الطاف شيخ ڪارنر

ڳالھيون آھن ڳچ

نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ملائيشيا جو سفرنامو ”ڳالھيون آھن ڳچ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شبنم موتي لکي ٿي: ”اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان گهمندي ڦرندي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، الطاف انھن  تي گھري نظر رکي ٿو ۽ انھن جي اهميت پنھنجي سفرنامن ۾ غير معمولي طريقي سان واضح ڪري ٿو. هو هر اها معمولي کان معمولي ڳالھ بہ درج ڪري ٿو جيڪا دلچسپ هجي ۽ پڙهندڙن کي ڄاڻ مھيا ڪري. شل سنڌ جي ڌرتي تي اهڙا سپوت پيدا ٿين، جيڪي نہ فقط پنھنجي سر زمين جو نالو ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرائين.“

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳالھيون آھن ڳچ

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ

ڪتاب جو نالو : ڳالهيون آهن ڳچ
ليکڪ: الطاف شيخ
نئون وڌايل ڇاپو © روشني 1999ع
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي
روشني ڪمپوزرس. حيدرآباد.
ڇپيندڙ: فائن ڪميونيڪيشن، حيدرآباد،
ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن. ڪنڊيارو، سنڌ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

GALHYOON AAHIN GUCH
(Travelogue of Malaysia)
By: Altaf Shaikh
Composed by: Habib Qaidr Qureshi
Roshi Composers, Hyderabad
Printed by: Fine Communication Hyderabad, Sindh.
Published by: Roshni Publication, Kandiaro.
New Revised Edition© Roshni 1999.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ملائيشيا جو سفرنامو ”ڳالھيون آھن ڳچ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شبنم موتي لکي ٿي:
”اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان گهمندي ڦرندي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، الطاف انھن تي گھري نظر رکي ٿو ۽ انھن جي اهميت پنھنجي سفرنامن ۾ غير معمولي طريقي سان واضح ڪري ٿو. هو هر اها معمولي کان معمولي ڳالھ بہ درج ڪري ٿو جيڪا دلچسپ هجي ۽ پڙهندڙن کي ڄاڻ مھيا ڪري. شل سنڌ جي ڌرتي تي اهڙا سپوت پيدا ٿين، جيڪي نہ فقط پنھنجي سر زمين جو نالو ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرائين.“
ھن ڪتاب جو سڌاريل ۽ وڌايل ڇاپو 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب: جھانگير صديقيءَ نالي

جھانگير پنھنجي هڪ ڪمپني “جھانگير صديقي ائنڊ ڪمپني لميٽيڊ” جو چيئرمئن آهي، جيڪا ڪمپني هڪ بروڪريج هائوس آهي ۽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني آهي. بين الاقوامي ادارو ISC پڻ هن جو پارٽنر آهي.
جھانگير ABAMCO Ltd ڪمپنيءَ جو پڻ چيئرمئن آهي. ان کان علاوه هو هيٺين ادارن جو ڊائريڪٽر آهي:
• پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن.
• ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن.
• حبيب بئنڪ لميٽيڊ.
• EFU جنرل انشورنس لميٽيڊ.
• EFU لائيف انشورنس لميٽيڊ.
• فرسٽ ليزنگ ڪارپوريشن لميٽيڊ.
• پاڪستان وينجر لميٽيڊ.
• ريلائبل سروس لميٽيڊ.
• سينٽرل ڊپازٽري ڪمپني آف پاڪستان لميٽيڊ.
• پئرامائونٽ ليزنگ لميٽيڊ، وغيره وغيره.
انڊونيشيا جي قومي ڏينھن جي دعوت تي آيل، جھانگير صديقيءَ سان مون پنھنجي ملئي (ملائيشيا جي) دوست کي ملائڻ چاهيو ٿي. کيس چيم: ”اچ ته توکي هڪ اهڙي همراهه سان ملايان جيڪو ڪيترن ئي بئنڪاري ادارن، جھازران ڪمپنين ۽ بين القومي ۽ بين الاقوامي ادارن جو چيئرمئن ۽ ڊائريڪٽر آهي.“
ملئي دوست پنھنجي چوڌاري انڊونيشي ماڻهو ڏسي ٺھه پھه وراڻيو:
”ڇا سھارتو جو ناٺي ته نه آهي؟“
هو اهو ئي چئي سگهيو ٿي. ڪنھن پاڪستانيءَ کي چوان ها ته هو وري اهو چوي ها ته اهڙو ماڻهو پڪ آصف زرداريءَ جو ڪلاس ميٽ هوندو يا جنرل ضياء يا نواز شريف جو مائٽ! ڇو جو اسان وٽ ائين ئي ٿئي ٿو ته وڏي رتبي کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت جو گهٽ، مائٽيءَ جو وڌيڪ عمل دخل سمجهيو وڃي ٿو. پر اها جدول هرهڪ سان به نٿي ٺھڪي. پنھنجي ملئي دوست کي ٻڌايم ته هو اسان جي ئي ملڪ جو ماڻهو آهي، بلڪ اسان جي ئي تر جو _ جنھن کي آئون تڏهن کان سڃاڻان جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ هوس ۽ هو اٺين ڪلاس ۾ هو. هن جو ڪو به مائٽ سياستدان، شاگرد ليڊر، وڏيرو، پير يا فوجي ناهي، جنھن هن کي مٽي مائٽي يا ياري سنگت ڪري مٿي چاڙهيو هجي. پر جيڪڏهن هن جو ڪو اهڙو مائٽ يا دوست هجي ها ته به هو اهڙي طبيعت جو آهي جو هو ڪڏهن به هن جو آڌار نه وٺي ها. هو لڳاتار محنت، ايمانداري ۽ سچائيءَ ۾ يقين رکي ٿو ۽ پورهئي کي هن ڪڏهن به عيب نه سمجهيو آهي. هو جيڪي ڪجهه اڄ آهي، اهو پنھنجي همت ۽ مڙسيءَ ڪري آهي. آف ڪورس! هن جي قدرت ضرور مدد ڪئي آهي پر Tuhan membantu kepada orang orang yang membantu dirinya sendiri. مون کيس آخر ۾ ملئي زبان ۾ اها چوڻي ٻڌائي، جيڪا انگريزيءَ ۾ God helps those who help themselves. يا پاڻ وٽ آهي ته ”همٿِ مردان، مددِ خدا.“
جڏهن به محنت جي ڳالهه نڪرندي آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي آئون هميشه جھانگير صديقيءَ جو مثال ڏيندو آهيان. پڙهائيءَ کان علاوه هن کي ننڍي هوندي کان ئي بزنيس ڏانھن لاڙو رهيو. هن ڪڏهن به وقت جو زيان نه ڪيو ۽ ننڍي هوندي کان هو اهڙا تجربا ڪندو پيو اچي، جيڪي اسان لاءِ معجزن کان گهٽ نه آهن. مئٽرڪ بعد جيڪي ٻه ٽي مھينا موڪل ٿئي، تنھن ۾ جھانگير اڪيلي سر حيدرآباد ۾ ”ڊريم لئنڊ“ نالي هڪ ڪولڊ ڪارنر کوليو. اسان وائڙا ٿي وياسين ۽ هن کي تعجب مان ڏسندا رهياسين ته هي ڪيئن هلائي سگهندو. پر اسان ڏٺو ته جھانگير ايڏي ته محنت ۽ سنجيدگيءَ سان پنھنجي ڌُن ۾ مگن رهيو، جو ڏسندي ئي ڏسندي اها ڪارنر نه فقط خوب هلڻ لڳي، پر شھر جو هاءِ ڪلاس ڪولڊ اسٽاپ سمجهيو وڃڻ لڳو. شوڪت جماڻي، قاضي عابد جو پٽ مرحوم اظھر، سراج شيخ، رفيع ڪاڇيلو ۽ ٻيا منھنجا ڪلاس ميٽ پيٽارو کان موڪل تي حيدرآباد ايندا هئاسين ته ان ريسٽورنٽ ۾ اچي گڏ ٿيندا هئاسين.
اڳتي هلي جھانگير انٽر بعد يا شايد هن جڏهن چارٽرڊ اڪائونٽنسي پئي ڪئي ته ڪراچي ۾ رهي ڪجهه ايڪسپورٽ امپورٽ جو ڪم شروع ڪيو _ خاص ڪري برما، بنگلاديش (مشرقي پاڪستان)، سريلنڪا (سلون) جھڙن ملڪن مان ادرڪ، سڻيءَ جون شيون، مسالو وغيره، جن جي اسان جي ملڪ ۾ ضرورت ۽ کوٽ هئي. مسالي تان ياد آيو ته پاڻ انھن ئي ڏينھن ۾ سندس وڏي ڀيڻ (آپا زينت) جي گهر واري ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ سان گڏ گمبٽ (خيرپور ضلعي) ۾ مسالي پيھڻ جي مشين هڻائي هئائين ۽ هينئر جيڪي احمد، نئشنل، شان ۽ مھراڻ پاڪيٽن وارا مشھور مسالا آهن، انھن کان گهڻو اڳ جھانگير وارن جا مسالا سڄي سنڌ ۾ هلندا هئا.
جھانگير عمر سان گڏ بزنيس ۾ به اڳتي وڌندو رهيو ۽ نوان نوان تجربا ڪندو رهيو. هونءَ ته جھانگير جا سڀ ڀائر ڀينر ماشاء الله علم ۽ اخلاق ۾ مثالي سمجهيا وڃن ٿا، جن مان ادا مظھر صديقي ۽ سلطانا صديقيءَ کان ته سڄي سنڌ واقف آهي، بلڪ هو پاڪستان ليول تي ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا پر جھانگير بئنڪنگ، بزنيس، شپنگ وغيره جي دنيا ۾ بين الاقوامي فيم جو ماڻهو آهي.
ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ دعوت ۾ منھنجي ملاقات سندس وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر قمر ۽ ڀيڻ ادي نورجھان سان ٿي. ”جھانگير کي ان فيلڊ جو ڪڏهن کان شوق ٿيو؟“ مون کانئن پڇيو.
”جھانگير اڃا ستن اٺن سالن جو هو ته مونو پلي راند ۾ ايڏو هوشيار هو جو اسان کان کٽي ويندو هو ۽ اسان کي تڏهن ئي خيال ٿيندو هو ته هي ضرور بزنيس ۾ ويندو. تن ڏينھن ۾ ٻار آرٽس يا سائنس ڏي رخ رکندا هئا، پر جھانگير پنھنجن دوستن ۽ مائٽن ۾ پھريون هو، جنھن ڪامرس ۾ داخلا ورتي.“ هنن ٻڌايو.
اڄ کان ويھارو سال اڳ جڏهن جھانگير PNSC شپنگ ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر ٿيو ته مون کي خوشيءَ سان گڏ ڪجهه خوف به محسوس ٿيو ته جھانگير ان عھدي سان ڪھڙي ريت نباهه ڪري سگهندو؟ ڇو جو ان وقت جھانگير عمر جي حساب سان تمام ننڍو هو ۽ ٻي ڳالهه ته شپنگ جا ماڻهو ۽ معاملا ايڏا پيچيده ٿين ٿا، جن کي منھن ڏيڻ، سمجهڻ ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪئين پوڙها ۽ تجربيڪار به مُنجهيو پون. پر مون ڏٺو ته ٿوري ئي عرصي ۾ جھانگير هر ڳالهه کي ايترو ته جلد سمجهي ۽ سکي ويو، جو هو هڪ ڪامياب ڊائريڪٽر سمجهيو وڃڻ لڳو ۽ جھازن جا مالڪ کيس اڄ ڏينھن تائين ڊائريڪٽر چونڊيندا اچن.
جھانگير صديقيءَ جي سڀ ۾ عظيم ڳالهه اها آهي ته هيڏي ڪاميابيءَ بعد به هن ۾ وڏائي يا غرور مور ناهي. هو ننڍي توڙي وڏي، امير توڙي غريب سان اخلاق سان پيش اچي ٿو. جيئن ته پاڻ به ننڍي هوندي کان محنت ڪندو اچي، ان ڪري هن کي اهڙن ماڻھن سان پيار آهي، جيڪي محنت، سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ سان هلن ٿا. هو هڪ پُرخلوص ۽ نرم دل انسان آهي ۽ منھنجي خيال ۾ هن جيتري ماڻھن جي مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي اوتري ڪنھن ايم پي اي، ايم اين اي يا پير وڏيري به پنھنجي تر جي ماڻهن جي نه ڪئي هوندي.
شل ڏينھُون ڏينھن وڌ هجي.


الطاف شيخ
16 آگسٽ 1998ع
ڪراچي

ٻه اکر: شبنم موتي

اٽڪل يارهن ٻارنهن سال اڳ الطاف جا ٻه ٽي ڪتاب ڇپجي منظر عام تي آيا هئا. تڏهن ئي الطاف پنھنجي سولي سادي لکڻي ۽ دلچسپ منظر نگاري جي ڪري سٺن ليکڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو هو ۽ اڄ پنھنجن سفرنامن جي بدولت نه صرف انڊو پاڪ_ بلڪ هر ان ملڪ ۾، جتي سنڌي لکڻ پڙهڻ وارا موجود آهن، ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. مون کي ڪجهه سال اڳ به الطاف پنھنجي ڪتاب بابت مھاڳ لکڻ لاءِ چيو هو، پر پنھنجي نوڪريءَ جي مصروفيتن سبب مان لکي نه سگهي هئس. اهو زمانو هو جڏهن مان پاڻ ايئرلائن ۾ هئس ۽ ملڪان ملڪ وڃڻ ٿيندو هو. ان وقت هڪ هڪ ملڪ بار بار وڃڻ ٿيندو هو. ڪٿي ٻه، ڪٿي چار، ڪٿي هفتو ته ڪٿي ڏهه ڏهه ڏينھُن به رهڻو پوندو هو پر تڏهن به انهن ملڪن جي رسمن رواجن، معاشي ۽ جاگرافي حالتن ۽ قانون جي متعلق مٿاڇرو ئي ڄاڻ هوندي هئي.
الطاف جا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ جڏهن ڌارين ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو هو ته مون کي ائين لڳو ڄڻ مان ان ملڪ جي هرهڪ شيءِ کان واقف آهيان ۽ اعتماد سان گهمي ڦري سگهڻ لڳيس. اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان گمندي ڦرندي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، الطاف انهن تي گھري نظر رکي ٿو ۽ انهن جي اهميت پنھنجي سفرنامن ۾ غير معمولي طريقي سان واضح ڪري ٿو. هو هر اها معمولي کان معمولي ڳالهه به درج ڪري ٿو جيڪا دلچسپ هجي ۽ پڙهندڙن کي ڄاڻ مهيا ڪري. شل سنڌ جي ڌرتي تي اهڙا سپوت پيدا ٿين، جيڪي نه فقط پنھنجي سر زمين جو نالو ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرائين، بلڪه پنھنجي ديس واسين کي گهر ويٺي دنيا جو سير ڪرائين.
سنڌي ادب ۾ الطاف جو نالو هميشه فخر، عزت ۽ احترام سان ورتو ويو آهي ۽ ورتو ويندو. آخر ۾ مان چونديس ته : ”الطاف سنڌ جو ابنِ بطوطه“ آهي.

شبنم موتي
ڪراچي
15 مارچ، 1987

مھاڳ

Altaf Shaikh’s travel accounts form a unique genre in Sindhi literature. Though few Sindhi travel books do exist, the way he writes seems to have no precedent. The very novelty of the titles of his books, their appropriateness and terseness attract immediate attention of the reader. Some of these are: Around the world; My Ocean, My Shore; Natives of the Ocean; Harbours and Bazars; Japan in my Heart; Memories of that Japan; etc.
The confident and intimate tone of these travel accounts gives an added charm to them in addition to the fact that it reveals the personality of our author. Altaf who to a casual acquaintance may appear rather reserved, aloof and pre-occupied, in his books becomes a friend and a guide of his reader talking to him in the present tense all the time, in a tone that is friendly and familiar, sprinkled with his lively, natural and mellow humor.
Besides being interesting, Altaf’s books are highly informative. He gives exact geographical location of a particular place or country. You could almost pen your atlas and follow the route as he mentions the oceans, countries and ports that he passes and the cities that he visits. He mentions in details the people, their colour and their complexation, the colour and texture of their hair, their way of life, their historical, political, social and economic background, their educational and other institution, their language manners, custom and ceremonies. He even mentions the names of the famous shops of the cities that he visits. He tells us where the Nile is blue and where it is white; when, how and why was Suez Canal built, for what purpose it is used; how many ships pass through it daily and how much income is daily derived from the levy on each ship. He tells us that a large number of Pakistanis live in the Scandinavian Peninsula.
Altaf’s travel accounts serve as an incentive to the homely Sindhi youth. In fact, some young men have been so much inspired by them that they have taken to sea-faring life following in his wake.
Over and above all, gushes forth his deep and lasting love for his native land Sindh and for its simple, frank people. The sight of Nile and its gift Egypt takes him back to his beloved river Indus and its gift Sindh. In the midst of diverse cultures and nationalities, colorful scenes of adversity or dissimilarity sparks his mind and he is reminded of his people and his native land.
Without a word of praise or censure, Altaf increases our awareness of the good and the desirable and our abhorrence for what is evil and pernicious.
So, in the company of Altaf, while reading his books, like him we too are “Voyaging, Voyaging, Voyaging.”

Professor Amena Kahmisani
Department of English
University of Sind
(18.06. 1987).

Self-Sufficient ٿيڻ!

ملائيشيا ۾ ڪڪڙيون پالڻ ته ڪو مسئلو ئي ناهي. سڄو ڏينھن هو پاڻهي گاهه مان ڪينئان ۽ جيت جڻا ڦولهي پيون کائين.
ملاڪا (ملائيشيا) ۾ نوڪريءَ لاءِ پھچڻ تي اسان جي هم وطني دوست (جهازن جي چيف انجنيئر) آصف غيور کي جيڪو بنگلو مليو، ان ۾ پھرين رهندڙ ملئي همراهه _ پروفيسر قاسم وٽ جام ڪڪڙيون هيون. ويندي وقت ٻئي سامان سان گڏ ڪڪڙيون ته کڻي ويو، باقي ڪاٺ جا ٻه ٽي وڏا قدِ آدم پڃرا نشانيءَ طور ڇڏي ويو، جيئن اسان وارو پاڪستاني يار آصف چاهي ته گهر جي ڳنڌڻ لاءِ انهن ۾ ڪڪڙيون پالي.
آصف کي جڏهن خبر پيئي ته کيس اهو قاسم وارو گهر مليو آهي ته هن کي خوشي بنھه نه ٿي. مون سان ڳالهه ڪيائين ته ان پاسي وارن ٻنهي گهرن ۾ ڪڪڙين ڪري نانگن جي ڏاڍي اچ وڃ آهي. نانگ، ڏيڏرن، ڪوئن، ڪڪڙين جي ٻچن ۽ آنن تي ڏاڍو ٿا اچن. ڪي ڪي وڏا نانگ (Pythons) ته وڏيون ڪڪڙيون به ڳڙڪايو وڃن.
ڀر واري ڳوٺ ’ڪئالا سنگائي باروءَ‘ جي هڪ ڪڪڙين جي واپاريءَ_ جنھن وٽ ڪڪڙين جو وڏو فارم آهي ۽ ملاڪا شھر جي ”ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن“ وارن کي به ڏهاڙي سپلاءِ ڪري ٿو _ ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ جيتري ڪڪڙين پالڻ جي سھولت آهي اوتري سندن نانگ بلائن کان پرگهور ڪرڻ ڏکي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته وڏا نانگ ٽيھه ٽيھه وڏيون ڪڪڙيون ڳڙڪايو وڃن. رات جو سمهڻ مھل به خبردار رهڻو پوي ٿو ته جيئن ڪو اهڙو نانگ اچي ته بانٺن سان ڀڄائي ڪڍجيس. ننڍا ننڍا نانگ وري درن جي سيرن ۽ ڇتين جي ڳڙکن ۾ به ڪاهيو پون. پوءِ گهر جي ننڍي يا وڏي ڀاتيءَ جو مٿن پير اچڻ تي هو ڏنگيو رکن. ڪي ڪوبرا قسم جا نانگ چڪ هڻڻ سان گڏ زهريلي گيس جو ڦوهارو پڻ هڻن ٿا. ان ڪري نانگ کي سنهي ڄاري واري لوڙهي پويان بيھي به نه ڏسجي.
آصف ٻڌايو ته قاسم _ جنھن جو گهر کيس ملي رهيو هو، هڪ دفعي اهڙوئي واسينگ نانگ ماريو ٿي ته هن گئس جو ڦوهارو کڻي اکين ۾ هنيس. ٽي مهينا کن هو اکين جو علاج ڪرائيندو رهيو. پر اهو به شڪر ته خير ٿي ويو ۽ وڏي نقصان کان بچي ويو.
آصف نيٺ جڏهن قاسم جي گهر شفٽ ٿيو ته پھرين مزورن کي گهرائي قاسم طرفان تحفي ۾ ڇڏيل ڪڪڙين جا پڃرا کڻارائين ۽ پوءِ گهر جي اڳيان پويان نه فقط ڇٻر ڪترائي ننڍي ڪرايائين پر چپي چپي تي بي ترتيبيءَ سان هيڪاندا گهڻا لڳل ٻوٽا ۽ وڻ ٽڻ لاهن سميت پٽرائي صاف ڪرايائين. ”ملئي ماڻهن کي ٻوٽن ۽ وڻن جو ڏاڍو شوق آهي.“ آصف چيو. ”ڪيلو، پپيو، ڪٺل، مرچ، واڱڻ جھڙيون شيون جڏهن مارڪيٽ ۾ به سستيون ۽ عام ملن پيون ته اهڙا وڻ ۽ ٻوٽا ڇو ويھي گهر ۾ هڻجن.“
سندس هڪ پاسي ملئي همراهه انچڪ خميس جو گهر هو. (انچڪ معنيٰ مسٽر يا جناب ۽ ’خميس‘ هتي مردن جو تمام عام نالو آهي، جيڪو خميس جي ڏينھن تان کنيل آهي. جيئن پاڻ وٽ آچر، جمعو يا خميسو نالا ڏينھن تان ورتل آهن.) انچڪ خميس کي اڃا اتي ئي رهڻو هو، ان ڪري سندس صحتمند ڪڪڙين جا ڌڻ به اتي ئي موجود هئا. باقي ٻئي پاسي رهندڙ ملئي همراهه: انچڪ الياس پنھنجو گهر خالي ڪري قاسم وانگر ڪڪڙين جا پڃرا نئين ايندڙ همراهه لاءِ ڇڏي ويو هو. سندس گهر ڪجهه ڏينھن بعد اسان وانگر آيل ڪنھن فارينر: برمي، انڊين، سنگاپوري، پاڪستاني يا سلونيءَ کي ملڻو هو.
آصف چيو: ”آئون ته کڻي ڪڪڙيون نه ڌاريان پر منھنجو هي ملئي پاڙيسري خميس جيسين هوندو، تيسين سندس ڪڪڙيون رهنديون ۽ نانگ بلائن جو خوف پڻ هميشه رهندو _ خاص ڪري رات جو ٻار ٻاهر کيڏي نه سگهندا.“
چيومانس: ”استاد هينئن ڪر. خميس کي ته في الحال ڇڏ. ٻي پاسي واري خالي ٿيل الياس جي گهر ۾ رکيل ڪڪڙين جا پڃرا به ڪڍرائي ڇڏ. ڇو جو ٿي سگهي ٿو ڪو اهڙو انڊين، پاڪستاني، انڊونيشي يا ٿائي جهازن جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر اچي ان گهر ۾ رهي جيڪو پڃرا ڏسي ڪڪڙيون پالڻ شروع ڪري ڏي ته ماڳھين ڊبل مصيبت ٿيندءِ. پوءِ هن جي اچڻ بعد کيس تون ڪڪڙيون پالڻ کان جهلي به نه سگهندين.“
آصف کي ڳالهه وڻي. سو ساڳين مزورن کي گهرائي ڀر واري گهر پويان رکيل ڪڪڙين جا ڪاٺاڻا پڃرا، پاڻي ۽ ڏاري لاءِ رکيل ٺڪر جا ٿانو _ سڀ ڪجهه اڇلارائي ڇڏيائين. مزور به خوش ٿيا ته مزوريءَ کان علاوه ڪاٺ جو چڱو سامان ۽ ڄاري ملي ويئي. گهر سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري هو ٽرڪ يا لاريءَ بدران ٻيڙي ڪاهي آيا ۽ ڪڪڙين جا ٺھيل ٺڪيل پڃرا ان ۾ رکي کڻي ويا.
ڪجهه ڏينھن بعد آصف جو اهو ڀر وارو خالي گهر انڊيا کان آيل ڪرسچن ڪئپٽن رين ريگو کي مليو. اها خبر ٻڌي آصف کي خوشي ٿي، ڇو ته ريگو ۽ سندس زال لاءِ سندس ملڪ جي ڪئپٽنن ٻڌايو ته هو به آصف وانگر صفائيءَ جا متوالا آهن. ڪڪڙيون پالڻ ته ڇا، گهر جي پوئين پاسي وارو حصو هنن سمنڊ جي ڪناري تائين صاف سٿرو ڪرائي ڇڏيو. ان بعد آصف پنھنجي گهر پويان آرام ڪرسيءَ تي ويھي سمنڊ کي ڏسي چوندو هو: ”ڪڪڙين جي پڃرن ۽ ڪک پن نڪرڻ ڪري هاڻ سمنڊ جو ڪيڏو نه سٺو نظارو ٿي پيو آهي. بس رڳو خميس کي مت اچي ته اهو به ڪڪڙين جو ڪم ختم ڪري ڇڏي.“
ڪجهه مھينن بعد هڪ ڏينھن آصف آفيس ۾ اچڻ سان چيو: ”هڪ خراب خبر ٻڌي اٿانوَ؟“
انڊيا جي جهازن جي چيف انجنيئر راج ببر ۽ مون هڪدم پڇيس: ”ڪھڙي؟“
”اسان وارو پاڙيسري ڪئپٽن ريگو ڪڪڙيون ٿو پالي!“
”پر تو ته چيو ته هو صفائي پسند آهي ۽ ڪڪڙين جھڙي گند کان پري ڀڄي ٿو.“ اسان پڇيس.
”اهو ته بلڪل صحيح آهي. پر گذريل هفتي هَري رايا (ملئي ٻوليءَ ۾ عيد کيHari Raya سڏين. هري معنا ڏينهن، رايا معنا وڏو ... يعني ’عيد‘) تي عيد جون مبارڪون ڏيڻ لاءِ انچڪ خميس جي گهر ويو ته هن ويھي ڪڪڙين پالڻ جا کيس فائدا ٻڌايا.“
”مثال طور ڪھڙا فائدا؟“ اسان آصف کان حيرت مان پڇيو.
”سڀ کان وڏو فائدو اهو ئي ته گهر جي رڌ پچاءَ لاءِ مارڪيٽ مان گوشت وٺڻو نٿو پوي. يعني سيلف سفيشينٽ ٿيو وڃجي ۽ وقت ۽ پيٽرول جو به بچاءُ ٿيو وڃي. يعني بچت ئي بچت آهي.“
”بس؟“ ببر کلي چيو. ”آصف! هاڻ تنھنجا لاهه نڪري ويا. ٻنهي پاسي وارن گهرن جون ڪڪڙيون کائڻ کان اڳ ۽ پوءِ نانگ بلائن جون ڪانفرنسون ۽ گڏجاڻيون تنھنجي ڇٻر تي ٿينديون.“
”اهي ته ٿينديون ئي ٿينديون پر آصف کي هڪ فائدو ضرور رسندو ته پنھنجن پاڙيسرين سان گڏ پاڻ به Self Sufficient ٿي ويندو.“ مون راز جي ڳالهه ٻڌائيمانس.
”اهو ڪيئن؟“ ببر پڇيو.
”بس هڪ ڏينھن هڪ پاڙيسريءَ جي ڪڪڙ چورائي پيو کائيندو ته ٻئي ڏينھن ٻئي جي.“
ان تي آصف به کلي چيو: ”هاڻ واقعي ائين ئي ڪرڻو پوندو.“ پوءِ آصف جھاز هلائڻ وارن ڏينھن جي هڪ ڳالهه ٻڌائي، جڏهن هو جھاز تي جونيئر انجنيئر هو.
”شروع وارو عرصو _ سال ڏيڍ مون هڪ ننڍي جھاز تي گذاريو،“ آصف ٻڌايو، ”ھن جهاز جي روٽ ڊگهي هجڻ بدران هتي ئي پاڙي پتيءَ ۾ ئي رهي ٿي. يعني هڪ پاسي گوادر، پسني، دبئي، عدن ۽ دوحا تائين ويندو هو ته ٻئي پاسي بمبئي، ڪولمبو، مدراس، چٽگانگ تائين. ٿورن ڏينھن جي سفر ڪري ڪمپني فروزن (ٿڌو) گوشت سپلاءِ ڪرڻ بدران سئو، ڏيڍ سئو کن جيئريون ڪڪڙيون بٽلر کي ڏئي ڇڏيندي هئي _ جيئن اهي جهاز جي ڊيڪ تي پيون چڳن ۽ بورچي ضرورت مطابق چٽگانگ يا عدن تائين روز پندرهن ويهه کن حلال ڪري رڌيندو رهي.
”ان جھاز جو چيف انجنيئر عبدالستار صاحب ڪڪڙيون کائڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. هو هميشه آخري ڏينھن تي، جڏهن جھاز لنگر کڻڻ وارو هوندو هو، هڪ هٿ ۾ آفيس جي ڪاغذن جو فائيل ۽ ٻئي ۾ ٽي چار جيئريون ڪڪڙيون جهلي، جھاز تي چڙهندو هو ۽ پوءِ جھاز جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ مھل (شايد ڄاڻي ٻجهي) ڪڪڙين کي ڦٿڪائيندو آهستي آهستي مٿي چڙهندو هو _ جيئن ڪڪڙيون دانھون ڪن ۽ جھاز جو سڄو عملو ڏسي ته ستار صاحب پاڻ سان پنھنجيون ڪڪڙيون به آڻي رهيو آهي. واقعي ان وقت هرڪو پنھنجي ڪئبن (ڪمري) جي دريءَ (Port-Holes) مان منھن ٻاهر ڪڍي کيس ڏسندو هو.
۽ پوءِ جھاز جيترو وقت سمنڊ ۾ هوندو هو، ستار صاحب روز جھاز جي ماني کان علاوه هڪ يا ٻه ڪڪڙيون ڌار پچرائي پاڻ به کائيندو هو ته ساڻس برج راند کيڏڻ وارن دوستن کي به کارائيندو هو. ڪڏهن ڪو خلاصي يا ڊيڪ آفيسر ان ڳالهه تي ڪنجهندو ڪرڪندو هو ته يڪدم چوندو هوس: ”ميان پنھنجيون آندل ڪڪڙيون پيو کان. انڌو هئين ڇا؟ ڏاڪڻ تي چڙهڻ مھل مون کي ڏٺو نه هئي ته مون پنھنجيون ڪڪڙيون آنديون هيون. اهي ئي کان پيو. سڙو ڇو ٿا؟“
”سو ان چيف انجنيئر وانگر مون کي به ڊزائين خاطر ٻه چار ڪڪڙيون پالڻيون پونديون،“ آصف غيور چيو، ”پوءِ پاڙي وارن جي ڌڻ ڪڪڙين مان روزانو هڪ يا ٻه چورائيندو رهندس ته ڪنھن کي شڪ به نه پوندو ته ڪنھن جون کٽن پيون. جي شڪ پوندن به ته نانگن ۾ پوندن ۽ نه مون ۾. اهڙيءَ طرح آئون پنهنجو پاڻ کي هميشه لاءِ Self Sufficient (خود ڪفيل) بڻائي ڇڏيندس.“
هونءَ ملائيشيا ۾ ماڻھن کي ڪڪڙين ۽ بدڪن پالڻ جو ڏاڍو شوق آهي. بدڪون گهڻو ڪري چيني پالين ۽ هو پنھنجن ڪن خاص ڏينھن تي بدڪن جي ٻوڙ جو خاص ڊش پچائين. جيئن ڪرسچن ڪرسمس ڊي تي ٽرڪي پچائين. ملئي ماڻهن جو _ خاص ڪري ڳوٺ جي رهاڪن جو زور ڪڪڙين پالڻ تي رهي ٿو. هتي ملائيشيا ۾ ڪڪڙيون پالڻ ڪو اهڙو ڏکيو يا محنت وارو ڪم نه آهي. نه ان ۾ ناڻي جي سيڙپ جي ضرورت آهي ۽ نه وري اونهاري جي گرمي ۾ ڪڪڙين جي مرڻ جو ڊپ.
ملائيشيا ۾ ڳوٺاڻا گهر _ خاص ڪري ملئي ماڻهن جا گهر ڪاٺ جا ٿين ۽ زمين کان ٽي چار فوٽ کن مٿي ڪاٺ جي ڏنڊن ۽ بانس جي لڙهن تي ٺاهين. ان جا ڪيترائي فائدا آهن. ڏينهن جو گرمي ۽ اس کان بچاءُ رهي ٿو. هوا جو گذر Circulation نه فقط مٿان ۽ ڀتين ۾ لڳل درين مان ٿئي ٿي پر هيٺان به هوا رهي ٿي. گهڻي مينھن ۽ ٻوڏ ڪري پاڻيءَ جو هيٺان ئي لنگهه ٿيو وڃي. گهر کي نه نقصان رسي ٿو ۽ نه پاڻي اندر اچي ٿو. ۽ جي گهر اهڙي هنڌ تي آهي جتي ڪيڏو به مينھن پوي ته پاڻي نه ترسي ته اهڙن هنڌن تي گهر جي هيٺان واري زمين اسٽور روم طور استعمال ٿي سگهي ٿي، جتي مڇين ڦاسائڻ جي ڄارين، ڪاٺين، ڪلن کان وٺي ٻيڙين تائين بيھاري سگهجي ٿو. اها ئي جاءِ ڪڪڙين پالڻ لاءِ به ڪم اچي ٿي. پڃري يا بنا پڃري جي گهر هيٺان ڪڪڙيون رهن ٿيون. رات جي وقت ڪنھن به غير معمولي چرپر تي پٽ تي ستل ماڻهو خبردار ٿيو وڃن. يعني جيڪو گهر جو پٽ ٿيو اها ڪڪڙين واري جاءِ جي ڇت ٿي. رات جي وقت چور يا نانگ اچڻ تي ڪڪڙين ۾ ٽاڪوڙو پوڻ تي مالڪ يڪدم خبردار ٿيو وڃي ۽ ڏانٽي جھڙو ڇرو (Parang) يا بانٺو کڻي چور يا نانگ سان ويڙهه ڪري ٿو. ملئي ماڻهوءَ جو اهو ڇرو جنهن کي ’پرانگ‘ سڏين، عام طرح وڏو هٿيار آهي. بندوق يا پستول ته ڪنھن وٽ نظر نٿو اچي ۽ نه هو انهن هٿيارن جي ڳالهه ڪن ٿا. شايد ملائيشيا ۾ ڪنھن کي به ان قسم جي هٿيار رکڻ جي اجازت نه آهي.
بھرحال ملائيشيا ۾ ڪڪڙين جي رهائش جو مسئلو نه آهي. هرهڪ جي گهر هيٺان خالي جاءِ آهي، جتي ننڍڙو پولٽري فارم نظر ايندو. گهڻي مينھن ڪري پاڻي جي ريلي لنگهڻ وقت ڪڪڙيون ڏاڪڻ تي چڙهي ويھن جيڪا ڏاڪڻ چڙهي مٿي ملئي گهر ۾ اچجي ٿو. گهڻي مينھن ۽ سٺي زمين ڪري سڄو ملائيشيا ساوڪ سان جهنجهيو پيو آهي. گاهه ۽ ٻوٽن ۾ ڪئين قسمن جا گل ڦل، انهن جا ٻج ۽ ان داڻا ٿين. ڪڪڙين جي مرضيءَ تي آهي ته هو اهي کائين يا گاهه ۾ هلندڙ جيت جڻا ۽ ڪينئان وغيره. يعني هتي ڪڪڙيون پاليندڙ ماڻهن کي فقط جهنگلي جانور ۽ وڏن نانگن (Pythons) کان ڪڪڙين کي بچائڻو پوي ٿو، جيڪي ڪڪڙين ۽ انهن جي بيضن پٺيان هوندا آهن.
آئون ڏسان پيو ته ڪڪڙيون وڪڻڻ يا کائڻ کان وڌيڪ ملائيشيا جا ماڻهو ڪڪڙيون پالڻ جا شوقين آهن. جيئن اسان وٽ ڪو ڪبوتر، تتر يا طوطا پالي، تيئن هتي جا ماڻهو _ خاص ڪري پوڙهيون عورتون وندر خاطر ڪڪڙيون پالين. چڱو ٿيون ڪن. وڏي عمر ۾ پھچي ٻين جي ڳالهين ۾ رُخنو وجهڻ يا گلا ڪرڻ کان بھتر آهي ته پنھنجو وقت نماز، روزي ۽ ڪڪڙين پالڻ ۾ گذارين ٿيون ۽ پوءِ شام جو پنھنجن پوٽن پوٽين کي ڪڇ ۾ ويھاري ڪڪڙين کي چڳندو ڏسي خوش ٿين ٿيون. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هتي جون ڪڪڙيون سڄو ڏينھن پنھنجي خوراڪ پاڻ ئي ڳولين، پر هتي جي رسم يا ڪلچر موجب سج لٿي مھل ڪڪڙين کي هڪلي گهر هيٺان آڻي ان وقت مُٺِ اَنَ جي ضرور ڏين.
هتي ملائيشيا ۾ سج لٿي مھل هرڪو پنھنجي گهر ۾ گهڙي ويندو آهي ۽ سانجهي نماز پڙهي رات جي مانيءَ جي تياري ڪندو آهي. ڪڏهن ڪا ملئي فئملي گهمڻ به ايندي آهي ته سج لٿي کان ڪجهه گهڙيون اڳ “وقتو سمڀايانگ” چئي اٿڻ جي ڪندي. وقتو سمڀايانگ (Waktu Sambhayang) معنيٰ نماز جو ٽائيم. پر جي زور ڪبو ته ”هتي ئي کڻي نماز پڙهو، ايترو جلدي وڃو نه.“ ته منجهن موجود پوڙهيءَ ڏي اشارو ڪندي چوندا، ”دِيا ڪاسيح مَڪنن اَيام“ معنيٰ هن کي ڪڪڙين کي کاڌو ڏيڻو آهي. يعني اها هڪ اهڙي روٽين آهي، جنھن کان ڪنھن به صورت ۾ ڦرڻو ناهي. سج لٿي مھل ملئي ڳوٺن ۾ پوڙهيون عورتون هش هش ڪري ڪڪڙين کي ائين پيون بند ڪنديون آهن، جيئن ڪنھن زماني ۾ بجلي نه هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺن ۾ سج لٿي مھل هر گهر ۾ ڪا نه ڪا عورت ماچيس کڻي لالٽين کي ٻارڻ ۾ لڳي ويندي هئي. اڳتي هلي ملائيشيا اڃا به ترقي ڪري، گهر مغربي اسٽائيل جا بلاڪن ۽ سيمينٽ جا ٿي وڃن، ٽي ويءَ جھڙيون ٻيون وندرون عام ٿي وڃن، پوءِ ته شايد اها ڪڪڙين پالڻ جي هابي اڄ جون نوجوان ڇوڪريون پوڙهيون ٿي قائم رکي نه سگهن.

پکين جي آکيري جو سوپ

ملائشيا جي ڀاڳ جو حال ”دال مان سيرو“ وارو آهي. ڪجهه سال اڳ تائين عرب ملڪن وانگر هو پئسي ڏوڪڙ، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم کان وٺي، پوک، آمدرفت ۽ رهائش ۾ غريب هو. اهو ضرور آهي ته ملائيشيا جي موسم عربستان وانگر سخت گرم نه آهي پر ڪجهه سال اڳ تائين هتي جي مليريائي مڇرن، جيتن جڻن، نانگ بلائن ۽ خوفناڪ جانورن وارن ٻيلن ۾ رهڻ ڪا چرچي جي ڳالهه نه هئي.
ويهين صديءَ جي اڌ کان پوءِ ٽين (Tin) جي کاڻين، رٻڙ ۽ تيل هن ملڪ کي ايڏو پئسو ڪمائي ڏنو آهي، جو هتي جون حالتون هر ڪنڊ کان بھتر ٿينديون وڃن. تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت، گهر، روڊ رستا_ مطلب ته ڏينھون ڏينھن زندگيءَ جو معيار اتاهون ٿيندو وڃي. عربستان وانگر موسم کڻي ڇا به هجي، گهر توڙي آفيس ۾ ايئرڪنڊيشنر هلائڻ سان ماڻهو ڄڻ ڪنھن ’هل اسٽيشن‘ تي ويٺو آهي. نانگ بلائون کڻي سڄي دنيا جا هتي هجن پر ڪو پيرين اگهاڙو پيچرن تان پنڌ هلي ته ڏنگ لڳيس. جتي ڪٿي پڪن رستن جي ڄار ۽ موٽر ڪارن هتي جي ماڻهن کان اهو به وسرائي ڇڏيو آهي ته سندن ابا ڏاڏا ملايا ۾ ڪيڏي جوکائتي ۽ تڪليفن ڀري زندگي گذاريندا هئا.
ڪالهه جي اخبار ۾ خبر هئي ته ملائيشيا جي ڪن ڪناري وارن هنڌن تان سون جا ذخيرا ملڻ لڳا آهن.
اها خبر پڙهي اسان جي پاڪستاني ڪليگ، ڪئپٽن سليم چيو: ”ڏس ته سھي! ڇا ملائيشيا کي پئسو ڪمائڻ لاءِ ٻيا ذريعا گهٽ هئا، جو قدرت اها شيءِ به کين عطا ڪئي.“
ٽين (Tin)، رٻڙ، پيٽرول ۽ سون کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون شيون آهن، جن مان ملائيشيا ڪروڙها ڊالر ڪمائي ٿو. جيئن ته عمارتي ڪاٺ، ناريل، ڏونگهيون ۽ انهن جو تيل، ڪوڪا، پام آئل، ٻوٽا، جانور ۽ انهن جون کلون، پکي ۽ انهن جا کنڀ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون.
پکين مان هتي هڪ پکي اهڙو آهي جيڪو پاڻ پالڻ يا کائڻ جي ڪم نٿو اچي، پر سندس آکيرا هر سال ڪروڙها ڊالر ڪمايو ڏين ٿا. جبلن جي غارن ۽ ڊٺل گهرن جي ڇتين هيٺان ٺھيل انهن آکيرن جو لذيذ سُوپ (soup) ٺهي ٿو. اهو سُوپ دنيا جي چيني هوٽلن جي خاص خوراڪ (delicacy) سمجهيو وڃي ٿو.
سنهن ڪکن جي هن آکيري ۾ جيڪا شيءِ طاقتور، لذيذ ۽ اهم سمجهي وڃي ٿي اها آهي هن پکيءَ جي وات جي پِڪ (Saliva) _ جنھن کونئر جھڙي شيءِ سان هي پکي ڪکن کي هڪ ٻئي سان چنبڙائي آکيرو ٺاهي ٿو. گرم پاڻيءَ ۾ هي آکيرو وجهي ٽھڪائڻ سان اها پِڪَ پاڻيءَ سان ملي جيڪو سُوپ ٺاهي ٿي اهو سُوپُ دنيا جو لذيذ، قوت سان ڀرپور ۽ مھانگن سُوپَن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.
دنيا ۾ هن سُوپ (Bird nest soup) پيئندڙن جي شوقينن لاءِ هي آکيرا ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا به مھيا ڪري ٿو، پر سڀ کان گهڻا ملائيشيا جي رياستن: صباح ۽ سرواڪ ۾ ٿين ٿا، جن ذريعي هتي جي حڪومت هرسال چڱو خاصو غير ملڪي ناڻو ڪمايو وٺي.
هن چيھي يا ابابيل جھڙي پکيءَ جي آکيري جي سُوپ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڦڦڙن لاءِ سٺو آهي ۽ مردانگي به وڌائي ٿو. ڪنھن به چينيءَ کان ان سوپ لاءِ پڇبو ته وات تي هٿ ڏئي راز واري انداز ۾ چوندو:
“It increases your vitality and boosts your sex life.”
هونءَ به چيني هر وقت پنھنجي تندرستي بھتر رکڻ ۽ Sexuality سڌارڻ جي چڪرن ۾ هوندا آهن. گهٽ ته ٻيون قومون به نه آهن. عربن، يونانين کان سنڌي ۽ هندو انگريزي دوائن کان جڙيون ٻوٽيون، معجونون ۽ ڪُشتا کائڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا، پر چيني ان معاملي ۾ تمام گهڻو جنوني آهن. ڀلي کڻي سائنسي طرح اها ڳالهه ثابت نه ٿي هجي، ته به شل نه ڪنھن شيءِ لاءِ وهم وهين ته ان مان شھوت وڌي ٿي. هونءَ ڪنجوس هجڻ ڪري چمڙي ڏيندا پر دمڙي نه ڏيندا، پر مردانگي (شهوت) وڌائڻ يا برقرار رکڻ لاءِ گينڊي (Rhino) جي سڱن جو مھانگو چُورو (پائوڊر) به پيا ڦڪيندا. گينڊي جو هڪ هڪ سڱ سون جي تور ۾ وڪامي ٿو، جنھن کي پيھي ننڍين پڙين ۾ هانگ ڪانگ، تائيوان کان علاوه ملائيشيا ۽ سنگاپور جي چيني دڪانن تي ڳري اگهه تي گراهڪن کي مھيا ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سائنس ثابت ڪيو آهي ته اهو سڱ ڪا به خاص شيءِ نه آهي، پر وارن جو Compressed ڇڳو آهي. ته به پڙهيل ڳڙهيل چيني به ان ۾ يقين رکن ٿا ته اهو جواني ۽ طاقت وڌائي ٿو. جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ اهو craze آهي ته سچن موتين کائڻ سان نه فقط طاقت اچي ٿي، پر ٻڏل دل کي راحت پڻ. جيتوڻيڪ هڪ سائنس يا جاگرافيءَ جو شاگرد چڱي طرح سمجهي ٿو ته سچا موتي پڻ سپ ۽ ڪوڏ وانگر ڪئلشيم جو ڪمپائونڊ آهن، جيڪي گهڻي مقدار ۾ کائڻ سان ويتر مثاني يا بڪيءَ (گردي) ۾ پٿري پيدا ٿي سگهي ٿي.
بھرحال سچا موتي پيھي ڦڪڻ ۾ ڪو فائدو هجي يا نه پر هنن پکين جي آکيري جي سُوپ/رس (Juice) ۾ ڪجهه نه ڪجهه وٽامن ضرور آهن، جيڪي آکيري يعني ڪکن پنن ۾ نه آهن، جن سان پکي آکيرو ٺاهي ٿو پر پکيءَ جي پِڪَ (Saliva) ۾ آهن، جنھن کونئر جھڙي گهاٽي Solution سان پکي هڪ ڪک کي ٻئي سان ڳنڍي ٿو. هي آکيرا گهڻو ڪري جبلن جي غارن ۾ پکي ٺاهين ٿا ۽ ڇت ۾ چھٽيل رهن ٿا. انھن کي لاهڻ، صاف ڪرڻ ۽ پوءِ سوپ ٺاهڻ وڏي محنت جو ڪم آهي. ان ڪري ان جو اگهه ڳرو آهي. ڪوالالمپور جي شانگريلا هوٽل ۾ جتي چڪن سُوپ ته ٽن ڊالرن ۾ ملي ٿو، اتي پکيءَ جي آکيري جو سوپ جو پيالو ٻائيتاليھه ڊالر آهي.
هن سوپ ٺاهڻ لاءِ پکيءَ جي آکيري جو ڪک ڪک ڌار ڪيو وڃي ٿو، جنھن لاءِ پھرين سڄي آکيري کي اوٻاريو وڃي ٿو، جيئن اهو ڪک ڪک ننڍي چمٽي (Forcep) سان آسانيءَ سان الڳ ڪري وچ ۾ لڳل لئي (پکيءَ جي وات جي پِڪ) گڏ ڪري سگهجي، پوءِ ان لئيءَ جھڙي سڪل Solution کي گرم پاڻيءَ ۾ مرچن مسالن يا ٻين جڙين ٻوٽين سان رڌيو وڃي ٿو.
ملائيشيا جي ڏاکڻي ڪنڊ واري شھر ’جوهور باروءَ‘ ۾ هڪ چيني همراهه مسٽر لي يئان چنگ جو انهن پکين جي آکيرن جو وڏو ڪاروبار آهي ۽ سندس هوٽل ”چائنيز ميڊيڪل هال“ جي نالي سان سڏجي ٿي. ’جوهور-بارو‘ شھر ’سنگاپور ٻيٽ‘ سان هڪ پل ذريعي ڳنڍيل آهي. سنگاپور جا توڙي ملائيشيا جا چيني بيحد امير آهن ۽ لي يئان چنگ جي هن ميڊيڪل هوٽل تي سڄو سال وڏي رش لڳي رهي ٿي. هتي نه فقط انهن جو گرم گرم سُوپ آيل گراهڪن کي Serve ڪيو وڃي ٿو، پر صاف ڪيل پکين جا آکيرا “Shin Onn” نالي برانڊ سان پئڪ ٿيل وڪامن ٿا. سندن وڏي کپت ٻاهرن ملڪن ڏي آهي، جتي چيني رهن ٿا. اڌ کان وڌيڪ مال هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ تائيوان ايڪسپورٽ ٿئي ٿو.
مسٽر لي اڄ کان پنجويھه سال اڳ (1960ع ڌاري) جالان ماجو (Maju Road) تي Besin Medical Hall نالي هنن آکيرن جي وڪري لاءِ آئوٽ ليٽ کوليو. اڄ هن هڪ ٻيو دڪان تمن پيلنگي ۾ پڻ کوليو آهي، جنھن ۾ ٽيھه ڄڻا آکيرا صاف ڪرڻ، سوپ ٺاهڻ ۽ گراهڪن کي Serve ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿا. هڪ هڪ ماڻهو سڄي ڏينھن ۾ فقط پندرهن کن آکيرا صاف ڪري سگهي ٿو. مسٽر لي ٿائلينڊ، انڊونيشيا ۽ مشرقي ملائيشيا جي رياست سراوڪ مان آکيرا گهرائي ٿو. هن جو هڪ دفعو انٽرويو آيو هو، جنھن ۾ هن کلندي چيو هو ته: ”توڻي هي آکيرا ڪنھن جي مڙسي نه وڌائين پر گهٽ ۾ گهٽ ڦڦڙن ۽ گلي لاءِ ته سٺا آهن. ان کان علاوه رت پڻ صاف ڪن ٿا ۽ کائڻ واري کي خوش ۽ صحتمند رکن ٿا.“
ان ۾ ڪيتري حَقيقت آهي ته پکين جا آکيرا کائڻ وارن کي ڪيترو خوش رکن ٿا، پر وڪڻڻ وارن کي مالي طرح ضرور خوش رکن ٿا. هونءَ سائنسي ڄاڻ مطابق انهن آکيرن ۾ ڪئلشيم ۽ ڌاتن جو وڏو مقدار موجود آهي، جيڪي صحت لاءِ بيحد سٺا آهن ۽ لڳاتار کائڻ سان ٿڌ، بخار ۽ کنگهه کان نجات ملي ٿي. رت جي Circulation ۽ چھري جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿئي ٿو.
هي آکيرو نر ۽ مادي پکي گڏجي ويھن کان پنجويھن ڏينھن اندر ٺاهين ٿا. جن ڏينھن ۾ هو ان ۾ آنا ڏين ٿا ۽ ٻچا ڦوڙين ٿا، انهن ڏينهن ۾ حڪومت طرفان هنن آکيرن لاهڻ جي سخت بندش هوندي آهي. آکيرا لاهڻ جو جن کي لائسنس هوندو آهي، اهي فيبروري، مارچ ۽ آگسٽ، سيپٽمبر ۾ ئي لاهي سگهن ٿا.
بھرحال هي آکيرن جو وڪرو ۽ شباب، طاقت، جواني خاطر ماڻهن جي هنن پٺيان ڊوڙ اڄ جي ڳالهه ناهي، پر تواريخي رڪارڊ ٻڌائين ٿا ته ٻارهين صديءَ جي شروعات ۾ چين جا واپاري سمنڊ جهاڳي بورنيو جھڙن ٻيٽن تي هنن آکيرن جي خريداري لاءِ ايندا هئا.

ڍڳي جو سال

پوڙهن چينين کان سندن ڄم جي تاريخ پڇ ته عيسوي، هجري يا ٻيو ڪو سَن ٻڌائڻ بدران ڪنھن جانور جو نالو ٻڌائي چوندا ته هو ان جي سال ۾ ڄاوا. مثال طور: گهوڙي جي سال ۾، نانگ جي سال ۾، يا سوئر، ڪتي يا ڪڪڙ جي سال ۾.
چينين جو نئون سال چنڊ مطابق جنوري ۽ فيبروري جي وچ ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ هر سال ٻارهن مختلف جانورن مان هڪ جي نالي سان سڏجي ٿو. اهي جانور نمبر وار آهن: ڪوئو، ڍڳو، شينھن، سھو، ازدها (Dragon)، بلا، گهوڙو، گهيٽو، ڀولڙو، ڪڪڙ، ڪتو ۽ سوئر.
چينين جي حساب موجب اهو ٻارهن جانورن جو چڪرو وري سٺ سالن جي وڏي چڪر ۾ ڦري ٿو ۽ هر ‘سال’ جانور مطابق مختلف نوعيت جو سمجهيو وڃي ٿو. اسان جنھن سال (1983ع) ۾ هتي ملائيشيا آيا هئاسين اهو ’سوئر جو سال‘ هو. ان بعد ڪوئي جو سال ٿيو ۽ هينئر ڍڳي جو سال هلي رهيو آهي. ڪجهه مھينن بعد يعني 5 فيبروري 1986ع کان نئون سال _جيڪو شينھن جو سال آهي، شروع ٿيندو.
چيني پنھنجو نئون سال وڏي ڌام ڌوم سان ملهائين ٿا. ڪٿي ڪٿي ته ڪرسمس، عيد يا ڏياريءَ جي ڏينھن کان به گوءِ کڻيو وڃي. ڏکڻ ڪوريا ۾ حڪومت گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته چينين جي نئين سال جي اهميت گهٽائي رڳو ’ڪرسمس ڊي‘ جو شان رکيو وڃي. پر هو ان ۾ ذرو به ڪامياب نه ٿيا. نتيجي ۾ ڪرسمس سان گڏ چيني نئين سال جي به موڪل قائم رکيائون.
چيني نئون سال نه فقط چين ۾ ملهايو وڃي ٿو پر جتي به چيني رهن اتي اهو ڏينھن ملهائين، خاص ڪري تائيوان، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ويٽنام، ڪوريا، ملائيشيا، ٿائلينڊ پاسي ته تمام گهڻا چيني رهن ٿا. انهن ملڪن ۾ سرڪاري طرح انهن ڏينھن تي موڪلون به ڪيون وڃن ٿيون. چينين جي نئين سال تي آمريڪا، يورپ، جپان جي شھرن جي چائنا ٽائونن ۾ پڻ رونق اچيو وڃي. ڪپڙا، گنديون، کاڌا پيتا، رنگ روپ، خوشبوئون ۽ دارونءَ جا ٺڪاءَ سڄي ماحول کي في الحال واسيو ڇڏين.
ملائيشيا جو جيتوڻيڪ سرڪاري طرح مذهب اسلام آهي پر سندس ذري گهٽ اڌ آدمشماري چيني ماڻهن جي آهي، جيڪي واپار وڙي ۾ هجڻ ڪري اسان جي بوهرين، کوجن، ميمڻن ۽ ٻين واپاري قومن وانگر امير آهن ۽ هو پنھنجو ڏينھن عيد کان به وڌيڪ ڌوم ڌام سان ملهائين ٿا. هي ڏينھن مذهبي گهٽ پر ڪلچرل يا Traditional وڌيڪ سمجهيو وڃي ٿو ۽ سندس پوک ۽ فصل لڻڻ جي خوشيءَ سان وڌيڪ واسطو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته هن ڏينھن جي ملهائڻ جي رسم حضرت عيسيٰ ۽ گوتم ٻڌ جي ڄمڻ کان به اڳ جي هلندي اچي. گهٽ ۾ گهٽ چار هزار سالن کان وٺي ملهايو پيو وڃي. روايت آهي ته چينين جي سال جو ڪئلينڊر زيا (XIA) گهراڻي کان شروع ٿئي ٿو. چين تي زيا گهراڻي جو راڄ ايڪيھين صدي قبل مسيح کان سورهين صدي ق. م تائين هليو. هن ڪئلينڊر کي اڄ به ائگريڪلچرل ڪئلينڊر يا پراڻو ڪئلينڊر يا زيا ڪئلينڊر سڏيو وڃي ٿو.
سن 704 ق . م يعني تائيچو دور جي پھرين سال ۾ جڏهن چين تي هئن (Han) گهراڻي جي حڪومت هئي، ان وقت جي شھنشاهه وو ڊيءَ مٿئين ڪئلينڊر ۾ ڦيرڦار آڻائي ان کي تائيچو (Taichu) ڪئلينڊر جي نالي سان عمل ۾ آندو. ان موجب نئون سال ان چنڊ جي پھرين ڏينھن کان شروع ٿئي ٿو. جڏهن سج يارهين نشانيءَ ۾ گهڙي ٿو _ جيڪا چين ۾ ڪتو آهي ۽ مغرب ۾ Aquarius (دلو) آهي. اهو ئي سبب آهي جو چينين جي نئين سال وارو ڏينھن 31 جنوري کان پوءِ ۽ 20 فيبروري کان اڳ اچي ٿو.
چينين جي نئين سال تي ٻه ڏينھن موڪلون ۽ جشن ٿيڻ کان علاوه ڪيترائي ملڪ ان ڏينھن جي ياد ۾ سڪا ۽ ٽڪليون پڻ ڪڍن ٿا. جيئن هن سال ڪوريا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ويندي جپان ڍڳي جون ٽڪليون ڪڍيون آهن. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ته هر سال ان ڏينھن تي ان سال جي جانور جا سونا ۽ چانديءَ جا سِڪا پڻ ڪڍي ٿو. جيئن گذريل سال ’ڪوئي‘ جا ۽ هن سال ’ڍڳي‘ جا شايع ڪيا اٿس. انهن سِڪن جي وڪري جا اشتھار هتي ملائيشيا جي اخبار ۾ به اچن، جو ملائيشيا ۾ به ڪيترائي چيني رهن ٿا ۽ انهن سنگاپوري سڪن جي هتي ملائيشيا ۾ ڪافي کپت ٿئي ٿي.
جيئن اسان مسلمانن ۾ هفتي جا ڪي ڏينھن: سومر، جمعي جھڙا يا ڪي مھينا شعبان، رمضان، محرم، ذوالحج جھڙا وڌيڪ ڀلارا سمجهيا وڃن ٿا، تيئن هنن چينين وٽ ڪجهه جانورن جا سال وڌيڪ ڀاڳ وارا سمجهيا وڃن ٿا _ جيئن ’ڪوئي‘ جو سال نئين دڪان يا ڪمپني کولڻ ۽ واپار وڙي هلائڻ لاءِ سٺو سمجهيو وڃي ٿو. ڪيترائي چيني، سال اڌ اڳ دڪان کولڻ بدران ڪوئي جي سال (1984ع) جو انتظار ڪندا رهيا ۽ اخباري اطلاعن موجب ملائيشيا ۾ ان نئين سال 1984ع جي پھرين ئي هفتي ۾ ٻارهن سؤ کن ڪمپنيون کليون هيون. مھيني جي آخر تائين رجسٽرار وٽ هڪ لک تيرهن هزار کن ڪمپنيون رجسٽريشن لاءِ پھتيون، جيتوڻيڪ ان کان هڪ سال اڳ سڄي سال ۾ فقط ارڙهن هزار ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون هيون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چينين جو مختلف جانورن جي سال ۾ ڪيترو گهڻو اعتقاد آهي.
ڪيترا اهڙا ملئي مسلمان ملندا جن جي ويڳي ڀيڻ، ماسي يا پڦي چينياڻي هوندي. اسان جي نيول اڪيڊميءَ جي هڪ ملئي ليڪچرار جي پڻ هڪ ڀيڻ چينياڻي آهي، جيڪا نڪ نقشي ۽ رنگ ۾ کانئس بلڪل مختلف آهي. اسان جي تعجب تي هن ٻڌايو : ”چينين جو هڪ سال (شايد شينھن وارو سال) سٺ سالن ۾ هڪ دفعو ڇوڪرين لاءِ نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي. ان سال ۾ ڄائيل ڌيئون ڪيترائي چيني پاڻ وٽ نه رکن ۽ بدبختيءَ کان بچڻ لاءِ پھرئين ئي هفتي کين گهر کان ٻاهر ڪڍيو ڇڏين. پوءِ اسان ملئي مسلمان کانئن اهي نياڻيون وٺي نپايون ۽ اهي قانوني طرح پڻ اسان جو اولاد سڏجن. سندن نالو، مذهب ۽ پيءُ جي ملڪيت ۾ اوترو ئي حصو رهي ٿو جيترو اسلامي طرح رکيو ويو آهي. سو اسان جي اها ڀيڻ پڻ اهڙيءَ طرح اسان جي ماءُ پيءُ نپائي آهي.“
هڪ ٻيو اسان جو واقفڪار انڊين مسلمان آهي، جنھن جي زال چينياڻي آهي. کانئس جڏهن پڇيم ته سندس زال شاديءَ کانپوءِ مسلمان ٿي يا اڳ ئي هئي، ته پاڻ ٻڌايائين: ”سندس اصلي ماءُ پيءُ مسلمان نه آهن، پر ڄمڻ سان کيس هڪ مسلمان ملئي فئمليءَ نپايو ۽ شادي به هنن ئي ڪرائي_ جيڪي منھنجا هاڻ سس ۽ سھرا ٿيا.“ سو هوءِ به هڪ اهڙي ئي سال ۾ ڄائي هئي.
بھرحال هي هلندڙ سال 1985ع ڍڳي جو سال آهي، جيڪو واپار کان ته کڻي اهڙو سٺو نه آهي ۽ نه وري خراب، پر هن سال لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن سال ۾ ڄمڻ وارا چئيوان، محنتي ۽ صابرين ٿين ٿا. روايت آهي ته گوتم ٻڌ مرڻ وقت جڏهن سڀني جانورن کي گهرايو ته هن وٽ آيل جانورن مان ڍڳو ٻئي نمبر تي هو.
ڍڳي جي سال 1913ع، 1925ع، 1937ع، 1949ع، 1961ع وغيره ۾ ڄمندڙ ماڻهن ۾ مٿين خاصيتن کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن ضد به ٿئي ٿو. قدرتي نظارا کين وڻن، پر ماڻهن جي ميڙ کان پاسو ڪن. هو ڪيترن ئي قسمن جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺي پاڻ کي مشغول رکن _ ڊرائينگ، پينٽنگ، آرٽ کان وٺي ڊڪٽيٽرشپ تائين.
ڪيترائي دنيا جا آرٽسٽ ۽ ڊڪٽيٽر: رينائر (Renoir)، وان گو، روبينس (Rubens)، نئپولين بونا پارٽ، اڊولف هٽلر _ ڍڳي جي سال جي پئدائش آهن. انهن کان علاوه والٽ ڊزني، پنڊت جواهر لال نھرو. چارلي چپلن، مئڪياولي، رچرڊ نڪسن، رچرڊ برٽن پڻ ڍڳي جي سال ۾ ڄاوا.
ڍڳي جي سال لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي حالتن لاءِ بھتر نه هوندو آهي. هن سال ۾ جهڳڙا، فساد، گوڙ گهمسان، حادثا ٿين ۽ ملڪن جون حالتون خراب رهن. انهن ڳالهين ۾ ڪيتري سچائي آهي، ڪجهه چئي نٿو سگهجي. هرهڪ جي پنھنجي سوچ ۽ پنھنجو عقيدو آهي.
هڪ سنگاپوري چينيءَ (جنھن جو لاڙو آمريڪا ڏي آهي ۽ نه ويٽنام ڏي) ٻڌايو: ”ڏس گذريل دفعي ڍڳي جي سال ۾ _ يعني 1973ع ۾ آمريڪا جي وائيس پريزيڊنٽ ائنگيو سپائرو استعيفيٰ ڏني هئي ۽ هن ئي نڀاڳي سال ۾ آمريڪن فوجي ويٽنام واري لڙائيءَ کان بان ڪري واپس ڀڳا.“
ان تي ٻئي رد ڪد ڏيندي چيو : ”ائنگينو لاءِ کڻي اهو نڀاڳو سال ٿيو پر ان جي جاءِ تي جيڪو نئون وائيس پريزيڊنٽ ٿيو ان کي ته ڍڳي واري سال لئه ڪرائي ڇڏي ۽ ساڳي وقت آمريڪن فوجين لاءِ کڻي ڍڳي جو سال ڀاڳ وارو نه ٿيو، جو هنن کي ويٽنام مان ڀڄڻو پيو، پر ساڳي وقت اهو سال ويٽنامين لاءِ ڪيئن رهيو _ جن جي آمريڪن مان هميشه لاءِ جان ڇٽي ويئي.“

مڙس کي وَسَ ۾ ڪرڻ جا ڏَسَ

اسان جي نيول اڪيڊميءَ جي نوجوان ملئي ليڪچرر ’انچڪ احمد ظھاريءَ‘ جي آفيس مان هڪ ڏينھن لنگهڻ ٿيو. سندس ٽيبل تي پڪل ڪيلن جو ڇڳو ڏسي تعجب مان پڇيومانس:
”ڪر خبر، هيترا ڪيلا کائيندين ڇا؟“ (ملئي ٻوليءَ ۾ انچڪ معنا ’مسٽر‘، ’جناب‘).
”نه يار، توهان به کائو.“ هن کلندي ڪيلا مون ڏي وڌايا، ”پليز ڪجهه ته کاءُ.“
مون هڪ ٻئي پٺيان هتي جا بندري قد وارا ٻه ٽي ’پيسانگ اماس‘ (سون ورنا ڪيلا) کائيندي چيومانس: ”واهه جا آهن، Beli dari mana (ڪٿان ورتئي؟)“
شرمائي چيائين: ”سمجهي وڃ ڪنھن ڏنا آهن.“
”چئبو ته چِڪ شريفان موڪليا اٿئي؟“
جواب ۾ وري کلڻ لڳو ۽ وڃڻ وقت اڌ کن ڇڳو ٻيو به مون کي ڏنائين، جيئن پنھنجي آفيس ۾ پنھنجي ساٿي انجنيرن: آصف غيور ۽ راج ببر کي به کارايان. ملئي ٻوليءَ ۾ ڪنواري ڇوڪريءَ کي چِڪ (Cik) ۽ پرڻيل عورت کي پُئان (Puan) سڏين.
’چِڪ شريفان‘ ڀر واري ڳوٺ جي ملئي ڇوڪري، اسان جي ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾، ڪم ڪري ٿي. ساڻس اسان جي دوست احمد ظھاريءَ جو ڪجهه هفتن کان معاشقو هلي رهيو آهي. هن کان اڳ سندس برٿ ڊي تي، شريفان، تحفي طور کيس قميص ڏني هئي ته هن اها به اسان کي اچي ڏيکاري هئي. قميص جھڙين شين مان کيس ته فائدو ٿيو ٿي پر اسان دوستن کي ڪھڙو فائدو. البت ڪيلن وارو تحفو اسان کي ڀلو لڳو. ان ڪري ٻن ٽن ڏينھن بعد مون سان گڏ آصف ۽ ببر به احمد ظھاريءَ کان پڇيو ته ”يار شريفان وري ڪڏهن ڪيلا آڻيندي؟“
”ڪيلا جام! اهي ته سندس گهر ۾ ئي لڳل آهن.“
ڏينھن ٻن بعد شريفان هن ڏي وري ڪيلا موڪليا ۽ چانھه جي ٽائيم تي اسان مڙيئي چٽ ڪري وياسين. پوءِ ته ڪڏهن ائڊمنسٽريشن آفيس ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته سنئون سڌو شريفان کي چئي ايندا هئاسين ته احمد ظھاري چوي ٿو ته ڪيلا ڇو نٿي موڪلين. هوءَ به سمجهي ويئي هئي ته پيٽ جو سور اسان کي آهي، سو جواب ۾ مرڪندي رهي ٿي ۽ جنھن ڏينھن ڪيلا آڻڻ لڳي ته احمد ظھاريءَ ته ٻڌائيندو هو پر پاڻ به فون ڪري اطلاع ڪندي هئي: ”ڪيلا آندا اٿم، اڄ احمد وٽ پھچي وڃجو.“
پر ڪيلا کائڻ جي عياشي پوءِ سگهو ئي بند ٿي ويئي، جو هڪ ڏينھن اوچتو سندن شاديءَ جو ڪارڊ آيو، ان بعد شادي ڪري ٻئي ڄڻا نئون گهر وٺي وڃي رهيا_ جتي نه هئا ڪيلن جا وڻ ۽ نه رمبوتان يا چَڪن جا وڻ. وڏي ڳالهه اها دوري، سڪ ۽ عشق جي آڳ ئي ختم ٿي ويئي، جيڪا شاديءَ کان اڳ هئي.
جنھن دور ۾ احمد ظھاريءَ عشق پئي ڪيو (۽ ڪيلا اسان پئي کاڌا)، انهن ڏينھن ۾ هڪ ٻئي ملئي آفيسر مسٽر راملي اسان کي ڀائپيءَ واري صلاح ڏني: ”مھرباني ڪري اهي شريفان جا ڪيلا نه کائو. اهي پڪ پڙهيل هوندا ۽ احمد ظھاريءَ کي پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ انهن تي ٽوڻا ڦيڻا ڪرائي ايندي هوندي.“
راملي جي وڃڻ کانپوءِ آصف کي چيم ته راملي واهه جي ڳالهه ٻڌائي. بيھه ته احمد ظھاريءَ کي ڇتو ٿا ڪريون.
شام جو موڪل مھل، آفيس جي مين گيٽ وٽ جھڙو احمد ظھاري ۽ شريفان گهر ڏي وڃي رهيا هئا ته احمد ظھاريءَ کي چيم:
”يار مون کي الائي ٻن ڏينھن کان ڇا ٿي ويو آهي. مٿو پيو ڦري.“
احمد ظھاري حقيقت کان اڻ ڄاڻ، سچ سمجهي همدرديءَ ڪارڻ چوڻ لڳو: ”خير ته آهي، ڊاڪٽر وٽ وٺي هلانءِ.“
”نه يار. هي مرض ڊاڪٽر جي علاج کان مٿي آهي.“
احمد ظھاري ويتر وائڙو ٿي ويو. ”تڏهن به، ڇا ٿيو آهي. پليز؟“
”بس يار ڪيلا کائي تنھنجي گرل فرينڊ تي ايڏي دل اچي ويئي آهي جو هر وقت ان جو خيال دماغ ۾ ڦرندو رهي ٿو.“
اهو ٻڌي هو يڪدم ڳالهه سمجهي ويو ته مسٽر رامليءَ سندس اڳيان اسان کي ڪيلا پڙهيل هجڻ جو ٻڌايو هو. کلندي چيائين:
”ڪم آن! الطاف! سڌري وڃ.“
”يار رڳو منھنجي سڌرڻ جو سوال ناهي. مون سان گڏ آصف ۽ راج ببر _ سڄو انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ٻن ٽن ڏينھن کان شريفان تي عاشق ٿي پيو آهي. تون ان کي چرچو نه سمجهه، ’هڪ انار سؤ بيمار‘ وانگر هڪ شريفان س‍ؤ عاشق. هاڻ ٿيندو سو ٿيندو ڇا؟“
ٻئي ڏينھن راملي کي چيم: ”يار! ڳالهه ته ٻڌ! اهي تعويذ ڳنڍا، ڦيڻا ٽوڻا ۽ ساٽ سوڻ هتي توهان وٽ ملائيشيا ۾ به هلن ٿا ڇا؟“
”ٻيو نه ته وري.“ رامليءَ وراڻيو، ”نه فقط ملئي مسلمانن ۾ پر تامل مدراسي هندن توڙي چينين ۾ پنھنجي پنھنجي نموني جا آهن.“
ان بعد ڪيترن مھينن تائين کائنس ۽ ٻين انيڪ ماڻهن کان ان بابت خبرون چارون گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويس.
هتي جا ماڻهو اهڙن ڪمن لاءِ اڪثر بومي (Bomoh) وٽ وڃن ٿا، جيئن اسان وٽ جادو منتر، ڦيڻي ٽوڻي، جن ڀوت، لڳت توڙي ذهني ۽ جسماني بيماري، مايوسي، مونجهه ۽ ٻئي اهنجن لاءِ جوڳين، جوتشين، ڀوپن فقيرن، سيدن پيرن وٽ پھچن ٿا، تيئن هتي ملائيشيا ۾، جيڪو علم، سائنس ميڊيڪل وغيره ۾ اسان کان به اڃا پٺتي پيل آهي، اتي وسوڙيل ماڻهوءَ جي من جو علاج بومو (Bomoh) ڪري ٿو. ڪنھن تي جادو ڪرڻو هجي يا جن ڪڍائڻو هجي، عورت جو ڏکيو ويم آسان ڪرائڻو هجي يا اولاد ٿيڻ لاءِ علاج ڪرائڻو هجي_ ملائيشيا ۾ سڀني ڳالهين جو جواب هڪ ئي همراهه آهي_ جنھن کي ”بومو“ سڏجي ٿو.
۽ پوءِ جيئن مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ ان ڍونگ پٺيان ٿيندڙ سماجي بدڪارين جا راز پنھنجن ڪتابن: مرشد جي ڪانچ، مرشد جي واچ، مرشد جي جهاڙ وغيره وغيره ۾ ظاهر ڪيا آهن، تيئن هتي جي اخبارن ۾ پڻ ان قسم جا واقعا ايندا رهن ٿا ته ڪيئن هڪ اهڙي بومي کي جهلجڻ تي ڪورٽ هن کي ڏهه ڦٽڪا ۽ ڏهه سال ٽيپ ڏني _ جنھن هڪ ڇوڪريءَ کي بند ڪوٺيءَ ۾ پاڻ وٽ هفتو رهائي جن ٿي ڪڍيو يا ٻار نه ٿيڻ جو علاج ٿي ڪيو.
اهڙيون خبرون پڙهڻ جي باوجود به اڃا تائين هتي جي ڳوٺن توڙي شھرن ۾ ڪيترائي ماڻهو جسماني توڙي نفسياتي علاج لاءِ سرجن يا سئڪالاجسٽ وٽ وڃڻ بدران ‘بومي’ وٽ پھچن ٿا. ان سلسلي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون عام ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ڪي سنسني خيز آهن ته ڪي دلچسپ ۽ کِل جھڙيون.
راملي جي ٻڌائڻ بعد، هتي ڪيترن ئي ماڻهن، عورتن، مردن، ڇوڪرن ڇوڪرين ۽ انهن نجومين (بومن) کان ان قسم جون ڳالهيون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. خبر پيئي ته هتي جا ماڻهو جن ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو به ڪجهه حصو اچي وڃي ٿو _ محبوب يا محبوبا کي هٿ ڪرڻ لاءِ بومي وٽ پھچن ٿا. علاج يا من جي مراد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ساٽ سوڻ ۽ تعويذ استعمال ۾ اچن ٿا. ڪجهه ته اهڙا آهن جيڪي سڄي ملائيشيا ۾ مشھور آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان بابت ٻڌايو _ جيتوڻيڪ ڪنھن به هڪ پاڻ نه مڃيو، پر پنھنجن مائٽن ۽ واقفڪارن لاءِ هنن ٻڌايو ته محبوب کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ هنن هي طريقو استعمال ڪيو يا فلاڻي بومي جو ڏسيل ساٽ يا جادو هنن واپرايو. انهن ۾ ڪيترا ته اهڙي قسم جا جادو يا ساٽ سوڻ آهن، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ ناقابل اشاعت ۽ غير اخلاقي ڪم ٿيندو. بھرحال ڪجهه سادا سودا ٽوڻا ڦيڻا ۽ استعمال ۾ ايندڙ جادو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيڻ بي محل نه ٿيندا.
ملئي زبان ۾ ڀت کي ناسي (Nasi) سڏبو آهي. پنھنجي محبوب يا مڙس کي قابوءِ ۾ رکڻ لاءِ ملئي عورتون کين ’ناسي ڪانگ ڪانگ‘ کارائينديون آهن. هي ڀَتُ ڪانگ ڪانگ اهو ناهي جنھن ۾ ڪڪڙ بدران ڪانگ وجهي رڌجي. پر هڪ عام خشڪو ڀت ٿئي. ڪانگ ڪانگ ان ڪري سڏجي ٿو جو رڌڻ وارو ٽنگون ڦاڙي ديڳڙي جي ڀرسان ٿي بيھندو آهي. ملئي لفظ ڪانگ ڪانگ (Kang-Kang) جي معنيٰ آهي ٽنگون ڦاڙي بيھڻ. ۽ هن ڀت جو اهو نالو رڌڻ واري جي بيھڻ واري نموني تان پيو آهي. هن ڀت کي رڌڻ مھل، پٽ تي ٻاريل چلهه مٿان ڀت جو ديڳڙو رکي، عورت کي گوڏ پائي (جيڪا هتي جي عام ڊريس آهي) ديڳڙي مٿان ٽنگو ڦاڙي بيھڻ کپي، جيئن عورت جي جسم جي خوشبوءِ خشڪن چانورن ۾ اچي وڃي.
”ناسي ڪانگ ڪانگ“ جي رڌڻ جي هن روايتي ترڪيب لاءِ چيو وڃي ٿو ته محبوب کائيندي ئي اچي رڌڻ واريءَ جي قدمن ۾ ڦھڪو ڪندو آهي.
اهو ڪيتري قدر سچ آهي، ان لاءِ ڪنھن هڪ عورت به نه مڃيو ته آيا مرد کي هٿ ڪرڻ لاءِ هن واقعي ڪانگ ڪانگ واري نموني سان بيھي ڀت رڌيو.
(انهن نون عاشقن لاءِ، جيڪي هي مضمون پڙهي متان ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، اهو چتاءُ ضروري آهي ته ٻاڦ هڪ تمام گرم ۽ طاقتور شيءِ آهي، جنھن جي زور تي ’جيمس واٽ‘ ريل گاڏي هلائي ڇڏي، ۽ ٻاڦ مٿان ڪانگ ڪانگ پوزيشن ۾ بيھي ڀت رڌڻ سان ٻاڦ نه قط ڀت کي پر بيٺل جي جسم کي به ساڙي سگهي ٿي.)
بھرحال محبوب کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ ناسي ڪانگ ڪانگ کان وڌيڪ سولو ڏس چوچوڪ هدنگ (Chucuk-Hidung) آهي _ جنھن جي لفظي معنيٰ نڪ ٽوپڻ يا مينھن جي نڪ مان رسو لنگهائڻ آهي _ جنھن بعد کيس جيڏانھن وڻناوَ تيڏانھن وٺي ڇڪيوس. مينھن جي ته ڇا مجال پر سَانُ به توهان جي پٺ وٺي هلندو. ٻين لفظن ۾ بقول اڙدو شاعر جي: ڪچي ڌاڳي ۾ بندهي آئين گي سرڪار ميري.
’چوچوڪ هدنگ‘ لاءِ اوسي پاسي جي ڪنھن بومي وٽ وڃڻو پوندو آهي. هتي جي بئنڪ جي هڪ اڪائونٽنٽ ڇوڪري ’نُور زيتون‘ پنھنجي يار کي قبضي ۾ ڪرڻ جو مون سان نه فقط ذڪر ڪيو پر ڀرواري ڳوٺ (ڪمپونگ) ’آير ملوڪ‘ (Ayer Melok) جي هڪ بومي وٽ پڻ وٺي هلي .
بومي لفافي مان هڪ ڪاري رنگ جي پائوڊر جون چار پنج چپٽيون ڪڍي ان تي ڪجهه منتر شنتر شوڪاري، هن کي ٻڌايو ته اهو پائوڊر ليمي جي وڻ جي پنن کي ساڙي ٺاهيو ويو آهي، جنھن تي جادو تمام گهڻي عرصي لاءِ اثر ڪري ٿو. منتر پڙهڻ وقت مِس زيتون کان سندس محبوب جو نالو پڻ پڇي ان پائوڊر تي ٽي دفعا شوڪاريو.
اهو پائوڊر ٿورو ٿورو ڪري کارائڻو آهي. ان لاءِ بھتر طريقو آهي ته همراهه ماني کائڻ جي ڪري ته ٻوڙ مٿان ٻُرڪي ڏجيس ۽ جي ماني کائڻ لاءِ راضي نه ٿئي ۽ فقط ڪجهه پيئڻ چاهي ته ليمي جي شربت مٿان وجهي ڏجيس. پڇڻ تي ٻڌائجيس ته ڪارا مرچ اٿئي. يا اڃا به سٺو ۽ حفاظت وارو طريقو ڪافيءَ ۾ ملائي ڏيڻ ۾ آهي. (ڇو جو ملئي ماڻهو بنا کير واري ڪاري ڪافي پيئن ٿا. ان ۾ اهو ڪاري رنگ جو ٻورو نظر به نه ايندو.)
ان ’چوچوڪ هدنگ‘ ۾ اثر آهي يا نه پر نور زيتون ته قسم کڻي اڄ به ٻڌائي ٿي ته منتر پڙهيل پائوڊر کائڻ بعد نه فقط محمد سفيان ساڻس جهٽ شادي رچائي پر شاديءَ بعد اڄ به سال ٿي ويا آهن پر سندس چئي ۾ ائين آهي جيئن آفريڪا جو رڇ ناڪيلي پوڻ سان.
ائين به نه آهي ته ملائيشيا ۾ رڳو عورتون جادو ڦيڻا ڪرائين ٿيون پر اهي مرد پڻ جن جو پنھنجي سونھن سوڀيا، عقل ۽ همت جو جادو نٿو هلي، سي ان قسم جي پڙهيل پائوڊرن جي جادوءَ تي ئي ڀاڙين ٿا. پر اهو ضرور آهي ته ملائيشيا جي هن رياست ملاڪا ۾ _ جتي آئون رهان ٿو، ان ۾ اهي ڪم عورتون گهڻو ڪن ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته ان جو اهو به سبب هجي ته ملاڪا رياست ۾ مرد کان وڌيڪ عورت جي وڏي اٿارٽي آهي ۽ شاديءَ بعد مرد عورت جو مطيع ٿي رهي ٿو. صدين کان هلندڙ رواج موجب ملاڪا رياست ۾ شاديءَ بعد ڪنوار گهوٽ جي گهر نه ويندي آهي پر گهوٽ ٽپڙ کڻي اچي ڪنوار جي گهر رهندو آهي. ان ڪري ٻين رياستن جا ڇوڪرا جيڪي ملاڪا رياست ۾ پڙهڻ يا نوڪريءَ لاءِ ايندا آهن سي ملاڪا جي ڇوڪرين کان ڪن هڻندا آهن. هڪ ٻئي کي خبردار ڪندا آهن ته متان ڪنھن ملاڪا جي ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو اٿانوَ. مائٽ مٽ ڇنائي ڇڏيندانوَ. ( ڇو جو پوءِ ڇوڪري کي سھري جي گهر اچي رهڻو پوندو آهي ۽ طلاق ڏيڻ مھل کيس هٿين خالي زال جو گهر ڇڏڻو پوندو آهي.) ان ڪري اسان جي آفيسن ۾ ڪنھن ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي آهي ته اها نوڪري نه ڇڏيندي آهي، جو هن کي ته اتي ئي ملاڪا ۾ رهڻو پوندو آهي. نوڪري سندس مڙس ڇڏي، زال جي شھر ۾ ٻي نوڪريءَ جي اچي ڳولا ڪندو آهي.
بھرحال ملاڪا ۾ رهي نه فقط ڪيلا کائڻ کان خبردار رهجي پر ڪنھن جي گهر وڃي ٻوڙ يا ڪافي پڻ خبرداريءَ سان پيئڻ کپي جو ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪارامرچ نه پرليمي جي پنن جو پڙهيل ڦلهير هجي _ يا اڃا به ڦلهير کان به خراب شيءِ ڇوڪريءِ جي جسم جي ڌوڙ پيل هجي _ جنھن جادوءَ کي هتي بئات جُمپي (Buat-Jumpi) سڏجي ٿو.
مٿئين ٽوڻي لاءِ ڇوڪري لڳاتار ٻه ٽي هفتا هڪ ئي وڳو پائڻ بعد ڪنھن ٽب جي سوراخ تي سنهي ڄاري رکي ڪپڙن سوڌو وهنجندي آهي. جيئن پاڻي ته ان ڄاريءَ مان نڪري وڃي باقي جسم ۽ ڪپڙن جي مَرُ (ڌوڙ) ان ڄاريءَ تي رهجي وڃي. پوءِ اها مٽي سڪائي ٻورو ڪري بومي کان ان مٿان منتر پڙهائي پنھنجي دل گهرئي کي کاڌي ۾ ملائي کارائيندي آهي.
انهن شين کان علاوه منتر ۽ ڪاري جادوءَ لاءِ ماهواريءَ جي رت جو پڻ استعمال ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ان کي جنھن پاڻيءَ ۾ ڌوئين ان ۾ ئي چانور يا ٻئي کاڌي يا ميوي کي ڌوئي مڙس / محبوب کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ کارائين.
محبوب کي هٿ ڪرڻ لاءِ محبت جو تيل مِنياڪ پينگاسيح (Minyak Penagasih) پڻ عام نسخو آهي. تعويذ لکندڙ ۽ منتر پڙهندڙ بومو (Bomoh) چوڏهين جي ‘سڄي چنڊ’ واري رات جو پلٿ ماري ڪپيءَ ۾ پيل تيل تي ڪجهه منتر پڙهندو آهي. عورت کي اهو تيل نرڙ تي هڻي بومي کان ٻڌايل ڪجهه شوڪارا پڙهڻا پوندا آهن، هي جادو اهڙو يڪ ٽڪ آهي جو محبوب سڄي دنيا جون عورتون وساري ڇڏيندو _ سواءِ نرڙ تي تيل مکي شوڪارا پڙهڻ واريءَ جي. پر اهو ضرور آهي ته تيل هڻڻ واري ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪنھن اهڙي گهر ۾ نه وڃي جتي ڪو ويجهڙائيءَ ۾ مري ويو هجي ۽ نه ڪپڙن سڪائڻ واري رس هيٺان لنگهي.
ان قسم جا شرط شروط هتي جو هر بومو (Bomoh) وجهي ٿو، جيڪي حَقيقت ۾ بومي جي فائدي لاءِ آهن، جيئن سڀاڻ ڪنھن عورت جي مراد پوري ٿئي ته لئه بومي جي ۽ جي ڪم نه ٿئي ته ڏوهه عورت تي ئي ٿاڦيو وڃي ته هوءَ ضرور بي خياليءَ ۾ ڪنھن ڪپڙن سڪائڻ واري رس هيٺان لنگهي هوندي. يا ضرور هوءَ ڪنھن اهڙي گهر ويئي هوندي جنھن ۾ ڪو ماڻهو مري ويو هوندو.
ڪيترين ئي پراڻين ملئي فلمن جي هيروئينن لاءِ ڳالهيون مشھور آهن ته هنن جي سونھن جو جادو فلاڻي يا فلاڻي بومو کان مليل تعويذ، پڙهيل پاڻي يا پائوڊر کان آهي.
جھڙيءَ طرح سان پنھنجي يار، دوست، محبوب کي پنھنجو ڪرڻ جا جادو آهن، تھڙي طرح پنھنجي مڙس يا ڦاٿل محبوب کي هيڏانھن هوڏانھن ڀٽڪڻ کان روڪڻ لاءِ ملائيشيا ۾ منتر ۽ تعويذ پڻ عام آهن. ان لاءِ بومي وٽ هن جو استعمال ٿيل ڪڇو کڻي وڃڻ ضروري آهي. بومو ڪجهه منتر پڙهي ڪڇي جي اڳئين حصي کي ڪنھن نوڙيءَ سان ڳنڍ ٻڌندو آهي. يعني هو ائين ڪرڻ سان هن جي خاص عضون کي سوگهو ڪري ٿو. پوءِ سندس زال اهو ڪڇو گهر جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيندي آهي، جيئن مڙس جي مڙسي فقط گهر ۾ ئي رهي.
هڪ عورت جنھن بابت ٻين کي خبر هئي ته هوءِ بومي وٽ ان جادوءَ لاءِ ويئي هئي، تنھن ٻڌايو ته هوءَ ان جادوءَ جي سچي هجڻ جي پڪ ڏيئي نٿي سگهي جو پھرين ڏينھن ئي سندس پاليل ڪتي کڏ کوٽي اهو ڪڇو ڪڍي ڦاڙي اڳڙيون اڳڙيون ڪري ڇڏيو.
هونءَ انھيءَ جادوءَ لاءِ بومي طرفان عورتن کي سخت تاڪيد ڪيل هوندي آهي ته هو ڪڇي کي اهڙي هنڌ کڏ کوٽي پوري ڇڏين جتي هو _ يعني گهر وارو (۽ نه گهر جو ڪتو) هرگز ڏسي نه سگهي.
جيڪڏهن ڪنھن عورت جو مڙس گوڏ يا پتلون تي ڪڇو نٿو پائي يا هن جو ڪڇو حاصل ڪرڻ ۾ کيس خوف خطرو آهي ته هن لاءِ ڪا دنيا ختم ٿي ويل نه سمجهڻ کپي. مڙس کي وفادار _ ڪتي جھڙو، چئيوان _ ڪمپيوٽر جھڙو ٺاهڻ لاءِ، ملائيشيا جي بومن وٽ ٻيا به طريقا آهن. جن مان هڪ بنتانگ ڪلاڊي (Bantang- Keladi) آهي.
نالي مطابق هي جادو بومو ’ايام ٻوٽي‘ جي ڏنڊيءَ تي پڙهي ڏيندو آهي. سوالي عورت پنھنجي مڙس جي عضوي جي ماپ جو ڏندڻ وڍي بومي وٽ پھچندي آهي. (اها ڄاڻ نه پئجي سگهي ته اها ماپ ڪھڙي وقت جي هجڻ کپي). بومو ان ڏندڻ تي ڪجهه جادو منتر پڙهي پوءِ ٻن سرن کي چلهه وانگر بيھاري انهن جي وچ ۾ اهو ڏندڻ ڦاسائيندو آهي. يعني همراهه جا خاص عضوا ٿيا هڪ هنڌ سوگها. ۽ هاڻ هو ڪنھن ٻئي هنڌ لوڻو به گهمائي نٿو سگهي _ سواءِ ان عورت ڏي جنھن ان جادوءَ لاءِ بومي کي خرچ پکو ڏنو.
بتانگ ڪلاڊي نه ملي سگهي ته ان جادوءَ لاءِ جمبو _ يعني زيتون جي وڻ جي ٽاري به استعمال ڪري سگهجي ٿي. پر زيتون جي ڏندڻ کي سرن جي وچ ۾ سوگهو جهلڻ بدران سنهي منھن واري شيشيءَ ۾ وجهي ساڙيو ويندو آهي. پوءِ ان ڦلهير کي واريءَ ۾ پوري ڇڏبو آهي.
جنھن ماڻهوءَ ان جادوءَ بابت مون کي ٻڌايو تنھن پاڻ قسم کڻي چيو ته هن پنھنجي مڙس تي اهڙو جادو نه ڪرايو آهي پر سندس هڪ ساهيڙيءَ ‘ڪمپونگ پنٽائي’ ڳوٺ جي بومي کان جادو ڪرايو ۽ ان ڏينھن کان وٺي مڙس هر جمعي رات ائين حاضري ڀري ٿو جيئن ڪو عقيدتمند ڪنھن پير جي درگاهه تي.
اهي سڀ جادو ۽ ٽوڻا ڦيڻا نه لڳن ته ڪٽ لڳل ڪوڪن کان به ڪم وٺي سگهجي ٿو. مڙس کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪٽ لڳل ڪوڪا ٽي دفعا مڙس جو نالو وٺي ڪنھن چوواٽي تي هڻي اچڻ سان به هي جانور سڌري سگهي ٿو.
انهن ٽوڻن ڳنڍن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي جادو منتر ۽ ڪارا جادو چيا وڃن ٿا. اهي سڀ نه فقط ملائيشيا ۾ پر هر انھيءَ سوسائٽيءَ ۾ قائم دائم رهندا، جنھن جا باشندا وهمي ۽ ايمان جا ڪچا هوندا. لوڀي ۽ وسوڙيل ماڻهن جا ڪچا عقيدا اتي جي ٺڳ، جادوگرن ۽ بومن کي صحتمند بنائين ٿا. هتي جي حڪومت سادن ۽ سٻاجهڙن ڳوٺاڻن کي انهن بومن جي چنبن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اڄڪلهه پوري ڪوشش ڪري رهي آهي_ ڏسجي ته ڪيترو جلد هو سمجهي سگهن ٿا.

پکين جون ڄڀون ۽ رڇ جا کُر

اسان بدڪن کي پھريون دفعو حيدرآباد جي چڙيا گهر ۾ ڏٺو. سنگاپور اچي خبر پئي ته ڪڪڙين وانگر بدڪن کي به کائبو آهي. ڪوريا، جپان، سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي چيني هوٽلن ۾ ڪٺل، مسالي لڳل، پڪل تريل، مڇين وانگر لوڻاٺيل ۽ سڪل بدڪن جون مختلف قطارون ڏسي پھرين ضرور تعجب لڳو هو.
اهڙيءَ طرح گراهڪن جي کائڻ لاءِ بيلجم جي هوٽلن ۾ ڏيڏر، هانگ ڪانگ جي هوٽلن ۾ جيئرا جاڳندا نانگ ۽ آڪٽوپس ڏسي شروع جي ڏينھن ۾ حيرت ٿيندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هوٽلن جي اڳيان بيھي گراهڪن کي ڏسندا هئاسين ته هو زنده نانگن يا مڇين جي ڪيئن ٿا چونڊ ڪن. ڪاسائي ڪيئن ٿو انهن کي وڍي ڪٽي، بورچي ڪيئن ٿو تري ۽ بئرو خومچي تي سجائي گراهڪ اڳيان ڪيئن ٿو پيش ڪري.
گراهڪ جي خوشيءَ لاءِ جيئريون شيون، سندس چونڊ مطابق وڍي، ڪَٽي، تري ڏيڻ هاڻ دنيا جي ڪيترين ئي هوٽلن ۾ عام ٿي ويو آهي_ خاص ڪري هن پاسي ڏور اوڀر جي ملڪن: ٿائلنڊ، ملائيشيا، سنگاپور، تائيوان، هانگ ڪانگ، انڊونيشيا ۽ فلپين ۾.
ان تان هڪ ڪارٽون ياد پيو اچي ته هڪ پوڙهو جوڙو اهڙي هوٽل ۾ مانيءَ لاءِ پهتو، جنھن ۾ جيئرا ٺونٺ جيڏا گانگٽ (Lobster) رکيل هئا. زال پنھنجي پسند تي انهن مان هڪ کڻڻ چاهيو ٿي پر پاڻيءَ ۾ ٿورو هٿ وجهي وري ڊڄي ٿي وئي. مڙس جيڪو انتظار ۾ بيھي بيھي ٿڪجي پيو هو ۽ کانئس سندس ڪراڙي زال جا اهي نوان نخرا سَٺا نه پئي ٿيا، تنھن نيٺ ڇڙٻ ڏيندي چيس: ”ڊڄ نه، کائيندءِ ڪونه. تو جھڙيءَ کي چڪ هڻڻ لاءِ هن کي ٻه دفعا سوچڻو پوندو.“
ڪن هوٽلن ۾ گراهڪ پاڻ سان ڪڪڙيون کڻي ايندا آهن، جتي بئرو انهن کي ڪُھي، رڌي پچائي سندن اڳيان پيش ڪندو آهي. کانئن رڳو رڌ پچاءُ ۽ سروس جا پئسا ورتا ويندا آهن. اسان جو هڪ دوست ته وڏي واڪي چوندو آهي: ”مون کي هوٽلن جون اهي سڪل ڏٻريون ڪڪڙيون وڻن ڪونه. آئون جڏهن به يارن کي هوٽل ۾ ماني کارائڻ ويندو آهيان ته پنھنجي تاتيل ٿلهي متاري ڪڪڙ کڻي ويندو آهيان.“
جيتوڻيڪ اسان جي حساب سان سندس اهڙي ڪڪڙ پوڙهي سڏڻ کپي، جيڪا ٽن پاڻين ۾ پچڻ بعد به ڪچي رهي ٿي. ڪوالالمپور جي به ڪيترين هوٽلن جي در وٽ مڇين سان ڀريل شيشي جا حوض رکيل ملندا. گراهڪ هوٽل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پنھنجي پسند جي مڇي تاڻي، پوءِ ٻانھن جا ڪف کنجي، ان کي جهلي بئري حوالي ڪندو آهي.
هڪ دفعي پينانگ ۾ اسان جو ملئي دوست ڪٿان ٻه تتر ڦاسائي آيو. پچرائڻ لاءِ هوٽل ۾ وياسين. بئري ڇلي تري آڻي اڳيان رکيا. گيھه، مرچ مسالن ۽ خذمت جا فقط ٽي ڊالر ڏيڻا پيا. ڳالهه واھه جي وڻي ته هن پاسي هوٽلن ۾ اهو سٺو سک آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙين هوٽلن مان نقصان پڻ آهن.
ڳالهه ٿا ڪن _ خبر ناهي حقيقت آهي يا لطيفو _ ته تائيوان جي هڪ اهڙي هوٽل ۾ آمريڪن ٽوئرسٽ جوڙو مانيءَ لاءِ پهتو. ساڻن گڏ ننڍڙو Poodle ڪتو به هو، جيڪو پڻ بکايل هو ۽ هيڏانھن هوڏانھن جهٽ هڻي رهيو هو. سو هنن انگريزيءَ کان اڻ واقف چيني بئري کي سڏي گراهه کائڻ جو اشارو ڪري انگريزيءِ ۾ چيس:
“Dog wants to eat, can you?”
يعني ڪتو ڪجهه کائڻ چاهي ٿو. تون کارائڻ جو بندوبست ڪري سگهندين؟
بئرو پنھنجي پَرِ ۾ ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي مئڊم کان ڪتو وٺي “No Problem” _ ’ڪا وڏي ڳالهه ناهي‘ چئي رڌڻي ۾ گهڙي ويو. ٿوري دير بعد آمريڪن اڳيان ماني آئي، جن کائي ڍؤ ڪيو. اٿڻ مھل جڏهن پنھنجي ڪتي جي پڇا ڪيائون ته بئري تعجب منجهان سندن پيٽ ڏي اشارو ڪري، ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ چيو: ”اهو ته توهان کائي ڇڏيو!“
در اصل بئري سمجهيو ته گراهڪ پڇن پيا: ”ڪتو کائڻ چاهيون ٿا، اهو ڪم ڪري سگهندين؟“ ۽ هو وڏي هام سان ‘نو پرابلم‘ چئي ان کي رڌي پچائي کڻي آيو.
اهڙي معاملي ۾ چيني سڀ کان اڳ ڀرا آهن. رڌ پچاءُ جي ڪم ۾ ويرم ئي نه ڪندا. سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ ٻن چيني بورچين جو مقابلو ٿيو هو ته ڪير جلدي ڪڪڙ ڪھي، ڇلي، وڍي، تري، پليٽ ۾ رکي گراهڪ اڳيا پيش ڪري ٿو. کٽڻ واري بورچيءَ ان سڄي آپريشن لاءِ فقط ٽي منٽ ورتا. ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ هن گرم گيھه جي ڪڻڇي ۽ ٽھڪندڙ پاڻي اڳواٽ تيار رکيو. سيٽي وٺڻ تي جيئري ڪڪڙ کي ان ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ ٻه ٽي غوطا ڏيئي اڌ جيئري حالت ۾ کل لاهي وڏي ڪات سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري گرم گيھه ۾ وجهي هڪدم تري کڻي پليٽ تي رکيائين. ان مقابلي جي فلم وري ٽي ويءَ تي به ڏيکاريائون. بي زبان جانورن سان همدردي ڪندڙ ناظرين کي اها ڳالهه پڪ پسند نه آئي هوندي.
کائڻ جا شوقين ماڻهو تتر ۽ پلو کائڻ لاءِ سنڌ ۾ ايندا آهن يا ڳائي جي چاپ کائڻ لاءِ ڪوبي (جپان) ۾، پيزا ۽ اسپاگهيٽي کائڻ لاءِ اٽليءَ ۾، مِي بِيهُون ۽ مرتباڪ کائڻ لاءِ ملائيشيا ۾.
هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جي ڪجهه هوٽل وارن اهڙن شوقينن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڀٽڪڻ بدران پاڻ وٽ ڇڪڻ ۽ ملڪ جي ٽوئرزم وڌائڻ لاءِ اهو سٺو طريقو ڪڍيو آهي ته هو پنھنجي کاڌي کان علاوه ڌارين ملڪن جون پڻ ڪجهه خاص شيون Specialties رکن ٿا. اخبارن ۾ اڪثر اهڙا اشتھار ايندا آهن ته اٽليءَ جي بھترين پيزا لاءِ هانگ ڪانگ جي فلاڻي هوٽل کي نه وسارجو. تندوري نان ۽ چڪن برياني لاءِ سنگاپور جي بلال هوٽل اٿانوَ. ڪوبي اسٽيڪ لاءِ جپان وڃڻ بدران هانگ ڪانگ جي فلاڻي هوٽل ۾ اچو. فرينچ کاڌن جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ فرانس وڃڻ بدران هانگ ڪانگ مان سستي شاپنگ به ڪريو ته فلاڻي هوٽل ۾ فرينچ کاڌن جو ذائقو به وٺو.
ڪڏهن ڪڏهن ته هوٽل جا سياڻا مالڪ، کاڌي جو مينيو مختلف ملڪن جي حاڪمن جي ست رڇي دسترخوانن وارو پڻ پيش ڪن ٿا. جيئن ”شھنشاهه بابر جو دسترخوان“. جنھن ۾ هوٽل وارا ٽيبل تي اڦراٽا، نان، سڄو ڪڪڙ تندوري، چپلي ڪواب جھڙيون شيون سجائي رکندا آهن. يا عربن جو سؤ سال اڳ جو دسترخوان مھيا ڪرڻ واري هوٽل اٺ جو تريل گوشت، کير، ڪتل، گدرو ۽ نان وغيره رکندي آهي.
انهن مڙني ۾ نرالو ۽ مھانگو مينو ڪجهه سال اڳ هانگ ڪانگ جي هڪ هوٽل _ائمبسڊر آڇيو هو. ان مينيو جو نالو “چيني حاڪمن جو دسترخوان” هو.
اخبار ۾ پوءِ آيو هو ته اهو مينو کائڻ لاءِ ٻارهن جپاني شوقين ٽوڪيو کان ان مانيءَ جو جملي بل ايڪيھه هزار آمريڪن ڊالر ڀري آيا هئا. هوٽل وارن کاڌي ۾ اهي مال تيار ڪيا جيڪي چين ۾ چنگ گهراڻي جا حاڪم پنھنجي دسترخوان تي کائيندا هئا. انهي ست رڇيءَ ۾ ٻين کاڌن کان علاوه هاٿيءَ جي سونڊ جو ٻوڙ، رڇ جا کُر ۽ ڏيڍ س‍ؤ پکين جي ڄڀن جو مڪسڊ گِرل پڻ شامل هو _ جيڪو ان دور موجب سلڪ جي روايتي لباس ۾ چئن ڇوڪرين ۽ چئن ڇوڪر بئرن پيش ڪيو. ٿائلينڊ جي جهنگلن مان هاٿيءَ جي سونڊ هٿ ڪرڻ، مختلف هنڌن تان ايترا پکي گڏ ڪرڻ ۽ پوءِ ان سامان کي رڌي پچائي پيش ڪرڻ ۾ هوٽل وارن کي اٽڪل ٽي مھينا لڳي ويا هئا. هوٽل وارن ٻڌايو ته رڳو رڇ جي کرن کي کائڻ لائق بنائڻ لاءِ ديڳڙيءَ ۾ ٽي ڏينھن رڌڻو پيو هو.
دنيا ۾ سڀ ۾ عجيب کاڌا چينين جا آهن پوءِ اهي چيني کڻي پنھنجي اباڻي ملڪ چين ۾ هجن يا ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، انڊونيشيا ۾. چيني ماڻهو هر ساهه واري شيءِ کايو وڃي. چيني پاڻ ئي چرچي ۾ چوندا آهن ته هو هر اها شيءِ کائين ٿا، جنھن کي چار ٽنگون آهن، سواءِ ٽيبل ڪرسيءَ جي. هو هر اها شيءِ کائين ٿا جيڪا اڏامي ٿي، سواءِ هوائي جھاز ۽ هيليڪاپٽر جي!
اسانجي ملڪن جي ماڻهن کي هن پاسي _ خاص ڪري چين، هانگ ڪانگ ۽ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن ڏي، هوٽلن ۽ ڪاسائين جي دڪانن تي ڪتن ۽ ڀولڙن کي ڪُسندو ڏسي تعجب لڳي ٿو. سوئر ته يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ به عام آهن، پر ڪتن، ڀولڙن ۽ نانگن جو رڌ پچاءُ هن پاسي نئين ڳالهه آهي. ملائيشيا ۾ کلئي عام ڪتن جي ڪوس تي شايد منع آهي. سوئر جي گوشت جا دڪان هر مارڪيٽ ۾ ڳئون ٻڪري جي گوشت جي مارڪيٽ کان پاسيرا ۽ ڍڪيل رکيا ويا آهن. سوئر جي کلئي عام Transport تي به منع آهي. ٽرڪن وارن کي ملائيشيا جي حڪومت طرفان چيل آهي ته سوئر کڻڻ مھل ٽرڪن کي ڪپڙي سان ڍڪي پوءِ هڪ شھر کان ٻئي شھر هلو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا دفعا ملاڪا ڪوالالمپور هاءِ وي تي ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪور جي ٽرڪون سوئر ڍوئينديون نظر اچن ٿيون. ڀولڙن جو ڪوس ڪن ڪن شھرن ۾ ڪن خاص هنڌن تي ضرور هلي ٿو. شروع جي ڏينھن ۾ (1982ع ۾) ۽ ان کان اڳ جڏهن جھاز تي اچبو هو ته ڪوالالمپور جي چوڪٽ (Chow-Kit) واري علائقي ۾ ڀولڙن جو گوشت وڪامبو هو _ خاص ڪري انهن جو ميڄالو خريد ڪرڻ لاءِ چيني بيتاب هوندا هئا. جيئري ڀولڙي کي هڪ اهڙي سوڙهي ڪاٺ جي پڃري ۾ ويھاريو ويو ٿي جنھن جي ڇت تي ٺھيل گول سوراخ مان ڀولڙي جو اڌ کن مٿو ٻاهر نڪري اچي. پوءِ گول ڦرندڙ تيز ڪپ سان هن جي مٿي جي چوڌاري چيھڪ ڏئي کوپڙي کولي سندس ميڄالو ڪڍيو ويو ٿي. 1968ع _1969ع ۾ چين جي بندرگاهه سئم ڪانگ جي مارڪيٽ ۾ اهو ڪم عام ڏٺوسين. بھرحال ملائيشيا ۾ هاڻ ڀولڙن کي ڦاسائڻ تي بندش پوڻ ڪري سندن ڪوس نظر نٿو اچي. باقي نانگ، نوريئڙا ۽ ڪُميون ملائيشيا جي ڪيترن ئي شھرن جي چيني هوٽلن ۾ عام وڪرو ٿين ٿيون.
سڄي چين ۾ (ويندي هانگ ڪانگ ۾) ڪتن جو گوشت عام وڪامي ٿو، سواءِ انهن هنڌن تي جتي مسلمانن جي گهڻائي آهي _ خاص ڪري پاڪستان جي مٿان واري اترهين چين جي حصي ۾، جتي چينين جي مئجارٽي مسلمان آهي. يا هيڏانھن چيني سمنڊ واري پاسي جي ڪجهه شھرن ۾ _ خاص ڪري دئرين بندرگاهه ۾ جتي سوئر به نظر نه آيو، جو اتي مسلمان چينين جو تعداد گهڻو آهي.
اڄڪلهه آمريڪا ۽ ٻين حڪومتن جو ڏکڻ ڪوريا تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. (جتي ايندڙ سالن ۾ اولمپڪ رانديون ٿيڻ واريون آهن) ته ڪتن جو هوٽلن ۾ وڪرو بند ڪيو وڃي. ڪتا ته چين، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان ۾ به کاڌا وڃن ٿا، پر جنھن نموني سان ڪوريا جي هوٽلن ۾ ڪتن جو ڪوس هلي ٿو، ان مان ظلم جي جهلڪ ملي ٿي. ڪوريا جي هوٽلن ۾ گراهڪ لاءِ ڪتو ڪھي گوشت پچائڻ کان اڳ ڪتي کي ڏنڊن سان ماريو وڃي ٿو. ائين ڪرڻ سان هنن جو چوڻ آهي ته ڪتي جو گوشت ٽينڊر (نرم) ٿئي ٿو. هونءَ ڪنھن به گوشت کي نرم ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪچي پپئي جو استعمال ٿئي ٿو. آسٽريليا جھڙن ملڪن ۾ ڪنھن به جانور کي ڪھڻ کان اڳ ڪچي پپيتي جي جيوس جي انجيڪشن لڳائي وڃي ٿي. پر ڪوريا ۾ گوشت ٽينڊر ڪرڻ لاءِ هي عجيب ۽ ظالماڻو نمونو آهي، جيڪو اولمپڪ وارن ڏينھن ۾ ڪوريا جي حڪومت کي دنيا اڳيان شرمندو بنائي سگهي ٿو. ذرا تصور ڪريو دنيا جي ملڪن جا رانديگر ۽ تماشبين ڪوريا جي شھر سيول ۾ گهمڻ وقت هوٽلن جي پٺيان موچڙن لڳڻ ڪري ڪتن جا ڪوڪڙاٽ ٻڌي، ڏکڻ ڪوريا لاءِ ڇا اثر وٺندا.
چين ۽ ڪوريا جي پھرين Voyage (سفر) ۾ مون پنھنجي ڪليگ انجنيئر عبدالصمد کي چيو هو: ”يار هي ڪھڙا ماڻهو آهن، جيڪي ڪتي جو گوشت ٿا وڪڻن!“
عبدالصمد ٽوڪ واري انداز ۾ کلندي چيو: ”پاڻ کان ته بھتر آهن. گهٽ ۾ گهٽ ڪوڙ ته نٿا ڳالهائين _ ڪتي جو گوشت ڪتي جي ئي نالي ۾ وڪڻن ٿا. پاڻ وانگر ٻڪري، رڍ جي نالي ۾ ڪتي جو گوشت ته نٿا وڪڻن. گابي ۽ وَڇَ جي نالي ۾ گڏهه جو گوشت ته نٿا وڪڻن؟“
ياد رهي ته انهن ڏينھن ۾ نوابشاهه جي هڪ واقعي جي خبر سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي هئي ته نوابشاهه کان مردار گڏهن جو گوشت ڪراچيءَ ۾ بيف (ڳئون جي گوشت) جي نالي ۾ وڪامي ٿو.

منھنجي زبان سک

بي بي سي لنڊن جي هڪ ٽي وي سيريز Mind your Language ايشيا، آفريڪا توڙي يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڏاڍي مشھور ٿي هئي. ان ۾ لنڊن ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي رهاڪن کي نائيٽ اسڪول ۾ انگريزي سکندي ڏيکاريل هو. هڪ پروگرام ۾ هڪ عرب_ جيڪو پاڻ ته آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ آهي ۽ سٺي انگريزي ڳالهائي ٿو، پنھنجي گلاسگو جي اسڪاٽ ڊرائيور کي ان اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ وٺي اچي ٿو، جيئن هو صحيح انگريزي ڳالهائڻ سکي، جيڪا سندس عرب مالڪ سمجهي سگهي.
گلاسگو ۽ اسڪاٽلينڊ جي ٻين شھرن جا رهاڪو انگريزي ڪجهه مختلف لھجي ۾ ڳالهائين ٿا ۽ اسان جھڙن ايشين لاءِ انهن جي انگريزي سمجهڻ واقعي ڏکيو ڪم آهي.
اسڪول وارا جهجهي ناڻي جي آڇ تي ڊرائيور کي داخل ته ڪن ٿا پر انگريزي سيکارڻ وارو سندن انگريز ماستر ان اڌ مغزي اسڪاٽ ڊرائيور کي انگريزي سيکارڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. نيٺ اسڪول جي پرنسپال بيزار ٿي عرب کي عرض ڪيو: ”سائين! هيئن ڇو نٿا ڪريو ته هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ هو توهان جي انگريزي سکي، ان کان ته توهان گلاسگو وارن جي لھجي جي انگريزي سکو.“ ۽ پوءِ ٻئي ڏينھن کان لاچار عرب صاحب ڊرائيور جي لھجي واري انگريزي سکڻ ۾ لڳي ويو.
ملائيشيا پھچڻ سان مون سان به ڪجهه اهڙي ئي جٺ ٿي. آچر (موڪل) جي ڏينھن گهر ۾ ڪم لاءِ ايندڙ پوڙهي ملئي مائيءَ کي انگريزي سکڻ لاءِ ڏاڍو چيم ته هوءِ ڀڳل سڳل ۽ غلط انگريزي ڳالهائڻ بدران ڪجهه بھتر سکي وٺي، جيئن اسان هڪ ٻئي جي ڳالهه چڱي طرح سمجهي سگهون. پر مجال آهي جو هوءَ ان ڏس ۾ کڻي ٿوري به ڪوشش ڪري. هڪ ڏينھن جڏهن گهڻو چيو مانس ته بيزار ٿي چوڻ لڳي:
”آئون سڄو ڏينھن ورڪ ڪريان ٿي. بزي بزي آهيان _ انگريزي سکڻ جو نو ٽائيم. تون واندو آهين. يو نو ورڪ. تون ڇو نٿو منھنجي ملئي زبان سکين؟“
اهو ٻڌي مون کڻي چپ ڪئي.

ڪھڙو ڦر نئنسيءَ جو آهي!

