سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، عالم ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ (قديم دور کان 1860ع تائين)“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هن ڪتاب ۾ قديم دور کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي سلسليوار تاريخ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ سرءِ دست انهيءَ سلسلي کي علم تحقيق جي روشني ۾، دليلن ۽ حوالن سان 1860ع يعني ٽالپرن جي دور جي خاتمي تائين پهچايو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪُل اٺ باب شامل آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1962ع ۾ جڏھن تہ ڇوٿون ڇاپو (گڏيل ايڊيشن) 1990ع ۾پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف وتايي جي گهر جي سھڪار سان شيئر ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي