تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ويڳاڻپ جو فلسفو

ھي ڪتاب سبط حسين جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”موسيٰ سي مارڪس تڪ“ ڪتاب جي چوڏھين باب ”مارڪسي فلسفئِہ بيگانگي“ جو ترجمو آھي. ھن مضمون ۾ مصنف مارڪسي فڪر جي روشنيءَ ۾ بيگانگي يا اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ جي فلسفي جو تنقيدي جائزو ورتو آھي ۽ ٻڌايو آھي تہ ڪيئن ۽ ڪھڙي طرح مختلف مرحلن مان گذري دنگ سرمائيداري نظام تي ڇيھ ڪري ٿو، جيڪو انسان جي آزاد تخليقي عمل کي پئسي جي زور تي غلام بڻائي ٿو ڇڏي. نتيجي ۾ انسان پنھنجون خواھشون بہ دٻائي ٿو ڇڏي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي ٿو وڃي. 


  • 4.5/5.0
  • 31
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خاڪي جويو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ويڳاڻپ جو فلسفو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، شاعر، فلاسافر ۽ سياسي ڪارڪن خاڪي جويي جو لکيل ڪتاب ”ويڳاڻپ جو فلسفو“  اوھان اڳيان آڻجي ٿو. ھي ڪتاب سبط حسين جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”موسيٰ سي مارڪس تڪ“ ڪتاب جي چوڏھين باب ”مارڪسي فلسفئِہ بيگانگي“ جو ترجمو آھي.
ھن مضمون ۾ مصنف مارڪسي فڪر جي روشنيءَ ۾ بيگانگي يا اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ جي فلسفي جو تنقيدي جائزو ورتو آھي ۽ ٻڌايو آھي تہ ڪيئن ۽ ڪھڙي طرح مختلف مرحلن مان گذري دنگ سرمائيداري نظام تي ڇيھ ڪري ٿو، جيڪو انسان جي آزاد تخليقي عمل کي پئسي جي زور تي غلام بڻائي ٿو ڇڏي. نتيجي ۾ انسان پنھنجون خواھشون بہ دٻائي ٿو ڇڏي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي ٿو وڃي. 
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو  ساڃاھ پبليڪيشن، حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي نور جوڻيجي جي ٿورن سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي