مختلف موضوع

سِٽون پڙھ ساڃاھ جون

سرمد کوسو موجود سماج جو ماڻھو آهي، هو هلندڙ سياسي صورتِحال تي بہ گَھري نظر رکي ٿو تہ، ملڪي معاملا بہ ڄاڻ ۾ اٿس، بين الاقوامي معاملا بہ سمجهي ٿو تہ سنڌ جو ڪلچر بہ سمجهي ٿو. اُهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻي اسان جي ماحول جي آهي. مختلف ڪتابن تي لکيل سندس تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس سھيڙي انهن کي ڪتابي صورت ڏني وئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سِٽون پڙھ ساڃاھ جون

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

BOOK NO:121

ڪتاب: سِٽون پَڙهه ساڃاهَه جُون
ليکڪ: سرمد کوسو
موضوع: مختلف ڪتابن تي رايا ۽ تبصرا
ڇاپو: پهريون
سال/مهينو: سيپٽمبر 2021ع
ٽائيٽل: نعيم ديسوالي
لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي
مُلهه: 400 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Published By: Murk publication,
Room No:3 305 rd Floor Sabir Manzil 98
Behind Gul Plaza, Marston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtazalaghari64@gmail.com
cell:03005182494

ارپنا

هي پيار جو پورهيو،
ڪتابن جي
اُنهن عاشقن جي نانءِ،
جيڪي نه رڳو،
ڪتاب پڙهن ٿا،
پر ڪتاب پڙهي ڪڙهن به ٿا.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سرمد کوسي جي مختلف ڪتابن تي لکيل راين ۽ تبصرن جو مجموعو ”سِٽون پڙھ ساڃاھ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سرمد کوسو موجود سماج جو ماڻھو آهي، هو هلندڙ سياسي صورتِحال تي بہ گَھري نظر رکي ٿو تہ، ملڪي معاملا بہ ڄاڻ ۾ اٿس، بين الاقوامي معاملا بہ سمجهي ٿو تہ سنڌ جو ڪلچر بہ سمجهي ٿو. اُهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻي اسان جي ماحول جي آهي. مختلف ڪتابن تي لکيل سندس تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس سھيڙي انهن کي ڪتابي صورت ڏني وئي آهي.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو. مھربانيون سرمد کوسي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

نوجوان ليکڪ سرمد کوسو پنهنجي اسلوب جو منفرد تخليقڪار آهي، جيتوڻيڪ سندس ادب ۾ آمد ڪا گهڻي پراڻي نه آهي، پر سندس سڃاڻپ سگهاري آهي، ايئن به ناهي ته هن ڪاغذ قلم ئي ڪالهه هٿ ۾ کنيو هجي، هو ورهين کان مسلسل مطالعو به جاري رکي ٿو ته لکندو به رهي ٿو، سندس لکڻ جي رفتار ۽ لکڻ جو معيار کيس نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۾ نرالو مقام بخشي ٿو، هو جهڙي ريت معصوم، نماڻو، کلڻو ملڻو، محبتي ماڻهو ۽ سنجيده شخصيت جو مالڪ آهي، اهڙي ريت سندس لکڻين جو انداز به نرالو آهي.
سرمد کوسو ٿوري وقت ۾ گهڻا ڪتاب لکي چڪو آهي، سندس بنيادي تعلق تعليم جي شعبي سان آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس پهريون ڪتاب تعليم جي موضوع تي ”تِنين کي تعليم جي“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن بعد سندس ٻيو مضمونن تي آڌاريل ڪتاب ”سڙيا مٿي سچ“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان ڪجهه ئي وقت اڳ ڇپيو آهي.
سرمد کوسو موجود سماج جو ماڻهو آهي، هو هلندڙ سياسي صورتِحال تي به گهري نظر رکي ٿو ته، ملڪي معاملا به ڄاڻ ۾ اٿس، بين الاقوامي معاملا به سمجهي ٿو ته، سنڌ جو ڪلچر به سمجهي ٿو، اُهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻي اسان جي ماحول جي آهي. هن ڀيري مختلف ڪتابن تي لکيل سندس تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس سهڙي انهن کي ڪتابي صورت ڏني وئي آهي، توڙي جو اُهي ليک وقت به وقت مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ به ڇپيا آهن، ته ڪجهه سوشل ميڊيا جي زينت به بڻيا آهن، پر انهن لکڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻي ”سٽون پڙهه ساڃاهه جون“ جي نالي سان تاريخ جو حصو بڻايون ٿا.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان سرمد کوسي جو ٻيو ڪتاب آڻڻ تي ادارو به خوش آهي ته ليکڪ کي به سُرهائي آهي. اميد ته پڙهندڙ به اسان جي ان سنگم کي اهميت ڏيندي پنهنجي قيمتي راءِ جو اظهار ضرور ڪندا.

مرتضيٰ لغاري
03005182494

مهاڳ؛ سرمد کوسي جي ساڃاهه ونديءَ کي جَسُ

ادب سماج جو آئينو هوندو آهي. جنهن ۾ ان جو عڪس وقت ۽ تاريخ سان چِٽو نظر ايندو آهي. چڱايون ۽ برايون ٻئي ان ٻيڙي ۾ سوار هونديون آهن. جن جي روشنيءَ ۾ معيشت جا رستا متعين ڪيا ويندا آهن. جيڪي پستي ۽ بلنديءَ جي ميل جي پٿرن ڏانهن زماني جي ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻبا آهن.
ائين سنڌ جي ادب جي تاريخ جو قديم زمانن کان موجوده وقت جي ڪيل سفر جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺنداسين ته، هر دور جون سماجي حالتون اسان اڳيان عيان ٿي بيهنديون. جنهن جي تفصيل ۾ وڃڻ ۽ ڊگھي رستي کان ڪَٽُ هڻي ۽ موڙ مَٽي اسان موجوده دور ۽ ان جي ويجھي ماضيءَ تي پنهنجي توجه مرڪوز ڪري سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي اڄ جي سڄاڻ اديب ۽ تجزيي نگار سرمد کوسي جي اکين واري سمجھ ۽ علمي اڪير سان ترتيب ڏنل هن ڪتاب کي اڻ ڌريو ٿي ڏسنداسين ۽ ان مان پروڙ جا پنڌ تلاش ڪنداسين، ته خبر پوندي ته اسانجي اديبن، شاعرن ۽ عالمن تاريخ جي ڦيٿي کي پنهنجي علم ۽ عقل جي طاقت سان اڳتي وڌائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.
هي ڪتاب، جيڪو سرمد کوسي جي تازو ئي ڇپيل سنڌي ڪتابن تي مختلف وقتن تي محبت پائي مَنَ ۾ ڪيل تبصرن تي مشمل آهي، ان جي هڪ هڪ سِٽَ ۽ ورق ورق ۾ هن جي ذهين هجڻ جو عڪس نمايان آهي. هن هي تبصرا آڱر ڪٽائي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نه ڪيا آهن، پر ان ذميواريءَ کي پنهنجي ذهن تي انتهائي سنجيدگيءَ سان سوار ڪري ڪيا آهن، ته جيئن هلندڙ وقت جي ماڻهن /پڙهندڙن آڏو اها ڳالهه روز روشن ٿي بيهي ته اسانجا قلمڪار ڪنهن به ريت دنيا جي قلمڪارن جي سٿ کان هر حساب ۽ ڪٿ ۾ پوئتي بيٺل نه آهن.
اسانجي ادبي دنيا جي نئين متعارف ڪرايل رواج موجب تنقيد جا ڪجھ ڪتاب پڙهي، پاڻ کي ”عقل ڪل“ يا ڪوئي وانگر هريڙ لهي ”پساري“ سمجھي جيئن ڪجھ فرد تعصب جي عينڪ پائي نئين سِرجيل ۽ سِرجندڙ ادب جي جهان کي خواريءَ جو کارو بڻائڻ جي مهم ۾ سندرا تاڻي ميدان ۾ لٿل آهن، سرمد کوسي انهن جيان مَکِ (جيڪا سٺن کاڌن ۽ شين کي به گند سمجھي انهن تي ويهڻ واري پنهنجي فطرت کان مجبور هوندي آهي ۽ گندو ڪرڻ هر صورت ۾ ضروري سمجھندي آهي) بڻجڻ بجاءَ پاڻ کي مَکو بڻائڻ جو فرض نڀائڻ ضروري سمجھيو آهي، جيڪو فطري طور ماکيءَ جي ماناري کي ئي پنهنجو گھر ڪري ويهي حياتيءَ جي سفر کي پاڻ ته سڦلائتو بڻائيندو آهي، پر ٻين کي به مٺاڻ جو فيض آڇڻ کان پري ٿي بيهڻ واري غفلت جو دڳ ڪڏهن به ناهي وٺندو.
ڪتاب جي ترتيب موجب پهريون تبصرو ”ٻارن لاءِ نئين دور جي شاعري“ جي سِري سان پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. جيڪو ياسر قاضيءَ جي ٻارن جي لاءِ ڪيل شاعريءَ جي ٽئين ڪتاب ”لولو ڏنو ڪانوَ کي“ تي آهي. جنهن جي شروعات سرمد کوسو هنن لفظن سان ڪري ٿو ته،”ٻار، جيڪي هر قوم جو سرمايو ۽ معصوم مستقبل هوندا آهن، انهن جي تربيت ايتري اهم ۽ حساس آهي، جيتري گلن جي آبياري ڪرڻ.“
اڳتي هو لکي ٿو ته،”اسان وٽ جيڪو لکيو وڃي ٿو، ان ۾ وري ٻارن لاءِ يا ٻارن تي تمام گھٽ لکيو ٿو وڃي. جيڪا افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي.“
ان ڏک ۽ افسوس جي اظهار مان ليکڪ پنهنجي روشن خياليءَ جو پهريون نقطو بيان ڪري ٿو ۽ ليکڪن جي هڪ وڏي کيپ کي احساس ڏياري ٿو، ته اهي پنهنجي قوم جي ان قيمتي سرمايي لاءِ وقت ڪڍن ۽ کين پنهنجي لکڻين جي صورت ۾ سندن معصوم ذهنن جي آبياري لازمي طور ڪن. جنهن سان نه صرف ادب جي تاريخي تسلسل کي دوام حاصل ٿيندو، پر انهن ٻارن مان مستقبل جا وڏا اديب ۽ شاعر پيدا ٿيڻ جا امڪان پڻ روشن ٿيڻ اڻٽر بڻبا. ڇاڪاڻ جو اسانجا ٻارَ نڌڻڪائيءَ جو شڪار بڻيل آهن، جن ۾ نِجُ پِجُ ادبي اوسر لاءِ ماضيءَ جيان نه ته غير سياسي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ يا ”ٻارن جي ٻاري“ جهڙيون تنظيمون آهن، نه سياسي پارٽين جون ”سجاڳ ٻارڙا سنگت“ ۽ ”ساٿي ٻارڙا سنگت“
اها ذميواري ”سنڌي ادبي سنگت“ به پاڻ تي ڪونه پئي کڻي، نه ڪا ٻي سماجي تنظيم. انڪري مستقبل جا اياز گل، ادل سومرا، مختيار ملڪ وغيره ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح پيدا ٿيندا، اهو موجوده وقت جو هڪ وڏو سوال آهي. جنهن جي جواب لاءِ اسان جي ساڃاهه وندن کي ضرور سنجيده ٿي سرگرمي اختيار ڪرڻ گھرجي.
موٽي اچون ٿا وري به ياسر قاضيءَ جي ڪتاب تي ڪيل تبصري تي، ته ان ۾ سرمد کوسي ياسر قاضيءَ جي ٻي شاعريءَ سان گڏ انهن ٻن دعايه شعرن جي خاص طور نيڪي ڪئي آهي، جن مان هڪڙي ”علم“ لاءِ آهي ته، ”علم جو رستو وٺائج اي خدا!“
۽ ٻي ماءُ لاءِ ته،” تنهنجو پاڇو سِرَ تي قائم رهي،
مامتا جو مرتبو دائم رهي...“
ٻيو تبصرو ”هڪ منفرد ناول“ جي عنوان سان اڪبر سومري جي لکيل ناول ”کماچ“ تي ڪيل آهي. جنهن ۾ سرمد کوسي بيحد ئي خوبصورت انداز ۾ ناول مان ڪهاڻيءَ جي تسلسل واريون خاص سِٽون کڻي ۽ ڪڍي ڪمال ڪاريگري ۽ ترتيب سان تبصري اندر سمائي ۽ پيش ڪري جن ماڻهن ناول نه پڙهيو آهي، انهن کي ڏهن ئي آڱرين جو زور ڏئي ”ڄڻ ڪوزي ۾ سمنڊ کي بند ڪري“ هرکايو آهي ۽ منجھن اها اڃ ڀرپور طريقي سان پيدا ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي ته اهي ناول پڙهي پنهنجي تاس ضرور مِٽائن. ڇو ته سنڌي ناولن جي جهانَ ۾ هي واقعي به هڪ اهم ۽ منفرد ناول آهي. جنهن کي پڙهڻ کانسواءِ اسانجي ناولن جي تاريخ جو مطالعو اڻپورو هوندو.
ٽيون تبصرو شميم مريءَ جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ميران جوڳڻ“ بابت آهي.
هن تبصري ۾ ليکڪ ڄاڻايو آهي ته، شميم مريءَ جي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورت جي ڪردار جا مختلف روپ پيش ڪيا ويا آهن. جن ۾ نه صرف ان تي ٿيندڙ ظلمن کي وائکو ڪيو ويو آهي، پر احتجاج کي به رقم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جاگيرداري سماج جي اوڻاين تي نظر کي مرڪوز ڪندي ان کان نفرت جو اظهار به ڪيل آهي. ٻئي طرف عورت جو عورت مٿان ڪيل بي رحماڻو سلوڪ به منظر ۾ آڻي ۽ ان جي نندا ڪري ليکڪا پنهنجي روشن خياليءَ جي سوچ کي عيان ڪيو آهي.
انتهائي مختصر لفظن ۾ هن ڪتاب جو سرمد کوسي شميم مريءَ جي سمورين ڪهاڻين جو اهڙي منفرد انداز ۾ جائزو ورتو آهي، جو پڙهندڙ ليکڪه جي قلمي سفر کان با آساني واقفيت حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ منجھس ان ڪتاب کي پڙهڻ جو چاههُ وڏي پيماني تي پيدا ٿئي ٿو.
”ننڍڙو چنڊ“ نالي سان انور ابڙي جي ٻارن لاءِ لکيل ناول جو مفصل جائزو وٺندي سرمد کوسي ڄاڻايو آهي، ته هن ناول ۾ ڄمڻ کان ويندي اسڪول ۾ پڙهڻ تائين ”عنيق“ نالي ٻارڙي جي سوانح عمري لکي وئي آهي. جنهن ۾ ٻار جي تربيت تي خاص توجه مرڪوز ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ڪيل معصوم حرڪتن کان ويندي ڪيل سوالن ۽ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تائين جي سموري ڪارگذاريءَ کي فوڪس ڪندي کيس سماجي، سائنسي، فطرت جي شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي حسناڪين، ماڳن مڪانن، درياهه، درگاهن ۽ مهذب رَوَئِين جي اپنائڻ جو درس ڏئي، ڄڻ ته هر اولادي ماڻهوءَ کي هڪ اهڙو گس ڏيکاريو ويو آهي، ته جيڪڏهن اهي پنهنجي ٻارڙن جي ذهني اوسر لاءِ ان تي پنهنجي شعور جي پيرن جي پنڌ کي لازمي بڻائيندا ته يقينن انهن جو اولاد موجوده صديءَ جي تقاضائن موجب هڪ بهتر انسان ٿي دنيا ۾ پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪندو، پر ٻين لاءِ به مثال بڻجي نئين سماج جي اڏاوت جو خاص محرڪ بڻبو.
ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ سرمد کوسي ”سائنس فڪشن واريون ڪهاڻيون“، ”وقت بيهي نٿو“، ”چوڌاري چمڪاٽ“، ”سئو لفظ سئو ڪهاڻيون“، ”مند بنا موتيا“، ”سامين سمر سور“، ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون“، ”منهنجي من اندر جون ڳالهيون“، ”دنيا کان اڳتي“، ”گلن ۾ گلابي شهنشاهه ”گل“، ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“، ”ايڪيهين صديءَ جو ادب“، ”سنڌ شناسي“، ”ڊسٽ بن“، ”سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو“، ”قيد ڪشالا زندگي“، ”دارون ۽ ڪارون“،”تاريخي ۽ ادبي حوالي سان اهم ڪتاب“، ”سنڌي سماج جا مختلف پاسا سمجھائيندڙ ڪتاب“، ”همسري جي چوٿين سالگرهه“، ”قلم جي وارثن کي پيار مان ڀيٽا“، ”مهراڻ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر)“، ”جان جيئان تان پاڙيان“، ”سپيريان جي ڳالهڙي“، ”عني ۽ مائو“، ”انور پيرزادي جون ڪهاڻيون“، ”محمد علي پٺاڻ جون ڪهاڻيون“، ”هڪ بهترين نقاد“ ۽ ”هنج نه آيا هيل“ ۽ ڪجهه ٻين عنوانن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل اهم ڪتابن تي هڪ انتهائي سڄاڻ پڙهندڙ جي حيثيت سان جيڪي تبصرا ڪيا آهن، سي اسانجي موجوده دور جي ادبي تاريخ جي نئين دري کولي وقت جي محققن ۽ نقادن کي پنهنجا ڪنڌ ۽ اکيون ڦيرائي، ان ۾ جھاتي پائي تمام ڳوڙهي ۽ چيڙهيالي نظر وجھي غور فڪر جي ڀرپور دعوت ڏين ٿا. جنهن لاءِ سندس جستجو ۽ ساڃاهه ونديءَ کي جَسُ ڏيڻ واري فرض ادائگيءَ کان غفلت اختيار ڪرڻ سج کي تِريءَ هيٺان لڪائڻ برابر ڀاسي ٿو.


محمد علي پٺاڻ
28 ڊسمبر 2020ع

ڪتابن سان پيار ڪندڙ منهنجو سرمد!

لکڻ جي شروعات ڪِٿان ڪريان، ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه لِکان! ڇو ته منهنجي پياري پُٽ لاءِ منهنجي دل ۾ ايتريون ڳالهيون آهن، جو بس لکندي ئي رهان... هونئن به جيڪو ماڻهو وڌيڪ ويجهو ۽ بيحد پيارو هوندو آهي، اُنهي لاءِ پنهنجي احساسن جو اظهار ڪندي، اڪثر لفظ ساٿ ناهن ڏيندا، سو سرمد تي لکڻ لاءِ منهنجي به ڪجهه اهڙي ئي ڪيفيت آهي.
ماٺيڻو مزاج رکندڙ، اڪثر اڪيلو ۽ الڳ ٿلڳ رهندڙ سرمد، مون کي خبر آهي ته پنهنجي اندر ۾ هڪ معصوم دِل رکي ٿو. بيحد حساس، حد کان وڌيڪ پيار ڏيندڙ ۽ جيڪڏهن ڪنهن بيرُخي ڪئي ته پوءِ اُن سان هميشه لاءِ تعلق ختم ڪري ڇڏيندو ۽ اُنهي ماڻهو کي بغير ڪو ڏوراپو ڏيڻ جي خاموشي سان اُن کان پري ٿي ويندو آهي.
آءٌ جڏهن به سندس ڪمري ۾ ويندي آهيان ته سندس سامهون ڪو نه ڪو ڪتاب رکيل هوندو آهي، قلم هن جي هٿ ۾ هوندو آهي ۽ نوٽ بڪ تي ڪجهه نه ڪجهه پيو لِکندو آهي. گهر ۾ جڏهن به ڪا ٽپال ايندي آهي ته اُن ۾ اڪثر سرمد جي ئي هوندي آهي، جنهن ۾ ڪتاب ۽ رسالا هوندا آهن. ننڍي هوندي کان ئي کيس ڪتابن سان بيحد پيار آهي. جڏهن کيس اسڪول جي خرچي ملندي هُئي ته هي انهيءَ خرچي مان ڪتاب ۽ رسالا وٺندو هو، جڏهن ته اڪثر ٻار رانديڪا وٺندا آهن پر هِن کي ڪتاب خريد ڪري مزو ايندو هو. سندس اِهو شوق هر روز وڌندو رهي ٿو. هاڻي جڏهن پگهار کڻندو آهي ته، پگهار مان به پنهنجي لاءِ ڪتاب ئي وٺندو آهي.
مون وٽ جڏهن گهر ڪي عورتون مهمان ٿي اينديون آهن ته، حيرت مان پُڇنديون آهن؛ ”ايترا ڪتاب ڪير ٿو پڙهي؟“
مون کي بيحد خوشي ٿيندي آهي، جڏهن آءٌ سرمد جا ڪتاب ٺاهي رکندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن حيرت ٿيندي اٿم ته، هِي اخبارن جو پُراڻيون ڪٽنگس، پُراڻا رسالا ۽ ڪتاب ڪيئن سنڀالي رکي ٿو ۽ کيس خبر هوندي آهي ته، ڪهڙو ڪتاب ڪٿي پيل آهي. ڪتابن جي ترتيب کيس سُٺي لڳندي آهي. سندس پڙهيل ڪتاب صاف سُٿرا، اڇا ۽ اُجرا هوندا آهن، جيڪي سندس پيار جي گواهي ڏئي رهيا هوندا آهن.
هاڻي ڪجهه سالن کان سندس ڪتاب به ڇپجن پيا، جيڪا مون لاءِ هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ فخر جي ڳالهه آهي جو منهنجو ٻَچڙو علم ۽ ادب سان وابسته آهي ۽ کيس پنهنجي ماڻهن ۽ مِٽي سان پيار آهي. سرمد جو هي ڪتاب ته وري خاص طور تي آهي ئي ڪتابن جي باري ۾! سو، انهيءَ ڪتاب تي ٻه اکر لکندي مون کي جيڪا خوشي ٿي رهي آهي، سا شايد ئي ڪير محسوس ڪري سگهي. منهنجي دعا آهي ته منهنجو پُٽڙو سدائين سُکيو هُجي.
آمين!


عائشه کوسو
(سرمد جي اَمڙ سانئڻ)
10 جون، 2021ع

پنهنجي پاران

ارنيسٽ هيمنگوي چيو آهي ته: ”ڪتابن جهڙو ٻيو ڪو به وفادار دوست ناهي.“ ڪتاب ئي آهن، جيڪي ماڻهو جا سونهان ۽ رهنما بڻجن ٿا. اوهان ڪتابن جي مطالعي مان ئي پنهنجي ذهن کي وسعت ڏئي سگهو ٿا. ڪتابن جو مطالعو منهنجي روز جو معمول آهي. گذريل ڪجهه سالن کان مون پنهنجي مطالعي ۾ آيل ڪتابن مان ڪجهه ڪتابن تي، هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان پنهنجا رايا ۽ تبصرا لکيا. جن مان ڪافي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به شايع ٿيا. جڏهن مون انهن سڀني ننڍن وڏن مضمونن کي هڪ هنڌ سهيڙيو ته ڪتاب جيترو مواد ٿي ويو.
اڄ انھي ڪتاب کي اوهان سڄڻن سامهون پيش ڪندي، خوشي جو احساس ٿي رهيو آهي. هي ڪي تنقيدي رايا ناهن پر هڪ ڪتابن سان پيار ڪندڙ شخص جي دل مان نڪرندڙ اڀرا سڀرا احساس آهن. جن کي محفوظ ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. ڪتاب خريد ڪرڻ، ڪتاب کي ڇُهڻ، زبان تي ڪتاب جي پني جي سواد کي محسوس ڪرڻ، ڪتابن جي خوشبوءِ جو لطف وٺڻ، ڪتابن کي سُهڻي ترتيب ۾ لائبريري ۾ سنڀالي رکڻ ۽ مطالعي کانپوءِ ڪتابن تي ٻه اکر لکڻ منهنجو پسنديده مشغلو رهيو آهي.
هن ڪتاب ۾ موجود جن ڪتابن تي تبصرا لکيا اٿم، انهن مان اڪثر مون خريد ڪيا هئا ۽ ڪجهه دوستن تحفي طور ڏنا هئا. مون انهن سڀني تي لکڻ تمام ضروري سمجهيو. ڇو ته منهنجي نظر ۾ ڪتابن جي تمام گهڻي اهميت آهي. هن ڪتاب کي شايع ڪرائڻ جو وڏو مقصد به اهو ئي آهي ته، ماڻهن ۾ ڪتابن جي اهميت ۽ انهن جي مطالعي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. سو اميد آهي ته، اسان جي هي ننڍڙي ڪوشش اوهان کي ضرور وڻندي.
مون پنهنجي هن ڪتاب لاءِ هڪ ليک پنهنجي امڙ سانئڻ کان به لکرايو آهي. ڇو ته اڄ مان جيڪو ٻه اکر لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل ٿيو آهيان، اُنهي ۾ وڏو ڪردار انهي عظيم هستي جو آهي. جيڪا هر وقت منهنجي علم، عقل، فهم، صحت ۽ روزگار ۾ واڌ لاءِ دعائون ڪندي رهندي آهي. سو، مان پاڻ لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان ته منهنجي امڙ سانئڻ منهنجي ڪتاب تي لکيو آهي.
اڳ واري ڪتابن وانگر هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۾ به منهنجي پياري ڀاءُ منصور منهنجي مدد ڪئي، سندس تمام گهڻي مهرباني. ڀٽائيءَ سائين جي شاعري مان ڪتاب جو خوبصورت نالو تجويز ڪرڻ تي مان پنهنجي پياري ڀاءُ ياسر قاضي جو به بيحد ٿورائتو آهيان.
ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ سائين محمد علي پٺاڻ ۽ بئڪ ٽائٽل سِٽن لاءِ سرواڻ سنڌي صاحب جو به بيحد ٿورائتو آهيان، نور احمد جنجهي صاحب ۽ منوج ڪمار صاحب جن خلوص مان منهنجي ڪتاب تي پنهنجو رايو لکي ڏنو. انهن جا به لک قرب. ڪتاب جي خوبصورت ٽائٽل ٺاهڻ لاءِ نعيم ديسوالي ۽ ڪتاب جي شاندار ڇپائي لاءِ مرڪ پبليڪيشن جي دوستن جو به احسانمند آهيان.
انهيءَ اميد سان موڪلايان ٿو ته پڙهندڙ منهنجي اڳ وارن ٻن ڪتابن وانگر منهنجي هِن ٽئين ڪتاب کي به دل سان پڙهندا ۽ پنهنجي پيار سان نوازيندا.

سرمد کوسو
7 جولاءِ، 2021ع


سِٽُون پڙهُه ساڃاهَه جُون
........................................................

سِٽُون پڙهُه ساڃاهَه جُون، ڪَنزُ قُدُوري ڇَڏِ،
وانءٌ تنين جي سَڏِ، جَنين سانگُ نه ساهَه جو.

(شاهه)
(سُر يمن ڪلياڻ- داستان پنجون)

ٻارن لاءِ نئين دور جي شاعري

ٻار، جيڪي هر قوم جو سرمايو ۽ خوبصورت ۽ معصوم مستقبل هوندا آهن. انهن جي تربيت ايتري اهم ۽ حساس آهي جيتري گلن جي آبياري ڪرڻ. اسان وٽ جيڪو لکيو ٿو وڃي، ان ۾ وري ٻارن لاءِ يا ٻارن تي تمام گهٽ ٿو لکيو وڃي. جيڪا افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي. اسان کي هر وقت ٻاراڻي ادب جي ڪمي محسوس ٿيندي رهندي آهي. اهڙي کوٽ کي ڪنهن حد تائين پورو ڪرڻ لاءِ ڪجهـ دوست ٻارن لاءِ لکي رهيا آهن، جن ۾ ياسر قاضي به هڪ آهي. ياسر جيڪو براڊڪاسٽنگ جو وڏو نالو هئڻ سان گڏوگڏ شاعر به نرالو آ. ياسر هن وقت تائين ٻارن لاءِ ٽي شاعري جا ڪتاب لکيا آهن. جيڪا ڪافي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. تازو سندس نئون ڪتاب لولو ڏنم ڪانوَ کي شايع ٿيو آهي، جنهن جي مهورت ٻالڪ ادبي ميلي حيدرآباد ۾ ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ 36 نظم شامل آهن ۽ هر نظم ساڻ خوبصورت اسڪيچ ڏنل آهي، جيڪو به ياسر جو ٺاهيل آهي. ياسر جي ڪتابن جا ٽائٽل به تمام آرٽسٽڪ هوندا آهن. هن ڪتاب جو خوبصورت ٽائٽل فتاح هاليپوٽو جو ٺاهيل آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل وينا شرنگي جو لکيل آهي. وينا، ياسر جي ڪتاب لاءِ لکي ٿي، ”هن ڪتاب ۾ شامل نظم ۽ گيت، نه صرف ٻارن جي دنيا جو سير ڪرائن ٿا پر انهن جي پسند جا موضوع جهڙوڪ ماءِ پي، علم، کاڌ خوراڪ، ڌرتي ماتا وغيره کين چڱائي ۽ وطن جي حب طرف به مائل ڪن ٿا، نه صرف ايترو پر ياسر پنهنجن نظمن ۾ جانورن، جيون ۽ جيتن جي دنيا جو به سهڻو سير ڪرايو آهي.“
ڪتاب جي ارپنا شام جي معصوم ۽ بي ڏوهه مري ويل 3 سالن جي ڪرد شامي ٻالڪ کي ٿيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نصير اعجاز جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ حمد، نعت، دعا، ماءِ پي تي نظمن سان گڏوگڏ شاهه صاحب ۽ سچل سائين تي بـ نظم شامل آهن. هن ڪتان جي هي به خاص ڳالهه آهي، ته هن ۾ نظمن کي ٽن ڪيٽيگريز ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.
جن نظمن تي هڪ اسٽار لڳل آهي، اهي 2 سالن کان 7 سالن جي ٻارن لاءِ.
ٻن تارن وارا 7 سالن کان 13 سالن جي ٻارن لاءِ ۽ ٽن تارن وارا نطم 13 سالن کان 18 سالن جي ٻارن لاءِ آهن.
ياسر ٻارن کي دعا به علم جي سيکاري ٿو،
”باعمل ڪر! ۽ سکڻ وارن مان ڪر!
علم جو رستو وٺائج اي خدا!
وري ماءِ جي مامتا جو اظهار ڪجهـ هن ريت ڪري ٿو.
”تنهنجو پاڇو سر تي قائم رهي
مامتا جو مرتبو دائم رهي.
ابي جي محبت ۾ لکي ٿو،
” مٺو ڪيڏو آ بابا! نانءُ تنهنجو
ڀريو تو من جو خالي ٿانءُ منهنجو.
ياسر ٻارن کي ڪتابن جي اهميت سان به روشناس ڪرائي ٿو،
”ڪتابن ساڻ سنگت اچ! وڌايئون
وهيو ڇاڇا زماني ۾ پرائيون.

ھڪ منفرد ناول

ڪجهه سال پھرين امرتا نالي ادبي رسالي ۾ قسطوار ايندڙ ناول کماچ جون ڪجهه قسطون پڙھيون ھيئم، جيڪو منفرد لڳو ھيئم. اھو ناول اڪبر سومري جو لکيل آهي. تازو ان ناول کي ڪتابي صورت ۾ ڏسي خوشي به ٿي ۽ دل چيو ته ان ناول کي مڪمل پڙهي مزو به وٺجي ۽ ان سان گڏوگڏ ناول تي ٻه اکر لکجن.
ھي ناول ڪويتا پبليڪيشن پاران خوبصورت ٽايئٽل سان ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل تي ليکڪ بابت ويچار ونڊيندي ناميارو ليکڪ عبدلقادر جوڻيجو لکي ٿو ته
” اڪبر ۾ تخليقي ڌڄو شروع کان يئي موجود آهي. اڪبر سومري جھڙي ليکڪ کي ڪنهن جي به ٺپي جي ضرورت ناھي.“
اڪبر سومرو واقعي ھڪ الڳ رنگ ڍنگ جو ليکڪ آهي، ان جو اندازو مون کي سندس ڪتاب ”ڊسٽ بن“ پڙهڻ سان ٿي ويو ھو.
اڪبر سومري ڪتاب جي ارپنا ۾ لکي ٿو ته منهنجي لايئيف پاٽنر مختيار اڪبر سومرو جي نالي, جنهن جي ساٿ بغير مان جيون جون سموريون مٺيون ۽ ڪڙيون گھڙيون گذارڻ لائق نه ھجان ھا!
کماچ جو تعارف ڪرائيندي اڪبر لکي ٿو ته کماچ راڳ جو ھڪ قسم آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي موسيقي جي ڏھن ٺٺن مان ھڪ آهي. ھي راڳ ڪلاسيڪل اسٽائلز ۾ ڳايو ويندو آهي پر ھن راڳ جو مزاج رومانٽڪ ھئڻ ڪري نيم ڪلاسيڪل ۽ اڃا به ھلڪين اسٽائلز ۾ ڳايو ويندو آهي. اڪثر انڊين فلمي گانا ھن راڳ ۾ ڪمپوز ڪيل ھوندا آهن. ھن راڳ ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيون پھر، جيڪڏهن ٺمري ھجي ته پھرين پھر ۾ به ڳائي سگھجي ٿو. ڪجهه راڳي شام جو وقت مناسب سمجھن ٿا. شاهه سائين جي رسالي ۾ ھڪ سر جو نالو کماچ (کنڀات) آهي.
ھي ناول نائن، اليون کان پوءِ جي دور ۾ لکيو ويو. 2001ع کان 2010ع تائين جي وقت، جڏهن NATO فورسز افغانستان ۽ عراق تي حملا پي ڪيا. ان وقت افغانستان جو طالبان سربراھ ملان عمر، القائدہ جو باني اساما بن لادن ۽ عراق جو صدر صدام حسين جيئرا ھئا، ناول ۾ بيان ڪيل منظرن، واقعن ۽ شخصيتن کي ان تناظر ۾ ڏسڻ کپي.
ناول کي 27 سب ٽائٽلز ڏنا ويا آهن ۽ انھن جا عنوان به خوبصورت آهن مثال طور: ھتي جا واسي ڪو به عشق نٿا ڪن، زالن سان گڏ رھڻ خودڪشي برابر آهي، مڇلي جل ڪي راني ھي، ڇوڙو موري ڪلايئي نامارو ڪنڪروا، Sex & the city وغيره وغيره.......
ھن ناول ۾ عماد نالي عاشق مزاج ۽ خوبصورت شخص جو مين ڪردار آهي جنهن جي شادي روميسا نالي خوبصورت عورت سان ٿيل آهي. جنهن مان ھن کي ھڪ ڌي ۽ ھڪ پٽ جو اولاد آهي ۽ روميسا وري پريگننٽ آهي. عماد جنهن کي پاڙيسري سلمان جي زال عتيقا به وڻي ٿي ته ٻي پاڙيسري شعيب جي ڌيءَ فائزا به وڻي ٿي. عماد شادي شدھ ھجڻ باوجود زارا نالي خوبصورت سندس پاڙيسري ڇوڪري سان به پيار ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ ھڪ NGO ۾ ڪم ڪندڙ بيحد دلفريب ڇوڪري رابيعه سان به سندس افيئر آهي. انس نالي کدڙن واري انداز وارو خوبصورت ڇوڪرو ۽ انس جي دوست مونا به عماد جا گھرا دوست ۽ چاھيندڙ آهن. اھي آهن ناول جا خاص ڪردار جن جي چوڌاري ڪھاڻي ڦري ٿي ۽ ليکڪ نھايت يئي ڪاريگري سان انهن ڪردارن ذريعي اسان جي سماجي روين ۽ نفسيات ۽ معاشري جي عڪاسي ڪيئي آهي. وڏي ڪمال سان عماد جي زال ۽ محبوبائن ذريعي زندگي جي خوبصورتين ۽ تلخ تجربن جو اظھار ڪيو ويو آهي. اھڙن فردن ذريعي سماجي سوچ جي اٿل پٿل ڪئي ويئي جيڪو فليٽس ۾ زندگي گذارين ٿا ۽ ھڪٻئي سان ڪھڙو رويو رکن ٿا.
عماد جيڪو زال سان به بيحد پيار ڪري ٿو پر ان ساڳي وقت ھو زارا ۽ رابيعه سان به بيحد عشق ڪري ٿو، ان مان مرد جي بيوفا ۽ خودغرض فطرت کي خوب ظاهر ڪيو ويو آهي. وري زارا ۽ رابيعه عماد کان عمر ۾ به ڪافي ننڍيون آهن ۽ کين خبر آهي ته عماد شادي شدھ آهي، ان باوجود به ھو عماد سان بيحد پيار ڪن ٿيون, انهيَ ذريعي ليکڪ عورت جي نفسيات ۽ عورت جي عورت سان دشمني ۽ ساڙ واري نفسيات کي اجاگر ڪيو آهي.
انسان ٻئي جي جذبن سان ڪيئن کيڏي ٿو ان لاءِ اڪبر، ناول جي ھيرو کان چورائي ٿو ته ”ھر ماڻهو ٻئي ماڻهو جي جذبن سان کيڏي رھيو آهي! ڏينهن رات سڀ ڄڻا ڪوڙ پيا ڳالھائين. ڪورٽن، ڪچھرين ۾، اقتدار جي ايوانن ۾، مارڪيٽن ۾، ھوٽلن ۾، گھرن ۽ گھٽين ۾، اڪثر ماڻهو ڪوڙ جو سھارو وٺي پاڻ کي سچو ثابت پيا ڪن! سڀ رشتا ناتا ھڪٻئي جي اکين ۾ مرچ پيا وجھن ۽ سڀ ماڻهو پنهنجي لاءِ جيڪو بھتر سمجھن ٿا سو ڪن پيا.“

دنيا جي بيحسي ۽ مٿي ذڪر ڪيل وقت ۽ حالتن ۾ ماڻهن جي جذبن ۽ uncertainty کي اڪبر ھن طرح بيان ڪري ٿو، ”دنيا بي پناھي جي برف باري ۾ ٿڙڪي رھي آهي! ...... پناهه ڪٿي به ڪانھي، ڪنهن به جاءِ تي نه! ڪنهن به ملڪ ۽ ڌرتي تي به نه.....! پناهه جو رڳو دلبو آهي؛ ھر ماڻهو جي ھر وک موت طرف کڄي رھي آهي، ماڻهو سڄي عمر بي يقيني جي ڌٻڻ ۾ گذاري ٿو ۽ نيٺ ھڪ ڏينهن پاڻي ۽ گپ سندس قد کان وڏا ٿيو وڃن!...........“
اڪثر شريف سڏائيندڙن جي نفسيات تي لکي ٿو ته ”دنيا ۾ شريف ماڻهو ٿيڻ لاء گھٽ ۾ گھٽ ٽن شادين جي ضرورت پوي ٿي!...... اھا ٻي ڳالهه آهي ته ھر ماڻهو افورڊ ڪري نٿو سگهي! يا ھر ماڻهو کي اھڙا موقعا نٿا ملن. ان ڪري ھر ماڻهو کي شريف سمجهڻ بيوقوفي ٿيندو!.“
زندگي لاءِ لکي ٿو ته ”زندگي کوھ جي نار ۽ لوٽن جيان ماڻهو کي گھمائي ٿي پر اڪثر ان جو ھر لمحو ماڻهو کي خوش رھڻ جا ٻيا ڪئين موقعا مھيا ڪندو ٿو رھي، پوءِ اھو ماڻهو جي مٿان آهي ته ھو انهن لمحن کي ڪيئن ٿو پڪڙي ۽ ان مان ساھس وٺي.“
ماڻهن جا به مختلف قسم آهن ” ڪي ماڻهو اسٽرابيري جھڙا ٿيندا آهن، ڪي وري کجور جھڙا. ڪي ماکي جھڙا ۽ ڪي وري مکڻ جھڙا، ڪي کٽي لسي جھڙا به ٿين؛ ڪي ماڻهو چاڪليٽ جھڙا ٿين پر ڪي ماڻهو ٽوھ جھڙا به ٿيندا آهن زھر....... ڳالھائين ۽ زھر اوڳاڇين......!“
ھن ناول جو ھيرو عماد جڏهن پنهنجي محبوبا زارا جو موت ڏسي ٿو، ان وقت بيوسي جي عالم کي غضب جو چٽيو ويو آهي ۽ وري زخمن تي مرھم رکڻ لاءِ گذرندڙ وقت سان گڏ زارا کي وساري رابيعه سان پيار ڪري ٿو ته انسان جي خودغرضي ۽ فريبي نروار ٿيئي ٿي...
سو ھي ناول انسان جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ۽ دنيا جي مخصوص ملڪن ۾ ٿيندڙ دھشتگردي دوران جنم وٺندڙ نفسيات کي ظاهر ڪري ٿو. اھڙي قسم جو ڀرپور ناول اڪبر سومري جھڙو گھڻ پڙھيو ۽ اعليٰ مشاھدو رکندڙ ليکڪ ئي لکي سگهي ٿو. مان کيس خوبصورت ناول تي دلي مبارڪون به ڏيان ٿو ۽ انهن پڙھندڙن کي ھي ناول Suggest ٿو ڪيان ته جيڪي ناول سان چاھ رکن ٿا ۽ ھو نه رڳو ھن کي پنهنجي لائبريري جو سونهن بڻائين پر پڙهي خوب مزو به وٺن.

** 

سماجي بيحسي جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻيون

اسان جي معاشري ۾ چوطرف بيپناھ ڪھاڻيون موجود آهن، ھر چھري، ھر منظر، ھر تصوير، ھر عڪس ۽ ھر سوچ ۾ ڪا نه ڪا ڪھاڻي سمايل ھوندي آهي. معاشري جا حساس ماڻهو يئي سماجي وارتايئن ۾ لڪل ڪھاڻين کي ڳولي لھندا آهن. اھڙن ئي حساس ماڻهن ۾ شميم مري به شامل آهي، جيڪا سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ڪھاڻين جو روپ ڏئي نه رڳو انهن سماجي براين کي وائکو ڪري ٿي پر سندس ڪھاڻين ۾ انهن سماجي براين ۽ بي واجبين خلاف مختلف ڪردارن ذريعي ڀرپور احتجاج به ڪري ٿي. تازو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ميران جوڳڻ نالي شميم مري جي ڪھاڻين جو خوبصورت ڪتاب شايع ڪيو ويو آهي. ھن ڪتاب ۾ 43 شارٽ اسٽوريز شامل آهن. مختلف ڪھاڻين ذريعي ھن طبقاتي ۽ جاگيردار سماج جي اصليت کي ظاھر ڪيو ويو آهي ۽ انھي سماج ۾ خاص طور تي عورت ڪھڙي طرح مختلف اذيتن مان گذري ٿي، ڀرپور نموني ظاھر ڪيو ويو آهي. شميم جي ڪھاڻين ۾ ڀوتار جو به ذڪر آ جيڪو ڪھڙي طرح ڳوٺاڻي پرسڪون ماحول کي خراب ڪريو ويٺو آ، ته يونيورسٽي جي رٽائر پروفيسر جو به ذڪر آ جيڪو ڪرسي کي چھٽل رھي ٿو. ھن جي ڪھاڻين ۾ سماج سڌارڪ جو به ذڪر آ ته نام نھاد دانشورن جو به ذڪر آ ته جيڪي پنهنجي اصليت ۾ ڪيڏا نه ڪريل ۽ ھلڪا ماڻهو آهن. سندس ڪھاڻين ۾ عورت پاران عورت تي ٿيندڙ ظلم جي به ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. شميم جي ڪھاڻين ۾ رومانوي انداز به ملي ٿو ته براين جي نشاندهي به بيباڪ انداز ۾ ملي ٿي. شميم ھن ڪھاڻين ذريعي عورتاڻي ۽ مرداڻي نفسيات، ڀوڳنائن ۽ اڪيلائين جي بھترين احساس نگاري ڪئي آهي. ھن ڪھاڻين ۾ انساني درد نظر اچي ٿو جيڪو شميم پڙھندڙ کان به سھڻي نموني محسوس ڪرايو آهي.
شميم مري جي ڪھاڻين بابت ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل تي ناليوارو ليکڪ اخلاق انصاري لکي ٿو ته ”شميم مري جا ڪردار انتھائي سگھارا ۽ سرڪش آهن. ھن ھر ڪردار جي نفسيات ۾ ان جي انا کي ڪٿي به رد نه ڪيو آهي. شميم ھڪ منفرد ۽ طاقتور ڪھاڻيڪارہ آهي, جنهن کي پنهنجو ڏانءُ آهي. کيس ڪنهن سان ڀيٽڻ سندس سان ناانصافي ٿيندي“.
ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري ڪھاڻيڪار ضراب حيدر جو لکيل آهي. جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته ”شميم مري ٿوري عرصي کان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون آهن ۽ ھو پنهنجي ھڪ مخصوص انداز سان لکڻ ڪري تيزي سان ھڪ بيباڪ ۽ بولڊ ڪھاڻيڪارا طور اڀري سامھون آئي آهي.“
. ھي ڪتاب ڪھاڻي سان چاھ رکندڙ پڙھندڙن جي لائبريري ۾ بھترين ۽ سھڻو اضافو ثابت ٿيندو.

**

ننڍڙو چنڊ_ ھڪ پيارو ناول

سنڌي ادب ۾ ھن وقت جيڪو ادب سرجي رھيو آهي، ان ۾ منهنجي خيال ۾ گھڻو حصو شاعري جو آهي ۽ ان کانپوءِ ڪھاڻيون به لکجن پيون پر ناول، آتم ڪٿائون، سائنسي ۽ تحقيقي ڪم گھٽ لکجي ٿو. ان ۾ به وري ڏسجي ته ٻارڙن جي لاء ته صفا نه ھجڻ جي برابر لکيو ٿو وڃي. اھڙي ماحول ۾ ڪجهه اھڙا اديب به آهن جيڪي وڏن لاءِ لکڻ سان گڏوگڏ ٻارڙن لاءِ به لکندا رھندا آهن. انهن اديبن ۾ محترم انور ابڙي جو نالو نمايان آهي. انور ابڙي جون جڏهن ڪھاڻيون ٿيون پڙهجن ته ھو رڳو ڪھاڻيڪار ٿو لڳي، شاعري ٿي پڙھجي ته مڪمل شاعر ٿو لڳي، ڪالم ۽ مضمون ٿا پڙهجن ته ڪالم نگار ۽ مضمونگار ٿو لڳي، ناول ٿو پڙھجي ته ناول نگار ٿو لڳي. اھا خوبي گھٽ ليکڪن ۾ آهي ۽ انهن سڀني شين تي طبع آزمائي ڪري سگھن.
ٻارن لاءِ لکڻ واري روايت کي برقرار رکندي انور ابڙي ٻارن لاءِ ”ننڍڙو چنڊ“ نالي ناول لکيو آهي جيڪو ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران تازو شايع ڪيو ويو آهي. ھي ناول انور جي اڳ لکيل ناول ’ڀڳل رانديڪو‘ وانگر ٻارن توڙي وڏن لاءِ آهي پر ھن ناول جو اھم ڪردار ھڪ ٻارڙو آهي.
منهنجي خيال ۾ ھي رڳو ھڪ ناول ناهي پر ھي ھڪ پياري ٻار جي ٻالڪپڻ جي ڪھاڻي به آهي ته سندس آتم ڪٿا جو حصو به آهي. ھي ناول سان گڏوگڏ ھڪ ٻار جو سفرنامو به آهي ته ڪيئن ھو سھڻي سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان گھمي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي والد ۽ امڙ کان ڪيڏا نه معصوم، پيارا ۽ لاجواب ڪندڙ سوال پڇي ٿو.
ھن ناول جو اھم ڪردار ”عنيق“ نالي ھڪ ڇھن سالن جو ٻارڙو آهي ۽ سرمد ۽ ڪونج نالي ڪردار سندس ابو ۽ امڙ آهن. جن سان ھو انگل آرا ڪري ٿو، معصوم سوال به ڪري ٿو ۽ معصوم حجتون به ڪري ٿو. عنيق، محترم انور ابڙي جو ننڍڙو آهي, جنهن جي ڪھاڻي لکي انور ھڪ عظيم، پيار ۽ پاٻوھ ڪندڙ والد وارو احساس ڏيارو آهي.
ھن ناول ۾ ھڪ ٻار جي ڄمڻ کان وٺي ان جي اسڪول وڃڻ ۽ اسڪول جي شروعاتي ڏينهن ۾ ساڻس ٿيندڙ واقعن ۽ سندس معصوم ادائن جي ڪھاڻي کي چٽيو ويو آهي. ھي ناول پڙهڻ سان اھو احساس ته ليکڪ کي ٻارن ۽ انهن جي سھڻي ۽ بھتر تربيت جو ڪيڏو نه اونو آهي.
جيئن ته عنيق جو والد ڳوٺاڻي ماحول ۾ پيدا ٿي نوجوان ٿيو آهي ته ھن کي اھو احساس شدت سان آهي ته سندس اولاد شھر ۾ رھي ڪري ڳوٺاڻي زندگي وساري نه ويھن. پنهنجي ڳوٺن ۽ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن سان پنهنجي ناتي کي مضبوط رکن. ان ڪري عنيق جو والد سرمد ۽ امڙ ڪونج، عنيق کي مھين جي دڙي کان وٺي ڪارونجھر جبل تائين گھمائين ۽ ھن کي سنڌ جي قديم ورثي بابت ڄاڻ ڏين ٿا. کيس منڇر ۽ ڪينجھر جو سير ڪرائي سنڌ جي ڍنڍن بابت ٻڌائين ٿا. مڪلي ۽ بادشاھي مسجد گھمائين ٿا.
ڀٽائي سائين جي روضي تي حاضري ڀري سنڌ جي حقيقي ۽ شعوري رھبر بابت ٻڌائين ٿا. کيس ڳوٺ جون ٻنيون ٻارا گھمائين ٿا ته جيئن سندس فطرت سان پيار اڃا به وڌي. ڳوٺ ۾ موجود جانور ڏسين ٿا ۽ انهن بابت ٻڌائين ٿا ته جييئن ھو جانورن سان پيار ڪري ۽ انهن جو خيال رکي.
عنيق کي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏي امان، پڦين، چاچين، چاچن، سئوٽن سان به ملائجي ٿو ته جيئن ننڍپڻ کان کيس رشتن جو احساس ھجي. انهن لاءِ عزت ۽ پيار ھجي.
اسڪول ۾ به عنيق جي پنهنجي استاد سان اٽيجمينٽ کي ڏسيو ويو آهي ته ڪيئن ھڪ ٻار کي جڏهن اسڪول ۾ پيار ملي ٿو ته ھو ڪيئن نه محنت ڪري پڙهي ٿو.
عنيق پنهنجي بابا سان رات جو تارن ڀري آسمان ڏينهن جڏهن سمھي ٿو ته ان کان ڪھاڻيون ٻڌڻ جي فرمائش ڪري ٿو ۽ سندس والد اھو حڪم سمجهي کيس ڪھاڻيون ٻڌايئي ٿو.
عنيق ڪڏهن ڪڏهن اسڪول وڃڻ جي ناهي ڪندو ته سرمد ڪونج کي چوندو آهي ته خير آ ھن تي سختي نه ڪيو پاڻ خوشي سان ويندو. ان ذريعي پڙھندڙن کي اھو پيغام ڏنو ويو آهي ته ڪڏهن به ٻارن تي سختي نه ڪيو پر ھن تي شفقت جو ھٿ رکو ۽ پيار ڏيو.
ھن ناول ۾ ٻارن ۾ جانورن ۽ پکين لاءِ پيار جو جذبو پيدا ڪرڻ جو به سبق ڏنو ويو آهي ته عنيق سرمد کي چوي ٿو ته مون کي طوطا وٺي ڏي ته پڃري به بند ڪيان. سرمد عنيق جي ڳالهه مڃي ٿو ته جييئن ھو ناراض نه ٿئي ۽ طوطا وٺي ڏيڻ کانپوءِ کيس سمجھائي ٿو ته پٽ پکي آزاد سٺا لڳندا آهن ۽ پنڃري ۾ بند سٺا نٿا لڳن. تڏهن سرمد عنيق کي چوي ٿو ته تون پنهنجي ھٿن سان ھنن کي آزاد ڪر ۽ اڏار ته ھي خوش ٿيندا ۽ پوءِ عنيق ائين يئي ڪري ٿو ۽ خوش ٿئي ٿو.
سرمد چاهي ٿو عنيق دنيا جون وڌ ۾ وڌ ٻوليون سکي پر اتي ھو کيس پنهنجي سنڌي ٻولي جي اھميت بابت به ٻڌائي ٿو ۽ سنڌي ثقافت سان به روشناس ڪرائي ٿو. ان ذريعي دنيا جي سڀني ٻولين لاءِ احترام سان گڏوگڏ پنهنجي ٻولي سان پيار جو به احساس ڏياريو ويو آهي جيڪو خاص طور تي اڄ جي ٻارن لاءِ تمام ضروري آهي.
ھن ناول جي ھر ھڪ سٽ ۽ لفظ مان ھڪ والد جو پنهنجي پٽ لاءِ پيار نظر اچي ٿو ۽ اھو سبق به ملي ٿو ته ھر ٻار اھم آهي ۽ بھتر تعليم، تربيت، پيار ۽ عزت ان جو حق آهي.
ھن ناول جي ھي ڳالهه به منفرد آهي ته ان ۾ ٻار ۽ مختلف منظرن جون تصويرون السٽريشنس جي شڪل ۾ ڏنيون ويون آهن جيڪي ھن کي بيحد سھڻو بڻائين ٿيون. سو ناول سان شوق رکندڙ دوستن لاءِ ھي ھڪ سھڻو تحفو آهي.
ھن سھڻي ناول جو مھاڳ نامياري ليکڪ الطاف شيخ لکيو آهي ۽ ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل محمد علي پٺاڻ جو لکيل آهي. ناول بابت نامياري ليکڪ رئوف نظاماڻي جو رايو به شامل ڪيو آهي.

**

سائنس فڪشن واريون ڪھاڻيون

ڪھاڻيون اسان جي سماج جو عڪس ھونديون آهن. ڪھاڻيڪار ڪھاڻين ذريعي سماج جي چڱائي، برائي، سٺائي خرابي، خوبصورتي، ڪلچر ۽ روايتن کي مختلف ڪردارن ذريعي پڙھندڙن اڳيان پيش ڪندو آهي.
ڪجهه ليکڪن ۾ اھا صلاحيت خوب ھوندي آهي جو ھو افسانوي انداز ۾ سماج جون تلخ حقيقتون پڙھندڙن تائين پھچائيندا آهن ته جيئن پڙھندڙ انهن کي بوريت بجاءِ وڏي تجسس ۽ دلچسپي سان پڙھي وڃن ۽ پڙهڻ کان پوءِ ڪجهه سوچڻ تي مجبور ضرور ٿين. ناميارو ڪھاڻيڪار زيب سنڌي به انهن ڪھاڻيڪارن مان ھڪ آهي جيڪي اسان جي سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن تي تڙپي اٿن ٿا. مون زيب سنڌي جو ڪھاڻين جو تازو ڇپيل ڪتاب ”آخري ماڻهو“ پڙهي پورو ڪيو آهي ۽ دل چيو ته ٻين پڙھندڙن سان به ڪتاب جو تعارف ونڊ ڪجي. ھي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآٓباد پاران ڇپايو ويو آهي. ھن ڪتاب ۾24 ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آهن. ڪتاب جو مھاڳ جامي چانڊيي لکيو آهي. ان ۾ جامي لکي ٿو ته ”زيب سنڌي جو ھي ڪھاڻين جو ڪتاب ”آخري ماڻهو“ به موضوعاتي ٻھڳڻائپ ۽ وسعت جي لحاظ کان سندس منفرد ڪتابن ۾ شمار ٿيندو.“
ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل تي ناليواري ليکڪه نورالھديٰ شاھ لکي ٿي ته ”مان جنهن زيب سنڌي کي سڃاڻيندي ھيس، ھي ته انھي کان گھڻو مختلف نڪتو. ھو ڪڏهن ۽ ڪيئن اڄ جي دور ۾ ڪجهه اھڙي انداز سان داخل ٿي ويو، جو ھن تي نئين نسل جي ڪھاڻيڪار جو گمان ٿئي ٿو. زيب جا ڪردار اڄ جا ڪردار بڻجي چڪا آهن ۽ انهن ۾ جديد دور جو اضطراب نظر اچي ٿو. مان زيب جي ڪھاڻين ۾ آفاقيت جو ڦھلاءُ ڏسي سوچي رھي ھيس ته انهن ڪھاڻين کي ته ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گھرجي، ڇو ته اھي ھر انهي ٻولي جون يئي ڪھاڻيون لڳنديون جنهن ۾ اھي ترجمو ڪيون وڃن“.
ھن ڪتاب جون شروع واريون ٻئي ڪھاڻيون ”ايڪٽيھين ڊسمبر“ ۽ ”آخري ماڻهو“ سائنس فڪشن واريون ڪھاڻيون آهن جنهن تي سنڌي ۾ شايد يئي ڪنهن لکيو ھجي. انهن ٻنھي ڪھاڻين ۾ اھو ڏسيو ويو آهي ته انسان ڪيئن نه احساسن کان خالي ٿي ويو آهي. دنيا کي فتح ڪرڻ ۽ لالچ جي صورت ۾ ھو دنيا جي سمورن انسانن کي ماريندي دير نٿو ڪري.
ايڪٽيھين ڊسمبر ۽ آخري ماڻھو ڪھاڻي جو اھم ڪردار اھو سائنسدان آهي جيڪو ٽي مھاڀاري جنگ ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن کي مارڻ جو ڪمپيوٽر ۾ ھڪ پروگرام ٺاهي ٿو ۽ پوءِ ماڻهو ماري ڪيئن نه ھو اڪيلو ۽ آخري ماڻهو ھجڻ جي خوف ۽ درد ۾ پاڻ کي به گولي ھڻي ماري ٿو ڇڏي. انهن ڪھاڻين ۾ اھو احساس ڏياريو ويو آهي ته انسان ترقي جون منزلون ته طي ڪري ويو آهي پر اڄ به لالچ جي ڪري ھو احساسن کان خالي ٿي سڄي دنيا جي انسانن کي ماريندي دير نٿو ڪري ۽ بيرحم ٿي ٿو پوي ۽ اھي بيرحمي ۽ ظلم جي انتھا اسان دنيا ۾ ھن وقت ڏسي رھيا آھيون.
ڪھاڻي ”اوڀر ۽ اولھ جا بگھڙ“ ٻن ملڪن جي سپاھين جي ڪھاڻي آهي جنهن ۾ اھو احساس ڏياريو ويو آهي ته نفرتن جي بنياد تي ڪجهه شاطر ماڻهن زمين کي ورھائي ملڪن جو سرحدون ٺاهي انسانن کي ھڪٻئي کان جدا ڪري خاردار تارن ذريعي نفرتون پکيڙي ڇڏيون آهن.
ھن ڪتاب جي ھر ڪھاڻي جاندار ۽ دلڇھندڙ آهي. ھنن ڪھاڻين ۾ موھن جي دڙي جي تباهي ۽ لاوارثي جو درد به شامل آهي ته ان پوڙھي پيءُ جو درد به شامل آهي جيڪو پٽ کي روزگار ڏيارڻ لاءِ خودڪشي ڪري ٿو ته جيئن فوتي ڪوٽا تي سندس پٽ کي رکيو وڃي. ادبي ڪانفرنسن جو به ذڪر آهي جن ۾ ادب گھٽ ۽ ڏيکاءَ وڌيڪ ھوندو آهي. حال اھو آهي جو سچل کي به سندس نالي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ويھڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ ھال مان ٻاھر ڪڍيو ٿو وڃي.
ھن ڪتاب ۾ ”وجود جو ورھاڱو“ نالي ڪھاڻي جو اھم ڪردار ھڪ ٻڌڙي ۽ بيحد سگھاري باوقار عورت آهي جيڪا ڪھاڻي جي آخر ۾ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم تي چئي ٿي ڏي ته ”مان سنڌ آھيان ۽ مان پنهنجي وجود جو ورھاڱو ڪڏھن به قبول نه ڪنديس!“
منهنجي خيال ۾ ھن ڪتاب جي ھر ڪھاڻي اسان جي سماجي بيحسي، تاريخي ورثي کان لاتعلقي، بيروزگاري، ناانصافي ۽ درد ڪٿا آهي جنهن ۾ ماڻهو کي ماڻهو ماري پيو. وڌيڪ پڙھندڙ پاڻ پڙهي سوچين ۽ سمجھن ته آخر اسان جي سماج ۾ ھي سماجي بحران ڇو پيدا ٿيو آهي. مون نوٽ ڪيو آهي ته زيب صاحب جي ڪھاڻين جو محور سنڌ آهي. جنهن ۾ ھو سنڌ جي درد تي فڪرمند به آهي ۽ پراميد به آهي ته ھن ظلم جو انت ٿيندو ۽ نيٺ ته روشني ٿيندي.
ھن سھڻي ڪتاب ۾ گل محمد عمراڻي، تاج بلوچ، امداد حسيني ۽ رحمت ماڃوٺي جا ڪمينٽس به شامل آهن.
**

وقت بيھي نٿو

وقت جيڪو وير کان به تکو، بيرحم ۽ ڪنھن جو انتظار نه ڪندڙ آھي. زندگي به وقت سان گڏ سفر ڪندي ٿي رھي ۽ پاڻ سان گڏ انيڪ ڏک، سک، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون کڻندي ٿي ھلي. انھي گذرندڙ وقت سان زندگي پنھنجا روپ به مٽائيندي ٿي رھي. وقت سان گڏ گذرندڙ زندگي جي انھن رنگن ۽ ادائن کي ناليواري ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ طويل نظم جي صورت ۾ لکي انساني احساسن جي شاندار ترجماني ڪئي آھي.
وقت بيھي نٿو ”جي عنوان سان محمد علي پٺاڻ جي انھي طويل نظم کي ڪتابي شڪل ۾ ڪونج اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جي خصوصيت اھا آھي ته ھن ۾ وقت بيھي نٿو جي ٽائٽل سان ھڪ ئي طويل نظم آھي، جيڪو شاعر جي مختلف مشاھدن، احساسن ۽ امنگن کي ظاھر ڪري ٿو. جيڪو يقينن ڪيترين ئي حساس دلين جي ترجماني ڪري ٿو.
ھن ڪتاب ۾ ليکڪ بابت انور ابڙي ۽ مختيار سمي جا رايا به شامل آھن. انور ابڙو لکي ٿو ته ”اھو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامي نگار، جيڪو پنھنجي زندگي جو وڏو وقت سفر ۾ رھيو ھجي ۽ جنھن جي وڏي تخليقي صلاحيت اھا بـه ھجي ته ھو جڏھن چاھي ته مختصر ترين به لکي سگھي (ھن اھڙا تجربا ھڪ طويل نظم جي گھاڙيٽي ۾ ناول مسافتون ياد جون لکڻ ۽ مختصر ڪھاڻي لکڻ ۾ به ڪيا آھن) ته اھو جڏھن طويل نظم وقت بيھي نٿو لکي ٿو ته، ڀلي ته ھو وقت کي بيھاري نه سگھي، پر ھو پڙھندڙ کي ضرور بيھاري، اھو نظم پڙھڻ تي ضرور مجبور ڪندو ۽ پڙھندڙ پوءِ وقت جي سفر ۾ ھليو ويندو.“
ڪتاب جي مھاڳ ۾ ناليوارو ليکڪ اخلاق انصاري لکي ٿو ته ”ڪائنات ته ھميشه وڌندي ٿي رھي ۽ ڌرتي تي جيئن پوءِ تيئن ترقي تيز کان تيز ٿيندي پئي وڃي. روڊ رستا، سواريون ھوندي سوندي به ملاقاتون مھل سان نه ٿين. اھا سڪ نه ھجي. ڪائنات ۾ پکي به پريشان ھجن. ڪو وڻ نه ٽڻ. بٽڻ دٻائڻ سان دنيا سان دنيا ۾ ٿيندڙ لقاءَ ان مھل ساڳئي ”ٽائيم تي ئي ڏسجن. پر ماڻھو سڀ ھوندي به ھر ھنڌ اڪيلو. سڀ ڪجھ ھوندي به ڪجھ نه آھي.ڪجھ نه آھي.
ھن ڪتاب جي ھر ھڪ سٽ ۾ زندگي جي ڪھاڻي سمايل آھي. وقت واقعي ڪنھن جي به نٿو مڃي، ان جو اظھار ھنن سٽن ۾ ڏسو.
انتظاريون ڏئي،
بيقراريون ڏئي،
لڙڪ موتي ڪري،
ٽھڪ ٽانڊا ڪري،
رڻ رت سان رڱي،
ڪين ڪنھنجي مڃي،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو....
پياري پرين سان ملي ھڪ ٿي وڃجي، ٻن وارو تصور ئي ختم ٿي وڃي.
غم گھڻو آ پرين،
ڪم گھڻو آ پرين،
ھٿ ھٿ ۾ ته ڏي،
ڇا خبر موت ٿئي،
ھڪ دفعو پاڻ ۾،
ھڪ ٿي ٿا وڃون،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو...
جدا ٿيڻ جو فيصلو ڪو آسان ته ناھي ھوندو، ھي ته زندگي جو تمام ڏکيو مرحلو ھوندو آھي، محمد علي صاحب ان کي ڪجھ ھن طرح بيان ٿو ڪري.
فيصلو آ وڏو،
ٿورو سوچڻ ته ڏي،
ٺيڪ آ ڌار ٿا،
پاڻ ٻيئي ٿيون،
پنڌ ھيکل پرين،
پير ڪيئن پوءِ ڪندا؟،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو....
ماکي جي مک مان محنت، محبت ۽ ميٺاج جو جذبو سکجي ۽ ان کي زندگي جو حصو بڻائجي...
ماکي مک سندي،
رس گلڙن منجھان،
ڏس، کڻي چپ سان،
پوءِ مانار کي،
ساري سنسار کي،
ڪيئن مٺو ٿي ڪري،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو....
وقت اڳيان انسان صفا بيوس آھي، ڪجھ ھن طرح،
کيل پتليون اسان،
جنھن جا ڌاڳا سندس،
ھٿ ۾ ٿا رھن،
ٿو چوي ٿا کلون،
ڏک ڏئي، لڙڪ ٿي،
ڳلن تي ٿا ڪرون،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو....
اسان جي ديس ۾ پاڻي به کارو ٿي ويو آھي، جيڪو پاڻي پي وقت سان گڏ زندگي به گزرندي ٿي وڃي ۽ ڏاڍي سوڙھي ٿيندي پئي وڃي... پر اسان جي سرڪار جي ڪن تي جون به ڪانه ٿي سري...
جر کارو ٿيو،
زھر ٿا پيا پيئون،
گند ڪچري مٿان،
زندگين جو سفر،
ڪونه سرڪار کي،
تر ڀي ڪو جھٻو،
وقت بيھي نٿو.....
وقت بيھي نٿو....
ھر شخص جي چھري مٿان چھرو چڙھيل آ، انسان جي ٻھروپيت نه پر ڪيترن ئي روپن جو ذڪر آھي. اسپتالن جي خراب صورتحال جو به ذڪر آھي ته اھي ڪيئن ڪوس گھرن ۾ تبديل ٿي ويون آھن.
ان کان علاوھ ليکڪ ھن طويل نظم ۾ ڀٽائي سائين، شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀي، رزاق مھر، ڪيھر شوڪت سميت پنھنجي ڪافي پيارن تخليقڪارن کي بـ سھڻي انداز ۾ ياد ڪيو آھي.
ان سان گڏوگڏ انور ابڙي، زيب سنڏي، اعجاز منگي، بدر ابڙي، اخلاق انصاري، اياز گل، امداد حسيني، بادل جمالي ۽ ٻين دوستن سان به پيار ونڊيل آھي.
ھن ڪتاب ضرور پڙھندڙن جي دلين ۾ جاءِ ٺاھيندو.
**

چوڌاري چمڪاٽ

انسان جو ڪتابن جھڙو بھترين دوست ڪو ٻيو ٿي ئي نٿو سگھي. انسان جي شخصيت ٺاهڻ ۾ ڪتابن جو وڏو ڪردار ھوندو آهي. شخصيت جي اوسر ٻالڪڻ کان ئي ٿيندي آهي. ان ڪري اھو ضروري آهي ته ٻارن کي ڪتابن ڏانهن مائل ڪجي ۽ کين ڪتاب دوست بڻائجي. ان ڪري اھو به ضروري آهي ته ٻارن لاءِ لکجي. اڄ جي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ٻار موبائل فون ۾ ڪير ضروري شيون ڏسڻ ۾ وقت ضايع ڪري ٿو، اتي ٻار کي ڪتاب جي اھميت بابت ٻڌايئجي ۽ ان کي چيئجي ته ھو روز ڪجهه وقت ڪتابن جي مطالعي کي ضرور ڏي.
ڏاڍي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جي پرنٽ ميڊيا کان ويندي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ٻارن لاءِ ڪو به خاطر خواھ ۽ معياري مواد نه شايع ڪيو ٿو وڃي ۽ نه وري نشر ڪيو ٿو وڃي. پر ساڳي وقت سنڌ جا ڪجهه اديب جيڪي ٻاراڻي ادب جي اھميت کي سمجھن ٿا ۽ کين خبر آهي ته ٻارن جي تربيت ۾ ڪتابن جو ڪيڏو وڏو ڪردار آهي، سي مسلسل ٻارڙن لاءِ لکندا رھن ٿا. انهن ۾ نامياري ليکڪ انور ابڙي جو نالو نمايان آهي. وقت به وقت انور جو ٻارن لاء ڪتاب ايندو رھي ٿو. انور جي حساس طبيعت ۽ اندر جو ٻار کانئس سدائين ٻارن لاءِ لکرائيندو رھي ٿو. ھونئن به ٻارن لاءِ لکڻ معنى ايندڙ نسلن لاءِ لکڻ آهي.
تازو پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران سندس ٻاراڻين تقريرن ۽ خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”چوڌاري چمڪاٽ“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ھن ڪتاب ۾ اٺ تقريرون ۽ ٽي خاڪا شامل آهن، جيڪي ليکڪ سنڌ مدرسي جي شاگردن کي مختلف موقعن تي لکي ڏنا ھئا. ھن خوبصورت ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي ليکڪ بابت ناميارو اديب ۽ استاد مختيار سمون لکي ٿو ته ” انور ابڙو ھڪ روايتي ليکڪ نه، پر سنجيده اديب ۽ انسان آهي. جيڪو خاص طور ٻارن جي اندر ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجي ڌرتي جي شاندار تاريخ ۽ ورثي سان محبت، والدين جي اميدن تي پورو لھڻ، پڙهي ڪامل ٿي قوم، ملڪ ۽ بنا فرق جي دکي انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو جذبو پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو.“ ھن ڪتاب ڇپائڻ جي بنيادي مقصد بابت ليکڪ پاڻ لکي ٿو ته ”مون ھي تقريرون ۽ خاڪا اھو سوچي به ٻارن کي لکي ڏنا ھئا، جيئن ڪو ڊرامي جو اسڪرپٽ لکندو آهي ۽ اداڪار ان تي پرفارم ڪندا آهن يا ڪو شاعر شاعري ڪندو آهي ۽ فنڪار اھا ڳائيندا آهن. ان طرح ھي تقريرون ۽ خاڪا شايع ڪرائڻ جو بنيادي مقصد به اھو يئي آهي ته جيئن سنڌ جا شاگرد تقرير جي فن ۽ خاڪن جي ويجهو اچن، انهن کي سمجھن ۽ انهن مان ڪو اتساھ، ڪو سبق حاصل ڪري پنهنجي پنهنجي اسڪول ۾اھڙيون تقريبون منعقد ڪن ته جيئن ھن قسم جون صحتمند سرگرميون سنڌ جي، خاص طور تعليمي ادارن ۾ عروج ماڻين. ڇاڪاڻ جو نصابي سرگرمين سان گڏ ھھڙين ھم نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان به ٻارن جي وڏي تعليم ۽ تربيت ٿيئي ٿي.“ انور ابڙي جي ٻارن لاءِ لکيل ھن تقريرن ۽ خاڪن ۾ اسان جي تاريخ، قومي ڪردارن ۽ معاشرتي حالتن جو ذڪر نظر اچي ٿو. ھي ڪي عام تقريرون ناھن پر ھنن ذريعي ٻارن جي تربيت ٿئي ٿي. ھي عام لفاظي سان ڀرپور تقريرون ناھن پر ھنن تقريرن ۾ تمام ڪارائتا ۽ مقصد ڀريا سبق سمايل آهن. سندس لکيل تقريرن ۾ ٻارن کي اھو درس ڏنو ٿو وڃي ته پڙهي لکي غريبن جا ڀرجھلا ٿيو ۽ انسان دوست بڻجو. فرض شناس ۽ محنتي انسان بڻجو. ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري شاعر ۽ ٻاراڻي ادب جي به وڏي نالي ادل سومري جو لکيل آهي. مھاڳ ۾ ادل سومرو لکي ٿو ته ”انور ابڙي جا اھي شاعراڻا احساس، اداري جي اھميت کي اجاگر ڪن ٿا. ڪتاب ۾ شامل خاڪن جو موضوع به ٻارن جي تعليم ۽ تربيت آهي.“ ھن ڪتاب ۾ ھڪ خاڪو ”سبق اوندهه“ جي نالي سان به شايع ٿيل آهي جنهن ۾ سنڌ جي خاص طور تي ٻھراڙين جي اڄوڪي تعليمي صورتحال تي تنقيد ڪئي وئي آهي جيڪا حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي ته اسان تعليمي حوالي سان ڪيترو پوئتي آھيون. منهنجي خيال ۾ ھن ڪتاب ۾ اڃا ڪجهه وڌيڪ خاڪا ۽ تقريرون شامل ڪيون وڃن ھا ته بھتر ھو جيڪي مختلف شخصيتن يا ڏينهن جي حوالي سان ھجن ھا. ان باوجود به ھي ڪتاب ٻارڙن ۽ استادن لاءِ تمام بھترين ڪتاب آهي. جيڪو کين مختلف تقريرون ۽ خاڪا تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ان ڪري اھو ضروري آهي ته ھي ڪتاب سنڌ جي ھر اسڪول ۾ ٻارن جي ھٿن تائين پھچي.
**

سئو لفظ سئو ڪھاڻيون

”سئو لفظ سئو ڪھاڻيون“ نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آهي جيڪو تازو پيڪاڪ پبلشرز پاران شايع ڪيو ويو آهي. ھن ڪتاب جي منفرد ھجڻ جو ھڪ سبب اھو به آهي ته ھن ڪتاب ۾ جيڪي ھڪ سئو ڪھاڻيون موجود آهن انهن مان ھر ڪھاڻي ھڪ سئو لفظن تي مشتمل آهي.
سنڌي ادب ۾ ھن وقت محمد علي پٺاڻ صاحب ھڪ ته مسلسل لکندو رھي ٿو ۽ ٻيو وري ادب جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رھي ٿو. جنهن ۾ سندس ڪھاڻيون، ناول، ڊراما ۽ شاعري اچي وڃي ٿي. ھي ڪتاب به سندس حساسيت ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين تي گھري نظر جو ثبوت آهي.
مون جڏهن ھي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ته مون کي ھن ڪتاب ۾ موجود مني شارٽ اسٽوريز اسان جي سماج جو ايڪس ري محسوس ٿيون جن ۾ خاص طور تي اسان جي سماج ۾ ٿيندڙ براين ۽ ڪُڌين رسمن کي نه رڳو پڙھندڙن اڳيان وائکو ڪيو ويو آهي، پر انهن براين کي ننديو به ويو آهي.
ھي ڪھاڻيون اسان جي سماجي درد جون ڪھاڻيون آهن ۽ جيڪي اسان سڀني جي چوڌاري ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود آهن پر محمد علي پٺاڻ جھڙا ماڻهو انهن کي شدت سان محسوس ڪري، لفظن جو روپ ڏين ٿا. مان سمجھان ٿو انهن دردن کي لفظن جو روپ ڏيڻ به ته انهن سورن خلاف احتجاج آهي جيڪو يقينن تاريخ جي ورقن ۾ رڪارڊ تي رھندو.
ھن ڪتاب جي فليپ تي نامياري ڪھاڻيڪار بادل جمالي ۽ زرار پيرزادي جا ليکڪ ۽ سندس ڪھاڻين بابت رايا ڏنل آهن.
ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل ڪور تي امر لغاري ليکڪ بابت لکي ٿو ته ”محمد علي پٺاڻ جي سڃاڻپ اسان وٽ ترقي پسند ليکڪ جي آهي. ھو پنهنجين لکڻين ذريعي سماج جي اوڻاين ۾ ڦاٽل ڪپڙن يا ڀڳل روڊ جيئن چتيون ھڻڻ نٿو گھري پر سماج جو ذھين فرد ھجڻ جي ناتي سماجي روڳن جو علاج تجويز ڪري ان کي تبديل ڪرڻ گھري ٿو. سندس فليش اسٽوريز پڻ پنهنجن موضوعن ۽ جوھر ۾ مزاحمتي آهن.“
ھن ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻين ۾ اسان جي حڪمرانن جي لالچ ۽ لوڀ کي به طنزيا انداز ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، ته پيٽرول جا اگھ وڌڻ ڪري ٽرانسپورٽرز پاران مسافرن سان ٿيندڙ ويڌن کي به ڏاڍي ڏکاري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
سماج ۾ سھپ جو مادو ختم ٿي وڃڻ کي به ”ھوا جو رخ“ نالي ڪھاڻي ذريعي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ته ڪيئن اسان جا ماڻهو ننڍي ننڍي ڳالهه تي ھڪٻئي تي بندوقن جا فائر ڪندي به نٿا ڊڄن ۽ ڪيٻائين.
اسان جي سنڌ اڃا تائين به جرڳن جھڙي ڪڌي رسم جي ور چڙھيل آهي ۽ انهن جرڳن جي ڪري تمام گھڻيون جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ ڪيترين ئي زندگين جو جيئڻ عذاب ٿي پيو آهي. ان کي به ليکڪ ڪھاڻي جو حصو بڻايو آهي.
”جنازو“ نالي ڪھاڻي ۾ ٻن ڀائرن جي پاڻ ۾ ملڪيت تي ويڙهه ڏسي وئي آهي، جيڪا سندن پيءَ پٺيان ڇڏي ويو آهي ۽ مرڻ کانپوءِ سندس پٽ لالچ ۾ اچي لاش کي به لاوارث ڪري ڇڏين ٿا ۽ ان کي دفنائڻ وارو ڪو به ناهي. ھي ڪھاڻي انسان جي بيحس ٿي وڃڻ ۽ جانورن کان به بدتر ٿي وڃڻ جو احساس ڏياري ٿي.
ھنن ڪھاڻين ۾ جڳاڙي پي ايڇ ڊي اسڪالز جو به ذڪر آهي ته جڳاڙي اديبن ۽ شاعرن جو به ذڪر آهي جن کي رڳو ”واھ واھ“ ٻُڌڻ جي بيماري لڳل آهي.
ھنن ڪھاڻين ۾ نياڻين کي وڪرو ڪرڻ يا وري ٻُڍن سان پرڻائڻ واري مدي خارج ۽ بيڪار روايت کي به ننديو ويو آهي. ڪھاڻين ۾ فيس بڪ جو به ذڪر آهي، ته ھاف فرائي ٿيڻ جو به ذڪر آهي. بيروزگاري جو درد به آهي، ته وڻن جي وڍجي وڃڻ ۽ ماحول جي گندگي جو به ذڪر آهي.
ھن ڪتاب جو مھاڳ اختر جانوري جو لکيل آهي. ان ۾ ھُو لکي ٿو ته ” محمد علي پٺاڻ جون مڙئي ڪھاڻيون سماج جي دائمي رسندڙ ناسورن ۽ چڪندڙ ڦٽن بابت ئي آهن، جن جو ڄاڻي واڻي سعيو ڪري ڪو علاج نٿو ڪيو وڃي ته جيئن خلق پئي لوڙي ۽ پيڙجي.“
ھي ڪھاڻيون، ڪھاڻين سان چاھ رکڻندڙ پڙھندڙن کي ضرور پڙهڻ گھرجن ۽ ھن خوبصورت ڪتاب کي پنهنجي لائبريري جو حصو بڻائڻ گھرجي.
**

مُند بنا موتيا

شاعر سماج جو اھو فرد ھوندو آهي، جنهن ۾احساسن ۽ جذبن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت، ڪنهن عام ماڻهو کان وڌيڪ ھوندي آهي. ان ڪري اھا ڳالهه واضح آهي ته شاعر سماج جا حساس فرد آهن، جيڪي پنهنجي اندر جي اڌمن سميت سماج جي سورن ۽ دردن کي به جھونگارين ٿا. جنهن سان ھڪ ته سماجي براين توڙي سٺاين جي نشاندهي ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ عام خلق کي سوچڻ لاءِ به گھڻو ڪجهه ملي ٿو. منهنجي نظر ۾ ھڪ سٺو شاعر ھڪ سماجي سائنسدان وانگر آهي، جنهن جو سماج جي نبض تي ھٿ ھوندو آهي. ھو پنهنجي صلاحيتن ذريعي سماجي سوچ ۾ وڏي اٿل پٿل آڻي سگهي ٿو.
سنڌي شاعري ڏاڍي ڀاڳوند رھي آھي، جو ھن کي تمام سٺا شاعر مليا آهن. جن جا ٻول ماڻهن جي جذبن کي گرمائيندا ۽ ساھن کي مھڪائيندا رھندا آهن. ھن وقت به سنڌ ۾ شاعري تمام گھڻي پئي لکجي پر منهنجي ذاتي راءِ اھا آهي ته ان شاعري ۾ اڪثريت اھڙي شاعري جي آهي، جنهن ۾ رڳو لفاظي ملي ٿي ۽ خيالن جي گھرائي بلڪل به ناھي. ان جو ھڪ سبب شاعرن ۾ مطالعي ۽ مشاھدي جي کوٽ به آهي. ان باوجود به سنڌ ۾ ڪجهه اھڙا شاعر آهن، جن کي پڙهي نه رڳو دل کي سڪون ملي ٿو پر دماغ کي سوچڻ لاءِ به گھڻو ڪجهه ملي ٿو. انھن ڪجهه شاعرن ۾ سرواڻ سنڌي به آهي، جنهن جو تازو شايع ٿيل شاعري جو مجموعو ”مند بنا موتيا“ ھن وقت منهنجي ھٿن آهي. سرواڻ جي پھرين شاعري جي مجموعي ”ھنج نه آيا ھيل“ وانگر ھي شاعري جو مجموعو پڙهڻ کان پوءِ تمام گھڻي خوشي ٿي ٿيئي ته شاعري ايڏي خوبصورت ٿيندي آهي.
سرواڻ جي ھن ڪتاب جو نالو جيڏو ڀلو آهي، ايڏو وري نسٽ يونيورسٽي پريس اسلام آباد وارن شايع به سھڻو ڪيو آهي.
ھن مجموعي ۾ غزل وايون، دوھا، نظم، گيت ۽ ان سان گڏ روپلو ڪولھي تي منظوم ڊرامو به شامل آهي.
ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري شاعر سرمد چانڊيو جو لکيل آهي، جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته ”سرواڻ جو ڪوتا ناٽڪ روپلو ڪولھي ھڪ انمول ناٽڪ آهي. ھولي جي گيت سان ناٽڪ شروع ٿيئي ٿو. شاعر جا خوبصورت ٻول آهن. شيخ اياز جي شاھڪار اوپيرائن کانپوءِ امر نموني پيش ڪرڻ ھر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ ائين صرف اھو تخليقڪار ئي ڪري سگهي ٿو. جنهن وٽ فن، فڪر ۽ ڏات ڏھوڻي ھجي. سرواڻ امر اوپيرا لکي پنهنجو ڪلاس ٻڌائي ڇڏيو آهي.“
شاعر پاران ۾ سرواڻ ڪيڏي نه بي باڪي سان ھي خوبصورت ۽ سچي ڳالهه لکي ٿو ته ”آئون سرواڻ آھيان ۽ پنهنجي ان سڃاڻپ سان پنهنجي دور جو شاعر رھڻ پسند ڪندس ۽ آئون جيڪڏهن سرواڻ رھي پنهنجي سڃاڻپ برقرار نٿو رکي سگھان ته پوءِ مونکي ٻين جي جتي ۾ پير وجھي سفر ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي ۽ پوءِ اسان کي پنهنجي اڳ وارن شاعرن تي گذارو ڪرڻ گھرجي، جيڪي پنهنجي دور ۾ تخليقي ۽ معياري ڪم ڪري ويا آهن ۽ انهن کي به ان ثاني واري لڙھي ۾ پروئي سندن ڪم تي منڌيئڙو نه پائڻ گھرجي.“
سرواڻ جي غزلن جا ڪجهه بند ھتي لکان ٿو، جنهن مان سندس خيال جي اڏام جي پروڙ ڪري سگهجي ٿي.
اڏامون ٿا ھوايئن ۾، پتنگ وانگر جليا آھيون،
چوين ھا تون اشارن ۾، اوھان جي ڀر وسايون ھا.
پنهنجي مٽي سان پيار جو اظهار ڪيڏو نه وڻندڙ آهي
مون کي مٽي جي خوشبوءِ، ساھن ۾ سانڍڻي آ،
مون کي ڀلي نه ڳايو، پنهنجي مٽي ته ڳايو.
حساس شاعرن وٽ پنهنجي وطن سان محبت جو جذبو به بي انتھا ھوندو آهي. سرواڻ جي اھڙن احساسن کي ھنن سٽن ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو
لال لھو جا قطرا ڪرندا راھ مٿي،
۽ ھي سنڌڙي توتان سرڙو وارينديون.
يا وري ھي بند
رت ۾ ريٽا ڳڀرو ھوندا سولين تي،
ڏسندي سون مياڻ رڳو ڪجهه رھنداسين
يا وري ھڪ غزل جو ھي بند
سنڌڙي کي سرواڻ کپن ٿا جيڪي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرن
پنھنجا حق ڦٻايا ويندا آمر ھٿ اصول جيئان.
سرواڻ جو رومانٽڪ انداز پڙهي ڏسو ڪيڏو نه دلفريب آهي.
سانوري کولي چڳون آرس ڀڳي،
۽ گھٽا ٻوڙيون گھڙيون سڀ ننڊ جون.
سرواڻ جي گيتن جو به پنهنجو حسن آهي، جنهن ۾ ڌرتي سان پيار جي ڌيءَ کي نصيحت به ڪري ٿو ۽ دعا به ڪري ٿو.
جھڙي ڌرتي سونهن سراپا تھڙو ئي آڪاس،
جھڙا پنھنجا ڳوٺ اڃايل تھڙو ئي بنواس،
ھا پر ڳالهه اھا ئي رھندي جنهن ۾ آ وشواس،
شال رھئي احساس او ڌيئڙي! شال رھئي احساس.
سنڌ ۾ تعليم جي تباهي ۽ اسڪولن جي افسوسناڪ صورتحال به شاعر جي سوچن جو حصو آهي ڪجهه ھن طرح
دنيا جي نقشي تي آھيون، توڻي جو ڪاڪول جيئان،
ھا پر اندران اجڙيل آھيون، سنڌڙي جي اسڪول جيئان.
پنهنجي محبوب کي ڏوراپي جو انداز ڏسو
اسان کان وڇوڙو وساريو نه ٿيو،
اوھان کان ته ڳوڙھو به ھاريو نه ٿيو.
۽ وري پڇتاءَ جو احساس ڪجهه ھن طرح
سڄي راھ طوفان ڪاري گھٽا
سکي جي چڳن کي سنواريو نه ٿيو.
ماده پرست دنيا ۾ جدت جي نالي ۾ ڪيڏو نه ڪلور ڪيو ويو آهي، ان تي سرواڻ لکي ٿو ته
بک ساڳي ڏک ڀي ساڳيا قديم،
بس رڳو دنيا جديد ٿي ويئي.
سنڌ جيڪا امن جو آشيانو رھي آهي ان ۾ به انتھاپسندي وڌندي وڃي ٿي.
ڇا ٿيو ھي اوچتو سنڌڙي اندر،
سوچ ماڻهن جي يزيد ٿي ويئي.
ھڪ وائي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ بارشن جي نه پوڻ ۽ اڃ جي درد جو احساس ھن طرح بيان ڪري ٿو
ھيل نه آيون بارشون،
ماڪ به کاڌي مات،
اڃ اسان جي ڪانه ويئي!!
ٻئي وايئي ۾ پيٽ بکايل ٻارن جي معصوميت ۽ ڇاتيون سڪل ماءَ جي بيوسي جي ڪٿا پڙهي ڏسو.
پيٽ بکايل ٻارڙا ٿڃ بنا ڇاتيون
رت اڀاڳي آيئڙي!!
عقل جي انڌن لاءِ به سبق آهي
انڌن اچي شھر مان
آئينا ورتا.
اک نه ورتي روشني!!
اھڙي طرح ھن ڪتاب ۾ نظمن وارو ڀاڳو به شاندار آهي جنهن ۾ سرواڻ جي بي باڪي وارو انداز نمايان آهي. ھن وقت دشمن کي للڪاري ۽ نھايت يئي بھادري سان شايد ڪو لکندو ھجي جيئن سرواڻ لکي ٿو.
مان سندس نظم مان ديس جي درد، اسان جي ناداني ۽ ڀوتار جي حرامخوري جي عڪاسي ڪندڙ ڪجهه سٽون مثال لاءِ ڏيان ٿو. اھي پڙهي اندازو لڳايو ته سرواڻ جيڏو نه ڪمال ڪيو آهي.
سورج چڙهندي ڪجهه سپاهي،
تاريخي بستي کي ڊاھي،
مزدور کي گار ڏين ٿا،
گولين جا آواز اچن ٿا،
لاوارث انسان ٿين ٿا،
۽ پوءِ وقت وري ٿو جنهن پل،
ساڳيا پنھنجا بوٽ کڻن ٿا،
پاڻ به تن کي ٻک وجھون ٿا،
بابا! بابا! سائين چئون ٿا!!!
روپلي ڪولھي واري منظوم ناٽڪ ۾ روپلي ۽ سندس ساٿين جي سرڪشي ھن طرح بيان ٿو ڪري
اونچي ڳاٽ اونچي ڳاٽ!
پاڻ اچون ٿا ڦاهي گھاٽ!
اھڙي طرح ھي شاعري جو ھي ھڪ ڀرپور مجموعو آهي جنهن ۾ وطن ۽ محبوب جي سونهن ۽ ماڻن جو ذڪر آهي ته ديس جي دردن جي به عڪاسي آهي. بکايل ٻارن ۽ بيوس امڙين جون آھون ۽ دانھون به آهن. مدي خارج رواجن کان بغاوت به آهي ته دشمن کي للڪار به آهي.
مان اھڙي شاندار ڪتاب تي شاعر کي واڌايون به ڏيان ٿو ۽ اھا اميد به ڪريان ٿو ته سرواڻ جو ھي مجموعو پڙھندڙن ۾ ڀرپور موٽ ماڻيندو جنهن جو شاعر حقدار به آهي.
**

سامين سمر سُور

محترم محمد علي پٺاڻ جو تازو ڇپيل ڪتاب ”سامين سمر سُور“ جيڪو ھڪ مِني ٽي وي ڊراما سيريل آهي، جيئن ئي منهنجي ھٿن تائين پھتو ته مون کي سنڌي ڊرامي جي اوج وارو زمانو ياد اچي ويو. جڏهن بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي تي سڄو ڳوٺ گڏ ٿي وڏي چاھ سان ڊرامو ڏسندو ھو ۽ ان ڊرامي جي ھفتي ۾ ھڪ ئي قسط نشر ٿيندي هئي. ان وقت ڪيڏا نه شاھڪار ڊراما نشر ٿيندا ھيئا، جيڪي سنڌي سماج جي حقيقي عڪاسي ڪندا ھيئا. ھي ڪتاب پڙهڻ سان مون کي سنڌ جا اھي ناميارا اديب به ذهن تي تري آيا، جن ان وقت تمام شاندار ڊراما لکيا جن ۾ علي بابا، رزاق مھر، شميرالحيدري، قمر شھباز ۽ انهن سان گڏوگڏ امرجليل، عبدالقادر جوڻيجو، حفيظ ڪنڀر، رحمت الله ماڃوٺي شامل آهن. ان وقت منظور قريشي، فيض ٻگھيو ۽ محمد بخش سميجي جھڙا پروڊيوسر ڊراما پروڊيوز ڪندا ھئا. ڇا ته زمانو ھو....
سو محمد علي صاحب جو ھي ڪتاب اھي سموريون يادون تازيون ڪري ويو آهي. ھن ڊرامي ذريعي ليکڪ وڏي ڪاريگري سان اسان جي سماج جي ڪيترن يئي پاسن کي ڇُھڻ جي ڪوشش ڪئي آٓهي. جنهن ۾ غربت، لالچ، بيروزگاري، ناانصافي، رشوت، وڏيرا شاھي، جھالت جھڙن مرضن کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئي آهي. وڏي ڳالهه ته ڊرامي جي پڇاڙي وري به سچ جي فتح سان ٿئي ٿي.
ھن ڊرامي جا اھم ڪردار رمو جوڳي ۽ ليمون فقير آهن. جڏهن ته ھن ڊرامي جا ٻيا ڪردار نوري (ليمي فقير جي زال)، کاتو (رمو جوڳي جي زال)، سجني (رمو جوڳي جي ماءُ)، ٻه ٻار (رمو جوڳي جا)، وڏيرو امام بخش، ڪمدار نورل، سردار جوڳي، پوليس جمعدار، ٻه سپاهي ۽ ڪجهه ماڻهو آهن.
ھي ڊرامو پنجن قسطن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اھو ڏسيو ويو آهي ته ھڪ جوڳي جنهن جي گذرسفر جو واحد ذريعو ھڪ نانگ آهي. سو ھڪ موالي چوري ڪري ٿو وڃي ۽ اھو نانگ چوري ٿيڻ سان جوڳي بيچين ۽ بيروزگار ٿي ٿو پوي. اھو نانگ وري ھڪ موالي ٿو چوري ڪري جيڪو پڻ بيروزگار آهي ۽ کيس نشي خريد ڪرڻ جا جڏهن ڪٿان پيئسا نٿا ملن ته ھو پئسن جي لالچ ۾ جوڳي جو نانگ چوري ڪري ٿو جيڪو پوءِ سندس مٿي جو سور بڻجي پوي ٿو. موالي جي زال موالي کي سمجهائيندي رھي ٿي ته چوري ڪيل نانگ واپس ڪر پر ھو پنهنجي زال جي ڳالهه نٿو مڃي. جيئن اسان جي سماج ۾ روايتي طور تي ٿيندو آهي ته عورت ڪيڏي به سٺي ڳالهه ڪري پر ان جي ناهي ٻڌڻي. سو موالي به ائين ڪري ٿو.
چوري واپس ڪرائڻ لاءِ جوڳي جڏهن وڏيري وٽ ٿو وڃي ته وڏيرو روايتي فيصلو ڪندي موالي کي بيقصور قرار ٿو ڏي ۽ جوڳي کي انصاف نٿو ملي. پوليس به کيس تڏهن انصاف ڏياري ٿي جڏهن ھو ان کي رشوت ڏي ٿو.
ھن ڊرامي جي ھڪ نرالي ڳالهه اھا به آهي ته ھن ۾ جوڳي انهن جي پنهنجي ٻولي ۾ ھڪٻئي سان مخاطب ٿين ٿا. جيڪا ٻولي پڙھندڙ کي ڪافي مزو ڏي ٿي. ڊرامو پڙھندي توهان کي ايئين محسوس ٿيندو ته ڄڻ توهان ڊرامو سامهون ڏسي رھيا آھيو. جيئن ته ھي ھڪ پنجن ڏينهن جي مني ڊراما سيريل آهي جيڪا اڃا ٽيليڪاسٽ ناهي ٿيل پر ھي ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ يقينن ڪو پروڊيوسر ھن کي ٽيليڪاسٽ ڪندو.
اسان وٽ ڊرامن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي روايت تمام گھٽ آهي. پر اتي اھو سوال به جنم وٺي ٿو ته اڄڪلهه اسان وٽ ڊرامو رڳو ڌاڙيلن جي ويڙهه، ڪاروڪاري ۽ سس ننھن جي جھيڙي تائين محدود ٿي ويو. ته اھو ڊرامو ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جھڙو يئي ناهي ۽ ٻيو ته اڄ جا اڪثر ڊراما لکندڙ ڪي اديب يا ليکڪ ناھن جو اھڙا ڊراما لکن. اتي محمد علي پٺاڻ جھڙا ليکڪ وري به ھن قسم جي شاندار ڪوشش ڪري سنڌي ڊرامي کي نواڻ بخشين ٿا.
ڪجهه سال اڳ طارق عالم ابڙي صاحب جي به يادگار ڊرامن کي چنڊ رھين ٿو دور جي نالي سان ڪتابي شڪل ڏيئي شايع ڪرايو ويو آهي جيڪا ھڪ بھترين ڪوشش آهي. ان سان ڊرامي سان چاھ رکندڙ ماڻهن کي سٺو مواد ملي ٿو وڃي ۽ اھي ڊراما تاريخ جو حصو ٿي ٿا وڃن. جن جا ڪردار اسان جي سماج ۾ ئي موجود آهن. سو محمد علي پٺاڻ به ان نرالي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي.

**

چونڊ شاھڪار ڪھاڻيون

ادب جي دنيا ۾ ترجمي جي وڏي اھميت رھي آھي. ڪنهن به ٻولي کي ٻي ٻولي ۾ بھتر طريقي سان ترجمو ڪرڻ جو مطلب اھو آھي جو ترجمو ڪندڙ ٻنھي ٻولين ۾ سٺي ڄاڻ رکندو ھجي، جو اھا لکڻي پڙھندڙ کي ترجمو ٿيل نه بلڪه اصل ان ٻولي جي ئي لکڻي لڳي.
سنڌي ادب ڪافي سٺا ترجما ٿيندا رھيا آھن پر پوءِ سٺي ۽ معياري ادب جي ترجمي جي سنڌي ۾ کوٽ محسوس ٿيندي رھي آھي.
محترم جھانگير عباسي سنڌي ادب جو اھو خدمتگار آھي، جيڪو مختلف وقتن تي معياري ادب کي سنڌي ۾ نھايت سھڻي نموني ترجمو ڪري پيش ڪندو رھي ٿو. منهنجي مطالعي مان ھن وقت سندس ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو مجموعو گذريو آهي جيڪو سندس اڳ ترجمو ڪيل ٻن ٻين ڪتابن وانگر شاندار آھي.
سندس ترجمو ڪيل نھايت سھڻين ڪھاڻين کي مارئي اڪيڊمي ”چونڊ شاھڪار ڪھاڻيون“ جي نالي سان شايع ڪرايو آھي. ھن خوبصورت ڪتاب ۾ ڪل تيرھن ڪھاڻيون شامل آھن. جيڪي مختلف وقتن تي مختلف ٻولين ۾ لکيون ويون. جن کي پڙهڻ سان اھو محسوس ٿو ٿئي ته اھي ھن وقت جي عڪاسي ۽ منظرنگاري ڪندڙ ڪھاڻيون آھن. ھنن ڪھاڻين ۾ ھندي ترڪي مصري اردو مراٺي پنجابي ۽ مليامينم جون ڪھاڻيون شامل آھن جن کي عباسي صاحب ترجمو ڪري ھڪ ھنڌ گڏ ڪري سھڻي ڪتاب جي صورت ۾ پڙھندڙن آڏو پيش ڪري تمام ڀلو ڪم ڪيو آھي.
ھن ڪتاب جي پبلشر نوٽ ۾ سڪندر ملاح صاحب لکي ٿو ته ”سنڌي ٻولي جي ھن عظيم سنڌيڪار ٻئي ادب جي معياري لکڻين کي انتھائي سھڻي انداز ۾ سنڌي لفظن جو ويس پھرائي سنڌي ادب ۾ ترجمي جي اھميت ۾ اضافو ڪيو آھي. ترجمو ڪرڻ وارا تخليقڪار پنهنجي مشاھدي مان چون ٿا ته ”ترجمي ڪرڻ جو عمل ٻيھر تخليق ڪرڻ برابر آھي.“ تنھن ڪري مترجم کي ٻي ٻولي جي فطرت، مزاج ۽ ان جي ادبي سڀاءَ جي واقفيت ھجڻ گھرجي ۽ اھي سڀ خوبيون سائين جھانگير عباسي جي تحرير ۾ موجود آھن.“
مترجم پاران ۾ جھانگير لکي ٿو ته ”ڪھاڻي لکڻ ۾ جڏھن ڍرائپ ايندي آهي ته وري اھڙين ڪيترين ئي پڙھيل شاندار ڪھاڻين جا ڪردار ذھن جي ڪينواس تي ڪر موڙي جاڳي پوندا آھن، جيڪي سڀ جو سڀ ترجمو ڪرڻ تي دل چوندي آھي.“
ڪتاب جي فليپ تي ليکڪ بابت رضوان گل ۽ رياضت ٻرڙي جا ڪمينٽ ڏنل آھن ۽ ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري ليکڪ ۽ مترجم نواز خان زئور لکيو آھي. مھاڳ ۾ لکي ٿو ته ”جھانگير عباسي جو ترجمو ڪيل ھي ڪتاب ”چونڊ شاھڪار ڪھاڻيون“ ڏاڍو اھم ڪتاب ثابت ٿيندو. گڏوگڏ ھن ڪتاب سان ھڪڙي مترجم طور سندس سندس سڃاڻپ وڌيڪ پڪي پختي ۽ مضبوط ٿيندي. سٺو ڪم ھميشه ياد رھندو آھي ۽ ڪرڻ واري جا گڻ پيا ڳائبا آھن. سو آئون ڀانيان ٿو ته جھانگير جي ھن ڪم کي ھميشه ياد رکيو ويندو.“

ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل راز شر صاحب جو لکيل آھي. جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته ”جھانگير عباسي بنيادي طور تي اردو جو پروفيسر آھي، اردو توڙي سنڌي تي کيس وڏي مھارت حاصل آھي. سنڌ ۾ اھڙا تمام گھٽ ماڻھو ھوندا جيڪي ٻئي زبانون بامحاورا ڳالھائي ۽ لکي سگھندا ھوندا.“
ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻولي جا تمام وڏا ۽ مشھور ليکڪ آھن جن ۾ ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي جو مدھوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو جي ڪرشن چندر ۽ گلزار کان علاوہ ٻيا ڪجهه ليکڪ ۽ ھندي جو منشي پريم چند به شامل آھي. اھي سمورا ليکڪ پنهنجي فن جا ماھر ۽ تمام گھڻا پسند ڪيا ويندڙ ليکڪ آھن. مترجم ھڪ ٻيو به ڀلو ڪم ڪيو آھي جو ھر ڪھاڻي کان پھرين ان جي ليکڪ جو تعارف ڏنو آھي. ان سان ھن ڪتاب جي خوبصورتي ۾ ويتر اضافو ٿي ٿو وڃي.
**

منهنجي من اندر جون ڳالھيون

علامه آءِ آءِ قاضي صاحب اسان کي ڪيڏي نه شاندار نصيحت ڪئي آھي ته ”اسان مان ھر ھڪ فرد کي زندگي جي ڪھاڻي کي لکڻ گھرجي. جيڪا وڏو ادبي سرمايو ثابت ٿيندي.“ واقعي اھا حقيقت آھي، ھر ماڻھو پنھنجي پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ منفرد ۽ مختلف آھي، جيڪڏھن ھو پنهنجي روزمرھ جي زندگي بابت سچي دل سان لکي ٿو ته سندس اھا ڪٿا تاريخ جو حصو ٿي وڃي ٿي. جنهن مان ڪافي ماڻهن کي نوان گس ۽ پيچرا ملي سگھن ٿا.
مختلف ماڻهن جون آتم ڪٿائون، مون لاءِ دلچسپي جو سبب ھونديون آھن. انهن مان به وڌيڪ اھي ڪٿائون وڻنديون اٿم، جن ۾ ليکڪ وڏي سچائي ۽ بيباڪي سان حقيقتن تان پردا کڻندي، پنھنجو پاڻ کي به بخش نه ڪيو ھجي. اھڙين آتم ڪٿائن مان ھڪ ڪٿا گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهنجي مطالعي ھيٺ رھي، اھا آھي استاد مٺل حيدري چانڊيي جي آتم ڪٿا، منھنجي من اندر جون ڳالهيون. جنهن کي اڄ پڙھي مڪمل ڪيم ۽ سوچيم ته دوستن سان ٻه اکر شيئر ڪريان.
استاد حيدري چانڊيي سان جڏهن به ملبو آھي ته سندس ھر لفظ، ھر اَدا ۽ ھر عمل ۾ محبت ئي سمايل ھوندي آھي. ڳالهه ڳالهه تي وڏا ٽھڪ ڏيندڙ ۽ ڀٽائي جا بيت ٻڌائيندڙ ھن زندگي سان ڀرپور شخص جي آتم ڪٿا به ٽھڪن، لڙڪن، پيڙائن، محبتن، حوصلي ۽ جذبي سان ٽمٽار آھي. جنھن ۾ ھن نه رڳو پير پرستي کي ننديو آھي پر ان خلاف سندس جدوجهد جا قصا به بيان ڪيا اٿس. جتي ھن جي شادي به پاڻ کان تمام ننڍي عمر جي ڇوڪري سان ٿئي ٿي ته ان تي به ھي پنهنجي مائٽن سان احتجاج ڪري ٿو ته توھان ھي ڪھڙو ظلم ڪيو آھي ۽ ان واقعي تحت سنڌ جي اڪثر ٻھراڙين ۾ ٿيندڙ ننڍي عمر جي شادين ۽ بي جوڙ شادين کي نندي ٿو. ھي بھادر مڙس پنهنجي نوڪري دوران پنهنجي بالا آفيسرن کي سچ چوڻ کان به نٿو ڪيٻائي.
ھن کي ته ورھاڱي کانپوء ھتان ھليو ويندڙ اھو گھورڙيو به نٿو وسري جنهن کان کيس سندس ڏاڏي ڀڳڙا وٺي ڏيندي ھئي، ان کي ياد ڪندي ھي اڏول شخص روئي ٿو پوي. پاڻ ورھاڱي جي ڏک جو اظھار ڪندي لکي ٿو ته ” اڄ به ساڙھي سان گڏ چنڊ چھري واري نرڙ تي تلڪ جو ڳاڙھو نشان لڳل ڪاٺياڻي ڏسندو آھيان، ته مون کي پنهنجو پراڻو وقت ياد اچي ويندو آھي، جڏھن اسان جا ھم قوم سنڌي ھندو سنڌ ۾ رھندا ھئا ۽ شاھ سائين جو ھي بيت دل تي تري ايندو آھي ته؛
بيکارِيءَ کي بَر ۾، ويو ڪَيف چڙھي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙھا پيس ڳڙي،
ڪا جا انگ اڙي، جيئن ڇٽا فٽ ڇڙي پيا.“

حيدري سائين، پيشي جي لحاظ کان استاد رھيو آھي، پنھنجي سروس دوران ھن سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ پڙھايو. سندس ڪٿا جو تقريبن وڏو حصو سندس سروس دوران پيش ايندڙ واقعن تي مشتمل آھي، جيڪي پڙهي ماڻھو ٽھڪن ۾ ٻڏي ٿو وڃي. ھي ايڏو باضمير استاد آھي، جو ھڪ وقت ڪنهن شاگرد کي سبق ڪچو ھجڻ ڪري مار ڏئي ويٺو، جنھن جو پوء کيس شديد ڏک ٿيو ۽ پاڻ ان شاگرد کان معافي ورتائين. پاڻ لکي ٿو ته پنجاهه سال ان ڳالهه کي گذري ويا آھن پر مون کان اڄ به اھو واقعو نٿو وسري ته مون شاگرد کي مار ڏني. اڄ به پنهنجي پاڻ سان اندر ۾ جٺ ڪندو آھيان ته مون ھي ڪيڏو وڏو ڏوهه ڪيو. اڄ به جڏهن ساڻس ملجي ٿو يا ننڍڙن ٻارن سان ورتاء ڏسجي ٿو ته اھو ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ وارو آھي. پاڻ کان ننڍن سان جڏهن ھي سنڌي ٽوپي پھريل شخص منھنجا ٻچا چئي مخاطب ٿيندو ته سچ پچ محبتن جو امين لڳندو آھي.
ھي محبتي ماڻھو پنهنجي اولاد سان به بيپناھ پيار ڪري ٿو، ان حوالي سان ھڪ واقعو لکي ٿو ته سندس ننڍڙي نياڻي سورٺ جيڪا شديد بيمار ٿيڻ کان پوء ھي جھان ڇڏي ٿي وڃي ته ھي روئي سندس لاش سان مخاطب ٿو ٿئي ته منھنجا ٻچا مون کي معاف ڪجان، مان غربت ھجڻ ڪري تنھنجو سٺو علاج به نه ڪرائي سگھيس.“
پنهنجي مزاج ۾ حسن پرست ۽ عاشقانه مزاج رکندڙ استاد حيدري پنهنجي پيار جي سلسلن، اندر جي اڌمن کي به وڏي بيباڪي ۽ وڻندڙ انداز ۾ بيان ٿو ڪري. جيڪي پڙھندڙن ۾ دلچسپي پيدا ڪن ٿا.
سندس ڪٿا سنڌ جي ان وقت جي خوشحاڪ دور جي تاريخ جو ھڪ حصو آھي. جڏهن اوطاقون آباد ھيون ۽ عام ماڻهو به خوشحال ھو. افسوس جو اڄ جو عام سنڌي اٽي لپ لاءِ به پريشان ۽ بيوس آھي.
ايلسا پبليڪشن پاران ڇپايل ھن آتم ڪٿا جو مھاڳ علي نواز آريسر لکيو آھي. جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته ”استاد حيدري پنهنجي مزاح طبيعت جا به ڪيترائي داستان چِٽيا آھن، جيڪي دلچسپ تہ آھن ئي آھن، پر انهن ڳالهين کي پڙھندي ھڪڙي اھا ڳالهه بہ سمجھ ۾ اچي ٿي تہ اڄ کان ٽيھارو سال اڳ واري سنڌ سھپ ۽ رواداري واري سنڌ ھُئي، اڄ جي دور ۾ ڪير ٿو اھڙا ڀوڳ چرچا برداشت ڪري!“
استاد حيدري سندس ڪٿا ۾ سائين جي ايم سيد ۽ عبدلواحد آريسر سان سندس دوستي ۽ نيازمندي کي ڏاڍي پياري انداز ۾ بيان ڪيو آھي. سندس ڪٿا جا اھي باب به پڙھڻ وٽان آھن.
استاد حيدري کي شابس آھي جو پاڻ ھن ڄمار ۾ به لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مصروف رھي ٿو ۽ دوستن لاءِ سندس دل جا در ھر وقت کليل رھن ٿا ۽ پاڻ وڏا ڀاڪر پائي، کين چميون ڏئي ڀٽائي جي بيتن سان سندن آجيان ڪري ٿو.
ھي ڪٿا پڙهڻ کان پوء مون کي شدت سان اھو احساس ٿو ٿئي ته اسان جي چوڌاري ڪيڏا نه وڏا ماڻهو لڪل ھيرن جي صورت ۾ موجود آهن جن جو اسان کي قدر ڪرڻ گھرجي ۽ سندن روشن خيالي ۽ فڪر کي عام ڪجي. اسان کي قدر سدائين ماڻهو جي مرڻ کان پوءِ ٿيندو آھي. سندس حياتي ۾ کيس گھربل عزت ۽ پيار ناھيون ڏيندا. جيڪا ڏاڍي افسوس ۽ ڏک جي ڳالھ آھي.
سنڌ ۾ يقينن اھڙيون کوڙ ھستيون موجود آھن، جيڪي جيڪڏھن پنهنجي آتم ڪٿا لکن ته قوم تي سندن اھو وڏو احسان ھوندو. ڇو ته سندن ڪھاڻيون ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اتساھ ۽ علم جو سبب بڻجي سگھن ٿيون.
** 

ڪتاب: ”دنيا کان اڳتي“ تي ھڪ نظر

جيئن ھر شخص ڪھاڻي آ، تيئن ھر ھڪ لمحو، ھر ھڪ درد، ھر ھڪ ٽھڪ، ھر ھڪ خوشي، ھر ھڪ غمي، ھر ھڪ معصوميت، ھر ھڪ ادا، ھر ھڪ اميد، ھر ھڪ آھ، ھر ھڪ دانهن سميت دنيا جي ھر ونھوار ۾ ڪا نه ڪا ڪھاڻي سمايل آھي. عام ماڻھو شايد انھن لڪل ڪھاڻين کي محسوس نه ڪري سگھي پر ھڪ حساس ليکڪ دنيا جي ھر ھڪ لمحي کي حساسيت سان نه رڳو محسوس ڪري ٿو پر ان کي لفظن جو روپ ڏئي پڙھندڙن تائين پھچائي ٿو. منهنجي سامھون ھڪ اھڙو ڪتاب آھي، جنھن جو ليکڪ به اھو ھنر خوب ڄاڻي ٿو ته اسان جي آسپاس موجود ڪھاڻين کي ڪيئن محفوظ ڪجي ته جيئن اھي عام پڙھندڙن سان گڏوگڏ وس وارين ڌرين تائين به پھچن ته جيئن من ڪو دردن جو درمان ٿئي.
سو اھو ڪتاب آھي ” دنيا کان اڳتي“، جيڪو ڪھاڻين جو مجموعو آھي ۽ ان جو ليکڪ ناليوارو ڪھاڻيڪار محمد علي پٺاڻ صاحب آھي. محمد علي پٺاڻ جون ڪھاڻيون ھر ھفتي ڪاوش اخبار ۾ ڇپبيون رھن ٿيون، جيڪي اسان جي سماج جي ڪرنٽ افيئرز جي ترجماني ڪن ٿيون. اھي ڪھاڻيون پڙھڻ سان اسان پنهنجي سماجي جوڙجڪ کي ڏاڍي سٺي نموني سمجھي سگھون ٿا. ھن ڪھاڻين ۾ تڪليفون ڀوڳيندڙ عورتن جو به ذڪر آھي ته بيروزگاري ۽ بک جو به ذڪر آھي. نوجوانن جو به ذڪر آھي ته اسان جي تعليمي نظام جو به ذڪر آھي، وڏڙن جو به ذڪر آھي ته ننڍڙن جو به ذڪر آھي. مريضن جو به ذڪر آھي ته ڊاڪٽرن جو به ذڪر آھي. محمد علي صاحب رڳو اھا سورن جي پچار نٿو ڪري پر ھو ته انھن دردن جي درمان جا حل به ٻڌائي ٿو جيڪو سندس فن کي چار چنڊ لڳائي ٿو ڇڏي.
ھن ڪتاب ۾ ٽوٽل 66 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن، جيڪي فليش فڪشن واري ڪئٽيگري ۾ اچن ٿيون. ھن ڪتاب ۾ ”بابي جو نالو“ جي عنوان سان ھڪ ڪھاڻي ۾ ليکڪ وڏي ڪمال سان اسان جي ھن سماجي سوچ جي عڪاسي ڪئي آھي ته ڪيئن اسان جو عام ماڻھو پٽ کي ئي اولاد سمجھي ٿو ۽ نياڻي جي ھن وٽ ڪا اھميت ناھي. پٽ پيدا ڪرڻ جي خواھش ۾ ھو ٻار تي ٻار پيدا ڪري ھڪ ته آدمشماري وڌائي ۽ وسيلن تي بوجھ ٿي، سڄي سماجي سرشتي کي لوڏي ٿو ڇڏي ۽ ٻئي پاسي پاڻ به ان قابل ناھي جو ايترن ٻارن جو رڳو پيٽ پالي سگھي. ڪھاڻي ۾ ھڪ عورت ٻي عورت کي طعنو ڏيندي چوي ٿي ته ” جي گھٽ ٻار ڄڻيو ھا، ته ھيئن ھيڏي تڪليف ۾ نه ھجو ھا ڀيڻ، ٻئي زال مڙس ڪيڏي ھلاکي ٿا ڪيو، مڙسھن کي برياني ته توکي سيبي جو ڪم، ٻه رپيا اچن به ٿا، پوءِ به قصو پوئتي آ. اسان وانگر ٻه ٻار ڄڻيو ھا، ته ڏکي ۾ به ايڏا ڏک نه ملنوَ ھا....“
”بس ادي، جيڪو مقدر ۾. رات ته اڃا مڙسالوءِ چوي پيو ته بس رڳو باقي ھڪڙو پٽڙو ڄڻي ڏي ته بابي جو نالو رکانس!....
حڪومتي نااھلي ان حد کي اچي پھتي آھي جو ھاڻي قبرستانن تي به قبضا شروع ٿي ويا آھن. ”سي سي ڪيمرائون“ ڪھاڻي ۾ محمد علي صاحب لکي ٿو ته ”حڪومت سجاڳ آ سائين، ننڊ ۾ اسان آھيون. خبر تڏھن ٿي پئي، جڏھن ڪو مري ٿو، ته مقامن ۾ وڃي ڏسجي ٿو ته قبضا ئي قبضا. قبر ڪونه. پوءِ ڏوڪر ڏئي جڳاڙ سڳاڙ ڪري قبر حاصل ٿي ڪجي نه ته رڳو ان مان ميت ڪڍي ليبارٽين ۽ عاملن وٽ ائين ڀڳڙن مٺ تي کپايا وڃن ٿا، پوءِ قبر به تين وال ڪئي وڃي ٿي.“
تبديلي سرڪار جي ڀڀڪين کي به ” آڏو آڏو ٽر....“ ڪھاڻي ۾ ھن طرح وائکو ڪيو اٿس. ”اڙي ادا، مون کي ان جي خبر آ. اخبار ڀلي نه پڙھندو ھجان پر ٽي وي ڏسندو آھيان. انھي جنھن خان جي تون ڳالهه پيو ڪرين نه، اھو نعرو ته تبديلي جو ھڻي ٿو پر منڍ کان وٺي ڏسين نٿو ته ڪم ۽ پرڪار سئو فيصد ساڳيا ئي ٿس. ماڻھو به پاڻ سان اھد کنيا ٿئين، جن جا پير سدائين ڊسڙ ۾. يعني پيٽ ۾ ھنود ڪاسائي جي کڏ ۽ ارادا عوام جي نڙي تي ننھن ڏيڻ جا!“

”وات ۾ ڌپ“ ڪھاڻي محنت ۾ عظمت وارو درس ڏي ٿي. جنهن ۾ ھڪ شخص ھڪ فقير کي پنڻ بجاءِ محنت مزدوري جو چوي ٿو ۽ ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي سندن ۽ قوم جو مستقبل سنوارڻ جي تلقين ڪري ٿو.
”پنھنجو گھر“ ڪھاڻي ۾ به وڏو پيغام سمايل آھي خاص طور تي انھن عورتن لاء جيڪي ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجي پنھنجو گھر ڇڏي پنهنجي مائٽن، خاص طور تي ڀائرن جي گھر ھليون وينديون آھن.
”وٺ وھندي کي.....!“ ڪھاڻي ۾ انهن ڊاڪٽرن جو قصو آھي جيڪي خسيس ذاتي مفادن ڪري مختلف ڪمپنين کان مراعتون وٺي ۽ پوءِ غير معياري دوائون لکي ماڻھن جون حياتيون برباد ڪن ٿا.
”ون ويلنگ“ ڪھاڻي ته ڏاڍي شاندار آ جنهن ۾ ھڪ بزرگ ڪجهه نوجوانن کي ون ويلنگ ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ کين سمجھائي ٿو ته بابا ڏاھا ٿيو، بائيڪ تي ون ويلنگ ڪرڻ سان توھان جي جان کي خطرو آھي. پر نوجوان نٿا مڃن ۽ نيٺ مستي ۾ پنهنجي حياتي وڃائي ويھن ٿا.
”پيٽ ۾ سور“ ڪھاڻي ان ٻڌڙي عورت جي آ، جيڪا غربت ڪري پنھنجي ٻارڙي کي ڇولا نٿي وٺي ڏئي سگھي ته ”ڇولا پيٽ ۾ سور وجھندا ھن بابا، نه کائبا ھِن....“
”وارث“ نالي ڪھاڻي ۾ ان ٻار جي درد کي بيان ڪيو ويو آھي جنھن جا ماءُ پي الڳ ٿي ٿا وڃن ۽ اھو ٻار ان ڪشمش ۾ ڦاسي ٿو پوي ته ھو ڪنھن سان گڏ رھي. ماءُ سان يا پيءُ سان.....
ھن ڪھاڻين ۾ ليکڪ ”ڪارو ڪاري“ واري ڪڌي عمل کي به ننديندي نظر اچي ٿو، جيڪا جھلڪ اسان کي، ”سک سان نه سمھنداسون“..... ڪھاڻي ۾ نظر اچي ٿي.
پوليس ڪھڙي طرح رشوت جي بازار گرم ڪري ماڻھن جي زندگي زھر ڪري ٿي، اھو سور ليکڪ، ڪھاڻي ”جڏھن پوليس ٺھي نه “ ۾ سلي ٿو.
عزت نالي ڪھاڻي ۾ ان عورت جي درد جي عڪاسي ٿيل آھي جنهن ماني پچائڻ ۾ ٿوري دير ڪئي ته ان تان سندس ڏير کيس مارڪٽ ڪري ٿو.
”ڏسجان بيٺو“ ڪھاڻي ۾ ٽچ اسڪرين موبائيل ۽ ووٽ وٺڻ وارن يارن جو قصو ڪجهه ھن طرح بيان ٿو ڪري” مون کي به لڳي ٿو ته باھ وڌندي. ھي سڀ جا سڀ اڳوڻا وزير ڪبير ڪنھن به صورت ۾ سازگاري سان ھيلوڪي اليڪشن مھم ڪو نه ھلائي سگھندا. ڇو ته نوجوان اکيون ڦوٽاريون ٽچ اسڪرين موبائيلن کي بندوقون بڻايون بيٺا آھن.....“
ھتي اسڪولن تي به قبضا ٿيو وڃن. ان بابت ليکڪ ”ڏاڍو کاتو“ ڪھاڻي ۾ لکي ٿو ته تعليمي ايمرجنسي ھوندي به ھڪ صوبيدار اسڪول مان ھيڊ ماستر ۽ ٻارن کي ڪڍي اسڪول خالي ڪرائي ٿو ڇڏي.
ھنن ڪھاڻين ۾ ڀوتار جي ظلمن جي به مذمت ڪئي وئي آھي جيڪو ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ سمورا پئسا کائي ٿو وڃي ۽ اوڳرائي به نٿو ڏي.
خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙھائجي، ان ڏوھ کي به محمد علي صاحب پنهنجي قلم ذريعي قلم بند ڪري ٿو. انھن ويگنن جو به ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ گئس جا سلينڊر لڳل آھن. جيڪي ڪنهن بم کان گھٽ ناھن ۽ پوءِ اھي بم ڪيڏي نه بيدردي سان ڦاٽن ٿا ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي تباھ ڪن ٿا.
سو، اھڙي طرح ھن ڪتاب ۾ موجود سموريون ڪھاڻيون پڙھڻ جھڙيون آھن. جيڪي يقينن حساس ماڻھن کي پنھنجي دل جي ڳالهه لڳنديون. ھن ڪتاب جي فليپ تي ليکڪ بابت غلام نبي مغل صاحب لکي ٿو ته ”محمد علي پٺاڻ پنھنجي تخليقي صلاحيتن سان پاڻ کي ادب جي دنيا ۾ بلندين ڏانھن وٺي وڃي رھيو آھي ۽ سنڌي ادب ۽ پڙھندڙن ۾ ھڪ خاص جڳهه جوڙي رھيو آھي.“
ليک بابت رضوان گل صاحب لکي ٿو ته ”پروفيسر محمد علي پٺاڻ کي مون ھميشه ھڪ متحرڪ انسان طور ڏٺو آھي. ھڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار طور مڙني ذميوارين سان نڀائڻ ڪا گھٽ ڳالهه نه آهي. ان سان گڏ ڀٽائي سان عشق پڻ سندس سرشت ۾ شامل آھي.“ ھن ڪتاب بابت ڄام جمالي صاحب جو انگريزي ۾ لکيل شاندار تبصرو به ھن ڪتاب جو حصو آھي. جڏهن ته ھن خوبصورت ڪتاب جو مھاڳ ناليواري ليکڪ زيب سنڌي صاحب جو لکيل آھي. پاڻ لکي ٿو ته ”محمد علي پٺاڻ جي ڪھاڻين ۾ ڪٿي به ھروڀرو جي لفاظي موجود ناھي. ھن عام ماڻھن جي مسئلن کي عام فھم ۽ بيحد اثرائتي سادي انداز سان پيش ڪيو آھي، جيڪا سندس تحرير جي خاص خوبي آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل سندس مختصر ڪھاڻيون فليش فڪشن جي زمري ۾ اچن ٿيون ۽ اھي اھڙا عڪس ڏيکارين ٿيون، جو ڪٿي ڪٿي اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون.“
پنهنجي پاران ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”ھفتيوار ڪھاڻين لکڻ جو ھي سلسلو ھن ڪتاب تائين ڀل ڪنهن کي چپٽين جو کيل لڳندو ھجي پر مون لاءِ اھو ڀوڳنائن جا تيزابي ڊرم کڻي آيو آھي. جنهن ۾ پاڻ کي اڇلي ھڪ ڪھاڻي کي انھن مان ڪڍي پئي آيس، تہ ٻي لاء تن ۾ وري پاڻ کي ساڳي طرح اڇلڻو پي پيو.“
ڪتاب ۾ ابراھيم کرل ۽ انور ابڙي صاحب جا رايا به شامل آھن. انور ابڙو صاحب لکي ٿو ته ”ھي ڪتاب اڄوڪي سنڌ جي تخليقي انداز ۾ لکيل سوشل اسٽڊي به آھي، جيڪا انهن ماڻھن کي بلڪل به ڇرڪائيندڙ لڳندي، جيڪي خاص طور وڏن شھرن ۾ رھن ٿا.“
منهنجي خيال ۾ ھي ڪتاب سنڌي ڪھاڻين خاص طور تي مختصر ڪھاڻين جي ڪتابن ۾ ھڪ بھترين اضافو ثابت ٿيندو.

گلن ۾ گلابي شهنشاهه ”گُل“

شاعري انساني جذبن جي اظھار جو ھڪ اثرائتو انداز آھي. شاعر سماج جو تمام حساس طبقو ھوندو آھي، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ھلندڙ جنگ ۽ سندس چوڌاري ٿيندڙ مختلف وارتائن، خوشين، ڏکن، ڪاميابين، ناڪامين، سونھن، سندرتا، سچ ۽ سورھيائي جي احساسن ۽ جذبن کي لفظن جي خوبصورت مالھا ۾ پوئي، پنھنجي پڙھندڙن اڳيان پيش ڪندو آھي. شاعري اھا چترڪاري آهي، جيڪا پاڻ ڳالھائي ٿي.
اڄ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جِي سينڌ سنواريندڙ سُهڻي شاعرَ، دانشور، عالم، صحافيءَ، مُترجم، سچل جي شارحَ، ٻارن جي ليکڪ ۽ ڪالم نويس، مقصُودگل جو69 يون جنم ڏينهن آهي ۽ مُنھنجي سامھون ھن وقت سندس شاعري جو اھڙو ئي ھڪ خوبصورت ڪتاب آھي، جنھن کي وري وري پڙهڻ تي دل ٿي چوي. جنھن ڪتاب ۾ اھي سمورا حسين احساس سمايل آھن. جيڪي ڪنهن به شخص جي ضمير کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي آھن. اھو ڪتاب آھي ”اکڙيون نيل ڪنول“، جيڪو سائين مقصُود گُل جي زندگيءَ ۾ ڇپيل انهن جو آخري ڪتاب آھي. مون جنهن وقت ھي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو ته ان وقت ئي منھنجي دل چيو ته ھن ڪتاب تي ھڪ عام پڙھندڙ جي حيثيت ۾ ٻه اکر ضرُور لکندس. جيڪي ھن وقت توھان سان ونڊيان پيو:
سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايل ھن ڪتاب جي ارپنا شاعر، پنهنجي امڙ ماءُ ۽ ڌرتي ماءُ جي نانءِ ڪئي آھي. ھن ڪتاب ۾ حمد، نعت، غزل، رباعيون، پنجڪڙا، دوھا، ڏيڍوڻا ۽ ترائيل شامل آھن. مقصود صاحب جي ھن ڪتاب ۾ مُون کي سندس ٻولي جو خوبصورت استعمال ڏاڍو وڻيو آھي. سندس شاعريءَ ۾ قومي جذبو، انسانيت، محبوب جي سونھن، سڪ ۽ سوڀيا، حساسيت، قرباني جو جذبو، ھلندڙ سياسي صورتحال، سماجي براين کي نندڻ ۽ انهن جي مذمت ڪرڻ، پنهنجي ٻوليءَ سان پيار، فطري خوبصورتيءَ جو اظھار، انسانيت ۽ رواداريءَ جو درس ۽ ڌرتيءَ سان پيار وارا موضوع نمايان آھن.
مقصود سائينءَ جي شاعريءَ مان ڪجهه مثال مان ھتي پيش ڪريان ٿو، جن مان سندس ڏات جي گھرائيءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
ڌرتي سان محبت جو سندس انداز ڪيڏو نه شاندار آھي:
ڌرتي سڏي ته دم نه ڪجي دوست دير ڪا،
سَوَ سِرَ سِسيُون ھجن ته سي وَر وَر پيُون وارجن.

يا وري ھن طرح:
”درد دلبر جو به آ پر درد ڌرتيءَ جو وڏو“
ڌرتيءَ جي دُکن ۽ سُورن تي سندس اندر مان آواز ٿو اچي ته:
ڌرتيءَ جا دُک دل ۾، اکيُون آڊوکيون،
دوزخ ۽ درياءَ کنيون ٿو ساڻ وتان.

پرينءَ کي به سنڌ جي نقشي سان ڀيٽي ٿو:
آ پڌرو پرِين جيئن نقشي ۾ سنڌ،
سندس لوڏ آ مون لکن ۾ لڌي.

يا وري ھن طرح؛
چمي ”گل“ کڻي ٿو اکين تي رکان،
اھو پيار ڌرتي، ڌرم دوستو.


سنڌ سان سندس محبّت ان حد تائين آهي، جو ھر سوڀيا جي ”سِين“ کي چُمي ٿو:
آ سنڌ، سونھن، سچَّ ۽ سُرھاڻ جو قسم،
ھر سوڀيا جو ”سين“ سِٽُن تي چُمان پيو.

ڌرتي جي ويريءَ سان نفرت به وڏي بيباڪيءَ سان کُليل ريت ڪري ٿو:
ڌرتيءَ ويريءَ ساڻ رھان، پر ڪيئن رھان!
دشمن سان گڏ گھارڻ ڏاڍو اوکو ڪم.

سندس سموري سڃاڻپ جو محور سنڌ امڙ آھي:
تنهنجي نالي ۽ حوالي جي ڪري،
ٿا سڀئي مون کي سڃاڻن سنڌڙي!

سياست جي نالي ۾ ٿيندڙ ٺڳيءَ کي به ھن طرح بيان ٿو ڪري؛
ڪنهن کي پنهنجو ليڊر سمجُھون،
ڪنهن کي ڪيئن اڳواڻ ڪيون!

پڳ وارا پڳدار گھڻا، پر نانگُ لڪل ھو پڳَ پڳَ ۾
نام نھاد ليڊرن جي ڪيل تباھين جو ذڪر سندس ھنن سٽن ۾ ڏسو؛
اقتداري اؤجَ جا ماڻيا مزا پئي ليڊرن،
بي خطا، مظلوم ماڻھو قوم جا ڪُسندا رهيا.

سندس ھي سٽون به ليڊرن کي واھه جو وائکو ٿيون ڪن؛
نڪري آ تون خول انا مان سنڌي ليڊر! ھاڻ،
بيٺي آ سنڌ چؤواٽي تي، ان جو سُور سڃاڻ!

ھن ملڪ ۾ حڪومتون ڪيئن ٿيون ٺھن، انھيءَ ظلم کي سندس ھڪ غزل جو ھڪ بند بيان ٿو ڪري؛
ڊش ائنٽينا تي آمريڪا چئنل پئي بلائي،
تڏهن ھتي تبديل سياسي چھرا ٿيندا آھن.

اسان جي پيرن ھيٺان ڌرتي کسڪڻ تي ھي بيحد حساس ۽ پيارو ماڻھو روئي ٿو پوي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان جي اگُھور ننڊ ۾ ستل ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري؛
پنهنجي پاڙَي ۾ به ڇو رستو نه ٿو مون کان لڀي،
اوپرن کان پنھنجي گھر جو دڳ پُڇائي روئبو.

سندس ھي شعرُ طبقاتي سماج کي آئينو ٿو ڏيکاري، جيڪو پڙھي اھو احساس شدّت سان ٿو ٿئي ته ڪيڏي نه بي رحميءَ سان اميرن جا بنگلا ۽ محلات غريبن جي حصي جي اُسَ ۽ چانڊوڪي چورائي، روشنيءَ کي ڀاڱا ڪري ويا آھن:
روشني ڀاڱا نه ڪريو، اُس ھجي يا چاندني،
سجَّ چنڊ جو ھي سڄڻ سھڪار سھڻو ٿو لڳي.

محبوبَ جي سڪَ جي عڪاسي سندس ھنن خوبصورت سٽن ۾ ڏسو؛
ھا ڀرم سڪ جو رکي سودو ڪيم،
سمنڊَ کي سوڙھو ڪري قطرو ڪيم.

پرينءَ جي اچڻ جو پيغام ھن طرح ٿو ملي؛
سالن کان پوءِ وري آ برکا، بھار آئي،
تنھنجي اچڻ جون ڳالھيون ڪنَ ۾ ھوا ڪري ٿِي.

۽ وري اُنَ پرينءَ جي ديدار لاءِ ته چنڊ به دعائون پيو گُھري؛
چنڊُ وڻَ جِي ٻانھن تي کاڏي رکِي،
تُنھنجَي درشن جون دعائون ٿو گھرَي.

پرينءَ جِي سونهن جي ڪري نه رُڳو انسان جو اندر مھڪي ٿو پوي پر ماڻهوءَ کي سمُورو سنسار به سھڻو ٿو لڳي؛
سُونهن تنهنجيءَ جي ڪري سنسار سھڻو ٿو لڳي،
تنهنجي ٻانهن جو ڳچيءَ ۾ ھارُ سُھڻو ٿو لڳي.

مقصود سائينءَ جو ھي رومانوي پنجڪڙو به ڪمال جو آھي:
تنهنجي زلفن ۾ لڪِي آ رات رات
تنهنجي ڳلڙن مان صبح جاڳي اُٿيو
تنهنجي مرڪڻ ساڻ سج اُڀرِي پيو
ڪئي شفق تنهنجي چپن مان ھات ھات
تنهنجي زلفن ۾ لڪي آ رات رات.

سندس ھڪ بيحد رومانٽڪ غزل (جيڪو ماسٽر وليءَ ۽ سڄڻ سنڌيءَ جي آوازن ۾ ڌار ڌار ڳايل آھي) جا ڪجهه بند توھان پاڻ پڙھي ڏسو؛
تنهنجي ڳلن تي ماڪَ جو مرڪِي بکي پئي،
قطرا پگھر جا ڄڻ ته گُلن تي چمان پيو
تنهنجَي لبن جي ساک ڀريَ لاک پيار سان،
لالي شفق جي ڄڻ ته گُلن تي چمان پيو
ڀاڪرَ سان تنهنجي منھنجو معطر وجود ٿيو،
خوشبوءِ تنهنجِي، پنھنجي لڱن تي چمان پيو.

جُدائيءَ جي لمحن کي به ڪيڏي نه پُرسوز انداز ۾ بيان ڪيو اٿس؛
توکان ڏُور گذارڻ ڏاڍو اوکو ڪم
پاڻ ئي پاڻ کي مارڻ ڏاڍو اوکو ڪم
تنهنجِي ياد کان جھلجي ڪيئن ڀلا دل کي؟
وھندڙ وِيرَ بيھارڻ ڏاڍو اوکو ڪم
مھربان آيا اکين ۾ رات ھڪڙي ويا رھِي
پر سموري زندگي دل ۾ سَدا وسندا رھيا
نينھن ۾ ڪا نئين نرتڪي ٿي نچي،
ياد ڪنهن جي اندر ۾ اچِي ٿي نچي
ياد تنھنجي جي سھارَي زندگي گھاريُون پيا
آسَ جا ڏيئا اکين جي آب سان ٻاريُون پيا
اسان جي زندگِي تو ساڻ ئي زندگي آ جانان!
سوا تنهنجي اسان وٽ ڪا نه آئي ڪا خوشي جانان!

ماءُ جي مامتا جو مظھر ھي سٽون پڙهو:
ٻچو ماءُ ڇاتيءَ تي ٻانھُون وريلَ،
پئِي ٻاجَهه آ ٻارڙَي سان ٻکِي.

اڄڪلهه جي وڌيلَ مذھبِي انتھا پسنديءَ کي به ڪيڏي ڀرپور انداز ۾ ننديو اٿيائون؛
مذھب جيڪو ٻارَي بِيٺا نفرت وارو مچ،
انسانيّتَ ساڻ اجھايُون آڳَ انھيءَ کي اچ!

چوڌارِي پکڙيل وحشتن، لالچن ۽ انساني بيقدرين ۽ بيحسين جي عڪاسي ھي سٽون ڪيڏي نه سُهڻي نمُوني ٿيون ڪن؛

ڪيڏو وحشي ماڻھو ٿِي پيو، ڪيڏِي آ ڊُڪَ ڊوڙَ
لالچ لوڙھه لُڇايا ماڻھو رانڱڻ رتُ ولوڙَ
انسانن کي گھوگِھڻَ وارو ڪيئن سڏيان انسانُ
ڌرتيءَ تي اپمانُ ڏسي آ حيرت ۾ ڀڳوان.

انھن مثالن مان توھان پاڻ اندازو لڳائي سگھو ٿا ته مقصود گل صاحب جِي شاعري ڪيڏي نه رنگ ڀرِي آھي. سو جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته ھي سمورو ڪتاب وري وري پڙھڻ جھڙو آھي. ھن سُھڻي ڪتابَ جو تفصيلي ۽ بيحد علمي مھاڳ به سنڌ جي ھڪ بيحد پياري ۽ ڪمال جي شاعر سائين مير محمّد پيرزادَي صاحب جو لکيل آھي. افسوس جو ھي ٻئي پيارا شخص ھاڻي ھن دنيا ۾ ناھن رھيا.
ھن ڪتاب ۾ موجود شاعري ڪافي فنڪارن پنھنجي حسين آوازن ۾ ڳائي به آھي. خاص طور تي مقصود سائينءَ جي گذريل ٻن ورسين جي موقعي تي جنسار سمي، ذوالفقار عليءَ ۽ مظھر حسين ڏاڍيُون خوبصورت ڪمپوزيشنز تيار ڪري پيش ڪيون آھن. جيڪي يقيناً گل صاحب جي شاعريءَ کي گھڻن ۽ عام ماڻھن تائين پھچائڻ جو سبب بڻبيُون. ھونئن به جڏھن ڪا شاعري سُرن جو روپ ڌاري ٿي ته وڌيڪ امر ٿي وڃي ٿي.
مقصود گل جھڙن ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر کي عام ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇو ته ھنن ڌرتيءَ جي عاشقن محبتن، امن، رواداري، پيارَ ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو آھي.
مان يقين سان چوان ٿو ته ھي ڪتاب فڪري ۽ گھرائيءَ واري شاعريءَ سان چاھه رکندڙ دوستن لاء ھڪ تمام خوبصورت تحفو آھي. مقصُودگل جي فڪر جي لاٽ مٿس تحقيق ۽ سندس ترجمن جي صُورت ۾ اڃا وڌيڪ روشن ٿيندي ۽ ايندڙ وقت کي واسيندي رهندي ۽ ”گُل“ جي تخليقي هُٻڪارَ پنهنجن پڙهندڙن ۽ پيار ڪندڙن ۾ خوشبُوء جو خيرُ ونڊِيندي رهندِي.
گلن ۾ گُلابي شهنشاهه ”گُل“،
ونڊَي خيرُ خُوشبُو جي خيراتَ جو.

ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ (ڪھاڻيون)

اھا واقعي حقيقت آھي ته ھر شخص ڪھاڻي آ، ھر شخص جي چوڌاري انيڪ ڪھاڻيون گھُمنديون ڦِرنديون رھن ٿيون. ھر شخص پنهنجي اندر ۾ موجود ڪھاڻين سميت سماج ۾ موجود ڪھاڻين بابت سوچڻ ۽ ٻُڌائڻ بغير رھي نٿو سگھي. ڪھاڻيون سماجي اٿل پٿل جون عڪاس ھونديون آھن. سو انهن ماڻهن ۾ به وري ليکڪ طبقو وڌيڪ حساس ھجڻ ڪري انهن درد ڪٿائن، پيڙائن توڙي خوبصورت احساسن کي لفظن جو روپ ڏئي تاريخ جو حصو بڻائي ٿا ڇڏين. مون ھن وقت ھڪ اھڙو ئي ڪھاڻين جو ڪتاب پڙھي مڪمل ڪيو آھي، جنهن جو ليکڪ به بيحد حساس آھي. ڇو ته اھو سڀ ڪجهه سندس ڪھاڻين پڙھڻ سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. مان دوستن سان ھن وقت ھوش محمد ڀٽي جي لکيل ڪھاڻين جو ذڪر ڪرڻ ٿو چاھيان. جيڪي ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ مُرڪ پبليڪيشن پاران شايع ڪيون ويون آھن. ھن ڪتاب ۾ ڪُل 17 ڪھاڻيون موجود آھن. جيڪي پڙهڻ سان اھو معلوم ٿئي ٿو ته ليکڪ کي سنڌ سان عشق آھي. ھو پنهنجي ڪھاڻين ۾ سنڌ جي قديم ماڳن، سنڌ جي شينهن درياءَ، سنڌ جي سياست، سنڌ جي شھرن، سنڌ جي ڳوٺن، سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌ جي يونيورسٽين سميت مختلف موضوعن جو ذڪر ڪري ٿو، جن جو محور سنڌ آھي.
ھن ڪتاب ۾ ”مُوڙو“ نالي سان موجود ڪھاڻي ۾ بظاهر ته يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندڙ شاگردن جي پيار جو ذڪر ملي ٿو پر ليکڪ ھن ڪھاڻي ذريعي يونيورسٽين جي ماحول، نوجوانن جي نفسيات ۽ شاگرد سياست جو به ذڪر ڪري ويو آھي.
ڪتاب جي ٽائٽل ڪھاڻي ۾ ليکڪ انهن دوستن کي ڏوراپو ڏيندي نظر اچي ٿو جن جي سياست جو نظريو به ھڪ، سندن ٻولي ۽ ڪلچر به ھڪ ۽ سندن رھبر به ھڪ ھجڻ باوجود به ھو الڳ الڳ ڇو آھن؟ جيڪو ھڪ وڏو سوال آهي.
”امن جو خواب“ ڪھاڻي ۾ اھو ذڪر ملي ٿو ته ڪھڙي طرح انسانن ۾ نفرتون پکيڙي، ويڇا وڌائي سندن وچ ۾ سرحدون وڇايون ويون آھن.
”پنهنجو ديش اوپرا ماڻهو“ ڪھاڻي ۾ اسان کي احساس ڏياريو ويو آهي ته اسان جا شھر ڪھڙي طرح اسان لاءِ اوپرا ٿيندا وڃن ۽ اسان پنهنجي ڌرتي تان ڌڪاربا پيا وڃون.
”دادلو درياھ“ ڪھاڻي سنڌو جي درد ڪٿا آھي. جيڪا پڙهڻ سان اھو احساس شدت سان جنم وٺي ٿو ته اسان جي سنڌو کي سُڪائي اسان جي زندگي تنگ ڪئي وئي آھي. جنهن سان اسان معيشت سميت سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آھي.
ھن ڪتاب ۾ ڪامريڊن جو به ذڪر ملي ٿو جيڪي سکڻن نعرن پويان پنھنجيون عمريون لٽائي ٿا ڇڏين.
ڪتاب ۾ ”مھين جي ماڻهو“ جو به ذڪر ملي ٿو ته معصوم ٻار جي معصوم خواھشن جو به ذڪر ملي ٿو. سنڌ جي شھرن جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڳوٺن جي پچار به نج عوامي انداز ۾ ملي ٿي.
ليکڪ بابت راين ۾ فليپس تي عباس ڪوريجي ۽ شبير لاکي جا رايا شامل آھن. ڊاڪٽر تھمينه مفتي جو رايو به شامل آھي.
ليکڪ بابت نامياري ليکڪ پير عبيد راشدي جو ”ھوش ڪر ھنجھڙا يار“ جي عنوان سان به ھڪ بھترين ليک ھن ڪتاب جو حصو آهي. جنهن ۾ راشدي صاحب لکي ٿو ته ”ھوش محمد ڀٽي ڄامشوري ۾ پڙھيو، ھن جي من ۾ ڪنهن جي ذلف جي خوشبوءِ آھي يا ڄامشوري جي پٿرن جھڙي پراسرايت پر علي بابا جي ڳالهه وانگر کيس مضبوط ۽ ارڏو ٿيڻو پوندو.“
ڪتاب جو بئڪ ٽائٽل منظور ڪوھيار جو لکيل آھي. جڏهن ته ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري اديب مدد علي سنڌي جو لکيل آھي. جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته ”ھن ڪتاب جون سموريون ڪھاڻيون مختلف موضوعن تي آھن. ليکڪ جي پنهنجي ذاتي آبزرويشن جو مثال آھن. انهن ڪھاڻين کي پڙھندي محسوس ٿئي ٿو ته اسان جا نوجوان ڪھاڻيڪار جيڪڏهن لکڻ سان گڏ مطالعي کي به جاري رکندا ايندا ته ايندڙ مستقبل ۾ سنڌي ڪھاڻي جو عروج اڃا به وڌندو. شابس ھجي سنڌ جي نوجوان ڪھاڻيڪارن کي جيڪي دل سان لکن به پيا ۽ نور نچوئين ٿا ۽ پنهنجي ھڙان وڙان ڏيو پنھنجا ڪتاب به ڇپرائين ٿا. اھڙو مثال ٻين ٻولين ۾ تمام گھٽ آھي. ھن جذبي جي جيتري تعريف ڪجي اھا گھٽ آھي.“

**

ايڪيھين صديءَ جو ادب

مون، جڏھن به انور ابڙي جي ڪا به لکڻي پڙھي آھي، تڏھن، مون ان لکڻي ۾ پيار، احترام، شفقت ۽ چڱائي جو احساس ئي محسوس ڪيو آھي. اھي سڀ احساس، لکڻين سان گڏوگڏ، انور صاحب جي مزاج جو به حصو آھن. ھن سال، مارچ مھيني ۾ پيڪاڪ پرنٽرس پاران، انور ابڙي جو ڪتاب ”اڪيھين صديءَ جو ادب“ شايع ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ تقريبن گزريل ويھن سالن دوران سنڌي ۾ شايع ٿيل مختلف ڪتابن مان ھڪ سئو ڪتابن بابت مختلف ليک، ھن ڪتاب جو حصو آھي. جنھن ۾ ھن ڪتاب جي ليکڪ پاران انھن مختلف ڪتابن تي لکيل مھاڳ، اڀياس، تبصرا، رايا، فليپ نوٽس ۽ بئڪ ٽائٽل نوٽس شامل آھن. جنھن ۾ شاعري، ڪھاڻين، سفر ناما، ناول، آتم ڪٿائون، سھيڙيل ڪتاب، ترجمو ڪيل ڪتاب ۽ تحقيقي ڪتاب شامل آھن. مون کي ھي ڪتاب، ھڪ اھڙو باغيچو لڳو، جنھن ۾ ھر قسم جو گل موجود آھي. مان، ذاتي طور تي ان خيال جو آھيان ته ھر ڪتاب اھميت وارو آھي، جنھن مان اسان کي سکڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ضرور ملي ٿو. سو، مون جڏھن ھي ڪتاب پڙھيو ته ھن ۾ موجود، ھڪ سئو ڪتابن مان ڏھ ڪتاب، منھنجا به اڳ ۾ پڙھيل ھئا، جن بابت وري پڙھي، مون انھن ڪتابن جي خوشبوءِ کي وري محسوس ڪيو. سو، ھي ڪتاب، ڪتابن سان پيار ڪندڙن لاءِ ھڪ بھترين تحفي کان گھٽ ناھي.
ھن ڪتاب ۾ موجود ليک جڏھن پڙھجن ٿا ته ان مان، مون کي اھو محسوس ٿيو ته ليکڪ، پاڻ کان سينئرس لاءِ جڏھن لکي ٿو ته ان ۾ احترام ۽ عقيدت وارو احساس نمايان نظر اچي ٿو، وري جڏھن پاڻ کان جونئيرس لاءِ لکي ٿو ته ان ۾ شفقت ۽ پيار وارو احساس نمايان نظر اچي ٿو. وري جڏھن پنھنجي ھم عمرن لاءِ لکي ٿو ته ان ۾ به عزت وارو احساس، محسوس ڪري سگھجي ٿو.
ھي ڪتاب پڙھي، مختلف پڙھندڙ اھو به چئي سگھن ٿا ته ھن ڪتاب ۾ موجود لکڻين ۾ ڪٿي ڪنھن تي ڪا بـ تنقيد ناھي ڪئي وئي، ڪا به خامي ظاھر ناھي ڪئي وئي. سو، ان حوالي سان، مان اھو چئي سگھان ٿو ته ھر ماڻھو مختلف آھي، ڪو سٺي ڳالھ جي تلاش ۾ ھوندو آھي ڪو وري بري ڳالھ جي تلاش ۾ ھوندو آھي. ڪو ماڻھو اھڙو ھوندو آھي، جو ھو ننڍڙي پر مثبت ڪوشش کي تمام گھڻو ساراھي، سامھون واري جو حوصلو وڌائيندو آھي. ساڳي وقت ڪو ماڻھو، اھڙو ھوندو آھي، جو ھو ان چڱائي جي واکاڻ بجاءِ، رڳو خاميون ڪڍڻ ۾ پورو ھوندو آھي. خير، ھن ڪتاب جو ليکڪ به انھن ٿورن ماڻھن منجھان آھي، جن وٽ پيار ۽ احترام سواءِ ڏيڻ لاءِ ڪجھ بـ ناھي. ھونئن به ھن سماج ۾ اھڙي قسم جي ماڻھن جي تمام گھڻي کوٽ ٿيندي پئي وڃي. سو، ھي ليک جڏھن پڙھجن ٿا ته اھو ئي محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ ھنن سڀني ليکڪن، سندن ڪتابن ۽ سندن پورھئيي جي تمام گھڻي عزت ڪري ٿو ۽ کيس انهن سڀني سان پيار آھي.
ڪجھ، اھڙن جذبن جو اظھار، ھن ڪتاب جي مھاڳ ۾ ناليواري ليکڪ نصير مرزا صاحب، ڪجھ ھن طرح ڪري ٿو. ”اسان رڳو ھڪ ڀيرو ئي ’جي‘ سگھون ٿا.. جيڪڏھن انھي زندگي کي، اسان ’جي‘ نٿا سگھون ته پوءِ بابا، سڀ ڪجھ وڃائجي ئي ويندو... ته ڇا سڀ ڪجھ وڃائجي وڃڻ جي خوف کان... پنھنجي ھر تحرير کي انور سھيڙيندو رھي ٿو.“
پبلشر نوٽ ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو صاحب، ھن ڪتاب بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”سياست، علم، ادب، ٻولي، ڊرامن، شاعري وغيرہ تي تحقيق ڪندڙ عالمن شاعرن، ايم فل ڪندڙ شاگردن لاءِ ھي اڻلڀ قيمتي مواد ڪٺو ڪيو ويو آھي. اوھان ڪنھن به ڪتاب جو پيش لفظ، مھاڳ، اڀياس پڙھو، دل پئي گھرندي ته ڄاڻايل ڪتاب ھٿ ڪري وري مڪمل طور پڙھجي ۽ ان تخليقڪار کي دل جي گھراين سان تحسين پيش ڪجي. پنھنجي عالمن، اديبن، شاعرن کي ياد رکڻ جو اھو ناياب نسخو آھي.“
ھن ڪتاب ۾ موجود مختلف ليک پڙھجن ٿا ته ھڪ ئي وقت اسان تاريخ، تحقيق، شاعري، ڪھاڻين، ناولن، سفر نامن، آتم ڪٿائن ۽ سھيڙيل ڪتابن جو سرور محسوس ڪندي نظر اچون ٿا. دل چوي ٿي ته اھي ڪتاب پڙھجن. ھي ڪتاب پڙھي، ڪتابن سان پيار ويتر وڌي ٿو وڃي.
ھنن ڪتابن تي لکندي، ليکڪ تمام گَھريون ۽ دل ۾ لھي ويندڙ ڳالھيون لکي ويو آھي. جيڪي پنھنجي جوھر ۾ وڏي اھميت واريون آھن. منھنجي دل چوي ٿي ته ھن ڪتاب ۾ موجود انھن مختلف لکڻين مان ڪجھ ڪجھ سٽون ھتي ونڊ ڪريان ته جيئن اسان انھن ڳالھين جو مزو وٺي سگھون.
انور پيرزادي جي ڪتاب ”ڀٽائي“ جي مھاڳ ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”انور پيرزادو صاحب ڀٽائي سائين جي شاعري، فلسفي، عشق، سندس پرين، سندس ٻولي، سنڌ جي اينٿروپولاجي، سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سنڌ جي پراڻي ۽ نئين دور بابت سندن شاعري جي اھميت بيان ڪري کين “ سنڌ جو سياسي ۽ ثقافتي وحدت الوجود ۽ سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاع ” قرار ڏيئي، سندن سوچ جا جيڪي سچ بيان ڪري ٿو، انھن ۾ انور صاحب جي عقيدت ۽ عشق شامل ھوندي به، انھن ۾ ھن جو منطق ۽ عقلي ۽ علمي دليل شامل آھن.“
گل حسن ڪلمتي جي سفر نامي ”برف جو دوزخ“ ۾ لکي ٿو ته ”اڄوڪي سنڌ ۾ ڪجھ اھڙا عاشق موجود آھن، جن کي ھر وقت سنڌ جي ڳولا ھوندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ھو پنھنجي سنڌ ڳوليندي ڳوليندي ڏاڍو پري به نڪري ويندا آھن.“
محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”ڀڳو آرس اکڙين“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي شاعري جا ته پنھنجا تيور ۽ پنھنجو حسن آھي. ان جي اھڙي سڃاڻپ کي ڪنھن خاص تشريح جي ضرورت ان ڪري به ڪانھي جو اھڙي شاعري بس پڙھبي يا ٻڌبي آھي، ۽ پوءِ اھا پاڻمرادو پڙھندڙن يا ٻڌندڙن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي انھن جي ڳلن تي چميون ڏيندي، انھن جي مئل جذبن کي جيئاريندي، انھن کي جرئت سان جيئڻ جو اتساھ ڏيندي ۽ جي صحيح سمجھندي ته انھن کي ”ھڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين“ جي صلاح به ڏيندي آھي.“
سائين بخش رند جي ڪھاڻين جي ڪتاب، ”ڪارو پاڻي“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي اخبارن جو صحافي ٻين جون ته وڏيون خبرون ٺاھيندو آھي، پر جڏھن پاڻ مري ويندو آھي تـ اڪثر سنگل ڪالم جي خبر بڻجي ويندو اھي. اھڙن ڪارڪنن جي درد جو اوجاڳو ڪا اخبار شايع ناھي ڪندي.“
مرلي ڌر جي ڪتاب، ”اکڙيون ڏيلا من گھايل“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ جو ھر ماڻھو ڏاڍو حساس اھي، پر شاعر تـ فطري طور تي ان کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو.“
غوث پيرزادي جي ڪتاب ”چيڪي مٽي“ ۾ شھري ۽ ڳوٺاڻي زندگي بابت ايڏي نه دل ڇھندڙ ڳالھ لکي اٿس. ”صنعتي ۽ شھري زندگي ۾ رشتا ۽ سماجي لاڳاپا اھي ناھن رھندا، جيڪي زرعي سماج ۾ جنم وٺندا آھن، تنھن ڪري اسان کي ٻنھي سماجن ۾ جنم ورتل رشتا ۽ سماجي لاڳاپا ٻن انتھائن تي بيٺل ملن ٿا. غوث جي شاعري ۾ پڻ اھڙي ٽڪراءُ جا اولڙا محسوس ٿين ٿا پر جيڪڏھن شھري زندگي بيوفائي جي نقاب ۾ اوڙھيل آھي ته ڇا ان کي تياڳي ڇڏجي؟ نه، اھڙي زندگي ۾ ڳوٺاڻي سچائي کي جيئاريندي به جيئڻ گھرجي، پنھنجا سماجي ۽ ثقافتي قدر سنڀالي رکڻ کپن ۽ ڳوٺاڻي محبت کي به ساڻ کڻي ھلجي.“
انھي ساڳي ڪتاب بابت لکندي لکي ٿو ته ”اسان جي نوجوانن کي محروميون ۽ ڏک ورثي ۾ ملندا پيا اچن، پر ھو پوءِ به جيئن پيا ۽ پيار کي سلامت رکندا پيا اچن، کين زندگي سان پيار به آھي، پر ھو پنھنجي پيار کي جيڪا ٻولي ڏين ٿا، اھا اندر جي دنيا ۾ واڪا پيدا ڪري ٿي ڇڏي.“
سو، اھڙي طرح ھن ڪتاب ۾ الاھي دل ڇھندڙ ۽ ساھ ۾ سانڍڻ جھڙيون ڳالھيون موجود آھن. ھي ڪتاب پڙھندي سنڌ جي تمام وڏن ماڻھن جي ياد به تازي ٿي ٿي وڃي. جنھن ۾ انور پيرزادو، سوڀو گيانچنداڻي، شمشيرالحيدري، مقصود گل، رزاق مھر ۽ ٻيا ڪافي نالا شامل آھن.
مان، ھڪ عام پڙھندڙ ۽ ڪتابن سان پيار ڪندڙ جي حيثيت ۾ انور ابڙي صاحب جي ھن محنت کي سارھايان ٿو ۽ کين ھن محنت جون مبارڪون ٿو ڏيان. منھنجي خيال ۾ ھن قسم جا ڪتاب، عام ماڻھن ۾ ڪتاب پڙھڻ، انھن مان پِرائڻ، انھن کي سنڀالڻ ۽ انھن تي ڪجھ نه ڪجھ لکڻ جي سٺي روايت کي عام ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
**

شاهه سنڌ جو ساھه

استاد حيدري جي ڪمال جي شخصيت جو ھڪ وڻندڙ ۽ سگھارو پاسو ھي به آھي جو پاڻ مسلسل لکندو رھي ٿو. ھي شخص جھڙي طرح وڏيون گھريون ۽ فڪر انگيز ڳالهيون دلچسپ انداز ۾ ڪري ٿو، تھڙو عوامي ۽ عام فھم انداز سندس لکڻين ۾ به نظر اچي ٿو.
مون ھن وقت حيدري سائين جو ڪتاب، ”شاھ سنڌ جو ساھ“ پڙهي مڪمل ڪيو آهي. جنهن جو موضوع لطيفيات آھي. جڏهن ته ليکڪ ان موضوع تي ٻيا به شاندار ڪتاب لکي چڪو آھي. ان کان اڳ مون سندس آتم ڪٿا ”ڳالهيون من اندر جون“ پڙھي ھئي، جنھن جو به پنھنجو رس ۽ چس آھي.
ھن ڪتاب ۾ حيدري سائين، شاهه صاحب جي مختلف سُرن تي مضمون لکيا آھن، اُنھن کي شامل ڪيو ويو آھي. اھي سڀئي مضمون پڙهي مون کي اھو احساس ٿيو ته ليکڪ ڪيڏي نه سُھڻي نموني شاهه صاحب جي سُرن جي تشريح اڄ جي پسمنظر ۾ ڪئي آھي. ھو شاهه صاحب جي سُرن جي وضاحت ڪندي اڄ جي سماجي حالت کي به پڙھندڙن اڳيان پيش ڪندو پيو وڃي. سندس مضمونن مان اھا ڳالهه به واضح ٿي لڳي ته پاڻ شاهه صاحب کي ھڪ رھبر، سماجي سونھون ۽ انقلابي شاعر ۽ مفڪر طور پيش پيو ڪري. اھا ڳالهه به سندس مضمونن جي سونهن ۾ اضافو ٿي ڪري.
ھي ڪتاب پڙھندڙن ۾ اھو احساس به ڀرپور نموني پيدا ڪري ٿو ته شاهه صاحب جي شاعري کي پڙھي ۽ ان کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو پڻ بڻائجي. اڄ جي نوجوانن کي خاص طور تي ھي ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجي. لطيف جي پيغام کي عام ماڻهو تائين پھچائڻ ۾ ھي ڪتاب مددگار طور ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ھن ڪتاب ۾ ليکڪ ھڪ عوامي ۽ عام فھم انداز ۾ شاهه صاحب جي فڪر کي سمجھائڻ جي ننڍڙي پر سھڻي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن تي کيس جس ھجي.
سنجها پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيل ھن ڪتاب جو پبلشر نوٽ نواز آريسر ۽ مهاڳ علي ارشد چانڊئي لکيو آهي. جڏهن ته ڪتاب تي تاثر پروفيسر ادريس جتوئي لکيو آهي.
**

ڪتاب: ”سنڌ شناسي“ جو مختصر جائزو

مون جڏهن پھريون ڀيرو ايم ايڇ پنھور صاحب جي آتم ڪٿا پڙھي ھئي ته ان وقت کان مون کي پنھور صاحب جي شخصيت وڻي ٿي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ۽ لڇمڻ ڪومل صاحب جي آتم ڪٿائن کان پوءِ جيڪڏھن مون کي ڪا آتم ڪٿا بيحد وڻي ھئي ته سا ايم ايڇ پنھور صاحب جي آھي. جنهن جو سنڌي ترجمو ڇپيل آھي جيڪو سائين حاڪم علي شاهه بخاري صاحب ڪيو آھي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سندس شاندار ڪتاب ”سنڌ شناسي“ جو مطالعو مڪمل ڪيم. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي بي لوث خدمتگار، زرعي ماھر ۽ تاريخدان محترم ايم ايڇ پنھور جون سنڌ جي تاريخ، قديم آثار، جاگرافي، سماجيات، سياست، اقتصاديات، زراعت، آبپاشي، ماحوليات، ادب، مشھور شخصيتن جا پروفائلز ۽ سندن يادگار تقريرون سميت ٻيون ناياب لکڻيون شامل آھن. جيڪي پڙهڻ کان پوءِ سنڌ کي تاريخي طور سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ گڏوگڏ سنڌ سان پيار جو احساس به وڌي ٿو.
سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ استاد محترم غلام محمد لاکو صاحب ھن ڪتاب جو مرتب آھي. جنهن ايم ايڇ پنھور صاحب جي سنڌ جي موضوع تي لکيل مختلف لکڻين کي ڏاڍي پيار سان سھيڙي پڙھندڙن تائين پھچايو آھي. ھن ڪتاب ۾ موجود ڪافي لکڻين جو ترجمو به غلام محمد لاکي صاحب ڪيو آھي. جڏهن ته ڪجهه لکڻين جو ترجمو سائين عطامحمد ڀنڀري صاحب ڪيو آهي.
ھن ڪتاب کي ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آٓهي جنهن جي آخري ڀاڱي ۾ ايم ايڇ پنھور صاحب جا چار يادگار انٽرويو ڏنا ويا آھن. جن ۾ ھو پڇيل سوالن جا وڏي بيباڪي سان جواب ڏيندي ۽ سنڌ جي مختلف سياسي ۽ ادبي شخصيتن بابت پنهنجو واضح موقف ڏيندي نظر اچي ٿو.
ان کان علاوه ھن ڪتاب ۾ ايم ايڇ پنھور جا مختلف ڪتابن لاءِ لکيل مھاڳ ۽ تبصرا به شامل آھن جن جو موضوع به سنڌ آھي.
ھن ڪتاب جو تفصيلي مھاڳ به غلام محمد لاکي صاحب جو لکيل آھي. ھي تاريخي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آهي.
**

ڊسٽ بن

ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي مُحسن غلام نبي سومرو، مونکي هڪ ڪتاب موڪليو. جيڪو ڪتاب اهڙين ته خوبصورت لکڻين سان ڀريل آهي جو هڪ ئي ساهي ۾ پڙهي پورو ڪيومانس. ڪتاب جو نالو روايتي نالن کان هٽيل آهي ۽ جنهن ۾ ليک به روايتن کان هٽيل ۽ اعليٰ قسم جا آهن ۽ هن ڪتاب جو ليکڪ به روايتي ليکڪ ناهي. ڪتاب جو نالو آهي.
”ڊسٽ بن“ ۽ هن جو ليکڪ آهي محترم اڪبر سومرو.
اڪبر سومرو جيڪو وڏي مهارت سان پنهنجي لکڻين ۾ انگريزي جا لفظ استعمال ڪندو آهي. ان جو هي ڪتاب يادگيرين، مقالن ۽ تقريرن تي مشتمل آهي، جيڪي هن مختلف جڳهن تي پيش ڪيون آهن. اڪبر سومرو جنهن جي لاءِ عبدالقادر جوڻيجي چيو آهي ته ”اسان جا ڪيترائي دوست ڪجهه شعر، ڪهاڻيون يا ڪجهه جذباتي مضمون لکڻ کان پوءِ ٻي ڪنهن فيلڊ کي چارمنگ ڏسي هليا ويندا آهن يا ته وري ادبي يا ثقافتي ميڙ رچائي يا رَچيل ميڙن ۾ شرڪت ڪري پنهنجي شڪل ڏيکارڻ واري ڌنڌي ۾ لڳي ويندا آهن. اسٽيجن تان رڳو شڪل جنم وٺندي آهي ۽ ادب جنم نه وٺندو آهي. ادب ته ماڻهن ۾ رُلڻ ۽ ڌڪا کائڻ کان پوءِ ڪنڊ ۾ ويهي تخليق ڪبو آهي. اسان جو دوست اڪبر سومرو انهي شڪل ڏيکارڻ واري بيماري کان بچيل آهي ۽ ادب جي اصل بيماري ۾ ورتل آهي. هو عقل ڪل بڻجي ٻين کي سيکارڻ جي بدران پاڻ ٻين کان سکڻ جي چڪر ۾ رهندو آهي. اڪبر سومري کي ڪنهن به ٺپي جي ضرورت نه آهي“.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ ”سنڌ جي تهذيب ۽ سرحدون“ ڪَڇونءَ جي پُٺي تي رکيل دنيا، ”دل پڑوسی ہے مگر ميرا طرفدار نہيں“.
مونکي ماءِ مجاز جا اکين ۾ انبور“ ”ڪيسو ڦلن جي بارش“ جهڙن خوبصورت 42 ٽاپڪس جي هيٺ مختلف موضوعن تي لکيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ليکڪ جي انگريزي ڪتابن جا حوالا ڏين واري عادت مون کي زبردست لڳي. ان سان هڪ ته ليکڪ جو وسيع مطالعو ظاهر ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته اسان جهڙن گھٽ علم وارن ماڻهن کي اهي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهه ملي ٿو ۽ انهن ڪتابن جا نالا به اسان جي سامهون اچي ٿا وڃن.
هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ اڪبر لکي ٿو؛ ”ليکڪ“ ۽ ”عورت“ ٻنهي جي طبيعت ۽ عادتن ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي، ٻنهي ۾ تخليق جا خزانا لڪِل هوندا آهن. عورت کي پيار ڪرڻ وارو مرد ۽ ليکڪ کي اڪيلو ڪمرو، خاموشي ۽ ماحول جي ضرورت هوندي آهي“ سو اڪبر سومرو هڪ خوبصورت عورت وانگر هڪ خوبصورت ليکڪ آهي جنهن جي شاهدي هي ڪتاب آهي هن ڪتاب ۾ اڪبر مختلف وڏين شخصيتن جا مختلف ڪم ۽ واقعا به شيئر ڪيا آهن. جن ۾ نبي ڪريمﷺ، لطيف سائين، جي ايم سيد، ابراهيم جويو، شيخ اياز، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، عبدالواحد آريسر، ارن ڌتي راءِ، اوريانا فلاسي، آسڪروائلڊ کان وٺي حسن درس تائين شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“ جي عنوان سان سائين محمد ابراهيم جويي تي به هڪ خوبصورت ليک شامل آهي. ليکڪ اهڙي ته پُر اثر انداز ۾ پنهنجا (Experiences) شيئر ڪيا آهن جو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو. ”سج جي ڌيءَ“ جي نالي سان اڪبر، محترمه بينظير ڀٽو کي Tribute ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ اڪبر پنهنجي ماضي جي قصن، دوستن ۽ يادگيرين کي به خوبصورت نموني پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ مونکي اهو Feel ٿيو آهي ته اڪبر رومانس، عاشقي، آوارگي، ديوانگي، ڏک سک، خوبصورتي، بيوقوفي، رُلڻ، گھمڻ، پڙهڻ، کائڻ پيئڻ، مدهوشي، مستي، سائنس، آرٽ ۽ ڪرافٽ، مذهب دين مطلب ته هر موضوع تي لکيو آهي.
اڪبر جا هن کان اڳ ڊائري جا پنا، ناول ۽ ڪهاڻين جا مختلف ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. اڪبر خوبصورت شاعري به ڪئي آهي. پر هي ڪتاب هڪ مختلف ۽ منفرد تخليق آهي. هن ڪتاب ۾ اڪبر فڪشن/نان فڪشن جي مختلف پهلوئن کي Touch ڪيو آهي. هي ڪتاب فڪشن هائوس پاران ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ جيتريون خوبصورت لکڻيون آهن اوتروئي خوبصورت هي ڇپيل آهي. منهنجي سڀني Sober پڙهندڙن کي صلاح آهي ته هي ڪتاب ضرور خريد ڪيو، پاڻ به پڙهو ۽ دوستن کي به پڙهايو. توهان جي لائبريري ۾ هي هڪ سهڻو ۽ لاجواب اضافو هوندو.
**

سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو

سياست، اسان تي شخصي توڙي سماجي طور تي اثر انداز ٿئي ٿي. ھر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سياست ضرور ڪري ٿو ۽ منھنجو اھو يقين آھي ته عوام دوست سياست ئي اسان جي مسئلن جو حل آھي. اھا ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي رڳو ڪرسي حاصل ڪرڻ واري سياست عام ماڻهو جي نظر ۾ ٺڳي ۽ ھڪ سياستدان ڪنهن ٺڳ کان گھٽ ناھي، جيڪا ڳالهه ڪنهن حد تائين حقيقت به آھي. مان جڏهن ھمسفر گاڏھي صاحب جو ڪتاب ”سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو“ پڙھان ٿو ته ڪتاب جي پڙهڻ سان گڏ ذھن تي سنڌ جي سياست به گڏ گڏ ھلندي ٿي رھي. جيئن ئي ڪتاب جا ورق ورائي فھرست ڏسون ٿا ته سچ ته اھو ٿو محسوس ٿئي ته ھي سنڌ جي وڏن ذھنن جا انٽرويو آھن، ھي سنڌ جي تاريخ جا انٽرويو آھن. سو منهنجي خيال ۾ ھن ڪتاب جي تاريخي ۽ سياسي حوالي سان تمام گھڻي اھميت آھي.
ھن ڪتاب ۾ ٽوٽل 26 انٽرويوز شامل آھن جن جي شروعات سائين جي ايم سيد جي انٽرويو سان ٿئي ٿي. ھن ڪتاب ۾ جتي پليجي صاحب، شيخ اياز، امر جليل، سوڀي گيانچنداڻي جا انٽرويو آھن، اتي عبدالقادر جوڻيجي، شمشيرالحيدري ۽ مھتاب اڪبر راشدي جا انٽرويو به آھن. انٽرويو ته سڀ ڪمال جا آھن پر مون کي عبدلواحد آريسر، سراج، علي احمد بروھي، ڊاڪٽر اياز قادري، ايم ايڇ پنھور، شيخ عزيز، انيتا غلام علي، نجم عباسي، آغا سليم ۽ علي بابا جا انٽرويو بيحد وڻيا.
ھي ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن آھي، جيڪو پيڪاڪ پبلشر پاران شايع ڪيو ويو آٓهي، جنھن جو مھاڳ شيخ عزيز صاحب لکيو آهي ۽ پھرئين ايڊيشن جو مھاڳ علي احمد بروھي صاحب لکيو ھو، جيڪو پڻ ھن ڪتاب جو حصو آهي.
ھن ڪتاب ۾ شامل ھر انٽرويو ۾ انٽرويو وٺندڙن سوالن جي چونڊ ايڏي ڀرپور نموني سان ڪئي آھي جو ان ۾ سياست، تاريخ، ادب، ادارا، تعليم، زراعت، آرٽ ۽ فن سميت ڪافي موضوع بحث ھيٺ اچن ٿا ۽ انٽرويو ڏيندڙ انهن سوالن جا پرمعز جواب به ڏين ٿا
انھن سڀني انٽرويوز ۾ تقريبن سنڌ جي ڏاھپ اھو اعتراف ڪندي رھي ته سنڌ جي سياست تباهه آھي، سنڌ جي تعليم تباهه آھي، سنڌي ادب عالمي معيار جو ناھي، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو تباهه آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تباهه آھي، ثقافت کاتو تباهه آھي، سنڌي ادبي بورڊ تباهه آھي، سنڌيالاجي تباهه آھي، سنڌ يونيورسٽي تباهه آھي، صحت تباھ آھي، ٻولي خطري ۾ آھي، زراعت تباھ آھي، پاڻي جي صورتحال تباهه آھي، سنڌ ھن وقت سياسي، ادبي، علمي، عملي ۽ فڪري بحران مان گذري رھي آھي وغيره وغيره........ سوچيان ٿو ته ڇا ھر تباهي ۽ بُرائي جو ٺيڪو سنڌ کنيو آ ڇا؟؟!!
ھي انٽرويو لڳ ڀڳ 30 سال اڳي جا ورتل آھن، اُن وقت به ھي سڀ تباھيون ھيون ۽ اڄ به ڏسون ٿا ته اسان جي حالت ساڳي يا ويتر تباهي طرف آھي. آخر اھو سڀ ڇو آھي؟؟ اِھو ھڪ وڏو سوال آهي جنهن تي سماجي سائنسدانن کي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ھنن انٽرويوز پڙهڻ سان اھو بہ محسوس ڪري سگھجي ٿو ته سنڌ جي ڏاھپ ڪنهن ھڪ نقطي تي به پاڻ ۾ متفق ناھي. جيڪو عملي طور اسان ڏسون پيا ته اسان ڪنهن به پارٽي يا تحريڪ ۾ پنج ڏينهن گڏ ھلي پوءِ وري ڌڙن ۾ ورھائجي ٿا وڃون.... اھو به ھڪ اھم ۽ سوچڻ جھڙو سوال آهي.
ھنن انٽرويوز جا سال به ڏنل آھن ته ھي انٽرويو ڪھڙي سال ۾ ورتل آھن پر پوءِ به ڪجهه انٽرويوز ۾ سال ناھي ڏنل ته ھي انٽرويو ڪڏهن ورتا ويا. سو ان ڳالهه جو خيال رکجي ھا ته بھتر ھو.
ھن ڪتاب ۾ موجود ڪجهه انٽرويو ته ھمسفر گاڏھي اڪيلي ورتا آھن پر گھڻن انٽرويوز ۾ ساڻس ٻيا دوست به گڏ آھن. ان ڪري بھتر ائين ٿئي ھا جو سوال جي جڳهه تي ان سوال ڪندڙ جو نالو ڏجي ھا ته اِھا خبر پوي ھا ته ڪھڙو سوال ڪنهن ڪيو آهي. انهن سوالن مان سوال پڇندڙ جي فڪر ۽ سوچ جي خبر پوي ھا. جڏهن ته ڪتاب ۾ رڳو سوال لکيا آھي ۽ سوال ڪندڙ جو نالو ناھي.
ھن ڪتاب ۾ ھي به ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي جو ھر انٽرويو کان پھرين ليکڪ پاران ان شخصيت جو پروفائل به جامع انداز ۾ ڏنل آھي. جيڪا پڙھندڙن جي دلچسپي کي ويتر وڌائي ٿي.
ڪتاب ۾ سنڌ جي ڏاھپ ۾ مردن سان گڏ عورتن کي به جڳهه ڏني وئي جنهن جون ھو حقدار آھن. اھو به ڪتاب جي سونھن ۾ اضافي آھي.
ھي ڪتاب نون صحافين ۽ انٽرويو وٺندڙ نوجوانن لاءِ گائيڊ طور استعمال ٿي سگھي ٿو ۽ ان کانسواءِ سياست ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ به نھايت اھميت وارو آھي. ھمسفر صاحب تي ھن محنت تي مبارڪون ۽ جس ھجي.
**

قيد ڪشالا زندگي (آتم ڪٿا)

ھن ڪتاب جي نالي مان ئي لڳي پيو ته ھي ھڪ فرد جي مسلسل جدوجھد، محرومين، زندگي جي لاڙھن چاڙھن، سُکن ۽ ڏکن جو داستان آھي. جڏهن ڪو فرد زندگي جي مختلف مرحلن مان گذري، ڏکائين مان پار پئي اڳتي وڌي ٿو ته پوءِ ھو ھڪ عام فرد نٿو رھي بلڪه اُھو فرد ھڪ شخصيت ۾ تبديل ٿي ٿو وڃي. اھا شخصيت ٻين لاءِ ھڪ مثال ۽ اتساھ جو سبب بڻجي ٿي پوي. وري جڏهن اھا شخصيت پنهنجي زندگي جي ڪھاڻي دلچسپ آتم ڪٿا جي صورت ۾ لکي پڙھندڙن تائين پھچائي ته پوءِ ڪھاڻي تاريخ جو حصو ٿي وڃي ٿي.
اھڙو ئي فرد سائين الھورايو بھڻ به آهي جنهن پنهنجي زندگي جي ڪھاڻي ”قيد ڪشالا زندگي“ جي نالي سان لکي ڪتابي صورت ۾ پڙھندڙن جي سامھون آندي آھي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي اٻالي ٻاروتڻ کان ھن وقت تائين جون يادون ڏاڍي اتساھيندڙ انداز ۾ بيان ڪيون آھن. ھڪ ٻار قيد ۾ ڪھڙي طرح مختلف پيڙائن مان گذري ٿو. اھو ڏاڍي سچائي سان بيان ڪيل آھي. ليکڪ علم جي تلاش ۾ جيڪي ڪوششون ڪيون سي به اڄ جو نوجوان پڙھي اھو سمجهي سگهي ٿو ته علم جي ڪيڏي اھميت آھي ۽ اھو علم ئي آھي جيڪو انسان کي فضيلت ڀري زندگي گذارڻ جو گس ڏسي ٿو. ان کان سواءِ ليکڪ ميرپورخاص شھر جو ذڪر به ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪري ٿو.
ليکڪ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ سنڌي سماج جو بھترين تجزيو ڪيو آهي جنهن ۾ ھو پاڻ سان لاڳاپيل مختلف شخصيتن تي به لکي ٿو. ائين کڻي چئجي ته انھن شخصيتن جا مختصر خاڪا لکي ويو آھي. جيڪي به وڏي اھميت وارا آھن. ليکڪ پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد ھو ته ھن اسان جي تعليمي صورتحال سان به سٺي نموني روشني وڌي آھي.
ھي ڪتاب نارا ريسرچ ائنڊ پبلشنگ آرگنائيزيشن پاران شايع ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ محمد عمر چنڊ، استاد لغاري ۽ امر لغاري جا ليکڪ بابت رايا شامل آھن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي خورشيد قائمخاني صاحب جو نوٽ لکيل آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ جون ناياب تصويرون به شامل ڪيون ويون آھن. آتم ڪٿائن سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ھي ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجي.
**

دل ڇھندڙ آتم ڪٿا (دارون ۽ ڪارون)

منهنجي سامھون جڏھن به ڪو آتم ڪٿا جو ڪتاب ايندو آهي ته ان وقت مون کي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي اھا ڳالھ ذھن تي تري ايندي آهي ته ھر شخص کي پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ گھرجي. ان سان ادب ۽ ٻولي ۾ به واڌارو ٿيندو ۽ اھي ڳالهيون تاريخ جو به حصو ٿي وينديون. جيڪي اڳتي هلي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ رھنمائي، اتساھ ۽ دلچسپي جو سبب بڻجنديون. تنهن ڪري مان مختلف وقتن تي مختلف دوستن سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪندو رھندو آھيان ته پنھنجن يادن کي لکت جي صورت ۾ محفوظ ڪندا رھو، جيئن اُھي وقت سر ڪم اچي سگھن. ھونئن به يادون زندگي جو قيمتي سرمايو ھونديون آھن.
ھن وقت منهنجي ھٿن ۾ به ھڪ يادگار ۽ دل ڇھندڙ آتم ڪھاڻي جو ڪتاب آھي. جيڪو صحافت جي تمام وڏي نالي شيخ عزيز صاحب جو آھي. ”دارون ۽ ڪارون“ جي نالي سان ھي آتم ڪھاڻي پيڪاڪ پبلشرز پاران شايع ڪئي وئي آھي. افسوس ته ھي آتم ڪھاڻي شيخ عزيز صاحب جي زندگي ۾ ڇپجي نه سگھي. سندس ڪھاڻي، سندس وفات جي ڪجهه مھينن کان پوءِ شايع ٿي، پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھتي آهي.
ھن آتم ڪھاڻي ۾ شيخ عزيز صاحب نھايت ئي دلچسپ انداز ۽ وڏي بيباڪي جو مظاھرو ڪندو، ڪافي حقيقتون سامھون آنديون آھن. ان حوالي ھو پاڻ به لکي ٿو ته مون جيڪي ڳالهيون جيئن آھن، تيئن لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ان ۾ ڪو به وڌاءُ ناھي ڪيو.
شيخ عزيز صاحب پنهنجي ڪھاڻي جي شروعات روايتي انداز وانگر ننڍپڻ کان نٿو ڪري پر ھي پنهنجي ڪھاڻي حيدرآباد شھر جي يادن سان شروع ٿو ڪري. ان ۾ ھي ورھاڱي دوران آزادي ۽ لڏپلاڻ تي به لکي ٿو. ھي جڏهن حيدرآباد جي مختلف جڳھن ۽ انهن جي تاريخي پسمنظر بابت لکي ٿو ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته ھن کي حيدرآباد جي شھر سان وڏي انسيت آھي.
ان سان گڏوگڏ پاڻ پنهنجي صحافتي ڪم جي حوالي سان تمام گهڻو لکيو اٿس، جنھن ۾ عبرت اخبار جي شروعاتي دور کان ويندي انگريزي اخبار ڊان ۾ پنهنجي صحافتي ڪم ۽ لاڙھن چاڙھن جو ذڪر ڪري ٿو.
سندس ڳالھين ۽ بيان ڪيل قصن مان ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪري سگھجي ٿو ته کيس صحافت ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق جنون جي حد تائين ھو. ان دوران سندس ٻولي ۽ لکڻين ٻين صحافين ۽ ليکارين لاءِ گائيڊ طور ڪم اچن ٿيون.
پاڻ ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ جرنلزم جا استاد به رھيا، ان وقت جي يادن کي به تمام سھڻي نموني پنهنجي ڪھاڻي جو حصو بڻايو اٿن. ان مان لڳي ٿو ته پاڻ سٺا استاد پڻ ھئا.
مزي جي ڳالهه ته شيخ عزيز صاحب کي موسيقي سان نه رڳو بيحد لڳاءَ ھو پر پاڻ موسيقي جو وڏو ڄاڻو به ھو. پنهنجي ڪھاڻي ۾ لکي ٿو ته موسيقي جي ڄاڻ ھجڻ ڪري ساڻس رئيس ڪريم نظاماڻي ملڻ آيو ۽ ان کان پوءِ ھنن جي وچ ۾ تمام گھڻا ڪچھرين ۽ پيئڻ جا دور ھلندا ھئا. انھي ڪچھرين دوران ڳالهين جي اھميت کي سمجھندي شيخ عزيز، ڪريم بخش نظاماڻي صاحب کي آتم ڪٿا لکڻ جو چيو. نظاماڻي صاحب ان دوستاڻي ھجت جي موٽ ”ڪيئي ڪتاب“ جي صورت ۾ ڏني، جيڪا ھڪ شاھڪار آتم ڪٿا آھي. ڏسجي ته ان عظيم ڪم پويان به شيخ عزيز جي اھا صلاح ھئي جنهن تي عمل ڪري نظاماڻي صاحب اھا ڪٿا لکي.
ھن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل مھتاب اڪبر راشدي لکيو آهي. جنهن ۾ ھو لکي ٿي ته ”سندس زندگي به کليل ڪتاب جيان ھئي جيڪا ڪنهن کان به ڍڪيل ڪو نه ھئي. ان جي باوجود به ھن شخص سچائي سان پنهنجي آتم ڪھاڻي لکي زندگي جي حالات کي کولي پڌرو ڪيو آھي. جيڪا تمام دليري جي ڳالهه آهي. شيخ عزيز جو ھي ڪتاب فقط آتم ڪھاڻي ناھي بلڪه ڪيترن ئي موضوعن تي مشتمل ھڪ دور جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي تاريخ پڻ آھي. جنهن جي اھميت الڳ آھي.
ھي ڪتاب پڙھندي مون کي ھڪ ڳالهه جو افسوس ٿيو ته ھن ڪتاب ۾ پروف جون تمام گھڻيون غلطيون آھن. جيڪي درست ڪيون وڃن ھا ته بھتر ھو. ڇو ته شيخ عزيز صاحب پاڻ ڪمال جو ايڊيٽر ھو ۽ ھو ٻولي جي سونهن جو تمام گھڻو خيال رکندو رھو.
ھي ڪتاب شيخ عزيز صاحب جي فرزند طارق عزيز ڇپرايو آھي. ھن ڪتاب جي حوالي سان ان جو ليک به ڪتاب جو حصو آهي. ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري صحافي ھمسفر گاڏھي لکيو آھي. جيڪو ”زندگي ڏک آھي“ جي عنوان سان ھن ڪتاب ۾ شامل آھي. ان ۾ ھي لکي ٿو ته ”سچ ته شيخ عزيز جي ھي آٽو بايوگرافي سڄي زندگي جي پيار جو پورھيو آھي، جنھن ۾ ھن بنا ڪنهن ملاوٽ جي واقعن ۽ مشاھدن کي بيان ڪيو آھي. ليکڪ درياه نہ بلڪہ سمنڊ کي ڪمال مھارت سان ڪوزي ۾ بند ڪري ڏيکاريو آهي. ھڪ لحاظ کان ھي ڪتاب سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ پڻ آھي، جنھن مان اميد ته پڙھندڙن کي تمام گھڻو لاڀ ملندو.“

