سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، عالم ۽ اديب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ)“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو..
ھن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي آثارن ۽ اھڃاڻن کي نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر بہ آھي تہ نثر ۽ نظم جي صنفن جي ارتقائي تاريخ بہ ڏني وئي آھي. سياسي، معاشي ۽ معاشرتي پس منظر بہ ڏنو ويو آھي، تہ ادب جو فني ۽ فڪري جائزو بہ پيش ڪيو ويو آھي. ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ ايم اي (سنڌي) جي شاگردن سان گڏ محقق لاءِ پڻ ڪارائتو ڪتاب آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1972ع ۾ جڏھن تہ چوٿون ڇاپو 1982ع ۾عجائب اسٽور، فريئر روڊ، سکر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي