سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند سنڌ جي نامياري محقق ھيرو ٺڪر جو تحقيقي ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام (سنڌ ۾ ان جو اڀياس“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، ڪتاب جي ترتيب ۽ ضميمو گل محمد تنيي جي محنتن جو ثمر آھي.
قاضي قادن جي ڪلام گڏ ڪرڻ لاءِ ھيري ٺڪر ڏينھن ۽ راتيون نور نچوئي ان جون پڙھڻيون ۽ سمجهاڻيون ڏئي بيت ڪلام سمجهڻ ۾ مدد ڪئي. اھي بيت کين ھرياڻا جي ھڪ ڳوٺ جي مٽ مان مليا جيڪي پراڻي ديوناگري ۾ لکيل آھن. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ قاضي قادن جي نالي، شاعري، زندگي بابت آھي. ٻئي حصي ۾ قاضي قادن جا 112 ناياب بيت ڏنا ويا آھن. پھرين ضميمي ۾ قاضي قادن جا اڳيان ست بيت، ٻئين ضميمي ۾ ڌاريا بيت شامل ڪيا ويا آھن. آخري حصي ۾ قاضي قادن جي ڪلام جو سنڌ ۾ اڀياس تحت 7 تحقيقي مضمون شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 1996ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي