ڪالم / مضمون

تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان

بخشل باغي بنيادي طرح شاعر آھي. شاعِرَ جڏهن نثر لکندا آهن تہ اهو بہ سندن شاعريءَ وانگر رنگن ۽ احساسن سان ڀريل هوندو آهي. بخشل باغيءَ جو نثر بہ ائين ئي آهي. سندس نثري لکڻين جو هي ڪِتابُ مختلف رنگن جو مجموعو آهي. هن ڪتابَ ۾ مختلف شخصيتن جا خاڪا بہ آهن تہ مختلف ڪتابن تي تبصرا/اڀياس بہ شامل آهن. سنڌي ادبي سنگت جي ڪردار ۽ مذهبي انتھا پسنديءَ جي موضوعن تي اهم مضمونَ بہ شامل آهن. ساڳي وقت بخشل باغيءَ جي شاعراڻي نثر ۾ لکيل سندس يادگيريون / ساروڻيون بہ هِنَ ڪِتاب جو اهم حصو آهن ۽ آخر ۾ ٿر جا حسين رنگ بہ مختصر سفر ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ شامل آهن.

  • 4.5/5.0
  • 36
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

POPAT BOOK NO. 176
تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان
(مضمون، ساروڻيون، سفرنامو)
ليکڪ: بخشل باغي
ڇاپو پهريون: 2021ع
تعداد: هڪ هزار
ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
ڪئليگرافي: جاويد بروهي
لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
ملهه: 450/- روپيه


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


TAKHLEEQ JAY SAFAR MEN HALANDAR MAN
(Essays, Memories, Travelogue)
By: Bakhshal Baghi
First Edition: 2021
Quantity: 1000 Copies
Title Design: Saeed Mangi
Lay’out: Asif Nizamani
Calligraphy: Javed Brohi
Composing: Irfan Bhutto
Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
Price: Rs. 450 /-

ارپنا

ـــ حشو ڪيولراماڻيءَ
ـــ سوڀو گيانچنداڻيءَ
ـــ عبدالواحد آريسرءَ
ـــ بشير خان قريشيءَ
۽
ساگر حنيف بڙديءَ
جي نالي


بخشل باغي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نقاد بخشل باغيءَ جي مضمونن جو مجموعو ”تخليق جي سفر ۾ ھلندڙ مان“ اوھان اڳيان پيش آھي.
بخشل باغي بنيادي طرح شاعر آھي. شاعِرَ جڏهن نثر لکندا آهن تہ اهو بہ سندن شاعريءَ وانگر رنگن ۽ احساسن سان ڀريل هوندو آهي. بخشل باغيءَ جو نثر بہ ائين ئي آهي. سندس نثري لکڻين جو هي ڪِتابُ مختلف رنگن جو مجموعو آهي. هن ڪتابَ ۾ مختلف شخصيتن جا خاڪا بہ آهن تہ مختلف ڪتابن تي تبصرا/اڀياس بہ شامل آهن. سنڌي ادبي سنگت جي ڪردار ۽ مذهبي انتھا پسنديءَ جي موضوعن تي اهم مضمونَ بہ شامل آهن. ساڳي وقت بخشل باغيءَ جي شاعراڻي نثر ۾ لکيل سندس يادگيريون / ساروڻيون بہ هِنَ ڪِتاب جو اهم حصو آهن ۽ آخر ۾ ٿر جا حسين رنگ بہ مختصر سفر ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ شامل آهن.
ھي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ ھائوس، خيرپور پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون بخشل باغي ۽ پوپٽ پبليڪيشن جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

بخشل باغي بُنيادي طرح شاعِرُ آهي. هُو گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي شاعريءَ جي سَفر ۾ پنهنجي حصي جو پَنڌُ ڪري رهيو آهي. سندس شُمارُ سنڌ جي سڄاڻ ۽ خوبصورت شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ حسن، عشق ۽ رومانس جا رنگ به آهن ته ٻي طرف ڌرتيءَ ۽ ديسَ جي سُورن جا داستان پڻ. بخشل باغيءَ شاعريءَ جا ڪيترائي ڪِتابَ هيلَ تائين پڙهندڙن کي ڏئي چڪو آهي.
شاعِرَ جڏهن نثر لکندا آهن ته اهو به سندن شاعريءَ وانگر رنگن ۽ احساسن سان ڀريل هوندو آهي. بخشل باغيءَ جو نثر به ائين ئي آهي. هن کان اڳ ۾ مختلف ڪتابن تي لکيل اڀياسي مضمونن جو سندس ڪِتابُ شايع ٿي چڪو آهي. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس نثري لکڻين جو هي ڪِتابُ مختلف رنگن جو مجموعو آهي. هن ڪتابَ ۾ مختلف شخصيتن جا خاڪا به آهن ته مختلف ڪتابن تي تبصرا/اڀياس به شامل آهن. سنڌي ادبي سنگت جي ڪردار ۽ مذهبي انتها پسنديءَ جي موضوعن تي اهم مضمونَ به شامل آهن. ساڳي وقت بخشل باغيءَ جي شاعراڻي نثر ۾ لکيل سندس يادگيريون / ساروڻيون به هِنَ ڪِتاب جو اهم حصو آهن ۽ آخر ۾ ٿر جا حسين رنگ به مختصر سفر ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ شامل آهن.
بخشل باغيءَ جون هي سَڀُ لکڻيون مُشاهدي، اعليٰ مطالعي ۽ سندس خوبصورت اسلوب سبب نهايت ڪارائتيون آهن. انهيءَ ڪري ئي هي ڪتابُ به نهايت ڪارائتو آهي، جنهن کي اوهان جي هٿن تائين پهچائيندي ادارو ”پوپٽ“ خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.

قربان منگي
چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور ـــ سِنڌُ

مُهاڳ: رُوپ ۽ ٻَھرُوپ جي وچ تي رهجي ويل احساس!

پنهنجي لاءِ لکڻ به خوابن واري گھري ننڊ مان اُٿي ٽياس تي ٽنگجڻ برابر محسوس ٿيندو آهي.۽ وري پهرين لفظ يا جُملي جي تحرير ٿيڻ تائين ڪيتري نه روحاني ڪَٺنتا مان گُذرڻو پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته لفظ،ڪوڪا بڻجي روح کي رتو رت ڪري وجهندا آهن ۽ سڄو وجود رت جي ريلن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي،شايد تڏهن ئي، گارشيا مارڪيز به چيو هو ته،”پهرين جُملي جي وڏي اهميت آهي،ڪڏهن ڪڏهن پهريون جُملو لکڻ ۾ باقي پورو ڪتاب لکڻ کان گهڻو وقت لڳي ويندو آهي.“هڪ چيني چوڻي آهي ته،”جڏهن ماڻهو ڏھ ڪتاب پڙهندو آهي ته هُو ڏھ هزار ميل سفر ڪري وٺندو آهي.“ ۽ سنڌ جي ناليواري اديب،عالم علامه آءِ آءِ قاضي صاحب لکيو آهي ته،”لکڻ لاءِ سڀ کان اول ضرورت پڙهڻ جي آهي.پَڙهڻيون آهن فطرت جون اُهي آيتون،جن ۾ قدرت جا سمورا راز لِڪل آهن.“ايئن اردوءَ جي نامياري اديب مُستنصَر حُسين تارڙ پڻ لکيو آهي ته،”جيڪڏهن توهان کي ڪتاب جي خوشبو نٿي اچي ته پوءِ توهان زندگيءَ جي خوشبوءِ کان اڃا تائين اَڻ ڄاڻ آهيو.“اِن فڪر ۽ فهم سان تار ڳالهين جي روشنيءَ ۾ مون لاءِ سدائين علم جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو ڪتاب ئي رهيا آهن. ڪتاب ورق ورق زندگيءَ جي شعور جي رهنمائي ڪندا آهن. ڪتاب،ڪائناتن جي بند ڪُلفن جون ڪُنجيون هوندا آهن.جن سان توهان ڪيترائي لِڪل راز پَروڙي سگهو ٿا.احساس ۽ شعور جي اهڙي ڪَسوٽي جي آڌار تي مون ”ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ۾“ يا”ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ“تائين جو جيڪو به پنڌ ڪيو آهي، اُهو دراصل منهنجي تخليق جي نفيس پيرن جو ئي سُهاڻو سفر آهي.تخليق جو سفر رڳو تحرير ڪرڻ وارو وقت نه هوندو آهي پر خيالن جو لفظن جي لباس ۾ مُنتقل ٿيڻ يا تصور کان تحرير تائين هڪ اهڙي ڪيفيت جي دنيا جو اسرار هوندو آهي جنهن جا ڳُجهه ڳُجهاندڙ ڪيف هر تخليق ٿيل تحرير جي لفظن مان ئي اوهان ماڻي سگهو ٿا.
مون شاعريءَ سان گڏ جيڪو به نثر جو پنڌ ڪيو آهي اُهو لفظن جي روح مان وَهي نِڪتل هڪ اهڙي وهڪري ۾ وهندي ڪيو آهي،جنهن ۾ مون پاڻ کي احساس جي لھرن ۾ تبديل ٿيندي پئي ڀانيو آهي.مون زندگيءَ جي حقيقتن جي ڪَرب کي برداشت ڪرڻ لاءِ هميشه ڪتابن جو ئي دروازو کڙڪايو آهي.
سومرسٽ ماهم جي لفظن جي آئيني ۾ ته،”دنيا جي تلخين کان فراريت حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو ڪتابن جو مُطالعو آهي.“۽ سچ ته اهڙين ڪَربناڪ حالتن ۾ ڪتابن جي ورقن جي خانه بدوشي مون کي هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان هَمڪنار ڪري جياپي جو نئون ترنگ بخشيندي آهي.
منهنجون تحريرون يا منهنجو تخليقي سفر انتهائي ڌِيان گُهرندڙ ۽ بنا ڪنهن رَک رَکاءُ جو گُهرجائو رهيو آهي.پر اسان وٽ پڙھڻ توڙي ڪنهن به تخليق کي مانُ ڏيڻ واري مامري ۾ جيڪا گروھ بندي جي وَبا ڦھليل آهي، اُن ويتر سوشل ميڊيا جھڙي سَستي شھرت کي مَصنوعي پَر هڻي،اُن کي آڪاس اُڪارائي ڇڏيا آهن.مون جڏهن به ڪتابن،رسالن يا سوشل ميڊيا تي جيڪو به ڪُجهه پَڙهيو آهي، اَهو بنا ڪنهن تفريق جي پڙهيو ۽ پُرجهيو آهي ۽ اگر ڪنهن تخليق،نثر توڙي نظم ۾ مون کي مُتاثر ڪيو آهي ته مون دل سان اُن جي آجيان به ڪئي آهي.سنڌي ادب کي دل جي سوڙهي گهٽيءَ ۾ بند ڪرڻ بَجاءِ قبوليت جي وشال شاهراھ تي آڻڻ جي شديد ضرورت آهي، نه ته هي هلندڙ دور جي ادبي ”ڊِڪٽيٽراڻي“ نفسيات، سنڌي سماج جي اڳ ئي گهڻن پاسن کان نفسياتي اُلجهنن ۾ جَڪڙيل هُجڻ ڪري، اهم ۽ حساس تخليقي سوچ جي رستا روڪ ٿيڻ سان اهڙين حالتن کي پيدا ڪندي، جنهن ۾ اديب جھڙو ذميوار شخص به پنهنجي ذاتي چوياريءَ جو حمايتي بڻيو رهندو، پنهنجي مخصوص سوچ جي نمائندگي ڪندو ۽ تخليق جي دَرن کي ڪُلف ۽ ڪَڙا چاڙهي رڳو تَخريب جا شاهي دروازا ئي کُليل رکندو. ڇو ته،اهڙو”علم“بيڪار ۽ بي معنيٰ آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي سوچڻ جو سليقو ۽ شعور نه ڏئي سگهي.۽ گوئٽي صحيح لکيو آهي ته،”کوڙ سارن ماڻهن کي هِن ڳالهه جي خبر ناهي ته مُطالعو سِکڻ ڪيترو ڏُکيو ۽ وقت وٺندڙ ڪم آهي. مون پنهنجا اَسِي سال لڳائي ڇڏيا پر پوءِ به اهو نٿو چئي سگهان ته ڪو مان صحيح رُخ ڏانهن آهيان.“پر اسان وٽ ته غلط ڳالهه تي به اعتراف ڪرڻ بجاءِ اُن تي ڳنڍ ٻَڌي بيهڻ ۽ اُن کي اَنا جو مسئلو بنائي الائي ته ڪهڙن رُخن ۾ وڃي بحث مباحثن جا مُنهن ڪبا آهن ۽ پوءِ بنا ڪجهه مُثبت حاصل ٿيڻ جي اسان پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي اڳلي کي گهٽ علم ۽ اڻ ڄاڻ چئي تاڙو ملائي هليا ويندا آهيون.اهڙي سوچ واري دور ۾ اگر ڪير ڪجهه تحرير ڪري ۽ اُهو ڪتاب جي صورت ۾ به اچي ۽ پوءِ وري اُهو نظراندازيءَ جي وَر چڙھي، پنهنجو گُهربل مانُ نه پائي سگهي ته پوءِ يقينن وقتي طور تي ڏُک جي لھر دل ۽ اکين کي ڀِڄائي ضرور ويندي.پر پنهنجي ئي تخليق جي ڀَر اُهو اُتساھ به بخشي وڃي ٿي ته تخليق پنهنجو تاحيات سفر ڪندي،پنهنجي جائز مَقام تائين دير سوير پُھچي ضرور ٿي.اِها ئي اُميد مون کي پنهنجي تخليق جي سفر ۾ مَگن رکندي پئي آئي آهي ۽ آئون قلم،ڪاغذ ۽ خيالن جي خاڪ ڇاڻيندي به لفظن جون مورتيون پيو جوڙيندو رهندو آهيان. مُشاهدي توڙي مُطالعي جي آڌار تي مان صرف لکندو ئي رهيو آهيان.مون خيالن جي وَهڪ کي ڪڏهن به رُڪجڻ نه ڏنو آهي. بيڪن ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه ڪئي آهي ته،”مُطالعي سان تجربي ۾ وسعت پيدا ٿيندي آهي.“ڇاڪاڻ ته تصور توڙي خيالن جو وَهڪرو جيسين تائين بنا ڪنهن روڪ جي داخلي توڙي خارجي طور تي وهندو نه رهندو،تيسيتائين توهان جي تخيل جي دنيا سرسبز ۽ تازي تواني هرگز رهي نه سگهندي.۽ اُها تخيل جي درياهي وَهڪ تيسين پنهنجي تِک ۽ تار سان مَڃتا جي ساگر سان ملي تحليل ٿيڻ جي لاءِ بيڪران ۽ سرگردان پئي رهندي.
”تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان“به منهنجي نثري لکڻين جو هڪ اهڙو ئي تخليقي سفر جو لفظن سان جوڙيل پورٽريٽ آهي، جنهن کي مون ٽن حصن ۾ ورهايو آهي.پهرين حصي ۾ مضمون، خاڪا ۽ مُختلف اڀياس آهن.ٻين حصي ۾ پنهنجين ساروڻين جا مُختلف وقتن تي لکيل عڪس ۽ اولڙا آهن ۽ آخري ۽ ٽين حصي ۾ ٿر جي سفر جي يادگيرين جون جِهرمِرائيندڙ ڪُجهه جَهلڪيون آهن.اُنهن ٽنهي حصن ۾ آيل منهنجو نثراڻو انداز توڙي اظهار منهنجي زندگيءَ جي مُختلف رنگن جا حوالا پيش ڪري ٿو.
اهڙي وقت مان اُهو به چوڻ هرگز نه وساريندس ته نثر توڙي نظم ۾ تحرير ٿيل هر تخليق ۾ جيسيتائين فڪر،فهم، فن ۽ تخيل جي ڀرپور ترجماني ناهي ٿيل ته اُها صرف سادن لفظن جو پڃرو ئي ٿئي ٿي.تنهن ڪري مون پنهنجي شعور جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ اُن ڳالهه کان لاتعلقي جي احساس کي ذرو به جاءِ نه ڏني آهي ۽ مون تخليق جي بُنيادي مُحرڪن کي هميشه،هر وقت جي تقاضائن جي تحت پئي مانُ بخشيو آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو لفظ منهنجي اظهار جو اعليٰ ۽ ڀرپور ذريعو ئي پئي رهندا آيا آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ اظهار جو انوکو احساس،هڪ تخليقڪار کي بادلن جيئن هوائن ۾ ڪيئن اُڏائيندو آهي، اهڙي ڪيفيت ڏاڍي مُنفرد ۽ مَخمور ڪري ڇڏيندڙ محسوس ٿيندي آهي.پابلو پڪاسو به چيو آهي ته،”هڪ طويل تنهائيءَ کان سواءِ ڪو به سنجيده تخليقي ڪم پنهنجي تڪميل تائين پهچي نٿو سگهي.“مون فن ۽ فڪر جي هِن ڳُوڙهي سفر ۾ اِهو به شدت سان ڄاتو آهي ته،”علم اِهو ناهي ته ڳالهه ڪيتري گھري آهي.۽ لفظ ڪيترا ڏُکيا آهن.علم اُهو آهي ته ڳالهه ڪيتري اَهم آهي ۽ لفظ ڪيترا سادا آهن.“
ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ سان مون کي سدائين زندگيءَ جا دروازا کُليل مليا آهن ۽ مون شدت سان ڪارل پوپر جي هيءَ ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته، ”جيترو علم حاصل ڪبو آهي، اوترو ئي پنهنجي اَڻڄاڻائيءَ جو احساس ٿيندو آهي.“والٽيئر جون هي سِٽون پڻ هانءُ تي لھرن جيئن هر هر هُري ٿيون اچن ته، ”مان جيترو وڌيڪ پڙهندو ۽ علم حاصل ڪندو آهيان، اوترو ئي مون کي يقين ٿو ٿئي ته مان اَڻڄاڻ آهيان.“ ۽ اميت ڪلانتريءَ لکيو آهي ته،”اُن کان پھرين جو موجوده نسل دانائي وڃائي ويهي،هڪڙي صلاح آهي ته ڪتابَ پڙھو. ۽ پنهنجن خيالن جي هم آهنگيءَ کي يَڪجا ڪيو ڇاڪاڻ ته، آرٽ ”وابستگيءَ“جو نالو آهي.وابستگي ئي علم ۽ ادب جي جوهر کي اعليٰ ۽ معنيٰ خيز بڻائي ٿي.اديب ۽ سماج هڪٻئي سان سلهاڙجي هڪ باشعور معاشري کي جوڙين ٿا.پر جيسين اهڙو سماج پنهنجي جوهري صورت ۾ تڪميل تائين پهچي، تيسين فرانز ڪافڪا جو هي جُملو منهنجين سماعتن ۾ پيو گونجندو رهندو ته،”مون کي اِهو ڄاڻي ڦِڪائي محسوس ٿي ته زندگي ڍڪيل چھرن وارن جي محفل آهي ۽ مان اُتي پنهنجي اصلي چھري سان اچي ويس.“


بخشل باغي
نوابشاهه، سنڌ
14 فيبروري 2021ع
0300-3217411

مضمون

---

مون سي ڏِٺا ماءِ!

مون سي ڏٺا ماءِ: (سنڌ جي ڏاهپ جو بي مثال ڪردار ”حَشو ڪيولراماڻي“)

سنڌ جي ڌرتي سدائين ڀاڳوَند پئي رهي آهي جنھن پنهنجي پوَتر ڪُک مان اهڙن ته عظيم انسان کي پئي جنميو آهي جن پنھنجي عظمت توڙي ڏاهپ سان، سندس مانُ ۽ مرتبي کي پئي وڌايو آهي.جن پنھنجي شعور جي ڏياٽين سان ساري ڏيھه کي روشن پئي ڪيو آهي. جن جي سوچ ۽ ويچار، فڪر ۽ فهم، خوابن ۽ خيالن سنڌ جي سونھن ۾ اضافو پئي ڪيو آهي. اهڙن ئي عظيم، ڏاهن ۽ غير معمولي انسانن ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جو شُمار سڀ کان پھرين ڪري سگهجي ٿو. هي سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ من چلو انسان،اديب، ڪهاڻيڪار، عالم، سنڌ جو عاشق ۽ سنڌ جي مُکيه ترقي پسند ڪارڪنن مان صحيح سوچ رکندڙ، باهمت، وڏيءَ نگاھ وارو، دل جو درياءُ ۽ قلم جو بادشاھ هو. حشمت ٽھلرام ڪيولراماڻي يا حشمت راءِ عرف حشو ڪيولراماڻيءَ جو ڏاڏو ديوان کيومل زمينداري ڪندو هو. جنهن کي ديوان ٽھلرام نالي هڪ پُٽ ٿيو. جنھن پڙهي لکي،روينيو جي نوڪري ڪئي. جيڪو پوءِ ساڳي کاتي ۾ مُختيار ڪار جي عھدي تي پڻ پُهتو. بعد ۾ هُو ٽنڊي آدم۾ ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي عھدي تي رهيو. هي اُنھن ٿورن سرڪاري ملازمن مان هو جيڪي ايماندار ۽ انصاف پسند ٿي رهيا هئا. هن 3 ڊسمبر 1922ع تي حيدر آباد سنڌ ۾ وفات ڪئي.
هن کي ٻه فرزند ٿيا. جن ۾ هڪ حشمت راءِ عرف حشو ڪيولراماڻي ۽ ٻيوگوپچند عرف گوپ ڪيولراماڻي. حشو ڪيولراماڻي 20 ڊسمبر 1914ع تي تعلقي نوشھرو فيروز جي ڳوٺ ڀريا ۾ ڄائو. سندس والد جي وفات وقت حشوءَ جي عمراٺ سال هُئي. ”والد جي انتقال کان پوءِ حشوءَ جي سموري تربيت ۽ تعليم جو انتظام سندس والده جي هٿ هيٺ ٿيو، جا سُندرتا ۽ سچائيءَ جو روپ هئي. ٽيويھه سالن جي عمر ۾ هوءَ ودوا ٿي هُئي. باوجود ننڍيءَ عمر جي هُوءَ سمجھدار، خوددار ۽ باهمت عورت هُئي“. سنڌ جي عظيم انسان سائين جي ايم سيد پنھنجي شاهڪار ڪتاب ”جنب گُذاريم جن سين“ ۾ حشوءَ جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال قلم بند ڪندي لکيو آهي ته ”حشوءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڀرين جي ڳوٺ ۾ ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي، اين.جي. وي هاءِ اسڪول مان ڏنائين. اُن کان پوءِ سترهن ورهين جي ڄمار ۾ هي هندستان کان ٻاهر سيلون ۾ رهڻ هليو ويو، جتان لنڊن مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سيلون ۾ رهڻ وقت هي ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن جي ڊبيٽنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن سوسائٽيءَ مان ڪيترن سيلون جي سياستدانن ۽ مدبرن تربيت پاتي هُئي“. اهڙيءَ طرح سان هي سنڌ جو يگانو ۽ غير معمولي انسان زندگي ۽ سوچ جي سفر تي پنھنجي نالي جي مُھر ثبت ڪرڻ لاءِ ”سنه 1935ع ۾انگلنڊ ويوجتي آئي.سي.ايس جي پڙهائي ڇڏي پهرين ايروناٽيڪل سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ کنيائين، پراُنهيءَ کي به اَڌ ۾ ڇڏي پاليٽيڪس ۽ ايڪانامڪس پڙهڻ لڳو. پنهنجي قلندري طبيعت سبب اُتي هو ڪو خاص امتحان پاس ڪري نه سگهيو. لنڊن ۾ رهائش وقت هن ڪُجهه وقت ڪرشنا مينن سان انڊيا آفيس ۾ ڪم ڪيو. ”لنڊن مجلس“ نالي هڪ جماعت جو ڪُجهه وقت پريزيڊنٽ به رهيو.اُنھيءَ وقت هُن جي فيروز گانڌي ۽ اِندرا گانڌيءَ سان واقفيت ٿي. اُتي ئي جواهر لعل نھروءَ سان به واقفيت ٿيس. اُتي هُو هندستان جي آزاديءَ سان تعلق رکندڙ ميٽنگن ۾اڪثرشرڪت ڪندوهو.
1939ع ۾هي سنڌ ۾ موٽي آيو. جنھن کان پوءِ ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي ڪري هُو واپس لنڊن نه وڃي سگهيو. سنڌ ۾ اچڻ بعد هُن شاگردن جي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو.شاگردن ۽ نوجوانن مان گهڻن تي هُن جي صحبت ۽ خيالن جو اثر پيو. فرقيوار ذهنيت کان هي ايئن بالاتر رهيو، جيئن ڪنول جو گُل پاڻيءَ ۾ رهي به پاڻيءَ کان مَٿي اَڇو، اُجرو، پاڪ ۽ اوجل رهندو آهي“. سائين جي ايم سيد ساڳي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته، ”مُنھنجي ساڻس واقفيت سنه 1945ع ڌاري ٿي، جڏهن آءُ مُسلم ليگ کان ٻاهر نِڪتُس ۽ مُلڪ جي سياست ۾ نوَن نظرين ۽ نئين طريقه ڪار جي ڳولا ۾ هُوس. اُن وقت حشوءَجي صُحبت ۽ گُفتگو منھنجي لاءِ روشنيءَ جي تِروِري جو ڪم ڏنو.هُن ”مسلئه قوميت“ جي بُنيادي مَتن کان مون کي واقف ڪيو، جن جي روشنيءَ ۾ آءُ ساري صورتحال کي نئين نقطه نگاھ سان ڏسڻ لڳس. اڳي سياسي مسئلن ۾ هوش کان جوش کي ترجيح پئي ڏنم، پر اُها حشوءَ جي صحبت هُئي، جنھن سياسي مسئلن ۾ رئشنل(عقلي) بنيادن تي غور ڪرڻ ۽ هوش کي جوش تي ترجيح ڏيڻ جو مون ۾ مادو پيداڪيو.
اُن منزل تي خان عبدالغفار خان کي مُستقبل جي سياسي رهبريءَ لاءِ ليڊر چونڊي سندس صدارت هيٺ ”پيپلس پارٽي“ ٺاهڻ، ۽ اُن جا مقصد واضح ڪرڻ ۾ هُن جو هٿ هو. ”نئين سنڌ لاءِ جدوجھد“ جي ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ آڻڻ منجهه هُن جو هٿ هو. اُنھيءَ کان پوءِ جيڪي نظرياتي خيال پئي سوچيا اٿم، تن جو بُنيادي رستو ساڳيو پئي رهيوآهي. حشوءَ پنھنجي زندگيءَ جو احوال مون ڏانھن موڪليندي لکي ٿو ته، ”سياست ۾ دلچسپي وٺندي، ڪڏهن به پارٽي بازيءَ ۾ نه ڦاٿس. عوام جي جدوجھد ۾ شامل هوندي،اميرانه ۽ آدرش پسند طبيعت قائم رکيم!“. پاڪستان ٿيڻ بعد هي اُنھن ماڻھن مان هو، جن پنھنجو سنڌ ديس ڇڏڻ نٿي گُهريو. اول ۾ کيس جيل ۾ موڪليو ويو. بعد ۾ سنڌ اندر سندس رهڻ ناقابلِ برداشت ڪري،کيس مُلڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڀارت ۾ لڏي وڃڻ کان پوءِ هِن هندن جي مسئلن ۽ هند ڀارت جي سوالن تي ڪيترائي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ پئي لکيا. ٻه ننڍا ڪتاب به لکيا اٿس. هڪ، ”سنڌ جي آکاڻين جو ڪتاب“ ۽ ٻيو ”پاڪستاني سوالن جي ڇنڊ ڇاڻ“ جيڪي ٻئي ڪتاب انگريزيءَ۾ لکيل آهن.دهليءَ ۾ هن ”سنڌو سماج“ کي بَرپا ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي، پھرين ”سنڌي ٻولي ڪنوينشن“ سڏائڻ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هندستان جي پريزيڊنٽ راڌا ڪرشن کي به دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکندي چوي ٿو ته، ”جيل ۾ڇو ويس؟ الله کي خبر! ڪنھن خاص پارٽيءَ جو ڪڏهن به ميمبر نه ٿيس. نه ڪڏهن قانون ڀڃڻ جي ڪوشش ڪيم. شايد شڪل ۾ تيز ڏسڻ ۾ پئي آيس. ولايتي جوان ٿي، سنڌي بلوچ بنجڻ جي ڪوشش ٿي ڪيم“. اهڙيءَ طرح سان حشوءَ جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته، ”لڙائيءَ کان پوءِ 1940ع کان 1941ع تائين هڪ دفعي ارڙهن مھينا جيل ۾ ويو هو. 1942ع ۾ وري کيس فوجي ماڻھن سان لھه وچڙ رکڻ جي شڪ ۾ ٻه مھينا جيل ۾ رکيائون، باوجود اُن جي جو هُو کُليو کلايو فاشزم جي خلاف هو. وري پاڪستان ٺھڻ کان بعد 1949ع ۾، کيس، چارج شيٽ ڏيڻ کان سواءِ ڏھ مھينا جيل ۾ رکيو ويو“.
هي سنڌ جو من موجي، ذهانت جو ڀرپور مثال ۽ ويھين صديءَ جي سنڌ جي عظيم انسانن تي پنهنجي گهري سوچ ويچار، سياسي توڙي فلسفياڻن خيالن جا نقش چِٽيندڙ حشوڪيولراماڻي، سنڌ جي ظاهري منظرکان پاسيرو پسمنظر ۾ رهي ڪري سنڌ جي شعور تي پنھنجا صحت مند ۽ اَڻ مِٽ اثر ڇڏي ويو آهي. هي سنڌ جي ڏاهپ جو انمول ڏيئو پنھنجي لافاني فھم ذريعي سنڌ جي اڄوڪي شعور جواُهو خالق هو جنھن سائين جي ايم سيد جهڙي بين الاقوامي شخصيت جي ذهن تي انقلابي اثر ڇڏي کيس نئين سياسي شعور سان آراستا ڪري ڇڏيو. هونءَ ته حشو سنڌ ۾ پرڻجڻ جي قيد ۾ ڦاسڻ کان پيو ڇِرڪندو هو پر هند ۾ وڃڻ کان پوءِ هو گرهستي بنجي ويو. کيس صالح اولاد هئڻ ڪري هو خوش رهڻ لڳو هو. سندس پُٽ کي مُصوريءَ ۾ هڪ سال اندر ٻه انعام مليا هئا. حشو،سنڌ جو اُهو هيرو آهي جيڪو اڄوڪي غلام سنڌ جي هيروز جو پڻ انمول هيرو رهيو آهي.
اهڙي ڀاڳوَندي ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ کي نصيب ٿيندي آهي. اِها ٻي ڳالھه آهي ته اهڙن ساڃاھ وندن جو وجود سدائين ڪٺن حالتن جي ٽياس تي ئي ٽنگيل رهندو آهي پر اُهي ڪڏهن به پنھنجي حق ۽ سچ وارن مقصدن تان هٿ نه کڻندا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جو هي بي ڊپو، ارڏو، بھادر پُٽ پنھنجي شعور جي سُھائي سان روشن آئيندي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هي سنڌ جو ترقي پسند،سدا جوان، بھترين ليکڪ. مُفڪر، پڪو سنڌي قومي ڪارڪن ۽ سنڌ ۾ سنڌيت جي پيدا ڪرڻ ۾ گهڻو مُتحرڪ رهندڙ حشو ڪيولراماڻيءَ، سائين جي ايم سيد کي جيڪي پُرمَغز ۽ پُرعزم خط لکيا هئا، اُهي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم باب جي حيثيت طور هميشه ياد رهندا. ۽ پنھنجي وقت جي سياسي توڙي سماجي صورتحال جي چِٽي آرسيءَ جيان اُجرا رهندا. حشوءَ جا اهڙا مُختلف وقتن تي لکيل عاليشان خط، سائين جي ايم سيد پاڻ ڏانھن آيل خطن جي شاندارڪتاب، ”اچ پڻ چڪيم چاڪ“ ۾ شامل ڪري ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي وڌائي ڇڏيو آهي. حشوءَ جا هي خط ويھين صديءَ جي صحرا ۾ٽڙيل اُهي گُلاب آهن جن جي خوشبوءِ ڪڏهن به اَجائي ڪونه ويندي.جيڪي برِصغير ۽ خاص طورسنڌ تي ظلم ۽ ستم جي ڇانيل ڪارن ڪڪرن ۾گجگوڙ ڪندڙ کنوڻ جي تجلن مثل آهن. هي خط ٻن ساڃاھ وندن جي وچ ۾ ٿيل شعور جي اُها اُڻت آهن جنھن سان سنڌ جا ايندڙ نسل سدائين سيراب پيا ٿيندا. 23، ڊسمبر1948ع تي ڀِريا مان حشو، هڪ خط ۾ سائين جي ايم سيد سان مُخاطب آهي ته، ”هن وقت ڪجهه ليک تيار پيو ڪريان، مگر سچيءَ دل سان لکڻي نٿي وهي، مُلڪ آهي عجيب. زبان ڌاري ۽ اخبارن وارا سڀ شريف ڊاڪو، سو حقيقي ڳالھين بابت لکي به نٿو سگهجي. جي مان پنھنجي وطن مان پناھگير ٿي ڀڳس، ته بُنيادي سبب اِهو ئي هوندو. جتي ذهني آزادي ناهي ۽ اخباري دنيا جا علمبردار خود ڊاڪُن جا ڀائيوار، اُتي ته وڃي صوفي ٿجي يا پنھنجو پليٽ فارم پاڻ کَڙو ڪجي. پهرين ڳالھه ته منھنجي وت کان ٻاهر آهي ڇو ته دماغي آپريشن کان سواءِ پُٺتي قدم هٽائي نٿو سگهجي. مھرباني ڪري شاھ صاحب جو ڪتاب (باءِ سورلي) ڪراچيءَ طرف موڪلڻ جو يڪدم انتظام ڪندا، جو خيال اٿم ته پنھنجي قومي شاعر جي جهوني ڪلام کي نئين دنيا جي نوَن اَصُولن موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان“. حشو هڪ ٻئي خط ۾18، مئي 1949ع تي ڪراچيءَ مان لکي ٿو ته، ”اسان جي جندڙي ته پنھنجي سنڌڙيءَ سان ڳنڍيل آهي سو اسان کي اعتراض ناهي ته جيڪڏهن آرهڙ جا ڏهاڙا سَن ۽ ڀِرين جي وچ ۾ گهارڻا پيا. پَلن جي موج ٿيندي، درياھ جي ڪپر تي ڏينھن گُذاربو، پنھنجي ٻِلِيءَ ۽ پنھنجي ڪٿڙي سان، ۽ شام جو شاھ صاحب جو ڪلام ٻُڌبو“.
3، جنوري1950ع تي دي پنجاب هائوس ڪولابا ڪاز وي، بمبئيءَ مان حشو هڪ خط ۾سائينءَ کي لکي ٿو ته، ”بمبيءَ ۾ پنجن سالن کانپوءِ پير پاتو اٿم، هاڻي شرنارٿيءَ جي حالت ۾مگر دل و دماغ ۾ بي وسيلائيءَ جو هڪ جذبو به حاضر ناهي. شخصي حالت جي ڳالھه ٿو ڪريان، جنھن ڪري غريباڻي زندگي رهڻي پَئِي، يا خود بُک جو شڪار ٿيڻو پيو، مگر اهو سنڌي فخر ۽ پنهنجي قوم جو اخلاقي غرور هميشه ساڻ آهي. ٻين غريب ۽ بي وسيلن ڳوٺاڻن جي حالت جو عارضي ڏُک ۽ مُصيبت ڏسي به آئيندي جو سوچ ويچار ڪندو آهيان ۽ آخرين فتحيابيءَ ۾ ايمان رکندو آهيان“. 14، مئي1950ع تي، 6 تلڪ نگر مٿرا مان حشو هڪ خط ۾ لکي ٿو ته، ”عوام اسان جو نيٺ سنڌي آهي، ديسي مسلمانن لاءِ قرب ۽ احساس اَٿس، ۽ اُن اُميد ۾ ويٺو آهي ته ڪنھن ڏينھن ملڪ ٺھندو ته واپس سنڌڙيءَ ڏانھن ورنداسين، هتي سندن لاءِ موت آهي، هُو سنڌ کي پراپرٽي يا ڪنھن ملڪيت ڪري ياد نٿا ڪن،مگر سمجهن ٿا ته پنھنجي ديس ۾ بُک وگهي نه مرنداسين“. 4، فيبروري 1952ع تي حشو، هڪ خط ۾ لکي ٿو ته، ”پنھنجي مُلڪ کي ڇڏي، جيڪو ارمان مون کي ٿيو هوندو، سو توهان سمجهي سگهو ٿا. شايد بي صبري ۽ اُٻھرائي ڏيکاري اٿم، مگر مان سمجهان ٿو ته اُنھيءَ ۾ به قدرت جو راز هوندو ۽ ضرور ڪُجهه نه ڪُجهه فائدو ئي رَسندو.اسان جي وفاداري ۽ زندگي، اسان جي مادر وطن تائين هِن وقت محدود آهن. جيڪڏهن اسان جي قومي اصليت ناس ٿي وئي ته پوءِ اسان دنيا ۾ ڇا حاصل ڪري سگهنداسين؟ هتي ته پرديس ۾ اسان جا ماڻھو ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن. سندن دليون دُکي ۽ بي آرام آهن. سندن آئيندو اُونداهو پيو ڏسڻ ۾ اچي. سوچ ويچار لاءِ نه اَٿن وقت، نه اُهو زنده روح، مگرپنھنجي اصليت ڀُلجي نه ويا آهن. پنھنجي زبان، پنھنجو ماضي، پنھنجو ڪلچر نه فقط ياد اَٿن، مگر هِن مُلڪ جا ماڻهو ڏسي، هاڻ پاڻ فخر اَٿن ته ڪھڙي نه عاليشان قوم جا فرد آهيون. مون کي آخرين ڪاميابيءَ تي مڪمل ايمان آهي، جي ڳالھيون جهوني زماني ۾ نه ٿي سگھيون، سي ويھين صديءَ ۾ ٿيون آهن، مگر بي بقا آهن، جنهن طوفان اِهو مانڌاڻ مچايو، اُن جو ردِعمل به طوفاني صورت اختيار ڪندو. جن طاقتن اسان کي روھ ۾ رُلايو آهي، سي پاڻ ۾ ضرور ٽڪرڻ واريون آهن ۽ سُتت ئي پوءِ اسان کي پنهنجو انصاف پلئه پئجي سگهندو“. مٿين خط ۾ حشوءَ ورهاڱي جي بي رحم حالتن جي عڪاسي ڪندي، پنھنجي گهري سوچ، ويچار، اُميد پرستيءَ جو ڀرپور اظھار ڪيو آهي. ۽ مُستقبل تي مُفڪراڻي نظر رکندي جيڪا اڳ ڪٿي ڪئي آهي، اُها اڄوڪين حالتن تي مُڪمل طور تي ٺھڪندي نظر اچي ٿي. اهڙي طرح سان حشوڪيولراماڻيءَ جا، سائين جي ايم سيد ڏانھن لکيل ويھه خطَ، سنڌ جي تاريخ جا اڻ مِٽجندڙ باب آهن.7، جنوري،1953ع تي دريا گنج، دهليءَ مان هڪ خط ۾ حشولکي ٿو، ”پنھنجي اباڻي وطن جو راز حقيقي ته توهان کان سکياسين ۽ ولائتي فطرت مٽجي ديسي ٿي پئي. مگر جذبات مٿان هميشه دماغي قوت ۽ ڪشاده آئيني کي بُلند پئي رکيو اٿم. اسان جون ولائتون پنھنجي وطن ۾ آهن“. 30، نومبر 1955ع تي دهليءَ مان حشولکي ٿو ته، ”مون سمجهو ته توهان کي اڳ ۾ ئي خبر هوندي ته مان گهڻي وقت کان چوکنڀو ڦاٿل آهيان، هڪڙوڀيرو لکيو هُئم ته مُلتان فتح ڪيو اٿم ۽ قوم جي خدمت ڪئي اٿم. ٻه نياڻيون جاڙيون اٿم، ۽ هڪ ڪِڪو، جنھن کي ڄائي ٻه مهينا ٿيا، گهر ۾ هندستاني ۽ انگريزي ڳالھايون، مگر شريمتيءَ کي سنڌي پڻ ايندي آهي، جو ڪراچيءَ ۾ سالن کان وٺي رهندڙ هُئي ۽ اسان جي سنگت ۾ هُئي“. سائين جي ايم سيد ڏانهن مُختلف شخصيتن پاران لکيل خطن جي ڪتاب ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ ۾ حشوءَ جي ويھن خطن جي فڪر، فھم، سوچ ۽ ويچار جي انفراديت پڙهندڙ جي من کي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏي ٿي ۽ اهڙي دانشمنداڻن ۽ فڪري خيالن جي گهرائي هن گُمنام رهندڙ عظيم انسان تي فخر ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. خط نمبر سترهن، الائي ڇو حشوءَ جي سڀني خطن ۾ مون کي اهم، عليشان ۽ ڀرپور خط لڳي ٿو. جنھن ۾ حشو، سائينءَ سان مُخاطب ٿي، لکي ٿوته، مان توهان جو ”سياسي اُستاد“ ڪيئن سڏبُس؟ پنھنجي گهر جي ئي سياست هلائي نه سگهيس، ۽ سياست جي هنگامي خلاف ئي پنهنجي عيش پرست زندگي ڇڏي، هيڏانھن هوڏانھن ڪاهي پيس، بغير ڪنھن گروھ جي پيچيدگين ۾ ڦاسڻ جي. سنڌ جي سياست بابت ته توهان وٽان ئي پتو پيو. ڪتاب پڻ لکي ڏنم مگر اهو پڻ انگريزي ٻوليءَ ۾، ۽ توهان جي سياسي ماضيءَ جي بنياد تي“، ”آئون اوهان جو ”ادبي اُستاد“ ٿي ته سگهان ٿو، پر ”سياسي اُستاد“ نه. اڳتي ساڳي خط ۾ لکي ٿو ته، ”جيسيتائين منھنجو تعلق آهي، ته آءُ نه ڪنھن کان ڊڄان ٿو ۽ نه ڪنھن کي نفرت سان ڏسندو آهيان، پوءِ ڀلي ڪھڙي به فرقي ۽ زبان سان واسطو رکندڙ هُجي. ماڻھن کي سندن شخصي ارتقا ۽ روَش مُطابق سمجهيو وڃي ته بھتر آهي. معاف ڪرڻ وڏي ۾ وڏي خوشيءَ جو باعث سمجهيو وڃي ٿو“. اهڙيءَ ريت حشوڪيولراماڻيءَ جي هنن خطن ۾ سندس فقيري طبيعت، ذهني وسعت، مُنفرد ۽ پُرڪشش شخصيت جا عڪس نظر اچن ٿا. سنڌ جِي هِن يگانِي شخصيت، سائين جي ايم سيد کان علاوه شيخ اياز، مُحمد ابراهيم جويي، سوڀي گيانچنداڻي، محمد امين کوسي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ ۽ هندستان جي اهم شخصيتن سان گڏجي سياست ڪئي ۽ کين جديد سياست ۽ ادب کان روشناس ڪرايو ۽ کين تربيت ڪئي. سنڌ جي جديد سنڌي شاعريءَجي نرالي ۽ اهم نانءُ شيخ اياز، پنھنجي ڪتاب ”خط، انٽرويو، تقريرون جي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته، ”طالب علميءَ جي دور ۾، مون سان ٽي اهڙا ڪاپڙي مليا، جن ٽنھي جي باري ۾، مون کي ڀٽائيءَ جي هيٺين سِٽَ ياد ايندي آهي، ”جوڳيءَ جاڳائي، ماري وِڌو مامري!“، ۽ اُهي هئا.
سوڀوگيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ حشو ڪيولراماڻي“. ايازخط لکڻ واري سان مُخاطب ٿي لکي ٿو ته: ”حشوءَ سان تنهنجي واقفيت ناهي. جي تون هُن سان ملين ها، ته توکي معلوم ٿئي ها ته ڀٽائيءَ جي اُنھيءَ سِٽَ ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي!“ ۾ ڪھڙي ڪيفيت سمايل آهي. حشو، سنڌ ٻيو حشو ڪٿان آڻيندي؟ حشو، جو چوندو هو ته ”مان واڻيو نه آهيان. ڄٽ آهيان، مان سردار حشمت الله آهيان. ڄٽ ڪُهاڙي آهي، ڪوڏر آهي، هر آهي، واهولو آهي، ڌرتتيءَ جي دانهن آهي، پگهر جي پُڪار آهي، واڻيو موڙي آهي، مُرادي آهي، ٿر جي ٿڌي مٽي آهي، اڳڙيءَ جو انقلابي آهي. سنڌ ۾ سچو ڪرانتيڪاري فقط ڄٽ ٿي سگهندو آهي!“ اياز حشوءَ جي جلاوطنيءَ ۽ پنھنجي سنڌ کي ڇڏڻ واري ڪربناڪ وقت جي ڪيفيتن جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي اُها پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ جي روح کي جنجهوڙي وجهي ٿي. ۽ هڪ عظيم شاعرڪيڏا نه لفظن جي آرسيءَ ۾ تشبيهن ۽ تمثيلن جا اولڙا سمائي ڇڏيا آهن. ”حشوءَ مون سان مُرڪي موڪلايو هو ۽ مون اهڙي مُرڪ اڃا تائين ڪنھن جي به چپن تي نه ڏٺي آهي، ڄڻ ڏُک جي ڏائڻ جو ڪَنجرو ڪِري پيو هو ۽ اُن مان ڪائي اَٻوجهه نينگري گُڏيءَ جا ڪپڙا سِبي رهي هُئي. ڪھڙي نه انوکي هُئي اُها مُرڪ! ڄڻ ڀنڀور جي ڀت تي سسئيءَ جي پوئين چُمي هئي! ڄڻ راءِ ڏياچ جو دهرو دان هئي! پر اُهو دان،هُن ڪنھن کي ٿي ڏنو؟ ڪنھن کي هُن جي سِر جي طلب هئي؟مان جڏهن به حشوءَ جي باري ۾ سوچيندو آهيان، تڏهن ايئن نظر ايندو آهي ته مِٽيءَ جي ڍير ۾ ڪائي سُرنگهه آهي، جنھن مان هُو دور دور وڃي رهيو آهي. اُها سُرنگهه موت جي سُرنگهه آهي، جلاوطنيءَ جي سُرنگهه آهي، ۽ اُن جي مٽيءَ ۾ سنڌ جون روايتون ليٿڙيون پيون آهن ۽ هُو مومل جي مانگ ۽ مارئي جي لوئيءَ کي لتاڙيندو وڃي رهيو آهي. هُن کي ويندو ڏسي مان ڊوڙپائيندو آهيان ته هُن جي پاند کي پڪڙيان، روئان، ليلڙاٽيون ڪيان، ۽ هُن کان پنهنجو عظيم گُناھ بخشايان پر سُرنگهه جو لنگهه مون لاءِ بند ٿي ويندو آهي ۽ حشو موٽي نه سگهندو آهي! مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪيئن مان حشوءَ کي هوائي جهاز تي ڇڏي موٽي برنس باغ ۾ آيو هوس ۽ بينچ تي ڦان ٿي ڪريو هوس. اُن وقت هڪ ڀونر، گينڊي جي گُل تي ڀِري رهيو هو. مون اُن کي ٻُڪ ۾ پڪڙي، ٻنھي ترين جي وچ ۾ چيڀاٽيو هو ۽ منھنجا هٿ هُن جي لويل، نچويل کنڀڙاٽين ۾ لُٻجي، گندا ٿي ويا هُئا. پوءِ مون اُهو گينڊي جو گُل پٽي، اُن جي پتِي پتِي چپٽين ۾ مروڙيِ هُئي ۽ اُن جي ڏانڊيءَ کي لتون هڻي، اُن کي جَڙ کان جهونجهاڙي، ڇِڪي ڪڍيو هو. جڏهن مون کي چين نه آيو هو، تڏهن کيسي مان چاقو ڪڍي، مون اُن ناريل جي ٿُڙ ۾ ڪيئي بار هنيو هو. ”ڪانئر، ڪمينا، نيچ“ مون پاڻ کي بار بار گاريون ڏنيون هيون. جڏهن رات ٿي هئي، تڏهن مون کي ستارا ايئن لڳا هئا، ڄڻ ڪنھن ازلي باد فرنگ جون ڦرڙيون ڦِسِي ويون هيون“. حشوءَ جي لاءِ اياز جا مٿيان احساس ۽ خيال، حشوءَ جي عظمت ۽ ڏاهپ سان محبت ۽ احترام جو ڀرپور ثبوت آهن. اڄ حشو اسان وٽ وجودي طور تي ته گڏ ڪونھي پر هُن جون يادون، هُن جو فڪر ۽ فهم ۽ هُن جا عاشق وڏا، وڏا ڏاها، شاعر توڙي مُفڪرآهن. جن پنهنجين تحريرن ۾ هن لافاني ذهانت رکندڙ ڏاهي جي ڏاهپ کي سھيڙي هڪ شاندار ڪارنامو ڪيو آهي. اياز ايئن پنھنجن تقريبن ڪتابن ۾ حشوءَ جي ياد کي ڪنھن نه ڪنھن طرح پئي تازو ڪيو آهي.
ايئن اياز ”خط، انٽرويو، تقريرون“ ۾ شامل هڪ تقرير۾، جيڪا اياز آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ساٿي ٻارڙا سنگت جي مذاڪري تي 14، آگسٽ 1987ع ۾ ڪئي هئي. اُن ۾ اياز هڪ هنڌ اعتراف ڪندي چئي ٿو ته، ”مان جڏهن بي.اي. ۾ پڙهندو هوس ته ڊي.جي ڪاليج جي سنڌي سرڪل ۾ لالچند امر ڏني مل جي صدارت هيٺ، مون ڏيڍ ڪلاڪ ترقي پسند ادب تي تقرير ڪئي هئي ۽ اُن جو مواد ڪُجهه ته حشوڪيولراماڻي سان بحث مُباحثي ۾ حاصل ڪيو هُيم“. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ لکي ٿو ”مون کي ڪاليج جي زماني ۾ حشوڪيولراماڻيءَ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا هئي ۽ اُنهن ۾ خاص ڪري نورا رسيل(Nora Russel) جي موضوع تي مضمون ڏاڍو پسند آيو هو. ”حشوءَ جي فلئٽ تي ڇا ڇا نه بحث ٿيندا هئا! ڪيڏن اديبن، نقادن ۽ انقلابين جا نالا ورتا ويندا هُئا“. ”مون کي اُهو دور به ياد آيو، جڏهن مان ۽ حشو ساريون راتيون سياست ۽ ادب تي ڳالهائيندا هئاسين“. اياز ساڳي ڪتاب ۾ اڳتي هلي نڪولائي بُخارن مُتعلق حشوءَ پاران ٻُڌايل معلومات کي ياد ڪندي لکي ٿو: ”اُهو مون کي حشوءَ غالبا ”تڏهن ٻُڌايو هو، جڏهن مان جونير بي.اي. ۾ ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هوس. هُن ماسڪو جي ڪارواين تي مون کي هڪ ڪتاب به پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. حشوءَ 1938ع جي”صفائي“ (Purges) جي مُخالفت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ”ڪميونسٽ غلط آهن، جڏهن هو چون ٿا ته(Trotiskytism) ٽراٽسڪائيٽزم ۽(Fascism) فاشزم هڪ ڳالھه آهن، ۽ اهو سارو چڪر اسٽالن جو هلايل آهي“. اياز پنھنجي ڪتاب ”ڪتين ڪَر موريا جڏهن“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، ”مان ۽ حشوڪيولراماڻي، ايم.اين.راءِ کي پڙهي، اُنھيءَ ڳالھه تي مُتفق هوندا هياسين ته، انساني تاريخ ۾ ڪميونزم به عارضي حالت آهي ۽ ڪنھن نه ڪنھن وقت ڦِرندي، ڇو ته انسان ڪنھن ڳالھه سان هميشه مُطمئن نه رهيو آهي.“، “Thomas Paine) ٿامس پين) جوڪتاب Rights of Man (انسان جا حق) جو ٿنڪرس لئبرري سيريز جو حصو هو. مون کي ۽ منهنجي مرحوم دوست مُونس کي حشوڪيولراماڻيءَ پڙهڻ لاءِ ڏنو هيو، جڏهن اسان حشوءَ جي ڪمري ۾ رهندا هياسين، جنھن ۾ نئپولِين بونا پارٽ جوهڪ خوبصورت مجسمو رکيو هوندو هو“. ايئن هي ننڍڙيون ننڍڙيون يادون حشوءَ جي شخصي تصوير کي چِٽو ڪرڻ ۾ ڪافي مدد گار ثابت ٿينديون. ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙي هستي، جنھن زندگيءَ کي پنھنجي رنگ ۽ ڍنگ سان گُذاريو ۽ پنھنجي نموني ئي اَلُوپ ٿي وئي اُن جون ٽُڪرا ٽُڪرا يادون ئي هُن جي شخصي روپ کي اُجاگر ڪري سگهن ٿيون. جيئن اياز پنھنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مُسافر“ ڀاڱو پھريون ۾ هندستان جي سفر دوران رشيد ڀٽيءَ جي ڊائريءَ مان ورتل نوٽس ڏنا آهن. جن ۾12، جنوري 1964ع جي هڪ نوٽس ۾ لکيل آهي ته، ”9 بجي جاڳ ٿي.اياز11بجي حشوءَ وٽ ويو.حشوءَ سنڌ ۽ ون يونٽ تي ڳالهايو. لطيف جو خواب ۾ اچڻ حشوءَکي“. اياز پنھنجي آتم ڪٿا جي ٻئين ڀاڱي ۾ پنهنجي وني زرينا جي ڪيل سوال ته”تو سياست ۾ به ڪافي وقت وڃايو آهي.ڪنهن سياستدان کي سفر ۾ کڻندين“. جنھن تي اياز کيس جواب ۾ چوي ٿو ته، ”ها، حشوڪيولراماڻيءَ ۽ مھاتما گانڌيءَ کي“، اياز اڳتي هلي غلام هندستان لاءِ انگريزن سان وڙهندڙ، ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي ساٿي پرچو وديارٿيءَ مُتعلق ٻُڌائيندي لکي تو ته، ”اها سڄي ڳالھه مون کي حشوڪيولراماڻيءَ، جو به شايد ساڳئي جيل ۾ نظر بند هو، ٻُڌائي هئي.حشوءَ وڌيڪ ٻُڌايو هو ته پرچو جيل ۾ قيدين کان ڇھه ست ڪمبل هٿ ڪري پاڻيءَ ۾ ڀڄايا جيئن اُهي آلا ۽ ڳورا ٿي پوَن. هِن اُهي ڀِت جي پار اُڇلايا، جي هُن جا دوست سُڪ ڪري جھلي بيٺا“. هي يادن جا رنگ برنگي لھجا ڪيڏا نه نرالا ۽ تاريخ جا اَڻ وِسرندڙ ۽ مِٽجندڙ قصا آهن، جن جي لفظ لفظ ۾ اذيتون، ڪٺنتائون، ۽ مُسلسل جدوجھدون سمايل آهي.
اياز، حشوءَ جي گهڻ رُخي شخصيت کان ايترو ته مُتاثرهو جو هُن پنھنجي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب حشوءَ کي ارپنا ڪيا آهن. جن ۾ ”سَر لوهيڙا ڳڀيا“ جو انتساب هيئن ڪري ٿوته، ”حشوڪيولراماڻيءَ جي نالي، جنهن مون کي جديد ادب، سياست ۽ تاريخ سان روشناس ڪرايو“. ”سانجهي سمنڊ سِپون“ جو انتساب ”سنڌ جي عظيم انسان، حشوڪيولراماڻيءَ جي نالي“ ۽ ”ميِنهن ڪڻيون“ جو انتساب ”سوڀو گيانچنداڻي، حشوڪيولراماڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي“ جي نالي ڪيو آهي. انتساب جو ذڪر نڪتو آهي ته اُتي هندستان جي هڪ علائقي اديپور، ڪڇ، گُجرات ۾ قائم انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران موهن گيھاڻيءَ جو ڇَپرايل ڪتابHistory of Sindh سائين جي.ايم.سيد ۽ حشوڪيولراماڻيءَ کي ارپيو ويو آهي. ارپنا ۾ لکيل آهي، (Dedicated to proud of sindhi soil saeen G.M.Syed and Hashu Kewalramani) اهڙيءَ طرح سان سنڌ ۽ هند جي نامياري ڪھاڻيڪار کرشن کٽواڻيءَ پنھنجو آخري ناول ”تَرندڙ بادل“ پڻ حشوڪيولراماڻيءَ جي زندگيءَ جي پس منظر ۾ لکيو آهي.
اهڙيءَ طرح اياز نه رُڳو پنھنجي نثر ۾حشوءَکي ياد ڪيو آهي پر هُن پنھنجي شاعريءَ ۾ به حشوءَ کي سانڍي رکيو آهي.”سَر لوهيڙا ڳڀيا“۾ هڪ نثري ٽُڪري ۾ اياز لکيو آهي ته،”حشوڪيولراماڻيءَ کي اُلھاس نگر ۾ رات گُذارڻ لاءِ ڪوئي گهر نه هوندو هو ته هُو مساڻ جي وِچ ۾ سُمھندو هو.جي ڪوئي هُن کان پُڇندو هو ته هُو ائين ڇو ٿو ڪري ته جواب ۾هُو چوندو هو، ”نيٺ ته اُتي ئي وڃڻو آهي“. ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”ماڌو! توسان ملِي، مون کي پاڻ ملِي ويو آهي. جڏهن ته حشوءَ وانگر مان گُذر ته ڀُڳڙن مُٺ تي ڪندو هوس. پر دنيا جو آزاد ترين انسان هوس“. ايئن اياز پنھنجي نثري شاعريءَ جي ڪتاب ”هَرڻ اَکي ڪيڏانهن“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته،“ حشوڪيولراماڻي!تون سولزي نٽسن کان وڏو هُئين جو سنڌ ۾ رهي تو دنيا جي انقلابي سياست تي ايتري دور رس نِگاھ ٿي رکي! سولزي نٽسن کي ته اڃا تائين سنڌ جي نالي جي به خبر نه آهي!“
سنڌ جي هِن عظيم شاعرجا سنڌ جي ٻئي عظيم انسان لاءِ اهڙا ڀرپورخيال،ڪيفيتون ۽ احساس ڪيڏا نه معنيٰ خيز ۽ دلچسپ آهن. ويھين صدي جتي المناڪ واقعن کي جنميو، اُتي هُن حشوءَ جهڙن باشعور۽ پنھنجي مٽيءَ سان ملھائيندڙن کي به جنم ڏنو، جن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ڪري بارود جي ڍير تي به گُل ڦُٽي پيا،جن جي سُرهاڻ ۽ سُڳنڌ ساري دنيا کي جيئڻ جو هڪ ڀرپور ڍنگ عطا ڪيو، جنھن جي آڌار تي هي تباهي جي ڪناري تي پُھتل دنيا اڃا به همت ۽ حوصلي سان جيئڻ جو ساهس رکندي، شيطاني قوتن سان مھاڏو اٽڪائيندي پئي اچي.شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ 8، ڊسمبر1968ع واري صفحي تي لکيوآهي ته، ”مون سان مُونس پنجاپيءَ جي واقفيت 1946ع ۾ حشوڪيولراماڻيءَ ڪراچيءَ ۾ ڪرائي هئي. مُونس، مارڪسوادي هو پر حشوءَ وانگر بورجوا فن ۽ فڪر جو توجهه سان مُطالعو ڪندو هو. حشوءَ هُن کي ۽ مون کي انگريز اديبن، اسٽيفن اسپينڊر، ڪراسٽافر اِشِروڊ ۽ آڊن تي ليڪچر ڏنا هُئا.
آڊن ۽ اسپينڊر، شاعر آهن ۽ اشِروڊ ناول نويس آهي. حشو جڏهن انگلينڊ ۾ هُيو ته اُهي ٽئي اديب اُتان جي ترقي پسند ادب تي ڇانيل هيا. حشوءَ، مون کي اِشِروڊ جو ناول(Goodbye to Berlin)پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، جو مون کي ڏاڍو وڻيو هو.حشو اسان کي ڪميونزم ۽ سوشلزم تي ليڪچر به ڏيندو هو۽ اُن دور جي ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ رهنمائن۽ اُنهن جي سوشلسٽ خيالات سان اسان جي واقفيت به ڪرائي هُيائين.هُو هڪ اينسائيڪلو پيڊيا(جامع اللغات) هو. جَي. پرڪاش نارائڻ تي ڳالھائيندو هو ته هندستان جي سوشلسٽ پارٽيءَ جي پوري تاريخ ۽ اُن سان ڪميونسٽ پارٽيءَ جا سارا اختلاف اکين اڳيان اچي ويندا هُئا. هُو جڏهن ايم.اين.راءِ تي ڳالھائيندو هو ته انٽر نئشنل ڪميونزم جي ساري تاريخ اکين اڳيان ڦِري ويندي هئي. مارڪس، لينن، اينجلز، اسٽالن، ٽراٽسڪي، پاليخانوف، فيور باخ، روزالڪسمبرگ، ڪارل ليبنڪ وغيره ڪيئي انقلابي تاريخ مان نالا اسان جي ڪَنن ۾گُونجندا هُيا ۽ هُو اسان کي اُنھن جي نظرين سان واقفيت ڪرائيندو هو. هڪ ڀيري هُو اسان کي ٽراٽسڪيءَ ۽ هُن جي همسفر اديبن ۽ دانشورن جي باري ۾ پنھنجا رايا ٻُڌائي رهيو هو. پارووس، ڊيوسش، راڊڪ، هيننگس، بال، تِرستان تزار، ائنا بليوم، اِنيسا، راڪووسڪي، بريٽن، ڊيگور ويرا، ميري مئڪارٿي وغيره، ڇا ڇا نالا آيا ها هُن جي گُفتگوءَ ۾ ۽ ادب ۽ آرٽ جا رنگا رنگ گُل اسان جي ذهن ۾ ٽڙي پيا ها. هُن منھنجي جديد انگريزي ادب سان به واقفيت ڪرائي هئي ۽(New Writing) جا سلسلي وار ڪتاب ڏنا ها جن ۾ مغرب جو جديد ترين ادب هوندو هو. حشو ڪراچيءَ ۾ لاڪاليج جي ڀرسان هڪ فلئٽ ۾ رهندو هو، جنھن ۾ ٻه ڪمرا هوندا هيا. ٻئي ڪمرا ڪتابن سان ڀريل هوندا هيا، جن جي وچ ۾ رُڳو ويھڻ ۽ سُمھڻ جيتري جاءِ هوندي هئي. حشو پاڻ کي Bohemian چوندو هو. هن شادي نه ڪئي هئي ۽ ائين ئي پرائي زال سرلا سان پيار ڪندو هو. هُو آڪسفورڊ ۾ تنھن وقت اِندراگانڌيءَ سان پڙهندو هو جنھن وقت اِندرا ۽ فيروزگانڌيءَ جو معاشقو هلندو هو.
ڪراچيءَ ۾ موٽي، حشوءَ انگريز سامراج جي خلاف پوسٽر ڪڍيو هو، جنهن ۾ هندستان جي نقشي تي لانگ بوٽ نڪتل هو ۽ لکيل هو“Stop this march of imperialism” اُن پوسٽر ڪڍڻ تي انگريزن هن کي ٻه سال ٽيپ ڏني هئي پر هُو ڏيڍ سال کان پوءِ آڪٽوبر 1941ع ۾ ڇُٽي آيو هو. جيل مان نڪرڻ کان پوءِ هُو سوڀي سان گڏ سنڌ جي دوري تي نڪتو هو. اُن وقت ساري سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن حشوءَ جي اثر هيٺ هئي. هُن سوڀي کي شاگردن سان واقف ڪرايو ۽ پوءِ سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيائين. سوڀو اڃا تائين مُرڪي چوندو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ حشوءَ سوڀي جو ڳوٺ ٻِنڊي ڏسي،هن کي چيو هو (“You are a flower on a dung hill” تون ڇيڻي جي ڍير تي هڪ گُل آهين.) انگلنڊ مان حشو بنا ڊگريءَ وٺڻ جي موٽي آيو هو، ڪنھن به پارٽيءَ جو ميمبر نه ٿيو هو ۽ ڪڏهن به وقت تي ماني نه کاڌي هيائين. هُن نه ڪنھن مُستقل روزگار لاءِ ڪوشش ڪئي هئي ۽ نه ڪنھن هڪ نظريي جي پيروي ڪئي هئي. ايئن لڳندو هو ته هُن جي پوري زندگي هڪ سوال جي نشاني آهي. هُن جي ذاتي زندگيءَ ۾ به هُن جي ذهني تذبذب جي عڪاسي هئي.
آڪسفورڊ ۾ هُن جي هڪ ڪرستان ڇوڪريءَ، شانتي سيلدونا، سان واقفيت ٿي هُئي جا بمبئيءَ جي رهندڙ هُئي. حشو ڪراچيءَ موٽي آيو هو ته هُن شانتيءَ سان خط و ڪتابت جاري رکي هُئي. 1942ع ۾ جڏهن انگريز سرڪار جي خلاف آزاديءَ جي تحريڪ زور تي هُئي ته حشو بمبئيءَ هليو ويو هو ۽ اُتي شانتيءَ سان زبردست معاشقو لڙايو هُيائين ۽ هُن سان واعدو ڪري آيو هو ته هُو جلدئي بمبئيءَ موٽي ايندو. 1944ع ڌاري حشو ٻيھر بمبئيءَ ويو ته شانتيءَ هُن کي آخري اطلاع ڏنو ته: ”جي هاڻي مون سان شادي نه ڪندين ته مان تو لاءِ نه ترسندَيس“. حشو ارادو نه ڪري سگهيو ۽ شانتي سيلدونا هڪ انگريز آفيسر سان شادي ڪري ڇڏي. هڪ ڀيري مان، مُونس ۽ حشو، حشوءَ جي فلئٽ ۾ وسڪي پي رهيا هئا سين. حشو هُون ته سارو وقت سياست، بين الاقوامي معاملات، فلسفي ۽ ادب تي ڳالھائيندو هو، پر اُن ڏينھن هُن پھريون ڀيرو عشق و محبت جي باري ۾ ڳالھايو. هُن چيو ته ”هُن کي اُنهن مردن کان نفرت هوندي آهي،جي ڪنهن خوبصورت عورت جي دوستيءَ تي ٽِڏندا آهن.اُنهن ۾ قابلِ رحم احساسُ ڪمتري هوندي آهي، ڄڻ ته هُو اُن تي پاڻ پَڏائيندا آهن ته هُنن سان ڪائي خوبصورت عورت ساٿ آهي“. هُن هڪ دوست جي ڳالھه ڪندي چيو هو ته: ”هُو ماڻھو آهي يا چراخ آهي، جو ماکيءَ ۾ ٻُوٿ ٿڦي آيو آهي“. ۽ پوءِ منھنجن چپن تي ڦِڪي مُرڪ ڏسي چيو هيائين ”تون ڇو ٿو لڄي ٿين؟ شاعر اِن معاملي ۾Exception ( مُستثنا)هوندا آهن“ حشوءَ کي ڪئسانووا(Casanova) ٽائيپ مرد نه وڻندا ها ۽ هُو هڪ اَڌ عشق جو قايل هو.ڳالھيون ڪندي جڏهن هُو کيپ ۾ آيو هو ته هُن انگريزيءِ ۾ چيو هو، ”شانتي تون به.....تون به شانتي؟“ پوءِ هُن ٿڌو ساھ ڀري ڳيت ۾ ڊبل پيگ پيتو هو ۽ هُن کي ننڊ اچي وئي هُئي.اُهو تذبذب حشوءَ جي ذهن ۾ ڪميونزم سان محبت وقت به پيدا ٿيندو هو.هُو اڪثر ڪنهن جو قول دُهرائيندو هو ته ”مان ڪميونزم لاءِ جيئڻ چاهيان ٿو،ڪميونزم لاءِ مرڻ چاهيان ٿو،پر ڪميونزم هيٺ رهڻ نه ٿو چاهيان. ”حشو،سوڀي کي به چوندو هو،“توکي ڪميونسٽ هميشه استعمال ڪندا ۽ تنھنجي حياتي ۽ هڏا هڪ نئينءَ تعميرجي بُنيادن ۾ ڪم آڻيندا“. سال 1947ع ۾ هُن کي نظر بند ڪري رکيو هيائون. ڇوته هُو پنهنجيءَ فلئٽ ۾ ساري رات ڪُجهه ٽائيپ ڪندوهو. (هُو اُن وقت سائين جي.ايم.سيد جو ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجھد“ جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو هو.)جڏهن هُن جو نظربنديءَ جو معياد وڌائڻ لاءِ هُن کي مسعود کدرپوش وٽ پيش ڪيو هيائون، جو اُن وقت ڪراچيءَ جو ائڊيشنل ڪمشنر هو، ته مان هُن سان هُن جي وڪيل جي حيثيت ۾ گڏجي ويو هوس. مسعود آءِ.سي.ايس هو ۽ جنھن وقت هو بمبئيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو ته آدي واسين ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. هُواڳ ئي حشوءَ جو واقف هوندو هو ۽ حشوهُن جي سياسي فلسفي کي ڀيل ازم(Philosophy of Bhilism) جو فلسفو چوندو هو. هندستان ۾ ڀيل مسعود کي ”مسعود ڀڳوان“ ڪوٺينداها. جڏهن پوليس حشوءَ کي مسعود وٽ پيش ڪيو هو تڏهن حشوءَ کي ٿِري پيِس سوٽ ۽ فيلٽ هئٽ پيا ها.حشوءَ فيلٽ هئٽ لاهي مسعود کي چيو هو ”هلومسعود!“، ”هلو حشو“ مسعود جواب ڏنو هو. پوءِ حشوءَ مسعود کي مون سان واقف ڪرائيندي چيو،”هي ٽئگور کان پوءِ برِصغير جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي پر هِن وقت منھنجي وڪيل جي حيثيت ۾ آيو آهي“. مسعود ڪُجهه مُرڪيو، ڄڻ ته هُن کي حشوءَ جي مُبالغي آميزيءَ جي عادت اڳيئي معلوم هُئي ۽ پوءِ اسان ٻنھي کي ڪُرسيون آڇيائين.ڳالھيون ڪندي مسعود حشوءَ کي چيو هو،حشو تون هندستان ڇو نه ٿو وڃين؟“، ”مسعود، هي منھنجو وطن آهي، مان هندستان ڇو وڃان؟“ حشوءَ چڙي جواب ڏنو. ”مسعود پنهنجي آڱوٺي سان ڀر واري ڪمشنر جي ڪمري ڏانهن اِشارو ڪندي چيو: ”اوهان سنڌي ريڊ انڊينن وانگر مليا ميٽ ڪيا ويندءُ“. ،پوءِ مسعود ڪنڌ جُهڪائي حشوءَ جي نظربنديءَ جي معياد وڌائڻ جو آرڊر لکيو ۽ جيستائين اسان هُن جي ڪمري مان نڪري وياسين، هُن اسان کي اکيون مٿي کڻي نه ڏٺو. حشوءَ جي رهائيءَ کان ڪُجهه وقت پوءِ هُن کي مُلڪ بدر ڪيو هيائون.اسان هُن کي سائين جي.ايم.سيد جي گهر تان ايئرپورٽ تي ڇڏي آيا هياسين. موٽڻ وقت مُونس ايئر پورٽ جي ڀتين ۾مُڪون هَنيون هُيون ۽ ڪار ۾ ٽاھه ٽاھه ڳوڙها ڳاڙيا ها.سائين جي.ايم.سيد جڏهن انگلنڊ ۾ ڪرشنا مينن سان گڏيو هو. جتي هُو هندستان جو هاءِ ڪمشنر هيو، تڏهن مينن کي چيو هيائين،“مان اوهان کي اڳيئي سُڃاڻان ڇو ته مون سان اوهان جو ذڪرحشوڪيولراماڻي ڪندو هو.”مينن ٻه ٽي ڀيرانِرڙ تي آڱر هڻي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي ۽ پوءِ چيو هيائين، هائو، هائو، هاڻي مون کي اُهو شخص ياد اچي رهيو آهي. هُو ڇوٽي قد واروشخص جو هميشه چوندو هو ته سنڌي هڪ قوم آهي.“ 1963ع ۾مان جڏهن حشوءَ سان دهليءَ ۾ مليو هوس ته حشوءَ سان سرلا جي شادي ٿي چُڪي هئي. مان ڀانيان ٿو ته سرلا جو اڳيون مُڙس مري ويو هو ۽ اُن کان پوءِ هُن حشوءَ سان شادي ڪئي هُئي.هُن کي ٻه جوان ڌيئر ۽ گُل جي نالي سان هڪ ننڍو پُٽ هُيو ۽ ساريءَ فئمليءَ جا فوٽو منھنجي آلبم ۾ آهن.حشو پنھنجو نالو حشمت الله ۽ پُٽ جو نالو گُل محمد ٻُڌايو هو. گُل پِيءُ وانگر جينيس ٿي لڳو ۽ هُن کي ڳڀرو فنڪار(Child Artist)جي حيثيت ۾ نھروءَ آل انڊيا اوارڊ ڏنو هو. حشواُن وقت به آزاد صحافي(Free Lancer) هو. هُن پاڪستان جي باري ۾ ڪيترائي مضمون (Pakistan Xrayed) جي نالي سان ”هندستان اسٽائنڊرڊ“ اخبار ۾ ڇپايا ها،جي هُو (The Uprooted and the Upright)جي نالي سان مُرتب ڪري رهيو هو.مون کي ائين ٿي لڳو ته حشو ٽُٽي چُڪوهو. هُن مون کي تڏهن چيو هو ته: ”منھنجي ماءُ جڏهن دهليءَ ۾ مري وئي ۽ جمنا جي ڪناري تي هُن جي چِکيا جلي رهي هئي،تڏهن نه ڄاڻان مون ڇا محسوس ڪيو هو جنھن منھنجي دنيا بدلائي ڇڏي آهي“. هُن کي اِن ڳالھه جو شديد احساس هو ته هُن جي قوم هُن جي بيقدري ڪئي هُئي. هڪ ڀيري منھنجي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي لڇمڻ ڪومل دهليءَ ۾ پنھنجي گهر تي ماني ڪئي هئي.دهليءَ جا ڪيترائي سنڌي اديب، مرد ۽ عورتون اُتي آيا ها.حشو به موجود هو. رات جا اٽڪل ٻارنھن لڳا ها،مان پنھنجو شعرپڙهي رهيو هوس ۽ چوڌاري وھ واھ ٿي رهي هُئي.ايتري ۾حشو، جو پيتل هو، اُٿي بيٺو ۽ مون کي ٻانھن کان وٺي چيائين: ”مُنھنجن پيرن تي هٿ رک ته هنن کي معلوم ٿئي ته مان ڇا آهيان“. مون هُن جي پيرن کي ڇُھيوهو ته منھنجين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ها.هُو پوءِ ويھي رهيو هو ۽ پنھنجيءَ دنيا ۾ گُم ٿي ويو هو. حشوءَ جي ڪراچيءَ واري گهر ۾ اخبارن،رسالن ۽ ڪتابن جا ڍير پيل هوندا ها۽ هُن جو سامان چوڌاري ٽڙيل پکڙيل هوندو هو. حشوءَ ۾ ضد بلڪل ڪو نه هو،حشوءَ ۾ تذبذب هو،حشو بين الاقوامي ڪميونزم جون ڪمزوريون پاڻ ٻُڌائيندو هو“. اياز،حشوءَ جي زندگيءَ جو هي جيڪو خاڪو جوڙيو آهي اُن مان حشوءَ جي سڄي زندگيءَ جو رنگ ۽ ڍنگ نکري نروار ٿي اچي ٿو. ۽ دل درد جو سگريٽ بنجي دُکڻ لڳي ٿي ته اکين مان سور جو سُرمئي دُونھون اُٿڻ لڳي ٿو جنھن مان حشوءَجون ذهانت سان چمڪندڙ اکيون مُرڪنديون نظر اچن ٿيون. سوڀي گيانچنداڻيءَبه پنھنجي ڪتاب“وڏي وٿ هُئام” ۾حشوءَ جو ذڪر ڪيو آهي.حشوءَ جهڙي شخصيت سان لاڳاپيل يادون يا ڳالھيون وڏي اهميت رکن ٿيون.اُن ڪري هن تفصيلي مضمون ۾ حشوءَ جي هر ياد يا ڳالھه کي سھيڙڻ مان ضروري سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته مُختلف ڪتابن ۾ مُختلف جاين تي اُهي وکريل يادگيريون هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ منهنجي نظر ۾ اِنتھائي لازمي آهن. ته جيئن سُڀاڻي ڪو به حشوءَ تي وڌيڪ لکڻ چاهي ته اُن کي حشوءَ تي هڪ جامع قسم جو ڪو مضمون پڙهڻ لاءِ ملي سگهي. سوڀي گيانچنداڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”وڏي وٿ هُئام“ ۾ هڪ يادگيري، جيڪا پارٽيءَ جو ڪو حُڪم نه مڃڻ جي ڪري کيس محمد امين کوسي وٽ حاضر ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ سوڀي سان پروفيسرآصف جاھ ڪارواڻيءَ ڳالھه جي شروعات ڪُجهه هِن ريت ڪري ٿو ته، ”تو شاگرد فئڪشن ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ سان دوستي ٽوڙڻ کان نابري واري آهي. سو توکي پارٽي ٽربيونل اڳيان جواب ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي“. جنهن تي سوڀو چوي ٿو ته، ”مان پارٽيءَ جو ميمبر ڪو نه آهيان، مان فقط همدرد آهيان. شاگردن ۾ حشوڪيوراماڻيءَ جي اثر کان واقف آهيان. اوهان ساڻس اٽڪي پنهنجي تحريڪ کي نقصان پُهچائيندا“. ايئن اڳتي هلي غلام رباني پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر“ ۾ لکي ٿو ته، ”عبدالقادر انڍڙ، فقير منش هو. ڪراچيءَ ۾، سائين جي.ايم.سيد وٽ ”حيدر منزل“ تي ساڻس اڪثر مُلاقات ۽ ڪچهري ٿيندي رهندي هئي. پاڻ دل وجان سان حشوڪيولراماڻيءَ جو مداح هو. مون سان سندس ڳالهيون ڪندو هو. حشوڪيولراماڻي مون ڪونه ڏٺوهو. سندس دوستن کان سندس ڳالھيون ٻُڌيم“. اڳتي حشوءَ جون ٻين کان ٻُڌل ڪُجھ ڳالھيون لکندي، رباني لکي ٿو ته، ”سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان دل جي تار ڳنڍيل رکيائين. دهليءَ ۾(Sindhi Short Stories) نالي ڪتاب ڇپايائين. پھرين ڇاپي ۾ منھنجو هڪ افسانو وڌو هئائين. ٻئي ۾ ٻيو به شامل ڪيائين. ”بُري هِن ڀنڀور ۾“ اُنهيءَ جو انگريزي ترجموThe Deluge عنوان سان ڪيائين، جيڪو دهليءَ ۾چين جي ڪنھن سفارتڪار کي اهڙو وڻيو، جوچينيءَ ۾ ترجمو ڪري بيجنگ موڪليائين. حشوءَ جي، پرپُٺ مون سان دل ٿي وئي. ڏاڍا محبت ڀريا خط لکندو هو“. هند ۽ سنڌ جوناليوارو ڪھاڻيڪار گوبند مالهي پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌڙي، منھنجي جندڙي“ ۾لکيو آهي ته، ”محمد امين کوسي سان منھنجي واقفيت حشوءَ ڪرائي.حشو،گهڻو ڳالھائيندو هو. هڪ محمد امين کوسو ئي هو جيڪو کيس رَدڪَد ڏيندو هو“. گوبند مالهيءَ لکيو آهي ته، ”سنه1940ع هو. (تاريخ ياد ڪانهي) صبح جو اٺين وڳي ڌاران سي.آءِ.ڊي جو هڪ هندو انسپيڪٽر آيو. حشوءَ درکوليو ته پوليس انسپيڪٽر چيس ته تون (پنھنجين سياسي سرگرمين ڪري) گرفتار آهين.حشوءَ مون ڏي نھاري چيو ته،”تون گهر وڃ ۽ منھنجو ڌوتل ڪُڙتو ۽ پاجامو کڻي اچ ته مان پائي انسپيڪٽر سان وڃان.ڊائري يا نوٽبُڪ به آڻج“.،”مان ٽئي نَنگَ کڻي آيس ته چيائين ته ”محمد امين کوسي سان وڃي مل ۽ چئينس ته منھنجي ضامن جو بندوبست ڪري“، گوبند مالھي لکي ٿو ته، ”حشوڪيولراماڻي ڪراچيءَ جي آرٽس ڪاليج ۾ پڙهندو هو، جيڪو ڊي.جي.ڪاليج جي هڪ انيڪسيءَ ۾ هو.اُن جو ڊي.اين هو پروفيسر ايڇ.ايم.گُربخشاڻي.ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين فيون گهٽايو ۽ قسطن ۾ وٺو. اُنھيءَ هلچل جو روح روان هو حشو ڪيولراماڻي. هُوڪاليج جو شاگرد ڪونه هو.انگلينڊ مان تعليم پرائي آيو هو ۽ هندستان جي، انگريزن کان آزاديءَ جو اُتساھه کڻي آيو هو. جوان ۽ رُعبدار پرسنلٽيءَ جو مالڪ هو. گڏيل سڏيل انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالھائيندو هو ۽ هٿن جي حرڪت سان ڪافي اثردار اڳواڻ لڳندو هو. مان حشوءَ کي پري کان ڏسندو هُئس. دل ئي دل ۾هُن جي تنظيمي صلاحيتن ۽ ليڊر شِپ جي قوتن جو داد ڏيندو هئس. مون حشوءَ ۾ آدرشي اڳواڻ ڏٺو. بهادر ۽ مقصد سان سچو. ساٿين سان برابريءَ واري سلوڪ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو.هُوصبح جو سوير گهران نڪرندو هو.پوءِ سڄو ڏينهن هل هلان“. هي سنڌ جو سچو،بي باڪ، ۽ مُسلسل سفر ۾ رهندڙ کاهوڙي حشوڪيولراماڻي ڪڏهن به مُنهن مونن ۾ وجهي هڪ هنڌ نه ويٺو نه ئي هُن ڪڏهن کرڪڻا لاهي سُک جي ننڊ ڪئي.بلڪه هُو ته جاڳ ۽ سُجاڳيءَ جو اُهوجُھونجھار هُيو،جنهن جي خوابن کان وڌيڪ ساڀيان سان ياري هئي،جنهن پربت پربت پيچرا اورانگھي،نئين سوچ ۽لوچ کي پئي سنواريو.سچ ته اهڙن لوچيندڙ۽ انقلابي جدوجهد جي سرواڻي ڪندڙ انسانن تي تاريخ توڙي قومون فخر ڪنديون آهن ۽ سندن تيز ترين مُثبت تحرڪ مان ايندڙپيڙهيون،نسل اُتساھ ۽ حوصلا پائي،اُنهن جي جدوجهد جي تسلسل کي وڌائيندا،اڳتي وٺي ويندا آهن.سنڌ ۽ هند جي ناليواري دانشور،اديب،قومپرست سياستدان ڪيرت ٻاٻاڻي،جنهن کي سيد جي جدوجھد دوران هند جي سنڌين جو جي.ايم.سيد قرار ڏنو ويو آهي، اُن پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪُجهه ٻُڌايم، ڪُجهه لڪايم“ ۾حشوڪيولراماڻيءَ لاءِ هيئن لکيو آهي ته، ”حشوڪيولراماڻيءَ سان به اُن سمي، منهنجي ڪراچيءَ ۾ مُلاقات ٿي.هُو شھاڻي لا ڪاليج جي سامهون، ڪنھن جڳهه جي هڪ ننڍي فلئٽ ۾ اڪيلو رهندو هو.حشو ڪيولراماڻي هڪ وڏو انقلاب پسند شخص ۽ اعليٰ قد جو ٻُڌيمان هو.سندس جيون ڪھاڻي تمام دلچسپ ۽ اڌڀت رهي آهي، پر اُن جو تفصيلي احوال مان هِت نه ڏيئي سگهندس، ڇاڪاڻ ته اُهو منھنجي ڪھاڻي کان به وڏو داستان ٿي ويندو پر پوءِ به کيس پنھنجي طرفان خراج عقيدت پيش ڪندي،پاٺڪن کي اهڙي اعليٰ درجي جي مُفڪر جي جيون ڪهاڻيءَ جي جَهلڪ ضرور پَسائيندس. حشوڪيولراماڻي سنڌ جي اُنھن چند آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن بُلند پائي جي عاقلن مان هو، جن تي سنڌي جاتي بجا طور فخر ڪري سگهي ٿي.1939ع ۾ هُوانگلينڊ مان واپس وريو ۽ فورن ڪراچي مزدور تحريڪ ۾گهڙي پيو. اُن ئي سال ٻي مھاڀاري جنگ ڇڙي پيئي. هٽلر جي فاشسٽ طاقتن جي خلاف سڄي دنيا جي جمھوري ۽ ترقي پسند عناصرن ۽ شڪتين ملي،آواز بُلند ڪيو، حملي جي نِندا ڪئي. حشوڪيولراماڻي پڻ پنھنجن ساٿين قاضي مُجتبيٰ (پورهيت اڳواڻ) سنتوش ڌرماڻي ۽ پريتم ٽھلراماڻي (وديارٿي اڳواڻ) سان ملي، وديارٿين ۽ پورهتين ۾ جنگ خلاف ڪراچيءَ جي رستن ۽ گلين ۾ جلوس ڪڍي پرچار ڪيو، جنھن ۾هن انگريزي سلطنت شاهي خلاف ۽ ڀارت جي آزاديءَ جي حق ۾ به زوردار ڀاشڻ ڏنا.انگريز سرڪار بغاوت جي ڏوھ ۾ حشو ۽ سنتوش کي 1940ع ۾گرفتار ڪري وڃي ڪراچي جيل ۾ بند ڪيو. هڪ سال جي سزا ڪاٽي جڏهن ٻاهر نڪتو ته صفا خاموش ٿي ويو. گُذر بسر جو به ڪو وسيلو ڪو نه هوس. ڪٿان گُذران ڪندو هو، تنھن جي ڄاڻ ڪا نه پوَندي هئي. ڪي سَرنديءَ وارا دوست ۽ ڪي شَرڌالو شاگرد شايد سندس مدد ڪندا هئا. حشوءَ سان سندس چانھه جي ڪوپ تي ويھي، ماٺ ڪري سندس چِڻنگائي ويچار ٻُڌڻ هڪ قسم جي ذهني مجلس هئي. هُو سياسي ڄاڻ ۽ علم جو ڀنڊار هو ۽ انگريزي ڀاشا تي ايڏو ضابطو هوس، جوخود انگريز به حيران ٿي وڃن. ڪنھن به وشيه تي، هڪ ته وڏي اختياريءَ سان ڳالھائيندو هو ۽ ٻيو ته سندس لفظن ۽ دليلن ۾ ايترو ته زور هو ڄڻ تيز ڌارا وهندي ٿي وڃي، بنا بيھڻ جي. کيس ٻُڌڻ ۾ آنند ايندو هو ۽ ڪافي ڪُجهه علم حاصل ٿيندو هو. راڄنيتي فلسفي ۾ ته هُو پرٻيڻ هو. پر ٻين علمن ۾ پڻ سندس حاصلات حيرت جهڙي هئي. مان اڪثر وٽس فلئٽ ۾هليو ويندو هوس. کيس چانھه جي دعوت ڏيئي ڀر واري ايراني ريسٽارنٽ ۾وٺي ايندو هوس. ٻه چانھيون ۽ کارن بسڪيٽن جي هڪ پليٽ گهرائي وٺندو هوس. هڪ چانھه تي ٻه ٽي ڪلاڪ لڳاتار سڄي دنيا جي سياست تي ڳالھائي ويندو هو. مان سندس ڳالھائڻ کان ڏاڍو مُتاثر ٿيندو هوس. ٿورن سالن کان پوءِ حشو دهلي ڇڏي اچي بمبئيءَ ۾ وسيو پر سندس ذهني ميزان ٺيڪ نٿي لڳو. اهڙو ڇا ٿي گُذريو جو، سندس من ۽ دماغ جي اِسٿتي بِگڙي ويئي هئي.هُن جو وهنوار ۽ ويچار ڪُجهه اَساڌارڻ پئي لڳو. ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين. ويجهن دوستن وٽ ويندو هو. ڪنھن کان ٻه روپيا، ڪنھن کان پنج روپيا ته ڪنھن کان ڏھ روپيا گهري وٺندو هو، ائين چئي ته ”مان اُتم گرنٿ (World Classic) ويٺو لکان، جنھن مان لکن ۾ مون کي رايلٽي(اُجورو) اَچڻو آهي. مان هيءُ قرض طور ٿو وٺان، جيڪي پنھنجي ڊائريءَ ۾ داخل ڪندو ٿو وڃان ۽ جيئن ئي منھنجي رقم آئي ته مان سڀني کي اُهو قرض موٽائي ڏيندس.....“. ائين هُو چانھه ،ڊٻلروٽيءَ تي گُذران ڪندو هو. سگريٽ کان سواءِ به رهي نه سگهندو هو.هڪ ٻئي پُٺيان ڦُوڪيندو ويندو هو. سَستي اگهه وارو سگريٽ خريد ڪندو هو. ڳالھائڻ ۾ پوندو هو ته ڄڻ بند ٽُٽي پيو. نڪو ڪنھن کي ڳالھائڻ ڏيندو هو نڪو پاڻ ڪٿي دم پٽيندو هو. گهڻي ڀاڱي هوش ۽ عقل سان ڳالھائيندو هو ۽ ڏاڍو اثرائتو لڳندو هو، پر جي اوچتو جُجڪي آيس ته پوءِ پَٽي تان لھي ويندو هو. اهڙيون ادڀت ڳالھيون ڪندو جو سندس سنوائيءَ ۾ ئي شڪ پئجي وڃي. اڪثر چوندو هو، مان جيڪو پستڪ لکان ويٺو، اُن جو هڪ هڪ صفحو ڀارت جو راشٽر پتي گهرائي وٺندو آهي.... ڀارت جو پرڌان منتري اِندرا گانڌي ڪي به اهم فيصلا ڪرڻ کان اڳ مون سان صلاح ڪندي آهي، جيڪي به دنيا ۾ نيون کوجنائون ٿين ٿيون، تن جي پھرين اڳڪٿي مان ڪندو آهيان“. مطلب ته ڪيترو ئي بيجوڙ ۽ اَڻ ٺھڪندڙ ۽ وشواس کان ٻاهر چوندو ويندو هو. ظاهرهو ته هو اُتي ـــ اهم(Super Ego) جي احساس ۾ مُبتلا هو. اها ڳالھه سڀاويڪ به هئي، جيڪو شخص ايڏو عقل جو صاحب، جو مائٽن کيس ڪلڪٽر بنجڻ جي آس سان انگلينڊ موڪلي ڏنو سو هن نموني بلڪل ناڪامياب ۽ نڪمي زندگي گهاريندو هُجي، سو پنھنجي اهم کي ڪو ته آٿت ۽ آسرو ڏيئي جيون سڦل هُئڻ جي ڀرم کي پاليندو.... رهڻ لاءِ شروعات ۾ ته پيڊر روڊ تي پنھنجي ٻُڍڙي ڀيڻ جي گهر جي کُليل بالڪونيءَ ۾ هڪ فراسي ۽ هڪ چادر سان ڪم هلائي ويندو هو،پررات جو تمام دير سان اچڻ ڪري کيس اُتان به نيڪالي ملِي. پوءِ هڪ لاوارثن وانگر ڪڏهين ڪٿي، ته ڪڏهين ڪٿي سُمھي پوندو هو، رات ڪاٽي، وري بمبئيءَ جون گهٽيون ۽ رستا ڪڇيندو وتندو هو. ڌرمشالائن ۾، پلئٽفارمن تي يا مساڻن ۾ رات گُّذاريندو هو. آخرين ڏينھن ۾ اُلھاس نگر جي مساڻن ۾ رهندو هو..... پوءِ اوچتو لاپتا ٿي ويو.آخرين وقت تي جنھن شخص کيس ڏٺو هو، سو سندس ويجهو مائٽ آهي، مسٽر ماڌوڀمڀاڻي، جنھن کان آخري دفعي هن ٽن سَوَنِ روپين جي گهر ڪئي ۽ ضد ڪري ٽي سو روپيا کيسي ۾ وجهي ٻاهر نڪري ويو.اُن ڏينھن تي اوڙڪ برسات پَئي پيئِي.گهٽيون،رستا،نديون نارا ٿي لڳا.سندس لاپتا ٿي وڃڻ جو هڪڙو اَنومان اِهو به آهي ته هو سنڌو نگر ويندي ويندي،اَهڙي ڀيانڪ رات جي اُونداهيءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي تِرڪي پاڻيءَ ۾ لُڙهي، الائي ڪٿي وڃي دفن ٿيو هوندو. ٻيوانومان اِهو به آهي ته مساڻيءَ، ٽن سَوَن ڦُرڻ جي لالچ تي.حشوءَ کي گهري اُونداهي رات جو فائدو وٺي، ختم ڪري، اُن مساڻ ۾ پوري ڇڏيو ٿو ڏسجي. اَهو انومان برک ليکڪ موهن ڪلپنا به ڪڍيو هو. جنھن به حشوءَ جي پوئين ڏينھن ۾ ڏاڍي مدد ڪئي هئي. اهڙي قسم جي رپورٽ پوليس کي به ڪئي ويئي هئي. پر اُن جو ڪو به نتيجو ڪو نه نڪتو. ڪيئن به هُجي، هڪ اعليٰ سنڌي ٻُڌيمان جي پڇاڙي هھڙي تنگ دستي ۽ درد ناڪ نموني ۾ ٿئي،سا نھايت پيڙا دائڪ ۽ اسان سڀني لاءِ ”حيف“ لائق آهي“. ڏاهيون هميشه ڏُک ڏسنديون آهن، سندن ئي ڏاهپ کين ڏنگيندي رهندي آهي، جنھن جو زهر، دل ۽ دماغ جي سرسبز سونھن ۽ سوڀيا کي نيراڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي ڏاهپ جو وِھُ، حشوڪيولراماڻي زندگي ڀر کِلندي ڪُڏندي پيئندو رهيو. ۽ علم، عقل، شعور، ڏاهپ جا رستا جوڙيندي جوڙيندي، پنھنجي اندر ۾ اهڙو ڪو ٽُٽي ۽ ڀٽڪي ويو جو پوءِ وري ڪڏهن به هُو پاڻ کي جوڙي ۽ ڳولي نه سگھيو ۽ نه وري جن جي جوڙ ڪندي ٽُٽو هو تن ئي کيس جوڙڻ جي ڳولڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي، جن جي لاءِ حشو مُئو اُهي کيس ڪانڌي به نه بڻيا. اِهو الميو حشوءَ جو نه بلڪ اُن قوم جو آهي جنھن اهڙي ناياب، باڪمال هستيءَ کي وساري پنھنجي ڌُن ۾ غرق ٿي وئي. حشوڪيولراماڻي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد ماڻي فضائن ۾ الوپ ٿي ويو. ۽ هن بي حس دنيا جي ڪينواس تي هڪ سواليه نشاني بنجي ويو. لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ جي ڀاڱي ٽئين ۾ لکي ٿو ته، ”تن ڏينهن،هندستان اسٽئنڊر اخبار لاءِ حشوڪيولراماڻي هفتيوارڪالم(Pakistan X_rayed) لکندو هو. حشوءَ جو اُهو ڪالم بيحد دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس۽ اسان ٻيئي اڪثر اُن بابت بحث مباحثو ڪندا هُئاسين. حشوءَ جي اُن ڪالم مون کي پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ ساهتڪ ماحول سان روشناس ڪرايو.
لڇمڻ، اڳتي لکي ٿو ته، ”حشوڪيولراماڻي، فوجي رَمَ جو پئوو چاڙهي ويٺو هو ۽ طارق اشرف کي چيو ته سُڀاڻي توکان پنھنجيءَ اخبار (هندستان اسٽئنڊرڊ)لاءِ انٽرويو وٺندس. طارق چيس، ”مان انٽرويو نه ڏيندس“ ”ڇو؟“حشوءَ پُڇيو. ”مان بنا ويزا جي دهليءَ آيو آهيان، ويزا رُڳو بمبئيءَ جي اٿم“ طارق چيو. حشو، باهڙجي ويو. هُو جيترو ذهين هو اوترو بخيل به هو. ”تون بنا ويزا جي هِتي ڇو آيو آهين؟ تو مُلڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تو غلط ڪم ڪيو آهي. مان حيدر بخش جتوئيءَکي تنھنجي شڪايت ڪندس.مان پيرزادي عبدالستار سان....... حشو، وڦلڻ لڳو“. حشوءَ جو اُهو وڦلڻ اِن ڳالھه جي گواهي آهي ته هو قانون توڙي ٻين مُلڪي ادارن جو ڪيڏو نه احترام ڪندو هو. هِڪ مُھذب، هِڪ باشعور، باڪردار شخص ئي اهڙي عمل جي نِندا ڪري سگهي ٿو. لڇمڻ ڪومل پنھنجي ساڳي ئي آتم ڪٿا جي ٻئي ڀاڱي ۾حشوءَ جي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينھن جي يادن کي تازو ڪندي لکي ٿو ته، ”پاسي واري فلئٽ ۾ حشوڪيولراماڻي رهندو هئو. هُو اسان جي پتي بازيءَ واريءَ محفل ۾ ته شريڪ نه ٿيندو هئوپر شام واريءَ شراب جي محفل ۾ اچي شامل ٿيندو هئو. ٻه چار پيگ پيئڻ کان پوءِ هُو انٽرنيشنل سياست تي وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ شروع ڪندو هئو. هُن جي چوڻ موجب،اِندرا گانڌي پنھنجي انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ واري شاگرديءَ واري زماني ۾ هُن جي والنٽيئر طور هُن جو هر حُڪم مڃيندي هئي. سياسي۽ سماجي سُوجهه ٻُوجهه ۽ عالمي سياست جو گهرو شعور رکندڙ، مشھور انگريزي اخبار جو مقبول ڪالم نويس حشوڪيولراماڻي پنھنجن پويَن ڏينھن ۾ مُفلسيءَ جو ڀيانڪ روپ ڏٺو. گُذر سفر لاءِ هُو پنھنجا ناياب ڪتاب ڀُڳڙن مُٺ تي وڪڻڻ لاءِ دوستن کي گهر گهرائيندو هو ۽ کانئن زبردستيءَ پنھنجا ڪتاب خريد ڪرائيندو هئو. ڪتابن کان پوءِ هُن پنھنجي گهر واريءَ کان لڪائي گهر جو سروسامان به سستو وڪڻڻ شروع ڪيو، جنھن تان ٻِنھي جي وچ ۾ سدائين جھيڙو رهندو هو.هُن جي گهر واري هُن کي صبح جو ٻه روپيا هٿ ۾ ڏيئي گهر مان ڪڍي ڇڏيندي هئي. ۽ هُو سڄو ڏينھن هِتي هُتي ڀٽڪندي، رات جو دير سان گهر موٽندو هئو. سگريٽن بدران پن جون ٻيڙيون پيئڻ لڳو ۽ فوجيءَ ڪئنٽين جي سَستي رِم تي گُذران ڪرڻ لڳو هو. هُن زندگيءَ جا پويان ڏينهن اُلھاس نگر جي جهوپڙ پٽيءَ ۾ گُذاريا، جتي ئي هُن جي لاش جو ميونسپالٽيءَ وارن مساڻ ۾ آخري اگني سنسڪار ڪري ڇڏيو هئو. هڪ رات مان بمبئيءَ ۾ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي گهر ويٺو هوس. اسان اڃان پھريون پيگ ئي ٺاهيو هئو جو در جي گهنٽي وڳي. ڪيرت جي زال سوتيا در کوليو ته حشو اندر گِهري آيو. ڦاٽل ميري قميص ۽ کُٿل پئنٽ، مھيني کن جي وڌيل اَڇي ڏاڙهي، مٿي تي ڪاري رنگ جي پُراڻي چِٻِي ٿيل فليٽ هئٽ،گُهنجيل ۽ ڏرا ڏيئي آيل اکيون.”اڙي لڇمڻ،تون؟“ ۽ مون کي ڀاڪر پائي چُپ چاپ صوفا تي ويھي رهيو. ڪيرت بي نيازيءَ مان هُن لاءِ پيگ ٺاهيو، هُو سڄو گلاس ڳيت ڏيئي پي ويو. ٿڪل، اُداس ۽ ڳاڙهين اکين سان مون ڏانهن گُهوريندي پُڇيائين، ”ٻُڌاءِ لڇمڻ، حشو اڃا تائين پاڻ ۾ هڪ مڪمل انسٽيٽيوشن(ادارو)آهي يا نه؟“ منھنجي جواب لاءِ ترسڻ کان سواءِ ئي چوڻ لڳو، ”توکي خبر آهي ته روس جو صدر خروشيف اهم ترين عالمي مسئلن تي مون سان ئي مشورو ڪندو هئو. ۽ منھنجي صلاح کان سواءِ ڪو به فيصلو نه وٺندو هئو.توکي خبر، ڄاڻ آهي ته اڄ اڌ دنيا سوشلزم طرف وڌي رهي آهي. ۽ سندن سوچ جو رُخ موڙڻ ۾ حشوءَ جو ڪيترو نه وڏو ڪردار رهيو آهي.آمريڪي صدر جو انڪشاف پڙهيو اٿئي؟ ”انگريزيءَ ۾ ڳالھائي رهيو هئو. ڪيرت مون کي اُتان اُٿاري ڪمري ۾ وٺي آيو. چيائين، ”هي هِتان سولِي جند نه ڇڏيندو، ۽ ماني کائڻ کان سواءِ نه ويندو. سوتيا بيمار آهي، اُن ڪري ماني ٻاهران گهرائڻي پوندي. تون هِن کي پنج روپيا ڏيئي کانئس جان ڇڏاءِ. مان ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيو آهيان. پئسا ملندي ئي هُو هڪدم هليو ويندو“. آلين اکين سان مون حشوءَ کي اچي صوفا تان اُٿاريو. هُوهيڏانھن نِھاري بوتل ڳولھي رهيو هئو. جيڪا ڪيرت الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏي هئي. مون کيسي مان ڏهين جو نوٽ ڪڍي چُپ چاپ حشوءَ جي تِري تي رکي هُن جي مُٺ ڀِڪوڙي ڇڏي. پئسا ملندي ئي حشو تڪڙو تڪڙو در کولي ٻاهر نڪري ويو. در جي چائنٺ تي بيٺي بيٺي مان سنڌ جي هن عظيم دانشور،اعليٰ مُفڪر، انگريزي صحافت ۾ آبرودار رُتبوماڻيندڙ حشو ڪيولراماڻيءَ کي آخري ڀيرو وڏيون وڏيون ٻِرانگهون ڀريندو، اُوندھ ۾غائب ٿيندي ڏسندو رهيس. اندر اچي ڪيرت کي چيم، ”ڪيرت، ماني نه گُهرائجانءِ. اڄ مون کان گِرھ به نه اُڪلندو“. ٻاهر اچي مون مرين لائينس وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ڪئي. ٽئڪسيءَ ۾ درين کان ٻنھي پاسي رستي جي روشنين ۾ هُن کي ڳولهيندو رهيس. متان ڪٿي هُو نظر اچي وڃي. پر دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هوس ته نه ملي ته سُٺو. ڪٿي سچ پچ ملي ويو ته مان هُن کي رات ڪٿي وٺي ويندس؟ پنھنجي ساهيڙيءَ جي گهر ۾ هُن کي رات ڪيئن رهائيندس؟ بھتر آهي ته نه ملي. ۽ حشو مون کي زندگيءَ ۾ وري ڪڏهن نه مليو“. ائين هي البيلو انسان،حالتن جي بي رحم هٿن ۾ رانديڪو بڻجي کيڏجڻ لڳو. وقت جي ستم ظريفيءَ هڪ اهل دل، ڄاڻ جي سمنڊ ۽ هڪ باصلاحيت ۽ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ حشو ڪيولراماڻيءَ کي هڪ اهڙي موڙ تي وٺي اچي بيھاريو جتي کيس ڪو به ٻانھن ٻيلي نه بڻيو. هي جيڪو سڄي زندگي، ٻين جو ساٿي رهيو هو تنھن جو آخر ۾ ڪوبه سار سنڀال ڪرڻ وارو نه هُيو. حشوءَ جو ائين اچانڪ ڳُجھارت بنجي وڃڻ، هن بي درد دنيا کان هڪ اهڙو انتقام لڳي ٿو جنهن جي پس منظر ۾ بي انتھا، بي حَسيون ۽ بيقدريون پنھنجا ڀيانڪ چھرا کڻي وڌي رهيون هُيون، جنھن ڪري ئي شايد حشوءَ وقت ۽ حالتن جي مُنھن تي اچانڪ الوپ ٿي وڃڻ جي هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي. جو ڪالھه سندس زندگيءَ ۾ جيڪي کيس نظر انداز يا نفرت ڪرڻ لڳا هئا اُهي اڄ سندس ڏاهپ جي ساراھ جا ڍُڪ ڀريندي پنھنجن لکڻين توڙي آتم ڪٿائن ۾ سندس عظمت پڻي جا ڳُڻ ڳائيندي، پنھنجي ڪانه ڪا حشوءَ سان وابسطه يادگيري يا تعلق جي ڪھاڻي لکندي سرهائي محسوس ڪن ٿا. ڪتاب ”شيخ اياز ۽ صحافت“ ۾ اياز، 16، جنوري 1993ع تي عرفان مھديءَ جي خودڪشيءَ تي لکيل مُظفر چاندئي ڏانھن ۽ روزاني برسات اخبار۾ ڇپيل خط، ”خودڪشيءَ جو خبط“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، ”مان ڀانيان ٿو ته حشو ڪيولراماڻيءَ به پاڻ کي اُلهاس نديءَ ۾ ٻوڙي ماريو هو. حشوءَ جي ڀائٽي ماڌوءَ پنھنجي گهر منھنجي دعوت ڪئي هئي، جتي مان، منھنجي زال زرينه ۽ ڪلا پرڪاش، ماڌو ۽ هُن جي زال جا مهمان هياسين. اُتي ماڌوءَ ٻُڌايو هو ته حشو“ مون کان سوروپيا وٺي، ڪُجهه نظم ٽائيپ رائيٽر تي ٽائيپ ڪري،اُلھاس نگر هليو ويو هو ۽ پوءِ گُم ٿي ويو هو ۽ هُن جو لاش به نه لڌوهو. تن ڏينھن ۾ڏاڍي برسات پئي هئي ۽ اُلھاس نديءَ ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ شايد حشو اُن ۾ ٻُڏي ويو هو. حشو جنهن علامه آءِ.آءِ قاضيءَ کي هڪ خط ۾ پنهنجي قبر جو ڪتبو ڪُجهه هِن طرح لکيو هو، ”هِتي اُهو ماڻھو رکيل آهي جيڪو اُنھن کان ڀَڄي ويو، جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي، اُن ڳالھه جي ڳولا لاءِ، جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو“. پر افسوس جو حشو، مٿيون وصيحت جي حيثيت رکندڙ جُملو ساڀيان نه ڪري سگهيو ۽ هُو خوشبوءَ وانگر هوائن ۾ تحليل ٿي ويو. جنھن جو هِن ڌرتيءَ تي هاڻ ڪوبه ڏس پتو موجود نه رهيو آهي، هُو جيڪو آدرشن جي ڳولا ۾سڄي عمر ڇُڙواڳ زندگي جيئندو رهيو. جنھن جي جيئڻ جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ به هڪ وڏو حوصلو، همت، جُرئت ۽ اڏولتا هئي. اُن حشوڪيولراماڻيءَ جي زندگيءَ جا مُختلف احوال تحرير ڪندي مان نه ڄاڻ گُذريل ڪيترن ڏينھن کان ڏُک جي سُرمئي احساس ۾، عجيب پيڙا جي ڪيفيتن مان گُذرندو رهيو آهيان، ۽ اکين ۾دُکندڙ، دُود ۾، حشوءَ جهڙي اَڻ ڏٺل شخضيت ۽ ذهانت جو ڪنهن عاشق جيان تصور جوڙيندي، جوڙيندي، پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ جي ڏاهِي محبوب هستيءَ جي درد ۾ روحاني طور تي ڏاڍو غم زده رهيو آهيان.

(03 ڊسمبر 2013ع)


مددي ڪتاب:
1. جنب گُذاريم جن سين.. سائين جي.ايم.سيد
2. اڄ پڻ چڪيم چاڪ.. سائين جي.ايم.سيد
3. خط،انٽرويو،تقريرون.. شيخ اياز
4. ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون.. شيخ اياز
5. ڪتين ڪَرَموڙياجڏهن (ڀاڱو پھريون) شيخ اياز
6. ڪٿي ته ڀڃبوٿَڪ مُسافر (ڀاڱوپھريون) شيخ اياز
7. ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مُسافر (ڀاڱو ٻيو) شيخ اياز
8. سَرَ، لوهيڙا ڳڀيا... شيخ اياز
9. هرڻ اَکي ڪيڏانھن... شيخ اياز
10. ساهيوال جيل جي ڊائري... شيخ اياز
11. وڏي وٿ هُئام.. سوڀوگيانچنداڻي
12. سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر... غلام رباني آگرو
13. سنڌڙي منھنجي جندڙي...گوبند مالھي
14. ڪُجهه ٻُڌايم، ڪُجهه لڪايم... ڪيرت ٻاٻاڻي
15. وهي کاتي جا پنا (ڀاڱوٻيو) لڇمڻ ڪومل
16. وهي کاتي جا پنا (ڀاڱوٽيون)لڇمڻ ڪومل
17. شيخ اياز ۽ صحافت... شيخ اياز

چندن جي ڪاٺ جي خوشبوءِ جو خواب

چَندن جي ڪاٺ جي خوشبوءِ جو خواب: (دادا هري موٽواڻي سنڌيءَ جي وڇوڙي تي)

سنڌ ۽ هند جي سنڌي ساهتڪ ياترا منھنجي من ۾ هميشه احساس ۽ دردن جا ڪيئي مچ پئي مَچايا آهن ۽ ڌرتيءَ کان زوري ڌِڪي ڌار ڪيل پنھنجن جي پيڙا جي ٻن ڀاري پُڙن ۾ اَن جي داڻن جيان پنھنجي سيني ۾ شاعراڻي حساس دل کي پيسجندو پئي محسوس ڪندو رهيو آهيان. سنڌ ۾ رهندي سنڌي ادب جو آئينو آسانيءَ سان اکين جي آڪاس تي ستارن جيان روشن رهيو آهي. پر فطرت جي مرضيءَ خلاف ٿيل ستيتاليھه واري ورهاڱي جي زد ۾ آيل سنڌ ۽ سنڌي ماڻھوءَ جي اچانڪ ورهائجڻ بعد سنڌ ڌرتيءَ کان زوري جلاوطنين جيان شرنارٿي بڻجي ڪئمپن ۾ رهندي، هندو سنڌي اديب توڙي عام ماڻھوءَ جي جلاوطنيءَ جي دُکندڙ درد مان، تخليق ٿيل ادب منھنجي نگاهن کان گهڻي قدر اوجهل رهڻ جي واسطي، آئون اڃان به ويتر اُن ڏانھن هميشه هڪ عجيب ۽ بي ناءُ ڇِڪ ۾ ڇِڪبو، ڇھاءُ جو اُتساهه پئي محسوس ڪندو رهيو آهيان. پر پوءِ به هند جو ڪجهه سنڌي ادب سڌو سنئون ڪتابن يا رسالن جي صورت ۾ يا وري سنڌ ۾ ڇپايل ڪتابن جي صورت ۾ اُن کي پنھنجي روح جي گهراين ۽ سچاين سان پڙهي هند جي سنڌين ۽ انھن جي ادب سان بي انتھا اُنس پئي محسوس ڪيو اٿم.
اهو ئي مُحبتن جو ڀرپور ثبوت آهي جو مون نثر ۾ هري موٽواڻي سنڌي، موهن ڪلپنا، موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، سُندري اُتم چنداڻي، لعل پُشپ، موتي لعل جوتواڻي، ريٽا شھاڻي، لڇمڻ ڪومل، ڪرشن کٽواڻي هيروٺڪر، رام پنجواڻي، موهن پنجابي، گوبند مالھي، ستيش روهڙا، ڪيرت ٻاٻاڻي، منگها رام ملڪاڻي، شام جئسنگھاڻي، وشنو ڀاٽيا، ارجن شاد، پريم پرڪاش، نند ڇڳاڻي، هولا رام هنس، جگديس لُڇاڻي وغيره ۽ شاعريءَ ۾. هريڪانت، نارايڻ شيام، ايم ڪمل، واسديو موهي، لڪشمڻ دُبي، ارجن حاسد، ڍولڻ راهي، شريڪانت صدف، ومي سدا رنگاڻي، نند جويري، هوتو سنڌو پياسي، گورڌن ڀارتي، سچانند جئسنگهاڻي، ڪرشن راهي، پارو چاولا، ڪمل پياسي وغيره جون ڪجهه ڪجهه لکڻيون اکر، اکر پڙهي پُرجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ۽ مون اُن سموري تخليقي پيڙائتي سفر جي ظاهر توڙي باطن ۾ جيڪو سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ۽ عشق جو جذبو، جيڪا اُنس جي لاٽ روشن، وڇوڙي جي درد جي جيڪا گهرائي ۽ گهاءُ محسوس ڪيو آهي. اُهو منھنجي وياڪل من کي ڀرپور وشواس ڏياريندو رهيو آهي ته سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب وغيره جي سدا امر رهڻ ۾ هند جي سنڌي اديبن يا عام لوڪن جي والھانه محبت ۽ عشق جي عقيدت به وڏو درجو، مقام ۽ اهميت رکي ٿي. اهو رنگ ۽ ڍنگ مون سرحد جي پريان جي لکڻين ۾ روح ۽ احساس جي اکين سان ڏٺو ۽ شدت سان محسوس ڪيو آهي. پر اهڙو يقين پھريون ڀيرو 16 ڊسمبر 2004ع جي سامونڊي ڀنل شام جو هندو جيم خانا ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي پاران هند جي سنڌ ۾ آيل اديبن جي مانُ ۾ ”آجياڻو ۽ امن مشاعرو“ ۾ ٿيو هو. جنھن ۾ مون به هندو اديبن جي مُحبتن ۾ احترامن هڪ وائي:

پکي پرديسي،
آيا آهن ديسَ ۾
هاءِ! ڌرتيءَ جا ڌڻي،
بڻجي پرديسي، آيا آهن ديس ۾

پڙهي سندن آجيان ڪئي هئي. اُن ويل ڪڪرن ۽ ستارن جي ڇانوَ ۽ چوڏس ٿڌڙين هوائن ۾ لڇمڻ ڪومل، هيروٺڪر، نند جويري ۽ ٻين سان گڏ، اسان کان ۽ پنھنجي جيجل سنڌ کان تازو اوچتو وڇڙي ويل، سنڌ، هند جي سنڌي ادب جي جاکوڙي، کاهوڙي ۽ ڪونجُ جهڙي شاهڪار، ادبي ۽ تخليقي رسالي جو جفاڪش روح روان دادا هري موٽواڻي سنڌي پڻ پنھنجن سمورين مُحبتن سان سرشار موجود هو. اجرڪ جي پٽڪي، برف جھڙي اڇي ڏاڙهي، ڀوري گلابي رنگ تي اڇي شلوار قميص پھريل ڏيئن جيان روشن اکين تي اڇن شيشن وار نظر جي عينڪ ۾ بنا ڪنھن وڌاءُ جي مون کي هري موٽواڻي ”سنڌي“ ڪو صوفي منش ۽ درويش صفت انسان نظر آيو هو. ايڏو ملنسار ۽ پنھنجائپ ڀَريو. جو اسان ڪاڪا يا دادا چئي ساڻس ڪچھري ڪري رهيا هئاسين. مان پنھنجي پيارن دوستن ستار سندر، زاهد راڄپر، عامر سيال ۽ ٻين جي ساٿ ۾ ڪاڪي هري سان مُختصر وقت ۾ ايترو ته هري ملي وياسين جو ڄڻ ڪو سالن کان هر روز ملندا هئاسين. سندس لھجي ۾ نھٺائي، پر، آواز مان ايڏي جوان جذبن جي خوشبو ٿي آئي جو آئون سندس آواز جي ٿڌين لھرن ۾ پاڻ کي مخمور ڀانئين رهيو هئس. گهڙي گهڙي مختلف دوستن سان کيس فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ فرمائش ڪري رهيا هئاسين پر هي سٻاجهو سائين هر ڀيري پنھنجن تحريرن جيان تازو توانو ۽ چھري تي مُرڪ، سجائي، نظر ايندو رهيو. ستارسندر ۽ مون جڏهن ٻين هند مان آيل اديبن کي سوکڙي طور پنھنجا شعري ڪتاب ڏنا ته دادا هري کي به تعارف ڪرائيندي پنھنجا ڪتاب ڏنم. ته وڏي پنھنجائپ مان ڀاڪر ڀري چيائين ”اڙي بخشل ڪھڙا حال اٿئي. تون ته عمر ۾ تمام ننڍو آهين ”تنھنجي شاعري پڙهندو آهيان“.
سچ ته دادا، هري جا اُهي پاڻ بابت پنھنجائپ ڀريا جملا ٻُڌي ائين لڳو ڄڻ مون کي منھنجي تخليقي پورهئي جو ڪو وڏو انعام ملي ويو هجي. ائين اُنھن محبتن جي احساسن کي سانڍي زندگي جي گجگاهه سفر ۾ گُم ٿي ويس ته هڪ ڏينھن اوچتو پھرين فيبروري 2005ع جي ڪچڙي ۽ سرد منجهند جو گهر جي درتي ٺڪ ٺڪ ڪندي ٽپاليءَ وڏي آواز ۾ چيو ته ”بخشل تو لاءِ بمبيءَ مان پوسٽ آئي آهي“. مان تڪڙو تڪڙو ٻاهر اچي تجسس ۾ کائنس پوسٽ وصول ڪري وڏي اتساهه مان کولي. دادا هري جي هٿن سان ”ڪونج“ رسالي جا هري موٽواڻي سنڌي نمبر جا ٽي پرچا خود، دادا هري مون ڏانهن بمبئيءَ مان پوسٽ ڪري موڪليا هئا. جن مان هڪ منھنجي نالي ٻيو ستار سندر لاءِ ۽ ٽيون ڪنھن به دوست لاءِ هو. سچ ته مون کي زندگيءَ جي چند انتھائي وڏين خوشين مان اُها خوشي تمام مٿاهين ۽ اعزاز مثل محسوس ٿي. اهڙي خلوص ۽ سڪ جي موٽ مون دادي هريءَ جا فون تي ٿورا مڃيندي ڏني. انھن چئن پنجن منٽن جي مختصر پر ڄڻ صدين تي محيط، ڳالھه ٻولھه دوران به هُن سموري سنڌ، ۽ سنڌي اديبن لاءِ حال احوال پئي معلوم ڪيا. تار جي ذريعي ڏور کان ايندڙ دادي هري جو آواز صفا ڪنھن نوجوان جو پئي پاسيو. مون پڪ ڪرڻ لاءِ شڪجي پُڇيو ته توهان ڪير پيا ڳالھايو ته دادي هري پريان چيو. ته ”بابا هري پيو ڳالھايان هري“. ڇو ته مون ڪونج رسالي جي آفيس واري نمبر تي ساڻس ڳالھايو هو ۽ مون سوچيو ته متان ڪو ٻيو ڳالھائيندو هجي. سنڌ جي اهڙي سدا حيات عاشق، پنھنجي دل ۾ ڌرتي کان دوري جي درد کي روشن رکندڙ دادا هري سدائين پنھنجي قلم ۽ سوچ کي سنڌيت جي رشتي کان ڪڏهن به لاتعلق يا اوپرو نه ٿيڻ ڏنو. جنھن جو ثبوت هُن پنھنجي وصحيت ۾ هِن ريت ڪيو هو ته ”منھنجي خاڪ اڌ سنڌؤ ۾ ۽ اڌ گنگا ۾ وهائجو“. اِهو ئي ڪارڻ هو جو هُو بار بار سنڌ اچڻ لاءِ اُتاولو هوندو هو ۽ چوندو هو ته ”منھنجو هر هر سنڌ ۾ اچڻ جو مقصد به اهو آهي ته جيئن مان پنھنجي ڌرتيءَ جي گود ۾ دم پرواز ڪريان“. يا سندس سنڌ سان عشق جو هڪ ٻيو تحريري روپ، رنگ جيڪو هُن پنھنجي هڪ لکڻي ”چندن جي ڪاٺ جي خوشبو“. ۾ هِن ريت اجاڳر ڪيو آهي ته ”مان موهن جي دڙي مان لڌل گهڙو آهيان، مون ۾ سنڌو ۽ گنگا جو جل ڀريل آهي، مان پنج هزار سال پُراڻو موهن جي دڙي جو نشان ــ ڏاند آهيان. مان اُهو ئي شاهي کوهه آهيان. جنھن جو پاڻي ڪڏهن سُڪڻو ناهي، مان اتھاس جا ورق آهيان، مان سونھن جو پُوڄاري آهيان. مان سڌارٿ جيان استريءَ جا اُرهه ڏسي اُن اڳيان مستڪ جُهڪايان ٿو. مان سنڌو پتر آهيان. مان امن جو پوڄاري آهيان. مان پنجن هزار سالن کان سنڌي آهيان“.
افسوس پراڄ اهو سنڌي پنھنجي دل جي بيوفائي ڪري پنھنجي طبعي حياتي سنڌ ۽ سنڌي ادب جي عشق ۾ لازوال بڻائي ڪونج جي گونج جيان اُڏامي هليو ويو. سنڌ جي ڪونج کي اڪيلو ڪري ويو. پرهو تاحيات ادب جي آرسيءَ ۾، لفظن جي روپ ۾ اسان جي احساسن ۾ سمايل رهندو. مصنوعي سرحدن توڙي جو هُن جي وجود کي اڌ صديءَ کان وڏي جلا وطنيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو هو ۽ هو هر گهڙي هر ساعت پنھنجن ۽ پنھنجي اباڻي سنڌ لاءِ تڙپندو رهيو. پر هاڻ هُن جو روح سڀئي سرحدون اورانگهي بنا جهل پل جي پنھنجي جيجل سنڌ جي گوشي، گوشي کي روح جي اکين سان ڏسي مرڪندو ۽ خوشي ۾ اُڏرندو هوندو. ڇاڪاڻ جو دادي هريءَ جو سنڌ سان عشق روحاني هو. جنھن جا رنگ سندس تحريرن ۾ اُداس نگاهون کڻي سنڌو ڏانھن نھاريندا نظر ايندا آهن. دادا هري سنڌي ادب جي دنيا ۾ تحريري توڙي عملي صورت ۾ پنھنجي سنڌ سان عشق واري تخليق ”سنڌيءَ“ سان مڪمل طور تي نڀاهيندڙ، سنڌ جو سچو سپاهي هو. هُو لڳ ڀڳ چاليھارو سال کن هند ۾ ”ڪونج“ رسالي جھڙي معياري، ادبي ۽ تخليقي سفر جو جاکوڙي ايڊيٽر بڻجي هند ۽ سنڌ ۾ ”ڪونج“ جي گونج کي جهرجهنگ ۾ پُھچائيندو رهيو. اُن کان علاوه ڪونج پبليڪيشن پاران کوڙا سارا ادبي ڪتاب پڻ ڇپائيندو رهيو. جن کي معيار جي ڪسوٽيءَ تي هندستان جي وڏي ادبي اڪيڊمي ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام ۽ ايوارڊ پڻ مليا. ”ڪونج“ جي اهميت ۽ افاديت لاءِ ڪونج جي باقاعده پڙهندڙ رام ڄيٺملاڻي (ميمبر راجيه سڀا نئين دهلي بمبئي) لکي ٿو ته ”مون کي ٻُڌائيندي فخر ٿو محسوس ٿئي ته جڏهن هري موٽواڻيءَ جي ”ڪونج“ مخزن مون وٽ پُھچندي آهي ته مان هٿ وارو انگريزي ڪتاب چاهي اخبار ھڪ پاسي رکي ”ڪونج“ پڙهڻ شروع ڪندو آهيان. اِهو سلسلو ڪيتري وقت کان جاري آهي. مون کي ڪونج اُن ڪري به وڻندي آهي جو اُن ۾ ڪافي ادبي مواد، ڪھاڻيون، شعر، ۽ مضمون ته هوندا ئي آهن. پر خاص ڳالھه اِها به هوندي آهي ته اُن ۾ سنڌ جو حال احوال ۽ ساهت به ججهو هوندو آهي. مان اهو احوال چاهه سان پڙهندو آهيان. اهڙي نموني سنڌ وارن سان دوستي وڌائي ويئي آهي ۽ اچ وڃ جي پُل ٺاهي ويئي آهي. شاباس هُجيس جو هيڏيءَ وڏي عمر ۾ پريس ۾ اچ وڃ ڪندي، مخزن ڇپائي اسان کي ريگيولر موڪليندو رهي ٿو. سندس جيتري قدر شناسي ڪجي ٿوري آهي“...! سنڌي ادب جو هي ڪنول جهڙو سفيد فرشتي نُما شخص بقول نصير مرزا جي ”اينگري اولڊ مين“ 30 نومبر 1929ع ڌاري لاڙڪاڻي سنڌ ۾ جنم ورتو ۽ تعليمي اعتبار کان سنڌي جا چار اکر يعنيٰ چار درجا پرائيندڙ بظاهر گهٽ علمي لياقت هئڻ جي باوجود هُن ڪيترن ئي نالي ۾ نھال، آڪسفورڊ، ڪيمبرج ۽ ٻين وڏين يونيورسٽين مان وڏين وڏين ڊگريون. درجا حاصل ڪندڙن کان تمام گهڻو ڪجهه پرايو ۽ جاکوڙيو پنھنجي ذهن جي هر گوشي ۾ سنڌيت جي لاٽ کي روشن رکندڙ اسان جو مانوارو سائين دادا هري سنڌ مان لڏڻ کانپوءِ سماجي زندگيءَ ۾ معاشي حوالي کان. 1950ع تائين ڪپڙي جو دُڪان، 1951ع کان مٺائي جو دُڪان رهيا ۽ 1961ع کان وٺي ڪونج جي قُرب جو ڪاپڙي زندگي جي آخرين گهڙين يعني 7، مئي 2006ع بڻيو رهيو. دادا هريءَ جي تخليقي ۽ جفاڪش ذهن، عُشتاق روح، ۽ قلم جي ڪلڪ جا تجلا هِن جي سڀني لکيل ڪتابن جهڙوڪ ”هڪ لھر“ ، ”ڌرتي“، ”خود دار“، ”اڇا وار، ڪارا ڀوئنر“ ۽ آزاد فضا ۾ (ڪھاڻي ڪتاب) ”اَجهو“، ”اَبو“، ”پاڻيارا پکي“، ”ٻاهر نڪرڻ جو رستو“، ”ڪؤڙو سچ“، (ناول ڪتاب) ”ڀنگار“، (ناوليٽ) ”جڪڙيل جن سان جند“، ”ماٽيءَ منجهه مَھي“، (سفرنامو) ”آخرين پنا“، (آٿم ڪٿا) ۽ اُن کان علاوه مختلف سنڌي ادب جي مھا شخصيتن جهڙوڪ، منگهارام ملڪاڻي، شيخ اياز، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ارجن حاسد، هرو مل سدا رنگاڻي، ارجن شاد، وشنو ڀاٽيا، امر جليل، طارق اشرف ۽ رام لالچنداڻي تي شاندار خاڪن، مضمونن، انٽرويوز ۽ ٻين لکڻين ۾ پَسي ۽ محسوس ڪري سگهجن ٿا. ڪھاڻيڪار، ناول نويس، شاعر، اديب، ايڊيٽر، دادا هري موٽواڻي سنڌي جي تحريرن جو معيار اُن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، ”خود دار“ ڪھاڻين جي ڪتاب تي مھاراشٽر سنڌي ساهت پاران، ”ابو“ ناول تي رام ڪرشن جئه ديال هارمني طرفان، ”اجهو“ ناول تي مرڪزي اڪادمي طرفان، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جي مانُ ۾ گوبند مالھي ڪلچر اڪادميءَ جو ۽ پروفيسر رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچرل سينٽر طرفان انعام ۽ سنمان ملي چڪا آهن. تنھن کانسواءِ سنڌ جي هِن چار اکر پڙهيل ڏاهي ۽ داناءَ جو هڪ ناول ”ابو“ راجستان يونيورسٽيءَ جهڙي تعليم جي اعليٰ ۽ مُھذب شعبي ۾ درسي ڪتاب طور رکيو ويو آهي. جنھن ناول لاءِ هند ۽ سنڌ جي وڏي ڪھاڻيڪار، موهن ڪلپنا جا ويچار هِن ريت آهي ته ”ابو“ اڄ صبح هٿ ۾ کنيم ۽ اٽڪل ٽن ڪلاڪن ۾ پڙهي پورو ڪيم. جي نقاد ڪتاب کي اڇاترو پڙهندا. تن کي اڇاترو ڏسڻ ۾ ايندو. نه ته ڪتاب ۾ ڪافي گهرائي آهي. درد جو درياهه آهي. ”ابو“ سنڌ ۽ هند جي تاريخ آهي. ماڊرن ناول ڪلا ۽ ٽيڪنيڪ جي خيال کان ڪافي اڳيان وڌي چُڪو آهي. ”ابو“ صداقت سان لکيل قابل اعتماد هڪ تاريخي اَنڀو آهي. ابو ورهاڱي جي درد جو سنڌيءَ ۾ پھريون ۽ في الحال آخرين ناول آهي. زبان جون، اظھار جون، ڪي ڪميون پيشيون آهن مگر نمورين ۽ ستيءَ جي پيلن، سونن درن جي ڀيٽ، کِل ۾ هارمونيم جي راڳڻي، ورهاڱي بعد تڪڙين شادين ۾ پڪل ميون جي وڻن جو هيٺ لھي اچڻ يا شروعات ۾ رئيس جي حرم کان آيل، بصر جي بي نڪاحي زال جو گهٽيءَ تي اثر ۽ واپس ورڻ، نھايت اثرائتا داستان آهن. اگر اِن ڪتاب ۾ داخليت جو جذبو ۽ تلخ اظھار جي طوالت ڀرجي ته اهو اڃا به وڌي هزار صفحن جو ٿي سگهي ٿو. ”ابو“ پڙهي پورو ڪرڻ بعد اکين جي ڪُنڊن ۾ جاگرم پاڻياٺ جمع ٿي اُها ئي منھنجي هِن ڪتاب لاءِ نجي ذاتي خانگي راءِ آهي. ماڊرن ناول جي ٽيڪنيڪ ۽ ماڊرن ڪلا تنھنجي جذبي جي صداقت ۽ سادگي غير مناسبت بخشي ٿي“. اُن سان گڏ ناول ”اجهو“ پڻ ٽيڪسٽ بُڪ طور مقرر ڪيو ويو آهي“. سندس تحريرن ۾ سچن جذبن جي سادگيءَ جي سونھن متعلق سينيئر توڙي جونيئر هنڌ جا ناليوارا سنڌي اديب پنھنجو اظھار هِن ريت ڪن ٿا. جن ۾ پروفيسر ڪنعيال لال تلريجا، ”ابو“ ناول بابت چوي ٿو ته ”هي ناول هر هڪ سنڌي کي پڙهڻ گهرجي ۽ هر سنڌيءَ جي گهر ۾ هجڻ گهرجي“. ”اَجهو“ ناول (جيڪو ورهاڱي بعد، ڀارت ۾ سنڌين جي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو) کي ”وشنو ڀاٽيا“ پڪو پُختو ناول چوي ٿو. ”گنوسامتاڻي“، ”اَبو“ ناول کي پسند ڪرڻ کانپوءِ ڪھاڻي ”اڇاوار ڪاراڀونئر“ کي گهڻو پسند ڪري ٿو. ”ڌرتي“ مجموعي جون ڪھاڻيون ۽ ”ابو“ ناول پڙهڻ کانپوءِ لکمي کلاڻي چوي ٿو ته ”مان مُنجهي پيو آهيان ته ٻنھي مان شاهڪار ڪھاڻي ڪنھن کي چوان“. پروفيسر شري ايسراڻي ”قسم“ ڪھاڻي لاءِ چوي ٿو ته ”مون کي ڪھاڻي ڏاڍي وڻي آهي. جيڪا انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ جهڙي آهي“. ”خود دار“ ڪھاڻي ڪتاب تي تبصرو ڪندي گوبند مالھي لکي ٿو ته ٻارنھن ئي ڪھاڻيون ”خود دار“ ۽ ”بند ڪمري جي کُليل هڪ دري“، هِن مجموعي جي بھترين ڪھاڻين ۾ شماري سگهجن ٿيون. اهڙي ڀرپور راين جي روشنيءَ ۾ به داد هري جي من ۾ هڪ صوفي ليکڪ موجود رهيو. جيڪو ڪڏهن به دنياوي ڏيکاءُ ۽ گهمننڊ ۾ ڪڏهن به نه ڀٽڪيو. هو سدائين شاگرد رهڻ ۽ سکڻ جو شائق ۽ پنھنجي مرشد لطيف جي ”ڳوليان، ڳوليان مَ لھان“ جو جاکوڙي پيروڪارهو بقول سندس ته ”ڪو به اديب اهڙي هام نٿو هڻي سگهي ته هو مڪمل آهي. پريپورڻ آهي. گوبند مالھي چوندو هو ته ”جان جيئين، تان سِکُ“، مان اوهان کان سکان پيو. اسين سڀ سکون پيا. سکڻ ئي ڪنھن به ليکڪ جوان توڙي ٻُڍي لاءِ اهم ڪار گذاري آهي. هِڪ اڀياسي چوڻي آهي ته ”جيئن مچ، تيئن پچ“. اِن چوڻيءَ مطابق دادا هري اِن تي عمل ڪندي تاحيات پنھنجي من اندر ۾ دردن جا کورا کڻي جيئندو پر ڀرپور جئيندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هو هڪ ليکڪ ۽ عاشق هئڻ جي ناتي زندگي ۽ ڪائنات کي حُسناڪ نگاهن ۽ عشق جي آس سان نھاريندو رهيو ۽ اکرن جي اُڻت احساسن ۽ جذبن جي فن جي عڪاسي ڪرڻ ۾ مگن رهيو. دادا هري زندگيءَ جي سڀني تلخين کي عشق جي پئماني ۾ اوتي پاڻ ئي موکي ۽ متارو بڻجي امرت جيان، ڌُڪ، ڍُڪ پيئندو ۽ جيئندو رهيو. دادا هري ادب جا تلخ تجربا ڪندي هُن سنڌي ٻوليءَ جي عشق ۾ ”هو جمالو“ فلم پڻ ٺاهي هئي. جنھن جو موضوع ”پاڪ ڀارت جنگ 1965ع هو ۽ فلم جا هيرو سنڌ جا رهندڙ ٻه ننڍپڻ جا دوست هئا. رام ۽ رحيم، جيڪي ورهاڱي بعد ٻن ملڪن ۾ پلجي وڏا ٿين ٿا ۽ ٻئي فوج ۾ آهن 1965ع واري هندو پاڪ جنگ جي وقت مورچي تي آمھون. سامھون آهن. بقول هري جي ته اگر اها فلم اڄ به زِي ٽي.وي تان ڏيکاري وڃي ته پسند ڪئي ويندي هن فلم جو ميوزڪ سي ارجن ڏنو هو. جنھن ۾ شيخ اياز جو به هڪ گيت مھندر ڪپور جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو هو. ”هندو مومن ناهيان“. هن فلم جو هيرو امر چنداڻي هو ۽ فلم جي هيروئن فلم جي ڊائريڪٽر راجن چاولا جي زال گيتا راج هئي. ان فلم جا تلخ تجربا بيان ڪندي داد هري هڪ انٽرويو ۾ چيو ”انھن تلخ تجرين جو بيان ڪندس ته انھن جا وڏا دفتر کلي پوندا. 70 کان 80 تائين ڏهه سال قرض لاهيندو رهيس. مطلب ته ڪي جوان جنگ جي ميدان تي شھيد ٿيندا آهن ته مان فلمي ميدان تي ڪُٺو ويس. تنھن هوندي. به هيمون ڪالاڻي جي جيون تي فلم ٺاهڻ جو منھنجو هڪ سپنو آهي. ائين مان ڪن سنڌي ڪھاڻين تي آرٽ فلمون ٺاهڻ جو خواهشمند آهيان. اهڙين خواهشن ۽ سپنن جو سفير دادا هري پنھنجي ماضيءَ جي ڪٺنتا کي ساريندي ڪنھن هٿان ٺڳجڻ کي به حالتن جي مجبوري ڪوٺي در گذر ڪري ڇڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته ”ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ کي ڄاڻي، وڻي ٺڳجڻ ڏيندو آهيان. اُن وقت مون کي پنھنجو گردش وارو زمانو ياد ايندو آهي. جڏهن مان پنھنجي ساهيڙيءَ جي هڪ معمولي فرمائش، ڪلفي کارائڻ جي پوري ڪري نه سگهيو هوس. پنھنجي تنگدستيءَ کي ياد ڪري ٻين جي اهڙي حالت ڏسي نه سگهندو آهيان. ٿي سگهي ٿو منھنجي اهڙي سڀاءُ جو ڪن فائدو ورتو هجي ۽ مان ٺڳجي ويو هجان“. مطلب ته اهڙي حساس دل انسان پنھنجي زندگي درويش جي چادر جيان ڦھلائي ڇڏي هئي ۽ جيڪو نيٺ ويجهر ۾ هندوستان جي جديد صوفي ازم جي خالق، فلسافر، ڪائنات ۽ زندگيءَ کي روحاني نگاهه سان، نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ هڪ انوکي ۽ حَسين ۽ شاعراڻي زوايي سان ڏسندڙ ۽ ان کي پنھنجي سحر ڀريي انداز سان، سؤلي ۽ خوش اسلوب اندازبيان ۾ بيان ڪندڙ ۽ دنياوي منتشر دلين ۾ ڪو ابدي سُڪون بڻجي لھي ويندڙ اوشو گرو رجنيش جيان داداهري به ڄڻ 30 نومبر 1929ع کان 7 مئي 2006ع آچر جي صبح جو اٺين وڳي تائين هِن ڌرتيءَ جو دورو ڪرڻ آيو هو. جيڪو نه ڄائو هو نه مُئو آهي. هُو ته اسان سان گڏ آهي. اسان جي وچ ۾ آهي. جيئن سندس ڀرپور اظھار جي گونج بخشيندڙ ”ڪونج“ اسان جي اکين، خيالن ۽ دلين ۾ محفوظ آهي. اُن ئي ڪونج جي داد هري موٽواڻي ”سنڌي“ نمبر جي ٽائيٽل تي بليڪ اينڊ وائيٽ اسڪرين دؤر جي وڏي ۽ اڳوڻي ڀرپور تخليقي مزاحيه عالمي اداڪار چارلي چئپلن جي اُداس ۽ غورو فڪر. واري روپ ۾ نڪتل بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير جي ڀرسان دادا هري جي به اُن ئي انداز سان رنگين تصوير ڏسي پھرين ئي پل ۾ بي ساخته کِل اچيو وڃي ٿي ۽ پوءِ ٻئي پل اُن کِل جي پس منظر ۾ ڳوڙها جگنوئن جيان ٽمڪڻ لڳن ٿا ۽ دل جهري پوي ٿي ته اُن ويل دادا هري پنھنجي چهري تي معصوم ۽ نرمل مُرڪ سجائي چوي ٿو ته ”اوهان حيران نه ٿيو. جن جن ڪلاڪارن ڪاميڊين جا رول ڪيا آهن. درشڪن کي کلايو آهي. اُنھن جي ذاتي زندگي درد سان سرشار هوندي آهي. اُهي پنھنجي اداڪاريءَ رستي کلندا ۽ کلائيندا آهن. ليڪن سندن جيون ڪنڊن سان اُلجهل ۽ آتما رتورت هوندي آهي. پنھنجي زندگي اهڙي ئي نموني گذاري آهي ٻاهران کلندي. کلائيندي ۽ ٽھڪ ڏيندي مگر اندر ئي اندر درد جي دريا ۾ غوطا کائيندو رهيو آهيان. درد جي جهنگل ۾ ڀٽڪندي جسم رتو رت ۽ دل ڇلني ڪري غم جا ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو آهيان. اُن ڪري مون پنھنجي ڀيٽ جڳ مشھور مسخري چارلي چئپلن سان ڪئي آهي. جنھن پنھنجي ”موڪ“ ڀاشا وارين فلمن رستي پنھنجي دل جي درد جو اولڙو پَسايو آهي. جنھن جو اثر انڊيا جي فلمي اداڪار راج ڪپور تي به پيل هو ۽ مون جهڙي حساس دل ليکڪ تي پڻ پيل آهي“.

(2006ع)

امرتا جو اُهڃاڻ

اَمرتا جو اُهڃاڻ: (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي ڀيٽا)

سنڌي ادب پنھنجي وجود ۾ سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبو رکي ٿو. لطيف کان وٺي هيل تائين جو ادب اُن ساڳي ئي سُڳنڌ سان واسيل آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب (شاعري) موجوده سنڌي ادب جي اتھاسڪ شناسائي آهي. جنھن ۾ سنڌ جو تاريخي پس منظر پنھنجي پوري سچائيءَ سان لفظ لفظ جي آئيني ۾ پسجي ۽ پَساهه کڻي رهيو آهي.
هن صديءَ جي سرجيل ترقي پسند ۽ انقلابي ادب جا سرجڻھار سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنھنجي عشق جو اظھار پنھنجي لکڻين ۾ روح جي گهرائين سان ڪري هڪ اهڙو ادب تخليق ڪري ڇڏيو اٿن، جيڪو آئينده ادب جي آبياري ڪرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن کي فڪري گس ڏَسڻ سان گڏ سندن ذهني پالنا پڻ ڪندو رهندو.
سنڌ جو سدا حيات شاعر تنوير عباسي پڻ اهڙي ادب جي تخليقڪارن مان هڪ آهي. جنھن پنھنجي دؤر جي انتھائي نازڪ ترين حالتن ۾ رهي ڪري رياستي ڏاڍ سان قلم جي جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هُن روح جي آواز سان ڌرتيءَ جي عشق جا نغما جوڙيا ۽ اُن عشق ۾ تنوير عباسي ڪٿ به مايوس ڪو نه ٿيو. بلڪ هُن پنھنجي تخليقي جوهر ذريعي ڀٽڪيل قوم ۾ اُتساهه ۽ عظيم جذبا پئي پيدا ڪيا. اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ جي زلفن ۾ هُن پنھنجي خوبصورت خيالن جا گلاب پئي سجايا.
هڪ پُختي شاعر هئڻ جي ناتي تنوير عباسي پنھنجي شاعري وسيلي رومانويت ۽ انقلاب کي گَڏي پنھنجي روح جو آواز بڻائي پيش ڪيو ۽ سدائين اڳڀرو رهيو. اِهو ئي سبب آهي جو سندس ئي دؤر جي حالتن جي پس منظر ۾ هُن جي شاعريءَ جو بُنيادي مُحرڪ جذبو ڌرتيءَ جو عشق ئي هو. جنھن عشق تنوير عباسي کي اسان کان اڄ به روحاني طور تي الڳ ڪو نه ڪيو آهي. تڏهن ته اڄ به تنوير عباسي پنھنجي لکڻين جي آئيني ۾ اسان سڀني جي وچ ۾ آهي. مان سمجهان ٿو ته هڪ تخليقڪار جي بقا اُن جي تخليق ۾ ئي آهي. فنا ته رڳو جسم کي آهي. روح خدا جي هڪ اهڙي تخليق آهي. جنھن ۾ خود خدا پنھنجي امرتا جو ڀرپور اُهڃاڻ بڻيل آهي.
تنوير عباسي هڪ شاعر هئڻ سان گڏ تمام سُٺو مُحقق پڻ آهي. هُن جو سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف، سچل سرمست ۽ شاهه لطيف تي لکيل تحقيقي مواد سنڌي ادب ۾ تحقيق واري پاسي ۾ انتھائي سگهاري حيثيت رکي ٿو. خاص طور تي قابل تعريف شاهه لطيف جي شاعريءَ تي لکيل تحقيقي طويل مقالو جيڪو پڻ ڪتابي صورت ۾ ”شاهه لطيف جي شاعري“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. سو انتھائي ڀرپور ۽ ساراهه جوڳو آهي. شاهه جي شاعريءَ تي لکيل اُن تحقيقي مقالي تنوير عباسي کي هڪ وڏو مُحقق بڻائي ڇڏيو آهي.
حقيقت ۾ اگر غور سان ڏٺو وڃي ته اُهو تنوير عباسي ئي هو. جنھن شاهه جي شاعريءَ کي جديد رنگ ۽ ڍنگ سان پَرُوڙيو ۽ پُرجهو آهي ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ موجود هر ڪيفيت تي انتھائي زبردست انداز سان لکيو ۽ واضح ڪيو آهي. جيڪو انداز ان کان اڳ شاهه جي شاعريءَ تي لکيل ڪنھن به ليک ۾ ڪو نه ٿو ملي. ڇو ته اِن کان اڳ شاهه جي شاعري تي هڪ روايتي انداز ۾ مُسلسل ورائي ورائي پئي لکيو ويو هو ۽ مخصوص نظر جي پئماني سان سندس شعر کي پرکيو ويو هو، پر تنوير عباسي شاهه جي شاعريءَ ۾ پھريون ڀيرو ادبي سياسي ۽ تاريخي پس منظر، سماجي ۽ اخلاقي قدر، عواميت موسيقيت، عڪسي اُهڃاڻ ۽ رنگن جا اڀياس يا شاهه جي شاعري ۾ زوارئتا اُچار جهڙا ڳُجها پاسا اُجاڳر ڪري تنوير، شاهه کي نئين ۽ سائينسي انداز سان سمجهڻ جا نوان رستا ڳولي ڏنا آهن ۽ شاهه کي اُنھن سڀني رُخن ۾ پھريون ڀيرو دنيا جي وڏن اديبن جي راين جي روشنيءَ ۾ پرکي لطيف جي شاعريءَ کي جديد رنگ ۾ متعارف ڪرائي سنڌي ادب جو سَر اوچو ڪري ڇڏيو آهي.
اِها تنوير عباسيءَ جي لطيف جي شاعريءَ تي اهڙي کوجنا آهي. جنھن تنوير کي تحقيق جي کيتر ۾ مٿاهون مقام ڏئي ڇڏيو ۽ هڪ شاعر جي پُختي ۽ مڪمل سُڃاڻپ هوندي. سنڌي ادب ۾ وڏي مُحقق جو اعزاز بخشي ڇڏيو آهي.

(1999ع)

خُدا جو خواب

خُدا جو خواب: (سعيد ميمڻ جي شخصيت ۽ شاعري)

سنڌي شاعريءَ ۾ مون هيل تائين جن به چند شاعرن جي شاعريءَ کي محبوبه جي چھري جيان روح جي مخمور اکين سان بنا اک ڇنڀڻ جي مُسلسل پڙهيو ۽ پُرجهو آهي. تن ۾ شاعر سعيد ميمڻ جو نانءُ پڻ شامل آهي. سعيد ميمڻ جيڪو پنھنجي شاعراڻي ۽ شخصي سڀاءُ ۾ مون کي نه ڄاڻ ڇو هميشه اُن معصوم ۽ ماٺيڻي ٻار جيان لڳندو آهي. جنھن کان راند کيڏندي کيڏندي رانديڪو وڃائجي ويو هُجي. جنھن جي ڏک ۽ تلاش ۾ هُو درد جو ڪو مجسمو بڻجي پيو هُجي. يا راند ڪندي ڪندي. هُن کي مٽيءَ ۾ ئي گهري ننڊ اچي وئي هجي. جنھن ۾ هُن پنھنجي جنمن جي محبوب صورت کي پَسي ورتو هجي ۽ پنکڙين جهڙي ڪچڙيءَ ننڊ مان سُڏڪا ڀريندو جاڳي پيو هجي ۽ جنھن چهري جي تلاش ۾ هو هڪ اهڙي جُستجو بڻجي ويو آهي. جنھن جي پس منظر ۾ سعيد جون نماڻيون نگاهون عينڪ جي اڇن شيشن پُٺيان ڪو ويران منظر بڻجي ويون هُجن. شايد اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هِن جي شاعري ڪنھن پُراڻي ۽ ويران اسٽيشن جي سالن کان بند پيل ويٽنگ روم ۾ ڪنھن جي اَڌ ۾ رهجي ويل اوسيئڙي جو اُهڃاڻ آهي. يا پوپٽ، پڪڙندي، پڪڙندي، اڻ ڄاڻائيءَ ۾ گهر کان دور نڪري وڃائجي ويل ٻار جي بي وسي ۽ گهر ڏانھن واپسيءَ جي خواهش ۾ معصوم اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهن جو ڪو تسلسل آهي.
سعيد ميمڻ جي سانوري، سٻاجهي ۽ معصوم صورت ۽ طبيعت ۾ مون سدائين سيلانيت جي صدا ۽ ڪو گيڙو سنديس محسوس ڪيو آهي. هِن جي شاعراڻي ڪائنات دل جي ڌرتيءَ کان شروع ٿي. هن سموري ڪائنات کان ٿيندي دور خلائن ۾ ڪنھن حسين خواب جيان گم ٿي وڃي ٿي. جنھن جي ڇيڙي جي ڳولا ۾ سعيد تنھائي جي آڱر پڪڙي بن بن ۾ ڀٽڪندي ڀُري ۽ جُهري رهيو آهي. هِن جي ڳالھائڻ جو ڌيمو ڌيمو لھجو خاموش واديءَ ۾ پھاڙن تان ڪرندڙ مُترنم جهرڻي جهڙو دل لُڀائيندڙ هوندو آهي. جنھن جي وهڪري ۾ اطمنانيت جا ڪيترائي پشم جھڙا رنگ لھرون، لھرون وکرندا محسوس ٿيندا آهن. هِن جو ٿڌو ۽ پيار ڀريو آواز روح جي گهراين مان ايندي ڀائيندو آهيان. پر پوءِ به کيس اکين جي ڪنھن نراساين ڀري ڪُنڊ ۾ مون زندگيءَ سان محبت جو احساس مڪمل سجاڳيءَ سان جاڳندي ڏٺو آهي.
پنھنجي ڪويتا ۾ پيار ڀريا سنيھا ڏيندڙ منھنجو هي محبوب شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ الڳ مقام جو مالڪ آهي. اسٽيٽس جهڙي مصنوعي ڏکاءُ کان دؤر پنھنجي من ۾ صوفياڻو رنگ رکندڙ سعيد سچ ته دل ۽ دماغ جو امير ترين شاعر آهي. هي هميشه پنھنجن نفيس، نڪور خيالن ۽ خوابن جا رنگين پوپٽ اڏاريندي ۽ خوشبوئون ورهائيندي. مون کي سندس ئي چيل سٽن:

لٽ نه مون کي صحرا جي واري
آءُ خدا جو خواب آهيان

جيان خدا جي اکين مان ڪري پيل ڪو خواب لڳندو آهي. سعيد ميمڻ ڏات جي حوالي کان ڏات ڌڻي ته آهي ئي پر هي زبردست ڏانءُ-ڌڻي پڻ آهي. ڇو ته هِن سنڌي شاعريءَ جي نازڪ، نفيس ۽ سنھڙين گلابي هٿ – ترين تي جيڪي به پنھنجي تجربن جا گُل ڪڍيا آهن. اُنھن جي ڊزائين بلڪل به سعيد جي تخليقي ذهن جو ڀرپور پورهيو آهي. هِن نت نون، نون خيالن جا رنگين احساس اڄ جي سنڌي شاعريءَ جي ريشمي آغوش ۾ وڌا آهن. جن تي صرف سعيد ميمڻ جي نالي جي ئي مُھرثبت ٿيل نظر اچي ٿي. مُحبتن جو هي مصور شاعر اُداسين، اڪيلاين، دردن، وڇوڙن ۽ ڳوڙهن جا ڪيئي سمنڊ پنھنجي معصوم شاعراڻي دل ۾ سمائي جئيندڙ اهو حساس دل شاعر آهي. جيڪو پنھنجي شخصي توڙي سماجي زندگيءَ ۾ ساڳيءَ رنگ ۾ رهجي ويو آهي. نه ڪي انھن وڏن نالي ۾ نھال ليکڪن وانگر جيڪي پنھنجي شخصي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ”ڪريڪٽر لوز“ آهن. جيڪي پنھنجين لکڻين ۾ حساسيت جو ڍونگ ڪندي اصل زندگيءَ ۾ ٻھروپيا ثابت ٿيندا آهن. پر سعيد ميمڻ جي دل ۽ روح ٻنھي تي حقيقت جو اهڙو رنگ لڳل آهي. جيڪو پاڻ سڃاڻڻ جو مُتلاشي ۽ تصوف جي تانگهه ۾ ٻُڏل آهي.
سعيد ميمڻ جو شاعراڻو روح جيڪو ڪنھن انتظاري جي پاتال ۾ ڪري پيل پريوش جيان جڏهن شاعريءَ جي آتڻ تي ويھي. سوچ جو چرخو درد سان چوري ٿو ته ڪيترن ڪومل ڪومل احساسن ۽ خيالن کي ڪتي ٿو وجھي ته ڪيترين ئي بي آواز دلين لاءِ اظھار جا رنگين ۽ ريشمي ڌاڳا جُڙي پون ٿا. اِهو ئي سبب آهي جو هُنَ اِن ڪتڻ واري فنائتي سليقي سان مون سميت نه ڄاڻ ڪيترن ئي دلين ۽ روحن کي پنھنجي درديلي احساس جي ريشمي، نازڪ ۽ نفس سنھي تند سان جوڙي ڇڏيو آهي. هِن لطيف جي ”نازڪ نينھن“ واري رسم کي روحاني رنگ ۾ اهڙو ته رنگيو آهي. جو ڇڄڻ جو تصور ئي بي معنيٰ بڻجي پوي ٿو. تڏهن ئي ته مون هميشه سعيد ميمڻ سان ملي ڪري اتساهه ۽ احساس جا نوان نوان رنگ ۽ ذائقا پئي محسوس ڪيا آهن.
سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جو سفر ڪندي ”نيڻ سفر ۾“ گم ٿيو وڃن ۽ نيٺ مُسلسل دردن ۽ مايوسين جي ٿڪاوٽن کانپوءِ ”ڪاري بَر ۾ چنڊ“ جو اُڀري پوڻ ڪنھن شاعراڻي معجزي کان گهٽ ڪو نه ٿو لڳي ۽ پوءِ هاڻ اُن معجزي جي اُتساهه جا احساس نوان، نوان ”خواب چارا“ تخليق ڪري وجهن ٿا. ته سعيد ميمڻ جو شاعراڻو پورٽريٽ مونا ليزا واري درد ڀري مُرڪ، مُرڪندي نظر اچي ٿو.

(2004ع)

ترس ٿورو هُوءَ نِهاري پوءِ هلون!

تَرس ٿوري هوءَ نِھاري: (جيل جي ديوارن پوئيان-ايوب کوسو)

مٿئين شعر جي سِٽَ اُنَ شاعر جي آهي، جيڪو اُن ڌرتيءَ جو ڄائو آهي. جيڪا ڌرتي دنيا جي پنج هزار سالا تاريخ جي مٿاهين ۽ مُھدب ڌرتي طور سُڃاتي وڃي ٿي. جتان اڄوڪي ترقي جي بنيادي ارتقا جا خوبصورت اعليٰ مثال ۽ آثار مليا آهن. جتان جي ماڻھن جي تھذيب اُن دؤر ۾ به دنيا جي ترقي يافته تھذيبن کان مٿانھين، مُدبر ۽ احترام لائق هئي ۽ آهي. اُها ڌرتي پنھنجي اکين ۾ هڪ اهڙو درياهه رکي ٿي. جيڪو درياهه اڄ ناانصافين، جي ورچڙهي. صحرا جيان هوا ۾ اڏامندي واريءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. جنھن جي ڪري ڌرتيءَ جي سدا سائي ڪک سُڪندي وڃي رهي آهي. اُها ڌرتي جنھن تي تاريخ جا وڏا، وڏا وار ثبت ٿيل ملن ٿا. جيڪا ڌرتي پنھنجي وجود کان وٺي اڄ ڏينھن تائين امن جو خوبصورت حوالو رهي آهي. جنهن ڌرتيءَ جي سيني مان امن گلاب جي ڳاڙهي گلاب جيان ڦٽي نڪتو آهي. اُها ڌرتي ڌارين هٿان اڄ سوڌو ڦُرلٽ، ظلم وتشدد جو حيرت انگيز مرڪز پئي رهي آهي. اُها ڌرتي جنھن پنھنجي دؤر جي سُقراط جهڙين عظيم هستين کي جنم ڏنو. جيڪي تاريخ جي ڪيئنواس تي سچ جي خوبصورت عڪس جيان نمايان آهن. اُها ڌرتي جيڪا تصوف جي ڌرتي مڃي وڃي ٿي. جنھن جي ڀٽن کان هڪ شاعر جي تخيل جي اُڏام دنيا جي ادبي اُفق تي پنھنجي پرواز جا نقش چٽي ڇڏيا، جنھن ۾ الستي سچ اکيون کوليون. جنھن ۾ ديوتا جهڙا اَشلوڪ لکندڙ شاعر به جنم ورتو. جنھن ڌرتي جي ڪلاسيڪيت دنيا جي ڪلاسيڪيت ۾ پنھنجو مضبوط، الڳ ۽ اهم مقام ۽ وقار رکي ٿي. اُها ڌرتي جنھن تي امن جي رستي تي آزاديءَ جو سر عام ۽ کُلم کُلا اعلان ٿيو. اٻوجهه قوم، ٻولي تاريخ، پنھنجي پيءُ درياهه بادشاهه جي پاڻي ۽ پنھنجي ڌرتي ماءُ جي آبرو کي مھڻي آب ۽ ننڌڻڪو ٿيڻ کان بچايو. پنھنجي انفراديت کي اجتماعيت ۽ پنھنجي داخليت کي خارجيت جو سُندر روپ ڏنو. جنھن عمر جي آخري گهڙين ۾ آخري پَساهن تائين سچ جو ساٿ ڏنو، جنھن جي حياتيءَ ۾ سندس دهشت ۽ حشمت آڏو عدالتن ۽ اعوانن جون ديوارو به ڏڪڻ لڳنديون هيون ۽ عدالتن جا ۽ اعوانن جا والي وسامي ويندا هئا. جنھن جي ڏنل نعري ڪوڙ ۽ ظلم جي جسم ۾ ڪُنبڻي وجهي ڇڏي ۽ جنھن جي جهنڊي جي شناسائي سندس ماءُ ڌرتيءَ جي نيڻن ۾ فخرجي چمڪ پئي پيدا ڪئي آهي ۽ سندس جدوجھد نِٻل، هيڻي، مجبور ۽ غلام قوم کي پنھنجي قومي سُڃاڻپ جو شعور ۽ احساس ڏياريو ۽ سندس وجود جي فنا کي بقا ۾ بدلائي غدارن ۽ دشمنن جي مُنھن تي ڪارنھن مَلي ڌرتيءَ جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. جنھن پنھنجي امڙ ڌرتيءَ جي نئين تاريخ جو بنياد وجهي اُهو اصل روپ ڏيکاريو جيڪو روپ ڌارين جي شعوري ڏاڍين، حرام پاين ۽ سندن گيدي پڻي جي پردي پٺيان لڪايو پئي ويو. جنھن دنيا جي تاريخ ۾ آزاديءَ جو تصور امن جي آڌار تي خوبصورت عملي فلسفي ۾ پيش ڪيو. جنھن پنھنجو نانءُ دنيا جي ”جينيئس“ ماڻھن ۾ ڳڻايو. جيڪو دنيا جو سينيئر ۾ سينيئر قيدي هو. جنھن جي شھادت به نظر بندي ۾ ٿي. جيڪو پنھنجي ڳالهه تان ڪڏهن دست بردار نه ٿيو. جيڪو اڄ به ڌرتي جي ذري، ذري ۾ زنده جاويد آهي.
اُها ڌرتي جنھن جي مِٽيءَ جي سُڳنڌ ڏيھان ڏيھه، مشھور ۽ گهلي رهي آهي. جنھن جون هوائون مَڌ جي خُمار جهڙيون. نشيليون ۽ جنت جهڙيون روح کي وڻندڙ ڀاسنديون آهن. جيڪا سموري ڌرتي ڪنھن وينگس جي ڪنوارن نيڻن جي پيار جي پھرين خواب جهڙي آهي. اهڙو خواب جنھن جي تعبير اُن جي سُجاڳي جي ڏيئي ۾ ٽمڪي رهي آهي. اُها ڌرتي جنھن جا تاريخي عشقيه ڪردار عشق جو خوبصورت ۽ مٿانھون داستان ۽ مثال آهن. جن جون لوڪ ڪھاڻيون نفيس پيرن ۾ ڇمڪندڙ پازيب جهڙيون من ۾ لھي ويندڙ آهن. اُها ڌرتي جنھن جا پُٽڙا ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مُسافر“ جو نثر ۾ خوبصورت وچن ڪن ٿا. اڳتي کان اڳتي وڌڻ جي همت ۽ ساهس رکن ٿا ۽ ڌرتي ماءُ سان بيحد عقيدت جا ترانا لکن ٿا. جن جي سموري نظم ۾ ”نينھن“ پاڻيءَ تي سج جي ڪرڻن جيان جرڪي رهيو آهي. جن جو نظم سنڌ جي خوبصورت تاريخ آهي. جنھن ڌرتيءَ تي هر دؤر ۾ وڏين ذهنن ۽ سوچن پئي جنم ورتو آهي. تنھن ڌرتيءَ تي اڄ جي موجوده دؤر ۾ به سچ جا ساٿي گُهٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ به سچ جي آڪسيجن جي سھاري جيئي رهيا آهن. ڇو ته جيئڻ رڳو اِهو ناهي ته کائجي، پيئجي، سمهجي ۽ هلجي. پر جيئڻ ته اِهو آهي ته اُهو جيئڻ ڪيترن ئي نه جيئندڙ جيئن کي جيئڻ جو ڏانءُ سيکاري.
هي اُها ڌرتي آهي جنھن جي قوم جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اِها آهي جو هو سچ کي سچ چوڻ جي پاڻ ۾ سگهه ئي نٿي ساري، سچ جي چانڊاڻ ۾ نيڻ کولڻ بدران، اکيون پوري اوندهه ۾ رهڻ جي عادي ٿي پئي آهي. هو سچ جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ اُن کي ٺڪرائي، اڪيلو ڪري ظلم وتشدد جو نشانو بڻائي ٿي. هو پنھنجي پيرن تي بيھڻ بجاءِ ٻئي جي ڪُلھي جو سھارو چاهي ٿي. هو انفرادي سوچ جي کول ۾ رهندي پاڻ کي وڏو ڦھليل سمجهي ٿي. هو عارضي مفادن ۽ خواهشن کي زندگي جي حاصلات سمجهي ٿي. هو غلامي کي آزادي ۽ خودمختياري سمجهي ٿي. هو پنھنجن کي سُڃاڻڻ بدران دشمن تي اعتماد ڪري ٿي. هو اجتماعي صورتحال کان ڪن لاٽار ڪري پنھنجي ذات جي حدن ۾ گم رهي ٿي. سندس اِها نااهلي ۽ لاپرواهي پنھنجي قومي تشخص کي سُڃاڻڻ کان پھرين نظر چورائڻ جي برابر آهي. ڇو ته جيڪي قومون پنھنجي تشخص جون رکواليون رهنديون آهن. اُهي پنھنجي ڌرتيءَ تي زنده رهنديون آهن. مون هِن لکڻيءَ جي شروعات ۾ جنھن شاعر جون ذڪر اَڻ سڌي طرح ”ڌرتي ڄائي“ سان ڪيو آهي اُن شاعر جي تخليقي ۽ سچائي واري عملي پھلوءَ تي سندس نانءُ وٺڻ کان سوا سندس جو پنھنجي لفظن جي رنگن سان مُختصر سُڃاڻپ جو پورٽيٽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندس. ڇو ته سڌو سنئون اُن جو نانءُ وٺي لکڻ سان لکڻيءَ جو لڪل پھلو متاثر ٿي پوندو.
اُهو ڌرتيءَ ڄائو شاعر اصل ۾ تشبيھن، منظر ڪشين، خيالن، ڪيفيتن جي تصوير ڪتڻ جو وڏو ماھر، لفظن جو خوبصورت وينجهار ۽ شاندار تخليقڪار آهي. جنھن جي تخليق جي هر لفظ جي تراش ڪنھن مَھا سنگ تراش کان ڪنھن طرح به گهٽ ناهي. اُهو شاعر نثر ۾ نظم ۽ نظم ۾ نثر لکڻ ۾ پنھنجو الڳ لھجو رکندڙ آهي. هو پنھنجي ادبي ڄمار کان وڏو ڄاڻو ۽ پنھنجي ڪيل مطالعي ۽ مشاهدي کان به وڌيڪ ذهني طور تي تيز ۽ تکو آهي.
جنھن جي آڱرين ۾ جڏهن قلم اُڀرندو آهي. سچ لفظن جي صليب تي عيسيٰ بڻجي ٽنگجڻ لڳندو آهي. مخدوم بڻجي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ لڳندو آهي يا وري سُقراط بڻجي زهر جو پيالو پيئڻ لڳندو آهي پر هو پوءِ به سچ جو دامن ڪو نه ٿو ڇڏي ڇو ته هُن جي دامن ۾ سچ جا سُرها سُرها گلاب ٽڙي رهيا آهن ۽ اهو شاعر اُن سچ جي ئي عيوض ۾ پنھنجي جوڀن جا سُنھرا پل عمر قيد جي اعزاز کي بخشي ٿو. ۽ اُهو شاعر، پنھنجي دؤر جو سُقراط، جيل جي سلاخن جي پوئيان فخر مان اڏول نظر اچي ٿو ۽ سلاخن ۾ به سچ لکي، پڙهي ۽ چوي ٿو. هو جنھن قوم، جنھن معاشري جو عڪاس شاعر آهي، جيڪو پنهنجي قوم جي اظهار جي آزاديءَ جو چاهيندڙ آهي. ۽ جيڪو پنھنجي نثري توڙي نظمي تحريرن ۾ معاشري جا ڏک، سور، ساڻس ٿيندڙ ناانصافيون وڏي پُر اثر انداز ۾ لکي ٿو. اُن کي نيٺ اُن سچ جي سزا ۾ مذھب جا ڪوڙا ٺيڪيدار، قيد و بند جي ٽياس تي ٽنگين ٿا. اُن کي اُها قوم به وساري ٿي ويھي. جنھن جي حقن جو هو محافظ آهي. جيڪو ساڻن ٿيندڙ ناانصافي کي پنھنجي لکڻين ۾ پِروئي ٿو. قوم جي ته اِها بي حسي شروع کان وٺي ئي رهندي پئي اچي. پر سندس ئي لڏي جا، سندس ئي قافلي جاماڻھو به ساڻس ٿيل ناانصافين جي خلاف ڪو به قدم نٿا کڻن ڪو به احتجاج نٿا ڪن. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اُهو شاعر سچ چوڻ واري معاملي ۾ غلط آهي ۽ اُها سندس وڏي ۾ وڏي غلطي آهي اهڙي سچ چوڻ يا لکڻ جي غلطي جنھن جي سزا طور هُن درد جي ديس جي ڪافر شاعر کي اڪيلو ڪري ڇڏيو ويو آ.
وڏي ۾ وڏي حيرت جي ڳالھه ته هي آهي جو نالي ۾ وڏي ۾ وڏي سڏجندڙ ادبي تنظيم جي والين به اُن ڪافر شاعر سان ٿيل ڏاڍائي جي خلاف ڪو به آواز ڪو به احتجاج نه ڪيو آهي. نه ئي ڪو مذمتي بيان ڪڍيو آهي. باقي پنھنجن عھدن جي بچاءُ لاءِ، نالي ڪمائڻ خاطر اجايون استفائون ڏيڻ پنھنجي ذاتي مفادن ۽ پنھنجي من پسند مامرن تي تنظيم جي نالي کي استعمال ڪندي اجائي واوبلا ڪرڻ سندن اهم مشغلو لڳندو آهي.
اڄ جڏهن هڪ شاعر ۽ اديب جي سچ لکڻ جي اظھار تي بندش وڌي ٿي وڃي ۽ کيس اُن عيوض ”جنم ٽيپ“ جي سزا ڏني ٿي وئي ته اُن ويل سنڌ جا ڏاها، اديب، دانشور ۽ سنڌي ادب جا ٺيڪيدار سڏائيندڙ خاموش رهي ڪري ڇا لئه هڪ معصوم ۽ مجبور شاعر جو تماشو ڏسي رهيا آهن ڇو نٿا سچ جا ساٿاري بڻجي اُٿن، پر افسوس جو اُهو شاعر جيڪو سچ لکڻ جي سزا ۾ جنم ٽيپ ڀوڳي رهيو آهي. اُهو ڪو نالي چڙهيو اديب، يا وري وڏي ڪنھن عُھدي تي فائز پيٽ وڏو بيورو ڪريٽ سرڪاري ڇاڙتو ڪونھي. هونءَ به اهڙن ڊِڍ وڏن تي اهڙيون سچ جون سزائون اينديون ئي ڪو نه آهن. انھن کي ڪھڙي ضرورت آهي. جو اُهي سچ لکن يا چون، جڏهن ته اهڙيون سچ جون سزائون هيٺين طبقي جي باشعور اديبن جو مقدر هونديون آهن. مان سمجهان ٿو ته اگر ڌرتيءَ جا سڀئي باشعور اديب هڪ ٿي سنجيدگيءَ سان اِن معاملي جو نوٽيس وٺن ته اسان جو هي نوجوان نثر ۽ نظم جو خوبصورت شاعر ۽ سقراط جي ٻئي جنم ساٿي کي سچ ڳالھائڻ يا لکڻ جي ايڏي وڏي اجائي سزا ئي نه ملي. اِنھن سڀني حالتن جي سامھون اهڙي صورتحال ۾ جس آهي. اُن مرد مجاهد کي (جيڪو آزاديءَ جو پانڌيئڙو ۽ پنھنجي قومي اَبي، جنھن لئه هن صدي جي مھان شاعر احترام ۽ عقيدت مان ائين به لکيو هو! ”هي جو پوڙهو جُهور، وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾“ اُن مھان هستيءَ جي پيروڪار، اڄ جي قومي آزاديءَ جي اڳواڻ پنھنجي درياهه پيءُ پاڻي لئه حيرت انگيز - تاريخي ۽ ڪامياب احتجاج ڪندڙ، دنيا جي ميڊيا جو هيرو بڻجي ويندڙ) جنھن اُن ننڌڻڪي شاعر کي تنھا کولي جي سلاخن مان ڪڍرائي قيدو بند يعني جيل جي چؤديواريءَ ۾ به نيري آڪاس هيٺ کُلي هوا ۾ ساهه کڻڻ جو حق وٺي ڏنو ۽ جيل جي ٻين عقوبتن کان پڻ ڇوٽڪارو ڏياريو. اُن کان علاوه اُن جيل جي هر قيدي سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي پڻ روڪائي قيدين جا ڪافي سارا مسئلا حل ڪري ڇڏيا. ننڌڻڪائيءَ وارين اهڙين حالتن ۾ اهڙي واهر ٿيڻ تي اُن شاعر کي قيد ۾ پنھنجا اصل هم سفر مليا جن جي ساٿ ۾ هو پاڻ تي لڳل ڪوڙي ڪيس سان اڄ به حوصلي ۽ همت سان لڙي رهيو آهي. اُتساهه ۽ همت سان هو اڄ به سچ کي سچ چئي رهيو آهي ۽ پنھنجي لکڻيءَ ۾ لکيل سچ تي هو اڄ به ڪالھه جيان اٽل ۽ مضبوط بيٺل نظر اچي ٿو.
مان اُن جي اِها اڏولتا ۽ همت ڏسي خوشيءَ منجهه نٿو ماپان مون کي خوشي ٿي رهي آهي جو اڄ جي هِن منافق، خطرناڪ ۽ مفاد پرست دؤر ۾ به سچ چوڻ وارا زنده آهن ۽ سچ بي ڌڙڪ چئي ۽ لکي رهيا آهن. اُهو سچ جو ساٿي ظلم وجبر جو قيدي، پنھنجي لکڻين ۾ سچ کي علامتي ۽ شاعراڻي انداز ۾ پيش ڪندڙ شاعر آهي ڇو ته سچ لکڻ هن جي قلم جي سگهه ۽ ضرورت آهي. اڄ اُهو شاعر منھنجي هِن لکڻيءَ ۾ به سچ جي هڪ اهڙي علامت بڻجي آيو آهي. جنھن کي پنھنجا پڙهندڙ، پنھنجا چاهيندڙ يقينن سُڃاڻي وٺندا ۽ سچ بڻجي سچ جو ساٿ ڏئي. درد جي ديس جي ڪافر شاعر جي واهر لھندا. جنهن جي غزل جون مشهور سٽون آهن ته:
تَرس ٿورو هُوءَ نهاري پوءِ هَلون
سانجهه ٿي آ ديپُ ٻاري پوءِ هلون

(2000ع )

سائينءَ جو روپ

سائينءَ جو رُوپ: (آزاديءَ جي جدوجھد جي علامت- بشير خان قُريشي)

دنيا جي سينيئر قيدي هُجڻ جو عظيم اعزاز اسان جي رهبر اعظم، سنڌ جي سائين، جي.ايم سيد کي ئي نصيب ٿي سگهيو آهي. جنھن پنھنجي زندگي جا لڳ ڀڳ ٽيھه سال بنديخانن ۽ نظربندين ۾ وڏي همت، حوصلي ۽ اٽل ارادن سان ڀرپور گُذاريا. جنھن سنڌ سان عشق جي هڪ اهڙي تاريخ لکي آهي جيڪا اڄوڪي سنڌ سميت سموري دنيا جي تاريخ لاءِ فخريا باب جي حيثيت رکي ٿي. اهڙي عظيم جدوجھد جو مثال دنيا جي انقلابي تاريخ ۾ تمام گهٽ ملي ٿو. جو سائين جي.ايم سيد جيل جي سلاخن پويان يا نظربنديءَ دوران پنھنجي فڪر، فھم ۽ نظرين جا نرالا، دستاويز دل جي خون سان ۽ اکين جي پوتر روشني ۽ ڏيئن يا بتيءَ جي جهيڻي روشنيءَ ۾ تحرير ڪيا. جن جي شعور جون شعائون سموري سنڌ جي دلين ۽ ذهنن کي سيراب ڪري پنھنجي تاريخي تشخص، تھذيبي شناسائي، ٻوليءَ سان محبت، ڌرتيءَ جي قومي شعور کي بيدار ڪيو آهي. اڄوڪي ظاهري سنڌ جي پس منظر ۾ سائين جي.ايم سيد جي اڻ ٿڪ جدوجھد جو عملي ڪردار چٽو، پٽو صاف نظر اچي ٿو. اُن ڪري به بقول ڪنھن شاعر.

سيد، سنڌ ۾ ٻيا به گهڻا
پر، واهه سيد سن وارو آ

اُن سَن واري سيد ئي نئين سنڌ کي پنھنجي رت جو ريج ڏئي آباد پئي ڪيو آهي. جنھن رت مان نئين سُجاڳيءَ جو سورج ڀلاري باک کي جنمي هِن غلاميءَ جي ڪاري رات کي اُجاري ڇڏيندو.
سنڌ کي صرف ٻن سيدن ئي پئي ڏنو آهي. هڪ شاهه لطيف ۽ ٻيو سائين جي.ايم سيد. باقي سيدن ته سنڌ کي پيري، مريدي ۽ بزرگي جي آڙ ۾ لُٽي ۽ ڦُري فقير ڪري ڇڏيو آهي ۽ جهالت جي اوندهه ۾ سنڌ کي پنھنجي مفادن ۽ انائن جا ڀاري پٿر ٻڌي ٻه کنيو ڪري مڪمل ٻُوڙڻ جي پُوري پوري ڪوشش پئي ڪئي آهي، پر ڀٽائي ۽ جي.ايم سيد واري سنڌ سچائي جي تُرهي تي ترندي آزاديءَ جي ڪنڌيءَ ڏانھن وڃي رهي آهي.

وڏا حالات جا مانگر، وڏي دڙ وقت دريا ۾،
پوءِ ڀي سنڌ سُھڻي هُن ڪنڌي ترندي وڃي پيئي
(بخشل باغي)
اهڙي امر ۽ لازوال سنڌ جي بھادر، سچي، کري باڪردار فرزند سائين جي ايم سيد پنھنجي خون مان جيڪا سجاڳيءَ جي شمع روشن ڪئي آهي. اُن تي لاتعداد پتنگا مڙي عشق جي هِن جلايل آڳ کي جلندي پڄرندي ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪائيندا رهن ٿا. اُنھن ۾ هڪ ارڏو، اڻ جهل، بھادر ۽ نئين سنڌ جي جاکوڙي، عملي جدوجھد ۾ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ سڀني کان اڳ ڀرو اسان جي اڄوڪي قومي آزادي جي تحريڪ جو اڳواڻ بشير خان قريشي آهي. جنھن سيد جي عزم کي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي سڄي سنڌ کي متحرڪ ڪري آزاديءَ، جي آرزو کي جيئاري، سنڌ جي نئين آزاديءَ جي تاريخ کي تحرير ڪري وڌو آهي.
بشير خان قُريشي پنھنجي عمل جي سچائي سان سيد جي سنڌو ديش جي راهه ۾ پاڻ کي ائين وقف ڪري ڇڏيو آهي. جيئن سائين جي.ايم سيد پاڻ کي سنڌ لاءِ وقف ڪيو هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي اڄ جي انقلابي تحريڪ ۾ جيڪو عملي طورتي ڪردار بشير خان قريشي ادا ڪيو آهي. اُهو ڪردار هِن رياست جي منافقانه سرشتي ۾ هڪ اهڙو ڌماڪو آهي. جنھن رياست جي والين جا هوش ئي خطا ڪري وڌا آهن. جو هاڻ سنڌ جي هِن سپوت پُٽ بشير خان کي پنھنجي اک ۾ ڪنڊو محسوس ڪندي کيس ختم ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهي آهي. جنھن جو ثبوت ويجهر ۾ ڪراچيءَ ۾ بشير خان قريشيءَ تي قاتلاڻو حملو هو. جنھن ۾ مشتاق خاصخيلي ٿڏي تي شھيد ٿي ويو ۽ حملي آور به ماريا ويا ۽ پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته اُهي دهشتگرد غُنڊا ڪير هئا ۽ ڪنھن جي اشاري تي ائين ڪندي ماريا ويا هئا. اُهو پڻ سنڌ جي دهشت زده تاريخ ۾ هڪ نئون باب آهي جو هيل تائين ڪراچيءَ جھڙي شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلرز هميشه پنھنجن پروگرامن ۾ ڪاميابي ماڻي سرخرو ٿيندا رهيا آهن پر بشير خان تي ٿيل اُن حملي اُنھن رياست جي رولو ڪتن کي حيران ۽ پريشان ڪري وڌو. ته ائين به ٿيندو آهي. پر اُنھن کي شايد اِها چوڻي وسري وئي هئي ته ”نوانوي ڏينھن چور جا ته هڪ ڏينھن ڀاڳيي جو به هوندو آهي“.
بشير خان قريشي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ عدم تشدد جي راهه تي سنڌ ۾ جيڪي به عملي قدم کنيا آهن. اُنھن سنڌ جي اکين کي کولي اُنھن ۾ اُميد جي روشني پکيڙي ڇڏي آهي. جنھن روشني جي سحر ۾ ڪيترائي آزاديءَ جا خواب سرجي رهيا آهن. سکر مان ڪراچيءَ تائين پيرين پيادل مارچ هجي. مُختلف هنڌن تي ڌرڻا هُجن. جلسا، جلوس هُجن. گرمي توڙي سيارو هجي. يا ڪراچيءَ جھڙي عالمي شھر ۾ آزادي مارچ هجي. قبائلي جھيڙن کي روڪڻ، منٿ ميڙ قافلا وٺي وڃي خون ريزي جھڙن مامرن کي ختم ڪرائڻ هجي. هن سنڌ جي بھادر اڳواڻ سڄي دنيا جون اکيون کولي اهو واضع ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ سائين جي.ايم سيد جي خواب جي ساڀيا جا خواب ڀرپور نموني سان اُڻي رهي آهي. سنڌ خاموش ناهي سنڌ، سيد جي روپ ۾ بشير خان قريشي جي عملي جدوجھد ۾ جاڳي رهي آهي. جهاڳي رهي آهي. ظلم وستم جا پھاڙ، هِن ڪوڙي رياست سان اٽڪي رهي آهي. اڳتي وڌي رهي آهي. بشير خان قريشي جي اڳواڻيءَ ۾. جنھن جون تقريرون ۽ انٽرويو، جدوجھد هن رياست جي منھن تي هڪ اهڙي چماٽ جا پڙاڏا آهن. جيڪا چماٽ سائين جي ايم سيد هن ڪوڙي ۽ ڪُڌي رياست جي ڀيانڪ چهري تي آزاديءَ جي ناليءَ تي وهائي ڪڍي هئي. جنھن چماٽ هِن رياست جي ڪنن تي تاڙيون چاڙهي ڇڏيون هُيون. جنهن جي ڪري اُها اڄ ڏينھن تائين انڌي ۽ ٻوڙي بڻجي بي حواس واڦي رهي آهي. ڇتي ڪتي وارا چڪ هڻي رهي آهي. ڏاڙهي رهي آهي. محسنن کي. بقول ڀٽائي سائين جي:

ڪُتا قريبن جا، تون داوا ڪرين ٿو ڌَڙ
جنين ڪيئي وڙ، ٿو ڏند ڏيکاري تن کي
(شاهه)

بشير خان قُريشي سنڌ جي قومي تحريڪ جو اڳواڻ آهي. جيڪو هر انقلابي عمل ۾ ڪارڪنن کان اڳيان سينو سُپرد ڪري آڏو ايندڙ رُڪاوٽن کي ٽوڙيندو رهيو آهي. جيڪو جيل ۾ هوندي به جيل اندر مثبت جدوجھد ڪندڙ هڪ اهڙو قيدي به آهي، جنھن کي جيل جو بادشاهه چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو ۽ سچ ته سنڌ کي اهڙن ارڏن، سرڪش ۽ بهادر پٽن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي رت ڏئي، آزاديءَ جي مومل کي ماڻڻ جو جذبو رکندا هُجن، جيڪي سائين جي ايم سيد جي خواب جا اڏيندڙ هر خوف ۽ لالچ کان مٿڀرا هجن. جن تي سوچي، ائين به خيال ايندا هجن ته:

سنڌ جو ”سائين“، ۽ ”سائين“ جو روپ آهين تون
تنھنجي نيڻن ۾ اچي ٿي جو سڄي سنڌ نظر

(بخشل باغي)

ڪاش سموري سنڌ، سائين جو روپ بڻجي پئي ۽ بشير خان قريشي جھڙو پُر عزم جذبو، ۽ اٽل ارادو اُن ۾ جاڳي پوي ته جيئن سائين جي.ايم سيد جي آزاد سنڌ (سنڌو ديش) جو عظيم خواب پنھنجي عظمت ماڻي دنيا جي نقشي تي هڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي مھانتا سان جاڳي پوي ۽ دنيا کي ٻڌائي سگهي ته هي صوفين جي ڌرتي. هي راجا ڏاهر، شاهه عنايت، دولھه دريا خان، مخدوم بلاول، دودي سومري. شاهه لطيف، سائين جي.ايم سيد واري عظيم سنڌ ته هِن ڌرتيءَ تي امن جو اُهو آشيانو آهي. جت پيار محبت، امن، انسانيت، جاگيت گونجن ٿا. جنھن جي مٽيءَ مان آفاقي ۽ الھامي پيغام ڦٽي ساري عالم کي مھڪائي ڇڏين ٿا.
هي ته اوڀر ۽ اولھه جي وچ تي اُها پُل آهي جتان هي ساري دنيا فيضياب ٿي هڪ نئين ڪائنات کي اڏيندي. اُها ڪائنات جيڪا فطري آهي. اُها ڪائنات جنھن ۾ جنگ جو تصور ناهي جنھن ۾ ڪو به هٽلر. ميسوليني، هلاڪو، چنگيز خان، نادر شاهه وغيره انسان ۽ امن جا دشمن نه هوندا. بلڪ شاهه لطيف، جي.ايم سيد، بُلھي شاهه، باهو، ڪبير، گانڌهي وغيره جھڙا باڪردار امن پسند ماڻھو هوندا. جنھن دنيا جي فضا ۾ بارود جي ڌپ نه پر موتئي ۽ گلاب جي مھڪار هوندي. اهڙي دنيا جي تخليق سنڌ جي آزادي (سنڌو ديس سان) ئي مشروط آهي.

(2011ع)

فقيريءَ ۾ بادشاهي ماڻيندڙ صحافي

فقيريءَ ۾ بادشاهي رکندڙ: (اَجرڪ جي پَٽڪي وارو صحافي-علي محمد شاھ لڪياري)

انساني سماج ۾ رشتا، ناتا، تعلق ۽ واسطا ڪنهن نه ڪنهن ريت جُڙندا رهندا آهن. اُهي رشتا ناتا پنهنجي جوهر ۾ سچائيءَ جي بنياد تي وڌندا ۽ ويجھندا آهن.پوءِ ڇو نه اُهي رت جا روايتي رشتا هُجن يا پنهنجائپ ۽ خُلوص جا پائيدار ۽ سچا رشتا. رت جا رشتا ته انسان،شعوري يا لاشعوري طور تي پاڻ پيو جوڙيندو آهي پر پنهنجائپ جا رشتا ڪنهن به سِٽيل سِٽاءُ سان نه ٺهندا آهن. اُهي ته بنا ڪنهن سوچ سمجھ جي پاڻ مُرادو جُڙي پوندا آهن.جيئن برسات کان پوءِ واريءَ تي کُنڀيون ڦُٽي پونديون آهن.يا جيئن بارش جي موسم ۾ آسمان تي ست رنگي انڊلٽ کڙي پوندي آهي. دوستي به پنهنجائپ جي رشتي جو هڪ اهڙو ته اعليٰ ۽ مُقدس ناتو آهي جيڪو ڪنهن به ڪچ ۽ ٻيائي کان مٿاهون ٿي ڪري دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ قائم ڪندو آهي.دوستي يا پنهنجائپ جي رشتي ۾ ڪنهن به ننڍ وڏائيءَ جو ڪوبه تصور نه جُڙندو آهي. بلڪ اُها ته بنا ڪنهن معيار جي روحن سان جَڙجي ويندي آهي.حمل چواڻي ته:
”حمل اِنهيءَ ڳالهه جو، مان ته ويهي ڪيم ويچار
دل لڳي دوستيءَ جو،ڇا مُلهه ڇا مقدار
عقل چيو اندر مان،نُقطو هي نِروار
لڳي ته لک هزار،ٽُٽي ته ٽَڪو ئي نه لهي.“

ادب سان تعلق هُئڻ جي ناتي منهنجو پريس ڪلب نواب شاھ سان لڳ ڀڳ ٽيھن سالن جو رشتو رهيو آهي.اُنهي ايڏي وڏي طويل عرصي ۾ توڙي جو ٻين صحافي دوستن سان به تعلق يا دُعا سلام پئي رهي آهي پر جيڪا پنهنجائپ جي تند من جي فقيريءَ ۾ بادشاهي رکندڙ ۽ پنهنجي سِر تي ڌرتيءَ جي ثقافت جو اعليٰ تاج سجائي رکندڙ پياري سائين علي محمد شاھ لڪياري سان جُڙي هئي اهڙي پنهنجائپ جي پچار اڳ ڪنهن سان نه ٿي سگھي.سچ ته هُو سيلاني فطرت جو کاهوڙي،بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي بي ڌڻين جو ڌڻي ۽ مسيحا پئي رهيو هو.هُو هڪ اهڙو گھاٽو بَڙ جو وڻ هو جنهن جي ٿڌي ڇانوَ،نواب شاھ جي بي سهارا ماڻهن سدائين پئي ماڻي.هُو دل جي نگاھ سان ڏسندڙ ۽ گھايل روح سان لوچيندڙ صحافي هو ۽ صحافت جي اصل منصب کي سُڃاڻيندڙ هو. جنهن تي هلندي کيس کوڙ دفعا ڏُک،تڪليفون،مُخالفتون، رنجشون پلئه ۾ پائي پيو جيئندو هو.پر هُو مظلومن سان ئي بيٺو رهندو هو.اياز چواڻي ته:

آءُ اڪيلو سامهون سٿَ
خنجر خنجر ڪيئي هٿَ

سائين علي محمد شاھه لڪياري سماج تي گھري نظر رکندڙ ۽ هر خبرايمانداريءَ سان بريڪ ٿُرو ڪندڙ هڪ اهڙو ته بيباڪ صحافي هو.جنهن کي سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻجندڙ ڪميٽيڊ صحافين ۾ ڳڻي سگھجي ٿو.هُو اُهو صحافي هو جنهن کي تقريبن سڀني کان پهرين هر خبر جي پروڙ پوندي هئي.ڇوته ساڻس محبت ڪندڙ هر مامري ۽ مسئلي بابت کيس آگاهي پيا ڏيندا هئا ۽ سائين نه رُڳو روايتي صحافين جيان خبر لکندو هو پر هُو هر خبر جي پويان اُن جا پيرا کڻي حقيقت تائين پُهچي تصديق ڪري پوءِ ئي هر خبر شايع ڪندو هو.هُن نواب شاھ يا اُن جي ڀرپاسي جي اهم اهم خبرن کي عوام تائين پهچائي کين باخبر رکڻ سان گڏ اُنهن جو تدارڪ پڻ پئي ڪيو.هُوسڄو ڏينهن گرمي توڙي سرديءَ ۾ آڌي مانجھي پيو ووڙيندو هو.سائين علي محمد شاھ لڪياري اهو حساس دل ۽ مُخلص انسان هو جيڪو پريس ڪلب جي ٻاهران تتل روڊ تي اُس ۾ مُتاثر ڌُر کان اُس ۾ بيهي صحافتي ضرورتن تحت سندن مسئلا ٻُڌي،لکي ۽ ريڪارڊ ڪري جڏهن پگهر ۾ شَل پريس ڪلب جي يَخ ٿڌي اي سيءَ جي ماحول ۾ گهڙندو هو ته اندر ويٺل وڏيرا صحافي کائونس پڇندا هئا ته سائين! ٻاهر ڇا جو گوڙ هو؟ڇا مسئلو هو،ته سائين انهن نالي ۾ صحافين جي پٿر دلي تي اندر ۾ ڀَڄي ڀُري پوندو هو.۽ هڪ ڏُکاري سَرد آھ ڀَري پنهنجي ڪم ۾ جُنبي ويندو هو.هُو سڄي ضلعي نواب شاھ کان وٺي پوريءَ سنڌ ۾ مُختلف اسٽوريز ڪري پنهنجي جاکوڙي روح کي پيو ريجهائيندو هو.مون سدائين پئي محسوس ڪيو هو ته هِن صحافيءَ جي سيني ۾ انسان دوست ۽ قومي جذبي سان سلهاڙيل هڪ معصوم دل ڪيئن نه حق ۽ سچ لاءِ تڙپي پوندي هئي. ڪيترائي مجبور،لاچار، مُفلس،هِن غير فطري رياست جي ڪاري سياست ۽ قانون جا ستايل انسان جڏهن به وٽس ڪا دانهن ڪوڪ اچي ڪندا هئا ته هُوسراپا احتجاج بڻجي بنا ڪنهن تفريق جي اُنهن جي دادفرياد پڻ ڪندو هو.هُو شخص ڪنهن کي به ڪنهن به ڪم لاءِ جواب نه ڏيندو هو.ڪم ٿئي يا نه ٿئي پر هُو مُڪمل سچائيءَ سان اُن جي لاءِ ضرور پتوڙيندو هو.هُو نواب شاھ جي ريئس ڪلب جو شهنشاھ هو.اُها شهنشاهي سندس اُتم ڪردار ۽ مُخلصانه طبيعت جي ڪري کيس نصيب ٿي هئي. اُهو ئي ڪارڻ هو جو سندس سِر تي مڃتا عيوض سونو تاج پڻ پارايو ويو هو.جيڪو سائين اجرڪ جو پٽڪو لاهڻ کان انڪار ڪندي اجرڪ جي پٽڪي مٿان اهو تاج پاتو هو.انهيءَ کان اعلاوه بيحد مڃتا جا ايوارڊ يا ساڻس شامون ملهايو ويون هُيون.سائين علي محمد شاھ نه رڳو هڪ صحافي هو پر هُو ته سڀ کان پهرين هڪ جاکوڙي قومي ڪارڪن به هو. جنهن سنڌ جي آزاديءَ جي متوالي سائين جي.ايم سيد جي فڪر ۽ نظريي جا پُرڪيف پيالا پيتا هئا.نه رُڳو پيالا پيتا هئا پر اُهي پي ڪري هُو اُنهن جي مڌهوشيءَ جا لُطف پڻ ماڻي چُڪو هو.جنهن جا سرور سندس جوان روح کي سدائين جُھومائيندا رهندا هئا.اُهو ئي سبب هو جو هُن جي هڪ خاص سُڃاڻپ ”اجرڪ جو پٽڪو“ بڻجي پئي هئي.جنهن جو تقدس سندس زندگيءَ جو اولين فرض پڻ بڻيل رهيو.هُن جي جيل ۾ لکيل ڊائري ”ڪايا مَنجھه ڪَڙن“،۽ اُن ئي جيل دوران وٽس آيل سنڌ مان مُختلف سياسي،ادبي ۽ سماجي دوستن جي خطن جو ڪتاب ”چِٺيون چندن واس“ پڻ ڇپجي چُڪا آهن.اُن کان اعلاوه هڪ ٻيو به ڪتاب ”اڄ نه پَسان سي“ حاڪم علي زرداريءَ جي وڇوڙي تي لکيل مُختلف ليکڪن جا مضمون پڻ سندس سهيڙيل آهي.مون ۽ ستار سُندر سائينءَ سان گڏجي لڳ ڀڳ سڄيءَ سنڌ ۾ صحافتي حوالي سان يا ڪن ٻين ڪارڻن سبب سفر پئي ڪيا هئا.هُو هميشه اسان کي هڪ مُحسن دوست جيئن ئي محسوس ٿيو هو.ساڻس ڪن اصولي ڳالهين تي اسان جا هڪ ٻئي سان اختلاف به ٿيندا هئا پر سائين سان ڪڏهن به اُنهن اختلافي ڳالهين جي ڪري پنهنجائپ جي رشتي ۾ ڪو به فرق نه پيو.سچ ته سائين علي محمد شاھ لڪياري مون کي شفيق وڏي ڀاءُ وانگر ڀاسندو هو.ڇوته مان پنهنجا ذاتي مامرا ۽ مسئلا به ساڻس بنا ڪنهن هَٻڪ جي ونڊيندو رهندو هئس.۽ اُنهن جي حل لاءِ ساڻس صلاح مشورا پڻ ڪندو هئس.۽ هُو منهنجن اُنهن مامرن ۽ مسئلن کي سنجيدگيءَ سان سُلجھائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو هو.سچ ته هُو فقير منش ماڻهو اسان سڀني جي ڏُکن توڙي خوشين ۾ شريڪ رهندڙ اهڙو ته همدرد ساٿي هو جنهن جي ساٿ جي سهاري جو تصور به اسان کي اُتساھ ڏياري ڇڏيندو هو.اڄ جڏهن کيس وڇڙيي مهيني کان مٿي ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ سندس چاليهي جو ڏهاڙو به اچي مٿان وريو آهي ته دل اڃان تائين سندس وڇوڙي کي تسليم ڪرڻ لاءِ آماده ئي نه ٿي ٿئي.پر پوءِ فطرت جي اٽل قانون تي يقين ڪندي دل جُهري پوي ٿي.هُو جسماني طور تي ته کڻي اسان سان گڏ ناهي پر هُو پنهنجين بي پناھ مُحبتن،سچاين،همدردين ۽ پنهنجي جدوجهد جي روپ ۾ پنهنجن يادن ۽ احساسن وسيلي اسان جي روح سان سلهاڙيل رهندو.اڄ جڏهن آڱارو28 جولاءِ 2020ع تي سندس چاليهو آهي.اهڙي اهم ۽ نوحن جھڙي غم زده ڏهاڙي تي کيس ياد ڪندي هانءُ ڦِسِي پيو آهي۽ هن موقعي تي کيس ياد ڪندي ۽ هي پيار جي ڀيٽا پيش ڪندي اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون آهن.

(2020ع)

تون هڪ خواب آهين

تون هڪ خواب آهين: (پرويز ابڙي جي ناول جو مختصر جائزو)

کوڙ عرصي کان وٺي سنڌي ادب ۾ ڪھاڻي، ناول ۽ شاعري متعلق اسان جي سينيئر اديبن جا مُختلف رايا مُسلسل ادبي فضائن ۾ گوجندا پئي رهيا هئا ته، ڪھاڻي مري وئي آهي. ناول ڪو نه ٿو لکجي ۽ شاعري مُقام ڀيڙي ئي چُڪي آهي. اهڙيون خطرناڪ ۽ حيرت انگيز خبرون ٻڌي ۽ پڙهي هڪ عجيب قسم جا وسوسا ٿيڻ لڳندا هئا ۽ عجيب خدشا جنم وٺندا هئا ته آخر سنڌي ادب ايترو ڪمزور حالت ۾ ڇو اچي ويو آهي (جيڪا حالت اسان جي ادبي ڊاڪٽرن ۽ سينيئر سرجنن پئي ڪئي ٻُڌائي يا آهي. اهڙي قسم جي ادبي حساس حالت ٻڌي واقعي به خوف ۽ افسوس ٿيڻ لڳو هو.
پرسُتت ئي ڪھاڻي جي مري وڃڻ واري ڳالھه هوائي افواهه بڻجي پنھنجي اهميت وڃائي غلط ثابت ٿي ۽ ڪھاڻي ڪتاب ڪھاڻي جي وڃايل ساک کي بحال بڻائڻ لاءِ منظر عام تي پھچي ويو. اِهو ڏسي سنڌي ادب جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ تري آيا ۽ افواهين جا منھن هيڊا ٿي ويا. اِها ٻي ڳالھه آهي ته ڪھاڻي ڪتاب لاءِ ۽ ڪھاڻي جي جيئدان لاءِ ڪھاڻي جي ليکڪن کان زوري ڪھاڻي لکرائڻ وارو حيرت انگيز ڪارنامو سرانجام ڏنو ويو ته ڪھاڻي زنده آهي. مُئي ناهي پر اِهو به شڪر جو اُن ڪتاب ۾ امرجليل، علي بابا، نور الھُديٰ شاهه، طارق عالم ابڙو، غلام نبي مغل ۽ ڪجهه ٻين ڪھاڻيڪارن جي تخليقي ڪھاڻين جي دم سان ڪھاڻي ڪتاب ۾ زوري لکرايل ڪھاڻيون به اگهامي ويون. پر جي مٿيان ليکڪ به زوري ڪھاڻي لکائڻ واري لسٽ ۾ اچن ها ۽ زوري واري عذاب ۾ لکن ها ته اڄ هوائي افواهه پنھنجو مقصد ماڻي سرخرو ٿئي ها. بحرحال اهو به سُٺو ٿيو هو يا ڪيو ويو جو سنڌي ڪھاڻيءَ کي مُقابلي بازي جي ميدان ۾ آڻي تخليقي ۽ لفاظي ۽ اجائي پتاڙ واري فرق کي ظاهر ڪيو ويو. يا اُن کان اڳ جيڪي ڪھاڻي جي اوائلي دؤر جي ڪھاڻي جي تاريخ ۾ پنھنجي معاشي طور مٿانھين رُتبي جي ڪري ڪھاڻي ۽ ادب جا وڏا نالا بڻجي. اڄ سوڌو هر ڪھاڻي ۽ ادبي ذڪر ۽ بحث مباحثي ۾ اول، اول هوندا هئا نيٺ اُهي هاڻ پڌرا ٿي پيا ۽ پنھنجي فني صلاحيتن ۾ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ضرور اندر ۾ پيشمان ٿيا هوندا ۽ پنھنجي نالي جي مھانتا آڏو شڪي ٿيندا هوندا. اهڙي طرح سنڌي شاعري جي مقام پُھچڻ يا مُقام ڀيڙي ٿيڻ واري واويلا ۽ وٺ پڪڙ به اِن ڳالھه کي سامھون ضرور آندو ته اها راءِ جن ڏني هئي. دراصل اُنھن کي پنھنجو ادبي ۽ تخليقي مستقبل مقام ۾ پھچندو يا بيٺل نظر آيو هو. اُها هو پنھنجي ذاتي احساس ڪمتري مجموعي شاعري تي مڙهي پاڻ اِن ادبي ۽ تخليقي ذميواري کان آجا ٿيڻ گهرن پيا. رهي ڳالهه سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ جي ته اُن جا به ڪي مُنفي ۽ مثبت سبب هئا ۽ آهن. جنھن متعلق ڪجهه وقت اڳ سنڌي ڪھاڻي جي مھان ۽ انفراديت رکندڙ ڪھاڻيڪار علي بابا پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ ناول جي کوٽ واري سوال کي هِن ريت جواب ۾ سلجهايو هو ته ”ناول لکڻ جي کوٽ جو سبب اِهو ناهي ته اُهو لکجي ڪو نه ٿو. پر اُهو لکجي اُن ڪري به ڪو نه ٿو جو هڪ ته اُهو ڪم محنت طلب آهي. ٻيو وري جي اگر ڪير لکي به ته اُن کي ڇپرائڻ لاءِ ڪو تيار ناهي. اُن کان علاوه ليکڪ کي اُن ناول جي ايڏي سخت محنت جو ڦل ڪھڙو ٿو ملي. هُن چيو ته توهان مون کي ناول جي رائلٽي ڏيو. مان توهان کي هر مھيني هڪ ناول لکي ٿو ڏيان. مون وٽ ايترا ته موضوع آهن جو مان هر مھيني هڪ ناول لکي سگهان ٿو“. ان ڳالھه جي حقيقت کي ڏسندي ادبي ادارن جي بد سلوڪي ۽ زيادتي جي ڏکوئيندڙ ڳالھه سامھون اچيو وڃي ٿي ته هڪ ليکڪ جي قلمي ۽ ذھني پورهئي جي ڪئي. ڪمائي رڳو پبلشر ئي کائي ٿو. ليکڪ رڳو واهه، واهه ۽ ٺلهي مڃتا سان ته پنھنجو پيٽ گذر ڪو نه ڪندو. پوءِ به اُنھن سڀني ڳالھين جي باوجود به هڪ ليکڪ پنھنجي تخليق سان ڪميٽينڊ، سچو ۽ کرو رهي ٿو.
ناول جي ايڏي وڏي ڇڪتاڻ کانپوءِ کوڙ عرضي کانپوءِ مارڪيٽ ۾ لاڳيتو ٽي ناول نظر مان گذريا. اخلاق انصاري جو ”خالي بينچ“، حفيظ هالار جو ”مُرڪن جو مُرجهايل قافلو“ ۽ ٽيون ناول ادب جي دنيا ۾ بنھه نئين نانءُ پرويز ابڙي جو ”تون هڪ خواب آهين“. جيڪو سنڌ جي خوبصورت شاعر عامر سيال جي سورٺ اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران خوبصورت ٽائيٽل ۽ اوچي پيپر ۾ ڇپجي آيو آهي.
مان مٿين ٽنھي ناولن مان پرويز ابڙي جي ناول ”تون هڪ خواب آهين“ جو مُختصر طور تي مطالعاتي جائزو هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان پيش ڪندس. ڇو ته ناول يا ڪھاڻي منھنجي صنف ناهن. جو مان ناول جي مڙني رُخن تي تنقيدي ٽيڪا ٽپڻي ڪيان. پر مون اُن ناوَل کي پڙهندي جيئن محسوس ڪيو آ، يا جيئن منھنجا جذبا هئا. اُهي مان اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهيندس.
”تون هڪ خواب آهين“ منھنجي نظر ۽ منھنجي مشاهدي ۽ مطالعي آهر سنڌي ادب ۾ رومانس جو هڪ شاهڪار ناول آهي. هِن ناول جي ٻين ڪيترين ئي خوبين مان هڪڙي خوبي جيڪا ناول جي پڻ جان آهي. اُها اِها ته هي ناول پاڻ ۾ شروع کان آخر تائين ائين کلندو ٿو رهي جيئن ڪي ڪپڙن جا رنگين، ريشمي ۽ اَڻ ڇھيا خواب نما بي انت ٿانَ کُلندا هُجن.
ناول پنھنجي شروعات ۾ ئي پڙهندڙ کي پنھنجي پيار ڀري سحر ۾ اهڙو ته سوگهو ٿو ڪري ڇڏي جو اُن کي پورو پڙهي ڪرڻ کانسواءِ اُن مان پاڻ کي ڪڍڻ انتھائي مشڪل آهي ۽ هرباب جي تسلسل سان اکين مان ڳوڙهن وهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چاروئي ڪونھي. پرويز ابڙو هِن ناول جي نئين ليکڪ هئڻ جي باوجود به انتھائي گهڻو پنھنجي لکڻي ۾ موضوعاتي اظھار ۾ ٻولي جي سلاست جي حوالي کان به ڏاڍو پُختو ۽ خوبصورت ملي ٿو.
محبت جي جذبن سان سرشار هِن ناول جي ”ٽريٽمينٽ“ ايتري خوبصورت ۽ منفرد آهي جو هي ناول سنڌ جي ڪيترن ئي سينئر توڙي جونيئر ليکڪن کي پوئتي ڇڏي هڪ الڳ مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو.
ناول جي اهم خوبي اِها به آهي ته ناول طويل هوندي به ڪٿي به پڙهندڙ کي بور ۽ فضوليت جو احساس ڪو نه ٿو ڏياري. ڪردارن جي چُرپُر، اُنھن جي پاڻ ۾ فطري گُفتگو. ماحول جي عڪاسي، اهڙي ته شاندار ڪئي وئي آهي جو پڙهندڙ خود اُن ناول جو ڪردار بڻجي اُنھن ڪردارن سان چُرپُر ڪرڻ لڳي ٿو.
سنڌي ادب ۾ لکيل رومانٽيڪ ناولن ۾ انتھائي گھڻي ۾ گھڻي عرصي تائين اڄ سوڌو مڃتا ماڻيندڙ طارق عالم ابڙو جو ناول ”رهجي ويل منظر“ هو. جنھن جا مختلف دؤرن ۾ ڇاپا پڻ ري پرنٽ ٿيا ۽ اڄ ڏينھن تائين اُهو ناول پنھنجي مڃتا ماڻڻ ۾ اڳتي آهي ۽ اُن سحر کي هيل تائين ڪنھن به ڪو نه ٽوڙيو هو. پر اڄ جڏهن پرويز ابڙو جو پھريون ناول ”تون هڪ خواب آهين“ منظر عام تي آيو آهي ته منھنجي نظر ۾ طارق عالم جي ”رهجي ويل منظر“ جو پراڻو سحر ضرور ٽٽي پيو آهي توڙي جو مون ٻيا به ٻين ٻولين جي ادب جا رومينٽڪ ناول پڙهيا آهن. پر هي ناول ايترو ته احساساتي، ايترو ته درد ۾ ٻُڏل، ايترو ته پُراثر آهي جو گذريل پڙهيل سڀئي ناول مون کي هِن ناول جي آڏو گهٽ متاثر ڪري سگهيا آهن.
هِن ناول جي پيشڪش، شروع کان آخر تائين تسلسل جو سُندر ڳانڍاپو. بي حد ڪرافٽ ۽ آخر ۾ ڪلائمڪس حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيندڙ حيرت ڪنھن ڌماڪي جيان اندر ۾ محسوس ٿئي ٿو. هي ناول منھنجي چند پڙهيل اُنھن ناولن مان هڪ آهي جن کي پڙهندي اکيون آگمجي وينديون آهن ۽ دل جي شيشي تي وقت ۽ حالتن جي ڄميل دز صاف ٿي من کي اُجرو ڪري ڇڏيندي آهي.
هن ناول ۾ ليکڪ دل جو درد لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو انوکو ڏانءُ پيش ڪيو آهي. پنھنجي زندگي جي واقعن ۽ حادثن کي اهڙو ته سھڻي پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي جو سچ ته ليکڪ سان اُنس پيدا ٿي پوي ٿو. ناول جو بيانيه انداز ايڏو ته سليس ۽ رواني وارو آهي جو پڙهندڙ روحاني طور تي هن ناول جي وهڪري ۾ پاڻ کي وهندو محسوس ڪري ٿو.
هي ناول نوجوان ليکڪ پرويز ابڙو جي اها شاهڪار تخليق آهي. جيڪا شايد اڃان ڪنھن سينئر ليکڪ جي نظر مان ڪو نه گذري آهي پر جي گذري به آهي ته اُن نه ڄاڻ ڇو هِن ذهين ۽ پُر اعتماد ليکڪ جي اهڙي شاندار تخليق کي مانُ ڏيڻ کان پرهيز ڪئي آهي؟ هونءُ به اگر غور سان ڏٺو وڃي ته اسان جا سينئر اهڙا گهٽ ئي آهن جيڪي نوجوان لکندڙن جي لکڻين کي کُلي دل سان ساراهيندا ۽ اُتساهيندا آهن. پر جي ڪنھن سينئر ليکڪ اهو ناول پڙهيو به آهي ۽ هن ناول کان متاثر به ٿيو آهي ۽ هُن اڃان هِن ناول لاءِ فرا خدلي وارا جذبا پنھنجي لکڻي جي صورت ۾ ليکڪ جي لاءِ ٽربيوٽ طور پيش نه ڪيا آهن ته اُهو واقعي به پنھنجي اندر ۾ سُسيل سوڙهو ۽ ڪُند ذهن هوندو ۽ هن ناول جي تخليقي سگهه کان ڊڄندو هوندو. پر جي ڪنھن سينئر يا جونيئر هي ناول نه پڙهيو آهي ته هو هي ناول ضرور پڙهي ۽ هن نوجوان ليکڪ جي سچي محبت ۽ محنت کي پاڻ تي فرض ٿيل مانُ ادبي ذميواري طور سچائي ۽ فر خدليءَ سان ڏئي. ڇو ته اُنھن جي اِها همت افزائي ۽ اُتساهه اسان سڀني لاءِ وڏي آٿت ۽ همت هوندي.
”تون هڪ خواب آهين“ جو ٽائيٽل به معصوم اکين ۾ پيار جي پھرين خواب جھڙو پاڪ پوتر ۽ دل لڀائيندڙ رنگن سان پينٽ ٿيل خوبصورت عڪس آهي هي ناول پنھنجي قد ڪاٺ واري حيثيت واري حوالي کان بين القوامي سطح جو ناول چئي سگهجي ٿو.
جھڙي طرح ماهتاب محبوب جي ناول ”خوب، خوشبو، ڇوڪري“ جو مھاڳ جو لکندي سنڌي جي وڏي ڪھاڻيڪار علي بابا اُن ناول جي عظمت کي مڃيندي هي لکيو آهي ته ”اگر مان نوبل پرائيز ڪميٽي جو جج هجان ها ته مان ”خواب خوشبو ڇوڪري“ ناول کي نوبل پرائيز ڏيان ها“. بلڪل اهڙي طرح اگر نوبل پرائيز لاءِ مون کان پُڇو وڃي ته اُن لاءِ مان پرويز ابڙو جي ناول ”تون هڪ خواب آهين“ کي چونڊ ڪيان.

(2000ع)

اڄ جو سِراج، سُڀاڻ جو سورج

اڄ جو سِراج،سُڀاڻ جو سورج: (نوجوان ڪھاڻيڪار-مُنور سِراج)

منھنجي نظر ۾ هر خطي ۽ ٻوليءَ جو سرجيل ادب پنھنجي اهميت ۽ افاديت جو حامل هوندو آهي. ڏک، درد، خوشي، پيار، زندگي، موت وغيره هِن ڪائنات جا اهڙا عنصر آهن. جيڪي پوري عالم ذات سان ساڳيءَ ريت پيش اچن ٿا. ۽ پنھنجي پنھنجي انداز ۽ نموني سان هر انسان جي اظھار ۾ سمائجي ادب جي صورت وٺن ٿا ۽ انھن سڀني وارتائن جي پنھنجي حيثيت ۽ اهميت فطري طور تي ئي بڻجي وڃي ٿي. پر اڄوڪي جديد ٽيڪنالوجي جي بي حد عروجي دؤر ۾ ادب جي حيثيت ۽ مڃتا بين القوامي سطح جي معيارن تي پرکي، اُن جي اصل حقيقت، سچائي ۽ تخليقيت کي وڏو ڌڪ رسايو ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته، تخليقڪار لاءِ پنھنجي تخليق کانسواءِ ٻيو ڪو به وڏو ايوارڊ يا مڃتا ڪونھي. اُن جي تخليق ٿيل سِٽ، سِٽ ۽ لفظ، لفظ خود هڪ ڀرپور داد آهي. پر اڄ جي هِن بين القوامي بي حسيءَ قومن جي تخليقن جا وڏا ادبي هٿ ٺوڪيا معيار جوڙي ڌڄائي اُڏائي ڇڏيا آهن. جيڪو سنوڻ ڪنھن به ٻولي جي ادب لاءِ وڏو حادثو ۽ ويساهه گهاتي آهي.
نوبل ايوارڊ يا پرائيز، بوڪر پرائيز، آسڪر ايوارڊ يا يورپي ملڪن جا جوڙيل ايوارڊ يا اهي ايوارڊ ڏيندڙ ڪاميٽيون ڪھڙن معيارن جون حامل آهن يا هجڻ گهرجن اُن طرف ڪو به ڌيان نه آهن. فقط انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ترجمو ٿي ايندڙ لکڻين کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ منھنجي ننڍڙي نظر ۾ دنيا جي باقي ادب سان ويساهه گهاتي آهي. ائين ڇو نه آهي ته ايوارڊ مُنتخب ڪندڙ ڪاميٽيون هر ٻوليءَ جون اوتريون ئي ڄاڻون هُجن ۽ اُن ٻوليءَ جي تاريخي پس منظر جي به مڪمل ڄاڻ رکندڙ هُجن جيئن هُو پنھنجي ٻوليءَ جي پوري معلومات رکن ٿيون. باقي ڪنھن ليکڪ جي خيال کي پنھنجي ٻولي جي جسم مان ڪڍي ٽيڪنيڪي انداز سان بلڪل به اوپري ٻوليءَ جي ڍانچي ۾ زوري پيش ڪجي ۽ اُن جو فيصلو اُهي ماڻھو ڪن. جيڪي اصل ٻوليءَ ۾ ٿيل خيال کي پنھنجي ٻوليءَ جي عينڪ پائي ڏسن. بلڪل به غلط آهي. شيخ اياز چيو هو ته ”ڪو به ليکڪ پنھنجي اظھار کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ئي منطقي نتيجي تي پھچائي سگهي ٿو“. اِهو ئي فطري سچ آهي ته ڪنھن به لکڻيءَ کي ذاتي تجربي، پنھنجي مشاهدي ۽ پنھنجي عُمر جي عرصي جي ڦھلاءُ ۾ ڏسڻ نه گهرجي بلڪ هر لکڻيءَ کي پنھنجي تخليقي بنيادن تي پرکڻ گهرجي.
مٿي پيش ڪيل بين القوامي ايوارڊ واري غير فطري ڳالھه نه رڳو يورپين ملڪن ۾ ٿئي ٿي. پر ان جا اثر برصغير جي هڪ غير فطري ٽُڪري تي موجود نالي ۾ نھال وڏن دانشورن ۽ ادب جي ابن کان به ٿئي ٿي. اِن غير فطري ٽُڪري جي حصي ۾ زوري آيل سنڌ جي ڌرتيءَ تي ادب سان به اهڙي قسم جي هٿ چُراند ۽ نه سھپ وارو رويو ڀرپور نموني سان جاري ۽ ساري آهي.
سنڌي ادب پنھنجي ڌرتيءَ جيان پنھنجو تاريخي، تھذيبي، ثقافتي، علاقائي، زباني هڪڙو ڀرپور ۽ مڪمل پس منظر رکي ٿو. پر افسوس جو هن خطي جي بدنصيبي، هتان جي سنڌي وڏيرن، بروڪريٽس ۽ ڪجهه دانشور قسم جي ماڻھن انتھائي گهڻي وڌائي ڇڏي آهي. جنھن جي عيوض ۾ هو ڪرسيون، طمغا، انعام، ايوارڊ، شيلڊون. وڏا، وڏا عُھدا ۽ ذاتي مُفادن تي مُبني لالچن کي ديس غدارن سان شيئر ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هتان جي حالتن پٽاندڙ هتان جي هر دؤر جو ادب اُداسيءَ جي حالتن سان مھاڏو اٽڪائيندي به اڄ سوڌو اٽل ۽ اڳي کان اڳرو نظر اچي ٿو. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ واري پاسي کانپوءِ نثر ۾ ڪھاڻي وارو پاسو شاعريءَ جي ڳاڻيٽي جيان گهڻو ته نه آهي پر معياري طورتي ٿورو ئي سھي پر انتھائيءَ مٿانھين درجي جو ضرور آهي. پوءِ اُن ۾ اسان جي وڏن اديبن جي لکڻين کان وڌيڪ اڄ جي انتھائي جديد دؤر تائين جي ڪجهه نوجوانن لکندڙن تائين اُن معياري لکڻين جي ڪڙين جي هڪ ڀرپور ۽ مضبوط زنجير ملي ٿو. جنھن جو تسلسل منھنجي مطالعي ۽ مشاهدي مُطابق دنيا جي ڪنھن به ادب جي ڀرپور لکڻين کان ڪنھن قدر به گهٽ نه آهي. البته فرق صرف اهو آهي ته اسان جا سينيئرز ذاتي انائن، اندروني ڪيني ۽ ڪر وڌ ۾ وٺجي نوجوانن جي لکڻين کي دل ۽ جان سان پڙهن ئي ڪو نه ٿا. ڇو ته سندن دماغ ۾ ٻاهرين ادب جو ڀوت سوار ٿي چُڪو آهي. ٻيو ته هو پاڻ واري جاءِ نوجوانن کي ڏيڻ کان لنوائن ٿا. جنھن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اگر هو نوجوانن جي لکڻين کي حقيقت جي نظر سان مڃتا ڏيندا ۽ انھن کي پنھنجي جاءِ ڏيندا ته هو موجوده ادب ۾ جيئري ئي مري ۽ کپي ويندا. جڏهن ته ائين هرگز نه آهي جنھن جو هڪ ڀرپور ثبوت سنڌي ادب جي وڏي ۽ بي باڪ نانءُ، سنڌي ڪھاڻيءَ جي ابي ۽ طبيعت ۾ خانه بدوشي رکندڙ ڪھاڻيڪار علي بابا سنگت نوابشاهه جي ادبي گڏجاڻيءَ ۾ نوجوان ڪھاڻيڪار مُنور سراج جي مشھور ۽ ڀرپور ڪھاڻي ”گُرگَلي“ ٻُڌي ته هن بنا ڪنھن اَنا جي فراخ دليءَ سان چيو ته ”مُنور سراج جي هيءَ ڪھاڻي ”گُرگَلي“ ٻُڌي ڪري مون کي وڏي حيرت ۽ خوشي ٿي آهي. جو اڄ جو نوجوان اهڙي معيار جي به ڪھاڻي لکي سگهي ٿو. هُن چيو هو ته ”مُنور سراج جي هيءَ ڪھاڻي هڪ مڪمل ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ تخليقي اُڏام، موضوعاتي چونڊ وغيره ۽ ڪھاڻيءَ جي سِٽ، سِٽ، سان نڀاءُ ڏسي مون کي سندس هِن ڪھاڻي ۽ فن تي بي حد پيار اچي ٿو. هُن چيو هو ته گهڻي وقت کانپوءِ مون اهڙي قسم جي اڻ وسرندڙ ڪھاڻي ٻڌي آهي“ مُنور سراج لاءِ علي بابا جا چيل اِهي وڏا جمله منھنجي نظر ۾ منور لاءِ ڪنھن به نوبل ايوارڊ يا پيرائيز کان ڪنھن طور تي به گهٽ ۽ ننڍڙا ناهن. مان سمجهان ٿو ته اُهو ڪھاڻيڪار يا، ليکڪ وڏو ڀاڳوان آهي. جنھن جي لکڻيءَ تي سندس ئي شعبي ۽ ٻوليءَ جي وڏي ليکڪ جا ايڏا فراخ دلي سان، پيار ۽ سچائي سان چيل جمله هجن ٿا. اُها سموري ادبي خوش قسمتي نوابشاهه جي ادبي ماحول کي وڏي عرصي کانپوءِ مُسلسل ٻن ٽن لاڳتن نوجوان ڪھاڻيڪارن جي صورت ۾، حاصل ٿي آهي. نوابشاهه جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سنڌي ادب جي اُفق تي وهائو تاري جياري اڄ به اُن ئي جوت سان چمڪندڙ ڪھاڻيڪار ”ماڻڪ“ کانپوءِ اسان کي ضراب حيدر، ناهيد مغل ۽ مُراد قريشي کانپوءِ مينگهه ملھارن ۾ به اوچتو چمڪي ظاهر تي پوندڙ چنڊ جيان اسان جو دوست منور سراج ئي آهي. جنھن تمام ٿوري عرصي ۾ سنڌي ادب کي پنھنجي ڪھاڻين جو هڪ ڀرپور ۽ خوبصورت ۽ بلڪل نرالو تحفو بخشيو آهي.
منور سراج توڙي جو ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ کي نوان رنگ ۽ ڍنگ، نوان موضوع ۽ نوان موڙ بخشيا آهن. هِي نوجوان گهڻ مطالع ۽ مشاهدي ۾ رهندي ادب سان ۽ پنھنجي لکڻين سان هر وقت ڪميٽيڊ نظر ايندو آهي. سندس هٿ ۾ ڪو نه ڪو اردو، سنڌي يا انگريزي ادب جو ڪتاب هِن جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. فن هُن جي زندگي ۽ زندگي هاڻ هُن جي هڪڙي اهڙي ڪھاڻي بڻجي وئي آهي جو اُن ڪهاڻيءَ کي سمجڻ، لکڻ ۽ ان کي پوري ڪرڻ جي جستجو هن کي نيون نيون ڪهاڻيون تخليق ڪرائي رهي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هُن جو ڪھاڻيون اڄ جي لکجندڙ سنڌي ڪھاڻي ۾ پنھنجي الڳ انفراديت رکن ٿيون. توڙي جو منور سراج سنڌي پرنٽ ميڊيا تي اڃان ايترو نمايان ڪو نه ٿيو آهي. پر پوءِ به هڪ اڌ سندس ڇپيل ڪھاڻين پڙهندڙن کي ضرور حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هوندو. جهڙيءَ ريت هُن نوابشاهه سنگت ۾ پنھنجي پھرين ڪھاڻي ”گُرگلي“ پڙهي اسان سڀن ٻُڌندڙ کي خوش ۽ حيران ڪري ڇڏيو هو.
”گُرگلي“ ڪھاڻي اصل ۾ هڪ اهڙي ماءُ جي مڃتا جي پيار جي ڪھاڻي آهي. جنھن جو ظاهري ڪيئنواس خانه بدوش ماڻھن جي لڏائو لڏن تي ٻڌل ڪجهه ڪکن پنن جي گهرڙن تي اُڻيل آهي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ ماحول جي جيڪا منظرنگاري ڪئي آهي اُها نج پج حقيقت تي مُبني آهي. ڪردار جي چُرپر، سموري پيش ڪيل ماحول جي ۽ پوليس جي روين جي عڪاسي ۽ انھن جي ٻيائي ۽ گفتگو حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ آهي. خاص طور تي گُرگلن جي ٻولي کي جنھن رنگ ۽ ڍنگ يا انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. اُها منور جي ڀرپور مشاهدي، مطالعي ۽ ٽيڪنيڪي سگهه جو ئي ڪارڻ آهي. پر انھن سڀني خوبين کان مٿاهين ڪيفيت ۽ پيڙا ماءُ جي ڪردار جي واتان بيان ڪري منور ماءُ جي عظمت کي اجاگر ڪيو آهي. جيڪا ڌيءَ جي گُم ٿي وڃڻ کان وٺي ڌيءَ سان ملڻ تائين جي عرصي واري درد کي ڪيئن نه ماٺ ميٺ ۾ برداشت ڪري ٿي ۽ ڪيئن نه هوءَ آخر ۾ ڌيءَ جي خوش جياجي لاءِ هر ڳالھه تان دستبردار تي ڪھاڻي کي هڪ حيرت انگيز پُڄاڻي عطا ڪري ٿي.
”گُرگلي“ ۽ ”لالڻ ماءُ“، ٻئي ڪھاڻيون ماءُ جي اولاد لاءِ محبت ۽ قرباني جو هڪ اهڙو مثال آهن. جيڪو مڪسم گورڪي جي ناول ”ماءُ“ ۽ سنڌ ۽ هند جي وڏي ڪھاڻيڪار موهن ڪلينا جي ناوليٽ ”ماءُ“ ۾ لازوال انداز سان ملي ٿو. موهن ڪلپنا ماءُ ناوليٽ، گورڪيءَ جي ناول کان بيحد متاثر ٿي ڪري پنھنجي انداز سان انتھائي دلچسپ ڪري لکيو آهي. انھن ٻنھي ناول ۽ ناوليٽ جو مکيه ڪردار ماءُ ئي آهي. جنھن جي انقلابي ڪردار کان متاثر ٿي لينين چيو هو ته ”اگر گورڪي ماءُ جهڙو عظيم ناول نه لکي ها ته رشين انقلاب ايڏو جلد نه اچي ها“. ”لالڻ ماءُ“ ڪھاڻي پڻ اولاد جي درد ۾ جهريل هڪ اهڙي ماءُ جي ڪھاڻي آهي. جيڪا هونءَ ته ڪھاڻيءَ جي پاسي ۾ رهي ٿي. پر اُن ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ۽ ڪھاڻي جي مھانتا، مقصد ۽ سبب ماءُ جي ممتا ۽ پيڙا ڏيکاري وئي آهي.
هِن ڪھاڻيءَ ۾ پڻ ليکڪ ڪردارن جي چُرپُر ۽ گفتگو انھن جي عڪس بندي، ڪهاڻيءَ جي ڪردار لالڻ جي چريائي کان نفرت يا لالڻ جي چريائي جي لفظن ۾ چٽائي. منور خود لالڻ بڻجي ئي ڪئي آهي. منور مٿين ٻنھي ڪھاڻين ۾ هر ڪردار جي ڪيفيتن ۾ کوئجي. اُن ڪردارن جي ادائيگي ۽ اظھارڻ جو وڏو ڪاريگر نظر اچي ٿو. هنن جي ڪھاڻين جي ٻولي موضوعن سان بلڪل، ٺھڪندڙ ۽ ڏاڍي دلچسپ آهي. مٿين ٻنھي ڪھاڻين جي شروعات، وچ ۽ آخر پنھنجو پاڻ ۾ سچ ته مختلف هوندي به آڏاڻي تي اُڻيل اُن رنگين ڪپڙي وانگر لڳي ٿي. جنھن جي تند، تند الڳ هوندي به هڪ هوندي آهي. هونءَ به ڪھاڻي پنھنجي اندر جي جُستجوءَ جو نانءُ آهي. جڏهن ماڻھو پنھنجي اندر ۾ رُلي ۽ ڀٽڪي ويندو آهي. تڏهن ڪھاڻي جنم وٺندي آهي. سماج جي آئيني ۾ پنھنجو اندر پَسڻ هر ڪنھن ليکڪ جي وَس جي ڳالھه ناهي هوندي. منور سراج جي حساس دل ۽ گهري نظر هميشه پنھنجي اوسي. پاسي جي ذري، ذري ۾ ڪھاڻيءَ جي کوجنا ۾ گم نظر ايندي آهي ۽ هو ڪڏهن ڪنھن ڪھاڻيءَ ۾ جهولي وارو ڪردار بڻجي پوندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڍير تان ڪاڳر ميڙيندڙ ٻار، ڪڏهن سماج جو حساس فرد ته ڪڏهن پريم جي رنگ ۾ روميو جوليٽ. اهو ئي سبب آهي جو هِن جي ڪھاڻين جا موضوع نوان، انھن جي ٽيڪنيڪل ٽريٽمينٽ ڀرپور، ته انھن جو مُنڍ ۽ پڄاڻي حيرت انگيز هوندي آهي.
”سنڌو کان سدا واهه تائين“ ڪھاڻي موجود، حالتن ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ تي لکيل هڪ شاندار قومي ڪھاڻي آهي. هِي ڪھاڻي پڙهڻ سان ليکڪ جي سماجي شعور جي ڄاڻ ملي ٿي. ٻهراڙيءَ جي ماحول تي سرجيل هِن ڪھاڻيءَ ۾ سنڌ جي ماضيءَ جي خوشحاليءَ جي تصوير ڪشيءَ ڏاڍي ڀلي نموني ڪئي وئي آهي. هُو هِن ڪھاڻيءَ جي خوشحاليءَ واري ”فليش بيئڪ“ ۾ جيڪا سنڌ جي ڳوٺن، واهن ۽ انھن جي ماڻھن جي محبتن جي ڳالھه ڪري ٿو. سا ڏاڍي پُختي، وڻندڙ انداز ۽ سھڻي سليقي سان پيش ڪري ٿو.
منور جي اِها خصوصيت تعريف جي حامل آهي. ته هو پنھنجي سماجي ڪردارن حالتن، هنڌن، منظرن، ٻولي ۽ ماڻھن کي چڱيءَ طرح پنھنجي ڪھاڻين جو خام خال بڻائي امر ڪري ڇڏي ٿو.
”سنڌو کان سدا واهه تائين“ به اهڙي قسم جي هڪ سماجي ڪھاڻي آهي. جنھن جو بنيادي ڪارڻ سنڌ جو پاڻي آهي. هُو ڪيئن نه عبدالله جهڙي ڳوٺاڻي ڪردار جي حقيقت ۾ پنھنجي اوطاق ۽ اوطاق جي اوسي پاسي جي موجود شين، ٽالھيءَ جو وڻ جي عڪاسي، گهڙاونجهي ۽ ويران اوطاق جي وڏي فناتي نموني ڪري ٿو ته لطيف سرڪار جو بيت اِن سموري وارتا مان هُو هُو جي پڙ اڏن جيان پس منظر ۾ گوبجندو محسوس ٿو ٿئي ته:

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا

۽ ڪيئن نه منور ڪھاڻيءَ جو ڪلائميڪس عبدالله جي خواب وسيلي احتجاج دوران سدا واهه کان پيرين پنڌ ڪرائيندي سکر جي پُل تائين عبدالله کي پاڻيءَ جي جنگ ۾ شھيد ٿيندي ۽ سندس گرم گرم خون کي سنڌو دريا جي ٺوٺ واريءَ تي ڦڙو، ڦڙو تي ڪرندو. ڏيکاري ڪھاڻي جي پڄاڻي کي معنيٰ خيز بڻائي. وسعت بخشي پاڻيءَ تي لڳل سرعام ڌاڙي خلاف احتجاج نوٽ ڪرائيندي ”حليم باغيءَ جي هن ٻن سٽن کي ڄڻ ته نثري سٽن سان تصوير بڻائي ٿو ته:

رت ديس تنھنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو تي وهي وڃي
منھنجو نصيب ٺھي وڃي تنھنجو به قرض لھي وڃي

(حليم باغي)

مٿين ڪھاڻين جي بنست منور جي ڪھاڻي ”پُتلي تماشو“ هڪ روايتي قسم جي بور ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ هِن سماج جي پريشان حال هڪ فرد جي بيان ڪيل وارتا آهي. اهڙي قسم جون سماجي وارتائن واريون ڪھاڻيون اڳ ۾ به اِن ئي انداز سان لکيل ملن ٿيون. جنھن ۾ ڪردار پنھنجي روزمره جي جياپي جي درد جي وارتا سليندو نظر ايندو آهي.
منور جي ڪھاڻي ”پُتلي تماشو“ هڪ ته موضوعاتي طور تي اڳ لکيل اهڙين ڪھاڻين جو چرٻو آهي. ٻيو ته ڪھاڻي پنھنجي ڪردار جيان سُست، سُست ۽ ڀاري لڳي ٿي. جنھن کي صرف زوري پڙهي پورو ڪرڻ جو خيال ذهن تي به بوجهه رهي ٿو. هِن ڪھاڻي ۾ توڙي جو وچ، وچ ۾ ڪٿي ڪئي، ڏاڍا وڻندڙ ڊائيلاگ، ڪيفيتون ۽ جملا ملن ٿا. پر پو به ڪھاڻي سُست ڪردار جان سُست ۽ بي مقصد نظر اچي ٿي يا هُو هِن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”لوندڙيون ڌنوڻين جيان ڌونڪڻ لڳن ٿيون. ائين ٿو ڀانئين ڄڻ اِجهو لوندڙيءَ وٽان ٺڪاءَ ڏئي رڳ ڦاٽي پوندي ۽ گرم گرم رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳندو.“ هاڻ اِها ڳالھه پنھنجي مفھوم ۾ متضاد نظر اچي ٿي ڇو ته لوندڙيءَ وٽان اگر رڳ ڦاٽي به پوندي ته اُن رڳ مان نڪرندڙ رت دماغ ۾ اندر ئي وهڻ لڳندو. نه ڪي ٻاهر ٺينڊيون ڪري وهندو. ڇو ته ٺينڊيون ڪري گرم گرم رتُ جي وهڻ جو تعلق جسم کان ٻاهر وهڻ سان آهي. ٻيو ته هِن ڪھاڻي جي پڇاڙي، هلندڙ گاڏي آڏو اسپيڊ بربڪر اچڻ ڪري سِلو ٿي پوءِ بريڪر پار ڪري وري هلڻ بدران اُتي ئي ڄڻ ته اڌ ۾ رُڪجي گم ٿي وڃڻ وانگر آهي. جنھن جو ڪو خاص تاثر ڪو نه ٿو ملي. جيڪا ڪھاڻيءَ جي وڏي خامي آهي. اُن کان اعلاوه ٻيون به کوڙ ساريون ٽيڪنيڪي خاميون ملن ٿيون جيڪي منور جھڙي سيبتي ڪھاڻيڪار لاءِ بهتر ناهن. مطلب ته هيءَ ڪھاڻي تڪڙ ۾ لکي پوري ڪيل اُن تصوير جيان آهي، جنهن ۾ تصوير ۾ نڪ، چپ ۽ اکيون نه هجن پر باقي چھرو هجي.
منور جي ڪھاڻي ”اوپرو“ نيم تجرندي انداز ۾ لکيل ڏاڍي دلچسپ ڪھاڻي آهي. جنھن جو ڊڪشن مون کي منور جي پڙهيل ٻين ڪهاڻين جي انداز کان بالڪل به مُختلف نظر اچي ٿو، جيڪو منور جي نج پنھنجي انداز جي آڏو بلڪل به اَڇوتو لڳي ٿو. ڪھاڻي هڪ مڪمل ۽ ڀرپور ڪلائمڪس سان پوري ٿئي ٿي. هِن ڪھاڻي جي اُڻت ڏاڍي سوچ، سمجهه ۽ ساڃاهه سان ڪئي وئي آهي ۽ ڪردار جي نفاست ۽ حساسيت کي پوپٽن جي پرن ۽ بارش جي آمد سان تخليق ڪري مُنور ڪھاڻيءَ جو اسٽائيل وڻندڙ بڻائي هڪ معصوم ٻالڪ سان منسوب ڪري، پڙهندڙ جي پياس کي وڌائي ڇڏي ٿو. هي ڪھاڻي رومانس جي پس منظر ۾ شاٽ ڪٽ ۾ لکيل پنھنجي نوعيت جي هڪڙي شاعراڻي ڪھاڻي لڳي ٿي، جنھن جي منظر نگاري شاعراڻي ٻوليءَ سان ڪئي وئي آهي. هيءَ ڪھاڻي پڙهي، الائي ڇو منھنجي ذهن تي طارق عالم جي ڪھاڻي ”رشتو“ تري ٿي اچي، جيڪا ”ڪاوش“ گروپ آف پبليڪيشن جي ڪھاڻي ڪتاب ۾ ڇپي هئي.
مٿي پيش ڪيل ڪجهه ڪھاڻين جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ منور جي قومي پسمنظر ۾ لکيل ڪھاڻي ”30 سيپٽمبر جي رت هاڻي رات“ جو ذڪر ڪرڻ به ضرور ٿو ڄاڻان. جيڪا ڪھاڻي ”ساڃاهه“ رسالي 2001ع جي ڪنھن پرچي ۾ ڇپي هئي. جنھن ڪھاڻيءَ تي ”ساڃاهه“ جي ايڊيٽر ۽ سنڌ جي قوم پرست ۽ نامور دانشور خاڪي جويي پنھنجي خاص نوٽ ۾ لکيو هو ته، ”سنڌي افسانوي ادب جي 30 سالن ۾ منھنجي نظر مان هيءَ پھرين ڪھاڻي گذري آهي، جيڪا نه رڳو وطن دوستيءَ جي جذبن سان سرشار آهي، پر انسان دوستيءَ جو هڪ مثالي پيڪر به آهي ۽ اهڙي نموني نسل ۽ لساني تنگ نظريءَ ۽ فرقيوار ذھني تعصب تي هڪ ڀرپور چماٽ به آهي ۽ ان سان گڏوگڏ افسانوي فن جو هڪ عظيم شاهڪار به آهي بحرحال مون کي خوشي آهي ته سنڌي افسانوي ادب ۾ نوجوان ڪھاڻيڪار ايڏو سُٺو لکي رهيا آهن. جيڪو عالمي ادب سان برميچي سگهي ٿو.“ منور جي ڪھاڻيءَ لاءِ خاڪي جويي جي ايڏو وڏي راءِ رڳو منور سراج جي حوصلا افزائي يا ساراهه ناهي بلڪ هيءَ سموري سُٺي لکجندڙ ادب جي ساراهه ۽ حوصلا افزائي آهي.
منور جي هيءَ ڪھاڻي 30 سيپٽمبر جي واقعي جي پس منظر ۾ لکيل هڪ قومي ۽ رومانوي قسم جي پھرين ڪھاڻي آهي. جيڪا سچائي ۽ شعور جي آڱر پڪڙي بنا ڪنھن ٻيائيءَ يا گروپ بازيءَ جي حقيقت پسندي جي آڌار تي لکي وئي آهي. ان کان اڳ اِن يا اهڙن واقعن تي لکيل ليک يا ڪھاڻيون اهڙن انسان دشمن سوچن ۽ واقعن جي ساراهه ۾ لکيل آهن. پر مُنور سراج هڪ قومي شعور ۽ فڪر سان سلھاڙيل هئڻ جي ناتي جڏهن اِن سموري پس منظر جو سچائيءَ ۽ گھرائيءَ سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪيو ته هُن ٻن هڪ ٻئي جي خون ۾ وهنجندڙ ماڻهن جي وچ واري خال ۾ پيار جي هڪ مضبوط پُل جوڙي هنن کي غير فطري راهه تان هٽائڻ لاءِ انسانيت، پيار، امن ۽ سچائيءَ جو هڪ خوبصورت ۽ بي مثال ثبوت ڏنو آهي.

(2002ع)

ڀُورين اکين کي ڀيٽا

ڀُورين اکين کي ڀيٽا: (پياري دوست سارنگ سھتي جو خاڪو)

هو جيڪو هڪ دور ۾ ڪٽر ڪميونيسٽ هو ۽ پنهنجي مولوي پيءُ سان ئي مذهب تي وڏا جذباني بحث ڪندو هو. سو نيٺ پهنهنجي معاشي مجبورين ڪري خوابن جي دنيا ڇڏي حقيقت جي دنيا ڏي واپس وريو. ڇو ته نظريه ڪيڏا به خوبصورت ۽ سنگهارا ڇو نه هجن پر اُهي ماڻهوءَ جون معاشي گهرجون پوريون نٿا ڪري سگهن. اِهو ئي سبب آهي جو ڪالهه جو ڪامريڊ اڄ هڪ مسجد جو مولوي بڻجي پيو. ۽ هُن جي اِن تبديليءَ تي مون کي اڄ مائيڪل شولو خوف جو هي جملو ياد ٿو اچي ته ”زندگيءَ انسان کان پنهنجا اڻ لکيل قانون تعميل ڪرائيندي آهي“.
بختاور ۽ رضا جي پاپا جي ڀورين اکين ۾ هميشه ڏاهپ جو رنگ نمايان نظر ايندو آهي انهن ڀورين اکين تي نظر جي اڇن شيشن واري عينڪ هُن جي بردباري جي شاهدي ڏيندي آهي. جيڪا عينڪ هُن جي سُڃاڻپ جو هڪ حصو بڻجي وئي آهي. هُن جي سادن سودن وارن جي اسٽائل ۾ اڇن وارن جي سونهن هُن جي زندگي جي تجربن ۽ پريشانين جو عڪس ڏيندي آهي. هلڪي ننڍي ڏاڙهي هُن جي عمر ۾ واڌارو ڏيکاري ٿي. جنهن ۾ ڇِڊا اَڇا وار پڻ نظر اچن ٿا. هلڪيون سنهڙيون مڇون هُن جي ڳاڙهن سنهڙن چپن تي سُونهَن ٿيون. هُن جو ڊگهو سنهو نڪ سدائين ڳاڙهو رهندو آهي. بُت ۾ سنهڙي هن نوجوان جو اڇو ڳاڙهيسرو رنگ هُن جي نفاست جو ساکي آهي. هو پنهنجي طبيعت جي لحاظ کان پنهنجن وارن ۽ پنهنجي چهري جيان پڻ سادو آهي.
هو جڏهن به ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو آهي ته لفظ هُن جي زبان تي پکين جيان ولر ڪري لهندا آهن جيڪي هر مسئلي جي موضوع تي ٺهڪندڙ هوندا آهن. هو نه رڳو مسئلن تي ڳالهائي ڄاڻي پر انهن تي نثر ۾ سُٺو لکي ۽ انهن جا پنهنجي “ذهني ايپروچ” مطابق سُٺا حل پڻ ڳولهي وٺندو آهي.
مان هميشه هُن سان زندگي جي مونجهارن کان وٺي گهرو مسئلن تائين نه رڳو تفصيلي ڪچهريون ڪندو آهيان پر انهن جُي حل لاءِ صلاحون پڻ وٺندو آهيان. هُن جي پنهنجائپ ۾ مون ڪڏهن به رتيءَ برابر به گهٽتائي محسوس نه ڪئي آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو هُن سان اختلاف سونهن ئي ڪو نه ٿا. هو دوستن ۾ هر اختلافي ڳالهه کي درگذر ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ زندگي ۾ اجاين ڳالهين ۾ وقت وڃائڻ بجاءِ بهتر مستقبل لاءِ فڪرمند رهندو آهي.
هُو تعليم جي لحاظ کان محنتي ۽ هوشيار ته آهي ئي. پر ادبي، سياسي، سماجي ۽ ٻين حوالن کان گهڻن کان اڳڀرو آهي. پر تنهن هوندي به هُن ڪڏهن به منظر عام تي اچڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. جڏهن ته هُن سنڌي ادب ۾ معياري ڪهاڻيون مضمون، شاعري ۽ سُٺا ترجما پڻ ڪيا آهن.
هُن جو انهن سڀني ڳالهين کان ڪٽجڻ جو ڪارڻ صرف ۽ صرف معاشي بدحالي رهي آهي. والد جي وفات کان پوءِ، سندس والد جي جاءِ سنڀالڻ، مسجد جو پيش امام ٿي رهڻ ۽ مذهبي دنيا ڏي واپس ورڻ جو سبب سندس والد جي وقت کان مليل جاءِ ئي آهي. ڇو ته اُها جڳهه سندس والد کي ڀر واري مسجد ۾ مولوي ٿي رهڻ تي ئي ملي هئي. پنهنجي سرتان اَجهي جي هٽي وڃڻ سببان هُن زندگي جي رنگين ۽ جوان ڏينهن کي قربان ڪري ڇڏيو آهي. هُن جي سادگيءَ جي سچائي اِها ئي آهي جو هو پَٽ تي ويهي به ماني کائڻ، ميرن ڪپڙن سان ڪنهن به دوست سان گهر کان ٻاهر نڪري وڃڻ، هر ڪنهن سان قرب منجهان ملڻ ۽ هن سان پنهنجائپ منجهان ڳالهائڻ، ٻين جي مسئلن کي پنهنجو سمجهڻ، يا آڌي، مانجهي، ڏکي يا سکي ويل دوستن سان گڏ رهڻ آهي.
هُن جي زندگي ۾ تجربا هُن جا استاد رهيا آهن هُن ميڊيڪل اسٽور تي ڪمائڻ کان وٺي نئين روشني اسڪول ۾ پٽيوالي يا پرائمري اُستاد ٿيڻ تائين يا اٺين درجي کانپوءِ معاشي حالتن جي ڪري تعليم رڪجي وڃڻ ۽ وري اُتان کان جدوجھد ڪري ايم.اي.سوشالاجي تائين ۽ هاڻ اڃا اڳتي خوبصورت مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙڻ تائين هُن انيڪ تجربا ۽ مُشاهدا ماڻيا آهن.
هُن اسلام آباد جھڙي اجنبي شهر ۾ جتي هڪ ڏينهن هڪ سال جو آخري ۽ ٻيو ڏينهن نئين سال جي شروع ٿيڻ وارين خوشين ۽ ”نيوايئر“ ملهائڻ وارن لمحن ۾ هُن بي حسي جي مليل درد کان لڙڪ به لاڙيا آهن ته اڪيلي سِر بي حس اميرن جي شهر جي رستن تي رُليو به آهي. هُن جو حوصلو مون کي هميشه ڪاميابي جي لاٽ لڳو آهي. آءُ خود ”موڊي“ ماڻهو هوندي به اِن ڳالهه تي حيران ٿيندو آهيان ته مان هُن سان مسلسل گڏ ڪئين هلي سگهيو آهيان. توڙي جو آءُ کوڙ ڀيرا هُن سان ڪن ڳالهين تي ناراض به ٿيندو آهيان پر اُها ناراضگي، سچ ته ڪجهه لمحن لاءِ هوندي آهي. اُن ويل مٿس تمام گهڻي چڙ وٺندي آهي جڏهن هو منهنجون راز ۾ ٻڌايل ڳالهيون دوستن ۾ مذاق جي نوع ۾ ظاهر ڪندو آهي. يا جڏهن رستي تان هلندي ڪنهن سُڃاڻ سان هروڀرو گهڻي دير تائين بيهي ”ڇَتي ڪوري واري اجائي ڊيگهه ڪندو آهي. يا سائيڪل بيهاري موٽر جي وڃڻ جو انتظار ڪندو آهي. هو شهر ۾ سائيڪل هلائڻ مهل رش ۾ ته صفا ڪنفيوز ٿي ويندو آهي. ۽ سائيڪل ايتري ته آهستي هلائيندو آهي ڄڻ سلو سائيڪل هلائڻ ڪري ڪو انعام حاصل ڪرڻ چاهيندو هجي. هڪ ڀيري اسپتال روڊ کان اوڀرين پاسي ڏانهن ويندي ۽ ڪچهري روڊ جي موڙ وٽان اُترين طرف پنڌ سائيڪل سان هلي رهيو هو جو نه ڄاڻ ڪهڙن خيالن ۾ هُن بيٺل ٽانگي (گهوڙي گاڏي) کي وڃي سائيڪل هئين ۽ پاڻ به ٽانگي گاڏيءَ ۾ وڃي لڳو. گهوڙي کي ٽاهه اچي ويو. اوسي پاسي ۾ بيٺل يا ويندڙ ماڻهو اِهو ڏسي تمام گهڻو کلي رهيا هئا. جنهن تان مون به وڏا ٽهڪ ڏئي کيس کلائي وڌو. مون کانئس جڏهن اُن بي خياليءَ جو سبب پڇيو ته هن نهايت ئي سادگي ۽ بيباڪيءَ سان ٻڌايو ته ”هُو اصل ۾ سامهون ايندڙ هڪ خوبصورت عورت کي ڏسي اوچتو تصور جي دنيا ۾ گم ٿي ويو هو“. هُن سان گهاريل سمورا لمحا ڪڏهن به وساري نٿا سگهجن. اسان جڏهن به پنهنجي شهر جي اڪيلي تفريح گاهه نواب شاهه ريلوي اسٽيشن تي ويندا آهيون ته اُن ويل ڪا به ٽرين ايندي ڏسي هو وائڙو ٿي ويندو آهي. ڇو ته اهو خوف سوار ٿي ويندو اٿس. ته متان ڪٿي پليٽ فارم ٽڪيٽ نه هئڻ ڪري کانئس پشاور يا ڪراچي جو ڪرايون نه وصول ڪيو وڃي. سندس انهيءَ پريشاني تي اسان وڏو مزو ماڻيندا آهيون ۽ جڏهن به اسٽيشن کان گذرندي ڪا بيٺل ٽرين ڏسندا آهيون ته کيس زوري پليٽ فارم تي گهلي ويندا آهيون.
مو نکي ياد نٿو اچي ته ڪو هو ڪڏهن به اسان جي انهن روين کان چڙيو هجي يا جذباتي ٿيو هجي. هو جيڪڏهن جذباتي ٿيندو به آهي ته فقط ڪجهه لمحن لاءِ. اها حقيقت آهي ته چڙ يا جذباتي ٿيڻ هُن جي سڀاءُ ۾ ئي ڪو نه آهي.
هُن کي ڪنهن کي به سچ چوڻ ۾ دشواري نه ٿيندي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڪثر ادبي پروگرامن ۾ کيس اسٽيج تي تقرير ڪرڻ لاءِ يا ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ ڪو نه گهرايو ويندو آهي. انهن ڳالهين جي ڪري هو کوڙ سارن لاءِ جتي اک جو ڪنڊو آهي. اُتي گهڻن لاءِ نيڻن جو سُرور پڻ آهي.
هُن کي مون ڪڏهن زندگي کان مايوس ڪو نه ڏٺو آهي. هُن وٽ ارادن جي ايتري ته پُختگي آهي جو هو پنهنجي هر ڏکي ڪم ۾ ڪامياب ٿيندو آهي. نواب شاهه جا گهڻا دوست هن جي ان همت نه هارڻ واري ڳالهه کان چڱيءَ طرح واقف آهن. هُن وٽ زندگيءَ ۾ انسان دوستيءَ وارو نظريو نمايا نظر اچي ٿو. اُن ڪري به هو مون کي پنهنجي نواب شاهه جي ادبي دوستن ۾ اهو اڪيلو دوست لڳندو آهي. جنهن جي ڪچهريءَ مان اُٿي وڃڻ تي اُها ڪچهري بي معني لڳندي آهي. هن جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. ڇو ته اسان هڪ ٻئي سان تمام گهڻو ويجهو رهيا آهيون.
ڀورين اکين واري هِن نوجوان سان منهنجي پهرين ملاقات اوڻيهه سؤ ايڪانوي سال جي پهرين مهينن ۾ تڏهن ٿي هئي جڏهن مان جمعي جي ڏينهن صبح جو گرمين جي موسم ۾ اٺين يا ساڍي اٺين وڳي ڊي سي هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه جي هفتوار دستوري گڏجاڻي لاءِ پهريون ڀيرو ويو هئس. اسڪول جي مين گيٽ ۾ داخل ٿيڻ سان سامهون ٽيچرس روم وٽ ويرانڊي ۾ ٻه شخص ويٺل ڏٺا هيم. جن ۾ هڪ ته سنگت نواب شاهه جو سينيئر ميمبر سائين منظور حسين قريشي هو، جنهن کي مان اُستاد جي حيثيت ۾ ۽ پاڙيسريءَ جي حوالي کان ڀلي ڀُت سُڃاڻيندو هئس. پر ٻيو نوجوان پهريون ڀيرو ڏٺو هيم. مون ساڻن ملي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ متعلق پڇيو هو. هُن نوجوان ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ متعلق ٻڌايو ۽ پوءِ مون کي پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو. منهنجي تعارف کانپوءِ هُن پنهنجي تعارف ۾ پنهنجو نالو ”سارنگ سهتو“ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه ٻڌايو هو. انهن ڏينهن کان پوءِ سارنگ سهتي سان منهنجي زندگيءَ جون انيڪ صُبحون، شامون، بهارون، خزائون گڏ گذريون آهن. اسان ڪئي ٽهڪ ۽ لڙڪ گڏجي ”شيئر“ ڪيا آهن. هُن سان ملي مون هميشه پنهنجي پيڙائن ۽ پريشانين ۾ ڪمي محسوس ڪئي آهي ۽ اسان جڏهن به ڪا خوشي هڪ ٻئي سان ونڊي آهي ته اُها هڪ لمحي جي خوشي سالن جي دردن تي ڀاري لڳندي آهي. شال اسان جي دوستي هر منحوس نظر کان بچيل رهي ۽ اسين سدائين زندگيءَ جو ڀوڳنائون ۽ راحتون گڏ ونڊيندا رهون.

(1996ع)

مانجهيان اِيءُ مَرَڪُ

مانجهيان اِيءُ مَرڪ: (قومي تحريڪ جو خاموش سپاهي- سرفراز ميمڻ)

مون لاءِ هن ڪائنات ۾ سڀني کان اهم،اُتم ۽ عزت لائق صرف اُهي ئي فرد رهيا آهن جن پنهنجي ڀوميءَ کي ،پنهنجي گرڀ ۾ نوَ مهينا سانڍيندي ،وڏي اضطراب مان گُذري جنم ڏيندڙ جيجل ماءُ کان به مٿانهُون ڄاتو آهي ۽ اُن جنم ڏيندڙ ماءُ جي سَڏ کان وڌيڪ عظيم تر سَڏ ڌرتيءَ ماءُ جو ڄاتو آهي.پرانفرادي جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ اجتماعي جنم ڏيندڙ ڌرتي ماءُ ۾ فرق ڪرڻ وارا تمام گهٽ شخص پيدا ٿيندا آهن،جيڪي تعداد ۾ ته ٿورا هوندا آهن پر اُهي اُنهن بي شعور ماڻهن جي وڏي هجوم تي ڀاري هوندا آهن،جيڪي اهڙي آفاقي شعور سان قومن جون تقديرون تبديل ڪري ڇڏيندا آهن.اهڙي افسوس ناڪ صورتحال هميشه غلاميءُ جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ قومن ۾ جَڙون پڪڙي پڪي ۽ پُختي ٿي پوَندي آهي.جيڪا اڪثريتي حوالي سان انتهائي گهري مايُوسيءَ ۽ انارڪيءَ کي جنميندي آهي.پر ڪڏهن ڪڏهن غلام قوم مان، رُوس جي باغي ليکڪ مئڪسم گورڪيءَ جي اِنقلابي شاهڪار ناول “ماءُ”جهڙي غلام ماءُ به غلاميءَ جي زنجيرن کي جهنجهوڙي وجهندي آهي.جنهن مان اِنقلابن جي اُتساهيندڙ تاريخ جنم وٺندي آهي.۽ پوءِ اُها ماءُ پنهنجي جُهريل ڪُکَ مان ڪيترائي اِنقلابي پُٽ ،جوڌا جنميندي آهي.جيڪي هوچي منھ،چي گويرا،گانڌي، ڀڳت سنگهه،سائين جي.ايم سيد جهڙن عظيم اِنسانن جو رُوپ وٺي پيا ايندا آهن..جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ايترو ته اُتم ڪردار ادا ڪندا آهن جو اُنهن جي ڌرتيءَ سان مُحبت جي شمع تي ڪيترائي پروانا پاڻ قُربان ڪرڻ لاءِ اُڏامندا ايندا آهن. ۽ اُن شمع جي جوت کي جلا بخشيندا رهندا آهن. اهڙن عاشقن،پتنگن جي قومي تحريڪ ۾ ڪڏهن به کوٽ ڪين رهي آهي.جن سِر ڏئي به ڌرتيءَ کي سرخرو بڻايو آهي.جن جو خون کٿُوري بڻجي سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ فضائن کي واسيندو رهيو آهي.

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي،آ رت ۾ خوشبُو مينديءَ جي،
ڪو ڪيئن نه ڊوڙي زندان ڏي، ٿا زُلفَ ڇِڪن زنجيرن جا.
(اياز)

۽ يقين ڪيو منهنجا دوستو! ته جنهن ڌرتيءَ جي قومي شاعر کي رت ۾ مينديءَ جي خوشبو ۽ زُلفن کان وڌ زندان جي ڇِڪَ جو پَرو پئجي چُڪو هجي،اُن ڌرتيءَ جي آزاديءَ کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نٿي سگهي.۽ جنهن ڌرتيءَ جي نِجات لاءِ سن جي سائينءَ جو ايمان ايتروپُختو هُجي ته، ”مون کي سنڌ جي آزاديءَ تي ايترو يقين آهي جيترو سُڀاڻي جي سِج اُڀرڻ تي“.... ته پوءِ هاڻ اسان کي اُن سُڀاڻي واري سِج اُڀرڻ کان اڳ جيڪا تياري ڪرڻي آهي اُها اوس ۽ لازمي آهي.اهڙي تياري ،جدوجھد ڪندي جتي سنڌ جا کوڙ سارا شهيد ،شهادتُون ماڻي اُن کي پنهنجي رت سان چِٽو ڪري ويا آهن اُتي ٻيا به ڌرتيءَ جا عاشق اُن واٽ تي پنهنجن پُورين سچاين،عملن سان پنهنجو نُور نِچوئي اڄ به روان ۽ دوان آهن. جن ۾ سائين سرفراز ميمڻ اُنهن اهم نالن مان سرِفهرست آهي جيڪي سنڌ ۽ سيد جا نظرياتي، فڪري، عاشق ۽ پوئلڳ آهن.جن رياستي ڏاڍاين ۽ رُڪاوٽن ،لالچن، دڙڪن،دهمانن،جيلن توڙي عدالتن کي ته ليکيو به ڪونه ۽ پنهنجي ڪمينٽمينٽ ۾ اڳي کان به اڳرا رهيا.جن لاءِ لطيف سائين به فرمايو آهي ته،

عاشق زهر پياڪَ، وِھُه ڏسي وِهسن گهڻو.
ڪَڙي ۽ قاتل جا، ھميشه ھيراڪ.
لڳن لنوَ لطيف چئي،فنا ڪيا فيراق.
توڙي چڪنن چاڪ، ته به آھَ نه سلن عام سين.
(شاهه)

مُشڪلاتوُن،ڏُکيايون،ٽارچر سيل،تتي توڙي ٿڌي هوُ هر وقت پنهنجي ڪيل وچن کي پاڻي ڏيندا رهندا آهن. ۽ سائين سرفراز ميمڻ جيڪو پنهنجي سڀاءُ ۽ مزاج ۾ خاموش ۽ پُر امن پر ظُلم خلاف باغي،نوراني چهري تي اڇي سُونهاري ۽ سنڌ جي آزاديءَ جا سُهانا سپنا اُڻيندڙ ،اکين تي نظر جي اڇن شيشن واري عينڪ، اڇي ڪاٽن جي وڳي ۾ ملبُوس مون کي سيد ۽ سنڌ جو هڪ با ڪمال،با عمل اُهو ڪردار نظر ايندو آهي جنهن جي زندگيءَ جي سُڃاڻپ ۽ مقصد صرف ۽ صرف قومي تحريڪ ۾ سيد ۽ شهيد بشير خان قُريشيءَ تائين گڏجي جدوجهد ڪندي گُذري آهي. اِها اسان نواب شاھ وارن ۽ سنڌ واسين جي خوش نصيبي آهي جو اهڙو ارڏو، بهادُر، بي باڪ ڪردار نواب شاھ سان سُڃاڻپ رکي ٿو ۽ نواب شاھ کان سنڌ تائين عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏٺو ۽ سُڃاتو وڃي ٿو.
سائين سرفراز ميمڻ پنهنجي عمل ۽ ڪردار ۾ سائين جي ايم سيد جي اِن قول تي پابند ۽ پورو لهندو آيو آهي ته ”منهنجو ڪارڪن اُهو آهي جنهن ۾ نه ڊِڄ،نه لالچ۽ نه وري نشي پتي جي هير يا اُن جو عادي هُجي.“ اِن تناظر ۾ قومي تحريڪ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سائين جي ايم سيد کان پوءِ سنڌ جا ڪارڪن هوندا جيڪي اُنهن کامين کان بچيل آهن.اُنهن ۾ سائين سرفراز ميمڻ به اهم طور تي شُمار ٿئي ٿو.
سائين سرفراز ميمڻ پنهنجي زندگيءَ جون چاليهه بهارون ۽ خزائون سنڌ ۽ سيد جي عظيم عشق ۾ مخمُور بڻجي گُذاريون آهن.جن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ جتي ڪٿي هي نوجوان پوڙهو پنهنجي پهاڙن جيڏين سچاين ۽ جذبن سان سرشار ديس دروهين سان اٽڪندو پئي رهيو آهي.مون کي هميشه سائين سرفراز ميمڻ سان ملي ڪري هڪ پُر يقين اعتماد ۽ فخر محسُوس ٿيندو آهي.۽ ساڻس مُختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪنهن معصُوم ٻار جھڙي روَيي جو احساس ٿيندو آهي.ڇاڪاڻ جو سائين سرفراز ميمڻ جيترو بظاهر گانڌي ۽ سائين جي ايم سيد جهڙو امن پسند،نهٺو ۽ ملنسارآهي اوترو ئي پنهنجي اندر ۾ باغي،ڀڳت سنگهه ۽ شهيد بشير خان قُريشيءَ جهڙو جوالا مُکي به آهي.اِهي ئي سبب آهي جو هِن جي زندگيءَ جي ”ڊڪشنريءَ“ ۾ ”ڪمپرومائيز“ جو لفظ ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي. هِن سيد جي فڪر ۽ فلسفي تي هلندي هميشه اڳتي کان اڳتي وڃڻ سِکيو آهي نڪي پُٺتي موٽڻ.ڇاڪاڻ جو هُن وٽ ڀٽائي چواڻي ته،

موٽڻ تنين مِهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪُسڻ جو قرار،اصل عاشقن کي.
(شاهه)

يا الائي ڇو شيخ اياز جو سائين جي ايم سيد لاءِ لکيل هڪ بيت، جيڪو منهنجي دل ٿي چوي ته اُهو اڄ هِت مان سائين سرفراز ميمڻ کي ڀيٽا طور پيش ڪريان ته،
هي جو پوڙهو جهُور،وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾.
اڃا ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور.
سوچي ڏسي ڏُور، ايندڙ آرڻ ڏينهڙا.
(اياز)

ڇاڪاڻ جو هي به سيد جو هڪ اهڙو سِپاهي آهي جنهن سدائين پنهنجو سِر تِري تي رکي ميدانِ جنگ ۾ وڙهندي گُذاريو آهي ۽ هميشه سنڌ دُشمنن تي ڏند ڪرٽيندي سنڌ سان مُحبت جي ساک پئي ڏيندو رهيو آهي. ۽ هُو اڄ به جڏهن سنڌ لاءِ روڊن،رستن جلسن، جلُوسن ۾ ظلمت خلاف وڏي آواز پُر جوش نعره هڻندو آهي ته اھي اُڀ ۽ ڌرتيءَ کي لرزائي ڇڏيندڙ نعره نوجوان ڪارڪنن ۾ هڪ نئون روح ڦُوڪي، مَنجهن اُتساهيندڙ جذبا اُڀاري وجهندا آهن. جن جي ڪري سمورو قومي قافلو تحرڪ ۾ اچي ويندو آهي.
اِها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن به چاچو سرفراز(جيڪو منهنجي ته سِر جو سائين آهي) سنگت ۾ يا تنظيمي گڏجاڻين ۾ ڪاوڙ ۾ ايندو آهي ته اُها ڪاوڙ جي باھ سُڪن سان گڏ ساون ڪارڪنن کي به ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي.۽ پوءِ هُن جي چِڙ، ڪاوڙ ٻيلي جي باھ وانگر پنهنجي عرُوج تي پُهچي ئي جهڪي ٿيندي آهي.پر پوءِ به سندس چاهيندڙ ڪارڪن دوست سندس روَيي جي اهڙي تِکي لهس کي برداشت ڪري به ساڻس احترام ، محبت ۽ خُلوص وارو رشتو قائم پيا رکندا اچن.شايد شهيد بشير خان قُريشيءَ جي،سندس شهادت کان پوءِ نواب شاھ جي ڪارڪن دوست انور چانڊيي کي خواب ۾ چيل اُن ڳالهه جو ئي اثر آهي ته، ”سرفراز ميمڻ سڄي زندگي،سنڌ جي جدوجهد ۾ انتهائي مُشڪل حالتن ۾ مون سان گڏ گُذاري آهي.اُن جي چِڙ يا ڪاوڙ ۾ چيل ،توهان ڪارڪنن کي ڪا به ڳالهه ڳري نه لڳڻ گُهرجي.هُن جي وڌ کان وڌ عزت ۽ احترام ڪيو“. اِها ڳالهه مون کي پنهنجي نظرياتي دوست مسعُود خاصخيليءَ ٻُڌائي هُئي. جنهن شخص جي شهيد بشير خان قُريشي ۽ ٻيا سينيئر توڙي نوان قومي اڳواڻ بي انتها عزت ڪندا هُجن اُتي اسان سڀني ڪارڪنن تي به فرض عائد ٿئي ٿو ته سندس خوابن جي روشني بڻجي هُن سان گڏجي هڪ نئين باک اُڀاريون.
مون سدائين سائين سرفراز ميمڻ سان ملي ڪري ۽ کيس ڏسي ڪري ڄڻ ته لطيف جي هِن بيت جي تشريح پئي پاتي آهي ته:

مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ،ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
(شاهه)
سائين سرفراز ميمڻ،سائين جي ايم سيد،شهيدِ سنڌو ديش بشير خان قُريشيءَ ۽ ٻين اهم ڪردارن سان گڏجي پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي سال مُسلسل جدوجهد ڪندي گُذاريا آهن.اهڙي اهم ڪرداررکندڙ ماڻهون سان ملڻ، جُلڻ، ڳالهائڻ، ويهڻ مون لاءِ ڪنهن به اعزاز کان تمام وڌيڪ آهن.آخر ۾ دُعا ته شال هي سنڌ جو پوڙهو سچو عاشق، سنڌ جي آزاديءَ جو سِج پنهنجن پُر اُميد نيڻن سان پَسي.جنهن کي سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد کا پوءِ اِهو اعزاز پڻ آهي ته هُن، هِن رياستي عدالت ۾ جج جي سامهون هِن مُلڪ کي ٽوڙڻ جو بار،بار اعتراف ڪيو هو....

(2013ع)

پاڻ کي ڪھاڻين ۾ دريافت ڪندڙ ڪھاڻيڪار

پاڻ کي ڪھاڻين ۾ دريافت ڪندڙ ڪھاڻيڪار: (”ٽيون نَسُل“ جو خالق-امداد رند)

هر ماڻهوءَ جي زندگي هڪ ڪهاڻي آهي پر هر ماڻهو ڪهاڻيڪار ڪو نه هوندو آهي. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو فنڪار موجود هوندو آهي جنهن کي وقت ۽ حالتون ظاهرڪنديون آهن۔بقول شيڪسپيئر ته،”هيءَ دنيا هڪ اسٽيج آهي ۽ اسين سڀ اداڪار آهيون جيڪي پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائي هليا وڃون ٿا“.
زندگي مُختلف شعبن ۾ ورهايل هُئڻ جي ڪري اُن جا رنگ توڙي رُوپ،ڪيفيتون توڙي نفسيات پنهنجي پنهنجي انداز سان پَروان چڙهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن زندگي تضاد جو اهڙو ته روپ اختيار ڪري وٺندي آهي جو ماڻهو پنهنجي فطرت ۽ سماجي بيهڪ ۾ هڪ وڏي مُونجهاري جو شڪار بڻجي پوندو آهي.
منهنجو ڪهاڻيڪار دوست امداد رند، پنهنجي شاعراڻي حساس فطرت ۾ هڪ تُز لفظن سان سماج جي چٽي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو ڪهاڻيءَ جي جُستجوءَ ۾ هر وقت مُتحرڪ رهندڙ اهڙو ليکڪ آهي جنهن جي مُشاهداتي تيز نِگاھ سماج مان ڪهاڻين جو خام مال دريافت ڪري اُن کي فن ۽ فڪر جي سانچي ۾ اهڙو ته فٽ ڪندي آهي جو هڪ ڪهاڻي پنهنجي مُڪمل دنيا سان ساھ کڻڻ لڳندي آهي. پوليس جي ڪَٺن ۽ سَخت ترين نوڪري ۾ هوندي به هُن جي مَن جو ڪهاڻيڪار سدائين حساس ڪيفيتن هٿان پيو ڪڪوربو آهي۔
ڪوئلي جو گهاٽو دُونهون اوڳاڇيندڙ (اسٽيم انجڻ)ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏي جي ڊرائيور غازي خان رند اهو سوچو به ڪونه هو ته ڪو سندس وجود جي پهرين تخليق اڳتي هلي سنڌي ادب جي تخليقڪار جو روپ وٺندي۔
ڪوٽڙي جي ريلوي ڪالوني ۾ سنڌو درياھ جي ڪنڌيءَ تي28 مئي1970ع تي جنم وٺندڙ امداد رند پَڊعيدن جي ڌرتيءَ تي پنهنجي بابا جي آڱر وٺي پهريان قدم کڻڻ سکيو۔جنهن کان پوءِ پڊعيدن اسٽيشن پرائمري اسڪول ۾ پڊعيدن جي نامياري اُستاد علي اڪبر سومري وٽ الف بي جي پٽي پڙهي پهريون درجو پاس ڪيو ته سندس والد جي ترقي سبب بدلي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿي۔جتي هُن کي اُستادن ٻيهر پهرين درجي کان پڙهائڻ جي شروعات ڪئي۔ امداد رند لاڙڪاڻي ۾ ريلوي ڪالوني ۾ رهندي پنهنجي فراخ دل ۽ پنهنجي فطرت ۾ هڪ خوش مزاج پيءُ جي صُحبت ۾ سينيمائن ۾ فلمن ڏسڻ سان گڏ لاڙڪاڻي جي وسيع تر رستن تي ڪڏهن ٽانگي تي ته ڪڏهن سائيڪل تي گُهمندي جيڪو به لُطف يا ٻاراڻي عمر ۾ جيڪو به معصوم مُشاهدو ماڻيو هو.اُهو سندس ڪهاڻين ۾ ڀَرپور فن جي صورت ۾ عَيان آهي۔ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي ريلوي ۾ نوڪري هُجڻ ڪري سنڌ جي مُختلف شهرن جي آب هوا امداد رند جي ڪهاڻيڪار کي آڪسيجن پئي ڏني آهي۔ سنڌو چوڪ لاڙڪاڻي تي موجود فُٽ پاٿ تي پيل ڪتابن مان ٻاراڻين آکاڻين جي چوپڙين ڪهاڻيڪار امداد رند کي دريافت ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو۔
امداد رند جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب”ٽِيون نَسُل“ ڇپجي سنڌي ادب ۾ مَڃتا پڻ ماڻي چُڪو آهي۔۽ انجمن ترقي پسند مُصنفين سنڌ پاران 2018ع جو فڪشن ۾ بهترين ڪهاڻين جي ڪتاب جو ايوارڊ ماڻي چُڪو آهي۔جنهن ڪتاب جون ڪهاڻيون سماجي حالتن جون وڏي فنائتي انداز ۾ پيش ڪيل اهڙيون ته ڪهاڻيون آهن. جن کي پڙهي ماڻهو اُنهن ڪهاڻين جي سَحر ۾ منڊجي اُنهن جو ڪردار بڻجي وڃي ٿو۔جن ۾ پيار،محبت، جماليات توڙي مزاحمت جا رنگ جابَجا نظر اچن ٿا۔سندس ڪهاڻين ۾ ڪردارنگاري، منظرنگاري، ٻولي، ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو فن جَهجهي انداز ۾ ملي ٿو.
امداد رند هڪ ڪهاڻيڪار هُئڻ سان گڏ،هڪ روشن خيال،نظرياتي طور تي پَڪو ۽ پُختو،سن جي سرزمين جو پانڌيئڙو آهي۔جنهن جي سوچن ۽ خيالن جي مٽي سندس ساهن ۾ مهڪندي، سندس وجود کي معطر ڪندي رهندي آهي.

)2020ع)

درد، خدا کان به وڏو ۽ عظيم آهي

درد خدا کان به وڏو آهي: (انڊين فلم اسٽار عرفان خان جي وڇوڙي تي)

آرٽ جو رشتو ڪيترو نه گهرو ۽ سگهارو ٿئي ٿو اُن جو اندازو مون کي انڊين فلم انڊسٽريءَ جي نامياري ۽ مُنفرد اداڪار عرفان خان جي وڇوڙي تي شدت سان محسوس ٿيو.پولار مان پڙاڏا پڙاڏا ٿي اُڀرندڙ آواز ۽ پُرتجسس اکين وارو هي گهڻ رُخو اداڪار عرفان خان پنهنجي زندگيءَ ۾ اوچتو آيل خطرناڪ ڪُن ۾ شديد درد جون گهوماٽيون کائيندي به پنهنجي آخري خط ۾ پنهنجي روح جو اعليٰ ۽ آرٽسٽڪ اظهار ڪيڏو نه دل آويز ڪيو آهي،ڄڻ پُردرد ڪيفيتن کي لفظن جي ڪاري ردا ڍڪائي پنهنجي زندگيءَ جو هڪ نوحو لکيو آهي۔جيڪو”اَڌوري زندگيءَ ۾ لکجي ويل هڪ مڪمل خط“آهي. جنهن کي عرفان خان لنڊن جي هڪ ڪينسر اسپتال ۾ تلخ گهڙين جو وِھُ،ڍُڪ ڍُڪ پيئندي تحرير ڪري فن جو ڳاٽ اُوچو ڪري ڇڏيو آهي.هُو لکي ٿو ته”ڪجهه مهينا پهرين اوچتو مون کي خبر پئي ته،مان”نيورواينڊوڪرن“ ڪينسر ۾ ورتل آهيان.مون پهريون دفعو اُهو لفظ ٻُڌو هو.معلوم ڪرڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته،هِن لفظ تي گهڻي تحقيق نه ٿي آهي.ڇو ته اِهو هڪ اَڻ لڀ جسماني حالت جو نالو آهي،۽ اُن جي ڪري هِن جي علاج ۾ بي يقيني گهڻي آهي.اڃان تائين پنهنجي سفر ۾،مان ڊوڙي رهيو هُئس،مون سان گڏ منهنجا منصوبا،اُميدون،خواب ۽ منزلون هُيون.مان اُنهن سان لاڳاپجي اڳتي وڃي رهيو هُئس ته،اوچتو ٽڪيٽ ڏسندڙ،منهنجي پُٺيءَ کي ٿَپڪيو، تنهنجي اسٽيشن اچڻ واري آهي،مهرباني ڪري لهي وڃجان،منهنجي سمجهه ۾ نه آيو....نه نه، منهنجي اسٽيشن اڃان ناهي آئي... جواب مليو،توکي ايندڙ ڪنهن به جاءِ تي لَھڻو پوندو،تنهنجي منزل اچي وئي آهي....مون کي يڪدم احساس ٿيو ته توهان ڪنهن ڪاٺ جي ٻُوچ جيان اَڻڄاڻ ساگر ۾ نااميديءَ جي لهرن تي لُڙهي رهيا آهيو، لهرن کي قابو ڪرڻ جي غلط فهميءَ ۾.اُن وٺ پَڪڙ،حِراس،۽ ڊپ ۾ گهٻرائجي مان پنهنجي پُٽ کي چوان ٿو،اڄوڪي هِن حالت ۾ صرف ايترو ئي چاهيان ٿو....مان هِن ذهني حالت ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي،ڊپ ۽ بدحواسي جي حالت ۾ جيئڻ نٿو چاهيان. مون کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا پير کپن،جن تي بيهي ڪري پنهنجي حالت ۾ بنا پاسداريءَ جي جيءُ سگهان،مان بيهڻ چاهيان ٿو،اهڙي منهنجي خواهش هئي، منهنجو ارادو هو..ڪُجهه هفتن کان پوءِ مان هڪ اسپتال ۾ داخل ٿي ويس،بي انتها درد ٿي رهيو آهي،اِها ته ڄاڻ هئي ته درد ٿيندو پر اهڙو درد؟هاڻ درد جي شدت سمجهه ۾ اچي پئي. ڪو به ڪم نٿو ڪيان، نه ڪا تسلي ۽ نه ئي ڪو دلاسو، پوري ڪائنات اُن درد ۾ سُڪڙجي وئي هئي، ”درد،خدا کان به وڏو ۽ عظيم محسوس ٿيو.“مان جنهن اسپتال ۾ داخل آهيان،اُن ۾ بالڪوني به آهي.ٻاهر جو ڏيک ڏسندو آهيان.”ڪوما وارڊ“بلڪل منهنجي مٿان آهي.رستي جي هڪڙي پاسي منهنجي اسپتال آهي ۽ ٻئي پاسي لارڊ اسٽيڊيم آهي،اُتي”ووين رچرڊس“جو مُرڪندڙ پوسٽر لڳل آهي،منهنجي ننڍپڻ جي خوابن جو تصور،اُن کي ڏسڻ سان پهرين نظر ۾ مون کي ڪو احساس ئي نه ٿيو.يقين ڪيو ته ڪڏهن ڄڻ اُها دنيا منهنجي هئي ئي ڪا نه،مان درد جي پَڪڙ ۾ هُئس.۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن اِهو احساس ٿيو ته.....جيئن مان ڪنهن اهڙي شيءِ جو حصو نه آهيان، جيڪا مُقرر ٿيڻ جي دعوا ڪري،نه اسپتال ۽ نه اسٽيڊيم، منهنجي اندر ۾ جيڪو ڪجهه به بَچيل هو، اُهو اصل ۾ ڪائنات جي لامحدود قوت ۽ عقل جو اثر هو. منهنجي اسپتال اُتي هُجڻي هئي،مون چيو، صرف بي يقيني ئي طيءِ آهي.اُن احساس مون کي پاڻ ارپڻ ۽ ڀروسي جي لاءِ تيار ڪيو.هاڻ جيڪو به نتيجو نِڪري،اُهو ڪٿي به وٺي وڃي.اڄ کان پوءِ اٺ مهينا،چارمهينا،يا پوءِ ٻَه سال....فڪر هڪ پاسي ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ منهنجي ذهن مان جيئڻ ۽ مرڻ جو حساب ختم ٿي ويو. پهريون ڀيرو مون کي لفظ”آزادي“جو احساس ٿيو،صحيح معنيٰ۾!هڪڙي ڪاميابي جو احساس.هِن ڪائنات جي هُجڻ ۾ منهنجو يقين ئي منهنجو مُڪمل سچ ٿي ويو.اُن کان پوءِ لڳو ته اِهو يقين منهنجي هر جُزي ۾ پيهجي ويو آهي،وقت ئي ٻُڌائيندو ته اُهو قائم رهي ٿو يا نه، فلحال مان اِهو ئي پيو محسوس ڪيان ته،هِن سفر ۾ سڄي دنيا جا ماڻهو.... سڀئي،منهنجي چڱ ڀلائيءَ جي لاءِ دعاڳو آهن، مان جن کي سُڃاڻان ٿو يا نه،اُهي مختلف جاين ۽ وقتن تي عبادت ڪري رهيا آهن،مون کي لڳي ٿو ته اُنهن جون دعائون گڏجي هڪ ٿي ويون آهن...... هڪڙي وڏي طاقت.... زندگي تيزيءَ سان منهنجي ڪرنگهي کان مون ۾ داخل ٿي سِر جي مٿان، کوپڙيءَ مان ڦُٽي رهي آهي. ڪڏهن مُکڙي،ڪڏهن پَنکڙي،ڪڏهن ٽاري ۽ ڪڏهن شاخ بڻجي ٿي وڃي.مان خوش ٿي ڪري اُنهن کي ڏسندو آهيان.ماڻهن جي گڏيل دُعائن مان ڦُٽل هر ٽاري،هر پنکڙي،هر گل،مون کي هڪ نئين دنيا ڏيکارين ٿا. احساس ٿيندو آهي ته ضروري ناهي ته لهرن مٿان ڪاٺ جي ٻُوچ جو ڪو وَسُ هُجي...جيئن توهان قدرت جي پينگهه ۾ لُڏي رهيا هُجو...“
عرفان خان کي اِها ڪَل پئجي چُڪي هئي ته کيس هاڻ گهڻو وقت زندگي ساڻس همسفر نه رهي سگهندي۔اُن ڪري هُن مُڪمل شَعور يا سُجاڳيءَ سان زندگي جي دُوري ۽ موت جي ويجهڙائپ کي ڪينسر جهڙي لاعلاج مرض ۾ درد کي وڏي سيبتائيءَ سان دل جي جهيرون جهيرون پاند ۾ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔هڪ بهترين آرٽسٽ وقت جي ڇِرڪ جهڙي لمحي ۾ ڪئين نه پنهنجي پوري هوش ۽ حواس سان بيماريءَ جي پيڙائن کي ڀوڳي ٿو۔جو، هُن جي آرٽسٽڪ ايپروچ ڪٿي به گهٽبي محسوس نه ٿئي ٿي۔بلڪ اُها ته سموري وارتا هڪ ڀيانڪ ڊرامي يا فلم جيان هلندي نظر اچي ٿي۔جنهن جو ڪردار عرفان خان ڪيڏي نه اُتم دلي سان نڀائيندي زندگيءَ جي تيز ويندڙ ريل ۾ اڳتي کان اڳتي وڏا خواب ۽ خيال کڻي ويندڙ مسافر جيان مُسڪرائيندي مُسڪرائيندي اوچتو پنهنجي نفيس ڪُلهي تي وقت جو ڀاري هٿ پوندي محسوس ڪري ٿو.۽ فلم جي ڪنهن سِين جيان هُو پنهنجو ڪنڌ ورائي موت جي”ٽڪيٽ چيڪر“کي اکيون،اکين ۾ وجهي پُرعزم نظرن سان ڏسي ٿو،جيڪو عرفان خان کي پنهنجي اڌوري سفر جي کُٽندڙ سلسلي مُتعلق آگاھ ڪري ٿو ۽ عرفان خان حيرانگيءَ جي حدن کي ڇُهندي وقت کي ڇِرڪائي وجهي ٿو،۽ هُو ايندڙ ايذائيندڙ اَنت جي اسٽيشن تي لهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو۔پر هُو وقت جو ڳرو هٿ هٽائيندي وڏي اعتماد سان کيس مُخاطب ٿيندي چوي ٿو ته،اي انت جا ڀيانڪ آواز!تنهنجي ڪيتري به تِک ۽ تار ڇونه ڏهڪائيندڙ هجي،ڇونه ڪيتري ئي پُر قوت هُجي پر فن جي فلڪ تائين اُن جي رسائي ناممڪن آهي۔مان فن جي آڪاس جو هڪ ستارو آهيان تون منهنجي آرٽ جون اکيون ڪڏهن به بند نٿو ڪري سگهي۔ها تون رڳو مٽيءَ جي وجود تائين رسائي رکين ٿو پر سندس گوناگون رنگينن کي ڪڏهن به ڪين ٿو مات ڪري سگهين/لرزائي سگهين،ڇوته فنڪار جو جسم ته فنا ٿي سگهي ٿو پر سندس فن تااَبد پنهنجن چاهيندڙن جي دلين ۾ بَقا جي لازوال ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ امر رهجي وڃي ٿو۔۔۔۔۔۔۔!

(2020ع)

صحيفي جي سَفيني جو ناکئو

صحيفي جي سفيني جو ناکئو: (صحافي دوست ـــ مولائي ملاح)

مون کي ياد ٿو اچي ته 1995ع جي ڪنهن سرد شام جو قاضي احمد شهر ۾ پنهنجي پياري دوست معشوق ڌاريجي وٽ هئس جو اتي سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي ٿي هئي.جنهن ۾ ٻين دوستن سان گڏ هڪ نوجوان پنهنجي ڪهاڻي ”رت جو رشتو“ پڻ پڙهي هئي۔۽ پوءِ اُتي ئي خبر پئي ته اهو دوست”مولائي ملاح“ اصل ۾ صحافتي دنيا سان لاڳاپيل هئڻ جي ناتي هُو روزاني اخبار آفتاب سان سلهاڙيل آهي۔جنهن ۾ سندس پهريون ڪالم ”سنڌ جو خوبصورت شهر ”قاضي احمد“ 1995ع ۾ ڇپيو هو۔ اهڙيءَ طرح سان هن محبتي انسان سان منهنجي جيڪا پنهنجائپ جي تند جُڙي هئي۔اها اڄ ڏينهن تائين اُن ئي سچائيءَ ۽ خُلوص سان هلندڙ آهي۔۽ سندس ادبي ۽ خاص طور تي صحافتي دنيا جي سفر ۾ هُو تتيءَ توڙي ٿڌيءَ ۾ پيو جاکوڙيندو آهي۔ اهوئي ڪارڻ آهي جو هن پنهنجي روزاني صحافتي ڪم سان گڏ ڪتابن جي دنيا سان به نڀاھ پئي ڪيو آهي۔جيئن سندس پهرين جاکوڙ سنڌ جي نامياري مَلھه پَھلوان ”شير مير بحر“ (فن ۽ شخصيت) جهڙو ڀلوڙ ڪتاب 2014ع ۾ سھيڙي،سنواري سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو۔اهڙيءَ طرح سان مولائي ملاح جي جاکوڙي روح رڳو صحافت جي پيچرن تي پنڌ نه ڪيو پر هُن اُن سان گڏ ڪتابن جي آڱر پڪڙي پڻ سفر کي اڳتي وڌايو۔ جنهن ۾ مولائي ملاح جو ٻيو ڪتاب ”پِرھه جا پياڪ“ جيڪو سنڌ جي سياسي،سماجي،ادبي،علمي شخصيتن تي خاڪن جي صورت ۾ لکيو آهي. جيڪو پڻ 2015ع ۾ ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو ويو۔ان کان سواءِ ”هڪ صديءَ جو سفر“ (محراب پور جي عزاداري)2017ع،”مَلھه جو عالمي فاتح“ (شيرميربحر)، ”مون پريان سين نينهن“ مختلف شخصيتن تي خاڪا، جنوري،2019ع،۽ هاڻ تازو هن ئي سال2019ع ۾ هڪ نئون مختلف موضوعن تي مشتمل ڪتاب ”چارڻ چوريو چنگ“ اسان تائين پهتو آهي۔هي ڪتاب پنهنجي مواد جي اعتبار کان ۽ هڪ صحافتي نقطه نگاھه کان پنهنجي قلم جي صحيفيانه تقدس جو هڪ تسلسل آهي۔ مولائي ملاح سنڌ جي سڀني مامرن تي هڪ باشعور هئڻ جي ناتي جيڪا نگاھ رکي ٿو ۽ جيڪو سنڌ توڙي عالمي سطع تي تجزيي جي سگهه رکي ٿو اها هڪ اهڙي ڪوشش آهي جنهن مان مولائي ملاح جي صحافت سان جيڪا ڪميٽمينٽ آهي ان جي ثابتي ملي ٿي۔هُو هر مسئلي ۽ مامري کي پنهنجي پنهنجي تناظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔پوءِ ڪٿي هو گھرو لهي ٿو ته ڪٿي وري سطعي طور تي رهي ٿو۔پر هڪ ڳالهه اهم آهي ته هُو پنهنجي دلي لڳاءُ سان ان سڄي سفر ۾ سنجيده نظر اچي ٿو۔
مولائي ملاح جي تازي آيل ڪتاب”چارڻ چوريو چنگ“ جو مهاڳ سنڌ جي سماجي ۽ صحافتي دنيا جي نامياري نانءَ سائين نصير ميمڻ لکيو آهي، جنهن ۾ ڏاڍي گھرائيءَ سان هن ڪتاب جي لکڻين کي پرکي ۽ پُرجهي پنهنجي وزندار راءِ ڏني آهي۔ نصير ميمڻ لکي ٿو ته ”مولائي ملاح جا ڪالم گهڻي ڀاڱي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن بابت آهن۔ جن ۾ ڪرپشن،عورتن خلاف زيادتين،امن امان،پاڻيءَ جي کوٽ،سماجي ناانصافين، آپگهات جي واقعن ۽ ووٽ جي صحيح استعمال وغيره جھڙا معاملا بحث هيٺ آندا ويا آهن۔سندس ڪالمن ۾ عوام جي احساسن ۽ اَهنجن جي ترجماني ڪيل آهي۔هن قسم جون لکڻيون سنڌ ۾ سياسي شعور اُڀارڻ جو ڪردار ادا ڪنديون آهن۔“ اهڙيءَ ريت ٻه اکر لکندي سنڌ جي نامور اديب انور ابڙي لکيو آهي ته´مولائي ملاح ،ڀل ته اڄوڪي سنڌي ادب جي ”بحر“ جو ”مير“ نه ليکجي، پر هن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان پڙهندڙن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ضرور ڇڪايو آهي۔هيءُ هر موضوع تي لکي ٿو پر سندس اِن هر موضوع جو بس هڪڙو ئي موضوع هوندو آهي جنهن کي اسان”سماجي ڏک“چوندا آهيون۔“
اهڙيءَ طرح سان مولائي ملاح جي ڪتاب ”چارڻ چوريو چنگ“ جي لکڻين تي ڪتاب ڇپيندڙ اداري مولائي پبليڪيشن محراب پور پاران پبلشر جو نوٽ،ليکڪ پاران”دل جي ڳالهه“،”رايو“۾ همسفر گاڏهي ۽سرمد سهارڻ طرفان”نئين تاريخ رقم ڪندڙ مولائي ملاح“جون تحريرون مولائي ملاح جي هن ڪتاب جي لکڻين جي ڪٿ ڪن ٿيون۔ڇو ته هر ليکڪ وٽ هر لکڻيءَ کي پرکڻ جا پنهنجا پنهنجا زاويا،ماڻ ۽ ماپا ٿين ٿا۔ڇاڪاڻ ته لکڻ هڪ ذميواريءَ وارو مُنصفاڻو عمل آهي۔ان ڪري هر لفظ جي قيمت ۽ هڪ تقدس ٿئي ٿو۔جنهن ڪري ليکڪ لاءِ ان قيمت ۽ تقدس جو احترام ڪرڻ هڪ اهم ذميواري پڻ هوندي آهي۔ايئن ئي جيئن هڪ ليکڪ لکي ٿو ۽ ٻيو ليکڪ سندس لکڻين تي لکي ٿو۔مولائي ملاح کي جس هجي جنهن صحافت جي پُرخار پيچرن تي کوڙ سارن سالن کان هڪ ڪميٽمينٽ سان پئي سفر ڪيو آهي۔نه رڳو سفر ڪيو آهي پر انهن پنڌ جي لاهن ۽ چاڙهن مان پڻ گهڻو ڪجهه پرايو آهي۔اهوئي سبب آهي جو سائين نصير ميمڻ هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”مولائي ملاح جا ڪالم گهڻي ڀاڱي پنهنجي سوچن ۽ خيالن جي اظهار تي ٻڌل آهن۔کيس انهن لکڻين تي ڪجهه وڌيڪ محنت ڪري واقعن جي تاريخي پس منظر ۽ لاڳاپيل انگن اکرن کي شامل ڪرڻ گهرجي۔ان سان گڏ سندس لکڻين جي ڄمار وڌندي ۽ پڙهندڙ سندس تجزيي مان وڌيڪ لاڀ ماڻي سگهندا۔“ مولائي ملاح کي جس هجي جنهن سماج ۾ سوچ کي اُڀارڻ لاءِ پنهنجي لکڻين کي اخبار وسيلي سنڌ واسين تائين پهچايو آهي۔اهڙيون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون سوچ جون لهرون سماج ۾ اڳتي هلي ڪنهن وڏي اُڀار کي انقلابي شڪل ڏينديون آهن۔`

(2020ع)

چِٺيون چندن واس

چِٺيون،چَندن واس: (جيل ۾ آيل خط-علي محمد شاھ لڪياريءَ ڏانھن)

روس جي مشهور، خوبصورت شاعر ۽ داغستان جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ رسول حمزه توف پنهنجي جڳ مشهورڪتاب ۽ نثر جي اعليٰ شاهڪار ”ميرا داغستان“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”تون اگر ماضيءَ کي پِستول جو نيشانو بڻائيندين ته مُستقبل توکي توپ جو نيشانو بڻائي ڇڏيندو.“ اِن ڳالهه جي تناظر۾ مان جڏهن سائين علي محمد شاھ جي خطن جي هِن ڪتاب ”چِٺيون چندن واسُ“ ۾ ڏنل خطن کي پڙهان ٿو ته هي خط مون کي ماضيءَ جي پُر وقار،طاقتور۽ سنڌ جي نِرالي تاريخ ڀاسن ٿا.ڇاڪاڻ جو هر دور پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجو ئي چِٽو آئينو هوندو آهي.جنهن ۾ ماضيءَ جي تاريخ جون للڪارون،مُستقبل کي جنمينديون آهن.
سائين علي محمد شاھ لڪياريءَ ڏانهن مُختلف نظرياتي ساٿين جا جيل ۾ لکيل خط 1980ع واري ڏهاڪي جي سياسي توڙي سماجي صورتحال جي اُجري آرسي آهن.ڇاڪاڻ جو وقت کي ته هر صورت ۾ حال مان گُذري ماضيءَ جو روپ وٺڻو ئي آهي.پر وقت جي وهڪري تي ڪا يادگار مُهر ثبت ڪرڻ لاءِ تحرير جي تُرهي تي تري هُن ڀر پُهچڻ وارا ئي وقت کي پنهنجي وس ۾ آڻي،رت جي مَس سان، قلم جي نوڪ مان فڪر ۽ فهم جا ڪيترائي سج اُڀاري،مُستقبل جي ماڻهن لاءِ ڪئي تجربا، احساس، ڏُک،درد، موسمن جا رنگ ۽ مزاج،آزادي يا قيد ۽ بند جا اکرن جي آرسيءَ ۾ اُتساهيندڙ عڪس چِٽي ڇڏيندا آهن.جن جي آڌار تي ايندڙ وقت جا ماڻهونظرياتي توڙي فڪري حوالن سان پنهنجون راهون تخليق ڪندا آهن.بقول اياز جي:
اُوندھه اُجاربي نه اڳوڻي چراغ سان
نيزي مٿان اُڀارنئون سِج ڪو نوڪ ۾

اهڙونئون سِج اُڀارڻ لاءِ وقت جي تيز ڌارا جو رُ خ موڙڻ ۽ پنهنجي خون سان ڪڪورڻ انتهائي لازمي آهي. اُن لاءِ غلام قومن جي باشعور فردن تي اِها ذميواري عائد ٿي ٿئي ته هُو پنهنجي غلام قوم جي بي شعور ۽ غلاميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ماڻهن لاءِ ڪو اُتساھ ڀريو ادب تحرير، تخليق ڪن.جنهن کي پڙهي ۽ ٻُڌي هيڻن ماڻهن ۾ ظلم سان اٽڪڻ جي همت ۽ جُستجو پيدا ٿي سگهي.”چِٺيون چندن واسُ“ ۾ آيل سڀئي خط،هڪ دور جي ڪشمڪش،زبانن تي تالا بندي،ظلم ۽ جبر،حق ۽ سچ لاءِ آواز اُٿاريندڙن لاءِ ڦاهيون،ڦٽڪا،سزائون،قيد ۽ بند جون عقوبتون سهڻ ۽ اهڙين ٻين ڪٺن حالتن ۾ ڌرتيءَ جي جوڌن جا بُلند حوصلا ۽ ڪارونجهر جهڙي اَڏولتا جي ڀرپور عڪاسي ڪندي،پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي اڄ جي ٽڪي ٽڪي تي وڪامجندڙ دور ۾ حوصلو،همت،اَڏولتا۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو درس ڏين ٿا.هُونءَ به سنڌ جي سڄي تاريخ ۽ خاص طور تي ستيتاليهه کان پوءِ واري سياسي، سماجي۽ادبي صورتحال،سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ اهڙو حوصلو ۽ سبق آهي جيڪو غلام قومن جي لاءِ آزاديءَ جا رستا هموار ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي خط پڙهندي اکين ۾ لُڙڪ به تري اچن ٿا ته روح کي هڪ قوت ۽ سگهه به عطا ٿئي ٿي.اهڙي ئي هڪ خط ۾ سنڌ جي ناليواري دانشور،اديب،قوم پرست سياستدان،سائين عبدالواحد آريسر،نارا جيل مان 3ڊسمبر1980ع تي لکيو آهي ته:
”اوهان جيڪا ڪيفيت پنهنجي والد صاحب جي اچڻ جي لکي آهي سا پڙهي مون کي سچ پچ ته روئڻ اچي ويو.هڪ ته اهو روئڻهارڪو منظر ۽ ٻيو وري اوهان جهڙي پياري ۽ پنهنجي ماڻهوءَ سان .توهان وڌيڪ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته منهنجي ڪهڙي ڪيفيت ٿي هوندي.اها ڪيفيت ۽ حالت ڏسي هڪ اديب سُٺي ڪهاڻي يا شعر لکي سگهي ٿو،پر اُنهن حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ مَنجهس حوصلو ۽ ولولو پيدا نه ٿي سگهندوآهي.اُن ڪري آءُ چوندو آهيان ته هڪ انقلابي ڪارڪُن دنيا جو حساس ترين انسان هوندو آهي،سندس اکين ۾ ڳوڙها ۽ دل ۾ گندي ماحول کي ساڙڻ لاءِ ٽانڊا هوندا آهن.اهڙو ماڻهو جڏهن قلم کڻندو آهي ته گورڪي،ناظم حڪمت،ٽالسٽاءِ،هيمنگوي،لورڪا،۽ مايا ڪو وسڪي ٿي ويندو آهي.يا اسان جي مُستقبل جا لورڪا ۽ مايا ڪو وسڪي راشد مورائي ۽ تاج جويو جهڙا اديب ۽ شاعر ثابت ٿيندا آهن.سچ پچ هن دور ۾ اوهان جنهن عزم ۽ استقلال سان گُهگهه اُونداهيءَ ۾ روشن ۽ شاندار مُستقبل لاءِ حالتن جو مُقابلو ڪري رهيا آهيو،جن کي ڏسندي مون جھڙو ڪمزور ماڻهو به پنهنجي اندر ۾ شيِنهُن جي دل محسوس ڪندو آهي.فرق صرف سوچ جو آهي،جڏهن هڪ انسان پنهنجي هيڻي حالت تي نظر وجهندو آهي،ان وقت کيس رڳو اهو سوچڻ گهُرجي ته هن،ملڪ ۽ ديس ۾ اهڙي حالت لکن، ڪروڙن ماڻهن جي آهي ۽ اها حالت تبديل ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي تاريخ اسان جي مٿان هڪ اهم ذميواري ۽ فرض عائد ڪيو آهي، ۽ اسان کي اهو فرض هر حالت ۾ پورو ڪرڻو آهي.جڏهن سوچ جي رُخ ۾ اها تبديلي آئي ته اُن ماڻهوءَ جي وفاداري جي سرحد تمام وسيع ٿي ويندي ۽ هُو پوري قوم سان اهڙو وفادار ٿي پوندو جهڙوپيءُ زال ۽ ٻار سان.“ يا هڪ ٻئي خط ۾ سائين عبدالواحد آريسر لکيوآهي ته، ”آءُ سمجهان ٿو ته منهنجي اندر ۾ ڪائي ازل جي اُڃ آهي،جيڪا ڪيترين ئي صورتن ۽ مورتن ڏسڻ سان به نٿي اُجهامي.اُنهيءَ اُڃ اُجهائڻ لاءِ مون اَجهاڳ سفر ڪيو آهي،ايترو اَجهاڳ جو هن وقت جڏهن پوئتي مُڙي ڏسان ٿو ته مون کي سندم سمورو پيچرو رت هاڻو ٿو نظر اچي،۽ اهو سمورو رت منهنجي پيرن جي ڦٽن ۽ ڦلوڪڻن جو آهي.اُها اُڃ ۽ تئونس صرف اوهان دوستن جي ويجهڙائي ۽ رفاقت سان ئي اُجهامي سگهندي آهي.پر افسوس رُڳو اِهو اٿم ته جيل ۾ رهندي به آءُ توهان جهڙن دوستن جي رفاقت جي آب حيات مان ٻه ٽي سُرڪيون ئي مس ڀريندو آهيان ته وقت جو ظالم وهڪرو اسان کي جسماني طرح هڪ ٻئي کان جُدا ڪري ڇڏيندو آهي.جيل جون سختيون منهنجي لاءِ نئين ڳالهه نه آهن،سچ پُڇو ته جيل جو حقيقي لُطف ئي هاڻي اچي رهيو آهي.مون کي اِنتهائي فخر آهي ته هن دور ۾ يعني اُن وقت جڏهن هي سرزمين پنهنجي فرزندن لاءِ صنوبر جي بدران ڪوڙا پيدا ڪري رهي آهي.سنڌ ۽ بنگال جي انسانن سان محبت جي جُرم ۾ آءُ ڪوڙن لاءِ مُنتخب ٿيو آهيان.جيتوڻيڪ اِتي ڪجهه ماڻهو پروپيگنڊا پيا ڪن ته آريسر ڏاڍو ڊنل هوندو،پر مون کي اُن ماءُ جي هنج جو قسم جنهن ۾ مخدوم بلاول کيڏيو،ته سزا ٻُڌڻ وقت توڻي مون کي اڄ،تِر جيترو به فرق ناهي،۽ انهيءَ ڳالهه تي آءُ پاڻ پريشان آهيان“. آريسر صاحب جي ايڏي بهادري،همت، جُرئت ۽ هوش مندي اڄ جي جُهريل سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو حوصلو ۽ اُتساھ آهي.انهن خطن ۾ سنڌ جي ارڏي،بي ڊپي،کري ۽ قومي شاعر سائين راشد مورائي،موري مان 30سيپٽمبر1980ع تي هڪ خط ۾ سائين علي محمد شاھ لڪياريءَ کي ڇِنڀ ڪڍيندي لکيو آهي ته، ”اوهان جيل ۾ ويهي مکڻ ۽ کوپري جو تيل گُهري رهيا آهيو.جڏهن ته اسان ٻاهروارن کي به مکڻ ۽ رُڳو سرنهن جو تيل نجو به مُيسر ناهي.هي لکت ۾ خاندانن جهڙيون فرمائشون اوهان جي ڪردار لاءِ داغ آهن.پر اوهان کي ڪير سمجهائي،توهان نه ته منهنجي غُربت تي سوچڻ لاءِ تيار آهيو ۽ نه وري ذهني طور جيل کي قبول ڪيو اَٿوَ.اوهان ته جيل ۾ آهيو پر ٻاهر رهڻ دوران به انسان کي صرف اُنهن شين جي ضرورت محسوس ڪرڻ گُهرجي جن کان سواءِ جيڪر جيئرو رهي نه سگهجي.ڇا سمجهو ٿا ته اوهان جا ههڙا خط مون کي خوشي بخشيندا هوندا؟ڇا مکڻ کان سواءِ جيئرا رهي نه ٿا سگهو؟ميان! ڪجهه ڪردار کي بُلند رک،۽ پاڻ کي تڪليفن تي هيراءُ!اسان تنهنجي عيش واري زندگيءَ ۾ ساٿ نه ٿا ڏئي سگهون.سرنهن جو تيل ۽ ضرورت آهرڊالڊا گيهه گُهرجئي ته وٺي موڪلجي.باقي عيش جي سامان جي مون مان توقع نه رک! ڇو ته مان ڪڏهن به اهو نه چاهيندس ته تنهنجي ڪردار کي بِگڙيل ڏسان.روبرو هُجين ته توکي زندگي گُذارڻ جو طريقو سيکاريان، ۽ ٻين جي غُربت جو احساس به چڱي نموني ڏياريان،پر پري ٿي پيو آهين.ڀلي ايئن پنهنجي ڪردار کي لوڙھ.پر ياد رکجان متان پوءِ ڪڏهن چوين ته،“وڃڻ تِت پيوم،جِت حاجت ناھ حُسن ري.” هُونءَ به خط جي صنف سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جاءِ ولاري ٿي.اهڙن خطن جي حوالي ۾ سائين جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي،محمد ابراهيم جويي،شيخ اياز،محمد امين کوسي ۽ ٻين جا خط سنڌي ادب جا شاهڪار هُجڻ سان گڏ،پنهنجي دور جي نرالي ۽ خوبصورت تاريخ پڻ آهن.اهڙين خطن جو مُطالعوهر پڙهندر توڙي ٻُڌندڙ جي ذهن تي ڏاڍا پُختا ۽ مُثبت اثر ڇڏي، سندن ذهنن تان بي شعوريءَ جو زنگ ۽ زنجير لاهي ڦِٽو ڪري ٿو.ڏٺو وڃي ته اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ سائنس جون تڪڙيون سهولتون ڪتاب پڙهڻ ۽ خط لکڻ جهڙي رومانٽڪ ۽ دلرُبا عمل تي اثر انداز ضرور ٿيون آهن، پر ڪمپيوٽر ٽوڙي موبائل هن رومانوي ۽ راحت بخشيندڙ ، صدين جو تسلسل رکندڙ عمل تي مُڪمل طور حاوي نه ٿي سگهيا آهن، ”چِٺيو چندن واسُ“ جي خطن ۾ سائين علي محمد شاھ جي قومي ،نظرياتي ۽ فڪري وابستگي،ارادن جي اڏولتا ۽ ان وقت جي عملي جدوجهد جي ڀرپور معلومات ملي ٿي.هي اڄ جو اجرڪ جي پٽڪي وارو صحافي،صوفي منش ۽ هٿ جوڙ ڪرڻ وارو ماڻهو،ڪالهوڪي قومي تحريڪ جو هڪ با عمل ۽ سچو سپاهي به هو.۽ سندس ڪلهه ۽ اڄ وارو دور هڪ شخص سان لاڳاپجي سچل سائين جي هن شعر جي حقيقي تصوير بڻجي پيا آهن ته:

ڪڏهن من آ ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهُن
هينئڙو هنڌ نه هيڪڙي، سرتيون سارو ڏينهُن

اهڙين ڪيفيتن جي انگاس تي ٽنگيل اڄ جي هِن شخص سان ماضيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي پارکو،شاعر۽ اديب حافظ محمد بخش خاصخيلي،17 جنوري 1980ع تي نوان جتوئي مان هڪ خط ۾ هن ريت مُخاطب ٿيو آهي ته، ”لڪڌڻي! ڏاڍو شرمسار آهيان،معافي لائق به ناهيان.بس اِن راز جي ڪَل ٻروچ کي آهي.جو گهڻِي ڪوشش هوندي به ملي نه سگهيس.اها به مهرباني جو خط ذريعي ملون پيا.اوهان مون کي هر خط ۾ ياد فرمايو آهي.جنهن لاءِ احسان.آءُ ته اُهي ٿورا ڪڏهن به لاهي نه سگهندُس.هُون به اسان جو بار اوهان ئي کنيون آهي.سنڌ جي مارئي به اِها رسم ڀوڳي آهي.اُن جي نِينهُن، نيئر کي اُجاري اَڇو ڪيو.اُميد ته اوهان جو نِينهُن به هِن نِيئر کي نِهوڙي نِيندو.نه ته ڇه لڪياري شاھ ۽ ڇه جيل ياترا.اهي ڳالهيون سبب کان سوا ڪو نه بڻبيون آهن.دُٻي جو پاڻي سُڪي ويندو آهي. جُهڙ،جَهمر،جهانءِ ٿيندا،۽ جهوڪ جِهمندي ۽ ٿيندا جِهم، جهالار!اوهان جون تڪليفون اَجايون ڪونهن مِٺا!اسان بلڪل ننڊ آهيون. اوهان کي ئي جاڳڻو آهي.ڪم اوهان کي ڪرڻو آهي.ستار ڏيندو سوڀ.جڏهن مارئي آزاد ٿيندي ۽ ظالم عمر جو ڪوٽ ڪِرندو،ايسيتائين جمله ملير جا مارو مُونجهه ۾ ملُول ويٺا هوندا.توهان جي چِٺي اسان جي لئه آخرت جو توشو ۽ هِن دنيا جو تحفو آهي.ويتر جو چڱي ڪم سان ترم ياترا، تي آهيو، تنهن ته ويتر عظيم ڪري ڇڏيو اَٿوَ.“ اهڙو خوبصورت خط،جنهن جي دل آويز ٻولي،انداز،ترڪيب،تشبيهه ۽ تمثيل،علامت نگاري توڙي فڪر ۽ فهم پڙهندي روح کي سوگهو ڪري ڇڏي،تنهن کي سنڌي ادب جي خوبصورت خطن ۾ شُمار ڪري سگهجي ٿو.اهڙا ئي ٻين دوستن تاج جويي،حفيظ قُريشي (جونيئر)،غلام نبي سومري، مِٺل حيدري، شهيد غلام رسول مستانو، شهيد مُجيب الرحمان، ناز لطيفي، ولڻ ملاح،محمد عمر سيال، رسول بخش ٿيٻو ۽ ٻين جا به خوبصورت خط ”چِٺيون چندن واسُ“ ۾ موجود ملن ٿا. جن کي پڙهي ڪري ڪيفيتن جي دنيا رنگ برنگي احساسن سان جرڪي پوي ٿي. ڇو ته ڪيفيتن جي موسمن جا رنگ مَٽبا رهن ٿا، پر اُنهن سڀني رنگن تي هڪ ئي رنگ غالب رهي ٿو، ۽ اُهو آزادي پسند، غلام قومن جي شعوري پالنا ڪري سندن سرشت ۾ اهڙو ته گهرو لهي، جڙون پڪڙي ٿو جو ماڻهو وقت ۽ حالتن جي طوفانن ۾ ڪٿي به ڪک، پن ٿي وڃي پر اهو ميخون ڪري ويل جذبو، احساس ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندو آهي.اهو ئي ڪارڻ آهي جو سائين علي محمد شاھ لڪياري،اڄ به پنهنجي روح ۾ رچيل ۽ بسيل آزاديءَ جي خواب ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪري شعور جي مٽن مان پيتل مَڌُ جي خُمارن کي پنهنجي رت ۾ سنڀالي رکيو آهي.جنهن مَڌُ لاءِ لطيف سائينءَ به فرمايو آهي ته:
مَڌُ پيئندي مون،ساڄن سهي سُڃاتو.

(2013ع )

پيراڊائيز پوائنٽ تي شام جا ڪجهه رنگ

پيراڊائز پوائنٽ تي شام جا ڪجهه رنگ (مُنور سِراج جي ناول تي هڪ نظر)

جڏهن به ڪنهن تخليق کي پڙهندي محسوسيات جي هم آهنگي جُڙندي آهي ته عجيب سوچ ۽ سَمجهه کان ماورا ڪيفيتن جون لهرون دل کي ڀِڄائي ڇڏينديون آهن۔اهڙيون تحريرون مُطالعي جي سُهاني سفر ۾ تمام گهٽ مِقدار ۾ احساس جي آرسي تائين پنهنجا عڪس ڇڏي سگهنديون آهن۔اهڙا ڪجهه عڪس جيڪي يادگيرين جي آڪاس تي ڪتين جيئن ڪَر موڙي پيا ڪيفيتن کي ڪڪوريندا آهن۔اُنهن ۾ مختلف موضوعن تي ناول، ڪهاڻيون،آتم ڪٿائون، مضمون،خط،شاعري،خاڪا رهيا آهن۔۽ سچ ته مون جڏهن به پنهنجي محسوسياست سان رَچي روح کي رنگ ترنگ ڪري ڇڏيندڙ تخليقون پڙهيون آهن ته مان ڪيترائي ڏينهن اُنهن جي تخليقي سَحر ۾ جَڪڙجي پئي ڀوڳيندو آهيان۔ اُنهن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا لکڻ مان ضروري ٿو سمجهان۔ اَجيت ڪور جي آتم ڪٿا ”خانه بدوش“، ايوان ترگنيف جو ناول ”سحر هوني تڪ“، مُستنصر حسين تارڙ جا ٻه ناول”پيار ڪا پَھلا شهر“ ۽ ”بَهاؤ“،پرويز ابڙي جو ناول ”تون هڪ خواب آهين“، نٽ همسن جو ”بُک“، طارق عالم ابڙي جو ”رَهجي ويل منظر“، ممتاز بخاريءَ جو ناول ”ڪلاس فور جي محبوبا“، ڪافڪا جو شاهڪار افسانو ”ڪايا ڪلپ“، امر جليل جون ڪهاڻيون ”مان توسان برف ۾ ملندس“ ۽ ”ٽيون وجود“، آسڪروائلڊ جو ناول ”تصوير جو خون“، چنگيز اعتماتوف جو روسي ناول ”ڌرتي ماء“، بانو قدسيه جو ”راجه گڌ“، قرة العين حيدر جو ناول ”آگ ڪا دريا“، عبدالله حُسين جو ”اُداس نَسلين“، واسديو موهي جي افسانن جو ڪتاب ”چيڪ بوڪ“،لَرمنتوف جو ناول ”اسان جي دور جو هيرو“،هيمنگوي جو”پوڙهو ۽ سمنڊ“،ملاليم ٻوليءَ مان تَڪشي شِو شنڪر جو ناول ”ساگر جي سَنتان“ يا ”درد هڪ پيار جو“، ڪرشن چندر جا ناول ”ميري يادون ڪي چنار“ ۽ ”پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون“، ڪلا پرڪاش جو ناول”وقت وٿيون وڇوٽيون“، وڪٽر هيوگو جو ”ڪُبڙا عاشق“، عمرريوابيلا جو ”ماتم ايڪ عورت ڪا“، منور سراج جو تازو آيل ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“۽ ٻيا به ڪجهه ڪتاب آهن جيڪي هن وقت منهنجي ذهن تي نه پيا اچن۔
مُنور سراج سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جو هڪ سيبتو ڪهاڻيڪار آهي۔جنهن جي تخليقي ذهن مان جنم وٺي ايندڙ ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻيءَ جي دنيا ۾ هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ جي ڪري پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ طور ڄاتيو سُڃاتيون وڃن ٿيون۔پر منور سراج جي من جو قصاگو ڪهاڻي جي ڪيئنواس کي تخليقي انداز سان وسعت بخشي”کاٻي اک جو خواب“ ناول کان پوءِ ھاڻ ”پيراڊائيز پوائينٽ تي شام“ جو جيڪو منظر پينٽ ڪيو آهي اهو دل کان دل تائين جي وچ تي اَڏيل اُها پُل آهي۔جنهن تي بيهي توهان ´پيراڊائيز پوائنٽ تي شام` جي رنگن کي اکين وسيلي پنهنجي روح تائين لاهي سگهو ٿا۔۽ انهن رنگن ۾ ڪيفيتن جي هڪ اُداس سَڙڪ دريافت ڪري سگهو ٿا۔ جيڪا اوهان کي عشق جي پُر درد وادي ۾ پُهچائي ڇڏي ٿي۔ جتي اوهان کي´ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل اڻ چٽو پاڇولو نظر ايندو۔
”ڄاتل سُڃاتل
اڻ ڄاتل اجنبي۔
ڪنهن ڇوڪريءَ جو،
ڪنهن پريءَ جو پاڇولو۔
ڪنهن سرمد جي انتظار ۾ بيٺل ڪنهن ساڀيان جو، سهڻيءَ جو يا سنگيت جو پاڇولو۔“
اهڙي طرح سان ”پڇاڙيءَ جي شروعات“ جنهن ۾ ڪجهه ”خوشي هوندي،ڪجهه غمي هوندي، جدائيءَ جو موڙ هوندو،ملڻ جا ڪجهه امڪان هوندا ۽ ان ۾ مور جو هڪ کنڀ هوندو!“
”پيراڊائيز پوائينٽ تي شام“ ناول،ڪتاب ۾ رهجي ويل اهو گل آهي جنهن جي لاءِ ئي اردو ٻوليءَ جي نرالي شاعر احمد فراز لکيو هو ته،

اب کے ہم بچھڑے تو شايد کبهی خوابوں ميں ملیں
جس طرح سوکھے ہوۓ پھول کتابوں ميں مليں

۽ سچ ته هي ناول توڙي جو سنڌي ادب ۾ رومانوي يا يونيورسٽيءَ جي دنيا جو ڪو پهريون ناول ناهي پر پوءِ به هن ناول جي سَحر انگيز رومانوي ڪهاڻي،ان جا ڪردار، ماحول،منظر، حالتون،حادثا پڙهندڙ جي دل جي ويجهو محسوس ٿين ٿا۔۽ ان ويجهڙائيءَ جي ڪري ئي اکين ۽ دل کي ڀِڄائي ڇڏيندڙهڪ ڪيفيت روح سان هم ڪلام ٿي وڃي ٿي۔مَحوِ گُفتگو رهي ٿي۔
هن ناول جي هڪڙي ٽيڪنيڪي خصوصيت اها به آهي ته سرمد جيڪو هڪ شاعر آهي ۽ يونيورسٽيءَ جي روايتي دنيا ۾ هڪ منفرد ۽ حساس طبيعت جي ڪري جيڪو داخلي توڙي خارجي اثرن کان متاثر ٿي به پنهنجي دل جي دنيا ۾ گُم سُم رهي ٿو۔۽ ٻاهرين دنيا جي ڀيڙ ۾ پاڻ کي تنها رکي ئي سڪون ماڻي ٿو۔سو پيار جي روايتي انداز کان محبت جي مئڪشيءَ جي خُمارن کي هڪ خاص نوعيت جي زاويي سان محسوس ڪرائي هڪ وڇوڙي جي سُرمئي شام ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو ته پيراڊائيز پوائينٽ تي هڪ پُر سوز شام پنهنجين سڀني حادثن سان سلهاڙجي منور جي دل جي دنيا ۾ تبديل وڃي ٿي۔
هڪ عجيب اتفاق هي به آهي ته اڄ منهنجي مُطالعي جي ميز تي ٽي ناول لرمنتوف جو ”اسان جي دور جو هيرو“، ميلان ڪنڊيرا جو ”بقائيِ دوام“ ۽ منور سراج جو ”پيراڊائيز پوائينٽ تي شام“ پيا آهن جن مان ٻَه ناول لرمنتوف ۽ منور سراج جا پڙهي چڪو آهيان۔باقي ميلان ڪنڊيرا جو شاهڪار ناول مُشڪل پر مُنفرد ٽيڪنيڪ جي حيرت انگيز لهجي واري ناول کي مڌ جي ڍُڪ ڍُڪ جيان پنهنجي اندر ۾ اوتي رهيو آهيان۔
اصل ۾ لرمنتوف ۽ منور سراج جي ناول ۾ فني انداز واري هڪجهڙائي مون کي حيران ڪري وڌو ته ڪيئن نه اسان جي منور سراج جي تخليقي ۽ فني سطع ايتري مٿاهين آهي جو هڪ روس جو ليکڪ روس ۾ ويهي هڪ ٽيڪنيڪي اُڻت سان هڪ شاهڪار ناول لکي حيران ڪري سگهي ٿو ته ٻي جاءِ تي سنڌ جو هڪ نوجوان ليکڪ پنهنجي ادبي تَپسيا واري جستجوءَ ۾ اهڙي شاندار انداز وارو ناول تخليق ڪري وجهي ٿو۔
مثلن۔۔لرمنتوف پنهنجي ناول ”اسان جي دور جو هيرو“ جي ڪهاڻيءَ جي فني مُنفرد اُڻت اِن ريت ٿو ڪري ته ناول جي پهرين ڪهاڻي يا باب”بيلا“ ۾ تفلس کان تڪڙو سفر ڪندڙ هڪ ڪردار(ناول جو پهريون شخص)ناول جي(ٻئين شخص)ميڪسم ميڪسي مچ سان ملي ٿو۔۽ پنهنجو سفر سَهنجو ڪرڻ لاءِ هُو،ميڪسم کي ڪي حال احوال ٻڌائڻ جي گذارش ڪري ٿو۔۔ميڪسم ناول جي هڪ ٽين ڪردار،گريگوري اليگزينڊرووچ پيچورين جي ڪهاڻي، يعنيٰ ناول جي شروعاتي ”بيلا“ واري ڪهاڻي ٻُڌائي ٿو۔ ۽ پوءِ ڪجهه اڳتي هلي ميڪسم پهرين شخص يعنيٰ پيچورين کي پنهنجي لکيل ڊائريءَ جا پنا ڏئي ٿو۔جن کي پهريون شخص پڙهندي ناول کي فني انفراديت ۽ اعليٰ ڪهاڻين جي حسين تسلسل سان پُڄاڻي تي پُهچائي ٿو۔ پر منور سراج ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ کي سرمد جِي يونيورسٽيءَ جي ماحول ۾ پيار ڪهاڻيءَ سان گڏ،سرمد جون لائيبريريءَ ۾´هڪ ڏينهن زنده ڪتابن ۾ جهاتيون پائيندي هڪ بنھه پُراڻي ڪتاب جي پُراڻن پَنن جي هلڪي هيڊي رنگ تي نظرون ڄَمي وڃن ٿيون۔اُهو ڪتاب کيس پاڻ سڏي ٿو۔هيڏانهن۔۔۔ٿورو کاٻي پاسي۔۔۔اوٿيلو جي ڀر سان Tale of The two Ciries ۽Picture of Dorien Grey جي مٿان.... ۽ سرمد احتياط سان ڪتاب کڻي ٿو. هٿ سان بائينڊنگ ڪرايل ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ۽ شروع وارا ٽي چار صفحا نه آهن۔نه ليکڪ جو نالو،نه ئي ڪتاب جو نالو موجود۔ڪنهن گمنام ليکڪ جا نوٽس لکيل آهن، جيڪي خودڪلاميءَ تي مُشتمل آهن۔بلڪ ڄڻ اها هڪ بي ترتيب ڊائري آهي، جيڪا لڳ ڀڳ ٽي سؤ سٺ صفحن تي آهي۔ باقي رهجي ويل اُهو ڪتاب ان ڏينهن کان سندس دوست بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ اُها دوستي هڪ خواب ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي۔`ايئن منور سراج لاءِ بي نانءُ ليکڪ جي ڊائريءَ بڻجي وڃي ٿي هڪ پناھ گاھ.....۽ پوءِ وڏي مهارت سان منور سراج ”پيرا ڊائيز پوائنٽ تي شام“ جي ڪيئنواس تي سرمد ۽ ساڀيان عرف سُهڻيءَ جي پيار ڪهاڻيءَ ۽ بي نانءُ ليکڪ جي ڊائريءَ ۾ لکيل ”پهرين شخص“ جي پنهنجي پريميڪا اَميڊا سان مُخاطب ٿي لکيل خط نُما اظهار کي جمالياتي علامت نگاريءَ جي ٺاهوڪي ڏانءُ سان هڪ حسين ناول جي دنيا ۾ تحليل ڪري پڙهندڙ کي پنهنجي آرٽسٽڪ انداز سان گڏ گڏ وٺي هلي ٿو، ۽ پنهنجي سحر انگيز رومانٽڪ جُملن ۾ ڀٽڪائي هڪ اهڙي آوارگيءَ کي تخليق ڪري وجهي ٿو، جنهن جي پيرن ۾ جنمن جي ڄڻ ته ڪا خانه بدوشي خواب ڏسندي هجي۔جنهن ۾ هن ناول جي پنهنجي هڪ الڳ دنيا آباد آهي۔جنهن کي توهان دل جي دنيا به چئي سگهو ٿا۔ڇو ته هن جي پريم ڪهاڻي دل جي دنيا ۽ دنيا جي دنيا جي وچ ۾ ڀوڳيندڙ ٻن پريميڪائن جي دردن توڙي ڪيفيتن جي هڪ اهڙي وارتا آهي، جنهن جي”پڇاڙيءَ جي شروعات“ کان ”شروعات جي پڇاڙيءَ“ تائين هڪ درد جو، يادن جو هڪ سُرمئي شام جھڙي گھري تنهائيءَ جو هڪ وسيع سمنڊ ڇوليون هڻندي محسوس ٿئي ٿو۔ ڇو ته:
”ڪنهن ميلي ۾ فقط ٻَه شاگرد پنهنجي مُرڪن جي پُٺيان گھري اداسي ۽ خاموشيءَ ۾ لِڪل هوندا آهن،اُهي ئي ته هوندا آهن: سرمد ۽ ساڀيان“.
”خزان جي اُن هيڊي شام کان اڳ ۽ منجهند کان ڪافي پوءِ سرمد خاموشيءَ سان لکيل گمنام ليکڪ جي ڊائريءَ جو آخري صفحو پڙهي ٿو“.
”آخري صفحو ماڻهوءَ کي هميشه اُداس ڪري ڇڏيندو آهي۔
رڳو آخري صفحو ئي نه
آخري ملاقات
آخري فون
آخري ميسيج
آخري جُملو
آخري نهار
آخري سيمسٽر
آخري ڪلاس
آخري پيپر
آخري ڳالهه
۽
آخري خط به ماڻهوءَ کي اداس ڪري ڇڏيندو آهي“
ائين منوار سراج جو هي ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ڪيترائي اڌورا خواب اکين جي ساحل تي ڇڏي، هڪ سرد آھ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو۔۔۔۔۔

(2019ع)

خط، خوشبو، خواب

خط،خوشبو،خواب: (هڪ خط-فياض لطيف ڏانھن)

آچر، 19 ڊسمبر 2010ع
ڊسمبر جي هڪ سرد شام
ڀنگوار ڪالوني، نواب شاهه، سنڌ

پيارا فياض لطيف!
شال زندگيءَ جي مُسافتن ۾ مُحبتن جي همسفريءَ جون سُرهاڻيون ماڻيندو رهين.
اڄ تنهنجو نئون خوابن جھڙن خطن جو ڪتاب ”خط، خوشبو، خواب“ پڙهي پورو ڪيم اٿم. جيڪو ڪتاب تو خُلوص سان مون ڏانهن موڪلي مون تي وڏا وڙ ڪيا آهن. گهڻي وقت کان پوءِ ريشمي خوابن جھڙا پُر ڪيف خط پڙهي دل سرهائي مان جُهومي پئي آهي. ڇاڪاڻ جو اهي خط رڳو خط نه پر انهن ۾ ڪيترين ئي ڪيفيتن جا رنگ روح ۾ لهي دل جي مطالعاتي. مُشاهداتي موسم تي ڏاڍا خوشگوار اثر ڇڏين ٿا ۽ انهن ۾ گهڻ طرفي وسعت پاڻ ۾ مَحُو ڪري ڇڏي ٿي. هڪ شاعر هُئڻ جي ناتي مون، تنهنجي خطن جي ٻوليءَ تشبهين، استعارن، تمثلين، ڪيفيتن، احساسن کي روح سان انجواءِ ڪيو آهي. تون خطن ۾ جيڪو نثر جو تازو توانو ۽ اُجرو انداز کڻي آيو آهين. اهو جديد سنڌي ادب لاءِ نثر جا ڪئي رستا کولي ٿو. تنهنجي خطن جي نثري تحرير ڏاڍي پڪي، پُختي، تازي، تواني، دل ۾ پيهي ويندڙ آهي. تون لفظن جو سهي پهي ۽ ڀرپور استعمال ڪرين ٿو. ۽ اُهو استعمال مڪمل ادراڪ سان ڪرين ٿو. ڪٿي لفظ پنهنجي معني ۽ مفهوم کان پري نٿا وڃن ۽ نه وري ڪو ڪاٿي ڀراءُ ٿا لڳن. اهو گُڻ ليکڪ جي ذهني، اپئروچ، جو مُڪمل ڏس ڏئي ٿو.
تنهنجا خط گهڻ رُخا، فطرت جي رنگا رنگين سان تار ۽ اُن کان اعلاوه اُنهن ۾ مختلف ڪيفيتن، احساسن، خيالن ۽ خوبصورت ٻوليءَ جو جهان ڏاڍو سگهارو ۽ سُهانو آهي. جنهن ۾ تون گهٽ، مان گهٽ مون کي ته مڪمل طور تي دريافت ٿي چُڪو آهي. ڇا ڪاڻ جو تنهنجو معصوم حُسن پرست ڀرپور پيار ڪندڙ احساس، مزاج ڪنهن کُليل ڪتاب جيان پڙهندڙ جي سامهون اچي وڃي ٿو. تو خطن ۾ جھڙي نموني وقت بوقت (شايد 1991ع کان وٺي 2005ع تائين وقت، حالتن ۽ پنهنجن ڪيفيتن جو اظهار پئي ڪيو آهي، ته اُهو لڪاءُ، ڏاڍو اوريجنل لڳو. ڪٿي به ڪا مصنوعيت نه ٿي محسوس ٿئي يا ائين کڻي چئجي ته تون پنهنجي درد کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجي رنگ ۽ لهجي سان ڀرپور تحريري تقاضائن تحت پيش ڪيو آهي، حالتن سان ٺهڪي ايندڙ شاهه جا شعر، يا ڪن ٻين ليکڪن جا قول يا حوالا خطن جي جان آهن.
مون ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سوچيو هو ته تو ڏانهن هڪ ميسيج لکي پنهنجو اظهار ڪري ڇڏيندُس، پر سچ پُڇين ته تنهنجا خط اُن ننڍڙي ميسج کان تمام وڏا محسوس ٿيا. اُن ڪري دل جي اسرار تي توڏانهن خطن مُتعلق پنهنجي سادي سودي راءِ کي به توڏانهن خط وسيلي شيئر ڪيان پيو. ڇاڪاڻ جو خط لکڻ ڇڏيندي ڪافي عرصو گذري چُڪو آهي. جڏهن کان موبائيل تي ميسيج جو سلسلو وڌي ويو آهي، تڏهن کان وٺي خط لکڻ، عيد ڪارڊ موڪلڻ وغيره تمام گهٽ ٿي ويا آهن. منهنجي لاءِ به خط اظهار جو ڀرپور ذريعو رهيا آهن. دوستن ڏانهن خط لکڻ ۽ اُنهن جا خط پاڻ وٽ سنڀالي رکڻ منهنجي زندگيءَ جو بنيادي ڪارج رهيا آهن. پر اڄ خط لکي تمام گهڻي وٿي پئجي چُڪي هئي جو تنهنجن خطن منهنجي اندر جي ناکئي کي ٻيهر ڪاغذن جي پتري سفر لاءِ اُتساهي وڌو آهي. جو اڄ توسان پهريون ڀيرو هِن خط جي آڳنڌ تي ملي ڏاڍي سُرهائي پيو محسوس ڪيان ۽ سوچيان پيو ته ڪاش توسان به خطن جو سلسلو هجي ها ته تون مون ڏانهن به اهڙا پيارا، پيارا پوپٽن، گلابن ۽ موتئي جي پنکڙين جهڙا خط لکين ها. پر مان سمجهان ٿو ته تنهنجي اندر جي انسان کان اڻ ڄاڻائي ۾ اڻ ڄاڻ پئي رهيو هُئس. توڙي جو توسان منهنجون ڳپل ملاقاتون به رهيو آهن يا موبائيل تي رابطو يا ميسج ذريعي به ملڻ پئي ٿيو آهي. پر سچ ته هنن خطن ۾ توسان ملي، منهنجي اندر جي ٻالڪ يا منهنجي اندر جي شخص کي اچانڪ پنهنجي وڃائجي ويل همسفر ساٿي جي ملي وڃڻ جي بي انتها خوشي ٿي آهي.
تنهنجا خط پڙهي ڪري اُن وقت جي حالتن تي سوچيندي مان پنهنجي ڪٿي گم هُجڻ واري احساس ۾ کوئجي ٿو وڃان. جڏهن تون اهي خط پئي لکيا. يا انهن خطن ۾ موجود تنهنجي پيڙائن واري حالتن تي سوچيان ٿو ته انهن شروعاتي سالن ۾ منهنجي آوارگي ۽ پيڙا به چوٽ چڙهيل هئي. اُن ڪري اُهي خطن واريون تنهنجون مُسافتون، تقظائون، درد، اوجاڳا، سفر، پيار جا پنڌ ڀوڳنائون مون کي پنهنجون ۽ ڄاتل سُڃاتل ٿيون لڳن. ڄڻ انهن ڏينهن ۾ تو منهنجي حالتن جي پئي خطن ۾ عڪاسي ڪئي.
تنهنجا هي خط تنهنجي دل جو پرُسوز اهڙو آواز آهن. جنهن جي پڙاڏي ۾ سڄي ڪائنات جو درد سهيڙجي هڪ ٿي ويو آهي. جنهن مان هر ڪو درد وند پنهنجاپور، پڙاڏا پاڻ ڏانهن سوريندو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو.
تنهنجا مختلف دوستن ۽ پنهنجي پرين ڏانهن لکيل مختصر توڙي طويل خط ڪجهه اهڙي اثرائتي ۽ دل آويز انداز سان لکي ويو آهين. جو اُهي جديد سنڌي ادب جو شاهڪار بڻجي پيا آهن اهڙي من موهڻي نثر جي نشي ۾ مطالعي جي موسم دل تي عجيب رنگ وکيري ڇڏيا آهن. هُون به تون ادب ۾ گهڻ پڙهيو. گهٽ پر ڀرپور لکيو، اُهو ليکڪ آهين جنهن جي اڄ جي سنڌي ادب کي شديد ضرورت آهي. تنهنجن ترجمن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ جو نج استعمال سنڌي ادب جا خزانا آهن. تون جيڪا ڳالهه لکين يا ڳالهائين ٿو ته اُها لفظ لفظ ذميواريءَ سان ادا ڪيل هڪ اهڙو اصول هوندي آهي. جيڪو صرف ۽ صرف تنهنجو ئي هوندو آهي. هي خط سنڌي ادب ۾ تنهنجي هڪ باقاعده حيثيت کي واضح ڪن ٿا. ۽ اهڙن خطن جي خماريل خوبصورتي سنڌي ادب جي شاهڪار نثر جو اٽوٽ حصو بڻجي پئي آهي.
هن خط ۾ تنهنجي خطن لاءِ منهنجي راءِ تنهنجي نثري تحريرن لاءِ بي انتها مُحبتن جو اظهار آهي. ۽ اهي منهنجي دل جي ذاتي راءِ آهي. جنهن سان ڪو به اختلاف جو حق رکي سگهي ٿو.
ڪتاب جي مهاڳ لاءِ احسان دانش جو مهاڳ ڏاڍو وزني ۽ ڀرپور آهي. تاريخي پس منظر ۾ خطن جا حوالا ڏاڍا پڪا، پُختا ۽ تنهنجن خطن لاءِ هڪ ڀرپور مُقدمو آهن، جنهن کي لکڻ لاءِ هُن مطالعاتي محنت جو ڀرپور ثبوت ڏنو آهي. منهنجون دُعائون ۽ نيڪ تمنائون توسان آهن ته تون اهڙا نثر جا شاهڪار سنڌي ادب جي جهول ۾ ڀيٽا ڪندو رهين.

تنهنجو پنهنجو

بخشل باغي

سنڌ جي آئيندي جو سوال

ادب سماج يا معاشري جو عڪس هوندو آهي. ۽ اديب ان عڪس جو عڪاس/چِٽيندڙ، ڏيکاريندڙ هوندو آهي. ائين هُو پنهنجي ڌرتيءَ قوم ڏانهن به جوابدار هوندو آهي. اديب، ادب تخليق ڪرڻ سان گڏ عملي جدوجهد سان قومن جي تقدير بدلائي مُهذب معاشري جي اڏاوت ڪندو آهي. هر معاشري جا پنهنجا، پنهنجا قدر ٿيندا آهن. آب وهوا، جاگراجيائي فرق معاشري جي فطرت ۾ تبديليءَ جا مُحرڪ ٿيندا آهن مُثبت ۽ منفي رويا ماڻهو ۾ سماجي اثرن مان جنم وٺي ڦهلبا آهن. فرد جو ذاتي ۽ اجتماعي جياپو اُنهن اثرن کان هر صورت م مُتاثر ٿيندو آهي. اِهوفطري عمل آهي ته منفي سوچ يا عمل ۾ عجيب قسم جي ڪشش/ڇڪ ٿيندي آهي. جڏهن ته مُثبيت کي اپنائڻ يا اُن سان نڀائڻ لاءِ ڏاڍي ڪٺنتا مان گذرڻو پوندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو منفي ڇڪ ڪيڏي به گهڻي تيز ڇو نه هجي پر اُها دائمي ۽ آفاقي ناهي هوندي. جڏهن ته مُثبتيت جو عشق مثبت قدر جنمي نئين جياپي جي اُڻت ڪندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ٻين سماجن جيان سنڌي سماج به پنهنجي شاندار ماضي، ۽ مهذب تهذيب ۽ تاريخ جو خالق هوندي به مُختلف دورن ۾ اتنشار جو شڪار رهندو آيو آهي. پر گذريل ڇهه ڏهاڪن جي غير فطري ۽ جُڙتو تاريخ ۽ دور ۾ تمام گهڻو بي راهه روي جو شڪار بڻجي ڀٽڪندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو جنهن سماج/قوم جا اهم ادارا علم ۽ ادب، سياست، اخلاقيات، آرٽ، معاشيات وغيره بُري طرح سان هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪيا ويا هُجن ۽ اسان خود ان بربادي ۾ پنهنجي روايتي سُستي، ڪاهلي ۽ بي عملي وارن روين سان ويتر ڀاڳي ڀائيوار هُجون ته پوءِ پنهنجي پنهنجي وڍ جو نه ويڄ نه طبيب وارو محاورو يا چوڻي بلڪل سورنهن آنا ٺهڪي اچي ٿي. اهڙين حالتن ۾ قوم جي دُکندڙ نبض تي پنهنجي شعور جون آڱريون رکي کيس گهرُبل دوا جو بندوبست ڪري ڏجي نه ته ٻي صورت ۾ اُهو شناسيءَ وارو شعور بي عملي، لاتعلقي ۽ غير ذميواريءَ جي ورچڙهي، زنگجي، ڪٽجي تمام خطرناڪ اثر پيدا ڪري اڃان به گهڻو خطرناڪ ثابت ٿيندو. هر اديب جو ادب جي ناتي معاشري سان تمام گهرو سُٻنڌ رهي ٿو. ۽ هو پيدا ٿيل منفي حالتن ۾ مُثبت سوچ ۽ عمل سان اهڙي هلچل کي جنم ڏئي وجهندو آهي جو سماج اُن جي اڳواڻيءَ ۾ گهربل تبديلي آڻي نئين اُتساهه/ سجاڳيءَ جو بنياد وجهي انقلاب آڻيندو آهي. سنڌ ۾ به ماضي ۾ پيدا ڪيل سازشن کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي سنڌ ۽ ايشيا جي تمام وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت پنهنجي وطن دوست ترقي پسند، سنڌ شناسيءَ جي تحريڪ طور قابل فخر تاريخ جوڙي، اڄ جي افراتفري، انتشار، ذاتي مفادن ۽ انائن واري حالتن ۾ سنڌي اديبن لاءِ هڪ ڀيرو وري گذريل قلمي، علمي ۽ عملي تحريڪ جي تاريخ تحرير ڪرڻ جي ڀرپور گُهر ڪري رهي آهي.
پر افسوس جو هِت سَٺ سالن جي سياسي تاريخ سنڌ جي معصوم ۽ امن پسند روح تي تلوارن ۽ تيرن جو انڌا ڌُنڌ وار ڪرڻ وارو ڪم ڪيو آهي. اُها سياست جنهن ۾ اخلاقيات جون سڀ حدون اورانگهڻ ئي سڀ کان اولين فرض بڻجي پيو آهي. اُها سياست شطرنج جي راند بڻجي وفاقي نمائندگي ڪندي قومن جي حق تلفي ۽ استحصالي ئي ڪري سگهي ٿي اهو ئي سبب آهي جو ماضيءَ ۾ شاندار ڪردار نڀائيندڙ سنڌي ادبي سنگت گذريل کوڙ وقت کان سياست بازي جي “سياهه _ ست” جي ور چڙهي ڏينهون ڏينهن روايتي ڪردار اختيار ڪندي تنقيدي ۽ تُهمتي نشانن جو شڪار بڻجي پئي آهي. سڄي سماج جئين اُن سياست جي منافقا نه اثرن ۾ ايترو ته گهيرجي چُڪي آهي جو هاڻ زندگيءَ جي هر رُخ ۾ هر فرد ۽ خاص فرد اديب به اُن وبا جو حصو بڻجي پيا آهن ادبي سنگت جو ماضي پنهنجي مقصد ۽ ذميوارنه ڪارڪردگي واري عمل جي ڪري اڄ به ساراهجي ٿو. ماضي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جنگ وڙهڻ جو هڪ مضبوط مورچو رهي چُڪي آهي جنهن جي تاريخي ڪارنامن کان ڪير به بي خبر ناهي حال گهڻن سالن کان وٺي ڏينهون ڏينهن بدتر نظر اچي رهيو آهي توڙي جو ان وچ ۾ به سنڌ سان ٿيندڙ زيادتن جي مخالفت جي ويڙهه ضرور ٿيندي رهي آهي. جنهن جي ڪري سنڌي ادبي سنگت اڄوڪي ٽوڙڦوڙ جو شڪار هوندي به پنهنجي قومي شناسائي جي بچاءُ لاءِ اُتساهيندڙ پلٽ فارم آهي جت هر مڪتبه فڪر جا دوست گڏجي پنهنجو پنهنجو اظهار ڪن ٿا ماضيءَ جي فخر ۽ اڄوڪي ٽوڙ ڦوڙ ۽ مايوسي وارو احساس سنڌي ادبي سنگت جي جي مُستقبل سان سلهاڙيل هئڻ جي ناتي اسان لئه سوال بڻيل آهي. اهڙي صورت حال ۾ سنڌ جي هن پُرامن، تخليقي ۽ روحاني پليٽ فارم جي نئين سر جوڙجڪ لاٰءِ اسان کي پنهنجن مڙني، سچاين ۽ ڌرتيءَ سان ڀرپور مُحبتن جو مُظاهر ڪرڻو پوندو. سنڌي ادبي سنگت کي نئين جنم ڏيڻ لاءِ شاخن کان مرڪز تائين اسان سڀني کي ذاتي سوچ ويچار يا غور و فڪر ڪرڻ جي تمام گهڻي ۽ وقتائتي ضرورت آهي. اهڙي ضرورت مان هڪڙي اهم ضرورت منهنجي خيال ۾ اها به ٿي سگهي ٿي ته اسان جي تمام سينيئر ساٿين جي تاحيات نگران ڪميٽي جوڙجي ۽ اُن کان پوءِ باقي سينيئر دوستن جي گڏيل صلاح مشورن، غور ۽ فڪر وارن خيالن جي ڏي وٺ کان پوءِ گڏيل راءِ سان بنا اليڪشن هر ٻئي سال يعني مرڪز کان شاخن تائين پُر خلوس جذبن ۽ سچاين سان عمل ٿيڻ گهرجي ۽ اُنهن سينئرس جي مڪمل صلاح، سهڪار سان اُها نوجوانن يا سينيئرس جي ترتيب ڏنل باڊي ڀرپور ڪم ڪري، ڇاڪاڻ جو سياسي رجُحانن جي اثر ڪري سنڌي ادبي سنگت هاڻ صرف اليڪشني وبا جو شڪار بڻجي رهجي وئي آهي.
مرڪز کان شاخن تائين محظ سيڪريٽري شپ جي فهرست ۾ نالو لکرائڻ وارو ڪلچر سوچ ۽ خيال ختم ڪرڻ ضروري آهي اُهو ئي انائن تي ٻڌل، ادب دشمن تصور اڄ جي ادبي بحران جو بنيادي سبب آهي توڙي جو چونڊ مُهم کي ختم ڪرڻ وارو خيال سنڌي ادبي سنگت جهڙي جهموريت جي پاسداري ڪندڙ اداري جي آئين جي خلاف آهي پر اهو عمل ادبي سنگت جي منفي اثرن جي طوفانن کي ختم ڪرڻ جو واحد ذريعو به آهي. هونءَ به هن رياست جي سٺ سالن جي هڪ پل به صحيح ۽ حقيقي جهموريت جو سج ناهي ڏٺو ۽ نه ئي جهموريت جي فطري آب و هوا ۽ حسين احساس اسان کي نصيب ٿي سگھيو آهي پوءِ اسان اهڙي جمهوريت کي پنهنجن ادارن يا پنهنجي ڌرتيءَ قوم سان ڇو سلهاڙيون، جنهن جي نالي اپنائڻ سان وڌيڪَ منفيت جو شڪار ٿي پنهنجو گڏيل نقصان ٿيندو هجي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اخلاقيات ۽ انقلاب جي علمبردار تنظيم طور وجود ۾ آئي هئي هاڻ اُن کي روايت پڻي، سطعي / ظاهري ڏيکاءُ ميڊيائي ڪوريج ، دوستي ياري ، ذاتي انائن ۽ مفادن لاءِ استعمال يا آئيني گھرجن کان هٽي هلائڻ سنڌ جي روح کي ڇيهون، ڇهون ڪرڻ جي برا بر آهي سنڌ کي جيڪي به وڏاذهن ۽ ڪردار مليا آهن جن سنڌيت جو شعور بخشيو يا اهڙن تحريڪن جو بنياد وڌو . انهن عظيم ڪارنامن کي پنهنجي مُثبت عملي ڪردار جو ٽرابيوٽ ڏئي ادبي سنگت کي محبتن ، سچاين ، ايماندارين ، جي هڪ مثالي درسگاهه بڻائڻ گھرجي نه ڪي ميڊيائي وسيلن ذريعي هڪ ٻئي تي جوابي بيان بازي ڪري کل جو کارو بڻائجي . ادبي سنگت مان هاڻ اهڙي خودڪش سرد جنگ کي ختم ڪرڻ گھرجي . ادبي سنگت مان اليڪشن ڪلچر کي فلحال ئي کڻي پاسي تي رکي گروپ بازي واري اجائي ويڙه کي دفنائي ادب ۾ موجود اختلاف ختم ڪرڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ جو هر اُهو اختلاف جنهن جو پاڙون هوا ۾ آهن . اُهو سواءِ نقصان ڏيڻ جي ٻيو ڪجھ به نٿو ڏئي سگھي.
سنڌ جي ادبين کي منظم ٿي هن ڀٽڪندڙ بي راهه رويءَ ۽ انتشار جوشڪار ٿيل سنڌ جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ ٿيندڙ رياست وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلي تائين پهچڻ جو هڪ اهڙو خرمغز گھوڙو آهي جنهن جي بي لغاميءَ سنڌ جي حسين صورت کي پنهنجي خطرناڪ مفادن جي سنبن سان سٽي هن جي معصوم ۽ امن پسند مُرڪ کي گهايل ڪري ڇڏيو آهي سنڌي ادبي سنگت وسيلي سنڌ جي اديبن کي هاڻ اُن جيجل جي زخمي مُرڪ جو طبيب بڻجي. تنظيم جي آئيني احترام کي مدنظر رکندي ادبي سنگت جون واڳون باڪردار، تخليقي ، عملي ، وقت شناس ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙن جي حوالي ڪري انهن جي سربراهي ۾ پنهنجي ادبي ۽ قومي ذميواري نڀائڻ گھرجي . نئين ۽ پراڻي جي فرق کي مٽائي ادبي ڪلاسن کي ڪارگر بڻائڻ لاءِ وقت جي گھرجن پٽاندڙ تبديلون آڻڻ انتهائي ضروري آهي صحت مند تنقيدي شعور جي آبياري ڪري سگھاري ادب جي تخليقي بنيادن کي مضبوط ڪيو وڃي. اڄ سنڌ تي هر طرف کان حملا ٿيڻ واري صورتحال ۾ اسان پنهنجي بچاءُ وارن مورچن ۾ دشمن بجاءِ هڪ ٻئي تي حملا آور بڻجي ڄڻ ته فخر محسوس ڪري رهيا آهيون اُهو ذاتي انا وارو جذبو اگر اسان پنهنجي قومي ڪاز لاءِ استعمال ڪيون ته هوند سنڌ گھڻن ڏچن کان بچي پوي . اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ ادبي سنگت جي اليڪشن مُهم سياسي چونڊ مُهم جيان ڏاڍي حيرت انگيز ۽ غير جهموري طريقي سان ٿيندي رهي ٿي ووٽن جو استعمال يا وري اُنهن جي حاصلات لاءِ سڀئي اخلاقي حدون اورانگھڻ تمام سولي ڳالهه ٿي پئي آهي .
موبائل فون تي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ گارين وارا ميسيج موڪلڻ ادبي سنگت سان لاڳاپيل ڪجهه فردن لاءِ ڄڻ ته سورهيائي آهي. مون کي ته هيلوڪي مرڪزي چونڊن ۾ ووٽ ڪندڙ گهڻي ڀاڱي اهڙا ووٽر نظر آيا، جيڪي تخليقي اعتبار کان ڪڏهن به منظر تي نظر نه آيا آهن. اُهي رڳو شاخن جي سالياني چونڊن ۽ هر ٻئي سال مرڪزي چونڊن ۾ پنهنجا ۽ پنهنجي جهموريت پسند سوچ جا جلوا پَسائي گُم ٿي ويندا آهن اهڙي گروپ بندي جي انڌي لهر ۾ سنڌ جي اهم ليکڪن جي شاخن کي رد ڪرڻ ۽ غير اهم شاخن کي الحاق ڏئي پنهنجون ووٽر شاخون پيدا ڪرڻ جو سنگين عمل آخر ڪيستائين جاري رهندو؟ اُن ڪري هاڻ سنڌي ادبي سنگت جي آئين تي غور ويچار ڪري گڏجي ڪي اهم ۽ ڪڙا فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي جيئن تازو سنڌ جي ناليوار شاعر امداد حسيني هڪ انٽرويو ۾ هڪ سوال ”ادبي سنگت جي موجوده ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسون؟“ جي جواب ۾ چيو آهي ته، ”ادبي سنگت جو بنيادي رول جيڪو هينئر هئڻ گهرجي اهو ، اُهو هجي ته جيڪي به هٿ ٺوڪيون شاخون آهن، سي ختم ڪيون وڃن ، جيڪو اديب ناهي ، شاعر ناهي اُن جي ميمبر شپ ختم ڪئي وڃي . ساڳي وقت جيڪو اديب ترقي پسند سوچ نٿو رکي اُن کي به خارج ڪيو وڃي ۽ سنڌي ادبي سنگت پنهنجا جيڪي تنقيدي ڪلاسز آهن . انهن تي وڌيڪ عالمي تناظر ۾سنڌ کي ڏسڻ ۽ سنڌ جي تناظر ۾ عالم کي ڏسڻ هن وقت شديد ضروري آهي.“ انهن خيالن کي اوهان سان شيئر ڪرڻ کان پوءِ هڪ شاعر هئڻ ناتي سنڌي ادبي سنگت سان منسوب ان نِماڻي گذارش تي ڀرپور عمل جي ڀرپور تمنا رکان ٿو.

(2008ع)

مذهبي اِنتها پَسندي ۽ سنڌ جو پيغام

اڄ اسان سنڌ جي سرزمين جي جنهن ڀاڳوَند خِطي ۾ ڪَٺا ٿيا آهيون،اُها ”درازن“ جي ڀونءِ آهي.جنهن تي سنڌ جي الست، مست ۽ وحدالوجود جي جلالي ۽ ڪمالي شاعرسچل سرمست 1739ع ۾ جنم ورتو هو. جنهن جي دم سان ڪالهوڪي ننڍڙي ڳوٺڙي ۽اڄ جي تصَوف جي اهم مڪتب“درازن” جي هي ڌرتي “اَنالحق” جي گيڙوصدا ۾ رنگجي،رَچي نِکري پئي آهي.جنهن جي پُرڪيف فضا ۾ اڄ اسان سڀ(مذهبي اِنتهاپسندي ۽ سنڌ جو پيغام)جي اهم۽ سنجيده مامري تي غور ۽ فڪر ڪرڻ واسطي ڪَٺا ٿيا آهيون.هي اُها ئي ساڳِي سچوءَ جي درازن جي ڌرتي آهي جنهن ڏانهن وڌي هلڻ لاءِ گھڻو وقت اڳ سنڌ جي قومي ۽ بين القوامي شاعر شيخ ايازپڻ پنهنجي شاعريءَ جي ڀرپور آواز ۾ چيو هو.

آءُ درازا هَل!
تنهنجا سارا مولوي،
منهنجو هِڪ سَچل.

مذهبي پُراڻ پسنديءَ ۽ تصوف(وحدت الوجود) جي زندگيءَ سان تارفڪر ۽ فهم واري رستي جي اياز واضع لفظن ۾ نِشاندهي ڪئي هُئي. ڇاڪاڻ ته هِڪ پاسي مذهبِ اسلام جا علمبردارسڏائيندڙ،خدا جا سچا ٻانها۽ خليفا مُلا آهن ته ٻئي طرف سچوءَ جي سچائي وارو رستو،جنهن تي وحدت الوجود واريِ، مذهبي ڪُفرائتي پر پنهنجي روح ۾ اثرائتي اَنالحق جي صدا، پنهنجي گيڙو رنگِي ڪيفيت سان ڪائنات کي ويڙهي ڇڏي ٿي ته سچل جي وجداني احساس مان ڦُٽي نِڪرندڙ هي جلالي ۽ جمالي آواز ڪيڏي نه روح کي راحت بخشي ٿو.


آءُ پيئون پِڪَ پريمي، مُور نه ٿِج تُون مُلا.
سچل حق نه حاصل تن،جي راھ اُنهيءَ کان رُلا.

اِها هِمت ۽ جُرئت صرف ۽ صرف ڪو صوفي درويش ۽ شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. شاھ ۽ سچل ته صوفين جا سرتاج هئا.سندن ڪلام ۽ پيغام جي اُڏام،پُهچ ۽ رسائي نه رُڳو اُن زماني تائين هُئي، پر صدين تي به مُحيط هُئي.شاھ لطيف،سچل سائينءَ جو پيشرو هو ۽ روايت موجب سچل، ”شاھ جي چاڙهيل ڪُني جو ڍَڪڻ لاٿو هو.“ شيخ اياز جي لفظن ۾، ”شاعري سچل جي تلوار به هئي ته صليب به هُئي“. شاھه ۽ سچل ٻئي صوفي شاعر هئا ۽ تصوف سندن فڪر جو مُحرڪ هو.تصوف اُنهيءَ دور ۾ ايڏي اهميت رَکيِ جو اُن ”انساني برابريءَجي روحاني تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي.اُن تحريڪ،اُن زماني جي مُعتصب،تفرقي باز،خود پرستيءَ ۽ ابن الوقتيءَ جي بنيادن تي قائم سياست ۽ رياست جي خلاف انساني برابريءَ، مُحبت،حق پرستيءَ ۽ حق شناسيءَ جو عَلم بُلند ڪيو هو. تصوفَ، تَعصب ۽ تفرقي بازيءَ جي جاءِ تي برداشت ۽ رواداريءَ جو فڪر بنجي، انسانن ۾ مُحبت،برابريءَ،اِتحاد ۽ امن جا قدر عام ڪيا هُئا.شاھ لطيف،روحل فقير، سچل سرمست، سامي، دلپت صوفي، بيدل،خوش خير محمد، مصري شاھه ۽ ٻين صوفي ۽ ويدانتي شاعرن، پنهنجي شاعريءَ ۾ اُن وسيع مُحبت کي پَکيڙيو ۽ عام ڪيو،جيڪا هڪ قوم کي “قومي ساڃاھ” ۽ “سماجي شعور” عطا ڪندي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو سنڌ صدين کان پنهنجي خمير ۾ امن ۽ پيار جي علامت طور دنيا جي نقشي تي پنهنجي انفراديت سان پنهنجو نفيس ۽ ڪومل وجود رکندي پئي اچي.۽ سنڌ اڄ به اسلام جو ظاهري اثر قبوليندي به پنهنجي جوهر ۾ صوفي ۽ اخلاقي قدرن جي پاسدار آهي.سندس من جي مٽيءَ ۾ محبت جي خوشبو،پنهنجا رنگ نِکيريندي،کيس ٻاجهارائپ واري رويي سان زندهه پئي رکندي اچي.پر هِن ڌرتيءَ تي مالِ غنيمت ۽ جھادي مذهب جي سرواڻن پنهنجي انتها پسنديءَ جي جھالت واري تيزابيت سان سُک۽ سُڪون جي گَھَواري، هِن دلبرديس جي روح کي،ساڙي چِچِري،مَجرُوح ڪري وِڌوآهي،جنهن ڪري سنڌ جي پُرامن ماحول سان گڏ سموري دنيا اهڙي جاهلاڻي اِنتها پسنديءَ جي باھ ۾ سَڙي رَک ٿي رهي آهي.جنهن جي ڪري عالميِ انسانيت جو اِنتهائي بُرو حال ٿي رهيو آهي.اسلام جي نالي ۾،انساني آزادي۽ اظهار تي غير فطري بندشن جي ڪري سڄو سماج تنگ نظري واري زندگي گُذارڻ تي مجبور آهي.جنهن جي ڪري سماجي ڍانچو پنهنجي بيهڪ ۾ غير متوازن ٿي ڪري،عجيب و غريب وبائن توڙي نفسياتي بيمارين ۾ جُهرندو وڃي رهيو آهي.اهڙي ڀيانڪ صورتحال ۾،جتي عورت کي پردي جي آڙ ۾ چوديواري ۾ رکڻ،ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مدرسا ۽ مسجدون ٺاهڻ،نئين نسل جي ڪچڙن ذهنن ۾ اسلامي تعيلم جي آڙ ۾ بارود ڀرڻ،ڪافر ۽ مُسلمان جي غير فطري فرق کي،پنهنجي ذاتي مُفادن خاطر اُڀارڻ،خود ڪش حملا ڪرڻ ۽ڪرائڻ، ڀائپي ۽ روادريءَ واري نظام ۾ نفرتون ۽ ويڇا وڌائڻ هُجي،اُتي ڀلا اِنسانيت جو ڪهڙو حشر ٿيندو هوندو.اهو ڀلا ڪهڙو مذهب ٿيو جنهن جي هٿ ۾ کنيل تلوار،چوڏهن سو سال گُذرڻ جي باوجود، اڄ به معصوم ۽ بي گُناھ اِنساني رت ۾ ريٽي آهي.اهڙي غير اِنساني، وحشيانه سوچ جي رَوڪ،سنڌ ڌرتيءَ سدائين پنهنجي پُرامن فڪري رَويي، تصوف جي ڍال سان پئي ڪئي آهي.پراڄ جي هي مذهبي اِنتها پسندي ،جديد دور جي هِٽلري قوتن سان سَلهاڙجي اَمن جي اَڇي ڪبوتر تي مُسلسل چوطرف کان حملاآور ٿي رهي آهي،جنهن جي نتيجي ۾ هي ڌرتي، انسانيت جي پيرن هيٺان تَتل ٽامي جيئن ٽِڙڪي رهي آهي ،پر پوءِ به سنڌ پنهنجي پيغام جي پُڪار کي جهِيڻو ناهي ڪيو.صدين کان سنڌ جون گيڙو هوائون پيار،مُحبت، خلوُص، اخلاق،ڀائيچاري۽ امن جا گيت جهُونگارينديون،سڄي جهان کي سُجاڳيءَ جي سُتي پيئارينديون پيون اچن.”موهن جي دڙي“ جي عظيم ۽ پُر امن ۽ پُر وقار تهذيب،اڄ جي تنگ نظر مذهبن لاءِ هڪ اهڙو درس آهي جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي لافاني فڪر ۽ فهم ذريعي اعليٰ شاعريءَ جي آواز ۾ عالمِ انسان لاءِ اهڙو ته ڳايو آهي جو اُن جا پڙاڏا تااَبد هِن عالم جي وايو منڊل ۾ امن جي ساک ڏيندا رهندا. ”اسان ڏاڍي پُر امن قوم آهيون،اسان ڪڏهن به مُهلڪ هٿيار ناهن ٺاهيا.اسان سدائين اعليٰ تهذيبن کي جنم ڏنو آهي،اسان جا ٻار مٽيءَ مان جيڪي رانديڪا ٺاهيندا آهن اُنهن ۾ به تهذيبن جي جَهلڪ هوندي آهي،اسان مٽيءَ مان به هٿيار ناهن ٺاهيا“. ڇا ڪنهن به قوم جي امن پسندي ۽ مُهذب پڻي جو اِن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ثبوت ٿي سگھي ٿو،جنهن جي مٽيءَ جي خمير۾ به پيار، مُحبت۽ امن جهڙي لافاني خوشبوءِ مهڪندي هُجي. جتي ڪنهن جي به اظهار ۽ آزاديءَ تي ڪا به پابندي غير اخلاقي تصور ڪئي ويندي هُجي. اهڙي انسانيت جو احترام ڪندڙ ديس جي پُر سُڪون هوائن ۾ عرب ڦورو،لُٽيري،ظالم،جابر، بِن قاسم جي جهادي جگنجو مزاج،رت ۽ بارود جي نفرت انگيز بدبوءِ ڦهلائي،هِتان جي قوم تي پنهنجو فاشسٽ نظريو مڙهيو.تڏهن به سنڌ پنهنجو ٻاجهارو چهرو مونن ۾ وجهي اَهنسا جي روايتن کي پئي نڀايو آهي.پوءِ به هن مُلڪ جي رياست ۽ سياست جي نگاهن ۾ اسان ڪافر، مُلحد،غدار،گوريلا آهيون.اسان ئي هِن ملڪ کي مذهب جي بنياد تي عملي جامو پهرايو.۽اُن جي ترقي ۽ تعمير ۾ ڀرپورحصو ورتو.تڏهن به مَقتلي رياست اسان جي مَٿان ڪَڙڪندي رهي آهي.اڄ پوري دنيا لاءِ جنجال بڻيل هي مذهبي ۽ غير فطري رياست، مذهب جي آڙ ۾ڇا ڇا نه ڪري ڏيکاريو آهي.۽ ڪيئن نه پنهنجي مقصد ۽ مفهوم وارو اسلام هِتان جي قومن مٿان زوري مڙهي ڇڏيو آهي، جنهن جون مُستقبل جي لاءِ خطر ناڪ اڳڪٿيون ڪندڙ،لطيف،سچل،سنڌ جي پهرين سوسلسٽ صُوفي شاھ عنايت شهيد ۽ مخدوم بلاول کان پوءِ وقت جي کوڙ ساري وِٿيءَ پُڄاڻان،جديد دور جِي قوم پرستيءَ جي باني،عدم تشدُد ۽ اَهنسا واري پاليسي اِختيار ڪندڙ،سنڌ جي صُوفي روايتن جي پاسدار سائين جي ايم سيد اڳ واٽ ئي پوري دنيا کي خبروار ڪندي جيڪي دانهون ۽ ڪُوڪُون پئي ڪيون اُهي ڪي اَجايون ڪو نه هُيون.اهڙو فڪر انگيز اظهارسائين جي ايم سيد 1952ع ۾ آسٽريا جي گاديءَ جي هنڌ ويانا ۾ ”عالمي امن ڪانفرنس“ جي موقعي تي ڪيل تقرير ۾ ڪيو هو. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڏور رس نگاھ سان نه رُڳو سنڌ ۽ پاڪستان جو نقشو چِٽيو هو پر هُن پنهنجي مُدبراڻي تقرير ۾ ٻيا به ڪي اهڙا اِشارا ڪيا هُئا،جن اشارن کي اڄ عملي حقيقت جي روپ ۾ ڏسي رهيا آهيون. سائينءَ چيو هو ته،”جيڪي ماڻهو مذهب جي نالي ۾ فائدو وٺي رهيا آهن، اُنهن مان اڪثريت جو خيال آهي ته اسان کي قانون ۽ انصاف جا رومن ۽ انگريزي طريقا تَرڪ ڪرڻ کپن ۽ اُنهن جي جاءِ تي قانون جو هڪ پُراڻو ۽ مُدي خارج نِظام رائج ڪرڻ گُھرجي،جنهن مُطابق چورن جا هٿَ وڍيا ويندا،زانين کي سنگسارڪيو ويندو.حڪومت جون واڳون نام نِهاد الله جي ٻانَهَن مُلن جي هَٿن ۾ هونديون ۽ اُن کي مذهبي ڪتابن جي تشريح مُطابق هلايو ويندو“. سائين جي هي تقرير پڙهندي سنگسار ڪرڻ جو هڪ حقيقي منظر منهنجي ذهن تي ڪنهن بم جي ڌماڪي جيان اچي ويو آهي.ڪُجهه ڏينهن اڳ فيس بُڪ تي ڪنهن هڪ وڊيو لوڊ ڪئي هئي جنهن ۾ اِنتها پسندن جي نظام ۾ هڪ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري کي ڪنهن جابلو علائقي ۾ بي اِنتها وڏن بي ڍنگن پَٽڪن ۽ ڏاڙهين پنهنجي وِچ ۾سندن هٿَن۽ اکين کي ٻَڌي مَٿن چوطرف کان بيٺل سڀني جلادن پهاڙي پٿرن جو مينهن وسائي ڏنوهو ۽ ڪُجهه ئي سيڪنڊن ۾ اُهي پيارجا پوَتر پروانا چِٿجي پنهنجي ئي رت ۾ ڦَٿڪي،ڦَٿڪي ۽ تَڙپي،تَڙپي محبت تان قُربان ٿي امرٿي ويا هئا.اهڙي ڀيانڪ صورتحال تي اکين سان اسڪرين تي ڏسندي اُن وڊيو، منهنجي اِنتهائي خراب حالت ڪري ڇڏي هُئي. نه ڄاڻ ڪيترائي ڏينهن مان پنهنجي وجود ۾ ٽُٽندو ۽ ڀُرندو رهيوهُئس.سچ ته اُن وڊيو ۾ مُدي خارج نظام جو اهڙو خطر ناڪ عملي روَيو ۽ روپ ڏسي مون کي اُن کان اِنتهائي نفرت ٿي وئي هئي ۽ آهي،جنهن ڪارڻ مان ڊپريشن جي هڪ افسوس ناڪ حالت ۾داخل ٿي ويو هُئس.۽ اڄ تائين جڏهن به اُهو منظر ياد اچي ويندو آهي ته پنهنجي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دِل کي زلزلي ۾ ڌرتيءَ جيئين ڌُڏندي محسوس ڪندو آهيان.۽ يا ڪُجهه وقت اڳ نيشنل جاگرافڪ چينل تي ڏِٺل هِڪ اهڙي اِنتها پسندي واري رويي جي ترجماني ڪندڙ اسٽوري ياد پئي اچي،جنهن ۾ڪنهن خود ڪش حمله آور چيو پئي ته ”اسان جي ايمان ۾ اِها ڳالهه آهي ته اسان اسلام جي دُشمنن کي بم بِلاسٽ ڪندي مارينداسين ته هيڏانهن بم، ڌماڪي سان اسان جي جسم کي پُرزا پُرزا ڪري ڇڏيندو ته يڪدم اسان هِن دنيا مان نڪري هُن دنيا ۾ جنت ۾ داخل ٿي وينداسين.اِن کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڇا گھُرجي“. سائين جي ايم سيد وِيانا واري تقرير ۾هِڪ هنڌ چيو هو ته،”جن اصولن جي بنياد تي پاڪستان ٺاهيو ويو ۽ اُهي اصول جن تي مسلمانن جي عليده قوم وارو فيصلو ٻَڌل هو ۽اُن سان گڏوگڏ قراردادِ مقاصد جا لفظ ۽ روح اُنهن سڀني گڏجي لازمي طور مسلم ليگ جي اندر ۽ اُن کان ٻاهر ماڻهن جا اهڙا گروھ پيدا ڪيا آهن،جيڪي صاحبِ اقتدار ماڻهن تي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن،جن جو لازمي نتيجو هِڪ بُنياد پرست رياست ۽ڀارت سان جنگ جي صورت ۾ نڪرندو.“ يا ”اسلام جي بالادستي ۽ دنيا جي اڳواڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اُهي ”جھاد“جي ڳالهه ڪندا.۽ مُسلمانن کي هِڪ جنگجو ۽ شائونسٽ قسم جي مُعاشري ۾ تبديل ڪيو ويندو“. اڄ سائين جي ايم سيد جي تقرير ۾ ڪيل اُهي سڀ ڳالهيون ڪيڏي نه چِٽائيءَ سان سچ ثابت ٿيون آهن.جو اڄ پوري دنيا هِن مذهبي اِنتها پسندِي واري نفرت ۾ پَڄري رهي آهي ۽ کائونس اِنتهائي نفرت ڪري ٿي.پر پوءِ به ڪير ناهي جيڪو هِن بارود جي ڍير تي بِيٺل اِنسانيت کي بچائي سگھي،سواءِ سنڌ جي ازلي امن ڀَريي پيغام جي.جنهن کي سنڌ جي ذري ذري هِن ڪائنات جِي انسانيت جو ڀَرم رکندي پئي جهُونگاريو آهي.ڇا اِها مذهبي اِنتها پسندي پنهنجي،زنگ آلود، سَفاڪ سوچ وسيلي هِن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي اُن جي پُڄاڻيءَ جو ڪارڻ بڻبي يا اِهاڪُجهه ئي شائونسٽ ذهنن جي انڌي سونامي پنهنجي اختتام تي به پُهچندي؟اُن لاءِ اسان سڀني کي اِن خيال جو ٿي،تصوَف جي فڪر ۽ فهم ذريعي اِهو سوچڻو ۽ لوچڻو پوندو ته هي سڄي ڪائنات ۽ مخلوق جو خلقيندڙ اِنتها پسند مذهبن وارو جابر ۽ قهار ڪونهي،نه ئي وري ڪو اُن هِن ڪائناتي نظام کي هلائڻ لاءِ،مُلن، راهبن،پنڊتن يا ٻين مذهبي مُبلغن کي خاص طور تي موڪليو آهي.نه ئي رب جي رضا تي راضي رهي هي ظُلم ۽ سِتم برداشت ڪرڻ وارو جاهلاڻو خيال ڪو هاڻ قبولڻ جوڳو رهي سگهيو آهي.نه ئي وري ٻيون غير منطقي ڳالهيون برداشت ڪري سگھجن ٿيون.اُن ڪري اِن مذهبي انتها پسنديءَ وارين جبري ڳالهين تي جيئن جو تيئن اَنڌو اعتماد ڪرڻ عالميِ انسانيت سان دُشمني ۽ وڏي نااِنصافي ليکبي،۽ اُن جھالت واري آڳ ۾ ماڻهو خود ته جلندو پر باقي ٻي انسان ذات جي به زندگي تباھ ڪري ڇڏيندو.اُن ڪري اسان کي سنڌ جي صديون اڳ ڏنل پيغام کي هانءُ سان هنڍائڻو پوندو.ڇو ته هاڻ سڄي دنيا ڏينهون ڏينهن مذهبن جي تيز وڌندڙ اِنتها پسنديءَ جو کاڄ ٿي رهي آهي.عالمي قوتون خود مذهبن کي پنهنجي بچاءُ جي هٿيار طور ڪتب آڻي رهيون آهن.مذهبن ۾ وڌندڙ فرقن جو هجوم هاڻ وڌندو وڃي رهيو آهي،هر فرقو ٻئي فرقي کي غلط چئي پاڻ کي دُرست قرار ڏئي ٿو.اِن مذهبي اِنتها پسنديءَ جي وڌندڙ جنگ ۾ اڄ جو معصوم ۽ باشعور اِنسان لتاڙجي رهيو آهي.اڄ جي هِن هٿيارن جي تيز ترين ڊوڙ ۾ انسانيت جو ماس،گولين ۽ بارود جو کاڄ ٿي رهيو آهي.نتيجي ۾ هيءَ ڪائناتي سونهن ۽ سوڀيا،امن ۽ انسانيت، اِنتهائن جي خزائن ۾ گُلاب جي گُلن جيئن ڪومائبي وڃي رهي آهي.۽ خوشبودار هوائن ۽ فضائن ۾ انساني رت، سڙيل ماس، ۽ بارود جي روح کي ساڙيندڙ بدبوءِ وڌندي وڃي رهي آهي.اُن ڪري سائين جي ايم سيد پنهنجي وِيانا واري تقرير ۾ چيو هو ته، ”اُهي سموريون بين القوامي پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جيڪي پان اسلام ازم ۽ وِچ اوڀر جي ايڪتا کي همتائي رهيون آهن سي دراصل اُنهن مذهبي گروهن جي اُميدن ۽ خواهشن کي هَٿي ڏئي رهيون آهن،جيڪي اسان جي قومي زندگيءَ کي تباھ ڪرڻ ٿا چاهين. اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته بين القوامي سطح تي اهڙيون قوتون به آهن جيڪي مُسلمان ۽ مُسلم مُلڪن کي اُن ايندڙ جنگ ۾ صرف هٿيار طوراستعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.“ سائين جي ايم سيد ”عالمي امن ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو هو ته ”آئون هِن ڪانفرنس جي عيوضين کي عام طور تي ۽ برطانيا ۽ آمريڪا کي خاص طور تي چوان ٿو ته مُسلمان مُلڪن کي اُنهن جي نام نِهاد مذهبي عقيدن جي بنياد تي گڏڪرڻ واريون ڪوششون خطر ناڪ اِمڪانن سان ڀريل آهن.اُنهن کي معلوم هُجڻ گُھرجي ته اُنهن طاقتن جي سرپرستيءَ جي ڪري ئي مذهبي تعصب،ڪٽرپڻي،۽ فاشست رُجحانن کي هَٿي مِلِي رهي آهي“. سائين جي ايم سيد جي مٿي ڏنل تقرير ماضي،حال ۽ مُستقبل جو اهڙو ته اَڇوتو ۽ اُجرو سچ هُئي،آهي ۽ رهندي جنهن جي فڪر، جي آرسيءَ ۾ هر دور جوباشعور ماڻهو پنهنجي پنهنجي حالتن جي سچ جو عڪس پيو پَسندو. ۽ اهڙي سُرهي سوچ کي پنهنجي روح ۾ پيو سانڍيندو. ڇاڪاڻ ته63 سال اڳ ماضيءَ ۾،حال جي پُل تي بيهي، حال کان اڳتي،مُستقبل تائين جي وِچ تي پيل وِٿيءَ،خال کي پنهنجي دور،رس نگاھ ذريعي ڀَريو، ملايو هو،اُهوميلاپ سنڌ ڌرتيءَ جو اُهو عظيم پيغام هو، جيڪو ”موهن جي دڙي“ کان شاھ عنايت شهيد، مخدُوم بلاول، شاھ لطيف،سچل ۽ ٻين صوفي شاعرن توڙي بزرگن تائين ۽ سائين جي ايم سيد کان محمد ابراهيم جويي۽شيخ ايازتائين پنهنجي روح ۾،تصوف جي آفاقي رنگينيءَ سان رنڱيل سڀني پيار،امن ۽ محبت جي پيامبرن ور ور،ڪري پئي ورجايو آهي.سائين جي ايم سيد پنهنجي شاهڪار ۽ اهم ڪتاب ”سنڌوءَ جي ساڃاھه“ جي ٻئين باب ”سرزمينِ سنڌ جي مذهبي اِرتقا“ جيڪو لڳ ڀڳ ٻهَ سو صفحن تي مُشتمل آهي جنهن ۾ سائينءَ وڏي مُدبرانه ۽ مُنصفانه انداز سان دنيا جي مذهبن تي اِنتهائي مُفصل نموني پنهنجي گِھري نِگاھ وِڌي آهي.جنهن ۾ سڀني مذهبن جي اِرتقا،مقصد،۽ اُنهن جو اصل ڪم ڪهڙو۽ اُنهن جو سنڌ تي ڪهڙو ۽ ڪيئن اثر رهيو آهي،۽ سنڌ ڪيئن نه وري اُنهن سڀني مذهبن مان حافظ شيرازي جي هڪ فارسي شعر جي معنيٰ جيان ته، ”اسان قُرآن مان مغز،جوهر ڪڍي باقي هڏا ڪُتن لاءِ اُڇلي ڇڏياآهن.“ وانگرسڀني مذهبن جي روح کي جوڙي هڪ نئين روح ”تَصوَف“ کي تخليق ڪري وِڌو.سائين جي ايم سيد هِن باب ۾ ”مُختلف مذهبن جي مُختلف تعليم ۽ اصولن جو ذڪر ڪندي اِهو به ڄاڻايو آهي ته ڪيئن مذهب اِبتدا کان وٺي بدليل حالتن ۽ ماڻهن جي ذهني اِرتقا مُطابق تَرقي ڪندو،انسان ذات جي رهبري ڪندو آيو آهي،۽ ڪهڙيءَ طرح مذهبن هڪ ٻين کان سبق پِرايا آهن“. سائين اڳتي لکي ٿو ته،”سنڌ تي نون مذهبن،1،ايني مِسٽ(جاندار شين ۾ روحن جي اعتماد وارو مذهب)2، ان ايني مِسٽ(غير جاندار شين ۾ روحن جي اعتقاد وارو مذهب)3،ويدڪ ڌرم،4،ٻُڌ ڌرم،5،جين ڌرم،6،زراشٽرزم ۽ اُن جي شاخن، 7،يهوديت،8، مسيحيت،۽9،اسلام،پنهنجا اثر ڇڏيا آهن۽اُنهن گڏجي هِتان جي مذهبي تخيل جي ساخت ڪئي هُئي.۽ ڪهڙيءَطرح سنڌ جي صوفيائي ڪلام اُنهن مان سبق حاصل ڪري،پنهنجو پيغام مُرتب ڪيو.۽ نيٺ ڪن سُڌارڪن،سڀني مذهبن پويان وحدت پرکي،بقاءِ باهمي جي اصولن مُطابق جملي مذهبن مان سُٺيون ڳالهيون چُونڊي هڪ معجُون مرڪب بنائي، اُن جو نالو تصوف رکيو“. پرپوءِ به اڄ ڪلهه جيڪا مذهبي اِنتها پسنديءَ واري وبا هِن مُلڪ ۽ خاص طور تي سنڌ کي وڪوڙي وئي آهي اُها هاڻ خطر ناڪ حدن تائين وڃي پُهتي آهي.جنهن جو هڪ مثال هي به آهي ته جهڙي ريت هي رياست توڙي مذهبي اِنتها پسنديءَ جا ٺيڪيدارسماجي حالتن کي هٿ وٺي خراب ڪندي بُک.بي روزگاري يا غُربت جي حدن کي وسيع پيا ڪندا وڃن اهڙي صورتحال ۾ غُربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گُذاريندڙ اٻوجهه ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ کان ويندي دهشتگرديءَ جا مُخفي اَڏا بڻيل مدرسن ۾ اَٽي،لَٽي ۽ اَجهي جي لالچ ۾پنهنجي جگرجا ٽُڪرا،ننڍڙا معصوم ٻار ديني تعليم جي آڙ ۾ جيڪو درس پرائين پيا اُهو پڻ محظ امن جي علامت بڻيل سنڌ کي دنيا جي اڳيان هڪ اِنتها پسند ۽ بُنياد پرست جي صورت ۾ پيش ڪري اُن جي فطري آزاديءَ واري حق کي ڦٻائڻ جي هڪ ٽِڪسالي ترڪيب ئي آهي.۽ سنڌي مُهذب پڻي ۽ اَهنسا واري اعليٰ رويي تي منڌيئڙو ڦيرائڻ جي برابر آهي.يا تازو سنڌ جي هڪ علائقي پنگريو ۾ مذهبي اِنتها پسنديءَ جو هڪ دل کي ڏاريندڙ روَيو،واقعو جنهن ذريعي مُسلمانن جي قبرستان مان حادثي ۾ فوت ٿيل ڀُوري ڀيل جي دفن ٿيل لاش کي قبر مان ڪڍي،اُن جي بي حُرمتي ڪندي ٻاهرڦِٽي ڪيو هو،اهڙي غير اِنساني حرڪت سنڌ جي روح کي لرزائي ڇڏيو آهي.اُها سنڌ جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي مذهبي عقيدي سان هٿ چُراند نه ڪئي هُئي،۽ نه ئي مذهب جي بُنياد تي اِنسان جي ورهاست.پر اڄ اُن ئي سنڌ جي ڪُجهه ماڻهن اهڙي مذهبي اِنتها پسنديءَ جو نفرت زده مُظاهرو ڪيوآهي. يا اڄ ڪلهه جيڪي هندو،هِن رياست جي پيدا ڪيل سازشن تحت سنڌ ڇڏي سرحد جي هُن پار وڃن پيا اُها پڻ هِن رياست جي مذهبي اِنتها پسندي ئي آهي جنهن جو مقصد سنڌ جي اصل وارثن هندن، ڀيلن، باگڙين، ڪولهين، اوڏن کي هِن ڌرتيءَ تان مذهب جي آڙ ۾ڌِڪي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ آڻي کين هِن ڌرتيءَ تي اجنبي بڻايو پيو وڃي. اهڙي صورتحال کي ڏسندي مون کي مُحمد ابراهيم جويي جو ترجمو ڪيل “فرينچ اِنقلاب”واري هڪ هاريءَ مچيل بئسٽيان جي اُها حقيقي ۽ زُباني ٻُڌايل ڪهاڻي ياد ٿي اچي،جنهن ۾ ”ٽي ڌُريون ٽي نظام“ واري سازشي سوچ ۽ صورتحال ڪيئن نه اُتان جي اَٻوجهه ماڻهن کي غلام بڻائي،مَٿن طُلم ڪري ٿي.جنهن ۾ حُڪمران طبقو ۽ پادري گڏجي، مذهب جي هٿرادو بڻايل تشريح سان اَٻوجهه ۽ مُفلسي جي چڪيءَ ۾ مُسلسل پيسجندڙ غريب عوام کي لُٽين ۽ ڦُرين ٿا.۽ ڪيئن نه سندن شعور تي جهالتن جا بند ٻَڌين ٿا.هُونءَ به جڏهن کان انسان ۾ ملڪيت جو تصور ۽ مذهب کي پنهنجي مُفاد ۾ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو هو تڏهن کان هڪ اِنسان ٻئي اِنسان جو استحصال ڪندو پيو اچي.۽ اِها غير اِنساني ۽ ڪُڌي رسم۽ رواج اڄوڪي سنڌ لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار پئي ٿيندي وڃي،جنهن ڪري هي مشرق ۽ مغرب کي مِلائڻ واري سنڌ،مذهبي اِنتها پسنديءَ جي وَر چڙهي ڪري به پنهنجي جوهر ۾اڄ به اُن مذهب جي اِنتها پسند سازشن سان مهاڏو اٽڪائيندي پئي اچي.جنهن کان بچڻ لاءِ سنڌ ۽ سموري دنيا کي صرف ۽ صرف سنڌ واري امن.آجپي، ڀائيچاري واري پيغام کي ئي زنده دليءَ سان اپنائڻو پوندو.

(2013ع)

مددي ڪتاب:
1. آءُ درازاهَلُ.شيخ اياز(مُرتب)تاج جويو
2. مان توکان مُور نه مرڻو هان (مُرتب)ستار سُندر
3. سِلسليوار ”فڪرِسنڌ“.
4. سچل جو رسالو.
5. سنڌوءَ جي ساڃاھه ـــ سائين جي.ايم سيد

ساروڻيون

---

مَنظر، پَس مَنظر ۽ دل جون ڳالهيون!

هِن وقت مان جنهن ڪمري ۾ ويهي هي لفظ تحرير ڪري رهيو آهيان، اُن ڪمري ۾ هلڪي اوندهه آهي. ڀرسان بيٺڪ واري ڪمري ۾ ٽيوب لائٽ جي کير جهڙي روشنيءَ ۾ سائي رنگ جا پردا خاموش ديوارن کي ڍڪيو لڙڪي رهيا آهن. ٽيوب لائٽ جي روشني منهنجي هن اڇي ڪاغذ تي ۽ ڪاري مَس سان لکجندڙ اکرن تي پنهنجا هلڪا، هلڪا عڪس ڇڏي رهي آهي ۽ ٻاهر گهرجي وچين ڪمري ۾ هلڪي اُوندهه ۾ مون کي ڪتابن جون الماريون ڪنهن سحر مان ڏسي رهيون آهن ۽ مان کٽ تي (جنهن تي اڪثر طور مان ويهي مطالعو ڪندو آهيان) ويٺو لکندي ۽ سوچيندي عجيب ڪيفيت ۾ آهيان. ڇاڪاڻ جو ٻاهران ورانڊي ۽ آڳُر تان سياري جي شروعاتي ڏينهن واري جُهڙالي پر، سِيءُ جو احساس ڏياريندڙ شام جي مدهم سگريٽ جي دونهي جهڙي سُرمئي، سُرمئي روشني، منهنجي نيڻن ۾ گُلابي، گُلابي خُمارن جا رنگ ڀَري رهي آهي. ٻاهر/ پَريان گهر جي ننڍڙي ۽ پتڪڙي آڳُر تي منهنجي زندگي جا ٻه پتڪڙا خواب ”مُون“ ۽ ”مِلي“ گُلابي ۽ سائي رنگ جي ڦوڪڻن سان راند ۽ گوڙ ڪندي مصروف آهن. ويرانڊي ۾ امان وارن جو آواز ۽ اُن آواز سان گڏ منهنجي ننڍڙي ”سِپني“ جو خوشيءَ مان چيڪن/رڙين جو آواز به منهنجي سماعتن ۾ پيهي دل کي پُرسڪون ڪَري رَهيو آهي. ڪمري مان ٻاهر آسمان کي ڏسندي دل به سُرمئي رنگ ۾ رنڱجي وڃي ٿي. اڇا ۽ سُرمئي ڪڪر، لُڙڪن سان ڀرجي آيل اکڙين جهڙي سانوري شام کي الوداع ڪندا. هوا جي تيز گهوڙي تي ڊوڙندا، سرديءَ ۾ اضافي سان موسم جي مئه ڪشيءَ وڌائيندا وڃي رهيا آهن. اهڙي اچانڪ جُڙي پيل ماحول ۾، ڪاڳر، قلم ۽ لفظن جي سهڪار سان مان احساساتي ڪيفيتن ۽ پيدا ٿيندڙ مُختلف جذبن جي اظهار ۾ گُم سُم آهيان ۽ سوچيان ٿو ته آخر ڇو مان هي ايترا ڪاڳر ڪارا ڪري رهيو آهيان. جن کي گذريل لڳ ڀڳ پنجويهه سال اچي ٿيا آهن. ڪڏهن دوستن ڏانهن خط لکندي ته ڪڏهن شاعري ڪندي ته ڪڏهن وري نثر ۾ مضمون نويسي ڪندي. پر پوءِ به اندر جي غُبار جي اظهار جو جنون ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي رهيو آهي. اندر اهڙن جذبن سان تار لڳو پيو آهي. اُهو ڪڏهن لُڙڪن ته ڪڏهن ٽهڪن جي صورت ۾ به پنهنجو رستو ڳولي وٺي ٿو ۽ اِها ئي پُراسرار جُستجو مون کي اڃان تائين جيئڻ جو اُتساهه بخشي زماني ۾ جيئاري رهي آهي. هر ماڻهوءَ جي زندگي، ماضي، حال ۽ مُستقبل جي خانن ۾ ورهايل رهي ٿي. ماضيءَ مان حال ۽ حال مان مُستقبل جي ڪڙي به ڪڙي هڪ اهڙي زنجير جُڙي ٿي جيڪا ماڻهوءَ جي شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور کي جڪڙي کيس سفر در سفر پئي رُلائيندي آهي. اُن رولاڪي / ڀٽڪنا جي مختلف ڪيفيتن جو اظهار هر ماڻهو پنهنجي، پنهنجي انداز سان ترتيب ڏيندو آهي ۽ اڄ جڏهن مان به پنهنجي منظر ۽ پَس منظر مُتعلق سوچيا ٿو ته پنهنجي اڄوڪي منظر جي تصور جي ديوار مان هڪ خواب جي دَري کُلي منهنجي ذهن کي پَس منظر جي ماڪ ۾ ڌُنڌلي، ڀنل دنيا ۾ پُهچائي ڇڏي ٿي ۽ مان ڪنهن آرٽ مووي جي ”فليش بيئڪ“ ۾ آيل ”سين“ جيان تصور ئي تصور ۾ سوچيندو منظر جي پَس منظر ۾ گُم ٿي ڏسان ٿو ته ”منهنجي زندگي به سنڌ جي عام کان عام ۽ پيڙهجندڙ ماڻهن جيئن ئي عام رواجي گُذري آهي. مُختلف رانديون ۽ کيچلون ڪندي، پکين، پوپٽن ۽ رنگ برنگي گُلن پوئيان ڊُڪندي، رنگين لاٽون، ڏور ۽ بلورن (چدَن) کيڏندي، اِٽي ڏڪر، بيٽ بال، هاڪي، فُٽ بال ته وري ڪڏهن رَٻڙ جي بال سان ”سَٽ ڪُٽ“ ڪندي لِڪ، ڇُپ، چور پوليس، ته ڪڏهن بوتلن جي ڍڪڻن، سگريٽ جي پاڪيٽن جي پتن، رنگ برنگي لغڙ اُڏائڻ ۽ لُوٽڻ/جَهٽڻ، مٽيءَ جا گهرڙا ٺاهي ۽ گُڏو گُڏي رانديون ڪندي گذري آهي. مطلب ته هر روز ڪا نه ڪا نئين راند پيا رهندا هئاسين ۽ ايئن ٻاروتڻ جو رنگ، برنگي پوپٽ اک ڇنڀ ۾ ڄڻ زندگيءَ جي ڪيئنواس تي پنهنجا ڪَچا رنگ ڇڏي ماضيءَ جي پوئيان اُڏامي ويو ۽ اکين ۾ رڳو يادن جي ڌُنڌلي دَز رهجي وئي آهي. مطلب ته زندگيءَ جو بلڪل ابتدائي سفر، لاتعلقيءَ جي بي خُود موسم ۾ کِلندي، روئيندي گُذري ٿو. پنهنجو ڪو به اَباڻو ڳوٺ نه هئڻ جي ڪري سموري زندگي، شهر جي شور ۾ بسر ٿي آهي. پر شهر ۾ رهندي به زندگيءَ جو گذر شهري سهولتن کان بلڪل مَحرومي واري حالتن ۾ ٿيو. گهر جو ماحول صفا ٻهراڙي وارو هو. ڇاڪاڻ جو چوطرف ٻين پاڙي جي گهرن ۾ لائٽ، گئس، ٽي وي هوندي به اسان اهڙين سهولتن کان ڪوهين ڏور هئاسين. سبب غربت، جنهن اڄ سوڌو ساري زندگي لاءِ، زندگيءَ جي پاند ۾ ڪنهن کوٽي سِڪي جيان اهڙو ته ڳنڍيون ڏئي قابو ٻَڌي ڇڏيو آهي جو اُن کي کولي ڪڍي اُڇلائڻ اڄ سُوڌو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. مُحلي غريب آباد ۾ حاجي جُمن سومري جي ٻَن، ٻَن وڏن ڪمرن، ورانڊي ۽ دالان تي مشتمل صفا ڪچي مٽيءَ جي جاءِ ۾ ڪرائي تي سائين نظر شاهه (شوڪت حسين شاهه) جي والد وارن جي وڏي حويلي جي بلڪل ڀَرسان رهندا هئاسين. گهر جي وڏن ڪمرن ۾ بتيءَ جي جهيڻي ۽ ڦِڪي پر اُداس روشنيءَ ۾ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا خواب ڏسندي زندگي گذري.
ٻن، ٻن ڪمرن تي مُشتمل اصل ۾ اهي ٻه جايون هيُون پر مونکي ياد ٿو پوي ته تيز برساتن ۾ انهن جي وچان ڏنل ڪچيءَ سرن جي ديوار پَٽ پئجي ٻن گهرن جي آڳر کي وسيع ڪري هڪ گهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. ڪچي جاءِ هُئڻ ڪري جڏهن به مينهن جي موسم يا بنا مينهن – موسم جي مينهن وسندو هو. ته گهرجي پُٺين پاسي کان گهٽي ۾ مينهن جو پاڻي اندر ڪمرن ۾ کاٽ هڻي گهڙي پوندو هو. پوءِ ته عجيب صورتحال هوندي هئي. ڪمرن جي سوراخن کي بند ڪندي يا پاڻي ٻاهر ڪڍندي رات توڙي ڏينهن امان، بابا وارن کي ڏاڍي پريشاني ٿيندي هئي. مٿان وري ڇِت ڪمزور ۽ ڪچي هئڻ ڪري اُن جو به خطرو هوندو هو. اُن وقت اسان جي ڪُل جائيداد. ٻه چار کٽون، هنڌ بسترا هڪ پينگهو، ڪجهه جست ۽ ٽامي جا ٿانءُ، ڪپڙن لاءِ لوهي پيتي ئي هوندي هئي. امان اسان کي گرميءَ ۾ منجهند جو پينگهي ۾ سُمهاريندي هئي ۽ مونکي ۽ مونکان ننڍي ڀيڻ نجمه کي ڪهاڻيون، آکاڻيون ٻُڌائي ننڊ ۾ سُمهاري ڇڏيندي هئي. گرمين جي رات جو کُليل پڌر تي کٽن تي هنڌ وڇائجي ويندا هئا. ته ڏاڏو پيارو ريڊيو تي بي بي سي تان خبرون ٻُڌندو هو. سچ ته اڄ به منهنجي سماعتن ۾ خبرن کان اڳ وڄندڙ هلڪو ”سيربين“ پروگرام جو ميوزڪ پڙاڏن جيئن گونجي رهيو آهي. ۽ پوءِ ريڊيو جي آواز کي ٻڌندي، ٻُڌندي ننڊ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيندي هئي. اُها جاءِ ڪجهه هن طرز جي ٺهيل هئي جو اندر گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پهرين پُراڻي طرز جو هڪ وڏو لوهي دروازو (جيڪو پڻ ڀڳل، ٽُٽل هوندو هو) اُڪري ٻن، ٻين جهڳين جي وچان هڪ سنهڙي ڪچي گهٽي گذري گهر ۾ وڃڻو پوندو هو. (رات جو اُن گهٽيءَ مان لنگهندي ڏاڍو خوف ٿيندو هو. ڇاڪاڻ جو اسان ٽي وي ڏسڻ لاءِ سائين سيف الله قريشي جي گهر ويندا هئاسين. اُن وقت بليڪ اينڊ وائٽ ٽيليويزن جو دور هو. اُن وقت ٽي وي تي ڪارٽون وڏي چاهه سان ڏسندا هئاسين. اُن کان علاوه مختلف پروگرام، الف ليليٰ، ٽِڪ، ٽڪ ڪمپني، ”وه ڪون ٿي“ اسٽار ٽريڪ، نائٽ رائيڊر، چپس، وغيره وڏي شوق ۽ پابندي سان ڏسندا هئاسين) ان سنهڙي ۽ ڪچيءَ گهٽيءَ مان ئي گهر جي نيڪال لاءِ هڪ نالي پڻ هوندي هئي، جيڪا به ڪچي ۽ گندگيءَ سان ڀريل هوندي هئي. ايئن اها مِڙئي ڪُجهه ڊگهي گهٽي پار ڪري گهر ۾ داخل ٿبو هو. باقي اندر گهر ۾ ڪمرن توڙي ڪاڪوس کي ڪو به دروازو نه هوندو هو. اندر ڪمرن ۾ وڏا وڏا ڪوئا ٻِرن ۾ رهندا هئا. ڪچي جاءِ هئڻ ڪري ٻين جيت جڻن سان گڏ وِڇون به هوندا هئا. اُن ئي جاءِ ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ ارشد گذاري ويو هو. اڄ به تصور ۾ اُن گهر جي پڌَر تي سندس معصوم ۽ ننڍڙو جسم ڍڪيو پيو آهي. امان زاروقطار روئي رهي آهي ۽ ٻيا مائٽ امان کي پَرچائي رهيا آهن ۽ ٻاهر در تي تڏو ڪيو بابا وارا ويٺا آهن. بابا به ڏاڍو رُنو پئي. مونکي ياد آهي ته ارشد اچانڪ بيمار ٿي پيو هو. سندس علاج ڊاڪٽر فضل پيرزادي کان ڪرائيندا هئاسين، پوءِ اچانڪ هُن جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي پئي. جنهن ڪري ڊاڪٽر سول اسپتال نواب شاهه ۾ داخل ڪرڻ لاءِ اسان کي اوڏانهن موڪليو هو. شايد. او پي ڊي جي ڪنهن روم جي بيڊ تي ارشد کي برف جون پٽيون رکيو پئي وريون. امان بابا ڏاڍا پريشان هئا. پوءِ اسان کي اندر اسپتال ۾ ڪنهن وارڊ ۾ موڪلي ڇڏيو هئائون. رات جو مان ڀرواري خالي بيڊ تي سُمهي پيو هئس. اچانڪ امان جي رڙين تي مان سُجاڳ ٿي پيو هئس. بابو ڀرسان قرآن شريف پڙهي رهيو هو ۽ پوءِ ارشد اسان کي عصر جو ڇڏي هليو ويو. مون کي اڃان به ياد آهي ته اسان اسپتال کان ايندي عيد گاهه ۽ ڊي سي هاءِ اسڪول واري گند سان ڀريل گهٽيءَ مان گذري رهيا آهيون. امان تمام گهڻو روئي رهي آهي ۽ ڪڇ ۾ ارشد جو بي جان جسم کنيو هلي رهي آهي ۽ مان اُن ڏک ۽ درد ۽ حالت کان اَڻ ڄاڻ اهو سڀ ڪُجهه ڏسي رهيو آهيان. اڄ بلڪِ هن وقت هي لفظ لکندي اکيون ڀرجي آيو آهن ۽ نڙي صفا سُن ٿي پئي آهي.
اُن ئي گهر ۾ ارشد کان پوءِ ڄاول منهنجي صفا ننڍي ڀيڻ رابيل کي تنجڻن ۾ ڪوئا، ڏينهن ڏٺي جو اندر ڪمري ۾ ڏياڙي ۽ سندس ڪچڙا ڦد ٽُڪي رتو رت ڪري ويا هئا، ۽ پوءِ سڄي گهر ۾ هاءِ گهوڙا مچي وئي هئي. اصل ۾ امان ٻاهر گهر جي پڌر تي لڳل نلڪي تي ڪپڙا ڌوئي رهي هئي جو اندر ڀيڻ جي روئڻ جي آواز تي امان اندر وڃي حيران ٿي روئڻ لڳي هئي. اُن ئي جاءِ ۾ مون ڪبوتر ۽ هڪ ڪُڪڙ جو گُلابي رنگ وارو فارمي چوزو به پاليا هئا. ڪبوتر ته هڪ ، هڪ ٿي اُڏامي ويا، پر چوزي کي رات جو ٻلي ماري وئي هئي. صبح جو چوزي کي مُئل ڏسي، ڏاڍو رُنو هئس ۽ اُن چوزي جي ٻاهر در تي مٽيءَ ۾ ننڍڙو کڏو کوٽي قبر ٺاهي اُن ۾ پوريو هُيم. اُها قبر اڄ به منهنجي اکين ۾ موجود آهي. مان ننڍي لاڪون اڪثر طور تي بيمار رهندو هُئس ۽ ڊاڪٽر فضل پيرزادي جي چوڻ تي بابا منهنجي طُهر به اُن ئي جاءِ ۾ ڪرائي هئي. مون کي اڃان به چڱيءَ طرح ياد آهي ته منهنجي طهر جو ڀَت بابا، اُن دور جي حساب سان ۽ اسان جي معاشي حالتن جي ڀيٽ ۾ اسان جي اُن وقت تائين ٿيل شادين مُرادين ۾ وڏو هو. بابا منهنجي طهر جي سرگس لاءِ هڪ اڇي ڊگهي ڪار ۾ مون کي ويهاري دُهلن، شرناين سان سومرا مسجد تائين وٺي هليو هو. ايئن واپس اچي ڀت واري جاءِ تي ڪنهن حَجم کان منهنجي وڏي مامي (خدابخش خُشڪ، جيڪو هينئر ڄامشوري ۾ واپڊا ۾ آفيسر آهي) پنهنجي هنج ۾ ويهاري، مصريءَ جي ڳڙي منهنجي وات ۾ وجهي سوني جهرڪيءَ جو ڏٽو ڏئي طهر ڪرائي ڇڏي هئي. اُن ئي جاءِ ۾ منهنجو مامون. مون کي پهريون ڀيرو هٿ ۾ پٽي ڏئي الف، ب پڙهڻ جي لاءِ مين پرائمري سنڌي اسڪول ۾ ڇڏي آيو هو. ۽ مان کوڙ سارن ٻارن ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندي روئيندو رهجي ويو هئس. پوءِ اُن ئي اسڪول مان مون چوٿون درجو گسائيندي يا رسيس ۾ اسڪول مان ڀڃي وڃي موڪل جي وقت تائين رُلندي پاس ڪيو هو ۽ پوءِ پنجين درجي لاءِ خواجه گارڊن اسڪول ۾ داخلا ورتي هُيم. جنهن جي لاءِ پڻ مون کي سنڌيءَ جي ٽيسٽ ڏيڻي پئي هئي ۽ اُن ۾ پاس ٿيو هئس. اُها داخلا وٺڻ لاءِ مون سان گڏ منهنجو ٻيو نمبر مامون فدا حُسين گڏجي هليو هو.
مون کي ياد ٿو اچي ته مان اسڪول کان گُسائڻ لاءِ گهران نڪري اڪثر طور تي ڀڄي وڃي دولي جي ٻنيءَ ۾ راند ڪندو هئس (دولي جنهن جو اصل نالو دولت هو ۽ پوءِ جنهن جي نالي پُٺيان اڄوڪي دولت ڪالوني ٺهي هئي) ۽ منهنجي پوئيان مون کي ڳولڻ لاءِ منهنجو بابو ڳوليندو، ڳوليندو، اُتي به اچي پُهچندو هو. پر مان اُتان به لِڪي لِڪي ٻئي پاسي ڀڄي ويندو هئس. بابا جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو پُٽ هئڻ جي ڪري بابا مون سان بي انتها مُحبت ڪندو هو. هُن زندگي ڀر ڪڏهن به مون کي نه ڪا چماٽ يا ڌڪ هنيا، نه ئي وري ڪڏهن ئي ڪو ڪوسو ڳالهايائين. پر اسڪول لاءِ مون کي زور ضرور ڀريندو هو. امان ته مونکي اسڪول نه وڃڻ يا ٻين حرڪتن تان ڏاڍو ماريندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن امان به مون کي بُرقو پائي ڳولڻ لاءِ نڪري پوندي هئي.
مون کي ياد ٿو پوي ته پٽي ۽ پهرين ڪتاب تائين ته بابو مون سان گڏجي منهنجي ضد جي ڪري بينچ تي به ويهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته صبح جو ئي اُستاد کان سبق وٺرائي پاڻ سان گڏ واپس گهر وٺي ايندو هو.
اسان جي وڏڙن جو مکيه ذريعي معاش مڱڻهارڪو ڌنڌو هوندو هو. بابو توڙي جو پنهنجي دور جا سَت درجا به پڙهيل هو (جنهن کي شايد اُن وقت فائنل چوندا هئا) بابا جا سنڌي اکر ڏاڍا وڻندڙ هوندا هيا. (مون کي ياد ٿو اچي ته بابا منهنجي ضد جي ڪري پنهنجي هٿن جي لکڻ واري ”پارڪر“ پين مون کي ڏني هئي. جنهن کي ٻيا ڪلاس جا ڇوڪرا وڏي چاهه مان ڏسندا هئا) بابا سائين جي پيدائش شناختي ڪارڊ مطابق 1930ع لکيل آهي. بابا جي بقول ته ”بابا کي اُن وقت ماستري نوڪري به ملي هئي. پر بابا پنهنجي ڀيڻويي پياري فقير جي چوڻ تي ڇڏي ته ”اگر تون نوڪري ڪندين ته پوءِ هي پنهنجو راڄ ڀاڳ ڪير سنڀاليندو ۽ پوءِ بابا به نوڪري ڇڏي مڱڻهارڪي ڌنڌي تي پنهنجو گُذر سفر ڪرڻ لڳو. بابو پنهنجي مزاج ۾ فقيراڻي طبيعت رکندڙ ماڻهو هو ۽ مڪمل طور تي مذهبي ماڻهو هو. جيڪو عمر جي آخري ڏهاڪن تائين به نماز ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو رهندو هو. نماز، روزا، تهجد بابا تمام ننڍي عمر کان شروع ڪيا هئا ۽ سڄي زندگي بابو انهن کان پري نه ٿيو. بابا جي بقول ته بابو ڪنهن مسجد ۾ پيش امام پڻ هوندو هو ۽ اُتي ئي ٻارڙن کي قرآن شريف جو درس به ڏيندو هو. پر جيئن ته اهو مُختصر وقت تائين رهندو هو ۽ باقاعده گذران لاءِ بابا کي وري به پنهنجو راڄ ۽ ڀاڳ سنڀالڻو پئجي ويو. راڄ جي شادين مُرادين ۾ دُهل ۽ شرنايون وڄاءِ پيا پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا. اُن وقت اهڙي ڌنڌي جي وڏي عزت هوندي هئي ۽ بابا کي ته اڪثر راڄ وارا احترامن ڏاڏو چوندا هئا ۽ پيرين پئي هٿ ڏيندا هئا ۽ بابا کي ”پريو فقير“ ڪري سڏيندا هئا. بابو توڙي جو سازن ۾ ”بين“ وڄائيندو هو. پر بابا ٻڌائيندو هو ته اهو ڌنڌو منهنجي مزاج وٽان ناهي، ۽ پنهنجي ماضي ۾ ڇڏيل ماستري جي نوڪري واري فيصلي تي ڏاڍو پڇتائيندو هو.
اسان جا وڏا خود دار هوندا هئا. مسڪيني حال هوندي به بُک ڏُک ۾ به ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيندا هئا. هو پنهنجي پورهيي جي محنت تي ئي ڀاڙيندا هئا. فقيري لڏو هئڻ ڪري هو جهيڙي جهٽي، چوري چڪاري، يا ٻين منفي ڪمن کان ڪوهين ڏور هئا. بابا کي ته پنهنجي راڄ مان اَن ۽ مال متاع به ملندو هو. ڇاڪاڻ جو بابو مذهبي ماڻهو هئڻ جي ڪري تعويذ ۽ ڦيڻا به ڪندو هو ۽ ماڻهن کي فائدو به ٿيندو هو. ته وري اڃان به بابي جو وڌيڪ خيال ۽ عزت ڪندا هئا بابا جو راڄ ۾ وڃڻ جي ڪري منهنجو ننڍپڻ به مختلف ڳوٺن ۾ بابا سان گڏ ويندي ۽ اُتي ڪُجهه، ڪجهه ڏينهن رهندي گُذريو هو. منهنجو چاچو ”بکُو“ (جيڪو بابا جو ننڍو ڀاءُ هو) ته رهندو ئي ڀٽ شاهه جي ڀرسان پرهياڙن جي ڳوٺ ۾ هو، يعني پنهنجي راڄ ۾. هُن جي ڀٽ شاهه شهر ۾ ڀٽائي جي درگاهه جي ڀرسان ڪٿي ڪچي جاءِ به هئي. جتي اسان جڏهن به ڀٽ شاهه ويندا هئاسين ته اُتي به وڃي رهندا هئاسين. چاچا به مون کي بابا وانگر ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ بابا وانگر مون کي بابا ڪري سڏيندو هو. بابا ۽ چاچا جيتري قدر مون کي ياد ٿو اچي ته ڪڏهن به منهنجو نالو وٺي نه سڏ ڪيو پر هميشه بابا چئي سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ جو مون تي بابا سائينءَ پنهنجي بابا يعني منهنجي ڏاڏي جو نالو رکيو هو.
بنيادي طور تي اسان معاشي حوالي کان انتهائي غريب رهيا آهيون. وڏڙن جي سادا مزاجيءَ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين پنهنجي ڪا جاءِ به ناهي ۽ اڄ تائين ڪرايي جي جاين ۾ پيا رهندا اچون. وري به بابا ۽ امان جا لک ٿورا جو اُنهن بُک ڏُک ۾ رهي ڪري به اسان کي پڙهائي وڌو. اسان کي خودداري جو شعور ڏنو ۽ اسان کي هِن طبقاتي سماج ۾ جيئڻ لاءِ همت ڏئي هڪ مَقام جوڙي ڏنو. اِها منهنجي بابا ۽ امان جي پرورش جو ڪمال هو جو آئون ادب ڏانهن راغب ٿيس ۽ منهنجي اهڙي عمل تي اُنهن ڪڏهن به احتجاج نه ڪيو. مان ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو حساس هوندو هئس ۽ ڪڏهن ڪڏهن رمضان شريف ۾ روزا به رکندو هئس. تڏهن رمضان شريف گرمين ۾ ايندو هو. بابا مذهبي حوالي کان هڪ مڪمل مذهبي ماڻهو هو. اُن ڪري اڄ ڏينهن تائين اسان جي گهر ۾ امان، منهنجو ڀيڻون ۽ منهنجي گهر واري پنج وقت نماز پڙهڻ، روزا رکڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ انکانسواءِ پاڙي جي ٻارن کي قرآن شريف جو درس ڏيڻ انهن جو روز جو معمول آهي. اهڙي ماحول ۾ منهنجو شاعر ٿي پوڻ منهنجي گهرو ماحول ۾ وڏي تبديلي آهي. جيڪا مونکي ڏاڍي سُٺي لڳندي آهي. اهو سُٺو ٿيو جو منهنجي اندر ۾ موجود شاعر جاڳي پيو نه ته مان به ايندڙ جنمن تائين نه جاڳي سگهان ها. هاڻ مونکي محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ منهنجي سڄي زندگي ڪنهن مدرسي يا مسجد ۾ گذري آهي. ايترو ڪجهه هوندي به منهنجي ماءُ منهنجي پيءُ اسان کي پڙهايو ۽ ڪڏهن به مون کي پنهنجي ڪا ڳالهه جبرن نه مڙهي. ايئن ئي مان پنهنجي خانداني ننڍڙي پر سادي ۽ فخر لائق پس منظر مان جنم وٺي. اڄ پنهنجي منظر جي صورت ۾ توهان جي سامهون آهيان.
پنهنجي پس منظر مان منظر جي صورت وٺڻ ۾ مون مين سنڌي اسڪول ۾ ئي ڀٽائي جا شعر/بيت پنهنجي ڪنهن ڪورس جي ڪاپي تي لکندي ڪئي هئي. مثلاَ َ ”سُتا اُٿي جاڳ“، ننڊ نه ڪجي ايتري ۽ ڪجهه ٻين بيتن کي پنهنجي هٿ ۾ موجود قلم سان تحرير ڪندي، شاعريءَ سان اَڻ ڄاڻائي ۾ ئي شناسائي ڪري ويٺو هئس. ايئن سنڌي ۽ اردو جي مختلف شاعرن جا شعر پڙهندي، پاڻ وٽ لکندي، الائي ڪڏهن ۽ ڪيئن پنهنجي اندر جو سادو سودو اظهار به ڪري ويٺو هئس. مون کي ياد ٿو اچي ته اُن وقت اسڪول کان تقريبن گُسائي، گهر ۾ ويهي، اسڪول لاءِ ورتل ڪاپين تي اردو ۾ شاعري پيو ڪندو هئس. جيڪا اڄ تائين مون وٽ محفوظ ٿيل آهي. (انهن ئي ڪاپين تي. جن تي لکندو هئس توڙي جو اها شاعري، ڪچي، ڦِڪي هئڻ جي ڪري شاعريءَ جي قانو ۽ قاعدن کان بلڪل خالي هوندي هئي). بس عجيب قسم جو جنون ۽ شوق هوندو هو. جنهن جي ڪري پيو ڪاغذ ڪارا ڪندو هئس. اُن وقت پنهنجو اڌو گابرو اظهار ڪري مان ڏاڍو پيو خوش ٿيندو هئس. حساس طبيعت هئڻ ڪري هر ڳالهه کي ڏاڍي گهرائي سان محسوس ڪندو هئس. ايئن ڏک توڙي سُک کي محسوس ڪرڻ جي حِس ڏينهون، ڏينهن تيز کان تيز تر ٿيندي وئي. اُن ڪري شايد جُهڙالي موسم ۽ مينهن مون کي ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين ڏاڍو وڻندا آهن ۽ خاص طور تي مينهن ۾ ڀِڄڻ ته مون لاءِ اڄ ڏينهن سوڌو منهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي عياشي هوندو آهي. اکين کي بچپن کان ئي سونهن پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ اهو حُسن جو عڪس، منهنجي روح جي آرسيءَ ۾ منهنجي تصور مان پوپٽن ۽ رنگن جيئن اُڏامندو، منهنجي ساري وجود ۽ منهنجي خوابن کي رنگين ۽ خوشبودار بڻائيندو رهيو ۽ اُن رنگينيءَ مان ئي منهنجي معصوم، شاعريءَ جو جنم ٿي پيو. جنهن تحت مون لڳ ڀڳ 1988ع کان سنڌي رومانوي ۽ قومي شاعري جي ڪچي ڦِڪي ابتدا ڪئي. ائين باقاعدگي سان 1991ع کان منهنجي سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه سان وابستگي ٿي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. جنهن تحت مطالعو، مُشاهدو ۽ مشق منهنجي زندگيءَ جا اَٽوٽ حصا بڻجي پيا. جيڪي اڄ تائين ڀرپور جذبن تحت جاري آهن.
پنهنجي ذاتي لڳاءُ ۽ دلچسپي بلڪ شاعريءَ سان عشق هئڻ جي ڪري شاعريءَ موٽ ۾ مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري منهنجي وجود کي بلڪل ڪُندن ڪري ڇڏيو. نه ته سنڌي ادب ۾ ته پڙهيا لکيا شاتر ماڻهو ويٺا آهن. جيڪي ٻي ڪنهن جي موجودگيءَ کي ته برداشت به نه ٿا ڪري سگهن. اگر کين وس پُهچي ته هُو پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ادب ۾ داخل ئي نه ٿيڻ ڏين. پر جيئن ته اهو خود ساخته عمل آهي. ڪنهن جي وڻڻ يا نه وڻڻ سان ڪو به ادب جي دنيا ۾ داخل ۽ بي دخل نٿو ٿي سگهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پسند ۽ نا پسند واري غير منصانه عمل جي ڪري سنڌي ادب ۾ رڳو افراتفري جو اڻ وڻندڙ ماحول متل آهي. جنهن جي ڪري مُنافقت ۽ ڄُنڊاپٽ جي تعليم ۾ ئي اضافو ٿيو آهي. اهڙي ماحول ۾ ماڻهو تخليقي گهٽ پر تخريبي ڪمن ڪرڻ جو مها ماهر ته ٿي سگهي ٿو پر اديب نه. پر پوءِ به مون کي نواب شاهه سنگت ۾ هڪ باقاعده ادبي ماحول مليو. جنهن منهنجي به ادبي پرورش ڪئي. اُن وقت منظور حسين قريشي، نور احمد چنڙ، صالح بِلو، عبدالحڪيم ارشد، سارنگ سهتو، رفيق ارباب انڙ، مسعود جمالي، بشير ٻگهيو، وسيم سومرو، فياض چنڊ ۽ ٻيا سنگت نواب شاهه ۾ هوندا هئا. جن جي اهم راين جي روشنيءَ ۾ ۽ پنهنجي ڀرپور لڳاءُ جي ڪري مون اُتساهه سان شاعريءَ جي سفر جي شروعات ڪئي. ان وقت نواب شاهه سنگت جا ادبي ڪلاس ڏاڍا ڀرپور ٿيندا هئا ۽ مون کي هر هفتي گڏجاڻيءَ جو ڏاڍي شدت سان انتظار به رهندو هو. وقت جي گُذرڻ سان ڪجهه دوست ادبي سنگت کان پري دنيا جي گردش ۾ هليا ويا ۽ ڪجهه نوان دوست، ضراب حيدر، منور سراج، مراد قريشي، عابد مگسي، فهيم شناس ڪاظمي، امداد رند، بادل لرا، ستار سُندر ۽ ٻيا سنگت ۾ آيا. اُن شروعاتي دور ۾ ڪڏهن ڪڏهن نواب شاهه يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ دوست مُنور ابڙو ۽ مُنور سولنگي به گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪڙي گڏجاڻيءَ جي ته سنڌ جي ناليواري اديب پروفيسر عبدالله مگسي به صدارت ڪئي هئي جنهن ۾ مون پڻ پنهنجو ڪو شعر پڙهيو هو. مطلب ته مان اڄ به چوندو آهيان ته فطرت جي هر ذري کان وٺي سنگت نواب شاهه تائين مان سڀني جو گڏيل طور تي شاگرد رهيو آهيان. ڇاڪاڻ جو مون ڪنهن نه ڪنهن طور تي اُنهن سڀني کان ڪُجهه نه ڪجهه پئي پرايو آهي. مان پاڻ کي ته اڄ به هڪ شاگرد ئي محسوس ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ جو شاعري، ادب سڄي زندگي جو اهڙو رياض آهن. جنهن کي جنمن جون ڀرپور تپسيائون ئي حاصل ٿيون ڪري سگهن. پر مان ته اهڙو هڪ جوڳي آهيان. جنهن جيون جي جوڳ مان اڃان ڪجهه به نه پاتو آهي. اُن ڪجهه نه پائي سگهڻ واري جنون ۽ جستجوءَ ۾ مون هيل تائين جيڪي به ڪجهه رنڍا روڙيا آهن جن جي آڌار تي اڄ آئون شاعر ٿو سڏجان يا منهنجي هڪ شاعر جي سُڃاڻپ جڙي آهي ۽ اُن شاعريءَ جي رنڍن کي ڪتاب جي صورت ڏيڻ لاءِ قدرت مون کي ستار سُندر جهڙو پُرخلوص دوست عطا ڪيو. جنهن مون جهڙي معاشي مُفلس شاعر جي ڪچي ڦڪي شاعري کي اَڏوهي جي ور چڙهي وڃڻ کان بچاءِ مونکي ستن ڪتابن جو خالق بنائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ جڏهن مان سنڌ جي موجوده ادب ۽ سياست تي سوچيان ٿو ته اهي مون کي ڪنهن به سماج جا اهڙا بنياد نظر اچن ٿا. جن جي آڌار تي قومن جو تقديرون تبديل ٿي وينديون آهن. قومن جي بقا ۽ فنا جا سبب ۽ ڪارڻ ادب ۽ سياست جي پيراميٽر تي ئي طئي ڪري سگهبا آهن. ڇاڪاڻ جو ادب ۽ سياست جي ڪارڪردگي مان ئي ڪنهن به سماج جي فني ۽ فڪري ڌارائن جو اندازو لڳائي ڪا راءِ قائم ڪري سگهبي آهي هِن وقت سنڌي ادب ۽ سياست جي عملي چُرپُر ڪا تحرڪ بخشيندڙ نه ٿي نظر اچي مان هِت وفاق پرست ذهن رکندڙ سياست جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته اُها آهي ئي ”سياهه-ست“ يعني انڌي طاقت ۽ اُن جي 63 يا 64 سالن جي ڪاري تاريخ اُن جو چٽو آئينو آهي جنهن جي هاڻ سڀني کي ڄاڻ آهي. رهي ڳالهه قوم پرست سياست ۽ سنڌي ادب جي ته سنڌي ادب توڙي جو اڄ به تخيلقي طور تي سِرجي پيو ۽ اڄ جي موجوده حالتن، سماجي ريتن، رسمن جي اُپٽار به ڪري ٿو . پر اڄ جو اديب (لکندڙ) ڏاڍو سَهل پسند بڻجندو پيو وڃي جنهن ڪري هو رڳو لکڻ جي حد تائين هت پاڻ کي ذميوار سمجهي ٿو پر عملي طور تي هو صفا ونءُ ٿو وڃي. اهڙي قسم جي بي حسي، مان سنڌ جي سڀني اديبن سان لاڳو نه ٿو ڪيان پر پوءِ به اڪثريت اهڙن ليکڪن جي ٿيندي پئي وڃي جيڪا يورپ جي اديب جي سماجي زندگيءَ وارو معيار هتي سنڌ جي غلام سماج ۾ رائج ڪرڻ چاهين ٿا. يورپ ته پري جي ڳالهه آ. رڳو ايشيا ۾ برصغير / ننڍي کنڊ ۾ ۽ وري هِن ٺڳيءَ جي ٺاهه واري مُلڪ ۾ به سنڌي سماج ۾ ڏينهن ۽ رات جو فرق آهي. اهڙين سنگين ۽ غلامانه حالتن ۾ سنڌ جي غلام قوم جو اديب اگر پاڻ کي به آزاد محسوس ڪندو هجي ته اُها آزاد خياليءَ واري آزادي اُن ليکڪ جي ذاتي آزادي ته چئي سگهجي ٿي. نه ڪي قومي آزادي. اِن کان وڌيڪ سنڌ لاءِ وڏو ٻيو ڪهڙو هاڃيو چئبو جو باشعور سڏرائيندڙ اديب فطري طور تي تبديليءَ جي تناظر مان بنا گذرڻ جي پاڻ کي تبديليءَ جو تصوراتي خواهشمند سمجهندو هجي ۽ پنهنجي ذات جي خوشيءَ کي سموري غلام ديس جي خوشي سمجهي مطمئن ٿي لاتعلقي جي ڪُن ۾ غرق ٿي وڃي. مطلب ته هر ڪو پنهنجي انفرادي آزاديءَ تي يقين رکي ۽ اُن کي هر دل عزيز ڀائيندو هجي. نه ڪي قومي اجتماعي آزاديءَ تي. ٻيو ته اديب يا خود اديبن جي تنظيم ادبي سنگت مُنفي لاڙن جي دلدل ۾ ڏينهون ڏينهن لهندي پئي وڃي تنظيم جو اصل منصب پس پرده هليو ويو آهي. سنگت هاڻ رڳو ماضيءَ ۾ ئي رهجي وئي آهي ۽ سنگت جي مرڪز ۾ عهدو حاصل ڪرڻ يا اُن ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ ۽ شاخن ۾ ٻن ووٽن کي پنهنجي پنهنجي حق ۾ حاصل ڪرڻ جي بي مقصد جنگ ايتري ته وڌي وئي آهي جو هاڻ ادبي سنگت هر ٻئي سال مداريءَ جو تماشو ڪرڻ لاءِ اديبن / تماشائن کي گڏ ڪري ٻين قومن لاءِ کِل جوڳو بڻائي ڇڏيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ غلام قوم جا عام فرد ڪهڙو سبق پرائيندا، جيڪي رڳو ذهني انتشارن جي اوڙاهن ۾ سَڙي رهيا آهن. مرڪز ۾ عهديدار ٿيڻ جي انڌي جنون ۾ ڌڙا بندي جو فضول ناسور ڦهلبو ٿو وڃي. قومن جي قسمت لکندڙ زميني فرشتن جهڙو وقار رکندڙ ماڻهو به اگر پنهنجي ذات جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پون ته پوءِ باقي ڇا بچيو. جڏهن ته سنڌ جي قوم پرست سياست جي جدوجھد صفا سُست رفتاري سان روايت جو شڪار بڻجي پئي آهي. ۽ مِڙئي آزاديءَ جي نالي ۾ ذاتي مفادن ۽ اَنائن جي بنا ڦيٿن واري گاڏي کي زوري ڌڪي رهي آهي.
حقيقت جي نظر سان اگر ڏسجي ته قوم پرست سياست جا بنياد ۽ اصول ايترا ته پُختا ۽ مضبوط آهن جو اگر اُن تي سچائي سان باعمل ٿي بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي سياست ڪجي ته اها عبادتن جو معراج ماڻي قوم جي تقدير کي مٽائي سگهي ٿي. پر اُها ساڳي صورت حال اسان جي قومي سياسي ادارن جي به ساڳي آهي. سائين جي. ايم سيد سنڌ جي غلاميءَ مان نجات جي جيڪا نظرياتي ۽ فڪري دوا ڏئي ويو آهي. اسان اُها عملي طور تي واپرايون ئي ڪو نه ٿا. ويتر اهڙي قومي غلاميءَ جي قُنوطيت واري دور ۾ اسان بي عملي، ذاتي مُفادن ۽ انائن جي سکڻي ڪُني ڌار، ڌار چاڙهيو ويٺا آهيون. جنهن ڪري سڄو سنڌي سماج بي راهه روي جو شڪار بڻجي مايوسين جي ڪُنن ۾ گهوماٽيون کائي رهيو آهي. اسان کي هاڻ سڀ منفي سوچون، خيال ۽ بي عملي ڇڏي سنڌ جي سياست کي عبادت جو درجو ڏئي اُن مقام تي پُهچائڻو پوندو جنهن مقام تي سياست جي سيني مان آزاديءَ جو سُرخ سورج اُڀري سڄي ڌرتي کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي. ٺلهي نعري بازي، بينر، جهنڊا، پوسٽر ڪلچر کي هاڻ عمل ۽ سچائي جي رنگ سان نئون روپ ڏيڻو پوندو سنڌ جي تعليم جي تقدس کي بحال ڪرڻ لاءِ اسان کي تعليمي ادارن ۾ سياست کي پنهنجي مثبت عمل سان سنڌ جي نئين نسل لاءِ تعليمي سرگرمين سان دلچسپ بنائڻ ۽ وڌيڪ جديد انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو هِن وقت سنڌ جي ادب ۽ سياست ۾ اشد وڏي تبديلي جي ضرورت آهي، اهڙي طرح هر اُهو ادب جنهن ۾ پنهنجي سماجي حالتن جي باقاعده اُپٽار ناهي هوندي ۽ جنهن جو پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي گهراين ۾ ناهن. اُهو ادب، ادب جي نالي ۾ اديب جي ذاتي ۽ ذهني عياشي ته ٿي سگهي ٿو. پر ادب نه، لازوال ادب تڏهن ئي تخليق ٿيندو آهي. جڏهن ليکڪ وٽ پنهنجي ڌرتيءَ مان ڦُٽي نڪتل ڪو نظريو ڪو فڪر هجي ۽ اُهو نظريو / فڪر اجتمائي شعور سان سرشار ۽ سلهاڙيل هجي نه ته اهو ادب عارضي ۽ بي مقصد آهي مان سمجهان ٿو ته ”ادب برائي زندگي“ ئي اهڙو لاڙو يا رجحان آهي. جنهن ۾ فطرت جي سڀني رنگن سان گڏ سماجي، نظرياتي، فڪري ۽ ڌرتيءَ جي هر ڏک ۽ سور جي عڪاسي/نمائندگي ڀرپور ٿيل هوندي آهي. سڄڻ ۽ ساڻيهه ادب جون ٻه اهڙيون ته ڀرپور ۽ سگهاريون وِٿون آهن جن ۾ هِن سموري سنسار/ڪائنات جون سڀئي حالتون ۽ لڪاءُ سمائجي وڃن ٿا.
هر اُهو ادب جيڪو تبديليءَ جي تناظر مان نٿو گُذري اهو بيٺل ۽ ڌپ ڪري ويل پاڻيءَ جيان. ڏاڍو خطرناڪ ٿي پوندو آهي. سنڌي ادب به جيئن ته مختلف روين جو شڪار رهي چُڪو آهي. انهن ۾ ”ادب براءِ ادب“، ”ادب براءِ آرٽ“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جا لاڙا گردش ڪري رهيا آهن. ”ادب براءِ ادب“ ته آهي ئي خلائي مخلوق جي پيداوار جيڪا اڃان سنڌ جي ڌرتيءَ تي ته ڪونه لٿي آهي. جنهن جو مقصد ئي اهڙن خيالن جي اُپٽار ڪرڻ آهي. جن جي سمجهه جو تعلق ڪنهن به انساني زندگي يا ذهن سان ناهي هوندو. اُن ۾ سوچڻ جا زاويا، انداز جي ترتيب، علامت نگاريءَ جو غير رواجي استعمال، مُنجهيل غير واضع صورت ۾ صرف ليکڪ جي سمجهه تائين محدود هوندو آهي. جنهن تي بي مقصديت جو رنگ غالب هوندو آهي. جنهن جا رستا ۽ راهون پنهنجي ڌرتيءَ، سماج بجاءِ آسمان مان نڪرندا آهن. جيڪي لاتعلقي ۽ نا سمجهيءَ جي هڪ اهڙي دنيا جوڙيندا آهن جنهن ۾ ڪنهن به ذميواريءَ جو احساس جنم نه وٺي سگهندو آهي. ان کان اعلاوه ”ادب براءِ آرٽ“ به آرٽ جي آڙ ۾ پناهه وٺندڙ وري هڪ اهڙو رويو آهي. جيڪو پڻ سرمائيدارانه سوچ ۽ نظام جي اَڻ سڌيءَ طرح ادب ۾ پيدا ڪيل اهڙي حالت آهي. جيڪا ڏينهون ڏينهن ليکڪ، جي عملي ۽ ذميوارانه خيالن يا احساسن کي اُڏوهي جيان کائي اُن کي چٽ ڪري غير ذميواري ۽ لاتعلقي جي هڪ تصوراتي دنيا اَڏي ٿي. جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ذات جي تسڪين جي رنگن ۾ ٻُڏي وڃي ٿو. مان ته سمجهان ٿو ته زندگي کان وڌ ڪوبه آرٽ ناهي ۽ هر اهو آرٽ جنهن جون جَڙون زندگيءَ ۾ ناهن يا جنهن ۾ زندگي ناهي اهو آرٽ به رڳو آرٽ جي نالي ۾ خام خيالي ئي ٿي سگهي ٿو. نڪي نج آرٽ، اهڙي سوچ رکندڙ اديب پنهنجي ذات جي نشي ۾ ڌُت ڌرتي، سماج، سياست، انقلاب ۽ زندگيءَ جي مڙني احساسن کان پري هڪ گُمناميءَ جي تصوراتي زندگي گذاريندڙ عمل کان خالي ذهن رکندڙ ”يوٽو پيائي“ قسم جو ماڻهو هوندو آهي جيڪو عمل جي ميدان ۾ اچڻ کان نابري واري آرٽ جي آڙ ۾ پنهنجو پيو بچاءُ ڪندو آهي.
دراصل سنڌ ۾ اهڙي قسم جا مصنوعي اديب هڪ اهڙي ماحول کي جوڙي رهيا آهن. جنهن ماحول جي مزاجي دنيا هن سنڌي سماج جي مزاج واري ناهي اسان وٽ ڀٽائي ۽ اياز جهڙا سداحيات شاعر آهن جيڪي هميشه ”ادب براءِ زندگي“ جا موجد رهيا آهن. جن هر اُن ڳالهه، موضوع ۽ شيءِ کي پنهنجي ڏات جي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي. جن ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه جي پرچار آهي. هُنن پنهنجي ڌرتيءَ جي مڙني حالتن کي پنهنجي آفاقي فن ۽ فڪر جي تناظر ۾ پيش ڪري ڌرتيءَ جي فرض شناسيءَ جو شعور پئي ڦهلايو آهي. نڪو پنهنجي ذات جي رنگ ۾ رنگجي حقيقت کان لنوائي ”چرس جي سوٽي جهڙو“ ادب پئي لکيو آهي. جيڪو ماڻهوءَ کي ذهني/تصوراتي عياشيءَ جي اوڙاهن جي پاتالن ۾ اُڇلي ناڪارو بڻائي ڇڏي ٿو ۽ اهڙي قسم جا ٺهيل ٺُڪيل اديب پنهنجي گهر جي بند ڪمري ۾ اي. سي جي مصنوعي ٿڌي هوا ۾ شراب يا بيئر جي نشي ۾ پنهنجي ذات جون محروميون تحرير ڪندي ڪندي سکڻي ڪُنيءَ جئين پيا اُڀامندا آهن. جن کي انقلاب، سماج ۽ خاص طور تي سنڌ سان لاڳاپيل هر چيز نعري بازي ئي لڳندي آهي. هُو آرٽ جو عُزر پيش ڪري ڌرتيءَ جي ناياب عملي ۽ تخليقي ڪردارن کان مُنهن موڙي چاليهه يا پنجاهه هزارن جي مليل ٽڪي واري نوڪريءَ جي ذميواري ۾ غرق ٿي اُن جي بچاءُ پيا ڪندا آهن ۽ مصنوعيت جو ماسڪ پائي سماج ۾ مهذب بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڏٺو وڃي ته اڄ به سنڌ ۾ مزاحمتي ادب تخليق ٿئي پيو، پر جيئن ته اهو صرف موجوده سياسي توڙي ادبي اصل ڪارڪردگي جي عملي چُرپر جي گهٽتائي جي ڪري ڪين محسوس ٿي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ سرجيل مزاحمتي ادب ۽ سياسي مزاحمتي عملي هلچل جو گڏيل عملي ڪارنامو هو جو اُن وقت جو سماج به اُن اُٿل پُٿل / هلچل ۾ پاڻ کي به گڏيل ڀائيندو هو. ته اُهو به مزاحمتي آواز ۾ پنهنجو آواز شامل ڪندو هو. پر اڄوڪي ادبي يا سياسي ماحول ۾ عام ماڻهو شريڪ نه آهي. اُن ڪري به مان ڀانيان ٿو ته اُهو احساس هڪ باشعور ماڻهوءَ کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. اُن جو تازو مثال سنڌ ۾ آندل هٿرادو ٻوڏ آهي. جنهن سڄيءَ سنڌ کي پنهنجي قهر جي زد ۾ آڻي اُن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اهڙي وقت ۾ سنڌ جي اديبن مزاحمتي ادب سرجيو ۽ اُهو پرنٽ توڙي اليڪٽرونڪ ميڊيا تي به سڀن جي نظرن مان گذريو. اِها الڳ ڳالهه آهي ته اهو سرجيل ادب ڪو سئو سيڪڙو تخليقي ڪونه هو. پر پوءِ به ڏهه سيڪڙو به مزاحمتي ادب تخليق ته ٿيو. يا ميڊيا (سنڌي)، اِن ڏس ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سياسي حوالي کان به طوقع کان گهٽ ئي سهي پر پيش قدمي ضرور ٿي. اهڙيءَ طرح اگر سمورو سماج جيستائين ڪنهن به تحريڪ ۾ نٿو گڏجي اويستائين اُها چُرپُر ڪامياب نٿي ٿي سگهي. اُن لاءِ سياست ۽ ادب ۾ عام کان عام ماڻهو کي پنهنجي عملي ۽ سچي ڪردار ذريعي پاڻ سان گڏجي هلڻ لاءِ اُتساهڻو پوندو. نه ته پنهنجي مُنهن ۽ مرضيءَ سان کنيل قدم پنهنجي انائن ۽ مُفادن جي حدن ۾ محدود رهجي ناڪام ٿي ويندو. پوءِ ان جو ڪو به اجتماعي فائدو نه حاصل ٿي سگهندو. سو مزاحمتي ادب اڄوڪين ادبي تقاضائن مطابق اڄ به لکجي پيو. پر هاڻ اهو به لکندڙ کي سوچڻو آهي ته هو عملي ڪردار سان گڏ ادبي قانون ۽ قاعدن جي پاسداري به ڪري. مثلاَ َ ڪو شاعر آهي ته اُن تي اُهو فرض به عائد ٿو ٿئي ته هو پنهنجي مزاحمتي اظهار کي جديد علامتي، استعاري، تشبيهاتي ۽ تمثيلاتي رنگ ۾ سماج جي روز مره جي حالتن جي تحت اپنائي. ٻوليءَ جو ڀرپور استعمال يا ٻيا جيڪي فني توڙي فڪري پاسا آهن هو اُنهن کي به پنهنجي نظر/خيال ۾ رکي نه ڪي پنهنجي اظهار کي روايتي انداز سان بي اثر پيش ڪري، رڳو ۽ رڳو نالي ڇپرائڻ جي لوڙ پوري ڪري. اُن ڪري اُن مزاحمتي آواز يا اظهار کي تڏهن ئي دل آويز ۽ لازوال بڻائي سگهجي ٿو جو اُن ۾ جديد ادب جي ۽ زندگي جي احساس سان پُر قدر، فن ۽ فڪر توڙي ٻين گهربل زاوين کان به اهو مڪمل هجي.
هونءَ به مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته شاعريءَ جي موسم ڏنگي ٿئي ٿي. جيڪا جڏهن به دل تي لهندي آهي ته ڪنهن تيز طوفان جيان سموري ذهن ۽ وجود کي ڪکن، پنن جيئن اُڏائي، وکيري ڇڏيندي آهي ۽ جيسين تائين به اُها جاري رهندي آهي اوسين تائين هڪ اضطرابي ڪيفيت دل تي طاري رهندي آهي ڪيترائي احساس ۽ جذبن جا جوالا ڦاٽي ساري هستيءَ کي پگهاري ڇڏيندا آهن ۽ وري جڏهن اُها موسم واپس ويندي آهي ته ڪکن ۽ پَنن جيئن وکريل ذهن ۽ وجود، نئين سِر سهيڙجڻ شروع ٿي ويندو آهي. جيئن ڪو پکي پنهنجي ڪکائين ٽُٽل آکيري کي ٻيهر جوڙيندو آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح پاڻ کي سهيڙيندي ڏاڍو سُٺو لڳندو آهي. نئين جنم جي احساس جيئن ۽ شاعريءَ جي تخليق جي مڪملتا جو نفيس احساس ايترو ته اطمينان بخش، سُڪون ڏيندڙ، مڌ جي مستيءَ جهڙو هوندو آهي جو اُها پيڙا جيڪا تخليق ٿيڻ دوران ٿيندي آهي. اُن جو حاصل ڏاڍو دل لُڀائيندڙ ٿيندو آهي. جو بار بار جنم وٺڻ واري ڪيفيت جي احساس کي محسوس ڪندي، ڪندي شاعريءَ جي موسم جو انتظار شدت اختيار پيو ڪندو ويندو آهي. اُن انتظار جي پوري ٿيڻ لاءِ ڪا به خارجي موسم، وقت، جاءِ، حالت وغيره رُڪاوٽ نه بڻجي سگهندي آهي، شاعريءَ جي گلابي، کَٽي مِٺي موسم پنهنجا رستا ۽ راهون پاڻ طئي ڪندي آهي. اُها ڪنهن وقت به ڪنهن دل تي پنهنجا رنگ پکيڙي سگهي ٿي ۽ مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته جيڪو شاعريءَ جي تخليق ۾ لُطف آهي. اُهو ڪنهن به تخريبي عمل ۾ ڪونهي. تخليق ۽ تخريب ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن. اُن ڪري به جيڪو مزو اڏڻ ۾ آهي اهو ڪنهن ٺهيل ٺهڪيل شيءَ کي ڊاهڻ ۾ ڪٿي آهي، اِهو ئي سبب آهي جو تخليقڪار هميشه امن جو اَڏيندڙ رهيو آهي ۽ امن پکين جي وسيع نيڻن جي آڪاس ۾ پنهنجا پاڪ پوتر، نفيس پَرَ پکيڙي اُڏندو آهي ته تخليق جو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويندو آهي. هونءَ به شاعريءَ مون کي زندگي سان شناسائي جو درس ڏئي، ڌرتي ۽ سرتي جي آفاقي قدرن جي آگاهي پئي ڏني آهي. جنهن مون کي هر حال ۾ اُتساهه سان جيئڻ جو حوصلو پڻ ڏنو آهي. جيئن ڪنهن به زندگيءَ لاءِ هوا، باهه ۽ پاڻي ضروري شيون آهن. بلڪل اهڙي طرح سان هڪ ليکڪ لاءِ مطالعو، مُشاهدو ۽ مَشق به انتهائي لازمي آهن. ڇاڪاڻ جو تخليق جي توازن کي برقرار ۽ پائيدار بنائڻ لاءِ اُهو ضروري شرط آهي ته ليکڪ پنهنجي مُطالعي ۽ مشاهدي کي محدود نه ڪري بلڪِ اُن کي ڪائنات جيان ڦهلائي وسيع ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته اُن سان گڏوگڏ ليکڪ کي لکڻ سان ”ڪميٽيڊ“ هُجڻ گهرجي. ليکڪ کي پنهنجو پاڻ ۾ ڪئي ڪائناتون هُجڻ گهرجي. هُن جو وجود سراپا اُن عمل ۾ مصروف هجي.
جيستائين ليکڪ پنهنجي مُطالعي سان گڏ پنهنجي اردگرد، فطرت ۽ اُن کان اڳتي مُشاهدو نه ٿو ماڻي اويسين تائين اُن جي خيالن جي دنيا بيٺل پاڻيءَ جيان رُڪجي ڌپ ڪري وڃي ٿي ۽ جيڪي مڪمل طور تي انهيءَ دور مان گذرن ٿا. اهي ڀٽائي ۽ اياز وانگر صدين تي پنهنجا نقش چٽي امر ۽ لازوال بڻجي وڃن ٿا. ليکڪ جي قلم جي مَس ڪڏهن به نه سُڪڻ گهرجي ۽ نه سندس قلم جي نوڪ کي زنگ لڳڻ گهرجي. لکڻ به هڪ عبادت آهي. جنهن جي تپسيا مان گُذري ليکڪ پنهنجي سماج ۾ موجود مُنفي لاڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ مهاڏو اَٽڪائي پنهنجي خيالن جي روشنيءَ سان اُوندهه انڌوڪار کي ڌوئي ختم ڪري پنهنجي قوم لاءِ هڪ مثالي معاشرو اڏيندو آهي. مون کي جيڪو به سنڌي يا اردو ڪتاب يا ڪا لکڻي ملندي آهي ته مان اُها وڏي دلچسپيءَ سان پنهنجي مطالعي ۾ آڻيندو آهيان. مان هر ننڍي وڏي ليکڪ کي احترام سان پڙهندو آهيان. ڇاڪاڻ جو مون پاڻ کي ادب جي هِن لامحدود سفر ۾ اڃان تائين هڪ شاگرد ئي پئي محسوس ڪيو آهي. جڏهن کان مان ادب جي دنيا ۾ باقاعده آيو هئس تڏهن کان اڄ تائين منهنجو دوست مطالعو/ڪتاب ئي آهي جنهن منهنجي تنها زندگيءَ ۾ همسفر بڻجي مون کي همت ۽ حوصلو پئي بخشيو آهي. ذهن ۽ روح جي خوراڪ پئي بڻجندو رهيو آهي ۽ مان اڄ جو ڪجهه به آهيان. اُن ۾ منهنجي مطالعي جي شعور جو وڏو عمل دخل آهي. هاڻ ته جيڪڏهن روزانو ڪجهه نه پڙهان ته مزو ئي نه ايندو آهي.
هونءَ به شايد ڪٿ پڙهيو هيم ته پڙهڻ سڀ کان پهرين شوق هوندو آهي. پوءِ عادت ۽ اُن کان پوءِ هڪ اهڙي بيماري جنهن کان پوءِ جان آزاد ڪرائڻ ناممڪن هوندو آهي. سو هاڻ مان ته شايد اڃان شوق وارو دور پورو ڪري عادت واري دور ۾ مَس پهتو آهيان. اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. بحرحال مطالعي جو لُطف ڏاڍو دل لُڀائيندڙ ٿئي ٿو ۽ اڪيلائي ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رومانس دنيا جي ٻين مصروفيتن کان مون کي وڌيڪ ڇِڪ ڪندو آهي خاص طور تي سياري جي رات جو يا ڏينهن جو سَوَڙ ۾ ويڙهجي ڪتاب پڙهڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. ڪتابن سان دوستي ڏاڍي پائيدار ٿئي ٿي. ڪتاب ئي زندگي ڪائنات، پيار مُحبت، حُسن و عشق جي تازگي جو شعور بخشي ٿو. مون کي توڙي جو فلسفو ٺُپ سَمجهه ۾ نه ايندو آهي ۽ ذهن تي بار محسوس ٿيندو آهي. پر پوءِ به دلي طور تي مان فلسفي جو مطالعو ڪندو رهندو آهيان. ڇاڪاڻ جو فلسفو ئي ڪائنات ۽ ڪائنات جي ٻين شين جي جوهر تائين رسڻ جو بهترين وسيلو آهي. باقي شاعري، ڪهاڻي افسانو، ناول، مضمون وغيره هر موضوع تي مان وڏي غور ۽ فڪر سان پڙهندو آهيان. پر افسوس جو منهنجو حافظو ايترو ته ڪمزور ٿي پيو آهي جو مطالعي جي يادگيري تمام گهٽ رهندي آهي. ايئن ئي حُسن ۽ عشق به زندگيءَ جا ٻه اهڙا اهم مُحرڪ آهن. جن کان سواءِ ماڻهو خالي مٽيءَ جو بوتو رهجي وڃي ٿو. حُسن ۽ عشق اهڙا حسين احساس، جذبا يا حقيقتون آهن. جن کان سواءِ هن ڪائنات جو خاڪو مُڪمل نٿو چئي سگهجي مون ته هميشه عشق ۽ حسن جي جلالي ڪيفيتن کي ئي پنهنجي جيئڻ جو ڪارڻ پئي ڄاتو آهي. سچ ته عشق ۽ حُسن جو رڳو تصور به خماري ڇڏيندو آهي مون شدت سان حُسن ۽ عشق جي ضرورت کي محسوس ڪيو آهي. حالتن کان اگر مايوس به ٿي ويندو آهيان ته حُسن ۽ عشق جون دلربا، رمزون روح کي رسيلو ڪري ڇڏينديون آهن، هن ڪائنات ۾ حُسن خدا جي اهڙي عظيم تخليق آهي. جنهن مان ئي قدرت جي ڪرشمي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سُونهن انساني هجي يا فطرت کان ويندي پکي، پکڻ، جانورن، ٻوٽن، گلن يا نظارن جي يا وري احساسن يا جذبن جي هجي. يا نيتن جي دل کي اڄوڪي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ آڪسيجن جيان ڀاسندي آهي ۽ وري عشق ته اسان جو خالق آهي جنهن جي مُقدس مٽيءَ مان اسان جو وجود جُڙي راس ٿيو آهي. جنهن ئي اسان جهڙن رولاڪ آواره ماڻهن جي بي مقصد زندگيءَ ۾ مقصديت جا رنگ ڀري جياپي جي رنگينيءَ جو پڻ احساس ڏياريو آهي. مون هميشه عشق جي جنون جي حدن کي وڃي ڇُهيو آهي. تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهيان. پر سچ ته انهيءَ تباهيءَ جو، ٽٽي ٽڪرا ٿي وکري وڃڻ جو لُطف ئي عظيم آهي.
اهو ئي سبب آهي جو منهنجي دل ٻاروهي حُسن ۽ عشق جي جنگ ۾ شهيد ٿيندي رهندي آهي ۽ پوءِ اُها شهادت ئي مون کي، منهنجي اندر جي شاعر کي هر هر پئي نئون، نئون جنم ڏيندي آهي. مان به ڄڻ جنمن کان ”فونيڪس“ (ڏندڪٿائي) پکيءَ جيان پنهنجي لاءِ دردن ۽ اضطرابن جا ڪک، پن ميڙي سهيڙي، درد وندين، پُرسوز آهُن جي سُرن وسيلي جدائي جي آڳ ۾ جَلي رک ٿي ڀسم ٿي ويندو آهيان ۽ وري پوءِ پنهنجي خاڪ مان ٻيهر جنم وٺي پيو ساڳيءَ فطرت پاران سونپيل عمل ۾ جُنبي ويندو آهيان. اهو ئي اهم ڪارڻ آهي جو هي دنيا ۽ پئسو مون کي راس نه آيا آهن ۽ نه وري مون پنهنجي فطري جذبن کي قتل ڪرڻ جو سوچو آهي. مُفلسيءَ جي تيز نٽهڻ اُس ۾ به عشق جي عينڪ پائي، خانه بدوشيءَ جي سائبان هيٺ سونهن جو سفر پيو ڪندو آهيان ۽ بار بار حالتن جي هٿان مري مري به پيو جيئندو آهيان. ڇاڪاڻ جو زندگي اُداسي ۽ تنهائيءَ کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان تخليق ڪيو آهي. وڏي اُڪير ۽ چاهه سان اُن کي پالي وڏو ڪيو آهي. اُن ڪري هاڻ منهنجي دل جو انهن سان اَٽوٽ رشتو آهي ۽ زندگيءَ سان اُن رشتي جي ناتي منهنجو تنهائي ۽ اُداسيءَ سان ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين گهرو تعلق پئي رهيو آهي. جنهن تعلق مون کي پنهنجي اندر جي اجنبي شخص سان مانوسيت جو ڀرپور احساس ڏياري مون کي جيئڻ جو نئين کان نئون ذائقو پئي محسوس ڪرايو آهي. اُداسي پنهنجي روح ۾ ڏاڍي معصوم ٿئي ٿي ۽ اُها جڏهن، جڏهن به منهنجي دل جي بَر تي رم جهم جيئن وسندي آهي، ته دل جي ويران ڌرتيءَ تي پيلا، پيلا گلاب ٽڙي پوندا آهن، ۽ زندگي جي بي رنگينيءَ ۾ ڪئي رنگ نکري پوندا آهن، ۽ وان گوگ جي ڪنهن پينٽنگ جيان سورج مکي جي پيلن گلن جو دلڪش ڏيک بڻجي پوندي آهي. اُداسيءَ مون کي هن گهڻ ڳالهائو دور ۾ گهڻو ڪجهه فضول ڳالهائڻ کان بچائي مخصوص ڳالهائڻ جو درس ڏيندي رهي آهي. اُهو ئي ڪارڻ آهي، جو روح مان ڦُٽي نڪرندڙ ٽهڪن کي اُداسي جو پيلو لباس اوڍيل هوندو آهي. جنهن تي تمام گهٽ ماڻهن جي محسوسيات جي نفيس نظر پوندي آهي، بس سڀ ڪو ٽهڪن جي ظاهري سحر ۾ سحرجي پوندو آهي. هاڻ ته اُداسي چهري جو ايمان بڻجي اکين ۾ پيلن پوپٽن جيئن پئي اُڏامندي آهي. جن کي منهنجا ننڍڙا پتڪڙا معصوم خواب پَڪڙيندا رهندا آهن.
هاڻ اُداسيءَ جو اُجرو احساس دل جي لاءِ روحاني راحت بڻجي پيو آهي. ۽ وري جڏهن اُداسي جي آڪاس تي تنهائي جا تارا چمڪي پوندا آهن، ته زندگي پنهنجو مڪمل روپ ماڻي چنڊ جئين روشن ٿي پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته تنهائي تپندڙ صحرا جو احساس بڻجي منهنجي اندر جي شاعر کان ”ڊسمبر جي اڪيلائي“ به تخليق ڪرائي وجهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن تنهائي پنهنجي قوت سان وقت جهڙي بي پرواهه بادشاهه کي به پنهنجن ڏانوڻن ۾ جڪڙي روڪي ڇڏيندي آهي. جيئن ”ريموٽ“ سان ڪو T.V تي هلندڙ ڪنهن ”سين“ کي ”اسٽل“ ڪري ڇڏي. اُن ڪري به زندگيءَ جي خالي جام ۾ اداسي ۽ تنهائي جي شرابن جو بي مثال ”ڪاڪ ٽيل“ روح جي ڪيفيت کي ڪڪوري، مڌماتو ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ دل جو سمورو عالم خمارن جي خوابن ۾ کوئجي ويندو آهي. اُداسي ۽ تنهائي منهنجي زندگي جا ٻه اهڙا ته همسفر ساٿي بڻجي رهيا آهن. جن زندگي جي پٿرائين ۽ ڪنڊاوين پنڌ کي ڏاڍو نرالو ۽ دلربا بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي سفر ۾ شاعري جي موسم ته سون تي سُهاڳو ٿي پوندي آهي. ان ڪري سچ ته مون لاءِ هن گوڙ گهمسان، پاليوشن، واري دور ۾، اُداسي ۽ تنهائي تازي آب ۽ هوا وانگر آهن. جن جي سنگ مان پاڻ کي هميشه نئون نئون محسوس ڪندو آهي. تنهائي ۽ اُداسي کي انجوائي ڪري پيو ري فريش ٿيندو آهيان. ڇو ته اُداسي ۽ تنهائي هاڻ منفرد روحاني خوراڪ بڻجي پيون آهن. منهنجي ڀرپور جياپي جي. منهنجي شاعريءَ جي. اُن ڪري اي! اُداسي ۽ تنهائي! مان توهان سان بي انتها محبت ڪندو آهيان....!

(28 جون 2013ع)

خوابن جي کير ٿر تي

زندگي گھڻ رُخي طويل سفرجو نالو آهي.اُن جا راهون ۽ رستا،ور ۽ وڪڙ،داءُ۽ پيچ پنهنجون پنهنجون حُسناڪيون ۽ هيبتناڪيون کڻي نروار ٿين ٿا.جن جا رنگ ۽ روپ هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان ظاهر ٿين ٿا.منهنجي زندگيءَ جي به مُختلف رُخن مان،منهنجي ننڍپڻ کان وٺي اسڪولي تعليم پرائڻ واروهڪڙو نرالو رُخ،منهنجي ٻالڪ اوستا جي يادگيرين جي اعتبار کان وڏي اهميت رکي ٿو.اُن ڪري مان جڏهن به پنهنجي پرائمري تعليم واري سونهري دور کي ياد ڪندي ويچاريندو آهيان ته منهنجي ذهن تي هڪ ڌُنڌلي ياد ڪونج جيان ڪَرڪَندي،منهنجي حال جي هالار يا خوابن جي کير ٿر تي پنهنجا پَر اچي پکيڙيندي آهي.ته مان تصور جي تمام ڏوراهين ديس ۾ کوئجي ڄڻ ته ڪنهن معصوم ٻالڪ جو ڪو خواب بڻجي پوندو آهيان. غريب آباد ۾ سائين نظر حُسين شاھ وارن جي شاهي حويليءَ جي ڏکڻ واري پاسي ۾ ڪرائي جي هڪ چيڪي مِٽيءَ سان لِنبيل ڪچي جاءِ ۾رهندا هُئاسين.جيڪا جاءِ چاچي جُمن سومري وارن جي هُئي.اُن گھر جي لوھي ڀڳل در جي ڀرسان گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري ناليءَ جي ويجھو پُراڻي ٻوري تي مان پنهنجي ڪنهن مائٽ کان گجر يا چڻا وٺي کاوان ويٺو جو منهنجو وڏو مامو خُدابخش خُشڪ(جيڪو هاڻ ڄامشوري ۾ وپڊا ۾ آفيسر آهي) اُهو مون کي ٻانهن کان پڪڙي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لڳي ٿو.اهويادن جو سلسلوپنهنجي انداز سان منهنجي ذهن سان ايئن سلهاڙيل آهي جيئن ڪنهن فقير جي گودڙي تي رنگ برنگي چَتيون.يا سندس ليڙون ليڙون لباس.مون کي ياد ٿو اچي ته منهنجو مامو،مون کي مين پرائمري سنڌي اسڪول جي ورانڊي ۾ هڪ وڏي ڪلاس ۾ مُختلف ٻارن جي رش ۽ گوڙ ۾ ڇڏي هليو وڃي ٿو.۽ پُٺيان رهجي وڃن ٿيون منهنجون معصوم دانهون ۽ منهنجو ٻاراڻو روڄ ۽ راڙوجيڪو ٻارن جي گوڙ ۾ گُم ٿي وڃي ٿو.۽ هاڻ جڏهن مان اُن ياد کي ري ڪال ڪريان ٿو ته منهنجي يادگيرينءَ مان هڪ حسين ياد،ڪنول جي گُل جيئن ٽڙي پوي ٿي ته منهنجي هٿ ۾ ڪاٺ جي پٽيءَ تي جيڪي پهريان اکر الف،ب،سبق طور جنهن اُستاد ڏنا هئا اُهوته سنڌ جو ۽ خاص طور تي نواب شاھ جو اهم شاعر،اُستادالشعرا ۽ سدا حيات سائين پير ضياءَ خياروي هُو.جنهن جي شفقت ۽ مُحبتن کان مان اُن ٻاراڙي وهيءَ ۾ ئي مُستفيض ٿيو هُئس.ايئن پٽي جو اکر اکر سائين خياروي صاحب ۽ ڪُجهه ٻين اُستادن کان پڙهي مان پهريون ۽ ڪچو ڪتاب سائين خيارويءَ جي ننڍي ڀاءُ سائين پير نُورالحق وٽ پڙهڻ ويٺس.سائين پنهنجي وڏي ڀاءَ سائين پير ضياءَ خيارويءَ کان طبيعت ۾ ڏاڍو تيز هوندو هو.۽ مان اڪثر طور تي سبق ياد نه هُئڻ جي ڪري پيو سائين نُورالحق کان مار کائيندو هُئس.اُها سائينءَ جي مار بظاهر ته ڏُکي لڳندي هئي پر اصل ۾ اها مار مون جھڙن ٻارن جي مُستقبل کي سنوارڻ جو هڪ سُندر ڪارڻ پڻ هوندي آهي.
هڪ ڀيري اسڪول نه وڃڻ جي صورت ۾ مون کي منهنجي ماءُ ٻانهن کان پڪڙي زوري اسڪول وٺي وڃي رهي هئي جو واٽ تي سائين پير نورالحق ملي ويو جيڪو پڻ اُن وقت اسڪول وڃي رهيو هو.سائين امان سان گڏ مون کي ڏسي منهنجي اسڪول نه وڃڻ واري نيت سمجھي ويو ۽ امان کان منهنجي ٻانهن وٺي پاڻ سان گڏ اسڪول وٺي ويو.اُنهن پٽي پڙهڻ جي ئي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن اسڪول مان رسيس جي وقت،مان ڀَڄي گھر هليو آيو هُئس.ٻئي ڏينهن سائين نورالحق مون کي مار ڏيندي پُڇيو ته ڪلهه ڇو رسيس ۾ ڀڄي ويو هُئين؟ ته مون ٻاراڻي خوف ۾ اچي پنهنجن ٻن مائٽن طالب ۽ خادم تي ڏوهه ڏيندي چيو ته مون کي اُنهن ڀَڄايو هو.(طالب ۽ خادم اُن ساڳي ئي اسڪول ۾ پنجون درجو گڏ پڙهندا هئا)سائين مون کي ٻانهن کان پڪڙي اُنهن جي ڪلاس ۾ وٺي آيو. مون روئيندي پاڻ بچائڻ لاءِ ڪوڙي شاهدي ڏيندي چيو ته سائين هي ٻهَ ڄڻا آهن.پوءِ ته سائين راھ گُناھ اُنهن ويچارن کي به ٺاهوڪي مار ڏني.جن گھر اچي بابي ۽ امان کي منهنجي اها ڳالهه شڪايتن ٻُڌائي.يا ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو ته منهنجي اسڪول نه وڃڻ جي صورت ۾ بابا سائين مون کي پاڻ سان گڏ زوري اسڪول وٺي ويندو هو ۽ اُهو به اِن شرط تي ته بابا به مون سان گڏ ٻارن جي بينچ تي ويهندو ۽ سبق وٺرائي پاڻ سان گڏ گھر وٺي ايندو.ايئن مون پٽي به مُختلف اُستادن وٽ پڙهندي پُڄائي.۽ پوءِ ڪچو پڪو پهريون سائين نورالحق وٽ پڙهڻ کان پوءِ مون ٻيو درجو محترم سائين داد جمالي وٽ پڙهڻ شروع ڪيو.سائين پڻ پنهنجي اُستادي پيشي سان سچو ۽ هڪ بهترين اُستاد ٿي رهيو.جن جي محنتن ۽ مُحبتن جي بدولت مان ٻيو درجو پاس ڪري ٽئين ڪلاس ۾ سائين گُل مُحمد جي ڪلاس ۾ آيس. سائين پڻ طبيعتن خاموش ۽ ذميوار اُستاد هُيو.اِن وچ ۾ ڪُجھ ٻيا به اُستاد ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس اچي وٺندا هئا پر اُنهن جا نالا ياد نه آهن. پر سندن چهرا اکين ۽ تصور جي فريم ۾ هُوبهو جڙيا پيا آهن.مثلن هڪڙو اُستاد شايد عزيز عباسي هُيو.سنهڙو،ڊگھڙو، ڀُورو،ڳاڙهسرن سنهڙن چپن جي مٿان ٺهڪندڙ مُڇُون،سَڀاءُ ۾ ڏاڍو نفيس.يا هڪڙو اُستاد نالو ته ياد ناهي پر ذات جو گوپانگ هو. مٿي تي ٽِڪن واري جرڪندڙ ٽوپي،پُٺيان ڪُجهه گھنگھريالا وڏا وار،قد جو پورو پُنو،چپن مٿان پوريون ساريون مُڇون،ڏاڍي سخت مزاج وارواُستاد هو.پڙهائڻ جي معاملي ۾محنتي،غلطيءَ جي ذرو به گنجائش نه،يا سائين صادق علي شاھ،جيڪو پڻ پنهنجي طبيعت ۾ ڏاڍو گرم هوندو هو.مٿي تي تمام گھٽ پر اڇا ۽ ڪُجھ ڪارا وار،قد ۽ بُت ۾ سنهڙو ۽ ڊگھڙو،اکين تي نظر جي اڇي عينڪ،چهري تي سدائين حد کان وڌيڪ ظاهر ٿيندڙ ڪاوڙ،۽ ڏاڍو سخت مزاج اُستاد هوندو هو.هڪ ڀيري اسان کي صورتخطي پئي لکرايائين.اسان سڀ ٻار بينچُن تي لانگ ورائي هڪ ٻئي جي پُٺيان،ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي لکيو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته مون ڪنهن ڇوڪري جي سليٽ تي ڏسي نقل ڪرڻ بجاءِ،بي ساخته ڪنڌ مٿي ڪيوئي ڪونه هوته پُٺيان سائينءَ جي زُوڪاٽ ڪري آيل چماٽ منهنجي ڪنڌ ۾ لڳي ۽ آءُ وائڙو ٿي ڪري سائين ڏانهن ڏسڻ لڳس،ته سائينءُ هڪ زوردار دڙڪو ڏئي مون کي پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ لاءِ چيو. ايئن ننڍپڻ جي يادن جا رنگ برنگي لغڙ منهنجي تصور جي آڪاس تي اُڏامندي،مون کي پاڻ ڏانهن ڇِڪيِن ٿا ته ياد ٿو پوي ته هن ئي اسڪول جي ننڍڙي آڳُر تي گھاٽِي ٻيرن سان جھنجھيل ٻير مان،مون ڪيترائي ڀيرا ڳاڙها ٻيرَ ڇاڻي کاڌا هُئا. جن جي مٺاڻ اڄ به مان پنهنجي ذائقي واري حِس ۾ محفوظ ٿيل محسوس ڪيان ٿو.ڇاڪاڻ جو اُن اسڪول ۾ کوڙ سارين موسمن جا رنگ منهنجي وجود ۾ رچجي، منهنجي احساسن کي ڪئي رنگينيون بخشيندا رهيا آهن.۽ منهنجو روح،اُنهن ۾ رنگجي،ننڍپڻ واري ڪيفيتن ۾ کوئجي ويندو آهي ته حال جا ڀيانڪ حالات مون کان پل ۾ وسري ويندا آهن.هي اهوئي ساڳيو اسڪول آهي، جنهن ۾ مون ٻئي يا ٽئين درجي ۾ ڪنهن ڪلاس جي ڪچين ڀِتين تي لکيل ڀٽائيءَ جا بيت

سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سُلطاني سُھاڳ،ننڊون ڪندي نه ملي.
يا
سائينم سدائين،ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست ! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

پڙهيا ۽ پنهنجي ڪنهن ڪاپيءَ ۾ اُتاريا پڻ هئا.جتان ئي منهنجي ٻالڪ اوستا جي شاعريءَ جهڙي اَپسرا سان معصوماڻي واقفيت جُڙي هُئي.جيڪا هاڻ عاشقيءَ جي مُسلسل گھري سفر ۾،همسفر رهندي،هاڻ منهنجي محبوبا بڻجي،منهنجي زندگيءَ جو هڪ ڀرپور اُتساھ بڻي آهي. ايئن مين پرائمري سنڌي اسڪول ۾ ڪُجهه ٻيا اُستاد به ياد پيا اچن.جيڪي ٻين ڪلاسن ۾ پڙهائيندا هئا.تن ۾هيڊ ماسترسائين پيرعبدالخالق، سائين ظهير شيخ،سائين جھُونو،سائين الله بخش خاصخيلي، سائين سومر ڀٽي،سائين هارون ميمڻ،۽ ٻيا به ڪُجھه اُستاد هُئا، جن مان ڪن جا نالا ته ڪن جا وري صرف چهرا منهنجي تصور ۾رهجي ويا آهن.ايئن مون چوٿون درجو سائين واحد بخش بروهي وٽ پڙهيو.سائين پڻ محنتي اُستاد ۽ پڙهائيءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو سخت هوندو هو.مون کي ياد پيو اچي ته اسان جي چوٿين درجي جو ڪلاس مين اسڪول جي مين گيٽ جي بلڪل سامهون،رستي جي اولهين طرف هڪ الڳ حصي ۾ هو.جِت صرف ٻَه ڪلاس هئا.جن کي ورانڊو پڻ هوندو هو.(جتي اڄ ڪلهه ٽي آر سي جي هڪ وڏي بلڊنگ آهي.) اُنهن ٻن ڪلاسن مان هڪ ڪلاس ۾ سائين واحد بخش بروهي اسان کي چوٿين ڪلاس ۾ پڙهائيندوهو. هڪ ڀيري سياري جي موسم ۾گرامر جا سوال ياد نه هئڻ جي ڪري سائينءَ مون کي سزا ۾ هٿن تي لڪڻ هنيان.جن جي ڪري منهنجي هٿن ۽ آڱرين جي لڪيرن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو.۽ آءُ شديد سور جي ڪري روئي رهيو هئس. جنهن تي سائين به شايد پريشان ٿيندي مون کي پيار وچان پرچائي رهيو هو.مون اها ڳالهه ڪڏهن به پنهنجي گهر نه ڪئي.اُن ڪلاس ۾مون کي ياد ٿو اچي ته مون سان جيڪي ڇوڪرا يا ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئا اُنهن ۾ اشفاق جُماڻي (منهنجي وڏي مامي خُدا بخش جو سالو)، آصف، نفيس، فيروز گورچاڻي ۽ اُن جو وڏوڀاءُ صدر،ريشمان،فرزانه،مينا ۽ ٻيا به ڪُجهه شاگرد گڏ پڙهيا هئا.اُن مين سنڌي پرائمري اسڪول ۾ٻيا به ڪُجهه هم عمرڇوڪرا جيڪي مُختلف ڪلاسن ۾ مون سان گڏ پڙهيا هئا، تن ۾منهنجو ننڍپڻ جو پيارو دوست اڪبر علي شاھ،افضل ميمڻ،عقيل سومرو،مُحسن،الطاف ميمڻ،آفتاب ميمڻ،علي حيدر جمالي، فضل.
ايئن چوٿون ڪلاس پاس ڪري مان پنجين درجي ۾داخلا لاءِ خواجه گارڊن جي ولس برانچ ۾ ويس.توڙي جوپنجون درجو سنڌي مين اسڪول ۾ به پڙهايو ويندو هوپر مون چار درجا سنڌي پڙهي پنجين درجي لاءِ انگريزي ۾ داخله ورتي. جتي خواجه گارڊن اسڪول جي وڏي ڊرائنگ هال ۾ داخلا لاءِ آيل سڀني شاگردن کي ويهاريو ويو.۽ پوءِ اسان سڀني کي سنڌيءَ ۾ صورتخطي لکرائي وئي.اُها صورتخطي صحيح هُئڻ جي صورت ۾،مون کي خواجه گارڊن اسڪول ۾ پنجين درجي ۾ داخلا ڏني وئي.مون کي ياد آهي ته اُها داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ مون سان گڏ منهنجو مامو فداحُسين گڏجي هليو هو.۽ ٽيسٽ لاءِ صورتخطي سائين منظور حُسين قُريشيءَ لکرائي هئي.سائين منظور حُسين قُريشي،پنجابي هوندي به سندس ايم.اي سنڌي ۾ ٿيل هُئي.سندس هٿ اکر موتين جا داڻا هوندا هئا. ۽ اُن کان علاوه هُو سنڌ جواديب ۽ سنڌي ادبي سنگت نواب شاھ جي بُنيادي ميمبرن ۾ شُمار ٿيندڙ ۽ اڳوڻو سيڪريٽري پڻ رهي چُڪو هو.ياد رهي ته هي اُهوئي اسڪول آهي جتي سنڌ ۽ هند جو ناميارو اديب لڇمڻ ڪومل پڻ پڙهيو هو.جنهن جو ذڪر هُن پنهنجي آتم ڪٿا “وهي کاتي جا پنا” ۾ ڪيو آهي.يا جڏهن لڇمڻ ڪومل سان سنڌ ياترا دوران مان مليو هُئس ته هُن نواب شاھ جو احوال وٺندي، مون کان خواجه گارڊن اسڪول جو پڻ پُڇيو هو.۽ هُن اهو به ٻُڌايو هو ته هُو پڻ هن ئي اسڪول ۾ پڙهيو هو. هي اسڪول سنڌ جي ناليواري تعليمدان سائين ايڇ.ايم خواجه صاحب جن جي ٿورن سان وجود ۾ آيو.سائين ايڇ ايم خواجه جو سنڌ جي تعليم ۾ تمام بهترين ڪردار ۽ سهڪاررهيو آهي.نه رُڳو اهو پر هُن پنهنجي سڄي زندگي تعليم ڏيندي ۽ اُن مُتعلق جاکوڙيندي گُذاري. ايئن خواجه گارڊن ۾ مان پنجون درجو سائين احمد بخش ميمڻ وٽ پڙهيس.جنهن پهريون ڀيرو اسان کي اي.بي.سي.جو پهريون سبق ڏنوهو.۽ بورڊ تي لکي اسان کي لکڻ سيکاريو هو.اِن اسڪول ۾ ڪُجھ وڌيڪ سخت ماحول جي ڪري منهنجو من پڙهائيءَ کان پري ڀڄڻ شروع ٿيو هو.۽ ٻيو ته پرائمري اسڪول ۾ ئي منهنجو شاعريءَ سان اَٽوٽ رشتو جُڙي پيو هو، جيڪو اڄ ڏينهن سُوڌو اڳي کا اڳرو آهي.اُن ڪري پنجين درجي ۾ اُهو شوق اڃا به ڪُجھ وڌيڪ ئي پروان چڙهيو.جنهن ڪري هڪ اڌ ويجھي دوست کي منهنجي شاعر هُئڻ جي خبر به هوندي هئي.پر جيئن ته اُهو دور ڪو ايترو ذهني پُختگي وارو ڪو نه هو جو شاعريءَ جي اصل مقصد کي ڄاڻي سگھان ها پر جيئن ته اُها ننڍڙِي،من ۾ ٻري پيل چڻنگ،ڀنڀٽ بڻجڻ جي انتظار ۾ هُئي.جيڪا هاڻ منهنجي روح توڙي وجود جي اُونداهين گھٽين ۾ ڏياٽيون ڏياٽيون روشني بڻجي،منهنجي زندگيءَ جي سادي ڪيئنواس کي،مون لاءِ ڏاڍو پُرڪشش بڻائي ڇڏيو آهي. جيئن ته اُنهن ڏينهن ۾گھر وارن جي سختيءَ جي ڪري مون کي زوري به اسڪول وڃڻو پوندو هو.پر اُهو اسڪول وڃڻ دلچسپيءَ کان بلڪل به خالي هوندو هو.اُنهن ڏينهن ۾ خواجه گارڊن جو هيڊ ماستر سائين غوث بخش بروهي هوندو هو.جيڪو پڻ پڙهائيءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو سخت هوندو هو.اڪثر طور تي اسڪول کان گُسائڻ ۽ اُتان رسيس ۾ ڀڄي اچڻ منهنجي عادت ۾ شُمار ٿي ويوهو.۽ آءُ اسڪول کان نٽائڻ ۾ ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهندو ويس.اُهي ئي ڏينهن هئا جو بابو اڪثرڪري“هَرنيان” جي تڪليف جي ڪري بيمار پيو رهندو هو.۽ اُنهن ئي ڏينهن ۾ بابا جي“هرنيان”جو وڏو آپريشن پڻ سول اسپتال نواب شاھ ۾ ٿيو هو.جنهن ڏينهن بابا کي گھڻي تڪليف جي ڪري ٽانگي تي اسپتال پئي وٺيو ويا،اُن وقت مان ڪاٽا ٿيل لغڙن جي پُٺيان بي پرواھ ٿيو پئي رُليس.اُن رولاڪيءَ دوران ئي سڪرنڊ روڊ تي مون ٽانگي ۾ بابا کي اسپتال ويندي ڏٺو هو.بابا کي اَڇو پٽڪو ٻڌل هو.۽ پوءِ مان جڏهن گھر آيو هُئس ته وڌيڪ بابا جي حالت جي خبر پئي هُئي ته بابا کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.پوءِ مان اسپتال بابا وٽ ويو هئس.بابا بيڊ تي ليٽيل هو.بابا جي نڪ ۾ نلڪي لڳل هئي.۽ بابو گھڻي تڪليف ۾ مبتلا هوندي به مون کي ڏسي پاڻ ڏانهن اشارن ۾ سڏيو هو ۽ مان سندس ڀر ۾ وڃي بيٺو هُئس.بابا جي آپريشن واري اُها رات مون کان ڪڏهن به نه وسري سگھندي جو اُن جي شام جو آڪاس،ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي کنوڻن ۽ گجگوڙن سان هانءُ کي ڏهڪائي رهيو هو.۽ پوءِ اُن رات تمام گھڻو مِينهن وسيو هو.اسان سڀ گھر جا ڀاتي بابا جي ڪامياب آپريشن لاءِ دُعائون گھُري رهيا هئا سين.۽ اسان ننڍڙا ٻارڙا به الله سائين کي پنهنجن ٻاتن ٻولن ۾ ٻاڏائي رهيا هُئاسين.پوءِ رات جو دير سان منهنجي وڏي مامي خُدابخش اچي گھر وارن کي ڪامياب آپريشن جي خوش خبري ٻُڌائي هئي.اُنهن حالتن جي اثر جي ڪري ۽ پنهنجي تعليم سان ذاتي عدم دلچسپيءَ جي ڪري مان اُن سال پنجين درجي جي امتحان ۾ نه ويهي سگھيو هُئس.۽ مون کي ٻيو سال به پنجون درجو ٻيهر پڙهڻو پيوهو.ايئن پنجون ۽ ڇهون درجو سائين احمد بخش ميمڻ وٽ پڙهڻ کان پوءِ مان ستين درجي ۾ وري سائين محمد ابراهيم سمي وٽ پڙهيس.پنجين ڪلاس کان وٺي ئي مان ڪلاس جي پوئيان پيل آخري ڊيڪسن تي ويهندو هُئس.۽ اڪثر طور تي اُستادن جي پيرڊن ۾ پڙهائڻ دوران مان اُن ماحول کان دلي ۽ ذهني طور تي لاتعلق پئي رهندو هُئس.۽ ڪُجھ نه ڪجھ ويٺو چوري چوري لکندو هُئس.اُن ئي ستين ڪلاس ۾ هڪ ڏينهن ڪنهن اُستاد پڙهايو پئي ۽ مون ويٺي پنهنجو ڪم ڪيو جو اوچتو اُستاد اچي منهنجي مٿان بيٺو ۽ مون کان منهنجي اُها لکيل ڪاپي وٺي اُن کي پڙهڻ لڳو ته ڪُجھ ڇوڪرن به حرام پائي ڪندي وضاحت سان منهنجي شاعر هُجڻ جي شاهدي ڏني.جنهن تي اُستاد مون کي پنهنجي جاءِ تان اُٿاري سامهون پيل ٽيبل ۽ ڪرسي وٽ وٺي اچي بيهاريو ۽ اِن شرط تي مون کي سزا کان بچڻ جو موقعو ڏنو ته مان سڄي ڪلاس جي اڳيان بيهي وڏي آواز ۾ شاعري پڙهي ٻڌايان.سچ ته اُهو منهنجو پهريون ڀيرو هو جو مون ايترن سارن ڇوڪرن ۽ اُستاد جي موجودگيءَ ۾ شاعري پڙهي ٻُڌائي هئي.۽ سڀني ڪلاس جي ڇوڪرن ڀرپور تاڙيون وڄائي مون کي داد ڏنو هو.اُن ڏينهن کان پوءِ مون کي سڀ ڇوڪرا شاعر ڪري سڏيندا هُئا.اُنهن ڏينهن ۾ آءُ پڙهائي ۾ جڏو هُئڻ جي ڪري ۽ اڪثر اسڪول کان گُسائڻ يا اسڪول مان رسيس ۾ ڀڄي وڃڻ جي ڪري پيو اُستادن جو مارون کائيندو هُئس.پر آءُ ڪڏهن به روئيندو ڪونه هُئس.اُن ڪري اُستاد اڃا به ڪُجھ وڌيڪ سَٽڪو ڏئي ڇڏيندا هُئا.سائين ماجد ميمڻ ته سزا ۾ شاگردن جي ڪنن ۾ آڱوٺي ۽ آڱُر جي نَنهن جي زور سان رڙيون ڪرائي ڇڏيندو هو.پر مان سور برداشت ڪري چُپ ڪيو بيٺو هوندو هُئس ته سائين مون کي چوندو هو ته تون پٿر جو ٺهيل آهين ڇا ڇورا.۽ پوءِ ڪن مان هٿ ڪڍي چوندو هو ته وڃ ڇورا وڃ.ايئن اڪثر طور تي ڪنن جي پاپڙين مان رت به وهي ايندو هو. خواجه گارڊن اسڪول ۾ ٻين اُستادن، جن مُختلف پيرڊن ذريعي پڙهايو تن ۾سائين ماجد ميمڻ،سائين عاشق،سائين علمبردار،ڊرائينگ ٽيچر سائين محمد ملوڪ سومرو،سائين شير جمالي ۽ ٻيا اُستاد هُئا.جيڪي هِن وقت منهنجي ذهن تان لهي ويا آهن.ڪُجھ هم ڪلاسي شاگردن جا نالا به ذهن تي تري ٿا اچن.جن ۾ منهنجي صفا ننڍپڻ جو دوست وحيد قُريشي، نديم ڀٽي، ايازملاح، اعظم ملاح، معروف ملاح، عارف ٻُگهيو، راشد انصاري، بابر انصاري ۽ ڪُجهه ٻيا هم ڪلاسي جن جا نالا هينئر ياد نٿا اچن. خواجه گارڊن مان ستون درجو پڙهي اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ لاءِ مون کي وري خواجه گارڊن جي مين برانچ ڊي سي هاءِ اسڪول ۾وڃڻو پيو.جتي مون اٺون درجو سائين امان الله بروهي وٺ پڙهيو.اُن ئي اسڪول ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران اسان وٽ شايد دينيات جو پيرڊ وٺڻ لاءِ سنڌ جو ناميارو مزاحمتي شاعر سائين عبدالحڪيم“ارشد” ايندو هو.پر اُن وقت آءُ سائين جي اهميت ۽ حيثيت کان واقف ڪونه هوس.اُن ئي اسڪول ۾ نائين درجي ۾ اسان جوسنڌي ادبي سنگت نواب شاھ جواڳوڻو سيڪريٽري ۽ اهم سرگرم اديب سائين منظور حُسين قُريشي به پڙهائيندو هو.جيڪو اسڪول جي لائيبريريءَ جو انچارج پڻ هوندو هو.اسان ساڳي ئي پاڙي ۾ ساڳي ئي جاءِ جي مالڪ ڀَنڀي لاکي جي ڪرائي جي جاين ۾ رهندا هُئاسين.مون اٺون درجو پاس ڪيو ته مون کي نائين ڪلاس ۾ سائين امان الله سمي وٽ پڙهڻ لاءِ وڃڻو پيو.اُن وقت نائون ۽ ڏهون درجو سائنس سا گڏ آرٽس ۾ به پڙهايو ويندو هو.اُن ڪري مون جڏي شاگرد هُئڻ ڪري ۽ سخت پڙهائي کان ڀڄندي، ضد ڪري، سائين امان الله سمي وٽ نائون درجو سائنس ۾ پڙهڻ بدران آرٽس ۾ سائين محمد ڪامل پيرزادي وٽ پڙهڻ کي ترجيح ڏني.هي مُعتبر اُستاد ڏاڍو صابرين ۽ موسيقيءَ سان بيحد لڳاءُ رکندڙهو.سائينءَ جو هڪڙو تڪيا ڪلام هوندو هو(گڏھ جا........)سائين جڏهن به ڪاوڙ ۾ ايندو هو ته هُو وڌ مان وڌ پنهنجي ڪاوڙ کي مارڻ لاءِ فقط پنهنجو مخصوص تڪيا ڪلام ورجھائيندو هو.سائين ڪامل ڊي سي هاءِ اسڪول جي صبح جو هر روز ٿيندڙ اسيمبليءَ ۾ اسڪول جي ميدان آڏو ٺهيل اسٽيج نُما سيمينٽ جي وڏي ٿلهي تي هارمونيم وڄائي ترانو ڳائيندو هو ۽ ساڻس ٻيا ٻار به گڏجي ڪورس ۾ ترانو ڳائيندا هئا.ايئن نائون ۽ ڏهون مون کي سائين محمد ڪامل پيرزادي وٽ پڙهڻ جو موقعو مليو.اُنهن ٻن سالن ۾ مون شايد ئي ڪڏهن ڪو پيرڊ يا ڏينهن گُسايو هُجي. ڇاڪاڻ ته آرٽس جي ڪلاسن ۾ جيڪي به اُستاد پيرڊ وٺڻ ايندا هئا اُهي هرو ڀرو ڪا ايڏي سختي نه ڪندا هئا جو ائين محسوس ٿئي ته شاگرد ڪنهن ڪلاس بجاءِ قيد خاني ۾ ويٺو آهي.اُن وقت آرٽس جا نائين ۽ ڏهين جا صرف ٻَه ڪلاس هوندا هئا.ڇاڪاڻ ته تقريبن سڀ شاگرد نائون ۽ ڏهون سائنس ۾ ئي پڙهڻ کي ترجيح ڏيندا هئا.باقي مون جهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ نڀاڳا شاگرد نه پڙهڻ کان مڙئي نائون ڏهون آسانيءَ سان پاس ڪري اڳتي ڪاليج ۾ وڃي پڙهندا هئا. يا وڃي ڪو ٻيو ڪم ڪار ڪندا هُئا.اُن ڪري اسان آرٽس جي شاگردن کي “مولائي گُروپ” ڪري سڏيو ويندو هو.نائين ۽ ڏهين جي ڪلاسن ۾، هڪ پيارو ۽ خوش مزاج اُستاد سائين بشير احمد ٻُگھيو،اسان جو سنڌيءَ جو پيرڊ وٺندو هو.هي اُستاد نواب شاھ جو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جو هڪ ڀلوڙ شاعر هوندو هو.جنهن سان اڳتي هلي ادب جي ذريعي وڌيڪ ويجهڙائپ ٿي.سائين ڪامل وٽ پڙهڻ دوران ڪُجھ يادون سارس پکين جيئن پنهنجا پر پکيڙي اچي منهنجي ذهن جي سر زمين تي وسرام ڪن ٿيون.سائين ڪامل پيرزادي جھڙي سنهڙي پوري قد سان،اکين تي نظر جي عينڪ،گھڻا اَڇا ۽ ڪُجھ ڪارا وار،رنگ جو گورو،سدائين پينٽ ۽ شرٽ ۾ ملبوس،پيرن ۾ بوٽ،هلڻ ۾ صفا آهستي،ٿڌي طبيعت جي مالڪ،خوش مزاج اُستاد جو خاڪو منهنجي خيالن مان اُڀري،اُڀري اچي ٿو.سائين ڪامل ڪلاس ۾ ڪُرسيءَ تي ويهي،پُٺيان ٽيڪ ڏئي ڪنڌ کي پُٺتي هلڪو لاڙي،بوٽ پيرن مان لاهي،ٻئي ٽنگون سامهون ٽيبل تي رکي اڪثر پيو ڪُجھ نه ڪُجھ جھونگاريندو هو.۽ اُن ڪيفيت ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو جو هڪ اڌ ڀيري ته اسڪول جو هيڊ ماسترسائين موهن لال به اچي سائين جي مٿان بيهندو هو ته به سائين پنهنجي رنگ ۾ مگن هوندو هو.پر اسان سڀني شاگردن جي يڪدم اُٿي بيهڻ ۽ ٻي ڪنهن چُر پُر تي سائين به اکيون کولي ڏسندو هو ته هيڊ ماستر صاحب سندن ڪُرسيءَ جي ڀر ۾ سندن مٿان بيٺو آهي.ته پوءِ سائين به لڄي ٿيندي اُٿي بيهندو هو.۽ سائين موهن لال هلڪي مُسڪراهٽ سان سائين ڏانهن ڏسي ڪلاس مان نڪري ويندو هو.ته سائين اسان سڀني ڇوڪرن جي گڏجي کلڻ تي ڪاوڙ مان اسان سڀني ڇوڪرن کي بُجو گھروڙي ڏيندو هو ۽ پنهنجو مخصوص جملو ورجھائيندي چوندو هو ته اڙي ڇورا،ٻُڌايوَ به ڪونه،وڏا حرامي آهيو.هڪ ڀيري سائين روز وانگر پنهنجي انداز سان ڪلاس۾ ويٺو هو جو اسان يعنيٰ مون،سعيد انصاري،يعقوب شر،مولا بخش گورچاڻي،رزاق گورچاڻي۽ هڪ مُغل ڇوڪري(جنهن جو نالو ياد نه رهيو آهي) امداد انصاريءَ کي ٽيڪر ڏئي سائينءَ جو هڪڙو بُوٽ چُپ چُپ ڪري لڪرائي ڇڏيو.ڪُجھ دير کان پوءِ،سعيد،سائينءَ کي سڏي چوڻ لڳو ته سائين!توهان کي آفيس ۾ هيڊ ماستر سڏرايو آهي.ته سائين يڪدم اُٿي بُوٽ پائڻ لڳو.پر صرف هڪڙو پيرجو بُوٽ موجود ته ٻئي پير جو بُوٽ غائب.جنهن لاءِ سائين پريشان ٿيندي سوچڻ لڳو ته اهو بُوٽ آخر ڪيڏانهن ويو.جڏهن سائين بوٽ کي ٽيبل جي هيٺان ۽ اوسي پاسي ۾ نظر ڦيرائي ڏٺو ۽ بوٽ نظر نه آيس ته سائين اسان ڇوڪرن ڏانهن گھوري نهارڻ لڳو.جنهن تان اسان کي بي ساخته کِل اچي وئي.۽ سائين سمجھي ويو ته اِها حرڪت هِنن ڇورن ئي ڪئي آهي.۽ پوءِ سائين پيار مان چوڻ لڳو ته ٻچا ناهيو،مون کي بوٽ ڏيو ته مان آفيس وڃان.پوءِ نيٺ سائين کي ڪُجھ پِٽائي اِن شرط تي بوٽ واپس ڪيوسين ته سائين سُڀاڻ (ڊي سي اسڪول جي ڀرسان اڄ سوڌو موجود جمالي هوٽل جي) سڀني شاگردن کي چانهه پياريندو؟ ۽ سائين مجبورن ٻئي ڏينهن رسيس ۾ اسان سڀني ڇوڪرن کي چانهه پيارڻ جو واعدو ڪري کلندو پنهنجو مخصوص جملو ورجھائيندو ڪلاس مان نڪري ويو.هڪ ڀيري ڪلاس جي بليڪ بورڊ جي مٿان لڳل قائد اعظم جي تصوير لاهي اسان اُتي سائين جي ايم سيد جي تصوير لڳائي ڇڏي.رسيس بند ٿي ته سائين ڪامل به اچي ڪلاس ۾ پنهنجي رنگ ۾ ويٺو.ڪنهن ڇوڪري سائين کي اشارو ڪندي چيو ته سائين ٿورو بورڊ جي مٿان ته ڏسو.سائين ويٺي ئي عينڪ پائي بورڊ جي مٿان لڳل سائين جي ايم سيد جي تصوير کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پُڇڻ لڳو ته هي تصوير هِت ڪنهن هنئي آهي؟ڇورا خُدا کي مڃو هي تصوير اِتان لاهيو.منهنجي نوڪري هلي ويندي.اسان سڀ هڪ آواز ٿي چوڻ لڳاسين ته سائين هي تصوير ته اوهان پاڻ اسان کي چئي هڻائي آهي.سائين ويچارو تيئن پريشان ٿيندي چوڻ لڳو ته اڙي ڇورا منهنجي نوڪري ته ويندي ئي ويندي پر مون کي توهان ٽيپ به ڏياريندو.اڙي ٻچا ناهيو.لاهيو جلدي ته ڪير ڏسي نه وٺي.اسان ڇوڪرن کي تيئن رونشو.نيٺ سائينءَ کي پٽائي پٽائي اُها تصوير لاهي وري ساڳي تصوير هنئي سين.تڏهن وڃي سائين سامت ۾ آيو.اڄ الائي ته ڇو ماضيءَ جون اهڙيون پُرشرر يادون مِينهن جيان اوڙڪون ڪري دل مٿان وسڻ لڳيون آهن.۽مان ماضيءَ جي کنڊرن ۾ ننڍ پڻ جي سحر وسيلي بي ساخته ڇڪجندو وڃي رهيو آهيان.هڪ دفعي نائين يا ڏهين جي ڪلاس ۾ رسيس دوران اسان سڀ هم ڪلاسين، ڪلاس ۾ ويٺي ڪچهري پئي ڪئي.جو اوچتو منهنجي نظر امداد انصاريءَ جي لڙڪندڙ اَڳٺ تي وڃي پئي. مون موقعو نه وڃائيندي يڪدم وڃي سندس اَڳٺ کي زور سان سَٽ ڏئي هيٺ ڇِڪيو.سَٽ سان ئي امداد جو اَڳٺ ٽُٽي پيو ۽ سندس شلوار وڃي پيرن ۾ پئي.جنهن تي سڄي ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.امداد حيران ٿيندي شلوار کي مٿي ڪري ورائي کڻي پاڻ کي ڍَڪيو.۽ روئڻهارڪو مُنهن ڪري اسان ڏانهن ڏسڻ لڳو.ايتري ۾ وري سعيد انصاري باقي رهيل اَڌ اَڳٺ کي سَٽ ڏئي سندس شلوار مان ڪڍي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.جنهن تي وري ڪلاس ۾ وڏو رونشو مچي ويو.امداد ويچارو روئيندو،ڪانچ کي سنڀاليندو،وڃي ڪلاس جي ڪُنڊ ۾پيل ڊيڪس تي ويهي روئڻ لڳو.اسان اڳٺ جي ٻنهي ٽُڪرن کي ڳنڍي،ٽيبل تي ڪُرسي رکي،اُن تي چڙهي،اَڳٺ کي ڇِتِ واري پکي ۾ ٻڌي،پکي کي فُل اسپيڊ سان هلائي ڇڏيوسين ته اَڳٺ گول دائري ۾ سڄي ڪلاس مٿان ڦيراٽيون ڏئي ڦِرڻ لڳو ته اسان تيئن وڌيڪ شرارت ۾ اچي ويچاري امداد سان ڀوڳ ڪرڻ لڳاسين.خيرن سان رسيس بند ٿي ۽ ڪلاس ۾ سائين پنهنجي مخصوص انداز سان گُنگنائيندو اچي پنهنجي ڪُرسيءَ تي ويهي رهيو.اسان ڇوڪرن جي اکين ۽ چهرن تي شرارت جا رنگ ڏسي سائين پُڇڻ لڳو ته “گڏھ جا......” اڄ وري ڇا ڪيو اٿوَ.۽ امداد کي روئيندو ڏسي کيس سبب پُڇڻ لڳو.پر ويچارو امداد ته رُڳو روئڻ ۾ پورو ته ڪنهن ڇوڪري سائين کي پکي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سائين پکي ۾ پُڇ وارو لغڙ ڦاسي پيو آهي.جنهن تي سائين ڪنڌ مٿي کڻي پکي ڏانهن ڏِٺو ته پکي ۾ ڪا ڊِگھي شيءِ تيز تيز چوطرف ڦري رهي آهي.سائين وري پُڇيو ته ڇورا! هي پکي ۾ ڇا ٻَڌو اٿوَ؟جنهن تي امداد روئيندي سائين کي ٻُڌائڻ لڳو ته سائين! هنن منهنجو اَڳٺ ڇڃي پکي ۾ ٻڌو آهي.سائين تجسس نُما انداز ۾ اسان ڏانهن ڏسندي،امداد کان پُڇڻ لڳو ته اها شرارت ڪنهن ڪئي آهي.ته امداد منهنجو،مولابخش گورچاڻي،ممتاز ڪلهوڙي،سعيد انصاري ۽ هڪ مُغل ڇوڪري جو نالو کنيو.جنهن تي سعيد ڪوڙا قسم کڻي ۽ امداد کي اکين ئي اکين ۾ پري کان لڪ ڇُپ ۾ داٻا ڏئي پنهنجو نالواُن حرام پائي واري معاملي مان ڪڍرائي امداد جو پاسو کڻندي اسان جو مُخالف ٿي بيهي رهيو.چئي سائين منهنجي مائٽ جو هِنن اَڳٺ گڏجي زوري ٽوڙيو آهي.مون کيس بچائڻ پئي چاهيو ته هِنن مون کي به پادر هنيان آهن.اِن تي سائين تيش ۾ ايندي ڪنهن ڇوڪري کان ڪاپي وٺي اُن تي هيڊ ماستر ڏانهن انگلش ۾ ڪُجھ لکي،اُن پني سان گڏ ٽُٽل اَڳٺ ويڙهي امداد کي ڏنو ته هي هيڊ ماستر ڏانهن کڻي وڃ ۽ هنن کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃ.جنهن تي امداد کان اڳ ۾ ئي سعيد،امداد جو ساٿاري بڻجندي سائين کي چيو ته سائين،اهواَڳٺ ۽ لکيل پنو مان کڻي وڃان ٿو.۽ امداد ۽ اسان کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چئي ڪلاس مان نڪري بيٺو.اسان سائين کي منٿون ڪرڻ لڳاسين ته سائين هيڊ ماستر ڏي نه موڪليو پر توهان ئي ڪا سزا ڏئي ڇڏيو.جنهن تي سائين چوڻ لڳو ته توهان ڇورا مون کان زور آهيو.توهان هي وڏو ڏوھ ڪيو آهي ۽ هاڻ توهان جو فيصلو هيڊ ماستر ئي ڪندو.اِتي اِن ريهه ريهان ۾ اسڪول جي موڪل جو وقت به اچي مٿان بيٺو.سائين اسان کي دڙڪا ڏيندي ڪلاس مان ٻاهر ڪڍي سعيد ۽ امداد سان گڏ وڃڻ لاءِ موڪليو.اسان جي ڪلاس واري بلڊنگ کان آفيس واري بلڊنگ تائين ٿورو مُفاصلو هُئڻ جي ڪري اسان امداد ۽ سعيد کي داٻا ڏيندا پئي وياسين ته جيئن هي هيڊ ماستر وٽ نه هلن.پر امداد کان وڌيڪ تيز سعيد هو.جيڪو تڪڙو تڪڙو هيڊ ماستر جي آفيس جي در وٽ وڃي پُهتو ته هيڊ ماستر به آفيس مان ٻاهر پئي نڪتو.اسان سڀني کي گڏ ڏسي پُڇڻ لڳو ته ڇا ڳالهه آهي؟ ۽ سڀ گڏ ڇو آيا آهيو؟جنهن تي سعيد يڪدم سائين وارو لکيل پنو ۽ ٽُٽل پر ويڙهيل اَڳٺ سائين هيڊ ماستر کي ڏيندي چيو ته هي سائين اوهان لاءِ موڪليو آهي.سائين هيڊ ماستر پنو پڙهي اچي اسان کي رول سان سَٽڪو چاڙهيو.۽ اسان جا هٿ ئي سُڄائي ڇڏيائين.۽ ايئن مار دوران اسڪول جي موڪل جو به گِھنڊ وڄي ويو۽ اسان هٿن کي سور کان مهٽيندا،سعيد کي گاريون ڏيندا،ايندڙ ڏينهن جي لاءِ سڄي حساب ڪتاب کي ڇڏي،گھر هليا وياسين.يا هڪ ڀيري پيِٽيءَ جي پيرڊ ۾ شاھ جِي،جيڪو اصل سرحد صوبي جو ننڍي قد سان،بُت ۾ ڀريل،مٿي تي مائو اسٽائل ڪيپ،رنگ صفا گورو،بلڪه ڳاڙھسِرو،مُنهن تي ننڍڙيون مُڇون،صفا جھڙو چارلي چپلن.ڪڏهن پينٽ شرٽ ته ڪڏهن ڪپڙن ۾ ملبوس، هٿ ۾ سدائين نِيٽ جو لڪڻ،رهندو به اسڪول ۾هڪ ڪلاس روم ۾هو،جيڪو کيس رهائش لاءِ ڏنو ويو هو.ڏاڍو سخت مزاج هوندو هو.پيِٽيءَ دوران اگر ڪنهن سهي پِيٽي نه ڪئي ته اُن جو خير ناهي.اسان ڪُجھ ڇوڪرا پيٽي دوران پُٺين قطار ۾ بيهندا هئاسين.ڇاڪاڻ جو پيٽي ۾ اڪثر ڪري اسان غلطيون ڪندا رهندا هُئاسين.اُن ڪري پيٽي واري اُستاد جي نظر کان بچڻ لاءِ اسان آخر ۾ بيهندا هئاسين.هڪ ڏينهن پيٽي دوران اسان جي غلطيءَ تي شاھ جيءَ،جي نظر پئجي وئي.هُو اُتان ئي هٿ ۾ نِيٽ جو لڪُڻ ڦيرائيندو،پٺاڻڪي اردو لهجي ۾ ڪُجھ ڳالهائيندو،اسان ڏانهن تيز تيز قدمن سان پئي وڌندو آيو.اهڙي خطري جي صورتحال کي سمجھندي،مان ۽ ممتاز ٻئي ڄڻا قطار ڇڏي وٺي مين گيٽ واري پاسي ڏانهن ڀڳاسين.۽ اسان جي پوئيان شاھ جي پنهنجي لهجي ۾ ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندو اچڻ لڳو.ممتاز،وڌيڪ شاھ جي کي چيڙائڻ لاءِ عجيب قسم جا آواز ڪڍندو،شاھ جِي کي وڌيڪ چيڙائيندو رهيو.پيٽيءَ ۾ موجود ٻيا سڀ ڇوڪرا قطارن مان نڪتا،کِل ۾ ٻُڏا پيا هئا.مان به ڀڄندو کِلندوممتازجي پوئيان پئي ڀڄندو ويس.آخر مين گيٽ جي ننڍي گيٽ کان ٻاهر نڪري ممتاز ننڍو گيٽ بند ڪري،ڪڙو ڏئي،گيٽ جي ٻئي پاسي شاھ جي کي وڌيڪ چيڙائڻ لڳو.شاھ جي اسان کي نه پڪڙڻ واري چڙ ۾ هٿ ۾ جھليل رول ڪاوڙ مان تيز اسان کي اُڇلائي هنيو. جيڪو اسان مان ته ڪنهن کي به نه لڳو پر اهو رول گيٽ جي لوهي شِيخن ۾ لڳي اسان واري پاسي ٻاهر اچي ڪريو. جنهن کي ممتاز کڻي گيٽ جي شيخن مان شاھه جي کي وڌيڪ چيڙائيندي کيس رول هڻي رهيو هو. ۽ پريان شاھه جي باھ لڳو اسان کي ڪچو کائڻ لاءِ بيقرار هو.نيٺ سندس رول اندر شاھ جي ڏانهن اُڇلائي اسان ڀڄي وياسين.۽ ڪيترائي ڏينهن اُن ڳالهه کي ياد ڪري پئي کلندا رهندا هئاسين.ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي منهنجو شاعريءَ سان گھرو تعلق جُڙي چُڪو هو.ايتري قدر جو ياد ٿو اچي ته اٺين ڪلاس ۾ ئي مون شاعريءَ ۾ پنهنجو پهريون تخلص“زخمي” رکيو هو.پر پوءِ وري اُن کي تبديل ڪري مون پنهنجو تخلص“سنڌي”رکيو.۽ايئن اُهي ٻئي تخلص مان پنهنجي اُن وقت جي ڪچي ڦِڪي شاعريءَ ۾ پڻ استعمال ڪندو هئس.پر نيٺ آخر ۾ مٿين ٻنهي تخلصن کي ڇڏي مون پنهنجي “باغي”تخلص جي چونڊ ڪئي.جيڪو اڄ ڏينهن تائين منهنجي نالي سان سلهاڙيل آهي.اُن وقت ئي مان پنهنجن دوستن ۾ بخشل باغيءَ جي نالي سان سُڃاپجڻ لڳو هئس.رُڳو ايترو نه بلڪ مان توڙي منهنجا ڪُجهه دوست سڄي اسڪول جي ديوارن تي “بخشل باغي”پيا لکندا هئاسين.جنهن جي ڪري منهنجو نالو اسڪول جي حدن ۾ شاگردن توڙي اُستادن ۾ مشھور ٿي چُڪو هو.مون کي چڱيءَ طرح ياد ٿو اچي ته مان جيڪا به پنهنجي توڙي ٻين جي،اردو يا سنڌي شاعري جنهن ڪاپي ۾ اُتاريندو هئس اُها ڪاپي نائين يا ڏهين ڪلاس مان الائي ڪير رسيس جي وقت چورائي ويو.جنهن جو مون کي اڃان تائين شديد افسوس ۽ ڏُک آهي.يا هڪڙي انڊ پين،جيڪا بابا مون کي ڏني هئي.جنهن جو نالو شايد“پارڪر پين”طور مون وٽ يادن ۾ محفوظ آهي.جنهن پين سان بابا لکندو هو.جيڪا پين عام پينن کان مُختلف هوندي هئي.ڪاري رنگ تي گيڙو ۽ ڦِڪي رنگ جا نيشان هئس.ڏاڍي سُهڻي پين هئي.اُها به الائي ڪير رسيس جي وقت منهنجي جيوميٽريءَ مان چورائي ويو.جنهن جو پڻ ڏُک اٿم.
يادگيرين جي اهڙي حَسين ڏياريءَ ۾ ڪُجهه وڌيڪ ئي چهرن ۽ نالن جا ڏيئا روشن ٿيندا وڃي رهيا آهن.اُن ڪري ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ڪُجھ هم ڪلاسي توڙي هم عمر ٻين به دوستن توڙي واسطي وارن جا نالا ذهن تي تري پيا اچن،جن ۾،پپو کوکر،شاهد مگسي،جاويد سومرو،جاني ميمڻ،تنوير مڪراني،سليم پلڪيو،دليپ،جاڙو ميراڻي،علي حيدر دائودي، سرفراز ميمڻ،شير دل ڀنگوار، امام علي ڀنگوار، شريف ڀٽي، نعيم سومرو، عامر ميمڻ،عاشق لاکو، انور لاکو،اشرف راڄپر، وسيم شيخ،حفيظ رند. يا اُن وقت اُن اسڪول ۾ جيڪي اُستاد موجود رهيا هئا تن ۾ سائين فيض محمد علوي،سائين عبدالعليم سومرو، سائين پير عبدالستار، راضي خان جمالي،عبدالحق چنو،سائين صديق چنو،سائين الله بچايو ڀٽي، شاھه جي (پيِٽي اُستاد)سائين معشوق سمون، سائين خليل،سائين فيروز،ٻَه اُستاد جن جا نالا ياد ناهن هڪ ٽائيپ رائيٽر تي ٽائپنگ سيکاريندڙ ۽ ٻيو وُڊ وَرڊ جو پيرڊ وٺندڙ اُستاد.اسان جو اُن وقت جو هيڊ ماستر سائين موهن لال هوندو هو.جيڪو هاڻ ڪُجهه سال اڳ گُذاري ويو آهي.جنهن جي دُعا تي مان سائين علي محمد شاھ سان گڏجي ويو هُئس.۽ تاثرات بُڪ تي مون به تاثر لکيا هئا.ڊي سي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري مون فرسٽ ايئر لاءِ نواب شاھ جي،سچل سرمست ڪاليج ۾ داخلا ورتي.جنهن ڪاليج جي مين گيٽ جي مٿان سچل جو هي بيت سڀني ايندڙ شاگردن جي پيو آجيان ڪندو هوته:


ادب اٿئي اوٽ، اوٽ ته اَڳاهون ٿئين
مار نغاري چوٽ، عاشق اَنالحق جي

سچل ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر مون سائين سرور شاھ وٽ پڙهي.باقي ٻيا به کوڙ اُستاد مُختلف پيرڊ وٺندا هئا پر اُنهن جا نالا هن وقت ياد نٿا اچن.سچل ڪاليج ۾ ئي فرسٽ ايئر جا امتحان ڏئي انٽر جا فارم پئي ڀرايم ته مئٽرڪ جي بُنياد تي،سائين شوڪت حُسين شاھ جن جي ٿورن سان مون کي پرائمري اُستاد جو آرڊر 1992ع ۾ مليو.۽ پوءِ 1993ع ۾انٽر ڪرڻ کان پوءِ مون بي اي،سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان1997ع ۾ پرائيويٽ ڪئي.بي اي ڪرڻ کان پوءِ حالتن اڳتي پڙهڻ جي اجازت ئي نه ڏني.اُن ڪري بي اي ڪرڻ کان پوءِ اُستادي پيشي سان لاڳاپجڻ جي ڪري مون پي ٽي سي 1997ع ۾ گورنمنٽ اليمينٽري ڪاليج مورو مان ڪئي.جنهن کان پوءِ 2010ع ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خير پور مان بي ايڊ ڪري پنهنجي استادي پيشي سان سلهاڙيل آهيان.۽ وڌيڪ امتحانن جي روايتي عمل مان گُذرڻ کان پاسيرو ٿي،زندگيءَ جي مها امتحانن جي ور چڙهي هر روز دل کي اُداس ڪندڙ ناپاس ٿيڻ وارن نتيجن کي محسوس ڪندي پيو گُذاريان.

(13 نومبر 2014ع)

شاعري، عشق ۽ دوستي

اڄ جڏهن پنهنجي شعوري زندگي جي هِن موڙ تي اکيون پوري نيڻن جي سمنڊ جي هُن پار نهاريان ٿو ته مان پاڻ کي پرائمري اسڪول ۾ معصوم آوازن جي سمنڊ جي شور ۾ ٿر ۾ ڪارونجهر جيان تنها ٿو ڀانيا ۽ دور دور کان شاعريءَ جي مور جي ٽهوڪن جو سريلو آواز منهنجي ٻُڌڻ واري حِس پاڻ ڏانهن ايندو محسوس ڪري ٿي پر وري منهنجي سوچ نيڻن جي سمنڊ جي هِن پار موٽي اچي ٿي ڇو ته هُن پار ويسر جي ڪو هيڙي ۾ معصوم ۽ ننڍڙيون يادون ڌنڌليون نظر اچن ٿيون ۽ يادگيرين جو سفر ڪٺن لڳي ٿو.
مان وري ذهن کي سوچ جي پرواز سان هُن پار اُڏاريان ٿو ويسر جو تيز ڪوهيڙو ڪوشش جي اُس ۾ گهٽجندو محسوس ڪيان ٿو. تڏهن منهنجي معصوم اڪيلائن ۽ خاموشين جا رنگ ٻالڪپڻ جي صاف فضا ۾ هوليءَ جي رنگن جيان تصور جي دريءَ کي رنگين بڻايو ڇڏين ٿا. ۽ منهنجا احساس اکين جي بارشن کان پوءِ دل جي اُداس آسمان تي انڊلٺ جي رنگن جيان اُجرا اُجرا محسوس ٿيڻ لڳن ٿا ۽ لڳي ٿو ته ڄڻ اڄ به مان ڪلاس ۾ پٺيان پيل بينچ تي ويٺو بليڪ بورڊ جي اسڪرين ۾ اڳيان بينچ تي ويٺل اُن معصوم چهري ۽ اکين واري گُڏيءَ کي ڏسي رهيو آهيان جنهن کي اڪثر ڏسندي منهنجون معصوم اکيون هڪ معصوم ۽ اڻ ڄاڻ سحر ۾ منڊجي وينديون هيون اُها پونمي صورت اڄ به ڄڻ ته سالن جي وڏي مفاصلي تان مون کي تصور جي دور بيني سان ڏسي رهي آهي. اڄ به هُن جي تصور ڪرڻ سان مان پاڻ کي اُهو ننڍڙو معصوم ٻار ٿو محسوس ڪيان جنهن اُن وقت به هُن جي نيڻن ۾ معصوميت جي مهراڻ کي ڇُلندو ڏٺو هو.
مان سمجهان ٿو ته اُها معصوم مُرڪ واري گُڏي پنهنجي بچپن جا اهي نامعلوم نقش جواني جي نقشن جي پُٺيان وڃائي ويٺي هوندي. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ اڄ به اُهي معصوم نقش زندگيءَ جي تصور جي البم ۾ ڳوليندي هجي ۽ وقت ڪنهن شاتر چور جيان هُن جي زندگيءَ جي تصور جي البم مان هُن جي معصوم نقشن جي عڪسن جون تصويرون چورائي ڇڏيون هجن ۽ هوءَ تصور جي البم ۾ اُنهن معصوم نقشن جا خال ڏسي سوچيندي هجي ته آخر اُهي نقش ويسر جي پاتال ۾ ڪئين گم ٿي ويا تڏهن هوءَ پريشان نه ٿئي. هُن جا اُهي معصوم نقش ۽ اُها معصوم مرڪ. هُن جون اُهي ٻاراڻيون چنچل ادائون، هُن جي پڙهائيءَ ۾ اُها ذهانت سڀئي مون وٽ امانت آهن منهنجي تصور جي ڊسڪ ۾ فيڊ ٿيل آهن جن کي مون وقت جي چور هٿن کان ائين بچائي رکيو آهي جيئن ڪو پکي تيز وسندڙ مينهن ۾ پنهنجا پر ڀڄڻ کان بچائيندو آهي. هاڻ هن کي گهرجي ته هوءَ مون کان بچپن ۾ ڏنل اڻ ڄاڻائي ۾ سڀ امانتون واپس کڻي وڃي ۽ هوءَ پنهنجي هڪ ٻي امانت به ڏسي وڃي جيڪا به سندس معصوم نيڻن مان صبح جي اُجري ۽ لال سورج جي ڦٽڻ کان اڳ مور جي سُريلن ٽهوڪن جي آواز ۾ دور کان منهنجي ٻُڌڻ واري حس کي محسوس ٿي هئي جنهن سان پوءِ منهنجي باقاعده ملاقات هُن جي نيڻن ئي ڪرائي هئي.
ها اُها شاعري منهنجي تنهائين جي ساٿي بڻجي منهنجي همسفر رهي آهي. جنهن کي مون من جي عبادتن جو درجو ڏنو آهي. ڇو ته انهيءَ شاعريءَ جي پس منظر ۾ معصوم مُرڪ، نيڻ، نڪ ٻن ننڍڙين چوٽين ۾ ويڙهيل ننڍڙا وارَ ۽ ٻن پتڪڙن ڪنن سان هڪ مڪمل گلابي چهرو آهي. مان اهو چهرو اکين تي عشق جي عينڪ پائي هر چهري ۾ ڏسندو رهيو آهيان شايد اُهو ٻاراڻو اُنس ئي جواني ۾ عشق بڻجي پيو آهي، تڏهن ته ”جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون“ واري صورتحال آهي اهو انس ئي منهنجي شاعريءَ جو ڪارڻ بڻجي منهنجي سيني ۾ دل جي پڌر تي جوان ٿيو آهي. ۽ پوءِ ان عشق ئي فرمايو ته:

هر چهري ۾ ڏسندي ئي ٿي ويندو هان گم جھڙو
ايندو آ نظر اڄ ڪلهه هر شخص صنم جھڙو

اُهو صنم اڄ ڪٿي به هجي عمر جي ڪهڙي به حصي ۾ هجي پر هُو منهنجي شاعري ۾ سدا پاينده رهندو. هُو سدائين منهنجي شاعري جي آئيني ۾ جوان نظر ايندو ۽ منهنجي من جي گلاب ۾ خوشبو جيان مهڪندو رهندو.
مان وري ماضيءَ جي دريچي کي کولي تصور جي نيري آڪاس تي يادن جي اڇن اُجرن پکين جي اُڏام کي ڏسان ٿو تڏهن يادن جا سڀئي پنڇي هورڙيان هورڙيان ذهن جي ٽاريءَ تي لهندا محسوس ڪيان ٿو ۽ اهي پيار سان ٻولين ٿا ته ! مون پهريون ڀيرو هُن جي نيڻن ۾ شاعري جو اُڀرندڙ سورج ڏسي پرائمري واري دور ۾ مين پرائمري سنڌي اسڪول ۾ ڪلاس جي ڪچين ديوارن تي لکيل شاه لطيف جا ڪجهه بيت پنهنجي ڪنهن ڪاپيءَ تي نه سمجهه ۾ ايندڙ اکرن ۾ لکيا ۽ ياد پڻ ڪيا هئا. اُهو ياد ڪري مان سوچيان ٿو ته اُهو شعر پڙهڻ، ٻڌائڻ ۽ لکڻ وارو جنون ۽ جذبو اُن ٻاراڻي وهيءَ ۾ ايڏي شدت سان ڇو اُڀريو هو. يا پوءِ شايد ٿي سگهي ٿو ته گذريل جنمن کان ڪنهن جي وصل جي وسڪاري منهنجي روح جي اڃاري ٿر کي اُجاري ڇڏيو هجي. جو هر جنم لاشعور طور تي به اُن محبوب جي پيار جون ڪڻيون پنهنجي دل جي بنجر ڌرتيءَ تي پونديون محسوس ڪندو هجان. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ ڀيري مان پنهنجن دوستن ساحر راهو ۽ ممتاز لوهار سان ”موهن جو دڙو“ گهمي رهيو هُئس ته منهنجي من ۾ انتهائي شدت سان اِهو احساس جاڳي پيو هو ته مان موهن جي دڙي جي هنن ويران ۽ برباد گهٽين ۽ رستن تي پنهنجي ڪويتا سان گڏ کيڏيو، ڪُڏيو جوان ٿيو آهيان ۽ موهن تي چنڊ جي چانڊاڻ ۾ اسان هڪ ٻئي جي آغوش ۾ سپنا به ڏٺا آهن الائي ڇو اهڙا احساس ڪافي ڏينهن تائين منهنجي روح کي جهنجهوڙيندا رهيا هئا. ائين ٿي لڳو ته موهن جي دڙي جا سڀ پيچرا مون کي سُڃاڻي رهيا هئا ۽ موهن جي مٽي ڪنهن ڄاتل سُڃاتل خوشبوءِ جو احساس ڏياري رهي هئي.
مان سمجهان ٿو ته اهڙا احساس جنمن جي ڦيرن جي بشارت آهن ۽ روح روز ازل کان جسمن جا لباس مٽائيندا اچي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو روز آخر تائين جاري رهڻو آهي.
هونءَ به مان بچپن کان وٺي خاموش ۽ حساس دل رهيو آهيان. اسڪول ۾ به مان تنها ۽ اڪيلو رهندو هئس. نه ڪنهن سان گهڻو ڳالهائيندو هئس ۽ نه وري ڪنهن سان رسيس ۾ گهمندو يا راند ڪندو هئس مون جيڏا ٻيا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رسيس ٽائيم ۾ راند ڪندا هئا پر مان اڪيلو يا ته ڪلاس ۾ ويٺو هوندو هئس يا وري ڪلاس جي دري مان ٻاهرانهن سڀني کي راند ڪندي ڏسندو هئس. اُن وقت جي اُها تنها پسندي، خاموشي ۽ اڪيلائي ايڏي ته هئي جو اُهي احساس هڪ ڏينهن ڪنهن جي نيڻن ۾ ڏسڻ سان شاعريءَ جو روپ ڌاري منهنجي دل جي ڪئينواس تي سورج جيان اُڀرڻ لڳا جنهن جي مان چيچ پڪڙي معصوم قدمن سان بچپن جي نازڪ پيچرن تي پنڌ پيو هئس.
مون کي ياد ٿو اچي ته مان جڏهن خواجه گارڊن اسڪول ۾ پنجون پاس ڪري ڇهون درجو پڙهندو هئس ته اُن وقت مان پنهنجا اردو جا انڌ منڊا شعر لکندو هئس. تڏهن مون کي ڪنهن به صنف وغيره جي ڪا به ڄاڻ ڪو نه هوندي هئي مان صرف ٻن سٽن جا شعر لکندو هئس. اُهي اڪثر غزل جي مطلعي يا شعر (بند) جي صورت ۾ هوندا هئا مان ان وقت اردو شاعري ايتري ته شوق ۽ تيزيءَ سان لکي جو مان هڪ ٻئي ڏينهن 2 يا 3 رُپئي واري هڪڙي ڪاپي مڪمل ڀري ڇڏيندو هئس. جيڪي ڪاپيون مون کي اسڪول لاءِ گهران وٺي ڏيندا هئا. اهڙي طرح اسڪول جي لاءِ وٺي ڏنل ڪاپيون مان شاعريءَ لاءِ ڪتب آڻيندو هئس منهنجي اهڙي ڪا به ڪاپي ڪا نه هوندي هئي جنهن تي ڪو شعر نه لکيل هجي مان ڪٿان به ڪو شعر پڙهندو يا ٻُڌندوهئس ته اهو مان پاڻ وٽ لکي ڇڏيندو هئس. جيڪي اڄ به مون وٽ ائين محفوظ آهن جئين ڪو پنهنجي ورثي کي سنڀاليندو هجي.
شاعريءَ جي ان شوق ۽ جنون منهنجو نصابي پڙهائي تان ڌيان هٽائي ڇڏيو هو. پڙهڻ سان دل ڪو نه لڳندي هئي اڪثر ڪري اسڪول مان رسيس ۾ ڀُڄي ويندو يا گسائيندو هئس. يا گهران ڪتاب کڻي اسڪول بدران نواب شاه شهر جا رستا رُلي يا اسٽيشن تي ويهي اسڪول جو ٽائيم پورو ڪري گهر ايندو هئس يا وري اسڪول کان گسائي گهر ۾ ويهي پيو شاعري ڪندو هئس. جنهن سبب مون کي پنجون درجو ٻيو سال به پڙهڻو پيو هو ڇو ته مان پنجين جي امتحان ۾ ويٺو ئي ڪونه هئس. اڪٿر ڪري ڪلاس ۾ ڪو استاد پڙهائيندو يا لکرائيندو هو ته مان اُن پڙهڻ ۽ لکڻ بدران پُٺيان پيل ڊيڪس تي پنهنجي ڌُن ۾ شاعري لکندو هوندو هئس. جنهن ڪري اڪثر ڪري اُستاد مون کي پڪڙي وجهندو هو. ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سزا ملندي هئي ته ڪڏهن سزا طور سڄي ڪلاس کي سامهون بيهي شاعري ٻُڌائڻي پوندي هئي. جنهن سبب مان پنهنجي هم عمرن ۾ شاعر جي حيثيت سان سُڃاتو ويندو هئس. نيٺ شاعريءَ سان اهڙي لنوَ لڳي وئي جو زندگيءَ جا ٻيا ڪم ڪارون ڇڏي فقط شاعريءَ جي عشق ۾ خيالن جي پيچرن تي پنڌ هلڻ لڳس.
مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته مون سنڌي شاعريءَ جي شروعات 1988ع واري قومي دور ۾ سرمد سنڌي جي آواز ۾ حليم باغي ۽ زاهد شيخ جي گيتن کان متاثر ٿي لکي هئا. اُهو سنڌي ـــ مهاجر فسادن جو دور هو. سڄي سنڌ سنڌين لاءِ مقتل بڻجي چڪي هئي. سنڌين جو قتل عام هڪ معمول بڻجي چُڪو هو سنڌي سڏائڻ يا ڳالهائڻ هڪ وڏو ڏوهه هوندو هو اهڙيءَ دور ۾ هر ننڍو توڙي وڏو سنڌي فرد قوم پرستيءَ جي جذبي سان سرشار ٿي اٿيو هو. مان سمجهان ٿو ته اُن قومي سجاڳي ۾ سرمد سنڌي جو وڏو سهڪار هو. حليم باغي ۽ زاهد شيخ جي شاعري مون کي سنڌي قومي شاعري ڪرڻ لاءِ اُتساهيو ۽ مون سنڌي شاعريءَ ۾ پهرين ڀيرو ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ اُن وقت جي حالتن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. اُن وقت جي منهنجي شاعري منهنجن چند ويجهن دوستن تائين محدود هوندي هئي. مان اُن وقت جي حالتن کان ايترو ته متاثر ٿيو هئس جو مون پنهنجي تخلُص جي چونڊ باغي ڪئي ۽ اتان کان ئي مون ڪچي ڦڪي سنڌي شاعريءَ جو سفر شروع ڪيو.
1991ع ۾ منهنجي سنڌي ادبي سنگت نواب شاه سان وابستگي ٿي ۽ اُتان کان منهنجي شاعريءَ جو باقاعده مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفر شروع ٿيو ۽ پوءِ مون کي خبر پئي ته شاعري ڇا ٿيندي آهي. ڇو ٿيندي آهي. ۽ ٻڌندڙ يا پڙهند ڙ کي پنهنجو درد ڇو محسوس ٿيندي آهي؟ مان اڳي چوندو هئس ته ضروري ناهي ته عشق کان پوءِ شاعري ڪجي. شاعري ته ڏات آهي. اُها عشق وغيره جي محتاج ناهي. پر اها خبر تڏهن پئي جڏهن مان مڪمل شعوري زندگيءَ ۾ ڪنهن گهٽي جي موڙ تي پنهنجي دل کي وساري آيس ۽ ڪنهن جي چهري ۾ پنهنجي ديد رهائي آيس. ۽ هڪ اڻ ڄاتل پيڙا روح کي پيڙهڻ لڳي ۽ ننڊ اکين کان ڪوهِين ڏور رهڻ لڳي. هر طرف هر موسم ۾ خزان جو منظر کائڻ لڳو. تڏهن روح مان هڪ درد جي سَٽ اُڀري ۽ اُها لفظن جو روپ ڌاري آئي ۽ اها درد جي سَٽ ڏينهو ڏينهن وڌنڌي وڃي رهي هئي. تڏهن مون محسوس ڪيو ته شاعري عشق کان سواءِ ٿي ته سگهي ٿي پر عشق جي درد کان سواءِ پختي نٿي ٿي سگهي. مون ڏٺو ته عشق انساني جي سڀني حواسن کي بيدار ڪري ٿو ۽ اُن جي احساس جي زنگ لڳل ڌار کي تيز ۽ تکو ڪري ٿو. تڏهن شاعريءَ وارو جنون ۽ شوق عشق بڻجي پيو ۽ منهنجي شاعري درد جي پَرن سان پرواز ڪرڻ لڳي.
هونءَ ته مون شاعريءَ جي تقريبن سڀني صفن تي تبع آزمائي ڪئي آهي پر مڪمل طور تي غزل ئي لکيو آهي. ڇو ته غزل مون کي پرينءَ جي نماڻن، خماريل معصوم نيڻن جهڙو محسوس ٿيندو آهي. مون کي غزل ۾ پنهنجو اظهار مڪمل ٿيندي لڳندو آهي ٻيو ته غزل، شاعريءَ جي صنف ئي اهڙي آهي. جو اُن ۾ اظهار ڪرڻ کان پوءِ ٻي ڪا به صنف جي ڇڪ منهنجي اظهار کي ڪو نه ڇڪي ۽ پورو ڪري سگهي آهي.
پنهنجو شاعراڻو ۽ زندگيءَ جو مختصر اسڪيچ بڻائيندي ڪجهه عجيب محسوس ٿي رهيو آهي ته مان ڪهڙين پيچرن تان بانبڙا پائيندو اڄ پنهنجي پيرن تي اچي بيٺو آهيان ان جو مقصد اهو ناهي ته ڪو مان وڏو شاعر ٿي ويو آهيان. ۽ نه ئي اهڙي قسم جي زندگيءَ ۾ دعويٰ ڪرڻ جي همت ڪئي اٿم. مون ڪڏهن به ڪنهن کان به مليل داد کي وڏائي ۾ نه ورتو آهي ۽ نه ئي داد جو طلب گار رهيو آهيان بلڪه مون ته اُن کي اڃا به سُٺو لکڻ جو اُتساهه سمجهيو آهي. ڇو ته شاعري سڄي زندگيءَ جو ڪٺن رياض آهي گهڙيءَ گهڙي ۾ محبوب جي پرستش آهي. پل پل جو پور آهي. جنهن مون کي زندگيءَ جو شعور ڏنو آهي. زندگيءَ جي پُرپيچ پيچرن تي پنڌ هلڻ سيکاريو آهي مان ماضيءَ جي جن راهن تان گذري اڄ هت پهتو آهيان اُهو سمورو سفر شاعري مون سان جئيڻ جو اُتساهه بڻجي سنگ رهي آهي هر ڪوئي ٻه قدم هلي ڇڏي ويندو آهي پر اها شاعري جنهن سان مون عشق ڪيو آهي ۽ جنهن جي عشق مون کي زندگيءَ سان محبت جو جذبو ڏنو آهي. تنهن منهنجي درد جي هر احساس کي پاڻ ۾ ائين سموئي ڇڏيو آهي جئين ڪو عاشق محبوب کي پنهنجي ساهه ۾ سمائيندو آهي.
منهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي به عشق جا اسٽاپ آيا آهن اُنهن منهنجي شاعريءَ کي هڪ نئون سفر پئي ڏنو آهي. اُهو سفر به صرف ۽ صرف ڀوڳنائن ۽ دردن جو سفر آهي منهنجي سموري شاعري منهنجي دل جي ڀرپور ۽ حقيقي آتم ڪهاڻي آهي جنهن جي هر سٽ جي آرسيءَ ۾ڏسندڙ کي منهنجي پيرن جي ٿڪاوٽ، اکين جو اوجاڳو، روح جي بيقراري، ازل جو اوسيئڙو، جنم جنم جي اُڃ، نه کٽندڙ رُڃ، اڻپوريون آسون وڇوڙن جا وڍ وغيره نظر ايندا. منهنجي شاعريءَ جي هر سٽ جو هر اکر منهنجي تنهائن ۽ اُداسين جو گواهه آهي محفل ۾ هوندي به اڪيلائي منهنجي آڱر ڪو نه ڇڏي آهي. منهنجي شاعري زندگيءَ ۾ ٿيل اَڌورين مُحبتن جي خوشبو آهي مان اڄ اهو اعتراف ٿو ڪيان ته مون کي زندگيءَ ۾ ڪنهن به ڪو نه چاهيو آهي اِن نه چاهڻ واري سموري ڪمي منهنجي محبوبا شاعري ئي پئي پوري ڪئي آهي.
هر نئين درد منهنجي شاعريءَ کي جلا بخشي آهي هاڻ مان چاهيان ٿو ته مان سراپا شاعري ٿي وڃان منهنجو هر کڄندڙ ساهه شاعريءَ جي علامت بڻجي وڃي مان چاهيان ٿو ته منهنجي دل مڪمل درد بڻجي وڃي ۽ اکيون اوجاڳي جي اُس ۾ ٽچڪي ٻاهر نڪري پون منهنجو سڄو وجود ڀل ته واريءَ جي ذرڙن وانگر وکرجي وڃي. ڇو ته اُن ويل مون کي هڪ نئون جنم ملندو آهي جنهن ويل شاعري مون کي درد ۽ پيڙاجي نفيس هٿن جي آڱرين سان سهيڙيندي ۽ نئين سر منهنجي وجود جي تخليق ڪندي. اُهو منهنجي بي چين ڀٽڪندڙ آواره روح کي يقين ٿي ويو آهي ڇو ته مان جڏهن به وڇوڙي جي پولارن مان اڪيلائن جي ڌرتيءَ جي پاتال ۾ هليو ويو آهيان. تڏهن شاعريءَ مون کي پنهنجي رنگين آغوش ۾ پناهه ڏني آهي. منهنجي روح جي ڦٽن تي شعرن جا پها رکيا آهن ۽ لفظن جون پٽيون ٻڌي جئيڻ جي اُتساهه جو اَمرت پئي پيئاريو آهي.
محبوبائن کان وٺي دوستن تائين جا درد منهنجي شاعريءَ جو مقدر بڻيا آهن. مان سمجهان ٿو ته درد ئي شاعريءَ جو اصل معراج هوندا آهن اُن کان سواءِ شاعري پيدا ئي نه ٿي ٿي سگهي.
عشق ته ايمان آهي جنهن هر فريب بازيءَ کان پوءِ به من جو دامن ڪو نه ڇڏيو آهي. ڇو ته فريب ته عشق جو مقدر هوندا آهن اهو سوچي مان سوچيندو آهيان ته عشق ته مون ڪيو آهي تڏهن اهي دوکا ۽ وڇوڙا راس آيا آهن. مون سان ته ڪنهن عشق ڪيو ئي ڪونهي ته پوءِ ڇو اِهي فريب ۽ وڇوڙا اُن جو به نصيب ٿين. اهو سوچي دل کي آٿت ڏيندو آهيان ته پيار وٺڻ لاءِ ته ڪو نه ڏبو آهي. بلڪ پيار ته ڏيڻ جي چيز آهي ان جي فلسفي ۾ وٺڻ وارو تصور ڪاروبار آهي. جيڪو هڪ عاشق دل جي ايمان ۾ ڏار وانگر آهي.
هي سچ آهي ۽ ان جو ثبوت منهنجي شاعريءَ ئي آهي ته هن دل جنهن کي به چاهيو آهي اُن کي سموري جنون ۽ جذبن سان ئي چاهيو آهي ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيو آهي ته هُن کي ڪا خبر ئي ناهي ۽ مان عشق ۾ ديوانگي جون حدون ڇهندو رهيو آهيان. هونءَ به عشق ۾ سوچ سمجهه ۽ چالاڪي ڪو نه هلندي آهي عشق جي جنون ۽ جذبي جو هڪ پنهنجو سحر آهي جيڪو چڙهي ته رڻ روليو ڇڏي. ۽ لهي ته پل ۾ حيران ڪيو ڇڏي.
مان زندگيءَ ۾ هر چيز کي پنهنجي اَنا اڳيان ٺڪرائي ڇڏيندو آهيان اگر اها اَنا مون ۾ نه هجي ها ته مان شايد ڪڏهو ڪو ختم ٿي چڪو هجان ها. منهنجي جئيڻ ۾ انا جو به وڏو ساٿ آهي پر اِن جي اڳيان مان پيار کي ڪڏهن به نظرانداز يا ٺڪرائي ڪو نه سگهيو آهيان. ۽ نه ئي اِن جي همت ٿي سگهي آهي.


هونءَ ته دنيا جي هر شيءِ ڇڏيسون مگر،
مُنهن نه موڙي سگهياسين ڪڏهن پيار کان.

اهڙي طرح اهو پيار اڄ به منهنجي رڳ رڳ ۾ خون جيان ڊوڙي رهيو آهي ۽ منهنجي جسم ۾ روح کي ڦوڪي رهيو آهي. ڪو وقت هو ته دوستيءَ کان وشواس ئي کڄي ويو هو. تڏهن اڪثر ڪري اڪيلوئي رهندو هُئس. جي ڪنهن سان ملندو به هُيس ته گهٽ نه ته وري ساڳيو اڪيلو. اهڙو ڪو به دوست ڪو نه هو جيڪو مون وٽ مون کي پنهنجو دوست سمجهي هلي اچي. ڪو به دل گهريو دوست ڪو نه هو. ڪجهه دوست هوندا هئا جن سان ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پل گذاريندو هئس. هي اُهو وقت هو جڏهن مونکي هڪ محبوب کان وڌيڪ هڪ اهڙي دوست جي ڳولا هئي جنهن جي ڀاڪرن ۾ روئي پاڻ کي هلڪو ڪري سگهان ها. جيڪو منهنجون آليون اکيون پنهنجن هٿن، رومال يا قميص جي اڳ سان پيار ۽ پاٻوهه مان اگهي منهنجي درد کي شيئر ڪري ۽ مون کي پنهنجي دوستيءَ جي وشواس سان جيئاري. مون کي هميشه محبوبن، جن کي مان پَرپُٺ يا جذباتي طور تي انڌو ٿي پنهنجي دل حوالي ڪري ڇڏيندو هُئس. يا دوست جن تي انڌو وشواس ڪري ويهندو هُئس. اُنهن مون کي زندگيءَ کان مايوسي ڏني. دل جو روڳ ڏنو هو پر اهڙو ڪو به هڪڙو دوست ڪو نه پئي ملي سگهيو جنهن جي مون کي جُستجو هئي اسان هميشه آئيڊيل جي ڳولا ۾ پنهنجي زندگيءَ جا رنگين لمحا ائين وڃائي ڇڏيندا آهيون. جئين ڪا نرتڪي ايڪسيڊنٽ ۾ پنهنجا ٻئي پير وڃائي ويهي. نه ڄاڻ ڇو اسان خوابن جهڙي طلسماتي زندگي گذارڻ جا هروڀرو به خواهش مند ٿي پوندا آهيون. ۽ ناممڪن ڳالهين کي ممڪن بنائڻ چاهيندا آهيون. نه چاهيندي به اهڙا احساس اسان کي هڪ عجيب و غريب ڇڪ ڪندا آهن ۽ اسان جو من انهن ڏانهن ائين ڇڪجي ويندو آهي جئين ڪي حُسن پرست نيڻ سونهن ڏانهن ڇڪجي ويندا آهن.
مون نه ڄاڻ زندگيءَ جا ڪيترا پهر هڪ اَڻ ڄاتل آڳ ۾ سڙندي گذاريا، الائي ڪيتريون بهارون، سانوڻيون ڀٽڪندو رهيو هئس ڪو به مون کي اهڙو دوست ڪو نه محسوس ٿيو جنهن جي اڳيان روئي پاڻ کي هلڪو ڪري سگهان ها. اکين تي ڳوڙهن جو بار ايترو ته وڌي ويو هو. جو اکيون چهري مان ٻاهر نڪرنديون محسوس ٿينديون هيون.
اهڙيءَ دور ۾ شاعريءَ مون کي هڪ دوست عطا ڪيو طبعيت جو سادو، سچو، معصوم دل، مهربان دوست جيڪو پڻ عشق جي اوچاين تان ڪري پُرزا پُرزا ٿي پيو هو. جيڪو پنهنجي ٽٽل وجود جي پُرزن کي سميٽيندي جيئڻ جا جتن ڪري رهيو هو جنهن کي عشق دل جي آغوش ۾ شاعريءَ جا گُلاب آڇيا هئا اُهو دوست پنهنجا لُڙڪن هاڻا جذبا ڪاڳڙ تي اُتاري مون کان شاعريءَ جي اصلاح وٺڻ آيو هو. مون کيس نيڻن ۾ ڏسي هِن جي دل جي آئيني جو ڪرچيون سندس سيني ۾ وکريل ڏٺيون. مون هر نئين دوست جيان سندس کُليءَ دل سان آڌر ڀاءُ ڪيو. نه ڄاڻا ته ڪيئن اسان هڪٻئي جي ايترو ته ويجهو اچي وياسين جو اسان هڪ ٻئي جي اڳيان پنهنجي پنهنجي دل ڪنهن کُليل ڪتاب جيان کولي رکي ڇڏي.
تڏهن خبر پئي ته هو به مون جيان عشق جي آڪاس تان ڪِريل ۽ دوستيءَ جي ديس مان ويساهه گهاتيون کڻي نڪتل جلا وطن شخص آهي. اسان هڪ ئي شهر ۾ رهندي هڪ اهڙي دوست جي تلاش ۾ دربدر هئاسين جيڪو اسان جي ٽٽل روحن جا ٽڪرا وشواس سان جوڙي ۽ اهڙو وشواس اسان ٻنهي کي شاعريءَ ملائي ڏني.
اسان هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ روئي هڪ ٻئي کي آٿتون ڏئي اکين ۽ دلين کي هلڪو ڪيو. روحن کي اعتبار سان جوڙيوسين دلين جي آئينن کي به هڪ ٻئي جي سچائي جي ريشمي ڪپڙي سان صاف ڪيوسون ۽ دوستيءَ جي دلين ۾ وشواس جو هڪ شهر آباد ڪيوسين. ته وري الائي ڇو ڪجهه دوست اُتي به اڪيلو ڇڏي هليا ويا. پر اسان هڪ ٻئي جي ساٿ ۾ دوستيءَ جي دنيا کي آباد رکيو ۽ محبوبائن کان مليل هڪ ٻئي جي زخمن تي آٿتن ۽ ڳراٽڙين جون پٽيون رکيون سين.
اُهو منهنجو دوست، سڀ ڪجهه ستار سُندرئي آهي. جنهن کي مون سان شاعريءَ ملايو ۽ مان جنهن دوست لاءِ جنمن کان ڀٽڪندوپئي آيس. تنهن سان مون ملي ڄاتو ته محبوب ته فقط درد وڇوڙا، اوجاڳا، مايوسيون ڏئي ڇڏي هليا ويندا آهن تڏهن اُهو دوست ئي هوندو آهي جيڪو انهن سڀني محرومين کي ختم ڪري ڇڏيندوآهي، ستارُ سندر مون آواره، وکريل ۽ ڏکويل شخص کي پنهنجي معصوم دوستي سان سنڀاليو، منهنجي هر آس ۽ اُمنگ جو خيال ڪيو، مونکي هر وقت خوش ڏسڻ لاءِ هُن هر طرح جي ڪوشش ڪئي آهي، منهنجي پريشانيءَ کي پنهنجي پريشاني ڪري جيئڻ وارو منهنجو هي دوست سچ ته مون لئه هن ڪائنات ۾ هر چيز کان اُتم آهي. هُن جو پيار خلوص اُهو آهي جو منهنجي غلطي هوندي به هو مون کي پرچائي وٺندو آهي پوءِ مان ستار سندر جي دوستيءَ تي فخر ڇو نه ڪيان. ڇو نه مان اُن جا ڳُڻ ڳايان؟

(25 جون 1999ع)

ڌُنڌلا، ڌُنڌلا عڪس

مان اڃان ڪافي ننڍو هُئس جو منهنجي امان چانڊوڪيءَ رات ۾ پنهنجي ڇاتيءَ تي پيل منهنجي ساڄي هٿ جي آڱرين جي نَهَن کي چمڪندو ڏسي ڇرڪي وئي هئي. ۽ پوءِ منهنجي هٿ جي نَهَن جي تصديق ٿيڻ تي حيران ٿي هئي ۽ صبح تي امان پاڙي جي ڪنهن بزرگ بيبيءَ کان ان ڳالهه جي وضاحت معلوم ڪئي هئي جنهن تي بزرگ بيبيءَ نَهَن جي چمڪاٽ کي علم جي روشني جي پوريءَ پڪ سان اڳ ڪٿي ڪئي هئي.
اها مٿين ڳالهه مون کي امڙ ننڍ پڻ ۾ ئي منهنجي شاعريءَ ڏانهن لاڙو ڏسي ٻُڌائي هئي. ۽ مون کي امڙ جي ان ڳالهه تي پورو، پورو يقين ٿيو هو. ۽ اڄ مون کي پنهنجي دوست مُنور سراج جو هي جُملو ياد پيو اچي ته ”مائرون ڪڏهن به ڪوڙ ڪو نه ڳالهائينديون آهن....“. ڇو ته اُهي به پنهنجي طور تي مفُڪر هونديون آهن. جن جي پنهنجي اولاد جي مستقبل تي گهري نظر هوندي آهي جيڪي اولاد جي زندگيءَ جي اڳ ڪٿي جوڙينديون آهن اهڙيءَ طرح بچپن کان وٺي منهنجي خوابن، تصورن، سوچن ۽ مڙني احساسن ۾ شاعريءَ جا رنگ انڊلٽ جي رنگن جيان اُڀري آيا هئا. جيڪي مُستقبل ۾ منهنجي شاعر ٿيڻ جي ساک ڏئي رهيا هئا.
مان بچپن ۾ اڪثر خوابن ۾ جُهڙالي موسم ۾ سمنڊ کي ڏسندو هُئس. مونکي ياد آهي ته مان خوابن ۾ ڪڏهن ماڪ ۾ ڀنل سمنڊ جي ڪناري تي اڪيلو ڊُڪي ۽ ٽپا ڏئي لهرن سان کيڏي رهيو آهيان. ڪڏهن سمنڊ جون بي انت وڏيون وڏيون لهرون مون کي ڪناري تي به پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري پنهنجي آغوش ۾ کڻن ٿيون، ڪڏهن چوطرف سمنڊ جون ڇُلندڙ ڇوليون آهن ته ڪڏهن سمنڊ جي مٿان اُڏامي رهيو آهيان. مطلب ته سمنڊ بچپن کان وٺي منهنجي خوابن ۾، دل ۾ ۽ نيڻن ۾ ڪو نه ڪو روپ ڌاري ڇُلندو رهيو آهي. منهنجو دوست رهيو آهي. اُن ڪري به منهنجي شاعريءَ ۾ سمنڊ جو گهڻو رنگ ملي ٿو. اُهي بچپن جا سڀ سپنا اکين ۾ ائين نقش ٿي ويا آهن جيئن پرين جي هيٺن چپ جي ساڄي پاسي ننڍڙو ڪارو تر. جيڪي منهنجي خيالن جي بادلن تي سوار ٿي منهنجي شاعري جي دنيا ۾ ايندا رهن ٿا. ۽ جڏهن مون پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب ”سمنڊ جي هُن پار“ جو ٽائيٽل ڏٺو ته مون کي يقين ٿي ويو ته خوابن جون ساڀيائون به هونديون آهن ۽ جن خوابن جون ساڀيائون ڪونه هونديون آهن، اُهي خواب ڏسي ئي ڪو نه سگهبا آهن. ۽ جڏهن منهنجي معصوم خوابن جي ساڀيان جوان ٿي سمنڊ جي هُن پار جي روپ ۾ منهنجي اکين جي اڳيان منهنجي هٿن ۾ آئي ته لڳي رهيو هو. ڄڻ منهنجي هٿن ۾ محبوب جو چهرو هو. جنهن لئي امداد حُسيني جي شاعراڻن سٽن ۾ به پڙهيو هيم ته!
تنهنجو چهرو پنهنجي ٻُڪ ۾ جهلي ڏسي ته وٺان،
اکين ۾ پوءِ اُها روشني رهي نه رهي.

يا اياز گل جي غزل جي سٽن جيان ته!

تنهنجا نيڻ چمڻ ٿو چاهيان،
ٽيهَن ئي سيپارن وانگي.

اِهو ڪتاب مون کي پرينءَ جو چهرو لڳو ۽ اُن جي ٽائيٽل تي سمنڊ ۾ اُن جا سمنڊ جهڙا نيڻ محسوس ٿيا. ڄڻ اُهو سمنڊ جيڪو بچپن ۾، خوابن ۾ مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري آغوش ۾ کڻندو هو. اُهو منهنجي آغوش ۾ هو. منهنجي هٿن ۾ هو. اهڙي طرح هڪڙي پُراڻي مَڌ جهڙي خماريل يادگيري ماضيءَ جي جهروڪي مان ليئاڪا پائي رهي آهي.
جُهڙالي موسم آهي، سمورو آڪاس ڀورن ۽ ڪارن ڪڪرن جو ويس ڍڪيو ڌرتيءَ جي مُک تي مينهنءَ جي ٿڌين ڪڻين جون مِٺيون ڏئي رهيو آهي. ٻاراڻي وهيءَ ۾ جڏهن مون جيڏا ٻيا ٻار مينهن جي تيز وسڻ لاءِ رستن تي قميصون لٿل ڊڪي رهيا آهن. ۽ وڏي آواز ۾ ڪورس ۾ هم آواز ٿي ”ڀت تي نوڙي مينهن آيو ڊوڙي“ جا نعرا هڻندا پنهنجي رنگ ۾ گم آهن تڏهن مان نه ڄاڻان ڪهڙن جنمن جي ديوانگيءَ جي نشي ۾ لاشعوري طور تي به غريب آباد ۾ قبرستان ۽ مساڻ جي وچ تي اولهه طرف بيد مشق جي وڻن ۽ ٻين وڻن جي وچ ۾ سفيد بادلن جهڙي اڇي خواب جهڙي مندر جي گُنبذ کي ڏسندو. مندر جي سڀناليندڙ (جنهن کي اسان سڀ ٻار توڙي وڏا بابا، غني ڪوٺيندا هُئاسين) اُن جي ذوق جي حد ٿيندي ڏسان ٿو. (جيڪا ان کان اڳ به کوڙ ڀيرا ڏسندو رهيو هئس) هر قسم جي رنگين گُلن جا ٻوٽا جيڪي سُهڻي ترتيب سان مندر جي چڱي خاصي ميدان تي ڏسان ٿو. جنهن جي پريان اولهه طرف ان دور جي مشهور باغ “لطيف پارڪ” جو رنگين منظر نظر اچي ٿو. وڻن جي ساواڻ ۽ اُنهن جو تيز ٿڌي هوا ۾ مينهن جي ڦڙين ۾ جهومڻ جو جادوئي منظر منهنجي طبعيت ۾ شاعريءَ جا رنگ اوتي ٿو. قسمين قسمين گلن، رنگن، خوشبوئن جي وچ ۾ جنهن جي ڪڻين ۾ مان مَندر جي اڌ کليل دري مان ڪجهه پرڀرو ديوتا جي من موهيندڙ معصوم مورتي ڏسي رهيو آهيان. مان پاڻ کي هلڪو هلڪو مينهن ۾ ڀڄندو محسوس ڪري رهيو آهيان تيز هوا ۾ زرد ۽ ساون پتن جو ٽارين کان ڇڻي آلي ڌرتيءَ تي ڪرڻ وارو ترنم اڄ به منهنجي شاعريءَ جي لفظ، لفظ ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح زندگيءَ جو ڪيئنواس بچپن جي يادن جي رنگن سان رنگيو پيو آهي. جنهن مان اڄ به شاعريءَ جا رنگ ڪَرَ موڙي جاڳي پون ٿا.
شاعريءَ جي سنگت ۾ مون هن سموريءَ ڪائنات کي پاتو آهي جنهن کي ڪو به دنيا جو امير ترين پئسي جي بنياد تي ڪو نه ٿو پائي سگهي. ڇو ته پئسو سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه به ناهي بقول شيخ اياز جي ته ”اگر شاعريءَ ۾ پئسو ناهي ته پوءِ پئسي ۾ وري ڪهڙي شاعري آهي.“ ماڻهو هن دنيا ۾ ڪيترا به تمغا ڊگريون، يا عُهدا ماڻي پر تاريخ ۾ امرتا پو به تخليق کي آهي. سچ کي آهي. جيڪو سقراط به آهي منصور به آهي، بلاول به آهي، عيسيٰ به آهي، شيخ اياز به آهي سائين جي ايم سيد به آهي، ڇو ته سچ ۽ تخليق ئي ماڻهوءَ جا ذهني معيار جوڙين ٿا نڪي تمغا، ڊگريون ۽ عُهدا.
اِهو ئي سبب آهي جو مون پنهنجي پيٽ گذر لئه صرف پرائمري ماستري کي ئي اپنايو آهي. مون ڏٺو آهي ته جيڏا وڏا تغما ۽ ڊگريون يا عُهدا اوتريون وڏيون مُنافقيون آهن، مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن مان پرائمري ۾ پڙهندو هئس ته اُستاد هر شاگرد کان وڏو ٿي ڇاٿيڻ؟ جو پڇندو هو. جنهن تي ڪو ڊاڪٽر، ڪو انجنيئر ڪو ڪنهن شعبي ۾ ته ڪو ڪنهن شعبي جي ڳالهه ڪندو هو. پر مان اُن وقت به وڏو ٿي ماستر ٿيڻ جو اظهار ڪندو هئس. الائي ته ڇو مان ائين چوندو ۽ سوچيندو هيئس. ته وڏو ٿي مان ماستر ٿيندس ۽ وڏو ٿي مان ماستر ئي ٿيس. ۽ مون کي ان سادي سودي ماستري تي فخر آهي جنهن منهنجو شاعريءَ سان منهنجي گهرو حالتن جي تحت سٻنڌ مضبوط ڪيو آهي. مون پرائمري ماستري ڪندي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته اڄ جي هنن حالتن ۾ سرڪاري نوڪري ماڻهوءَ کي گيدي، ڀاڙيو، مجبور، نٻل، منافق ۽ پنهنجي هٿ وسيڪ بڻائي ٿي ڇڏي. ماڻهوءَ کي پنهنجي آدرشن، نظرين ۽ سچائين کان گمهراهه ٿي ڪري ڇڏي. اسان هر مهيني جي پگهار جي هڪڙي ڏينهن جي انتظار ۾ مهيني جا ٽيهه ڏينهن قربان ٿا ڪري ڇڏيو، اسان سرڪاري نوڪرين جا عادي بڻايا ويا آهيون. اسان پنهنجن پيرن تي بيهڻ کي سرڪاري نوڪري ٿا چئون جڏهن ته پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو مقصد ئي ٻيو آهي، اسان جو نوجوان طبقو ڪاروبار جي ڪا سوچ نٿو رکي. هو پنهنجي سون جهڙي حياتي خسيس سرڪاري نوڪريءَ جي انتظار ۽ ڳولا ۾ وڃائي ٿو ڇڏي. موٽ ۾ اهو طريقيڪار پنهنجي قوم لئه اڄ سوڌو هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي. ۽ اڃا به ٿيندو اگر اسان جي قوم جي اها روش رهي.
مونکي ياد آهي ته مان جڏهن ڇهون يا ستون درجو پڙهندو هئس. تنهن دور ۾ سياسي جلسا ۽ جلوس جام ٿيندا هئا مختلف سياسي پارٽين جا جلوس نڪرندا هئا جيڪي اسڪولن کي موڪل ڪرائنيدا دُڪان بند ڪرائيندا نعرا هڻندا پريس ڪلب تائين ويندا هئا پر انهن سڀني پارٽين جي جلوسن ۽ نعرن مان مون کي جيئي سنڌ جي نعري روحاني ڇڪ ڪئي هئي. ۽ مان اُن ٻاراڻي وهيءَ ۾ به اُنهن جي جلسن ۽ جلوسن ۾ شريڪ هوندو هئس ۽ هميشه جلسن توڙي جلوس جي پوري ٿيڻ تي ئي گهر ويندو هئس. نه ڄاڻ اُها ڪهڙي ڪمينٽينٽ هئي نه ڄاڻ اُهو ڪهڙو تعلق هو جيڪو مون کي سيد جي رستي تي هلڻ لئه اُتساهي رهيو هو. سچ ته اُن وقت مون کي ڪو به سياسي شعور ڪو نه هوندو هو پر پوءِ به مان الائي ڪهڙي ڪشش سبب اُنهن ڏانهن ڇڪجي ويندو هُئس. اِهو ٻاراڻو تعلق وقت سان گڏ جڏهن جوانيءَ جي شعوري سرحدن تي پُهتو ته سنڌ. سيد ۽ قوميت جي اصل مفهوم جو شعور مليو. ۽ انهن سان ٿيندڙ رياستي ڏاڍ ۽ ظلم وتشدد مون کي باغي بڻائي ڇڏيو. مان اسڪول واري دور ۾ ئي باغي جي نالي سان سڏجڻ لڳو هئس. ۽ منهنجي من ۾ بغاوت جي پهرين چڻنگ دُکي پئي هئي. جيڪا منهنجي شروعاتي قومي انقلابي شاعريءَ جي اکر اکر ۾ اُڀري آئي هئي. توڙي جو مون ڪو به جيل يا ٿاڻو ڪو نه ڏٺو هو. نه ئي ذاتي طور تي رياستي ڏاڍ جو شڪار ٿيو هئس پر جئين ته اجتماعي ۽ پوري قوم جي طور تي مان به گڏيل ناانصافين جو شڪار رهيو هئس. بقول سائين مير محمد پيرزادي جي ته ”بغاوت يا احتجاج صرف اهو به ڪونهي ته توهان ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون کڻي نڪري اچو بلڪ احتجاج ته اهو به آهي ته توهان ظلم ۽ ناانصافين جي خلاف پنهنجي طور تي ئي هڪ سرد آهه ڀريو“. اهڙي طرح سيد جي سنڌ ۽ قوم سان عشق ۽ سچائي واري عملي جذبي کان مان بيحد مُتاثر ٿيس ۽ اڄ ڏينهن تائين مان به آزاديءَ جو هڪ ننڍڙو پانڌيئڙو آهيان.
اڪثر ڪري ائين ئي ٿيندو آهي ته انسان جيڪو ڪجهه سوچيندو ۽ چاهيندويا جيڪي به هو خواب ڏسندو آهي ته حقيقت ۾ بلڪل اُن جي اُبتڙ ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ائين به ٿيندو آهي ته جيڪو ڪجهه سوچبو، چاهبو يا خوابن ۾ ڏسبو آهي ته ايندڙ وقت ۾ بلڪل ائين ئي ٿيندو آهي. مٿي بيان ڪيل ٻئي حالتون منهنجي زندگيءَ ۾ يادگار طور تي ٿينديون رهيون آهن. مٿي بيان ڪيل ٻين حالت مون کي اڪثر حيران ڪندي رهي آهي، ڇو ته جڏهن مان بچپن ۾ خوابن ۾ سمنڊ جو منظر، ڪنارو، لهرون يا جُهڙالي موسم ڏسندو هئس. ته اُهي سڀ منظراتي خواب منهنجي شاعريءَ ۾ حقيقي روپ ڌري آيا. ته ”سمنڊ جي هُن پار“ جي ساڀيان بڻجي پئي. اهڙي ساڀيان جنهن جي پس منظر ۾ منهنجي نيڻن جي بي انت خوابن جو پورهيو رهيو آهي. اهڙو پورهيو جنهن جو اُجورو اُهي لفظ ئي آهن جن منهنجي اندروني اظهار ۽ خوابن کي بيان ڪرڻ جو رستو ڏنو آهي. جنهن رستي تي مون کي هاڻ درد جي چيچ پڪڙي تاحيات سفر ڪرڻو آهي.
1996ع ۾ بابا جو بيحد بيهار تي پوڻ، سول اسپتال نوابشاه ۾ علاج لئه تقريبن اڍائي مهينا رهڻ، ڪنهن مسيحا جي نيڻن ۾ جنمن جي آشنائي جو رنگ ڏسڻ. پيار ۽ پنهنجائپ جي موسم جو حصو ٿي وڃڻ. ۽ وري فاصلن جي خزان ۾ زردپتي جيان ڇڻي وڃڻ واري موسم جي اڪيلائي جو درد کڻي اُن مانوس اجنبي کي اِن ريت ويجهڙو ڏسڻ جي خواهش ته ڪاش! مان بيمار ٿي اسپتال ۾ داخل ٿيان ۽ هوءَ منهنجو بيڊ تي بيماريءَ جي حالت ۾ چيڪ اَپ ڪري انجيڪشن ڪري، يا مسيحائي جي ناتي منهنجي سارسنڀار لهي. وقت جي گردش جو ڦيرو 3 آگسٽ 1997ع آچر ڏينهن ڪنهن اوچتي حادثي دوران سول اسپتال ۾ داخل ٿيڻ، آپريشن ٿيڻ، اُن ئي وارڊ ۾ ٻارنهن يا تيرنهن ڏينهن داخل رهڻ. ان عرصي دوران هُن سان منسوب ماضي کي (پنهنجي اُن وقت جي تڪليف وارين حالتن کان پاسيرو) سوچڻ ۽ اُن وارڊ ۾ اُداس نظرن سان هُن کي ڳولڻ. فرق صرف ايترو ته وارڊ بيڊ ۽ ٻيو سمورو ماحول ساڳيو، ماضي ۽ حال ۾ ڪو به خاص فرق نه بس رڳو بيڊ تي ستل مريضن ۽انهن جي سار سنڀال ڪندڙ ٻيون مسيحائون، ۽ ڪالهه جيان بابا جي جاءِ پيشنٽ طور بيڊ تي مان ليٽيل ۽ ٻيو جي ڪجهه نه هو ته صرف اهو مانوس اجنبي جنهن منهنجي پاڻ سان سُڃاڻپ ڪرائي هئي. جيڪو اُن وقت به اُن ساڳي وارڊ ۾ منهنجي تصور ۾ ٽهڪ ڏئي پنهنجائپ جون ڳالهيون ڪري رهيو هو ۽ وارڊ جي چمڪندڙ ۽ ان لسي فرش تي هُن جي سينڊل جو رات جي موت جهڙي خاموشيءَ ۾ گونجندڙ ۽ تنهائي کي ٽوڙيندڙ رومانٽيڪ ٽڪ، ٽڪ جو آواز جيڪو منهنجي وجود جي گنبذ ۾ اڄ سوڌو ڄڻ ته جنمن کان گونجي رهيو آهي. يا ڪتاب جي معاملي تي سوچيندي هڪڙي آس نيڻ کولي جاڳي پوندي هئي ته ڪاش منهنجي شاعري جو پهريون مجموعو منهنجو ڪو دوست ئي ڇپرائي. ۽ اُهو سوچيندي اڪثر منهنجو سڪرنڊ روڊ تان گذرندي اُتر طرف ٺهندڙ ايڇ.ايم.خواجه آڊيٽوريم هال ۾ اُن جي مهورت جو سوچڻ، هڪ اهڙا خواب هئا. جيڪي دل کي فقط تسلي ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ ڪو اُميدن جو جواز جوڙي جيئڻ جو فقط سبب هئا ۽ نه ڄاڻ ڪيئن مُستقبل جي حقيقتن جا پروڙ ماضي جي حال ۾ ظاهر ٿيا هئا جو مون کي ستار سندر جهڙو پُر خلوص ۽ سچو دوست مليو. جنهن منهنجي بي تربيت ۽ وکريل شاعري کي ترتيب ڏئي ”سمنڊ جي هُن پار“ ۾ سهيڙي مارئي اڪيڊمي ڪراچي پاران آندو ۽ ان ڪتاب جي مهورت جو پروگرام به ايڇ.ايم.خواجه آڊيٽوريم هال ۾ سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه پاران سڀني دوستن جي سهڪار ۽ محبتن سان ڪرايو. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ، مون کي پنهنجي شاعري جي شروعاتي دور جا ڏينهن به ياد اچي رهيا آهن. اڄوڪي هن موقعي جي مناسبت سان جتان انهن يادن کي به اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو.
اها 1990ع جي ڪا شام هئي. مان پنهنجي شروعاتي دور واري شاعريءَ جي ڪاپي هٿ ۾ کنيو. وسيم سومري وٽ آيو آهيان. عظيم ڪالوني ۾ وسيم جي گهر جي ڪچي سوڙهي گهٽيءَ ۾ سندس گهرجي در تي بيٺي مان کيس پنهنجو تعارف ڪرايان ٿو. ۽ ساڻس ملڻ جو مقصد ٻڌايان ٿو. وسيم گهر کان ٿورو پريان مون کي چوڪ تي وٺي اچي ٿو. ۽ مون کان منهنجي شاعريءَ جي ڪاپي وٺي پڙهڻ لڳي ٿو. پڙهندي پڙهندي وسيم اُن ڪاپيءَ ۾ موجود هڪ بيت کي ٽِڪ ڪري ٿو.

اچو اچو سنڌيو، جوڙيون پنهنجو ديس
جيڪو آهي سنڌ جو، پايون اُهو ويس
آزاديءَ جي ريس، کٽيون ويرين سان ويڙهي
(باغي)

۽ پوءِ اسان سنڌو هيلٿ ڪلب ۾ اچي ويهون ٿا.جيڪو وسيم جي گهرجي بلڪل ئي ويجهو اَڄ به موجود آهي. (جتي مان اُن وقت وڏي شوق سان باڊي بلڊنگ ڪندو هئس، روزاني ڪلب ۾ باقاعده ورزش ڪندو هئس) ۽ پوءِ وسيم مون کي علم عروض جي سادي وزن فعلن فعلن جي سکيا ڏئي ٿو ۽ مان اُهو پهريون هوم ورڪ کڻي وسيم کان موڪلائي گهر وڃان ٿو ۽ ٻئي ڏينهن ساڳي ٽائيم شام جو پابنديءَ سان ساڳي هنڌ وسيم سان ملان ٿو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن تائين وسيم سان مُسلسل ملندو رهان ٿو پر وزن نه سمجهه ۾ اچڻ جي ڪري مان ٻيهر وسيم وٽ وڃڻ ڇڏي ڏيان ٿو. اِن وچ ۾ وسيم مون سان جتي به ملي ٿو ته هو مونکي ادبي سنگت نواب شاه ۾ اچڻ لاءِ زور ڀري ٿو. پر مان ادبي سنگت ۾ ڪو نه ٿو وڃان ڇو ته ڪو دوست ٻڌائي ٿو ته ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ ڪو شعر پڙهبو آهي ۽ پوءِ سڀئي اُن تي تنقيد ڪندا آهن ۽ ليکڪ کي به شعر متعلق ڳالهائڻو پوندو آهي اِن ڳالهه جي ڪري مان ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ کان لنوايان ٿو. پر وسيم جو ڪڏهن به ملڻ ۽ مونکي بار بار ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ چوڻ واري ڳالهه جو احترام ڪندي مان ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ ڊڄي ڊڄي شرڪت ڪيان ٿو. اُهو ڏينهن 17 فيبروري 1991ع، جمعي جو ڏينهن آهي ۽ پوءِ اُتان کان وٺي منهنجو باقاعده شاعريءَ جو سُهانو سفر شروع ٿئي ٿو.
شاعريءَ سان جنون جي حدتائين لڳاءُ مون کي شاعريءَ جي سُندر محبوبا عطا ڪئي جو مان سڀ ڪجهه ڇڏي شاعريءَ جي رنگن ۾ کوئجي ويس ۽ بقول ڪنهن شاعر جي ته شاعري، اوسيتائين شاعر وٽ ڪو نه ايندي آهي جيستائين هو اُن سان عشق نه ٿو ڪري ۽ منهنجو به شاعري سان اهڙو ته عشق ٿي ويو جو اڳتي هلي مون هي سيٽون به لکيو ته!
سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو آ، هڪ تنهنجي سنگ ۾
تحليل ٿي ويا هون، تنهنجي ئي رنگ ۾
(باغي)

شاعريءَ جي رنگ ۾ رنگجڻ منهنجي بي رنگ زندگيءَ ۾ ڪئي ريشمي رنگ ڀري ڇڏيا. جو مون کي زندگي جي هر ڏک، سور ۾ شاعري محسوس ٿيڻ لڳي. ۽ اُها شاعري منهنجي سڀني ڏکن، سورن. مايوسن، جو هڪ خوبصورت ۽ اڻ مٽ ازالو بڻجي پئي.
ادبي سنگت جي باقاعده گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ ادبي سنگت جي سڀني دوستن جي ساٿ ۽ سهڪار سان مون شاعريءَ جو پرائمري دور ڪافي مشڪلاتن ۽ پريشانين هوندي به شاعريءَ سان محبت ۽ محنت جي ڪري پورو ڪيو. سنڌي نظم جي خوبصورت شاعر ۽ ادب ۾ گهڻ رُخي، نواب شاهه توڙي سنڌ ۾ سڃاڻپ رکندڙ فياض چنڊ ڪليري جي سنگت ۾ مون فياض کان عليم عروض جي سکيا پرائي. جيڪا منهنجي اڄوڪي شاعريءَ جي پُخته هجڻ ۾ اهم ڪردار رکي ٿي. ڇو ته اگر مون کي علم عروض جي ڄاڻ نه هجي ها ته منهنجي شاعري لکڻ وارو جُنون ايتري جنون تي ڪو نه پهچي ها. جيترو علم عروض پرائي پهتو آهي. فياض چنڊ جي اُها سولي سمجهاڻي مونکي پهرين ويهڪ ۾ ئي علم عروض جي ٺاهوڪي ڄاڻ ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ مسلسل منهنجي شاعريءَ جي خوبصورت مشق جو دور شروع ٿيو. ۽ پنهنجي مطالعي مشاهدي ۽ مشق جي سنگت ۾ منهنجي شاعري ”سمنڊ جي هُن پار“ جو ساحلي نظارو بڻجي منهنجي وجود جو اثباب بڻجي پئي آهي.

(23 مارچ 2000ع)

ڪرفيو، ورديون، رات

مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته مون شاعري ننڍي عمر ۾ ڪرڻ شروع ڪئي هئي. تڏهن مان اردو ۾ شاعري لکندو هُئس. پر سنڌي شاعريءَ جي شروعات 1988ع واري قومي دور کان قومي شاعريءَ سان ڪئي هيم. جڏهن مان شايد اٺون درجو پڙهندو هُئس ۽ ”باغي“ تخلص استعمال ڪندو هُئس. ڇا ڪاڻ ته باغي جي شروعات به اسڪول واري زماني کان ئي ٿي. جڏهن مختلف سياسي پارٽين جا جلوس نڪرندا هئا جيڪي اسڪولن کي موڪل ڪرائي نعرا هڻندا پريس ڪلب تائين وڃي ڇيهه ڪندا هُئا. پر اها حقيقت آهي ته اُنهن سڀني سياسي جلوسن مان صرف مان ”جيئي سنڌ“ جي پُرڪشش ۽ فطري نعرن جي ترنم ۾ کوئجي مان به ساڻن اسڪول مان موڪل ٿيڻ تي نعرن جي جواب ۾ نعرا هڻندو ويندو هُئس. سنڌ ۽ سيد جي نانءُ ۾ هڪ عجيب قسم جي روحاني ڇڪ محسوس ڪندو هئس ۽ آزاديءَ جي ٻاراڻي آرزو ٻاراڻي من ۾ چڻنگ بڻجي دُکي پئي هئي.
تڏهن کان وٺي اڄ سوڌو سيد جي پيروي ڪرڻ پنهنجو فطري فرض سمجهان ٿو. اُهو فرض جيڪو هر مظلوم ۽ محڪوم قوم جي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ سر انجام ڏنو ويندو آهي. سيد جو ڏنل قومي شعور سنڌ شناسي، حق شناسي، آزاديءَ جو احساس پنهنجي زندگيءَ جي املهه جدوجهد سمجهان ٿو.
سيد جي سنڌوديس جي راهه تي هلندي پاڻ کي وڏو ڀاڳوان سمجهندو آهيان ڇو ته هت سياست جي مصنوعي راند يا ڊوڙن کان مون کي سيد جي فڪر، فطري ۽ عملي جدوجهد جو شعور ڏئي منهنجي زندگي جي بي معنويت کي معنيٰ بخشي مون کي مطمئن ڪري ڇڏيو آهي.
مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي ته جڏهن مان 1990ع واري ڏهاڪي ۾ قومي جذبي سان سرشار ٿي سنڌي مهاجر فسادن ۾ پنهنجي ڀاءُ طالب حُسين پنهنجي مامي فدا حسين، ظفر شاهه، اڪبر شاهه بخاري ۽ ڄام انڙ سميت فوجي ڪرفيوءَ دوران رات جو تقريبن ٽين وڳي ڌاري گهر تي ٿيل پوليس ريڊ ۾ گرفتار ٿي بي سيڪشن ٿاڻي تي پهتو هُئس، تڏهن به سيد جي سنڌو ديس سان روحاني محبت مونکي مايوس ۽ دل شڪسته ڪو نه ٿيڻ ڏنو هو. فخر وچان اُهي ڪشالا ڪٽيا هُيم مون کي ياد ٿو اچي ته لاڳيتو ٽن ڏينهن جي سخت ڪرفيو جي مليل وقفي ۾ جڏهن لاڪپ تي بابا اسان سان ملاقات لاءِ آيو هُيو ته هُن اُداس ٿيندي چيو هيو ته بابا (بابا سائين مون کي اڄ سوڌو به بابو ڪري سڏيندو آهي ڇو ته بابا سائين جو مان انتهائي گهڻو دادلو رهيو آهيان ٻيو ته مون تي پنهنجي ڏاڏي جو نالو بابا رکيو هو).
تنهنجو چاچو ”بُکو“ گذاري ويو آهي. مون لڙڪن کي ڪو نه ڪرڻ ڏٺو هيو ۽ ماٺ ڪري بابا جون ڳوڙهن سان تار اکيون ڏسي رهيو هئس ۽ چاچا جي محبت ياد ڪري اندر ئي اندر ۾ جُهري رهيو هئس. چاچا جنهن کي آخري ڀيرو گرفتار ٿيڻ کان اڳ شام جو ڏٺو هيم (جيڪو بابا کان ننڍو هو) مون کي چاچا به اَبا ڪري سڏيندو هو ۽ ڏاڍو ڀائيندو هيو، امڙ ٻڌايو هو ته جڏهن اسان کي پوليس گرفتار ڪري وئي هئي ۽ چاچا آخري پساهه کڻي رهيو هو تڏهن به هُن امان کان منهنجو پڇيو هيو ته ”اَبو ڪاٿي آهي“ بس آزاد ٿيڻ کان پوءِ هُن جي قبر تي وڃي روئي پيو هُئس. اها ننڍڙي عمر ۾ ايتري حوصلا افزائي به سيد جي فڪري شعور ڏني. جنهن جي نانءُ ۾ ڪيترن ئي جنمن جا احساس سمايل محسوس ڪندو آهيان. صرف هڪ ڀيرو سن ۾ ئي سائينءَ جي سالگره جي موقعي تي شايد 1991ع ڌاري سائين جو پري کان ديدار نصيب ٿيو هُيو. اُن ديدار کي اڄ به پنهنجي تصور ۾ زنده رکيو اٿم. اُن محبت ۽ عقيدت هيٺ سيد جي جدوجهد ۽ سنڌوديس کي محبوب ڪري پوڄيو اٿم.

(30 ڊسمبر 2001ع)

جنوريءَ جو هڪڙو سرد صبح

اُها نئيِن صديءَ جي نئين سال جي نئين مهيني جنوريءَ جي 26تاريخ جمعي جو صبح هو. جڏهن هُو صبح جو شيوِ ڪري وهنجي سهنجي اسڪول لاءِ تيار ٿي سياري جي صبح جي ٿڌ ۾ گرم گرم چانهه جون سرڪون ڀريندي پنهنجي ڪمري ۾ (جنهن ۾ سيد . اياز ۽ سرمد جون يادگار تصويرون ڪنهن مسجد ۾ لڳل قرآني آيتن جيان لڳنديون آهن ) بلب جي ڦڪي روشنيءَ ۾ جگجيت جي پُر سوز سُرن جي خماريل آواز ۾ درديلي شاعريءَ جا لڙڪن جھڙا پوپٽ ڪمري ۾ اُڏامي رهيا هيا ۽ هُو ان سحر انگيزيءَ جي جهنگ ۾ لطيف ۽ اياز جي ياد ۾ رهيل شاعريءَ جا ڪنهن دوست جي اسرار تي چونڊ شعر ڪوري ڪاڳر تي قلم جي نوڪ سان چٽي رهيو هو . اُن گرما گرمي جي عالم ۾ گم هُن شخص کي اهو اندازو به ڪونه هوته ڪو ڪجھ دير کان پوءِ ساڻس تصور ۾ نه ايندڙ اهڙو ڀيانڪ قسم جو واقعو ٿيندو جو هُو دل ۽ دماغ جي قوت هڪ اهڙي قوت هٿان وڃائي ويهندو . جيڪا قوت هن سموري ڪائنات جي نظام کي درهم برهم ڪري سگھي ٿي. هُو ڪمري ۾ ڪرسي تي ويٺو پنهنجي رنگينن ۾ مصروف هو جو اوچتو کيس چڪر ايندا محسوس ٿيا. پر اُهي چڪر ان کان اڳ آيل ذهني ڪمزوري يا جسماني ڪمزوري کان ايندڙ چڪرن کان انتهائي مختلف ۽ حيرت انگيز هئا. اهي رڳو چڪر نه هئا پر دل ۽ دماغ تي ڌاڙو هڻندڙ قدرتي اثر هئا. هُو وڃايل پنهنجي دل ۽ دماغ جي مڙني قوتن کان خالي ٿي نه سمجھه ۾ ايندڙ حالت ۾ پنهنجي ڪمري مان اُٿي اندر گهر ويندڙ گهر جي ٻئي ڪمري جي در تي بيهي حيراني مان ان طرف (جنهن تي هُو ڪجهه دير اڳ سرور ۾ ويٺي جهومي رهيو هو) بي حال نهاريندي سوچڻ لڳي ٿو ته آخر منهنجي ڪرسيءَ کي ڪنهن لوڏيو؟ ان ئي لمحي سندس ننڍيون ڀيڻون رابيل ۽ نجما ڪمري ۾ ايندي مٿي کي چڪر اچڻ جو پريشان ٿيندي اظهار ڪن ٿيون بلڪل ان ئي پل هُو پنهنجي سموري جان جو ست ڇڏائيندو محسوس ڪندي اندر ڪمري ۾ کٽ تي ليٽندي مُنهن تي ٻانهن رکي ڇڏي ٿو. ٻاهر سڀني گھر ڀاتين جا پريشاني ۾ آواز ٻڌندو رهي ٿو، ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ دماغ ڇو ٿو چڪرائي ۽ هُو ڏسو ڇت وارو پکو ڪيئن لڏي رهيو آهي. ۽ هو اندر ڪمرن ۾ ويٺلن ۽ ستلن کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ وڏن حراسيل آواز ۾ سڏين ٿا ته ڌرتي ڌُڏي رهي آهي. ها واقعي به ان صبح جو ڌرتيءَ هڪ هنڌ پئي، پئي کوڙ ساري وقت کان پوءِ ٿڪاوٽ کان ڪَر موڙيندي سندس سيني تي وسيل انساني آبادين کي لرزائي هر طرف موت جي حراس جو واسو ڪري ڇڏيو هو. ان زلزلي جي مرڪز کان وٺي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تائين سنڌ سوڌو ان ڌرتيءَ جي هڪ لوڏ ڪيتريون ئي معصوم جانيون زندگي جي ديس مان موت جي گمنام جزيري ڏانهن بي گناھ جلاوطن ڪري ڇڏيون هيون. ڌرتيءَ جي اُن سموري ڀيانڪ ڪهاڻيءَ جو هڪڙو ننڍڙو متاثر ڪردار هُو به بڻجي ويو هو، جيڪو هُن ڪائنات کان وٺي هُن نيري آڪاس تائين هر ذري کي پيار جي نگاهه سان ڏسندو رهيو آهي. جنهن جي تصور جي دنيا افلاطون جي جوڙيل رياست کان بلڪل به الڳ ۽ منفرد آهي، جنهن ۾ فن سان لاڳاپيل ۽ هر فرد لاءِ محبت ۽ احترام آهي جنهن دنيا مان ڪنهن به تخليقڪار جي نڪرڻ جي ذرو به گنجائش نه آهي جيڪو سدائين ڌرتيءَ، فطرت، حُسن، پيار، امن ۽ مُرڪن جا گيت لکندو رهيو آهي. جنهن پنهنجي ننڍڙي شاعراڻي دل ۾ پيار ۽ محبت جا ڪيئي بُت تراشا، ڪيئي لفظن جي رنگينن سان عڪس جوڙيا، جنهن سدائين سيد جي سنڌوديش تي خدا جيترو يقين رکيو آهي. جنهن اياز جي قلمي پورهيي سان محبت جو ثبوت (سُراياز) لکي ڏنو. جنهن ننڍپڻ کان وٺي شاعري ديويءَ جي چيچ پڪڙي ته اڄ سوڌو هُو اُن جي ساٿ ۾ اڪيلو ناهي ٿيو. جنهن کي قدرت پيار ڪندڙ ماءُ پيءُ، ٻه ڀينرون ۽ محبتي دوست بخشيا آهن جن دوستن ۾ سندس محبوب دوست ستار سندر سندس لاءِ ستن آسمانن کان به مٿانهون آهي. حساس دل رکندڙ هن شاعر ماڻهوءَ جي زندگيءَ موت کي پنهنجي ساهن جي قريب، قريب پاتو، ان ڌرتي جي حادثي سندس زندگيءَ جي سموري رنگيني بي رنگ ڪري. اکين کان ننڊ کسي سندس معصوم خوابن کي جاڳ جي آڳ ۾ جلائي ڇڏيو هو، جيڪو عجيب ڪشمڪش جي ڪيفيتن ۾ نه جيئڻ ۽ نه مرڻ واري پُل صراط تي بيٺو مستقبل ۾ ڪجهه به نظر نه ايندڙ ۽ صرف ان اونداهي کي ڏسي رهيو هو جيڪا هوريان، هوريان سندس وجود کي ويڙيندي پئي وئي.
هُن بنيادي طور تي پئسي ڏوڪڙ جي حوالي کان بلڪل مسڪين هوندي به نواب شاهه شهر جي ڪنهن به ڊاڪٽر کي ڪو نه ڇڏيو جيڪو ساڻس نظر ۾ هو، پر سندس ذهني توازن جو بحال ٿيڻ ناممڪن بڻجندو محسوس ٿيندو هو. گذريل جنوري 2001ع کان وٺي مسلسل عجيب قسم جي هڪ خوف، دهشت، بيقراريءَ ۾ دوائون کائيندي به ڏينهون ڏينهن جڪڙجندو پئي ويو. مذهبي هئڻ جي ناتي سندس والدين هر قسم جا سنوڻ ڪرايا پر هُو هر روز صبح جو سوير اُٿندي ئي مرڻ شروع ٿيندو هو ۽ رات ٿيندي ئي ڪجهه ڪجهه جيئڻ جهڙو ٿيندو. هو ايئن هُو مسلسل اٺ مهينا حيرت انگيز ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪيفيتن ۾ گذاريندو رهيو. هُن جي انهن اٺن يا نون مهينن ۾ گهڻو ڪجهه کاڌو، پيتو ۽ڪجهه پاتو هو ته اُهو کائڻ ۾ گوريون، پيئڻ ۾ شربت ۽ پائڻ ۾ ڊپ، ڊاءُ ۽ نه بچڻ جو احساس هو. اڪثر ڪري پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو ڪرسيءَ تي ويٺي ڏکڻ طرف ڪمري جي ڀت تي نه ٻرندڙ ٽيوب لائيٽ جي هيٺان پنهنجي ۽ پنهنجي دوست ستار سُندر جي سمنڊ ڪناري تي نڪتل تصويرن جي وچ ۾ سندس پهرين شعري مجموعي ”سمنڊ جي هُن پار“ جي ٽائيٽل جي مٿان سائين جي ايم سيد جي تصوير سميت ڏسندي (جيڪا هُن ڪراچيءَ واري پروگرام دوران ڪيڏي پيار ۽ پاٻوهه مان سج لهندي ويل ڪڍائي هئي.) سوچيندو هو ته اُن گهڙي مان ڪيڏو نه خوش باش هئس ۽ شام ويلي سمنڊ جي ڪناري پکين جون اڏارون ۽ ماڻهن جا ميلا ڪيڏا نه وٺندڙ ۽ دل لڀائيندڙ هئا. ڇا مان وري اُنهن ذهني حالتن ڏانهن واپس موٽي سگهندس؟! اهڙيون نااميدون ۽ مايوسيون سندس رنگينيءَ ۾ ملي اُن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. اهڙي حالتن ۾ رهندي نيٺ هو حالتن جي هڪ اهڙي اسٽيج تي اچي پهتو جو کيس دنيا جي ڪنهن به ڳالهه ۾ سڪون يا اطمينان نظر نه پئي آيو ۽ هو صرف خودڪشيءَ جو سوچي ئي بلڪل پاڻ کي پُرسڪون محسوس ڪندو هو انهن مڙني ڀيانڪ حالتن ۾ دوستن مان ساڻس ستار سندر جسم جي پاڇي ۽ روح جيان گڏ گڏ رهيو. جيڪو پڻ سندس ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻن جيان سمورو وقت پريشانين جي عالم ۾ رهندو هو. آڌيءَ هجي يا مانجهي هُو فون جي گهنٽي تي وٽس اچي پهچندو هو. اهڙين خودڪشيءَ وارين ڪيفيتن جي موسم ۽ هڪ رات هن سان سنڌ جو خوبصورت شاعر ۽ سندس دوست وسيم سومرو پنهنجن ننڍڙن ٻن پُٽن سراج ۽ سانول سان گڏ سُڌپوڻ تي ملڻ آيو. سچ ته اُها رات ۽ وسيم جو کيس ڪلاڪ ڏيڍ ويهي حوصلو ڏيارڻ وارو وقت هن کي گذريل ڀيانڪ حالتن ۾ پهريون ڀيرو مليو هو. هن کان پوءِ وسيم ۽ ستار سندس ڪنهن ماءُ جيان سنڀال ڪندا رهيا ۽ کيس حوصلو ڏيندا رهيا، وسيم سندس حالتن کي سمجهندي کيس ٻئي ڏينهن تي نفسيات جي ڊاڪٽر حيدر شاه وٽ وٺي ويو (ان کان پهرين هڪ ڀيرو سندس ڀاءُ طالب ڊاڪٽر حيدر شاهه ڏي سول اسپتال ۾ وٺي ويو هُئس. جتي ڊاڪٽر سندس نالو ٻڌي اڳي ئي نئين زندگي رسالي ۾ پڙهي چُڪو هو).اُن ڊاڪٽر جي روين ۽ پنهنجائپ هن جي ڀيانڪ حالتن ۾ ڦاتل ڪيفيتن کي تبديل ڪرڻ شروع ڪيو هُن ڊاڪٽر نه رڳو کيس گائيڊ ڪيو، بلڪه هُو مهربان ڊاڪٽر کيس وقت سر دوائن جا سيمپل پڻ ڏيندو رهيو، ڊاڪٽر حيدر شاهه نه رڳو نفسيات جو ڊاڪٽر آهي، پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل ادب دوست هوندي هڪ بهترين پيارو ۽ محبتي انسان پڻ آهي. هُو پنهنجي هر پيشنٽ کي ان ريت بنا ڪنهن ننڍ وڏائيءَ جي علاج ڪندو آهي. جڏهن ته نواب شاهه جا اڪثر ڊاڪٽر پنهنجي پروفيشن کي نوٽن ڇاپڻ واري مشين بنايو ويٺا آهن ۽ اهڙا ته سنگدل ۽ بي رحم آهن، جو هو مريضن جي رت سان ڳاڙها ۽ ساوا نوٽ ڇپيندا رهندا آهن جنهن جو تجربو هُن شاعر کي اُن ذهني بيماريءَ دوران اُنهن نالي چڙهيل ڊاڪٽرن جي ور چڙهندي ٿيو هو، هُو ڪيئن نه سَون جا سَو ڊاڪٽرن جي فيسن ۽ سندن لکيل مهانگين دوائن لاءِ امڙ پاران اُڌارا ورتل پيسه خرچ ڪري چڪو هو، جنهن مان کيس ذرو به فائدو نه ٿيو. هُو رات جا چار پهر ننڊ کي پرچائڻ لاءِ ايٽيوان. زينڪس، ليگزوٽنل، ريليڪسن، نيوزيم، واليم ٽين ۽ فائوِ، ليپرانيڪس وغيره گوريون کائي به ننڊ کي پرچائي نه سگهيو هو. ڪيتريون ئي راتيون ۽ ڏينهن ننڊ ۽ سڪون لاءِ تڙپيو ۽ ڀٽڪيو هو. ڊاڪٽر حيدر شاهه جي ڪيل ڪچهرين ۽ ذهني ٽريٽمينٽ هُنَ ذهني طور ڀٽڪي ويل شاعر کي نيٺ پنهنجي دڳ تي آندو. هُو جيڪو اڪثر دوائن وٺڻ ۽ ڊاڪٽرن جي فيسن جي پيسن لاءِ به گهڻو ذهني طور بدحال ٿيندو پئي ويو، سو پنهنجي محسن ۽ مسيحا ڊاڪٽر حيدر شاهه جي ڏنل مانُ سان پُر سُڪون ٿيڻ لڳو. اهڙين ڀيانڪ حالتن ۾ به هن شاعر تي شاعري ديوي ڏاڍي مهربان رهي. نواب شاهه جا ماهر نفسيات ڊاڪٽر جميل شاهه يا ڊاڪٽر رشيد لاکو کان هُنَ کوڙ ڀيرا دوا ورتي پر کيس بنهه ٽڪو به فرق نه ٿيو. پل پل ۾ گهڙيال ۾ وقت ڏسي ان کي گذارڻ لاءِ پيو وس ڪندو هو. پر هڪ هڪ سيڪنڊ سالن برابر محسوس ٿيندو هو. ۽ شديد بي چيني ۽ بي سُڪوني ڄڻ پهاڙن وانگر سندس دل ۽ دماغ تي موجود رهندي هئي. اهڙي وقت ۾ رات جو بستر تي پاڻيءَ کان ٻاهر مڇيءَ جيئن پيو ڦتڪندو هو. ۽ جي ڪجهه پل ننڊ اچي به ويندي هُيس ته وڏي عصر جو دور ڪٿ سج اڀرڻ سان سجاڳي ٿي پوندي هيس ۽ وري سڄو ڏينهن عجيب پيڙاتي حالتن ۾ گذاريندو هو!

(23 سيپٽمبر 2001ع)

اُڃ چمڪي رهي آ واريءَ ۾

اِها ڳالهه شايد 1988ع يا 1989ع جي آهي. جو مان شاگرديءَ واري دور ۾ پهريون ڀيرو پنهنجن هم عمر دوستن اڪبر شاهه ۽ ڪجهه ٻيا دوست (جيڪي هن مهل ياد نه پيا اچن) سان محربپور (تعلقو سڪرنڊ، ۽ ضلعو نواب شاهه) بچاءُ بند کان وچان گهاٽي ٻيلي مان 17 جنوري يعني سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقي تي پيرين پنڌ ويو هئس. ٻيلي مان پنڌ ڪندي مختلف وڻن جي گهاٽي ڇانوَ مان گذرندو، فطرت جي سونهن کي نويڪلائي ۾ پنهنجي ارد گرد ڏسڻ جو ڀرپور موقعو مليو هو، ٻيلي ۾ ڪچي رستي تان پنڌ ڪندي زندگيءَ جي هڪ نئين تجربي کي محسوس ڪيو هيم. اُهو پنڌ ڪندي مختلف پکين جي مٺڙين لاتين جا جلترنگ منهنجي اندر جي شاعر کي هڪ نئين دنيا جو احساس ڏياري رهيا هئا. ٻيلي مان لڳ ڀڳ ڪلاڪ، ڏيڍ، پند ڪرڻ دوران عجيب ڪيفيتن مان گذرڻو پيو هيو خاموشي، چوڏس نه کُٽندڙ وڏا، وڏا ۽ گهاٽا وڻ، اُنهن ۾ پکين جا بيسرا اوچتو اڏرڻ مهل پرن جا ڦڙڪاٽ، ڌاڙيلن جو خوف، گهاٽي ٻيلي ۾ وڃائجي وڃڻ جو اُلڪو پر اُنهن سڀني احساسن تي سيد جي سالگرهه ۾ پهچي اُن ماحول کي ڏسڻ جو روح کي تسڪين ڏيندڙ خيال، کل، ڀوڳ، واٽ تي ويهي ساهي پٽڻ، سنڌ جي سونهن کي ساراهڻ ۽ ڪجهه ٻيون ڳالهيون سلڻ جو موقعو ڏاڍو حسين لڳو، پتڻ جي ويجهو پُهچڻ کان اڳ پري کان گهاٽن وڻن جا جُهڳٽا، اُنهن جي پريان سَن شهر جو ڌُنڌلو ڏيک ڪنهن ديومالائي تصور جهڙو ڀاسي رهيو هو. وڻن جي گهاٽن جُهڳٽن مان وارياسي تي هلندي رستو بڻائيندي جڏهن پتڻ کي سامهون ڏٺوسين ته سنڌو درياهه پنهنجي پوري جوڀن سان لڙاٽيل پاڻي جي چادر وڇايو هِن پتڻ کان سن جي پتڻ تائين ڪنهن خواب جي نظاري جيان نيڻن کي ڀاسيو هو. سندس کيچلين لهرن تي ترندڙ ۽ لُڏندڙ ٻيڙيون ڳاڙهن جهنڊن جي ڦڙ ڦڙاهٽ ۾ هڪ ڪناري کان ٻئي ڪنارري تائين پُور کڻي ويندي ۽ ايندي نظر آيون. سامهون ٻئي ڪناري جي مٿاهين تي سن شهر جو کيپن ڀريو ڏيک دل کي خماري رهيو هو. سنڌو جي وسيع ڇاتيءَ تي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هُن ڀر اُڪرڻ جو حسين سفر اڄ تائين وسري نه سگهيو آهي. ائين هُن ڀر ٻيڙي تان لهي سيد جي سن ۾ پهريون ڀيرو قدم رکيو هيم. اُن لڳ ڀڳ ٻاراڻي وهيءَ ۾ سن جي ننڍڙي شهر کي کچاکچ ماڻهن ۽ گاڏين سان سٿيل ڏسي بي حد حيرانگي ٿي هئي. مون کي سنڌ ڏسڻ جو ڀرپور موقعو سن ۾ ئي مليو هيو. اُهو ئي پهريون ڀيرو منهنجي زندگيءَ جو عظيم ترين ڀيرو بڻجي پيو. ڇا ڪاڻ جو سن جي سيد، پوڙهي شينهن کي اسٽيج تي ويٺل ڪجهه مفاصلي تان ڏسي فخر سان ڳاٽ اُوچو لڳو هو. اُن ئي اسٽيج تي بلڪل ساڳئي طرح سنڌ جي يگاني عوامي شاعر اُستاد بخاري کي پڻ شعر پڙهندي ٻُڌو ۽ ڏٺو هيم. ڇا ته حسين درشن هو. جيڪو ذهن تي ۽ يادگيرين جي اسڪرين تي نقش ٿي اڻ مٽ بڻجي چڪو آهي. ته ائين محرابپور جي گهاٽي ٻيلي مان پنڌ ڪري پتڻ تان ٻيڙيءَ ۾ سنڌو درياهه اُڪري سن پهتا هئاسين. اهو سنڌو درياهه جنهن جي عظيم ۽ پوتر ڪنڌين تي اتهاسڪ اشلوڪ، ۽ ٻيا پوتر گرنٿ تحرير ڪيا ويا هئا. جنهن جي اڏول ڪنڌيءَ تي سنڌ جو سرواڻ سيد سائين پنهنجي ڀرپور جوش ۽ جذبي واري پُر ڪشش شخصيت سان پوريءَ سنڌ جي ذري، ذري تي نظر رکيو سندس نگهباني پيو ڪندو هو. اهو ئي سنڌو جنهن جي پوتر ۽ امرت نُما جل سنڌ جي عظيم سڀيتا کي جنميو هو. ۽ نئين مهذب تهذيب جو بنياد وڌو هو. جيڪو زمانن جي قيد و بند کان آزاد ڀرپور جوڀن سان وهندو سڄيءَ سنڌ کي سيراب ڪندو نيري مها ساگر جي آغوش ۾ سمائجي ويندو هو. اهو سنڌو درياهه جنهن جي وسيع ۽ ويڪري سيني تان ٻيڙي ۾ چڙهي سن جي پتڻ تي لٿو هئس. اهو جڏهن پنهنجي دهشت ڀريي وهڪري سان ڌوڪيندو پنهنجي جوڀن جي جُنون ۾ وهندو هو ته سندس اڳيان ايندڙ هر رُڪاوٽ کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيندو هو. سنڌ کي زرخيزي جا روپ ڏئي سنڌ جي سينڌ کي سينواريندو رهندو هو. اُهو ئي منهنجي ساروڻين ۾ رهجي ويل سنڌو درياهه جنهن کي مون چڱيءَ طرح پنهنجي حيرت زده نظرن سان گڊو بئراج وٽان تمام گهڻي حيراني، گهرائي ۽ دلچسپي سان ڏٺو هو. ڪئين نه تڏهن دور دور تائين گڊو بئراج وٽ سنڌو جو منظر وڻندڙ ۽ روح ۾ پيهي ويندڙ هوندو هو. پري پري تائين ڪوهيڙي نُما ڌنڌ ۾ مهاڻن جون ٻيڙيون رقص ڪنديون پنهنجو جياپو ڳولينديون هُيون. اڪثر ڪري درياهه جي سيني تي اَڏيل گڊو بئراج جي شاندار ۽ ڊگهي پُل جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پنهنجن دوستن رفيق جُماڻي، حُسيني ميراڻي، زبير نوناري، ڌڻي بخش، ظفر لانگاهه وغيره سان پيرين پنڌ ڪندي نه ٿڪبو هئس. اُن ئي گڊو بئراج جي ڪناري تي آلي واريءَ تي ڪيڏي نه اُڪير سان پنهنجي نواب شاهه جي اُن وقت جي دوستن پپو کوکر، جاڙي، ڪالو، سرفراز ۽ ممتاز وغيره جا نالا لکيا هيم. ائين اڪثر عشق جون پيڙائون ۽ ڀٽڪنائون کڻي پيو سنڌو جي سونهن کان متاثر ٿي جئيندو هئس. اُن ئي منهنجي خوابن جي شهر گڊو ۾ گذارڻ دوران مان سنڌو درياهه جي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ مُهڙ کي پنهنجي سڀني هوشن، حواسن ۽ روح جي نگاهن سان جاچي پرکيو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنڌو جي لهرن کي گهوريندو رهندو هئس ڄڻ ڪنهن آرٽ مووي جو ڪو رومانٽڪ نظارو (سين) هجي. پنهنجي دهشت ۽ حشمت سان دل ڏهڪائيندڙ سنڌو درياهه کي مون هڪ ڀيري گڊو مان موٽندي پنهنجي امڙ ۽ ڀينرن سان لڳ ڀڳ شام ڌاري سکر مان نواب شاه واري ريل گاڏيءَ ۾ سکر جي حسين پُل تان روح کي ڏهڪائي ڇڏيندڙ دهشت واري روپ ۾ مٿان کان گذرندي ڏٺو هو. ڪيڏا نه پاڻيءَ جي تيز وهڪري جا ڪڙڪاٽ هئا. اصل هانو ٿي ڏڪي ويو. اُهو هلڪي انڌيري واري شام جو ڏٺل منظر ۽ پاڻيءَ جا ٻُڌل ڪڙڪاٽ بلڪل اڄ به چٽا پٽا ذهن ۽ تصور ۾ محفوظ آهن. اُهو سنڌو درياهه جيڪو سڄي سنڌ جو جياپو آهي جيڪو تاريخ ۾ عظيم ترين مذهب تهذيب جو اڏيندڙ آهي اُن کي دادو، مورو پُل وٽان ۽ درياهه جي ڪنڌيءَ تي آباد عبدالله جيسر جي ڳوٺ مان پنهنجي دوستن ستار سندر ۽ رحمت پيرزادي جي ساٿ ۾ گڏجي پنهنجي جوڀن جي رنگن سان ڏٺو اٿم. ڪيئن وسري پنهنجي محبوب درياهه، جو دهشت توڙي سونهن ڀريو درشن. جنهن جي دم سان سنڌ جي زراعت ۽ ٻيلا سنڌ جي سونهن ۾ ڀرپور اضافو هئا. اُهو ئي درياهه دنيا جي ترقي کان اڳ ڏيهه توڙي پرڏيهه واپار جو ذريعو به هو. اُهو ئي سنڌو جنهن جو ڦهلاءُ، ويڪر اکين جي اسڪيل سان ماپڻ ڏاڍو اوکو هو. جنهن جي ٻئي پار وڏي غور ڪري نهارڻ کان پوءِ به هڪ سنهي شيشي جهڙي ڌنڌلي چادر وچان نروار رهندي هئي. اهو ئي درياهه مها ساگر تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي جوڀن جي تيزيءَ سان ٻُنا ٻوڙ ڪندو پيار، حُسن، ملڻ، جداين، ٽهڪن، سُڏڪن ۽ قسمين قسمين خوشبوئن جي ڪائنات ڄامشورو پُل وٽان گذر ڪندو هو ته عرفان مهدي جهڙا حسين ۽ ذهين جوان به سندس ڪشش ۾ ڇڪجي کيس پاڻ ارپڻ ڪري ڇڏيندا هئا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ذهين نسل کيس جُهڪي نماڻي آجيان ڪندو هو. اهو ئي درياهه ڄامشوري کان سفر ڪندو ڪوٽڙي بئراج وٽان پهنجا جلوا پَسائيندو اڳتي جڏهن انڊس ڊيلٽا واري علائقي ۾ پُهچندو هو ته پنهنجي پُوري جوانيءَ جي غرور سان سمنڊ جي اجگر شينهن کي به پنهنجي ويڪري ڀاڪر ۾ ڀري پُٺتي ڌڪيندو سنڌ ڌرتي جي رکوالي ڪندو هو. ساحلي ٻيٽن کي نئون جئيندان ڏيندو هو. سج پنهنجن سُنهري ڪرڻن سان سنڌو جي پاڻي کي جرڪائي اکيون ڀڃڻ لڳندو هو پر افسوس جو اڄ اهو ئي سنڌو درياهه جنهن جي ملڻ جي آس ۽ ڇڪ ۾ اڄ سمنڊ سنڌ جي ڌرتيءَ کي پائيندو مٿاهينءَ ڏانهن ايندي کيس ڳولڻ نڪتو آهي ڪوٽڙي، ڄامشورو، دادو، مورو، سکر ۽ گڊو بئراجن جو پُلون ۽ ڪمزور ڪنڌيون پنهنجا هيڻا ڪنڌ، ڳاٽ کڻي سنڌو درياهه کي پنهنجي حُسن ۽ دهشت سان وري ايندو ڏسڻ لاءِ آسروند آهن. سنڌو جنهن جي معني ئي سدا وهندو رهڻ آهي. اهو اڄ سنڌ جي ڪربلا واري دور ۾ مذهبي انتها پسند يزيدن جي قيدوبند ۾ آهي. پاڻي جنهن تي سموري ڌرتيءَ جو هڪ جيترو حق آهي پر سنڌو جي حقن جو استحصال ڪندڙ قوتون سنڌ کي سراب جي روپ ۾ ڏسڻ لاءِ هر ڪا ممڪن چال چلنديون رهن ٿيون ۽ اڄ اُن ئي سنڌو درياهه کان بچڻ لاءِ بڻايل محرابپور بچاءُ بند کان نالي ۾ رهجي ويل ٻيلي مان جڏهن اڄ پنهنجن دوستن ستار سُندر، ڊاڪٽر شام ۽ ڊاڪٽر ممتاز ڦُل سان موٽر سائيڪلن تي گذرڻ ٿيو ته اکيون حيران، ويران ۽ رڃ بڻجي ڀٽڪڻ لڳيون، ڇا ڪاڻ جو سڄو ٻيلو وڍي اُتي هاڻ زمينون آباد پيون ڪيون وڃن مشينن ذريعي سنڌو ۾ رهجي ويل سينواريل، سائو پاڻي آڻي ٻيلي جي اُداس ۽ ويران زمين کي آباد ڪيو پيو وڃي. ڇا ڪجي جو فطرتي ٻيلن کي ختم ڪري سندن حُسناڪي وڍي يا ساڙي پکين ۽ جانورن کي دربدر ڪري آخر هاڻ ڪهڙي سونهن پيدا ڪري سگهجي ٿي؟ سنڌو درياهه جنهن جي دهشت ڀريي وهڪري کان بچڻ لاءِ سنڌو تي جيڪي به بچاءُ بند ٻَڌا ويا هئا اُهي اڃ ڪلهه محرابپور بچاءُ بند وانگر پنهنجا جُهريل ڳاٽ کڻي درياهه بادشاهه جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن اهڙو ڏيک اڄ روح ۾ بڙڇيون بنجي لهي رهيو آهي. سنڌو درياهه جيڪو سڄي سنڌ جي بچاءُ بندن جيان ڪئين ميلن جي مفاصلي تي پکڙيل محرابپور ۽ سن پتڻ تائين ڦهليل ٻيلي کي اورانگهيندو اچي بچاءُ بند جا چپ چُمندو هو. اهو اڄ سُڪل ٻيلا ٽين جي روپ ۾ جهيرون جهيرون، جهيڻو ۽ ڪمزو رڳو نالي ۾ وهي رهيو آهي. جنهن کي اڪرڻ لاءِ جتي ڪالهه ٻيڙي کوڙ سارو وقت وٺندي هئي اُتي اڄ ڪجهه ئي منٽن ۾ هُن ڀر پهچڻ تمام آسان آهي. سنڌو جي ڪنڌيءَ تي آباد ٻيلو ڪالهه جتان گذرندي ٿڌڙي ۽ گهاٽي ڇانوَ جي چادر سرتي هوندي هئي ۽ دريائي هوائون ڀاڪر ڀري آجيان ڪنديون هُيون. اُتي اڄ نِٽهڻ اس ۽ ٻُٽ ۾ ڇانوَ جو پاڇو ملڻ، رڃ ۾ پاڻي ڳولڻ جي برابر آهي. اهو ٻيلو جتان ڪالهه تحريڪ جا ناليوارا جوان روپوشي يا ٻين حالتن ۾ گذرندا هئا. اهو ٻيلو اڄ اکين کي کائي رهيو آهي. سنڌوءَ جو پيٽ جنهن ۾ واريءَ جا ذرڙا، سج جي تيز ڪرڻن ۾ تجلا ڏئي پڇي رهيا آهن ته وري ڪڏهن سنڌوءَ جو پيٽ پوتر جل سان ڀربو ۽ اسان جي سج جي تيز ڪرڻن ۾ جرڪندڙ اُڃ کي اُجهائيندو. پوڙهو جُهور مانجهي اُداس نيڻن سان سُڪل درياهه ۽ تباهه ٿيل ٻيلي جي اُداسي کي ڏسي، سن جي پتڻ تان سن شهر کي گهوريندي سوچي ٿو ته، جيستائين هُو. پوڙهو جهور سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي پنهنجو جُهريل ڳاٽ اُوچو ڪيو پيو جاڳندي سنڌ جي نگهباني ڪندو هو. تيسيتائين هن ”وات ڳاڙهي“ رياست کي درياهه سان هٿ چڙاند ڪرڻ ۽ ٻيلن مان هڪ به وڻ وڍڻ جي جرئت نه ٿيندي هئي. ٻيڙيون لهرن تي جهومنديون هيون، مُهاڻا سُر سامونڊي ڳائي پيا فضا ۽ درياهه کي مست ڪندا هئا. آبي جيوت پاڻيءَ ۾ پنهنجو جياپو ڳوليندي هئي ته پاڻي جي مٿان ڄار اُڇلائي، ملاح مهاڻا، آبي جيوت سان پنهنجو جياپو ڳوليندا هئا. سنڌ زراعت جي زرخيزيءَ جو حَسين ڏيک هئي. پر اڄ اُنهيءَ ماضيءَ جي بادشاهه کي اکيون ۽ روح اهڙو اُجڙيل ڏسي سراپا سوڳوار آهن اُڄ اهو سنڌ جي سينڌ، سنواريندڙ سنڌو درياهه ڪالا باغ، ڀاشا، اکوڙي، مُنڊا، تربيلا، منگلا ڊئمن جي سنگهرن ۾ سوگهو ڪري قيد ڪيو ويو آهي. اڄ انهيءَ سنڌو جي آزادي سنڌ واسين جي اولين ضرورت ۽ فرض آهي. ماضيءَ جي درياهه بادشاهه کي اڄ ائين جُهرندو، جُهرندو ڏسي دل ڀرجي اچي ٿي. هر سال ايندڙ سانوڻي پنهنجا سمورا جوڀن ورنا رنگ کڻي سنڌو جي ويران گهاٽ تي لهندي آهي، پر هُوءَ اُهي سڀ رنگ سنڌو جي اُجاڙ ۽ سُڪل نيڻن ۾ سمائڻ کان اعلاوه ئي سُڏڪندي، رُئندي واپس هلي ويندي آهي. هيلو ڪي اپريل مهيني ۾ به نالي ۾ رهجي ويل ٻيلي ۽ درياهه جي هي حالت ڏسي دل سيني ۾ ڦٿڪي پئي. ۽ اُن پيڙا ۾ ماضيءَ واري گهاٽي ٻيلي ۽ سنڌو درياهه جي يادگيرين ۽ تصورن اصل من کي مونجهو ڪري وڌو آهي. اهڙي حالت ۾ ياد ٿو پوي ته جيستائين سنڌ جو ڌڻي، سيد سائين سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي هو ته سنڌو به هو ته سنڌو جي ڪناري ٻيلا به هئا. پکين جون امن پسند ٻولڙيون به هُيون ته سندن هوائن ۾ پرڙن جون پروازون به هُيون.

(7 مئي 2008ع)

پردي تي رهجي ويل خواب

هونءَ ته سموري سنڌ منهنجي جند، منهنجو حسين خواب،سڀاڳي ساڀيان ۽ هُڳائن سان واسيل حقيقت آهي.جنهن مون کي پنهنجي پوتر مٽيءَ مان جوڙي منهنجي هِن وجود کي تخليق ڪيو.پر اُن سنڌ ڌرتيءَ جي جاگرافيائي بيھڪ ۾ دل واري جاءِ تي جيڪو ڌرتيءَ جو هڪ ننڍڙو ٽُڪرو آهي جنهن کي نواب شاھ چيو وڃي ٿو.اُن نواب شاھ جي ڌرتيءَ تي جنم وٺڻ کان پوءِ ننڍپڻ،جواني ۽ هاڻ اڳتي وڌندڙ عمر جو سفر ڪندي هي شهر ڪنهن محبوبه جي احساس ۽ خيال جهڙو ڀاسندو آهي.نوابشاھ شھر جا روڊ،رستا،پاڙا،گهر،گهٽيون،شهر،چوڪ، حُسن جي بازار، ميدان،ڳوٺ،اسڪول، هوٽلون،شراب خانا،اسٽيشن،گاجرا واھ، روهڙي ڪيئنال،سول اسپتال، يونيورسٽي،ڪاليج،سينيماگهر مطلب ته هر جاءِ،هر هنڌ منهنجي ڀٽڪندڙ،خانه بدوش وجود جا واسا ۽ پاڇا موجود رهيا آهن.زندگيءَ جي پنڌ ۾ آيل ڪيتريون ئي يادگيريون شعور،لاشعور ۽ تحت الشعور جي خانن ۾ ساھ کڻي مون کي پنهنجي جياپي جو احساس ڏيارينديون رهيون آهن.اهڙين ئي بي اَنت يادگيرين مان ڪجهه يادون نواب شاھ جي سينيماگهرن سان سلهاڙيل آهن. جن جي خوشبو منهنجي ساهن ۾ هميشه تازي ۽ تواني رهندي پئي آئي آهي.
نواب شاھ شهر ۾ گڏيل هندستان واري وقت کان يعنيٰ1937ع کان نشاط سينئما جو وجود پيو هو.جنهن کان پوءِ ريگل سينيما ٺھي.اڳتي هلي المھراڻ به جُڙي.ميلوڊي ۽ دلشاد سينيما گهر ته منهنجي بچپن ۾،منهنجي آڏو ئي جُڙي راس ٿيا هئا.پر وقت جي تيز ترين رفتار ۽ ترقيءَ ماڻهوءَ کان اُهي تفريح جا سڀ ماڳ ۽ مَڪان ڦُري اڄ صرف پئسي جي پويان ڇتڪتائي واري حالت پيدا ڪري،ماڻهوءَ کي پنهنجي ذات ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي.نشاط سينيما لائن پار جي بلڪل اسٽيشن جي سامهون هوندي هئي.اُها سينيما سيدن جي هئي.جنهن جو اُن وقت تمام وڏو عروج هوندو هو.اُن وقت فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق ۽ دلچسپي هوندي هئي.جڏهن به ڪا نئين فلم لڳندي هئي ته اُن فلم جي مشهوريءَ جي لاءِ شهر جي اهم جاين تي وڏا وڏا پوسٽر لڳايا ويندا هئا.اُن کان اعلاوه ٽانگي(گهوڙي گاڏي)تي پُراڻي دور وارا لائوڊ اسپيڪر لڳائي مشهوري لاءِ پَڙها ڏنا ويندا هئا.اسان سڀ ننڍا ٻار ڊرنڀ ڪيو پيا اُنهن ٽانگن جي پويان هلندا هئاسين ۽ پوسٽرن جي رنگن سان لکيل سهڻي پينٽگ(لکائي) جي مُختلف رنگن مان آڱريون گسائي رنگ هڻي پيا هڪ ٻئي جي مُنھَن تي رنگ هڻندا هئاسين۔سچ ته اُهو ناياب ۽ شاهڪار وقت ياد ڪري ماڻهوءَ جي ويڳاڻپ واري اڄوڪي دور ۾ اکيون ڀرجي ٿيون اچن.اُن دور ۾ سينيماگهر تمام وڏي تفريح هوندا هئا. ماڻهو سڄي ڏينهن جي وٺ وٺان مان واندا ٿي جڏهن پنهنجن سنگتين سان ڪنهن فلم ڏسڻ لاءِ سينيماگهر ويندا هئا ته سڄي ڏينهن جي پريشاني ۽ ٿڪاوٽ پَل ۾ ختم ٿي سندن دل ۽ دماغ کي تازو ۽ توانو ڪري ڇڏيندي هئي.پر اڄ اُنهن جاين تي ماڻهن جي وندر جا مرڪز ڊاهي،پَٽ ڪري اُتي ٻيو ڪجهه اَڏيو پيو وڃي.هي دور علم ۽ شعور جي ڪتابن جا دُڪان بند ڪري،بوٽن ۽ کائڻ،پيئڻ جي شين جا دڪان کولڻ کي وڏي اهميت ڏئي ٿو.ان ڪري به فن سان لاڳاپيل مرڪز پڻ اهڙين بي حِسين جا شڪار بڻجي پنهنجي تباهيءَ تي ماتم ڪندي نظر اچن ٿا.اهڙو ئي ماڻهن جي تفريح جو اهم مرڪز نشاط سينيما پڻ ڊاهي پٽ ڪري خالي ميدان ڪيو ويو آهي.ڇو ته اُها جاءِ اڄ به سيدن جي ملڪيت آهي.اتي به ضرور اڄ جي دور ۾ پيئسي ٺاهڻ لاءِ ڪا بلڊنگ اڏي دنياوي روايتن کي هٿي ڏني ويندي.ريگل سينيما جيڪا سڪرنڊ روڊ تي سڪرنڊ ڏانهن ويندي ريگل چوڪ کان کاٻي هٿ تي بلڪل اولھه واري پاسي هوندي هئي.جتي اڄ به مٺاين جا دُڪان موجود آهن تنهن کي به ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي،۽ اُن واري ويران خالي زمين، پنهنجي پُراڻي رهجي ويل چؤديواريءَ جي جُهريل ديوار جي دائري ۾ قيد ڪاٽيندي،ڪنهن نئين ميڊيڪل سينٽر،يا وري ٻئي ڪنهن اڏاوت جي انتظار ۾ پئي پنهنجي شاندار رونقن واري ماضيءَ کي ساري سرد آهون ڀريندي محسوس ٿيندي آهي.دلشاد سينيما جيڪا سڪرنڊ روڊ تي سڪرنڊ ڏانهن ويندڙ اڄوڪي ون وي واري رستي جي کاٻي طرف هئي.جنهن جي بلڪل سامهون نواب شاھ جي پُراڻي وقت جي مشهور سرور هوٽل هوندي هئي.سا به ڊهي چڪي آهي.۽ سندس سامهون اُها هوٽل پڻ هڪ ميدان ۾ تبديل ٿي ڪنهن نئين بلڊنگ اَڏجڻ جي انتظار ۾ آهي.دلشاد سينيما جتي به ٻيو ڪجهه ٺھڻ لاءِ ڪا تياري ضرور ٿيندي هوندي.(اڄ ڪلهه ته گهڻي وقت کان اتي مينھَن جا واڙا آهن) ميلوڊي سينيما جيڪا سچل ڪاليج جي سامهون هئي اُتي هاڻ شھباز شادي هال آهي.اُن ساڳي ئي رستي تي ايئرپورٽ جي گيٽ اڳيان المهراڻ سينيما هوندي هئي.جتي هاڻ گاڏين جا وڏا وڏا شوروم آهن.ان سينيما جي سامهون ائيرپورٽ جي مين گيٽ جي ڀرسان سچل ڪاليج جو هڪ ڪرڪيٽ جو ميدان هوندو هو. جنهن تي سيمينٽ سان ٺهيل هڪ پڪي پِچ پڻ هوندي هئي.اسان ان ميدان تي ڪرڪيٽ راند ڪندا هئاسين. مون کي ياد ٿو اچي ته ان دور ۾ مان شايد پنجون يا ڇهون درجو پڙهندو هئس.هڪ ڏينهن اسان اتي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين جو ايئرپورٽ جي گيٽ تي ڪجهه گاڏين جي رش نظر آئي. اسان ٻار ڊُڪندا جڏهن اُتي پهتاسين ته هڪ وڏي بند شيشن واري گاڏيءَ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ويٺي هئي. اهو پهريون ڀيرو هو جو مون محترمه کي ڪجهه قدمن جي مفاصلي کان ويجهو ڏٺو هو.سچ ته هوءِ واقعي گلابي رنگت واري هڪ خوبصورت”پنڪي“ هئي.جيئن سندس پيار مان کيس پنڪي سڏيندا هئا ايئن هوءَ حقيقت ۾ به پنڪ هئي.
يادن مان يادن جو ڦُٽي پوڻ ڪيڏو نه حسين عمل هوندو آهي.اسان ڪرڪيٽ ڏسي پوري ڪنداهئاسين ته پوءِ وري المهرڻ سينيما ۾ وڃي پوسٽر ڏسندا هئاسين.سينيما ڏاڍي سٺي نموني جي ٺهيل هوندي هئي.ان جي بيهڪ اتر ۽ ڏکڻ ۾ هوندي هئي.پردي وارو پاسو اتر طرف ۽ ان جا ٻه وڏا لوهي گيٽ اتر ڏانهن يعنيٰ اتر ۾،ايئرپورٽ واري پاسي هوندا هئا.هيٺ ٽڪيٽ گهر ۽ باڪس هوندا هئا ۽ ٻين منزل تي اوڀر ۽ اولهه طرف کان ٻنهي پاسي ڏاڪڻيون مٿي وينديون هيون.جتي وڏو هال هوندو هو ۽ پوءِ پردي واري پاسي اتر طرف هڪ وڏي گيلري هوندي هئي.سينيما جي ايراضي ڏاڍي وڏي هوندي هئي.ان وقت ٻار هئڻ واري عمر ۾ فلم کان پوءِ وقفي ۾ مان پردي جي پٺين ديوار طرف وڃي ڏسندو هئس ته اها فلم هلي ڪٿان ٿي. سو اهو ٻاراڻي وهيءَ جو حسين روح پرور وقت اڄ به يادن ۾ ساھ کڻي پنهنجي هجڻ جو احساس شدت اختيار ڪري وجهندو آهي.
سچ ته اُهي پنج ئي سينيماگهر منهنجي ننڍپڻ جا ڄڻ ته پنج خواب هئا جن کي مون جاڳندي ڏٺو هو.جن جي ساڀيان کي اڄ وقت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. اُنهن سان جُڙيل يادون ۽ اُنهن يادن ۾ اُهي پنجئي سينيماگهر اڄ به پنهنجي اصل صورت ۾ آباد آهن.جن کي مون هميشه تصور ذريعي پنهنجي روح ۾ زنده رکيو آهي. اُنهن پنجن ئي سينيماگهرن ۾ مون ننڍپڻ ۾ کوڙ ساريون فلمون ڏٺيون هيون.اُهي پنجئي سينيماگهر منهنجي زندگيءَ جي باب جو اهم حصو رهيا آهن.ڇا ته اُهو رومانٽڪ/ڪلاسيڪل دور هوندو هو.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته دلشاد سينيما ۾ شروعات ۾ جيڪا پهرين فلم لڳي هئي اُن جو نالو”خوبصورت“هو. جيڪا اُن وقت نئين آئي هئي۔جنهن ۾ مشھور ادڪار نديم ۽ شبنم هئا.اسان سڀ ننڍا هڪ جيڏا ٻار وڏي شوق ۽ چاھ سان ٽن يا ساڍن ٽن روپين جي ٽڪيٽ وٺي هائوس فل شو ۾ بلڪل پردي جي سامهون فرش تي ويٺاهئاسين ۽ اُها پوري فلم ڏٺي هئي سين۔اُن کان اعلاوه ٻين سينيماگهرن سان پڻ بيحد حسين يادگيريون سلهاڙيل آهن.جن ۾ منهنجي لاءِ هڪڙي اهم ياد هي به آهي ته”المهراڻ“سينيماگهر ۾ مون هڪڙي فلم”ڪالا ڌنڌا گوري لوگ“ست يا اَٺ ڀيرا ور ور ڪري ڏٺي هئي،جنهن فلم ۾ پاڪساني فلمن جا مشهور اداڪار وحيد مراد،آصف خان،بدرمنير،آرزو۽ ڪجهه ٻيا به اداڪار هئا.اها فلم ڪافي هفتا سينيما ۾ لڳل هئي.اُها فلم مون کي ڏاڍي وڻندي هئي.جنهن جو هڪڙو گيت اڄ به منهنجين سماعتن ۾ گونجندو رهندو آهي:


يي هوا يي فضا لي چلي هي ڪَھان
آسمان ڪي تلي بَن ڪي پنڇي مين اُڙا.

مان گهران روئي سوئي امان يا بابا کان پيسا وٺي اَڍائي يا ٽن روپين جي ٽڪيٽ وٺي وڃي اُها فلم ڏسندو هئس. ۽ پوءِ فلم جي وقفي ۾ اُتي سينيماگهر ۾ هڪڙو ريڙهيءَ تي چڻن ۽ دهي بَڙن وارو هوندو هو.شايد اَٺ آنا يا رپئي ۾ هڪڙي پليٽ ڏيندو هو.ڇا ته اُن جا چڻا ۽ دهي بڙا ذائقي دار هوندا هئا۔هڪڙي پليٽ جنهن ۾ بصرن،ٽماٽن،ساون مرچن، ساون ڌاڻن ۽ لسي مان ٺھيل کٽائي وجهي پوري پليٽ ٺاهي ڏيندو هو.اهي چڻا توڙي دهي بَڙا ايترا ته وڻندڙ هوندا هئا جو ٻه ٻه پليٽون کائي وڃبيون هيون.سچ ته اڄ اُهي يادگيريون لکندي انهن شين جو ذائقو روح ۾ تازو ٿي پيو آهي.
نشاط سينيما ۾ ته منهنجو مامو محمد بچل سينيما جو مينيجر هوندو هو. دراصل منهنجو مامو تمام ننڍي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ داد واھ کان اچي نواب شاھ جي سيدن وٽ ڪم ڪار لاءِ رهيو هو.هُو اڄ به سيدن وٽ انهن جو خاص ماڻهو آهي.انهن سيدن وٽ اچڻ کان پوءِ مامو اڳتي هلي انهن جي گهرو ۽ سينيما جي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائيندو هو. مامي جو نشاط سينيما ۾ مينيجر هجڻ ڪري ان سينيما ۾ اسان کي فلمون ڏسڻ آسان هوندو هو.ان دور ۾ سينيمائن ۾ عورتن جي لاءِ به الڳ گيلري يا باڪس هوندا هئا ۽ شهر جون عورتون گڏجي اچي فلمون ڏسنديون هيون.اسان ٻار به پنهنجن مائرن سان سينمائن تي فلمون ڏسڻ ويندا هئاسين.مامي جي ڪري سڀني سينيمائن ۾ فلم ڏسڻ جي سهولت هوندي هئي.نشاط سينيما ۾ اسان لاءِ مامون باڪس بُڪ ڪري ڇڏيندو هو. جي اڃان به وڌيڪ مايون ٿي وينديون هيون ته پوءِ گيلريءَ ۾ ڪا مخصوص جاءِ رکرائيندو هو.رات جو آخري شو يعنيٰ رات جو نائين وڳي کان يارهين تائين هلندو هو.ان شو ۾ اسان ننڍا ٻار گهر وارن سان گڏ ٽانگن تي چڙهي فلمون ڏسڻ ويندا هئاسين.ان وقت عام طور تي ٽي شو هلندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن مارننگ شو به هلايو ويندو هو جيڪو صبح جو يارهين وڳي کان هڪ تائين هلندو هو.پوءِ وري باقاعدي ٽين بجي کان وٺي پهريون شو شروع ٿيندو هو.ٻيو شو ڇهين وڳي ۽ ٽيون ۽ آخري شو رات جو نائين کان يارهين وڳي تائين هلي ختم ٿيندو هو.
ايئن انهن پنجن ئي سينيماگهرن ۾ سنڌي،اردو،پنجابي،پشتو ۽ انگريزي فلمون ڌام ڌوم سان لڳنديون هيون ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان انهن کي ڏٺو ويندو هو.مون انهن سينيمائن ۾ تمام گهڻيون مختلف فلمون ڏٺيون هيون. تڏهن وي سي آر عام نه هئي.جي هئي به ته اسان کي ان جي ايتري ڄاڻ نه هئي.مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اسان نشاط سينيما ۾ پاڪستاني فلم ”نصيب“ڏسي شام جو گهر موٽي آيا هئاسين ته ان وقت اسان جي قرب وارا ماسي جنا سومرِي وارن جي گهر وي سي آر گهرائي وئي هئي جنهن تي انڊين فلم”نصيب“ڏسڻ نصيب ٿي هئي.اها وي سي آر تي منهنجي پهرين فلم ڏسڻ جي شروعات هئي.اسان وٽ ته مسواڙ جي ڪچي لنبيل هڪ وڏي جاءِ چاچي جُمن سومري وارن جي هوندي هئي.سو ان ۾ نه لائٽ هوندي هئي نه ئي ڪا گئس.مامو بچل سيلن تي ڪو ٽيپ ريڪارڊ هلائيندو هو يا اسان جو ڏاڏو پيارو فقير سيلن واري ريڊيي تي بي بي سي ۽ سيربين پروگرام رات جو وڏي شوق سان ٻُڌندو هو.سو ٽيليويزن نه هئڻ ڪري اسان ماسي جنا وارن جي گهر انڊيا جون فلمون ڏسندا هئاسين. وي سي آر گهرائڻ لاءِ سڀ ڏسندڙ پيئسن ۾ حصو ڪندا هئا.يا پوءِ وقت تي پيئسا نه به هوندا هئا ته پوءِ اهي ماسي جنا جا اوڌر طور رهندا هئا ۽ بعد ۾ اهي ڏئي ڇڏبا هئا.اسان جو ماسي جنا وارن سان گهريلو ويجهڙو تعلق هوندو هو.ڄڻ گهر ئي هڪڙو هوندو هو. ان وقت ڏسڻ واري اک ۽ هڪ ٻئي سان خلوص هوندو هو ۽ رشتن ناتن جو احترام ڪجهه وڌيڪ ئي هوندو هو.پر اڄ انهن سڀني شين جي عدم موجودگيءَ ۾ روح اٻاڻڪو بڻجي ماضيءَ ۾ ڀٽڪڻ لڳندو آهي.۽ سمورو ماضي دل ۽ دماغ تي پنهنجن عڪسن جي دنيا کڻي نمايان ٿي ويندو آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن اُهي پنجئي سينيمائون واري واري سان مختلف وقتن تي ڊاهيون پئي ويون ته منهنجي احساسن جي دنيا،منهنجي رولاڪ روح ۾ لرزي مون کي من ئي من ۾ ڌُوڏي وڌو هو ۽ مان پنهنجي ننڍپڻ وارين اُنهن پنجن ئي سينيماگهرن ۽ انهن ۾ ڏٺل مختلف فلمن جي ماحول وارين جهڙالين ڪيفيتن ۾ ٻُڏڻ لڳندو هئس.

(12 فيبروري 2020ع)

ريشمي آواز جي پُل تي

اُهو 26، جون2011ع جو گرم ڏينهن هو ۽ لڳ ڀڳ صبح جو يارهين وڳي ستار سندر جي سرفراز شاھ ڪالوني واري جاءِ تي هئس. جو منهنجي موبائل فون تي هڪ نئين نمبر تان ڪال آئي هئي. مون فون اٽينڊ ڪندي هيلو ڪئي ته، پريان کان هڪڙو ريشمي ۽ احساسن ۾ مِٺاس پيدا ڪري ڇڏيندڙ ڪنهن ڇوڪريءَ جو آواز منهنجي بيچين سماعتن سان ٽڪرائي، دل جي ويران گُنبذ ۾ پَڙاڏن جيئن گونجي وجود جي اُڃايل وارياسي تي ڪنهن بَرکا جيئن برسي پيو.
اوهان جو اڄوڪي”ڪاوش دنيا“۾ حسن درس لاءِ لکيل نظم ڏاڍو وڻيو.مان توهان جي شاعري پڙهندي رهندي آهيان.گهڻن ڏينهن کان اوهان سان فون تي ڳالهائڻ چاهيم پئي پر نه ٿي ڳالهائي سگهيس.
مون کائونس پُڇيو ته اوهان ڪير آهيو؟ ته هُن پنهنجو ڪو فرضي تعارف ڪرايو هو.۽ پوءِ هُن فون بند ڪري ڇڏي هئي.منهنجي روح ۾ عجيب احساس ۽ خيال خوشبوءِ جيان کِڙي من ئي من ۾ مون کي واسڻ لڳا هئا.پر يڪدم ئي ذهن تي اُن کان اڳ به مُختلف وقتن تي نَون نمبرن تان آيل ڪالن وارو عارضي ۽ ڏُکوندڙ خيال به مايوس ڪندي ذهن ۾ اُڀري آيو ۽ مان اُن اجنبي فون کي به اهڙي سلسلي جي ڪَڙي سمجهي چُپ ڪري ويس.
پر ڪجهه ئي دير ۾ وري اُن ساڳي نمبر تان ڪال آئي.هُن جو جلترنگن جھڙو رَس ڀَريو سُريلو،جون ۾ جهڙالي جھڙو دل ۾ پيھي ويندڙ آواز ۽ انهيءَ آواز جو سَحر مون تي ڇائجڻ لڳو ۽ آئون آواره شاعر عجيب تَجسُس ڀَري ڪيفيتن ۾ اُن پُراسرار ڇوڪريءَ مُتعلق سوچڻ لڳس.ڪجهه ڳالهيون ٿيون ۽ پوءِ پَڪ ڪرڻ لاءِ مون اُن ڇوڪريءَ کان وري به پنهنجي سُڃاڻپ پُڇي.ته هُن پنهنجو نالو”ناياب“ ٻُڌايو هو.جڏهن مون کائونس پُڇيو ته توهان کي منهنجو موبائل نمبر ڪئين ۽ ڪٿان مليو،ته هُن مون کي نه ٻُڌائيندي فون بند ڪري ڇڏي.ايئن اُهو عام رواجي فونن جو سلسلو پنهنجي اَڻ ڄاتل سفر ڏانهن وڌڻ لڳو،مون هُن کان پُڇيو،توهان صحيح ٻُڌايو ته ڪير آهيو؟۽ منهنجو موبائل نمبر توهان کي ڪٿان مليو؟ته هُن مون کي ڪجهه ستائيندي نيٺ ٻُڌايو ته مون اوهان جو نمبر،اوهان جي ڪتاب”ڊسمبر جي اڪيلائي“مان کنيو آهي.توهان جي ڪتاب جي پُٺيان توهان،تصوير ۾ مون کي ڏاڍا سُٺا لڳا.اُن ڪري اوهان ڏانهن فون ڪيم.
موبائل فون تي ڳالهين جو اُهو سلسلو مِنٽن مان وڌندو ڪلاڪن جي طويل وقت ۾ تبديل ٿيندو ويو.صُبح جو اُٿڻ وقت هوءَ مون ڏانهن فون ڪري مون کي پنهنجي نشيلي آواز ۾ خُماري ڇڏيندي هئي.هوءَ ڏاڍي معصوم، پُرخُلوص ۽ سادي ڇوڪري هئي.هُن منهنجي دل ۽ دماغ تي پنهنجا اَڻ مِٽ اثر ڇڏيا هئا.هُن منهنجي زندگيءَ جي تمام اهم آس ته”مون کي ڪا ڇوڪري جيءُ ڀَري چاهي“پوري ڪئي هئي.ڇو ته اُن کان اڳ مون جنهن جنهن به ڇوڪريءَ کي ٽُٽي ٽُٽي چاهيو هو اُن موٽ ۾ مون کي ڪڏهن به محبتن ڀري موٽ نه ڏني هئي.مون هميشه ديوانگيءَ جي حدن تائين اُنهن ڇوڪرين سان محبت ڪئي هئي.انهن لاءِ ڀَٽڪيس، رُليس،رُنس پر موٽ ۾ انهن پاران منهنجي دل جي پلاند ۾ ڏُک ئي پلئي پيا هئا.مان ڪنهن جي به محبت نه پائي سگهڻ جي احساس ڪمتري کڻي پيو پنهنجي روح ۾ رڙندو هئس.بس شاعريءَ مون کي پنهنجي نفيس آغوش ۾ ڀَري منهنجي دُکايل دل تي آسيس جا پھا پئي رکندي هئي.هر حسين چهرو منهنجي اکين ۾ پنهنجا لافاني عڪس ڇڏي منهنجي تصور کي پيو جلا بخشيندو هو.وقت سان گڏ عُشاق دل جي حالت،ديوانگيءَ جي ديس جو واسي بڻائي مون کي شاعريءَ جا نوان نوان جھان پئي دريافت ڪري ڏيندي هئي.سڀ ظاهري حسين چھرا توڙي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ملندڙ عورتاڻا ڪردار مون کي پاڻ ۾ تحليل ڪري ڀَٽڪائڻ لڳندا هئا.۽ آئون ڀٽڪندو ئي رهجي ويندو هُئس،جو هُن جي محبت منهنجي صحرا جهڙي ويران ۽ اُڃايل زندگيءَ کي ڪنهن نخلستان ۾ تبديل ڪري مون کي هڪ ٻيو،نئون ۽ نرالو جنم ڏنو هو.جنهن جنم جي جوت منهنجي اڳين جنمن جي اُونداهين ۾ روشنيون ڪري ڇڏيون هيون.
فونن جو اُهو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌڻ سان گڏ،هڪٻئي لاءِ وڌيڪ محبت اسان جي دلين ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي.فلحال ته صرف ريشمي ۽ رنگين آواز جي نفيس پُل اسان جي وچ ۾ هئي.سچ ته هوءَ مون کان وڌيڪ مون کي چاهڻ لڳي هئي.جنهن جو اظهار هُن مُختلف اندازن سان فون تي ڪيو هو.اسان هر روز صبح کان رات دير تائين فونن يا ميسيجن ذريعي پيا پيار ڀَري گُفتگو ڪندا هئاسين.هُن سان اُهو فون تي ڳالهائڻ وارو تعلق ايترو ته پَچي پُختو ٿي ويو هو جو ايئن لڳندو هو ڄڻ اسان ٻئي ڪيترن ئي جنمن کان هڪ ٻئي کي محبت ڪندا پيا اچون.ڄڻ اسان ٻنهي هڪ ٻئي لاءِ ئي جنم ورتو هجي.ٿوري وقت ۾ ايترو ته هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا هئاسين جو هاڻ هُن جو مون کان ڳُجهو رهڻ مون کي ويتر ستائڻ ۽ بيقرار ڪرڻ لڳو هو.اسان لڳ ڀڳ سال کان مٿي عرصي تائين هڪ ٻئي کي پري کان به روبرو نه ڏٺو هو.هُن ته وري به منهنجي ڪتاب تي تصوير ڏٺي هئي پر مون وٽ هُن جي چھري لاءِ پُرتجسس تصور هو،جنهن مون کي سُڪون سان نه ٿي ويھڻ ڏنو.مون هاڻ هردفعي هُن کان سندس گهر جو ڏَسُ پَتو پُڇڻ شروع ڪيو هو ۽ کيس يقين ڏيارڻ لڳو هئس ته،ناياب!تون مون تي اعتبار ڪر.مون پاران توکي ڪا به پريشاني ۽ ويساھ گهاتي نه ٿيندي.تون مون کي پري کان ئي پنهنجو درشن ڪرائي ته منهنجي من ۾ تولئه پيدا ٿيل اُٿل پُٿل ۾ ڪُجهه ته ماٺار اچي ۽ مون کي به پَڪ ٿئي ته تون واقعي مون سان مُحبت ڪرين ٿي ۽ مون تي اعتبار به ڪرين ٿي.پر هر ڀيري ڳالهيون ڪندي ڪندي جڏهن مان کيس ديدار جي ۽ سندس گهر جي ڳالهه ڪندو هئس ته هوءَ اُن کان لنوائي ويندي هئي.ايئن آئون هُن کان ناراض ٿيندي،پَڪائي ڪندي سندس فون اَٽينڊ نه ڪندو هئس يا سندس ميسيجن جو رپلاءِ به نه ڪندو هئس.يا ڪڏهن ڪڏهن فون بند ڪري ڇڏيندو هئس.يا کيس چوندو هئس ته جي رڳو ايئن ئي فون تي محبت جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته پوءِ اُهو مون کي قبول ناهي. توکي پنهنجو گهر توڙي پنهنجو ديدار مون کي ڪرائڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ پنهنجو تعلق ختم سمجهه.پر هوءَ هر دفعي مون کي گهر ٻُڌائڻ ۽ ديدار ڪرائڻ جو واعدو ڪري ٻه ٽي ڏينهن ڪڍي ويندي هئي.هاڻ اسان ڳالهين جي رُڃ ۾ تمام گهڻو پَري نِڪري چُڪا هئاسين. بلڪه ايئن چئجي ته هوءَ چري ڇوڪري مون سان گڏ هلندي به مون کان تمام گهڻو اڳتي نڪرندي پئي وئي.پيار،محبت جون اَڻ کُٽ ڳالهيون ڪندي ڪندي به هر ڀيري ڪيتريون ئي ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وري به وڌي وڻ ٿينديون رهنديون هُيون.کوڙ ڳالهيون ڪندي پوءِ به ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو احساس پَل به پَل وڌندو محسوس ٿيڻ لڳندو هو.نيٺ هڪ ڏينهن هُن پنهنجي گهر جو ڏَسُ ڏنو.سچ ته اُن وقت ايئن محسوس ٿيڻ لڳو هو ته ڄڻ مون کي خدا جي گهر جو پتو مليو آهي.هُن جو اُهو گهر منهنجي مَسواڙ جي وي آئي پي روڊ ڀنگوار ڪالوني واري جاءِ جي پُٺين بيٺڪ واري گهٽيءَ کان ٿورو ئي اڳتي هو.اُن وقت مان پنهنجي روح ۾ جُهومي پيو هئس.هاڻ ته بيٺڪ واري در وٽ بيھي سندس گهر کي ڏسندي،ساڻس فون تي ڳالهائيندو هئس.پيار،محبت جا واعدا وچن ڪندي ڪندي محبت ۾ مَخمور ٿي پئي جيئبو هو.هُن جون وڌ کان وڌ ڳالهيون ٻُڌڻ چاهيندو هئس پر هوءَ گهٽ ڳالهائيندي مون کان گهڻو ڳالهرائڻ چاهيندي هئي.ڇو ته هوءَ گهر ۾ هئڻ جي ڪري چوري چوري لِڪي لِڪي ڪڏهن گهر جي ڪمري مان،ڪڏهن واش روم مان ته ڪڏهن گهر جي ڇِت تان پئي ڳالهائيندي هئي.
هاڻ ڳالهين ڳالهين ۾ اسان هڪ ٻئي جي تقريبن سڀني ڳالهين کان واقف ٿيندا پئي وياسين.هُن مون کان پُڇو هو ته ”سلميٰ“ڪير آهي؟جنهن کي تو پنهنجو ڪتاب”آرسيءَ جا خواب“ارپنا ڪيو آهي.ته مون بنا ڪنهن ڪوڙ هڻڻ جي هُن کي ٻُڌايو هو ته اُها منهنجي جيون ساٿياڻي آهي ۽ کيس ٻُڌايم ته مون کي ٻن نياڻن ۽ هڪ پُٽ جو اولاد پڻ آهي.(هاڻ ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ)مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندو آهيان ۽ پرائمري اُستاد آهيان.مون جڏهن هُن سان ٻيو به ڪجهه سچ ڳالهائيندي ڳالهيون ڪيون ته هُن انهن سڀني ڳالهين جي اڳواٽ ئي معلومات هُئڻ جي ڳالهه ڪري مون کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي گهر واري سلميٰ جا نقش ۽ اُن جون ٻيون نشانيون ٻُڌائي مون کي پريشان ڪري ڇڏيو.نه رُڳو اِهو پر منهنجي اَمان جو نالو ۽ ٻيون ڪُجهه گهريلو ڳالهيون ٻُڌائي مون کي تَجسُس ۾ وجهي ڇڏيو.۽ مان سمجهڻ لڳس ته ڪٿي هي ڇوڪري مون سان مذاق ڪري منهنجي گهر وارن اڳيان مون کي خوار ۽ خراب ته نه ڪري رهي آهي.پر ايئن نه هو.هُن مون کي پَرپٺ منهنجي تصوير ڏسندي مون سان اَڻ ڏٺو عشق ڪري ڇڏيو هو.بلڪ هُن جي بقول ته هُن مون کي پنهنجو گهوٽ به تسليم ڪري ڇڏيو هو.هوءَ چوندي هئي ته سندس سؤٽ جيڪا هُن جي بهترين دوست هئي.اُها ۽ هوءَ ايتريون ته ويجهون ۽ هم راز دوست آهن جو هُنن جو خيال آهي ته هُو شادي به هڪ ئي مرد سان ڪنديون.جڏهن هُن جو مون سان تعلق جُڙيو ته اُن سموري سلسلي ۾ سندس اُها دوست ئي ساٿي هوندي هئي ۽ هيڏانهن وري منهنجو هم راز دوست ستار سُندر هو.اسان جڏهن به فون تي ڪچهري ڪندا هئاسين ته هوءَ پنهنجي سؤٽ سان به مون کي ڳالهرائيندي هئي. ۽ مان وري ستار سان کيس ڳالهرائيندو هئس.اڳتي هلي ايئن ٿيو ته هُنن جو، مون سان ۽ ناياب جو ستار سان باقاعدي فون تي ڳالهائڻ به ٿيندو هُيو. پر هوءَ ڪهڙي هوندي،ڪيئن هوندي؟ اُن تَجسُس نُما سحر مون کي مَنڊيندي مَنڊيندي نيٺ منهنجي چاهت هٿان خود مَنڊجي هار کائيندي پنهنجي ديدار جي هام ڀَري ورتي.اُها ڳالهه هُن جي واتان ٻُڌي مون کي لڳو ڄڻ مان خدائي جو ڪو خواب ڏسڻ وڃي رهيو هُجان.۽ پوءِ فون تي رابطي ۾ رهندي مان جڏهن سندس گهر کان ڪنهن طريقي سان ساڻس ٻُڌايل جڳهه کان هٿ جو اشارو ڏٺو ته منهنجي وجود ۾ عجيب قسم جي احساس ڪَر موڙي مون کي ڄڻ ته گھري ننڊ مان سُجاڳ ڪري وڌو هو.۽ پوءِ جڏهن ڇِت جي ڪنهن جاءِ تان هُن پنهنجو درشن ڪرايو هو ته هُن جو چھرو سج جيئن منهنجن اُونداهن نيڻن ۾ اُجري باک جيئن پکڙجي،اُنهن ۾ پنهنجي سُونهن جا اُجالا ڪري ڇڏيا ته مان سندس سونهن جي نُور ۾ وهنجڻ لڳو هئس.مان خوشي ۽ حيرانيءَ ۾ سندس حُسن ۾ تَحليل ٿيڻ لڳس. هوءَ عمر ۾ مون کان گهڻي ننڍي هئي.ٻاويهه ٽيويهه سالن جي عمر،قد ۾ به مون کان ننڍي،بُت ۾ پُوري پني هڪ مڪمل خوبصورت ڪاليجي ڇوڪري هئي.هُن بي اي جي ٻئين سال جا پيپر اُنهن ڏينهن ۾ يعنيٰ مونسان جُڙيل تعلق دوران ڏنا هئا.هاڻ هر روز سندس ديدار منهنجي زندگيءَ جو هڪ اهم ۽ ضروري حصو بڻجي پيو هو.هوءَ مون کي روبرو ڏسي تصوير ۾ ڏٺل کان وڌيڪ مُتاثر ٿيڻ جو ٻڌائيندي هئي.هوءَ منهنجي وڻڻ جون ڳالهيون ڪندي نه ڍاپندي هئي.اُنهن ڏينهن ۾ مان صرف اڇي رنگ جا ڌوٻي جا ڌوتل،ڪلف ڏنل ڪپڙا پائيندو هئس.اُها منهنجي پهرين ۽ آخري پسند هئي.ٻي رنگ کي آئون پنهنجي لباس طور قبول نه ڪندو هئس.شعوري زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ستار سُندر جي دوستي ۾ سندس اسرار تي ڪجهه سال اڳ مون آسماني رنگ جو وڳو پاتو هو.اُن کان پوءِ ستار کان به واعدو ورتو هُيم ته هاڻ هُو اُن حوالي سان وڌيڪ مون کي زور نه ڀريندو.دوستن ۾ ڪاٽن جو اَڇو وڳو منهنجي سُڃاڻپ بڻجي چُڪو هو.
هوءَ جيڪا پنهنجي مزاج ۾ ڏاڍي سيبتي،سهڻي ۽ سنجيده هئي.سا جڏهن ڇِت تان لِڪي لِڪي مون ڏانهن ڏسندي هئي ته مون کي اُن ويل خدا جي خدائي تي يقين ٿيندي ڀاسندو هو ته هُن جي روپ ۾ مون کي خدا پنهنجو درشن ڪرائي رهيو آهي.مان رنگ جو جيترو سانورو ۽ سادي شڪل صورت وارو هئس اوتري ئي هوءَ مون کان بي انتها حسين ۽ ڳوري رنگ بلڪ سندس رنگ تازي پگهريل سون جهڙو هوندو هو. مون کي محسوس ٿيڻ لڳو هو ته هوءَ منهنجي شاعريءَ جو جيئرو جاڳندو روپ آهي.پر هوءَ مون پاران پنهنجي سچي ساراھ ٻُڌي به پاڻ کي مون کان گهٽ چوندي هئي.۽ رڳو منهنجي تعريف ڪندي رهندي هئي.هوءَ مون کي ٻين رنگن جي ڪپڙن پائڻ لاءِ زور ڀريندي هئي ۽ مان انڪار ڪندو هئس ۽ کيس ڏٽا پيو ڏيندو هئس.ايئن محبت جو سفر ڪندي ڪندي،هڪ ٻئي جو پري کان درشن ڪندي ڪندي هڪ شام هُن مون کي فون ڪري چيو ته اڄ رات جو لوڊشيڊنگ واري وقت،تون منهنجي گهر جي در جي ڀَر ۾ موجود رَڌڻي واري ايگزاسٽر فين واري ڇڏيل وڏي ڳُڙکي وٽان،مان توکي پنهنجون تصويرون موبائيل ڪارڊ ۾ وجهي،ماچيس جي خالي کوکي ۾ اُتان اُڇلائي ڏينديس.تون اُهو ماچيس کڻي وٺجان.ايئن اُن ساڳي ترتيب ڏنل طريقي سان فون تي رابطي ۾ رهندي لائٽ وڃڻ وقت اهو ماچيس هُن اندران اُڇليو ته مون هيڏي هوڏي ڏسي وائسي فون تي ڳالهائيندي ويندي ويندي رستي تان کڻي ورتو.ڪجهه پريشاني به سِر تي سَوار ٿي رهي هئي ته ڪٿي اُن ڪم ۾ پَڪڙجي نه پئون ۽ هُن لاءِ ڪو مسئلو نه پيدا ٿي پوي پر هُن به عشق جي جنون ۾ اُن ڳالهه کي ڪا اهميت ئي نه ڏني.پر پوءِ مون کيس سختيءَ سان معنيٰ ڪئي ته اِهو سڀ ڪجهه آئينده نه ٿيڻ گُهرجي،متان ڪٿي تنهنجي لاءِ ڪو مسئلو کڙو نه ٿي پوي.پر هوءَ چري ڇوڪري منهنجي ڪٿي ٻُڌڻ واري هئي.هُن اُن سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هڪ ڀيري وري رات جو لائٽ وڃڻ کان پوءِ مون کي منهنجي پنهنجي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”سمنڊ جي هُن پار“پهچائڻ جو حُڪم ڪيو.مان پريشان سندس گهر سان لاڳيتو ڀرسان ٻي جاءِ،جيڪا سندن ئي هئي ۽ اڌوري ۽ خالي پيل هئي.اُن جي ڇِت تي مون اُهو ڪتاب تيز مَٿي اُڇليو پر اُهو هوا لڳڻ ڪري ڇِت تي ڪرڻ کان اڳ ئي اورتي رستي واري پاسي اچي گهٽيءَ ۾ ڪريو.ٺيڪ اُن وقت هُن جو ننڍو ڀاءُ گهر کان ٻاهر نڪتو پئي پر مون پنهنجي اندر ۾ ڏَڪندي ۽ ڊِڄندي به بنا ڪجهه محسوس ڪرائڻ جي،اُهو ڪتاب يڪدم کڻي ورتو ۽ فون تي ڳالهائيندو اڳتي نڪري ويس.سچ ته مون کي ڏاڍي پريشاني ٿي ۽ مون هُن کي ناراض ٿيندي چيو به هو ته،هي ڪهڙو طريقو آهي.ڇا پاڻ ڪٿي ملي نٿا سگهون يا ڪو ٻيو فرد ناهي جنهن هٿان اسان هڪ ٻئي کي ڪا به شيءِ ڏئي سگهون؟پر هُن چيو هو ته اهڙو ڪوبه ذريعو ناهي.اُهو سلسلو ايئن ئي فون تي رهندو.پر منهنجي اندر ۾ هُن کي ويجهي کان روبرو ڏسڻ جو اشتياق ڏينهون ڏينهن شدت پئي اختيار ڪندو ويو.دل ته هُن جي به چوندي هئي ته اسان ملون،پر هُن جي گهر جو ماحول سخت هُئڻ ڪري ۽ گهر کان اڪيلي نِڪرڻ تي سختي هئڻ ڪري هوءَ گهر کان ٻاهر ڪيڏانهن به نڪرندي هئي ته هُن سان پنهنجي ماءُ،ڀاڄائي يا ڪا ڀيڻ گڏ هوندي هئي.
خير،هُن جو ضد ته اُهو ڪتاب تون ڇِت تي اُڇلائي ته مان اُتان اُهو کڻي وٺنديس.نيٺ مون به تنگ ٿيندي،دل ٻَڌي رات جي ساڳي وقت ڪتاب سان هڪڙو وڏو پٿر ٻَڌي زور سان مَٿي اُڇليو ته اُهو ڇِت تي وڃي ڪِريو ۽ مان اڳتي هليو ويس.
ايئن وري هڪ ڀيري هُن ضد ڪندي ساڳي طريقي سان مون کي لائٽ وڃڻ وقت رات جي اُونداهيءَ ۾ پنهنجي گهر واري گهٽيءَ وٽ گُهرايو ۽ هُن رڌڻي جي سوراخ مان هڪ وڏي ٿيلهي زور سان ڌڪي ٻاهر ڪڍي اُڇلي.ان جي ڪرڻ جو آواز به ٿيو ۽ آئون ڊڄي به ويس پر پوءِ به ڊڄندي ڊڄندي اُها ٿيلهي طريقي سان کڻي هليو ويس.اُن ٿيلهي ۾ پرفيوم، ڊائري،مصلعو،تسبيع،وغيره هُيون.مان اُها ٿيلهي گهر کڻي ويس.گهر واريءَ هٿ ۾ ٿيلهي ڏسي ڪنهن پوليس وانگر پُڇاڻو شروع ڪيو ته اِهو ٿيلهي ۾ ڇا آهي؟ته مون کيس ڪوڙ ڳالهائيندي چيو،هي سامان ڪنهن دوست تحفي طور موڪليو آهي.
بهرحال اُهو منهنجو پيار کي لڪائڻ لاءِ ڳالهايل پهريون ڪوڙ هو جيڪو مون ڳالهايو.۽ پوءِ اڳتي هلندي مُسلسل پنهنجي ڪمري ۾ فون تي ڳالهائيندي يا منهنجي فون تي فرضي نالي”آڪاش“ سان سَيوِ ڪيل هُن جي موبائل نمبر تان ڪال ايندي منهنجي گهر واري به شڪجڻ لڳي هئي.پر مان کيس ڪوڙ ڳالهائي به اعتبار ڏياري ويندو هئس.۽ ايئن هوءَ به پنهنجي گهر ۾ مَشڪوڪ بڻجڻ لڳي هئي.پر هُن پنهنجي ڀيڻ ۽ سؤٽ کي پنهنجو هم راز بڻائي ڇڏيو هو.جنهن ڪري هُن جو گهڻو بَچاءُ هوندو هو.هوءَ پنهنجين ڀيڻن سان به مون کي ڳالهرائيندي هئي ۽ هُنن کي چوندي هئي ته پنهنجي ڀيڻويي سان ڳالهايو.هُو مون کي چونديون هُيون ته اسان جي ڀيڻ جي توهان کي پارت آ.هِن جو خيال رکجو.ٻيو ته اسان جي خاندان وارا ٻي ذات وارن ۾ پنهنجون نياڻيون نه ڏيندا آهن.اُن ڪري هِن کي توهان ئي سمجهايو ته هوءَ شادي واري جنون کي ماٺو ڪري.پر مان جڏهن به هُن کي اهڙيون ڳالهيون چوندو ۽ سمجهائيندو هئس ته هوءَ بلڪل به چِڙي پوندي هئي بلڪه پنهنجن ڀيڻن سان به اَٽڪي پوندي هئي.۽ چوندي هئي ته ڇا به ٿئي مان شادي ڪنديس ته صرف توسان ئي ڪنديس.پوءِ ڇو نه مون کي گهران نڪري توسان ڪورٽ ميرج ئي ڪرڻي پوي.آئون هُن جي اهڙي ديوانگيءَ تي پريشان ٿيڻ سان گڏ ڊڄڻ به لڳندو هئس ۽ کيس ڪنهن به تڪڙي ۽ اُٻھري قدم کڻڻ کان پنهنجا قسم ڏئي،روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.هوءَ منهنجي گهر واري تي به چِڙ کائيندي هئي ۽ ٿوري گهڻي دير سان فون اٽينڊ ٿيڻ سبب اُن جا مون کي مهڻن سان گڏ داٻا پڻ ڏيندي چوندي هئي ته،اِها موٽي مون کان توکي روڪي ٿي.مان اُن کي نه ڇڏينديس.اهڙي تھڙي منهنجي مڙس تي قبضو ڪيو ويٺي آهي.مان کيس سمجهائيندي چوندو هئس ته ايئن ناهي جو هوءَ مون کي توکان روڪي ٿي.هُن کي ته خبر به ناهي.تون ڇو ٿي ويچاري کي گهٽ وڌ ڳالهائين ته وري کلندي کلندي سنجيده ٿي ويندي هئي ۽ چوندي هئي ته توکي مون کان وڌيڪ هُن سان محبت آهي اُن ڪري تون اُن جو پاسو ٿو وٺين ۽ مان چوندو هئس ته چَري!پنهنجي ملڻ کان اڳ منهنجي هُن سان شادي ٿيل آهي.ها اگر مون توسان ملڻ کان پوءِ هُن سان شادي ڪئي هجي ته پوءِ مان تنهنجو ڏوهاري هجان ها.۽ پوءِ هوءَ ڏکاري ٿيندي اُن ڳالهه کي مڃيندي چوندي هئي ته،ڇا به ٿئي پر تون منهنجو آهي ۽ منهنجو ئي رهندين.مان ڪنهن مھل به گهر کان نڪري اچي توسان ملنديس ۽ پوءِ پاڻ ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏينداسين.هُن جي اهڙي ديوانگيءَ واري حالت ڏسي مون کي خوف ٿيڻ لڳندو هو،ته ڪٿي هُوءَ چري ڇوڪري جنون ۾ اچي ڪو اُٻھرو قدم کڻي پنهنجي زندگي نه تباھ ڪري وجهي.
مان جيڪو شادي شده،مسواڙ جي جاءِ ۾ رهندي،صرف پگهار تي ڏکيو سکيو گذر پيو ڪندو هئس.اهڙي وقت ۾ هُن جھڙي امير گهراڻي جي،سُکن ۾ پَليل ڇوڪريءَ کي ڪهڙو سُک ڏئي سگهان ها. ۽ ٻيو ته منهنجي گهر وارا يعنيٰ امان،گهر واري ۽ ڀيڻون مون کي ڪٿي اهڙي اجازت ڏين يا ان لاءِ ساٿ ڏين ها جو مان ٻي شادي ڪيان ها.
سو آئون اهڙي صورتال جي ڪري پريشان رهڻ لڳو هئس.مان پڻ هُن سان محبت ۾ مَحو ٿي چُڪو هئس.پر مون کان وڌيڪ هوءَ محبت ۾ گھري لھي چُڪي هئي.هاڻ ٻنهي طرفن کان روبرو ملڻ ۽ هڪٻئي کي ويجهي کان ڏسڻ جي خواهش شدت اختيار ڪرڻ لڳي هئي. مرد هئڻ جي ڪري مون لاءِ ملڻ ته مسئلو نه هو پر عورت هئڻ جي ناتي هُن جو مون سان ملڻ گهڻو مُشڪل هو. سندس لاءِ ڪو مسئلو پيدا ٿيڻ منهنجي لاءِ پريشانيءَ جو وڏو ڪارڻ هو.ڇو ته هوءَ عشق جي انتها تي پهچي چڪي هئي.۽ آئون توڙي جو هن سان محبت ڪندو ته هئس پر پوءِ به هن جي محبت جي جنون آڏو ڪجهه نه هئس.منهنجي هر ڳالهه تي نظر هوندي هئي.ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ پڙهيل لکيل سُٺي گهر جي، سڌي سادي ڇوڪري هئي.مان سندس لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ڪو به مسئلو پيدا ٿيڻ نه پئي چاهيو.پر هوءَ منهنجي سمجهائڻ تي مون کان به رُسي ويندي هئي.مون کي آڌي آڌي رات جو فون ڪري،ننڊ مان اٿاري عجيب قسم جون ڳالهيون ڪندي هئي.ڏينهن توڙي رات جو ڪنهن وقت به هوءَ مون کي گهر وٽ گهرائي وٺندي هئي.۽ پنهنجي گهر جي بيٺڪ واري ڪمري جي دريءَ مان مون سان فون تي ڳالهائيندي پئي اندران مون کي ڏسندي هئي ۽ اوسين تائين رستي تي بيهاريو بيٺي هوندي هئي جيسين تائين سندس گهر جو ڪو ڀاتي ڪمري ۾ اندر نه اچي.مان اهڙي صورتحال ۾ سُڪون ته محسوس ڪندو هئس پر ٻئي پاسي سندس ديوانگي پريشان به ڪرڻ لڳندي هئي.ڇو ته هوءَ گهر جي چؤديواريءَ ۾ رهندي پئي عشق ۽ محبت ۾ سهڻيءَ جيان ٻُڏندي ۽ تَرندي هئي ۽ اڪيلي سِر هوءَ بنا کائڻ پيئڻ جي راتين جو جاڳندي پئي ڀوڳيندي هئي. اهڙين حالتن ۾ هوءَ ڪنهن به ڳالهه تان ناراض ٿي روئيندي مون کي خودڪشيءَ ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏيندي هئي ته مان پنهنجي وجود ۾ صفا لرزي ويندو هئس. عشق ۾ ديوانگيءَ جي اهڙي گُلن جي ٽڙڻ جي موسم ۾ ٿڌ ۽ بارش ۾ آچر، سترهين فيبروري ٻه هزار تيرهن تي ايڇ ايم خواجه هاءِ اسڪول ۾ هر سال جيان لڳندڙ گلن جي نمائش ۾ هُن سان پهرين ڀيرو روبرو ملڻ ٿيو هو.مان اُن گلن جي نمائش ۾ اُن کان اڳ به ٻه چار دفعا ستار سان ڪتابن جو اسٽال لڳائي چُڪو هئس.اُن سال ڪتابن جي اسٽال لڳائڻ جو ڪوبه ارادو نه هو پر هُن سان ملڻ جو اهڙو سونهري موقعو هٿان ڪٿي ٿي وڃائڻ چاهيم.اُن ڏينهن تي پڊعيدن ۾ پنهنجي پياري دوست ساگر حنيف بڙديءَ جي دعوت به هئي پر مون ساگر کان اڳ ئي نه اچڻ جي معذرت ڪري ڇڏي هئي.سو اُن شام،جنهن جي ٿڌڙي منجهند جو مينهن وسي شھر تي گهنگهور گهٽائون ڪري موسم کي وڌيڪ سرد ۽ رومانٽڪ بڻائي ڇڏيو هو.
ستار ۽ رفيع کي ساگر جي دعوت ۾ ضرور پهچڻو هو.سو مون اڪيلو هجڻ ڪري پنهنجي هڪ ٻئي دوست ذوالفقار جي پاڻ سان گڏ اسٽال تي ويهڻ جي پاس به ٺهرائي ڇڏي.ڇو ته عورتن جي ڏينهن ۾ ڪنهن به مرد کي سواءِ انتظاميه ۽ ٻيو مُختلف اسٽالن وارن جي، اندر اچڻ جي اجازت نه هوندي آهي.مُڪمل طور تي سيڪيورٽي جي ڀرپور انتظام سان هي نمائش ٿيندي آهي.سو اُن ڏينهن اسان به وقت سان اسڪول جي ايراضيءَ ۾ پنهنجي اسٽال تي پهچي ويا هئاسين.
گلن جي هي نمائش ڪافي وقت کان وڏي پيماني تي لڳندي رهندي آهي.اُهو سُھانو سَمو دل ۽ دماغ کي مَخمور ڪري ڇڏيندڙ هوندو آهي.وڏا رنگ ۽ روپ هوندا آهن.هر شيءِ جا اُتي اسٽال هوندا آهن.هر شيءِ ملندي آهي. مطلب ته هڪ قسم جو شاندار سائنسي ميلو هوندو آهي.اهڙي حسين ۽ پُر رونق وقت ۾ حسين حسين چھرا ڏسي دل سيني ۾ گلاب جيئن ٽڙي پوندي آهي.سو اُن ڏينهن آئون هُن سان ملڻ جي عظيم خوشي ۾ نه پئي ماپيس.۽ مون کان وڌيڪ هوءَ مون سان ملڻ لاءِ اُتاولي هئي. مون اُن ڏينهن تي بوسڪيءَ جو وڳو پاتو هو.آسمان تان هوريان هوريان بارش به وسي رهي هئي.آڪاس تي گهاٽن ڪڪرن جي اُن ڊڪ ڊوڙ ۾ مان ڌرتيءَ تي هر چهري ۾ هُن کي ڳولي رهيو هئس. جو اوچتو ڀَرت ڀَريل ڪاري جوڙي ۾ بيحد حسين نظر ايندڙ ۽ روح ۾ لهي ويندڙ پنهنجي زندگي محسوس ٿيندڙ هوءَ عورتن جي رش ۾ مون کي نظر اچي وئي.هوءَ مون کي پري کان اکين ئي اکين ۾ پيار ڀريو سلام ڪندي اڳتي گذري وئي. مان سندس واپس اچڻ جو بيقراريءَ سان انتظار ڪرڻ لڳس ۽ دل ئي دل ۾ ڊڄي به رهيو هئس ته ڪٿي هُن جي ماءُ يا ڀاڄائي کي ڪا کُڙڪ نه پئجي وڃي ۽ هُن لاءِ ڪو مسئلو نه بڻجي وڃي. ٿوري دير کان پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍي ڀيڻ ۽ پنهنجي دوست جيڪا سندس سؤٽ به هئي اُنهن سان گڏجي منهنجي اسٽال تي اچي ڪتاب ڏسڻ جي بهاني مون کي ڏسڻ لڳي.آئون سندس سُونهن جي سمنڊ ۾ ڪنهن اَڻ تاروءَ جيان ٻُڏڻ ۽ تَرڻ لڳس.هوءَ اسٽال ۾ اندر اچي پنهنجي نفيس ۽ نازڪ هٿ ۾ منهنجو هٿ قابو جهلي ڪنهن عجيب ڪيفيت ۾ مُبتلا ٿي وئي.هوءَ سَراپا ڪو سُونهن جو اعليٰ پيڪر هئي.هُن جي ڪَزن ۽ ڀيڻ پڻ اُتي موجود هُيون جيڪي اسٽال کان ٻاهر پري تائين هُن جي ماءُ وارن کي ڏسي رهيون هيون ته ڪٿي اُهي به اُتي نه اچي وڃن.هُن کي پنهنجي روبرو ڏسي زندگيءَ جي بيحد حسين هجڻ جو احساس ٿيم پئي.خاموشي اسان جي زبان بڻجي هڪ ٻئي جو اظهار ڪري رهي هئي.لفظ سِر جُهڪائي اسان آڏو سجدو ڪري رهيا هيا.مينهن وسڻ ڪري هوا ۾ ٿڌ جو احساس هو پر اسان دنياوي احساس کان دور هٿ هٿ ۾ ڏيو. هڪ ٻئي کي ڏسندا،مُسڪرائيندا تيز وهندڙ وقت جي نديءَ جي لهرن تي جُهومي رهيا هئاسين جو هُن جي سؤٽ هُن کي جلدي هلڻ لاءِ سڏيو.ڇو ته سندس ماءُ وارا اسٽال واري پاسي اچي رهيا هئا.هُن جلديءَ ۾ پنهنجي موبائل ڪئميرا سان پنهنجي سؤٽ کي اسان ٻنهي جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ چيو. تصويرن نڪرڻ کان پوءِ هوءَ نه وڃڻ چاهيندي به وڃڻ لڳي.آئون پاڻ پنهنجي روح ۾ دُکي ٿيڻ لڳس.ڇا ته وقت جي ستم ظريفي هئي جو ٿوري دير اڳ جڏهن اسان مليا هئاسين ته گُلن جيئن من ئي من ۾ ٽِڙي رهيا هئاسين ۽ هاڻ موڪلائڻ مھل خزان اسان جي چپن جي مُرڪن توڙي ٽھڪن کي زرد ڪندي پئي وئي.وڃڻ مھل منهنجي هٿ تي هُن جي پهرين چُميءَ منهنجي وجود کي خوشبوئن سان مهڪائي رنگين ڪري ڇڏيو هو.مون به موٽ ۾ سندس پشم جهڙي هٿ تي پنهنجا اُڃايل چپ رکي ڇڏيا هئا.هوءَ پنهنجي ماءُ وارن سان ويندي به پوئتي مون ڏانهن پئي ڏسندي وئي.۽ آئون ڀَري گُلن جي نمائش ۾ پاڻ کي اڪيلو اڪيلو ۽ ميلي ۾ وڃائجي ويل ڪنهن ٻار جيان محسوس ڪرڻ لڳس،۽ اسٽال تي موجود ڪنهن درد ۾ ٻُڏل ناول جو ڪو ڪردار بڻجي رهجي ويس.
ناياب جي ناياب محبت جون اڄ هي حسين يادگيريون لکندي ڄڻ ته ناياب جهڙين ڇوڪرين لاءِ نزار قبانيءَ جو هي نظم انهن جي عڪاسي ڪندو هجي ته:
عورت امير ماڻهو نه چاهيندي آهي
خوبصورت يا هڪ شاعر به نه
هوءَ هڪ اهڙو ماڻهو چاهيندي آهي
جيڪو سندس نيڻن کي پڙهي سگهي.
هُن جو هٿ پنهنجي سيني تي رکي
چوي ته هي تنهنجو گهر آهي

سچ ته ناياب،زندگيءَ جي سڀني آسائشن کي ٺُڪرائي مون جهڙي مُفلس ۽ آواره شخص سان بنا ڪنهن تفريق جي اهڙي بي انتها محبت ڪئي جو مون اڳ ته اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون صرف ٻُڌا هئا پر هاڻ آئون سڀ ڪجهه عملي طور تي پنهنجي زندگيءَ ۾ پَسي رهيو هئس.
اُن ڏينهن گُلن جي نمائش ۾ ملڻ کان پوءِ اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ڌيان جي وڌيڪ گهرائي ۾ لھڻ لڳاھئاسين.هوءَ عشق جي اَنڌي گهوڙي تي چڙهيو اکين هوندي به ڄڻ بنا ديد جي تيز هوائن ۾ اُڏامندي ٿي وئي.اهڙي حالت ڏسي ۽ محسوس ڪري مان هُن لاءِ پريشان ٿيڻ لڳندو هئس ته هاڻ هُن سموري سلسلي جو اَنت ڪهڙو ۽ ڪيئن ٿيندو.بس هڪ ڳالهه مون دل ۽ دماغ ۾ ويهاري ڇڏي هئي ته ڇا به ٿي پوي پر هُن تي ڪا به آنچ نه اچي.ڇو ته هوءَ محبت ۾ ڏاڍي معصوم ۽ مڌهوش بڻجي چُڪي هئي. هُن جي سؤٽ توڙي ڀيڻ فون تي ٻُڌائينديون هُيون ته هُن کي رڳو توهان ياد هوندا آهيو.هُن کي ٻيو ڪجهه به ياد نه هوندو آهي.هر وقت توهان جي خيالن ۽ ڳالهين ۾ مصروف رهندي آهي.۽ ڪنهن وقت به گهران نڪري اوهان ڏانهن اچڻ جو چوندي آهي.اگر ايئن ٿيو ته هُن کي ادا وارا ماري ڇڏيندا.اُن ڪري توهان هُن کي سمجهايو ته پاڻ هڪ سُٺا دوست آهيون ۽ سدائين رهنداسين. مان کين يقين ڏياريندو هئس ته منهنجي لاءِ هُن جي عزت ۽ احترام سڀ کان اُتم آهن.مان هُن کي گهڻو ئي سمجهايان ٿو ته هوءَ مونسان وڙهي ٿي ۽ ناراض ٿي فون بند ڪري ڇڏي ٿي.پر پوءِ به مان ڪڏهن ڪڏهن توهان کي به نه ٻڌائيندو آهيان ته هوءَ مون کان ناراض آهي.ته جيئن هوءَ پاڻ کي سنڀالي سگهي.پر پوءِ وري هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ هوءَ فون ڪري اچي روئيندي ۽ ميارون ڏيندي آهي ته توکي مون سان محبت ناهي.جو تو مون کي پرچايو به ڪونه،نه ئي ڪا منهنجي سنڀار لڌي.ته مان جيئري به آهيان يا مري ويس.
ايئن هوءَ منهنجي رنگ ۾ وڌيڪ رنگبي ٿي وئي.هُن جو وَس پُڄي ها ته هوءَ مون وٽ اچي شادي ڪري ويهي رهي ها.پر سماجي ريتون ۽ رسمون هُن آڏو ديوار بڻجي پيون هيون.هوءَ چوندي هئي ته”جاني“ (هوءَ مون سان مُخاطب ئي جاني چئي ٿيندي هئي)مون کي پنهنجي ذرو به پرواھ ناهي مان هينئر ئي گهران نڪري تو وٽ اچي سگهان ٿي. پر پوءِ تنهنجي لاءِ کوڙ سارا مسئلا پيدا ٿي پوندا.منهنجا مائٽ ڏاڍا ظالم آهن اُهي توکي نُقصان پھچائي سگهن ٿا.تون پنهنجي گهر جو اڪيلو سهارو آهين.مان نٿي چاهيان ته منهنجي ٿوري به اُٻھرائي جي ڪري تنهنجو گهر تباھ ٿي وڃي. هوءَ حقيقت پسند به هئي پر جڏهن هُن تي محبت جو جُنون چَڙهندو هو ته پوءِ هُن جون ڳالهيون مون کي پريشان ڪري ڇڏينديون هُيون.ڪڏهن ڪڏهن ته مان به روز روز جي پريشانيءَ کان تنگ ٿي سوچيندو هئس ته هُن سان ڪورٽ ميرج ڪري ڇڏيان،جيڪو ٿيندو اُن کي منهن ڏبو.پر پوءِ شعور منهنجي ديوانگيءَ تي حاوي ٿي مون کي روڪي ڇڏيندو هو.۽ ٻيو ته مان اُن سموري مسئلي جي اندر اور پنهنجي پياري دوست ستار سندر ۽ پنهنجي مُحسن سائين علي محمد شاھ لڪياريءَ سان پيو ڪندو هئس ته اُهي به مون کي ڪو تڪڙو قدم کڻڻ جي سختيءَ سان معنيٰ ڪري ڪجهه سوچي سمجهي ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا.ايئن مان به ڪجهه ڪرڻ کان اڳ رُڪجي ويندو هئس.
محبت جي اُن سفر ۾ هڪ ڀيري مان هُن کان گهران ڀَڄي نڪرڻ واري ڳالهه تان ڪوڙي ناراضگي ظاهر ڪندي کائونس ناراض ٿي پيس.ٻئي ڏينهن تي عيدالفطر هئي.مون سندس هر فون ۽ ميسيج جو رپلاءِ به نه ڪيو.ته جيئن هوءَ آئيندي اهڙيون ڳالهيون سوچڻ ۽ ڪرڻ ڇڏي ڏئي.جڏهن عيد جي ڏينهن شام جو مون کيس فون ڪئي ته هُن جو نمبر بند مليو.مون کي پريشاني ٿي پئي ته الائي ڇا ٿيو جو نمبر بند ڪيو اٿس. يا هوءَ عيد تي منهنجي فون ۽ ميسيج جي جواب نه ڏيڻ ڪري ناراض ٿي فون بند ڪئي آهي.يا متان ڪجهه ٻيو ٿيو هجي.پوءِ مون سندس سؤٽ کي فون ڪري سڄي ڳالهه کان آگاھه ڪيو ۽ کيس چيم ته هُن کان پنهنجي موبائل کولرائي. مون هُن ڏانهن فون ڪئي ۽ جڏهن هُن فون اٽينڊ ڪئي ته هُن جو آواز صفا هيڻو ۽ تمام گهڻو ڏُکارو هو.۽ پوءِ هُن ٻُڌايو ته منهنجي رِپلائي نه ڪرڻ تي هُن کي بخار ٿي پيو هو. طبيعت ڏاڍي خراب ٿي پئي هُيس.هُن اُن ڏينهن ڪارو واڳو پاتو هو ۽ تصويرون ڪڍرائي پوءِ بعد ۾ مون کي موڪليون هيون.واقعي هوءَ چھري ۾ ڏاڍي مُرجهايل ۽ ڏُکاري لڳي رهي هئي.جيڪا تصوير سندس ٻين تصويرن سان گڏ مون وٽ اڄ به محفوظ آهي.
هڪ ڀيري هُن شام جو مون کي فون ڪري چيو ته اڄ لوڊشيڊنگ وقت تون منهنجي گهر وٽ اچجان.مون کائونس پُڇيو ته ڇو؟ته هُن وراڻيو ته اِهو توکي اُن وقت ٻُڌائينديس.مان جڏهن وقت تي اُتي پُھتس ته هُن فون تي چيو ته تون منهنجي در وٽ اچ توکي ڪجهه ڏيڻو آهي.مان سوچن ۾ پئجي ويس ته هي ڇا ٿي چوي،در تي هوءَ مون کي ڪجهه به ڪيئن ڏيندي.ڪٿي ڪير ڏسي نه وٺي.مان جڏهن اُتي پُھتس تي هُن يڪدم در کولي مون کي هڪ وڏي شاپر ڏئي ڇڏي.مان اُها شاپر وٺي تڪڙو تڪڙو گهٽيءَ ۾ اڳتي هليو ويس. مان پريشان ته هاڻ اُن ۾ ڇا آهي.جو گهر کڻي وڃان.۽ وري گهر واري کي ڪهڙو ڪوڙ هڻي ٻڌايان.تنهن ڪري اُن شاپر کي پاڙي واري دُڪان تي رکي،گهر اچي بيٺڪ واري پُٺيين دروازي کان وڃي اُها دڪان تان شاپر کڻي اچي اوطاق ۾ کوليم ته اُن ۾ مُختلف رنگن جا پنج وڳا،پرفيوم،انهن ڪپڙن لاءِ شاندار قسم جا اسٽيل جا اسٽائلش بَٽڻ، ڊائري، سوپاريون، ٽافيون، هڪ عدد موبائيل جو ڪارڊ، رومانوي گيتن جي هڪ سيڊي هيون.ٻيون شيون ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪپڙن جا جوڙا ۽ انهن جا رنگ منهنجي لاءِ منهنجي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪرڻ لڳا.مثلن رنگن ۾ سائو،ناسي،ڪارو،ميندي رنگ ۽ اڇو هئا.ٻيو ته مان هُن کي ڪجهه ڏيڻ چاهيندي به نه پئي ڏئي سگهيس جو هُن سان ملڻ مُشڪل هو.يا هُن وانگر هُن کي ڏيڻ مون کي سندس لاءِ ڪنهن مسئلي ٿيڻ جي خدشي جي پريشاني جي ڪري مُشڪل هو.ان ڪري مان جڏهن هُن سان اُنهن ڳالهين جي ڪري اختلاف رکندو هئس ته هوءَ مون سان اٽڪي پوندي هئي.ناراض ٿي ويندي هئي يا دُکي ٿي چوندي هئي ته ڇا پنهنجو ڪو حساب آهي ڇا.تون سڄو سارو منهنجو ناهين.؟مون کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.پوءِ مان به کيس ساڳي ڳالهه ورجائيندو هئس ته روئڻهارڪي ٿي پوندو هئي.۽ مان هار مڃي کيس التجا ڪندو هئس ته آئينده تون ايئن نه ڪجان.مون کي ڪجهه به نه گهرجي يا مون کان به وٺ ته چوندي هئي محبت آ واپار ٿوري آهي جاني!مون چريءَ کي ڇو ٿو ڏکائين؟ته آئون حساس دل هئڻ ڪري ماٺ ڪري ڇڏيندو هئس.
اُنهن ڏينهن ۾ مون وٽ نوڪيا جي سادي موبائل هوندي هئي.ڇو ته نواب شاھ ۾ موبائل نيٽ ورڪ اچڻ سان ستار به موبائل ۽ موبي لنڪ جو نمبر ورتا هئا.اُن وقت موبائل توڙي سم ڏاڍيون مهانگيون هيون.سو ستار وارو نمبر ئي منهنجو رابطي جو ذريعو هوندو هو.توڙي جو اُن وقت موبائل کان اڳ ستار وٽ پي ٽي سي ايل جو نمبر به هوندو هو.جيڪو پڻ منهنجي رابطي جو نمبر هوندو هو. موبائل اچڻ کان پوءِ ستار جو موبائل نمبر منهنجو رابطي جو ذريعو هو.اڪثر دوست اُن نمبر تي مون سان رابطو ڪندا هئا.اڳتي هلي ايئن ٿيو جو اُهو نمبر منهنجي رابطي جو ذريعو بڻجي ويو.ستار چوندو هو ته هاڻ تون موبائل رک ته هي نمبر توکي ڏيان.پر مان ڪجهه سالن تائين موبائل رکڻ کان نابري واري ڇڏي هئي.هڪ ته دل به نه مڃندي هئي ٻيو وري معاشي مامرو به هو.نيٺ ستار پنهنجي پئسن مان مون کي نوڪيا جي موبائل ۽ سندس اڳوڻي سِم مون کي ڏني. ۽ پاڻ ٻيو نمبر وٺي ڇڏيو.پر مون بي دليءَ سان اها موبائل پاڻ وٽ رکي.ڇو ته مون کي موبائل رکڻ نه پئي وڻيو.۽ ٻيو وري اُهو نمبر منهنجي رابطن جو ذريعو بڻجي چڪو هو.
هُن مون سان رابطو اُن ئي سادي موبائل تي ڪيو هو.هوءَ مون کان پُڇندي هئي ته تنهنجي موبائل ڪهڙي آهي ته مان کيس ٻُڌائيندو هُئس ته مون وٽ نوڪيا جي بٽڻن واري موبائل آهي.ته چوندي هئي ته،ٽَچ موبائل ڇو نه ٿو وٺين.ته چوندو هئس.جهڙو رابطو عام موبائل تي تهڙو ٽَچ موبائل تي.مون کي موبائل جو ڪو خاص شوق ناهي بس رابطي لاءِ اِها ئي فون صحيح آهي.ته چوڻ لڳندي هئي پوءِ نئين ٽَچ موبائل وٺ.مون کائونس پُڇيو ته اُن سان ڀَل توکي ڇا ملندو ته چيائين ته مون کي سُڪون ملندو ته منهنجي جاني وٽ سُٺي ۽ ڀُلي موبائل آهي.مون کيس چيو ته تون چئين ٿي ته وٺندس.پر ڏوڪڙ ٿين ته پوءِ.ته چيائين معنيٰ موبائل نه وٺڻ جو سبب پيئسا آهن نه؟مون کيس چيو ته پياري رڳو ايئن ناهي.منهنجي ذاتي دلچسپي به ناهي اُن ڪري،پر تون چئين ٿي ته مان اُها وٺندس.ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ساڳيو حُڪم ته اڄ رات لائٽ وڃڻ مهل اچجان. مون کي تصور ۾ به ڪونه هو ته ڇا ٿيندو.مان اُتي پُهتس.هن اڳ واري ساڳي طريقي سان مون کي هڪ ننڍي شاپر ڏني.اُها ساڳي ڳالهه ٿي ته اُن ۾ هڪ ٽَچ موبائل”رِيوو“ڊٻو پيڪ هئي.مون کي ڏاڍو بُرو لڳي رهيو هو.۽ مون چِڙ مان کيس فون ڪئي ته هُن فون اَٽينڊ ڪندي مون کي پنهنجو قسم ڏيندي خاموش رهڻ لاءِ چيو.مون ڪاوڙ مان فون بند ڪري ڇڏي.
ايئن هڪ دفعي هُن مون کي سياري جي موسم ۾ هڪ نئين جيڪٽ وٺي ڏني. مون کيس چيو ته چَري!اُن جي ڪهڙي ضرورت آهي مون وٽ ته اڳ ۾ ئي جيڪٽ موجود آهي.ته چيائين ته اِها منهنجي پسند جي آهي.توکي پائي مون کي ڏيکارڻي آهي.مون حُڪم جي تحميل ڪئي. ايئن فون تي اسان جي عشق جو سفر اسان تي پنهنجا رنگ ڇڏيندو ڏينهون ڏينهن اڳتي کان اڳتي ۽ حساسيت ڏانهن وڌندو پئي ويو. هڪ ڀيري هُن چيو ته هيل جيڪا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ گُلن جي نمائش لڳي رهي آهي اُن تي پاڻ ڪٿي ويهي ڪچهري ڪنداسين.مون کيس چيو ته اُهو ڪيئن ٿيندو،تولئه ڪو مسئلو ته نه ٿيندو چري! ته چيائين،مون اُن جو بندوست ڪري ڇڏيو آهي.منهنجي سؤٽ مون سان گڏ هوندي ۽ پوئيان منهنجون ڀيڻون پاڻهي منهنجي ماءُ وارن کي سنڀالينديون.اسان جو فون تي رابطو هوندو. تون ٻاهر گورنمينٽ ڪاليج واري گيٽ سامهون مين روڊ تي اسان جو انتظار ڪجان پاڻ ڪجهه وقت لاءِ هلي ستار جي جاءِ تي ويھنداسين. چانھه پيئنداسين. اُهو عظيم ڏينهن ڇنڇر، ٻاويهين فيبروري ٻه هزار چوڏهن جو هيو،جيڪو رنگين ۽ اُتساھ بخشيندڙ، زندگيءَ سان ڀرپور هڪ مڌ ماتي شام جي روپ ۾ هو.
مان ستار سان ستار جي ڪار ۾ هُن جي ڏنل وقت ۽ جاءِ تي انتظار ڪري رهيو هئس.نمائش ۾ عورتن جو ڏينهن هئڻ ڪري سڄي شھر جا عاشق ۽ محبوب اتي اچي سهڙيا هئا.رش جي ڪري ٻئي ون وي روڊ بند هئا.مان ماڻهن جي ميڙ ۾ هُن جي چهري کي ڳولي رهيو هئس ۽ مُسلسل سندس نمبر هڻي رهيو هئس جيڪو نيٽ ورڪ جام هجڻ ڪري نه ٿي لڳو.نيٺ منهنجي موبائل فون تي هُن جي نمبر جا انگ روشن ٿي منهنجن اکين ۾ ڪيترائي چنڊ اُڀاري ويا. هوءَ چئي رهي هئي ته اسان نمائش واري جاءِ کان نڪري تو ڏانهن اچي رهيون آهيون.تون ڪٿي آهين.تمام گهڻي رش،گوڙ ۽ ڪمزور نيٽ ورڪ جي ڪري آواز ڪٽجي پُهچي رهيو هو.نيٺ اُن پريشانيءَ ۾ هوءَ اَپسرا جهڙي پنهنجي ڪزن سان گڏ سامهون مون کي نظر اچي وئي.مون هُنن کي پنهنجي پُٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو ۽ ٿورو پرڀرو ستار پنهنجي نيئن جي ايل آئي ٽوئٽا ڪرولا ۾ ويٺو هو.مون گاڏي جو پُٺيون در کولي کين ويهاريو ۽ پاڻ اڳيان اچي ويٺس. سموري گاڏي خوشبوئن سان ڀرجي وئي هئي.اسان سڌو ستار جي رهائش واري جاءِ تي آياسين،جيڪا خوجه گارڊن هاءِ اسڪول جي بلڪل به ڀَر ۾ هئي.جتي نمائش لڳل هئي.پر اُتي پُهچڻ لاءِ اسان کي سوسائٽي کان ڦري پوءِ سرفراز شاھ ڪالونيءَ ۾ پهچڻو پيو.جيڪا ايڪسائز آفيس جي ويجهو هئي. اسان جڏهن جاءِ تي اندر روشنيءَ ۾ داخل ٿياسين ته اُتي ٻه حسين ڇوڪرين رات جي رنگ کي نرالو ڪري ڇڏيو هو.پر هوءَ ڪنهن پريءَ کان گهٽ نه هئي.سندس سؤٽ پڻ ڏاڍي حسين هئي.ستار ۽ هُن جي سؤٽ هال ۾ ويهي ٽي وي ڏسڻ لڳا ۽ اسان الڳ ڪمري ۾ وڃي ويٺاسين.اُن ڏينهن هُن کي ڳاڙهو جوڙو پاتل هو.مون اَڇو ڪاٽن جو ڪلف ٿيل وڳو پاتو هو.هوءَ ته ڪنوار لڳي پئي هئي.ڳورن پيرن ۾ پاتل سينڊل ۽چانديءَ جي پازيب ڪيڏي نه هُن کي جچي رهي هئي.مون کي يقين ئي نه پئي آيو ته هي حقيقت آهي يا ڪو خواب.
اُن عشق ۽ محبت جي عظيم رات جو هُن جي بخمل جهڙي سنهڙي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي مون سندس سنهڙي آڱر ۾ سوني”رِنگ“پارائي ته هوءَ خوشيءَ مان ڪنهن گلاب جيان ٽڙي پئي هئي.اسان هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ سُتي پئي ڪيڏيون نه ڳالهيون ڪيون هيون.اکيون،چپ،ڳل چميون ئي چميون هئا.هُن جي ساهن جي سُرهي خوشبو منهنجي ساهن کي سُرهاڻ بخشي رهي هئي.ڀاڪرن ۾ هُن جي ريشمي ۽ خوشبو سان واسيل وارن جي ڇانو ۾ ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪافي وقت گذري ويو هو.ڇو ته هُن جي فون تي سندس ڀيڻ جي فون اچي رهي هئي.پر هوءَ اُن کان لاغرض ٿي منهنجن ڀاڪرن ۾ هئي جو اسان جي ڪمري جو در کڙڪيو.ڇو ته هُن ڪنهن جي به فون نه پئي کئين.ايئن اُن زندگيءَ جي حسين ۽ شاهڪار وقت ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذرندي اسان کي ڪا ڪَل ئي ڪانه ڏني هئي.اسان وري ساڳي نموني گاڏيءَ ۾ انهن کي ساڳي جاءِ تي ڇڏي فون تي رابطي ۾ رهندي جڏهن هُو پنهنجي گهروارن سان مليون تڏهن مان به ستار سان واپس جاءِ تي اُٻاڻڪو ٿيندي موٽي آيس.هُن سان،ملي دل جون ڳالهيون ڪري به ڄڻ ڪجهه ڳالهايو ئي نه هو.اُتي هُن سان ڪجهه تصويرون به نڪتيون هيون جيڪي اڄ به مون وٽ ساڍيل آهن.
وقت گهوڙي جيان ڊوڙندو ٿي ويو ۽ اسان جي چاهت سمنڊ جيان پنهنجي جذبن سان ڇُلڪي روحن کي سيراب ڪري رهي هئي.اُن دوران هڪ هئڻ ڪري مون هُن جي محبت ۾ کوڙ ساري شاعري ڪئي هئي.جيڪا مان کيس فون تي يا روبرو به ٻڌائيندو هئس ته هوءَ ڪيڏي نه اُن تي خوش ٿيندي هئي.۽ مون کان بار بار پُڇندي هئي ته اِها شاعري تو مون تي لکي آهي.ته مان سندس قسم کڻي کيس يقين ڏياريندو هئس. مان هُن کان پُڇندو هئس ته ڇا توهان کي هت اسان وٽ ايندي خوف نه ٿيندو آهي ته هوءَ چوندي هئي ته،ڇا جو خوف.توهان ته اسان کي ڌاريا لڳندا ئي ناهيو ته اسان ڇو ڊڄنديونسين.توهان وٽ ايندي ايئن لڳندو آهي ڄڻ اسان پنهنجي گهر اينديون هُجون. مان چوندو هيو مانس ته اگر مان تو سان زبردستي ڪري وجهان ته پوءِ؟ته هوءَ وڏي اعتماد سان،بنا هٻڪ جي چئي ڏيندي هئي ته تون مون سان اهڙي ويساھ گهاتي ڪري ئي نٿو سگهين.
مان هُن جي معصوميت تي دل ئي دل ۾ سڏڪي پوندو هئس ته عورت،مرد جي ڀيٽ ۾ ڪيڏي نه وفادار ۽ ڀرپور عشق ڪري ڄاڻيندي آهي.اسان جي سماج ۾ عورت جي لَڄ ئي اُن جو سڀ ڪجهه هوندي آهي.۽ هڪ گهريلو ڪنواري ڇوڪري ايئن ڪنهن جي عشق ۾ اعتبار ڪري ته پوءِ هُن جي يقين جو تقدس رکڻ هر مرد جو اولين فرض آهي. منهنجي اندر جي روايتي مرد تي منهنجي شاعراڻي شعور جو غلبو نه هجي ها ته مان به عام روايتي ماڻهن جيان هن جي اعتبار کي رولي ڇڏيان ها.مون کي شاعري توڙي ڪتابن جيڪو شعور يا جيڪا احساس ۽ ادارڪ جي اک بخشي هئي اُن مون کي ڪڏهن به ڪنهن پيشاور عورت سان به ڏاڍائي ڪرڻ تي نه اُڪسايو هو ته اتي مان هڪ ئي وقت پنهنجي محبوبه ۽ عاشق ڇوڪريءَ سان ڪيئن ٿي ويساھ گهاتي ڪري سگهيس. مان ڪيئن ٿي اُن مکڙيءَ کي مَروڙي سگهيس جيڪا اڃا زندگي جي بهار جي رنگن کي به نه ماڻي سگهي هئي.سو مان تنهن اَڌ ٽِڙيل گلاب کي پَٽي مرجهايان ها ۽ سندس چپن تي ايراني شاعرا فروغ فرخزاد جي هنن سٽن جو درد هُن جي حوالي ڪيئن ڪيان ها ته:

بابا! منهنجي آڳنڌ تي
ٽڙندڙ گلاب ۽ مون
هڪ ئي ڏينهن تي جنم ورتو هو
پوءِ مان پھرين ڪيئن مُرجهائجي ويس!

