لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ھندستان جي زبانن جو جائزو

انگريز ليکڪ ۽ محقق جان بيمز John Beames جي لکيل تحقيقي ڪتاب ”آئوٽ لائين آف انڊين فلالاجي“  Outlines of Indian Philology جو سنڌي ترجمو ”ھندستان جي زبانن جو جائزو“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر نواز علي شوق آھي. جان بيمز ھن ڪتاب ۾ لسانيات جي عام شاگردن لاءِ ھندستان جي ٻولين جي حوالي سان پنھنجو اڀياس پيش ڪيو آھي. اختلافن باوجود ٻولين تي ٿيل تحقيق جي سلسلي جو ھي اھم ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آريائي خاندان جي ٻولين سان گڏ رکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ مصنف ھندستان جي مختلف ٻولين ۽ انھن جي خاصيتن کان واقف ڪيو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جان بيمز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھندستان جي زبانن جو جائزو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران انگريز ليکڪ ۽ محقق جان بيمزJohn Beames  جي لکيل تحقيقي ڪتاب ”آئوٽ لائين آف انڊين فلالاجي“  Outlines of Indian Philology جو سنڌي ترجمو ”ھندستان جي زبانن جو جائزو“  اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر نواز علي شوق آھي.
جان بيمز ھن ڪتاب ۾ لسانيات جي عام شاگردن لاءِ ھندستان جي ٻولين جي حوالي سان پنھنجو اڀياس پيش ڪيو آھي. اختلافن باوجود ٻولين تي ٿيل تحقيق جي سلسلي جو ھي اھم ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آريائي خاندان جي ٻولين سان گڏ رکيو ويو آھي. بيمز ھن ڪتاب ۾ اھڙين ستن ٻولين جي قاعدن جو تقابلي معالعو پيش ڪيو آھي جن کي ان وقت آريائي سمجهيو ٿي ويو، انھن ۾ سنڌي، پنجابي، مرھٽي، گجراتي، بنگالي، اڙيہ ۽ ھندي ھيون. ھن ڪتاب ۾ مصنف ھندستان جي مختلف ٻولين ۽ انھن جي خاصيتن کان واقف ڪيو آھي.
ھي ڪتاب 1994ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي