ويو. هن جنگ ۾ ظاهر آهي ته ايراني کٽي ويا ۽ ٻارن جو پيءُ به قتل ٿي ويو. ايرانين جي سوڀ بعد جڏهن ايراني لشڪر جو ’جرنيل علي مراد خان‘ پنهنجي ڪئمپ ڏي موٽي رهيو هو ته رستي تي هُو محل ۾ داخل ٿيو، جتي هن کي هي ٻه ٻار نظر آيا، جن کي هُو پنهنجي فوج جي وڏي ڪمانڊر محمد ابراهيم خان جي ڪئمپ ۾ وٺي آيو. همايون سخت بخار ڪري ٽئين ڏينهن گذاري ويو، باقي ننڍي خسرو کي هُو پاڻ سان تهران وٺي آيو ۽ اچي پنهنجي زال جي حوالي ڪيو ته هن جو سندس سڳي پٽ محمد خان وانگر نيپاج ڪيو وڃي.
خسرو، فقط جارجي ٻولي ڳالهائي ٿي، سو ڪمانڊر ابراهيم خان هن لاءِ هڪ مولوي رکيو ته هن کي فارسي ۽ عربي سيکاري. هي سال 1896ع هو. خسرو هن گھر ۾ ڪجھه سال رهيو. ڪمانڊر ابراهيم جي وفات بعد خسرو کي ابراهيم جي هڪ مائٽ ڏي شيراز موڪليو ويو، جيئن خسرو اتي جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري سگھي. 1897ع ۾ آغا محمد شاهه قجر به گذاري ويو، بلڪ هن جو ڀائٽيو فتح علي شاهه قجر پنهنجي چاچي کي قتل ڪري پاڻ ايران جو حاڪم ٿيو، جو آغا محمد شاهه قجر کي ڪو اولاد نه هو.
هتي ٻه اکر آغا محمد شاهه قجر بابت لکندو هلان ته هُو تاريخ ۾ مشهور کدڙو بادشاهه ٿي رهيو آهي، جنهن کي ننڍي هوندي ايران جي بادشاهه عادل شاهه افشار (نادر شاهه جي ڀائٽي) کَسي(Castrated) ڪرايو هو. ان ڪري هن کي اولاد نه هو. هيءَ ڪا نرالي ڳالهه نه آهي. تاريخ ۾ اهڙا ڪئين کدڙا اهم ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن مان هڪ چيني مسلمان ’زهينگ هِي‘ (اصل نالو Ma He) بابت ته لکي چڪو آهيان ته هُو قابل جهازران، Explorer، ڊپلومئٽ، چين جي درٻار جو اهم ماڻهو ۽ ائڊمرل ٿي گذريو آهي، جنهن وڏن ٻيڙن (Fleet) جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڪيترائي سال ايشيا ۽ آفريڪا جا سفر ڪيا. هر دفعي هن جو ملاڪا مان لنگھه ٿيو ٿي. ان ڪري ملاڪا- جتي مون ڏهه سال کن نوڪري ڪئي، ائڊمرل ’زهينگ هِي‘ جو مجسمو آهي. زهينگ هي 1371ع ۾ ڄائو هو ۽ 1433ع ۾ وفات ڪيائين.
اهڙي طرح سورهين صديءَ جو اسپين جو کدڙو خودار پاشا ٿي گذريو آهي، جيڪو موراڪو جي سلطان وٽ نوڪري ڪندي، پاشا جي عهدي تي پهتو ۽ آرميءَ جو ڪمانڊر ٿيڻ تي موراڪو جي فوج سان سونگھائي (Songhai) سلطنت تي حملو ڪيو، جيڪا ان وقت آفريڪا جي طاقتور سلطنت سمجھي وئي ٿي.
پاڻ گُرجي نينگر خسرو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، ته هُو جارجيا (گرجستان) جي شهر تفلس (تبليسي) کان تهران آيو، جتان پوءِ شيراز ۾ رهايو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ تي ميرن جي حڪومت هئي، جن جا ايران وارن سان سٺا لاڳاپا هئا. 1797ع ۾ آغا محمد شاهه جي قتل بعد هن جو ڀائٽيو فتح علي شاهه قجر تخت تي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ مان ميرن طرفان سيد محمد اسماعيل شاهه شيراز ۾ شاهه فتح علي قجر وٽ هن جي چاچي جي عذرخواهيءَ لاءِ آيو، جتي اهو فيصلو ٿيو ته خسرو کي ميرڪرم علي خان ٽالپر ڏي موڪليو وڃي، جنهن کي پنهنجو اولاد ناهي ۽ ساڳئي وقت خسرو هڪ اعليٰ خاندان جو ٻار آهي.
1805ع ۾ خسرو، جيڪو ان وقت 17 سالن جو هو، سيد محمد اسماعيل شاهه سان گڏ شيراز مان حيدرآباد سنڌ لاءِ روانو ٿيو. خسرو جي رواني ٿيڻ مهل چون ٿا ته پالڻ واري فئمليءَ کي هن جي وڇوڙي جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ايڏو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا، جو هنن جو آواز گھر کان ٻاهر به ٻڌڻ ۾ آيو پئي. خسرو پاڻ به آبديده ٿي ويو ۽ هن کي ايران ڇڏيندي ڏک ٿي رهيو هو. هن کي جارجيا وارا ننڍپڻ جا ست سال ته ايڏو ياد نه رهيا، ياد هجن يا نه پر ان بعد ڏهه سال کن، جيڪي هن تهران ۽ شيراز ۾ گذاريا ۽ دوست ٺاهيا ۽ نپائڻ وارن جو پيار ڏٺو، ان جو هڪ هڪ ڏينهن هن کي ياد اچي رهيو هو. پوڙهي وزير ڳوڙها ڳاڙيندي خسرو کي سمجهايو ته هُو پاڻ به هن کان جدا ٿيڻ نٿا چاهين، پر هن جي قسمت ۾ اها جدائي لکيل لڳي ٿي. ملڪ جو حاڪم شاه فتح علي قجر به اهو چاهي ٿو. ٻي ڳالهه ته جنهن وٽ مير ڪرم علي ٽالپر وٽ تون رهڻ لاءِ وڃي رهيو آهين، اهو سنڌ ملڪ جو حاڪم آهي ۽ توکي پنهنجو ٻچو سمجھي خيال رکندو. هن کي ڪو اولاد ناهي ۽ هن ڪنهن ٻار کي پالڻ جي ڪيترن سالن کان خواهش پئي ڏيکاري ۽ اسان جي شاهه فتح علي شاهه هن سان واعدو ڪيو هو ته هُو هن لائق اهڙو ٻار ڳولهي ضرور موڪليندو.
ايران جي حاڪم شاهه فتح عليءَ، خسرو سان گڏ سنڌ کان آيل ميرن جي ايلچي سيد محمد اسماعيل شاهه هٿان سنڌ جي حاڪمن (ميرن) لاءِ ڪيترائي تحفا موڪليا. ايران جي جنهن جنهن شهر مان خسرو جو قافلو گذريو ٿي، اتي جا ماڻهو خسرو کي خدا حافظ چوڻ لاءِ نڪري آيا ٿي ۽ رات جي وقت جتان لنگھيو ٿي، اتي سڄي شهر ۽ رستن تي فانوس ٻاري روشن ڪيو ويو ٿي. اهڙي طرح 17 سالن جو خسرو 1805ع ۾سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. مير ڪرم علي ٽالپر بيحد خوش ٿيو، جڏهن هن خسرو کي ڏٺو. هن وڌي هن جو ۽ سيد محمد علي شاهه جو آڌرڀاءُ ڪيو.

ميرن جي حڪومت، جارجيا جا مرزا

هڪ ڳالهه جيڪا پڙهندڙن لاءِ مونجھاري جو سبب بڻجندي هجي ۽ آئون پاڻ به ان بابت ڀليل رهيس ٿي. اها هيءَ ته جتي ڪٿي اهو چيو ويو ٿي يعني جيڪي مون مرزا قليچ بيگ جي فئمليءَ جي ماڻهن جا ڪتاب پڙهيا يا انيتا غلام علي، ان جي والده شيرين، ڪئپٽن سني مرزا، اقبال مرزا، ڪئپٽن مقبول مرزا يا مرزا قليچ بيگ جي ڀيڻ شرف النساءَ جي پوٽي اسان واري اديب نصير مرزا يا مهر افروز مرزا کان ٻڌو ته اهو ئي ته خسرو سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي ٽالپر وٽ حيدرآباد ۾ 1805ع ۾ آيو هو. ان تي آئون اهو ئي سوچيندو هوس ته 1801ع ۾ مير فتح علي ٽالپر وفات ڪئي، ان بعد ۾ 1805ع ۾ سنڌ جو حاڪم ته مير غلام علي ٽالپر هو! سو ان غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ اهو ٻڌائيندو هلان ته نه رڳو مير غلام علي ٽالپر پر ان جا ڀائر مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي پڻ هڪ ئي وقت سنڌ جا حاڪم هئا.
1783ع ۾ هالاڻي واري لڙائيءَ ۾ ڪلهوڙن جي هار ٿي ۽ ٽالپر گھراڻي جو بنياد رکيو ويو، جنهن جو وڌو رئيس مير فتح خان ٽالپر هو. مير فتح خان اڪيلي حڪومت هلائڻ بدران پنهنجي ڀائرن سان گڏ حڪومت هلائڻ لڳو، جيڪا ميرن جي چوياري سڏي وئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته 1801ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي وفات بعد جيئن ته مير غلام علي خان وڏو هو ته اهو رئيس سڏجڻ لڳو. اهڙي طرح 1811ع ۾ ان جي وفات بعد مير ڪرم علي ۽1821ع ۾ هن جي وفات بعد آخر ۾ 1821ع ۾ ننڍو ڀاءُ مير مراد علي رئيس ٿيو ۽ 1833ع (وفات) تائين حڪومت جون اڪيلي سر واڳون سنڀالڻ لڳو.
ان بعد حڪومت جون واڳون سندس پٽ مير نور محمد خان ٽالپر حوالي ڪيون ويون. هن پڻ اڪيلي سر حڪومت هلائڻ بدران پنهنجي پيءُ ۽ چاچن جي نقش قدمي ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ مير محمد نصير ۽ سئوٽن: مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان کي ساڻ ملائي ميرن جي ٻي چوياري ٺاهي.
هتي اهو پڻ لکندو هلان ته مير ڪرم علي ٽالپر جنهن جارجي مرزا خسرو کي پٽ ڪري پاليو، ان جي آخري ڏينهن ۾ سندس ننڍو ڀاءُ يعني ميرن جي چوياريءَ جو چوٿون حاڪم مير مراد علي سخت بيمار ٿي پيو. مير ڪرم عليءَ بمبئيءَ جي انگريز گورنر کي علاج لاءِ ڊاڪٽر موڪلڻ جو عرض ڪيو. ان تي ڊاڪٽر جيمس برنيس حيدرآباد آيو ۽ مير مراد عليءَ جو علاج ڪيو. هي 1827ع جي ڳالهه آهي. ڊاڪٽر جيمس پنهنجي ڪتاب:A Visit to the Court of Sinde ۾ ان وقت جي ميرن جي درٻار جو احوال ڏنو آهي. هن مير ڪرم علي خان لاءِ اهو به لکيو آهي ته هُو فارسيءَ جو اعليٰ پائي جو شاعر هو، جنهن جي شاعري ايرانين کي به پسند هئي ۽ سندس لکيل شعرن جي مجموعي ’ديوانِ ڪرم‘ جو وڏو قدر ڪيو ويو ٿي.
مرزا قليچ بيگ جي ڀاءُ مرزا جعفر قليچ بيگ جي پوٽي مرزا فيروز بيگ جي ڌيءَ مهر افروز پنهنجي ڪتابA Georgian Saga (from Caucasus to Indus) ۾ لکي ٿي ته خسرو جڏهن شيراز (ايران) کان حيدرآباد (سنڌ) پهتو ته هُو وائڙو ٿي ويو. چوڌاري مٽي ۽ ڌوڙ، سخت گرمي ۽ خشڪسالي ۽ پڪي قلعي ۾ موجود سندن محل جون گاري ۽ سرن سان ٺهيل اتاهيون ڀتيون! هُو مُنجھي پيو. هُو نه فقط پاڻ اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو، پر مايوس پڻ... هُو ايران جا باغ بستان ۽ ساوڪ کي ياد ڪرڻ لڳو. هُو شيراز ۽ اصفهان جون خوبصورت عمارتون، محل محلاتون ۽ انهن ۾ موجود ڦوهارا ۽ گل گلڪاريون ياد ڪرڻ لڳو. هن کان پنهنجو اصل ملڪ جارجيا، جيڪو ايران کان به وڌيڪ خوبصورت آهي، اهو ته ننڍي عمر ڪري وسري چڪو هو، پر ايران ۽ اتي جون فارسي فئمليون، جن هن کي نپايو، بيحد گھڻو ياد ڪري اداس ٿيڻ لڳو. حيدرآباد جي ماڻهن جا پنهنجا رسم و رواج هئا ۽ ٻولي به هن لاءِ اوپري هئي. جيڪا زندگي هُو هيستائين ايران ۾ گذاري چڪو هو، ان زندگيءَ کان سنڌ جي زندگي بلڪل مختلف هئي.
مير ڪرم علي خان کي هن نپايل ٻار لاءِ تمام گھڻي چاهت هئي، هن چاهيو ٿي ته خسرو ڪنهن طرح خوش رهي. هن چاهيو ٿي ته خسرو لاءِ ڪو سندس هم وطني هجي ته سٺو. 1823ع ۾ جارجيا جي هڪ شاهي گهراڻي جو فريدون نالي ٻار مير ڪرم علي وٽ اچڻ ڪري، هن کي خوشي ٿي. اهو ٻار به سندس ايلچي سيد اسماعيل شاهه حيدرآباد پهچايو. هي اهو ٻار هو، جيڪو سنڌ جي مشهور شخصيت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو والد ٿيو.
مرزا قليچ بيگ، سنڌ جو وڏو عالم، اديب، شاعر، مترجم، تاريخدان ۽ تعليمي ماهر ٿي گذريو آهي، جنهن جو نالو سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو. مرزا قليچ بيگ جو ڏاڏو منوچهر(Manoucher) جارجيا جي گادي واري شهر طفلس (جيڪو هاڻ تبلسي سڏجي ٿو) جي ڀرسان رهيو ٿي. هُو هڪ امير عيسائي هو. جڏهن ايران ۽ جارجيا جي وچ ۾ جنگ ٿي ته هُو ۽ هن جو پٽ سڊني گرفتار ٿي ايران پهتا. سڊني ستن اٺن سالن جو ننڍو ٻار هو. هُو 1814ع ۾ ’سه قز‘(Saqqez) ۾ ڄائو هو. جنگي قيديءَ جي صورت ۾ ننڍڙي سڊنيءَ کي ايران جي هڪ جاگيردار مرتضيٰ شاهه مسلمان ڪري ’فريدون بيگ‘ نالو رکيو.
سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي خان ٽالپر جو ايلچي جڏهن ايران جي شهر اصفهان ويو ته واپسيءَ تي فريدون بيگ کي پاڻ سان حيدرآباد وٺي آيو ۽ هن کي خسرو حوالي ڪيو. هيءَ سال 1823ع جي ڳالهه آهي. ان وقت خسرو 33 سالن جو ٿي چڪو هو ۽ فريدون بيگ 9 سالن جو هو. خسرو بيگ جي شادي جلباڻي قبيلي جي بلوچ سردار جي ڌيءَ سان ڪئي وئي، جنهن مان هن کي جيڪا سڪينه نالي ڌيءَ ٿي، ان جي بعد ۾ مرزا فريدون بيگ سان شادي ڪرائي وئي. فريدون بيگ کي سڪينه مان ٻه ڌيئون: زيب النساء ۽ شرف النساء ٿيون ۽ ست پٽ: مرزا غلام رضا بيگ، مرزا صادق علي بيگ، ٽيئن نمبر تي مرزا قليچ بيگ، ان بعد مرزا علي قلي بيگ، مرزا جعفر قلي بيگ، مرزا نجف قلي بيگ ۽ ستون مرزا حيدر قلي بيگ.
مرزا قليچ بيگ 1853ع ۾ حيدرآباد جي ڦليلي واري علائقي ٽنڊو ٺوڙهو ۾ جنم ورتو. هن قرآن شريف، عربي، فارسي، سنڌي ۽ انگريزي جي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ گرئجوئيشن لاءِ ممبئي ويو. مون کي اهو ڌيان ۾ هو ته مرزا قليچ بيگ شايد علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي آهي. گذريل دفعي ممبئيءَ ۾ رهائش دوران فورٽ واري علائقي ۾ مهاتما گانڌي روڊ تي ممبئي يونيورسٽي جي پراڻي بلڊنگ مان نڪري اسان ڪولابا ڏي وڃي رهيا هئاسين ته ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ۽ مشهور اديب ’ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي‘ ڪاري گھوڙي واري مجسمي وٽ مون کي چيو ته: ”مرزا قليچ بيگ جي ڪري توهان سئيڊن کان جارجيا ويائو. ڇا توهان ايلفنسٽن ڪاليج جو چڪر نه هڻندائو، جتان مرزا قليچ بيگ تعليم حاصل ڪئي.“ هي ڪاليج اتي ئي ڊئوڊ ساسون لئبريري جي ڀرسان واري ’لئبريري روڊ‘ تي آهي. مون کي حيرت ٿي، جڏهن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته، ”نه فقط مرزا قليچ بيگ پر هن جي وڏي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ به هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي.“ اڄ جو مشهور ڊي آءِ جي پوليس ڊاڪٽر نجف علي مرزا، مرزا صادق علي بيگ جو سڳو پڙپوٽو ٿئي.

گورنر ايلفنسٽن ۽ ايلفنسٽن ڪاليج

ممبئيءَ جو هي ’ايلفنسٽن ڪاليج‘ هتي جي پراڻن ڪاليجن مان هڪ آهي، جنهن هن کنڊ جي مقامي ماڻهن کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جا موقعا ميسر ڪيا. دراصل 1819ع کان 1827ع تائين جيڪو ممبئيءَ جو ايلفنسٽن نالي گورنر ٿيو، ان کي تعليم جو وڏو شوق هو. هن ڪيترائي تعليمي ادارا کوليا، جيئن انڊيا جا مقامي ماڻهو هندو، مسلمان، سک، عيسائي انگريزي تعليم حاصل ڪري سگھن. ممبئي جو ايلفنسٽن ڪاليج 1834ع ۾ کُليو. ان کان پنج سال اڳ ايلفنسٽن رٽائرڊ ٿي چڪو هو، پر هي ڪاليج هن جي نالي قائم ڪيو ويو ۽ اڄ تائين هلي رهيو آهي. ٻارنهن تيرنهن سالن بعد، هن ڪاليج کي پوريون ٻه صديون ٿينديون.
ممبئي جو ايلفنسٽن ڪاليج کلڻ کان ڏهاڪو سال پوءِ انگريزن سنڌ فتح ڪيو، جتي پڻ هنن انگريزي تعليم رائج ڪئي، پر مئٽرڪ يا ان کان مٿي تعليم لاءِ سنڌ جا شاگرد ممبئي آيا ٿي. انهن ڏينهن ۾ سفر دوران ايڏيون سهولتون نه هيون ۽ نه وري تعليم حاصل ڪرڻ ايڏو سولو ڪم هو. هن ڪاليج مان جيڪي شروع ۾ سنڌ جا گرئجوئيٽ ٿيا، اهي آهن:
- چوهڙمل ڪندن مل
- آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي
- مرزا صادق علي بيگ (1872ع ۾) مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ
- ٽيڪچند اوڌرداس واسواڻي
- ڏيارام گدومل شهاڻي
- هرچندراءِ وشنداس ڀارواڻي (1882ع ۾)
اهڙي طرح مرزا قليچ بيگ به ممبئي جي هن ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪئي.
هي ڪاليج 1860ع ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيو ويو هو. هتي اهو لکڻ پڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته هندوستان جي ورهاڱي بعد جڏهن سنڌ جا هندو ممبئي پهتا ته ڪراچيءَ جي ’ڊِي جَي سائنس ڪاليج‘ جي ٽيچرن فوري طور تعليم جو سلسلو جاري رکڻ چاهيو ٿي. ان لاءِ انڊيا جي حڪومت هنن کي اجازت ڏني ته هو ’ايلفنسٽن ڪاليج‘ جي عمارت ۾ شام جي وقت ڪلاس شروع ڪري سگھن ٿا، سو سنڌ جي تعليمدانن 1948ع ۾ هن بلڊنگ ۾ شام جي وقت جئه هند نالي ڪاليج شروع ڪيو.
بعد ۾ سرڪار کان زمين حاصل ڪري هي ڪاليج- جئه هند اڄ واري چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ ٺاهيو ويو. سندس هڪ پاسي وارو روڊ A روڊ سڏجي ٿو ته ٻئي پاسي وارو B روڊ. اولهه پاسي کان مئرين ڊرائيو آهي. عربي سمنڊ جو خوبصورت نظارو. هتان لڏي ويل استادن هتي وانگر ممبئيءَ ۾ به تعليم تي وڏو زور ڏنو ۽ بقول انڊيا ٽُڊي هفتيوار انگريزي اخبار جي جئه هند ڪاليج ممبئي جي اعليٰ ڪاليجن مان هڪ آهي، جنهن مان تعليم حاصل ڪرڻ هر هڪ جي خواهش رهي آهي. هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙ انڊيا جي مشهور ماڻهن مان آهن. ڪجھه ته بالي ووڊ جون فلمون ڏسڻ ڪري اسان پاڪستاني به سڃاڻون ٿا، جهڙوڪ:
• 1994ع جي مس انڊيا ۽ اڀيشڪ بچن جي زال ’اِيشوريا راءِ‘
هن پهرين تامل فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ هندي فلمن ۾ ۽ هن کي ’ديوداس‘ ۽ ’هم دل دَي چڪي صنم‘ جهڙين فلمن ۾ بيسٽ ايوارڊ ملي چڪو آهي. ’جوڌا اڪبر‘، ’محبتين‘، ’ڌوم 2‘، ’گرو‘ ۽ ’اَي دل هي مشڪل‘ فلمن ۾ به هن کي وڏي مشهوري ملي.
• انڊين سنگر شان (شانتانُو مکرجي) جنهن جا گانا هنديءَ کان سواءِ بنگالي، مرهٺي، ڪنهڙ، تامل، تيلگو، گجراتي ۽ اڙدو ۾ به مشهور آهن.
• جان ابراهام- انڊين فلم ائڪٽر، فلم پروڊيوسر ۽ ماڊل
• وشال دادلاڻي- سنڌي ميوزڪ ڪمپوزر، ڳائڻو ۽ گانا لکندڙ
ڪجھه فلمن ۾ جن ۾ وشال ڳائيو آهي: ’خالي پِيلي‘، ’بَنٽِي ۽ بَبلي‘، ’نَمستَي انگلنڊ‘، ’ٽائيگر زنده هي‘، ’هنسِي تو ڦَسِي‘، ’ايڪ مين ايڪ تو‘... وغيره.
• رتيش ديشمک- انڊين ائڪٽر
• پريانڪا چوپڙا- ائڪٽريس، سنگر ۽ فلم پروڊيوسر
دنيا جي 100 اثر رسوخ وارين عورتن مان هڪ مڃي وڃي ٿي.
• ڪاجل اگروال- تيلگو، تامل ۽ هندي فلمن جي ائڪٽريس
جنهن جو سنگاپور جي مئڊم ٽُسو ميوزيم ۾ مجسمو آهي. هن جئه هند ڪاليج کان سواءِ سنڌ جي هندن جي ممبئي ۾ هڪ ٻئي ڪاليج ڪشنچند چيلارام ڪاليج(K.C. College) مان به تعليم حاصل ڪئي.
• ڪنهن زماني جي مشهور فلم اداڪارا سانا شِوڏسائي.
• سنيل دت
وغيره وغيره.
بهرحال ايلفنسٽن برٽس انڊيا جو سفارتڪار هو. گورنر ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي. هو پُوني ۾ پيشوا (مرهٺا سلطنت جي وزيراعظم) جي درٻار ۾ انگريزن طرفان ريزيڊنٽ ٿي رهيو. بعد ۾ ممبئي ضلعي جو گورنر ٿيو. هن هندوستان ۽ افغانستان ٻنهي ۾ پنهنجن تجربن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا- خاص ڪريAccount of the Kingdom Of Kabul.
ايلفنسٽن کي لکڻ پڙهڻ جو ايڏو شوق هو، جو هن کي جڏهن گورنر بعد گورنر جنرل ٿي مقرر ڪيائون ته هن منع ڪري ڇڏي ۽ چيو ته هُو آزاد رهي لکڻ ٿو چاهي ۽ History of India ڪتاب جا ٻه واليوم مڪمل ڪرڻ ٿو چاهي. سندس اهي ٻه ڪتاب واقعي پڙهڻ وٽان آهن- خاص ڪري اسان جي تاريخ جي شاگردن لاءِ.
ممبئي جو اڄ ڪلهه مالابار هِل وارو علائقو هڪ فئشني علائقو سمجھيو وڃي ٿو، جتي جي زمين سڀ کان مهانگي آهي. هتي وڏن امير واپارين جا محل نما گھر آهن، پر اهو جڏهن ويران ۽ جھنگ هو ته ايلفنسٽن پهريون ماڻهو هو، جنهن اتي پنهنجو گھر ٺهرائي رهائش اختيار ڪئي ۽ 1819ع کان 1827ع تائين ست اٺ سال هن گهر ۾ رهيو.
ڪراچي وارو ايلفنسٽن روڊ جيڪو ايلفي به سڏيو ويو ٿي ۽ هاڻ زيب النساء اسٽريٽ سڏجي ٿو، توڙي آسٽريليا جي وڪٽوريا شهر ۾ ايلفنسٽن ٽائون شپ، ان ۾ موجود ايلفنسنٽن هوٽل، آسٽريليا جو الفسنٽن مين روڊ نالي هڪ رستو هن ايلفنسٽن نالي آهي، جيڪو گورنر رهيو ۽ مٿيان ڪتاب لکيائين. سندس سڄو نالو مائونٽ اسٽوارٽ ايلفنسٽن هو. ممبئيءَ ۾ ٻه ٻيون شيون پڻ ايلفنسٽن نالي آهن: هڪ ايلفنسٽن سرڪل جيڪو هاڻ ممبئي جي اخبار جي ايڊيٽر ’بينجمن هارنيمان‘ نالي سڏجي ٿو ۽ ٻيو ايلفنسٽن روڊ ريلوي اسٽيشن جيڪا هاڻ ’پاريل-پرياديوي‘ ريلوي اسٽيشن سڏجي ٿي، دراصل هن الفنسٽن نالي نه هيون پر هن جي ڀائٽي جان لارڊ ايلفنسٽن نالي هيون،جيڪو سياستدان ۽ سرڪاري ڪامورو هو. هو 1837ع کان 1842ع تائين مدراس جو گورنر رهيو.
ڪراچيءَ جا صدر جا اهي ٻه هڪ ٻئي ڀرسان وارا رونق وارا روڊ ايلفنسٽن روڊ ۽ وڪٽوريا روڊ هوندا هئا. ايلفنسٽن روڊ کي ماڻهو ايلفي سڏيندا هئا. پوءِ 1970ع بعد انهن جا نالا بدلائڻ جو ٻڌوسين ۽ نيٺ وڪٽوريا روڊ عبدالله هارون روڊ ٿيو ۽ ايلفي (ايلفنسٽن روڊ) زيب النساء اسٽريٽ ٿيو. انهن ڏينهن ۾ طارق اشرف پنهنجي رسالي ۾ هڪ بيحد جذباتي مضمون لکيو، جيڪو پڙهي ڪيترن کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هن لکيو ته: ”ڪراچي اسان سنڌين جو شهر آهي پر شهر جي هزارين روڊن، رستن ۽ گھٽين مان شايد ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جو نالو سنڌ سان واسطو رکندڙ هستيءَ سان منسوب هجي.“ ياد رهي ته دين محمد وفائي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي روڊن جا نالا به گھڻو گھڻو پوءِ رکيا ويا. انهن ڏينهن ۾ ايلفيءَ جو نالو جڏهن زيب النساء رکيو ويو ته ان بابت طارق لکيو ته: ”افسوس ته ايلفي روڊ زيب النساء ٿي ويو پر سسئي، مومل، يا مارئي نه ٿي سگھيو.
مون سمجھيو ته زيب النساء مغل شاهي خاندان واري آهي، پر پوءِ مون کي منهنجي بنگالي ڪلاس ميٽ، جهازي انجنيئر ٻڌايو ته زيب النساء (سڄو نالو زيب النساء حميدالله) هڪ بنگالي عورت جو نالو آهي، جيڪا 1918ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائي. هُوءَ پهرين پاڪستاني عورت هئي، جنهن انگريزيءَ ۾ ڪالم لکيا ۽ پهرين عورت هئي جيڪا ايڊيٽر ۽ پبلشر ٿي. سندس والد واجد علي پهريون شخص هو، جنهن علامه اقبال جون اڙدو لکڻيون بنگاليءَ ۾ ترجمو ڪيون. سندس مڙس حميد الله پنجاب جو رهاڪو هو ۽ شاديءَ کانپوءِ هوءَ ڪراچي اچي رهي. هن عورتن جي حقن لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جيئن ته:
The young life
Lotus leaves,
وغيره.60 Days in America

عالمن جو سج مرزا قليچ بيگ

پاڻ ممبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج جي ڳالهه پئي ڪئي، جنهن مان 1878ع ڌاري يعني اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ مرزا قليچ بيگ B.A. ڪئي. ممبئي مان موٽڻ بعد انگريز سرڪار هن کي مختيارڪار ڪري رکيو ۽ ترقي ڪندي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. هن 30 سال کن نوڪري ڪرڻ بعد 1911ع ۾ پينشن ورتي ۽ هو سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪرڻ لاءِ ڪتاب لکڻ لڳو. هن چار سئو کان به مٿي ڪتاب لکيا، جن ۾ ترجمي کان سواءِ ناول، ڊرامي، آکاڻين، تاريخ، مضمون، فلسفي، سائنس، زراعت، شعر و شاعري تي به آهن. سنڌي ادب جي هن محسن 3 جولاءِ 1929ع تي هن فاني دنيا مان ڪُوچ ڪيو. سندن مقبرو ٽنڊو ٺوڙهو، حيدرآباد ۾ آهي.
مرزا قليچ بيگ صاحب انگريزن جي ڏينهن ۾ مختيارڪار ۽ ڪليڪٽر ٿي رهيو، جيڪي ان وقت جي حساب سان تمام وڏيون نوڪريون آهن، پر هو هميشه نماڻو، نهٺو ۽ سادگي پسند ٿي رهيو. علم ۽ ادب جي روشني پکيڙڻ ۾ ته هن جو جواب ناهي. هن ڪل 457 ڪتاب لکيا، جن مان سڀ کان گھڻا سنڌيءَ ۾ 385ع آهن. ان کان سواءِ انگريزيءَ ۾ 44، فارسيءَ ۾ 22، عربيءَ ۾ 3، اڙدو ۾ 55، بلوچيءَ ۾ هڪ ۽ هڪ ترڪي ٻوليءَ ۾ شعرن جو مجموعو پڻ لکيو. کيس سندس ڪمن ڪري 1906ع ۾ ’قيصرِ هند‘ جو تمغو مليو. 1924ع ۾ سندس ادبي خدمتن ڪري انگريز حڪومت ’شمس العلماء‘ جو خطاب ڏنو. بقول سندس ڀاءُ جي ليکڪا پوٽي ’مهر افروز‘ جي ’اڇِي ڏاڙهي واري هن اسڪالر پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي ملڻ جلڻ ۽ گوڙ شور کان پري، لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ اهڙو ته غرق رکيو هو، جو هن کي جڏهن هيڏي وڏي رتبي جي خبر پهچائي وئي ته به هُو خاموش رهيو. ٽانءَ ۽ ٽيڙيءَ ۾ اچڻ بدران هن هيڏي وڏي اعلان جي جواب ۾ نئڙت مان هينئن چيو ته:
Whom the rulers call the sun of knowledge, has no light to illuminate darkness.
Nor wisdom that others may acknowledge.”
هو زندگيءَ جا آخري سال هڪ هنڌ ويهي، اونهي غور ۽ فڪر سان سوچيندو رهيو. هن پاڻ کي هي جهان ڇڏڻ لاءِ تيار رکيو ٿي ۽ هر وقت موت جو انتظار ڪندو رهيو.
مرزا قليچ بيگ جيڪا فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي ان جو ترجمو ’گرجي نامو‘ نالي ڪتاب ۾ سندس پڙپوٽيءَ پروفيسر ’فائزه زهره مرزا‘ ڪيو آهي. انهن شعرن ۾ هڪ آهي ....
My greatness is hidden in my humbleness
If you dig my worth you will find the light
My father is Fareedun, my grandfather Khusro,
And my self am Kalich.
All the names are that of kings,
But I am but a modest and humble person.
مرزا قليچ بيگ کي احساس هو ته هن جي زندگي پڄاڻيءَ تي آهي. هن ايتريقدر جو پنهنجي قبر به اڳواٽ کوٽرائي ڇڏي هئي، جنهن ۾هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃي وهندو هو. پاڻ تعليم ۽ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ توڙي لکڻ خاطر ڪيترائي سفر ڪيا. 3 جولاءِ 1929ع تي پاڻ هالا جي ’مخدوم غلام محمد صديقيءَ‘ سان ملڻ لاءِ هن جي شهر هالا آيا. انهن ڏينهن ۾ مخدوم ظهيرالدين جو هي فرزند مخدوم غلام محمد عرف گل سائين جن هالا جي درگاهه جا گادي نشين هئا. پاڻ ’مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ‘ جا والد صاحب ٿيا ۽ سندن نالو مخدوم خليق الزمان تي رکيل آهي. سندن جنم جو سال 1886ع ۽ وفات 1944ع آهي.
مرزا قليچ بيگ صاحب جو هي اسان جي شهر هالا نوان جو آخري سفر هو. پنهنجي دوست مخدوم غلام محمد سائين سان ملڻ بعد جڏهن حيدرآباد پهتو ته ٿڪ ڪري هو ڪافي ڪمزور محسوس ڪري رهيو هو. هن کي اهو ئي لڳو ته سندس زندگي جا آخري لمحا ويجھا آهن. هن پنهنجي سڀني مائٽن ۽ دوستن کي گھرايو ۽ هنن سان ايئن خبرون چارون ڪيون ڄڻ هو ڪنهن وڏي سفر تي روانو ٿيڻو هجي، جتان ڪو واپس نه موٽيو آهي. هو 9 بجي سڀني کان موڪلائي وڃي ستو ۽ ڪلاڪ بعد هن جهان مان روانو ٿي چڪو هو. ان ڏينهن جڏهن هن کي پنهنجي وفات جو محسوس ٿيو ته هن هي شعر لکيو:
Rise me on the Judgment Day
In the ranks of the blessed ones,
Shield me with your mercy ALLAH.
Though countless are my sins, I pray.
وفات وقت مرزا قليچ بيگ صاحب جي عمر 76 سال هئي. هن کي 11 پٽ ۽ 3 ڌيئون ٿيون. وڏو ٻار خانم فخرالنساء هو، جنهن جي شادي سندس ڀائٽي (يعني مرزا جعفر قلي بيگ جي پٽ) سڊني بيگ سان ٿي. سڊني بيگ ۽ خانم فخر النساء، مهر افرز جو ڏاڏو ۽ ڏاڏي ٿي، جنهن A Georgian Saga ڪتاب لکيو آهي ۽ جنهن جو حوالو مٿي ڏئي چڪو آهيان. مهر افروز مرزا سڊني بيگ جي ٻئي نمبر پٽ مرزا فيروز بيگ جي ڌيءَ آهي.
مهر افروز پنهنجي ڪتاب ’اي جارجين ساگا‘ ۾ لکي ٿي ته، ”مرزا قليچ بيگ جو هيٺيون شعر جيڪو مرزا قليچ بيگ جي قبر تي لکيل آهي، اهو مرزا قليچ بيگ جو آخري شعر آهي“:
At the end of this year when I reached the age of seventy-six
The angel of death appeared from the Court of Lord.
Saying you have lived long enough in this material world.
Now follow me to where you will meet your Final Judge.
Hearing this joyfully took my last breath and went from this world
In the next fraction of a moment I was in the other (spiritual world)
I took another breath and inquired from the invisible (speaker)
What the time (day and the year) of my death would be,
He was kind to reply in a timeless voice ‘patience was luck’
It is what you desired it to be.