** 

تاريخي ۽ ادبي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب

عجيب اتفاق آهي جو گذريل ٻن مهينن ۾ منهنجي مطالعي مان ٻه اهڙا ڪتاب گذريا آهن، جيڪي مختلف شخصيتن جي انٽرويوز تي مشتمل آهن. اِن حوالي سان پهريون ڪتاب، همسفر گاڏهي صاحب جو ”سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو“ هو، جيڪو آئون اڃا پڙهي ئي رهيو ته ان دوران محترم سائين مرتضيٰ سيال صاحب، منهنجي ننڍڙي دعوت تي قُرب جا قدم ڀري اسان جي ڳوٺ ڪچهري تي، پياري دوست واحد پارس هيسباڻي صاحب سان گڏ آيو. سائين وارن سان ڪچهري به يادگار رهي ۽ اِهي سائين جون محبتون آهن، جو پاڻ منهنجي مطالعي لاءِ پنهنجا خوبصورت ڪتاب ڏئي ويا. انهن ڪتابن مان به هڪ ڪتاب انٽرويوز تي مشتمل آهي. جنهن جو نالو ”سنڌ جي ساڃاهه کان سوال“ آهي. مون هي ڪتاب جڏهن پڙهي مڪمل ڪيو ته منهنجي دل چيو ته هن ڪتاب تي پنهنجو رايو ضرور لکان. هونئن به مون کي جيڪو ڪتاب سُٺو لڳندو آهي، ان تي ٻه چار اکر لکندو آهيان.
هن خوبصورت ڪتاب ۾ ڏهن مختلف علمي ادبي شخصيتن جا انٽرويوز شامل آهن. جن ۾ شروعات امر جليل جي انٽرويو سان ٿيل آهي. جيڪا پڙهندڙ جي دلچسپي وڌائڻ جو سبب آهي. ڇو ته امر جليل صاحب ڪافي وقت کان سنڌ جي خاص طور تي نوجوانن جو آئيڊيل رهندو آيو آهي. ان کان سواءِ تنوير عباسي، عبدالقادر جوڻيجو، مظهر الحق صديقي، امداد حسيني ۽ سحر امداد، عزيز گوپانگ، ٻانهو خان شيخ، حليم باغي ۽ رسول بخش درس جا انٽرويو هن ڪتاب جو حصو آهن. هي سمورا دلچسپ ۽ يادگار انٽرويو مرتضيٰ سيال صاحب مختلف وقتن تي ورتا آهن، جڏهن پاڻ عبرت مئگزين جا ايڊيٽر هئا. هي انٽرويو سنڌ جي ادبي حوالي سان تمام وڏي اهميت وارا آهن.
هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي مرتضيٰ سيال بابت ناليواري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جو رايو ڏنل آهي. جڏهن مون اهو رايو پڙهيو ته جوڻيجي صاحب جا لفظ، مون کي منهنجي احساسن جي ترجماني ڪندي محسوس ٿيا. پاڻ لکي ٿو ته "ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي جڏھن پهريون ڀيرو ملندا آهن ته لڳندو آهي ته ساڻن اڳ ۾ به ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل آهن، مرتضيٰ سيال به هڪ اهڙو ئي ماڻهو آهي. مرتضيٰ سيال کي اهو ئي نظر انداز ڪندو آهي، جنهن جي اک جو پاڻي مئل هوندو آهي. مرتضيٰ صاحب سان منهنجي به جڏهن پهرين ملاقات ٿي ته ائين محسوس ٿيو ته اسان جون اڳ ۾ ئي ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل آهن. اِهو يقينن سندس شخصيت جو ڪمال آهي. جيڪو هر ماڻهو وٽ ناهي هوندو.
هن ڪتاب جي فليپ تي نامياري صحافي سهيل سانگي جو به رايو ڏنل آهي. جنهن ۾ سانگي صاحب لکي ٿو ته ”صحافي طور ميدان ۾ آيل مرتضيٰ سيال مختلف دورن ۾ مختلف انٽرويوز وٺندو رهيو. هو ان دوران مختلف شعبن ۽ شخصيتن جو به گهرائي سان اڀياس ڪندو رهيو. ماڻهو ڪيئن ڳالهائين ٿا. انٽرويو ۾ رسمي طور پاڻ کي ڪيئن بيهارين ٿا؟ هن اهو سڀ ڪجهه غور سان ڏٺو. پوءِ کيس خبر پئي ته رڳو انٽرويو وٺڻ نه پر انٽرويو ڏيڻ به آرٽ آهي. هن جڏهن انهن ٻنهي پاسن تي مهارت حاصل ڪري ورتي ته کيس پبلڪ رليشن جي کيتر ۾ ٽپي پوڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي. هاڻي هو ماضي جو صحافي ۽ اڄ جي دور جو پبلڪ رليشن جو ڄاڻو آهي. “
هن ڪتاب جو مهاڳ، امداد سومري صاحب لکيو آهي. جنهن ۾ هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته” مرتضيٰ هي انٽرويو 90ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيا آهن ۽ انهن کي ڇپرائي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ليکڪن کي سمجهڻ ۽ ان وقت سندن سوچن متعلق پروڙڻ جي حوالي کان اسڪينر جو ڪم ڏئي سگهي ٿو. “
اها واقعي حقيقت آهي ته هي انٽرويو انهن ليکڪن جي سوچ کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر هي انٽرويو، انهن شخصيتن جي سوانح عمري جو مختصر پر جامع حصو به آهن.
امر جليل جي انٽرويو ۾ هن کان سنڌي ڪهاڻي، ناول ۽ ٿيٽر بابت ڏاڍا ڪارائتا سوال پڇيل آهن. ان وقت امر جليل، اسلام آباد ۾ رهندو هو. امر جليل انهن سوالن جا جواب به سندس مخصوص ۽ وڻندڙ انداز ۾ ڏيندي نظر اچي ٿو. اهڙي طرح تنوير عباسي صاحب کان شاعري، تحقيق ۽ تنقيد بابت ڏاڍي معلوماتي ڪچهري ٿيل آهي. عبدالقادر جوڻيجي صاحب پنهنجي ننڍپڻ جو حال احوال ڏيندي، ماضي جي خوبصورت يادن ۾ هليو ٿو وڃي ۽ پنهنجي ننڍپڻ بابت ڏاڍي معصومانه گفتگو ڪندي نظر اچي ٿو. سنڌي ڊرامي، ڪهاڻي ۽ سنڌي ڪتابن تي به جوڻيجي صاحب جون ڳالهيون پڙهڻ جهڙيون آهن. مظهر الحق صديقي صاحب کان ان وقت انٽرويو ورتل آهي، جڏهن هو ٻئي ٽينيوئر ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. صديقي صاحب کان سنڌ يونيورسٽي جي مختلف اشوز تي ڏاڍا سٺا سوال ٿيل آهن. جن ۾ داخلا پاليسي، امتحان جو طريقيڪار، استادن جون مقرريون، ملازمن جون يونينون، يونيورسٽي جو تعليمي معيار، سياسي مداخلت وغيره تي بحث ٿيل آهي. امداد حسيني ۽ سحر امداد کان گڏ انٽرويو ورتو ويو آهي، جنهن ۾ سندن ننڍپڻ جي يادن کان ويندي، هن وقت تائين جي حوالي سان سندن ذاتي ۽ ادبي حوالي سان سوال ٿيل آهن. جيئن ته هي ٻئي شاعري سان وابسته آهن، سو هن گفتگو جو محور شاعري ئي آهي. ان کان پوءِ نامياري شاعر ۽ نثر نگار عزيز گوپانگ جو انٽرويو آهي. جيڪو هڪ باضابطه انٽرويو گهٽ پر ٻن دوستن جي هڪ يادگار ڪچهري آهي. جنهن ۾ زندگي، حُسن، عشق، گُل، شاعري، ادب، عورت، ياد، پيار، خوبصورتي، خوشبوءِ، سونهن، آزادي، دِل، دماغ، دنيا، حساب ڪتاب، عبادت، فرسٽريشن، بُک، بيروزگاري، ننڊ، خواب، سياست، رُسڻ، پرچڻ، عقل، موت سميت ٻين انيڪ موضوعن تي دل کولي ڳالهايو ويو آهي. ٻانهي خان شيخ صاحب کان سندس ڀٽائي سائين تي ڪيل ڪم جي حوالي سان ڪچهري ڪئي وئي آهي. حليم باغي کان شاعري، سياست، سنڌ يونيورسٽي جون يادون، استاد جي حيثيت ۾ تعليم جي معيار تي سوال ٿيل آهن. جنهن جو جواب به باغي ڀرپور ڏنا آهن. آخر ۾ نامياري ڪهاڻيڪار، موسيقي جي ڄاڻو، خاڪا نويس ۽ استاد محترم رسول بخش درس جو انٽرويو آهي. جنهن ۾ ساڻس سنڌي ڪهاڻي ۽ سندس پاران لکيل مختلف لڪل هيرن تي لکيل پروفائيلز جي حوالي سان گفتگو ملي ٿي. جيڪا يقينن پڙهندڙن لاءِ دلچسپي جو ڪارڻ آهي.
هنن انٽرويوز ۾ هر انٽرويو جي آخر ۾ ان جو سال به ڏنل آهي ته اهو انٽرويو ڪڏهن ورتو ويو؟ انٽرويوز ۾ ڪافي پينل انٽرويو آهن. جنهن ۾ شامل دوستن جا نالا به هر انٽرويو جي آخر ۾ ڏنل آهن. اڃا وڌيڪ ڀلو ٿئي ها، جيڪڏهن سوال جي جڳهه تي سوال پڇندڙ جو نالو ڏنو وڃي ها. ڇو ته ان سان اها خبر پوي ها ته ڪهڙو سوال ڪهڙي دوست پاران ڪيو ويو آهي.
هن قسم جا ڪتاب اسان کي اهو احساس ڏيارين ٿا ته اسان پنهنجي هيروز سان معلوماتي ڳالهه ٻولهه ڪري نه رڳو محفوظ ڪريون پر ٻين تائين به پهچايون. جيڪو ڪم اسان جي محترم دوست مرتضيٰ سيال ڏاڍي سُهڻي نموني ڪيو آهي. جنهن لاءِ کيس جس هجي.
هي خوبصورت ڪتاب سنيهو پبليڪشن ڄامشورو پاران شايع ڪيو ويو آهي.

**

سنڌي سماج جا مختلف پاسا سمجهائيندڙ ڪتاب

اسان جي نظرن مان هر روز مختلف ڪتاب گذرندا رهن ٿا. انهن ڪتابن ۾ وري وڌيڪ اهميت وارا ڪتاب اُهي هوندا آهن، جيڪي وري وري پڙهڻ لاءِ دل چوندي آهي. اهڙن ئي ڪتابن ۾ محترم جامي چانڊيي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو هي ڪتاب ”سنڌي سماج - تاريخي ۽ تنقيدي اڀياس“ به شامل آهي. جيڪو مختلف وقتن تي وري وري پڙهڻ لاءِ دل چوي ٿي. ڇو ته هن ڪتاب ۾ سنڌي سماج جي مختلف رَوَين جي ڏاڍن زبردست دليلن سان ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ خاص طور تي موجوده سنڌ جي ته تمام شاندار اسٽڊي ٿيل آهي، جنهن ۾ جامي چانڊيي صاحب جون لکيل ڳالهيون ايڏيون ته وزنائتيون آهن، جو انھن کي سنڌي سماج جي حوالي سان ڪٿي به حوالي طور (reference) استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ڪتاب جي مقدمي ۾ جامي صاحب، سماجي علمن جي اوسر، تاريخيت ۽ سنڌ شناسي جي عنوان سان تمام اهم معلومات پيش ڪئي آهي. جنهن ۾ هن انساني ۽ سماجي علمن جي اوسر تي روشني وڌي آهي. ان کان سماجي پرک جي مختلف نظرين جو ذڪر ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ انهن نظرين جو اطلاق سنڌي سماج تي به ڪندو هلي ٿو. انهن نظرين ۾؛
1- سماجي پرک جو ارتقائي نظريو
2- سماجي پرک جو دائراتي نظريو
3- سماجي پرک جو معاشي نظريو
4- سماجي پرک جو تضاد وارو نظريو
5- سماجي پرک جو فيمينسٽ نظريو
6- سماجي پرک جو طاقت جو نظريو
7- سماجي پرک جو ٽيڪنالاجيڪل نظريو شامل آهن. انهن سڀني نظرين جي سنڌي سماج جي (context) ۾ تمام بهترين وضاحت ٿيل آهي.
ڪتاب جو پهريون مضمون ”سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جا سبب“ جي عنوان سان آهي. جنهن ۾ ليکڪ سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جا مختلف سماجي، معاشي، نفسياتي، سياسي سبب به بيان ڪري ٿو ته، ان ڳالهه جا هي سبب به ڏي ٿو ته سنڌي سماج ۾ وڏين جدوجهدن جو نه هجڻ، ڪن وڏن تاريخي بحرانن جو نه اچڻ، ذات پرستي واري بڇڙائي جو هجڻ، ادارن بجاءِ فردن تي انحصار جو هجڻ، به انهي سماجي مسئلي سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن کي جامي صاحب، قبيلائي دهشتگردي ٿو چوي. اها واقعي حقيقت آهي ته، اهي جهيڙا نه پر دهشتگردي آهي. انهي دهشتگردي جي سببن کي به بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ تجويزون به ڏنيون ويون آهن ته، ان عذاب مان پاند ڪيئن آجو ڪرائجي. هن ڪتاب ۾ فڪري آزادي ۽ اظهار جي آزادي تي به بحث ٿيل آهي. اظهار جي آزادي جي نالي ۾ اسان وٽ جيڪا ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، ان تي جامي صاحب لکي ٿو ته: ” آزادي هڪ مقدس حق آهي، جنهن جو احترام فرد، سماج ۽ رياست تي لازمي آهي پر ساڳئي وقت اهو به سوچڻ گهرجي ته آزادي هڪ بيحد ذميوار ڪم آهي، آزادي جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو به فرد يا گروهه پنهنجي مرضي موجب هر اهو ڪم ڇڙواڳي سان ڪندو وتي، جنهن سان ٻين فردن يا گروهن جي حق تلفي ٿيندي هجي. ڪنهن به فرد جي آزادي جون سرحدون فقط تيستائين آهن، جيستائين ڪنهن ٻئي جي حقن جون سرحدون شروع ٿين ٿيون.
ڪم جي اخلاقيات کان وانجهيل سماج! جي عنوان سان هڪ مضمون ۾ جامي صاحب لکي ٿو ته “ سنڌي سماج ۾ ڪم ڪرڻ کي يا ته عيب يا زوري مڙهيل عذاب سمجهيو وڃي ٿو. جنهن کي ڏسو اهو ڪم کان ڀڄڻ چاهي ٿو. شاگرد پڙهڻ نه ٿو چاهي، هن کي ٺلهي ڊگري جي بنياد تي” سڻڀي“ نوڪري گهرجي، استاد پڙهائڻ نٿو چاهي، بيوروڪريسي آفيسن ۾ عوام لاءِ گهٽ پر گهڻي ڀاڱي پنهنجا کيسا ڀرڻ اچي ٿي، اين جي اوز کي هر شهر ۾ انيڪ پراجيڪٽ مليل آهن پر سرزمين تي ٿلهي ليکي ڪاري وارا ڪک، صحافي اڳي هر جاءِ تي وڃي رپورٽ ڪندو هو، هاڻي هر پريس ڪلب ۾ ڪو هڪ ماڻهو خبر لکندو ۽ اُها سمورن ادارن کي فيڪس يا اي ميل ٿيندي، معلومات به فون تي وٺبي، ماڻهو فخر سان ٻُڌائيندا ته فلاڻي جي نوڪري واهه جي آهي جو ڪم آهي ئي ڪونه! جنهن ڳالهه تي هڪ باشعور ماڻهو کي ٻُڏي مرڻ گهرجي، ان تي فخر ڪرڻ هڪ روايت بڻجي چڪي آهي “.

هن ڪتاب ۾ سنڌي سماج جي نفسياتي بحران تي به تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي. رول ماڊل جي حوالي سان جامي صاحب لکي ٿو ته” ڇا اهو نٿو ٿي سگهي ته ماڻهن جا رول ماڊل سچا عالم هجن، اسڪالر ۽ سچا اديب ۽ سائنسدان هجن، بي لوث قومي ڪارڪن ۽ ڏاها ماڻهو هجن، ايماندار ۽ محنتي پروفيشنل ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر، وڪيل، جج، عوام دوست آفيسر ۽ رڳو اهي ڇو؟ تخليقي ڪاريگر، واڍا ۽ ڪوري، ڳائڻا، پورهيت ۽ حقيقي سماجي ڪارڪن هجن. ٻيو ته رول ماڊل رڳو مرد ڪردار ڇو؟ ڇا اسان جي سماج ۾ بااخلاق، سورهيه، تخليقي ۽ ڏاهين عورتن کي رول ماڊل نٿو بڻائي سگهجي؟ اها واقعي حقيقت آهي ته اسان کي روايتي رول ماڊلز واري سحر مان نڪرڻو پوندو.
سنڌي سماج سياست مان ڇو بيزار آهي؟ انهي رويي تي به ڏاڍو سُٺو لکيو ويو آهي. سنڌ کي ”محرومي جي رومانس“ مان نڪرڻ گهرجي! جي عنوان سان لکي ٿو ته، ”منهنجي خيال ۾ سنڌي ماڻهن ۾ پيدا ٿيل اُن غلط رجحان جي ذميواري گهڻي ڀاڱي اسان جي قومي سياست ڪندڙ ڌرين جي قيادت ۽ دانشورن تي به آهي.“
ليکڪ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته سنڌ کي ڪجهه چرين جي ضرورت آهي! جيڪي بغير ڪنهن لالچ جي سماج لاءِ حقيقي معني ۾ ڪم ڪن.
هن ڪتاب ۾ ماضي پرست سنڌ مستقبل جي ايجنڊا ڇو نٿي ٺاهي!؟ ننڍي عمر جي شادين کي روڪجي؟ سنڌي سماج کي انارڪي کان بچائڻ جي ضرورت! سماجي انتشار جي چوواٽي تي بيٺل سنڌ! مذهبي انتهاپسندي جي گهيري ۾ ايندڙ سنڌي سماج! نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان ڪيئن بچائجي؟ سنڌ کي جنونيت کان ڪيئن بچائجي؟ سنڌ جي روشن خيال روح کي ڪيئن بچائجي؟ سنڌي سماج جي بيهڪ کي سگهارو ڪيئن ڪجي؟ ”ڪجهه نه ڪريو“ پارٽي جو فلسفو، ”ڪجهه نه ڪرڻ ڏبو“ پارٽي جا بنيادي اصول، اچو ته وقت ڏانهن ذميوار ٿيون جي عنوانن سميت ٻين به ڪيترين ئي سماجي موضوعن تي ٽوٽل 46 مضمون شامل آهن.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها به آهي ته، ان ۾ هنن سڀني سماجي مسئلن جو سائنسي انداز ۾ جائزو ورتو ويو آهي ۽ ان سان گڏ انهن مسئلن جي حل لاءِ تمام ڀليون صلاحون به ڏنيون ويون آهن.
منهنجي خيال ۾ هن قسم جي ڪتاب کي يونيورسٽين جي خاص طور تي سماجيات جي شعبي جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن شاگرد به هن ڪتاب مان فائدو وٺي سگهن. ان سان گڏ هي ڪتاب ته هر فرد کي پڙهڻ گهرجي، ڇو ته اسان سڀ هن سماج جو حصو آهيون ۽ هي ڪتاب اسان بابت ئي آهي.

** 

همسَري جي چوٿين سالگرھه

اسان جي سماج جو ماڻهو، جيڪو ڪتابن جي ويجهو اڳ ۾ ئي نه ھُئو، سو اڄلڪھ جي سوشل ميڊيا واري دور ۾ ڪتابن کان ويتر پري ٿي ويو آھي. اڄ جي وقت جي اھا ضرورت آهي ته ماڻهن کي ڪتابن طرف آڻجي ته جيئن سندن اندر روشن ٿئي ۽ سندن سوچ ۽ خيالن کي نوان رخ ملي سگھن. ان حوالي سان اسان جي سماج ۾ ڪجهه اھڙيون شخصيتون موجود آھن، جيڪي ان سوچ کي سامھون رکندي ھر وقت پنهنجي ٻولي جي خدمت ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ خاطر ھر وقت پاڻ پتوڙينديون رھنديون آھن. اھڙن ماڻهن ۾ ”ھمسري“ رسالي جي ايڊيٽر ميڊم زاھدہ ابڙو صاحبه به آھي، جيڪا پنهنجي مسلسل جدوجھد سان گزريل چار سالن کان باقاعدگي سان ھي رسالو، پڙھندڙن تائين پھچائيندي رھندي آھي. شابسون آھن انهن شخصيتن کي، جيڪي سماجي بھتري ۽ پنهنجي ٻولي جي بچاءَ جي ڪري، ھِن سماج جي غير اتساھيندڙ رَوَين کي نظر انداز ڪري پنهنجي منزل طرف وڌندا رھندا آھن.
ھمسري ۾ سياسي تجزيا، سماجيات تي مضمون، صحت، تعليم، ناول، ڪھاڻي، شاعري، ترجما، ڪتابن تي تبصرا، پروفائيلز، سفرناما، آرٽ سميت ڪنهن نه ڪنهن شخصيت جو انٽرويو ھر شماري ۾ شامل ھوندا آھن.
انٽرويو به اڪثر ميڊم پاڻ وٺندي آھي، جيڪي پنهنجي نوعيت جا يادگار انٽرويو آھن. انهن ۾ تقريبن سماج جي ھر شعبي جي ماڻهن کي شامل ڪيو ٿو وڃي، جن پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي. خاص طور تي مختلف تعليمي ادارن جي سربراھن جا انٽرويو به شامل ڪيا ٿا وڃن ته جيئن انھن مان نوجوان طبقو فائدو حاصل ڪري سگھي.
رسالي جي ايڊيٽوريل ۾ به ڪنهن نه ڪنهن اھم سماجي اِشو جي نشاھندگي ٿيل ھوندي آھي ۽ ان ۾ به ڪو نه ڪو ھاڪاري پيغام سمايل ھوندو آھي.
اسان کي پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتي سان پيار جي ناتي پنهنجي ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ معياري رسالن ۽ ڪتابن کي پنهنجي وس آھر خريد ڪري پڙهڻ گھرجي. ان سان گڏ پنهنجي دوستن کي به ان ڳالهه جي پرچار ڪندو رھڻ گھرجي. مون کي اميد آھي ته ھمسَري اڃا به وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندو.
**

قلم جي وارثن کي پيار مان ڀيٽا

قلم ۽ ڪتاب جو نالو زبان تي ايندي ئي، شعور ۽ سجاڳي جو تصور ذھن ۾ جنم وٺڻ شروع ڪندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آھيان ته ڪيڏا نه خوشنصيب آھن اُھي ماڻهو، جِن جي ورثي ۾ قلم ۽ ڪتاب آيو يا وري اُھي ماڻهو جن قلم ۽ ڪتاب سان ڀرپور ۽ ڪارائتو ساٿ نڀايو. سو، اڄ جي ترقي يافته دنيا وٽ ترقي جا معيار ۽ ماپا به عجيب ٿيندا پيا وڃن پر پوءِ به ھن دنيا ۾ اھڙا ماڻهو به موجود آھن، جن جو اھو پختو يقين آھي ته ترقي جو واسطو علم، ڪتاب ۽ قلم سان آھي، جنھن مان انسان جي شعور جي اک کلي ٿي.
ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ وارا ته اُھي ماڻهو به آھن، جيڪي ڪتاب ۽ قلم سان لاڳاپيل ماڻهن کي پيار به ڪن ۽ انهن کي پيار مان ياد ڪري انهن کي ڀيٽا پيش ڪن.
نامياري ليکڪ انور ابڙي صاحب به محبتن مان 50 علمي ادبي شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي، ان ڪاوش کي ڪتابي شڪل ڏئي اسان تائين پھچايو آھي. محبتن مان ٽمٽار ان ڪتاب جو نالو آھي ”قلم جا وارث“. ھن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن جا خاڪا شامل آهن جيڪي ليکڪ جا رھنما، محسن، دوست ۽ ساٿي رھيا آھن. ھي شخصي خاڪا انهن علمي ادبي شخصيتن جي جيون ڪٿا جو ڪجهه حصو آھن، جن کي انور صاحب ڏاڍي سھڻي نموني پڙھندڙن تائين پھچايو آھي.
ڀٽائي سائين اسان جو رھبر آھي، سو ليکڪ پنهنجي پيار جي اظهار جي شروعات ڀٽائي سائين تي لکيل مضمون سان ڪئي آھي. انھي مضمون ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته ”ڀٽائي سائين جي شاعري ۾ ڪا به اھڙي سٽ ناهي جيڪا ماڻهو جا ھوش خطا نه ڪري، ماڻھو جي وجود کي نه ڌوڏي، سندس سوچن ۾ تبديلي نه آڻي ۽ کيس انهن رستن سان نه جوڙي، جن کان ھُو الڳ ٿي چڪو ھوندو آھي يا جن سان ھو جڙي ناھي سگھيو ھوندو.“
ان کانپوء ڏکڻ ايشيا جي، اردو ٻولي جي عظيم شاعر فيض احمد فيض کي ڀيٽا پيش ڪيل آھي. فيض صاحب تي لکندي ليکڪ لکي ٿو ته ” فيض احمد فيض جھڙا ماڻهو نہ صرف پنهنجي دور جا عظيم انسان ھئا، پر اِھي ھر دور جا عظيم انسان آھن، ڇاڪاڻ ته ھنن سماج کي بدلائڻ ۽ انساني آزادي ۽ خوشحالي لاء جيڪا جدوجھد ڪئي، ان کي ڪير به تاريخ جي ورقن مان ڦاڙي ڦٽو ڪري نٿو سگھي.“
ليکڪ، سنڌ جي عظيم ڏاھي سائين محمد ابراھيم جويي صاحب کي به ڀيٽا پيش ڪئي آھي ته مھان ڪوي شيخ اياز کي به محبتن مان ساريو آھي.
ھن ڪتاب ۾ موجود سمورا ليک پڙھي، اِھو شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته محترم انور ابڙو پنهنجي ڌرتي جي ڏات ڌڻين سان ڪيڏي نه محبت ڪري ٿو ۽ سندن عزت ڪري ٿو.
ان سان گڏوگڏ ھن ڪتاب ۾ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، آغا سليم، شمشيرالحيدري، علي احمد بروھي، تاج بلوچ، انور پيرزادو، راشد مورائي، حليم بروھي، رزاق مھر، محمد علي پٺاڻ، محمود مغل، اياز گل، حسن درس، قربان سنڌيلو ۽ طارق عالم ابڙي سميت ٻين عظيم شخصيتن تي خاڪا موجود آھن، جن جي علمي ۽ ادبي حوالي سان تمام وڏي اھميت آھي.
ھي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرس پاران شايع ڪيو ويو آهي جنهن جو سرواڻ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو صاحب ليکڪ بابت لکي ٿو ته ” مون کي انور جو ھر عمل، ادب جي دائري ۾ نظر ايندو آھي. مان نٿو سمجھان ته ڪو کائنس سندس ورتاء جي ڪري به ناراض ھوندو! ھو ته سڀني سان محبت ونڊڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ لاءِ ھر دم تيار ھوندو آھي. ھو ته وڏي سھپ ۽ صبر وارو آهي.“
ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي صاحب لکيو آهي، جنھن ۾ ھو لکي ٿو ته ”انور ابڙي جي ھن ڪتاب ۾ خلوص به نظر اچي ٿو ۽ وقار به نظر اچي ٿو. وسعت دلي به نظر اچي ٿي ته ڊگھي نظر (vision) به نظر اچي ٿي. انور ابڙي جي شخصيت باوقار آهي ته لکڻ ۾ به باوقار نظر اچي ٿو.“
ھي ڪتاب انهن شخصيتن جي جيون ڪٿا جو ته ڪجهه حصو آهي پر منهنجي خيال ۾ تاريخي حوالي سان به ھي ڪتاب اھميت وارو آهي.
ھي ڪتاب سنڌ جي نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گھرجي ته جيئن ھُو پنھنجي ھنن سچن قومي ھيروز سان ملاقات ڪري سگھن ۽ انهن بابت ۽ انهن جو وڌيڪ مطالعو ڪري سگھن.
**

ٽي ماهي مهراڻ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر)

مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ هڪ تمام سهڻو علمي، ادبي ۽ تحقيقي رسالو آهي. هن رسالي پاران سنڌ جي مختلف علمي، ادبي هستين کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڏاڍا ڪارائتا خاص نمبر شايع ڪيا ويا آهن. هن وقت منهنجي سامهون مهراڻ جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر موجود آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شخصيت ۽ قلمي پورهئي تي مختلف ليکڪن ۽ سندن پر ستارن پاران لکيل شاندار ليک شامل آهن. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب جا يادگار انٽرويو ۽ تصويرون به هن شماري جو حصو آهن. اُن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب بابت تاثرات ۽ ڀيٽا طور پيش ڪيل شاعري به مهراڻ جي هِن شماري ۾ شامل آهي. هِن شماري کي ايڊٽ دين محمد ڪلهوڙي صاحب ڪيو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ هُئا، سندن سنڌي ٻوليءَ، ادب، تعليم، لطيفيات، موسيقي، سنڌ شناسي، تاريخ، سنڌي لغات ۽ هڪ اُستاد جي حيثيت ۾ تمام وڏيون خدمتون آهن. هي رسالو پڙهڻ سان سندن انهن سڀني تاريخي خدمتن بابت اسان کي سُٺي ڄاڻ ملي ٿي. مون ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر صاحب جا مقالا ۽ تقريرن تي مشتمل ڪتاب پڙهي مڪمل ڪيا اٿم.
مهراڻ جي هن شماري جي شروعات ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقي ڪم تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جا مقالا شامل آهن. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت تي اسد الله قاضي صاحب، محمد هاشم لغاري صاحب، عنايت بلوچ صاحب، ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي صاحب ۽ ٻين جا مقالا شامل آهن. بلوچ صاحب جي تعليمي ماهر طور خدمتن تي گل محمد عمراڻي صاحب جو مقالو موجود آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي لطيفيات واري ڪم تي به مختلف ليکڪن جا مقالا شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جي دوستن، يارن، رشتيدارن ۽ عزيزن جون ڊاڪٽر صاحب بابت لکيل يادون به مهراڻ جي هن شماري جو حصو آهن. سنڌي صورتخطي جي سڌاري ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو ڪردار جي عنوان سان الطاف حسين جوکيي صاحب جو مقالو هن مهراڻ جو حصو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي انٽرويوز ۾ ”تاريخ، لوڪ ادب، ٻولي، لغت جي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تاريخي انٽرويو“ جي عنوان سان ظفر جوڻيجي صاحب پاران ورتل يادگار انٽرويو به موجود آهي. ظفر جوڻيجي صاحب هي انٽرويو سندس رسالي نيوز اينڊ اوپينين لاءِ بلوچ صاحب کان ورتو هو. اهو انٽرويو مون ان وقت ئي نيوز اينڊ اوپينين ۾ پڙهيو هو. جيڪو رسالو پنهنجي وقت جو تمام معياري سنڌي رسالو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته ان وقت ان رسالي جي هر شماري ۾ ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪندڙ شخصيت جو انٽرويو شامل هوندو هو. جنهن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي، ايم ايڇ پنهور، امن جو نوبيل پرائيز حاصل ڪندڙ بنگلاديش جو اقتصادي ماهر محمد يونس، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻين شخصيتن جا انٽرويو مون پڙهيا هئا ۽ ان رسالي جا اهي شمارا مون اڄ ڏينهن تائين سنڀالي رکيا آهن.
هن رسالي ۾ خليل کوسي جو نظم ”هو لکي پيو“جي عنوان سان آخر ۾ موجود آهي. اهو ڏاڍو شاندار ۽ طويل نظم آهي. جيڪو جڏهن خليل پنهنجي مخصوص ۽ منفرد انداز ۾ ٻڌائيندو آهي ته ويتر وڻندو آهي.
”هو لکي پيو، هو لکي پيو
هو لکڻ وارو لکي پيو
هو پوڙهو هوندي لکي پيو
پيا هٿ ڏڪن ته به لکي پيو
ٻيا تڪ تڪن، هو لکي پيو
ٻيا ڇا به چوڻ، هو لکي پيو،
پر لکڻ وارو لکي پيو.“
”هو انتر منتر لکي پيو
هو جادو جنتر لکي پيو
هو ارچڪ مرچڪ لکي پيو
هو ڌاڻا ڌرچڪ لکي پيو
هو آگ پٽيلڻ لکي پيو
هو نانگڻ جوڳڻ لکي پيو
هو ٽويو ٽڀو لکي پيو
پر لکڻ وارو لکي پيو.“
هِن کان اڳ، مون مهراڻ جا شمشيرالحيدري خاص نمبر، تنوير عباسي خاص نمبر، شيخ اياز خاص نمبر پڙهيا آهن ۽ سائين محمد ابراهيم جويو خاص نمبر به هِن کان پوءِ پڙهڻ جي لسٽ ۾ رکيو اٿم.
هنن خاص نمبرن پڙهڻ جو هڪ وڏو فائدو، هي به آهي ته اسان مختلف علمي، ادبي شخصيتن جي زندگي ۽ ڪم سان گڏوگڏ سندن لکيل ڪتابن بابت به معلومات حاصل ڪيون ٿا. اڳتي هلي اسان کي سندن اهي ڪتاب به پڙهڻ گهرجن.
منهنجي خيال ۾ اسان جي نوجوانن کي ڪتاب پڙهڻ گهرجن ته جيئن هو پنهنجي ٻولي ۽ تاريخ کي سمجهي سگهن.
**

جان جيئان تان پاڙيان

ھن وحشي سماج ۾ ھڪ حساس ماڻھو ۽ سجاڳ ذھن ڪيترو ڀوڳي ٿو ۽ ڪيترين ئي پيڙائن مان گذري ٿو. ان ڳالھ جي پروڙ ھر ماڻھو کي ناھي ھوندي پر ھڪ تخليقڪار، ٻئي تخليقڪار جي اندر جي اڌمن کي محسوس ڪري سگھي ٿو. مون به اھڙي ئي طرح محترم سائين محمد علي پٺاڻ کي سندس اندر ئي اندر ۾ پچندي ۽ پڄرندي محسوس ڪيو آھي. محمد علي پٺاڻ صاحب، ھن وقت جو اھو ليکڪ آھي، جيڪو خاص طور تي سماجي اڻبرابرين، ناانصافين، ڪڌين رسمن، رشتن جي تلخين، روين جي بيرخين تي ته لازمي ۽ مسلسل لکندو ئي رھي ٿو. ڇو ته ھڪ ليکڪ لاءِ لکڻ، جيئاپي جيئن آھي، ھو نه لکي ته ھوند ساھ نه کڻي سگھي ۽ مري وڃي. محمد علي صاحب انھن سمورين وارتائن کي ڪڏھن ڪھاڻين، ته ڪڏھن ناول، ته ڪڏھن ڊرامي، ته ڪڏھن وري شاعري جو روپ ڏئي، اسان جي سامھون اچي ٿو. محمد علي پٺاڻ صاحب جا گذريل ٻن سالن ۾ ڪافي ڪتاب شايع ٿيا آھن ۽ انھن سمورن ڪتابن ۾، مون کي ھڪ ڳالھ ساڳئي لڳي آھي، سا آھي پيڙا ۽ درد جو احساس.
ھن وقت منھنجي سامھون سائين پٺاڻ صاحب جو تازو شاعري جو شايع ٿيل ڪتاب ”جان جيئان تان پاڙيان“ آھي. جنھن ۾ مختلف وقتن ۽ واقعن تي لکيل نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم موجود آھن. مون جڏھن ھي نظم پڙھيا ته مون به ائين محسوس ٿيو جيئن ڪتاب جي فليئپ تي محترم اياز گل صاحب لکيو آھي ته ”محمد علي جا ھي نظم، نظم- ڪھاڻيون آھن. جن ۾ ديس جو درد، مفلسي، پيڙائن ۽ ناانصافين جو ئي ذڪر آھي.“
سائين پٺاڻ صاحب ڪافي وقت کان مستقل بنيادن تي مختصر ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي، ان ڪري مون کي سندن ڪھاڻيون، سندس شاعري تي حاوي ٿيندي نظر اچن پيون. شاعري ۾ به مختصر ڪھاڻين وارو ٽچ ئي محسوس ٿئي ٿو. ان ڪري محمد علي صاحب جي شاعري رڳو پيار ۽ محبت تائين محدود ناھي پر اڄوڪي سماج جي ڀرپور ترجماني به ڪري ٿي ۽ سماج جي چھري تي تھذيب جي چڙھيل ڪوڙن چھرن ۽ ماسڪن کي به لاھي ڦٽو ڪري ٿو ۽ پنھنجي پڙھندڙ کي سماج جو اصل چھرو ڏسي ٿو. سندس نظمن ۾ سنڌو درياءِ جي سڪي وڃڻ جو به ڏک آھي ته شمشيرالحيدري جي زندگي جي آخري سال ۾ نظر جي ويھي وڃڻ جي ڏک تي به نظم آھي. وڃايل ماڻھپي جي ڏک جو بـه ذڪر آھي ته ڀٽن جي شھادتن جي ڏک جو ذڪر به ملي ٿو.
مون جڏھن، ھن ڪتاب ۾ موجود نظم، ”ندي ھوريان وھي ٿي پئي...“ پڙھيو ته مون کي ڪجھ سال اڳ محمد علي پٺاڻ جو ئي لکيل طويل نظم ”وقت بيھي نٿو...“ ياد اچي ويو. ڇو ته ھي نظم به ان ئي طرز تي لکيل آھي. ھن ڪتاب ۾ موجود آزاد نظم به ڪمال جا آھن. مثال طور ھي نظم ڏسو، جنھن ۾ سنڌو جو درد آھي.
”دانھون ڪوڪون،
ماڻھو گھايل،
وڻ ٽڻ زخمي،
پاڻي بدران،
واري واري،
زاري زاري،
سنڌو سارو،
ٿر جيان ٿي ويو،
سڏڪا سڏڪا،
تر جيان ٿي ويو.....!!“
اھڙي طرح ڪتاب ۾ موجود ھي آزاد نطم ته علم جي دشمنن لاءِ ھڪ للڪار وانگر لڳي ٿو.
”علم کي ڱوليون ھڻي سوچيو پيا،
انت ساڃاھ جو اچي ويندو ھتي،
۽ انڌيرو ٻوڏ بڻجي
لوڪ جي نيڻن ۾ ويندو ڦھلجي.....
ساھ روشني جا پوءِ
ڪين ڪڏھن ڀون کڻندي ديس ۾_
سوچ اھڙي
سچ چوان ٿو ڪوڙ آ_
علم گولي سان نه مرندو آ ڪڏھن....
علم آھي سج جنھن کي،
ڪو به ايٽم بم يا بارود ڪو،
ڪين ٿو ماري سگھي....
۽ نـه ان جي ترورن کي،
قيد ڪو اونداھ واري سوچ جو،
باندي بڻائي ٿو سگھي_
باندي بڻائي ٿو سگھي......“
ڪتاب جو نثري نظمن وارو پاسو به سگھارو ۽ دل ڇھندڙ آھي. انھي حصي جي شروع شروع ۾ ھي نظم پڙھڻ لاءِ ملي ٿو.
”حقيقت پسندي
منھنجي
اندر جي اکين
تنھنجي
چھري جو
اندر پڙھندي
سوچيو ته“
ان کان اڳي جو
برف
وڌيڪ ڄمي وڃي
پاڻ
گرمجوشي سان
موڪلائي ڇو نه وٺون.......“
يا وري نثري نظم پڙھي ڏسو:
”ڳجھي چوٽ
ڇڻندڙ گل
ٽڙندڙ گل ڏي
ڏسي
ڇا سوچيو
اھو نه پڇ....“
زندگي جي ستم تي ھي نظم تـه غضب جو آھي،
”زندگي جڏھن اکيون ڏيکاري ٿي
۽ ڳچي کان پڪڙي
ان جو اگھ پڇي ٿي
دل ان وقت
زلزلي جي زد ۾
اچي ٿي وڃي
۽ خوابن جا ڪيترائي شھر
کنڊرن جون
اڻ کٽ قطارون ٿا بڻجي وڃن.....“
سو اھڙا ۽ ان جھڙا ٻيا ڪيترائي خوبصورت نظم ھن ڪتان جو حصو آھن، جيڪي پڙھندڙن جي دلين جي ترجماني ضرور ڪندا. ھي ڪتاب پڙھندي ھن ۾ مون کي پروف جون به ڪٿي ڪٿي چڪون نظر آيون. جيڪي نون ۽ عام پڙھندڙن کي ڪجھ لفظن کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي جون سبب بڻنجنديون. سو، ان طرف جيڪڏھن ليکڪ ۽ پبلشر ڌيان ڏين ھا ته ھي ڪتاب اڃا به وڌيڪ خوبصورت ٿي پوي ھا.
ان باوجود به مون کي يقين آھي ته ھي ڪتاب شاعري سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ ڪنھن سھڻي تحفي کان گھٽ ناھي. ھن ڪتاب جو مھاڳ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آھي. ان سان گڏ ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ سلطان احمد کوسي جا شاعر بابت ليک به ھن ڪتاب جو حصو آھن. جڏھن ته انگريزي ۾ ھن ڪتاب تي ڄام جمالي جو لکيل تبصرو به ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي.ڪتاب جي فليئپس تي سنڌي جي ٻن ناميارن شاعرن اياز گل ۽ ادل سومري صاحب جا رايا بـه لکيل آھن. ھن خوبصورت ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي نامياري نثرنگار اعجاز منگي جا خيال موجود آھن. هي ڪتاب ڪونج اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آهي.
**

سُپيريان جي ڳالهڙي (ڀارت جو سفرنامو)

سفرنامو، ادب جي اهم صنف رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ به مختلف وقتن تي ڪيترائي ليکڪ مختلف ملڪن، شهرن جا سفرناما يا وري سندن مختلف سفري تجربا لکندا پئي رهيا آهن. سفرنامو لکندڙ هڪ ته پنهنجي تجربن کي لکت ۾ محفوظ ڪري ٿو ۽ ٻيو ته پڙهندڙن کي مفت ۾ اُن جڳهه، ملڪ يا شهر جو سير ڪرائين ٿا. سو، هر مسافر پنهنجي سفر کي پنهنجي پنهنجي نگاهه سان ڏسندو آهي. تنهن ڪري عام مسافر ۾ سياح ۾ به فرق هوندو آهي.
سنڌي سفرنامي جو وڏو نالو ته محترم الطاف شيخ صاحب جو ئي آهي. جنهن جي تمام گهڻن ۽ دلچسپ سفرنامن ۾ ڀارت جو سفرنامو به شامل آهي. هِن وقت منهنجي سامهون به ڀارت جو هڪ سفرنامو آهي، جنهن جي ليکڪہ محترمه نصرت لاشاري صاحبه آهي. ”سُپيريان جي ڳالهڙي“ جي نالي سان هن دلچسپ سفرنامي کي سينٽر فار پيش اينڊ سول سوسائٽي پاران شايع ڪيو ويو آهي. هِن سفرنامي ۾ مون کي جيڪي ڳالهيون ڏاڍيون وڻيون، سي هي آهن.
هڪ ته هي رڳو پنهنجي ڳالهين بجاءِ، مختلف ماڳن مڪانن، جڳهن ۽ شهرن جي تاريخ ۽ موجوده صورتحال بابت انگن اکرن سان معلومات ڏنل آهي. ٻيو هِن سفرنامي مان اِهو محسوس ٿئي پيو ته، ليکڪه پنهنجن سان ملڻ لاءِ سِڪ ۽ اڪير مان وڃي پئي، سالن جا وڇڙيل ملن پيا. ٽيون اِهو ته، هن سفرنامي ۾ مزاح جو رنگ به ملي ٿو ته ڪافي سبق آميز ۽ غور فڪر ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون به ملن ٿيون. چوٿون ته هن سفرنامي جي ٻولي تمام وڻندڙ اهي سڀئي ڳالهيون هن سفرنامي کي وڌيڪ دلچسپ ۽ معلوماتي بڻائين ٿيون.
هي سفر ليکڪہ اڪيلي سر ناهي ڪيو پر هن سفر ۾ سنڌي اديبن ۽ فنڪارن جو پورو وفد ساڻس گڏ آهي، سو وفد ۾ شامل مختلف اديبن جو به ذڪر ٿيندو هلي ٿو. سندن ڳالهين کي به ليکڪہ ڏاڍي سُهڻي نموني لکيو آهي.
هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ امداد حسيني صاحب لکيو آهي، جيڪو پاڻ به هِن سفر جو حصو هو. امداد حسيني لکي ٿو ته ”هن سفرنامي جي اهميت ته اها به آهي ته اسان جي هيڏي وڏي وفد مان صرف نصرت ئي انهي هند ياترا کي قلمبند ڪيو آهي. هن لڙڪن ۽ مُرڪن کي پاڻ ۾ ڪيئن ملايو آهي- هن خوشبوءِ ۽ خوابن کي ڪيئن پاڻ ۾ سلهاڙيو آهي - هن گلن کي ڌاڳن ۾ ڪيئن پوئيو آهي، انهي جو فيصلو توهان تي آهي- ۽ مون کي پڪ آهي ته اِهو فيصلو نصرت جي حق ۾ ئي آهي! “
ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي محترم جامي چانڊيي صاحب جو رايو ڏنل آهي. جنهن ۾ پاڻ لکي ٿو ته”نصرت لاشاري هڪ سڄاڻ ليکڪه سان گڏوگڏ ادبي ۽ سماجي حوالي سان هڪ سرگرم ڪارڪن پڻ آهي ۽ اهڙي طرح هن پنهنجي والد ۽ استاد مرحوم فقير محمد لاشاري جي فڪري مزاج جي روايت کي نه رڳو برقرار رکيو آهي پر اڳتي پڻ وڌايو آهي.“
پنهنجي پاران ۾ نصرت لاشاري لکي ٿي ته ”هي سفرنامو مون امانت سمجهي لکيو آهي، امانت اُن ڪري جو مان انهن ليکڪن جي گروپ ۾ هيس جن سنڌ جي عام ماڻهن جي جذبن جي ترجماني پئي ڪئي. اُتي مون ڇا ڏٺو اهو سڀ توهان تائين پهچائڻ منهنجي فرض ۾ شامل هو، جيڪو آءُ اميد ٿي ڪريان ته هن ڪتاب کي پڙهي توهان پاڻ رايو ڏيئي سگهندو. اُتي وڃي مون سنڌ جي ماڻهن جي جذبن جو اظهار ڪيو.“
هن سفرنامي کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ ڀارت جي مختلف شهرن، ماڳن ۽ ادارن جي نالن سان ٽائيٽل ڏنل آهن. سفرنامو پڙهندي جڏهن اِهو ذڪر اچي ٿو ته برسات وسڻ ڪري جهاز کي واپس ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو وڃي ٿو ته وفد ۾ موجود ناميارو ليکڪ انعام شيخ چوي ٿو ته الائي ڪهڙي اديب جي پِٽ لڳي، جنهن کي نٿا وٺي وڃون، ته بي ساخته کِل اچي ٿي وڃي. سفرنامي ۾ رام جيٺملاڻي جي هڪ تقرير جو ذڪر به اچي ٿو، جنهن ۾ هُو سنڌين بابت هڪ سبق آميز ڳالهه لکي ٿو ته جيستائين اسان مان چڙهت، چغلي ۽ گلا ڪرڻ جي عادت ختم نه ٿيندي، تيستائين اسان ڪا به ترقي نٿا ڪري سگهون. اِها ڳالهه واقعي حقيقت آهي، جنهن تي اسان کي غور ڪرڻ گهرجي.
هڪ ٻئي هنڌ هي ڳالهه به دل سان لڳي ته هڪ چئنل کي درياهه تي ٺهندڙ ڊاڪيومينٽري تي بيسٽ ڊاڪيومينٽري آف ورلڊ جو انعام ته ڏنو وڃي ٿو پر سنڌ جي زرعي زمين کي آباد رکڻ لاءِ پاڻي جو بچاء نٿو ڪيو وڃي.
هڪ هنڌ بينظير ڀٽو جو به ذڪر ڪجهه ان طرح ٿو اچي جو هوء پهرين پاڪستاني سنڌياڻي آهي، جنهن جي نالي سان لنڊن ميٽرو پوليٽن ۾ پاڪستاني عورتن لاءِ ايم اي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي.