ملائيشيا جي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ رول ڪتو ڪو ورلي نظر ايندو. اهي ڳوٺ جن ۾ چيني رهن ٿا، انهن وٽ ڪتا ضرور آهن پر پالتو. باقي ملئي ماڻهن جي ڳوٺن توري پاڙن ۾ رول يا پالتو ڪتا بنھه نظر نه ايندا.
ملئي ماڻهن جي ڳوٺن ۾ ڪتي نه هجڻ جو هڪ ته وڏو سبب اهو آهي ته هتي جا ملئي سڀ مسلمان آهن ۽ هو ڪتو پالڻ خراب سمجهن ٿا. ٻيو ته رول ڪتي مان بيماري پکڙي ٿي. چيني ماڻهو جيڪي ڪتي پالڻ جا شوقين آهن اهي به رول ڪتي کي برداشت نٿا ڪن. هتي جي شھرن ۾ جيئن ئي رول ڪتن جو تعداد وڌڻ لڳندو آهي ته ميونسپل وارا ان کي گهٽائي ڇڏيندا آهن.
چينين کان علاوه اهي انڊين (ڏکڻ هندوستاني) جيڪي لڊانگ گيتاخ (رٻڙ جي پوک) ۾ ڪم ڪن ٿا يا ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ رهن ٿا، اهي پڻ چوڪيداريءَ خاطر ڪتو پالين ٿا. پر ڪتي پالڻ بابت هتي قاعدو قانون ايترو ئي سخت هي جيترو يورپ، آمريڪا، جپان ۽ سنگاپور پاسي. يعني ان کي گهٽيءَ ۾ کليل ڇڏڻو ناهي، جيئن اجايو ڀونڪي پاڙي وارن جي آرام ۾ خلل نه وجهي. وقت اندر مقرر دوا جون سيون هڻائڻيون آهن، جيئن بيماريءَ کان ڪتو آجو رهي وغيره.
باقي ملائيشيا ۾ ٻلا آزاد گهمندي ڦرندي نظر ايندا. نه فقط گوشت ۽ مڇي مارڪيٽن ۾ پر هوٽلن، هاسٽلن، رستن ۽ گهرن ۾ جام نظر ايندا. خاص ڪري ملئي ماڻهو کين وڏي چاهه سان پالين ٿا. اسان ڌارين ملڪن کان آيل همراهن کي جيڪي رهائش لاءِ گهر مليا، انهن ۾ پھرين اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملئي ماڻهو رهيل هئا، جيڪي ويندي وقت پٺيان ڪيترائي ٻلا ڇڏي ويا. انهن ٻلن ڏي ڪجهه ڏينھن ته نون آيلن جو ڌيان نه ويو، پر پوءِ سڀ اچي تنگ ٿيا جو هو سڄي رات نه فقط گهٽيءَ ۾ ميائون ميائون ڪندا هئا پر پوءِ کاڌي لاءِ گهرن جو ڄاريون ڇني اندر اچڻ لڳا. يا در اڳيان رکيل ٻھر جي باردي هاري ڇڏيندا هئا. سڀ چوڻ لڳا ته ملئي ماڻهن کي اهڙا ٻلا پالڻ جو ڪھڙو ڪم هو جن کي پاڻ سان کڻي وڃڻ بدران اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿن. هڪ ڏينھن ڳڻياسين ته اسان جي پاڙي ۾ ننڍا وڏا پنجويھه ٿيا.
انهن مان جان ڇڏائڻ جو ڪم مون مٿي تي کنيو ۽ هفتي اندر ٽي ٽي چار چار ٻلا هر واري ۾ ڪار جي ڊڪيءَ ۾ وجهي ڀر واري ڳوٺ ’مسجد تاناح‘ جي مڇي مارڪيٽ ۾ ڇڏي آيس. پاڙي ۾ رهندڙ سڀني سک جو ساهه کنيو. سڀني واهه واهه ڪئي ۽ منھنجي پٺي ٺپري داد ڏنو.
ڪجهه ڏينھن بعد اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ انڊين ڪئپٽن ڏياريءَ جي دعوت ڪئي، جنھن ۾ انهن کي به گهرايائين جيڪي اسان وارن گهرن ۾ پھرين رهندا هئا (۽ ٻلا ڇڏي ويا هئا). انهن ۾ گهڻ ڳالهائو طاهر الدين به هو. هو مانيءَ بعد هيڏانھن هوڏانھن جي لٻاڙ هڻي رهيو هو ته نڄاڻ هڪ ڪن ڪٽيو ٻلو _ جيڪو خبر ناهي مون کان ڪيئن رهجي ويو هو _ سندس پيرن وٽان اچي لنگهيو. اتفاق وري اهڙو جو اهو ٻلو طاهر الدين جي پاليل فوج مان هڪ هو. پنھنجي ٻلي کي سڃاڻي کيس هنج ۾ ويھاريائين ۽ پيار سان هٿڙا گهمائي اسان کان پڇڻ لڳو:
”نئنسي ڪٿي آهي؟“
”ڪھڙي نئنسي؟“ ڪئپٽن لين ريگو حيرت مان پڇيس.
”نئنسي! هن ٻلي جي مسز.“ ۽ پوءِ هيڏانھن هوڏانھن ان جي پونگڙن جي ڳولا جاري رکندي پڇيو: ”ائنڊ ويئر آر ٽائرو، جولين، جيري ائنڊ ادر بئائز؟“ (۽ ڪٿي آهن ٽائرو، جولين، جيري ۽ ٻيا نينگر؟) هاڻ کيس ڪھڙو جواب ڏيون ته تنھنجي انهن لاڏلن کي ڏيھه نيڪالي ڏيئي ڇڏيسين. ٿوري دير بعد وري ساڳيو سوال ڪيائين ته سڀ مون ڏي ڏسڻ لڳا.
ڀر ۾ ويٺل ڪئپٽن لين ريگو ۽ ڪئپٽن نندڪر کي اک ڀڃي اڙدوءَ ۾ چيم: ”ٻيلي ڏاها ٿيو. ڳالهه ٽاري ڇڏيو. ٻلا وڃي ’مسجد تاناح‘ ڳوٺ جي مڇي مارڪيٽ ۾ سکيا ٿيا. اجايو هن ملنگ ڦڏو ڪيو ته هن وقت ڪٿان ايندا اهي ٻلا؟“ تڏهن وڃي بچ بچاءُ ٿيو. نه ته هن پنھنجي پر ۾ ٻه ڊزن ٻلن جو تحفو ڇڏي اسان تي وڏو احسان ڪيو هو ۽ هاڻ ويٺو هو انهن ٻلن جي انڪوائري ڪرڻ.
طاهر الدين جڏهن اٿيو ته ڪئپٽن لين ريگو به خارن مان چيو: ”کانئس ڪير پڇي ته تحفي ۾ هڪ يا ٻلا ڏبا آهن يا يڪا پنجويھه ٽيھه_ سي به هڙيئي ميڊيڪلي Unfit! ڪي ڪن ڪٽيل ته ڪي پڇ ڪٽيل. ۽ هيڏي ڌڻ پونگڙن ۾ اسان کي ڪھڙي خبر ته ڪھڙو ڦر نئنسيءَ جو آهي ته ڪھڙو ڦر فئنسيءَ جو_! “

اهڙي شاديءَ مان ڪھڙو فائدو؟

ملائيشيا جي سڀ کان گهڻو هلندڙ انگريزي اخبار ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون خبرون به کليو کلايو اچن ٿيون، جيڪي شايد اسان وٽ شام جي اخبارن ۾ به ائين شدَ مدَ سان نه اچن.
تازو ڪالهه جي اخبار ۾ هتي جي خبر رسان ايجنسي_’برناما‘ جي حوالي سان هڪ خبر آيل هئي. عنوان هوس: ”ٻلي جي چڪيل ماڻهوءَ جي صحت ۾ سڌارو.“ خبر ڪجهه هن ريت هئي:
تائيپنگ (شھر جو نالو) سومر، 35 سال عمر واري هڪ همراهه جي حالت سڌري رهي آهي، جنھن جي ذاتي عضوي کي ڪمپونگ توپائي ڳوٺ ۾ ڇنڇر ڏينھن هڪ ٻلي چڪي وڌو هو. سندس هڪ ويجهي مائٽ ٻڌايو آهي ته هن جي حالت هاڻ گهر ۾ ئي سڌري رهي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته گهر جا ڀاتي ان پالتو ٻلي کي هرگز نه ڪڍندا جو اهو سانحو هڪ حادثو چئبو، جنھن ۾ غريب ٻلي جو ڪو به ڏوهه ناهي. هن ٻڌايو ته اهو ”تومپاڪ“ نالي وارو شيرو ٻلو ڏيڍ سال کان هن گهر ۾ پالتو جانور وانگر رهندو اچي.
اهو قصو هن ريت ٿيو ته همراهه گوڏ پائي منجهند جي وقت وڻ هيٺان ستو پيو هو ته هوا جي زوردار جهوٽي تي سندس گوڏ مٿي کڄي ويئي. تومپاڪ ٻلو جيڪو ڀر ۾ ئي ويٺو هو، خبر ناهي ڇا سوچي لامارو ڏيئي کڻي سندس خاص عضوي کي چڪ پاتو. ان بعد همراهه کي بيھوشيءَ جي حالت ۾ امالڪ ڀر واري اسپتال ۾ پھچايو ويو _ ’برمانا‘ (خبر رسان ايجنسي).
اها خبر جيئن ته پھرين ئي صفحي تي نمايان طور ڏنل هئي، ان ڪري آفيس ۾ پھچڻ سان هر هڪ جي نظر مان گذري. ڏهين بجي چانھه تي سڀني جي وات تي اها ڳالهه هئي. اسان واري انڊيا جي سِک ڪئپٽن تيجپال سنگهه چيو ته اهو جانور ”پالتو“ ته چئي نٿو سگهجي. پالتو جانور پنھنجي مالڪ کي ڪڏهن به نقصان نه رسائيندو آهي.
سريلنڪا جي ڪئپٽن مانيڪ رڊرا ڪمار چيو: ”ٻلي کان ته ڪتو پالجي جيڪو واقعي وفادار ۽ انسان دوست جانور آهي.“
تنھن تي پوڙهي برمي ڪئپٽن پيٽر چيو: ”بابا ڪيئن ٿا چئو ته اهو پالتو ٻلو همراهه جو خير خواهه نه هو. هوا ۾ گوڏ کڄڻ تي ٻلي کي ڪھڙي خبر ته اهي ٽپڙ سندس مالڪ جا آهن. ٿي سگهي ٿو ته هن ان کي پھريون دفعو ڏسڻ ڪري سمجهيو هجي ته اهو ڪو ڪوئو، سانڊو يا ڪا ٻي بلا آهي! سو مالڪ جي جان بچائڻ لاءِ هن هڪدم کڻي ان تي حملو ڪيو. ان ۾ ٻلي جو ڪھڙو ڏوهه؟“
سڀ اچي کِل ۾ پيا. سک ڪئپٽن سڀ کان وڏا ٽھڪ ڏيندي آهستي چيو: ”پوءِ ته چڱو جو همراهه ڪتو نه پاليو نه ته ان جو چڪ رسيس ها ته حالت سڌرڻ بدران ٻئي جھان ۾ هجي ها.“
ڪانفرنس روم ۾ آياسين ته اسان جو ڪليگ _ هتي جو چيني انجنيئر مسٽر لائوسينگ پنھنجي هڪ ملئي دوست آفيسر کي فون ڪرڻ ۾ رڌل هو. پاڻ به اخبار ۾ اها خبر پڙهي چڪو هو تڏهن ته جيئن ئي ملئي همراهه فون کنيو ته مسٽر لائوءَ کلندي چيس:
”انچڪ (مسٽر) يوسف! سڀان کان سرونگ (گوڏ) ٻڌي نه سمهجانءِ.”
جواب ۾ هن ته الاهي ڇا وراڻيس پر لائوءَ چيس:”بھرحال جي پاڻ جھڙو ٿلهو ٻلو نه پاليو اٿئي ته پوءِ ڀلي سرونگ پائي سمهجانءِ.“
ان سان ڳالهائي بس ڪيائين ته اسان سان گڏ بيٺل فزڪس جي هڪ ملئي ليڪچرار کي راز واري انداز ۾ چيائين ”انچڪ محمد صالح گوڏ پائي سمهڻ مھل هاڻ تون به خيال رکجانءِ _ خاص ڪري جي تکي هوا ۽ جهڪ لڳي رهي هجي ته.“
”اسان کان وڌيڪ،“ هن وراڻيس، ”توهان چينين کي خبردار رهڻ کپي جيڪي ڪڇا پائي سمهو ٿا ۽ وري پاليو به رڇن جھڙا ڪتا ٿا.“
بھرحال سڄو ڏينھن اها خبر چرچي طور گشت ڪندي رهي _ نه فقط مردن ۾ پر آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ پڻ _ خاص ڪري اهي ڇوڪريون شڪي ٿي رهيون هيون جيڪي آفيسن ۾ ملئي ڊريس _ سرونگ (گوڏ) ٻڌي اچن ٿيون.
منجنهد مھل موٽي پنھنجي آفيس ۾ آياسين ته اسان جي پاڪستاني چيف انجنيئر آصف غيور ويھڻ سان چيو: ”يار ڪمال آهي هتي جي اخبارن ۾ سياسي يا عالمي خبرون گهٽ باقي ان قسم جون جام اچن ٿيون ته پتالنگ جايا شھر جي هڪ لفٽ ۾ نرس هڪ نوجوان عاشق کي چڪ هڻي چپ وڍي ڇڏيو _ جنھن هن کي ڀاڪر پائي زوريءَ چمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. يا وري ڪئانتان شھر ۾ هڪ زال پنھنجي مڙس کي ٻي ڇوڪريءَ سان عشق ڪرڻ جي ساڙ ۾ رات جو ننڊ ۾ هن جو خاص عضوو ڏاڙهي ڪوڙڻ واري پاڪيءَ سان ڪپي ڇڏيو ۽ آڌيءَ رات جو دانھن ڪوڪن تي پاڙي وارن رتوڇاڻ حالت ۾ کيس اسپتال پھچايو ۽ پوليس غائب ٿي ويل زال ۽ پاڪيءَ جي ڳولا ۾ آهي.
“يا وري فلاڻي شھر جي نوي سالن جي پوڙهي حاجي عثمان بن احمد اسي سالن جي حاجاڻي فاطمه بنتي غزاليءَ سان شادي ڪئي آهي. سندس عشق سٺ سال پراڻو هو پر شادي تڏهن ان ڪري نه ٿي سگهي جو فاطمه جي شادي مائٽن ڪنھن ٻئي سان ڪرائي ڇڏي ۽ حاجي صاحب پنھنجي سوٽ سان في الحال وڃي پرڻيو. جيڪا يارهن سال اڳ فوت ٿي ويئي ۽ هاڻ جڏهن فاطمه جو مڙس گذريل سال لاڏاڻو ڪيو ته هنن پراڻن عاشقن هڪدم قاضيءَ کي گهرائي پنھنجو نڪاح پڙهائي ورتو.“
هندوستان کان آيل اسان جو هڪ ڪليگ چيف انجنيئر راج ببر جيڪو ان وقت آفيس ۾ گهڙيو، تنھن آصف غيور جي اها آخري خبر ٻڌي وراڻيو: ”اهڙي شادي ڪھڙي فائدي جي؟ ان شاديءَ ۾ حاجي صاحب کي فقط موڙ ٻڌڻ ۽ گهوڙي تي چڙهڻ نصيب ٿيو هوندو، باقي ٻيو مڙيئي خير! ان شاديءَ مان نه دائيءَ جي ڪمائي ۽ نه وري ٻار تي نالو رکڻ واري مُلئين جي خرچي.“

ملاڪا شھر جو گائيڊ سان گڏ سير

ايشيا ۽ پئسفڪ سمنڊ جي مختلف ٻيٽن کان، جيڪي IMO سيمينار لاءِ نمائندا، اسان وٽ ملاڪا جي مئريٽائيم اڪيڊمي ۾ آيا هئا، انهن جي لاءِ هڪڙي آچر تي ’ڪوالالمپور‘ گهمائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو ۽ هاڻ هن ٻئي آچر تي ’ملاڪا‘ شھر جي چڪر جو پروگرام رکيو ويو.
ملاڪا واري چڪر تي، ڌارين ملڪن کان آيل مھمانن سان گڏ، آئون به نڪتس. ملاڪا شھر ٺٽي، روهڙي، دهلي، بنارس جيان تواريخي شھر آهي. گذريل ٽن سالن ۾ اڪيلي سر ته ڪيترائي چڪر هڻي چڪو هوس پر هڪ گائيڊ سان گڏ گهمڻ ۾ اهو فائدو آهي ته جيڪا رهيل عمارت هجي، اها ۽ ان بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. ساڳي وقت مون اهو به ڏسڻ چاهيو ٿي ته سڄو وقت هڪ گائيڊ مسافرن کي وندرائڻ لاءِ نت نيون ڳالهيون ڪيئن کوٽي کوٽي ٻڌائي ٿو. اها ته پڪ هيم ته هن گهمڻ ۾ نه فقط هڪ پڪنڪ جو مزو هو پر مختلف هنڌن ۽ ملڪن جي ماڻهن سان سندن ملڪن ۽ ٻيٽن بابت پڻ خبرچار ڏيئي وٺي سگهياسين ٿي. ۽ اهي مھمان هئا وري ڪير؟ سڀ ڪنھن وقت جا جھازي هئا ۽ هاڻ پنھنجن پنھنجن ملڪن ۾ ڪو جھازرانيءَ جي آفيس ۾ ڪارگو سپرنٽينڊنٽ ٿي ويو هو ته ڪو جھاز سازيءَ جي ڪارخاني (شپ يارڊ) ۾ مئرين ڊپارٽمينٽ جو مئنيجر. ڪو ناٽيڪل (نيويگيشنل) سبجيڪٽ جو ته ڪو مئرين انجنيئرنگ جو ممتحن. ڪو پنھنجي ملڪ جي جھازن جي چڪاس ۽ سلامتيءَ جو اعليٰ سروير، ته ڪو اتي جي مئرين ڪاليج يا اڪيڊميءَ جو پرنسپال. ۽ اها ته پھرين ڏينھن ئي خبر پئجي ويئي هئي ته U.N.O طرفان آيل ڪئپٽن اندرجيت سنگهه، برونائيءَ کان آيل وانگ حاجي احمد، اپوح ملائيشيا کان آيل چيف انجنيئر مصطفار جھڙا جيڪي سيمينار هال ۾ ته بيحد سنجيده ٿي ويٺا ٿي ۽ لڳو ٿي ته هنن کليو ته ڇا پر سڄي زندگي ڪڏهن مُرڪيو به نه هوندو، تن هال کان ٻاهر نڪرڻ مھل سڀ کان گهڻو کل ڀوڳ ۾ حصو ورتو ٿي.
IMO جي سيمينار ۾ حصو وٺڻ وارن نمائندن کان علاوه اهي ڇوڪريون به گهمڻ لاءِ هليون، جيڪي سيڪريٽريٽ جا فرض ادا ڪري رهيون هيون_ يعني جن شارٽ هئنڊ، ٽائپنگ، فوٽو ڪاپنگ جھڙا ڪم ڪيا ٿي. انهن ۾ هڪ ويھه ٻاويھه ورهين جي ملئي ڇوڪري نور هاشيما نالي پڻ هئي. پاڻ نه فقط چرچائڻ آهي پر مڙني ۾ سھڻي پڻ آهي. ان ڪري آيل مڙني نمائندن، سيمينار هلڻ دوران، نه فقط کيس ٽيڏين اکين سان هر هر ڏٺو ٿي، پر رسيس ۽ مانيءَ جي وقفي مھل مٿس سينڍون به وڄائي ورتيون ٿي. پڪ اٿم ته تووالو، ونتائو، سولومن ۽ فجي جھڙن ٻيٽن کان آيل نمائندا _ جيڪي پنھنجي ننڍڙن ٻيٽ نما ملڪن کان سڌو هتي پھتا هئا ۽ ملائيشيا جو ڪو وڏو شھر گهمڻ بنا سڌو واپس هليا ويندا، سي فقط نور هاشيما کي ڏسي پنھنجي ملڪن ۾ ملئي ڇوڪرين جي حسن جي ڏاڍي واکاڻ ڪندا.
نورهاشيما_ جيڪا آفيس ۾ فقط ’شِيما‘ جي نالي سان سڏجي ٿي، ملاڪا هلڻ کان هڪ ڏينھن اڳ منھنجي آفيس ۾ مون کان پڻ پڇڻ آئي هئي ته آيا آئون به ملاڪا جي سير لاءِ هلندس يا نه. منھنجي حيثيت مھمان جي به هئي جو ڌارئين ملڪ کان آيل آهيان ته ميزبان جي به_ جو هتي ٽن چئن سالن کان رهيل آهيان ۽ نوڪري ڪري رهيو آهيان. مون هائوڪار ڪندي کانئس پڇيو، ”ٻيا ملاڪا وڃن ته ڀلي وڃن، پر تون ڪھڙو ڦاهو ڦڪڻ لاءِ هلي رهي آهين؟ تون ته ڄائينءَ نپنيئنءَ ئي هتي!“
”بس آئون وري مڙس ڳولڻ جي مِشن تي نڪران ٿي.“ هن کلندي چيو، ”ڪو ڇڙو سجهنئي ته اشارو ڪجانءِ ته ان کي وڃي پاسو ڏيان.“
”ڏاڍي ٻڌايئي،“ مون چيومانس. “چئبو ته ان ڪم لاءِ پنھنجي آفيس مان هلي ملي مون وٽ آئي آهين؟“
”ها. هڪ ته اهو ڪم سمجهه. ٻي ڳالهه اها ته سڀاڻي گهران اڪيڊميءَ ۾ اچي بس ۾ چڙهڻ بدران آئون گهر اڳيان ئي بيٺي هونديس. بس جڏهن اسان جي گهر ويجهو ٿئي ته ڊرائيور کي بس روڪڻ لاءِ چئجانءِ ته جيئن آئون چڙهي پوان.“
شيما جو گهر اڪيڊميءَ کان ملاڪا شھر ڏي ويندڙ رستي تي آهي. گذريل سال سندس شادي پنھنجي ماسات سان ٿي هئي ته اڪيڊميءَ جا اسين ڌارين ملڪن جا ماستر (ليڪچرر) پڻ، لفافن ۾ پنج پنج ڊالر _ هتي جي رسم موجب شاديءَ جو تحفو _ کڻي سندس گهر پھتا هئاسين. پاڻ ملئي ڪنوار جي روپ ۾ سجيل هئي ۽ آيل ويل سان فوٽو ڪڍرائي رهي هئي. اسان به ماني کائي گهوٽ ڪنوار کي مبارڪ به ڏني ته فوٽا به ڪڍراياسون. ٻئي ڏينھن خبر پيئي ته شيما مڙس سان گڏ رات گذارڻ بدران سج لٿي کان اڳ ئي ٽن وڳن ۾ بس ۾ چڙهي ڪوالالمپور هلي ويئي. پاڙي پتيءَ جي ماڻهن کان خبر پئي ته هوءَ ان شاديءَ مان خوش نه هئي. مائٽن زور ڪيس ان ڪري هن هائوڪار ڪري شاديءَ جي رسم پوري ڪئي. باقي سندس عشق ڀر واري ڳوٺ جي هڪ فٽ بال رانديگر سان هو ۽ ان سان ئي هن شادي ڪرڻ چاهي ٿي.
پنج ڇھه ڏينھن بعد هوءَ آفيس موٽي. هٿن تان اڃا مينديءَ جو رنگ به نه لٿو هوس. وڏي وات دنيا جھان جون خبرون ڪندي رهي. ڪنھن ٽوڪيس به ڪونه. ملائيشيا جي ماڻهن جي انگريزن وانگر اها سٺي ڳالهه آهي ته ذاتي ڳالهين ۾ دخل اندازي نٿا ڪن. سڀ ڪجهه خبر هوندي به ڪنھن نه سوال ڪيس ۽ نه وري ڪنھن شڪي ڪيس. ڪئپٽن ذوالفقار کي چيم ته شيما ڪم پاڪستاني هندوستاني فلمن وارو ڪيو آهي. پر پڇينس ته جڏهن ماسات سان شادي نه ڪرڻي هئي ته هن غريب مڙس ۽ پنھنجو پاڻ کي شاديءَ جي خرچن ۾ ڇو وڌءِ.
جواب به فلمن وارو ئي ڏنائين: “ماءُ پيءُ جي آس پوري ڪرڻ لاءِ مون شاديءَ جي رسم پوري ڪئي. باقي آئون هينئر به اهڙي Vigrin آهيان جھڙي پھرين هيس.”
کلي چيومانس: ”گهوٽ ۽ ڄاڃين سان فوٽا ته ائين پوزن ۾ ڪڍرائي رهي هئينءَ ڄڻ اهم تواريخي فوٽا فريم ڪرائي رکڻا هجنئي.“
“Tidak_Apa” (ملئي لفظ ’تداق آپا‘_ يعني پرواهه ناهي) ۽ پوءِ کلي چيائين: ”انجنيئرنگ جي ڪنھن ڇڙهي ملئي شاگرد جو مونسان تعارف ته ڪراءِ. منھنجي هڪ ساهيڙيءَ به مئرين انجنيئر سان شادي ڪئي آهي.“
”۽ فٽ بال رانديگر جو ڇا ٿيندو؟“ مون پڇيومانس.
”اها ڳالهه ماڻهن ويھي گهڙي آهي.“ هن وراڻيو.
منھنجي شاگردن مان ڪو شيما سان ملي يا نه ان کان اڳ اڄ ڏينھن تائين هن جا انيڪ ماڻهن سان معاشقا ٿيندا رهيا آهن، جن جون دلچسپ اوائلي Proceedings هوءَ مون کي هميشه ٻڌائيندي رهي آهي. پر انهن معاشقن مان ڪو به عروج تي اڃا نه پھتو آهي، جو کڻي ڪنھن قاضيءَ کي گهرائڻو پوي ۽ اسان لفافي ۾ پنج ڊالر ۽ مٿي تي ملئي ڪاري ٽوپي (Songkok) رکي شاديءَ جي ماني هڪ دفعو وري سندس گهر کائڻ لاءِ وڃون. ۽ هاڻ هوءَ به ملاڪا شھر جي سير تي جھازين سان گڏ هلي رهي هئي.
اڪيڊميءَ کان بس جي ڇڏڻ جو وقت صبح جا ساڍا اٺ وڳا هو. مسافرن کي کڻڻ لاءِ بس هاسٽل جي ان هنڌ تي اچي بيٺي جتي ڌارين ملڪن کان آيل نمائندا رهيل هئا. ٿيلهي ۾ ڪاپي پينسل ۽ ڪيئميرا وجهي آئون به بس تي پھتس. بس ۾ اڃا رڳو مالديپ ٻيٽ جو احمد شريف ۽ سموئا (Samoa) ٻيٽ جو ڪئپٽن پول سئمي ويٺل هئا. بس جي در وٽ بيٺل ٿلهي ملئي ڊرائيور سلام ڪري هٿ ملايو. ان سان گڏ هڪ چيني ڇوڪري پڻ بس مان لٿي ۽ Selamat dating (سَلامت داتنگ) چئي، هٿ ملائي پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي: ”آئون توهان جي ٽوئرسٽ گائيڊ مس ’هو_پيڪ_ چو‘ (Ho-Peek-Cho) آهيان.“ هن صاف انگريزي ۽ سٺي لھجي ۾ ڳالهايو. اتي ٻيا همراهه به اچي گڏ ٿيا جن سان پڻ هوءَ مرڪندي ملي ۽ فري نموني سان ڳالهائيندي رهي. ڪنھن چرچو ڪيس ٿي ته ان کي چرچي ۾ جواب ڏنائين ٿي. سيمينار جو پوڙهو انچارج ڪئپٽن اندرجيت سنگهه جيڪو ملاڪا گهمڻ لاءِ هڪ ڏينھن اڳ نالو ڪٽائي چڪو هو ۽ مسافرن جي پارت لاءِ مون کي چيو هئائين، هڪ دفعو وري پارت ڪرڻ لاءِ مون وٽ آيو. چيني گائيڊ ڇوڪريءَ کانئس نه هلڻ جو جڏهن سبب پڇيو ته کلي وراڻيائينس: ”مون کي خبر هجي ها ته تو جھڙي ٺاهوڪي ڇوڪري گائيڊ طور هلندي ته آئون ضرور هلان ها.“
۽ پوءِ گائيڊ ڇوڪريءَ کي پڻ ڌارين ملڪن کان آيل نمائندن جي پارت ڪندي چيائين: ”هنن همراهن جو خيال رکجانءِ. متان واٽ تي ڪو گم ٿي وڃي.“
ڇوڪري جواب ڏئي ان کان اڳ ’ٽوگا ٻيٽ‘ جي قراقلي ٽوپيءَ جھڙي گهنڊي مٿي واري شيدي ڪئپٽن وراڻيس: ”تون فڪر ئي نه ڪر، اسان پاڻ ئي ڏندين ڏاند آهيون.“
”پر وري به، متان ’ملاڪا جايا‘ جي پُر رونق گهٽين ۾ گم ٿي وڃو.“
ان تي سريلنڪا جي پوڙهي ڪئپٽن هينريڪس ڇوڪريءَ جا ٻئي هٿ پنھنجن هٿن ۾ جهلي چيو:“مون کي ته تون هر وقت پاڻ سان گڏ گڏ ئي رکجانءِ، ڇو جو آءُ جلد وڃائجي ويندو آهيان. I easily get lost. “
ڪئپٽن هينريڪس جي ان ڳالهه ۽ ادا تي سڀ کلڻ لڳا. پاڻ عمر ۾ ڪئپٽن سنگهه کان به وڏو آهي. پنجھٺ ۽ ستر سالن جي وچ ۾ هوندو پر سندس هر وقت کل ڀوڳ ۽ چرچا ڪرڻ کان علاوه ٽينس راند ۾ سڀني سان مقابلو ڪرڻ ڏسڻ وٽان هوندو آهي. آئون نٿو سمجهان ته سريلنڪا جو ڪو اهڙو ماڻهو جنھن جو جھاز سان واسطو هجي، ڪئپٽن هينريڪس کي نه سڃاڻندو هجي. بقول سندس، هڪ سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد جڏهن هو گهر پھچندو آهي ته سرڪار کيس ٻي نوڪريءَ لاءِ سڏائيندي آهي. هن وقت به هو هڪ ئي وقت ڪولمبو بندرگاهه جو هاربر ماسٽر به آهي ته سروير به. هو ايڏو پراڻو آهي جو اسان وٽ هڪ سريلنڪا جو ليڪچرار ’ڪئپٽن مونيڪ رڊرا ڪمار‘ به هن جو شاگرد ۽ هن جي جھاز تي ڪئڊٽ رهي چڪو آهي.
ڪجهه منٽن بعد بس چُرڻ لڳي. ان وقت ڏٺوسين ته اسان وارو يار _ بنگلاديش جو ڪئپٽن فضل الرحمان چوڌري ٽي ماڙ تان پنھنجي ڪمري مان هيٺ لھي رهيو هو. گائيڊ ڇوڪريءَ وري بس بيھاري. ڪئپٽن چوڌري سھڪندو بس ۾ چڙهيو. پھرين ئي سيٽ تي آئون ويٺو هوس. مون کي ڏسي اڙدوءَ ۾ چيائين: ”يار مون نيرن ته ڪئي ڪانهي. هڪ منٽ لاءِ بس ميس وٽ بيھندي ته آئون ڊوڙ پائي ڪا سئنڊوچ کائي اچان؟“
مون گائيڊ ڇوڪريءَ ڏي اشارو ڪندي چيومانس ته ان کي چئه، پر ان کان اڳ گائيڊ ڇوڪريءَ کيس پنھنجي ڀر ۾ ويھاريندي پڇيو: ”هيلو! توهان آهيو ڪئپٽن چوڌري؟“
۽ اسان جو يار، ڪئپٽن چوڌري، جيڪو بُک بُک ڪري رهيو هو سو رڍ وانگر، سڀ ڪجهه وساري، ماٺ ڪري سندس ڀر ۾ ويھي رهيو.
”هيءَ معشوق ڪير آهي؟“ هن اڙدوءَ ۾ مون کان پڇيو. منھنجي پويان مالديپ ٻيٽ جي ويٺل نمائندي اڙدو سمجهي جواب ڏنس: “ اها گائيڊ اٿئي”.
”رڳو مون کي گائيڊ ڪندي يا توهان مڙني کي به؟“
اتي بس ماڳھين ميس جون حدون ڇڏيون ٿي. سو ياد ڏياريندي چيومانس: ”گاڏي بيھار ۽ ڪجهه کائي اچ نه ته رستي تي ماڳھين ان گائيڊ ڇوڪريءَ کي نه کائي وڃين.“
”ها يار! ڳالهه ته واهه جي ڪيئي. مون کان ته ڳالهه ئي وسري ويئي. پر منھنجي سيٽ رکجانءِ. متان ڪنھن کي ويھڻ ڏنو اٿيئي.“
بس، هڪ دفعو وري ترسي. ڪئپٽن چوڌري جيڪو ٿولهه ۾ سڀني کان متارو آهي، هڪ هڪ ڪري ڏاڪو لٿو ۽ ميس مان مکڻ ۽ جئم لڳل ٻه چار ڊبل روٽيءَ جا پترا تڙ تڪڙ ۾ کڻي واپس ٿيو ۽ وري اچي گائيڊ ڇوڪريءَ جي ڀر ۾ ويٺو. ٻين جھازين خاص ڪري برما جي ’سولون‘ ۽ پاپئا نيوگنيءَ جي ’جان ويل‘ سيٽيون وڄائي احتجاج ڪيو ته ڪئپٽن چوڌري هڪ ته دير سان آيو آهي ۽ ٻيو ڇوڪريءَ جي ڀرسان ڇو ويٺو آهي. پر ڪئپٽن چوڌريءَ ڪنھن جو به احتجاج ڪٿ ۾ نه آندو. ڊبل روٽيءَ ۾ چڪ هڻي قراقلي ٽوپيءَ جھڙي مٿي واري شيدي ڪئپٽن کي چيو:
”ڇوڪريءَ پاڻ مون کي ڀر ۾ ويھاريو آهي. توهان سڀني ۾ شريف ماڻهو آهيان نه. ان ڪري.“
منھنجي ڀر واري سيٽ خالي هئي پر ان تي پنھنجو ٿيلهو رکي ڪئپٽن چوڌريءَ کي چيم ته ڇوري جي ٿيلهو ڏيئي ته هيڏانھن منھنجي ڀر ۾ ته هرگز نه وهجانءِ.
گائيڊ ڇوڪريءَ مائيڪ آن ڪري سڀني کي ماٺ ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو جيئن هوءَ هن ملڪ ملائيشيا ۽ شھر ملاڪا بابت اسان ڌارين کي ٻڌائيندي هلي. مس مس جيئن ئي ماٺ ٿي ته اڪيڊميءَ جو ٻاهريون گيٽ اچي ويو. ڀر ۾ ٺھيل گارڊ روم مان سڪيورٽي مئن انچڪ سبتو ۽ عمر نڪري بس ۾ ويٺل ماڻهن کي ڳڻڻ لڳا ته ڪيترا ٻاهر وڃن پيا. گائيڊ ڇوڪريءَ سڪيورٽي واري همراهه کي چيو ته واپسيءَ ۾ هوءَ ملاڪا ۾ ئي ترسي پوندي باقي همراهن کي ڊرائيور وٺي ايندو.
هن جي ائين چوڻ تي هڪ ڪنڊ کان انڊونيشيا جي ڪئپٽن رڙ ڪري چيو ته هو به هن سان گڏ ملاڪا ۾ رهي پوندو ته ٻي ڪنڊ کان ڪوريا جي مئرين پروفيسر ڪئپٽن چانگ دانھن ڪئي. ان بعد جڏهن سڀ ماٺ ٿيا ته سريلنڪا جي ڪراڙي ڪئپٽن آهستي چيو: ”بابا سڀ ۾ سينئر آئون آهيان. گائيڊ ڇوڪريءَ سان ملاڪا ۾ آئون رھي پوندس.“
هڪ دفعو وري سڀ کلڻ لڳا. گائيڊ ڇوڪري به کلندي رهي ۽ کيس واقعي شاباس هجي جو هر وقت خوش طبعيءَ جو مظاهرو ڪندي رهي، جيتوڻيڪ بقول ڪئپٽن چوڌريءَ جي ”رضيه غنڊن ۾ ڦاٿي آهي.“
بس ۾ رڳو چيني گائيڊ ڇوڪري به نه هئي. هڪ ٻه ٻيون ڇوڪريون پڻ هيون. ۽ رستي تي شيما به چڙهي_ اهي سڀ سيڪريٽريٽ ڊپارٽمينٽ جون ملئي ڇوڪريون هيون. مختلف ملڪن کان آيل نمائندن ۾ سڀ مرد هئا سواءِ هڪ ملڪ فلپين جي. فلپين کان مئريٽائيم اٿارٽيءَ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ’مس ليليا بورجال‘ آئي هئي. انهن ئي ڏينھن ۾ فلپين ۾ مارڪوس ۽ ڪوريءَ جي اليڪشن ڪري هنگاما هلي رهيا هئا. هر وقت ٽرانسسٽر ريڊيو سندس ڪن تي هو يا ڪن ريڊيو جي آواز تي! رکي رکي، سنگاپور ۽ ڪوريا جي نمائندن کيس آٿت پئي ڏني. بلڪ آٿت بھاني سڄو وقت چنبڙيا پيا هئس. جيتوڻيڪ ڪن جي چواڻي اهو ڪم پاڪستان کان آيل چيف انجنيئر عارف حسين کي ڪرڻ کپندو هو، جيڪو سيمينار هال ۾ سندس ڀيچي هو. ٻئي هڪ ٻئي جي ڀرسان ويٺا ٿي. ويھڻ جو بندوبست ملڪن جي نالن موجب رکيو ويو هو. پاڪستان ۽ فلپين جا نالا پي (P) سان شروع ٿيڻ ڪري هو ٻئي گڏ ويٺا ٿي. ان P جي چڪر ڪري جتي عارف حسين جي هڪ پاسي اها ’فلپيني‘ دوشيزه ويٺي ٿي ته ٻئي پاسي وري ’پاپئا نيوگنيءَ‘ جو هٽو ڪٽو شيدي ڪئپٽن ويٺو ٿي.
سيمينار جي شروعات ڪرڻ واري رسم ۾ اڪيڊميءَ جي پرنسپال ڪئپٽن حمزه بن نور تقرير ڪندي چرچي ۾ سڀني کي خبردار ڪيو ته ”هيترن جھازي همراهن جي وچ ۾ هڪ ڇوڪري به ويٺل آهي. سو پنھنجي اصليت تي اچي هٿن مان نه نڪرجو، خاص ڪري سندس پاڙي وارا! Try to Behave Nicely.“
ان ڏينھن لنچ تي پرنسپال کي کلي چيم ته مس ليليا جي هڪ پاڙي واري_ يعني پنھنجي پاڪستاني آفيسر _ عارف حسين جي ساک آئون به ڏيندس ته ان جھڙو شريف ماڻهو _ يعني ’پاڙي وارو‘ مس ليليا کي نه ملندو، جيڪو جوانيءَ جي ڏينھن ۾ ٿائلينڊ ۽ سائوٿ ڪوريا جھڙن ملڪن ۾ به نه پاڻ ۽ نه اسان کي ڀٽڪڻ ڏيندو هو، جيتوڻيڪ جھاز جي نوڪري اسان اختيار ئي ڀٽڪڻ لاءِ ڪئي هئي.
ملاڪا شھر ۾ بس هڪ گرجا گهر وٽ پھتي ته مس ليليا _ جيڪا عيسائي آهي، آچر واري عبادت لاءِ گرجا گهر ۾ وڃڻ جوخيال ڏيکاريو. ان تي سنگاپوري به لٿو جنھن کي برما جي چيف انجنيئر شڪي ڪندي چيو: ”هلا اٿئي! تون ليليا جي ڪري چرچ ۾ وڃين پيو.“
هڪ ٻئي رڙ ڪري ليليا کي چيو : “Please pray for me also” (منھنجي لاءِ پڻ دعا گهرجانءِ.)
مس ليليا جڏهن گرجا گهر جي چائنٺ وٽ قدم رکيو ته سريلنڪا جي پوڙهي ڪئپٽن هينريڪس بس جي دريءَ مان منھن ڪڍي چيس:
“Make all confessions. You have been naughty for this week.”
(ياد رهي ته عيسائي، پنھنجي عقيدي موجب پنھنجا ڏوهه بخشائڻ لاءِ ٻائي اڳيان سڀ گناهه باسيندا آهن، جنھن کي Confessions سڏجي ٿو.)
رستي تي شيما سان گڏ، هن پروگرام جو بندوبست ڪندڙ اسان جي اڪيڊميءَ جي ’پبلڪ رليشن آفيسر‘ (PRO) ڇوڪري مس عزيفان پڻ اتان ئي چڙهي. چڙهڻ سان مون کان ملئيءَ ۾ پڇيائين:
”گائيڊ ڇوڪري ڪيئن آهي؟“
”سڀني کي وندرايو ويٺي آهي.“ وراڻيومانس.
”ڪوالالمپور ويندي وقت ’گائيڊ‘ مرد هو. سڀ بور ٿي موٽيا. ان ڪري ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ کي چيم ته گائيڊ ڪا ڇوڪري موڪلجو.“
”۽ ڇوڪري به اهڙي موڪلي اٿن جيڪا جھازين جي سڄي ڌڻ يعني لوفرن کي منھن ڏيو ويٺي آهي.“
چيني گائيڊ ڇوڪري ’هو_ پيڪ_چو‘ ٻاهرين ملڪن کان آيل مھمانن سان چرچا ڀوڳ ڪرڻ کان علاوه رکي رکي ملائيشيا بابت پڻ ٻڌائيندي هلي. رستي تي نظر ايندڙ ملئي گهرن بابت ٻڌايائين:
”انهن جون ڀتيون ڪاٺ مان ٺھيل آهن ۽ ڇت ناريل جي پنن جي اٿن. اهڙا گهر هڪ ته مضبوط رهن ٿا ۽ ٻيو ته گرميءَ ۾ ٿڌا رهن ٿا. ملائيشيا ٽراپيڪل ملڪ آهي. خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري سج جي سخت تپش ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻارهوئي مينھن ۽ جهڙ هجڻ ڪري موسم سٺي رهي ٿي پر جنھن وقت آسمان تي ڪڪر نه آهن ته سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ هي گهر ئي اهڙي وقت سج جي تپش کان بچائي سگهن ٿا. ساڳئي وقت ڪڏهن ڪڏهن لڳاتار مينھن ۽ هوا ڪري ٺار به ٿيو پوي. اهڙي حالت ۾ هي ڪاٺ جا گهر وري اندران ڪوسا رهن ٿا.“
ملئي گهر زمين کان، ڪاٺ جي پاون ذريعي، ٽي چار فٽ مٿي کنيل ٿين ٿا. اهو پھرين به لکي آيو آهيان ته هتي ڪڏهن ڪڏهن گهڻي مينھن ڪري ٻوڏون اچن ٿيون. گهر مٿي هجڻ ڪري پاڻي هيٺان وهي وڃي ٿو. ان کان علاوه گهر جي چوڌاري ۽ هيٺان هوا جو گذر ٿيڻ ڪري گهر وڌيڪ ٿڌو رهي ٿو. گهر جو هيٺيون حصو اسٽور روم طور پڻ ڪم اچي ٿو، جنھن ۾ گهر جو ڀڳل سڳل سامان، بالٽيون، ڪونڊيون، ٻار يا وڏي جي سائيڪل، کاڌو، مڇين ڦاسائڻ جون ڄاريون ۽ رسيون نظر اينديون. سمنڊ جي ڪناري تي رهندڙ مھاڻا ته پنھنجي گهرن هيٺان پنھنجيون ننڍيون ٻيڙيون ۽ سمپان به بيھارين. ڪڪڙيون ۽ بدڪون _ جيڪي پڻ ملئي ڳوٺاڻي گهر (Kampong) جو هڪ اهم حصو آهن، سي سڄو ڏينھن هيڏانھن هوڏانھن چڳڻ بعد رات جو گهر جي هيٺان ئي اچي وهنديون آهن. چور چڪار يا نانگ بلا جي اچڻ تي ڪڪڙين جي ڪڙڪڙ تي مٿي ستل گهر جا مالڪ خبردار ٿي پوندا آهن. پوءِ جي چور هوندو آهي ته پرانگ (Parang) سان ۽ جي نانگ هوندو آهي ته بانس جي ڏنڊي سان ڀڄائي ڪڍندا آهن...
ڇوڪريءَ ڳالهائي بس ڪيو ته سڀني واهه واهه ڪئي. ڇوڪريءَ کين ڳالهائڻ ۽ سيٽيون وڄائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. پاڻ تيسين ساهه پٽڻ لڳي. کيس پنھنجو پاڻ تي پورو اعتماد هو ته جيڪي ڪجهه هوءَ ٻڌائي پيئي اهو دلچسپيءَ کان خالي ناهي جو ليڪچر وقت سڀ ماٺ ڪري غور سان ٻڌي رهيا هئا. مٿين ليڪچر شروع ڪرڻ مھل هوءَ بنگلاديش جي ڪئپٽن چوڌريءَ واري سيٽ تان اٿي ڊرائيور جي ڀرسان اسان ڏي مھاڙ ٿيل ڪرسيءَ تي اچي ويٺي هئي، جيئن ڳالهائڻ مھل سندس منھن اسان مسافرن ڏي هجي. سندس مٿئين ليڪچر بعد ڪئپٽن چوڌريءَ مون کي ڇِي ڇِي جي آواز سان پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائي اُڙدوءَ ۾ پڇيو ته شيما، جيڪا منھنجي ڀر ۾ اچي ويٺي آهي، اها هن جي ڀر ۾ وھندي؟
”ڀر ۾ ڇا شايد بنگلاديش به هلي هلئي،“ مون چيومانس، ”هونءَ به تو جھڙي ٿلهي متاري جي ڀر ۾ ٻيو ڪو ته ويھي نه سگهندو سواءِ انھيءَ سنهڙي شيما جي.“
شيما جنھن منھنجي ڀر ۾ ويٺي ڪدو يا گوگڙو جھڙي مڪروه ڀاڄيءَ جا ٻج ڇلي کاڌا ۽ کلون منھنجي ڪپڙن تي اڇليون يا وري سوئيٽر ويٺي ٺاهيو جنھن جا سوئا ۽ سرايون، بس جي لوڏن ڪري، رکي رکي مون کي ڪک ۾ پئي لڳيون، تنھن پڇيو ته ڪئپٽن چوڌري ڇا ٿو چوي.
”هو جنھن ڏينھن کان ملائيشيا آيو آهي توتي اڪن ڇڪن آهي. هينئر به توسان گڏ ويھڻ چاهي ٿو.“ مون ٻڌايومانس.
”ييس. ييس. ڪئپٽن چوڌري آءِ ايم ڪَمنگ.“ شيما اٿي کڙي ٿي ۽ کيس سندس ٻجن جي ٿيلهي، سئيٽر، سُوئا ۽ ڪکن جي ڇٻڙي جهلرايم، جيئن يڪو لڏي اوڏانھن وڃي ويھي.
ڊرائيور جي پوئين سيٽ تي ڏکيو ويٺل برونائيءَ جو حاجي احمد، شيما جي سيٽ خالي ٿيڻ تي اچي منھنجي ڀر ۾ ويٺو.
بُرونائي ’بورنيو ٻيٽ‘ تي هڪ تمام ننڍڙو ملڪ، اوڀر ملائيشيا جي ’سراواڪ رياست‘ سان مليل آهي. اتي جي رهاڪن جو مذهب ۽ ٻولي بلڪل ملائيشيا جي ماڻهن جھڙي آهي. پر گهڻي پيٽرول نڪرڻ ڪري ڪويت وانگر بيحد امير ملڪ آهي. جنوري 1984ع ۾ انگريزن کان آزادي مليس ۽ سندس بادشاهه _ سلطان حسن البولقياح کيس دنيا جو هڪ ماڊرن ملڪ بنائڻ جي خواهش رکي ٿو. ڏسندي ئي ڏسندي هن ملڪ جتي ٻين ادارن ۾ ترقي ڪئي آهي اتي تعليم جي واڌاري لاءِ پڻ ڪيترائي نوان اسڪول ۽ ڪاليج ۽ ٻيا ادارا کوليا آهن. انهن ۾ مختلف ملڪن جا انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ پروفيسر پڙهائين ٿا. پاڪستان مان پڻ ڪجهه اتي ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ ته خيرپور پاسي جو انجنيئر عبدالشڪور منگي آهي ۽ ٻيو محمد عمر چنڊ_ جنھن کي برونئي جي حاجي احمد صاحب سڃاتو ٿي. ڪجهه دير انهن بابت ۽ برونائي جي حالتن تي ڳالهائيندا رهياسين. اتي ملاڪا جي هڪ پراڻي مسجد تنغقرا آئي جتي لھي ڪجهه فوٽا ڪڍياسين.
انھيءَ دوران گائيڊ ڇوڪريءَ رستي تي نظر ايندڙ ڪيترين ئي شين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي رهي. هڪ هنڌ رٻڙ جي پوک (Ladang-Getah) نظر آئي، جنھن ڏي مسافرن جو ڌيان ڇڪائيندي چيو:
”هي رٻڙ جا وڻ آهن جن مان رٻڙ ڪڍڻ لاءِ هي تامل ڇوڪريون روزانو صبح جو وڻ جي ٿڙ کي چيھڪ ڏيئي اڇو کير جھڙو رٻڙ ڪڍن ٿيون، جنھن کي Latex سڏجي ٿو. ان جو ڦڙو ڦڙو ٿي وڻ مان ٽِمي هيٺ ٺڪر جي ڪٽوريءَ ۾ ڪري ٿو، جنھن مان پوءِ رٻڙ جون مختلف شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. رٻڙ اسان جي زندگيءَ ۾ اهم پارٽ ادا ڪري ٿو. منجهانئس ڪيترائي ڪم ورتا وڃن ٿا. رٻڙ سان اکر ڊاهيا وڃن ٿا. رٻڙ مان بوٽ ٺھن ٿا. جنھن گاڏيءَ ۾ پاڻ هلون پيا ان جا ڦيٿا رٻڙ جا آهن. جنھن هنڌ سمهون ٿا ان جو گاديلو رٻڙ جو آهي.“ ۽ پوءِ مرڪندي چيو: ”۽ اها پڻ حقيقت آهي ته رٻڙ اسان جي آدمشماريءَ کي ڪنٽرول ۾ رکي ٿو...“
ظاهر آهي ان جملي تي هڪ دفعو وري واهه واهه ٿي. پر هن دفعي واهه واهه لاءِ گهڻو وقت ڏيڻ بدران چينائڻ گائيڊ يڪدم ٻي ڳالهه شروع ڪري ورتي. ”رستي تي جيڪي ڪارون ڏسو پيا انهن جي نمبر اڳيان مختلف اکر لکيل آهن. جن اڳيان M آهي اهي ڪارون ملاڪا جون رجسٽرڊ ٿيل آهن. جن اڳيان N آهي، اهي ڀر واري رياست نگري سيمبيلان جون آهن. J واريون جوهور رياست جون آهن _ جتي جو سلطان اڄڪلهه ملائيشيا جو بادشاهه آهي. W واريون وِلايا جون آهن. هي ڪوالالمپور وارو علائقو آهي.“
ٿورو اڳتي جڏهن ملاڪا شھر جي ويجهو پھتاسين ته ڪارن جو تعداد وڌڻ ڪري ٽرئفڪ ترسي ترسي هلڻ لڳي. بلڪ ڪٿي ڪٿي ٿورو جئم ٿيڻ لڳي. گائيڊ ڇوڪريءَ، ڌارين آيل ملڪن کان مھمانن کي ٻڌايو ته سندس شھر ملاڪا جي سوڙهن رستن تي اڪثر ٽرئفڪ هيئن جئم ٿي ويندي آهي. ۽ پوءِ وڏي فخر سان چوڻ لڳي: “ان ڪري ملاڪا لاءِ اهو پھاڪو مشھور آهي ته جيڪو ملاڪا ۾ ڪار هلائي سگهي ٿو اهو دنيا جي ڪنھن به حصي ۾ هلائي سگهي ٿو.”
سندس ان ڳالهه تي ڪٿي ٿا ٻيا اعتراف ڪن. برمي همراهه ٺھه پھه چيو:
“You have not gone to Rangoon.”
اتي ڪورين همراهه رڙ ڪري چيس: ”مائي اسان جي شھر سيول (Seoul) جو شايد نه ٻڌو اٿئي.“ اتي ٿائلينڊ جي همراهه اڃا به وڏي رڙ ڪري ماڳھين اسان کان پڇيو ته بئنڪاڪ جي ٽرئفڪ بابت اسان جو ڇا خيال آهي؟ بئنڪاڪ جي مقابلي ۾ رنگون ۽ سيول واقعي ڪجهه نه آهن. پر جي هاڻ منھنجي ڳالهه ٻڌن ته آئون کانئن پڇان ته ڪراچيءَ جي چاڪيواڙي ۽ لياريءَ ۾ ڪنھن گاڏي هلائي آهي؟ ۽ آئون شايد پڇان به ها پر سامهون ڪلڪتي کان آيل هندوستاني همراهه تي نظر پوڻ سان ڍرو ٿي ويس. جو اهو جي ڪڇي ها ته سڀ ٿڌا ٿي وڃون ها.
ان کان اڳ ڏاهي ڇوڪريءَ هٿ ٻڌي چيو : ”پاڻ ۾ وڙهڻ بدران مون کي معافي ڏيو. ملاڪا جي هيءَ ٽرئفڪ واقعي ڪجهه به نه هوندي ۽ مون رنگون، بئنڪاڪ ۽ سيول ڏٺو ناهي.“
اڳتي هلي ڪئٿولڪ عيسائين جو گرجا گهر آيو. سريلنڪا جي ڪئپٽن هينريڪس رڙ ڪري چيو: ”بس کي ٿورو بيھارجو، آئون ڪئٿولڪ آهيان ۽ انھيءَ چرچ جو جماعتي آهيان.“ ساڻس گڏ هڪ ٻه ٻيا عيسائي به لٿا. شايد هانگ ڪانگ ۽ تائيوان کان آيل نمائندا هئا. بس کان هيٺ لھي، دريءَ وٽ ويٺل شيما کان ڪئپٽن هينريڪس پڇيو:
“Hello! Sweet girl!! Can I pray for you?”
شيما جواب ڏيڻ بدران، هيٺ لھي، هڪ ڳنڍي گولي ’آير باتو چئمپور‘ واري کان ڳنڍو وٺڻ لڳي. ڀر ۾ هڪ پينٽ بشرٽ ۾ چيني ڇوڪِري پڻ اچي ڳنڍو کائڻ لڳي. سندس وار بواءِ ڪٽ نموني ڪتريل هئا.
ڪوالالمپور کان آيل مقامي ملئي پروفيسرنيڪ محمد فخريءَ مون کي چيو ته اهو واهه جو ڳنڍو ٿئي ٿو جنھن کي هتي (ملاڪا) جا ماڻهو چَنڊول سڏين ٿا. هن اسان کي به هيٺ لھي کائڻ لاءِ صلاح ڪئي. ڪئپٽن چوڌري، ايران کان آيل نمائندو _ محمد نعماني ۽ آئون بس مان هيٺ لٿاسين. وڪڻڻ وارو ملباري مسلمان هو جنھن جا ابا ڏاڏا پڪ هندستان جي ملبار ڪناري کان هتي آيا هوندا. يا ٿي سگهي ٿو اڃا به گهڻو اڳ سندس پڙ ڏاڏا يا تڙ ڏاڏا آيا هجن جو ملاڪا ۾ ملباري گهڻو اڳ کان آيل آهن. ڪجهه ته پورچوگيزن جي لشڪر سان به آيا هئا ۽ ملاڪا جي فتح کانپوءِ هتي ئي ترسي پيا.
ملباري همراهه پھرين برف جي ڪاتر ڪري پيالي ۾ وڌي. ان بعد ٿلهيون سويون ۽ هڪ ڳڙ جھڙو گهاٽو شربت منجهس وڌو. ان شربت لاءِ نيڪ محمد فخريءَ ٻڌايو ته اها ملاڪا جي خاص شيءِ آهي ۽ ملاڪا گُولا (Melaka_Gula) سڏجي ٿي. اها ملاڪا نالي وڻ مان نڪتل چاش آهي. هي اهو وڻ آهي جنھن تان هن شھر تي ملاڪا نالو پيو. اسان کي اهو ملاڪا جو ڳنڍو_پيالو هرگز نه وڻيو. شايد پھريون دفعو کائڻ ڪري. بقول ايراني نمائندي جي ”اڃا ٽيسٽ Develop نه ٿيو آهي.“ پر سريلنڪا جي نمائندي چواڻي ”جيئن ته شيما جھڙي Sweet _Girl چشڪا ڏيئي کائي رهي هئي، ان ڪري اسان به اهو ڦاهو ڦڪيو.“
چنڊول کائي واپس بس ۾ ويٺاسين ته ڪئپٽن چوڌريءَ شيما کان پڇيو ته جنھن سان گڏ هوءَ بيٺي هئي اهو ڇوڪرو هو يا ڇوڪِري؟
”ڇو ڪئپٽن چوڌري، ڇوڪرين جھڙا وار ۽ ڪپڙا نه هئس ان ڪري ڇا؟“
”نه. Head-Ligths به صفا نه هئس ان ڪري مون کي لڳو ته متان ڇوڪرو هجي.“
شيما هيڊ لائيٽ (يعني ڪار جي اڳين بتين) واري ڳالهه پھرين ته نه سمجهي پر پوءِ ڏاڍو شڪي ٿي. برمي نمائندي وڏو ٽھڪ ڏيندي ڪئپٽن چوڌريءَ کي چيو: ”شابس هجئي! اسان سمجهيو تون ڳنڍا کائڻ لاءِ لٿو آهين، پر وتين ڇوڪرين جون ڇاتيون ڏسندو.“
هيٺ لھڻ تي اسان جي اڳين سيٽن تي مارشل آئلينڊ ۽ ٽونگا ٻيٽ جا نمائندا اچي ويٺا هئا. سو ايراني نمائندو نعماني ۽ آئون سندن پوئين سيٽ تي وڃي ويٺاسين.
ڪئپٽن نعمانيءَ ٻڌايو ته هو ايران جي پورٽ ائنڊ شپنگ آرگنائزيشن جو مئنيجر آهي. پاڻ تھران ۾ رهي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ويجهڙائيءَ ۾ ايران جي حڪومت، ايران جي ڏاکڻي بندرگاهه ۽ شھر “ڇابھار” ۾ هڪ ناٽيڪل ڪاليج کوليو آهي جيڪو پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۽ ملائيشيا جي هن مئريٽائيم اڪيڊميءَ وانگر آهي. ايران جي جھازن لاءِ ايراني نوجوانن کي مستقبل ۾، هن ڪاليج ۾ تعليم ۽ سکيا ڏني ويندي_ جيڪي في الحال گذريل چند سالن کان پاڪستان، هندوستان ۽ انگلينڊ ۾ جھاز رانيءَ جي تعليم وٺي رهيا آهن.
نعمانيءَ کان پڇيم ته اڄڪلهه ڏينھون ڏينھن سامونڊي جھاز ۽ نوڪريون وڃن بس ٿينديون، اهڙين حالتن ۾ اهڙي قسم جو ڪاليج يا اڪيڊميءَ تي ايڏو خرچ ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟
”ضروري ته واقعي ناهي، پر اڄڪلهه هرڪو ملڪ مئريٽائيم اڪيڊمي کوليو ويٺو آهي. ويندي فجي، پاپئا نيوگني، فلپين، مصر جھڙا ملڪ به! اهڙي قسم جا درسگاهه اڄڪلهه جي دور ۾ ضرورت کان وڌيڪ وڏ ماڻهپي جي نشاني (Status-Symbol) ۽ شان سمجهيا وڃن ٿا. سو اسان جي ملڪ جي حڪومت به ايراني نوجوانن کي هيڏانھن هوڏانھن موڪلڻ بدران ڳري خرچ تي پنھنجي ئي ملڪ ۾ پڙهائڻ چاهي ٿي. پر اسان هن ڪاليج کي الڳ ٿلڳ رکڻ بدران بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ شامل ڪيو آهي، جيئن اڳتي هلي ان ۾ مئرين بائلاجي (سامونڊي جيت جڻيا، جانور ۽ گاهه ٻوٽن) جي پڻ تعليم ۽ کوجنا شروع ڪئي وڃي.“
مون کي ان ڏينھن خبر پيئي ته ايران ۾ هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف بلوچستان“ نالي پڻ آهي.
ملاڪا شھر ۾ ڪلاڪ کن لاءِ بس بيھاري ويئي، جيئن ڌارين ملڪن ۽ ٻيٽن کان آيل هي نمائندا ملاڪا جو سينٽ پال جو پراڻو گرجا گهر، ملاڪا جي سلطانن جو محل، ڊچن جي مندر جو دروازو ۽ ٻيون شيون ڏسي سگهن. ان بعد شھر کان ٻاهر هڪ فائيو اسٽار هوٽل Village- Resort ۾ لنچ لاءِ وٺي هليا.
ان هوٽل ڏي هلڻ لاءِ رستي تي چينين جو قبرستان هو. چيني ماڻهو مئلن کي ساڙڻ بدران گهڻو ڪري زمين ۾ دفن ڪن ۽ قبر، مسلمانن وانگر ڊگهي ٺاهڻ بدران گول ٺاهين جنھن جو قطر گهٽ ۾ گهٽ ماڻهوءَ جي قد جيڏو رکيو ويندو آهي. ان گول دائري جي وچ تي قبر کي ڪجهه اڀاميل رکيو ويندو آهي جيئن ڳورهاڙي عورت جو پيٽ ٿئي ٿو.
چينائڻ گائيڊ ٻڌايو ته چيني قبر کي عورت جي پيٽ وانگر ان ڪري ٺاهين ٿا جو هنن جو اهو فلسفو آهي ته هرهڪ، ماءُ جي پيٽ ۾ ڄمي ٿو ۽ مرڻ بعد ان کي اهڙي ئي پيٽ ۾ وڃڻ کپي. يعني انسان کي هڪ پيٽ مان نڪري ٻئي پيٽ ۾ (ڌرتيءَ جي پيٽ ۾) وڃڻ کپي. قبر کي کليل ڌرتيءَ تي ئي، (خاص ڪري ڪنھن ٽڪريءَ تي) ٺاهيو وڃي ٿو، جنھن جي ڀر ۾ ڪا بلڊنگ يا اڏاوت نه هجي، جيئن سندن عقيدي موجب رحم جي ديوي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي مُڙدن وٽ ايندي ويندي رهي.
هوٽل ۾ مانيءَ جي وقت، منھنجي ڪرسي ڪئپٽن متٿياس جي ڀر ۾ هئي. پري کان کيڪار کڙي ته سيمينار هال ۾ روز ٿيندي هئي پر هينئر سندس ڀر ۾ ويھڻ ڪري کانئس سندس ملڪ جو پڇيم:
”آئون F.S.M کان آهيان.“
اهو ايف ايس ايم ڇا آهي؟ مون کي پاڻ سمجهه ۾ نه آيو. پھرين ڪڏهن ڪنھن ملڪ جو اهڙو نالو نه ٻڌو هوم. آخر وري پڇڻ جي همت ڪيم ته اهو (FSM) ڇا آهي؟
”اهو Federated States of Micronesia جو شارٽ فارم آهي.“
همراهه پئسفڪ سمنڊ جي ڪنھن ٻيٽ کان آيل هو. پر پئسفڪ سمنڊ هڪ ته وڏو _ مڙني سمنڊن کان وڏو ۽ ٻيو منجهس جتي آسٽريليا، پاپئا نيوگني، نيوزيلينڊ ، فلپين جھڙا وڏا وڏا ٻيٽ آهن، اتي ڪي “فجي، سولومن، ٽونگا جھڙا ننڍا ۽ باقي آباديءَ کان پري پري ٻيٽ پڻ آهن، جن کي دنيا جي نقشي تي ڳولڻ ايئن آهي جيئن انگريزي پھاڪي موجب بُھه جي ڀريءَ مان سُئي ڳولهڻ. ان ڪري وري پڇيومانس ته مائڪرو نيشين ٻيٽن مان به ڪھڙي ٻيٽ تي آهين ۽ اهو ڪٿي آهي؟
”جنھن خاص ٻيٽ تي رهان ٿو، ان جو نالو Caroline Island آهي ۽ آمريڪي رياست هوائي (Hawaii) کان به پري آهي.“
”هيستائين ڪيئن پھتين؟“ مون پڇيومانس.
”پندرهن ڏينھن ۾ هڪ دفعو آمريڪا جو هڪ ننڍو جھاز اسان جي ٻيٽ کان هوائي جي شھر هونولولو ۾ ايندو آهي. اتان پوءِ منيلا (فلپين) آيس. منيلا کان سنگاپور پھتس ۽ ان بعد ملائيشيا (ڪوالالمپور) ۽ تنھن کانپوءِ هتي ملاڪا ۾.“
”هاڻ ته منيلا وڃي نه سگهندين، جو اتي اليڪشن ڪري گوڙ متل آهي ۽ هوائي اڏو بند آهي.“ مون خبردار ڪندي چيومانس.
”بس پوءِ سنگاپور ۾ ئي ويٺو هوندس، جيسين اليڪشنون پوريون ٿين يا اڳتي جون اسٽيشنون ڪليئر ٿين. هونءَ به هوائيءَ ۾ هفتو ڏيڍ گهٽ ۾ گهٽ ترسڻو پوندو، جو پنھنجي ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ، ان ئي ڏينھن تي اڏام هرگز نه ملندي.“
مانيءَ بعد مھمانن کي چڙيا گهر ڏيکارڻ جو پروگرام هو. پئسفڪ ٻيٽن جا ته مڙيئي نمائندا ملاڪا جو چڙيا گهر (Taman-Haiwan) ڏسڻ لاءِ لھي پيا جو سندن ننڍن ٻيٽن تي ڪٿان آيون اهڙيون شيون. انهن سان گڏ چين، ويٽنام، برما، سنگاپور جا همراهه پڻ لٿا. باقي ملائيشيا، ايران، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ پاڪستان جا اسين بس ۾ ئي پنھنجي پنھنجي سيٽ لاڙي سمهي رهياسين. مقرر پروگرام موجب پوري ڏيڍ ڪلاڪ اندر چڙيا گهر ڏسي چئين بجي سڀ اچي بس وٽ گڏ ٿيا ۽ بس شھر ڏي رواني ٿي. گائيڊ ڇوڪري جيڪا بس هلڻ مھل هر دفعي وانگر ماڻهو ڳڻڻ لڳي تنھن ميل ڏيڍ بعد رڙيون ڪري ڊرائيور کي بس بيھارڻ لاءِ چيو. خبر پيئي ته هڪ همراهه کٽي ٿو. ڪھڙو کٽي ٿو؟ يارو ڪھڙو کٽي ٿو؟ ڪنھن کي به ڌيان تي نه پئي آيو. سڀ هاڻ اهڙا ٿڪجي پيا هئاسين جو چرچا ڀوڳ ڪرڻ به ڇڏي ڏناسين. ڪنھن همراهه ڪاوڙ مان چيو ته ڪو کٽي ٿو ته کٽڻ ڏيو، هاڻ واپس گهر هلڻ کپي.
پر آخر کٽي ڪھڙو همراهه ٿو؟ مالديپ ٻيٽ واري چيو ته ڪٿي شيما ته گم نه ٿي ويئي آهي. ان تي سريلنڪا واري ڪئپٽن اڌ ننڊاکڙي حالت ۾، اکيون بند رکي وراڻيس: ”نه. گائيڊ ڇوڪري چوي پيئي ته فقط هڪ ڄڻو کٽل آهي. شيما کٽل هجي ها ته ان سان گڏ پاڻ وارو بنگلاديشي به کٽل هجي ها.“
گائيڊ ڇوڪري، جنھن جي ذميواري گهمائڻ کان علاوه واپسي تي ماڻهو پورا ڪري پھچائڻ پڻ هو، تنھن ڊرائيور کي بس موڙڻ لاءِ چيو. عارف حسين چيو ته پاڻ کي به ڇوريءَ ڳڻيو آهي يا نه؟ اجايا کڻي ٽاڪوڙا وڌا اٿس.
چڙيا گهر واپس پھچي گائيڊ ڇوڪريءَ سان گڏ اسان جو ڪئپٽن چوڌري ۽ برما جو چيف انجنيئر سن مئانگ کٽل همراهه کي ڳولڻ لاءِ بس کان هيٺ لٿا. آخر خبر پيئي ته پئسفڪ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ تووالو (Tuvalu) جي مئري ٽائيم اسڪول جو پرنسپال ’ڪئپٽن جان هِل‘ آهي.
ٿوري دير ۾ ڳولا لاءِ نڪتل خدائي فوجدار سوڀارا ٿي، همراهه کي ٻانھن کان وٺي بس ڏي ايندي نظر آيا. ڪئپٽن جان هِل پٺيءَ اگهاڙو قميص هٿ ۾ جهلي بس ۾ چڙهيو. ڪئپٽن چوڌريءَ کي چيم ته هي قميص ڇو نٿو پائي؟
ڪئپٽن چوڌريءَ پنھنجي ڳري متاري جسم کي بس جي سيٽ تي اڇلائي، هٿ سان ’ترس ترس‘ جو اشارو ڪري، پنھنجي اڀ ساهيءَ کي ڪنٽرول ۾ آڻيندي چيو:
”پائيندو. پر ٿوري دير بعد. اڃا ان مان ڳاڙهيون ماڪوڙيون ڪڍڻيون اٿس.“
”ڳاڙهيون ماڪوڙيون؟“ تعجب مان پڇيو مانس جو مون کي سندس اها ڳجهارت سمجهه ۾ نه آئي.
“ها. ڳاڙهيون ماڪوڙيون! همراهه ڀولڙن جي پڃرن ڀرسان وڻ هيٺان گهاٽي ننڊ ۾ ستو پيو هو. ننڊ مان اٿاريوسين ته ماڪوڙين جي چَڪَن کان قميص لاهي، ٺاهي ٺوڪي انهن مان هڪ هڪ ڪري ماڪوڙي چونڊڻ لڳو. تنھن تي چيوسينس ته ’درويش! توکي وٺڻ لاءِ اسان اڌ رستي تان موٽي آيا آهيون ۽ سڀ بس ۾ ويٺا انتظار ڪن ۽ تون نئينءَ سئينءَ ويٺو آهين ماڪوڙيون چونڊڻ. اهو ڪم بس ۾ هلي ڪر.‘ ان تي راضي ٿي سڌو آيو آهي. هاڻ ٿوري دير لاءِ ماڪوڙيون چونڊي پوءِ قميص پائيندو.“
اتي، پٺن اگهاڙو تووالو ٻيٽ جي هن ڪئپٽن کي انڊونيشيا جي ڪئپٽن چيو: ”ڪجهه ته خيال ڪر، بس ۾ ڇوڪريون ويٺيون آهن ۽ تون قميص لاهي بيھي رهيو آهين؟“
همراهه کي هڪ ته ڪچيءَ ننڊ مان ڪو اٿاريو ويو هو، ٻيو ماڪوڙين جي چڪن ڇتو ڪيو هوس، مٿان جو انڊونيشيا جي ڪئپٽن ائين چيس ته ان کي اڇل مان جواب ڏنائين:
”يار قميص لاٿي اٿم، پتلون ته نه لاٿي اٿم جو ڦاهو ٿا ڏيو.“
سڀ چپ ٿي ويا ۽ اکيون بند ڪري ننڊ جو نمونو پيش ڪرڻ لڳا. مالديپ ٻيٽ جي احمد شريف بنگلاديشي ڪئپٽن کي چيو:
”اهڙي جِنَ کي هيڏانھن آڻڻ بدران ڪنھن ڀولڙن جي خالي پڃري ۾ ئي وجهي اچوس ها.“
تووالو ٻيٽ جي ڪئپٽن جي کھري طبيعت سريلنڪا جي ڪئپٽن هينريڪس پڻ محسوس ڪئي. تنھن بنگلاديشي ڪئپٽن کان پڇيو: ”ستو ڪھڙي پڃري ۾ پيو هو؟“
بنگلاديشيءَ بدران برمي چيف انجنيئر وراڻيو: ”پڃري ۾ مالڪ ستل هئا. پاڻ پڃري جي ٻاهران آرام فرمائي رهيو هو.“
”پنھنجي مائٽ کي به نه سڃاتائون ڇا؟“ ڪنھن پٺيان رمارڪ ڏنو.
برمي چيف انجنيئر سڀني کي ماٺ ڪرائي بس جي ڊرائيور ۽ گائيڊ ڇوڪريءَ لاءِ ”ڀاڙي ۽ رهنمائي“ جي فيءَ کان علاوه ڪجهه وڌيڪ چندو گڏ ڪرڻ چاهيو.
پٺيان وري آواز آيو: ”متان ڏنو اٿانوَ. ڇوڪريءَ کي آڱوٺو ڏيندو. پنھنجي ئي کيسي ۾ وجهندو.“
پر سائين اڳيان سن مئانگ جھڙو جهونو جھازي هو. تنھن مڙيئي پٽي سٽي پندرهن ويھه ڊالر کن ٺاهيا، جيڪي سڀني اڳيان ڊرائيور ۽ چينائڻ گائيڊ کي ڏيئي، مٿن پنھنجي طرفان ٿڌو ٿورو ڪيو.
چڙيا گهر (Malacca- Zoo) بعد، بس اچي ملاڪا شھر ۾ ڇڏيو. جتي ’ڪلاڪ کن‘ شاپنگ لاءِ، مھمانن کي ڏنو ويو. ان بعد مھمانن ۽ سندن شاپنگ کي ڊرائيور ڍوئي اچي اڪيڊميءَ ۾ ڦٽو ڪيو.
پر اڪيڊمي پھچڻ کان ڪجهه ميل اڳ بنگلاديش جي ڪئپٽن فضل الرحمان چوڌريءَ کي سڀني کي سجاڳ ڪندي آخري دفعو بس ۾ ٽھڪڙو پيدا ڪيو. پنھنجي سيٽ وٽ بيھي، تاڙي وڄائي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائي چيو: ”يارو ڳالهه ٻڌو، پندرهن کن ڏينھن جي سيمينار ۾ باقي ڪو ڏينھن ٻه وڃي بچيو آهي. پنھنجي پنھنجي ملڪ پھچي، ظاهر آهي اسان مان هرهڪ کي هن سيمينار جي گهٽ ۾ گهٽ چئن صفحن جي رپورٽ پنھنجي پنھنجي حڪومت کي پيش ڪرڻي پوندي. ڇا ايئن نٿو ٿي سگهي ته اسان مان ڪو سياڻو لکي ان جي فوٽو ڪاپي اسان کي به ڏيئي ڇڏي، جيئن ان تي ئي صحيح ڪري اها ڪاپي پنھنجي باس کي ڏيون ۽ اصلي لکندڙ کي دعائن جا ڍير ڏيون.“
سولومن ٻيٽ جي ڪئپٽن ڪواليمانوءَ کي ته اها ڪا رٿ واهه جي وڻي جو دير دير تائين تاڙيون وڄائيندو رهيو. ان وقت منھنجي ڀر ۾ ويٺل ٽونگا ٻيٽ (Tonga) جي مئريٽائيم اڪيڊمي جي پرنسپال ’ڪئپٽن تاپيا لاوا‘ چيو ته لڳي ٿو ته همراهه رپورٽ لکڻ ۾ مون ئي وانگر ڪمزور آهي. سڄي عمر رڳو جھاز هلايا اٿس، پڙهڻ جو ڪم بنھه گهٽ ڪيو اٿس.

ملائيشيا جا پنج رڪن نگارا ۽ پاڪستان جا چار بندرگاهه

ملائيشيا جي قومي چڙيا گهر جو نالو زو نگارا (Zoo-Negara) آهي. ڪوالالمپور جي وڏي مسجد پڻ ڏسڻ وٽان آهي، جنھن جو نالو مسجد نگارا آهي. اهڙيءَ طرح ڌارئين ماڻهوءَ کي هتي ٻيون به ڪيتريون ئي شيون نظر اينديون، جن جي نالي سان گڏ لفظ نگارا پڻ ڳنڍيل هوندو. جيئن بئنڪ نگارا، اسڪول نگارا، ديوان نگارا وغيره. اهڙيءَ طرح ٽي ويءَ تي ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڊاڪومينٽري فلم ڏيکارڻ بعد ٻڌايو ويندو آهي ته اها مووي ’فلم نگارا‘ طرفان تيار ڪئي ويئي.
ملائيشيا ۾ ڌاريون ايندڙ ضرور سوچيندو هوندو ته اهو ’نگارا‘ ڇا آهي؟ جيئن عنايت بلوچ (پاڪستان جي ريڊيو اسٽيشن سان واسطو رکندڙ هڪ شاعر ۽ سفرناما لکندڙ) پنھنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ڪوالالمپور ۾ جتي به وڃ ته اتي نغارا ئي نغارا (Negara) پيا وڄن.
سو سائين ملائيشيا ۾ نگارا لفظ جو استعمال ائين آهي جيئن پاڻ وٽ يا ٻين ملڪن ۾ ’قومي‘، ’وطني‘ يا ’نئشنل‘ آهي. جيئن ته: نئشنل بئنڪ، نئشنل شپنگ، قومي بچت گهر، قومي دواخانو، قومي اسڪول، بئنڪ وطني وغيره وغيره. ملئي لفظ نگارا جي معنيٰ ملڪ يا ملڪي، قومي وغيره آهي.
لفظ نگارا تان هڪ لطيفو ياد ٿو اچي. ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ ڌرائين ملڪ جي ماڻهوءَ کي هتي جي ملئي زبان جو هڪ آسان امتحان ڏيڻو پوندو آهي. جيئن انگريزن جي ڏينھن ۾ گڏيل هندوستان ۾ ڌارئين عملدار لاءِ هو ته هو جنھن صوبي ۾ به نوڪري ڪندو هو ته ان جي زبان _سنڌي، مرهٺي،بنگالي، تامل وغيره ۾ امتحان ڏيڻو پوندو هو. سو هتي جي امتحان ۾ هڪ اهو سوال به پڇيو ويندو آهي ته قوم جي فرد جا پنج ڪھڙا رڪن نگارا (Rukunegara) (بنيادي متا) آهن. جيڪي در اصل هن ريت آهن: (1) خدا ۾ ايمان (2) ملڪ ۽ ان جي بادشاهه سان وفاداري (3) Constitution آئين کي مضبوط رکڻ (4) قانون جي مڃتا ۽ (5) سٺي چال چلن ۽ سٺو اخلاق.
پر همراهه _ جنھن شايد اچڻ سان زو نگارا، ديوان نگارا وغيره جا چڪر هنيا هئا، سو رڪن نگارا جا پنج متا هن ريت لکي آيو:
(1) بئنڪ نگارا (2) مسجد نگارا (3) زو نگارا (4) ميوزيم نگارا ۽ (5) فلم نگارا.
ان قسم جو چرچو پاڪستان جي بزرگ صحافي علي نواز وفائيءَ صاحب پڻ مونکي ٻڌايو هو، جنھن موجب ڪنھن شاگرد کان جڏهن پڇيو ويو ته پاڪستان ۾ گهڻا پورٽ يعني (بندرگاهه) آهن ته جواب ۾ لکي آيو ته چار آهن:
1. امپورٽ 2. ايڪسپورٽ 3. ٽرانسپورٽ ۽ 4. پاسپورٽ.

ڪوالالمپور ۾ هالا روڊ

ڪوالالمپور جي هوائي اڏي کان شھر جي هوٽل تائين ايندي وقت هڪ هنڌ جھڙو ٽئڪسي بيٺي ته کاٻي پاسي کان هڪ رستي جو نالو سيمينٽ جي بورڊ تي ”جالان هالا“ لکيل نظر آيو. ڏاڍو تعجب لڳو _ ۽ خوشي پڻ ٿي ته ڪوالالمپور شھر جي هڪ روڊ جو نالو جالان هالا (شاهراههِ هالا) پڻ آهي. (ملئي زبان ۾ رستي يا روڊ کي جالان Jalan سڏجي ٿو.) هالا تواريخي شھر آهي. سندس نالي سان ڪو رستو ڪراچيءَ ۾ هجڻ کپي پر مڙيئي خير آهي ڪوالالمپور ۾ ته آهي.
هيڏانھن هوڏانھن لوڻا ڦيرائي رستي جي ٻنهي ڪپرن تي ڪا وڏي عمارت، هوٽل يا سئنيما جاچڻ لڳس جيئن نشانيءَ طور ياد رکي ٻئي ڪنھن وقت هالا روڊ (جالان هالا) ڏسي سگهان. پر نئين شھر ۾ پھريون دفعو ۽ پھرين رات هئي. ٿڪل به ڏاڍو هوس. سو ڪا پڪي نشاني ياد رکي نه سگهيس. ٻئي ڏينھن ڪوالالمپور کان ملاڪا هليو آيس، جتي مون کي نوڪري ڪرڻي هئي. ڪجهه ڏينھن بعد ڪم سانگي ڪوالالمپور وري آيس ته اهو ڏسي ويتر تعجب لڳو ته ڪوالالمپور ۾ نه فقط هالا روڊ آهي پر جنھن مشغول علائقي مان لنگهه ته اتي هڪ يا ٻه گهٽيون ڇڏي ٽئين يا چوٿينءَ تي هالا جو نالو ضرور آهي _ يعني سيمينٽ جي بورڊ تي Jalan Hala لکيل ضرور آهي.
هالا جا ايترا بورڊ ڏسي شڪ ٿيو ته اهو هالا اسان وارو ڳوٺ هالا ناهي. ’ملئي_انگريزي‘ ڊڪشنري کولي Hala لفظ جي معنيٰ ڏٺم ته ان جي پڪ ٿي ويئي. ملئي زبان ۾ ’طرف‘، ’رخ‘ يا ’پاسي‘ کي ’هالا‘ چئجي ٿو. ۽ Se لفظ Satu جو شارٽ فارم آهي. ’سي‘ يا ’ساتو‘ معنيٰ ’هڪ‘. يعني جالان سي هالا معنيٰ One Way هڪ طرفو رستو _ ۽ نه اسان وارو هالا.
هونءَ به سوچڻ جي ڳالهه آهي. لڀي هالا جو نالو ڪراچيءَ جي رستي تي ئي ڪونه ٿو سو ڪوالالمپور ۾ ڪٿان آيو!

حلال پورهئي ۾ ڪھڙو عيب

سنگاپور ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا چيني عورت پڻ ٽئڪسي هلائيندي نظر ايندي آهي پر ملائيشيا ۾ ٽئڪسيون گهڻو ڪري مرد هلائين. ٻه سال کن اڳ (جنوري 1986ع) ۾ پيراق رياست جي اپوح شھر ۾ پھريون دفعو هڪ اهڙي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ جو موقعو مليو جنھن جو ڊرائيور _ بلڪ ڊرائيورياڻي سک عورت هئي. نالو هئس اياشپال ڪور. اٺٽيھه سالن جي ’محترمه اياشپال ڪور‘ اٺن ٻارن جي ماءُ آهي. منهنجي وڌيڪ پڇڻ تي هن ٻڌايو ته ٽئڪسي هلائيندي هوءَ فخر محسوس ڪري ٿي.
”ڏينھون ڏينھن مھانگائي وڌندي وڃي،“ هن ٻڌايو، ”عيال وڏو اٿئون، مڙس جي ڪمائي فقط پيٽ لاءِ ئي پوري مس ٿي ٿئي. آخر گهر جي ٻئي خرچ کي منھن ڏيڻ لاءِ حلال جي پورهئي ۾ ڪھڙو عيب آهي؟“
اياشپال ڪور ٻڌايو ته ٽئڪسي هلائڻ کان اڳ هن چار سال ’اسڪول بس‘ پڻ هلائي. ”پر هر مھيني ٻارن جي مائٽن کان بس جي ڀاڙي جي اوڳڙ ڪرڻ ’وقت جو زيان‘ ۽ مٿي جو سور هو. پنڌ ڪري وڃ ته ڪي ته گهر ۾ ئي نه هوندا. ۽ جيڪي هوندا ته انهن مان وري ڪي بروقت ڀاڙو ڏيڻ بدران چوندا هئا ته سڀاڻ اچ، پرينھه اچ. هاڻ ڪنھن کي ايترو فالتو وقت آهي جو وتي پنڌ ڪندو. انهيءَ ئي ڪري اسڪول ڇڏي ٽئڪسيءَ جي لائسنس لاءِ درخواست ڏنم. پيراق رياست ۾ شايد آئون ئي اڪيلي ٽئڪسي ڊرائيور (Cabby) آهيان.“
”پوءِ ڀلا ٽئڪسيءَ مان ڪمائي ڪيئن آهي؟“ مون پڇيومانس.
”ٽئڪسيءَ مان منھنجي سٺي ڪمائي ٿئي ٿي. وڏي سفر ۽ اڻانگن هنڌن تي وڃڻ لاءِ عورتون ۽ ڇوڪريون منھنجي ئي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهندي خوشي محسوس ڪن ٿيون.“
اپوح جي سک عورت اياشپال ڪور، نه فقط ڊرائيور آهي پر سٺي مڪينڪ پڻ. پاڻ ٻڌائين ته ڪار جي سروس ڪرڻ، پلگ صاف ڪرڻ، پئانٽ يا بيلٽ بدلائڻ جھڙا ڪم هوءَ پاڻ ئي ڪري پئسو ۽ وقت بچائي وٺي ٿي. سندس 45 ورهيه ڄمار جو مڙس ’سردار اتم سنگهه‘ پڻ ٽئڪسي ڊرائيور آهي جيڪو رات جي وقت ٽئڪسي هلائي ٿو. هوءَ نه فقط شھر جو شھر ۾ ٽئڪسي هلائي ٿي پر ڀاڙو ملڻ تي ڀر وارن ڳوٺن ۽ شھرن: تائپنگ، باتو ڪرائو، ترانگ، ڪئالا، سپتانگ، لموت وغيره تائين پڻ وڃي ٿي. “هڪ دفعي ٿائلينڊ جي بارڊر واري شھر _ ڪوٽابارو تائين مون ۽ مڙس، واري وٽيءَ تي ڊرائيونگ ڪري مسافرن کي پھچايو هو.”
اياشپال ڪور کي اَٺَ ٻار آهن. ست ڌيئون ۽ هڪ پٽ. سڀ ٻارهن کان ايڪيھه ورهيه ڄمار جا آهن. پاڻ ملائيشيا جي هڪ پنجابي اسڪول مان فقط ڇھه درجا پڙهي آهي.
”آئون پاڻ ته پڙهي نه سگهيس پر چاهيان ٿي ته منھنجا ٻار سٺن اسڪولن ڪاليجن مان ضرور تعليم حاصل ڪن ۽ زندگيءَ جون اهي خوشيون ماڻين جن کان آئون غربت ڪري محروم رهيس.“
”ڀلا سڄو ڏينھن ٽئڪسي هلائيندي ورچو نٿيون؟“
”ٽئڪسي هلائيندي،“ اياشپال ڪور وراڻيو، ”منھنجو سٺو وقت گذري ٿو. شھر جي خبرچار معلوم ٿيڻ کان علاوه ڪيترن ئي قسمن جي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ۽ ڄاڻ سڃاڻ ٿئي ٿي ۽ سٺن سٺن ڏينھن تي ته پنجاهه کان سٺ ڊالرن تائين به ڪمائي ٿيو وڃي.“

برحد Bhd ۽ سنديرين Sdn

ملائيشيا ۾ توهان چاهي ٿائلنڊ واري ڪنڊ کان گهڙو يا سنگاپور پاسي کان _ ڏکڻ کان اتر تائين جتي ڪٿي توهان کي ٻه لفظ هرهنڌ نظر ايندا: برحد Berhad ۽ سنديرين Senderian. دڪانن، آفيسن ۽ ڪارخانن جي ٻاهران سندن نالن جي آخر ۾ مٿين لفظن جا شارٽ فارم Bhd ۽ Sdn لکيل نظر ايندا جيئن ته، Star Metal Sdn Bhd, Hiu Music Corp Sdn Bhd, Akojaya Sdn, Bhd وغيره.
ملئي لفظ سنديرين جي معنيٰ ’پرائيويٽ‘ آهي ۽ برحد جي معنيٰ آهي ’لميٽيڊ‘. جيئن پاڻ وٽ ڪيترين ئي ڪمپنين، دڪانن ۽ آفيسن جي نالي پٺيان ’پرائيويٽ لميٽيڊ‘ لکيل هوندو آهي.
برحد لفظ حَدَ (Had) مان نڪتو آهي. ‘حد’ اهو ئي پاڻ وارو لفظ آهي معنيٰ دنگ، جنھن کي انگريزيءَ ۾ کڻي چئجي ته Limited. جيئن پاڻ وٽ هڪ پاڙ واري لفظ (Root word) جي اڳيان ’با‘ ’بر‘، ’م‘، ’بي‘ يا آخر ۾ ’دار‘، ’بان‘، ’ي‘ جھڙا لفظ ڳنڍي مختلف لفظ ٺاهي سگهجن ٿا، جھڙوڪ: باخبر، بي خبر، مخبر، برخبر، مخبري، خبردار، يا ويندي اخبار جھڙا لفظ ٺھي سگهن ٿا، تيئن ملئي زبان ۾ اڳيان Peng, Menga, Ter, Ber يا Men وغيره لڳائڻ سان يا Root word جي آخر ۾ ian, an, kan يا i لڳائڻ سان نئون لفظ ٺھي ٿو. سو ٺلهو لفظ حد معنيٰ Limit جيڪو هائي-وي تي اڪثر نظر اچي ٿو ... “Had Laju 50” معنيٰ رفتار (Laju) جي حد پنجاهه ڪلوميٽر آهي. ”حد“ لفظ اسم ٿيو پر ان کي جي فعل بنائجي ته ٿيندو Menghadkan معنيٰ To limit اهڙيءَ طرح Limit مان لفظ Limited ٺاهڻ لاءِ ملئي گرامر موجب حد جي اڳيان Ber لڳائڻ کپي ٿو يعني Berhad.
اهڙيءَ طرح لفظ آهي Sendiri معنيٰ پنھنجو (Own)، اهڙيءَ طرح سيندري مان لفظ ٺھيو آهي Bersendiri معنيٰ ’اڪيلو ٿيڻ‘. ٻيو لفظ آهي Persendirian معنيٰ پنھنجو، ذاتي ۽ فقط Sendirian جي معنيٰ ٿي پرائيويٽ.
ڏٺو وڃي ته ملئي لفظ ڏکيا نه آهن پر اصل لفظ (Root word) جي اڳيان بر، پر، مينگا، ۽ آخر ۾ ڪان، ئن، وغيره ڳنڍڻ ڪري وڏا ٿيو وڃن ۽ ملائيشيا ۾ نئون آيل همراهه وائڙو ٿيو وڃي، ته هيڏا وڏا لفظ ڪيئن اچاربا.
جيئن هڪ لفظ آهي Ingat (انگات) معنيٰ ’ياد ڪرڻ‘. ان لفظ مان ٻيا به ڪيترائي ملئي لفظ جڙيا آهن، جيئن ته:
Beringat معنيٰ ياد رکڻ، Ingatkan معنيٰ يادداشت دهرائڻ، ياد ڏيارڻ، Memperingati معنيٰ ياد ملهائڻ Teringat, (To Commemorate) معنيٰ ڪنھن بابت سوچڻ، Ingatan معنيٰ ڪنھن جي ياد يا سوچ (thought, Memory) ۽ Peringatan معنيٰ يادداشتنامو (Reminder).
اسان جھڙي ملڪ جي ماڻهوءَ لاءِ جنھن جي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ انگريزيءَ جا لفظ موجود آهن، ملئي زبان سکڻ يا ڳالهائڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي. ڇو جو ملئي زبان جا ڪيترائي Root words انهن ٻولين جا آهن، جھڙوڪ: حد، قدر، قوت، تدبير، نصيحت، ابجد، حيوان، سوال جواب، ميدان، بيرو (بلو)، اوتوميتڪ (آٽوميٽڪ)، طبيعت (ڪردار)، عورت، مڪتب، ڪلاڪار، پرٿوي، پرڌان منتري، راس (گلاب جو گل)، ايپول (صوف) وغيره وغيره.
ڪي ڪي ملئي لفظ اسان لاءِ عجيب به آهن جيئن ملئي زبان ۾ کير کي ’سُوسُو‘ چون، بستر کي ’قاتل‘، ڏهٽي پوٽي کي ’چُوچُو‘ سڏين. اهڙيءَ طرح ملئي لفظ آهي ’چاچي‘ جنھن جي معنيٰ آهي ڪنھن کي گهٽ وڌ چوڻ يا اسان لاءِ لفظ ’ڀاڀي‘ معنيٰ ڀاڄائي يا دوست جي زال پر ملئي زبان ۾ ’ڀاڀي‘ معنيٰ سوئر، خنزير ۽ ڪنھن مسلمان کي ان نالي سان سڏڻ معنيٰ ٿري ناٽ ٿري جي گولي کائڻ. ان ڪري هتي انڊين پاڪستاني پنھنجن دوستن جي زالن کي ڀاڀي چئي مخاطب ئي نه ٿين. وڌ ۾ وڌ کڻي ڀيڻ سڏين نه ته هتي جي رسم موجب سنئين سڌي نالي سان سڏين. هت ته باس کي به سر نه چون. سنئون نالو کڻي مخاطب ٿين. ڪلاس ۾ به منھنجا شاگرد گهڻو ڪري ’الطاف‘ چئي منھنجو ڌيان ڇڪائين.