هوءَ پنهنجي مزاج ۽ فطرت ۾ پنهنجي سُونهن ۽ سوڀيان جيان اڇي،اُجري ۽ معصوم ڇوڪري هئي.هُن جي محبت جو مون تي ڪمال جو اعتماد ۽ يقين هوندو هو.هُن مون کي هر وقت خدا کان گُهريو هو،ڇو ته هوءَ مذهبي خيالن واري روايتي ڇوڪري هوندي به محبت ۾ ڏاڍي غير روايتي ۽ منفرد هئي. هُن جا مختلف رنگن ۽ روپن وارا عڪس،هُن جي معصوم اَڇوتي مُرڪ، هُن جون سڌيون ساديون محبت مُتعلق ڳالهيون يا اظهار مون جهڙي شاعر ماڻهوءَ کي پنهنجي پوري سچائي ۽ حسناڪيءَ سان نھوڙي وجهندا هئا. منهنجي دل به هُن جي پوڄا جو هڪ مقدس مندر بڻجي پئي هئي.جنهن ۾ هُن جي حسين تصور جي آفاقي ديوي اڄ به پنهنجي آب ۽ تاب سان موجود آهي.
مان اُن کي ڪيئن ٿو وساري سگهان جنهن منهنجي جنمن جي اڻپوري خواھشن کي پايهءَ تڪميل تي پهچائي، منهنجي ڀٽڪندڙ روح کي نرواڻ بخشي مُڪتي ڏياري هئي.منهنجي دل جي بيابان تي گهنگهنور گهٽائون ڪري پيار جي نيرن گلن جي برسات ۾ سموري بنواس کي واسي،مهڪائي ڇڏيو هو.مان سندس محبت جي روح تائين پُهتل تاثير کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهان.مان هِن مرداڻي سماج ۾ مرد هوندي به هُن کي اپنائي نه سگهڻ جي جيڪا ڪسائي ڪئي اُها منهنجي لاءِ هاڻ هر جنم ڪنهن سزا کان گهٽ نه هوندي.ڇو ته هُن هڪ عورت هوندي به پنهنجي عشق ۽ محبت کي آسمانن جي اوچائن تي پهچائي مون کي ديوتا جو درجو ڏئي منهنجي محبت ۾ ڪجهه ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندي سدائين اڳتي قدم وڌايو.مان سماجي رواجن جي ور چڙهي سدائين هُن کي ڏُکايو.هُن جي دل آزاري ڪئي ۽ هُن کي شايد هُن جي حصي جيتري به محبت نه ڏئي سگهيس.پر مون هُن لاءِ ڪڏهن به هُن جي ڪسائي يا هُن لاءِ لڱائي نه چاهي.مون پنهنجي دائرن ۾ رهي ڪري هر پل مُڪمل سچائن سان هُن جو تحفظ ڪيو هو ۽ هن جي تباهي ڏانهن کڄندڙ هر قدم کي روڪي هن جي محبتن کي مانُ پئي ڏنو هو.
اُهو چوويھ فيبروري ٻه هزار پندرهن، آڱاري جو ڏينهن هيو.جڏهن هوءَ منهنجي گهر پنهنجي سؤٽ سان گڏجي آئي هئي.هُو پنهنجين ڀيڻن ۽ سؤٽ سان پنهنجي گهران گڏجي اهو بهانو ڪري نڪتيون هيون ته هُو بيوٽي پارلر تي آئي برو سيٽ ڪرائڻ ٿيون وڃن ۽ پوءِ هُن جون ڀيڻون ته واقعي بيوٽي پارلر تي هليون ويون هيون پر هوءَ پنهنجي سؤٽ سان گڏجي مون وٽ آئي هئي. هُنن جون هڪ ٻئي سان فون تي پاڻ ۾ رابطو هو.مان ۽ هوءَ ڪمري ۾ هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ هڪٻئي جي ساهن ۾ تحيل ٿي ويا هئاسين.هُن منهنجي سيني تي وارن ۾ پنهنجي هٿن جون آڱرين پئي ڦيرايون.هُن کي منهنجي سيني تي وار ڏاڍا وڻندا هئا.هُن مون کي سُمهاري منهنجي پيرن کي چُميون ڏيڻ شروع ڪيون ته مون کيس پنهنجي سيني سان لاءِ التجا ڪئي ته منهنجي پياري!مون کي مُحبتن ۾ ڇو ٿي گُنھگار ڪرين،تنهنجا چَپَ ته چاهتن جون آفاقي آيتون آهن، تون اِهي مقدس صحيفا منهنجي گندن پيرن تي نه رک.اِهي ته تنهنجا پَدمڻا پير آهن جن لاءِ منهنجا هي خسيس چَپ ٺھيا آهن.ڇڏ ته مان تنهنجا پير چُمي گهڻا سال اڳ لکيل پنهنجي غزل جي هڪ شعر جي ساڀيان ماڻيان ته:

پيرَ تنهنجا دل چُمڻ ٿي چاهيا
دل چريءَ جي حسرتن تي سوچجان

اُن شعر ۾ ته مون ڪنهن محبوبه جي پيرن کي چُمڻ جي خواهش بيان ڪئي هئي پر اڄ حقيقي زندگيءَ جي ڪويتا ۾ هُنَ منهنجن پيرن کي چُمي،ساڀيان کي اُبتو ڪري ڇڏيو هو.پر منهنجن کوڙ سارن ايلازن جي باوجود به هُن منهنجي هڪ به نه ٻُڌي،مون کي پنهنجا قسم ڏئي به هُن منهنجن پيرن کي چُميون ڏئي ڏئي آخر بي تحاشا روئڻ شروع ڪيو.مون هُن کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي هُن جي ناياب لُڙڪن کي پنهنجن چپن سان پنهنجي اندر ۾ اوتي کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس چيم ته چري!اڄ ته خوشيءَ جون گهڙيون آهن تون ڇو ٿي روئين؟ته هُن روئيندي منهنجي سيني ۾ پنهنجو مهتابي مُک لڪائيندي چيو هو،ته ڇا پاڻ سدائين لاءِ ايئن گڏ نٿا رهي سگهون؟ڇا ايئن مان تنهنجي آغوش ۾ تنهنجن محبتن ۾ مدفون نه ٿي ٿي سگهان.جاني!مان توکان سواءِ نٿي رهي سگهان.مون کي وٺي هل پاڻ سان.ڪنهن اهڙي هنڌ جتي پاڻ ٻنهي کان سواءِ ٽيون خدا به نه هجي.ڇو ته منهنجو خدا به تون آهين.مان توکان سواءِ مري وينديس. ڪيسيتائين ايئن لِڪي لِڪي ۽ سِڪي سِڪي پئي چورن جيان توسان ملنديس؟مون کيس تمام گهڻين ڪوششن سان کيس ڏاڍو سمجهايو هو ته منهنجي پياري!ڇا عشق جي معنيٰ شادي آهي.يا ڪا ٻي حاصلات؟ڇا مان توکان پري رهي ڪو نه ٿو ڀوڳيان.سچ ته منهنجو به من چوي ٿو ته دنيا کان بغاوت ڪري توکي پنهنجو بڻائي ڇڏيان. پر پاڻ ٻنهي جي هڪ ٻئي کي حاصلات ڪيترين زندگين لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ بڻبي؟محبت ته اعليٰ اِدراڪ ۽ شعور جو نالو آهي.ڇا پاڻ سدائين دور رهي به هڪٻئي جا نٿا رهي سگهون.محبت جو عجيب رشتو آهي جنهن کي ڪنهن به ٻنڌڻ جي ضرورت ناهي.محبت خود هڪ اهڙو ٻنڌڻ آهي جيڪو ٻن دلين جي وچ ۾ هڪ اهڙي پُل هوندو آهي جنهن تي ٻه عُشاق روح هڪ ٻئي سان ملي آگھيءَ جا اُجرا اُجرا ۽ نِڪور خواب تخليق ڪري اُنهن جي ساڀيائن جا سُک ماڻيندا آهن.
هُن ڏکاري ٿيندي چيو هو،هاڻ فون تي مُسلسل ڳالهائڻ به مُشڪل پيو ٿيندو وڃي.ڇو ته مٿي ڇِت تي مان وڃان ٿي ته امان يا ڀاڄائي به يڪدم مٿي هليون ٿيون اچن.خبر ناهي ته الائي ڇا ٿيندو. اڄ ڪلهه منهنجي سيني ۾ دل ٻُڏڻ لڳندي آهي.مون کي هاڻ ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي.مان هاڻ صفا جُهري پئي آهيان.ايئن چئي هوءَ وري روئڻ لڳي هئي.مون کيس وري پنهنجي سيني سان لائي سندس ڀِنل نيڻن کي چُمندي چيو هو.منهنجي پياري!تون منهنجي هوندي ايڏي پريشان نه ٿي. همت ڪر.وقت سدائين هڪ جهڙو نه رهندو.حالتون ضرور تبديل ٿينديون.محبت ته همت ۽ حوصلي جو نالو آهي.مان به ته توسان بي انتها محبت ڪيان ٿو.ڇا توکي منهنجين ڳالهين تي اعتبار نٿو اچي؟مان به تو جيئن پيو تڙپندو آهيان.پر ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان سواءِ ڀوڳڻ جي.شايد اِها ڀوڳنا ئي پنهنجو مُقدر آهي.
اُن ڏينهن هُن سان گڏ ڪجهه تصويرون به ڪڍرايون هيون.هڪڙي تصوير ۾ هوءَ منهنجي ڳل تي چُمي ڏئي رهي آهي.اُن چُميءَ واري تصوير ۾ هوءَ ڪيڏي نه ديوانگيءَ جي رنگ ۾ رنڱي پئي آهي.هُن کي پَرنٽيڊ لون جا ڳاڙھسرا سادا ڪپڙا پهريل هئا.هُن ٻُڌايو هو ته تيار ٿي نڪرڻ تي گهر وارا شڪجن ها اُن ڪري گهر جي سادن ڪپڙن ۾ ئي نڪري آيس. ٻي تصوير ۾ هوءِ منهنجي ڀاڪر ۾ منهنجي سيني سان ٻَکِي پئي آهي ڄڻ ڪا هيسيل هرڻي ڪنهن خونخوار جانور کان لڪندي پناھ وٺندي هجي. هڪ ٻي تصوير ۾ هوءَ سائيڊ پوز ۾ ڏاڍي سهڻي ٿي لڳي.اها تصوير منهنجي پسنديده تصوير آهي.ايئن ٻيون به ڪجهه تصويرون اُن مِلن جي ڪهاڻي جا روپ ۽ رنگ بيان ڪن ٿيون.
ٻه هزار سورنهن ۾ مون هُن جي محبتن ۾ ڪيل اردو شاعريءَکي سندس ئي نالي سان ملندڙ عظيم شاد آبادي جي غزل جي هڪ سٽ ”نایاب ہیں ہم“ جي عنوان سان ڪتاب جي صورت ۾ آندو هو.جيڪو کيس ئي نالي ڀيٽا ڪندي ارپنا ۾ لکيو هيم ته، ”اُس کے نام جو نایاب ہے“ اُهو ڏسي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي هئي.ڪتاب اچڻ کان اڳ مون ڀوڳ ڪندي کيس چيو هيو ته مان ڪتاب جي ٽائيٽل تي تنهنجي تصوير ٿو ڏيڻ چاهيان.تون اجازت ڏي ته ٽائيٽل تي تنهنجي تصوير ڏيان،ته هُن چيو هو ته، پوءِ پاڻ ٻنهي جي گڏيل تصوير ڏجان. جنهن ۾ مان تنهنجي ڀاڪر ۾، بقول تنهنجي ته، ڪنهن هيسل ۽ ڊنل هرڻي جيئن پناھ وٺي رهي آهيان.منهنجي دل ڀرجي آئي هئي.۽ مون فون تي کيس ڀِنل آواز ۾ چيو هو ته،چَري!مان مذاق ٿو ڪيان.تنهنجي تصوير ڏئي توتي دنيا جون آڱريون ٿوري کڻائيندس.هوءَ هڪ ڇوڪري هوندي به ڏاڍي بهادر هئي ۽ آئون هڪ مرد سڏائيندي به ڪيڏو نه ڊڄڻو هئس.پر مون ته جيڪو ڪجهه به ڪيو پئي اُهو سندس ڀلي لاءِ پئي ڪيو. هوءَ خوشحال گهر جي ڇوڪري مون وٽ اچي خوابن جي زندگيءَ مان نڪري ڀيانڪ حقيقت جي عذاب کي ڀوڳي تباھ ۽ بردباد ٿي وڃي ها.عشق جو جُنون سدائين ساڳيو ۽ هڪ جهڙو نه رهندو آهي.طويل خوابن جي رات کان پوءِ حقيقت جو ڀيانڪ سج به اُڀرندو آهي.اِهو مون ڄاتو پئي.اُن ڪري مون پنهنجي دل تي جبر ڪري به هُن پاران کڄڻ لاءِ هر وقت تيار قدمن کي روڪيو هو ۽ پاڻ کي هُن آڏو مهڻي هاب ڪيو هو.
اڄ سوچيان ٿو ته مون سُٺو ئي ڪيو جو محبت جي جُنون ۾ هُن سان ڪجهه غلط نه ٿيڻ ڏنم.مون پنهنجين سمورين دل جي سچاين سان هُن کي چاهيو هو ۽ چاهيان ٿو. ۽اُنهن ئي سچائن سان هُن جو تحفظ به ڪندو رهيو هئس.هُن جي لَڄ،هُن جي غُرور جو مون سدائين احترام ڪندي اُنهن کي ميرو نه ٿيڻ ڏنو.ڇا به هجي پر هُن جيڪو مون تي محبت ۾ اعتبار ڪيو هو اُهو مون ڪڏهن پَل لاءِ به مَجروح نه ٿيڻ ڏنو هو. هُن، بيقرار، اُداس ۽ پنهنجي روح ۾ نِراس ڇوڪريءَ جي وڃڻ کان پوءِ مان به اڪيلائيءَ جي راڪاس جي وَر چڙهي فنا ٿيڻ لڳو هئس.
فونن جو هلندڙ سلسلو ٽهڪن توڙي لُڙڪن،واعدن ۽ وچنن،رُسڻ ۽ پَرچڻ جي حالتن مان گُذرندو هڪ اهڙي موڙ تي پهتو جتان اڳتي سڀ رستا ۽ راهون ختم ٿي هڪ بند گهٽي ۾ تبديل پئي ٿيندا ويا.اوچتو منهنجي زندگي هڪ زلزلي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ مان پنهنجي اندر ۾ ڪنهن برباد شھر جو ڏيک ٿي ويس.مان اُها اُداس ۽ وياڪل شام ڪڏهن به نٿو وساري سگهان جڏهن هُن آخري ڀيرو فون ڪئي هئي ۽ مون فون اٽينڊ ڪئي ته پريان هُن جي شديد روئڻ جو آواز منهنجن سَماعتن سان ٽَڪرائجي مون کي لَرزائي ڇڏيو هو.مون هُن کي آٿت ڏيندي سندس روئڻ جو ڪارڻ پُڇيو هو ته هُن روئيندي،سُڏڪندي چيو هيو، جاني!اڄ مون کي صحيح ٻُڌاءِ،ڪو به ڏٽو نه ڏي.تون مونسان شادي ڪرڻ چاهين ٿو يا نه.مون کيس اڳ جيئن چيو ته،منهنجي پياري!ها مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.مان توسان شادي ڪندس.ڇا توکي مون تي اعتماد ناهي؟ته هن چيو هو ته،پوءِ اچ ۽ مون کي پاڻ سان وٺي هل يا جتي چئين ته مان اُتي اچان.مون هُن کي چيو ته جان ٿورو صبر ڪر.مان ڪو بندوبست ڪري وٺان ته پوءِ ڪو قدم کڻون ٿا.هن پنهنجي ضد تي اَٽل بيهندي مون کي چيو ته، جاني!جي هينئر جو هينئر مون کي جواب نٿو ڏين ته اڄ کان پوءِ تون آئينده نه منهنجو آواز ٻُڌندين ۽ نه ئي وري ڪا تون منهنجي صورت ئي ڏسي سگهندين. مون وري به کيس ايلاز ڪندي کائونس آخري موقعي جي گُهر ڪئي،پر هُن يَڪدم فون بند ڪري ڇڏي.مون وري هُن ڏانهن فونون ڪيون.پل پل ۾،ڪلاڪ ڪلاڪ ۾،هر روز،هفتن جا هفتا،مهينن جا مهينا،سالن جا سال،اڄ تائين،پر هُن جو نمبر آخر بند ئي رهيو.
اڄ به هُن جي فون کُلڻ جو انتظار ڪندو ٿو رهان.يا وري هر نيئن نمبر تان ايندڙ ڪال کي هن جي فون سمجهندي جڏهن اٽينڊ ڪندو آهيان ۽ ڪنهن ٻئي جو آواز منهنجي ڪنن سان ٽڪرائبو آهي ته دل جُهري پوندي آهي.۽ آئون هڪ دفعو وري اداسيءَ ۽ اڪيلائيءَ جي ڌُٻڻ ۾ پاڻ کي لهندي محسوس ڪندو آهيان.......!

(20 ڊسمبر 2020ع)

سفر نامو

---

جِتِ لُڪَ، لڳي، جِت اَڪَ تَپن!

زندگي هڪ مُسلسل سفر آهي، جنمن جو، جاڳ جو، ننڊ جو، شعور جو، لاشعور جو، خيالن جو، خوابن جو، سوچن جو، يادن جو مطلب ته انساني زندگيءَ جو هر پل، هر لمحو پاڻ ۾ ڪئي ڪٿائون رکي ٿو. ڪٿا ، جنهن جي شروعات ۽ پُڄاڻي پنهنجي، پنهنجي انداز سان ڪهاڻيءَ جو مُقدر بڻبي آهي. ڪهاڻي جيڪا ماضيءَ جي کٽين مِٺين، خوشگوار ۽ ناخوشگوار، وڻندڙ، اڻ وڻندڙ يادن جي هڪ اهڙي ڪڙي ٿيندي آهي، جنهن جي ڪڙي اگر ڪڙيءَ سان فنائتي نموني جڙجي ته ادب جي کيتر ۾ هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ جي تخليق ٿيندي، جيڪا روح جي احساسن، اُڌمن مان ڪَرَ موڙي پنهنجو روپ پسائڻ لڳندي. اهو روپ جڏهن شاعراڻين نگاهن جو محور بڻبو ته سفر در سفر يادگيرين/ ساروڻين جو سُندر سلسلو قلم جي راهه وٺي پنهنجي اظهارجڻ جا نوان، نوان، نمونا ڳولڻ لڳندو پوءِ اُهو سفر، حقيقت ۾ هُجي، چاهي خواب ۾ اُن جا رنگ ۽ ڪيفيتون ڏاڍيون نراليون ٿينديون آهن. جيڪي روح جي ڳُجهي ڳڙکي مان پنهنجا جرڪندڙ جَلوا پسائي، پسائي پيون دل کي لُڀائينديون آهن ۽ دل چاهيندي آهي ته ڇو نه ان دل وندرائيندڙ سفر ۾ ٻين کي به پنهنجو همسفر ڪجي. اهڙي ئي همسفريءَ جي آکاڻي سنڌ جي روح، ٿر، ياترا جي روپ ۾ اظهارڻ لاءِ منهنجي شاعراڻي، چري دل ۾ منهنجو اُڃايل، هَرڻيءَ جيان ڊوڙندڙ ذهن، قلم ۽ هٿ گهڻين ئي ڏهاڙن کان بيقراريءَ جي عالم ۾ تڙپندا، ڀٽڪندا رهيا آهن ته ڪيئن اُن حسين ۽ من ۾ پيهي ويندڙ ٿر جي ڪيل سفر جو خاڪو جوڙيان. نيٺ اهڙين ڪٺن حالتن ۾ اڄ ڪاڳر ۽ قلم جو حَسين ميلاپ ٿر جي ياتراجي سُهڻين يادن جي رنگين آنچل جو پَلو پَڪڙڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ۽ هاڻ اُهو روح جي راضپي تي مدار ٿو رکي ته هُو ڪيئن اُن آنچل جي انڊلٽي سانوڻ جهڙي شام کي اوهان سان سَلي ٿو. ته ڳالهه پئي ڪئي سي ٿر جي ياترا جي. هُونءَ به سڄي ڪائنات قدرت جي حُسناڪيءَ جو هڪ وسيع ڀنڊار آهي. جنهن کي جيترو به ۽ جيترا ڀيرا به جنم وٺي ڏسجي ته هر ڀيري نئين ۽ نرالي ئي لڳندي. پر اڄ مان هِتِ پنهنجي حَسين خوابن جهڙي پُر ڪيف سنڌ ڌرتي/سنڌو ماٿري جي سونهن جي هڪ جَهلڪ جي ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو. ڇاڪاڻ جو سڄي سنڌ پنهنجي جوهر ۾ هن پوري ڌرتيءَ جي ڪائناتي حُسن جو عاليشان حوالو آهي. اُن حوالي جي اظهار ۾ فلحال مان ٿر جي ٿوهرن، ڀٽن، ٻاٻيهن، ماروئڙن، اَڪن، واريءَ جي ذرڙن، اُڃ، بُک، بدحالي، ڏٻريل مال، ڪکائن چونئرن، ڇپرن وغيره جي قدرتي رنگن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندس. زندگيءَ جي کوڙ سارين خواهشن مان هڪڙي شديد ۽ اهم خواهش، روح جو گهرو احساس بڻجي رهندي آئي آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ذري ذري کي روح جي نيڻن سان جانچي، جونچي سموريءَ فطري سونهن سميت ڏسان. اهڙي خواهش ۾ ٿر جي آس ته هميشه ٿر جي ذڪر ٻُڌڻ يا پڙهڻ سان ڪَرَ موڙي جاڳي پوندي هئي پر هيل نيٺ ٽيون ڀيرو ٿر کي ڪجهه نه ڪجهه ڏسڻ/گُهمڻ جو موقعو ملي ويو. پهريون ڀيرو ته صرف عمر ڪوٽ تائين عبدالواحد آريسر سان رچايل رهاڻ ۾ پنهنجي دوست معشوق ڌاريجي سان وڃڻ ٿيو هو. جنهن جي صدارت سنڌ جي خانه بدوش ڪهاڻيڪار علي بابا ڪئي هئي. اُتي ئي مون گهرائي سان شفيع فقير کي ٻڌو هو. ۽ حليم باغيءَ سان پهريون ڀيريون روبرو مليو هُئس. ائين ٻيو دفعو سنڌ جي ڀلوڙ راڳي صادق فقير جي ڀاءُ جي ڪاڄ جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي دوست عابد مگسي ۽ ستار سُندر سان وڃڻ ٿيو هو پر اهو هڪ ڏينهن وڃي ٻئي ڏينهن موٽڻ وارو مختصر سفر اهڙو ڪو خاص يادگار ڪو نه ٿي سگهيو. آخر ٽئين ڀيري گُذريل سال جولاءِ 2007ع جي وسندڙ مينهن ۾ موبائيل فون تي صادق فقير پنهنجن پُٽن جي طُهر جي دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ جي نينڍ ڏني. مينهوڳيءَ جي سانوري، من موهيندڙ موسم ۾ ٿر ڏانهن نڪرڻ جو قدرت پاران حسين موقعو نصيب ٿيو ۽ اُن موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اسان يعني مان، ستار سُندر ۽ عبداغفور مري پنجين جولاءِ، خميس ڏينهن ستار جي وڏي ڀاءُ بختيار مري جي ڀلوڙ ڪار ۾ مٺين جُهڙي مٺي شهر مِٺيءَ لاءِ روانا ٿياسين. اُنهن ڏينهن ۾ حالت اها هئي جو گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان ۽ اسان مَن ۾ مونجها ٿي سوچي رهيا هئا سين ته هيل به ٿر گهمڻ ڀاڳن ۾ ڪونهي. ۽ بس دعوت ۾ ئي رڳو شرڪت ڪري موٽي سگهجي ٿو اهڙا اُداسي جا انومان کڻي تپندڙ سج جي تکي اُس ۾ نواب شاهه کان سانگهڙ روانا ٿياسين. ڪار ۾ توڙي جو اي.سي هلي رهي هئي پر گرميءَ جي تيز شدت جي ڪري اُن جو ڪو خاص اثر ڪو نه پئي ٿيو. ۽ اُس جا تِکا ڪرڻا ڪار جي ڪارن شيشن مان پنهنجو تاءُ اندر محسوس ڪرائي رهيا هئا. ائين اي.سي ۾ به گرمي محسوس ڪندا، نواب شاه کان سانگهڙ ڏامر جي تپندڙ/ٽچڪندڙ ڪاري روڊ تي ڪار جا ويل (ڦيٿا) پنهنجي مَشيني قوت سان تيز ڊوڙي (ڦري) رهيا هئا ۽ اسان روڊ جي ٻنهي ڀر ڪجهه ڏينهن اڳ فصلن جي تباهي ۽ ٻيو نقصان ڪندڙ برسات جا حيران ڪندڙ ۽ افسوس ڏياريندڙ حال ڏسندا، ڪار ۾ هلندڙ هلڪي موسيقي جي ڪن رس وٺندا ڳالهيون ڪندا سانگهڙ شهر پُهتاسين منجهند جي لڱ ساڙيندڙ لُک ۾ منجهند جي ماني کائي سانگهڙ کي پُٺتي ڇڏي اڳتي ميرپور خاص لاءِ وڌياسين. ميرپور خاص ئي ويجهو ڪِٿ جولاءِ جي گرميءَ ۾ وهندڙ مٺڙائون ڪينال کي اکين آڏو ڏسي شيخ اياز جو هي بيت ذهن جي آڪاس تي ڪنهن ڪونج جيان اُڏامڻ لڳو.

بَڙَ جي گهاٽي ڇانوَ ۾، مٺڙائون جو تَڙُ
جھڙو ساريءَ سنڌ سان، ڀٽُ ڌڻيءَ جو وَڙُ
اولوڙائون لَڙُ، آ اسان جي آ سڻين

اياز، ڀٽائي جيان سنڌ جي جنهن به ماڳ، مڪان، آثار يا ڪردار کي پنهنجي شاعراڻي ڪيئنواس تي چيٽو آهي ته اُن کي هڪڙي تاريخي حيثيت بخشي امر ڪري ڇڏيو آهي هُونءَ ته مٺڙائون ڪينال به عام ڪينالن جيان عام طرح نظر آيو پر جڏهن اياز جي شاعراڻي، نگاهه، ڪيفيت، ۽ خيال کي تصور ۾ آڻي مٺڙائو ڪينال جو لڙاٽيل، ميرانجهڙو وهندڙ پاڻي ۽ سندس ڪنڌيءَ تي وڻن جي گهاٽي ڇانوَ ڏٺي ته روح باغ بهار ٿي جُهومي، جهومي پيو، ميرپور خاص شهر ۾ ئي ڪٿ روڊ جي پاسي کان سنڌ جي عظيم اتهاسڪ آثارن ۾ شمار ٿيندڙ ”ڪاهوءَ جو دڙو“ جو پُراڻو ۽ ننڍڙو ۽ ڪاهوءَ جي دڙي جيان ڊٺل/ڦٽل اکرن وارو بورڊ ڏٺوسي ته دل هڪ ڀيرو وري اياز جي شاعريءَ جي پاندسان پنهنجا ڳوڙها اُگهڻ لڳي:
ڪاهوءَ مٿان ڪيترا، اُڀري لٿا چنڊَ
او، اوندا ها کنڊَ، سنڌ نه سنڀري سوجهرو

۽ سنڌ جي تاريخي ماڳن، مڪانن جي هٿ وٺي ڪيل تباهي ۽ پنهنجي قومي بي حَسي تي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا. ڪاهوءَ جو دڙو پنهنجو تاريخي روپ وڄائيندو اڄ جهڙو ڪر وڃي هڪ ميدان جي صورت اختيار ڪئي آهي. سنڌ، پنهنجي جوهر ۾ ايڏي ته سگهاري، ڀرپور ۽ حَسين آهي. جو اُن جو ذرو، ذرو قدرت جي حُسناڪيءَ جو شاندار حوالو آهي. پر ڇا ڪجي، جو اسان پنهنجي سُڃاڻ کان ئي محروم رهيا آهيون ته پوءِ ڌرتيءَ جي سونهن، شعور ۽ احساس جي سُڃاڻ کي ڪئين پرکي سگهنداسين. ائين ڪاهوءَ جي اجڙيل ويران ڪُک ڏسندا، ميرپور خاص شهر کي پُٺتي ڇڏيندا، مختلف ننڍن، ننڍن شهرن کي ڏسندا جُهڏي شهر ۾ پهتاسين. جُهڏي ۾ چانهه چُڪو پيئڻ واسطي ڪجهه دير لاءِ ڪنهن هوٽل تي ويهي هٿ مُنهن ڌوئي ڪجهه فريش ٿياسين. ۽ آڪاس تي تيز هوائن ۾ ڊُڪندڙ بادل ڏسي سڄي سفر جي ٿڪاوٽ کي وساري ڇڏيوسي. ۽ جُهڏي کي ڇڏي اڳتي سفر شروع ڪيوسين. اِتي لڳ ڀڳ شام جا شايد پنج کن ٿي چُڪا هئا ۽ اسان جو سفر مٺيءَ ڏانهن بادلن جي جهڙالي احساس ۾ بهتر کان بهتر سفر ۾ تبديل پئي ٿيندو ويو ۽ جڏهن اسان حَسين احساس سان نئون ڪوٽ پُهتاسين ته نئين ڪوٽ جون ڪچيون ۽ وڏيون وڏي ايراضيءَ تائين ڦهليل ديوارون اسان کي پرڻام ڪرڻ لڳيون ۽ ڪوٽ جو ڏيک اکين کي آسيس ڏيڻ لڳو. ۽ ٿر جي اوچين اوچين ڀٽن جي سانوري سونهن اسان جي هيڻي مُرڪ سان آجيان ڪئي. اسان وڏين، وڏين واريءَ جي ڀٽن جي وچان قالين جيان وڇايل ڪاري روڊ تي ٿر جي ڏُکاري روح کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو. اوچين ڀٽن جي وچان. ٺاهيل روڊ تي هلندڙ ڪار ڪنهن مهل ڀٽن جي مٿاهينءَ تي چڙهي آڪاس تي ڪڪرن کي ٿي ڇُهيو ته ڪڏهن هيٺ لهندي ڄڻ ڌرتيءَ جي پاتال ۾ ٿي هلي وئي. ڄڻ ڪنهن وڏي پينگهي ۾ لڏي هيٺ مٿاهين تي جُهلي رهيا هجون. ڀٽن جي سيني تي پهچي دؤر کان نظر ايندڙ ٿر جون اُڃايل ڀٽون ۽ انهن تي مختلف قسمن جا سُڪل توڙي ساوا وڻ، ٻوُٽا، ٿوهر، اَڪَ، جهوپا، مال وغيره ڏسي دل خوشيءَ گاڏڙ احساس سان ڀرجي ٿي آئي. چو طرف ننڍيون، وڏيون ڀٽون پنهنجا جهيڻا ۽ هيڻا ڳاٽ کنيو دور آڪاش ۾ ڦهليل سُرمئي ڪڪرن کي گهوري پُر اميد لڳي رهيو هُيون، دور دور تائين ڦهليل سراب جو روپ ڏيندڙ ٿر جو اُهو منظر پنهنجي سونهن ۾ تمام گهڻي طلسماتي ڇڪ رکندڙ هو. واٽ تي، ٿر ڏانهن واپس موٽندڙ، جانورن جا وڏا، وڏا نٻل ڪٽڪ ۽ اُنهن سان گڏ ٿري ماڻهو به نظر آيا. اڪثر طور تي ڏُڪر جي ڏهاڙن ۾ ٿري ماڻهو پنهنجا اباڻا پَڊَ، ماڳ مڪان ڇڏي، مال متاع ساڻ وٺي بئراجي علائقن ڏانهن پنهنجي جياپي جي قوت لاءِ مجبورن نڪري ويندا آهن پر جڏهن ٿر وسندو آهي يا وسڻ جا آثار ڏيندو آهي ته اُهي وقتي طور تي لڏي ويل ٿري ماڻهو پنهنجي وطن، ڀٽن جي دنيا، ٿر ڏانهن واپس موٽندي خوشيءَ ۾ پيا جهومندا آهن ائين رستي تي ماڻهن جي مال سان واپسي جو ڏيک خوشيءَ جو احساس ڏياري رهيو هو ته ٻئي پاسي بُک ۽ اُڃ ۾ مُئل جانورن جا ڍانچا، رستي جي پاسي يا ڀٽن تي ڪٿ نه ڪٿ نظر اچي اُداس ٿي ڪري ڇڏيائون. ائين مُئل جانور ڏسندا، ڏُک وچان سرد آهون ڀريندا ڀٽن جي اُڃايل احساس مان گذرندا لڳ ڀڳ رات جي هلڪي اُونداهيءَ ۾ مٺيءَ ۾ داخل ٿياسين. ۽ سڌو دعوت واري هنڌ پُهتاسين. صادق فقير ۽ ٻين دوستن سان ملياسين صادق فقير اسان کي فريش ٿيڻ لاءِ ڪنهن دوست سان ماروي گيسٽ هائوس موڪليو جيڪو دعوت واري هنڌ يعني گرلز هاءِ اسڪول کان ٿورڙو ئي پرڀرو هو. وهنجي، سهنجي، چانهه پي پاڻ کي ڏاڍو رليڪس محسوس ڪيوسين. مٺيءَ جي هوائن ۾ رات جي اونداهه ۾ آڪاس تي ستارا ڪڪرن جي چادر مان لڪي ۽ وري ظاهر ٿي ڄڻ ته اک ٻوٽ راند کيڏي رهيا هئا ۽ ٿڌڙيون هوائون ڀٽن جي اُڃايل واريءَ جي خوشبو کڻي اسان کي پنهنجن نرم ۽ نفيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڀري ڀليڪار چئي رهيون هُيون دعوت واري هنڌ موٽي اچي ٻين دوستن تاج جويي، اسحاق سميجي، علي دوست. عاجز، شوڪت حُسين شوري، نور چاڪراڻي، روپلي جويي، پياري شهواڻي، شفيع فقير، ڪريم فقير، قادر بخش مِٺو وغيره سان ملاقات ٿي. ماني کائي رات جو محفل موسيقيءَ جو دور شروع ٿيو جنهن ۾ ڪالو فقير، ڪريم فقير، سجاد يوسف، شفيع فقير ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي مَڌر آوازن جا سُر وکيري مٺيءَ جي ميگهه ورني ماحول کي پُر ڪيف بڻائي ڇڏيو. چرچن، ڀوڳن ٽهڪن ۽ يارن دوستن سان ڳالهيون ڪندي رات جو کوڙ سارو وقت گذاري، نيٺ سڄي ڏينهن جي سفر جي ٿڪاوٽ جي ڪري دوست پياري شهواڻيءَ سان ٿر گيسٽ هائوس جي اي.سي واري ڪمري ۾ رات جو باقي وقت آرام ڪندي گذاريوسين. صبح جو جُهڙالي موسم ۽ برساتي هوائن ساري مٺيءَ جي آڪاس ۽ شهر کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري ورتو هو. تيز هوائن ۾ ڪارا ڪڪر خرمغز گهوڙن جيان آڪاس جي رڻ ۾ ڊوڙندا ٿي ويا. اهڙيءَ موسم جو ٿر ۾ هُجڻ ۽ اهو به جولاءِ جي تپندڙ مهيني ۾ ڏاڍي حيرت ۽ خوشيءَ جي ڳالهه لڳي. بحرحال وهنجي سهنجي پياري صادق فقير وٽ ناشتو ڪري، پنهنجي پيارڙي دوست دليپ ڪوٺاريءَ سان رابطو ڪيوسين جيڪو مِٺيءَ جو رهاڪو، اديب ۽ ٿر ديپ، اين.جي.اوز سان لاڳاپيل هئڻ جي ناتي تنظيمي ڪنهن خاص ڪم سانگي ڪجهه ڏينهن کان حيدرآباد ويل هو. پر جيئن ته اڳ به کوڙ ڀيرا دليپ ٿر گهمڻ جي پئي دعوت ڏيندو رهيو هو. تنهن ڪري مٺي اچڻ کان اڳ ئي اسان کيس موبائل تي ٿر گهمائڻ لاءِ چيو هو ۽ دليپ ذميواري کنئي هئي. سو دليپ اُن ڏينهن يعني مٺيءَ ۾ صادق فقير جي دعوت جي ٻئي ڏينهن اسان لاءِ مٺي جلدي پُهچڻو هو. اُهو ڏينهن اسان دليپ جو انتظار ڪندي مٺيءَ جي ننڍڙي بازار جو درشن جهٽڻ واسطي بازار وياسين، دُڪانن تي ٿري ڀرت جا، هٿ جي هُنر جا شاندار نمونا ڏسي ٿري ماروئڙن لاءِ اڃان به عزت ۽ احترام وڌي ويو. ڇا ته ڀرت جا نرالا نمونا هئا. جيڪي ٿري عورتن، پنهنجي پورهيت هٿن سان وڏي هُنرمنديءَ سان ڀريا هئا. پر مارڪيٽ ۾ انهن جي قيمت کي هڪ ويلي جيتري مزدوري به مَس ملندي هوندي. سرمائيداراڻي نظام جون معاشي چالاڪيون. پوري دنيا جي مارڪيٽ جيان اسان جي لوڪل مارڪيٽ تي به بُري طرح سان اثر انداز ٿي چُڪيون آهن. تنهن ڪري پورهيت، تخليق ڪندڙ اُن مارڪيٽ جي وسيع پس منظر ۾ گم ٿيو وڃي. ۽ هُو پنهنجي محنتن جي پورهئي جو پورو ۽ حقي اُجورو به ڪو نه ٿو ماڻي سگهي. ائين مارڪيٽ ۾ شيون مُتعارف ڪرائيندڙ يا منظر تي آڻيندڙ اُن پورهئي جو اصل فائدو حاصل ڪري ڏينهون ڏينهن پئسي کي پنهنجي اڪئونٽس جي زينت بڻائيندو رهي ٿو. ۽ ائين هر پورهيت جو استحصال ٿيندو رهي ٿو. مِٺيءَ جي بازار ۾ پَڙن جا حسين، رنگين نمونا ڏسي مون سان گڏ منهنجي دوستن ستار سندر ۽ عبدالغفور مريءَ تمام گهڻي خريداري ڪئي ۽ مون به خريدارن ۾ نالو لکرائڻ لاءِ پنهنجي نياڻي مِليءَ لاءِ هڪ ڀرٿ ڀريل ناسي رنگ جو دل کي وڻندڙ گهگهي نما ننڍڙو پتڪڙو چولو خريد ڪيو. ائين وقت گذارڻ لاءِ غفور مريءَ جي دوستن وٽ ڪچهري لاءِ وياسين، دليپ جو انتظار ڪندي نيٺ شام پنهنجا سليٽي پَرَ پکيڙڻ جا سانباها ڪرڻ لڳي ته اسان ماروي گيسٽ هائوس وڃي، وهنجي، سهنجي، چانهه پي تازا توانا ٿي. مٺيءَ جي حسين پوائنٽ ۽ تمام مٿاهين بلنديءَ تي مِٺي شهر مٿان پنهنجو ڳاٽ اوچو کنيو بيٺل گڍي (ڀٽَ/ننڍڙو قلعو/ڳڙهه) تي گهمڻ لاءِ نڪتاسين. گڍيءَ ڏانهن مٿي گاڏيءَ ۾ چڙهندي ڀلوڙ ڏامر جي ڪاري روڊ جو وروڪڙ انداز ڏاڍو وڻيو. جُهڙالي شام سَمي سُرمئي ڀٽن جي وچ مان گڍيءَ تي ويندي يقين ئي نه پئي آيو ته ڪو اسان سنڌ ۾ ٿر/مِٺيءَ ۾ گهمي رهيا آهيون. گڍيءَ جي ريتيلي سيني تي پُهچي مِٺيءَ شهر جو ديدار ڪنهن خماريل خواب جيان ڀاسڻ لڳو. تيز ٿڌي هوا ۾ مٿي سڄو آڪاس وسڻ جا ويس ڪيو، سڄي مِٺي جي آڪاش مَنڊل تي سليٽي رنگ جي منظرنگاري ڪري رهيو هو. مٿان کان مِٺيءَ جي ننڍڙي پر حسين شهر جو سنهڙيون، واسينگن، جهڙيون ور وڪڙ گهٽيون ۽ گهٽائن جهڙا گهر، پڪيون جايون، چونئرا، ڇپر، عجيب قسم جي رومانوي ڪيفيت کي جاڳائي مدهوش ڪري رهيا هئا. گڍيءَ جو ديدار ڪندي، گڍيءَ جي حسين درشن جي تصوير ۾ نوان، نوان انڊلٽي رنگ نکري پيا. جو اُتي تاج جويي، گل گوماڻي، روپلي جويي ۽ ڪجهه ٻين دوستن سان ملڻ ٿي ويو. سائين تاج وارا اُن مهل گڍيءَ تي ڪرائي تي ڪرائي ويل ڪجلا سر ترائي تان ڪار ۾ آيا هئا. ۽ ڪجلا سَر جي سونهن ۽ تاريخي پس منظر بابت ٻُڌائي مون کي ته اصل ديوانو ڪري ڇڏيائون. اُها گڍيءَ تي يادگار، حسين ملاقات ۽ ڪجهه گڏ نڪتل تصويرون هميشه لاءِ محفوظ ٿي وقت جي اتهاس جو حصو بڻجي ويون. کوڙ سارو وقت گڍيءَ تي شام جي جُهڙالي ۽ پرسُڪون هوائن ۾ ڪچهري ڪندا. ٿر جي سونهن کي ساراهيندي من جي آرسيءَ ۾ سنڌ جي حُسناڪيءَ جا ڪيترائي عڪس/رنگ نکري پيا. ائين تاج جويي سان گڏجي ڪار ۾ گڍيءَ تان لهندي ننڍڙي روڊ جي پاسن کان سرن ۽ ديوان ۾ لوڙهن جي پاڇي مان گذرندا گُل گوماڻي جي بيٺڪ تي آياسين. اِن دوران پياري دليپ ڪوٺاريءَ به مِٺي پُهچڻ جو اطلاع ڏنو. ايئن مٺيءَ ۾ ٻي رات به پئجي وئي. مٺيءَ جي دوستن مٺيءَ ۾ کوڙسارن دوستن جي موجود هُجڻ جو فائدو وٺندي سنڌ جي لوڪ گيتن جي راڻي، ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي جي ايڪيهين ورسي ملهائڻ جو هڪ ننڍڙو پروگرام رٿيو. اُتي گُل گوماڻي جي بيٺڪ تي سنڌ جو ڀلوڙ شاعر ۽ پنهنجي طبيعت ۾ فقيري رنگ رکندڙ سائين داد ساند به اچي ويو. گُل وٽ رات جي ماني کائي ڪار ۾ چڙهي تاج جويي، سائين داد ساند سان گڏ مِٺيءَ کي رات جي اُونداهه ۾ ڀٽن جي ڀاڪرن ۾ ڏسڻ ۽ گهمڻ جو لُطف ماڻيوسين. سائين داد ساند ٿڌي پيئارڻ لاءِ ڪنهن دُڪان تي هلي ٿڌيون بوتلون پيئاريون. ۽ اُتان سڌو پروگرام واري هنڌ وياسين. مائي ڀاڳيءَ جي ورسيءَ جي پروگرام ۾ شفيع فقير، تاج جويي، صادق فقير، اسحاق سميجي، سائين داد ساند، علي دوست عاجز، ستار سُندر، روپلي جويي، عبدالغفور مري، ڪالو فقير، ديلپ ڪوٺاري، ميوو ٻالاڻي، وجي شرما، ڀيشم ڪوٺاري، دليپ دوشي، ارشاد ڪُنڀر، رجب فقير، نصير ڪُنڀر ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي، اُن موقعي تي موسيقي ۽ مُشاعرو پڻ ٿيو. رنگن ٽهڪن، سُرن ۽ شاعري جي نفيس احساسن کي سهيڙي، رات جو صادق فقير وٽ وڃي رهياسين. سَت جولاءِ 2007ع آچر جي صبح جو، صبح سوير منهنجي اک کُلي وئي ڪمري کان ٻاهر نڪري صادق فقير جي جاءِ مٿان بيٺڪ تان مِٺي جو پهريون ڀيرو ديدار ڏينهن جي سپني جهڙو لڳو. سارو آسمان ڪارن ڪڪرن سان گهيريو پيو هو. تيز ٿڌڙي هوا گهلي رهي هئي. ۽ هوا ۾ سنهي، سنهي بوندا باندي مُحبوبه جي چمين جهڙي مُک تي پئجي صبح جو سلام ڪري رهي هئي. سامهون گڍي پنهنجو اُوچوڳاٽ کنيو مرڪندي پڻ آڪاس ۾ اڏامندڙ ڪڪرن کي ڇُهي رهي هئي. مٺي جي چوطرف ڀٽن جون لهرون ڪنهن آرٽ مووي جو ڏيک جوڙي رهيون هُيون. جهڙو دور، دور تائين مهاساگر ڇوليون هڻندو ايندو هجي. صبح جو صادق فقير وٽ اسحاق سميجي ۽ علي دوست عاجز سان گڏجي ناشتو ڪندي ڳالهيون ٻولهيون ڪندي حالي احوالي ٿياسين. ۽ پوءِ سنگت کان موڪلائي ٿر ڪتاب گهر تي دليپ جي ڏنل پروگرام تحت پُهتاسين. ۽ دليپ سان گڏ ننگر پارڪر جي لاءِ لڳ ڀڳ منجهند جي وقت ستار سندر، غفور مري، دليپ ۽ دليپ جو ننڍڙو پُٽ رابيل ڪار ۾ چڙهي ننگر پارڪر ڏانهن اُسهڻ لڳاسين. ائين سفر دوران دليپ ٿر ۽ ٿر جي تاريخي ماڳن مڪانن بابت معلومات ڏيندي . ڪچهري ڪندي هِن ٿر جي حسين سفر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هڪ دور هو جو مٺيءَ کان ننگر پارڪر يا سڄي ٿر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هند وڃڻ لاءِ ٿر جي سواري کيکڙن تي چڙهي يا پيرين پنڌ ڪري کوڙساري وقت کان پوءِ سفر ۽ موسم جي تڪليفن مان گذرڻ کان پوءِ وڃي پنهنجي منزل تي رسبو هو. کيکڙن تي چڙهي ڀٽن ۾ سفر ڪرڻ جو مزو ته آهي ئي پر اَڄ جي ترقي يافته دور ۾ ٿر جهڙي مشڪل علائقي ۽ پٺتي پيل خطي ۾ ڀٽن کي چيري وڇايل روڊن جي ڄار ٿر جي مُشڪل سفر کي آسان ڪري نوان رنگ ڏئي ڏاڍو دلچسپ ڪري ڇڏيو آهي. ڀٽن مان کُنڀين جيان ڦٽي پيل (ٺاهيل) ڪاري ڏامر جي روڊن سڄي ٿر کي ملائي رابطي ۾ ڪري ڇڏيو آهي. توڙي جو روڊ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي لائين وڇائڻ وارو ڪم ظاهر طور عوام جي ڀلائي لاءِ ٿيل ڏسجن ٿا پر اُن جي پس منظر ۾ سياسي مُفاد، حاصل ڪرڻ يا سياسي مجبورين سان گڏ سرحدي محافظن جي ڀلائي کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. عام ماڻهو اڄ به ڪالهوڪي پُراڻي ٿر ۾ پنهنجي سڀني ڏکن، ڏولاون ۽ مُفلسيءَ ۾ جيءُ رهيو آهي هميشه ٿر جي ڏُڪار کان اُهو ئي مُتاثر ٿيندو رهي ٿو صرف چند صاحب هستيءَ ئي اڄ جي ترقيءَ جا مزاماڻي سگهيا آهن. ٿر ۾ خاص طور تي نئين ڪوٽ کان مٺيءَ تائين مٺي پاڻيءَ جي پائيپ لائن ۽ مختلف هنڌن تي ٺهيل پاڻيءَ جون ٽانڪيون جن تي موجود محافظن جو پاڻيءَ تي پهرو ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ اڄ به جڏهن ڪو ٿري پاڻي واسطي سندن آڏو ٻاڏائي ٿو ته پاڻيءَ عيوض مُلڪي محافظ ڪجهه نه ڪجهه کائون وصول ضرور ڪن ٿا. ائين ٿر جو رهاڪو پاڻي به پنهنجي جياپي جي ثمر مان حصو ڏئي حاصل ڪري ٿو. اصل ۾ اُها پاڻي جي پائپ لائن سرحد تي موجود فورسز لاءِ پاڻي ۽ ٻيو سهولتون ڏيڻ ئي اصل مقصد آهي. نڪي ٿر جي اُڃي، بُکي ۽ مُفلسي جي ٽياس تي ٽنگيل عوام سان همدردي.
ننگرپارڪر ڏانهن سفر ڀٽن وچ مان ڏاڍو سحر انگيز هو. مٿان ڪڪرن جي ڇانوَ دور ڀٽن تي ننڍڙا ڳوٺڙا ۽ انهن ۾ اڏيل چونئرا، جيڪي سانوري ڪنهن عورت جي ارهن مِثل ڏيک ڏئي رهيا هئا ۽ مينهن جي آسري ۾ آسروند اکيون کڻي نهاري رهيا هئا. ڀٽن تي ڀٽڪندڙ جانور ۽ اڃارا ٿري پنهنجن ٿاڪن ۾ صدين جا ٿڪ کنيو دور گگن ۾ نهاريندي نظر آيا ٻار وري پنهنجي مستيءَ ۾ مَگن ڊوڙي، ڪڏي، ڪڏي رانديون رهي رهيا هئا. عجيب نظارو هو. ڪٿ، ڪٿ ته مينهن جي آسري تي هيٺاهين تي وارياسي زمين کي کيڙي، ٻج ڇٽي، مُستقبل جي بُک کان بچڻ لاءِ جتن پئي ڪيا ويا. ننگر ڏانهن سفر ڪندي پهريون اسٽاپ اسلام ڪوٽ ۾ ڪيوسين. جتي سنت نيڻو رام آشرم جو درشن ڪيوسين. اندر گهمي، پرساد کاڌوسين ۽ اُتي موجود مندر ۽ آشرم جي پروهت سان پڻ هٿ جوڙ ڪئي سون. عجيب دنيا هئي، ڪيڏو نه آنند پئي ڀاسيو، ڪيڏو نه اصل پڻي جو احساس ٿي رهيو هو. عجيب ۽ روح کي راس ايندڙ ڪلچر جي جهلڪ من کي گيڙو ڪري ڇڏيو هو. عورتون ۽ مرد توڙي ٻار رنگا رنگي ويس ڍڪيو. خوابن جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. سانورا، ڪڻڪ رنگا چهرا هڪ عجيب ڪشش ڪري رهيا هيا. عورتون نڪن ۾ بولا، ڪنن ۾ والا، نرڙتي تلڪ، پڙا پهريل ٻانهن ۾ اڇا آج جا ڪنگڻ ۽ مردن کي مٿن تي پڳڙيون، رنگين شلوار قميصون وغيره ننڍڙي شهر ۾ ماڻهن جي رش ميلي جو ڏيک ڏئي رهي هئي. ائين اسلام ڪوٽ کان اڳتي سفر شروع ٿيو، دور دور تائين واريءَ جو ڀٽون لهرن جو روپ ڌاري ڄڻ آسمان ڏانهن وڌي رهيو هيون. ۽ اداس ڪَر کڻي اسان کي اُڃايل نيڻن سان ڏسي رهيو هيون. ننگرجي مين روڊ کان لِنڪ تي ڪچي ۾ واري جي رستي تي ڪار پنهنجي زور آزمائي ڪندي، ڌرم جي عبادت گاهه، گوڙيِءَ جي مندر ڏانهن وڌڻ لڳي. هڪ هنڌ ته ڪار واريءَ ۾ ڦاسي پئي پوءِ مڙئي ڌڪا ڏئي اُن واريءَ مان ڪڍيوسين ائين جڏهن اسان چوطرف ڀٽن جي وچ ۾ ڪجهه ورياسي زمين تي آباد گوڙيءَ نالي ڳوٺڙي ۾ پهتاسين جيڪو ننگر پارڪر تعلقي شهر کان اٺاويهن ميلن جي مفاصلي تي، ڀالوا ڳوٺ کان ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي. ڪکائن ڇپرن ۽ چونئرن مان ننڍڙا ننڍڙا ٻار ڪار کي ڏسندي اسان ڏانهن ڊوڙندا پئي آيا. ڄڻ سِلو مِشن ۾ ڪو ”سين“ اسڪرين تي هلي رهيو هجي. سموري فضاتي خاموشيءَ جو رنگين ۽ دل لُڀائيندڙ ڀرت ڀريل هو، ٻار اسان جي گاڏي کي وري ويا ۽ ڪاڪا، ڪاڪا چئي خرچي گهرڻ لڳا. سچ ته دل سيني ۾ لُڇي پئي. ننڍڙن ٻارڙن جي اهڙي حالت مان ٿر جي غربت جو اندازو ٿيو. ته ڪئين نه هو هر ايندڙ ماڻهن کان خرچي گهرندا آهن ۽ معصوم ٻولن سان ليلائيندا آهن. گوڙيءَ جي مندر جي ننڍڙي ڦٽل چوديواري جو ننڍڙو ڪاٺ جو در کولي اندر داخل ٿياسين ته اُتي مندر جي پنهنجي طور تي پنهنجي گذر سفر لاءِ سار سنڀار ڪندڙ هڪ جُھونو به اچي پُهتو. پوڙهي هٿ ٻُڌي آجيان ڪئي ۽ مندر ڏيکارڻ لاءِ اڳيان، اڳيان هلڻ لڳو. پڌر جو ننڍڙو رستو ٽپي مندر جي جُهريل ورانڊي واري ٺهيل گُنبذ هيٺان اچي صدين جيڏيون حيريون ويڙهي ويون. ”اِها عاليشان عمارت ڳوٺ کان اُڀرندي طرف کُليل ميدان ۾ شايد ڪجهه کوهن جي ڀر ۾ هئي. هي مندر سوڍن حاڪمن جي اوج واري دور ۾ لڳ ڀڳ 1376ع ۾ تعمير ٿيو. جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آهن. جو گروگورکناٿ جو چيلو هو. ۽ کيس گوڙيچو به سڏيندا هئا اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن ڳوٺ جو نالو گوڙي پيو. گوڙيءَ جا ڏهرا يعني جينين جو جهونو مندر تمام قديم آهي. اوڀر ۽ اولهه ۾ ٻنهي پاسي ٻارهن، ٻارنهن ننڍيون ڪوٺيون آهن. جتي هڪ هڪ ماڻهو ويهي پوڄا ڪري سگهندو هو. اُتي هڪڙو ننڍو ٿلهو به ٺهيل آهي جتي شايد ايڪانت ۾ يوگ اڀياس ڪندا هئا. سڄي جاءِ مٿان ٻاونجها سُهڻا گنبذ ٺهيل آهن. جن مان چاليهه گُنبذ ڏهرن مٿان آهن. هن عمارت جو پٿر سنگمرمر جهڙو آهي. جو، جوڌپور کان آندل معلوم ٿئي ٿو جين ڌرم جا ڪُل چوويهه پيشوا يا ڌرم ـــ نيتا ٿي گذريا آهن جن مان ”ورت مان“ جيڪو مُها وير جي نالي سان مشهور ٿيو. مهاوير، گوتم ٻُڌ جي زماني ۾ ٿي گذريو آهي. ۽ سندس ديهانت عيسوي سن کان 536 ورهيه اڳ ٿيو هو. هو جين ڌرم جو باني هو. جيتوڻيڪ جين ڌرم وارن جو چوڻ آهي ته سندن ڌرم مهاوير کان ڪي صديون اڃان به آڳاٽو آهي.“ پوڙهي پوڄا واري مندر جي پراڻي ڪمري جو ڪاٺ جو دروازو کوليو ته ڪجهه چمڙا، چرڙاٽ ۽ چيچاٽ ڪندا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ اڏامڻ لڳا. اسان ڊڄندي ڊڄندي مندر ۾ داخل ٿياسين هلڪي اُونداهيءَ ۾ ويران اجڙيل عبادت گاهه پنهنجي اتهاسڪ ڪٿا ٻُڌائي رهي هئي مندر ۾ مورتي پرارٿنا جا سنتوش بخشيدڙ لفظ ٻُڌڻ لاءِ صدين کان انتظار ڪندي ڪندي پٿرائجي چُڪي هئي. جين ڌرم پنهنجي مذهبي عروجي دور ۾ وڏي انداز سان ڦهليو هو پر پوءِ وقت هر شيءِ جو انت آڻيندو آهي ۽ هر پُراڻي شيءِ نئين جنم سان وجود وٺي نروار ٿيندي آهي. مون ڪٿ پڙهيو هو ته جين ڌرم جي وڌيڪ نه اُسرڻ يا ڦهلجڻ جو هڪڙو سبب جين ڌرم جا انتهائي مُشڪل قانون قاعدا هئا. مسئلن، جين ڌرم ۾ زمين کي کيڙڻ وڏو پاپ هو. ڇاڪاڻ جو هر ڪاهي ڌرتي کيڙڻ سان ڌرتيءَ ۾ موجود جيوت جو انت آڻڻ مهاپاپ هو. هلڻ مهل ڏسي وائسي هلڻ ته جئين ڪو جيت جڻيو پيرن هيٺان اچي نه وڃي. اُن ڪري اونداهيءَ ۾ سفر ڪرڻ انهن لاءِ پاپ هو. کائڻ ۽ پئيڻ روشنيءَ ۾ ڏسي وائسي، متان انهن ۾ ڪو ساهوارو پنهنجو جيون نه وڃائي ويهي. ڪنهن به ساهه واري جانور توڙي پکيءَ کي پنهنجي خوراڪ يا ڪنهن ٻئي سبب لاءِ مارڻ ٺيڪ نه هو. عبادت ۾ مشغول رهڻ، دنيا کي تياڳڻ، ساهه کڻڻ لاءِ مُنهن تي ماسڪ نُما ڪپڙو يا ڪا ٻئي شيءِ ڏئي ساهه کڻڻ وغيره. ائين گوڙيءَ جي مندر جي شاندار اڏاوت ۽ اعلي فني مهارت ڏسي سچ ته حيرانگي روح کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو. صديون پراڻو مندر اڄ به پنهنجي شان ۽ شوڪت جي ڀرپور نيشاني لڳي رهيو هو. توڙي جو ڪا به خاص طور تي سرڪاري يا نجي سنڀار نه هئڻ جي باوجود به وقت جي بي رحم بادشاهه اڳيان پنهنجو جهيڻو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو هو. ۽ جين ڌرم جي پيغمبر مهاوير جي ساک ڀري رهيو هو. توڙي جو سندس ڪجهه جهريل حالت گذريل 2000ع واري خطرناڪ ڀونچال ڪري کيس ڪمزور ڪري وڌو هو. پوءِ به ايڏي سُڃ جي وچ ۾ اهڙي شاهڪار جي اڏاوت، سا به اُن دور ۾ جڏهن اڃان مشيني طريقي جو تصور به نه جڙيو. اُهي باري پٿر، اُنهن کي ڪٽي مختلف شڪلون ڏيڻ، اونهن تي شاندار چسٽاليءَ جو ڪم، اُن جي نرالي ڊزائين ڇا چئجي ڪلاسڪ فن جي سونهن جو اعلي مثال لڳو. گوڙيءَ جي مندر مان گهوريندڙ، مُرڪندڙ، شانت مها ويرجي نيڻن کي الوداع چئي واپس ننگر پارڪر ڏانهن مين روڊ تي چڙهي اڳتي وڌڻ لڳاسين ۽ ڪجهه سفر ڪرڻ کان پوءِ مين روڊ ڇڏي ڀالوا ڳوٺ ڏانهن مارويءَ جو کوهه ڏسڻ لاءِ وياسين وچ ۾ ڪجهه ڪچي جو مفاصلو طئي ڪري ڳوٺ جي گهرن وٽان گذرندا پُڇائيندا مارويءَ جي کوهه وٽ اچي پهتاسين. مار اڄ کان صديون اڳ اتهاسڪ دور ۾ عمر بادشاهه ماروي جهڙي سونهن جي ديوي کي هن کوهه تان کڻي وڃي پنهنجي محلاتي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو هو. عمر مارويءَ جو ڪلاسيڪل قصو مشهور آهي. جنهن کي سنڌ جي بادشاهه ڀٽائي سرڪار پنهنجي ڏات جي ڏياٽين سان روشن ڪري امر ڪري ڇڏيو آهي مارويءَ جو کوهه اڄ به ڄڻ ته ماروي جو اوسئيڙو ڪندي سندس وارياسي راهه نهاري رهيو هو. جتان ماروي جهڙي سونهن ۾ نفيس چنچل، معصوم پنهنجن سهلين سان پاڻي ڀرڻ ۽ پنهنجي مال کي پاڻي پيئارڻ لاءِ ايندي هئي. ڀٽن جي گود ۾ ڀالوا جو ڳوٺڙو جنهن جي چوطرف رُڃ جا پڙاڏا روح کي اُداس ٿي ڪري ڇڏيائون. اهو ئي کوهه مارويءَ جھڙي خوبصورت وينگس ۽ ڪلاسيڪل ڪردار جو اکين ڏٺو شاهد آهي جنهن عمر بادشاهه جي ڏاڍائي کي به پنهنجن نماڻن نيڻن سان ڏٺو هوندو ته نه ڄاڻ ڪيترين حسينائن جي زلفن جي ڇانوَ مَٿس رهي هوندي ۽ ڪيترن اُڃايل مسافرن ۽ گلاب جهڙن چپڙن سندس مِٺو ۽ ٿڌو پاڻي پي اڃ اُجهائي هوندي. اڄ اهو کوهه خود سراب جئين سُڪي ٺوٺ ٿي ويل لڳو ۽ رُڃ جي ويرانين جي ويچارن ۾ ويڙهيو پيو هو. سنڌ جي تاريخي ماڳن، مڪانن، آثارن جا اهڙا حال ڏسي پنهنجي قومي بي حسي تي انتهائي گهڻو افسوس ٿيو. مارويءَ جي کوهه تان ڀرجي آيل اکيون کڻي هڪ سرد آهي ڀري واپس ورياسين. ائين ٿر جي سفر جا رنگ، روح ۾ سمائيندا، اکين کي ٿڌو ڪندا، پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندا. اوچتو ڀٽن جي آغوش مان نڪري اسان جي ڪار ٿــر جي رِڻ واري ميدان مان نڪتل روڊ تان ڊوڙڻ لڳي ۽ اسان جي پاسي کان دور دور تائين رڻ جي چمڪندڙ چادر وڇايل نظر آئي، ڪارونجهر جي ڪناري ٿـــر جو رڻ سفيد واريءَ سان سراب جي اڃايل تصوير لڳي رهيو هو. دور تائين رڻ جو وسيع ڏيک اُڃ جي احساس کي وڌائي رهيو هو. پاري ننگر تاريخ جو مشهور بندرگاهه هو. ڪارونجهر جي ويجهو سمنڊ پنهنجي هانءُ ڏهڪائي ڇڏيندڙ گجگوڙ سان پيو گجندو ۽ ڇوليون ماريندو هو. چون ٿا ته تاريخ ۾ ڪو وڏو سامونڊي زلزلو آيو هو. جنهن سمنڊ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ۽ سمنڊ پُٺيان اڄوڪو رڻ ڇڏي ننگر جي بندر کي ويران ڪري هليو ويو. هي رڻ ايترو ته ڦهلاءُ ۾ وسيع آهي جو اُن جو رڳو هڪڙو حصو هن مهل ٿر ۾ آهي. باقي ٽي حصا ڀارت جي حصي ۾ آهن . ٿَــر جي رڻ جي پکيڙ ست هزار چورس ميل آهي سڪندراعظم جڏهن سنڌ مان گذريو هو تڏهن ٿَــر جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو . ائين ننگرپارڪر جي ويجھو ڀوڏيسر جي تاريخي ۽ اُجڙيل مسجد جي حاضري ڀرائڻ لاءِ مين رستي کان لهي وياسين. اُتي کوڙ ساري ساواڻ نظر آئي ڳوٺ جي وچان رستي تان گذرندا عجيب ماحول جا رنگ پسندا .ڪنهن اسڪول جي سرڪاري بلڊنگ جي ڀرسان ڀوڏيسر جي تاريخي مسجد جي سامهون پُهتاسين ڪا طلسماتي حيراني ۽ ويراني هانءُ کي ڌوڏي رهي هئي. ”هي تاريخي مسجد محمود شاه (بيگڙي) بن مظفر شاهه غياث الدين _ سن 1505ع هيٺ نسبت 1562ع ۾ جوڙائي هئي“. مسجد جي آڳنڌ تي پُهچي مسجد چوڏس نظر ڦيرايم. خماريل شام جي خاموشي، هوائن ۾ خرمست گھوڙن جيان ڊوڙندڙ ڪڪر، هوائن جا کيپ، مسجد جو الف ليلوي منظر، مسجد جي پُٺين پاسي وڏا وڏا ۽ گھاٽا ساوا وڻ . انهن تي مورن جا اکين کي جهومائي ڇڏيندڙ رنگ برنگي پَر. سچ ته اُن حسين منظر منهنجي روحاني ڪيفيت کي وڌيڪ جُهڙالو ڪري ڇڏيو. دليپ ڪوٺاري، ستار سندر، غفور مَري ۽ مون ان جي فني حُسن جي حوالي بابب ڪچهري، ڳالهيون، ڪندي، موسم ۽ ماحول کان لُطف اندوز ٿيندي ڪئيمرا سان ڪجهه يادگار تصويرون پڻ ڪڍيوسين. مسجد ۾ هڪ ڦاٽل تڏو ۽ ڦٽل جارن ۾ سالن جو اُجهاڻيل ڏيئو نماڻين نابين نگاهن سان ڄڻ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو. اوچتو ڪنهن ڪنهن مهل وڻن مان ڪنهن اُڃايل مور جي ڏک جي رنگن ۾ ٻُڏل دانهن/ رڙ هانءُ ۾ وڍ وجهندي ڏهڪائي ٿي ڇڏيو ڀدرشير ننگري، جنهن کي اڄ ڪلهه، ڀوڏيسر چون ٿا. سا ننگر پاررڪر کان ٻه ميل اُتر اُلهندي ڪارونجهر جي آغوش ۾ ڏاڍي سونهي رهي هئي. ڀدريشر جي جهونن کنڊرن جو جلوو پسي ائين پئي ڀاسيو ته ڪو وقت هو جو اتي ڪي تمام خوشحال انسان رهندا هئا. سنڌ جي تاريخي ماڳ کي جُهڪي سيس نمائي واپس ننگر ڏانهن نڪتاسين. حَسين روڊ جي ويڪري ڇاتيءَ تي ڊوڙندڙ ڪار ننگر جي نگهباني ڪندڙ جبل جي نظر ايندڙ پري کان ڪور ويجهو پئي ٿيندي وئي. جيئن، جيئن ويجهو پئي ٿياسين، ننگر جي سونهن جو سحر وڌندو پئي ويو. ائين ننگر پُهچڻ کان پهرين ويرا واهه چيڪ پوسٽ وٽان گذرڻو پيو هو جتي اسان کي بيهاري پُڇا ڳاڇا ۽ چيڪنگ ڪئي وئي. ننگر جي ويجهو ٿيندي پري کان ڪارونجهر جبل جو حَسين ڏيک روح ۾ لهندو ئي ويو. پري کان روڊن جي ڪناري فصلن جي پوک، سائو ويس ڍڪيو، جهڙالي هوائن ۾ رقص ڪري رهي هئي. ڪارونجھر اڏولتا، هشمت جي علامت پنهنجن سمورن فطري رنگن سان نروار پئي ٿيندو ويو. ائين ننگر ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين وري ٻيو ڀيرو چيڪ پوسٽ جي قانون کان گذرڻو پيو. ۽ افسوس ٿيو ته ڌرتيءَ ڌڻين سان ائين ورتاءُ پيو ڪيو وڃي ڄڻ اِهي هِت اجنبي ۽ ڌارياهجن ۽ اهي سرحدن جي محافظي ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ امن امان جو ماحول پيدا ڪرڻ جي آڙ وٺي سنڌ جي بجيٽ تي ڌاڙو ۽ سنڌ جي سڀني شهرن ۾ هاڻ داليون ، چڻا ، جنرل اسٽور ۽ ٻيا دُڪان کولي عام شهرين جي معيشت تي قبضو ڪري پئسو ڪمائيندڙ ڄڻ سنڌ جا اصل وارث هجن. جيڪي شهرن مان ايندڙن سان ائين ٿا پيش اچن. اُهي مقامي ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هوندا . نيٺ ننگر پار جي ننڍڙي الڳ،الڳ ڏيک ڏيندڙ شهر جي رستن کان ٿيندا ننگر جي ننڍڙي رستي بازار ۾ داخل ٿيا سين. اُتي مُڪمل شام جي حسين پاڇن ننگر جي بازار کي ڀاڪرن ۾ڀري ڏاڍو پُر رونق بڻائي ڇڏيو هو مٿان وري آڪاس تي ڇمر ڇاٽ ڪرڻ جي ڄڻ ته ويجھو اچي پُهتا هئا . اسان دليپ ڪوٺاريءَ جي بابا سائين تهلاش مل ۽ ڀاءُ اشوڪ ڪمار سان سندن ڪريانه جي دوڪان تي ملياسين ۽ بلڪل دوڪان جي ويجھو دليپ جي گھر جي ڀر ۾ وسيع اوطاق جي لوهي گيٽ جي دروازي مان اندر داخل ٿياسين. اوطاق بلڪل ڪارونجھر جي هنج ۾ آجيان ڪري رهي هئي . هٿ منهن ڌوئي منجھند واري ماني جيڪا دليپ جي بابا دليپ جي ننگر ۾ دوستن سان اچڻ واري اطلاع تي تيار ڪرائي ڇڏي هئي. کاڌيسين . چانهه پي ٿڪ ڀڃي ، ڳالهيون ٻولهيون ڪري ڪارونجھر کي اُن جهڙالي موسم واري شام جو ڏسڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿيا سين. اوطاق کان نڪري سامهون بازار جي سنهڙي گھٽي وٽ اچي ٿورو ڪجھه قدم ڀري چؤطرف ڪجھه دوڪانن جي وچ تي گولائي ۾ ڪجھه ”اِسپيس“ جو نظارو ڪندا ڪارونجھر ڏانهن هلڻ لڳاسين. ڪارونجھر ڏانهن ويندي واٽ تي جين ڌرم جو هڪ عاليشان مندر ڏٺوسين. پاري ننگر ۾ جين ڌرم جا خاص مندر هئا آبُو ۽ اُن جي آس پاس به جينين جا مندر آهن. پارڪر جينين جو وڏو خاص مرڪز هو. جتي مندر سان لاڳو هڪڙي خاص جڳھه ۾ سندن تبليغي اجلاس ٿيندا هئا .اڄ تائين اها جڳھه موجود آهي. جنهن جي ڀتين تي ڌرمي نيتائن جون تصويرون اُڪريل آهن جيئن ته جين ڌرم جا ڪُل چوويھه پيشوايا ڌرم نيتا گذريا آهن. جن ۾ يارهين نمبر تي آيل پيغمبر ”شِري انشاناٿِ“؛ جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. انشاناٿ ساريءَ سنڌ ۽ هند ۾ جين ڌرم جو زبردست پرچار ۽ ڦهلاءُ ڪيو، کيس پنهنجي زماني ۾ اُهوئي پد حاصل هو . جيڪو مهاوير کي سندس سمي ۾ حاصل هو. انشاناٿ عيسوي سن کان اٽڪل پندرهن سو سال اڳ جو آهي. ”جيئن موهن جي دڙي جو سمو پورو ٿيو. جين ڌرم جي شروعات ٿي . اڄ کيس ساڍا ٽي هزار ورهيه گذري چُڪا آهن سندس رهڻي ڪهڻي سنڌ تي ضرور اثر ڪيو هوندو . سندس ديهانت اولھ بنگال ۾ ٿيو. ”اهڙين عظيم هستين جي عبادت گاھ کي ڏِسي افسوس سان شديد حيراني پِڻُ ويڙهي وئي. افسوس اِن ڪري جو جنهن مذهبي عبادت جي جاءِ جي ايڏي تذليل ۽ بي حُرمتي ۽ اُهابه اسلامي رياست ۾ . اصل ۾ هئڻ ته ائين گھرجي ها ته انهن مندرن يا تاريخي ماڳن“ مڪانن جي سرڪار طرفان مڪمل طور سارسنڀال هئڻ گھرجي ها. ۽ انهن مندرن عبادت گاهن کي احترام جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ها پر اُهو ساڳيو افسوس جو اُهي مندر بي ڌياني ۽ مذهبي جُنونيت جي ور چڙهي گندگيءَ جو شڪار ٿي تباھ ۽ برباد ٿي چڪا آهن . حيراني جي حوالي سان مندرن جي اڏاوت جي عمارت جي ھُنري خوبي؛ اُن جي مضبوطي . مندر اندر آرٽ جي نفيس چٽسالي اُن جي بيهڪ ۽ مندر جي ڀرسان هڪڙي حال نُما وڏي گڏجڻ جي جاءِ ڏسي دل باغ بھار ٿي پئي توڙي جو انهن مندرن کي صديون گذري چُڪيون هيو. پر پوءِ به هو پنهنجي عظمت ۾ اڄ به عليشان نظر پئي آيا. ڪيڏين مُحبتن ۽ مُحنتن سان انهن عظيم عليشان عمارتن کي بڻايو ويو هوندو. ۽ ڪئين نه مندر جي مورتين، درن، ديوارن، گنبذن ۽ انهن تي آرٽ جي شاهڪارن، جنين جا عبادت ۾ ملبوس آواز ۽ لفظ ٻڌا ۽ انهن جا چهرا ڏٺا هوندا. اُڄ اُهي تيسپا جا ماڳ ۽ مڪان وقت جي بي حسين جي ورچڙهي. ڏينهون ڏينهن ختم ٿي رهيا آهن. مندر جو ديدار ڪري پٿريلو رستو وٺي ساين وڻن جي هوائن ۾ جهومندڙ چهچ ساين ٽارين کي ڇُهندا ڪارونجهر جي خوش نما، وسيع دامن ۾ هڪڙي اوچي ۽ ويڪري سونهري پٿر تي وڃي ويٺاسين. جُهڙالي شام جو اهو منظر، ماحول، منهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺل پهريون ڏيک هو. ڪارونجهر پنهنجي سون ورني رنگ سان بادلن جي سليٽي عڪس ۾ ڪلاسيڪل رومانوي ڪردار سڏونت جي محبوبه سارنگا جي هرڻيءَ جهڙين نيڻن ۾ ڪجل جيان ڀاسي رهيو هو. مختلف قسمن جا جانور پنهنجو چارو چري رهيا هئا. ٿڌيون پُرڪيف هوائون ساري فضا کي خواب نما بڻائي مخمور رڪري رهيو هُيون. شام جي وڻندڙ ماحول ۽ خاموشيءَ ۾ اوچتو دور ڪارونجهر جي ڪنهن ڪُنڊ مان مورن جون مينهن کي سڏيندڙ رڙيون ايڪوسائونڊ وانگر خلائن ۾ گونجي ٿي ويون. سچ ته منهنجي اڳ ئي ڏکياري دل ۾ هڪڙو عجيب گونگو درد ٿي اُڀري پيو. ڪارونجهر جبل جي حسين بيهڪ ۽ اُن جي پٿر جي نرالائپ ڏاڍي وڻندڙ هئي. ”هي جبل ننگرپارڪر شهر جي چوڦير، گولائي قطار جي صورت ۾ ڏکڻ ۽ الهندي پاسي اٽڪل سورهن ميلن ۾ پکيڙيل آهي. ان جي اوچي چوٽي زمين جي سطح کان هڪ هزار ڦُٽ مٿي آهي. جتي تروٽ صاحب جو ٿلهو ٺهيل آهي. جنهن کي ”صاحب چڱو“ ڪري چوندا آهن. منجهس ڪيترائي پانڊون جي نالن جا نيشان آهن. جيڪي ڏسڻ وٽان آهن هن جبل ۾ ڪيترائي قديم آستانه آهن چون ٿا ته ڪورون جڏهن پانڊون کي 13 سال ديس نيڪالي ڏني هئي. تڏهن پنج ئي پانڊون ڪجهه وقت ڪارونجهر جبل ۾ اچي رهيا هئا. ڪارونجهر جبل جو پٿر عمارتن ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو آهي جبل مان گگر ۽ ماکي، مختلف ٻوٽيون، ڪاٺيون وغيره مزور ماڻهو جام آڻي وڪرو ڪندا آهن. تنهن ڪري عام چوڻي آهي ته ”ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو.“ يعني هن جبل جي ايتري پيدائش آهي جنهن جي قيمت سوا سير سون جي برابر آهي. هن جبل مان قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون. جيڪي هتي جي ماڻهن لاءِ دوا طور ڪم اچن ٿيون. مثلن کوکرو، گڻ ويل، ستاوڙي، جهنگلي بصر، شوجتي، اٺ ڪنٺي، اٽنگڻ، لاجونتي، گوگڙو، وغيره هن جبل ۾ ڪٿي ڪٿي پٿر گوگڙو جهڙو نظر ايندو. اونهاري جي موسم ۾ ڪڏهن، ڪڏهن جبل مان زوردار آواز ٻُڌبا آهن. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ جبل گندرف سان ڀريل هجي. برسات جي موسم ۾ جبل تان اٿاهه پاڻي سمنڊ جيان وهي هلندو آهي گوڙ درو ۽ ڀٽياڻي نديون به هتان نڪرن ٿيون اُهي ٻئي نديون پاڻيءَ سان ٽمٽار وڃي ٿيون پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙڪن. جيڪڏهن انهن ندين تي بند ٻڌي پاڻيءَ کي پوک لاءِ گڏ ڪيو وڃي ته پارڪر کي جيڪر ڪڏهن به ڏڪار سان دوچار ٿيڻو نه پوي ڪارونجهر جبل ۾ سار (گدڙ) چراخ (جرک) جانور (بگهڙ) مور، سارس ۽ ٻيا ڪيترائي جانور ۽ پکي رهندا آهن.“ اهڙيءَ ريت ڪارونجهر جي ڪائنات ۾ کوڙ ساري دير هلڪي اَنڌيري ٿيڻ تائين ڪارونجھر جي آغوش ۾ سُڪون ماڻي اُٿياسين. ڪارونجھر جي ڪور تائين وسڻ جا ويس ڪري اُڏامندڙ ڪڪر ڪارونڀار سپني ۾ سُرمئي ساحل جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. ۽ ڪارونجھر جي ڪور تان سنڌ جي بهادر ڪردار روپلي ڪولهي جا نماڻا نيڻ الوداع چئي مسڪرائي رهيا هئا. ائين اُن لافاني درشن کي روح جي نيڻن ۾ سمائي واپس دليپ جي بيٺڪ تي آياسين ۽ ڪارونجھر جي سونهن سوڀيا ۽ ٿر جي حالتن تي ڪچهري ڪندا رهيا سين رات جي ماني کائي ٻاهر چڪر هڻڻ لاءِ اُٿڻ وارا ئي هياسين ته بجلي هلي وئي . ۽ سڄو ننگر رات جي اونداهي ۾ گُم ٿي ويو . پر ايڏي گُهگهه، اونداهيءَ ۾ به ڪارونجهر پنهنجي روپ جي روشنيءَ سان نروار بيٺو ننگر جي نگھباني ڪري رهيو هو . ۽ آسمان تي ڪڪرن جي ڪٿان ڪٿان ڦاٽل چادر مان ستارا اکيون ڀڃي مُسڪرائي رهيا هئا. چنڊ جي ٻيڙي بادلن جي بادبان سان جھومندي ڪارونجهر جي گھنگھوري گھاٽ تان گذري رهي هئي. اسان بيٺڪ کان ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي ننگر جي بند پيل بازار جي سَنهڙي گھٽيءَ ۾ آياسين جِتي دليپ وارن جو دُڪان هو . جتان اسان کي دليپ جي بابا سائين گھُپ اُنداهي مان دور هلڪي روشني جي جھيڻي ٽمٽماهٽ ڏيکاريندي چيو ته اِها لائٽ راجسٿان (انڊيا) جي آهي . سچ ته ڀارت جي ڌرتيءَ تان روشنيءَ جي صورت ۾ ڪنهن شيءِ کي ائين دور کان حقيقت ۾ ڏسڻ مون لئه پهريون موقعو هو. مان مُسلسل اُن جھيڻي روشنيءَ کي گھوري رهيو هئس جو اوچتو لائٽ اچي وئي . ۽ دور دور کان جهيڻي نظر ايندڙ لائٽ گُم ٿي وئي. اسان ٻاهر چڪر هڻي موٽي اچي بيٺڪ جي فرشيلي آڳنڌ تي گھلندڙ ٿڌڙي هوا ۾ کٽن تي وڇايل بسترن تي ڪارونجھر جي آغوش ۾ آهلجي پياسين . سڄي رات ننڊ جي گلابي احساس ۾ رنگين خوابن جا عجيب ، عجيب خاڪا جڙندي گذري . صبح جو سوير جھُڙ جي چادر چيري سِج ڪارونجھر جي ڪور تان ڪُر کڻي ، اسان کي صبح جو سلام ڪيو. ۽ اسان اُن جادوئي فضا ۾ وهنجي تيار ٿي ناشتو ڪري چاچي محمد ڪُنڀار جون خدمت گذاريون ساراهيندي ننگر مان ڪِرائي تي فور ويلڊ جيپ ڪرائي . پنهنجي ڪارِ اُتي ننگر ۾ ڇڏي ڪاسبي ڏانهن نڪتاسين . ڪاسبو ٿر جو اُهو حسين ۽ سرسبز علائقو (ڳوٺ ) آهي، جيڪو ٻاروهي زرخيز، سدا آباد ، ۽ ساوڪ جو ويس ڍڪيل خواب نُما رهندو آهي ڪاسبي ڏانهن ويندي گوڙدرو نيئن جي ڪپ تي اُن تاريخي ۽ عظيم جاءِ کي به سجدو ڪيوسين جت سنڌ جي بهادر باغي، ۽ تاريخ جي ارڏي ڪردار روپلي ڪولهيءَ کي ڦاسي ڏني وئي هئي. اڄ به نديءَ جي ڪپ تي اُها جاءِ اڏولتا ۽ ارڏائي جي عظيم نشاني طور ياد ڪئي وڃي ٿي. انگريز گورن سان مهاڏو اٽڪائندڙ هي جوڌو جوان سنڌ جي تاريخ جو هڪ يادگار ۽ امر ڪردار آهي. ”سوڍن جي راڻي ڪرڻجئي“ جو انگريز سرڪار سان جهيڙو هلندڙ هو. آخر بغاوت جي باهه ڀڙڪي اُٿي ۽ 19 جون 1859ع ۾ راڻي ڪرڻجئي ڀڄي ڪارونجهر جبل ۾ پناهه ورتي. جتي اُن کي سندس هڪ گهرو دوست ڪاسبي جو لُهاڻوسيٺ مهاوجي، هلنس پري ٻائو ۽ روپلو ڪولهي کاڌي جو سامان رسائيندا هئا ۽ خبر چار ٻُڌائيندا هئا. پارڪر واري ڀاڱي جي اُن وقت جي انگريز ايجنٽ ”تروٽ“ کي خبر پئي. تڏهن روپلي ڪولهي کي جاگير جي لالچ ڏنائين ته راڻي جو ڏسُ ڏئي. مگر هُو وفادار هو. تنهن چيو ته مون کي ڪا خبر ڪانهي پوءِ کيس ڏاڍي مارڪُٽ ڪيائون هٿ جي ترين ۾ تيل وجهي، آڱرين تي وٽيون ٺاهي. باهه ڏنائون تڏهن به روپلو پنهنجي ست تي ثابت رهيو“. ڪاسبي ڏانهن هلندي وچان پٿريلي ۽ وارياسي رستي جي ٻنهي پاسي، دل لُڀائيندڙ ماحول ڇا ته سحر انگيز هو. ٿري عورتون پنهنجي خاص لباس ۾ ملبوس گهڙا کنيون، قطارن ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪنهن کوهه تان جُهڙالين هوائن ۾ ساون کيتن منجهان جهومنديون، ڊيلن جيان ٽلنديون وڃي رهيو هُيون. سانورين ٻانهن ۾ عاج جا اڇا ڪنگڻ پاڻ ڏانهن متوجه ڪري رهيا هئا. ته ڪٿ وري کوهه تي ٻارن ۽ عورتن جا ميڙ، پاڻي ڀرڻ ڪاڻ کوهه مان پاڻيءَ جا ڀريل ڏول ڇڪي ڪڍي رهيون هيون. ساون کيتن تي مست هوائن ۾ اڇن پکين جون آزاد اُڏارون، دور کان ڪارونجهر جي سون رنگي ڪور، واهه! ڇا ته قدرت حُسن جو شاندار ميلاپ ڪيو هو. ڪاسبي جي ڳوٺ ۾ پُهچي ڪجهه جهونن هارين سان ملياسين. جيڪي اُتي آباد زمينن تي هارپو ڪندا هئا. ٽيوب ويل ذريعي پاڻيءَ سان زمينن کي آباد ڪيو پئي ويو پري پري تائين ساون فصلن جا سِلا هوائن ۾ لڏي ڄڻ اسان جو آڌرڀاءُ ڪري رهيا هئا. پکي پنهنجي مستين موجن ۾ آزاد، پرسڪون فضائن ۾ پنهنجا پر پکيڙي خوابن جهڙيون اڏارون اُڏري رهيا هئا. جهومندڙ فضلن جي ڀر ۾ شوِ جي مندر ۾ داخل ٿياسين مندر جي پروهت هٿ جوڙي پرڻام ڪيو ۽ اسان به موٽ ۾ هٿ ٻڌي پرڻام ڪيو. ڪاسبو پنهنجي روح ۾ مورن، ڊيلن ۽ قسمين، قسمين پکين ۽ زرخيزيءَ جي ڪائنات ڀاسيو. شوِ جي مندر جي چوديواري آڳند) جيڪو وڻن ۽ ٻوٽن سان جهنجهل هو.) ۽ مندر جي پوئين پاسي وڻن جي جهنگ نما گهاٽن جُهڳٽن ۾ رڳو مور ئي مور پنهنجا انڊلٽي پر پکيڙيون اکين کي ٺاري رهيا هئا. اهڙي ماحول ۾ مورن جي پرن جا خوابن جهڙا رنگ هوليءَ جي ياد ڏياري رهيا هئا ڄڻ قدرت مورن جي رنگن سان هولي کيڏي رهي هئي. مور مستيءَ ۾ جڏهن پنهنجن پرن جي رنگين پکيڙ ڪري رهيا هئا ته ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سندن پرن جي رنگن ۾ هيءَ سموري ڪائنات سمائجي چڪي آهي. اکيون رنگن جو حصو ٿي بڻجي ويون ۽ خبرئي نٿي پئي ته اکيون ۽ رنگ ڪٿي ۽ ڪهڙي مهل الڳ ٿين ٿا. هي منهنجي زندگيءَ جو هيل تائين حقيقت ۾ ڏٺل عظيم تر ۽ پوتر ڏيک هو. مون ان کان اڳي ائين روبرو ساڀيان ۾ ايترن سارن مورن جا گڏيل رنگ انهن جي پرن جي پکيڙ، انهن جو مستانو ناچ، انهن جون اڏارون ڊوڙون ۽ ٽهوڪا هڪ شاعر جي نگاهن سان پهريون ڀيرو ڏٺا هئا. مندر جي گُنبذ تي مور، ڇت تي مور، بلڪ اُتي ته ڪو، ڪوهه قاف جو جادو نما ڏيک هو. مون کي ائين ڀاسي رهيو هو. ڄڻ منهنجو پهريون جنم اڄ ئي هن شو جي مندر ۾ ٿيو آهي. ۽ اڄ ئي پنهنجي جسم جي رت ۽ ست ۾ روحاني سگهه محسوس پئي ڪيم. دل جي خواهش هئي ته مورن ڊيلن ۽ ٻين پکين کي هٿ هڻي سندن پرن جي نفاست کي محسوس ڪيان. پر انهن جي وجهو وڃڻ سان ئي اُهي سڀ مور پکي خوف کان ئي ڀڙڪو ڏئي اُڏامي ٿي ويا. يا وري ڊوڙي ڀڄي ٿي ويا. مندر جي پروهت ٻڌايو ته ابا! اِهي ساڳيا مور ۽ پکي هت انسانن سان گڏ بنا خوف پيا هلندا گهمندا هئا ڪو به خوف خطرو ڪونه هوندو هُئن پر جڏهن کان، اهي بارڊر تي ڪارين ۽ خاڪي وارين وارا هت آيا آهن. تڏهن کان اِنهن مورن ۽ ٻين معصوم پکين ۽ جانورن کي ماري کائڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان اهي سڀ جيو انسانن کي ڏسڻ سان ئي خوف کائي ڀڄڻ/اُڏامڻ لڳا آهن. مون ڏٺو ته مورن، پکين ۽ پري پري هراسيل جانورن جي نيڻن ۾ ورديءَ وارن جو ڏهڪاءُ لياڪا هڻي، سندن معصوم، پاڪ، امن پسند علامتن کي گهائي رهيو هيو. ڊيلن جو ڊوڙون، مورن جا رنگين منظر، پکين جون پروازون، جانورن جا جٽادار جلوا، شِوَ جي مندر جو شاندار ڏيک، اُتان جي رهاڪن جي سادگي، خلوص، روح رهاڻ، ساون کيتن جي سونهن، جُهڙالين پُرڪيف هوائن جي هُٻڪار، چوڏس وڻن جي ٿڌي وڻڪار، مطلب ته اُهي سڀ تصويرون، احساس، تصور ڪيميرا جي اک ۾ سانڍي، شِو جي مندر کان ٿورڙو پرڀرو راماپير جي مندر جو درشن، جَهٽڻ لاءِ واريءَ تان هلندا پهتاسين. هي مندر، شِو جي مندر کان ايراضيءَ ۾ ڪافي ڦهليل هو. جتي پڻ اُن جي جهوني، تاريخي ڪردار، پروهت سان ملياسين. مندر ۾ وڃي رام، رام ڪئي سين. اُن جي فني بناوٽ کان متاثر ٿياسين، تصويرون ڪڍيوسين ائين واريءَ تان پنڌ ڪندي جيپ ۾ چڙهي ڪاسبي جي تاريخي ڪائنات کي الوداع ڪري واپس ننگر ڏانهن روانا ٿياسين. موسم جي مهرباني جيڪا گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسان جي تڙپندڙ ۽ ڀٽڪندڙ روح تي جُهڙالين هوائن ۽ ڪڪرن، جي گهاٽي ٿڌي ڇانوَ جي روپ ۾ ڪرم نوازي ڪئي هئي. اُها هِن سفر جي سونهن ۾ سورنهن سينگارن جيان وڌيڪ اضافو هئي. نه ته وسڪاري کان اڳ تپندڙ ٿر، جو ائين خوش نُما سير ڪرڻ مان ته سمجهان ٿو. ڏاڍو مُشڪل ۽ اڻ وڻندڙ ٿئي ها. مون کي ياد پيو اچي ته جڏهن اسان نواب شاهه مان مٺيءَ لاءِ روانا ٿيا هئاسين ته اُن وقت نواب شاهه تي آڳ اوڳاڇيندڙ سج جي ٽچڪندڙ اُس جي گرميءَ مون کي تمام گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو هو. ته مان ڪئين هي سفر ڪري سگهندس توڙي جو ڪار ۾ فُل اي.سي هئي پر گرميءَ جي شدت جي ڪري اُها به ڀرپور ڪولنگ نه ڪري رهي هئي پر خدا جو شان جو جُهڏي ۾ پُهچندي ئي خوشگوار موسم جا سنيها گهلندڙ ٿڌڙين ۽ جُهڙالن هوائن ڏنا. سچ ته ٿر جو جيڪو به سفرڪيوسين اهو به بنا اي.سي. جي ڇا ڪاڻ جو اهڙي موسم کي ڪارن شيشن جي نظرن سان ڏسڻ قدرت جي ڪمال سان ناانصافي ٿئي ها. ڪاسبي مان ننگر واپس موٽي سامان کڻي دليپ جي بابا تهلاج مل، ڀاءُ اشوڪ ڪمار ۽ اسان جي خدمت ڪندڙ محمد ڪُنڀار کان ڀاڪر پائي موڪلائي، ننگر جي سنهڙي بازار جي گهٽي ۽ رستن کي نينهن سان نهاريندي ساڳي رستي تان واپسيءَ جو سفر شروع ڪيوسين. واٽ تي دليپ ڀٽياڻي نديءَ جو به بدرشن ڪرايو، جنهن جو ڇوڙ ڪارونجهر جبل جي پريان ڪڇ جي چمڪندڙ، سفيدرڻ ۾ ٿيندو آهي. اُهو رڻ سرحدي ڪڍيل لڪير جي ڪري انڊيا جي ٿر يعني راجستان کان الڳ آهي. سٺ ڏهاڪا اڳ اهو هڪ ئي خطو هو ۽ تاريخ ۾ به سنڌ جو ڦهلاءُ انهن حدن تائين هو. اڄ به انهن ٻنهي حصن ۾، ٿر ۽ راجستان ۾ ڪلچرلي هڪ جهڙائي لڳ ڀڳ ساڳي آهي. پر افسوس جو مذهبن جي بنيادن تي ٿيل وراثت ڌرتيءَ سان گڏ انساني رشتن ناتن کي به ورهائي الڳ ڪري صدين جي گڏيل جياپي کي ڪُچلي ڇڏيو آهي. هُونءَ به فطرت هميشه پنهنجي اصل ڏانهن موٽندي آهي. توڙي هٿ وٺي ڪيل تبديلون ڪيتريون به مضبوط هُجن يا گهڻي وقت تائين مڙهيون وڃن پر فطرت جو قانون آهي ته اُها پنهنجي وڃايل، زوري ڌار ڪيل حصي کي پائي اُن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي آهي. ننگر پارڪر کان واپس موٽي مِٺي آياسين. هوٽل تي هٿ مُنهن ڌوئي چانهه پيتيسين. اُتي هڪ شاعر دوست اشرف درس سان ملاقات ٿي. جنهن جي اسرار تي ريڊيو پاڪستان مِٺيءَ لاءِ انٽرويو ڏنم. ٿڪاوٽ ۽ موڊ نه هئڻ جي باوجود به اشرف جي مُحبتن ۽ عزتن اڳيان آڻ مَڃڻي پئي. ائين مٺيءَ مان دليپ ڪوٺاري، صادق فقير ۽ اشرف درس کان موڪلائي، سندن مُحبتن ۽ عزتن کي سنڀاريندا لڳ ڀڳ چَئين ڌاري کن چيلهار رستي عمر ڪوٽ ڏانهن سفر شروع ڪيوسين. خوبصورت، صاف سُٿري روڊ جي ٻنهي پاسي وڏيون، وڏيون ريتيليون ڀٽون، ڀٽن تي هلڪي وسڪاري سبب ڪٿ، ڪٿ ساواڻ جا رنگ ۽ موسم جا مڌمات مزا، سچ ته فلمن ۾ ڏٺل يورپ جي حسين منظرن کان ڪنهن طور تي به گهٽ نه هئا. چيلهار جي سرسبز ۽ من موهندڙ ڳوٺ جي سونهن جي نرالائپ کان مُتاثر ٿيندا. چيلهار جي ويجهو ڪِٿ دل لڀائيندڙ پڪنڪ پوائنٽ (قدرتي طور تي) راڻا سَر جي ترائي ڏانهن پُڇائيندا روڊ کان هيٺ لٿاسين. عجيب قسم جي مٽيءَ نُما وارياسي رستي تان هلندا، واريءَ مان ڦٽي نڪتل پاڻمرادو ٻنهي پاسي ساواڻ جي سائي مان گُذرندا سامُهون وڏين ڀِٽن جي گود ۾ راڻا سَر ترائي جو ڏيک روح ۾ لهي ويو. ترائي جي ڪنڌيءَ تي هڪڙي پاسي ساوا گهاٽا وڻ تيز هوائن ۾ لُڏي رهيا هئا. ترائي جي سون رنگي پاڻي ۾ آڪاس پنهنجو، سُرمائي ويس ڍڪيو عڪس ڏسي رهيو هو. ۽ عجيب عڪسن کي ڇُهي رهيو هو. اُوچا ڪَرَ کڻي بيٺل چوطرف ڀٽون راڻاسر ترائي ۾ پاڻ کي اوچو ڏسي رهيو هيون ترائي ۾ وهنجندڙ نوجوان ٿڌي پاڻي ۾ تري، ٽٻيون هڻي، پاڻي ۾ لهرون پيدا ڪري. ماحول کي دلچسپ بڻائي رهيا هئا. اسان به ڪجهه دير ترائي جي ڪنڌيءَ تي لڏندڙ وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي. اهڙي حسين نظاري کي ڏسي مزو ماڻيوسين. ترائي جي ٿڌي پاڻيءَ مان هَٿ، مُنهن ڌوتاسين ۽ وقت جي ڪميءَ جي ڪري ڀٽن جي آغوش ۾ جهومندڙ ۽ هندوري جئين لُڏندڙ راڻا سرترائي کي پرڻام ڪري واپس عمر ڪوٽ لاءِ روانا ٿياسين. سفر دوران سنڌ جي قومي ۽ رومانوي شاعر، فقير مشن انسان حليم باغيءَ کي موبائيل تي رابطو ڪري کيس اچڻ جو اطلاع ڏنوسين. اسان سوچيو هو ته اڄ ئي حليم باغي سان مُختصر ڪچهري ڪري ڪجهه وقت ساهي کڻي چانهه چُڪو پئي ڪهڙي به حالت ۾ نواب شاه پُهچنداسين. ڇا ڪاڻ جو لڳ ڀڳ پنجون يا ڇهون ڏينهن ٿي چڪو هو گهران نڪتي. ائين عمر ڪوٽ پهچي حليم باغي سان ملڻ لاءِ ڪارونجهر هوٽل تي پُهتاسين جتي حيلم باغي ملڻ لاءِ چيو هو. اُتي پُهچي حليم جو پُڇايوسين. خبر پئي ته حليم اڄ هوٽل تي آيو ئي ڪونهي. موبائيل جو ٽرائي ڪئي ته اُها به بند. سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخر حليم موبائيل بند ڇو ڪئي آهي. چارج ختم ٿي وئي اٿس يا شايد ڳالهه وسري وئي اٿس. بحرحال اسان کي به دير ٿي وڃڻ جي ڪري تڪڙ هئي سو اسان هوٽل جي ڪائونٽر واري کي حليم لاءِ نياپو ڏئي وياسين پئي ته حليم باغي ڪجهه دوستن سان اچي پُهتو ۽ ٻکين پئجي وياسين. حال احوال اورڻ کان پوءِ حليم بلڪل واضح ڪيو ته اڄ رات توهان نه ويندا ۽ رات منهنجي ڳوٺ روحل واءِ ۾ ڪچهري ڪنداسين. اُتي لڳ ڀڳ شام هوريان هوريان ڇَم ڇَم ڪندي شفق جي رستي سمنڊ ۾ لهي رهي هئي. ڳالهيون ڪندي حليم کان موبائيل بند هُجڻ جو پُڇيوسين. هن فقير ماڻهو، سادڙي مُحبتي انسان رڙ ڪندي چيو ته اڙي يار مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويوس. اُن ڪري موبائيل کي بند ڪرڻو پيو. نماز پڙهڻ کان پوءِ موبائيل آن ڪرڻ وسري وئي هُن موبائل ڪڍي کولي ڇڏي. هي ٿر جا سڪيلڌا، سٻاجها، سادا، کرا، سچا، محُبتي ماڻهو روح ۾ ڏاڍا، وسيع، گهرا ۽ اوريجنل آهن. ڪا به بناوٽ ڪين اُٿن. ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، کائڻ، پيئڻ، ملڻ، جُلڻ، ڪٿي به مصنوعيت کان ڪم نه وٺن. بلڪ مان ته ائين چوندس ته هي ٿر جا سادڙا سانگي مصنوعيت جي مفهوم کان ئي واقف ناهن. سنڌ پنهنجي جوهر ۽ سونهن ۾ اڄ به تازي تواني ۽ سگهاري آهي ته اُن جو سبب اهڙا مُخلص، محبتي، من ۾ پيهي ويندڙ ماڻهو آهن. باقي اڄ جي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ نالي ۾ سنڌي سڏائيندڙ ته پنهنجي اصل حقيقتن کان پس پرده رهن ٿا. ۽ پنهنجي ذات سان به سچا ناهن. نيٺ حليم باغي جي پنهنجائپ ڀريي اسرار تي رات رهي پياسين. عمر ڪوٽ ۾ حليم باغي ۽ سندس دوستن سان گڏجي عمر جو ڪوٽ (قلعو) ڏٺوسين. ماروي جي عظمت، پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان اُنس ۽ اُڪير واري جذبي ۽ سچائي کي ساراهيوسين. حليم باغي عمر ڪوٽ جي تاريخي ڄاڻ پڻ ڏني. ٻُڌ ڌرم. جين ڌرم، هندو ڌرم، وغيره تي ڪچهري ڪئي سين. رات کي رنگين ۽ يادگار بڻائڻ لاءِ اسان حليم جي سنگت سان مَڌ جو ذڪر ڪيو. جنهن تي دوستن چيو ته بابا سائين وارن جي اوطاق لطيف جو اوتارو آهي پاڻ مَڌ کي هٿ به نه لائن باقي جنهن به سنگت کي پيڻو هوندو آهي. ته اچي پيئندي آهي. وڏي ڪچهري مچندي آهي. اسان جا ته وارا نيارا ٿي ويا. وري به پڪ ڪرڻ لاءِ ڊڄندي، ڊڄندي حليم سان اهڙو حال اوريوسين. سائين به مُسڪرائيندي فقيري انداز ۾ ساڳي ڳالهه ڪئي. ائين اهڙي حسين موقعي کي يادگار ۽ رنگين بڻائڻ واسطي وسڪي (مڌ) وٺي سِڌو روحل واءِ حليم باغي ۽ جُمن دربدر جي ڳوٺ ۾ پُهتاسين جيڪو عمر ڪوٽ شهر کان بلڪل ويجهو ٻن يا ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي وارياسي ڀٽ تي هو. شام کان پوءِ هلڪي اُونداهه ۾ ڳوٺ ۾ پهچي اوطاق جي سامهون ڀٽ تي، کٽن تي ڪجهه دوست ويٺا هئا. جن ۾ سائين جُمن دربدر، حاجي ساند ۽ ٻيا دوست ويٺا هئا. (جن مان گهڻن جا نالا هن مهل ذهن تي نٿا اچن.) جن سان ملياسين. ڪچهري ڪندي مَڌ جو دور شروع ڪيوسين. آسمان ۾ کِجندڙ کنوڻ جي تجلن ۽ ٿڌين هوائن ۾ جام جي ڍُڪ ڍُڪ مان انڊلٽي رنگن کڙي سڄي ماحول کي رنگين ڪري ڇڏيو. حليم باغي جي شاعري ٻُڌڻ، سائين جمن دربدر جا ترنم ۾ پنهنجا ۽ ٿري گيت ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي سُريلن آوازن جي سُرن ۽ چرچن، ڀوڳن سچ ته اُن گهنگهوري رات کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. روحل واءِ جي اُها پُرڪيف جُهڙالي رات، مڌ ۾ ملي مهڪار جي وئي. ذائقي ۾ ڪڙو مڌ به سچ ته مِٺو، امرت نُما محسوس ٿيڻ لڳو. ۽ ذهن ڄڻ ته کيپن جي لهرن تي جُهومڻ لڳو. اهڙن خُمار آويز لمحن ۾ کوڙ دير تائين ٽهڪن، سُرن ۽ خوشين جا رنگ هوائن ۾ ڪيڏي نه رنگت وکيري رهيا هئا. دير سان ماني کائي اُتي ئي ڀٽ تي رکيل کٽن تي وڇايل بسترن تي ليٽي پياسين. مون آڪاش کي ڏٺو جيڪو اسٽيج ڊرامي جي پردن جيان ڪڪرن جا ڪيئي پردا مٽائي نوان نوان ڏيک ڏئي رهيو هو. صبح جو سجاڳي ٿي ته ڀنل ڀنل ڪنهن حسين مُک جهڙومن موهيندڙ سليٽي صبح جي نرالي روپ هلڪن مڌ جي خُمارن ۾ وڌيڪ خُماري ڇڏيو. آسمان تي ساڳي ئي جُهڙ جي جهالر هوا ۾ لهرائي رهي هئي. بلڪل سامهون روحل واءِ جو سرسبز، چٽو، ڌوتل پوتل ڳوٺڙو ۽ پاسي کان آباد سرسبز ٻنيون پنهنجي پوري حُسناڪي سان جلوا افروز هُيون. اهڙي سونهن ڏسي سوچي رهيو هئس ته هي ماڻهو ڪيڏا نه خوش قسمت آهن جو هِن نج فطرت جي وچ ۾ زندگي گذارين ٿا. ڪيڏا نه فطرت جا رنگ چوطرف پکڙيل آهن ائين صبح جو ٿڌڙي هير ۾ محسوس ٿيو ڄڻ جنمن جو سفر ڪري هت پُهتو هُجان. زندگي جو ڀرپور احساس روح مان ڦٽندو محسوس ٿيو. صبح جو وهنجي سهنجي تيار ٿي ماکيءَ مکڻ ۽ سبزي سان ناشتو ڪري حليم باغي، جُمن دربدر، حاجي ساند ۽ ٻي سنگت کان موڪلائي عمرڪوٽ کان ميرپور خاص پهتاسين ۽ پوءِ ميرپور خاص مان سانگهڙ. اهڙي طرح لڳ ڀڳ منجهندڌاري نواب شاه جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري گرميءَ ۾ پُهتاسين منجهند جو آرام ڪري، شام جي ٺرندڙ احساس ۾ ڪئميرا مان رول ڪڍرائي صفائي لاءِ ڏنوسين. اُن آس تي ته هاڻ ٿر جا سمورا حسين منظر جيڪي ساڀيان ۾ ڏٺا هئاسين انهن کي هاڻ تصويرن ۾ ڏسي پيا روح ۽ اکين کي تازو ڪنداسين. پر افسوس جو مٺيءَ مان ورتل ڪونيڪا جي رول ۾ صفائي کان پوءِ خبر پئي ته صرف چئن پنجن تصويرن جيتري نيگيٽو رول ۾ هئي جيڪا پڻ خالي پٽيءَ جي صورت ۾ هئي. اُن سفر دوران ستار سندر ڪجهه فوٽو موبائيل تي ڪڍيا هئا جيڪي ئي ڪجهه يادگيرين کي سهيڙڻ ۾ ڪامياب ويا. ۽ رُول جي چڪر ۾ رُلي اسان ٿر جي يادگار ۽ حسين ياترا جي حسين، جاين ماڳن مڪانن، لمحن ۽ دوستن سان نڪتل تصويرن کان محروم رهجي اُداس ٿي وياسين.

(22 مئي 2008ع)

مددي ڪِتاب:
ـــ پُراڻو پارڪر ــــ منگهارام اوجها