شاعري

مان تنھنجو لباس آھيان

علي منصور جي ھن شعري مجموعي ۾ سندس غزل، طرحي غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. علي منصور لڳ ڀڳ مڙني جديد ۽ قديم شعري صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي پر سندس غزل جي فڪري ۽ فني پکيڙ ٻين صنفن تي حاوي آھي. علي منصور بنيادي طور رومانس جو شاعر آھي پر سندس شاعريءَ ۾ قوميت جا رنگ بہ ھر ھنڌ ملن ٿا. وطن کان ڏور پرڏيھ ۾ رھندي ھو ڌرتيءَ سان عشق کي شاعريءَ ذريعي ڳنڍي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 10
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي منصور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مان تنھنجو لباس آھيان

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر علي منصور جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”مان تنھنجو لباس آھيان“ اوھان اڳيان پيش آھي.
علي منصور جي ھن شعري مجموعي ۾ سندس غزل، طرحي غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. علي منصور لڳ ڀڳ مڙني جديد ۽ قديم شعري صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي پر سندس غزل جي فڪري ۽ فني پکيڙ ٻين صنفن تي حاوي آھي. علي منصور بنيادي طور رومانس جو شاعر آھي پر سندس شاعريءَ ۾ قوميت جا رنگ بہ ھر ھنڌ ملن ٿا. وطن کان ڏور پرڏيھ ۾ رھندي ھو ڌرتيءَ سان عشق کي شاعريءَ ذريعي ڳنڍي ٿو.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي علي منصور ۽ سعيد سومري جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي