سائنس، علم ۽ رسالا

جادو ۽ سائنس (ٽئي جلد)

 هيءُ ڪتاب علم الانسان جي گوناگون شاخن مان هڪ شاخ سان وابستہ آهي. هن ۾ مختلف دؤرن ۾ انسان جي مختلف ڳالھين سان مھاڏو اٽڪائڻ ۽ انسان جي مختلف حالتن جو ذڪر آهي. هن ۾ جادو ۽ ٽوڻن ڦيڻن کان سائنس تائين جي ترقي ڏيکاريل آهي. ڪتاب ڪل 59 بابن ۾ ورھايل آھي.

Title Cover of book جادو ۽ سائنس (ٽئي جلد)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سر جيمس جارج فريزر جي لکيل ڪتاب   Golden Boughجي 14 جلدن ۾ لکيل ڪتاب جي اختصار جو سنڌي ترجمو ”جادو ۽ سائنس (ٽئي جلد)“  اوھان اڳيان  پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار سومار علي م. سومرو آھي.
 هيءُ ڪتاب علم الانسان جي گوناگون شاخن مان هڪ شاخ سان وابستہ آهي. هن ۾ مختلف دؤرن ۾ انسان جي مختلف ڳالھين سان مھاڏو اٽڪائڻ ۽ انسان جي مختلف حالتن جو ذڪر آهي. هن ۾ جادو ۽ ٽوڻن ڦيڻن کان سائنس تائين جي ترقي ڏيکاريل آهي. ڪتاب ڪل 59 بابن ۾ ورھايل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون جلد 1959ع  ۾ ٻيو ۽ ٽيون جلد 1961ع سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽن جلدن ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي