ڪلام فقير عبد الله ڪاتيار, مصنف : فقير عبد الله ڪاتيار

ڪلام فقير عبد الله ڪاتيار

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ڪلام فقير عبد الله ڪاتيار
مصنف : فقير عبد الله ڪاتيار
مُرتب : ڊاڪٽر نواز علي شوق
ڪيٽيگري : تصوف
ڇپيندڙ : سچل سرمست يادگار ڪميٽي، خيرپور
شايع ٿيڻ جو سال : 1998
شامل ڪيو ويو : 2022-06-26
ڏِٺو ويو : 16 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 209 ڀيرا

فقير عبد الله ڪاتيار وڏو رند شاعر ۽ صوفي درويش ھو. سندس ڪلام ۾ وڏو جوش جذبو ۽ اثر آهي، ۽ پڻ ان ۾ اعلى ذڪر سمايل آهي. سندس ڪلام ۾ وڏا اونھا اسرار ۽ رندي راز سمايل آھن، جيڪي سرت سياڻو ئي سمجهي سگهي ٿو. پاڻ سچل سرمست جو ھمعصر ۽ دوست ھيو، پير صاحب محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جي فيض سان سرشار ٿي، دنيوي لاڳاپا لاهي، ٺيڙهي (خيرپور) لڳ لوڙهو ڏيئي گوشہ نشين ٿي ويٺو. سچل جي ساڻس دلي محبت هئي، انھيءَ ڪري سندس حال ۽ قال جو سچل تي وڏو اثر پيو ڪتاب ۾ فقير عبد الله ڪاتيار جي سوانح، سنڌي بيت ۽ ڪافيون، سرائيڪي ڪافيون، ڪلام ريختي ۽ ھندي شامل آھن.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري تصوف مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