جارجيا / ٽنڊو ٺوڙهو جي مرزائن جو مختصر شجرو.

مرزا خسرو بيگ
ڄم: جارجيا (گرجستان) 1788ع، وفات: حيدرآباد 1860ع.
• ايران مان اتي جي حاڪم شاهه فتح علي قجر حيدرآباد جي حاڪم مير ڪرم علي ٽالپر ڏي موڪليو، جيڪو بي اولاد هو.
• مرزا خسرو بيگ 17 سالن جي ڄمار ۾ 1805ع ۾ حيدرآباد آيو.
• سنڌ تي ان وقت ميرن جي چوياري يعني چئن ڀائرن گڏجي حڪومت ڪئي ٿي. مير فتح علي، مير غلام علي، مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي.
• مرزا خسرو جڏهن 1805ع ۾ حيدرآباد پهتو هو ته پهريون مير فتح علي 4 سال اڳ گذاري چڪو هو. ان بعد 1811ع ۾ مير غلام علي گذاري وڃڻ تي مير ڪرم علي چوياريءَ جو وڏو ٿيو- ان وقت خسرو 21 سالن جو هو.
• خسرو جي شوق ۽ سنگت لاءِ 1823ع ۾ مير ڪرم علي شيراز مان هڪ ٻيو گرجي (جارجيا) جو ڇوڪرو فريدون بيگ گھرايو. ان وقت فريدون جي عمر 9 سال ۽ خسرو جي 33 سال هئي.
• مير ڪرم علي 1828ع ۾ وفات ڪئي.
• خسرو جي پهرين شادي جلباڻي بلوچ جي سردار جي ڌيءَ سان ٿي، ان بعد ٻي شادي هالا جي مغلن مان ٿي.
• پهرين زال مان چار پٽ ٿيا ۽ ٻيءَ مان فقط هڪ ڌيءَ سڪينه، جنهن جي شادي فريدون بيگ سان ٿي.
• مرزا خسرو کي پهرين زال مان هي ٻار هئا:
• مرزا علي محمد بيگ (2) مرزا ولي محمد بيگ (3) مرزا محمد رحيم بيگ (4) مرزا غلام مرتضيٰ بيگ.

مرزا فريدون بيگ (سڊني بيگ)
• ڄم: 1814 جارجيا (گرجستان)؛ وفات 1871ع حيدرآباد.
• فريدون جو پيءَ منوچهر جارجيا جو امير ۽ گورنر هو.
• فريدون جا وڏا عيسائي هئا.
• 1823ع ۾ فريدون بيگ جڏهن 9 سالن جو هو ته شيراز کان حيدرآباد سنڌ آيو.
• ان وقت ايران تي شاهه فتح علي شاهه قجر جي حڪومت هئي (28_1811ع)
• فريدون بيگ جي شادي مرزا خسرو بيگ جي ڌيءَ سڪينه خانم سان ٿي.
• فريدون بيگ کي ست پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون:
شرف النساء
مرزا غلام رضا بيگ
مرزا صادق علي بيگ
مرزا قليچ بيگ
مرزا علي قلي بيگ
مرزا جعفر قلي بيگ
مرزا نجف قلي بيگ
مرزا حيدر قلي بيگ
زيب النساء
مرزا قليچ بيگ (1929_1853)
مرزا قليچ بيگ جا ٻار:
اختر علي بيگ، نادر بيگ، اسد بيگ، اڪمل بيگ، اطهر بيگ، دلشاد، فخر النساء وغيره.
• اسان جو جهازران چيف انجنيئر اقبال مرزا، اختر بيگ جو پٽ آهي.
• اسان جي مرچنٽ نيوي جو ڪئپٽن سني (مرزا ضامن بيگ) ۽ شيرين، نادر بيگ جا ٻار آهن.
• شيرين ليکڪا رهي آهي ۽ هڪ عدد انگريزيءَ ۾ ڪتاب (Letters to Emily) به اٿس.
• مشهور تعليمدان انيتا غلام علي، شيرين جي ڌيءَ آهي.
• مرزا قليچ بيگ جي والده سڪينه مغل هالا جي هئي. ان ڪري قليچ صاحب پنهنجن ناناڻن ۽ ان وقت جي گادي نشين مخدوم غلام محمد صديقي سان ملڻ لاءِ هالا ويندو رهيو.
• قليچ بيگ صاحب جو آخري سفر به هالا جو هو. هُو مخدوم صاحب سان ملڻ ويو هو، جنهن سان سندس سٺي دوستي هئي.

مرزا علي قلي بيگ
• ٻار: امداد حسين، نثار حسين ۽ نياز حسين
• مرچنٽ نيوي جو جهاز ران ڪئپٽن مقبول امداد حسين جو پٽ آهي ۽
• ڪئپٽن ذوالقرنين ڪئپٽن مقبول جو فرزند آهي.

مرزا صادق علي بيگ
1. فرخ بيگ
2. سڪندر بيگ
3. حيدر بيگ ۽
4. گل رخ.

مرزا حيدر بيگ
• زال: دلشاد بيگم قليچ بيگ جي ڌيءَ
• حيدر بيگ جا ٻار: مرزا واجد علي بيگ ۽ منظور بيگ
• سنڌ پوليس جو DIG ڊاڪٽر نجف علي مرزا منظور بيگ ۽ خانم عشرت شيرازي جو پٽ آهي.
• دلشاد بيگم ۽ صادق علي ڊاڪٽر نجف جي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جا به نالا آهن.

شرف النساء
مرزا قليچ بيگ جي وڏي ڀيڻ
• شرف النساء جي شادي مرزا حسين قلي بيگ سان ٿي. هو مرزا ولي محمد بيگ جو پٽ ۽ مرزا خسرو بيگ جو پوٽو هو.
• ٻار: مرزا ناصر بيگ، مرزا آصف
• اسان جو ليکڪ نصير مرزا ، مرزا ناصر بيگ جو پٽ آهي.
• مرزا ناصر بيگ کي 7 ٻار ٿيا: نصير، عمار، منصور، ثريا، سوسن ۽ ٻه ٻيون ڌيئرون.

مرزا جعفر قلي بيگ (ڄم 1859؛ وفات 1898)
• پهريون ڊاڪٽر جيڪو انگلنڊ مان تعليم پرائي آيو. سندس ٻئي زالون انگريزياڻيون هيون. هڪ ادا ايلينور، جنهن مان هڪ ٻار سڊني بيگ ٿيو. ٻي مان ٽي ٻار: گريس، اسٽينلي ۽ ايڊورڊ.
• مرزا سڊني بيگ جي شادي مرزا قليچ بيگ جي وڏي ڌيءَ فخر النساء سان ٿي.
• کين چار پٽ ٿيا: مرزا فرهد بيگ، فيروز بيگ، شمشاد بيگ ۽ جمشيد بيگ.
• مرزا فيروز بيگ کي هڪ پٽ مرزا دارا بيگ ۽ ٻه ڌيئرون فريده ۽ مهر افروز
• مهر افروز ڪتابA Georgian Saga جي ليکڪا آهي.

سنڌ جو پهريون ڊاڪٽر

اڄ ڪلهه دنيا ۾ وبا پکڙيل آهي- ان کي به سال اچي ٿيو آهي. هيءَ ڪا نئين ڳالهه ناهي. صدين کان رکي رکي اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. اها وبا، جنهن کي ’طائون‘ به سڏجي ٿو وچڙندڙ بيماريءَ جو نالو آهي، جيڪا پهرين چمڙن، ڀولڙن يا ڪوئن جهڙن جانورن مان بئڪٽيريا يا وائرس جهڙن جيوڙن مان انسانن کي لڳي ٿي ۽ پوءِ هڪ انسان مان ٻئي ۾ منتقل ٿئي ٿي. وبا هڪ هنڌان شروع ٿي ٻين هنڌن تي پهچي ٿي. ان جا جيوڙا پاڻ ته سفر نٿا ڪن پر انسان انهن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائين ٿا. پوءِ اڳ ۾ گرانڊ ٽرنڪ روڊ تان يا شاهراهه ريشم تان سفر ڪندڙ قافلن ۾ موجود ماڻهن رستي تي ايندڙ شهرن ۾ پکيڙي ٿي. مشينن جي ايجاد ٿيڻ تي ڪارن، لارين، پاڻيءَ ۽ هوائي جهازن ۾ سفر ڪرڻ وارا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائين ٿا. پهرين جنگ عظيم ۾ جيترا ماڻهو مري ويا، ان کان ٻيڻا 1918ع ۾ جنم وٺندڙ ’اسپيني فلُو‘ ۾ مئا هئا. هيءَ وبا چون ٿا ته شروع اسپين ۾ ٿي ۽ پوءِ پاسي وارن ملڪن ۾ يعني انگلنڊ سوڌو سڄي يورپ ۾ پکڙجي وئي. حالت اها ٿي ته يورپ جي ڪيترن ئي شهرن جي گھٽين ۾ لاش پيا هئا... دفنائڻ وارا نه پئي مليا. اها وچڙندڙ بيماري اسان جي ننڍي کنڊ ۾ شايد نه اچي ها، پر اچي وئي. ڇا ٿيو جو انگريز راڄ جا ڪجھه پنجاب جا سک، هندو ۽ مسلمان سپاهي، جيڪي پهرين جنگ عظيم ۾ انگلنڊ ۾ رهيل هئا، اهي بحري جهاز ذريعي ممبئي پهچي جڏهن پنهنجن ڳوٺن ڏي روانا ٿيا ته انهن مان ٻين کي اها بيماري لڳي وئي ۽ ترت علاج نه ٿيڻ ڪري اسان وٽ به هزارين ماڻهو مري ويا.
اسپينش فلو ۾ ته اڄ ڪلهه جي ڪرونا (ڪووڊ 19) وانگر سڄي دنيا جا ماڻهو وٺجي ويا هئا، پر ان کان اڳ ۽ پوءِ به ڪيتريون ئي ننڍي پئماني واريون وبائون چند ملڪن ۾ وجود ۾ اينديون رهيون. جيئن اسپيني فلو کان 20 سال اڳ 99-1898ع ۾ اسان جي ملڪن واري پٽي ۾ هڪ وبا پکڙي هئي.
مٿي مرزا قليچ بيگ جي خاندان بابت لکندي ۽ اڄ جي وبا جو سوچيندي مون کي 1897ع واري اها وبا ياد اچي وئي. ان ڪري سوچيم ته هتي هڪ ٻي ڳالهه به لکندو هلان... ڇو ته ڪيترن پڙهندڙن کي شايد اها خبر نه هجي ته هن بيماريءَ ۾ جتي اسان جي صوبي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جا عام ماڻهو مري ويا، اتي هڪ اهم ڊاڪٽر به اجل جو شڪار ٿي ويو، جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري غريب سنڌي ماڻهن جو علاج پئي ڪيو. خبردار هجڻ جي باجود هن کي ڪنهن مريض مان پليگ جي هيءَ وچڙندڙ بيماري لڳي وئي ۽ هُو پنهنجو پاڻ کي بچائي نه سگھيو ۽ 40 سال کان گهٽ ڄمار ۾ گذاري ويو. هي سنڌ جو پهريون ڊاڪٽر هو، جيڪو ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ انگلنڊ ويو هو. اتي سرجن ٿيڻ کان پوءِ ڪجھه سال نوڪري ڪرڻ بعد هو پنهنجي وطن جي ماڻهن جي خدمت خاطر سنڌ موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود ٻين انگريز ڊاڪٽرن سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. ٻي ڳالهه اها ته سنڌ جو هي پهريون نوجوان هو، جنهن انگريز ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. ان پهرين زال جي وفات بعد هن جنهن سان ٻي شادي ڪئي، اها به انگريزياڻي هئي. هڪ ٻيو Clue ڏيندو هلان ته جيئن توهان سمجھي وڃو ته اهو ڊاڪٽر ڪير هو... هن جا ناناڻا هالا جا هئا.
بهرحال هي نوجوان سنڌ جو پهريون سرجن، مرزا قليچ بيگ جي ننڍو ڀاءُ مرزا فريدون بيگ جي ستن پٽن مان پنجون نمبر پٽ ’مرزا جعفر قلي بيگ‘ هو. انگريزيءَ ۾ آڪسفورڊ پريس وارن طرفانA Georgian Saga _ from Caucasus to Indus نالي ڪتاب، جنهن مهر افروز نالي خاتون لکيو آهي، اها هن ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ جي پڙ پوٽي ٿئي.
هتي ٻين ڳالهين سان گڏ تواريخ جي هن شخص مرزا جعفر قلي بيگ تي به ڪجھه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو.
مرزا جعفر قلي بيگ 1859ع ۾ حيدرآباد جي علائقي ٽنڊو ٺوڙهو ۾ ڄائو... يعني انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان کان 16 سالن بعد. هن جي والده سڪينه خانم مرزا خسرو بيگ جي ڌيءَ هئي. يعني مرزا خسرو بيگ جعفر توڙي مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڀائرن جو نانو ٿيو.
مرزا جعفر قلي بيگ جو ننڍپڻ ٻين ڀائرن ڀينرن سان گڏ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ گذريو. جيستائين ميرن جي حڪومت هئي ته سندن نانو خسرو بيگ مير ڪرم علي ٽالپر وارن سان گڏ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ رهيو ٿي. مير ڪرم عليءَ کي اولاد نه هجڻ ڪري هن ايران کان آيل گرجي (Georgian) نينگر مرزا خسرو بيگ کي پٽ طور نپايو هو.
ٽنڊي ٺوڙهي۾ رهندڙ هي گرجي مرزا پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان پنهنجي فئملي ۾ مادري ٻولي فارسيءَ ۾ ڳالهائيندا هئا پر سندن ٻي زبان سنڌي هئي. سڀني ٻارن کي انگريزي لکڻ پڙهڻ پڻ سيکاري وئي ٿي. ڪراچي ۾ رهندڙ انگريزن سنڌ جي رسمن رواجن ۽ سوسائٽيءَ ۾ ڪافي تبديليون پيدا ڪيون. حيدرآباد ۾ ايندڙ انگريزن ۽ يورپين سوچ ۽ اٿڻ وهڻ جا ڪيترائي نوان ۽ ماڊرن طريقا متعارف ڪيا. سنڌ جا ڪيترائي امير هندو ۽ پارسي انهن کي فالو ڪرڻ لڳا. ويندي انگريزي ڊريس ۽ مٿي تي ٽوپلو رکڻ فئشن سمجيو وڃڻ لڳو. مرزا فئمليءَ کي به اهو ئي محسوس ٿيو ته هاڻ اڳتي هلي اهي ڪامياب ٿيندا، جن کي انگريزي اچي ٿي، جيتوڻيڪ هنن کي سنڌ ۾ رهئي 50 سال کن ٿي ويا هئا ۽ هنن جي گھر ۾ ايراني گرجستاني ڪلچر هليو ٿي، ان موجب هنن نوروز ۽ خوشيءَ جا ڏينهن ملهايا ٿَي.
شروعاتي ڏينهن ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ فريدون بيگ جي فئملي مرزا خسرو بيگ سان هڪ ئي گھر ۾ رهي ٿي، پر پوءِ ٻار وڏا ٿيڻ تي فريدون پنهنجي فئمليءَ لاءِ الڳ گھر ٺهرايو، جنهن ۾ مرزا جعفر بيگ، مرزا قليچ بيگ، مرزا صادق بيگ، مرزا غلام رضا بيگ ۽ ڀيڻ شرف النساء رهڻ لڳا ۽ بعد ۾ ٻي ڀيڻ زيب النساء ۽ ٻيا ڀائر هن گھر ۾ ڄاوا. هي گھر نه فقط رهائش گاهه هو، پر تعليم حاصل ڪرڻ جو مرڪز پڻ رهيو، جتي عام ڳالهين ۾ به تاريخ، شعرو شاعري، ادب ۽ فلسفو بحث هيٺ آيو ٿي. حيدرآباد ۾ انگريزي تعليم جا اڃا اعليٰ درسگاهه نه ٺهيا هئا، ان ڪري هنن کي ممبئي وڃڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ، پنجاب، مهاراشٽرا، گجرات وغيره سڀ برٽش انڊيا جو حصو هئا. ممبئي ۾ انگريزن جو ايلفنسٽن ڪاليج تمام مشهور هو، جتان مرزا جعفر بيگ جي ڀائرن مرزا صادق بيگ ۽ مرزا قليچ بيگ به تعليم حاصل ڪئي هئي.
مرزا جعفر بيگ کي پنهنجي ناني خسرو بيگ وارو ميڊيڪل جو شوق هو. مرزا خسرو بيگ جو فارسيءَ ۾ لکيل ميڊيڪل جو ڪتاب: ’طبِ خسروي‘ مشهور رهيو آهي. اسڪول جي تعليم ختم ٿيڻ تي مرزا جعفر بيگ ڊاڪٽر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هُو انگريز ڊاڪٽرن جي ڄاڻ ۽ ڪم مان پڻ متاثر هو، جن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انگريزن ۽ ميرن جو علاج ڪيو ٿي. هن ميڊيسن جي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. جعفر بيگ جو نانو مرزا خسرو بيگ وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن جي انگريزن سان به سٺي اٿ ويهه هئي. هن ان سلسلي ۾ هڪ انگريز فئملي کي چيو، جنهن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ چارٽرڊ اڪائونٽس جا فرم هئا. جعفر بيگ ڪياماڙيءَ مان انگلنڊ ويندڙ هڪ آگبوٽ (ڪَلَ تي هلندڙ جهاز) ۾ سوار ٿيو، جيئن لنڊن ۾ ميڊيڪل ڪاليج آف فزينش ائنڊ سرجن ۾ داخلا وٺي سگھي. لنڊن ۾ هي هن انگريز فئمليFinchams سان گڏ رهڻ لڳو، جتي هنن جو وڏو پٽ فرئنڪ هن جو سٺو دوست ٿي ويو. ڪجھه سالن بعد هن فرئنڪ جي ڀيڻ ادا ايلينور سان شادي ڪئي.
مرزا جعفر بيگ ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ سنڌ جو پهريون ڊاڪٽر ٿيو، جنهن لنڊن مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ هو سرجن به ٿيو.
جعفر قلي بيگ ۽ ليڊي ادا(Ada Eleanor Fincham) کي ٻار ٿيو ته ان تي هن جي ڏاڏي جو نالو سڊني رکيو ويو. ياد رهي ته مرزا جعفر بيگ يا مرزا قليچ بيگ جي پيءَ جو جارجيا ۾ نالو سڊني هو، جيڪو پوءِ ايران ۾ مسلمان فئمليءَ بدلائي فريدون بيگ رکيو.
شادي بعد مرزا جعفر بيگ پنهنجي انگريز ڪنوار کي مائٽن سان ملائڻ لاءِ حيدرآباد پڻ ٻن مهينن کن لاءِ وٺي آيو هو، جتي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ هنن جو وڏو آڌرڀاءَ ڪيو ويو. موڪل ختم ٿيڻ تي هو واپس لنڊن آيا ۽ جعفر بيگ پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. سڊني سال جو ٿيو ته جعفر کي ليڊي ادا جي اميدوار ٿيڻ جي خوش خبري ملي پر افسوس جو ڊليوريءَ ۾ ليڊي ادا جو انتقال ٿي ويو. مرزا جعفر بيگ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ان ڳالهه جو افسوس ته جنهن پروفيشن ۾ هو آهي، ان ۾ انسانن جون جانيون بچائي ٿو، پر پنهنجي زال جي جان نه بچائي سگھيو.
زال جي وفات بعد جعفر بيگ اهم فيصلو ڪيو ته هن کي لنڊن ۾ رهڻ بدران پنهنجي اباڻي وطن موٽي وڃڻ کپي، جيئن هو اتي جي ماڻهن، خاص ڪري غريب سنڌين جي مدد ڪري سگھي. هُو پنهنجي پٽ سڊني کي نيپاج ۽ سار سنڀال لاءِ ناناڻن حوالي ڪري پاڻ ٽنڊو ٺوڙهو آيو، پر پوءِ دوستن جي زور ڀرڻ تي هن ڪراچيءَ شفٽ ڪيو، جيڪو شهر بندرگاهه هجڻ ڪري تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. هن ميري روڊ تي رهائش لاءِ گھر ورتو. هن روڊ جو ٿي سگھي ٿو هاڻ ٻيو نالو رکيو ويو هجي، جيئن Queens روڊ جو نالو مولوي تميزالدين خان(M.T. Khan) روڊ ٿي ويو آهي ۽ وڪٽوريا روڊ جو نالو عبدالله هارون روڊ.
ميري(Mary) روڊ تين تلوار واري صدر ڏي ويندڙ روڊ کان کاٻي پاسي آهي. يعني ڪلفٽن برج وٽ ٺهيل پرنس ڪامپليڪس جي ٻئي پاسي-يعني باٿ آئلنڊ ڏي. مئري روڊ جي ڀر واري روڊ جو نالو Framrose روڊ آهي. اتي چارٽرڊ بئنڪ هائوس به آهي. بهرحال مرزا جعفر بيگ اتي رهي ڪراچي جي انگريز ڊاڪٽرن سان گڏ جنهن عمارت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو اها بعد ۾ سول اسپتال ڪراچي سڏجڻ لڳي.
اهو ڪراچيءَ جو ئي شهر هو، جتي مرزا جعفر بيگ جي ملاقات هڪ ٻي انگريز عورت سان ٿي ۽ جنهن سان هُن ٻي شادي ڪئي. هيءَ عورت لنڊن کان انڊيا گھمڻ آئي هئي ۽ ڪراچي ۾ هن خوبصورت نوجوان تي عاشق ٿي پئي ۽ شاديءَ بعد ڪراچيءَ ۾ ئي رهي پئي. هن شاديءَ مان هنن کي ٽي ٻار ٿيا: گريس، اسٽينلي ۽ ايڊورڊ. وڏو ٿيڻ تي ٻارن کي جنهن اسڪول ۾ موڪليو ويو، اهو هاڻي ’دي ڪراچي گرامر اسڪول‘ جي نالي سان مشهور آهي. جعفر بيگ جي پهرين زال مان پٽ سڊني لنڊن ۾ ناناڻن وٽ رهي تعليم مڪمل ڪئي. ان بعد موڪلن ۾ هو ڪراچي ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائرن سان ۽ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ پنهنجن سوٽن پڦاٽن سان ملڻ آيو.
جلد ئي مرزا جعفر بيگ ڪراچي جو مشهور ڊاڪٽر ٿي ويو. سنڌ جي مختلف شهرن کان، خاص ڪري حيدرآباد کان مريض هن وٽ علاج لاءِ اچڻ لڳا. غريبن کي هو بنا في جي تپاس ڪرڻ لڳو ۽ ميري ويدر ٽاور وٽ هن هڪ خيراتي ڊسپينسري به ٺاهي، جو ان پاسي- کارادر، ميٺا در، چاڪيواڙي ڏي غريب ماڻهو رهيا ٿي. ۽ پوءِ 1898ع اهو سال هو، جنهن ۾ پليگ وبا ڪراچيءَ کي وڪوڙي وئي. جعفر پنهنجي فئملي پنهنجي اباڻي گھر ٽنڊو ٺوڙهي ۾ موڪلي پاڻ ڏينهن رات مريضن جي خذمت ڪرڻ لڳو. ان دوران بدقسمتيءَ سان ڊاڪٽر صاحب به هن وبا جو شڪار ٿي ويو ۽ 39 سالن جي ڄمار ۾ 1898ع ۾ گذاري ويو. کيس ڪراچيءَ ۾ سندن فئملي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا زمين هنن قبرستان لاءِ خريد ڪئي هئي. سندس وفات بعد هن جا ٻار ٽنڊو ٺوڙهو ۾ مرزا قليچ بيگ سان رهڻ لڳا. سندس زال سال ٻه رهڻ بعد پنهنجي وطن انگلنڊ هلي وئي.

مرزا سڊني بيگ ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا

مرزا جعفر بيگ جي ٻارن لاءِ اهو چئي سگھون ٿا ته هنن جو پيءُ توڙي ماءُ يورپي نسل جا هئا يعني پيءَ جارجيا جو هو ته مائرون انگلنڊ جون، انگريز نسل جون. مرزا سڊني بيگ مرزا جعفر بيگ جو وڏو ۽ پهرين انگريز زال مان اڪيلو ٻار هو. هُو 21 اپريل 1886ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو يعني جناح صاحب کان پورا ڏهه سال ننڍو هو. جناح صاحب 1876ع ۾ جنم ورتو. ماءُ جي وفات ۽ پيءُ جي حيدرآباد وڃڻ تي هو پنهنجي ناني وٽ رهي پيو. 1903ع جڏهن هن اسڪول جي تعليم ختم ڪئي ۽ سترهن سالن جو ٿيو ته هو پنهنجي پيءُ جي اباڻي گھر ۾ رهڻ لاءِ ٽنڊو ٺوڙهو آيو.
سڊنيءَ لنڊن ۾ جنهن گھر ۾ ننڍپڻ گذاريو، اتي فقط سندس نانو ۽ ناني رهيا ٿي، پر هتي ٽنڊو ٺوڙهو ۾ سندس پيءُ ۽ چاچن جون فئمليون گڏ رهيون ٿي، ۽ هو جلد ئي سڀني سان رلي ملي ويو. هن پنهنجي ماءُ پيءُ جي گذاري وڃڻ جي کوٽ بلڪل محسوس نه ڪئي. سندس سار سنڀال لاءِ سندس چاچو مرزا قليچ بيگ گارجين ٿي رهيو. ان وقت جي رسم و رواج موجب سنڌ جي مسلمان جاگيردارن، زميندارن ۽ پيرن ميرن جي ٻارن انگريزي تعليم حاصل نٿي ڪئي، پر هن گارجي مرزائن جا پٽ ٻار وڌيڪ تعليم لاءِ ممبئي ويا ٿي ۽ نياڻين کي گھر ۾ پاڙهيو ويو ٿي. سندن مادري ٻولي فارسي ۽ سنڌي هئي، پر فئملي جي هر ماڻهوءَ لاءِ انگريزي سکڻ ۽ ڳالهائڻ ضروري هوندو هو. مهنو ٻه ٽنڊو ٺوڙهو ۾ آرام ڪرڻ بعد هو ڪراچيءَ ۾ آيو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي يعني انهيءَ سال 1903ع ۾. هي ڪاليج ديوان ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج 1887ع ۾ ٺهيو يعني مرزا سڊني جي ڄم جي ٻئي سال. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد مرزا سڊني بيگ کي گورنمينٽ آف انڊيا جي روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي وئي. ياد رهي ته پاڪستان اڃا وجود ۾ نه آيو هو. ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو. پاڪستان مرزا سڊني بيگ جي وفات کان سال پوءِ 1947ع ۾ وجود ۾ آيو.
سڊني بيگ جي پهرين پوسٽنگ الهه آباد ۾ ٿي، جنهن شهر جو اڄ ڪلهه سرڪاري نالو پراياگراج (Parayagraj) رکيو ويو آهي. ان وقت سڊني بيگ جي چاچن اهو ئي فيصلو ڪيو ته جيئن ته هي ڪمائڻ لائق ٿي ويو آهي، ان ڪري هن جي شادي ڪرائي وڃي. الهه آباد روانو ٿيڻ کان اڳ هن جي شادي فخرالنساء سان ڪرائي وئي، جيڪا مرزا قليچ بيگ جي پهرين زال خيرالنساء مان وڏي ڌيءَ هئي. هُوءَ 1889ع ۾ ڄائي هئي ۽ سڊني بيگ کان ٽي سال ننڍي هئي. مرزا قليچ بيگ جي اها زال خيرالنساء وزير علي شيخ جي ڌيءَ هئي، جيڪو دهليءَ ۾ بهادر شاهه ظفر جي درٻار ۾ وڏو عملدار هو. فخر النساء جي پوٽي مهر افروز ٻڌائي ٿي ته فخرالنساء ڪڏهن به سنڌي ڊريس نه پاتي. مرڻ گھڙيءَ تائين هوءَ اها ڊريس اوڍيندي رهي، جيڪا دهليءَ ۾ مغل خاندان جي اعليٰ عورتن پهري ٿي. فخرالنساء وڏي شان شوڪت واري ۽ اعليٰ تعليم يافته عورت هئي. هوءَ نرم گفتگو ڪرڻ واري هئي ۽ ڪيترين ئي زبانن کان واقف هئي. ظاهر آهي ته هُوءَ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ٻار هئي ۽ سندس ڏينهن جو وڏو حصو پنهنجي پيءُ سان گڏ گھر جي لئبريريءَ ۾ گذرندو هو.
سڊني بيگ ۽ فخرالنساء کي چار ٻار ٿيا ۽ چارئي ٽنڊو ٺوڙهو ۾ ڄاوا: مرزا فهد بيگ، مرزا فيروز بيگ (مهر افروز جو پيءُ)، مرزا شمشاد بيگ ۽ مرزا جمشيد بيگ.
مرزا سڊني بيگ جي الهه آباد بعد ممبئي بدلي ٿي، جتي هن کي ڪجھه سال رکڻ بعد انگريز حڪومت هن کي ترقي ڏئي ڪراچيءَ ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر ڪري رکيو. برٽش راڄ ۾ ان وقت تائين اهڙين اهم نوڪرين تي فقط انگريز رکيا ويا ٿي، پر مرزا سڊني بيگ جي فئملي بئڪ گرائونڊ ۽ انگريزي تعليم هن کي اهڙي اهم پوسٽ ڏياري.
1923ع مرزا سڊني بيگ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ پنهنجي فئملي لاءِ نئون گھر ٺهرايو. سندس چاچو ۽ گارجين مرزا قليچ بيگ اڃا حيات هو، جنهن هن گھر جو بنيادي پٿر رکيو ۽ دعا پڙهي. مرزا قليچ بيگ 1929ع ۾ وفات ڪئي. 1930ع ۾ مرزا سڊني بيگ ڪراچيءَ ۾ هڪ سنڌين جي نئين علائقي مسلم ڪالوني ۾ پلاٽ وٺي اتي به گھر ٺهرايو ۽ هن گھر جو نالوWest View رکيو. هي علائقو ڪراچي جي مشهور ’وٺا ڀائي پٽيل پارڪ‘ سان لڳو لڳ آهي، جنهن جو ورهاڱي بعد ’نشتر پارڪ‘ نالو رکيو ويو. هنن جي گھر وٽان جيڪو روڊ گذري ٿو، ان جو نالو مرزا قليچ بيگ روڊ رکيو ويو. 1941ع ۾ 55 ورهين جي ڄمار ۾ مرزا سڊني بيگ ڪراچي واري گھر ۾ وفات ڪئي. سندس زال فخرالنساء 1975ع ۾ وفات ڪرڻ تائين هن گھر ۾ ئي رهي.
آخر ۾ ٽنڊو ٺوڙهو جي مرزائن يعني گُرجي مرزائن (مرزا خسرو بيگ ۽ فريدون بيگ جي اولاد) بابت لکندو هلان ته زندگيءَ جو وڏو حصو ٻاهر گذارڻ جي باوجود منهنجي ٽنڊو ٺوڙهو جي ڪيترن ئي مرزائن سان ملاقات رهي. هو سهڻا هجڻ جي باوجود بيحد ذهين، محنتي، اخلاق وارا، سافٽ اسپوڪن (نرم گفتگو) ڪرڻ وارا ۽ ايماندار رهيا آهن، جن جو مثال ادب ۽ شاعري جي شوقينن لاءِ نصير مرزا آهي. اسان جو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ ٽنڊو قيصر جو مرحوم رئيس نور احمد نظاماڻي (ڪِٽ نمبر 7) چوندو هو ته اسان سڀ سني توڙي شيعا بيحدAggressive (جھيڙاڪ) طبيعت رکون ٿا، سواءِ گرجي (ٽنڊو ٺوڙهو) جي مرزائن جي. چرچي طور اهو به ٻڌائيندو هلان ته ان وقت اسان جڏهن پيٽارو جي يار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا (ڪِٽ نمبر 6896) لاءِ چوندا آهيون ته اهو ڀلا چڙ جو تِکو ڇو آهي، جيتوڻيڪ سندس والد جسٽس ظفر مرزا صاحب ته بيحد صبر ۽ تحمل وارو آهي. ان تي منهنجو پيٽارو جو هڪ ٻيو ڪلاس ميٽ ۽ روم ميٽ ڪموڊور اشفاق بيگ (ڪِٽ نمبر 69) کِلي چوندو هو ٽنڊو ٺوڙهو جي مرزائن ۾ جتي سڀ جينئس ۽ نرم گفتار آهن، اتي هڪ اڌ پيس ڏنگو به نڪرندو رهي ٿو. بهرحال اهو ته ٿيو چرچو، پر حقيقت اها آهي ته آئون ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ننڍي هوندي کان سڃاڻان، هُو دل جو صاف ۽ نرم دل به آهي، هُو شايد پنهنجن ناناڻن ڪري (قاضي عبدالمجيد عابد ۽ قاضي اڪبر هن جا ماما ٿين) يا پنهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽن آصف زرداري (ڪِٽِ نمبر 991) ڊاڪٽر عاصم (ڪِٽِ نمبر 695) جي ڪري سياست ۾ داخل ٿيو. هن لاءِ سياست کان وڌيڪ بهتر فوجي نوڪري هئي. هن جي طبيعت مطابق هن لاءِ فوج ۾ ئي رهڻ صحيح هو، پر هن جي قسمت ۾ شايد سياست هئي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو تعلق مرزا خسرو بيگ (مرزا قليچ بيگ جي ناني) سان آهي.
• ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو والد جسٽس ظفر حسين مرزا هڪ دلير ۽ ايماندار جج هو. هن ٻه شاديون ڪيون، پهرين زال افروز بيگم مان کيس چار ٻار ٿيا:
(1) ذُوالفقار مرزا
(2) ياسمين
(3) شاهين
(4) ناهيد
ٻي زال بلقيس بيگم مان ٽي ٻار ٿيا
(1) انيتا
(2) فواد مرزا ۽
(3) زينت.
• ظفر حسين مرزا 1926ع ۾ ڄائو هو ۽ 89 سالن جي ڄمار ۾ 2015ع ۾ وفات ڪيائين.
• جسٽس ظفر حسين مرزا جي والد جو نالو مرزا علي نواز بيگ هو. هُو انگريزن جي دور ۾ سکر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو.
• مرزا علي نواز بيگ مرزا محمد رحيم بيگ جو پٽ ۽ مرزا خسرو جو پوٽو هو.
• ذوالفقار مرزا جي شادي سندس مامي قاضي عبدالمجيد عابد جي ڌيءَ فهميده مرزا سان ٿي ۽ کيس ٻه پٽ: حسنين مرزا ۽ حسام مرزا آهن.

هڪ ڳالهه ٿي چوانءِ ’نه‘ هرگز نه ڪجانءِ..!

ذوالفقار مرزا چيو ته، ”توهان جا ڪتاب پڙهي، توهان سان سڃاڻپ ٿي.“ وراڻيومانس ته، ”تون ننڍڙو ٻار هئين، آئون ان وقت کان توکي سڃاڻان بلڪه منهنجي واقفيت توهان جي والد صاحب جسٽس ظفر حسين سان ٿي، جڏهن هو وڪيل هو.“ دراصل منهنجي والد گل محمد شيخ ۽ منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومري جي ننڍي ڀاءُ چاچا لالا (فاران هوٽل واري) گڏ وڪالت شروع ڪئي. حيدرآباد جي جسٽس حامد علي مرزا جو والد جسٽس عبدالرحمان مرزا انهن ڏينهن ۾ سينئر وڪيل هو، جنهن وٽ هنن وڪالت سکي ٿي. جسٽس عبدالرحمان مرزا منهنجي نانيءَ جو ڀاءُ هو يعني منهنجي والد جي سس جو ڀاءُ. منهنجو والد جلد ئي وڪالت ڇڏي روينيو ۾ آيو ۽ مختيارڪار ٿيو، بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر. جسٽس ظفر مرزا بابا کان نَوَ سال ننڍو هو، پر آخر تائين هڪ ٻئي جا سٺا دوست رهيا.
ان تي ذوالفقار مرزا پڇيو ته، ”پوءِ ادي پروين منهنجي ڇا ٿي.“
“اهو ئي آئون توهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان.” مون چيو مانس، “پروين منهنجي والده شريفان جي سڳي سوٽ هئي-يعني منهنجي ناني جي ڀاءُ چاچا لالا (الهه ڏتي سومري) جي ننڍي ڌيءَ”.
پروين جي شادي مئڊم امينه خميساڻي جي پٽ رياض خميساڻيءَ سان ٿي هئي. ڪجھه سالن بعد سپر هاءِ وي تي حادثي ۾ هُوءَ گذاري وئي. کيس ٻه ٻار ٿيا. وڏو پٽ سعد آمريڪا ۾ آهي ۽ ڌيءَ شازيه، آرٿوپيڊڪ سرجن جوکيو جي ننهن آهي.
بهرحال هتي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اسان جي ناني جي ڀاءُ لالا سومرو کي تعليم جو وڏو فڪر هو. پاڻ به سٺو وڪيل هو. هن پنهنجي وڏي ٻار ادي رضيه (جيڪا مون کان ٽي سال وڏي هئي) اڃا پنج سالن جي هئي ته هن کي انگريزي بورڊنگ اسڪول ڪوهه مري ۾ داخل ڪرايو. ان بعد ڪجھه سالن بعد پنهنجي ٻي ڌيءُ پروين کي به ڪوهه مريءَ موڪليو ۽ ساڳئي وقت هن پنهنجي دوست وڪيل ظفر حسين مرزا کي به صلاح ڏني ته هو پنهنجي پٽ ذوالفقار کي به اوڏانهن موڪلي. سو اهڙي طرح پروين سان گڏ ننڍڙي ذوالفقار کي به ڪوهه مري موڪليو ويو. گُرجي (Georgian) مرزائن جو هڪ ٻيو ٻار به ذوالفقار سان گڏ ڪوهه مري روانو ٿيو هو. هن وقت هن جو نالو مون کي ڌيان ۾ نه پيو اچي.
ذوالفقار مرزا جي گھر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا قاضي عبدالمجيد عابد جي ڌيءَ ٿئي ۽ ذوالفقار جي والده قاضي عابد جي ڀيڻ. قاضي عبدالمجيد عابد جن جو والد قاضي عبدالقيوم جن جو گاڏي کاتي وارو پهريون گھر ۽ منهنجي ناني جو گھر هڪٻئي ڀرسان هو. اهو روڊ هاڻي ’قاضي عبدالقيوم روڊ‘ سڏجي ٿو. سو اسان جي ناناڻن ڪري قاضي عبدالمجيد ۽ قاضي اڪبر وارن سان ته ڄاڻ واقفيت هئي پر منهنجي قاضي فئمليءَ سان ان ڪري به پنهنجائپ ۽ واقفيت رهي جو انهن ٻنهي قاضي ڀائرن جا فرزند: اظهر عباسي (گل) ۽ بشير قاضي منهنجا ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ڪلاس ميٽ هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن آچر واري موڪل تي هالا يا حيدرآباد ۾ ناني جي گھر رهڻ بدران اظهر ۽ بشير وارن جي گھر ۾رهي پوندو هوس. بعد ۾ جهازن جي تعليم ۽ نوڪري دوران عبرت اخبار ۾ لکڻ ڪري قاضي عابد صاحب منهنجو وڏو خيال ڪندو هو ۽ ڀائيندو هو ۽ هنن وٽ وڃڻ قائم رکيم.
ذوالفقار مرزا کي چيم ته، ”پنهنجي يادگيرين مان هڪ ڳالهه ٿو ٻڌايئين. هڪ دفعي آئون پنهنجي ڪلاس ميٽ اظهر عباسي (قاضي) ۽ سندس والد قاضي عابد سان گڏ ڪراچي آيس. شام جو توهان جي گھر به آياسين. تو شايد ڊاڪٽري پئي پڙهي، يا ڊاڪٽري پڙهي نيويءَ ۾ وڃي چڪو هئين. بهرحال جيئن ئي اسان توهان جي گھر (باٿ آئلينڊواري) ۾ داخل ٿياسين ته توهان جي والده در تائين اچي قاضي عابد صاحب کي کيڪاري، يڪدم چيو ته ’ادا! هڪ ڳالهه ٿي چوانءِ!... ’نه‘ هرگز نه ڪجانءِ.‘ اسان به وائڙا ٿي وياسين ته هوءَ الائي ڇا ٿي چوي، ۽ پوءِ قاضي عابد جا هٿ جھلي چيائين: مون کي پنهنجي پٽ جي شادي فهميده سان ڪرائڻي آهي.“
جيسين قاضي عابد صاحب ڪو جواب ڏئي ذوالفقار مرزا جو والد جسٽس ظفر حسين به قاضي صاحب جي آڌرڀاءُ لاءِ در وٽ اچي ويو ۽ اسان اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين. ذوالفقار مرزا کي چيم ته اڄ به توهان جي والده جنهن اسٽائيل، پنهنجائپ ۽ خلوص سان تنهنجي سڱ لاءِ ڀاءُ کي چيو، منهنجي ڪنن ۾ اهي لفظ صاف ٻُري رهيا آهن.
ذوالفقار مرزا ٽهڪ ڏيندي چيو، ”يار واقعي منهنجي والده وڏي authoritative طبيعت جي هئي.“
بهرحال هتي جڏهن جارجيا جي مرزائن جون مون ٻيون ڳالهيون لکيون آهن، هيءَ به لکي ويٺو آهيان، جو اهي سڀ تاريخ جو حصو آهن. شايد ڪيترن پيٽارو وارن کي به خبر نه هجي ته ذوالفقار پنهنجي تعليم ڪوهه مريءَ کان شروع ڪئي هئي.

اسان جي ناناڻي فئملي..!

عبدالله سومرو (ڄم: 1880ع جي لڳ ڀڳ)
هُو ننڍي هوندي خيرپور ناٿن شاهه کان حيدرآباد آيو ۽ سائيڪلن جو دڪان کوليائين. حيدرآباد جي شاهه خاتون نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. امان جي ڏاڏي هجڻ ڪري اسين به کيس ’ڏاڏي شائل‘ سڏيندا هئاسين.

اولاد:
(1) غلام فاطمه بروهي
(آپا تاج، حليم، عليم ۽ نعيم بروهي وغيره جي والده. فهيمه قلباڻيءَ ۽ شفيق صديقيءَ جي ناني).
(2) زينت شيخ
خيرپور جي خان محمد شيخ جي زال (انجنيئر عرض محمد شيخ، نذيران، نسرين ۽ نسيم وغيره جي والده).
(3) سيٺ محمد حسن سومرو (’زميندار هوٽل‘ جو مالڪ)
اسان جو نانو، اسان جي نانِي جسٽس حامد علي مرزا جي پڦي هئي. اسان جي ناني جي اولاد ۾: شريفان (منهنجي والده)، زيب النساءِ (پروفيسر رضا حسين، طارق حسين گھلو ۽ منهنجي زال مستوران جي والده)، امان الله سومرو: نجيب الله سومري جج جو ڏاڏو ۽ ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسرياڻي ڊاڪٽر فلڪ سحر جو نانو) ۽ زبيده ٻگھيو (محمد علي ٻگھيو جي زال) جنهن جي پٽ ذوالفقار (زلفيءَ) کي دهشتگردن 1990ع ۾ شهيد ڪيو هو.
(4) چاچا لالا (الهه ڏتو سومرو)
سندس اولاد رضيه، جنهن جي شادي ڊاڪٽر غني صديقي سان ٿي، اختر سومرو جيڪو فاران هوٽل هلائي ٿو، جنهن جي پٽ تي وڏي جو نالو عبدالله سومرو آهي. پروين جنهن جي شادي پروفيسر امينه خميساڻيءَ جي پٽ رياض خميساڻيءَ سان ٿي. پروين ۽ سندس ڀيڻ رضيه لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هنن پرائمري تعليم ڪوهه مريءَ مان حاصل ڪئي. جتي ذوالفقار مرزا کي پڻ سندس والد موڪليو هو.

سفر جي شوقينن لاءِ هڪ ڪارآمد سفرنامو

اسان جي ڳوٺائي اديب ۽ سفر ناما لکندڙ عبدالله مورائيءَ جو ٻه هفتا اڳ فون آيو. ڳوٺائيءَ مان منهنجو مطلب هڪ ڳوٺ سان ته نه آهي جو هو موري جو آهي ۽ آئون هالا جو. ٻنهي شهرن جي وچ ۾ ٻن اڍائي ڪلاڪن جو پنڌ آهي ۽ ايترن ئي ڪلاڪن جو سفر سئيڊن جي مون واري شهر ’مالمو‘ (جتان جي يونيورسٽيءَ مان مون تعليم حاصل ڪئي ۽ جنهن بندرگاهه ۾ ڪيترائي دفعا جهاز کي لنگرانداز ڪيوسين) کان سئيڊن جي شهر ’گوٿن برگ‘ تائين آهي، جتي اڄ ڪلهه عبدالله مورائي رهي ٿو ... پر جتي آسٽريليا کان ڪئناڊا، ٽوڪيو کان وئنڪوئر ۽ منيلا کان ممباسا تائين جون ڏورِيون (وڇوٽيون) به سُسي ويون آهن، اتي ايتري ننڍڙي فاصلي تي رهندڙ اسان ڳوٺائي ته ٿياسين.
عبدالله چيو ته سندس هڪ نوجوان مائٽ اسد ڪريم سومري يورپ جو سفرنامو ’مورو کان پئرس‘ لکيو آهي ان لاءِ پيش لفظ لکڻا آهن. مون هڪ نئين ليکڪ جي همٿ افزائيءَ خاطر هائوڪار ڪئي ۽ اهو به سوچي ته عبدالله صاحب پڻ چيو آهي. ٻئي ڏينهن اسد جيڪو اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو ان جو به فون آيو. سفرنامي جي ڊمي موڪلڻ سان گڏ پاڻ درويش يعني اسد، فون تي اهو ئي چوندو رهيو ته، ”سائين پهرين ڪوشش آهي، جيڪي سمجھه ۾ آيو آهي اهو ائين ئي لکيو اٿم.“ دل ۾ چيم ته ڇا به لکيو ويو هجي، هن عمر ۾ مون کي اهو سڄو پڙهڻو پوندو ۽ عبدالله مورائيءَ خاطر پيش لفظ لکڻو پوندو.
اسد ڪريم صاحب جو هي سفرنامو، جنهن جي نالي جو هن اڃان فيصلو نه ڪيو آهي، پڙهڻ شروع ڪيم. تمام ننڍڙي فونٽ ۾ پرنٽ ڪري موڪليو هئائين. عام حالتن ۾ هن عمر ۾ ان پرنٽ جو هڪ ٻه صفحا پڙهڻ به ٿڪائي رکي ٿو پر ٿڪجڻ جي باوجود هر دفعي هڪ ٻئي پويان ڪيترائي صفحا پڙهندو ويس ٿي ۽ باقيءَ کي پڙهڻ لاءِ ايندڙ فرصت جي ڳولا ۾ رهيس ٿي. ’ان جو مطلب ڇا سمجھي سگھو ٿا؟‘ اهو ئي ته اسد ڪريم جي لکڻي دلچسپ ۽ روان لڳي. واقعي اسد جو سفرنامو موجوده حالتن مطابق معلوماتي لڳو ۽ هن سفرنامي ۾ قاعدن قانونن ۽ جديد ٽيڪنالوجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سفر ڪرڻ جون اهڙيون ته ڳالهيون لکيل نظر آيون، جيڪي اڄ ڪلهه هر سفر ڪرڻ واري کي پڙهي پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کپي، چاهي هُو يورپ جي انهن ملڪن ۾ وڃي، جن جو هن ڪتاب جو ليکڪ سفر ڪري آيو آهي، چاهي ڪو ڏُور اوڀر يا ڪنهن آفريڪا جي ملڪ ڏي وڃي. اسد هي سفرنامو نه فقط تمام سٺي ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ لکيو آهي پر هر ڳالهه کي سمجھائڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي سفرنامو جيڪو پڙهڻ کان اڳ مون کي بار پئي لڳو ان کي پڙهڻ ۾ مزو اچڻ لڳو. آئون سٺي لکڻي لاءِ هميشه اهو ماپو ٻڌائيندو آهيان ته هر اها لکڻي جنهن کي شروع ڪرڻ بعد ڇڏڻ تي دل نه چوي معنيٰ اها سٺي آهي. سٺيءَ سان منهنجو مطلب ڪنهن اخلاقي يا مذهبي لکڻيءَ سان نه، پر دلچسپ لکڻيءَ سان آهي. يعني اهو ڪتاب هلي ويندو، ان ۾ دم آهي. اسد ڪريم پنهنجي سفرنامي جي ڊمي ڪاپي موڪلڻ وقت جيڪو بيحد نئڙت ۽ نماڻائيءَ سان پنهنجي سفرنامي لاءِ پئي چيو، ان غلط فهميءَ مان هن کي ڪڍڻ کي پنهنجو فرض سمجھي، مون يڪدم فون ڪيومانس ته، ”ڳالهه ٻڌو، توهان جي تعريف نٿو ڪريان پر حقيقت ٿو چوان ته توهان ادبي توڙي معلوماتي خيال کان تمام سٺو سفرنامو لکيو آهي.“ اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ مارڪيٽ ۾ ڪيترائي سفرناما آهن، پر اسد ڪريم جو هي سفرنامو پنهنجي نوعيت جو آهي، جنهن کي پڙهڻ لاءِ آئون ٻين کي به recommend ڪندس. اسد کي چيم ته، ”تنهنجو سفرنامو پڙهي نه رڳو ان تي ٽيڪاٽپڻي پر رهيل کوٽ کي به ڀرڻ جي ڪوشش ڪندس.“
هي سفرنامو وندر ۽ معلومات خاطر پڙهڻ لاءِ ان ڪري چيو اٿم جو هن ۾ ليکڪ اڄ جي حالتن پٽاندڙمختلف ڄاڻ ڏني آهي،جيئن قطر وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين لاءِ پنهنجي ملڪ مان ويزا وٺي وڃڻ ضروري نه آهي. اتي پهچي ملي وڃي ٿي، پر ان سان گڏ هن ٻه شرط به لکيا آهن ته اهي ضروري آهن.هڪته پاڪستاني شهريءَ کي ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ ضرور رکڻ کپي ۽ ٻيو شرط پوليو جي سرٽيڪفيٽ هجڻ جو آهي. اها ڳالهه مون لاءِ به نئين آهي. ڪنهن کڻي ڪيترا به سفر ڪيا هجن پر هر سفر تي نڪرڻ مهل هن کي ان ملڪ جي سر زمين جي قاعدن قانونن جي ڄاڻ ضرور رکڻ کپي. چڱو جو اسد، جنهن ننڍي عمر ۾ سفر ڪيو اهڙين ڳالهين کان چڱي طرح واقف ٿي گھر کان نڪتو آهي. قطر ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر اهڙو ڪو ڄٽ هو ۽ اهڙا ڄٽ واسطيدار آفيسر توهان کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملندا، جن جي نادانين، نا سمجھين ۽ ڄٽپڻي ڪري مسافر پريشان ٿيو وڃن، خاص ڪري عرب ملڪن ۾ ۽ ڪنهن زماني ۾ ڪميونسٽ ملڪن ۾ به ان قسم جا مثال عام ٿيا ٿي-هن اسد جي پاسپورٽ تي قطر جي ويزا نه ڏسي هن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل نه پئي ڪيو پر اسد هن کي سمجھايو ته تازو قانون هن ريت آهي. هن پڪ ڪرڻ لاءِ هڪ سينئر آفيسر کان پڇيو، جنهن چيس ته پاڪستاني مسافر جي ڳالهه صحيح آهي، پر هن وٽ ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ پوليو جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي. اسد سفر لاءِ چڱي طرح تيار ٿي نڪتو هو ۽ چڱو جو اهي ٻئي شيون حاصل ڪري پوءِ پنهنجو ملڪ ڇڏيو هئائين، نه ته ڪيترن موقعن تي اسان جا مسافر ولايت گھمڻ جي شوق ۾ ايڏو غيرسنجيده ۽ توائي ثابت ٿيا آهن جو سفر مان لطف وٺڻ بدران پاڻ کي مونجھاري ۽ تڪليف ۾ وجھيو ڇڏين. ڪيترن کي ته اهو به هوش ناهي ته سنگل ويزا ڇا آهي، Multiple ويزا ڇا آهي.
آئون ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جي بارڊر واري شهر ’جوهورباروءَ‘ وٽ اسان جي ملڪ جي مسافرن سان ان بابت مصيبت ٿيندي هئي. هو ملائيشيا گھمڻ لاءِ ايندا هئا، جتان پنهنجي ملڪ موٽندا هئا يا ٿائلنڊ گھمڻ لاءِ ويزا به پنهنجي ملڪ مان وٺي ايندا هئا. هفتو ڏيڍ ملائيشيا ۾ رهي پوءِ ٿائلنڊ ويندا هئا جتان پوءِ ٽڪيٽ موجب بئنڪاڪ مان ڪراچي موٽندا هئا. جيڪي ملائيشيا گهمڻ لاءِ ايندا هئا۽ هنن جي ٽڪيٽ ’ڪراچي - ڪوالالمپور - ڪراچي‘ هوندي هئي، اهي ڪڏهن ڪڏهن ملائيشيا ۾ ٻين وطني سڃاڻن کي ٿائلنڊ ويندو ڏسي مستي ۾ اچي ويندا هئا ۽ هنن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ پاڻ به ٿائلنڊ جو پروگرام ٺاهيندا هئا، جنهن لاءِ ڪوالالمپور ۾ ٿائي سفارتخاني مان ڏينهن اڌ ۾ ويزا مليو وڃي. ويل ۽ گڊ! هنن صحيح ڪيو، جو بنا ويزا جي هو ٻئي ملڪ ۾ گھڙي نٿا سگھن. جيتوڻيڪ ڪيترا ملڪ آهن جن جي بارڊر وٽ ٺڳ ٽئڪسي وارا يا ٻيڙين وارا پئسي جي لالچ ۾ توهان کي بنا ويزا جي بارڊر ٽپائي ٻئي پاسي ڪريو ڇڏين، جيڪو وڏو ڏوهه آهي ۽ گرفتار ٿيڻ تي ان جون ڳريون سزائون آهن.
اسان جا ماڻهو ڪوالالمپور مان ٿائلنڊ جي ويزا وٺي ٽرين يا ٽئڪسيءَ ذريعي ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي گھمن ڦرن ٿا. ڪو مسئلو نٿو ٿئي. سندن سڃاڻُن جن جي ڪري هي به ٿائلنڊ آيا، انهن وٽ ته ٽڪيٽ ’ڪراچي - ڪوالالمپور - بئنڪاڪ - ڪراچي‘ هجڻ ڪري اهي ٿائلنڊ گھمڻ بعد بئنڪاڪ جي هوائي اڏي تان پنهنجي وطن موٽن ٿا. پر هنن جي ٽڪيٽ ڪوالالمپور کان ڪراچي آهي ان ڪري هو ملائيشيا وڃڻ جي ڪن ٿا. ’ٿائلنڊ - ملائيشيا‘ بارڊر تي ملائيشيا جي اميگريشن پوليس کين هاڻ ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِEntry جو ٺپو هڻڻ کان صاف انڪار ڪري ٿي. ڇو؟ ان ڪري جو هو ڪراچيءَ کان ملائيشيا وڃڻ لاءِ سنگل انٽري ويزا تي آيا هئا، جيڪا ملائيشيا کان ٿائلنڊ وڃڻ وقت ختم ٿي وئي. هاڻ وري ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هنن کي نئين ويزا کپي يا هنن وٽ ملٽي انٽري ويزا هجي ها. نتيجي ۾ هنن کي وري بئنڪاڪ موٽڻو پوي ٿو جتي موجود ملائيشيا جي سفارتخاني مان ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نئين ويزا وٺڻي پوي ٿي. يا پراڻي ٽڪيٽ ڪوالالمپور کان ڪراچي ختم. بئنڪاڪ کان ڪراچي وڃڻ لاءِ نئين ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي يعني هڪ مسافر گھمڻ بدران سورن ۾ پئجي ويو- تڪليف الڳ ته خرچ الڳ. اهو رڳو ان ڪري جو هو گھران نڪرڻ وقت پنهنجي سفر جو چڱي طرح هوم ورڪ ڪري نٿو نڪري. پر اسد ڪريم هر ڳالهه چڱي طرح سوچي سمجهي ۽ ان جي معلومات رکي پوءِ سفر شروع ڪيو آهي ۽ اهڙين ڳالهين ۽ ممڪن غلطين بابت پڙهندڙن کي به آگاهه ڪندو هلي.
جيتوڻيڪ اسد ڪريم جو هي پهريون وڏو سفر هو پر هن کي شاباس هجي ته هو ڪوشش ڪري سفر ۾ درپيش ايندڙ روٽين ڳالهين ۽ ممڪن مشڪلاتن جي آگاهي اڳواٽ معلوم ڪري پوءِ نڪتو آهي ۽ هن ان بابت احوال پنهنجي سفرنامي ۾ ڏنو آهي، جنهن سان پڙهندڙ کي ڄاڻ ٿيندي ۽ هن جي پنهنجي زندگيءَ ۾ سفر جو پروگرام ٺاهيو ته يقينن هن لاءِ آساني ٿيندي. مثال طور ڪجھه سالن کان هر ايئرلائين طرفان ’آن لائن چيڪ اِن‘ ٿيڻ جي سهولت ٿي پئي آهي، جيڪا ڪجھه سال اڳ تائين نه هئي. اسان کي هر سفر ۾ ايئرپورٽ تي پهچي ڊگھي قطار ۾ بيهڻو پيو ٿي پوءِ وارو اچڻ تي ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪريءَ ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ وٺي پنهنجي اڳيان رکيل ڪاغذن جي ٿهي ۾ ۽ ڪمپيوٽر تي کوج لڳائي ٿي ته هن ماڻهوءَ ٽڪيٽ خريد ڪئي آهي يا نه ۽ هن جي واقعي اڄ اڏام آهي يا ٻئي ڪنهن ڏينهن تي. پوءِ نالو نمبر وغيره ٽائيپ ڪري بورڊنگ ڪارڊ ڪڍي ڏئي ٿي، پر هاڻ اهو ڪم توهان گھر ويٺي نيٽ تي سرانجام ڏئي سگھو ٿا ۽ توهان جو ۽ ٻين جو وقت بچيو وڃي.
اسد لکي ٿو ته هن کيOnline Check in جو مشورو سندس والد ڊاڪٽر عبدالڪريم سومرو صاحب ڏنو، جيڪو سنڌ حڪومت ۾ چيف پئٿالاجسٽ هو ۽ هاڻ بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ پروفيسر آهي. اسد جي والدين کي سال ٻه اڳ سئٽزرلئنڊ جي ايئرپورٽ تي جهاز جي عملي جهاز ۾ وهڻ جي بورڊنگ پاس ڏيڻ ۾ دير ڪئي هئي ۽ کين اهو چئي انتظار ڪرايو ويو ته پهريائين انهن مسافرن کي بورڊنگ پاس ڏنو ويندو جن ’آن لائين چيڪ اِن‘ ڪيو آهي. نتيجي ۾ هنن لاءِ ٿوريون سيٽون وڃي بچيون ۽ کين گڏ وهڻ لاءِ هڪ ئي هنڌ ٻه سيٽون ملڻ بدران پري پري مليون.
اسد ڪريم جي انهن ڳالهين مان هڪ مسافر کي اهو ئي سبق حاصل ڪرڻ کپي ته ماڊرن ٽيڪنالاجي هر روز تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجھه ان ڪري ته جيئن انسانن کي سهولت ملي ۽ فائدو رسي، پر اهو فائدو فقط اهي حاصل ڪري سگھن ٿا، جيڪي روزمره جي تبديلين کان واقف رهن ٿا.
اسد جو هي سفرنامو مون کي پڪ آهي ته ماڻهو خاص ڪري نوجوان طبقو دلچسپي سان پڙهندو، ان ڪري جو هي مارڪيٽ ۾ موجود سفرنامن کان مختلف آهي. اسد جن هنڌن تي ويو آهي، اهي پڙهندڙن لاءِ نوان آهن. جيئن ڪوبه عرب ملڪن ڏي رخ رکي ٿو ته دبئي ۽ سعودي عرب ڏي وڃي ٿو ۽ انهن بابت ئي سفرنامو لکي ٿو، وڌ ۾ وڌ ابو ڌابيءَ بابت. اسد اوڏانهن وڃڻ بدران قطر ويو آهي. ويجھڙائيءَ ۾ ’قطري خط‘ جي ذڪر بعد ماڻهن جي دماغ ۾ قطر آيو آهي پر اڄ به ڪيترا اهو ئي سمجھن ٿا ته دبئي ۽ ابو ڌابيءَ وانگر قطر به امارات جو ملڪ آهي، پر ائين ناهي. قطر الڳ ملڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي ملڪ سعودي عرب، عراق، عمان، يمن جهڙو ڪو وڏو ملڪ نه آهي. مٽياري ۽ ٺٽي ضلعي کان به ننڍو آهي. پيٽرول ملڻ تي هي ملڪ امير ٿي ويا آهن ۽ ان ۾ هتي جي حاڪمن جي گڊگورننس جو به هٿ آهي، جو هنن شروع کان امن امان کي ترجيح ڏني ۽ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرايو، جنهن ڪري هنن ڀِٽُن ۽ رڻ پٽن ۾ هر ملڪ کان امير ماڻهو پئسو Invest ڪرڻ لاءِ ۽ غريب پورهيت محنت مزوريءَ لاءِ اچي ويو. ان ڪري هي ننڍڙا ننڍڙا ملڪ يورپ جي ماڊرن ملڪن وانگر ٿي پيا آهن نه ته مون کي 1960ع وارو ڏهاڪو ٿو ياد اچي ته دبئي ۽ دوحا جهڙا شهر سنڌ جي ڀٽ شاهه ۽ باڊهه جهڙا هئا.
يورپ جي مختلف بندرگاهن مان ٿي بيروت آياسين ته اتان اسان جي جهاز کي لوهي پائيپ ۽ ٻيو ڪنسٽرڪشن جو سامان ۽ مشينري دبئي ۽ دوحا لاءِ مليو. سئيز ڪئنال بند هو سو سڄو ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي جبرالٽر ڳچي سمنڊ وٽان ٻاهر نڪري، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آياسين ۽ آفريڪا جو سڄو اولهه وارو ڪنارو لتاڙي ڪيپ آف گولڊ هوپ وٽان مڙي، هندي وڏي سمنڊ ۾ آياسين. رستي تي دارالسلام ۽ ممباسا جهڙن بندرگاهن مان ٿيندا، ايراني نار واري سمنڊ ۾ داخل ٿياسين، جنهن ۾ دبئي ۽ دوحا آهن.
سڄي واٽ اهو سوچيندا رهياسين ته اهي بندرگاهن جا نالا آهن يا ملڪن جا! پهرين دوحا آياسين. اتي جي ماڻهن کان کڻي پڇ ته ڪي پيا چون ته دوحا آهي ته ڪي قطر پيا چون. سنگاپور وانگر جيڪو شهر به آهي ته ملڪ به، پر پوءِ خبر پئي ته قطر ملڪ جو نالو آهي ۽ دوحا ان جو اهم شهر ۽ بندرگاهه آهي. بندرگاهه کان پري ٿي نڪتاسين ته ڪو ٻيو شهر نظر نٿي آيو. ملڪ جو وڃي ٿي ٻيو ڇيڙو کنيوسين. اهو ته هاڻ قدم قدم تي رونقون ٿي پيون آهن، پر تن ڏينهن ۾ خيرپور ضلعي کان به ننڍي ملڪ قطر ۾ چوڌاري واري ۽ ويراني هئي. ياد رهي ته خيرپور ضلعو 16000 کن چورس ڪلوميٽر آهي ۽ قطر ملڪ فقط 11600 چورس ڪلوميٽر. دبئي ته قطر جي به ٽئين حصي جيترو آهي.
بهرحال دوحا ۾ اسان هفتو کن هئاسين ۽ ٻن ٽن مهينن بعد رومانيا مان وري سامان کڻي دوحا آياسين، پر اسان آخر تائين منجھندا رهياسين ته قطر ۽ دوحا مان ڪهڙو نالو ملڪ جو آهي؟ ڪهڙو هن شهر جو؟ دبئي به ٻئي دفعا پڻ آياسين. بندرگاهه جو نالو پڇون ته اهو به دبئي، ملڪ جو نالو پڇون ته اهو به دبئي. دبئي بندرگاهه کان ڪار ۾ ملڪ جي ديدار لاءِ نڪتاسين ته قطر کان به گھٽ فاصلي تي خبر پئي ته ’دبئي ملڪ ختم هاڻي ابو ڌابي آهي.‘ ”پر آهي ته ساڳيو بيابان ۽ ريتي؟“ اسان پڇندا هئاسين. بارڊر، جتي ڪو هڪ تنبو لڳل مس هو اتي بيٺل شُرطَي واپس ڪري ڇڏيو ته، ”جتان آيا آهيو، اوڏانهن يعني دبئي ڏي هليا وڃو.“ هي 1968ع ۽ 1969ع وارن سالن جي ڳالهه آهي. بعد ۾ 72-1971ع ۾هنن مٽياري ضلعي کان به ننڍن ملڪن (امارتن) پاڻ ۾ گڏجي هڪ ملڪ UAE (يونائٽيڊ عرب امريٽ) ٺاهيو. هن ۾ دبئي، ابو ڌابي، اجمان، شارجه، فجيره، راس الخيمه ۽ ام القيوين سلطنتون گڏ ٿيون، جنهن جي جملي پکيڙ 83600 چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي ۽ ايراضيءَ ۾ سڄو U.A.E. ملڪ دنيا ۾ 114هين نمبر تي اچي ٿو. آدمشماري هڪ ڪروڙ آهي. سا به اڄ ڪلهه جنهن ۾ امارتي عرب فقط 2 لک آهن، باقي ڌاريا آهن. اسان جي ڏکڻ ايشيا پاسي جا، مصري، فلپينو وغيره.
سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي هڪ ٽوئرسٽ کي ته ڇڏيو جيڪو فقط چند ڏينهن لاءِ وڃي ٿو، پر ڌاريا جيڪي واپار ۽ نوڪرين خاطر هن پاسي رهيا پيا آهن، انهن کي به سمجھه ۾ نٿو اچي ته هتي ڪهڙي قسم جو حڪومتي نظام آهي ۽ سڄي UAE (الامارات العربيه المتحده) جو بادشاهه ڪير آهي؟ ڇو جو ڪڏهن ٻڌن ٿا ته دبئي وارو امير سڄي UAE جو حاڪم آهي ته ڪڏهن- ڪجھه سالن بعد اچيو ڏسن، ته UAE جو بادشاهه ته ابوڌابي وارو امير آهي!
ان مونجھاري کي ختم ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن لاءِ مختصر طور هتي اهو پڻ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته هي عرب امارتون (رياستون) قطر، بحرين، عمان وغيره ڪٿي آهن؟ عربستان ۾ آهن يا ايران ۾، يمن ۾ آهن يا مصر ۾. دراصل ان لاءِ ڪتاب وارن کي هڪ نقشو ڏيڻ ضرور کپي جيئن پڙهندڙن کي آئيڊيا ٿئي ته سفرنامو لکڻ وارو ڪٿان کان ڪيڏانهن پيو وڃي ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ رهي پوي ٿو؟ وغيره.
هتي آئون انهن ننڍڙن ننڍڙن ملڪن جي لوڪيشن سمجھايان ٿو جيڪا نقشي بنا به ڌيان ۾ اچي ويندي. دراصل اسان جو بدين، ٺٽو، پورٽ بن قاسم ۽ ڪراچيءَ وارو سامونڊي ڪنارو ڏئي بلوچستان ڏي اتر طرف هلبو ته گڊاني ايندو ۽ پوءِ اولهه ڏي ڪنارو وڃي ٿو. رستي تي اهم بندرگاهه ’اورماڙا‘ اچي ٿو ۽ پوءِ ’پسني‘ ۽ پوءِ ’گوادر‘ آهي. ان بعد بلوچستان جو آخري بندرگاهه ۽ شهر ’جيواني‘ آهي. ان بعد پاڪستان جون حدون ختم ٿين ٿيون ۽ ايران جو بلوچستان شروع ٿئي ٿو، جنهن جو پهريون وڏو اهم بندرگاهه ’ڇابهار‘ آهي. هاڻ اتان ٻه گھٽيون وڃن ٿيون يعني سامونڊي رستا. هڪ ايران جو ڪنارو ڏئي ويندڙ رستو جيڪو سامونڊي رستو ’ايراني نار‘ سڏجي ٿو ۽ ٻيو سامونڊي رستو عمان ۽ يمن سان لڳو لڳ، گلف آف عدن واري سمنڊ کان شروع ٿئي ٿو ته مصر جي سئيز ڪئنال تائين وڃيو پهچي. اهو رستو ’بحرِ احمر‘ سڏجي ٿو، جنهن کي اسين ڳاڙهو سمنڊ (Red Sea) سڏيون ٿا.
سعودي عرب جي بندرگاهه جدي ۽ ينبوع لاءِ هن ٻي گھٽي يعني بحر احمر(Red Sea) ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو. بحرِ احمر جي هڪ ڪپر تي ذباب، المخا، الخوحه، جازان، جدو ۽ ينبوع وغيره آهي ته ٻئي تي عصب، مصوع، پورٽ سوڊان ۽ الغردقه آهي ۽ پوءِ اڳيان گلف آف سئيز ۽ سئيز ڪئنال آهي. ايران ۽ مٿين عرب ملڪن: دبئي، دوحا، بحرين، قطر وغيره لاءِ ڪراچي، گوادر ۽ ايران جي ’ڇابهار‘ بندرگاهه وٽان لنگهڻ بعد ان پهرين سامونڊي گھٽي ايراني نار ۾ گھڙجي ٿو. مون بحرِ احمر ۽ ايراني نار جهڙن وڏن سمنڊن لاءِ ’گھٽيءَ‘ جو لفظ استعمال ڪيو آهي، جو اهو لفظ اسان جا مڪراني ناکا (نائو خدا) ٻيڙيون هلائڻ وارا چون ٿا. فش هاربر يا يونس آباد پاسي بيٺل ٻيڙين تي موجود ناکئن کان پڇندائو ته، ”بابا رڳو ڪياماڙيءَ کان منهوڙو وڃو يا اڳتي به؟“ هُو ٽهڪ ڏئي چوندا ته ”ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو! اسان به توهان وانگر جتي ڪٿي پهچيو وڃون. اسان جي به ٻيڙين تي انجڻ جو آهي.“
ماشاءَالله! هڪ پراڻي گٺل، گھٽ طاقت جي سيڪنڊ هئنڊ انجڻ ته ضرور آهي، پر نه رڊار نه ايڪو سائونڊز، نه سيٽلائيٽ نيويگيٽر نه جيروڪمپاس، آرپا يا LRIT، نه سمنڊ ۽ بندرگاهن جا چارٽ! ڪيئن ٿا پهچن؟ بهرحال سندن دماغ ۽ همت کي شاباس هجي. کانئن پڇبو ته، ’زئنزيبار، ممباسا يا دارالسلام ڪيئن پهچندائو؟‘ ته ان تي شايد هُو ٿورو منجھي منجھي ٻڌائين، پر اتي به ويهه کن ڏينهن ۾ پهچيو وڃن. باقي دبئي، بحرين، ڇابهار يا عدن، آساب، جدي ۽ شرالشيخ جو پڇين ته هُو ان لاءِ يڪدم ٻڌائيندا ته، ”اهي ڪهڙا پري آهن؟ هتان ڪراچيءَ مان نڪرڻ سان پهرين گھٽيءَ ۾ ئي ته منهن وٽ دبئي آهي. ٿورو اڳيان سڏ پنڌ تي قطر ۽ بحرين وغيره“ ۽ جدي لاءِ چوندا ته، ”پهرين گھٽي (يعني ايراني نار سمنڊ) ڇڏي، اڳيان عدن وٽان جيڪا ٻي گھٽي شروع ٿئي ٿي (يعني ڳاڙهو سمنڊ) ان ۾ اندر گھڙ ته جبوتي توڙي جدو ۽ پورٽ سوڊان اچي ٿو. اهي بندرگاهه ڳولڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي؟“
۽ شاباس هجين منزل ڳولهڻ ۾! صحيح رستو اختيار ڪرڻ لاءِ هنن وٽ فقط هڪ جهڙي تهڙي سِڪسٽَنٽ(Sextant) آهي ۽ سندس وڏن کان ورثي ۾ مليل ڪجھه آسماني تارن جي بيهڪ ۽ چر پر جي معلومات.
سو دبئي، ابو ڌابي، شارجا، بحرين، قطر وغيره جهڙيون عرب رياستون يا ملڪ ان پهرين ئي گھٽيءَ ۾ آهن، جتي ماڻهو پيرين پنڌ به پهچي سگھي ٿو ۽ ماضيءَ ۾ اهڙا به ماڻهو ٿي گذريا آهن، جيڪي سنڌ جي ڳوٺن مان پنڌ نڪرندا هئا ۽ بلوچستان لتاڙي ايران ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ پوءِ ايران جي ڪناري تان ڪنهن هنڌان ٻيڙيءَ ۾ ايراني نار ٽپي، سامهون قطر يا دبئي ۽ شارجا ايندا هئا. جتان پوءِ وري پنڌ ڪندا سعودي عرب جي اتراهين شهر الجبل، دمام، الخبر ۾ ايندا هئا، جتان پوءِ پهرين مدينو ۽ پوءِ مڪو شريف اچي ٿو. مديني کان مڪي وارو سفر به هڪ صدي اڳ تائين پئسي وارا کڻي اٺن تي ڪندا هئا، پر ڪيترائي غريب ته پنڌ ڪندا هئا.
مٿيون عرب رياستون ايتريون ته ننڍيون آهن، جو UAE واريون ست امارتون ڳنڍجڻ تي مڙيئي دنيا جي نقشي تي ٿلهي نقطي برابر نظر اچن ٿيون ۽ ٻين عرب رياستن لاءِ ائين سمجھو ته جيڪڏهن UAE هڪ پيالي برابر آهي ته قطر ان جي مقابلي ۾ انب جيڏو آهي ۽ بحرين ته ماڳهين هڪ کارڪ(Date) جيڏو ٿيو. عرب امارتن: دبئي، ابو ڌابي، شارجا وغيره کي جيئن ئي انگريزن طرفان خودمختياري ملي ته انهن سلطنتن جي سلطانن (اميرن) اهو ئي فيصلو ڪيو ته هر هڪ رياست کي پنهنجي فوج، پنهنجو سڪو ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ کان بهتر آهي ته ملائيشيا وانگر گڏجي هڪ وڏو ملڪ ٺاهيون. ملائيشيا جي رياستن جو الڳ الڳ سلطان آهي. انهن سلطانن پنهنجين رياستن: ڪيداح، پرلس، سلينگور، جوهور، ڪيلينتان وغيره کي ملائي ’ملايا‘ ٺاهيو ۽ پوءِ سنگاپور کي ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ هزار کن ڪلوميٽر پري بورنيو ٻيٽ جون ٻه رياستون: صباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان ملائي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو. سڄي ملڪ جو بادشاهه ڪير ٿئي، ان لاءِ هنن اهو قانون ٺاهيو ته واري ڦيري تي هر رياست جو سلطان چئن سالن لاءِ بادشاهه چونڊيو ويندو. ان تي هُو هاڻ مٿين طريقي موجب عمل ڪندا رهن ٿا. ان سان گڏ جيئن ته اڄ جي انساني حقن جي دور ۾ بادشاهت کي خراب سمجھيو وڃي ٿو. هنن ملڪ ۾ بنيادي جمهوريت به رکي آهي ۽ هر پنجن سالن بعد ملڪ ۾ عام چونڊون ٿين ٿيون. عوام پنهنجي ووٽ ذريعي پنهنجي علائقي مان پنهنجي پسند جي سياسي پارٽيءَ جو نمائندو چونڊي ٿو ۽ کٽي ويندڙ پارٽي حڪومت ٺاهي ٿي. ملڪ لاءِ وزيراعظم ڪابينا ٺاهي ٿو. بهرحال ان قسم جي حڪومت، جنهن ۾ بادشاهت به هجي ته جمهوريت جو پهلو به هجي ته ان کي آئيني شهنشاهت (سلطنت)Constitutional Monarchy سڏجي ٿو. ٿائلنڊ ۽ ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ ائين آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ ڪٿي بادشاهه زور آهن، ڪٿي وري جمهوري حڪومت... وزيراعظم، صدر وغيره.
ڪن ملڪن ۾ نالي ماتر وزير مشير آهن، پر هلي رڳو بادشاهه صاحب جي ٿي. ان قسم جي حڪومت ’نج شهنشاهيت‘Absolute Monarchy سڏجي ٿي، جيئن سعودي عرب ۾ سلمان بن عبدالعزيز بادشاهه آهي يا عمان ۾ هئشام بن طارق سلطان آهي. اهي خودمختيار يا کڻي چئجي ته مطلق العنان بادشاهه آهن، جيڪو وڻين قاعدو قانون ٺاهين، جنهن کي وڻين ان کي وزير، مشير يا ڪو ٻيو وڏو عهدو ڏين.
الامارات(UAE) جي حڪومت فيڊرل اليڪٽرو آئيني شهنشاهيت Federal Elective Constitutional Monarchy سڏجي ٿي، جو هن ۾ ملائيشيا وانگر مختلف رياستن گڏجي هڪ فيڊريشن ٺاهي آهي، جنهن جو آئين مطابق پنجن سالن لاءِ حاڪم (بادشاهه) ٺاهيو وڃي ٿو. ملائيشيا جو حاڪم يعني بادشاهه ’ينگ دي پرتئان اگنگ‘ سڏجي ٿو، هيڏانهن عرب امارات جو حاڪم ’امير‘ سڏجي ٿو ۽ اهو امير يا رئيس سڄي ملڪ UAE جو صدر به سڏجي ٿو. UAE جي ستن رياستن جي سلطانن مان هر پنجن سالن بعد هڪ صدر- يعني بادشاهه ۽ هڪ نائب صدر چونڊيو وڃي ٿو. بس دنيا پريزيڊنٽ ۽ وائيس پريزيڊنٽ جو نالو ٻڌي خوش ٿئي ٿي ته عوام جي حڪومت آهي. ٿائلنڊ ۽ ملائشيا جهڙن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ عوامي حڪومت آهي ۽ بادشاهه ان ۾ رخنو نٿا وجھن پر ان هوندي به اتي جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اڄ جي زماني ۾ بادشاهت جون ڳالهيون ٻڌڻ نٿو چاهي. اهو ئي حال توهان ڏسندائو ته سعودي عرب يا UAE جهڙن ملڪن ۾ آهي. پر يارو هڪ ڳالهه آهي ته عوام کي کڻي بادشاهت پسند نه آهي، تڏهن به عوام خاموش آهي، خوش آهي جو هي بادشاهه عوام جو خيال ٿا رکن ۽ ملڪ ۾ خوشحالي چاهين ٿا ۽ بپا ڪن ٿا. سعودي عرب، ٿائلنڊ، انگلنڊ، ملائيشيا جا ماڻهو اهو ئي چون ٿا ته ان جمهوريت کان ته هيءَ بادشاهت سٺي آهي جنهن ۾ بادشاهه کي عوام جو فڪر آهي ۽ هوڏانهن دنيا جي ڪن جمهوري حڪومتن ۾ عوامي نمائندو پاڻ کي عوام جو خدمتگار سمجھڻ بدران پاڻ کي مطلق العنان سمجھي ٿو، پاڻ کي بيپرواهه بادشاهه سمجهي ٿو ۽ بادشاهن وانگر پاور ۾ اچي ملڪ جي جان نٿو ڇڏي ۽ چاهي ٿو ته سندس مرڻ بعد به ٻيو ڪو نه پر سندس پٽ يا ڌيءَ ئي پاور ۾ اچي- ڀلي کڻي اهو کريل ٻار هجي يا ذهني چريو! اهڙي عوامي چونڊيل نمائندي وزيراعظم کان ته نيڪ بادشاهه بهتر آهي، چونڊيل نمائندو جيڪو ملڪ جي دولت لٽي ٿو، ڪرپشن ڪري ٿو، مني لانڊرنگ ڪري ٿو، اهو هڪ ڦورو ۽ ڌاڙيل کان به بدتر آهي. ڇو جو ڌاڙيل ته هڪ ٻن ڪٽنبن جي ملڪيت لٽي انهن کي غريب ڪر ي ٿو، ملڪ جو وزيراعظم يا صدر جي ڌاڙيل ٿي پوي ته سڄي ملڪ کي فقير بنايو ڇڏي، هو نسلن جا نسل تباهه ڪريو ڇڏي.
هڪ مهاتير جهڙو بهتر وزيراعظم هو ته هن پنهنجي ملڪ کي خوشحال بنائي ڇڏيو، ماڊرن ڪري ڇڏيو، پوءِ جڏهن نجيب رزاق جهڙو وزيراعظم ٿيو (جنهن کي آئون خانداني چور نه چوندس جو هن جو ننڍپڻ منهنجي اڳيان گذريو. هو هڪ معصوم ۽ نيڪ مائٽن جو نيڪ اولاد هو. جيسين اسپورٽس ۽ تعليم جو وزير رهيو پنهنجي وزيراعظم والد تُن عبدالرزاق وانگر خلق جي خدمت ڪري دعائون کٽيندو رهيو) پر پوءِ وزيراعظم ٿيڻ تي هن کي پئسي جي چمڪ موهي وڌو يا ڪرپٽ دوستن جي ڳالهين ۾ اچي، ملڪ بدران پنهنجو کيسو دولت سان ڀرڻ لڳو ۽ ٻن سالن اندر ملڪ کي تڙپٽ ڪري ڇڏيو. سو هن پاسي عرب ملڪن ڏي کڻي هٿ ٺوڪي جمهوريت نه هجي، بادشاهت آهي، پر عوام ته خوش آهي، ملڪ ۾ ته امن امان آهي، غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو قانون آهي ۽ انصاف جهٽ ملي ٿو. اها ڳالهه افسوس جو اسان جهڙن ملڪن ۾، يونيورسٽين جا پڙهيل حاڪم به نٿا سمجھن، پر هن پاسي جا جاهل بدو عرب سمجھي ويا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو عوام پنهنجن بادشاهن کي به پسند ڪري ٿو. اسان وٽ اسان ئي پنهنجي لاءِ نمائندو چونڊيون ٿا ۽ پوءِ ان کي ئي پِٽيون ٿا ته هاڻ جيترو جلد ٿي سگھي جان ڇڏي، ڪجھه ڏيارڻ بدران اسان جو رت چوسي رهيو آهي.
ستن رياستن يا ستن ملڪن کي جوڙي جيڪو UAE ملڪ ٺاهيو ويو آهي ۽ جيڪو ملڪ ايراني نار واري سامونڊي گھٽيءَ ۾ گھڙڻ وقت هرمز ڳچي سمنڊ وٽ کاٻي پاسي يعني سعودي عرب واري پاسي آهي، ان جي گاديءَ جو شهر ابوڌابي آهي. در اصل اڳئين زماني ۾ توڙي اڄ، جيڪي اسان واري پاسي کان هيڏانهن پيرين پنڌ پهچن ٿا يا ننڍين ٻيڙين ۽ بتيلن ذريعي دبئي اچن ٿا اهي اسان جي بلوچستان وارو مڪران ڪوسٽ ڏئي ايران ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ايران جي بندرگاهه بندر عباس وٽ پهچي اتان دبئي اچن ٿا. ’هرمز ڳچي سمنڊ‘ خليج عمان ۽ ايراني نار ويڪرن سمنڊن جي وچ ۾ هڪ سوڙهي گھٽي آهي يعني ڳچي سمنڊ آهي. هن هرمز نالي ڳچي سمنڊ جي ساڄي پاسي ايران جو بندرگاهه بندر عباس آهي ته ٻئي پاسي عرب امارات جو شهر دبئي آهي. هن سوڙهي ڳچي سمنڊ (هرمز) بعد ايراني نار وارو ويڪرو سمنڊ آهي. سو هن ستن ملڪن کي ڳنڍي هڪ ملڪ UAE جي گاديءَ جو شهر ابو ڌابي آهي يعني ابوڌابي شهر به آهي ته ملڪ به. هُونءَ سڄي UAE (عرب امارات) ۾ وڏي ۾ وڏو شهر ابوڌابي آهي. عرب امارات UAE جو اوڀر ۾ پاڙيسري ملڪ عمان آهي جيڪو هيٺ يمن سان وڃيو لڳي ۽ ڏکڻ ۾ سعودي عرب آهي. باقي ٻن پاسن کان ايراني نار سمنڊ آهي. سڏ پنڌ تي قطر آهي. سڏ پنڌ تي ان ڪري جو شارجا کان اسان نڪتاسين ته ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ دوحا پهچي وياسين. ايتريقدر جو اسان کي جهاز جي انجڻ گرم ڪرڻ ۽ تيار ڪرڻ ۾ ته چار ڪلاڪ لڳي ويا پر هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ پهچڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ مس لڳا. اسان هن پاسي پهريون دفعو آيا هئاسين ۽ اسان اهو ئي چئي رهيا هئاسين ته جڏهن اتي ئي دوحا هو ته دوحا وارا پنهنجو سامان اسان جي جهاز تي دبئيءَ ۾ ئي لهرائين ها. اسان انجنيئرن کي دوحا گهرائڻ جي اجائي تڪليف ڇو ڏنائون؟
دراصل پاڻيءَ جي جهاز جي انجڻ ڪار وانگر ناهي جو جنهن وقت وڻي چاٻي گھمائي کڻي اسٽارٽ ڪجي. هڪ دفعو جهاز بندرگاهه ۾ بيهارڻ بعد ڏينهن ٻن بعد ان کي ڪڍڻ لاءِ انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ ۾ ٽي چار ڪلاڪ گھٽ ۾ گھٽ لڳن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ پهچڻ تي مڪمل طرح بند ڪرڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ لڳيو وڃي. دبئي کان شارجا جو سفر ته اڃا به گھٽ هو. ڪلاڪ به نٿي لڳو. اهو ته دبئي سان ڳنڍيو به پيو آهي پر انهن ڏينهن ۾ شارجا الڳ ملڪ هو ته دبئي الڳ. اهڙي طرح ابو ڌابي به الڳ هو. اهي سڀ 1970ع کان پوءِ گڏ ٿي هڪ ملڪ UAE ٿيو. ٻي ڳالهه ته انهن ڏينهن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ رستا به نه هئا. پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته دبئي جيڪو اڄ ڪلهه يورپ جو هڪ ماڊرن شهر لڳي ٿو ان جو بندرگاهه ئي سولو نه هو، جنهن ۾ اسان جو جهاز بيهي سگھي. ڪي سال اسان ٻاهر سمنڊ ۾ جهاز کي بيهاريندا هئاسين ۽ پوءِ بارجن (تانگهين ٻيڙين) ذريعي سامان بندرگاهه ۾ پهچايو ويو ٿي. قطر اڄ تائين پنهنجي ڌار حيثيت رکندو اچي. عرب امارات (UAE) کان آهي به الڳ ٿلڳ. اسان جي منهوڙي وانگر، جنهن جي ٽن پاسن کان ته سمنڊ آهي باقي هڪ پاسو سئنڊس پٽ (ماريپور) سان ڳنڍيل آهي. اهڙي طرح هيءَ امير عرب رياست قطر جتي اسان جو ليکڪ اسد ڪريم ڪراچي ڇڏڻ بعد پهرين آيو، اهو فقط هڪ طرف کان سعودي عرب سان مليل آهي باقي ٽن طرفن کان ايراني نار وارو سمنڊ اٿس.
اهڙي طرح هن سمنڊ ’ايراني نار‘ ۾ قطر کان ٿورو اڳتي هڪ ٻي عرب رياست بحرين آهي، جيڪا UAE کان ته ننڍي آهي پر قطر کان به گھڻو ننڍي آهي، جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان، ته قطر جي انب جيڏو آهي ته بحرين کارڪ جيڏو سمجھو جيڪو پکيڙ ۾ تقريبن سنگاپور جيڏو 780 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آهي به سنگاپور وانگر ٻيٽ. جيئن سنگاپور ملائيشيا جي سرزمين سان ميل ڏيڍ ڊگھي پل سان مليل آهي تيئن بحرين سعودي عرب سان هڪ 25 ڪلوميٽر ڊگھي پل سان ڳنڍيل آهي، جيڪا شاهه فهد ڪاز وي سڏجي ٿي. ٻي ڳالهه ته بحرين هڪ ته ننڍڙو ملڪ آهي ٻيو ته اهو هڪ ٻيٽ ناهي، مالديپ ٻيٽن وانگر گھڻن ئي ٻيٽن جو مجموعو آهي. فرق اهو آهي ته مالديپ ملڪ جا ٻيٽ سوين ميلن تائين پکڙيل آهن پر بحرين جا ٻيٽ برمودا جي ٻيٽن وانگر هڪ ٻئي ڀرسان ۽ گھڻي ڀاڱي ممبئي جي ستن ٻيٽن وانگر هڪ ٻئي سان ننڍين ننڍين پلين ۽ سامونڊي سرنگھن ذريعي ڳنڍيل آهن. بحرين 51 قدرتي ۽ 33 هٿرادو ٺهيل ٻيٽن جو مجموعو آهي. بحرين جو وڏي ۾ وڏو ۽ گاديءَ وارو شهر ماناما آهي.
بحرين شروع جي عرب رياست آهي جتي جي ماڻهن حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ (628ع ۾) اسلام قبول ڪيو ۽ بحرين هڪ وڏو عرصو عربن جي قبضي ۾ رهيو. 1521ع کان 1602ع تائين، منو صدي کن بحرين تي پورچوگالين جي حڪومت رهي، جنهن کان پوءِ ’صفوي گھراڻي‘ جي شاهه عباس اول جي قبضي ۾ رهيو يعني ايراني سلطنت هيٺ. 1783ع ۾ بني عتباه قبيلي بحرين فتح ڪيو ۽ شاهي فئملي ’الخليفه‘ حاڪم ٿي. ’الخليفه خاندان‘ جي حڪومت اڄ تائين هلندي اچي، وچ ۾ برطانيا جي سنڀال / نگهباني هيٺ اچيProtectorate جي حيثيت ۾ رهيو. 1971ع ۾ بحرين وارن خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. بحرين ۾ هلندڙ حڪومتUnitary Constitutional Monarchy سڏجي ٿي. حماد بن عيسيٰ الخليفه بحرين جو حاڪم يعني بادشاهه آهي. سندس پٽ شهزادو سلمان بن حماد وليعهد (Crown Prince)به آهي ته وزيراعظم به. هتي اهو به لکندو هلان ته بحرين وارن ٻي جنگ عظيم ۾ حصو ورتو هو ۽ انگريزن سان گڏ وڙهيا. اٽليءَ وارن بحرين تي ٺيڪ ٺاڪ بمباري ڪئي هئي. جنگ بعد سڄي عرب دنيا ۾ انگريزن خلاف نفرت پيدا ٿي پئي، جنهن جي شروعات بحرين ۾ هنگامن جي صورت ۾ ٿي. بحرين ۾ رهندڙ يهودين جو ڪافي قتل ٿيو ۽ ڪيترائي يهودي بحرين ڇڏي بمبئيءَ ۾ اچي رهيا، جن جو احوال آئون پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ’بمبئي منهن جي ڀاڪر ۾‘ ۾ ڪري چڪو آهيان.
هتي ٻه اکر قطر بابت پڻ لکجن، جتي اسان جو مسافر اسد ڪريم سومرو پنهنجي فلسطيني دوست احمد جمال وٽ اچي رهيو. آهن ته بحرين ۽ عمان به امير پر قطر ۽ عرب امارات (UAE) گھڻو امير آهن، جن جي الامارت ايئرويز ۽ قطر ايئرويز اعليٰ هوائي جهاز ڪمپنين مان ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ان ڳالهه تي ڪنهن هم وطنيءَ چيو ته واقعي اهي امير ملڪ آهن، جتي اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنير ۽ بي هنر ته پنهنجي ٻچن جي پيٽ قوت لاءِ نوڪري ڪن ٿا، پر اسان جي ملڪ جا وزير، مشير ۽ وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم به ڊرائيور، ڀنگي، واڍي، رازي جي ٻي نوڪري قطر ۽ دبئي ۾ ڪن ٿا، جيئن پنهنجي اولاد لاءِ ٻه ويلا کاڌو ۽ انگلنڊ ۾ ڪکائون گھر ٺهرائي سگھن!
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قطر هڪ ننڍڙو ملڪ ٿي ڪري پيٽرول جي ڪري سعودي عرب ۽ يو اي اِي بعد انڪم يعني ڪمائيءَ ۾ دنيا ۾ ٽئين نمبر تي آهي. ماڊرن هجڻ ۽ فيشن ۾ هتي جا ماڻهو خاص ڪري عورتون، عرب دنيا ۾ ٽاپ تي آهن. آئون سئيڊن ۾ ٻه سال ۽ سعودي عرب ۾ ٻه مهينا کن عرب فئملين سان گڏ رهيس. ان دوران مون اهو ڏٺو ته سعودي مرد توڙي عورتون امارات ۽ قطر جي عورتن جي فئشن مان بيحد متاثر نظر آيا ٿي. اسان جي عام ماڻهن جي انهن عرب ملڪن جي عورتن سان سندن ملڪ ۾ ملاقات ٿيڻ ڏکيو ڪم آهي. هُو ولايت يعني پئرس، لنڊن، برلن، فرئنڪفرٽ، جنيوا ۾ بنا پڙدي جي هلن ٿيون، پر هُو اهڙي ته ماڊرن ميڪ اپ ۽ ڊريس ۾ رهن ٿيون جو اسان جو ماڻهو سڃاڻي نه سگھي ته هي عورتون وارياسن عرب ملڪن جون آهن. هو پنهنجي ملڪ خاص ڪري پنهنجي شهر ۾ ته پاڻ کي ڍڪي هلن ٿيون پر پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري هنڌ مان نڪرڻ بعد سڃاڻپ کان ٻاهر ٿيو پون. ويندي سعودي عرب جون عورتون، جن لاءِ ينبوع واري سفرنامي ’اي روڊ ٽو مدينا‘ ۾ لکي چڪو آهيان ته جنهن عرب جي گھر ۾ رهندو هوس اهي مون کان پڙدو نه ڪندا هئا. هڪ دفعي منهنجي ڪلاس ميٽ جي زال (جيڪا سرڪاري نوڪريءَ ۾ به هئي) پنهنجين ٻن ٽن ساهيڙين سان گڏ هڪ وڏي شيورليٽ ڪار ۾ جدي لاءِ نڪتي. هنن مون کي به پاڻ سان کنيو. سڀني کي ڪارن برقعن ۾ ڏسي سمجھي ويس ته منهنجي دوست جي زال جون سڀ ساهيڙيون سخت پڙدي واريون آهن، ان ڪري آئون به وڌيڪ خبردار ٿي، ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيس ته متان منهنجي ڀل ۾ ڪنهن تي نظر نه کڄي. پنهنجي ان سفرنامي ۾ لکيو اٿم ته هو سڄي واٽ انگريزي لفظن جي اُچار سان عربيءَ ۾ ڪچهري ڪنديون هليون. جدي پهچي شاپنگ کان اڳ هنن ڪجھه کائڻ ٿي چاهيو سو جدي جي مشهور ’السنڌي اسٽريٽ‘ وٽ ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن ريسٽورنٽ اڳيان گاڏي روڪيسين ۽ مون کي چيائون ته هل ته اسان اچون ٿيون. آئون ٽپ ڏئي گاڏيءَ مان لٿس ۽ اندر ڪنڊ ۾ هڪ خالي ٽيبل تي اچي ويٺس. چوڌاري زياده تر عرب فئمليون هيون، پر بنا برقعن جي. آئون پنهنجي گاڏيءَ ۾ سوار ڪارن برقعن ۾ ملبوس عورتن جي هوٽل ۾ داخل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس ته ڏسان ته بنا برقعن ۾ هُو مون واري ٽيبل ڏي پيون اچن. هُو برقعا ڪار ۾ ئي ڦٽا ڪري آيون هيون. آئون سندن ميڪ اپ ۽ ڪپڙن جو فئشن ڏسي دنگ رهجي ويس. ڄڻ ته ڪنهن اسٽيج ڊرامي جون اداڪارائون ائڪٽنگ ڪري اسٽيج تان لٿيون هجن. منهنجي عرب دوست واري زال ته ولايت ۾... خاص ڪري سئيڊن ۾ رهڻ ڪري انگريزيءَ کان واقف هئي پر سندس ساهيڙيون به مون سانFluent انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳيون. سو اسان لاءِ ته سعودي ڇوڪريون ئي فيشن ۾ اعليٰ لڳن ٿيون پر منهنجا سعودي ڪلاس ميٽ گلف جي هنن عرب ملڪن جي ڇوڪرين جي تعريف ڪندا هئا. اسان فيلڊ ٽرپ ۾ سئيڊن کان لنڊن ۽ هئمبرگ ايندا هئاسين ته اتي جي اعليٰ شاپنگ سينٽرن ۾ منهنجا سعودي عرب ڪنهن قطري، بحريني يا دبئي، شارجا جي ڇوڪري ڏسندا هئا ته هو ان سان زوري زوري پيا ڳالهائيندا هئا. خبر ناهي ڪيئن هو کين سڃاڻي وٺندا هئا، جيتوڻيڪ اسان لاءِ ته اهي به ڪارن وارن واريون انگريز يا فرينچ ڇوڪريون لڳيون ٿَي.
سو ان ۾ شڪ ناهي ته عرب امارت يا قطر عربن لاءِ وڏي ڳالهه آهي. پئسي ۾ کڻي سعودي عرب ٽاپ تي هجي پر فئشن، عمارتسازي، ٽيڪنالاجي ۾ قطر اتم آهي. ساڳئي وقت امن امان ۾ به! تڏهن ته 2022ع ۾ ’فيفا ورلڊ ڪپ‘ قطر ۾ ٿي رهيو آهي يعني پهريون دفعو ڪنهن عرب ۽ مسلمان ملڪ ۾! سال 2030ع واريون ايشين رانديون به قطر ۾ ٿيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. قطر ۾ عوام جي تعليم ۽ صحت لاءِ سهولتون ڏسي اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ضرور اهو سوچيندا هوندا ته اسان جهڙن جمهوري ملڪن جي حاڪمن کان بهتر ته قطر، دبئي، جپان، ويندي ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جا بادشاهه آهن، جن کي پنهنجي ملڪ جي عوام جي سُکَ جو اونو رهي ٿو.
ايراني نار ۾ هي ٻيٽ نما ملڪ قطر اهڙي هنڌ تي آهي جتان سالن کان بحرين ۽ ڪويت کان انڊيا ۽ چين ڏي ويندڙ سامونڊي قافلا هتي ترسيا ٿي. شروع ۾ ته هي ملڪ (قطر) گھوڙن ۽ اٺن پالڻ کان مشهور رهيو خاص ڪري اُميه دور ۾. ان بعد سچن موتين (Pearls) جو به ڪم هليو ٿي، جنهن کان ڪويت به مشهور رهيو آهي. موتين جي وڪري مان قطر جي وڏي آمدني ٿَي ٿِي. عباسي دور ۾ قطر ۾ وڏي خوشحالي آئي. ان دور جا سئو کان مٿي پٿر جا گھر، ٻه مسجدون ۽ عباسي سلطنت جو قلعو اڃان موجود آهي. عراق ۾ عباسي دور جي زوال تي قطر به پٺتي پئجي ويو. 1550ع ڌاري جڏهن پورچوگالين هن پاسي جي عرب علائقن تي قبضو شروع ڪيو ته قطر وارن پورچوگالين کان ترڪن کي بهتر سمجھي پنهنجي رياست (قطر) کي ’سلطنتِ عثمانيه‘ حوالي ڪري ڇڏيو. ان هنن ترڪن مان وري قطرين جي بني خالد قبيلي، 1670ع ۾ جان ڇڏرائي. اڳتي هلي 1916ع ۾ برطانيا وارن شيخ عبدالله بن جاثم الثاني سان معاهدو ڪيو ۽ قطر جي حفاظت جو ذمون کنيو ۽ قطر کي پنهنجوProtectorate ٺاهيو. 1939ع ۾ قطر ۾ موجود تيل جي کوهن جي ڄاڻ ٿي ۽ ٻي جنگ عظيم بعد تيل جو نڪرڻ شروع ٿيو ۽ قطر ۾ پئسو اچڻ لڳو. 1971ع ۾ برطانيا وارن قطر کي خودمختياري ڏني.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن عرب ملڪن ۾ جمهوريت ناهي، بادشاهت آهي. هڪ بادشاهه جي مرڻ بعد هن جو پٽ ئي حاڪم ٿئي ٿو. اسان وٽ اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته هي عرب حاڪم بدو ۽ ڄٽ آهن. هي ڇا ڄاڻن تعليم مان؟ پر يارو ٿورو غور ڪريو ته هي بادشاهن جا لاڏلا شهزادا اسان جي ڪيترن وزيرن، مشيرن ۽ ٻين سياستدانن، پيرن، ميرن ۽ وڏيرن کان وڌيڪ ۽ اعليٰ نموني جا تعليم يافته آهن. اسان وٽ ته ڪيترن اهڙن پيرن، وڏيرن جا ٻار سياست ۾ وڃڻ لاءِ بي اي ته پري جي ڳالهه آهي، پر هاڻ ته هنن کان مئٽرڪ ۽ انٽر تائين به نٿو پڙهڻ پڄي. هنن جي بدران هنن جا چمچا ۽ مريد امتحان ڏين ٿا. ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ سندن ڪلاس ميٽ هنن جي حاضري لڳرائي، امتحانن ۾ هنن کي ڪاپي ڪرائي گدگد ٿين ٿا. جيئن آمريڪا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اتي ڪم ڪندڙ هڪ ڊاڪٽر وڏي فخر سان هڪ ڊاڪٽر سياستدان لاءِ ٻڌائي رهيو هو ته هُو هن جو ڪلاسميٽ هو، جيڪو نه ڪاليج ايندو هو نه امتحان لاءِ پڙهندو هو. هن جو سڀ ڪم پاڻ ڪيائين. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائين ته اسان وٽ ڊگرين وارا به ڪيڏو ڄٽ آهن ۽ اهڙن ڄٽن کي ملڪ جو حاڪم يا وزير مشير ٿي، غريبن جي ٻارن جي تعليم يا صحت لاءِ ڪهڙو خيال ٿيندو؟ ۽ هيڏانهن قطر جي اڄ واري امير تميم بن حمد الثانيءَ کي ڏسو. هو اڄ ڪلهه جي سڀني حاڪمن ۾ ننڍي عمر جو آهي. هُو 1980ع ۾ ڄائو ۽ هاڻ 41 سالن جو ٿيندو. هيڏو وڏو امير ۽ ملڪ جو بادشاهه ٿي ڪري، هر ڪو سوچيندو هوندو ته هُو اسان جي وڏن ماڻهن جي کريل ٻارن وانگر سڄي رات عياشيءَ ۾ گذاريندو هوندو ۽ ڏينهن جو ٻي بجي کان اڳ نه اٿندو هوندو، پر ائين ناهي. هي قطر کي وڃَي بهتر کان بهتر ڪندو. هن کي پنهنجي ملڪ جي ٻارن جي تعليم ۽ صحت جو وڏو خيال آهي ۽ هن ننڍڙي ملڪ ۾ جنهن جي آدمشماري 26 لک آهي، جنهن مان 23 لک ڌاريا آيل نوڪري ۽ پورهيو ڪن ٿا ۽ مقامي قطري عرب فقط ٽي لک آهن، پر ڇا ته تعليمي ادارا ۽ علاج لاءِ اسپتالون آهن. اهو ان ڪري جو ملائيشيا جي سلطانن جي ٻارن وانگر هي به پڙهيل ڳڙهيل آهن. 2013ع کان قطر جو هي امير (بادشاهه) هن کان اڳ واري امير جو چوٿون نمبر پٽ شيخ تميم بن حمد الثانيءَ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم انگلنڊ جي اسڪولن: ’شربورن اسڪول‘ ۽ ’هئرو (Harrow) اسڪول‘ مان حاصل ڪئي. ان بعد هن جي پيءُ هن کي انگلنڊ جي ’رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊهرسٽ‘ ۾ داخل ڪيو، جتان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد کيس قطري بري فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي پوسٽ تي رکيو ويو.
سئنڊهرسٽ اڪيڊمي جي زندگي ڪا آسان ناهي، چاهي ونسٽن چرچل هجي يا ليڊي ڊائيانا جا پٽ: وليم ۽ هئري يا راڻي ايلزبيٿ جو سوٽ شهزادو ايڊورڊ يا اسان جي پاسي جا ايوب خان، اسڪندر مرزا، جنرل سيد شاهد حامد يا پنجاب جي مهاراجا رنجيت سنگھه جو ننڍو پٽ دُليپ سنگھه، هن فوجي اڪيڊميءَ ۾ سخت ڊسيپلين ۾ گذارڻو پوي ٿو ۽ پي ٽي پريڊ کان پڙهائي تائين شاگردن کي هڪ هڪ منٽ مشغول رکيو وڃي ٿو. صبح جو سوير اٿڻو پوي ٿو ۽ جسماني توڙي ذهني پورهيو ڪرڻو پوي ٿو ۽ جتي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگي ئي هڪ سست ۽ ڪاهل لاڏلي ٻار کي چست بنايو ڇڏي، اتي سئنڊهرسٽ جو گرئجوئيٽ ڇا هوندو. سئنڊ هرسٽ ۾ رهڻ واري جي، دنيا جي اهم ماڻهن سان لهه وچڙ پڻ ٿئي ٿي ۽ هُو پنهنجي ملڪ ۾ سڌارو آڻڻ جي اهميت رکي ٿو. نه فقط هي امير تميم پر قطري شاهي خاندان جي ٻين به ڪيترن ئي سئڊهرسٽ اڪيڊميءَ مان پڙهيو، جيئن ته هن امير جو والد حمد بن خليفا ۽ چاچو عبدالله بن خليفا پڻ سئنڊهرسٽ جا گرئجوئيٽ آهن.
اڄ واري امير تميم بن حمد کي مون الجزيره ٽي ويءَ تي هڪ دفعي انگريزن سان ڳالهائيندي ٻڌو... ڇا ته انگريزي لهجو هوس. اهڙي طرح سعودي عرب جي شهزادي ولي عهد محمد بن سلمان کي ته توهان به ٻڌو هوندو جڏهن پاڪستان ۾ عمران خان سان ملڻ آيو هو.
ائين ناهي ته تعليم، صحت ۽ امن امان جو خيال نه فقط هينئر واري قطري امير کي آهي پر هن جي وڏن به تعليم لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو. مون کي ته حيرت آهي هن امير جي ڏاڏي جو ڀاءُ شيخ علي بن عبدالله جيڪو 1949ع ۾ قطر جو امير (بادشاهه) ٿيو هو، ان کي به تعليم جو وڏو فڪر هو. مولوي ٿي ڪري هن ماڊرن تعليم کي اهميت ڏني، جيئن اسان جي ڳوٺ هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن جو چاچو مخدوم غلام حيدر صاحب، جيتوڻيڪ ديوبند جو گرئجوئيٽ ۽ دستاربند مولوي هو، پر هن جي Vision کي داد آهي جو هن 1940ع واري ڏهاڪي ۾ هالا ۾ هڪ وڏو مدرسو ۽ انگريزي اسڪول هاسٽل سميت ٺهرايو، جيتوڻيڪ هي اهي ڏينهن هئا جڏهن هر هڪ انگريزي تعليم جي مخالفت ٿي ڪئي.
سو قطر جي هن امير علي بن عبدالله کي به تعليم جو وڏو فڪر هو. هن بادشاهه جي ٻي ڳالهه قابل تعريف اها آهي ته هن ڏهه سال کن حڪومت ڪرڻ بعد 1960ع ۾ چپ چاپ پنهنجو تاج ۽ تخت پنهنجي پٽ احمد بن علي الثانيءَ حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ مسلمان اسڪالرن (عالمن) جي سنگت ۾ زندگي گذارڻ لڳو.
امير احمد بن علي الثاني جي دؤرِ حڪومت ۾ انگريزن 1971ع ۾ قطر کي خودمختياري ڏني. دنيا جي حاڪمن ۾ تخت حاصل ڪرڻ جي لالچ ته رهي ٿي ۽ اسان جي مسلمان حاڪمن ۾ ته اها هيڪاندي گھڻي نظر اچي ٿي. قطر کي انگريزن طرفان آزادي ملڻ کي اڃا هڪ سال به نه ٿيو ته احمد بن علي جي سوٽ خليفه بن حمد بغاوت ڪري موجوده امير کي تخت تان لاهي پاڻ قطر جو والي وارث ٿي ويٺو.
خليفه بن حمد (يعني اڄ واري امير تميم بن حمد جي ڏاڏي) 1927ع کان 1995ع تائين حڪومت ڪئي ته سندس پٽ حمد بن خليفه پيءُ جي تخت تي قبضو ڪري ويهي رهيو. خليفه بن حمد 1995ع ۾ جنيوا سئٽزرلئنڊ جي چڪر تي ويو هو، جو پٺيان حمد بن خليفه (هاڻوڪي امير جو پيءُ) پاڻ تخت ڌڻي ٿي ويٺو. خليفه بن حمد کي قطر موٽڻ بدران 2004ع تائين ڏهه سال کن فرانس ۾ ئي گذارڻا پيا، ان بعد پنهنجي وطن قطر موٽيو، جتي 2016ع ۾ وفات ڪيائين.
حمد بن خليفه 1995ع کان 2013ع تائين قطر جو بادشاهه رهيو، ان بعد پنهنجي جيئري تخت ۽ تاج پنهنجي ٻي زال شيخا موراخ بنت ناصر مان ٻي پٽ تميم بن حمد حوالي ڪيو. سو ڏٺو وڃي ته قطر کي آزادي ملڻ بعد جيڪي چار بادشاهه ٿيا، انهن ۾ فقط هاڻوڪو وارو امير تميم بن حمد بنا ڪنهن جھيڙي فساد ۽ بغاوت جي بادشاهه ٿيو آهي.

قطر جي شاهي گهراڻي ’الثاني‘ جو مختصر احوال

محمد بن ثاني:
ڄم: 1788ع، حڪومت 1847ع کان 1878ع وفات تائين. محمد بن ثانيءَ جو بنو تميم قبيلي سان واسطو هو ۽ هن ’الثاني گھراڻي‘ جو بنياد رکيو، جنهن جي 1847ع کان اڄ تائين قطر تي حڪومت هلندي اچي.

- قاسم بن محمد الثاني (پٽ)
ڄم: 1825ع حڪومت 1878ع کان 1913ع وفات تائين.

- عبدالله بن قاسم (پٽ)
ڄم: 1880ع، وفات 1957ع، حڪومت 1913ع کان 1949ع تائين.

- علي بن عبدالله (پٽ)
ڄم: 1895ع، وفات 1974ع، حڪومت 1949ع کان 1960ع.

احمد بن علي (پٽ)
ڄم: 1922ع، وفات 1977ع، حڪومت 1960ع کان 1972ع

- خليفه بن حمد بن عبدالله (احمد جو سوٽ)
ڄم: 1932ع، وفات 2016ع، حڪومت، 1972ع کان 1995ع

- حمد بن خليفه (پٽ)
ڄم: 1952ع، حيات آهي. حڪومت 1995ع کان 2013ع

- تميم بن حمد (پٽ) موجوده حاڪم
ڄم: 1980ع، حڪومت: 2013ع کان هلندي اچي.

