سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو..
ھي ڪتاب ايم اي سنڌي، سي ايس ايس، پي سي ايس، ٻين چٽاڀيٽي امتحانن جي شاگردن ۽ تحقيقي ڪندڙن لاءِ ڪارائتو ڪتاب آھي. ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڌار ڌار حوالن سان سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ ان جي بڻ بنياد جي باري ۾ پڻ بحث ڪيو ويو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1973ع ۾ جڏھن تہ ٽيون ڇاپو 1994ع ۾روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي