ڳچيءَ ڳانا لوھ جا
ھي ڪتاب عوام دوست پورھيت طبقي جي ان سپاھيءَ جي جيل يادگيرين تي مشتمل آھي، جنھن سماج جي تبديلي جي قوتن جو ساٿ ڏنو، بي انتھا عذاب برداشت ڪيا پر ان جا ارادا ڪمزور نہ ٿيا، ھن جو عوام مان ڀروسو ختم نہ ٿيو. وڏي ڳالھ تہ اھو سڀ ڪجه برداشت ڪرڻ ۽ تمام گهڻن ساٿين جي بزدل ٿي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ بہ مايو نہ آھي.