اسان جو ليکڪ اسد سومرو، جرمنيءَ ۾ ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ برلن ڏي ويندي، رستي تي قطر ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ پنهنجي ان عرب دوست احمد جمال جي دعوت تي آيو، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي هئي، جتي هي دوست ٿيا. اسد لکي ٿو ته ان کان اڳ احمد جمال جي وڏي ڀاءُ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه مان انجنيئرنگ ڪئي هئي. اهو پڙهي حيرت ٿي ته ڪيترائي عرب (فلسطيني) اسان جي تعليمي درسگاهن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هنن جي حيدرآباد ۾ پنهنجي فلسطيني تنظيم به آهي. حيرت ان ڪري لڳي ٿي ته قطر اهو ملڪ آهي جتي جا 98 سيڪڙو ماڻهو (مرد توڙي عورتون) تعليم يافته آهن ۽ جتي جا تعليمي درسگاهه اسان جي علائقي- مڊل ايسٽ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ٽاپ جا آهن، جيئن ته قطر يونيورسٽي (جامع قطر) جيڪا دوحا ۾ آهي، جتي عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ 8000 کان مٿي شاگرد ۽ 500 کن قابل استاد آهن. مون کي ياد آهي ته هيءَ يونيورسٽي انهن ڏينهن ۾ ٺهي رهي هئي جن ۾ دوحا ۾ جتي ڪٿي ڪنسٽرڪشن جو ڪم پئي هليو. دوحا کي سيمينٽ جي سخت ضرورت هئي ۽ اسان جي ملڪ جا واپاري پاڪستان مان موڪلي رهيا هئا. ٻين جهازن سان گڏ اسان جو جهاز به سيمينٽ سان ڀرجي هر مهيني دوحا پهتو ٿي. انهن ڏينهن ۾ اڄ واري امير (تميم بن حمد) جو ڏاڏو خليفه بن حمد قطر جو حاڪم (امير) هو. ان کان علاوه حڪومت 12 چورس ڪلوميٽرن تي هڪ تعليمي شهر (Education City) به ٺاهيو آهي، جنهن کي هو ’المدينته التعليميه‘ سڏين ٿا. اها هاڻوڪي حاڪم جي والد حمد بن خليفه 1997ع ۾ ٺهرائي، جتي دنيا جي مختلف يونيورسٽين جا ڪئمپس آهن. انهن ۾ مقامي عرب شاگردن کان علاوه 50 مختلف ملڪن جا شاگرد پڙهي رهيا آهن. انهن يونيورسٽين مان 6 آمريڪن، هڪ برٽش ۽ هڪ فرينچ يونيورسٽي آهي. مطلب ته تعليم ۽ آءِ ٽي ۽ نيوز ميڊيا ۾ ته قطر تمام اڳيان آهي، جنهن جو اندازو توهان الجزيره ٽي ويءَ مان ئي لڳائي سگھو ٿا، جيڪا بي بي سي جو مقابلو ٿي ڪري. هي ڪم به موجوده امير جي والد حمد بن خليفا 1996ع ۾ ڪرايو.
اميد ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ پڙهائي ۽ ڊسيپلين جي سختي بهتري ڏي وڌي رهي هوندي ۽ ڌارين ملڪن جا شاگرد به تعليمي معيار وڌائڻ لاءِ اسان وٽ به ائين اچي رهيا هوندا جيئن انڊيا، ملائيشيا، جپان ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ وڃن ٿا. هونءَ مون کي به سعودي عرب ۾ هڪ عرب ڊاڪٽر مليو هو، جنهن پرئڪٽس ته ڪانه ٿَي ڪئي، پر پنهنجي نالي اڳيان فخر سان ڊاڪٽر لکيو ٿي. سندس مامو جنهن مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي تنهن پنهنجي ڀاڻيجي لاءِ ٻڌايو ته هن ڪراچيءَ جي فلاڻي ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو؟ ”هتي سعودي عرب ۾ هيترا ميڊيڪل ڪاليج هجڻ جي باوجود هن کي ڏيهه نيڪالي ڏناوَ؟ سعودي عرب ۾ پاڻ توهان عربن لاءِ تعليم مفت آهي.“
”اهو ته سڀ صحيح آهي،“ هن طنزيه مرڪندي چيو، ”پر هتي ته هن کي پڙهائي ڪرڻي پوي ها نه! هن بنا پڙهائي ۽ حاضريءَ جي سفارش ۽ ڪاپي سان ڪراچيءَ مان امتحان ڏئي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي.“
اهڙا ئي ڊگرين وارا اسان جي سياستدانن ۽ ڪامورن ۾ به ملندا جن هتان پنهنجي ملڪ مان يا ولايت جي ڪن کَدڙين يونيورسٽين مان پئسن تي ڊگريون ته حاصل ڪيون هونديون پر ان سبجيڪٽ جي معلومات کان اڻ ڄاڻ هوندا.
ٽي ڏينهن کن دوحا ۾ رهڻ بعد اسان جي ليکڪ اسد ڪريم سومري جي ٻي منزل جرمنيءَ جو شهر برلن آهي. اسد جي هڪ ڳالهه جي واکاڻ ڪرڻ ضروري آهي ته هو موري جهڙي ڳوٺ جو ٿي ڪري، پهريون دفعو هڪ ڊگھي سفر تي نڪتو آهي- سو به سياري جي موسم ۾ يورپ جي ملڪن ڏي ۽ اڪيلي سر- پر هو گھر ڇڏڻ کان ٻاهر جي ملڪن، شهرن- ويندي اتي جي ٽرانسپورٽ سسٽم جي معلومات چڱي طرح حاصل ڪري نڪتو آهي. گھمڻ لاءِ نڪرندڙن کي کپي ته هو اسد وانگر تيار ٿي پوءِ ٻاهر نڪرن ۽ هن جي سفرنامي مان ان قسم جي ڪم جي ڳالهين کي ڌيان ۾ رکن. ڪوالالمپور، پينانگ يا بئنڪاڪ جهڙن شهرن ۾ پنهنجي هم وطنن کي ڏسندو آهيان ته هوٽلن اڳيان (جن ۾ هو رهائش اختيار ڪن ٿا) وائڙن وانگر بيٺا هوندا آهن. آئون سمجھي ويندو آهيان ته هي ٽوئرسٽ آهن. پنهنجي فئملين يا دوستن سان گهمڻ آيا آهن. ”سرڪار ڪيڏانهن نڪتا آهيو؟“ آئون کانئن پڇندو آهيان. هو مون کي پنهنجو سمجھي پڇندا آهن ته، ”ڪوالالمپور ۾ گھمڻ لاءِ ڪهڙيون جايون آهن؟“
”سائين باتو غارن ڏي هليا وڃو، پيٽروناس جي عمارت ڏسڻ وڃو يا چڙيا گھر وڃو.“ آئون صلاح ڏيندو آهيان.
”هتان ڪيترو پري آهن؟ بس ٿي وڃي يا ٽرام، يا ٽئڪسيءَ ۾ وڃون.“
پوءِ هنن جو ان ۾ ئي ٽائيم هليو وڃي ۽ هنن کي اها به خبر ناهي ته اهي گھمڻ لائق شيون سندن هوٽل کان ڪيترو پري آهن ۽ هنن جي هوٽل وٽ ئي ميٽرو بس يا ٽرام جو اسٽاپ آهي ۽ هو گھٽ خرچ تي ۽ گھٽ وقت ۾ اتي پهچي سگھن ٿا.
ٻي ڳالهه اها ته هنن کي جي ان عمارت يا گھمڻ ۽ ڏسڻ جي شئي جي تاريخ ۽ معلومات ناهي، ته انهن کي ڏسڻ سان ڪهڙو مزو ايندو ته هي Batu Caves غارن جي ڇا تواريخ آهي. هنن کي هن سفرنامي جي ليکڪ اسد کي فالو ڪرڻ کپي، جيڪو قطر پنهنجي عرب دوست کي پيو ٻڌائي ته ٽئڪسيءَ ۾ هوٽل هلڻ بدران ڀر ۾ موجود ريلوي اسٽيشن تان ميٽرو ۾ چڙهڻ کپي، جنهن جي اتي جي رهاڪوءَ کي به ڄاڻ نه هئي جو ميٽرو کي شروع ٿئي اڃا سال به نه ٿيو هو.
دوحا جي هوائي اڏي تي پهچڻ ته اسد سومرو جو عرب دوست احمد جمال جڏهن هن کي وٺڻ لاءِ آيو ۽ پنهنجي ڪار ۾ ويهاري پڇيائينس ته، ”قطر ۾ ڇا ڏسڻ چاهيندين؟“ ته عرب دوست جي پڇڻ تي هن يڪدم وراڻيس ته، ”هن کي ربِ الخالي علائقي ۾ جتي بيابان ۽ واري آهي ۽ اها واري سمنڊ سان وڃيو ملي، گھمڻو آهي، جنهن کي هتي Desert Safari سڏجي ٿو ۽ هن پاسي جي روايتي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻو آهي، جنهن کي ڌائو (Dhow)سڏجي ٿو. ان کان علاوه چيني مارڪيٽ، جتي چيني شين جا هزارين دڪان آهن جن کي چيني مرد ۽ عورتون هلائين ٿيون ۽ هر شيءِ سستي ملي ٿي، اتان خريداري ڪرڻي آهي. ان کان سواءِ اسد هتي جو Villagio شاپنگ مال ڏسڻ لاءِ چيو جيڪو علائقو قطر جو وينس سڏجي ٿو.“
ان مان اندازو لڳايو ته اسد پنهنجي ڳوٺ مان ئي سوچي آيو هو ته قطر ۾ ڇا ڇا ڏسجي ۽ ظاهر آهي هن هر شيءِ بابت معلومات به رکي هوندي ته اهي شيون ڏسڻ ڇو ضروري آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ٽن ڏينهن اندر قطر ۾ گھڻو ڪي ڪجھه ڏسي ورتو- نه رڳو ڏسي ورتو پر هن ان مان مزو ورتو ۽ دماغ ۾ ياد رکيو، جنهن جو سربستو احوال هن پنهنجي هن سفر نامي ۾ ڏنو آهي ۽ اسان گھر ويٺي اهو ڪجھه ڏسي ۽ سمجهي رهيا آهيون، جيڪي ڪجهه هن ڏٺو. هڪ هنڌ هو پاڻ به ان بابت اظهار ڪري ٿو، جڏهن سندس عرب قطري دوست احمد جمال کيس چوي ٿو ته، ”قطر جون وڏيون خبرون ٿو رکين.“ ته جواب ۾ وراڻيس ٿو، ”ادا ڇا ڪجي، جنهن ملڪ ۾ ويندو آهيان، اتي وڃڻ کان پهريان اتان جي معلومات وٺي پوءِ ئي نڪرندو آهيان.“
منهنجي خيال ۾ هر مسافر کي، خاص ڪري ٽوئرسٽ کي اسد سومرو جي اها ڳالهه ڳنڍ سان ٻڌي ڇڏڻ کپي. هو برلن ۾ به جيئن ئي پهتو ته اتي به پهرين جي گڏ ڪيل معلومات جي آڌار تي گھمڻ لاءِ يڪدم نڪري پيو. هن کي خبر هئي ته هن جي رهائش واري جاءِ کي ڪهڙيون اهم شيون ويجھيون آهن، جن کي هڪ ٻئي پويان ڏسڻ شروع ڪجي. ساڻس گڏ انڊونيشيا جي نمائندگي ڪندڙ مسلمان ڇوڪري نوويا ۽ ٻين ملڪن جي ساٿين کي به برلن وال، US اڪيڊمي چيڪ پوائنٽ، Brandon Berg گيٽ وغيره ڏسڻ لاءِ چوي ٿو.
پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪرجي ٿو ته ڪيترائي نظارا اسان کي موهت ڪن ٿا، خاص ڪري اسان سنڌ جي رهاڪن کي مينهوڳي ۽ ساوڪ جا يا يورپ جي برف باريءَ جهڙا نظارا. اسان جو ليکڪ به جرمنيءَ ۾ ان قسم جا سهڻا نظارا پسي بي اختيار لکي ٿو، ”برلن شهر ۾ واڪ دوران برسات به آهستي آهستي وسي رهي هئي. اهڙو نظارو ڪنهن فلم ۾ شايد ئي ڏٺو هجي، پر مون اهڙو نظارو اڄ کان پهريان ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺو هو... ڇا اسان جي دنيا ايڏي خوبصورت، حسين و جميل آهي!“
هڪ ٻئي هنڌ قدرتي نظارو ڏسي بي اختيار چوي ٿو، ”ڇا ته قدرتي نظارا آهن! ڪٿي جبل آهن ته ڪٿي ٻوٽا، ڪٿي ٻني آهي ته ڪٿي واهه ۽ نديون.“ هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو، ”مان ته قدرت جي ڪمال جي ٺاهيل هن دنيا کي ڏسڻ ۾ ئي گم ٿي ويو هوس...“
اسد جا اهي جملا پڙهي ڪيترن کي احساس نه ٿيندو هجي ته هن ڪيتري قدر قدرت جا خوبصورت نظارا ڏسي، اهي لفظ چيا. ڪي پڙهندڙ شايد سوچيندا هجن ته هن واقعي اهڙا نظارا ڏٺا يا تعريف ۾ وڌاءُ ٿو ڪري، پر مون کي يقين ڪريو ائين لڳو ڄڻ اهي جملا منهنجا هجن... اها ٻي ڳالهه آهي ته مون اهي جملا شايد ڪنهن هنڌ نه لکيا هجن، پر اهو سچ آهي ته ڪي نظارا حيرت ۾ وجھيو ڇڏين ۽ قدرت جا ڪمال چئي سگھجن ٿا. جنت ۾ باغن، ندين، ميون جون ڳالهيون ٻڌي هر ٻار وانگر منهنجي ذهن ۾ به هڪ سونهن جو نظارو هوندو هو. هڪ حد تائين، جيتري منهنجي سوچ ڪم ڪيو ٿي، پوءِ ناروي ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ برف سان ڍڪيل جبل، ملائيشيا ۽ بنگال جي ساوڪ، جپان ۾ ڦاٽندڙ جبل، سمنڊ تي سج کي لهڻ وقت پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻندو ڏسي دل ۾ ايندو هو ته هي قدرت جا ڪمال آهن جنهن هن ڌرتيءَ کي ئي ڇا خوبصورت بڻايو آهي. واقعي جنت ته الائي ڇا هوندي! اسد جا مٿيان تعريفي جملا پڙهي آئون هرگز اهو نه چوندس ته هن وڌاءُ ڪيو آهي، پر آئوم سمجھي سگھان ٿو ته هن جيڪا تعريف لکي آهي، اها واقعي سهڻا نظارا ڏسي ڪئي هوندي. محدود سوچ رکندڙ اسان انسان قدرت جي ان سونهن جو هوبهو نقشو چٽي نٿا سگھون... ويندي ڪئميرا يا وڊيو به قدت جو اهو ٿري ڊي منظر پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، پر جي ملٽي ڊائمينشن وارو نظارو ڪڍي سگھجي ته ڇا ان ۾ ماحول جي اها خوشبو، جيڪا انسان جو نڪ سونگھي تراوت محسوس ڪري ٿو، موسم جي اها ٿڌڪار، ٿڌي هير ۽ سڳنڌ جيڪا اسان جو جسم محسوس ڪري ٿو يا خوبصورت غارن جي خاموشي ۽ پکين جون لاتيون، جيڪي اسان جا ڪن محسوس ڪن ٿا، ان جو لفظن يا ڳالهين سان ڪو نقشو چٽي سگھندو؟ اهڙا نظارا ڏسي اسد وانگر، بلڪ هر انسان وانگر منهنجو ته دماغ چڪرائجي ويندو آهي ۽ رب پاڪ جي نعمتن جي تعريف ڪرڻ تي دل چوندي آهي ته سبحان الله! ڇا ته هُن هِن دنيا کي خلقيو آهي! ۽ جڏهن هي فاني دنيا ئي اهڙي آهي ته جنت ڇا ٺاهي هوندي!
اسد جو سفرنامو ’مورو کان پئرس‘ پڙهندي، هن جي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماروئڙن سان پيار جي واکاڻ ڪرڻ تي به دل چوي ٿي. هُو هڪ حساس ۽ نرم دل رکندڙ ليکڪ آهي. جيتوڻيڪ شروع جي سفرن ۾ هر نوجوان ٽوئرسٽ ولايت جي رونقن ۾ گم ٿيو وڃي ۽ سڄو وقت موج مستي ۽ پنهنجي ڌُن ۾ رهي ٿو پر اسد ولايت جي ملڪن ۾ عوام کي مليل سهولتون ۽ سک، عدل ۽ انصاف ڏسي هن کي پنهنجا ماڻهو ياد اچن ٿا، جن وٽ هن ايڪيهين صديءَ ۾ به زندگيءَ جون بنيادي سهولتون ميسر نه آهن. هُو انهن بابت سوچي غمگين ٿيو وڃي، ته هڪ هي ملڪ آهن جيڪي جيتوڻيڪ ٻي جنگ عظيم بعد ختم ٿي ويا، مسڪين ٿي ويا. ايتري قدر جو هُو لکي ٿو ته، ”هي اهو ئي جرمني آهي، جنهن کي 1963ع ۾ پاڪستان جي صدر ايوب خان 25 ملين آمريڪن ڊالر امداد ڏني هئي، جنهن لاءِ جرمنيءَ جي وزيرِ خزانا خاص پاڪستان اچي مهرباني ادا ڪئي هئي. اڄ هن ملڪ کي ڏسي پنهنجي ملڪ جي قسمت ۽ ان جي عوام تي روئڻ ٿو اچي ته اسان جو ملڪ پاڪستان ايتري معدني دولت هجڻ جي باوجود، ڏينهون ڏينهن پوئتي ڇو وڃي رهيو آهي.“
هڪ هنڌ هُو پنهنجي ماڻهن لاءِ درد محسوس ڪري هيئن لکي ٿو:
”منهنجي سنڌ ۾ گئس ۽ ڪوئلي کان هر ڌاتو موجود آهي، پوءِ به اتي بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ غربت مان جان نٿي ڇٽي. ٿر ۾ هر روز مرندڙ ٻارن جو علاج ڪڏهن مهيا ٿيندو. ڪڏهن اسان جي قوم پنهنجن پيرن تي بيهندي.“
سچ ته هڪ حساس ۽ حب الوطن ماڻهو ٻين ملڪن ۽ اتي جي ماڻهن جي خوشحالي ڏسي سوچي ٿو ته اهي ملڪ، جيڪي اسان کان گھڻو گھڻو پٺتي هئا، اهي اڄ ڇو اسان کان هر ڳالهه ۾ اڳيان اڳيان آهن. اهي ئي ڳالهيون مون کي به بي چين ڪنديون آهن.
برلن ۾ ٻه ٽي ڏينهن گذارڻ بعد اسد پنهنجي ساٿين سان گڏ علمينا(Ilmenau) صحيح اُچار ’يلِ مِي نَو‘ روانو ٿئي ٿو، جيڪا سندس خاص منزل آهي، جتي هن کي ڏهه ڏينهن رهڻو آهي. اسد کي علمينا ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ جرمنيءَ جي حڪومت چونڊيو ۽ گهرايو هو. هن پروگرام ۾ دنيا جي 80 ملڪن مان 370 نوجوان شاگردن حصو ورتو. جرمني ۽ جرمنيءَ جو هي شهر علمينو ڪٿي آهي؟ ان بابت هن سفرنامي پڙهڻ وارن لاءِ ڪجھه اضافي ڄاڻ لکڻ ضروري سمجھان ٿو.
پهرين ڳالهه ته جرمني ڪٿي آهي؟ جرمني يورپ کنڊ جي وچ واري حصي جو هڪ ماڊرن ملڪ آهي. سندس اتر ۾ ڊئنمارڪ آهي، جيئن اسان کي افغانستان آهي ۽ انڊيا بدران جرمنيءَ جي اوڀر ۾ پولينڊ ۽ چيڪ ريپبلڪ آهي. ڏکڻ ۾ سئٽزرلئنڊ ۽ آسٽريا آهي ۽ کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ چار ملڪ جرمنيءَ جو بارڊر ٺاهين ٿا: فرانس، لگزمبرگ، بيلجيم ۽ نيدرلئنڊس.
جرمنيءَ جي پکيڙ 357000 چورس ڪلوميٽر آهي يعني سنڌ ۽ پنجاب صوبن کي ملائجي ته جرمنيءَ جيتري ايراضي ٿيندي. جرمنيءَ جي گاديءَ جو شهر برلن آهي، جيڪو نه فقط جرمني ۾ پر سڄي يورپ ۾ وڏو شهر آهي ۽ اسپري (Spree) نديءَ جي ڪناري تي آهي، جيئن سکر ۽ روهڙي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي آهن. برلن شهر جو ٽيون حصو ته سمجھو ته ٻيلا، پارڪ، نديون، ڪئنال ۽ ڍنڍون آهن. برلن دنيا جي مشهور يونيورسٽين جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو. شهر جي سئو سيڪڙو آدمشماري تعليم يافته آهن ۽ ڪيترن ئي مشهور سائنسدانن، سنگيتڪارن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن جو هن شهر سان واسطو آهي. هن شهر جي قابل ماڻهن جو اندازو توهان ان مان لڳائي سگھو ٿا ته 67 نوبل انعام کٽيندڙن جو برلن جي يونيورسٽي سان واسطو آهي. شهر جي فقط ٽن وڏين يونيورسٽين ۾ هن وقت 103000 شاگرد پڙهي رهيا آهن. اهڙي طرح چوٿين نمبر تي ميڊيڪل يونيورسٽي Charite ۾ 8000 شاگرد آهن. اسان جي ملڪ جا به ڪيترا شاگرد برلن ۽ اوسي پاسي جي يونيورسٽين ۾ پنهنجي خرچ تي يا اسڪالر تي تعليم حاصل ڪن ٿا. اهڙين مِٺي پاسي جي ٻن ڀيل شاگردياڻين جو احوال پنهنجي ڪتاب ’ڪئمپس جا ڏينهڙا‘ ۾ لکي چڪو آهيان، جن مان هڪ ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جيڪا اڄ ڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آهي. انEberhard Karl يونيورسٽي آف Tuebingen مان مائڪروبايولاجيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ ٻي ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ، جيڪا اڄ ڪلهه ڪئناڊا ۾ رهي ٿي، ان Soil سائنس ۾ Hohenheim يونيورسٽيءَ مان Ph.D. ڪئي. جرمنيءَ کي ٻن سمنڊن جو ڪنارو ڇهي ٿو. هڪ نارٿ سِي، جنهن جي بندرگاهن: هئمبرگ ۽ بريمن ۾ اسان کي ڪيترائي دفعا جهازن کي وٺي اچڻو پيو ٿي۔ ڪڏهن سامان کڻڻ يا لاهڻ لاءِ ته ڪڏهن جھاز ۽ ان جي انجڻ جي ڳري مرمت لاءِ. جهازن جي ٽن چئن مشهور مئرين انجڻين ۾ جرمنيءَ جيM.A.N انجن به هڪ آهي.
جرمنيءَ کي ٻيو سمنڊ ’بالٽڪ سِي‘ ڇهي ٿو. ان جو بندرگاهه راسٽڪ ايڏو وڏو ناهي پر جيستائين ديوار برلن هئي يعني جرمني ٻن حصن ۾ ورهايل هو. ايسٽ جرمنيءَ لاءِ اسان کي بالٽڪ سمنڊ جي بندرگاهه راسٽڪ ۾ اچڻو پيو ٿي. جرمني ملڪ سورنهن رياستن ۾ ورهايل آهي جن مان ٻه ’سٽي اسٽيٽ‘ سڏجن ٿيون جن ۾ فقط برلن ۽ هئمبرگ شهر اچن ٿا جيئن ملائيشيا ۾ ڪوالالمپور ۽ پيتالنگ جايا شهر آهن يا اسان وٽ اسلام آباد شهر آهي.
اسان جو ليکڪ پهرين جرمنيءَ جي گادي واري شهر برلن ۾ اچي ٿو جتان پوءِ هو ايئرفورت(Erfurt) مان ٿيندو ڪانفرنس واري شهر علمينا ۾ پهچي ٿو. هي ٻئي شهر جرمنيءَ جي وچ ۾ موجود رياست ٽرنگا (Thuringa) ۾ آهن ۽ اِها رياست برلن جي ويجھو ئي آهي. ٽرنگا رياست جو وڏو حصو سال(Saale) سال نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي، جتي اها ايلبي (Elbe) نالي وڏي نديءَ سان ملي ٿي. ساوڪ ۽ ٻيلن ڪري هيءَ رياست جرمنيءَ جي سرسبز دل (das grune Herz Deutschlands) سڏجي ٿي.
جرمنيءَ جو شهر ايئرفورت(Erfurt) هن رياست ٽرنگا جي گاديءَ وارو شهر آهي، جيڪو برلن کان 300 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هن شهر ۾ موجودErfurt يونيورسٽي هتي جي آڳاٽي يونيورسٽي آهي، جنهن جو بنياد 1379ع ۾ رکيو ويو... معنيٰ مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر 1526ع ۾ هندستان آيو، ان کان به ڏيڍ صدي اڳ ۾! برلن کانErfurt شهر پهچڻ ۽ اتان ٽرين بدلائي ٻي ٽرين ۾ علمينا پهچڻ جي احوال ۾ اسد لکيو آهي ته هتي جون ريل گاڏيون ڪجهه مختلف آهن. جن ۾ پنهنجو ٿيلهو يا بئگ رکڻ کان علاوه سائيڪل به رکي سگھجي ٿي جو هتي جا ماڻهو خاص ڪري نوجوان ٽهي سائيڪل استعمال ڪن ٿا، جنهن سان صحت به صحيح رهي ٿي، پيٽرول به بچي ٿو ۽ ماحول ۾ گندگي به پيدا نٿي ٿئي.
دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل شاگرد نمائندن جي علمينا ۾ رهائش لاءِ بندوبست اتي جي رهندڙ شاگردن جي گھرن ۾ ڪيو ويو هو. اسد جي رهائش جو بندوبست جسٽن نالي هڪ جرمن ڇوڪري جي گھر ۾، هُو جتي اسد کي ڏهه ڏينهن رهڻو پيو. ڌارئين ملڪ ۾ ڪنهن جي گھر ۾ رهڻ جو تجربو سٺو ٿئي ٿو، جنهن جو احوال هن سفرنامي ۾ پڙهي سگھجي ٿو ۽ مون کي پڪ آهي ته اسد سومري کي علمينا ۾ جرمن فئمليءَ سان گھاريل هي ڏينهن هميشه ياد رهندا. جرمنيءَ ۾ به جپان، سئيڊن، ناروي، سئٽزرلئنڊ ۽ دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن وانگر جتي ڪٿي صاف پاڻي ملي ٿو، جيڪو پي به سگھجي ٿو. مون کي اهو پڙهي کل آئي، جڏهن اسد جي جرمن ميزبان کيس ٻڌايو ته نلڪن مان ايندڙ پاڻي (Tap Water) پي سگھجي ٿو، جيڪو منرل واٽر وانگر صاف آهي- مطلب ته هتي وهنجڻ جاءِ ۽ بورچي خاني جي نلڪن مان ايندڙ پاڻي به صاف ۽ پيئڻ جوڳو آهي. ان تي اسد بي اختيار لکي ٿو ته، ”واهه ڙي واهه جرمني! تنهنجا رهاڪو ته وهنجن به منرل واٽر سان ٿا. اسان جي سنڌ ۾ ته هاڻي صاف پاڻيءَ جو ڪيڏو ته مسئلو آهي، پر جرمنيءَ ۾ ته فقط برلن، هئمبرگ، بريمن، ميونخ ۽ فرئنڪفرٽ جهڙن وڏن شهرن ۾ نه پر علمينا جهڙن ننڍن شهرن ۾ به هتي جي حڪومت هر شهريءَ لاءِ ايڏيون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون آهن!“
اهڙي طرح هتي جي ماڻهن لاءِ سفر جون سهولتون ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي وڏن شهرن سان ٽرين رستي ڳنڍيل ڏسي هن کي پنهنجي مادرِ وطن ۾ عوام سان درپيش ايندڙ سفري تڪليفون ۽ درد محسوس ٿين ٿا ۽ پنهنجي ڳوٺ موري لاءِ لکي ٿو ته، ”مورو توڙي سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور، نوشهرو فيروز ۽ ڪنڊياري جهڙو اهم شهر به هن جديد دور ۾ ٽرين جهڙي سهولت کان محروم آهن.“ اهڙي طرح هو ٻين به ڪيترين ئي شين جي ڀيٽ جرمنيءَ سان ڪري ٿو، جيڪا ٻي جنگِ عظيم بعد تباهه ٿي وئي هئي، جنهن جي مدد اسان جهڙي ملڪ به ڪئي، جيڪو ان وقت خوشحال هو. ”پوءِ ڀلا اڄ اسان جي هيءَ بدتر حالت ڇو ٿي وئي آهي؟ ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه ٿي سگھي ٿو، حڪومت جو يا عوام جو...؟“ هُو پنهنجي دل ۽ پڙهندڙن کان سوال پڇي ٿو.
بهرحال هن سفرنامي جي ليکڪ / سفر جي مسافر کي ڪريڊٽ ڏيڻ بنا رهي نٿو سگھجي ته هن نه فقط هوشياريءَ سان سفر ڪيو ۽ ان مان لطف حاصل ڪيو، پر اسان کي گھر ويٺي ساڻس گڏ گھمڻ جو موقعو ڏنو. پيش لفظ جي خيال کان منهنجو هي مضمون ڪجھه گھڻو ئي ڊگھو ٿي ويو آهي. ان ڪري هن کي اتي ختم ٿو ڪريان، پر اسان جي مسافر جو سفر اڃا ختم نه ٿيو آهي. هُو جنهن ڪم لاءِ گھران نڪتو آهي، اهو جرمنيءَ جي شهر علمينا ۾ ’بين الاقوامي شاگرد ڪانفرنس‘ اٽينڊ ڪرڻ آهي. ان لاءِ هُو علمينا ۾ ڏهه ڏينهن رهي ٿو. ان بعد هُو ڳوٺ موٽي ٿو پر موٽندي به هُو ڪجھه نه ڪجھه ڏسڻ چاهي ٿو. ان ڪري ڪانفرنس بعد هُو علمينا مان جرمنيءَ جي هڪ ٻئي وڏي شهر فرئنڪفرٽ وڃي ٿو، جيڪوErfurt کان 250 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. اتي رهڻ بعد هو پاڙي واري ملڪ فرانس پهچي ٿو، جيڪو ڏکڻ اولهه ۾ آهي. هُو ان جي وڏي ۽ گادي واري شهر پئرس ۾ ٽي ڏينهن رهي ٿو ۽ ان کي چڱي طرح ڏسڻ وائسڻ بعد ان سفر جو احوال به لکي ٿو. آئون ان تي ٽيڪا ٽپڻي نٿو ڪريان توهان پاڻ ئي پڙهي Enjoy ڪري سگھو ٿا ۽ ليکڪ (مسافر) جي ذهانت کي داد ڏئي سگھو ٿا ۽ اهو سبق پڻ حاصل ڪري سگھو ٿا ته سفر جو جَي پورو پورو فائدو وٺڻو آهي ته ان بابت هوم ورڪ گھران ڪري نڪرجي، جيئن هن پاڻ ڪيو آهي ۽ نين نين جاين تي پهچڻ کان اڳ هن انهن جي معلومات حاصل ڪئي آهي ۽ ان کي دماغ ۾ ياد رکيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هُو پڙهائيءَ جي معاملي ۾ هڪ ذهين نوجوان آهي. تڏهن ته هن ملڪ جي مقابلي جو امتحان پاس ڪري ورتو آهي ۽ اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي.
اسد ڪريم سومرو هن وقت 31 سالن جو آهي. هن 30 ڊسمبر 1990ع تي مورو شهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ موري جي ’بحريا فائونڊيشن اسڪول‘ مان ۽ انٽر ’گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج‘ مان ڪئي. ان بعد ’قائدِ عوام يونيورسٽيءَ‘ مان اليڪٽريڪل انجنگيئرنگ ۾ B. E. جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري لئبر ڊپارٽمينٽ ۾ لئبر آفيسر ٿي رهيو. 2018ع ۾ چٽا ڀيٽي جيPCS امتحان ۾ پاس ٿيڻ بعد هاڻ پروفيشنل مئنيجمينٽ سروسز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي. ان امتحان کان اڳ هن حيدرآباد مانLaw جي ڊگري LL.B. پڻ حاصل ڪئي. اسد جو هي سفرنامو نه رڳو دلچسپ آهي پر ڄاڻ وارو پڻ. آئون ته اهو ئي چوندس ته هن کي سفر جا اڳتي به جيئن موقعا ملن ته هُو انهن جو احوال ضرور لکي، جيئن پڙهندڙ ان مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.

وِکريل سوچون، ونڊيل خيال

---

اسلام، ڪُڙتي، پجامي ۽ ڏاڙهيءَ جو نالو ناهي

اسان وٽ هر ڪو مغرب ۽ ماڊرن دنيا جي ماڻهن کي ڪافر ۽ ڪمينو ۽ پاڻ کي مسلمان هجڻ جي ناتي افضل ۽ جنت جو حقدار سمجھي ٿو. هڪ محفل ۾ هڪ ڏاڙهيءَ سان مولويءَ واهه جي حق جي ڳالهه ڪئي. هن اسان جي ماڻهن مان اها غلط فهمي ختم ڪرڻ لاءِ جپان جي ماڻهن جي ايمانداريءَ جو مثال ڏنو ته هنن جو کڻي غير مذهب سان تعلق آهي، پر هنن ۾ اهي خصلتون آهن، جن لاءِ اسلام تاڪيد ڪري ٿو ۽ اهي ڳالهيون اسان مسلمانن ۾ هجڻ کپن. هن مولويءَ حاضرين کي هن ريت مخاطب ٿيندي چيو:
”آئون اصحابين جي ڳالهه نه پيو ڪريان...
آئون نبين ۽ پيغمبرن جي ڳالهه نه پيو ڪريان...
آئون انهن جي ڳالهه پيو ڪريان جن کي توهان ۽ اسان جهنمي سمجھون ٿا. اسان هڪ لمحي لاءِ به نٿا سوچيون ته جن کي اسان جھنمي ٿا سمجھون، انهن جو هن دنيا ۾ ترقيءَ جو راز ڪهڙو آهي؟
الله تعاليٰ اهو نٿو چوي ته هي جھنمي آهي، ان ڪري آئون هن کي دنيا ۾ به ڪجھه نه ڏيندس. اهو الله تعاليٰ جو قانون ناهي. اهو البت اسان مسلمانن جي دل جي تمنا ضرور آهي، الله جو قانون ناهي.“
اسان جو هڪ همراهه جپان جي گاديءَ واري شهر ٽوڪيو ۾ ٽئڪسيءَ ۾ سوار ٿيو. هن ان ٽئڪسي ڊرائيور کي چيو ته مون کي هتي جيڪا وڏي اسپتال آهي، ان جي ڀرسان فلاڻي انسٽيٽيوٽ ۾ وڃڻو آهي. هُو ڀڳل ٽٽل زبان ۾ سمجھي ويو.
ٽئڪسي ڊرائيور پنهنجي پئسينجر کي احترام سان وهاريو. توهان کي ٻڌي ان تي به حيرت ٿيندي ته جپان جي ٽئڪسي ڊرائيورن جو اهو ڪلچر آهي ته توهان جڏهن به ٽئڪسي روڪرايو ٿا ۽ وهڻ جي ڳالهه ڪريو ٿا، ته ڊرائيور عزت ڏيڻ لاءِ ادب سان جھڪي، پوءِ توهان کي ٽئڪسيءَ ۾ وهاري ٿو.Most Respectfully ڪنڌ نمائي جهڪڻ جپان جي ڪلچر ۾ شامل آهي. الله جو هي ٻانهو گاڏيءَ ۾ ويٺو. ٿوري دير کان پوءِ هن ڏٺو ته ٽئڪسي ڊرائيور پنهنجي ٽئڪسيءَ جي ميٽر کي بند ڪري ڇڏيو. کيس تمام گھڻي حيرت ٿي پر جيئن ته هُو زبان نٿي سمجھي سگھيو، ان ڪري ڊرائيور کان پڇي نه سگھيو. تقريبن ٻه اڍائي ڪلوميٽر هلڻ بعد ڊرائيور ميٽر کي وري آن ڪيو، پوءِ جڏهن مسافر پنهنجي منزل تي پهتو ۽ مقامي ماڻهن هن جو استقبال ڪيو، جيڪي انگريزي به سمجھيا ٿي. هن انهن مان هڪ کي چيو ته مهرباني ڪري هن ڊرائيور کان پڇو ته هن رستي تي ٻه اڍائي ڪلوميٽر کن ٽئڪسيءَ جي ميٽر کي ڇو بند رکيو؟ آئون ته هن کي سڄي سفر جي ڀاڙي جي ادائگي ڪرڻ چاهيان ٿو - هن وچ ۾ ميٽر کي بند ڇو ڪيو؟
ان تي ٽئڪسي ڊرائيور جواب ڏنو ته اصل ۾ مون کي جتان مڙڻو هو اتي مون کان ڌيان مان نڪري ويو ۽ آئون ٿورو اڳيان وڌي ويس. اتان موٽڻ لاءِ ٻه اڍائي ڪلوميٽر پهرين ڪو به ٽرن نه هو. سو جيڪو سفر مون پنهنجي غلطيءَ جي ڪري ڪيو، ان جو ڀاڙو مسافر کان ڪيئن ٿو وٺي سگھان؟“
مولانا ايترو ٻڌائي پوءِ جپاني ٽئڪسي ڊرائيور لاءِ چيو ته، ”نه هن چِلو لڳايو هو، نه هُو ڪلمو پڙهندو هو، نه هُو نماز پڙهندو هو، نه هن کي ڏاڙهي هئي، نه جبو هوس، نه ٽوپي يا پڳڙي پهريل هيس، پر ايمانداري هيس. اسان وٽ اهي سڀ شيون آهن پر ايمانداري ناهي.“
”برنارڊ شا جو مشهور جملو آهي ته، ’مون يورپ ۾ اسلام ڏٺو پر مسلمان نه ڏٺا. عرب ملڪن ۾ مسلمان ته ضرور ڏٺا پر اسلام نه ڏٺو.‘
سو اسان مسلمان ته ضرور آهيون پر اسلام اسان وٽ ناهي. مون کي صاف چوڻ ڏيو ته اسلام پڳڙيءَ جو نالو ناهي. اسلام ڪڙتي پجامي ۽ ڏاڙهيءَ جو نالو ناهي، اسلام سچ ڳالهائڻ جو نالو آهي. اسلام ايمانداريءَ جو نالو آهي. اسلام صحيح ماپڻ ۽ تورڻ جو نالو آهي... اسلام واعدو پورو ڪرڻ جو نالو آهي... اسلام وقت جي پابنديءَ جو نالو آهي..“

اوهان جون ته موجون ئي موجون آهن

جپاني ٽئڪسي ڊرائيور تان مون کي ياد آيو ته جپان جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندڙ اسان جي هڪ پاڪستاني پروفيسر کان اتي جي جپاني شاگردياڻيءَ پڇيو ته، ”سر! رمضان جي مهيني ۾ سڄو ڏينهن بک ۽ اڃ تي هوندا آهيو، ان سان اوهان کي ڇا ٿو ملي؟“
پروفيسر وراڻيو ته، ”روزو فقط بک ۽ اڃ جو نالو ناهي، بلڪ روزي دوران ڪوڙ نه ڳالهائڻ، ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏيڻ، ماپ تور ۾ گھپلو نه ڪرڻ، واعدي خلافي ۽ ذخيره اندوزيءَ کان پاسو ڪرڻ ۽ انصاف ڪرڻ کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي پابنديون آهن. اهڙيون پابنديون جن سان ٻين کي نقصان نه رسي ۽ سڀني برن ڪمن کان بچڻو هوندو آهي.“
جپاني ڇوڪريءَ ٿڌو ساهه کڻي، حيرت مان چيو، ”پوءِ ته اوهان جون موجون ئي موجون آهن... اوهان کي فقط هڪ مهينو ائين ڪرڻو پوي ٿو، اسان کي ته پورو سال ائين ڪرڻو پوندو آهي.“
يقينن پروفيسر صاحب روزي جي مقصدن بابت اڻ پوري ڳالهه ڪئي. دراصل اسلام جو اهم رڪن روزو تربيت جو مهينو آهي ۽ اها تربيت سڄو سال بلڪه سڄي زندگي برائين ۽ خراب ڪمن کان بچڻ جي هوندي آهي. اسان وٽ ته روزي رکڻ وارا نيڪ خاندانن سان تعلق رکڻ وارا سرڪاري ڪامورا توڙي وڏين ڏاڙهين وارا دڪاندار رشوت، منافعي خوري، ڪوڙ، دوکيبازي، واعدي خلافي، ذخيره اندوزي، بليڪ مارڪيٽنگ سميت سڀ ڪم جيئن جو تيئن جاري رکن ٿا. دراصل روزو اهڙين سمورين برائين کان مستقل بنيادن تي روڪڻ جي عبادت جو نالو آهي، جيڪي برائيون انسان جي حيواني صفت جون خرابيون آهن.

معاملو انسانن کي رنجائڻ جو آهي

ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ جمعي نماز تي هڪ مقامي نو مسلم گوري جي واعظ ۾ ٻڌايل هڪ ڳالهه تي آئون پهريون دفعو غور ڪرڻ لڳس. توهان جي به دماغ ۾ هيءَ ڳالهه شايد پهريون دفعو اچي ته قرآن مجيد ۾ جيترين به قومن جي تباهيءَ جو ذڪر آيو آهي، ان مان ڪنهن هڪ قوم جي به تباهيءَ جو سبب روزو، حج يا زڪوات وغيره ڇڏڻ نه آهي، پر تور ۾ ٺڳي، رشوت خوري، ملاوت ڪرڻ، ناحق قتل ڪرڻ آهي... جيڪڏهن سئين سڌي ڳالهه ڪجي ته معاملو ’حقوق العباد‘ جو رهيو آهي.

فرقن ۾ ورهايل اسان مسلمان

ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ڪيترن ئي مسلمان ملڪن ۾ رهيو آهيان، پر اتي ڪو به اهو پڇي شڪي نٿو ڪري ته شيعو آهين يا سني؟ اهڙي طرح ٻئي کي هر صورت ۾ احساس ڪمتريءَ ۾ متبلا نٿو ڪيو وڃي. ڇا اهو ڪافي ناهي ته اسان مسلمان آهيون؟ بس! 15 سال کن مختلف جهاز هلاياسين. ڪهڙي جهاز تي ڪير شيعو هو ڪير سني - ڪنهن کي ڪنهن جي ڪا خبر نه هئي ۽ نه اهو پڇڻ جي ضرورت پئي ٿي. جهاز جي هڪ ڪئبن مسجد طور استعمال ٿئي ٿي، جنهن ۾ سڀني نماز پڙهي ٿي. سئيڊن ۾ تعليم دوران ’ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ‘ ۾ به هڪ ڪمرو مسجد هو، جنهن ۾ 50 کن ملڪن جي مسلمان شاگردن نماز پڙهي ٿي. ڪير شيعو هوندو هو ڪير سني، ڪير حنفي هو ڪير حنبلي... ڪنهن جي ڪنهن کي خبر نه هوندي هئي. ڪنهن وقت نماز جماعت سان ٿيندي هئي ته ڪڏهن ڪنهن آفريڪي ملڪ جو شيدي شاگرد امام ٿيندو هو ته ڪڏهن ڪنهن عرب ملڪ جو عرب شاگرد، ڪڏهن بنگلاديش جو ڪئپٽن حبيب الرحمان امام ٿيندو هو ته ڪڏهن ايران جو ڪئپٽن ايماد رَضوي. يونيورسٽيءَ جا عيسائي، يهودي، هندو، ٻڌ، چيني ۽ پارسي شاگرد اسان سڀني کي مسلمان سڏيندا هئا.
ڇا اهو عجيب ناهي ته غير مسلم ته اسان سڀني کي هڪ امت، اسلام جا پوئلڳ يعني ’مسلمان‘ سڏين ۽ اسان جي ننڍي کنڊ ۾ اسان مسلمان هڪ ٻئي لاءِ ڪفر جون فتوائون ڏيندا وتون ۽ پاڻ کي مسلمان يعني هڪ امت جا ماڻهو سڏڻ بدران شيعا، سني، حنفي، مالڪي، حنبلي، وهابي، خوارجي، اسماعيلي، بوهري سڏيندا وتون.
ويجھڙائيءَ ۾ هڪ وڊيو ڪِلپ ڏٺم ته هڪ غريب ڪنهن ٿلهي پيٽ واري سيٺ کان خيرات / زڪوات گھري رهيو آهي. سيٺ پڇيس ٿو ته، ”ڪير آهين؟“
”مسلمان.“ سواليءَ وراڻيو.
”سني آهين يا شيعو؟“ سيٺ پڇيس ٿو.
”سني.“ غريب وراڻيس.
”آئون به سني آهيان“، سيٺ چيس، ”پر اهو ٻڌاءِ ته ڪهڙي امام کي فالو ٿو ڪرين؟ حنفي آهين، شافعي، مالڪي، حنبلي يا وهابي؟“
”سائين حنفي آهيان.“
”آئون به حنفي آهيان. ڀلا بريلوي آهين يا ديوبندي؟“
”بريلوي...“
”آئون به بريلوي آهيان. ڀلا تنزيهي يا تفڪيري؟“ (يقين ڪريو انهن لفظن جي معنيٰ يا مطلب مون کي به نٿي آيو. سڪرنڊ جي پروفيسر غلام نبي چنا صاحب ۽ سکر جي اسلاميه ڪاليج جي پروفيسر سائين عبداللطيف انصاريءَ کي فون ڪري انهن لفظن جي معنيٰ پڇيم. هنن ان بابت ڪجھه هن ريت سمجھايو ته: ’تنزيهي ان عمل کي چئبو آهي جيڪو مڪروهه هجي پر حلال جي قريب هجي، جيئن ڳوهه حلال آهي پر مڪروهه آهي. ٻيو مطلب هن جو آهي ته ڪنهن جو پوئلڳ هجڻ ۽ تفڪيري معنيٰ فڪر وارو، سوچيندڙ جاچَ جُوچ ڪندڙ.‘
بهرحال مٿيون غريب جيڪو پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿي، چيو: ”تنزيهي آهيان.“
”ماشا الله... آئون به تنزيهي آهيان“، سيٺ چيو، ”ڀلا تنزيهي عظمتي يا تنزيهي فرحتي؟.“
”تنزيهي فرحتي.“
”آئون به تنزيهي فرحتي آهيان. ڀلا تنزيهي فرحتي جامعته العلوم اجمير آهين يا تنزيهي فرحتي جامعته العلوم ميوات؟“
ان سوال تي سائل جيئن ئي چوي ٿو ته هن جو تعلق ’تنزيهي فرحتي جامعته العلوم ميوات‘ سان آهي ته سيٺ ڪاوڙجي هن کي ڪافر چوي ٿو ۽ هن کي پاڻ وٽان ٽري وڃڻ لاءِ چوي ٿو، جو سيٺ جو تعلق ٻئي مسلڪ سان آهي.
بهرحال اهو ته ٿيو چرچو يا ڪنهن غريب کي خيرات نه ڏيڻ جو بهانو، پر ڳالهه وري ساڳي آهي ته ڇا فقط مسلمان هجڻ ڪافي ناهي، جو ايڏي پڇ پڇ ڪئي ٿي وڃي. ڪنهن خوب چيو ته ڏٺو وڃي ته:
1906ع کان اڳ ڪنهن به اهلِ حديث نٿي سڏايو...
1896ع کان اڳ ڪو به بريلوي نه هو...
1867ع کان اڳ ڪو به ديوبندي نه هو...
250 هجري کان اڳ ڪو به حنبلي نه هو...
200 هجري کان اڳ ڪو به مالڪي ۽ شافعي نه هو..
150 هجري کان اڳ ڪو به حنفي ۽ جعفري نه هو...
جڏهن ته حضرت محمد ﷺ جي وفات تائين ڪو سني شيعو نه هو. البت مسلمان ضرور هو، جيڪو اڄ جي دور ۾ شايد ڪٿي گم ٿي ويو آهي!

