خيال
موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلھڙيجي سان تعلق رکندڙ زيد پيرزادو پيشي جي لحاظ کان هڪ مائڪروبايولاجسٽ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آھي. زيد پيرزادي کي سندس والد انور پيرزادي ۽ ڀائرن امر پيرزادي ۽ زرار پيرزادي جيان شاعريءَ ۽ ادب جو رنگ چڙهيل آهي. سندس هن ڪتاب ۾ خيال، موضوع ۽ انھن سان نڀاءُ نرالو آهي. هن باريڪ بينيءَ سان هر خيال کي لفظن جو ويس پارايو آهي. هن ڪتاب جو هر نظم Quote ڪرڻ جھڙو آهي. هر ”اظھار ۽ خيال“ سوچ ۽ لوچ پيدا ڪندڙ آهي. سندس نظمن ۾ روشن خيالي، ترقي پسندي، محبت، ڌرتيءَ سان عشق ۽ انسانيت سان پيار هر هنڌ نمايان آهي.