ڪتاب ۾ ڀارت جي مختلف ريڊيو اسٽيشنز ۽ ٽي وي چينلز بابت به سُٺي معلومات آهي. ان سان گڏوگڏ بمبئي شهر بابت به ڪافي بهتر انگ اکر ڏنل آهن، جيڪي هِن سفرنامي کي دلچسپ سان گڏ معلوماتي به بڻائين ٿا. هن ڪتاب ۾ سفرنامي جون تصويرون به ڏنل آهن، جيڪي رنگين هجن ها ته وڌيڪ سُٺيون لڳن ها. انهن تصويرن مان، مون کي جيڪا تصوير وڌيڪ وڻي سا آهي نصرت لاشاري ۽ گنگا ديوي جي، جيڪا آگره جي اخبار آگره جاگرڻ وارن هي ڪئپشن ڏئي شايع ڪيو ته ”ٻئي سنڌ جون ڌيئون هڪ هند ۾ ٻي سنڌ جڏهن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ مليون ته لڙڪ روڪي نه سگهيون.“
ڪتاب ۾ ليلا وتي اسپتال جو به ذڪر آهي، جنهن بابت اِهو لکيل آهي ته ٻارن جي دل جي شعبي جو سڄو خرچ انڊيا جو اداڪار شاهه رخ خان ڀريندو آهي. اِهو پڙهڻ کان پوءِ هڪ پل لاءِ سوچيم ته، ڀارت ۾ فن ۽ آرٽ جو ڪيڏو نه قدر آهي، جو فنڪار پئسا ڪمائي فلاحي ڪمن تي خرچ ڪن ٿا ۽ اسان وٽ فنڪار وظيفن جي آسري ۾ بيماري جي بستري تي مري ٿو وڃي، فلاحي ڪم ته پري جي ڳالهه آهي.
پنهنجي ڌرتي جي ڇِڪ ۽ پنهنجن جي پيار جي سنگم سان ڀرپور هي سفرنامو، پڙهندڙن جي دلين ۾ ضرور جڳهه ٺاهيندو.

**

عني ۽ مائو

ڪالهه رات انٽرنيٽ تي مختلف ڪتاب سرچ ڪندي، سنڌ سلامت وارن جي ويب سائيٽ تي هليو ويس، جتي مختلف ليکڪن کي سرچ ڪندي، مختلف ڪتابن جي لسٽ ڏسندي، محترم انور ابڙي جو ڪتاب ”عني ۽ مائو“ جون ڪهاڻيون سامهون اچي ويو. مان، اُهو کولي پڙهڻ لڳس. ايڏو دلچسپ لڳو جو هڪ ساهي ۾ پڙهي ورتم. ڪتاب ۾ ٻاراڻيون شرارتون پڙهي مون کي به ٽهڪ پئي آيا ۽ پنهنجو ٻالڪپڻ به ياد پئي آيو. خاص طور تي ڪهاڻين جي ڪردارن جا نالا به واهه جا هئا. ”ورو ٻوڙو، ضمير ڏنڊرو جيڪو پوءِ ضمير ڏانداري سڏجي ٿو، عني ۽ مائو وغيره....“. اسان سڀني انهن ڪردارن کي پنهنجي ننڍپڻ ۾ پنهنجي چوڌاري ئي گھمندي ضرور ڏٺو هوندو. ڇو ته هر انسان کي پنهنجو ننڍپڻ پيارو ۽ وڻندڙ لڳندو آهي. انور صاحب کي جس هجي جو پاڻ پنهنجي روزي روٽي جي مصروفيتن مان وقت ڪڍي، ٻارن لاءِ لکي ٿو. نصير مرزا صاحب واري ڳالهه ته ٻارن لاءِ ڪجهه لکڻ معني ٻار پيدا ڪري نپائڻ برابر آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ به نصير مرزا صاحب لکيو آهي.
ڪتاب ۾ سڀئي ڪهاڻيون ڏاڍيون دلچسپ ۽ سبق آميز آهن. جن ۾”بابا ته بابا ٿيندو آهي“،”مار ناهي سنوار“، ”ادا رفيق“، ”چماٽ“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن.
هنن ڪهاڻين جي خوبصورتي جو هڪ سبب اهو به آهي جو هي ڳوٺاڻي پسمنظر ۾ لکيل آهن. ليکڪ انهن ڪهاڻين ذريعي ٻارن جي نفسيات سان خوب انصاف ڪيو آهي. هنن ڪهاڻين ۾ نصيحت به آهي ته، مزاح وارو عنصر به شامل آهي. مون کي ڪتاب پڙهي بيحد خوشي ٿي.
اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ شاگردن ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. انهي سان انهن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق به پيدا ٿيندو، پنهنجي ٻولي جا نوان لفظ به سِکندا، پنهنجي ڪلچر کان به واقف ٿيندا ۽ سندن اخلاقي تربيت به ٿيندي.
پوپٽ پبليڪشن پاران شايع ٿيل هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل امر اقبال جو لکيل آهي.
**

انور پيرزادي جون ڪهاڻيون

انور پيرزادي صاحب جو نالو زبان تي ايندي ئي، ذهن جي ڪينواس تي سندس سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا سامهون اچن ٿا. انور پيرزادو ڀٽائي جو پارکو، محقق، شاعر، آرڪيالاجسٽ ۽ اينٿروپالاجسٽ طور سڃاڻپ رکي ٿو پر تمام گهڻن ماڻهن لاءِ اها نئين ڳالهه هوندي ته انور پيرزادو هڪ سُٺو ڪهاڻيڪار به هو. هن وقت منهنجي سامهون سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”انور پيرزادي جون ڪهاڻيون“ موجود آهي. جنهن ۾ 8 ڪهاڻيون شامل آهن.
هن ڪتاب جو طويل ۽ شاندار مهاڳ ناليواري ليکڪ محمد علي پٺاڻ لکيو آهي. جنهن ۾ هُو لکي ٿو ته ”هُن جي هر گُفتي، بلڪه هر جملي ۾ ڪا نئين ڳالهه هوندي هُئي. ڳالهه به اهڙي، جيڪا پڙهندڙ جي ڪنن مان هڪدم سڌو رستو وٺي، دل جي دفتر ۾ لهي وڃي هميشه لاءِ اُتي ديرا ڄمائي ويهي رهي هئي.“
محمد علي پٺاڻ هنن ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته اڪثر ڪهاڻيون هِن 1970ع جي پنهنجي جيل ياترا دوران لکيون. جنهن ۾ تنهن زماني جي مسئلن ۽ ڳالهين سان گڏ انور پيرزادي صاحب پنهنجي ڳوٺاڻي زندگي جي ڀيانڪ غربت کي به وائکو ڪيو آهي. ” اڳتي لکي ٿو ته“ هي ڪهاڻيون، جن کي لکيي ذري گهٽ پنجاهه ورهيه گذري چڪا آهن، سي جڏهن اڄوڪي زماني ۾ پڙهجن ٿيون ۽ انهن ۾ بيان ڪيل مسئلن ۽ ڳالهين تي غور ويچار ڪجي ٿو، ته توڙي جو وقت جي وڇوٽي جي شدت سان احساس به ٿئي ٿو پر گهڻي ڀاڱي ائين ئي لڳي ٿو ته، هي اڄوڪي دور جون ئي ڪهاڻيون آهن. جن جي ماحول ۾ جيڪڏهن ٿورو گهڻو فرق آيو به آهي، ته اهو موبائيل، انٽرنيٽ جو ئي آيو آهي. ڇو ته وقت اسان وٽ بدليو ناهي ۽ حالتن جي ڦيري سان اُن جو ڳانڍاپو ٿي نه سگهيو آهي.“
ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ۾ پهرين ڪهاڻي”خدا ۽ سرمايو“ آهي. جنهن کي پڙهڻ دوران اِهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته سماجي ڪهڙي طرح اسان جو سُک ۽ چين ڦٽايو آهي.
”ملاقات“ ۽ ”جيل جو سماج ۽ ڌاڙيل“ نالي ٻئي ڪهاڻيون جيل ياترا جي پس منظر ۾ لکيل آهن. انهيءَ کان پوءِ ڪهاڻي” ٻه جيون ساٿي“ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ٻن پيار ڪندڙ دلين جي پيار ڪهاڻي آهي. ”قرباني جي ٻڪري“ ڪهاڻي جو موضوع، اسان جي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ ظلم آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهو ڀرپور انداز سان ڏسيو ويو آهي ته هڪ ماء جي پيٽ ۾ موجود نياڻي اڃا جنم ئي ناهي ورتو ته اڳ ۾ ئي ان جا سڱ طئه ٿي ٿا وڃن. ڪهاڻي ”سازش“ لالچ ۾ اچي وفاداريون تبديل ڪندڙ هڪ شخص جي آهي، جيڪو تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ غدار ۽ مجرم قرار ڏنو وڃي ٿو. ”پرين پڄاڻان“ ڪهاڻي ڳوٺاڻي زندگي سان واسطو رکندڙ هڪ ناڪام عشق جي آهي، ڪتاب ۾ موجود اٺين ۽ آخري ڪهاڻي ”ڪاڇي جي ڪهاڻي“، ڪاڇي ۾ سوڪهڙي جي منظر ڪشي آهي.
هن ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرس شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل محترم انور ابڙي لکيو آهي. جنهن ۾ لکي ٿو ته ”هي وڏي ڏات وارو انسان هر شعبي جو ماهر هو. هي ڪهاڻيون پڻ سندس اُن علم، مشاهدي، سوچ ۽ فني قابليت جو هڪ مثال آهن. جيڪي سنڌ جي ويجهي ماضي ۾ پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي پيدا ٿيل نسلن لاءِ هڪ انڪشاف پڻ هونديون.“

محمد علي پٺاڻ جون ڪهاڻيون سماج جي ڀرپور عڪاسي

محترم محمد علي پٺاڻ، سنڌ جو اهو ليکڪ آهي، جيڪو هڪ ته مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ ٻيو ته پنهنجين لکڻين ۾ نوان نوان تجربا به ڪندو رهندو آهي. پاڻ گذريل ڪجهه سالن کان مستقل طور تي مختصر ڪهاڻيون لکندو پيو اچي. سندس اهي ڪهاڻيون، روايتي انداز واريون پريم ڪهاڻيون ناهن پر اسان جي سماج ۾ روزانو ٿيندڙ اهڙن انيڪ واقعن بابت آهن. جيڪي سماج جي هر پاسي جي عڪاسي ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا موضوع رت جي رشتن جون تلخيون، جاگيرداري نظام، ادارن جي تباهي، عطائي ڊاڪٽر، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، عدالتون، امتحانن ۾ ڪاپي ۽ ٻيا به ڪيترائي سماجي مسئلا آهن.
هن وقت منهنجي مطالعي جي ميز تي سائين محمد علي پٺاڻ جو تازو شايع ٿيل ڪهاڻين جو ڪتاب ”طوفان ۾ ڪکائون گهر“ موجود آهي. جنهن ۾ ان سڀني موضوعن تي ڪهاڻيون موجود آهن. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 52 ڪهاڻيون موجود آهن. هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر مرلي ڌر جي نالي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نواب ڪاڪا لکيو آهي، جڏهن ته ٻيڪ ٽائيٽل منور سراج صاحب جو لکيل آهي. منور سراج پنهنجي راءِ ۾ لکي ٿو ته ”محمد علي پٺاڻ بطور هڪ قصاگو هڪ وڏي وقت کان مسلسل لکندو پيو اچي. اهو تسلسل ۽ تيزي سندس ادبي جنون جو دلربا دليل آهي.“
ڪتاب جي مھاڳ ۾ ڊاڪٽر نواب ڪاڪا لکي ٿو ته ”محمد علي هلندڙ دور جي ٻرندڙ مسئلن کي کنيو آهي، مرندڙ قدرن (values) کي آڪسيجن ڏئي جياري ٿو، اوندهه ۾ پنهنجي حصي جي روشني پيدا ڪئي آهي. پٺاڻ صاحب جي ٻولي سادي ۽ پڙهندڙ کي آساني سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي. مختصر ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي سڃاڻپ واقعي يا احساس کي اُڀارڻ جو ڏانءُ اٿس.“
ڪتاب ۾ ليکڪ ۽ سندس ڪهاڻين بابت ماهتاب محبوب ۽ ڊاڪٽر شير مهراڻي جا ليک به موجود آهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي موجب محمد علي پٺاڻ سماجي سائنسدان ۽ نقاد ڪهاڻيڪار آهي. ڪتاب جي فليپز تي شوڪت حسين شوري ۽ جهان آرا سومرو جا رايا ڏنل آهن.
ڪهاڻيڪار پاران ۾ پٺاڻ صاحب لکي ٿو ته ”منهنجون هي 52 ڪهاڻيون، 52 لُڙڪ آهن. جيڪي پنهنجي اکين کان اوهان جي اکين ڏانهن منتقل ڪيا اٿم، ان اميد سان ته اوهان انهن جي پيڙا کي اوڏي ئي شدت سان محسوس ڪيو، سوچيو ۽ انهن کي اُگهڻ جا دڳ تلاش ڪريو.“
ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ”خدا حافظ“ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ هڪ شاگرد ڇوڪري پنهنجي والد جي عمر جي پروفيسر کي شادي جي آڇ ڪري ٿي ۽ پروفيسر کيس پنهنجو اولاد سمجهي سمجهائيندا آهي ته، توهان منهنجي اولاد برابر آهيو. آئون اهو سوچي به نٿو سگهان. ڪهاڻي ۾ پيغام ته مثبت آهي پر اسان جي سماج ۾ عمومن ائين ٿئي نٿو. هتي ته اڪثر پروفيسر پنهنجي نياڻين جي عمر جي ڇوڪرين سان پرڻا ڪندا آهن. "ٻيو ڪنهن کي چوان...!” عنوان نالي ڪهاڻي ۾ ماءُ پنهنجي پُٽ کي علاج لاءِ چوي ٿي ۽ بيرحم پُٽ علاج جا پئسا نه هجڻ جو بهانو ڪري ماءُ کي پنڻ تي مجبور ڪري ٿو. "هنيانوَ ۾ چُهنڊي....!“ جي عنوان سان ڪهاڻي ۾ ان معصوم ٻار جو ذڪر آهي، جيڪو ادارن جي بيحسي جي ڪري ڪُتن جي ڏاڙهڻ جي ڪري مري ٿو وڃي. "گوشت ورهائجي ويو” ڪهاڻي ۾ تلخ حقيقت بيان ڪئي وئي آهي ته، ماڻهو قرباني جي نالي ۾ پنهنجا فرج گوشت سان ڪيئن ٿا ڀرين؟! ”ڇڪ پنڌ کي.... “ ڪهاڻي ۾ ان قرضي جو درد آهي، جيڪو نسلن کان قرضي رهندو پيو اچي ۽ وياج خور واپاري کيس ٻنهي هٿن سان ڦُريندا رهن ٿا. ”اندازو لڳاء....! “ ڪهاڻي ۾ دوائن جي ڪمپنين ۽ ڊاڪٽرن جي بيحسي جو ذڪر آهي، جيڪي رڳو مال ميڙڻ ۾ پورا آهن ۽ مريض ڀلين تڙپي تڙپي مرندا رهن. ”فوتي ڪوٽا“ ڪهاڻي ۾ انهي پيءُ جو ذڪر آهي، جيڪو سفارش ۽ پئسا نه هئڻ ڪري پنهنجي پُٽ جي نوڪري لاءِ پاڻ کي خودڪشي ڪري ماري ٿو ته جيئن فوتي ڪوٽا تي سندس پُٽ کي نوڪري ملي سگهي.
”لازمي سنڌي هيئن پڙهائبي....“ ڪهاڻي ۾ هڪ سُٺو طريقو ٻڌايو ويو آهي ته، جيڪو خانگي اسڪول سنڌي نه پڙهائي ته، ان مان پنهنجي ٻارن جا سرٽيفڪيٽ ڪڍرايو، ان احتجاج جي ڪري مجبور ٿي پاڻهي خانگي اسڪول وارا سنڌي پڙهائيندا. هڪ ڪهاڻي ۾ ان مختيارڪار جو به ذڪر آهي، جيڪو امتحاني سينٽر تي دوري دوران پنهنجي پُٽ کي اچي نقل ڪرائي ٿو.
سو، اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ ان قسم جون خوبصورت مختصر ڪهاڻيون موجود آهن. جيڪي تمام سادي ۽ وڻندڙ عوامي ٻولي ۾ لکيل آهن. جيڪي يقينن پڙهندڙن جي سوچ کي جهنجهوڙينديون.
** 

هڪ بهترين نقاد: جامي چانڊيو

جامي چانڊيو جڏهن به لکندو يا ڳالهائيندو آهي ته، اُن مان سندس علم، فهم، گهري مطالعي ۽ مشاهدي جي خوشبوءِ ايندي آهي. پاڻ هميشه هڪ متحرڪ ڪردار رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿو. سندس لکڻيون ۽ ليڪچر اتساهه جو سبب هوندا آهن. جن مان سِکڻ ۽ پرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ملي ٿو. هن وقت منهنجي سامهون سندس ڪتاب ”ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج“ موجود آهي. جنهن جو موضوع ادبي تنقيد آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان اهو احساس ٿئي ٿو ته تنقيد، ساڙ، حسد ۽ نفرت يا وري اجائي واهه واهه جو نالو ناهي. پر تنقيد اهو فڪري ڪم آهي، جنهن ذريعي نوان گس ۽ نيون سوچون سامهون اچن ٿيون.
هن ڪتاب ۾ ادبي تنقيد جي حوالي سان جامي چانڊيي جا ليڪچر ۽ لکڻيون شامل آهن. جيڪي هُن مختلف وقتن تي لکيون آهن. ڪتاب جي پهرين مضمون ”ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج“ ۾ نهايت ئي شاندار طريقي سان ادبي تنقيد جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جو ٻيو مضمون ”ادب ۽ فن بابت غلط تصور ۽ مفروضا“ جي عنوان سان آهي. جنهن ۾ انهن سمورن غلط تصورن ۽ مفروضن تي لکيو ويو آهي، جيڪي اسان جي ادبي دنيا ۾ عام آهن.
شيخ اياز جي شاعري بابت به هن ڪتاب ۾ ڪافي ليک موجود آهن، جيڪي اياز شناسائي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
اُن کان سواءِ هن ڪتاب ۾ جامي چانڊيي پاران مختلف ڪتابن جا لکيل مهاڳ ۽ انهن جا تنقيدي اڀياس به شامل آهن. جن ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب، رسول بخش پليجو صاحب، سراج صاحب، نادر بيگ، رياضت ٻرڙو، مولا بخش چانڊيو ۽ غلام نبي مغل شامل آهن.
هن ڪتاب ۾ ٻه مهاڳ شامل آهن. جيڪي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جا لکيل آهن. انهن ٻنهي مهاڳن مان مون کي وڌيڪ بهتر ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل مهاڳ لڳو. جنهن ۾ هُن تمام فڪري انداز ۾ ڪتاب ۾ موجود لکڻين تي پنهنجو رايو ڏنو آهي.
ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر اسحاق سميجي جا رايا موجود آهن. جڏهن ته ڪتاب تي فليپز تي ڊاڪٽر احسان دانش ۽ ڊاڪٽر فياض لطيف جا رايا موجود آهن.
هي ڪارائتو ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي.
**

هنج نه آيا هيل

منهنجي ھٿن ۾ سرواڻ سنڌي جي شاعري جو تازو ڇپيل ڪتاب ”ھنج نه آيا ھيل“ آھي. دل چيو ته ڪتاب بابت ڪجهه لکان، مون کي نه شاعري جي قاعدن ۽ قانونن جي خبر آهي ۽ نه ئي مان ڪو شاعر آھيان. بس رڳو ھڪ پڙھندڙ جي ناتي جيڪا به لکڻي، نثر يا نظم، دل کي ڇھندو، پاڻ سان گڏ گڏ کڻي ھلندو آهي ۽ حساس دلين ۽ سماج جي پيڙھيل طبقي جي نمائندگي ڪندو آهي سو وڻندو اٿم ۽ ان تي ڪجهه لکڻ لاءِ دل چوندي آهي. ڪتاب تي ڪجهه لکڻ کان پھرين ھڪ مختصر ڳالهه لکڻ ٿو گھران، اھا ھي آهي ته مان ذاتي طور تي ان خيال جو آھيان ته ڪتاب پنهنجو خريد ڪري پڙھجي ۽ ٻئي کي به چئجي ته پنهنجو وٺي پڙھ، اعزازي ڪاپي يا وري ٻين کان کڻي پڙهڻ جي اميد نه رک ته ڀلو آهي. ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ جو مزو ئي ٻيو آهي، ھڪ ته ان سان ماڻهو ان تي نوٽس وٺندو ويندو آهي ۽ ٻيو ته ڪتاب سدائين لاءِ پنهنجي لائبريري جي سونهن ٿي ٿو پوي. ان سان گڏوگڏ جيڪو ماڻهو ڪتاب ڇپائي ٿو ته ان جي به ھمت افزائي ٿئي ٿي. سو سرواڻ جي ڪتاب جي حوالي سان مون کي ذاتي طور تي ھڪ ته اھا خوشي ٿي جو ھن پاران ڪنهن کي به ڪتاب جي ڪاپي تحفي طور ڏيندي نه ڏٺم. نه ته اڪثر سوشل ميڊيا تي اھو ٽرينڊ آهي ته ڪتاب ڇپائي دوستن ۾ ورهائي تصويرون ڪڍو. مجال آهي جو ساڃاهه وند پنهنجا پئسا ڀري خريد ڪري پڙھن. ٻيو ته جڏهن بدين شھر جي تقريباً سمورن بڪ اسٽالن تي ھن ڪتاب جون رکيل ڪاپيون وڪرو ٿي ويون، اھو مون پاڻ بڪ اسٽالن وارن کان پڇيو ته ھنن چيو ته ڪتاب جون ڪاپيون ختم ٿي ويون آهن، چئو ته توهان کي گهرائي ڏيون..... اھو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته سٺا ڪتاب اڄ به ماڻهو پڙھن ٿا. ائين ھي ڪتاب حيدرآباد مان موھن مدھوش کان وٺي پڙهڻ لڳس....
ھاڻي اچون ٿا ڪتاب طرف ته ڪتاب جو ٽائيٽل به اندر ۾ لھي ويندڙ آهي جيڪو نعيم خان ديسوالي ڊزائين ڪيو آهي ان خوبصورت تصوير سان جيڪا سائين حفيظ ڪنڀر جي آرٽسٽڪ اک جو ڪمال آهي، نريڙي جي ادس ڍنڍ مٿان لھندڙ سج......
پياري موھن مدھوش جي ڪويتا پبليڪيشن پاران ڇپايل، موھن جي ٻين ڇپايل ڪتابن وانگر ھي ڪتاب به انتھائي خوبصورت آهي. ھن ڪتاب ۾ دلفريب غزل، نظم، ترائيل، هائيڪا، گيت، لولي، وايون ۽ بيت شامل آهن. سرواڻ جي لکيل انهن سمورن صنفن ۾ مون کي سنڌ جي مٽي جي خوشبوء ۽ محبوبا جي مرڪ جي ڪوملتا محسوس ٿي....
ھن سھڻي ڪتاب جو مھاڳ ناليواري شاعر نقاش علواڻي لکيو آهي. سندس لکيل مھاڳ روايتي مھاڳن کان بلڪل مختلف آهي جن ۾ رڳو شاعرن ۽ ليکڪن جي واکاڻ ٿيل ھوندي آهي ته بس علم ۽ عقل ته اچي اتي ڇيھ ٿو ڪري. اھڙو غير جانبدار، ھن وقت اسان جي شاعرن ۽ شاعري جي حالت، ڪيترائي سوال اٿاريندڙ، سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ لاء اتساھيندڙ مھاڳ نقاش جھڙو گھڻ پڙھيو ماڻهو ئي لکي سگهي ٿو.....
نقاش لکي ٿو ته ”اسان اڄ به اتي بيٺا آھيون جتي ڪابه ڳالهه کلي نموني نه ٿي ڪري سگهجي، جتي اظهار جي آزادي جا علمبردار پنهنجي موقف جي عملي نفي ڪندي نظر ايندا آهن. جتي عورتن جي حقن جا علمبردار اڳواڻ ٻين کي عورتن جا حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا پر پنهنجي گهر جي نه! ھتي ڪنهن به معاملي تي کلي ڳالھائي نٿو سگهجي نه سماج تي، نه قوم تي، نه مذهب تي، نه رياست تي، نه سياست تي....... نه ئي وري زندگي تي، زندگي رڳو ساھ کڻڻ جو نالو ته ناهي..........“
سرواڻ جي شاعري بابت نقاش لکي ٿو ته ”بجاءِ ان جي آءٌ روايتي انداز ۾ سرواڻ جي شاعري بابت پڙھندڙن جي راءِ ٺاهڻ يا پڙھندڙن تي پنهنجي راءِ مڙھڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ نه ئي وري ڪو سندس تعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي سو ھاڻ اھو پڙھندڙ تي ئي ڇڏيون ٿا ته ھو سندس ڏات کي ڪتابي صورت ۾ هئين سان ڪيئن ٿا هنڍائين؟؟!!!“
سو ھڪ پڙھندڙ جي ناتي مون کي ته سندس سموري شاعري قھر جي لڳي. خدا جو شڪر آهي جو سنڌ شاعرن جي حوالي سان پاڻڀري آهي، سو پاڻ وٽ ھر ماڻهو شاعر ٿيو پيو ھلي، پر اڪثر شاعرن وٽ خيالن جو ورجاءُ, مطالعي ۽ مشاھدي جي کوٽ محسوس ٿيندي اٿم. اڪثر يارن وٽ رڳو عورت جي چولي، چپن، چاڪن، چڳن، چوٽي ۽ چال کانسواء ڪجهه به ناهي ھوندو ۽ گھڻن لاءِ وري سموري دنيا محبوبا جي زلفن ۽ بوتل ۾ سمايل ھوندي آهي بس...... باقي دنيا ڌوڙ ٿي وڃي ته ڀلي وڃي سندن ڇا........!!!!!
سو سرواڻ وٽ سنڌ جي رڳو سورن جو ذڪر ناهي پر سنڌ جي سونهن جو به ذڪر آ، جيڪو اتساھيندڙ آهي. سرواڻ ٻين وانگر مٿو نٿو پٽي ته فلاڻا اسان جي تباهي جا ذميوار آهن پر سرواڻ ته پنهنجي شاعري ۾ انهن دشمنن کي وڏي بي باڪي سان للڪار به ڪري ٿو.
سنڌ ته ڪائي سرتي ناهي جيڪا ڪنهن وٽ سام ڪندا
ڪانئر ماڻهو ڪيسين تائين ڌرتي کي نيلام ڪندا؟

سنڌ سان محبت جو اظهار ھن طرح ڪري ٿو

ملڻو ته آ مٽي سان، ڪھڙي گھرون حياتي
سنڌڙي اڳيان سدائين پنهنجو آ سر نوايو.

يا وري سندس ھي سٽون جن ۾ به ظالم جي ظلم جو ذڪر آ
جنهن ديس ۾ حسين سان جھيڙو رڳو ھجي
تنهن ديس جو يزيد ئي سمجھو سفير ھو.

سندس رومانٽڪ انداز به غضب جو آهي

ھن کي ڀريون ٿا ڀاڪر، ڪڙڪا جسم ڪري ٿو
شيشي جيئان ڀڄي پئي پنهنجي ھٿن سان ميڙيون.

ور جي اوسيئڙي ۾ بيٺل وني جي درد کي لفظن ۾ ھن ريت اوتيو اٿس

نمورين کي پٽي گھوٽي، چڳن مان چيڙھ ڇاڻي ٿي
پڇي ٿي ھر مسافر کان ڪٿي آ ور ٻڌائي ڪو.

سندس رواني جو ھي انداز به نرالو آ

ھر ھر گھٽي ۾ پاڻ ٻئي اڪثر مليو وڃون
توکي ڏسان،, پاسو ڪيان ۽ گُھت ھڻي وڃان!!

ٻين جي احساسن جي قدر جي ڳالهه ڪجهه ھن طرح ڪري ٿو
تون ڀلي ڪنهن لاءِ ڪو اوڇڻ نه ٿي
پر پکين جو درد، داڻو ٿي ميان.

طبقاتي نظام جي ظلم جي عڪاسي سندس ھنن سٽن ۾
شريفن جون ڪافر نياڻيون ڏٺيون
اميرن جا قاتل نياڻا به واھ

پکين جھڙي معصوم مخلوق جو خون ڪندڙن کي ھن طرح لکي ٿو
پکين کي پليتن، بندوقون ھنيون
بکيا سي اويلا اڏاڻا به واھ

بک، بحالي ۽ غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهنجندڙ سماج جي هڪ فرد جي پنهنجي خدا کان گهرجندڙ هڪ انوکي دعا ، جنهن ۾ هڪ لاچار پيءُ جو درد اوڙڪُون ڏيئي وسندي نظر اچي ٿو
مالڪ ٿورو ٻار وڏا ڪر وقفي سان
ھڪڙي ڪالھ اٿاري، ٻي سامائي آ

پنهنجي رمز ۾ رھڻ واري ڪيفيت تي لکي ٿو
مان ٻني بنجر نه مون کي کيڙ تون
بس فقيرن کي نه ھاڻي ڇيڙ تون.


ٿر جي سونهن لاءِ لکي ٿو جنهن مان سندس سنڌ سان پيار صاف نظر اچي ٿو
ڪيتريون کونڻيون کنون ٻڪراس تي
ڇڏ کڻي ڪاغان ڀوڏيسر ھلون

رات کان بادل صفا ناھن ستا
ھل ڀلا اڏري ٿا ھاڻي ٿر ھلون

سنڌو جي سڪل پيٽ تي لکي ٿو

ھيل اڏامي واري ڪيڏي
ٻوڏ هُئي پرسال نديءَ ۾

سھاڳڻ جي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ جذبن کي ھن طرح لفظن جو روپ ڏنو اٿس
ڏينهن جو تارو چڙھيو ۽ رات جي چوري ٿئي
ڪنهن سھاڳڻ چيچ لوڏي ڪانڌ جاڳايو پئي

گندي تي ڀرت ڀرڻ جي سندرتا بابت
گهڻن جي دلين کي لڀائي ويو
گندي تي پڪو ڀرت تنھنجو ڀرڻ

چنڊ کي گرھڻ ڪيئن لڳي اھو ھن طرح،
رڇ ناھي، رڇ ناهي، وار کولي آ ستي
چنڊ کي گرھڻ لڳي وئي ڪيترو آ بيقرار

ڇوڪرين جي ڇيڳرائي تي لکي ٿو

بيل گاڏي ڇڇوريون وڏيون ڇوڪريون
دانهن ڪيڏي ڪيائون ٿي چيڪاٽ تي

بي حيائي جي انتھا تي پڳل معاشري لاءِ لکي ٿو
ارھ کي اکين سان پٽي ٿو وٺي
اچي ڇوڪريون راڄ مان ڇو مُٺيون؟؟

سنڌ لاءِ اميد جو احساس
ھر روز سنڌ ڪيئي ڏاھر اڃا ڄڻي ٿي
دودا به کوڙ آهن ٻاگھل اڃا به آهي.

بي ترتيبي جو ذڪر ڪجهه ھن طرح
پاڻ اڻڀا وار آھيون، ڪيترو ترتيب ڏيندين؟
رول ۽ بيڪار آھيون، ڪيترو ترتيب ڏيندين؟

سنڌ جي غدارن لاءِ لکي ٿو:
ھي ٻيٽ نه آ پر سنڌڙي آ
غدار سدائين پڌرو آ
پوءِ مير ھجي يا پير ھجي

ڀٽ ڌڻي جو ذڪر ڪجهه ھن طرح ڪري ٿو
پوري قوم سڏڻ ۾ پوري
ڪنهن جا ڪنهن جا سڏ ٻڌي؟
ڪنهن لاءِ ڪنهن لاءِ لٺ کڻي
ڀٽ ڌڻي ڀي ڦاٿو آهي

قبلا سائين لاءِ لکي ٿو

قبلا سائين!!
تنهنجو گھر آ شيشي جھڙو
تون ڇا بک ڀرم جي ڄاڻي ؟
ٿاڌل تنهنجي اڃ اجهائي
مون سان منھنجو پيٽ بکيو آ
ڪتي ڪاٽيم چيٽ ڏکيو آ........

لولي ۾ ماءُ جي ممتا ڏسو!!
ماڻڪ آھين، موتي آھين، منھنجو سڀ ڪِي تون
سانول آھين، سوڍو آھين، روز ڪريان باسون
تون جو کيڏي ميرو ٿين ٿو ڪپڙا کوڙ مٽيان
اولڻ گھولڻ ٿيان ٻچي تان اولڻ گھولڻ ٿيان

جند جھڙي سنڌ لاءِ
پھرين پنهنجو پاڻ کي مون هُئي ارپي سنڌ
تنھن کان پوءِ جند، سندر لڳي ڪيتري
سو دل ته چوي ٿي ته سرواڻ جي ڪتاب جي سموري شاعري توھان سان ونڊ ڪندو وڃان پر اھو به احساس اٿم ته ھر ھڪ پڙھندڙ کيس پنهنجي اندر جي اک سان پڙھي ته بھتر آ. منهنجي اھا خواهش ۽ اميد آهي ته سرواڻ جا ڪتاب اڳتي به ايندا رھندا ۽ نيڪ تمنائون ته سدائين اھڙي بي باڪي ۽ رواني سان لکندو رھي ۽ اسان جي دلين جي ترجماني ڪندو رھي.
**

سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ بلاگز

ڪجھ ماڻھو پيشي جي لحاظ کان ڪنھن ھڪ شعبي سان لاڳاپيل ھوندا آھن پر ھو پنھنجي وسيع مطالعي ۽ مشاھدي ذريعي گھڻن ئي شعبن تي نه رڳو نظر رکندا آھن پر انھن ۾ ڪافي معلومات ۽ مھارت به رکندا آھن. اسان جو محترم عبدالرحمان پيرزادو صاحب به انھن ماڻھن مان ئي آھي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان ته پبلڪ ھيلٿ جا ماھر ڊاڪٽر آھن پر پاڻ ھن ٽوڙ ڦوڙ جي شڪار ٿيل ڪيترين ئي بيمارين جي ور چڙھيل سماج تي ھر پاسي کان نظر رکن ٿا، نه رڳو نظر رکن ٿا پر پنھنجي اندر جي احساسن کي لفظن جي روپ ۾ ٻين ماڻھن تائين به پھچائين ٿا. منھنجي سامھون ھن وقت سندن ڪتاب ”ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ آھي. جنھن ۾ پيرزادي جا مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا ذريعي لکيل بلاگز شامل آهن
عبدالرحمان پيرزادو مونکي جھڙي طرح پنھنجي عملن مان بيباڪ لڳندو آھي بلڪل ساڳي طرح پاڻ مونکي پنھنجي لکڻين ۾ به بيباڪ لڳي ٿو. بغير ڪنھن رک رکان جي يا انھيءَ سوچ جي ته سامھون وارو ناراض ٿي پوندو پاڻ پنھنجي دل جي ڳالھ لکي ڇڏي ٿو.
عبدالرحمٰن پيرزادي صاحب جي بلاگز کي جڏھن پڙھجي ٿو ته انھيءَ ۾ اسان کي تمام گھڻا موضوع بحث ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا جنھن ۾ مذھب، سياست، سائنس، تعليم، صحت، زراعت، ادب، آرٽ، محبت، ماحوليات، نفسيات ءِ تاريخ سميت ٻيا به ڪجھ موضوع شامل آھن.
سندن زراعت جي حوالي سان بلاگز پڙھجن ٿا ته انھن ۾ پاڻ پورھيت ڪلاس جو نمائندو ٿيندي، سندن جائز حقن جي ڳالھ ڪري ۽ ساڻن ٿيندي ظلم ۽ ناانصافين کي ڀرپور انداز ۾ نندي ٿو. پورھيت جو استحصال ڪندڙ ڌرين تي به بي خوف ٿي لکي ٿو. ھن جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي ور چڙھيل سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ڏاڍ تي به لکي ٿو. انھي حوالي سان پاڻ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته سنڌي سماج عورت دوست ڪيئن ٿيندو؟ جڏھن نالي چڙھيا ترقي پسند سمجھيا ويندڙ اديب به جيڪڏھن عورت دشمن ھوندا ته بنياد پرستن مان ڪھڙي اميد؟ ھاڻي سوچجي ته پيرزادي صاحب جو اھو سوال تمام وڏي معنيٰ ۽ گھرائي رکي ٿو. اسان وٽ ھر ماڻھو جي اھا رڙ آھي ته سماج ۾ ڪرپشن آھي. پيرزادو صاحب انھيءَ ڪرپشن جو بنياد سرمائيداراڻي نظام کي سمجھي ٿو. پاڻ لکي تو ته سرمائيداراڻي سماج سماج ۾ معاشي سرشتي جو بنياد ئي ڪرپشن تي ٻڌل آھي انھيءَ مان سماجي، معاشي يا طبقاتي انصاف جي اميد رکڻ سمجھ کان ٻاھر آھي. پاڻ زرعي سماج ۽ جاگيرداراڻي سماج جي فرق کي به بيان ڪري ٿو. صحت جو موضوع به انتھائي اھم آھي. انھيءَ تي به ھن جي ڪتاب ۾ ڪافي بلاگز موجود آھن. جن ۾ پوليو، بڪين جي پيوند، غذائي کوٽ، مدي جي بخار، عالمي وبا ڪرونا ۽ ٻارن جي مختلف بيمارين جي علاج ۽ احتياط بابت ڪافي ڪارائتيون صلاحون موجود آھن. پيرزادو صاحب پاڻ ھڪ نظم و ضبط وارو ماڻھو آھي سو پاڻ صحت ڪارڪن جي ڊريس ڪوڊ تي به لکي ٿو ۽ سندس خيال آھي ته اسپتال ۾ موجود عملي کي مخصوص پوشاڪ ۾ ھجڻ گھرجي، پاڻ صحت ءِ فاصلاتي تعليم جي موضوع تي واقعاتي تعليم، مراسلاتي تعليم۽ تعليم جي عنوانن سان لکي ٿو. اھي بلاگز پڙھڻ سان اسان کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويندي ته اسان وٽ آن لائين تعليمي نظام ڪيڏو ڏکيو آھي؟ انھيءَ ۾ ڪھڙا مسئلا سامھون اچن ٿا؟ جڏھن ته اسان وٽ ھرڪو بغير سوچڻ سمجھڻ جي انھيءَ ڳالھ تي زور پيو ڏي ته تعليم آن لائين ھجي جديد دور آھي. پاڻ مجموعي طور تي سنڌ جي تعليمي معيار تي به لکي ٿو. پاڻ صحتمند سنڌ جو خواھشمند آھي. منھنجي ذاتي راءِ اھا آھي ته سنڌ جو تعليمي معيار ھٿ وٺي خراب ڪيو پيو وڃي، انھن سببن. کان پيرزادو صاحب بخوبي واقف آھي پوءِ به اھا سندن سوچ آھي جو پاڻ انھيءَ معيار کي وقت سان بھتر ٿيندي ڏسي ٿو جنھن جي مثال ۾ ھو پنھنجي تعليم کي اولاد جي تعليم سان ڀيٽي ٿو. پان اظھار جي آزادي جي اھميت کي سمجھندي ڇوي ٿو ته ماڻھن کي سوال ڪرڻ ڏيو. اچو ته سوال ڪريون. يا وري موجوده ٿيندڙ جڳاڙي صحافت تي به لکي ٿو. سندس موقف آھي ته تنقيد به ڪا برائي ناھي. موسمي تبديلين ۽ انھن جو ماحول تي پوندڙ اثر به ھڪ اھم موضوع آھي جنھن تي ”چيٽ چمڪيو نه ڀلو“ ۽ جي مينھن وسي چيٽ ته ان نه ماپي کيت جي نالي سان بلاگز لکيل آھن.
مان جڏھن ھي بلاگز پڙھندو ٿو وڃان ته سچ پڇو ته مونکي ھي شاعراڻو نثر ٿو لڳي. ٻولي جي خوبصورتي کي به ڪمال سان برقرار رکيو ويو آھي. اسان جي لوڪ ڏاھپ، صحتمند روايتون ۽ انھن جا حوالا به ھنن بلاگز ۾ ملن ٿيون.
ھنن بلاگز ۾ ڀٽائي جي سرن ۽ سورمين جو ذڪر به آھي ۽ ھڪ اھم سوال به بحث ھيٺ آيل آھي عبدالطيف ڀٽائي کي سرڪار ڇو چوندا آھن انھيءَ حوالي سان ليکڪ لکي ٿو، منھنجي ذاتي راءِ ۾ لطيف ان وقت جي حڪمرانن سرڪار سان برسريبڪار ھيو، ڀٽ واري علائقي ۾ سندس قيادت ۾ ھڪ متوازي سراڪر ھئي. ان مزاحمت دوران سندن مزاحمت جي ساٿين کي فقير خطرناڪ مھم تي ويندڙ کي گھوٽ ۽ پنھ جي اڳواڻ لاءِ سرڪار جو محقق استعمال ڪندا ھئا. ان ڪري لطيف سرڪار جو استعمال لطيف جي فقيرن ۾ ھيو جيڪو بعد ۾ ادب ۾ آيو آھي ھي اھڙا سوال آھن جن تي سائنسي انداز ۾ تحقيق جي ضرورت آھي سڀ کان اھم ڳالھ ته اسان جي سماج ۾ اھو مرض عام آھي ته ھر ٻن مھينن کان پوءِ ڪنھن نه ڪنھن اشو کي کڻي ماڻھن جو اصل مسئلن تان ڌيان ھٽايو ويندو آھي. پيرزادي صاحب انھي تي ڏاڊو ڀلو لکيو آھي ته ھروڀرو ڇو ٿا پنھنجو وقت بي مقصد بحثن ۾ وڃايو سنڌ جو ورھاڱو ممڪن ئي ڪونھي.
معروضي حالتون به اھڙي ڪم لاءِ مناسب ڪونھن مھرباني ڪري ماڻھن کي حقيقي مسئلن کان آگاھ ڪريو جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڀانت ڀانت جي شڪلين جي بنياد پرست سياسي جماعتن جو پيدا ٿيڻ جو آھي. زرعي سڌارا_ جاگيرداري جو خاتمو
رياست طرفان تعليم جا موقف
رياست طرفان صحت جون سھولتون
پاڻي خاص ڪري پيئڻ جو پاڻي
وڌندڙ آبادي جو مناسب تدارڪ
وچڙندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءَ
ماحول جي حفاظت
سنڌو درياءَ جو جياپو
ٻيلن جي زندگي
شاگرد، ھاري، مزدور کي تنظيم سازي جو حق
ياد رکجو طبقاتي سماجن ۾ جيڪڏھن وڌيڪ صوبا ٺاھڻ يا موجودہ وحدتن کي ٽوڙڻ جھڙو ڪو قدم کڄي به ٿو ته اھو صرف ۽ صرف عالمي ۽ ملڪي مراعت يافته طبقي جي حق ۾ ھوندو. ھاڻي ڏسو ته ھي ڪيڏو نه اھم بلاگ آھي ھن وقت جڏھن ھي شيون لکي رھيو آھيان انھيءَ وقت به اسان جي چوڌاري اھڙا کٽراڳ جاري آھن پيرزادو صاحب ترقي پسند سوچ رکندڙ شخص آھي سو پاڻ اليڪشن ذريعي ايندڙ عوامي حڪومتن جو حامي آھي ۽ انھن ۾ سڌارن جي حوالي سان صلاحون به ڏي ٿو. پاڻ آزاد اميدوار جي خلاف آھي. جيڪو سرسي ڏسي عوام جي ووٽن جو سودو ڪري ٿو ڇڏي. پيرزادو صاحب چوي ٿو ته ووٽ شخص کي نه پر پارٽي کي ڏيو.
اسان جڏھن ھي بلاگز پڙھون ٿا ته اسان کي اھو احساس به ٿئي ٿو ته سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪيئن ڪجي؟ پيرزادي صاحب انھيءَ جو ڀرپور استعمال ڪندي ھن بلاگز ذريعي عوام ۾ شعور ۽ آگاھي جي عمل کي جاري رکيو آھي جاڪا ڏاڍي ڀلي ڳالھ آھي. ھاڻي ايترن سارن موضوعن تي لکڻ سان اھو ظاھر ٿئي ٿو ته عبدالرحمان پيرزادو صاحب انتھائي حساس ماڻھو آھي جنھن کي ٿوري به بي ترتيبي نٿي وڻي ۽ پاڻ ان خلاف ڀرپور احتجاج ڪري ٿو. جنھن جو مثال ھي بلاگز آھن. پيرزادي صاحب اھو ڏاڍو ڀلو ڪم ڪيو آھي جو پنھنجي ھنن ڇڙوڇڙ بلاگز کي ھڪ ھنڌ جمع ڪري ڪتابي شڪل ڏني آھي انھيءَ سان اھو فائدو ٿيندو جو اسان سنڌي سماج جي موجودہ اصل چھري کي ڏسي سگھنداسين. ڇو ته ھي سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ بلاگز آھن مان ونھنجي اھا خوشنصيبي ٿو سمجھان جو پيرزادو صاحب مختلف وقتن تي منھنجي به ترتيب ڪندو رھيو آھي سو پنھنجي محسن جي ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ ڪنھن اعزاز کان گھٽ ناھن مون کي اميد آھي ته ھي بلاگز ھر باشعور پڙھندڙ کي سندس دل جي ڳالھ لڳندي ۽ ڪجھ پڙھندڙن کان شايد ھضم به نه ٿين.
**

جي تو اڃا نه ڄاتو

محترم نور احمد جنجهي صاحب مسلسل ۽ ڪارائتو لکندڙ ادبي ماڻهو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڪتاب ”جي تو اڃا نه ڄاتو“ ڇپيو آهي. جنهن جو موضوع عالمگيريت آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ 27 مضمون شامل آهن. جن ۾ عالمگيريت جي وصف ۽ ان جي مختصر تاريخ، عالمگيريت جا اوزار، انهيءَ جا اثر، انهيءَ سموري پس منظر ۾ اسان جي سماج جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي صورتحال جهڙن اهم موضوعن تي مضمون پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.
عالمي وبا ڪورونا جو ذڪر به اثرائتي انداز ۾ ڪيل آهي. جنهن کي ليکڪ ”ڪورونا جو ڪوڪٽ“ جو نالو ڏنو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب عالمگيريت جا جيڪي روپ بيان ڪري ٿو، انهي ۾ سڀ کان خطرناڪ روپ ”ڪارپوريٽ عالمگيريت“ کي سمجهي ٿو. هاڻي اسان جڏهن پنهنجي چوڌاري مشاهدو ڪيون ٿا ته، واقعي ائين ئي آهي. ترقي جي نالي ۾ هر قسم جي تباهيءَ جاري ۽ ساري آهي. اسان جي سماج جي ويتر حالت خراب آهي. نور احمد صاحب جا هي ليک پڙهندي سوچيندو رهيس ته، ڪاپوريٽ مافيا ڪيئن نه ماڻهن کي سبز باغ ڏسي، پنهنجي وکر جو عادي ڪري فطرت کان نه رڳو پري ڪري رهي آهي پر فطرت دشمن ڪري رهي آهي. ڪهڙو به شعبو کڻو، سو انهي مرض ۾ ورتل آهي. اسان جو سماج زرعي سماج آهي، جنهن جي گهڻي آبادي جو گذران زراعت تي آهي. هاڻي انهيءَ زراعت جي شعبي ۾ هائبرڊ ٻج، ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائون، جنسن جو وقتائتو، جائز ۽ مناسب اگهه نه ملڻ، پاڻي جي هٿرادو کوٽ سميت انيڪ مسئلا پيدا ڪري آبادگار ۽ پورهيت کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ٿورو سوچيو ته، سموريون زرعي دوائن ۽ ڀاڻن جو ڪمپنيون، ملز مالڪ، وڏا سيٺيا ۽ انهي وکر جي پروموشن ۽ مشهوري ڪندڙ مخلوق ڏينهون ڏينهن مچي مواڙ ٿي رهي آهي، ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري رهي آهي، بنگلا ٺهرائي رهي آهي، وڏين گاڏين ۾ گهمي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي جيڪو هاري آهي، اُهو اٽي لپ لاءِ پريشان آهي. هاڻي هن ماڻهن کي رڳو کپي چمڪ ڌمڪ ۽ ڏيکاءَ! نتيجي ۾ اسان جي جيڪا ماحولياتي، سماجي ۽ اقتصادي تباهي ٿي آهي. انهي تي ڪنهن جي به ڪن تي جونءِ نٿي سُري. اهي هائبرڊ ٻج جا اناج ۽ ڀاڄيون کائي ماڻهو مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن. جيڪي جانور وري اهي گاهه کائين ٿا، سي به بيمار ۽ پوءِ وري انسان انهن جو کير ۽ گوشت استعمال ڪري ٿو. اهڙي طرح سڄي food chain مرضن ۾ وٺجي ٿي وڃي.
هاڻي وري بيمارين جو ذڪر ٿيو آهي ته ياد آئي هتي جي اڄوڪي ميڊيڪل سائنس. جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر جي اخلاقيات اِها آهي جو پهرين اسپتال ۾ فيس جمع ڪرائبي پوءِ علاج ٿيندو. مريض مري ٿو ته ڀلين مري وڃي، اِهو آهي عالمگيريت جو عڪس. جنهن ۾ عوام کي ڏسڻ لاءِ عوام جي خدمت جو slogan استعمال ٿئي ٿو پر ان جي برعڪس عوام کي ڪاسائي وانگر ڪُهجي ٿو. هاڻي اِهو درد جو داستان به ڊگهو آهي. جنهن ۾ نقلي دوائون، مهانگيون دوائون، ٻار جي نارمل ڄم کي آپريشن ۾ تبديل ڪرڻ سميت انيڪ ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. ظاهر آهي جيڪي ماڻهو ڪروڙين روپيا لڳائي وڏا ميڊيڪل ڪامپليڪس ٺهرائين ٿا. انهن ۾ مقصد رڳو مال ڪمائڻ آهي. مريض سان کين ڪا به همدردي ناهي.
مٿي ذڪر ٿيو اخلاقيات جو، سو اخلاقيات ته ايندي بهتر تعليم سان. وري ڏسون ٿا، اسان جي تعليمي حال کي ته، اندر سڙي ٿو وڃي. نور احمد جنجهي جنهن ڪارپوريٽ عالمگيريت جو ذڪر ڪري ٿو، انهي جو مثال اِهو ٿي سگهي ٿو ته، هڪ غريب جو ٻار جنهن جي مادري زبان سنڌي آهي پر ان کي به هڪ کُڏي جهڙي ٻارن سان سٿيل خانگي اسڪول ۾ آڪسفورڊ جو syllabus خريد ڪرڻ لاءِ چيو ٿو وڃي. هاڻي اسان جو ماڻهو انهيءَ ۾ خوش ته منهنجو ٻچو آڪسفورڊ جا ڪتاب پيو پڙهي. حقيقت ۾ جيڪي نه اسان جي سماجي حالت سان ٺهڪن ٿا ۽ نه ئي اُتي موجود ويچاري استاد کي پڙهائڻ اچن ٿا. ان ۾ استاد جو ڏوهه ناهي، جڏهن تعليم ڪاروبار ٿي وڃي ته پوءِ اُهو ويچارو رڳو پنهنجو پيٽ گذر ڪندو، ٻيو ڇا ڪندو! هاڻي انهي منظر ۾ اسان جي جيڪا ثقافتي، سماجي ۽ تعليمي ڀينگ ٿي آهي، ان جو ڪاٿو لڳائڻ سان زمين پيرن هيٺان نڪري ٿي وڃي. ٻار نه پنهنجي ٻولي ٿو سکي سگهي ۽ نه ئي ڪا ٻي ٻولي سکي سگهي ٿو.
عالمگيريت جو هڪ ٻيو ڀيانڪ پاسو آهي صنعتڪاري. جنهن کي ترقي جو ته نالو ڏنو ٿو وڃي پر انهي ذريعي سرمائيدار هڪ طرف پورهيت جو استحصال ٿو ڪري ته ٻئي طرف ماحولياتي تباهي جو وڏو ڪارڻ ٿو ٿئي. نتيجي ۾ هاڻي مشين ماڻهو کي replace پئي ڪري. هاڻي ڳوٺن ۾ به کيڙي کان ويندي لاباري تائين، لاباري کان ويندي جنس مارڪيٽ تائين پهچائڻ سميت سڀ ڪم مشين ٿي ڪري. هاڻي في الحال ته ماڻهن کي سبز باغ ڏسي خوش ڪيو پيو وڃي ته جلدي ڪم پيا ٿين. اسان جو عام ماڻهو به مشين کي لابارو ڪندي ڏسي گد گد پيو ٿئي پر کيس خبر ئي ناهي ته سندس روزي تي لت پئي اچي. اِهي آهن خوفناڪ ڪارپوريٽ عالمگيريت جا رنگ، جيڪي انسان جي زندگيءَ کي بي رنگ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. جنجهي صاحب عالمگيريت جا اثر بيان ڪندي لکي ٿو ته عالمگيريت انهي چڪر ۾ آهي ته دنيا ثقافتي طور هڪ ٿئي ته جيئن شيون ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ آسان ٿين. بلڪل انهي جو ئي نتيجو آهي جو اسان وٽ ثقافتي تضاد جنم ورتو آهي. جيڪي شيون اسان لاءِ آهن ئي ڪونه، سي به اسان جي ڳچي ۾ وجهي، اسان کي انهن جو عادي ڪري ۽ پوءِ دنيا ناڻو ڪمائڻ ۾ پوري آهي. نالو اهو ٿو ڏنو وڃي ته، دنيا سُسي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ٿي وئي آهي. پر اهو ڪير به نٿو سوچي ته، انسان انسان کان ڪير ڏور هليو ويو آهي. انسان ڪيئن فطرت دشمن ٿي پيو. انسان ڪيئن تيزي سان پنهنجا سماجي قدر وڃائي چڪو آهي. نتيجي ۾ انسان جي زندگي مان هر حُسناڪي موڪلائي پئي ۽ رڳو نراسائي ۽ مايوسي جنم وٺي پئي. صفا ننڍڙو مثال ٿا وٺون ته، اڄ جي ماڻهو لاءِ موبائيل فون رشتن ناتن کان مٿي ٿي پيو آهي. ماڻهو وٽ پنهنجي اولاد، دوستن يا ٻين ماڻهن جي ڳالهه کي ڌيان سان ٻُڌڻ جو وقت ناهي. ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي جو ماڻهو کان وڌيڪ مشين پياري ٿي پئي آهي. اِها ڳالهه اِهو ظاهر پئي ڪري ته اڄ جو انسان مادہ پرست ٿي بيحس ٿي چڪو آهي.
جنجهي سائين ته پنهنجي سڀني مضمونن ۾ عالمگيريت بجاءِ عالم پسندي جي پرچار ڪندي نظر اچي ٿو. اسان جي فڪري رهبر ڀٽائي سائين جو به اهو ئي ته فلسفو آهي ته سمورو عالم آباد هجي. اِها ڳالهه بلڪل درست آهي ته عالم پسندي ئي اڄ جي انسان ۽ فطرت جي ڀلي ۾ آهي.
نظرين کان پڄائڻ جي عنوان سان هڪ مضمون ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”نظرين کان پڄاڻان واري دنيا ۾ انسان ڏينهون ڏينهن جانورن جهڙي زندگي واري سماج ڏانهن ڌڪجندا پيا وڃن جو وٽن نه گهر گهاٽ آهي نه پيٽ ڀري کائڻ جيتري ماني، نه ئي مناسب علاج تائين پهچ. اهي سڀ ڳالهيون ڇڏيو کين پيئڻ جو صاف پاڻي به نصيب ناهي. ائين سڌرندڙ دنيا جي نالي ۾ نهال اها غريب دنيا شاهوڪار دنيا جي هڪ وڏي تجرييگاهه آهي، جنهن ۾ دوا، ٽِڪي گوري کان وٺي هٿيار تائين هر شيء آزمائي ٿي وڃي. “
جڏهن هر شيء بازاري ٿي وڃي، ماڻهو به وڪجڻ لڳن ته پوءِ ڇا جا نظريا. نظرياتي ماڻهو ئي مري ويا ۽ هاڻي رهجي ويا آهن لوڀي ۽ ٺوڳي. سو پيا دنيا کي ٺڳين. افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ ڇڏي ڏنو آهي. انهي ڪري دنيا جو امن ۽ سڪون تباهه ٿي چڪو آهي. نور احمد جنجهي صاحب ڏاڍي ڏک سان اهو لکي ٿو ته، انسان جا پنهنجا ڪرتوت ئي کيس تباھ ڪن پيا. پاڻ لکي ٿو ته ”موچي جا گهڙيل موچي جي مٿي ۾ ٿا لڳن. انساني تاريخ رت سان رنڱيل آهي. درندن ۽ سرڻن انسان جو ايترو رت نه وهايوم هوندو جيترو انسان پاڻ هٿن سان منهن سائو ڪيو آهي.“
هي ڪتاب پڙهندي اِهڙا ڪيترائي جملا ملن ٿا، جيڪي لکڻ لاءِ دل چوي ٿي. جيئن ”اهڙي هٻڇي اقتصادي سرشتي انسان مان ماڻهپو ۽ فطرت سان پيار ڪڍي منجهس مال ميڙڻ جي اُلي وجهي ڇڏي آهي. “
ڪورونا واري صورتحال کي به سائين نور احمد نهايت ئي شاندار انداز ۾ بيان ڪيو آهي. انهي ۾ به ليکڪ انساني اوڻاين جو ذڪر ڪندي وري به کيس حوصلي ۽ همٿ جو درس ڏئي ٿو. جيڪا ڏاڍي ڀلي ڳالهه آهي. هاڻي عالمگيريت جي تناظر ۾ ڪورونا کي ٿو ڏسجي ته، اِتي به سرمائيدار حاوي آهي. جيڪو عام واهپي جي شين تي به بي انتها ۽ ناجائز منافعو وٺڻ کان نٿو مُڙي. ماڻهو ايڏو وحشي ٿي پيو آهي جو ڪورونا جي نالي ۾ ملندڙ امداد جا پئسا يا سامان غريبن يا ضرورتمندن کي ڏيڻ بجاءِ پاڻ کائي ٿو وڃي. ان کان وڏي ڪا ٻي بيحسي ٿيندي جو دنيا کي سِر جي لڳل آهي پر سرمائيدار کي بس اهو فڪر آهي ته پنهنجي دولت کي ڪيئن وڌايان. پر منهنجي خيال ۾ هي ته دولت جي ڳالهه ناهي پر هي هر قسم جي دهشتگردي آهي. جنهن ۾ بغير ڪنهن محنت جي، پورهيتن جو رت چوسي مال گڏ ڪرڻ جي لوڙ لڳل آهي.
ڪورونا جي ڪري تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيا آهن. انهن ۾ تعليمي عمل جو جاري رهڻ به وڏو مسئلو آهي. هن وقت جڏهن هي سِٽون لکان پيو ان وقت به اسان وٽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي. هاڻي فاصلاتي تعليم جي ڳالهه ٿئي ٿي پر اِهو اسان جي سماج ۾ ممڪن نٿو لڳي. اسان جي اڪثر اسڪولن ۾ واش روم ناهي، پيئڻ جو پاڻي ناهي، ويهڻ لاءِ ڪا بينچ ناهي، بجلي ناهي. اُتي آن لائن فاصلاتي تعليم جي ڳالهه ڪرڻ مذاق ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اسان وٽ ته تعليم مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي. جنهن جو وڏو سبب اهو آهي جو اهڙا ماڻهو پاليسي ٺاهڻ تي ويهن ٿا. جن کي تعليم جي هڪ اکر جي به خبر ناهي. هاڻي انٽرنيٽ، مختلف ڊوائيس ۽ لاڳاپيل ڪورس هڪ غريب جي ٻار لاءِ ڪٿان اچي؟ هتي جا حاڪم ته اها ڳالهه ڪندي ٿڪجن ئي نٿا ته تعليم هر ٻار جو حق آهي. هاڻي اهو حق ڪيئن پيو ملي سان ڳالھ ڪرڻ ۾ ڪونهي. سچ ته دل رت جا ڳوڙها ٿي روئي.
نور احمد جنجهي صاحب هن ڪتاب ذريعي ماڻهو کي ماڻهپي، فطرت دوستي، انسان دوستي، ڪتاب دوستي، شعور، فضيلت، اعلي انساني قدرن جو سبق ڏيندي نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ شامل مضمون پڙهندي اِهو به محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سائين جي مشاهدي جي اک ڪمال جي آهي. پاڻ پورهيت تي ٿيندڙ ظلم، ثقافت جي زوال، فطرت جي تباهي، انسانيت جي موڪلائڻ سميت انيڪ اهم ڳالهين جي نشاندهي ڪري ٿو.
ڪتاب جي هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته هن ۾ استعمال ٿيل ٻولي عام فهم، آسان ۽ رواني واري آهي. سائين نور احمد هن هيڏي وڏي موضوع تي دنيا جي ٻين ليکڪن جا حوالا ڏيڻ بجاءِ پنهنجا مشاهدا نهايت ئي شاندار انداز ۾ بيان ڪري ٿو. جنهن ذريعي هو پڙهندڙ کي پڙهڻ تي مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. مضمون ايترا وڏا به ناهن جو پڙهندڙ لاءِ بوريت جو سبب بڻجن. مناسب لفظن ۾ مناسب ڳالهه ٿيل ملي ٿي، جيڪا پڙهندي سُٺي لڳي ٿي.
نور احمد جنجهي صاحب هميشه نوجوانن کي همٿائيندو رهي ٿو ۽ کيس نوجوانن مان وڏيون اميدون آهن. تڏهن ته هن ڪتاب جي ارپنا به نوجوانن کي ڪندي لکي ٿو ته ”انهن نوجوانن جي نالي جيڪي ڄاڻ جي عشق کي نه رڳو ڄاڻن ٿا پر ڄاڻ کي سڪارج به ڪرڻ ڄاڻن ٿا.“
ڪتاب جو مهاڳ ”گلوبلائيزيشن جي بند گهٽي ۾ ڦاٿل دنيا کي سجاڳ ڪندڙ سچ“ جي عنوان سان مير منصور مڱريي لکيو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب کي ههڙي شاندار ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي واڌايون هجن. **

مٺل جسڪاڻي جو ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“

محترم مٺل جسڪاڻي صاحب جي ڪتاب جو ٽائٽل جڏهن منهنجي سامهون آيو ته، مختلف برساتن سان وابسته يادون، مشاهدا ۽ تجربا ذهن تي تري آيا. ٻُڌندا اچون ته، ”برسات رحمت آهي“، ”ٻڏي جا ٻيڻا“. هر ڪنهن وٽ انهي حوالي سان پنهنجا پنهنجا دليل ۽ فلسفن جا حوالا آهن. پر سچي ڳالهه اها آهي ته، آئون اڄ تائين ناهيان سمجهي سگهيو ته ٻڏي جا ٻيڻا ڪيئن آهن؟ ٻيڻن يا ٽيڻن ۽ چوئڻن ٿيڻ جون ڳالهيون ته ڍاولن جي واتان ٻُڌبيون رهيون آهن. هونئن به انهي مخلوق جا واقعي ٻيڻا جو آهن. ڇو ته انهي آڙ ۾ سندن ڀڀ ڀربا، امدادون ۽ فنڊ ملندا، خيراتون ملنديون. غريبن جي غريبي جي نمائش ڪبي. باقي جن جا اجھا جهرن ٿا، انهن واتان ته اهو ٻُڌو اٿم ته، خدا کڻي برسات کي، اسان توبهه ڪئي.
ڳالهه نڪتي آهي برسات ۽ ٻوڏ جي تهه، ڪجهه برساتن جو به ذڪر ڪجي. مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي، انهي وقت کان وٺي هن وقت تائين ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ برسات کي ڇڏي، باقي ته مون برساتن کي تباهيون ڪندي ڏٺو آهي. پوءِ اُها 1994ع واري ٻُوڏ هجي، 1999ع وارو سامونڊي طوفان هجي، 2003ع واريون خوفناڪ برساتون هجن، 2010ع، 2011ع واريون ٻوڏون هجن يا وري هن سال واري برسات ۽ ٻوڏ هجي. انهن سمورين برساتن جي تباهين جا جيڪي منظر منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهن، سي سڄي ڄمار نه وسرندا ۽ انهي ڪري مون کي برسات سُٺي ناهي لڳندي. هاڻي انهي تي سڀ ڪو پنهنجا پنهنجا حوال ڪندو ته، برساتن جي ڪري پاڻي وڌي ٿو، فصل ٿين ٿا. يا وري برسات رحمت آهي پر اسان جي انتظامي ناڪامين جي ڪري ائين ٿئي ٿو يا وري گلوبل وارمنگ آهي، سڄي دنيا ۾ ماحوليات ۾ وڏي تبديلي آئي آهي، وڻ وڍجي ويا آهن، ماڻهن پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضا ڪيا آهن وغيره وغيره.... کوڙ ڳالهيون آهن، گهڻي ڊيگهه ۾ نٿا پئون. اهي سڀني کي خبر آهن پر هاڻي ڳالهه اها آهي ته، جنهن غريب جو الهه تلهه چٽ ٿي ويو، ڪا ٻڪري ٺڪري هئس سا مري وئي، فصل ٻُڏي ويو... انهي تي ڇا ٿي گذري، ٿورو سوچي ڏسجو....!
محترم مٺل جسڪاڻي به ته انهن تباهين جي ڳالهه ڪئي آهي. ڇو ته مٺل جسڪاڻي بنگلن ۾ ويهي اِهو چوندڙن مان ناهي ته، برسات جي ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. جيئن هتان جا ٽي وي چينل ڪندا آهن ته، برسات جي ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي. بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. مختلف حادثن ۾15 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. مٺل ته جهر جهنگ گهُمي حقيقي مشاهدن کي انهي درد ڪٿا ۾ لکيو آهي ۽ پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچايو آهي.
هاڻي نقادن جي مرضي پيا حساب ڪتاب ڪن ته، هي ڪهڙيون ڪهاڻيون آهن، هي ڪهڙا نظم آهن. پر مون ته اهو محسوس آهي ته، هن ڪتاب ۾ موجود هر هڪ ڪهاڻي يا نظم ڪهاڻي درد جو احساس آهي، احتجاج آهي، بيوسي جو اظهار آهي، نصيحت آهي، زرعي ۽ سماجي ڄاڻ آهي.
انهن برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري تقريبن هر ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. جيئڻ عذاب ٿيو پوي. هاڻي مهرباني ڪري رحمت وارا داستان نه ٻُڌائجو. ڪتاب تي نظر وجهجي ٿي ته، انهي جو ٽائيٽل اهڙو appealing آهي، جو ماڻهو سوچن ۾ گم ٿيو وڃي. جيئن آئون مٿي لکي آيو آهيان. هي سٽون لکڻ دوران به برسات سان وابسته يادون ذهن ۾ هلن پيون. پر سڀ هتي لکي نٿيون سگهجن. پر هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهو خيال آيو اٿم ته، برسات سان وابسته يادون لکجن.
ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ حصو ڪهاڻين جو آهي ۽ ٻيو نثري نظمن جو، جن جو موضوع برسات ۽ ٻوڏ جون تباهيون آهي.
ڪتاب جي شروعات ۾ ئي ليکڪ هي سٽون لکي ٿو، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ انهي درد کي بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
”امداد جي آسري ۾ ماڻهن،
پنهنجا گهر پاڻ نه ٻوڙيا آهن،
پنهنجي سوچ بدلايو،
يا هڪ ڏينهن جي لاءِ،
پنهنجي ڪٽنب سميت،
ڪنهن ڪيمپ ۾ گذاريو......“
هي پڙهڻ کان پوءِ مون تصور ۾ ئي پاڻ کي انهي جڳهه تي رکي ڏٺو ته، پيرن هيٺان زمين نڪرندي محسوس ڪيم. هاڻي اهي جيڪي فوٽو سيشن ڪري، متاثرين جي نالي ۾ پنهنجي مشهوري ڪندا پنھنجو پنهنجو دڪان چمڪائيندا وتن، سي به اکيون پٽين ۽ ماڻهو ٿين.
ڪتاب ۾ موجود هر ڪهاڻي موضوع سان ڀرپور نڀاهه ڪري پئي. هڪ ڪهاڻي ”وس ۾“ ۾ همراهه برسات جي اڳڪٿين بابت ڳالهائيندي چون ٿا ته، اهڙيون برساتون اسان جي وس ۾ ناهن يا وري ڪهاڻي ”نٿو مُڙين نه....“ ۾ ليکڪ سنڌي ٽي وي چينل تي برساتن بابت خبرون ٻُڌي گهر ويهي ٿو رهي ۽ سندس ڀاءُ گهمي ڦِري اچي ٿو. هاڻي اِهي ٻئي ڪهاڻيون پڙهڻ سان ذهن ۾ اڄوڪا موسميات جا ماهر ٿا اچن. جن کي نه جن نه ڪن، وتن دٻون ڏيندا ۽ خلق جو ساهه مُٺ ۾ ڪندا. اڄ هيترا ملي ميٽر برسات پوندي.......، اڄ هي سلسلو پيو اچي وغيره وغيره........ اسان جي ڳوٺ ۾ به اهڙا ٻه چار موسميات جا ماهر آهن، جيڪي انهي موسم ۾ رڻ ٻاريو ڏين. هنن برساتن دوران هڪڙو ڪورونا جي مصيبت ۽ ٻيون اِهي برساتون، اسان به گهر ۾ ئي هئاسين. همراهه صبح شام برسات بابت تبصرا ڪري پيا مٿو کائيندا هئا.... ڇا ڪجي ڪيڏانهن وڃجي. اسان وٽ ته هڪ ظلم اهو به آهي ته، هر ماڻهو هر علم ۽ فن جو ماهر آهي. جيڪو نه رڳو پنهنجي راءِ ڏي ٿو پر راءِ مڙهي ٿو. سو، اهي سورن پچارون ڪنهن ٻئي ڀيري ڪبيون.
هي ڪهاڻيون پڙهندي مون کي اِهو به محسوس ٿيو ڄڻ ليکڪ سامهون ويهي ڪچهري ڪري رهيو آهي. هونئن محترم مٺل جسڪاڻي صاحب قرب ۽ محبتون ونڊيندڙ ماڻهو آهي. پاڻ دوستن سان ڏک سک ۾ گڏ به هوندو آهي ۽ رهاڻيون به رچائيندو رهندو آهي.
مٺل جسڪاڻي صاحب سان روبرو منهنجون ٻه مختصر ملاقاتون آهن. پر فيس بوڪ ذريعي ساڻس روز ملاقات ٿئي ٿي. انهي مان مون مٺل کي ڪيئن ڏٺو، اِهو به ڪنهن ٻئي ڀيري، سائين تي تفصيلي خاڪو لکي بيان ڪبو.
برسات ۽ ٻوڏ جي عنوان سان ڪهاڻي ۾ ته منهنجي دل جي ڳالهه (لک جي ڳالهه) ڪيل آهي. ”برسات کي رحمت بدران زحمت بڻائيندڙ سبب، ڳجهه ۾ نه رکڻ گهرجن. بلڪه برسات کي زحمت ڪندڙ سبب ظاهر ڪجن ۽ انهن جو ازالو به ٿيڻ گهرجي“.
”ملاقات“ ڪهاڻي ۾ ليکڪ برسات دوران ملاقات جون ساروڻيون ساري ٿو. بلڪل ائين ئي آهي برسات يادون ئي ته کڻي ٿي اچي. تڏهن ته سائينداد ساند چيو آهي ته،” کڻي آئي برسات يادون اوهان جون، کنوڻ رنگ لايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا...... “.
برسات دوران ليکڪ سموسي کائڻ جو مزو به لکي ٿو پر ساڳي وقت کيس انهن جي به سار اچي ٿي، جيڪا بکئي پيٽ هوندا. ”ٻنو ٻار هڪ“ ڪهاڻي ۾ شاندار منظر ڪشي ڪئي وئي آهي ته، برسات ڪيئن ٿي ڀينگون ڪري!
نظم ڪهاڻين واري حصي ۾ ليکڪ لکي ٿو بلڪه نصيحت ٿو ڪري ته:
”خيال ڪجو،
جيڪي برسات ۾ نه ٻُڏا،
اُهي هاڻ،
برسات کانپوءِ
ٻُڏڻ نه گهرجن“.
يا وري ”متاثر“ نالي نظم ۾
”برسات ۾ پاڻ سان گڏ،
ٻين جو به خيال ڪريو،
اوهان جي ڪري،
ٻيو متاثر نه ٿيڻ گهرجي.“
نظم ”ڪيئن ٿو ڀانئين“ ۾ اِها ڀيٽ ڪيل آهي ته، اڳي وارين برساتن ۽ هاڻي وارين برساتن ۾ فرق ڪهڙو آهي؟
ڪتاب جي آخري نظم” اڱارو“ ۾ ليکڪ برسات دوران دل پشوري ڪندي، چمبڙ جي پڙي گهمندي خريداري ڪري ٿو. سنگت سان ملي ٿو، گلن ۽ موتين وارا آڳٺ وٺي ٿو. لالڙي به سوکڙي طور وٺي ٿو. آخر ۾ موجون ڪندي برياني به کائي ٿو. جيئن اسان وٽ اڪثر همراهه مال پڙي تي ويندا آهن. پُڇنداسين ته ادا ڇا وڪڻڻ ٿو وڃين يا ڇا خريد ڪرڻ ٿو وڃين؟ ته جواب ۾ چوندو ته ادا نه ڪجهه وڪڻان ٿو ۽ نه ئي خريد ٿو ڪريان، بس آئون ته برياني کائڻ ٿو وڃان.
باقي ڪهاڻيون ۽ نظم پڙهندڙ پاڻ پڙهن. مون هڪ پڙهندڙ طور پنهنجو رايو لکڻ ضروري سمجهيو. ڇو ته هر ليکڪ اهو چاهيندو آهي ته، منهنجي تخليق تي ماڻهو تبصرو ڪن. ته جيئن گهڻا پڙهندڙ ڪتاب پڙهي سگهن. انهي ڪري هڪ پڙهندڙ ۽ ليکڪ جي صورت ۾ اِهو منهنجو فرض آهي ته، جيڪو ڪتاب پڙهان، اُن بابت ٻه اکر ضرور لکان.
محترم مٺل جسڪاڻي جا قرب، جنهن محبتن مان ڪتاب اماڻي محبتن جو قرضي به ڪيو ته هڪ املهه تحفي سان به نوازيو. ڇو ته منهنجي نظر ۾ ڪتاب کان بهترين ٻيو ڪو به تحفو نٿو ٿي سگهي.
**

ابوبڪر شيخ جو نئون ڪتاب ”تاريخ ڪي مسافر“

اسان کي اڪثر اهڙا سفرناما پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، جن ۾ ليکڪ پنهنجي گذاريل وقت، موج مستي ۽ تفريح بابت ئي لکي ٿو. پر ڪجهه اهڙا منفرد ليکڪ به آهن، جيڪي پنهنجي سفر سان گڏ تحقيق به ڪندا هلندا آهن. سُٺي ڳالهه ته وري اِها به آهي جو اُهي ليکڪ انهي تحقيق کي رُکي انداز ۾ يا رڳو انگ اکر ڏيڻ بجاءِ انهي تحقيق کي افسانوي ۽ دلچسپ انداز ۾ لکن ٿا ته پوءِ پڙهندڙ جو چاهه ويتر وڌي ٿو وڃي. اُنهن ليکڪن ۾ محترم ابوبڪر شيخ جو شمار به ٿئي ٿو. ابوبڪر شيخ کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق سنڌ جي تاريخ پيو لکرائي. اُها تحرير رڳو لفظن تائين محدود ناهي پر اُن کي ابوبڪر شيخ خوبصورت تصويرن ذريعي به محفوظ ڪندو رهي ٿو. سندس تحريرن ۽ تصويرن جو حسين سنگم سندس اُهي بلاگز آهن، جيڪي مختلف وقتن تي ڊان ڊاٽ ڪام تي شايع ٿيندا رهندا آهن.
اڄ ايڪيهين صدي ۾ به ڪافي پڙهندڙ انٽرنيٽ استعمال نٿا ڪن پر انهن لاءِ اڄ به پڙهڻ جو ذريعو هارڊ ڪاپي ۾ ڪتاب آهي. سو ابوبڪر شيخ صاحب جا اهي دلفريب بلاگز سنگ ميل پبليڪشن لاهور پاران ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪيا پيا وڃن. انهي سلسلي ۾ سندس نئون ڪتاب ”تاريخ کے مسافر“ شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ 25 بلاگز شامل آهن. ابوبڪر شيخ جي بقول ته کيس آرٽ فلمون وڻن ٿيون. جڏهن سندس بلاگز پڙهجن ٿا ته انهن مان به آرٽ فلمن وارو چس اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ درياءَ جي بيوفائي، سنڌ جي خوشحال ماضي، تاريخي ماڳ مڪانن، ميلن، ڪلانڪر ڍنڍ، مڪلي، چوڪنڊي جو قبرستان، ڪراچي سميت ٻين موضوعن تي به بلاگز موجود آهن.
ابوبڪر شيخ جڏهن سنڌ جي خوشحال ماضي کي اتي رهندڙ ماڻهن جي واتان ٻُڌي، جڏهن انهن کي لفظن جو روپ ٿو ڏئي ته حساس دل ماڻهو روئي ٿو پوي. سندس لکڻين جي ٻي خوبي اها آهي جو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي ٿو هلي.
هن ڪتاب ۾ مون کي هڪ کوٽ محسوس ٿي سا اِها ته هن ڪتاب ۾ تصويرون شامل ناهن. ڇو ته هي بلاگز آهن، تصويرون انهن جو حصو آهن. خاص طور تي اُتي ته تصوير جو هجڻ ضروري آهي، جتي ليکڪ لکي ٿو ته، فلاڻي جڳهه يا ماڳ مڪان جي حالت توهان هن تصوير ۾ ڏسي سگهو ٿا. سو، جيڪڏهن تصويرن کي به شامل ڪيو وڃي ها ته ڪتاب جي سونهن ۾ اڃا به اضافو ٿئي ها.
ابوبڪر شيخ صاحب کي جس هجي، هن انهي وقت ۾ تاريخ جي موضوع کي کنيو آهي. جڏهن اڪثر ماڻهو اِهو چوندي ٻُڌجن ته، جيڪو وقت گذري ويو، سو گذري ويو. هاڻي ماضي تي روئڻ بجاءِ اڳتي جو سوچجي. پر اِها به حقيقت آهي ته، خوشحال مستقبل لاءِ ماضي جا پيرا ضرور کڻڻا پوندا، تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. سو، ابوبڪر شيخ صاحب اسان جي انهي اهم ڪم ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي.
**

صبح ٿيندو (سياست جي موضوع تي هڪ دلچسپ ڪتاب)

رسول بخش پليجي صاحب کي پڙهڻ سان هميشه ذهن ۾ نوان خيال ۽ نئون جذبو جنم وٺندو آهي. پاڻ جيڏو ڪمال جو مقرر هو، ايڏو ئي ڪمال جو ليکڪ ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. ’صبح ٿيندو’، سندس پوليٽيڪل سائنس جي موضوع تي لکيل مضمونن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ پليجي صاحب انتهائي شاندار انداز ۾ مختلف مضمون خاص طور تي بنيادي سياسي تعليم، وڏيرا شاهي خلاف جدوجهد، قومي جدوجهد جا نظريا، عوامي جمهوري اتحاد جي اهميت سميت ٻين سياسي موضوعن تي مضمون شامل آهن.
پليجو صاحب انهي ڳالهه تي زور ڏئي ٿو، سنڌي عوام کي بنيادي سياسي تعليم جي تمام گهڻي ضرورت آهي. اِها ڳالهه بلڪل صحيح آهي پر اسان جو عوام ته عام رواجي تعليم کان به محروم آهي. جنهن ذريعي هو رڳو لکڻ پڙهڻ جي قابل ٿي سگهي. ماضي ۾ ته وري به مختلف سياسي جدوجهدون ٿينديون رهيون، جنهن ذريعي عام ماڻهو جي تربيت ٿيندي رهي، جنهن جو وڏو مثال پليجو صاحب پاڻ آهي. پر اڄ جي صورتحال تمام گهڻي مختلف آهي. خير، ڪتاب جي شروعات ۾ ئي پليجو صاحب سياسي جدوجهد جا بنيادي چار اصول ٿو ٻُڌائي، جيڪي سياسي جدوجهد سان گڏ ڪنهن به جدوجهد لاءِ لازمي آهن. 1: مقصد 2: جذبو 3: واٽ 4: ڪم جو ڍنگ هئڻ.
انقلابي سائنس جو سنجيده ۽ گهرو مطالعو هجڻ واري ڳالهه تي زور ڏيندي پاڻ انهي ڪم لاءِ جيڪا صلاح ڏي ٿو، سا ڏاڍي ڪمال جي آهي ته، انهي لاء مختلف قسمن جا ڪتابڙا شايع ڪرائي ماڻهن ۾ ورهايا وڃن ته جيئن انهن ۾ اهو شعور پيدا ٿئي. انهن ۾ پهريون درجو: انقلابي سائنس ۽ تاريخ جي تعليم تي دلچسپ ڪهاڻي، ٻيو درجو: انقلابي تاريخ جي ڊرامائي تاريخي واقعن جو داستان پيش ڪجي. ٽيون درجو: سائنسي سوشلزم جي ڪهاڻي، جدلي ماديت، تاريخي ماديت، عوامي انقلابي وطن دوست جدوجهد، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد پاڻ ۾ ساٿي آهن نه مخالف، سوشلزم ڇا آهي، سوشلزم بابت ڦهلايل ڪوڙا افسانا، ڏند ڪٿائون ۽ ڏکيرڙا مضمون تمام دلچسپ انداز ۾ ڏنا وڃن ته جيئن عام ماڻهو بائيولاجي، ڪيميسٽري، رياضي ۽ فزڪس جي نظرين کي سولائي سان سمجهي سگهن.
مون جيئن ئي هي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ته پليجي صاحب جا لکيل دلچسپ پيش لفظ پاڻ ڏانهن ڇڪي ويا ۽ ائين هي ڪتاب پڙهجي ويو. ٻين پڙهندڙ دوستن لاءِ ڪتاب جا پيش لفظ هتي ڏيان ٿو.
”درويش ۽ الله لوڪ ماڻهو سڀني ڏٺا ۽ ٻڌا آهن. نه ڪنهن جي هنئي ۾ نه کنئي ۾. پرايا ٽپڙ ۽ ملڪيت ته ٺهيو، پر پچار کان به پري، پنهنجا ڪن جهليو پيا هلندا آهي. نه دين جي خبر، نه دنيا جي. پنهنجو پاڻ ۾ گم. بک به تهڙي، ڍؤ به تهڙو. نفعي نقصان، هوند اڻهوند جي چڪر کان پري، جيڪي قسمت ۾ هوندو سو ملندو. ڪو ڦري ته ڇا، جي ماري ويو ته ڇا، جي ’سڀ ڪنهن جي نيت‘ وڃي ڇائي پائي. اکين جو ڍو، پيٽ جي بک، پاڻيهي ڪيتو ڏيندو، اسان جو الله اسان سان، جيئن چهنب ڏني اٿس، تيئن چوڻو به ڏيندو“.
ڪي قومون به درويش ۽ الله لوڪ ٿينديون آهن، جيئن اسين سنڌي ماڻهو. اسين پنهنجي هزار سالن جي تاريخ ۾، دنيا جي هڪڙي ڪنڊ وٺيو، پنهنجا ڪن جهليو، منهن ويڙهيو لڪا پيا آهيون.
هر دور ۾ گهر توڙي ٻاهر جي چورن، پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن ڦريو، ماريو، پر پاڻ ڪنهن جو نالو به ڪو نه ورتو. گهڻو گهڻو ٿيو ته ڪنهن مهل ڪنهن کي لٺ کڻي گهر مان تڙي ڪڍيوسون، ٻيو ٿيو خير. سڀ ڪنهن جي نيت!
انسان ذات جي لکن سالن جي ڌاڙن جو ڦاٽ نيٽ ڦاٽي پيو. دنيا ۾ انقلابي طوفان اُٿيا، ڦريل ماريل ماڻهن لکين سال کورن ۾ پچي، ڪڙهي ٻَري، جهُري مَري، رُڃن ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي، نيٺ اصل ڌاڙيلن جا ڏس پتا هٿ ڪري ورتا ۽ پيرا کڻي وڃي سڳ سوڌو کين سندن ٿم ۾ جهليو ۽ سندن چيلهن ۾ ٽوڙها وڌا، پر اسان جي دل ۾ خير!
ايراني ماڻهن ٻي ڪا واهه نه ڏسي، لاچار منگول وحشي چاڙهي، عرب خليفي سڳوري ۽ سندس رهزن لوڌ جي گهر تي ٽانڊا رکائي ڇڏيا. جرمني، چين، روس ۽ ٻين ملڪن جي هارين پنهنجون فوجون ٺاهي، سلطنتون زير زبر ڪري ڇڏيون. يورپ جي واڻين، وڪالن ۽ شهرين، وڏا وڏا ڌڱ، نواب ۽ بادشاهه ڪُهي ڇڏيا. روس، چين ۽ ويٽنام، ڪوريا، يمن ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن ظالمن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. سڄيءَ دنيا جا عوام موذين تي مارا ٻڌيو بيٺا آهن، پر اسان دوريش سنڌين جي دل ۾ خير، ’سڀڪو پنهنجي نيت لوڙيندو...‘-
الله ڏسندن!‘
ذري گهٽ هزار سوا سال اسين درويش رهيا آهيون. اهو عرصو گهٽ ڪونهي، بهتر آهي ته هاڻي ڪجهه اکيون کوليون، ڪجهه ڏسون وائسون، ڪجهه ويچار ڪريون، ڪجهه ڳولا ڪريون.
جيئن چوندا آهن ته ديون جو ساهه ڪنهن طوطي وغيره ۾ هوندو هو، تيئن سماج جو ساهه ان جي گذر جي وسيلن ۾ هوندو آهي. گذر جي وسيلن لاءِ جيڪا لٺ لڳندي رهي آهي، ان جو نچوڙ سڏجي ٿي سياست. اهڙيءَ ريت سنڌي عوام جي ساهه جون نسون، سياسي اقتدار لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ اٽڪيل آهن.
اهو ڪيئن هٿ ٿئي؟ ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ڪير ٻڌي؟ اهو هيستائين عوام کي هٿ ڇو ڪو نه آيو آهي؟ هيتريون ڪوششون ناڪام ڇو ٿيون آهن؟ هاڻ ڇا ڪجي؟ هن ڪتاب ۾ ڏنل مضمونن ۾ انهن سوالن مان ڪن اهم سوالن جا ٿلهي ليکي جواب، قومن جي تقدير بدلائڻ جي سائنس جي روشنيءَ ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
ڪنهن زماني ۾ ماڻهو بيمارين جو علاج رڳو جنترن منترن، ڦيڻن ڦوڪارن، ڌمالن ۽ پلتين سان ڪندا هئا. اڃا به اڪثر ماڻهو انهيءَ’علاج‘ جو شڪار آهن، پر هاڻي روز بروز ماڻهو باقاعدي ڊاڪٽري علاج ڏانهن لاڙو رکندا وڃن، ڪيترا ماڻهو آپريشن لاءِ به تيار ٿين ٿا.
ساڳيءَ طرح قومون به هزارين سالن کان بيمارين ۾ ورتل ٿين ٿيون. انهن تي به جنائي ۽ ڀوپا تجربا ڪندا، يا پنهنجون ڪرامتون ڏيکاريندا رهيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ قومن جي مرضن سڃاڻپ ۽ انهن کي دور ڪرڻ جا به پڪا پختا طريقا نڪتا آهن ۽ ڪيتريون قومون پنهنجو علاج انهن جي مدد سان ڪري رهيون آهن. ڪيترين کي فائدو پهتو آهي، ڪيتريون اچي چڙهيون آهن، ڪيترين هاڻ مس علاج شروع ڪيو آهي، اهي به ڄاڻ چڙهيون. وقت آيو آهي ته اسين به پنهنجي ’لا علاج‘ مرض سان باقاعدي مقابلو شروع ڪريون، دنيا جي آزمايل نسخن جو فائدو وٺون، نوان تجربا ڪريون، ڪڙين دوائن کان نه ڊڄون، آپريشن لاءِ تيار ٿيون، ۽ مرضن مان جند ڇڏايون.
**