مسلمانن جو فرقن ۾ ورهائجي وڃڻ بابت

اڄ کان 80 سال اڳ ڊاڪٽر علامه اقبال ڇا خوب لکيو آهي ته:

کل مذہب پوچھ کر بخش دی تھی جان میری،
آج فرقہ پوچھ کر اس نے ہی لے لی جان میری۔

مت کرو رفع یدین پر اتنی بحث مسلمانو،
نماز تو ان کی بھی ہو جاتی ہے، جن کے ہاتھ نہیں ہوتے۔

خوف ہوتا ہے شیطان کو بھی آج کے مسلمان کو دیکھ کر،
نماز بھی پڑھتا ہے تو مسجد کا نام دیکھ کر۔

مسلمانوں کے ہر فرقے نے ایک دوسرے کو کافر کہا،
اِک کافر ہی ہے جو اس نے ہم سب کو مسلمان کہا۔
ملائشيا ۾ رهندڙ هڪ پنجاب جو امام چوندو هو ته: ”اسان سڀ مسلمان هڪ امت آهيون، پر اسان جا ڪجھه مولوي اسان کي شيعا ۽ سني سڏائڻ تي زور ڀرين ٿا ۽ هڪ ٻئي سان نفرت ڪرڻ جو سبق پڙهائين ٿا.“
واٽس ايپ تي هڪ طنز طور وائرل ٿيل وڊيو هئي ته : ”هڪ مولوي جمعي جي نماز جي خطبي ۾ نمازين کي ٻڌائي رهيو هو ته آئون لنڊن ۾ ٻه مهينا رهي پيو اچان. اتي ڏسان ته هڪ مسجد ۾ شيعا، سني، حنفي سڀ مسلمان گڏ نماز پڙهي رهيا هئا...“
سندس اها ڳالهه ٻڌي نمازين زور زور سان توبهه توبهه ڪئي.
”افسوس ڪرڻ جي ڳالهه ناهي“، مولويءَ کين هٿ جي اشاري سان ماٺ ڪرائيندي چيو، ”آئون جيڪي ٻه مهينا رهيس، انهن ۾ هنن کي سمجھائي سمجهائي ڌار نماز پڙهڻ لاءِ آماده ڪري آيو آهيان.“
ٻڌندڙن وڏي آواز سان واهه واهه! سبحان الله! چئي مولويءَ کي داد ڏنو.
سو اجھو اهو آهي اسان جو ۽ اسان جي ڪن مولوين جو حال. رب پاڪ اسان سڀني کي هدايت عطا فرمائي.

حلال گوشت ۽ نماز جو مسئلو

هُونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته اڄ ڪلهه يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نه رڳو مسجدون آهن پر حلال گوشت جا دڪان پڻ، جيڪي اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو: عرب، فلسطيني، لبناني، ايراني، ويندي يورپ جا مقامي گورا نو مسلم هلائين ٿا. مون کي ياد آهي ته شروع جي ڏينهن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون تعليم ختم ڪري جهازن جي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي ته ولايت ۾ اسان لاءِ ڏاڍو مونجھارو ٿيندو هو ته جهاز کان ٻاهر بندرگاهه ۾ گھمندي بک لڳي ته ڇا کائجي؟ جهاز ته پاڪستاني هجڻ ڪري ان تي پنهنجي ملڪ جو عملو هو ۽ هر شئي حلال ٺهي ٿي، پر ڪنهن بندرگاهه ۾ گھمڻ وقت ڇا ڪجي! نيويارڪ جهڙي وڏي شهر ۾ به ڪو حلال گوشت جو دڪان نه هو. نيويارڪ ۾ اسان جي پيٽارو جو ڪلاس ميٽ، ٽنڊو قيصر جو رئيس نور احمد نظاماڻي جهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر ۽ ٽنڊو جان محمد جا ڀائر بابو ۽ يوسف ڏاهري رهيا ٿي. انهن وٽ ملڻ ويندو هوس. منهنجي اچڻ تي نور احمد نظاماڻي، ڪنهن يهوديءَ جي گوشت جو دڪان ڳوليندو هو، جيڪو ڪوشر سڏبو هو ۽ ان کي حلال سمجيو ويندو هو جيتوڻيڪ بعد ۾ ان لاءِ چيو ويو ته، ڪوشر کي سئو سيڪڙو حلال نٿو چئي سگھجي پر انهن ڏينهن ۾ عرب توڙي ننڍي کنڊ جا مسلمان ڪوشر کائيندا هئا، جو اتي موجود مولوين اها فتويٰ ڏني هئي ته يهودي اهلِ ڪتاب آهن ۽ هُو مسلمانن وانگر الله جو نالو وٺي ڪڪڙ يا رڍ ٻڪري ذبح ڪن ٿا.
انهن ڏينهن ۾ مئڪڊونالڊ ۽ ڪي ايف سي اڃا ايڏو مشهور نه ٿيا هئا، پر پوءِ سگھو ئي اهي فاسٽ فوڊ جون ريسٽورنٽون عام ٿي ويون. ڪي مسلمان چوڻ لڳا ته انهن جون بيف يا چڪن جو برگر کائي سگھجي ٿو، پر سوال آهي ته بيف برگر يا چڪن فرائي ڪيئن ٿي کائي سگھجي، جڏهن انهن جانورن جي اسلامي طرح حلال هجڻ جي خاطري ناهي. ان ڪري اسان جا ماڻهو فقط فِش برگر ۽ پٽئٽو چپس کائڻ لڳا، پر انهن لاءِ به ڪي چوندا هئا ته ڪهڙي خبر ته انهن جي رڌ پچاءُ ۾ جيڪو تيل استعمال ٿئي ٿو، ان ۾ سوئر جي چرٻي هجي. اسان جو چيف انجنيئر سيد اڪبر غازي ته ٻاهر جي ڊبل روٽي کائڻ کان به منع ڪندو هو، پر هاڻ ته دنيا ئي بدلجي وئي آهي. جتي ڪٿي نه رڳو حلال کاڌي جا دڪان نظر اچن ٿا، پر هوائي سروس عام هجڻ ڪري، آمريڪا جي ننڍن شهرن ۾ به روزانو بمبئيءَ کان بوهرين جون ٺهيل ڊبل روٽيون ۽ بسڪيٽ ڪيڪ پهچيو وڃن.
سڀ کان وڌيڪ منجھائيندڙ ڳالهه نماز پڙهڻ هوندي هئي. پنهنجي وطن اچي مولوين کان پڇبو هو ته ڪي ته اهو به چوندا هئا ته ولايت جي رستن تي ته نماز هرگز نه پڙهڻ کپي، جو خبر ناهي اتان ڪو خنزير يا ڪتي جهڙو پليت جانور گذري ويو هجي، پر ڪنهن پارڪ جي بينچ تي ويهي به نه پڙهجي، جو متان اتي ڪو ڪافر ويهي ويو هجي. اسان سخت منجهيل رهياسين ٿي جو اسان جي مولوين کي اسان جو ولايت وڃڻ ئي خراب ٿي لڳو. مولوين جو به ڏوهه نه هو، جو هنن جي سڄي عمر پنهنجي ڳوٺن ۾ گذري، ولايت جي ماحول جي هنن کيIdea نه هئي.
سچي ڳالهه اها هئي ته اسان ڪڏهن به ڪنهن سوئر کي ولايت جي شهرن ۾ گھمندي نه ڏٺو. ها البته سهڻين ڇوڪرين کي رستي تي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پالتو ڪتي سان پسار ڪندي ڏٺوسين، جنهن ڪتي کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ ولايت جا ماڻهو، جن صابڻن ۽ شئمپوئن سان وهنجاري اجرو بڻائين ٿا، اهي ته اسان جي ڏهن فلمي اداڪارئن مان شايد ڪنهن هڪ کي مشڪل سان نصيب ٿيندا هجن. انهن ڪتن جي مقابلي ۾ اسان جي شهرن ۾ رول، بيمار ۽ گدلن ڪتن جي لوڌ ڏسي ڀيٽ ڪريو.
الله ڀلو ڪري سعودي عرب وارن جو جن ولايت ۾ رهندڙ اسان جهڙن ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ مفتين جو پئنل ٺاهيو، جنهن جي خبر اسان کي سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجن عرب، عماني ۽ اردني ڪلاس ميٽن کان پئي، جن مٿئين مسئلي بابت انهن کان پڇيو. جواب مليو ته سڄي زمين الله پاڪ جي آهي، توهان ڪنهن به صاف، خشڪ هنڌ تي نماز پڙهي سگھو ٿا. هُونءَ به ڪنهن بينچ تي ڪير ويهي ويو آهي، ان سان توهان جو ڪهڙو واسطو ۽ ان جي اندر جي توهان کي ڪهڙي خبر ته هُو عيسائي هو، يهودي هو يا ڪافر / مسلمان؟ ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته توهان اجاين وسوسن ۽ شڪن پٺيان نماز جهڙو فرض ڇڏي ڏيو ٿا.

ماڻهن کي جذباتي بڻائي موت ۾ نه وجھو

ڪهاڻي مشهور آهي ته درياهه جي ڪناري تي بيٺل هڪ ٻڪريءَ ٻي ڪناري تي موجود بگھڙ کي گھٽ وڌ ڳالهايو. بگهڙ چيس ته اها تون نه پر تنهن جي دوري توکي پهلوان بنائي رهي آهي يعني تون اهڙي هنڌ تي بيٺي آهين، جتي آئون پهچي نٿو سگھان.
سالن کان رکي رکي يورپ جي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جو ڪو شهري اسان جي مذهب يا اسان جي نبي ڪريم ﷺ لاءِ بدزباني ڪري اسان جي جذبات کي ڀڙڪائي ٿو ۽ اسان مسلمانن کي ڏک پهچائي ٿو. ٻئي ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ گوڙ فساد ٿئي نه ٿئي، پر اسان جي ملڪ ۾ مار ماران ٿيو وڃي. مارڻ وارا به ڪلمو پڙهڻ وارا ته مرڻ وارا به ڪلمه گو! خاموش يا عقل کان ڪم وٺي احتجاج يا ڪو طريقو سوچي اختيار ڪرڻ بدران هنگاما ۽ گوڙ فساد ٿيو وڃن! اسان جي ئي ماڻهن جي خونريزي ۽ انهن جي ئي ملڪيتن کي ساڙيو وڃي ٿو ۽ اسان جي ئي گھرن ۾ روڄ راڙو بپا ٿيو وڃي.
هينئر به فرانس جي ڪنهن شهريءَ جي بدزبانيءَ تي اسان وٽ هڪ مذهبي جماعت اڳيان اڳيان ٿي سڄي ملڪ کي ڀڙڪائي رکيو. هنن جو موقف اهو ئي آهي ته هُو پنهنجي دين ۽ نبي ڪريم ﷺ لاءِ محبت جو اظهار ٿا ڪن. اسان جهڙن گھٽ سمجھه رکندڙن کي اها ڳالهه منجھائي ٿي ته اهو ڪهڙو اظهار جو طريقو آهي، جنهن ۾ پنهنجا ماريا وڃن ٿا! هن ملڪ ۾ ته 95 سيڪڙو کان مٿي مسلمان ۽ عاشقِ رسول آهن. ٻي ڳالهه ته پنهنجن ئي ماڻهن کي مارڻ ۽ سندن ملڪيت کي ساڙڻ مان ڌارئين ملڪ کي ڪهڙو نقصان رسندو. هنن تي اسان جو ڪهڙو رعب وهندو؟ ڇا اسلام هن قسم جي احتجاج، جنهن ۾ بي ڏوهين کي قتل ڪيو وڃي ٿو، جي اجازت ڏئي ٿو؟
ڏٺو وڃي ته فرانس جي ماڻهن يا حڪومت جو ته وار به ونگو نه ٿيو. اسان جي ئي غريب ماڻهن جي جان ۽ انهن جي روزگار جو نقصان ٿيو... هنن جون موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون ساڙيون ويون، هنن جون ريڙهن تي رکيل شيون کسي انهن کي وڌيڪ مسڪين بنايو ويو... ۽ جي ڪا گاڏي سرڪاري هئي يعني پوليس جي موبائل يا باهه وسائڻ جي گاڏي، ايمبولينس يا ٻي ڪا ساڙڻ ۾ به ته نقصان عوام جو ٿيو، جنهن جي ڏنل ٽئڪسن مان سرڪار اهي شيون خريد ڪري ٿي.
اسان وٽ اڳهين بک، بيروزگاري، بيماري ڪيڏي آهي. اسان جي ڳوٺ جي به هڪ پورهيت ڳوٺ ۾ ڪو ڪارخانو يا ڌنڌو ڌاڙي نه هجڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ اچي مزوري ڪئي ۽ ڪجھه سرنديءَ وارن ماڻهن جي مدد سان ۽ ڪجهه قرض کڻي قسطن تي رڪشا وٺي هلائڻ لڳو. هن وٽ ته رات جا چار پهر گذارڻ لاءِ ڪا جاءِ نه هئي. هُو ڪڏهن پاڻ جهڙي غريب دوست وٽ رهيو ٿي ته ڪڏهن رڪشا ۾ ئي سمهي رهيو ٿي. وڏي مشڪل سان هن رڪشا جون ٽي چار قسطون لاٿيون هونديون ته هنن هنگامن ۾ شهيد ٿي ويو ۽ سندس رڪشا کي به ساڙيو ويو. سندس لاش ڳوٺ پهچڻ تي توهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته هن جي غريب زال، ٻن معصوم نياڻين ۽ پوڙهن بيمار والدين جو ڪهڙو حال ٿيو هوندو. جن جو ڪمائڻ وارو هي واحد فرد هو. هنن کي ته اهو به سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ماڻهو هن جي موت جو سبب جيڪو فرانس خلاف احتجاج چئي رهيا آهن، اهو ڇا آهي؟ ڇا فرانس وارن هنن جي پٽ کي ماريو آهي؟ ڇا هن کي مارڻ سان فرانس تباهه ٿي ويو؟ ڇا هن جي سيڪنڊ هئنڊ رڪشا فرانس جي واحد ملڪيت هئي، جنهن کي ساڙڻ سان فرانس حڪومت تباهه ٿي وئي!
دراصل ڳالهه اها آهي ته اسان ڪيڏو منجھيل آهيون! اسان کي پنهنجا ماڻهو ماريندو ڏسي، اسان جا دشمن ملڪ به اسان تي کلندا هوندا! اسان ڀلي کڻي سڄو ملڪ ساڙي ڇڏيون، فرانس وارن تي ڪهڙو اثر ۽ هنن جو ڪهڙو نقصان؟
ڪجھه سال اڳ ڊئنمارڪ جي ڪنهن اخبار به ان قسم جي گستاخي ڪئي، جنهن سان اسان کي ڏک رسيو. اسان جي ملڪ ۾ ان ملڪ جا جھنڊا ساڙيا ويا، احتجاج طور جلسا جلوس ۽ گوڙ فساد ڪيا ويا. ڊئنمارڪ وارن تي ڪجھه به اثر نه ٿيو. اسان طرفان پنهنجن ماڻهن کي مارڻ ساڙڻ مان ٻئي ملڪ کي ڀلا ڪهڙو نقصان؟ ڏٺو وڃي ته هيترا سارا اسلامي ملڪ آهن. انهن ته عقل کان ڪم وٺي پنهنجي ملڪن ۾ فساد ڪرائي پنهنجا مسلمان ڀائر نه مارايا ۽ نه پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جون ملڪيتون ساڙيائون پوءِ سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن امير ملڪن، جيڪي ڊئنمارڪ وارن کان کير، مکڻ، پنير ۽ گوشت خريد ڪن ٿا، انهن قطر، بحرين، عرب امارات وارن کي به گڏي، ان خريداريءَ تي بندش وجھڻ جو اعلان ڪيو. ڊئنمارڪ حڪومت جون وايون بتال ٿي ويون ۽ سڌا ٿي ويا. ظاهر آهي هُو اربين رپين جو نقصان ڪيئن ٿا برداشت ڪري سگھن! ڊئنمارڪ وارا معافين مٿان معافيون وٺندا رهيا.
هينئر به اسان جي مسلمان امير ملڪن کي، جن جي هلي ٿي، جن تي يورپي ملڪن جو مدار آهي، انهن کي گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙڻ کپي، جنهن سان يورپي ملڪن کي سندن شرارت تي پادر لڳي سگھي ۽ ٻي ڳالهه ته هي ڪم اسان جي حڪومت ۾ ويٺل ڏاهن ۽ پڙهيل لکين عالمن جو آهي، يعني انهن مولوين جو، جيڪي دين جي ڄاڻ رکن ٿا. اهي ئي عوام جي رهنمائي ڪن ته هن قسم جي مسئلن کي ڪيئن منهن ڏجي. هُو ئي خلق خدا کي آگاهي ڏين ته اهڙين حالتن ۾ اسلام جي ڪهڙي تعليم آهي؟ آئون نٿو سمجھان ته اسلام اهو چاهي ٿو ته ڪو ڏورانهين ڏيهه جو پاڳل يورپي ڪارو منهن ڪري ته اسان ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ڳوٺ يا پاڙي ۾ رهندڙ مسلمان ڀائرن توڙي هندو ۽ عيسائين کي ماريون، ساڙيون! جيڪي ڪجھه ڪيو اهو ته فرانس جي ڪنهن هڪ چرئي شهريءَ ڪيو، فرانس جي سفير کي اسان پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏينداسين ته هنن کي ڪهڙو نقصان ٿيندو يا اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ اسان جي هنن گوڙ گھمسانن کي ڏسي هُونءَ ئي فرينچ توڙي ٻيا يورپي اسان جو ملڪ ڇڏي ويا آهن. جيتوڻيڪ دبئي، سعودي، ملائيشيا ۽ ٻين مسلمان ملڪن ۾ هُو سڪون سان ويٺا آهن. ٻي ڳالهه ته سفير ڪڍڻ سان فرانس وارن کي ڪهڙو نقصان؟ نقصان ته اسان کي رسندو جو هاڻ وڃي مس مس هنن سان ڪاروبار شروع ٿيو آهي. جنهن ڪاروبار جي اسان کي ضرورت آهي، هنن کي ناهي. ويتر هُو جي پنهنجي ملڪ مان اسان جا ماڻهو ڪڍي ڇڏين ته اسان جا لکين غريب بيروزگار ٿي ويندا. فرانس يورپي ڪميونٽيءَ جو ملڪ آهي ۽ هنن جي پاڻ ۾ ٻڌي آهي. انهن ملڪن مان ڪي ڏهه ملڪ به فرانس جو ساٿ ڏين ۽ پنهنجن ملڪن مان اسان جا ماڻهو ڪڍي ڇڏين ته اسان کي ئي نقصان ٿيندو. سو ڳالهه اها آهي ته اسان جي عوام کي جذباتي ٿي نعريبازي ڪرڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي قتل ڪرڻ بدران اهڙو ڪم ڪرڻ کپي، جنهن مان فرانس وارن کي سندن غلطيءَ جو احساس ٿئي ۽ ان لاءِ اسان کي پنهنجي حڪومت جي ڏاهن، ليڊرن ۽ دين جي صحيح ڄاڻ رکندڙ عالمن ڏي رجوع ٿيڻ کپي، ته هُو اسان کي ٻڌائين ته اسلام ۽ ڊپلوميسيءَ جي روشنيءَ ۾ اسان کي هڪ ٿي ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ کپي...

اسان جا اعمال ئي اسان جا حاڪم آهن

ڳالهه اها آهي ته اسان جا ماڻهو جذباتي ٿي هڪ طرف ته آمريڪا جهڙن ملڪن خلاف نعرا هڻن ٿا، پر ٻئي پاسي آمريڪا جَي ’لاٽري ويزا‘ لاءِ اعلان ڪري ته سڀ کان گھڻا ماڻهو اسان جي ملڪ جا قطار ۾ لڳي وڃن! يا اسان جي ماڻهن جي جذبات جو اهو حال آهي جو نعرا هڻندا ته اسان آمريڪا کي چڻا چٻارائي ڇڏينداسين... اسان فرانس کي تباهه ڪري ڇڏينداسين، پر حقيقت اها آهي ته ڳوٺ جي وڏيري اڳيان به هٿ ٻڌي ويٺا هونداسين ته جيڪو حڪم سرڪار جو!
اسان جي ملڪ جي ڪيترن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو صحيح طرح تعليم نه هجڻ ڪري جذباتي آهن ۽ انهن کي اسان جا مولوي ڀڙڪائين ٿا... هوندو! پر ڪيترائي مولوي عالم دين آهن، اهي هنگاما برپا ڪرائڻ بدران ڳالهه ٻولهه ذريعي تربيت به ڪن ٿا. هڪ اهڙي مولويءَ جي تقرير جو ٽڪرو اسان جي صحافي دوست وسعت الله خان پنهنجي ٽي وي پروگرام ’ذرا هٽ ڪَي‘ مان موڪليو آهي. مولوي صاحب جي ان ۾ ڪيل ڳالهين ۾ بيحد مقبوليت عيان آهي، جنهن جو اندازو توهان به لڳائي سگھو ٿا:
”اڄ اسان چئون ٿا ته اسان آمريڪا جو مقابلو ڪنداسين ۽ ان کي ڏسي رهنداسين، پر اهي سڀ خالي خولي ڀڀڪيون آهن. ڳوٺ جي وڏيري سان ته مقابلو نٿا ڪري سگھون، هن جي سامهون حق جي ڳالهه نٿا ڪري سگھون، سو آمريڪا کي ٿا للڪاريون! اسان جون ڌمڪيون سڀ ڪوڙ آهي، فريب آهي، پنهنجو پاڻ سان دوکو ۽ خود فريبي آهي! آئون چوان ٿو ته جذبات ۾ اچي ته اسان چئون ٿا ته اسان انهن ملڪن سان ٽڪرائي، انهن کي هيئن ڪري ڇڏينداسين، هُونءَ ڪري ڇڏينداسين، پر اصل ۾ اسان جو حال اهو آهي جو اسان جي مسجدن جي غسلخاني جا لوٽا به زنجيرن سان ٻڌل آهن. جنهن قوم جي ڪردار جي پستي (گراوٽ) جي اها ڪهاڻي هجي، اها دنيا جي قومن سان، جيڪي مادي ترقي ڪري چڪيون آهن ۽ اخلاقي طور تي به هُو تمام مٿاهون درجو رکن ٿيون - ڇا توهان انهن سان مقابلو ڪري سگھو ٿا؟
ٿورو غور ڪريو! آئون جڏهن جمعي نماز پڙهائڻ لاءِ گھران نڪتس ته هن ئي روڊ تان هڪ گڏهه گاڏي لنگھي رهي هئي، جنهن جي پٺيان ٿلهن اکرن ۾ لکيل هو، ’جلني والي ڪا مُنهن ڪالا‘ يعني سڙڻ وارن جو شل منهن ڪارو ٿئي. آئون مٿي تي هٿ رکي سوچڻ لڳس، ته منهنجو معاشرو ايڏو ڪريل آهي، ايڏو گندو آهي ۽ ايڏو ڪمتر ٿي ويو آهي، جو هن غريب مزور کان به سڙڻ وارا ان معاشري ۾ موجود آهن.
جيڪڏهن گرمين ۾ ٻاهر ڪو واٽر ڪولر ٿو لڳائي ته گلاس سان گڏ زنجيرون ڇو ٿو ٻڌي؟ ڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏٺو آهي ته اسان ڪيترو ڪريل آهيون! اسان جي نيچ پڻي جو ڇا حال آهي!
جب میں کہتا ہوں یا اللہ میرا حال دیکھ،
حکم ہوتا ہے، اپنا نامہ اعمال دیکھ۔
اڄ اسان جي مٿان جيڪو ظلم، جبر قائم آهي، هر پاسي کان اسان مشڪلات ۾ آهيون. جيڪي اسان سان ٿي رهيو آهي. ڇا واقعي اسان سان اهو ٿيڻ کپي؟ الله تعاليٰ ڪنهن سان ناانصافي ڪرڻ نٿو چاهي. الله تعاليٰ جل شانه منصف آهي. هي جيڪي ڪجھه ٿي رهيو آهي، اسان جي گناهن جي سزا آهي. اسان روئون ٿا ته حڪمران اسان جي ملڪ کي ڦري کائي ويا. ٽيو ڏينهن ان تي وڏو احتجاج هلي رهيو هو. آئون به موٽروي کان اچي رهيو هوس ته رستي تي ان احتجاج جو ميڙ هڪ ٽرڪ کي بيهاري ان ۾ رکيل سامان جي ڦر ڪري رهيو هو، ان سان گڏ نعرا به هڻي رهيا هئا ته حڪمران ملڪ لٽي ويا. اڙي بابا! توهان جي وس ۾ ايترو هو سو توهان لٽيو. توهان ٻيو ڇا ٿي ڪري سگھيائو؟ جن جو هٿ اڳيان وڌيو، انهن ملڪ لٽي ڇڏيو. هُو به ڌاڙيل لٽيرا، توهان به انهن جهڙا ڌاڙيل لٽيرا!
پنهنجو پاڻ کي پهرين ڏسو، پهرين پنهنجي اصلاح ڪريو، پوءِ ٻئي کي چئو. تڏهن ته چوان ٿو ته : يا الاهي منهنجو حال ڏس!
ته جواب ملي ٿو: پنهنجا ڪرتوت ڏس، اعمال ڏس!
منهنجا ڀائرو! پنهنجي من ۾ ته اندر وڃي ڏسو. هڪ شخص جيڪو پنهنجي گھر ۾ ئي انصاف نٿو ڪري سگھي، سو ٻين کان اميد ڪيئن ٿو رکي! اسان کي ڏسڻو آهي ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون، پوءِ حالتون پاڻهي سنڀلجي وينديون. هڪ روايت جا لفظ آهن: اعمالڪم عملڪم.
توهان جا عمل ئي توهان جا حڪمران آهن. جيڪڏهن توهان جا اعمال صحيح ٿي ويندا ته رحمت جون ڇٽيون توهان جي مٿان پاڻهي ئي کُلي وينديون.
حضرت حسن بصري رح کان نقل آهي ته: ’اعمالڪم عمالڪم، و ڪما تڪونوا يولي عليڪم‘. يعني توهان جا حڪمران توهان جي اعمالن جو ئي عڪس آهن. جيڪڏهن توهان جا اعمال درست هوندا ته توهان جا حڪمران به درست ٿي ويندا، جيڪڏهن توهان جا اعمال خراب هوندا ته توهان جا حڪمران به خراب رهندا.“

وهندڙ گنگا مان هر ڪو پيو هٿَ ڌوئي

ڪجھه سفرناما، جن جا مون پيش لفظ لکيا آهن، انهن مان هڪ ۾ نالو ياد نه پيو اچيم، ليکڪ يورپ جي ڪنهن شهر ۾ اتي رهندڙ هن جي ڳوٺائي ميزبان سان گڏ، ڪنهن اسٽور تان بيضا ۽ ڊبل روٽي وٺڻ وڃي ٿو ته هن کي اهي شيون اسٽور ۾ اندر رکيل هجڻ بدران دڪان جي ٻاهر ٽبيل تي نظر اچن ٿيون. هن جو ميزبان ضرورت مطابق بيضا ۽ ڊبل روٽي کڻي انهن جي قيمت جا پئسا اتي رکيل پيالي ۾ وجهي ٿو. ٻيا به ايئن ڪري رهيا هئا. ڪنهن وٽ کليا پئسا نه هئا ته وڏو نوٽ رکي باقي پاڇي پياليءَ مان ڪڍي ويو ٿي. ليکڪ کي ماڻهن جي ايمانداريءَ تي حيرت لڳي ٿي. ظاهر آهي اسان جو تعلق اهڙي قوم سان آهي، جتي مسجد جي ٻاهران رکيل چئمپل به چوري ٿيو وڃن ۽ مسجدن جي غسلخانن ۾ لوٽي کي به زنجير ٻڌل رهي ٿي. اسان کڻي ان ڳالهه کي دل ۾ ڪريون ۽ دنيا کي ڇا به چئون، پر دنيا به ته سڀ ڪجھه ڏسي پئي.
يورپ جو ملڪ هالينڊ، جيڪو ڀلين ڍڳين، کير، مکڻ ۽ پنير کان مشهور آهي، اتي سڀ کان اڳ آٽوميشن آئي ۽ مشينن ذريعي ڍڳين جي آٽوميٽيڪلي ڏهائي شروع ٿي. اتي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ خريدار کير جي اسٽوريج ٽئنڪ ۾ لڳل نلڪي ذريعي ضرورت موجب کير ڪڍي، گيج ۾ ٻڌايل ماپ مطابق ان کير جا پئسا مشين جي سير(Slot) ۾ وجھي ويا ٿي. وڏي نوٽ جي صورت ۾ باقي ريجو مشين مان نڪري آيو ٿي.
هنن ملڪن ۾ ڪو سوچي به نٿو سگھي ته کير ۾ ملاوٽ به ٿي سگھي ٿي. هن کان اڳ به ڪٿي لکي چڪو آهيان ته هتي جو دڪاندار ماءُ تي گار ته شايد برداشت ڪري وڃي، پر ڪنهن کي اهو ته چئي ڏسو ته تون کير جهڙي شئي ۾ ملاوٽ ٿو ڪرين. هن کان اهو ٻڌڻ هرگز برداشت نه ٿيندو. اسان هنن کي ڀلي ڪافر چئون، پر ايمانداري هنن وٽ آهي. هو ان قسم جي ڪم/ملاوٽ کي، سخت ڏوهه جو ڪم سمجھن ٿا، جنهن ذريعي اسان جا ’نفعي خور‘ نسلن جا نسل تباهه ڪريو ڇڏين. اسان وٽ گھڻي کير حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ڍڳين، مينهن کي ’آڪسيتوسين‘ (Oxytocin) جهڙيون سُيون لڳايون وڃن ٿيون، جنهن سان اٻوجھه جانور کي به تڪليف رسي ٿي ته کير ۾ به خرابي ٿئي ٿي. پاڻيءَ جي ملاوٽ ڪري اسان وٽ کير جي ماپ وڌائي وڃي ٿي. ويندي ڪيميڪلز ملائي نقلي کير کي اصليءَ جي نالي ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو يعني اسان وٽ دڪاندارن کي اهو به احساس نٿو ٿئي ته کير جهڙي شئي، جيڪا معصوم ٻارن يا پوڙهن ۽ بيمارن جي خوراڪ آهي، ان کي زهريلو بڻائي، انسان ذات کي ذهني ۽ جسماني بيمار بنايو وڃي ٿو.
اسان وٽ اڪثر اهو چيو وڃي ٿو ته اسان وٽ غربت جي ڪري ڪرپشن آهي، پر حقيقت اها آهي ته غربت جي ڪري ڪرپشن نه پر ڪرپشن جي ڪري غربت آهي. اسان وٽ سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪٿي جي يورپ وانگر ڪا شئي وڪامي ته گراهڪ ٻئي شيون کڻي وڃي کير به ته، پئسا به! ان ڳالهه مان توهان اسان جي قوم جي غربت جو بنيادي سبب سمجھي سگھو ٿا، ته اها ڪرپشن آهي. جيڪڏهن گراهڪ شئي به کڻي وڃي يعني کير به کڻي وڃي ته پئسا به، ته پوءِ کير وڪڻڻ لاءِ ڊيري شاپ جو مالڪ ڪو نوڪر رکندو، جنهن جي پگھار جا پئسا ڪڍڻ لاءِ کير مهانگو ڪندو ۽ جڏهن خريدار ڪرپٽ آهي، ته دڪاندار ڇو ايماندار ٿئي. هُو وڌيڪ پئسو ڪمائڻ جي لالچ ۾ بي ايماني ڪندو ۽ کير ۾ پاڻي ملائي وڪڻندو يعني اهو نقصان به خريدار کي ٿيو. هڪ ڪلو نج کير لاءِ هن کي وڌيڪ پئسن تي ڏيڍ ڪلو وٺڻو پوندو.
ملاوٽ واري کير مان بيزار ٿي خريدار حڪومت کي دانهن ڏئي ٿو، جيڪا کير جي چڪاس لاءِ فوڊ انسپيڪٽر رکي ٿي، جنهن جو ظاهر آهي پگھار عام ماڻهن کي ٽئڪسن ذريعي ڏيڻو پوي ٿو جهڙوڪ سيلز ٽئڪس وغيره، پر سوال آهي ته سرڪاري ڪامورو يعني کير کي چيڪ ڪرڻ وارو فوڊ انسپيڪٽر ڇو ايماندار ٿئي؟ هُو دڪاندار کان رشوت وٺي هن کي ملاوٽ وارو کير وڪڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ٿو... پوءِ خريدار کي هڪ ته کير جي قيمت ڀرڻي پوي ٿي، ان کان سواءِ پاڻيءَ جي، نوڪر جي، فوڊ انسپيڪٽر جي پگهار جي ۽ رشوت جي ۽ ان ايڪسٽرا پئسي ڏيڻ سان کير ۾ ته ڪا به بهتري نه آئي. ائين نه، ته ڪو کير پستن بادامن وارو ٿي ويو. کير ته اهو ئي ملاوٽ وارو رهيو. هن جي فقط قيمت وڌي... پوءِ ڀلا يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن توڙي جپان، ملائيشيا، ڪينيا، سائوٿ آفريڪا ۽ تنزانيا جهڙن ڪجھه ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ ايمانداريءَ جو ڪلچر ڪيئن پيدا ٿيو؟ بقول وشال منگل، انڊيا جي هڪ عيسائي سوشل ريفارمر، فلاسفر، ليکڪ ۽ ليڪچرار جي:
“Transforming a nation requires cultivation a character”.
ان ئي ڳالهه تي اسان جا ڏاها به زور ڏين ٿا ته روڊ بلڊنگ تي نه پر قوم جي ڪئريڪٽر بلڊنگ تي ڌيان ڏيو. قوم کي فقير بنائي ان کي پنڻ سان لڳائڻ بدران هنن کي ڳوٺ ڳوٺ ۾ فئڪٽري لڳرائي روزگار سان لڳرايو. مطلب ته انسانن کي سڌارڻ جي ڪريو، ٻيون شيون پاڻهي ٺهي وينديون، پر اسان وٽ لڳي ٿو ته هر ڪو ٻين کي سڌارڻ جا خواب ڏسي ٿو. موقعو ملڻ تي پاڻ مثال قائم ڪرڻ بدران وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئڻ جي ڪري ٿو. ان ڏس ۾ هي مثال ته توهان ضرور ٻڌو هوندو:
...اسڪول ۾ داخلا جي سلسلي ۾ ٻارن جي فوٽوءَ لاءِ هيڊماستر ڪنهن فوٽوگرافر کي گھرائي، هن سان في ٻار جي فوٽوءَ جا ڏهه رپيا طئه ڪيا. ان بعد هيڊ ماستر ڪلاس ٽيچر کي سڏائي چيو ته سڀاڻي هر ٻار کان فوٽوءَ لاءِ ٽيهه رپيا وٺي مون کي پهچائجانءِ. ٽيچر ڪلاس ۾ اچي اعلان ڪيو ته سڀاڻي هر ڪو ٻار فوٽوءَ لاءِ گھران پنجاهه رپيا کڻي اچي. اسان جنهن ٻار کي سڃاڻون، ان گھر پهچي ماءُ کي چيو ته سر فوٽوءَ لاءِ سئو رپيا گھريا آهن. شام جو ٻار جو پيءُ آفيس کان آيو ته ماءُ هن جي اڳيان چانهه جو ڪوپ رکي چيو ته، ”اسڪول وارن پنهنجي ٻچي کان فوٽوءَ لاءِ ٻه سئو رپيا آڻڻ لاءِ چيا آهن.“

ٽيڪنالاجيءَ ۾ مغرب، پر اخلاق ۾ اسان بهتر آهيون

اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي، جڏهن اسان جا ماڻهو ڳالهه ڳالهه تي مغرب جي ماڻهن کي ڪافر ۽ ڪميڻو چوندا آهن، بي حيا ۽ بداخلاق سڏين ٿا. منهنجي خيال ۾ اها اسان جي ماڻهن جي اڻ ڄاڻائي آهي.
پهرين ڳالهه ته مغرب لاءِ اهو چوڻ ته اتي سڀ ڪافر رهن ٿا يعني غير مسلم رهن ٿا، اهو غلط آهي. مغرب ۾ به مسلمان رهن ٿا، جن ۾ ڪجھه ته اسان جي ئي آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جا مسلمان آهن، جن کي اتي جي شهريت حاصل آهي. ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي ڪيترن پاڙن ۾ توهان کي رڳو ڏيپلي جي ميمڻ، ٽنڊو جان محمد جا ڏاهري، لاڙڪاڻي جا شيخ، دادو ۽ حيدرآباد پاسي جا چنا، عباسي، انصاري، ناريجا ۽ ٻيا اسان جا سنڌي مسلمان نظر ايندا. ان کان سواءِ يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ ڪيترائي اتي جا مقامي گورا نو مسلم آهن، جن کي اسان کان وڌيڪ اسلام جي ڄاڻ آهي، جو اهي اسلام مان متاثر ٿي، مسلمان ٿين ٿا ۽ اسلام جي اصولن تي هلن ٿا. بقول اسان جي مصري ڪئپٽن حنفيءَ جي (جيڪو مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو) اخلاق ۾ گورا نو مسلمان اسان ڄائي ڄم کان مسلمانن کان بهتر آهن. هُو انسانن جو ته ڇا جانورن جو به خيال ڪن ٿا، هُو سچ ڳالهائين ٿا، وعدي خلافي نٿا ڪن، ملاوٽ ۽ تور ۾ گھوٻي نٿا هڻن. اهي ئي سڀ ڳالهيون آهن، جن لاءِ اسلام تلقين ڪري ٿو ۽ جن کي اسان فالو نٿا ڪريون. تڏهن ته مصر جو هي منهنجو ڪلاس ميٽ حنفي اسان جي ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن کي ڀيٽي چوندو هو ته لڳي ٿو ته مسلمان مصر ۽ پاڪستان ۾ ضرور آهن، پر اسلام سئيڊن ۽ يورپ ۾ آهي.
مون کان جڏهن ڪو ان سلسلي ۾ سوال ڪندو آهي، ٻين لفظن ۾ مغرب لاءِ گھٽ وڌ ڳالهائيندو آهي ته سمجھه ۾ نه ايندو آهي ته هن کي ڇا جواب ڏيان. هن کي ڪيئن سمجهايان ته ايئن ناهي، جيئن هو سمجھي ٿو. اسان هروڀرو هر ڳالهه ۾ پاڻ کي ميان مِٺو سمجھون ٿا ۽ ٻين کي نيچ ۽ حقير. اکيون ۽ ڪن بند ڪري مغرب لاءِ گھٽ وڌ چوڻ کان بهتر آهي، اسان پاڻ کي ۽ پنهنجين ڪمزورين کي ڏسون ته اصل حقيقت ڇا آهي ۽ اسان پاڻ ۾ سڌارو آڻڻ جي ڪوشش ڪريون.
ڪجھه ڏينهن اڳ ان سلسلي جي هڪ وڊيو ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ اسان جي ملڪ جي مفڪر ۽ اديب حسن نثار کان ڪنهن مغرب بابت پڇيو آهي. هن جيڪو جواب ڏنو، اهو منهنجي دل وٽان آهي ۽ آئون اهو ئي چاهيندس ته پڙهندڙ ان تي ضرور غور ۽ فڪر ڪن ۽ هُو پاڻ ئي اندازو لڳائين ته ان ۾ ڪيتري سچائي آهي.
حسن نثار صاحب کان ڪنهن سوال ڪيو ته، ’اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ته ضرور پٺتي آهيون، پر اخلاقي قدرن ۾ مغرب کان تمام گھڻو مٿانهان آهيون؟‘
ان جي جواب ۾ هن وراڻيو ته، ”اخلاقي قدر جو تعلق توهان جي لباس سان نه آهي ته ڪنهن شلوار پاتي آهي يا اسڪرٽ، توهان بلائوز پاتو آهي يا قميص. اخلاق جو تعلق ٻڌائڻ لاءِ آئون حضرت عليءَ کيQuote ڪندس ته حضرت عليءَ کي ڪنهن چيو ته فلاڻو ماڻهو نماز ۽ روزي جو وڏو پابند آهي. ان تي پاڻ فرمايائون ته ڇڏيو ان ڳالهه کي. هُو معاملن ۾ ڪيئن آهي، اهو ٻڌايو.
اسان وٽ ته ڪا به ڍنگ جي شئي ناهي. الله معاف ڪري هي ڳريل سڙيل معاشرو آهي، جنهن جي نصيب ۾ ندامت به نه آهي. هڪ ته هوندي آهي نه ليول ته ماڻهو نادم ٿئي. آئون ٿو توهان کي ڳڻايان. اسان جي ماڻهن جي ڪمن جو توهان کي مغرب (ولايت) ۾ ڪٿي هزارئون حصو به نظر اچي ته جيڪا چور جي سزا، اها منهنجي. گھٽ تورڻ، ملاوٽ، ڪوڙي شاهدي، عدالتن ۾ وڃي ڏسو ته ڪاروباري شاهدن جا ڍير لڳا پيا آهن، ذخيره اندوزي، حد دخليون، ناجائز نفعي خوري، سرڪاري ۽ نجي زمينن تي قبضا، سڄي ملڪ جا ٻيلا وڍي کائي وئي ٽمبر مافيا، هٿرادو مهانگائي، بليڪ مارڪيٽنگ، خراب کير، نقلي دوائون، نقلي پاسپورٽ، نقلي ڊرائيونگ لائسنس، تڪبير پڙهي ٻڪر کي حلال ڪرڻ بعد ان جو وزن وڌائڻ لاءِ ان اندر گندو پاڻيInject ڪرڻ... اهو اسان جو ئي ملڪ آهي، جتي ڊاڪٽر هڙتال ڪن ٿا. ڇا اها اخلاقيات جي ڳالهه آهي؟ ڪهڙي آهي توهان وٽ اخلاقيات؟ مهذب دنيا ۾ وڃي ڪنهن دڪاندار کان پڇو ته هن جي کير ۾ ملاوٽ ته نه آهي؟ هن کي توهان جي ڳالهه ئي سمجھه ۾ نه ايندي ته توهان پڇو ڇا پيا؟! يا اتي جي دڪاندار کان وڃي پڇو ته هنن وٽ ڪا نقلي دوا ته نه آهي. يقين ڪريو هنن کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ايندو، ڇو جو هنن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندو ته ڪو شيطان يا ابليس نقلي دوائون به وڪڻي سگھي ٿو. ڪو کير ۾ پاڻي ملائي سگھي ٿو، جيڪو ڪنهن جي خوراڪ آهي؟ توهان جي معصوم ٻارن جي! توهان ٻارن کي ان قسم جو کير پياري نسلن جو قتلِ عام ڪري رهيا آهيو... پوءِ چئو ٿا ته اخلاقيات ۾ توهان اعليٰ آهيو... اڃا ٻڌو... نيٽ تي سڀ کان وڌيڪ ولگر ۽ فحش مواد سرچ ڪرڻ ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو پهريون نمبر آهي. شرم ئي نٿو اچي اهو چوڻ تي ته اسان ۾ اخلاق آهي. نماز ۽ روزي کي بهانو بڻائي آفيسن ۾ ڪم نه ڪرڻ، جيلن ۾ چرس مان ٺهيل تسبيحون حاجي وڪڻڻ وارا... ڪهڙي وات سان چئون ٿا ته اسان اخلاقيات ۾ اعليٰ آهيون.
آقا صلعم جو فرمان آهي ته صفائي نصف ايمان آهي... اسان جا گھر گندا، گھٽيون گنديون، شهر گندا، ڳوٺ گندا - هتي اسان وٽ انسان جي موجودگيءَ جو مطلب گندگيءَ جو ڍير آهي... ملاوٽ، دونمبري، غلاظت جا ڍير، سڄي گھر جو ڪچرو ٻاهر - هي معاشرو آهي توهان جو، جنهن کي توهان اخلاق ۾ اعليٰ سڏيو ٿا! حاڪم ڪرپٽ هيٺئين سطح تائين، ملڪ جي صدر کان وٺي تپيدار، بيلدار تائين! خدا جو خوف ڪريو. اخلاقي قدرن جي ڪهڙي منهن سان ڳالهه ٿا ڪريو! اخلاقي قدرن کي ڇا توهان چرچو سمجھي ويٺا آهيو؟ هي اهو اسان جو معاشرو آهي، جتي انسان کي اغوا ڪري ان جي سرجري ڪري ان جو گڙدو ڪڍيو وڃي ٿو. ان بعد هن کي ڪنهن ويران هنڌ تي اڇلايو وڃي ٿو. هوش ۾ اچڻ تي هن کي خبر پوي ٿي ته هن جو گڙدو غائب آهي... خدا جو خوف ڪريو... ڪهڙي منهن سان توهان چئو ٿا ته اخلاقي طور مغرب کان بهتر آهيون!
آئون ڪو مغرب مان مرعوب ناهيان. آئون ڪو هنن کان پني نٿو کائيان.
توهان ۾ جيڪڏهن ڪا خوبي آهي ته آئون رشڪ مان ڏسندس. ان ۾ مرعوبيت جي ڪهڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن توهان مون کان وڌيڪ قابل آهيو، آئون 6 ڪلاڪ پڙهان ٿو، توهان 10 ڪلاڪ پڙهو ٿا، ته آئون توهان جي تعريف ڇو نه ڪريان...“

اسان کي به ضرورت آهي هڪ ليڊر جي

مون پنهنجي سفر دوران ڪيترائي ٺهيل ملڪ ڊهندي ڏٺا هوندا ۽ سنگاپور جهڙن ٺڳ ۽ ملائيشيا جهڙن پٺتي پيل ملڪن کي دنيا جا بهترين ملڪ ٿيندي ڏٺو هوندو. جيئن جهاز کي سنئين راهه تي وٺي اچڻ توڙي ان جي تباهيءَ جو ذميوار جهاز جو ڪئپٽن ٿئي ٿو، تيئن ملڪ کي خوشحال ۽ طاقتور بڻائڻ يا تباهه ڪرڻ ۾ ملڪ جي حاڪم جو هٿ ٿئي ٿو.
ڪٿي امير ملڪن جا حاڪم به پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ملڪيت کي هٿ نٿا لائين، ڪٿي اسان جهڙن غريب ملڪن جا قوم جا چونڊيل نمائندا پاڻ کي امير بنائڻ خاطر ملڪ جي ڀينگ ڪريو ڇڏين. ان سلسلي ۾ اڄ ڪلهه جرمنيءَ جو مثال ڏنو پيو وڃي. يورپ جا ملڪ هونءَ ئي خوشحال ۽ ماڊرن آهن، پر جرمني انهن سڀني ۾ اتم اتاهون آهي، جنهن جي گذريل 16 سالن کان سربراهه هڪ عورت انجيلا مَرڪَيل(Angela Markel) آهي. جرمنيءَ جي هيڏي وڏي سياسي پارٽي CDP (ڪرسچن ڊيموڪرئٽڪ پارٽي) جي 18 سال چيئرپرسن هجڻ دوران هن تي ڪنهن ٽڪي جي شئي جي هيرڦير جو الزام ناهي ۽ اسان جي شهباز شريف چواڻي ”مون ڪڏهن آڌيلي (اڌ روپئي) جي به ڪرپشن نه ڪئي آهي.“ بعد هتي اهو لکڻ ضروري ٿي پيو آهي ته جرمنيءَ جي هن حڪمران عورت مرڪَيل ٽڪي جي ته ڪرپشن نه ڪئي آهي، پر ڪروڙها اربها ڊالرن جي به نه ڪئي آهي، جنهن جو اسان جي حاڪمن شريف خاندان تي الزام آهي.
سڄي دنيا مڃي ٿي ته مائي مَرڪَيل 2005ع کان جرمنيءَ جي هڪ طاقتور حاڪم آهي، پر اڄ تائين هن پنهنجي ڪنهن هڪ به عزيز مائٽ کي سرڪاري نوڪريءَ ۾ نه رکيو آهي. هُوءَ ڪڏهن به اهو نٿي چوي ته هن ملڪ جي خوشحالي هن جي ڪري ٿي آهي. هن سرڪاري دورن ۽ ٻين ڪمن پٺيان اجاين خرچن کان هميشه پاسو ڪيو آهي ۽ نه هُوءَ پنهنجي ڪم جي واکاڻ ۽ اشتهاربازي ڪرائي ٿي.
هيڏي وڏي سائنسدان ۽ ملڪ جي حاڪم هجڻ جي باوجود هُوءَ فيشن کان پري رهي ٿي ۽ زندگي سادگيءَ سان گذاري ٿي. هُوءَ هيترن سالن کان هڪ امير ملڪ تي حڪومت ڪندي اچي، پر اڄ ڏينهن تائين هن نه گھر ورتو آهي ۽ نه زرعي زمين، نه جائيداد نه اوچي ڪار، نه موٽر بوٽ نه ذاتي هوائي جهاز. ارڙنهن سالن بعد به هن جي ڪٻٽ ۾ ساڳيا ڪپڙا آهن!
هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪنهن عورت صحافيءَ مَرڪَيل کان پڇيو ته، ”اسان ڏسون پيا ته توهان هر وقت ساڳئي سوٽ ۾ نظر اچو ٿيون. ڇا توهان کي ٻيو ڪو ناهي؟“
هن وراڻيو: ”آئون هڪ سرڪاري ملازم آهيان ۽ نه ماڊل.“
هڪ ٻي ڪانفرنس ۾ کانئس پڇيو ويو ته، ”گھر صاف ڪرڻ، رڌپچاءُ ۽ ٻئي ڪم ڪار لاءِ توهان وٽ ڪو ڪم وارو آهي؟“ ان جي جواب ۾ هن چيو: ”نه... مون وٽ ڪو ڪم وارو ناهي ۽ نه مون کي ان جي ضرورت آهي. گھر جا سمورا ڪم آئون ۽ منهنجو مڙس روزانو پاڻ ڪندا آهيون.“ ۽ پوءِ ڪنهن پڇيو ته، ”ڪپڙا ڪير ڌوئي؟ توهان يا توهان جو مڙس؟“
”آئون ڪپڙن کي ٺاهي رکندي آهيان ۽ منهنجو مڙس واشنگ مشين آن ڪندو آهي. اهو ڪم اسان گھڻو ڪري رات جي وقت ڪندا آهيون، ڇو جو رات جي وقت اليڪٽرسٽيءَ تي لوڊ گھٽ ٿو رهي. ان سان گڏ پاڙي وارن جو به خيال رکندا آهيون. خوش قسمتيءَ سان اسان جي ڀر واري فلئٽ جي وچ واري ڀِت چڱي ٿلهي آهي. ان ڪري اسان جي فلئٽ جو آواز ڀر واري فلئٽ ۾ رهندڙن کي ڊسٽرب نٿو ڪري.“
مسز مَرڪيل ٻين شهرين وانگر هڪ عام فلئٽ ۾ رهي ٿي، جنهن ۾ هُوءَ جرمنيءَ جي چانسلر ٿيڻ کان اڳ رهي ٿي. حڪمران ٿيڻ تي هن ان کي ڇڏي ڪنهن وڏي گھر يا سرڪاري بنگلي ۾ شفٽ نه ڪيو. هن وٽ واقعي ”ٻاهر ته ڇا پر پنهنجي ملڪ ۾ به سندس نالي ڪا جائداد نه آهي.“ هُوءَ اڪثر اهو ئي چوندي رهي ٿي ته، ”مون کي پنهنجا کيسا ڀرڻا نه آهن. مون کي پنهنجي ملڪ جو خيال رهي ٿو. مون کي پنهنجي ملڪ کي ماڊرن ۽ معاشي طور خوشحال بڻائڻو آهي.“
ان تان مون کي ياد آيو ته سنگاپور جي ڪاميابيءَ تي هڪ دفعي اتي جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪئان يو چيو هو ته، ”وزيراعظم ٿيڻ وقت مون لاءِ ٻه ڳالهيون سامهون هيون: هڪ اها ته آئون پاڻ لاءِ پئسو ٺاهيان ۽ ملڪ کي فقير بڻائي ڇڏيان. ٻي اها هئي ته آئون پاڻ کي نه پر ملڪ ۽ ان جي عوام جي خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪريان. مون ٻي ڳالهه جي چونڊ ڪئي ۽ ملڪ کي ماڊرن ۽ امير بڻائي ڇڏيو.“
اڄ ڪلهه واٽس ائپ تي نواز شريف بابت هي چرچو تمام مشهور آهي ته نواز شريف چئي رهيو آهي ته سنگاپور جي وزيراعظم وانگر منهنجي اڳيان ٻه شيون هيون، پر جيئن ته لي ڪئان يو ٻي ڳالهه جي چونڊ ڪري چڪو هو، ان ڪري مجبور ٿي مون پهرين ڳالهه جي چونڊ ڪئي يعني پاڻ لاءِ ملڪيت ٺاهڻ ۽ ملڪ ۽ عوام کي قرضي ۽ ڪنگال بڻائڻ.
انجيلا مَرڪيل 2005ع ۾ جرمنيءَ جي چانسلر (سربراه) چونڊي، ان بعد 2009ع، 2013ع ۽ 2018ع ۾ وري وري چونڊبي رهي. هُوءَ 1954ع ۾ هئمبرگ ۾ ڄائي هئي يعني بينظير کان هڪ سال بعد ۽ تعليم جي حساب سان هنLeipzig يونيورسٽيءَ مان سال 1986ع ۾ ’ڪُئانٽم ڪيمسٽريءَ‘ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري 1989ع تائين ريسرچ سائنسدان جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي. 1990ع ۾ مغربي ۽ مشرقي جرمنيءَ جي هڪ ٿيڻ (German Reunification) بعد سياست ۾ آئي ۽ هوءَ پهرين يوٿ منسٽر ۽ ان بعد وزير ماحوليات ۽ نيوڪليئر سيفٽي ٿي رهي. 2002ع کان 2005ع تائين هوءَ مخالف ڌر جي ليڊر بڻي. سندس سياسي پارٽي (CDP) آهي، جنهن جي پاڻ 2000ع کان 2018ع تائين ليڊر رهي. 2018ع ۾ هن پارٽيءَ جي قيادت تان جڏهن استعيفا ڏني ته جرمنيءَ جي ماڻهن هن کي گڊ باءِ ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيار جو انوکو اظهار هن ريت ڪيو ته هو مقرر وقت تي پنهنجي گھر جي بالڪنين ۾ اچي بيٺا ۽ ڇهه منٽن تائين تاڙيون وڄائيندا رهيا.
ائنجيلا مرڪيل پنهنجي دور حڪومت ۾ پنهنجي ملڪ جرمنيءَ کي نه فقط سياسي طرح پر معاشي طور پڻ هڪ مضبوط ملڪ بڻائي ڇڏيو. هوءَ ڏيک ويک کان پري هڪ خاموش طبيعت ورڪر آهي، جنهن ڪڏهن به پنهنجي پبلسٽي پسند نه ڪئي... برلن جي گھٽين ۾ بيهي هن پنهنجي فوٽوگرافي نه ڪرائي... هن ڪڏهن به ڪنهن سان خراب لفظن ۾ نه ڳالهايو... هوءَ پنهنجي خوشحاليءَ بدران ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جي بهتريءَ جو سوچيندي رهي ٿي. ماڻهو کيس خاتونِ عالم (The Lady of the World) سڏين ٿا ۽ هُوءَ اڪثر 6 ملين (60 لک) مردن برابر سمجھي وڃي ٿي.

مختصر طور ٻُڌل ڳالهيون

• اسان وٽ پاڪستان ۾ رمضان اچي ته ميوو مهانگو، عيد اچي ته جوتا مهانگا، ڪورونا وائرس ٿيڻ تي ماسڪ مهانگا... قوم کي مڙيئي ٿيو ڪنهن نه ڪنهن ريت ڦرڻو... ۽ نغما وري اسان جا ٻڌو ته: هم زنده قوم هين!
• گھٽيءَ مان گذرندڙ پينو فقيرياڻيءَ کان جڏهن ڪنهن پڇيو ته ڪير آهين؟... هندو، مسلمان يا عيسائڻ؟
هن وراڻيو: “بکايل آهيان”.
• ملڪ جي 95 سيڪڙو آبادي اهلِ بيت ۽ ختم النبوت جي نالي تي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي، البت ڪو ڀاءُ مون کي بازار مان اصلي ماکي، نج ڳاڙها مرچ، خالص کير، ملاوٽ کان پاڪ اٽو ته ڳولي ڏئي...
• وئڪسين فقط چيني، يهودي يا انگريز پروفيسر ئي ٺاهي سگھندا، ڇو ته اسان وٽ ستن ڏينهن ۾ فقط ’محبوب توهان جي قدمن ۾‘ آڻڻ وارا ئي پروفيسر نظر اچن ٿا.
• انور مقصود جو اسان جي واپاري ڀائرن لاءِ هڪ ٽوئيٽ آهي ته: ’واپاري ڀائرو! هڙتال ڪري ورتي اٿانوَ ته هاڻ ان ئي محبوب هستيءَ جو واسطو هجانوَ ته حرام فائدو نه ڪمائجو، تور ۾ کوٽ نه ڪجو ۽ گراهڪن کي ملاوٽ بدران اصلي شئي ڏجو.‘
• پير جھنڊو جي عبيد راشدي جي فيس بڪ وال تان ورتل: ’نيڪ ضرور ٿيو، پر ايترو به نه جو هر ٻيو ماڻهو توهان کي گنهگار نظر اچڻ لڳي...‘
• خليل جبران چيو هو ته: ’ماڻهو مذهب جي لاءِ هڪ ٻئي سان وڙهندا ۽ ان ئي خاطر مرندا، پر ان مطابق پنهنجي زندگي بسر هرگز نه ڪندا.‘
• اسان جي تواريخ جي پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ علي جي نالي سان واٽس ائپ تي هڪ ميسيج پڙهيم، جنهن ۾ بقول هن جي، هن زرداري صاحب جي ڪنهن خطاب جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ لکي ٿو ته هن رمضان ۾ پنهنجي جيالن کي هي پيغام ڏنو:
”پاڪستان پيپلزپارٽي شروع کان مذهبي انتهاپسنديءَ جي خلاف سرگرم رهي آهي. ان ڪري سڀني جيالن کي چوندس ته پنهنجي وت آهر پنهنجي ويجھي مسجد ۾ ترجمي واري قرآن پاڪ جون ڪاپيون رکن، جيئن ماڻهو خدا جي ڪلام کي سمجھي فلاح ماڻين ۽ انتهاپسنديءَ جو خاتمو اچي سگھي. جيڪڏهن بريلوي مسجد آهي ته ’احمد رضا بريلوي‘ جي ترجمي وارو قرآن. ديوبندي مسجد آهي ته ’اشرف علي ٿانوي‘ جو. اهلحديث جي مسجد آهي ته ’محمد جھونا ڳڙهيءَ‘ جو. اهل تشيع آهي ته ’سيد فرمان علي شاهه‘ جو. بهرحال ترجمي وارو قرآن رکرائين. ترجمي ۾ ڪنهن به ڏنڊي نه هنئي آهي.“
• تاجر برادريءَ جو هڪ مفتيءَ جي چوڻ تي هڙتال جو اعلان... پر پنهنجي نبي ڪريم صلعم جي چوڻ تي ملاوٽ ۽ ذخيره انداوزي کان پرهيز ڪرڻ کان انڪار.
• ’اسان کي شيعا سني فساد ۾ ورهائي هاڻ يهودي ۽ سعودي پاڻ هڪ ٿي رهيا آهن.‘ (انور مقصود جو ٽوئيٽ).
• ڊاڪٽر اسرار صحيح چيو آهي ته، ”ماڻهو نيڪ ٿيڻ نه پر نيڪ ڏسجڻ ۽ نيڪ سڏرائڻ گھرن ٿا ۽ اهو منافقت جو سڀ کان اعليٰ درجو آهي.“
• سڄي زندگي اهو ئي ٻڌندو آيو آهيان ته ڏاڙهي رکڻ سنت آهي.
مون ڪڏهن به ڪنهن کي اهو چوندي نه ٻڌو آهي ته سچ ڳالهائڻ سنت آهي.
واعدو پارڻ سنت آهي.
عيسائين جي حقن جو خيال رکڻ سنت آهي.
ڪنهن سان بدسلوڪي نه ڪرڻ سنت آهي.
ماپ تور ۾ گھٽ وڌائي نه ڪرڻ سنت آهي.
خلقِ خدا جي خذمت ڪرڻ سنت آهي.
(ايئرڪموڊور خيام درانيءَ جي فيس بڪ وال تان ورتل).
• ڪورونا وائرس جي خطري سبب سنڌ جون سڀئي پُٽَ ڏيندڙ درگاهون بند. هاڻي پٽ ڄڻڻ لاءِ هرڪو پنهنجي مڙسي پاڻ ڪري. (اسان جي پيٽارين ائسوسيشن جي اڳوڻي صدر آفتاب ميمڻ ڏيپلائي جي فيس بڪ وال تان)
• مورخ لکن ٿا ته، ’دنيا ۾ هڪ قوم اهڙي به آهي، جنهن جو قومي ترانو فارسي، قومي زبان اڙدو، قانون انگريزي، مذهب عربي، ڊراما ترڪي، فلمون هندستاني، خواهشون يورپي، عادتون جاهلن واريون، حرڪتون درنده صفت، انتظار آمريڪن لاٽري ويزا لاءِ ۽ خواب مديني ۾ دفن ٿيڻ جا آهن.‘
(ڊاڪٽر ديدار جوڻيجو کان آيل واٽس ائپ ميسيج)
• مرشد کي مٿي ۾ سور آ ته پيناڊال ٿو کائي،
مريد کي مٿي ۾ سور آ ته تعويذ ٿو لکرائي!
سور ۾ فرق آهي يا عقل ۾.
]مخدوم عمار آف هالا جي فيس بڪ تان[.

الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

1. اناميڪا
2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
3. پيار جي گُهٽَ
4. وايون وڻجارن جون
5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
6. دنيا آهي ڪاڪ محل
7. سمونڊ جن ساڻيهه
8. بندر بازاريون
9. سمونڊ جي سيوين
10. سي جوڀن ڏينهن
11. بندر ديسان ديس
12. خبرون کيڙائن جون
13. ڪويت ڪنارا
14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
15. جاني ته جهاز ۾
16. جپان جن جي جيءَ ۾
17. ڳالهيون تنهن جپان جون
18. خدا ڏي خط
19. جپان رس
20. سانڀاهو سمونڊ جو
21. موج نه سهي مَڪڙي
22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
23. بهترين سفرناما
24. لنڊن تائين لفٽ
25. ٻارن جون آکاڻيون
26. ٽوڪيو جي گيشا گرل
27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
28. سنگاپور ويندي ويندي
29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
31. دُنگيءَ منجهه درياهه
32. ڏاهي جهرڪي
33. جت جر وهي ٿو جال
34. يادن جي انڊلٺ
35. ڳالهيون آهن ڳچ
36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
37. Proverbs Of Far East
38. اوهريا جي عميق ڏي
39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
40. ملير کان مالمو
41. جت برف پئي ٿي جام
42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
43. ارائونڊ دي ورلڊ
44. رٺي آهي گهوٽ سان
45. يورپ جا ڏينهن راتيون
46. اي روڊ ٽو مدينا
47. هيلسنڪي جي حسينا
48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
49. آل ابائوٽ سنگاپور
50. ملائيشيا منهنجي من ۾
51. ڀلي ڀار تان ڀيرو
52. هي ٻيٽ هي ڪنارا
53. بوتلن جو سفر
54. سوزيءَ سان پيار
55. جل پريون
56. ملائيشيا 12 سالن بعد
57. تيستائين گڊ باءِ
58. جپان پنجويهه ورهين بعد
59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
60. دهليءَ جو درشن
61. نيو هالا کان نيويارڪ
62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
63. ايران ڏي اُڏام
64. چنڊ چوانءِ سچ
65. هلي ڏسجي هندستان
66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
71. مونکي موهيو ملائيشيا
72. وسي وڏ ڦڙو
73. نه سي سڙه سُکان
74. بنارس کان برمودا
75. برونائيءَ کان برازيل
76. گهاتو گهر نه آيا
77. جل پريءَ جي اڳڪٿي
78. ڪئمپس جا ڏينهڙا
79. تاريخ جو سفر
80. جيءَ اندر جهاتي
81. واٽ ويندي
82. ڳوٺ جروار کان جپان
83. جي وڃين تون جپان
84. وري ياد آيا
85. آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس
86. دنيا رنگ رنگيلي
87. جهونا ٿيا جهاز
88. پهتا اُت پانڌيئڙا
89. چين ڪيو بي چين
90. جپان جپان آهي
91. زنجبار جهنگٻار

اردو میں
92. سمندر کے دن
93. ملائیشیا کے دن
94. یورپ کے دن
95. کراچی سے کوپن ہیگن
96. ایران کے دن
97. گيشائون کے ديس مين
98. جہاز چلانے کے دن
99. جپان کے دن
100. کنارے کے دن
101. میں چلا ممباسا
102. چلو چلیں ہندوستان
103. ملائیشیا نے مجھے موھ ليا