ھن ڪتاب ۾ ريڊيو، اسٽيج، ٽي وي ۽ فلم جي مشهور شخصيت بابت شناسائي ۽ ريڊيو جي دنيا خاص طور ريڊيو حيدرآباد جي ذڪر سميت 55 شخصيتن جو ذڪر شامل آهي، جن ۾ استاد اُميد علي خان، استاد منظور علي خان، اقبال بانو، استاد نياز حسين، موسيقار فيروز گل، ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، روبينا قريشي، مائي ڀاڳي، سرمد سنڌي، رجب علي، زرينہ بلوچ، عابدہ پروين، مشتاق چنگيزي، مھتاب اڪبر راشدي، محمد يوسف، صالح محمد شاھ، جيوڻي ٻائي ۽ ٻين جا نالا شامل آهن. ان سان گڏ ريڊيي حيدرآباد جي فنڪارن، پروڊيوسرن، انجنيئرن، آفيسرن، صداڪارن، گلوڪارن، موسيقي ڪمپوز ڪندڙن، سازيندڙن، چائلڊ آرٽسٽ فنڪارن، انائونسرن، صوفي ڪلام ڳائيندڙ، شاھ جي راڳين، ڪلاسيڪل فنڪارن، شھنائي وڄائيندڙن، ڍولڪ نواز، گهڙو وڄائيندڙ، الغوزو، بانسري، مرلي توڙي چنگ وڄائڻ ۾ مھارت رکندڙ فنڪارن جا نالا شامل آهن.
شخصيتون ۽ خاڪا
آواز جو سفر
- 0/5.0
- 11
- 3
- 2 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نور محمد ڀٽو جو آواز جي دنيا جي شخصيتن تي مرتب ڪيل ڪتاب ”آواز جو سفر“ پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ ريڊيو، اسٽيج، ٽي وي ۽ فلم جي مشهور شخصيت بابت شناسائي ۽ ريڊيو جي دنيا خاص طور ريڊيو حيدرآباد جي ذڪر سميت 55 شخصيتن جو ذڪر شامل آهي، جن ۾ استاد اُميد علي خان، استاد منظور علي خان، اقبال بانو، استاد نياز حسين، موسيقار فيروز گل، ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، روبينا قريشي، مائي ڀاڳي، سرمد سنڌي، رجب علي، زرينہ بلوچ، عابدہ پروين، مشتاق چنگيزي، مھتاب اڪبر راشدي، محمد يوسف، صالح محمد شاھ، جيوڻي ٻائي ۽ ٻين جا نالا شامل آهن. ان سان گڏ ريڊيي حيدرآباد جي فنڪارن، پروڊيوسرن، انجنيئرن، آفيسرن، صداڪارن، گلوڪارن، موسيقي ڪمپوز ڪندڙن، سازيندڙن، چائلڊ آرٽسٽ فنڪارن، انائونسرن، صوفي ڪلام ڳائيندڙ، شاھ جي راڳين، ڪلاسيڪل فنڪارن، شھنائي وڄائيندڙن، ڍولڪ نواز، گهڙو وڄائيندڙ، الغوزو، بانسري، مرلي توڙي چنگ وڄائڻ ۾ مھارت رکندڙ فنڪارن جا نالا شامل آهن.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ سج پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مُرتب نور محمد ڀٽو
- ڇپيو ويو 2014
- ڇپائيندڙ سج پبليڪيشن، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 3 ڀيرا