اندر مُلهه امُلهه

ڪجھه ڪتاب وري وري پڙهڻ جهڙا هوندا آهن. انهن جي نرالي ڳالهه اِها هوندي آهي جو اُهي هر ڀيري نوان لڳندا آهن. هر ڀيري ڪنهن نئين فهم ۽ فڪر سان روشناس ڪرائي ويندا آهن. جيئن شاعري ۾ ڀٽائي کي جڏهن به پڙهجي ٿو ته هر ڀيري نئين ٿي لڳي.
نثر جو هڪ اهڙو ئي ناياب ڪتاب ”اندر مُلهه اَمُلهه“ منهنجي مطالعي مان وري وري گذريو آهي، جنهن جو ليکڪ سائين حيدر علي لغاري صاحب آهي.
سنڌي نثر ۽ شاعري ۾ ڪيترائي ليکڪ لکندا رهيا آهن ۽ لکن پيا جيڪي پيشي جي لحاظ کان استاد آهن. سي سڀ پنهنجي مشاهدي، علم ۽ عقل مطابق لکن پيا پر مون کي هن وقت تائين انهن ۾ ٻه نالا نمايان لڳن ٿا. هڪ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ ٻيو سائين حيدر علي لغاري صاحب. جن جي تحرير پڙهڻ سان سُرت ۽ ساڃاهه ۾ ته اضافو ٿئي ٿو پر ان سان گڏوگڏ پڙهندڙ جي تربيت به ٿيندي رهي ٿي.
هن ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي سائين ابراهيم جويو صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪري ٿو.
”ڏهن به آءٌ سچ پچ ڪو سٺو ڪتاب پڙهندو آهيان، ته پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ اِئين محسوس ٿيندو اٿم، ڄڻ ڪو نئون ساهه مون ۾ پئجي ويو هجي! آءٌ مڃان ٿو ته اهڙا نئين ساهه ڏيڻ وارا ڪتاب نڪرندا به ڪڏهن ڪڏهن آهن، ته ملندا به ڪڏهن ڪڏهن آهن، ۽ ملڻ کان پوءِ انهن جو پڙهڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪن ڀاڳ وارن جي ڀاڱي ۾ ايندو آهي. زندگيءَ ۾ مشاهدن ۽ تجربن جي کوٽ ڪانهي، شخصن سان ملاقاتون به روز پيون ٿين، ڪتاب به اکين ڪيئي پيا ڏسجن، پر جيئن ڪي ڪي ماڻهو سچ پچ موتيءَ داڻا هوندا آهن، ته ڪي ڪي ڪتاب به اِئين هوندا آهن، بلڪ دُرلڀ شين جو، شخصن جو ۽ ڪتابن جو هيءُ ورليپَـڻو ئي آهي، جو ماڻهوءَ کي ڀَلان ڀلي جي تلاش لاءِ اُتساهي ٿو ۽ انهن لاءِ در در ڀٽڪائي ٿو.منهنجي عزيز دوست نواب حيدر علي لغاريءَ جو هيءُ ڪتاب،”اندر مُلهه اَمُلهه“، جنهن جو نالو پنهنجيءَ پَرِ ۾ مون ”اَملهه زندگين جا اَکٽ ڪم“ به سوچيو هو، سچ پچ ته هڪ اهڙو ئي نئون ساهه ڏيندڙ ۽ هِينئين سان لائي رکڻ جهڙو ڪتاب آهي.
پاڻ پنهنجن احساسن ۽ خيالن جي اظهار جا ڪجهه عنوان گڏ ڪري. هن ڪتاب ۾ اسان جي آڏو آندا اٿن، جن جي نفاست، عظمت ۽ اڏام بابت آءٌ ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته ”عطر اهو، جو پاڻ ٻولي. اوهين ان کي رڳو کوليو!“ هيءُ ڪتاب به کولڻ ۽ پڙهڻ لاءِ آهي. اوهين پاڻ ئي ڏسندا ته هيءُ اوهان سان ڪهڙيون ٿو روحَ رُچنديون ڳالهيون ڪري ۽ اوهان جي مَن کي ڪيئن ٿو پرڀائي ۽ پنهنجو ڪري، وڌائي ۽ اُڀاري وڏو ڪري!
هيءُ ڪتاب بنهه هڪ يگاني عالم، مُفڪر، اديب، صاحب نظر ۽ حساس شخص جي مطالعي ۽ ذهني ڪاوش جو اهڙو هڪ چٽو ۽ پُرڪشش آئينو آهي، جنهن جي پڙهندي، ماڻهوءَ جي جذبي جي تربيت ۽ ڏاهپ جي اؤسر لاءِ، خبر ۽ اُتساههَ جو عڪس تي عڪس اوتجندي محسوس ٿيندو. مصنف جي ٻوليءَ جي صورت عربي، فارسيءَ جي اصطلاح آميز رنگ سبب اڄ جي نيم خوانده سنڌي پڙهندڙ کي ڪجهه اوپري ضرور لڳندي، پر جيڪي سنڌي تحرير جي اِن اسٽائيل سان مانوس آهن، سي اِن جي سحر بيانيءَ جو پورو لطف ۽ ساءُ وٺندا ۽ ان جي علمي ۽ فڪري سربلنديءَ جو فائدو به ضرور ماڻيندا.
مضمونن جي هن مجموعي کي پاڻ چئن حصن ۾ ورڇيو اٿن: پهرئين حصي ۾ سندن ٽي ’منظوم عڪس‘ آهن، جن ۾ سندن تخليقي جذبي جي پالوٽ آهي، ٻئي حصي ۾ ’شخصيات‘ جي عنوان هيٺ ڪامل شخصن جي فڪر ۽ عمل جا دل افروز بيان آهن، ٽئي حصي ۾ ’ادب ۽ تنقيد‘ جي حوالي سان شاهه لطيف، سچل سرمست، استاد بخاريءَ جي شعري فن ۽ سندن نياپي جي اپٽار آهي، ۽ چوٿين ۾ پنهنجي ’زاويه نگاهه‘ جا اٺ مضمون ڏنا اٿن. ٽي ڪتابن تي تبصرا ۽ پنج مضمون ٻيا، جن مان هڪ ۾ ”وتائي فقير جي ٻولن ۾ حقيقت نگاريءَ“ جي ڳالهه ڪيل آهي.
انساني سماج ۾ شخصن، عزت ۽ اعتبار جوڳن شخصن جو وجود ڇا آهي، انهن جو درجو ڪهڙو آهي ۽ ڪردار ۽ ڪارج ڇا آهي- هيءُ ڪتاب، ڪن خاص شخصن- والٽيئر، ٿامس پين، سارتري، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، مڌر ٽريسيا، مولانا گرامي ۽ دوست مشتاق کوکر ۽ سنڌ جي عظيم شاعرن مان ٽن- شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ استاد بخاريءَ- ۽ هڪ الستي ڏاهي، وتائي فقير جي فڪر ۽ عمل جون ڳالهيون، سندن قربانين جون، ٻين لاءِ جيئڻ جون ۽ ٻين لاءِ سوچ ۽ لوچ جون ٻڌائيندي، پڙهندڙن جي ذهن تي انساني سماج جي هيڪڙائيءَ، ان جي يَڪ وجودگيءَ کي واضح ڪري ٿو، جنهن جا اهڙا باشعور ۽ ڪامل شخص هرگز تنها فرد يا ڪو اَنبوهه نه هوندا آهن، بلڪ اُهي، پنهنجي ذات ۾ به، جاڳيل راڄ سمان هجن ٿا- جذبن، يادگيرين جي خزانن ۽ باهمي لاڳاپن جا جيئرا نظام. انهن ۾ جيتوڻيڪ هر هڪ نرالو ۽ بي مثال ضرور رهي ٿو، پر هرگز اڪيلو ڪونهي، ڪوبه هنن مان تنها، پنهنجي آسپاس کان، قوم کان، بلڪ سڄيءَ انسان ذات کان آراڌوعلحدو (Alienated) ٿي، اُسري، ميويدار وڻ نٿي ٿي سگهيو، ۽ نٿو ٿي سگهي. انهن منجهان هر هڪ ٻين سان شامل حال آهي ۽ ٻيا سڀئي به هنن سان شامل حال آهن، ۽ انهيءَ هر- پاسائين ڳانڍاپي کان سواءِ. يعني، پنهنجي سماجي وحدت کان سواءِ، ڪنهن جند جي ذاتي حقيقت يا سچ، سڄي جو سڄو، بي معنيٰ ٺلهو جسم، بيجان بوتو ئي هجي ٿو.
انساني سماج جي آدرشي صورت ۽، صفت، نظرياتي طور، ان جي قومي وحدت، وحدت انساني ۽ وحدت ڪائنات جي منزلن جي نشاندهيءَ ۾ واضح آهي، پر عملي طور سماج جي انهن منزلن تائين پهچ اِئين آهي جيئن فرهاد جو خالي هٿين ڪوهه قاف جيڏو ڪو ٽڪر ڪاٽي، پنهنجي دل جي ديوي، شيرين، کٽڻ! بهرحال، انسان جي حوصلي ۽ شعور کي آفرين هجي، جو هو آدرشي سماج جي قومي وحدت جي منزل تائين ڪاهي ڪجهه رسي چڪو آهي، ۽ ان کي سياسي ۽ سماجي طور عملي حقيقت جي صورت به ڏيئي چڪو آهي. وڌيڪ، اڄ اها به صورت آهي، جو انساني سماج وحدت انسانيءَ ڏانهن پنهنجا پهريان قدم به کنيا آهن، ۽ وحدت ڪائنات جي تمام ڏورانهينءَ منزل تي هُن جي نظر ته بهرحال آهي ئي، ورنه پنهنجي هن ننڍڪڙيءَ ڌرتيءَ تي ويٺي، سوين هزارين نُوري سالن جي فاصلي تي هلندڙ تارن ۽ نِکٽن جي چڪاس، تمام مختصر ئي سهي، ڪيئن ٿي ڪري سگهيو!
انگريزي ٻوليءَ جي قول Life is short, Art is long, مطابق، تحقيق زندگي ٿوري آهي ۽ ڪم گهڻو، بلڪ سچ پچ اَکٽ آهي. پر انساني سماج جا عزت ۽ اعتبار جوڳا باشعور شخص، جيترو ڪم ان طويل ۽ ڏکيءَ راهه سان سفر دوران کانئن پُڄي سگهي ٿو، بلڪ اڪثر پنهنجي وس کان ٻاهر به، ڪندا ئي رهن ٿا. دراصل انهن جو اِنهيءَ اَکٽ ڪم سان اِئين لڳو رهڻ ئي انساني سماج ۾ سندن باشعور، معتبر ۽ معزز هجڻ جو شرط به آهي ۽ ثبوت به آهي.لائق مصنف، هن ڪتاب ۾ انقلاب فرانس جي هڪ بانيءَ، والٽيئر تي لکيل پنهنجي بيان ۾، انهيءَ ئي انداز سان ڳالهه ڪندي، سوال اُٿاريو آهي ته، ”اهو اعليٰ سطحي انساني اخلاق ۽ شعور جي اِها آفاقي بُلندي پيدا ڪيئن ٿئي، جو فردُ (يا شخصُ) پنهنجي غرض جي انڌا ڌنڌ ترجيحي بدمستيءَ ۽ هٺ ڌرميءَ مان پاڻ کي آجو ڪري سگهي؟ ۽ پنهنجي ذات جي ڪٽرپڻي ۽ اَنا جي خسيسپڻي مان نجات حاصل ڪري، پوري (يعني قومي/ انساني) معاشري جي درد، الم ۽ احتياج جي ڪرب ۾ پاڻ کي، رضاڪارانه طور تي شريڪ ڪري سگهي (ڪم ڪندي، جيئندو رهي، جيترو جي سگهي)! سوال جو جواب ڏيندي، پاڻ ئي لکن ٿا.
”آءٌ سمجهان ٿو ته جيستائين اسان جي تعليم ۽ تبليغ جي نظام ۾ بنيادي مقصدي تبديليون پيدا نه ٿينديون، تيستائين ماڻهو پنهنجي ذات ۽ ڏات جي تعصبات مان ۽ ان جي غير منصفانه ترجيحات مان پنهنجي مزاج کي ڇوٽڪارو ڏياري نه سگهندو. تعليم ۽ تبليغ سان لاڳاپيل پورو نظام ۽ اُن جا ادارا اسان جي سماج ۾، تحقيق ۽ تنقيد جي بجاءِ انڌيءَ تقليد جو شڪار آهن. تنقيدي شعور کان سواءِ ڪوبه تحقيقي ۽ تخليقي عمل سِرجي ئي ڪونه ٿو سگهي.“
بس، هن ڪتاب جو سڄو تَتُ، سڄي اُٿل يا دليل ۽ سڄو زور اهو آهي، سماج ۾ مثالي شخص يا شخصن جو باشعور ۽ اعتبار ۽ عزت جوڳو ٿي رهڻ، ۽ ان لاءِ انڌيءَ تقليد کي ڇڏي، کين تنقيدي سوچ ۽ تخليقي عمل اختيار ڪرڻ کپي. تعليم ۽ تبليغ به ان عمل جي ۽ پيروي ۽ اڳواڻي به ان عمل جي، ته جيئن سماج جو قدم لاڳيتو ۽ سدائين پنهنجي اعليٰ اخلاقي مقصد. يعني، قومي، انساني ۽ آفاقي/ ڪائناتي منزلن ماڻڻ ڏانهن وڌندو رهي.
آءٌ دعاگو آهيان ته پڙهندڙ هن ”اَندر مُلهه، اَمُلهه“ ڪتاب کي اِئين ئي پڙهي، ۽ ان مان اهو ئي سبق سکي سگهي.
انهي شاندار تعارف پڙهڻ سان ئي ماڻهو کي اندازو ٿئي ٿو ته، هي ڪيڏو نه ڪارائتو ڪتاب آهي. جڏهن هي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪجي ٿو ته، هن ۾ موجود شروع وارو منظوم عڪس ئي دل سان لڳي ٿو. جيڪو ڪجهه هن طرح آهي.
”ماڻهو چون ٿا ته اڄ عيد آهي
اسان وٽ ته نه ڪو آيو آهي ۽ نه ئي اچڻ جي ڪا اميد آهي
گل، گلدان بجاءِ آتشدان ۾ آهن
مون ۽ هن ۾ صدين جا فاصلا آهن.
هو دل جي مام نٿو سمجهي
پوءِ به چون ٿا ته اڄ عيد آهي“!
انهي کان پوءِ بلڪل ٻيو منظوم عڪس ”لڳي ماٺ مِرن کي“ به ڪمال جو آهي. جنهن ۾ سائين حيدر سڀني دقيانوسي ۽ مدي خارج روايتن کان بغاوت جو اعلان ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ڪجهه اهڙيون نصيحتون ڪري ٿو وڃي جو جيڪڏهن انهن تي عمل ڪجي ته، هي سماج واقعي سُک ماڻي. سائين ٻهروپيت، سکڻن لفظن، خودفريبين، علم ۽ فضيلتن جي بي حرمتين، ڪوڙ، وحشتي وجودن، ٻوساٽيل ماحول سميت هر بُرائي کي الوداع ڪرڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته: ”اچو ته اڇي اجڙي من جي ميراث جو در کڙڪايون ۽ اٽڪل سٽڪل، لوڪ رياءَ ۽ پاڻ پڏاءِ جي بي پاڙي وڻ ويڙهي مان پاڻ ڇڏايون.
اچو ته خسيس کي تياڳيون،
اچو ته پاڻ سنڀاريون.
اچو ته ڳنڀير ٿيون.
اچو ته مٿانهان ٿيون.
اچو ته آڳاهان ٿيون.
اچو ته آجا ٿيون.
اچو، اچو ته آجا ٿيون.
اچو ته نرواڻ ماڻيون.
ڪيڏيون نه فڪر انگيز ڳالهيون آهن ۽ ڪيڏو نه ڪمال جو مشاهدو آهي. هاڻي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسو ته، اسان وٽ اڪثريت انهي ڪم سان لڳل آهي ته، اٽڪل سٽڪل ڪجي، جڳاڙ ڪجي، پاڻ پڏائجي ته مون جهڙو نه جيڏو، دنيا مون تي دنگ آهي. هن قسم جو فڪر ئي اندر روشن ڪري اهڙين برائين مان جان ڇڏائي سگهي ٿو.
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ سائين مختلف شخصيتن تي مضمون لکيا آهن. جن ۾ والٽيئر، سارتر، ٿامس پين، گرامي صاحب، شاهه لطيف، حيدر بخش جتوئي، سچل، استاد بخاري، علامه آءِ آءِ قاضي، وتايو فقير ۽ ٻين تي مضمون شامل آهن. اِهي فڪر انگيز مضمون پڙهڻ سان اِهو احساس ٿئي ٿو ته، وڏن ماڻهن جي زندگي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، انهن جي پيغام کي عام ڪري ٻين ماڻهن تائين پُهچائجي. هي مضمون پڙهڻ سان انهن شخصيتن تي لکيل روايتي خاڪن بجاءِ اهو تاثر اچي ٿو ته سندن شخصيت جي هر پاسي جو تنقيدي ڇيد ڪيل آهي. جنهن ۾ گهڻو ذڪر سندن عظيم ڪم ۽ جاکوڙ تي آهي.
ڪتاب جي مقالات واري حصي ۾ ”لطيف جي حيات بخش جماليت“ ۽ ”لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو حوالو“ جي عنوانن سان ٻئي مضمون شاهڪار آهي. جيڪي وري وري پڙهڻ جهڙا آهن.
ڪتاب جي آخري حصي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪتاب ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾، او ڪو ٻيو فهم“ سميت ڪجهه ٻين ڪتابن تي تبصرا ۽ ليکڪن جي باري ۾ مضمون آهن. عبدالقادر جوڻيجي ڏانهن سائين جو لکيل خط به هن حصي ۾ شامل آهي.
هن ڪتاب ۾ ٻولي جو ميٺاج ۽ لکڻ جو نرالو انداز ته آهي ئي آهي. ان سان گڏ فلسفو، روشن خيالي، شعور، فڪر، ساڃاهه ۽ سچائي جي پرچار به نمايان آهي. هن قسم جا ڪتاب اڄ جي نوجوانن کي پڙهڻ گهرجن ته جيئن سندن ذهن کي وسعت ملي ۽ سندن زندگيءَ ۾ نيون راهون پيدا ٿين. جيڪي يقينن هن سماج جي بهتر ۽ صحتمند اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.
**

وبا کان چورايل پَل (موت جي موسم ۾ زندگيءَ جون ڳالهيون)

جڏهن هر طرف مايوس، ڏُک، ڊپ ۽ پيڙاءُ هُجي، تڏهن هڪ ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار، موسيقار ۽ هر قسم جو آرٽسٽ ئي سماج کي انهيءَ مايوسين مان ڪڍي، هڪ تازي هوادار ماحول ۾ وٺي ٿو اچي ۽ کيس زندگيءَ جون وڃايل راهون ٿو ڏسي. زندگيءَ جي وڃايل راهن کي ڳولڻ جي جُستجو ئي آهي، جيڪا هِن ڪهاڻين جي مجموعي ’وبا کان چورايل پَل‘ ۾ آهي. جنهن جو ليکڪ انور ابڙو آهي. هي ڪهاڻيون پڙهي ائين ٿو لڳي ته، موت جي موسم ۾ زندگيءَ جون ڳالهيون ٿيل آهن.
انور ابڙي جي هن ڪهاڻين جي خوبصورتي اِها آهي جو هي ڪهاڻيون خاص طور تي پورهيت طبقي جي ماڻهو جون ڪهاڻيون آهن. جن ۾ پيار، پنهنجائپ، وفا، ڏک، بک، بيروزگاري، ورتاء، روين سميت انيڪ موضوع شامل آهن. جيئن ته هي ڪهاڻيون عالمي وبا ڪورونا جي پس منظر ۾ لکيل آهن. انهيءَ ڪري هر ڪهاڻي ۾ ڪورونا جو ذڪر آهي يا ائين چئجي ته هر ڪهاڻي جو مرڪزي موضوع ڪورونا آهي. ڪهاڻين جا ڪردار به ڪي افسانوي ڪردار ناهن پر سچا پچا اسان جي چوڌاري رهندڙ ماڻهو آهن. جن ۾ اسان جا پاڙيسري، رازا، رڪشا وارا، استاد، مائٽ، شاگرد، آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو، هاري ۽ پورهيت شامل آهن.
هي ڪهاڻيون پڙهندي مون اِهو به محسوس ڪيو ته هر ڪهاڻي ۾ موجود پيغام مثبت آهي. جيئن مثال طور گھڻين ڪهاڻين ۾ هن عالمي وبا کان بچاء جو پيغام ملي ٿو. جنهن ۾ صفائي رکڻ، وٿي رکڻ، هٿ نه ملائڻ، ڀاڪر نه پائڻ، پنهنجو ۽ پنهنجي پيارن، پاڙيوارن ۽ سمورن انسانن جو خيال رکڻو آهي. ٻي مثبت ڳالهه اِها ته هر ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار رشتن کي جوڙيندي نظر اچي ٿو. جيڪا تمام وڏي ڳالهه ۽ وقت جي ضرورت آهي. ڪهاڻين ۾ ڀاءَ ڀاءَ جو سهارو ٿيندي نظر اچي پيو، پاڙيسري جو احساس به ملي پيو، ٻارن جي تعليم جو ذڪر به آهي، زال مڙس جو ڏکين حالتن ۾ به پيار محبت سان رهڻ وارو موضوع به آهي.
هنن سمورين ڪهاڻين جو مرڪزي ڪردار به ڪهاڻيڪار پاڻ ئي آهي. هُن وبا دوران پيار جون ڳالهيون به ڪيون آهن، ڳڻتي جو اظهار به ڪيو آهي، پاڙيسري رڪشي واري جي درد کي به محسوس ڪيو آهي، رازي جي روزگار لاءِ به پريشان لڳي ٿو، استاد جي عظمت کي به سلام پيش ڪيو اٿس، ٻارن سان پيار جو درس به ڏيندي ڏسجي پيو، پوڙهن ماڻهن جي پراڻن قصن ۽ وبائن بابت تبصرن کي به قلمبند ڪري ٿو، نشي جي ماريل واڍي جي درد ڪٿا به بيان ڪري ٿو، ماسڪ پائڻ ۽ وٿي رکڻ جي التجا به ڪري ٿو. هاڻي هي سڀ موضوع ۽ ڪهاڻيون ذاتي مشاهدن جو نتيجو آهن. آئون ته هيئن چوندس ته هي ڪهاڻيون ته اسان جي سماج جي اسٽڊي آهن. جن ۾ وبا دوران پورهيت ڪلاس جي نفسيات جي عڪاسي ڪئي وئي آهي.
ڪتاب ۾ 21 ئي ڪهاڻيون پيار، وفا، محبت ۽ زندگيءَ جون ڳالهيون آهن. جيڪي پڙهي رشتن ناتن يا ائين چئجي ته انسانيت ۾ ويساهه پختو ٿئي ٿو. هي انفراديت نه پر اجتماعيت جون ڳالهيون آهن ۽ اسان سڀئي اجتماعي ڀلائي جا حامي آهيون.
هن خوبصورت ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب لکيو آهي. جنهن ۾ هُو دنيا جي بيحسيءَ تي ڪجهه هن طرح خيالن جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو ”توهان ڏسو هڪ طرف دنيا مٿان موت لامارا پيو ڏئي، ته ٻئي طرف سرمائيدارن ڪورونا وائرس جا رانديڪا ٺاهيا آهن، ڪورونا تي سوين گانا اچي ويا آهن، جيڪي ڪروڙين ڊالر پيا ڪمائين، ڪورونا تي ڪارٽون ٺهي چڪا آهن.....“
ڪتاب جي فليپ تي نياز پنهور ۽ امر اقبال جا رايا ڏنل آهن. جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي انگريزي ۾ احمد سلطان کوسي، مسرت خواجه، رزاق ابڙي ۽ هاشم ابڙي جا ڪمينٽس ڏنل آهن. انهيءَ سان گڏ ڪتاب جي آخري صفحن ۾ هن ڪهاڻين بابت مختلف ليکڪن، شاعرن ۽ پڙهندڙن جا رايا به ڏنل آهن. هي لائبريري ۾ رکڻ ۽ پڙهڻ جهڙو ڪتاب پيڪاڪ پبلشر ڪراچي شايع ڪيو آهي.
**

ڪاغذي ڳالهيون تي تبصرو

ڪتاب جي نالي مان ائين ٿي لڳو ته، هن ڪتاب ۾ volatile ڳالهيون آهن. جيڪي ڪجهه گهڙين ۾ هوائن ۾ اُڏري وينديون پر ڪتاب پڙهڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ اِهي ڳالهيون دل ۾ گهر جوڙين ٿيون ۽ سوچڻ جو سامان food for thought مهيا ڪن ٿيون. هن ڪتاب جا پنج ڀاڱا آهن. جنهن ۾ پهريون ڀاڱو اهڙن مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي اندر جي احساسن emotions کي اظهاريو آهي. جنهن ۾ انساني ورتاء جو به ذڪر آهي ته، romantic touch به آهي. ڪٿي ڪٿي ته شاعراڻو نثر لڳي ٿو. ٻئي ڀاڱي ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو جي حوالي سان tips آهن. جنهن کي career counseling & training چئي سگهجي ٿو. ڪتاب جي ٽئين ڀاڱي ۾ book reviews آهن. جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي مطالعي ۾ آيل مختلف ڪتابن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪتاب جي ليکڪ يوسف جميل جي مهرباني، جنهن منهنجي ڪتاب ”تنين کي تعليم جي“ تي لکيل سندس تبصرو به ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. ڪتاب جو چوٿون ڀاڱو به ڪتابن تي لکيل تاثرات تي مشتمل آهي. جڏهن ته پنجين ڀاڱي ۾ ترجمو ٿيل مضمون آهن. هن ڪتاب کي ڏسي ائين ٿو لڳي ته هي هڪ گلدستو آهي، جنهن ۾ هر رنگ جو گُل آهي، جنهن جي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ آهي.
ڪتاب پڙهندي اِهو به محسوس ٿيو ته، ليکڪ جيڪي مضمون ترجمو ڪيا آهن، انهن ۾ نفسيات ۽ صلاحيتن کي سُڌارڻ جي حوالي سان مضمون شامل آهن. انهيءَ موضوع تي اڃا به تفصيل سان لکي ڪتاب ڇپائي ها! اهڙي طرح career counseling تي به الڳ ڪتاب هجڻ گهرجي. جو پڙهندڙ ڪنهن نتيجي تي پُهچي. ساڳي طرح ڪتابن تي تبصرن جو به الڳ ڪتاب هجڻ گهرجي ها! ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ جيڪي احساساتي ليک آهن، سي وري الڳ ڪتابي صورت ۾ هجڻ گهرجن ها! خير، اِها منهنجي ذاتي راءِ آهي، ليکڪ کي جيئن بهتر لڳو، تيئن هن ڪيو. وري ليکڪ پڙهندڙن جو مختلف موضوعن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ ٻي گذارش ته، ليکڪ جيڪي مضمون ترجمو ڪيا آهن، انهن جا حوالا ڏئي ها ته بهتر هو، جيئن اصل مضمون لاڳاپيل ڪتاب يا ويب سائيٽ تان پڙهي سگهجي ها! يوسف جميل لغاري کي مبارڪون ۽ شاباسون، جو پاڻ پنهنجي لکڻين کي محفوظ ڪري، ڪتابي شڪل ڏئي پڙهندڙن تائين پُهچائي پيو.
**

ڪتاب تحفي ۾ ملي ته ٻيو ڇا کپي؟

فيس بڪ ذريعي جُڙيل دوست سرفراز علي پنهور ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي ميسيج ڪيو ته، سائين مون اوهان لاءِ هڪ ڪتاب تحفي طور هڪ دوست ذريعي موڪليو آهي. مون سندس ٿورا مڃيا. سرفراز سان منهنجي ڪا به روبرو ملاقات ناهي پر سرفراز پاڻ پڙهڻ لکڻ وارو ماڻهو آهي، کيس ڪتابن سان پيار آهي. سو، ساڳي ٻاري جا ماڻهو هئڻ ڪري، هن مون ڏانهن ڪتاب تحفي طور موڪليو. اڄ جي هن وٺ پڪڙ جي وقت ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي خلوص مان ياد ڪري ۽ ڪتاب تحفي طور موڪلي ته، سچ پچ اُهو نهايت ئي نفيس ماڻهو آهي. سرفراز ڪتاب جنهن دوست (رجب علي قنبراڻي) ذريعي موڪليو، سو منهنجو شاگرد آهي ۽ اُهو هن وقت سرفراز سان گڏ يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿو. سو انهي بهاني سان سرفراز، رجب سان سالن کانپوءِ ملڻ جو موقعو به فراهم ڪيو. آئون ٻنهي نوجوانن جو ٿورائتو آهيان، جو انهن جي ٿورن سان ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي صاحب جو ڪتاب منهنجي مطالعي جي ميز تائين پُهتو.
ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو صاحب يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. مون کي روايتي پروفيسرن کان مختلف لڳي ٿو، ڇو ته هي شاگردن ۽ تعليم جي بنيادي مسئلن تي ڳالهائي ٿو، لکي ٿو ۽ سوچي ٿو. نه ته مون اڪثر پروفيسرن کي شاگردن سان ڳالهائيندي يا سندن مسئلن تي ڳالهائيندي عار محسوس ڪندي ڏٺو آهي. مٿان وري پروفيسر ڊاڪٽر ٿي پوي ته عام خلق ويتر آزار ۾ پئجو وڃي. بهرحال شاهمراد صاحب جي هن ڪارائتي ڪم کي ساراهيندي، سندن هن تازو شايع ٿيل ڪتاب ”ڪامياب شاگرد“ کي ڏسون ٿا ته، هن ۾ شاگردن جي رهنمائي لاءِ تمام گهڻا موضوع شامل آهن. جن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان شاگردن جي اندر اعتماد پيدا ٿيندو. مثال طور پنهنجي اندر لڪل ڏات کي دريافت ڪريو، پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري، رٿابندي ڪريو، وڏا خواب ڏسو، گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪريو، ٻُڌڻ سِکو، رڳو پنهنجو پاڻ سان مقابلو ڪريو وغيره.
ڪتاب ۾ ليکڪ شاگردن جي ڀلائي لاءِ 72 موضوعن تي ننڍا ننڍا، عام فهم ٻولي ۾ نهايت ئي ڪارائتا ليک شامل ڪيا آهن. جيڪي خاص طور تي هاءِ اسڪول جي شاگرد کان ويندي يونيورسٽي جي شاگرد لاءِ ڪارائتا آهن. اِهو هڪ ڪڙو سچ آهي ته، اسان جي شاگرد جي رهنمائي صحيح طرح سان نٿي ٿئي، جنهن جي ڪري هُو انيڪ مسئلن جو شڪار آهن. سو، ان قسم جي رهنمائي لاءِ هي ڪتاب نه رڳو شاگردن کي پر استادن ۽ والدين کي به پڙهڻ گهرجي. ڪتاب جي آخري حصي ۾ ليکڪ شاگردن کي پنهنجي شخصيت جو جائزو وٺڻ لاءِ نهايت ئي زبردست سوالن جي هڪ فهرست ڏئي ٿو. جيئن.
• توهان ۾ موجود ڪي ڏهه خوبيون
• توهان ۾ موجود ڏهه خاميون
• توهان جون پسنديده عادتون
• توهان جي پسند جا پنج ڪتاب
• توهان جون رول ماڊل شخصيتون
انهن سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا سوال هن ڪتاب ۾ آهن، جن تي سوچڻ ۽ انهن جا جواب ڳولڻ سان راهون آسان ۽ واضح ٿين ٿيون. اِهي سوال ورڪ شيٽ جي صورت ۾ ڏنل آهن. اُنهن جا جواب لکڻ سان اوهان کي پنهنجي شخصيت جي لڪل پاسن جي خبر پوڻ شروع ٿيندي ۽ اوهان اُن تي سوچڻ شروع ڪندا. آئون پنهنجي شاگردن ۽ دوستن کي به هن ڪتاب بابت معلومات ڏيندس ته جيئن هُو، هي ڪتاب پڙهي، هِن ۾ موجود موضوعن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.آئون ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي صاحب کي هن شاندار ڪتاب جون واڌايون ڏيان ٿو ۽ ٿورا مڃان ٿو، پياري دوست سرفراز علي پنهور جا، جنهن هي ڪتاب مون ڏانهن موڪليو.

درد پاڻ ئي همدرد آهي...!

هر پڙهندڙ لاءِ وڻندڙ ليکڪ يا شاعر اُهو هوندو آهي، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ اِهو محسوس ڪري ته، منهنجي خيالن ۽ احساسن جي ترجماني پئي ٿئي. ”آءُ ته سُندرتا ڳوليون“ به هڪ اهڙو ئي شعري مجموعو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته، اِهو محسوس ٿيو آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم.
هي شاعري جو ڪتاب ته ڪجهه وقت اڳ ڇپيو پر منهنجي هٿن تائين دير پُهتو. گذريل هفتي هن ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ، اُتي موجود ڪتابن جي اسٽال تان هن کي خريد ڪيم. واپسي ڳوٺ ڏانهن هُئي، رات ٿي چُڪي هُئي. ڊرائيور گاڏي هلائيندو رهيو، مون گاڏي ۾ لائيٽ آن ڪري ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو. مهاڳ ۽ پنهنجي پاران پڙهڻ بغير شروعات شاعريءَ کان ئي ڪيم. ڪجهه نظم پڙهيم ته، ائين محسوس ٿيو ته هي نظم تصور جي خوبصورت وادين جو سير پيا ڪرائين. انهن نظمن ۾ هر بدصورتي ۾ خوبصورتي ڳولڻ، هر فرق ۾ برابري ڳولڻ، هر ڏک ۾ سُک ڳولڻ، هر ناانصافي ۾ انصاف کي ڳولڻ، هر بيوفائي ۾ وفا کي ڳولڻ، هر موت ۾ زندگيءَ ڳولڻ، هر ناڪامي ۾ ڪاميابي ڳولڻ، هر لاتعلقي ۾ تعلق ڳولڻ، هر خوف ۾ بهادري ڳولڻ، ڪيترن ئي چهرن ۾ لڪل اصل چهرن کي ڳولڻ سميت هر خوبصورتي کي ڳولڻ جي نينڍ ڏنل آهي. تڏهن ئي ته ڪتاب جو نالو ئي ”آءُ ته سُندرتا ڳوليون“ آهي.
هن ڪتاب ۾ موجود نظمن ۾ اڪثر نظمن اسان جي سماج جي سوشل اسٽڊي آهن. جن ۾ هِن سماج جي هر فرسوده نظام کي ننديو ويو آهي. جنهن ۾ طبقاتي فرق، جنسي فرق، رنگ نسل جي فرق سميت هر قسم ٻيائي ۽ ٻهروپيت تي دل کولي لکيو آهي. شاعره ايڏي حساس آهي جو کيس پنهنجي ڌرتيءَ سان به بيپناهه پيار آهي، کيس پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سان به اُنسيت آهي، معصوميت سان به پنهنجائپ اٿس. هُو ايڏي نفيس آهي، جو کيس لفظ پوپٽن جهڙا خوبصورت ۽ رنگين لڳن ٿا.
وري جڏهن ڪتاب ۾ موجود ڪجهه رومانٽڪ نظم پڙهجن ٿا ته گلزار جون آرٽ موويز ذهن تي تري ٿيون اچن. جيئن ”ساٿ“ جي عنوان سان هن نظم جون ڪجهه سِٽون اوهان پڙهي ڏسو.
”پنهنجو ساٿ،
ٽرين ۾ ويٺل،
ٻن مسافرن جهڙو رهيو...
نه تو ڄاتو ته منهنجي منزل ڪٿي هئي!
نه مون کي پتو هو ته تون ڪٿي لهندين....
پر هن مختصر سفر ۾،
اسان هڪٻئي جي اکين ۾ سفر ڪندا رهياسين......“
زاهده ابڙو هن سماجي بُرائي تي به لکي ٿي ته، جتي پُٽ ڄمي... سارو لوڪ نچي!ڌيءَ ڄمي ته ماءُ ڪُسي!پنهنجو پاڻ سان ملاقات جو به عجيب ئي سُرور آهي، جيڪو هر ڪو محسوس به نٿو ڪري سگهي. شاعره اهڙن احساسن ۾ هن طرح رنگ ڀريو آهي.
” مڪمل وجود آهي اڄ منهنجو ٿيو،
پاڻ سان ڄڻ پهرين ملاقات هُئي.“
مان چوندو آهيان ته، خاموشي لفظن کان وڌيڪ موسيقيت رکي ٿي. رڳو اُن کي دل جي ڪنن سان ٻُڌو وڃي. هن ڪتاب ۾ به ”خاموشي ڳالهائي ٿي“ جي عنوان سان هڪ نظم آهي.
شاعره پنهنجي سوچ ۾ ترقي پسند آهي، تڏهن ته عورتن کي پاتل ڳهه ڳَٽا به غلامي جو تسلسل ئي لڳن ٿا. پاڻ لکي ٿي ته،
”نٿ جيڪا اڄ مان،
تو لئه ٿي پايان....
سا ڪلهوڪي ناڪيل آهي
ڳلي ۾ ٿي پايان،
ڪيئي اڄ مان زيور،
صدين جا سي سوين
ڏنل تنهنجا ڳَٽ آهن......“
لفظن جي سندرتا جو به ذڪر آهي پر لفظن جي ڏنل گھائن ۽ پيڙا جو به قصو آهي. تڏهن ئي ته پاڻ هڪ نظم لکيو اٿس ته، ”لفظ به لباس پهرن ٿا“. هي منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته، اڄ جو اڪثر هر ماڻهو لفظن ۽ روين ذريعي هر ڪنهن کي ايذائڻ جو ڄڻ ٺيڪو کڻيو هلي. جنهن کي جِتي ٿو وجهه ملي، اُتي لفظن جا تير سامهون واري جي سيني مان پار ڪري ٿو ڇڏي ۽ ان تي وري خوش ٿئي ٿو. اِهو نٿو سوچي ته مون سامهون واري جي انهن لفظن ذريعي زندگيءَ زهر ڪري ڇڏي. اڄ جو ماڻهو ويچارو اندر ۾ ڪيترائي سُور لڪائي پيو هلي. انهيءَ تي لکي ٿي ته،
”ايندو آ ٿرٿلو اندر ۾،
پوءِ به ڏار نظر نه ايندا آهن.“
سماجي اڻبرابري ۽ طبقاتي فرق کي گاڏين جي برانڊ ۽ ماڊل سان ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه ڏني اٿس....
”ٽريفڪ جيم ۾ گاڏيون،
هجومن ۾ حيران انسان.
ڏسڻ ۾ سڀ آهن گاڏيون
برانڊ ۽ ماڊل جو فرق آهي،
انسان ته سڀ انسان،
طبقن جو تفاوت آ!
انهيءَ فرق تي ڪجهه طرح به لکي ٿي.
”تنهنجو گرهه آ سڻڀو سڻڀو،
مون وٽ ڀور نه اڻڀو... “
ماڻهو جي زندگيءَ ڪيڏي به طويل ڇو نه هُجي پر اُن ۾ هڪ مخصوص لمحو ئي هوندو آهي، جنهن ۾ ماڻهو سموري زندگيءَ جيء وٺندو آهي.
”چوڻ کان ته زندگيءَ سالن جي آ،
پر ٿا سڀ لمحي ۾!“
حساس ماڻهو کي ٻهروپيت کان سخت نفرت هوندي آهي. اها ئي ٻهروپيت اڄ اسان وٽ هر هنڌ موجود آهي. شاعره انهن ناٽڪن تي به لکڻ ٿي چاهي. زندگيءَ جي سفر ۾ ماڻهو جو واسطو ڪيترن ئي ٻهروپين سان پوي ٿو.
”هي سفر ڪيڏو نه آ
دلچسپ رهيو!!
چهرن تي ڀُلجندي زندگيءَ آ رهي....
هڪ ئي چهري تي ڪيترائي چهرا رهيا!!
ڪتاب ۾ موجود ڪافي نظمن ۾ شاعره جا وطن دوستي ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار وارا احساس به پَسي سگهجن ٿا.
ڪتاب ۾ موجود هر نظم جو انگريزيءَ ۾ شاعراڻو ترجمو ٿيل آهي. جيڪو محترم اعجاز منگي انتهائي خوبصورتي سان ڪيو آهي. اُن جو ذڪر نه ڪرڻ به ناانصافي هوندي. نظم جڏهن انگريزيءَ ۾ ٿا پڙهجن ته،اُهي اصل انگريزيءَ جا ئي لڳن ٿا. شاعره جو پنهنجو اندر اُجرو آهي تڏهن ئي هُو لقاءَ ۾ سندرتا ڳولي ٿي....
”هُو ڪيڏي نه چري هُئي!!
دل جي بُت خاني ۾،
انسان رکي ويٺي هُئي.“
مون هي نظم پڙهڻ سان اِهو به محسوس ڪيو ته شاعره هنن سڀني خوبصورتين جي تلاش ۾ اڪيلي نٿي نڪري پر اسان سڀني کي تلاش ۾ گڏجي پنڌ ڪرڻ جو وڙول به ڏيئي ٿي! جيڪا سندس وسيع سوچ جو مظهر آهي.
27مارچ، 2021ع تي هن ڪتاب جي مهورت حيدرآباد ۾ ٿي. ميڊم مون کي پروگرام ۾ اچڻ جي دل سان دعوت ڏني. پاڻ واٽس ايپ تي دعوت جو ڪارڊ موڪليائين ته مون سندس مهرباني مڃي ۽ سوچيم ته پروگرام ۾ وڃان يا نه؟ عام طور آئون پروگرامن ۾ ناهيان ويندو پر ڪيترن ئي سالن کان دل چيو ته پروگرام ۾ وڃجي، سو هليو ويس. وڃڻ سجايو به ٿيو. هڪ ٻه دوست به مليا، هڪ ٻن دوستن کي پري کان ڏٺو، هڪ ٻن دوستن سان چاهڻ باوجود نه ملي سگهيس، ڪتاب تي سُٺي گفتگو ٻُڌم ۽ پياري ثاقب ابڙي جي ميزباني جو مزو به ورتم. اهڙي طرح سندرتا جي ڳولا ۾ ويندي، پاڻ سان سندرتا کڻي واپس ٿيس......!

گامون جي ڳولها

گامون جي ڳولها مون کي اسان جي سماجي، سياسي، زرعي، تعليمي ۽ ٻين اهم موضوعن جي نشاندهي ڪندڙ ۽ اُنهن جا حل ڏسيندڙ بلاگن جو مجموعو لڳو. جنهن ۾ عبدالرحمان پيرزادو بيمار معاشري جي ڪيترن ئي بيمارين جو ذڪر ڪندي نظر اچي ٿو.
هن بلاگن ۾ ليکڪ اهڙا سوال اُٿاري ٿو، جيڪي عام طور تي اسان وٽ اٿارڻ جي روايت ناهي. عبدالرحمان پيرزادو اِها روايت ٽوڙيندي نظر اچي ٿو. هُو صنفي بيحسيءَ ۽ جهالت جهڙن موضوعن سان گڏ ڀاڳين جي دنيا، سماج ۾ سائنس جي اهميت ۽ انڌا اونڌا ويڄ جهڙن عنوانن هيٺ نهايت ئي اهم ڳالهين طرف ڌيان ڇڪائيندي نظر اچي ٿو.
هن بلاگن ۾ ليکڪ جي آتم ڪٿا جي جهلڪ به نظر اچي ٿي. خاص طور تي ليکڪ جڏهن موسيقيءَ جي حوالي سان ذڪر ڪندي نظر اچي ٿو. سو هي اهم بلاگ لکي، انهن کي سهيڙڻ تي پيرزادي صاحب کي واڌايون هجن.

اندر ۾ لهي ويندڙ درد

ڪتابن کي ڏسڻ، ڇُهڻ ۽ پڙهڻ کان سواءِ مون کي سُڪون ناهي ايندو. ڪٿي به، ڪو به ڪتاب هٿ اچي ويندو آهي ته، انهي سان ڪچهري ضرور ڪبي آهي. ڪورونا وبا جي ڪري ٿيل لاڪڊائون سبب تقريبن هر ماڻهو جي زندگي ۾ بوريت ۽ بيزاري جنم وٺڻ شروع ڪيو هو. هروڀرو گهر کان ٻاهر نڪرڻ ممڪن نه هو، سو پاڻ ڪتابن سان ئي ڪچهريون ڪري انهي بوريت کي ڪنهن حد تائين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. انهي دوران هڪ ڪتاب مليو. جنهن جو نالو هو ”درد جو البم“. موسم ۽ فضا ئي درد جي هُئي. حساس ماڻهن جي اندر ۾ درد ئي درد هو. اُتي درد جو البم اِهو سيکاري ويو ته، درد کي ڪيئن پيئجي؟ درد کي ڪيئن اندر ۾ اوتجي؟ درد کي ڪيئن سگهه بڻائجي؟ ڪتاب جو بليڪ ٽائيٽل ئي وڇوڙي جي عڪاسي ڪري رهيو هو.
هن ڪتاب جي ٽائيٽل هڪ خوبصورت نوجوان جي تصوير آهي، جنهن جي اڻمدائتي وڇوڙي سبب سندس والد کيس پيار ۽ ڏک جي گڏيل احساس مان هن ڪتاب جي صورت ۾ ڀيٽا ڏني آهي. هن درد سان ڀرپور نثري نظمن جو شاعر محترم آصف جمالي آهي. جيتوڻيڪ آصف جمالي سان منهنجي ملاقات ناهي پر پوءِ مون خبر ناهي ڇو اِهو محسوس ڪيو ته آصف بيحد حساس ماڻهو آهي، هو روايتي ماڻهو ناهي. هُن کي دنياداري به نٿي اچي. تڏهن ئي پنهنجي پياري کي ڪتاب جي صورت ۾ ڀيٽا ڏني اٿس. نه ته اڪثر ماڻهو پنهنجي ويجهن عزيزن جي وڇوڙي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ دنيا جي هڻ وٺ ۾ لڳي ويندا آهن پر آصف جي اندر اِهو درد گهر ڪري ويهي رهيو آهي. جنهن جا شاهد سندس هي نظم آهن. درد جي گهرائي جو وڏو سبب به اِهو آهي جو هي نوجوان پنهنجي ٻن ٻين دوستن سميت هن رهزن سماج جي بيحس ۽ مردار ڪرتوتن جي زد ۾ اچي پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو.
زندگي به ته هڪ حادثو ئي آهي. کن پل ۾ ئي سڄي تبديل ٿيو وڃي. گهڻو ڪجهه هوندي به ڪجهه نٿو رهي ۽ ڪجهه نه هوندي به گهڻو ڪجهه رهجي ٿو وڃي. هِن قسم جي حادثن ۽ وڇوڙن ۾ درد ئي ته رهجي ٿو وڃي.
هن ڪتاب ۾ موجود نظم جڏهن پڙهجن ٿا ته، ائين ٿو محسوس ٿئي ته ”ڪئلينڊر“ ۾ تاريخ تبديل ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. آسمان مان ڪا ”وڄ“ ڪري پئي آهي. "وقت" بيهي رهيو آهي. ماڻهو ”بيوسي“ جو شڪار ٿي ”آئسوليشن“ ۾ هليو ويو آهي. زندگي جي ترتيب بگڙي وئي آهي. ”دوست“ رُسي ويا آهن. ”هٿ“ ٻَڌجي چڪا آهن. ”سمنڊ“ اداس آهي. ”درد“ دل ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو آهي. سڀ ڪجهه ڄاڻندي به انسان بيخبر ٿي ويو آهي. ”ڪرونا“ ويتر ڏکن ۾ اضافو ڪري وئي آهي. ”هُو“ پري وڃي چڪو آهي. ”خواب“ اکين جي پنبڻين ۾ اٽڪي پيا آهن. ”بارش ۾“ اندر جو آسمان روئي رهيو آهي. تصويرون خاموش آهن، ڇو ته ”تصويرون ڳالهائينديون ناهن“. درد ”تعارف“ بڻجي ويو آهي. ”بي جواز مصروفيت“ وڌي وئي آهي. ”خوشين جا ڏڻ پوڙها“ ٿيندي محسوس ٿين ٿا. اکين ۾ ”ڳوڙهو“ ئي رهجي ويو آهي. هر پاسي "موت" جا واڪا آهن. خوابن جا پکي آکين جي آکيرن مان هليا ويا آهن. درد جا ”رشتا“ پڪا ٿي ويا آهن. ”ننڊ“ نيڻن کان ڏور آهي. ”ماڻهو پٿر ٿي ويا آهن“. ”زندگي اتي ئي بيٺي آهي.“
مٿين پيراگراف ۾ انورٽيڊ ڪاماز ۾ آصف جي نظمن جا عنوان آهن. انهن عنوانن مان ئي درد جي شدت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هڪ هڪ نظم اندر ۾ درد ساڻ لهي ٿو وڃي. ماڻهو هي نظم پڙهندي پڙهندي روئي ٿو پئي. هي لفظ لکندي به ڪجهه اهڙي ئي ڪيفيت آهي.
هن بيحس ۽ بيرحم سماج ۾ حساس دل هجڻ ئي ڏوهه آهي. جنهن جي سزا درد آهي. هي بيدرد سماج ٻيو ڏيندو به ڇا؟ حساس دل ماڻهو وٽ پنهنجي قسمت تي روئڻ سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو بچي.
هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ اردو نثري نظم آهن، جن جو محور به درد ئي آهي. درد کي به حساس دل ئي پيار ڪري ٿي. تڏهن ته بيرحم انهي دل ۾ گهر ڪري ويهي ٿو رهي ۽ زندگي ڀر تڙپائيندو ٿو رهي.
درد جون ڳالهيون لکڻ جي سگهه نه ساريندي، آلين اکين سان هن ليک کي اتي ختم ٿو ڪريان.
بس دعا آهي ته اهڙو درد ڪنهن کي به نه ملي ۽ اها به دعا آهي ته پالڻهار، محترم آصف کي همٿ ڏيندو آمين.
***

رايا

سرمد کوسو سيبتو، فهم فضيلت وارو خوش خلق نؤجوان آهي، جنهن جي ڪرت پڙهڻ آهي، پڙهائڻ آهي ۽ لکڻ آهي. سرمد جهڙن نؤجوانن جي سنجيدگي، اسان جي سماج جي زنده هجڻ جي نه رڳو نشاني آهي، پر سنڌي سماج جي ڪاميابيءَ ڏانهن وک جي ضمانت پڻ آهي. سرمد جي لکڻين جي خوبي اها آهي ته سندس ٻولي ۽ اُسلوب تمام دلچسپ آهن. سرمد لاءِ دُعا آهي ته سندس قلم انهيءَ ئي رفتار سان هلندو رهي ۽ پنهنجي احساس ۽ مشاهدي جي دنيا کي، همعصر دنيا سان ونڊيندو ورڇيندو رهي.

نور احمد جنجهي


سرمد کوسو ھڪ باصلاحيت نؤجوان آھي. جيڪو نہ رڳو ھڪ بھترين استاد آھي، پر ان سان گڏ سماج جو ھڪ سجاڳ فرد به آھي. ھُو تسلسل سان تعليم ۽ سماج سان جڙيل ٻين موضوعن تي لکي رھيو آھي. ھن ڪتاب کان اڳ به سندس ٻئي ڪتاب مختلف موضوعن تي لکيل سندس مضمونن جا مجموعا آھن. سندس لکڻيون انتھائي منفرد ۽ ڪارائتيون آهن، جيڪي ھر ڪنھن کي پڙھڻ گھرجن.

منوج ڪمار

بئڪ ٽائيٽل پيج

اسان وٽ ادب ۾ اهو ئي ماڻهُوءَ هلي سگهي ٿو جيڪو گهڻ ڳالهائو هُجي، تيز هُجي ۽ ٻيو ڪجهه هُجي يا نه هُجي پر اهڙي ڪنهن لابي جو حصو ضرور هُجي جيڪا جنهن وقت چاهي پنهنجي لابي جي ڪنهن به اديب کي وڏي اديب هُجڻ جي پڳ ٻڌرائي يا وري ڪنهن هلڪي ڦلڪي شيءَ تي به اهڙي وهه واهه ڪري جو همراهه رات پيٽ ۾ وڏو اديب بڻجي اسان تي مڙهجي وڃي، پر هي سرمد! نه ته ڪنهن لابي جو حصو آهي، نه گهڻ ڳالهائو آهي ۽ نه وري ڪو تيز آهي، پر هي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ آهي ۽ اهڙو ڪم جنهن کي پڙهڻ سان هن سان ڪچهري ڪرڻ جي دل ٿي چوي، هن جو ڏس پتو پڇجي ٿو ۽ اهائي سندس ڪاميابي آهي، سرمد نالي وانگر لکڻ ۽ پڙهڻ سان وڏو عشق ڪري ٿو، هن جو اڀيچند هن جُون لکڻيُون آهن، هي ڪنهن جا ڪپڙا لاهي نٿو پر لفظن سان گهڻن جي اوگهڙ ڍڪي ٿو، هن جو مزاج اڻڀو نه پر سڻڀو آهي، هي پنهنجي پيشي سان پيار ڪري ٿو، هي ٻارن کي نئين راهه ڏسي ٿو ۽ نه رڳو راهه ڏسي ٿو پر ڳچ پنڌ تائين انهن جي چيچ جهلي اڳتي به ڪري ايندو آهي، اسان وٽ جٿي تعليم جي ميدان ۾ خدمتُون سرانجام ڏيڻ کي آخري آپشن طور ورتو ويندو آهي ته اتي سرمد جهڙن نوجوانن پاران ان پيشي کي پهرئين آپشن طور اختيار ڪرڻ خوشي کان گهٽ ناهي ۽ اسان جو معاشرو ۽ آئيندو تڏهن ئي ترقي جي منزل ماڻي سگهندو جڏهن ان ۾ سرمد جهڙا نوجوان پنهنجُون خدمتُون سرانجام ڏيندا ۽ وڏي ڳالهه ته سرمد جو پهريُون ڪتاب به تعليم جي حوالي سان آيل آهي ۽ هي ڪتاب جيڪو مختلف ڪتابن تي تجزين ۽ مضمونن تي ٻڌل آهي اهو سندس ادبي حيثيت جي ڪٿ ڪري ٿو ۽ اميد آهي ته سنڌ جي نصيب ۾ سرمد جهڙا کوڙ نوجوان ايندا!!


سرواڻ سنڌي، اسلام آباد