ملائيشيا مان نڪرندڙ اخبارون

ملائيشيا ۾ انگريزي اخبار “New Straits Times” سڀ کان گهڻو هلي ٿي، جنھن جون روزانو ٽي لک کن ڪاپيون ڪوالالمپور مان ڇپجن ٿيون. ائين ’جنگ‘ اڙدو اخبار جون پاڪستان ۾ ڏهاڙي پنج لک ڪاپيون ڇپجن ٿيون. پر ملائيشيا جي گهٽ آدمشماريءَ ۾ ٽي لک وڏي سرڪيوليشن ٿي.
ٻئي نمبر تي “Malay Mail” ۽ “The Star” اخبارون آهن، جن مان هرهڪ جو روزانو وڪرو منو لک کن ٿيندو. انهن کان علاوه National-Echo ۽ Business پڻ روز جون اخبارون آهن پر سندن کپت ويھه هزار ڪاپيون مس آهي.
ملئي زبان ۾ نڪرندڙ _ روزناما اتوسان ملايو (Utusan-Malayu) سڀ کان گهڻي مشھور اخبار آهي، جنهن جونروزانو سندس ساڍا ٽي لک ڪاپيون ڇپجن ٿيون. هونءَ تعداد جي لحاظ کان ان کان وڌيڪ هفتيوار ملئي اخبار Mingguan- Malaysia هلي ٿي جنھن جا ساڍا چار لک کن خريدار آهن.
روزناما Berita-Harian ۽ هفتيوار Perodana ۽ هفتي ۾ ٽي دفعا نڪرندڙ اخبار Watan پڻ چڱيون خاصيون مشھور آهن.
ملائيشيا مان چيني زبان ۾ به ڪيتريون ئي اخبارون نڪرن ٿيون _ جو هتي اڌو اڌ آدمشماري چينين جي آهي. پر سڀ لک کن جي دائري ۾ ڇپجن ٿيون. ڇو جو چيني ماڻهو انگريزي اخبار پڙهن ٿا. ڪجهه اخبارن جا نالا هن ريت آهن: روزناما سِن چيو جِٽ پوح (Sin-Chew-Jit-Poh)، ڪِن ڪوڪ (Kin-Kwok)، نانياگ سيانگ، شن من ۽ ڪجهه هفتيوار پڻ.
انگريزي، چيني۽ ملئي اخبارن کان علاوه تامل زبان ۾ پڻ اخبارون نڪرن ٿيون، جو ملائيشيا جي هر شھر ۾ ڪيترائي ڏکڻ هندستاني تامل پڻ رهن ٿا _ جن جي ڪاوڙ، خوشي، ڏک درد ۽ مسئلن جي صحيح ترجماني تامل اخبارون ڪن ٿيون. روزناما تامل اخبار ”نيسان“ (Nesan)، اوسائي (Osai)، ’ٿينا ماني‘ ڪافي مشھور آهن ۽ هر هڪ جا خريدار اڌ لک کن جي لڳ ڀڳ ٿيندا. هفتيوار تامل اخبار ’ونامپادي‘ پڻ چڱو هلي ٿي.
ڪن پڙهندڙن کي ملائيشيا مان تامل اخبارن جي ڇپجڻ تي تعجب لڳندو هجي ته ڏکڻ هندستانين جو هندستان کان علاوه سريلنڪا، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ پڻ ايترو اثر آهي جو سندن زبان تامل جون اخبارون پڻ نڪرن ٿيون.
پر وڏي تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا ۾ پنجاب جي سکن جو پڻ چڱو اثر رسوخ ۽ تعداد آهي جو سندن پنجابي اخبارون ڇپجن ٿيون. ملائيشيا مان پنجابيءَ ۾ ٻه اخبارون نڪرن ٿيون. ٻئي روزناما آهن: هڪ ”سماچار ملايا“ ۽ ٻي ”نوي جيون“ (نئين زندگي). ٻئي پنجابي اخبارون گرمکي لکائيءَ ۾ آهن.
ملائيشيا ۾ ڏکڻ هندستان جون جيڪي قومون رهن ٿيون، انهن ۾ تاملن بعد ٻئي نمبر تي مليالم ڳالهائڻ وارا گهڻا آهن ۽ هڪ مليالم زبان جي اخبار _ ”ملائيشيا مليالي“ جون پڻ لک کن ڪاپيون ڇپجن ٿيون.
مٿي اڙدو اخبار ”جنگ“ جي ڇپائيءَ جو تعداد ڏنل آهي. اسان جي ملڪ پاڪستان جي ڪجهه ٻين اخبارن جي سرڪيوليشن ڪجهه هن ريت آهي: ڪراچي، لاهور، ملتان ۽ پنڊيءَ مان نڪرندڙ نظامي فئمليءَ جي ”نواءِ وقت“_ ٻه لک ڪاپيون، اين پي ٽي (حڪومت) طرفان لاهور، ڪراچي، ڪوئٽه ۽ پشاور کان نڪرندڙ اڙدو اخبار ”مشرق“ منو لک کن، هارون خاندان جي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ڊان اخبار سٺ هزار کن، اين پي ٽي (حڪومت) طرفان انگريزي اخبار ”پاڪستان ٽائيمس“ اڌ لک کن، مرتضيٰ پويا طرفان اسلام آباد مان نڪرندڙ The Muslim اخبار _ تيرهن هزار.
هونءَ پاڪستان مان اڄڪلهه ٻارهن سؤ کن اڙدو اخبارون ۽ رسالا نڪرن ٿا، 256 انگريزيءَ ۾، پاڪستان جي چئن صوبائي زبانن مان فقط سنڌي ٻولي تعليمي زبان سمجهي وڃي ٿي ۽ سنڌيءَ ۾ سؤ کن مختلف اخبارون ۽ رسالا نڪرن ٿا. باقي گجراتي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ بروهويءَ جون سڀ اخبارون ۽ رسالا ملائي جملي ٽيهه ٿين ٿا. (هانگ ڪانگ جي هفتيوار رسالي Rewiew جي تازي ڄاڻايل رپورٽ مطابق.)

عوام جون دليون جيتڻ جو راز

ڪالهه (18 جون 1986ع) ملاڪا جي گورنر ٽي. واءِ. ٽي (Tuan Yan Terutama) تانسري ’سيد احمد بن شھاب الدين‘ جي ڄم جو ڏينھن هو، ان ڪري سڄي ملاڪا رياست جي اسڪولن ڪاليجن، آفيسن وغيره کي موڪل هئي.
سڄي ملائيشيا ۾ هڪ ڏينھن بادشاهه جي ڄمڻ جي ڏينھن جي موڪل هوندي آهي ۽ هڪ ڏينھن هر رياست کي ان رياست جي سلطان جي ڄمڻ جي موڪل ٿيندي آهي. جن رياستن جا سلطان نه آهن _ جيئن ته ملاڪا، پينانگ، صباح ۽ سرواڪ _ اتي، انهن جي گورنر جي ڄم جي ڏينھن موڪل ٿئي.
ملاڪا ۾ هيستائين ٽي سال کن رهڻ دوران ڪيترين ئي اهم شخصيتن سان ملاقات ٿي آهي، سواءِ گورنر جي. هونءَ اها ڳالهه آهي ته ملائيشيا جو ڪو به وڏو آفيسر پاڻ کي عوام کان پري نٿو رکي. هڪ عام ماڻهو به وڏي کان وڏي سياسي ليڊر يا حاڪم سان ايترو ئي بنا رنڊڪ ۽ سولائيءَ سان ملي سگهي ٿو، جيترو ڪنھن دوست سان. شايد ان ڪري جو ملئي ماڻهو فطرت ۾ نياز نئڙت ۽ نھٺائيءَ وارا آهن ۽ وڏا آفيسر ٿيڻ بعد به اهي خاصيتون سندن ڪردار ۾ قائم رهن ٿيون. ٻيو ته هتي جي آدمشماري به ايتري گهڻي ناهي. ان ڪري ٿورن ماڻهن کي منھن ڏيڻ ايترو مسئلو ناهي، جيترو گهڻن ماڻهن کي ڏيڻ ۾ ٿئي ٿو. بھرحال ان هوندي به اها ملئي ماڻهن جي عظمت جي ڳالهه آهي، جيڪا هرهڪ ڌاريون محسوس ڪري ٿو ته ملئي آفيسر، سياستدان، حاڪم ۽ سرڪاري ڪاموري کي مغروري بنھه ناهي _ پوءِ چاهي هو گورنر يا چيف منسٽر هجي يا پوليس ڪمشنر يا ڪنھن کاتي جو وڏو سيڪريٽري، ڊائريڪٽر. پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ڪو هو ڊيوٽي، انتظاميا ڊسيپلين ۾ ڍرا آهن. قاعدي قانون جي معاملي ۾ هو بيحد سخت آهن.
ملاڪا جي گورنر جو گهر Seri_ Melaka نالي وچ شھر ۾ بندر روڊ (Jn. Bandar Hilir) تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي، جتان ڪالهه لنگهڻ وقت ماڻهن کي اوڏانھن ويندو ڏسي آئون به ڪار کي موڙي مٿي ٽڪريءَ تي چڙهي پيس جو هي ڏينھن اهڙو آهي جنھن تي هر عام خاص بنا ڪنھن اڳ جي وقت وٺڻ جي، گورنر سان ملي سگهي ٿو.
ڪار کي پارڪ ڪندي ڀر واري ڪار مان لھندڙ همراهه کان پڪ ڪيم: ”ماڻهو گورنر کي مبارڪباد ڏيڻ پيا وڃن ڇا؟“
”مبارڪباد لاءِ ته صبح جو نائين کان هڪ بجي تائين سلسلو هو. هينئر فقط چانھه پاڻيءَ جي دعوت آهي.“
دل ۾ چيم ته هاڻ ڪجهه به ٿئي ته هلڻ کپي. گورنر سان ملڻ جو سٺو موقعو آهي پوءِ نڄاڻ ڪير ملن ڪنھن سان. گورنر صاحب جي گهر ۾ ايترو ضرور وڌيڪ رڌو پڪو هوندو ۽ ويھڻ لاءِ فالتو ڪرسيون هونديون جو جتي ٻه هزار دعوتي ويھي کائي پي سگهن، اتي هڪ مون جھڙو بي دعوتو به گذارو ڪري سگهي ٿو.
گيٽ وٽ دربانن ۽ پوليس وارن آڌرڀاءُ ڪيو. گورنر جي سيڪريٽري انچڪ ملڪ ڀليڪار ڪئي ۽ ان وقت دعوت نامي جي ڪارڊ سان گڏ سڄي ڏينھن جو پروگرام (Perayaan) ڏنو. ان ئي وقت اسان جي ڀر واري فوجي اسپتال Terandak-Camp ۾ ڪم ڪندڙ اسان جو يار ڪرنل موهن سنگهه به پھتو _ جيڪو پاڻ ريڊيالاجسٽ آهي ۽ سندس زال ملاڪا جي جنرل اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر.
”يار الاهي ڏينھن ٿي ويا آهن جو پاڻ مليائي نه آهيون.“ هن روايتي سکن واري نموني ۾ مرڪندي کيڪار ڪئي.
”ڪرنل موهن! ڳالهه اها آهي ته مون فٽ بال کيڏڻ ڇڏي ڏنو آهي،“ مون هٿ ملائيندي وراڻيومانس، ”نه ڄنگهه يا پير ڀڄي نه تو وٽ ايڪسري لاءِ اچان.“
”او ياران! مون سمجهيو ته واپس پاڪستان هليو ويو آهين.“
”بس هاڻ موڪل تي وڃڻ وارو آهيان.“
اڱڻ لتاڙي گورنر جي گهر اڳيان ڇٻر تي پھتاسين. دير سان پھتا هئاسين سو اڳھين چڱا ماڻهو اچي چڪا هئا. چوڌاري شاميانا ۽ تنبو لڳل هئا. وچ تي کاڌن سان سينگاريل ٽيبلون هيون. گورنر جي ويھڻ لاءِ ڪجهه مٿڀري اسٽيج هئي. ڪرنل موهن کي چيم: ”تون ڀلي جتي وڻنئي اتي ويھه. مون کي آزاد ڇڏ ته آئون هن موقعي جو فائدو وٺي گهڻي کان گهڻن ماڻهن سان ملي وٺان.“
هاڪي ٽيم جو وائيس پريزيڊنٽ داتڪ تامبي چِڪ بن حسن، اسان جي علائقي جو ميمبر نمائندو داتڪ محمد بن جائس، اميگريشن جو ڊائريڪٽر جميل بن جنتان، داتڪ ڊاڪٽر ناگا ۽ ٻيا ڪيترائي پھرين جا سڃاڻا ۽ واقفڪار پڻ هئا.
داتڪ تامبي چڪ بن حسن پاڪستان مان ايندڙ هاڪي ٽيم جو ٻڌايو ته اپوح (پيراق) ۾ کيڏڻ لاءِ اچي رهي آهي. سندس ڀر ۾ ويٺل ٻين معزز سياستدانن ۽ ملاڪا جي اهم عهديدارن پاڪستان جي هاڪي ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي تعريف ڪئي. اهي رانديون اهڙيون آهن جيڪي هن پاسي گهٽ کيڏيون وڃن ٿيون. هتي جي ماڻهن لاءِ جيتوڻيڪ فوٽ بال راند سڀ ڪجهه آهي، پر دنيا ۾ ٿيندڙ ٻيون رانديون پڻ ٽي ويءَ تي شوق سان ڏسن ٿا. هتي جون اخبارون هميشه راندين جي خبرن سان ڀريل هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته ملائيشيا جا ماڻهو پاڪستان کي هاڪي، ڪرڪيٽ ۽ اسڪاش ڪري سڃاڻن ٿا. هنن کي ڪيترن عرب، آفريڪن ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جي سربراهن جا نالا يا انهن ملڪن ۾ ٿيندڙ اهم سياسي، سماجي، سائنسي ۽ ٻين اهم ڪمن ۾ حصو وٺندڙن جي نالن جي خبر هجي يا نه پر مٿين راندين جي پاڪستاني رانديگرن ڪليم الله، حسن سردار، حنيف خان، فيروز وسيم، شاهد علي، عمران خان، جاويد ميانداد، محسن خان، مدثر نذر، عبدالقادر ۽ جهانگير خان، قمر جھان ۽ جمشير خان کان چڱيءَ طرح واقف آهن.
ٿوري دير بعد ملاڪا جو چيف منسٽر داتڪ رحيم بن تامبي چڪ ۽ سندس زال داتن زبيده آئي ۽ ان کان پوءِ سگهو ئي گورنر ٽِي. واءِ. ٽِي سيد احمد شھاب الدين ۽ سندس زال پُئان سري داتن شريفان حنيفان پهتي. گهاٽي جهڙ ۽ رنگين ڪپڙن ۾ ماحول وڻندڙ لڳي رهيو هو. هھڙين دعوتن ۾ ملائيشيا ۾ باتڪ جي قميص پرتڪلف ڊريس سمجهي وڃي ٿي، جنھن جا نمونا ڏسڻ وٽان هوندا آهن. انهن قميصن تي مختلف پورَن ۽ رنگن جي ڇُرَ ۾ هن پاسي جو آرٽ ۽ ڪلچر سمايل ٿئي ٿو. مختلف آرٽسٽ پنھنجي اندر جي اڌمن کي ڪپڙي تي ائين ظاهر ڪن ٿا، جيئن شاعر پنھنجا جذبا شاعريءَ ذريعي ڏيکارين ٿا. هڪ ڌارئين کي ملائيشيا ۾ اچي باتڪ (ڇُرَ) جي ڪپڙي جون مختلف ڊيزائنون ضرور ڏسڻ کپن. ان لاءِ ڪوالالمپور جي تنڪو عبدالرحمان روڊ جا ڏهه ٻارهن ڪپڙي جا دڪان (گلوب سلڪ اسٽور سميت) ڏسڻ کپن يا وري ڪنھن گورنر، وزير يا سلطان جي هڪ ئي دعوت ۾ حاضري ڀرڻ ڪافي آهي. اهڙن ڪاڄن ۾ کيس ڪيداح، پيرلس، ترنگانو، ڪئانتان رياستن کان وٺي جڪارتا، بالي، سنگاپور، برونائيءَ جي باتڪ جا نمونا هڪ ئي وقت نظر ايندا.
اهڙن موقعن تي ملئي رڌڻي جي آرٽ جي پڻ خبر پوي ٿي. ملئي ماڻهو اٽي، چانور، ناريل، کنڊ ۽ بيضن جون گهڻيئي مٺيون شيون ٺاهين ٿا. (کير جون مٺايون بنھه نه برابر ٺاهين). اهڙن دعوتن ۾ خاص خاص مٺيون ۽ چھريون شيون: ڪئيح ڪوچي (Kueh-Koci)، اونڊي اونڊي، گُولا ملاڪا، ڪئيح ڪيريا (Keria)، Seri-Muka، چُوچُو اڊانگ وغيره وغيره ٿين.
چانھه دوران گورنر کان پاڪستاني کاڌن بابت پڇيم:
“پاڪستاني ڪيترائي ڊش مون کاڌا آهن.” هن ٻڌايو: “قيمون نان، اڦراٽا، برياني وغيره. برياني ته هاڻ ڄڻ ملئي کاڌو ٿي ويو آهي. اڦراٽو پڻ هتي ايترو عام ٿي ويو آهي جو لڳي ٿو ته اصل کان هتي جو آهي ۽ اهو روٽي چنائي (Roti-Canai) جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪوالالمپور جي ”ڪولوسل سئنيما“ سامهون ڪنهن زماني ۾ هڪ پاڪستاني هوٽل، شايد عظمن نالي، هوندي هئي. مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ ان تي آئون اڪثر کائيندو هوس، خاص ڪري ڊگها نان، جن تي تر به لڳل هوندا هئا. هوٽل وارا انهن نانن کي استنبولي سڏيندا هئا. ان کان علاوه مختلف ٻوڙ ۽ ڀاڄيون پڻ. پر آئون ڪيداح رياست جو هجڻ ڪري _ جتي مرچ مسالي جو واهپو تمام گهڻو هلي ٿو، مون کي ڏکڻ هندستانين (مدراسين) جا کاڌا وڌيڪ پسند آهن، جو هو ڳاڙها مرچ گهڻا ڪم آڻين ٿا.
”ڪوالالمپور ۾ پاڪستان مسجد جي پٺيان هڪ سلوني ريسٽورنٽ جو کاڌو ۽ پينانگ ۾ دائود هوٽل جو کاڌو مون کي ڏاڍو وڻندو هو. سستائيءَ جو زمانو هو. ڊالر ۾ پيٽ ڀري ڀت ۽ ٻوڙ جي پليٽ کائبي هئي. اهو اڄ کان ٽيھه پنجٽييھه سال اڳ جو زمانو هو. هينئر ڪوالالمپور واري هوٽل ته الائي آهي به يا نه. پر پينانگ واري ننڍڙي دائود هوٽل هاڻ جيتوڻيڪ ٻماڙ يا ٽماڙ ٿي ويئي آهي. ان سان گڏ کاڌي جا اگهه به وڌي ويا آهن جيتوڻيڪ کاڌي جو اهو سواد ۽ لذت نه رهي آهي.“
ملاڪا جو گورنر تان سري سيد احمد شھاب الدين عمر جو 61 سالن جو هجڻ جي باوجود ڏسڻ ۾ عمر کان گهڻو ننڍو ۽ چست لڳي ٿو. اهو حال ٻين به ڪيترن ئي هتي جي رهاڪو ملئي ۽ چيني ماڻهن جو آهي. ان جو وڏو سبب ننڍي هوندي کان تمام گهڻو پنڌ ڪرڻ ۽ پيريءَ تائين رانديون کيڏڻ آهي. اسان جو هي ملاڪا جو گورنر پڻ هن عمر ۾ به هفتي جا ٻه ڏينھن گولف کيڏي ٿو. صبح جو اٿڻ سان ڪثرت ڪري ٿو. هن پاسي جي ماڻهن لاءِ اها ڳالهه کڻي وڏي نه هجي جو هو ته سنگاپور جي پرائيم منسٽر کي به جاگنگ ڪندو ڏسن ٿا، جيڪو ستر ٻاهتر سالن جو آهي ۽ جنھن جي مقابلي ۾ اسان وارو گورنر سٺ ٻاهٺ سالن وارو نوجوان ٿيو، پر اسان جي تر جي ملڪن جي ماڻهن لاءِ اها ڳالهه ضرور تعجب جوڳي هوندي، جتي جا ڪيترائي ٿلها سياستدان، وزير، سرڪاري عملدار، ائڪٽر، مولوي ۽ واپاري گهڻي کائڻ، گهڻي آرام، ۽ گهڻي سمهڻ ڪري صبح جو هنڌ تان اُٿي باٿ روم تائين ويندي وڏي ڳالهه سمجهن ٿا. پر ملئي ماڻهن جي ان چستي ۽ ڦڙتائيءَ جو مغربي ماڻهو به قدر ڪن ٿا.
تانسري (Tan Sri) سيد احمد شھاب الدين جي ڳالهين مان لڳو ته هو غريبن، دردمندن ۽ ضرورتمندن جو تمام گهڻو هڏڏوکي آهي ۽ هي عھدو هن لاءِ جيتوڻيڪ نئون آهي، جيڪو فقط ڏيڍ سال کان هن سنڀالڻ شروع ڪيو آهي، پر ان هوندي به عوام ۾ بيحد مشھور آهي. ان جو سبب فقط ۽ فقط عوام سان رلي ملي ۽ حال ڀائي ٿي رهڻ آهي.
”تون جمع نماز ڪھڙي مسجد ۾ پڙهين؟“ هن مون کان اوچتو سوال ڪيو.
”ڪمپونگ تينگا (Kg- Tengha) واري مسجد ۾ يا وري ڪمپونگ لِنگيءَ ۾“ تعجب مان جواب ڏيئي هن ڏي ڏسڻ لڳس ته هن اهو سوال ڪھڙي خيال کان ڪيو.
”آئون دراصل جمعي نماز هر دفعي نئين مسجد ۾ پڙهندو آهيان،“ گورنر ٻڌايو، ”نماز بعد ان مسجد جي جماعتين سان گڏ ويھي کانئن خبرون چارون ۽ مسئلا پڇندو آهيان. ڇو جو ڪيترا ڳوٺ ايڏو ڏورانھان آهن جو انهن جا غريب ۽ پوڙها ڳوٺاڻا مون تائين هلي ته اچي نٿا سگهن. سو ان ريت مون کي انهن سان ملڻ جو موقعو مليو وڃي. گذريل ٻن سالن ۾ اٽڪل سؤ کن مسجدن ۾ وڃي چڪو آهيان پر لڳي ٿو ته ملاڪا رياست ۾ اڃا به ايتريون مسجدون آهن جو اڃا توهان پاسي وارين مسجدن جو وارو نه آيو آهي نه ته توسان پھرين ملاقات ٿي چڪي هجي ها.“
رياست جي حاڪم جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي خوشي ۽ تعجب ٿيو. هي جو اسان ننڍي هوندي آکاڻيون ٻڌندا هئاسين ته هارون رشيد جھڙا اسلامي دنيا جا حاڪم چمڙا پوش ڪري غريبن، پوڙهن، بيواهن ۽ ڪمزورن جا ڏک درد معلوم ڪندا هئا، سو اهڙا حاڪم هھڙي ماڊرن ۽ مشغول دور ۾ به موجود آهن. اهي فقط تواريخ جي ٿلهن ڪتابن ۾ دٻجي نه ويا آهن.
ملاڪا شھر جي سونھن ۽ واڌاري ۾ جتي هتي جي چيف منسٽر داتڪ رحيم تامبي چڪ جو هٿ آهي اتي گورنر تانسري سيد احمد جون نيڪ صلاحون ۽ ساٿ پڻ شامل آهي. اهو ملاڪا جنھن ۾ فقط ٻه سال کن اڳ ڪا فائيو اسٽار هوٽل به نه هئي، تنھن ۾ هاڻ ڪيتريون ئي فائيو ۽ فور اسٽار هوٽلون، پارڪ، ويڪرا رستا ٿي ويا آهن. ٽوئرسٽن جي ڏسڻ لاءِ مِني ملائيشيا (Mini Malaysia) هوتان ريڪريسي، Bukit- Cina، ملاڪا جايا جھڙيون ڪيتريون ئي نيون شيون ۽ مسجد تاناح، الور گاجاح، تنجنگ بدارا، تنجنگ ڪِلنگ جھڙين جڳھين جو ايترو سڌارو ٿي ويو آهي، جو ڏسندي ئي ڏسندي پينانگ ۽ ڪوالالمپور بعد ملاڪا شھر گهمڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ ميڙا ڪري اچن ٿا.
تانسري سيد احمد لاءِ هي گورنريءَ جو عھدو نئون ضرور آهي، پر پاڻ ايڏن ئي اهم عھدن تي پھرين به ڪم ڪندو رهيو آهي. پاڻ هن کان اڳ ڪيداح رياست جو وڏو وزير (Mentri-Besar) رهي چڪو آهي. هڪ قومي سياسي ليڊر طور پڻ ڪم ڪيو آهي ۽ ان بعد ملائيشيا حڪومت طرفان سنگاپور جو سفير پڻ رهيو آهي.
”توهان کي هي نئون عھدو ۽ ملاڪا شھر ڪيئن لڳي ٿو؟“ مون پڇيو.
” ٽيھه سال هڻ هڻان جي نوڪري ڪرڻ بعد هن شھر ۽ هن عهدي ۾ فرحت محسوس ڪريان ٿو.“ هن ٻڌايو.
”توهان جڏهن ننڍا هئائو تڏهن ملائيشيا ۾ اسڪول ڪي ورلي هئا ۽ انگريزي پڙهائيءَ کان هرڪو ونءُ ويندو هوندو. پوءِ ان وقت پڙهائيءَ لاءِ توهان ۾ ڪنھن اتساهه پيدا ڪيو.“ گورنر کان مون ٻيو سوال پڇيو.
”مون پرائمري اسڪول جا چار درجا پنھنجي رياست ڪيداح جي ڳوٺ ڪُلِم (Kulim) ۾ پڙهيا،“ گورنر ٻڌايو، ”ويجهي ۾ ويجهو انگريزي اسڪول ’الور اسٽار‘ شھر ۾ هو، جيڪو اسان جي ڳوٺ کان سٺ ستر ميل پري آهي. آئون غريب جو ٻار هوس. بابا وٽ نه ايترو پئسو هو ۽ نه سگهه جو مون کي ٻئي شھر موڪلي سگهي. پر خوش قسمتيءَ سان الور اسٽار ۾ منھنجي پيءَ جي سوٽ رهندي هئي_ جيڪا اڄڪلهه جي پرائيم منسٽر داتڪ ڊاڪٽر مھاتير جي ماءُ ٿئي. آئون ان وٽ اچي رهيس. ڊاڪٽر مھاتير جو پيءَ محمد اسڪندر اتي جي انگريزي اسڪول جو ماستر هو. بلڪ اهو اسڪول هن جي ڪوشش سان کليو هو. هن مون ۾ وڌيڪ پڙهڻ جو جذبو ۽ روح ڦوڪيو. الور اسٽار بعد ڪوالالمپور ۾ پڙهيس.“
گورنر (Yang Di Petrua Negri) جو جيتوڻيڪ رياست جي انتظام ۾ سنئون سڌو هٿ نٿو ٿئي، پر تانسري سيد احمد شھاب الدين هميشه پنھنجي سياسي ۽ ائڊمنسٽريٽو تجربي مان ٻين کي صلاح مشورو ڏيندو رهي ٿو. کيس ان ڳالهه جي خوشي آهي ته اهي سياسي مسئلا جن ۾ قوم، مذهب ۽ ذات نيات جا چڪر ٿين ٿا، اهي ملائيشيا ۾ بنھه گهٽجي ويا آهن ۽ ملاڪا ۾ ته بنھه نه برابر آهن. اهو ڏينھن خالي ناهي جنھن تي ٽوئرسٽن جون بسون ۽ ٽئڪسيون ڀرجي ملاڪا نٿيون اچن ۽ ملاڪا ۾ ٽوئرسٽن جي ڏسڻ جي جاين مان ڪيتريون ئي: ميوزيم، ٽاور ڪلاڪ، ڊچن جا ٺھيل Standhuys، پراڻو سينٽ پال چرچ _ سڀ گورنر جي گهر ’سري _ ملاڪا‘ جي ڀر ۾ آهن. ”مون جهڙا اڌ مغزي ٽوئرسٽ توهان سان ملي توهان کي ضرور بيزار ڪندا هوندا.“ مون چيو.
”جيتوڻيڪ ٽوئرسٽن ۽ مھمانن جو وڏو تعداد کيڪارڻ لاءِ مون وٽ اڪثر ايندو رهي ٿو. پر مون لاءِ اهي باعث خوشي آهن. انهن مھمانن ۾ ڪيترا ته اسڪولي شاگرد هوندا آهن، جيڪي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هلي اچن ٿا. وڏي عھدي وارو ٿيڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته آئون پاڻ کي عوام کان پري رکان.“
گورنر جو ڏينھن نائين بجي کان شروع ٿئي ٿو جيڪو سندس آفيس ۾ پھچڻ جو ٽائيم آهي. منجهند جي مانيءَ تائين هن کي گهڻو ڪري رياست جي ڪم ڪارين ۾ مشغول رهڻو پوي ٿو. ڪنھن ڏينھن وزيرن، سفيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن جي اچڻ ڪري ڪاغذي ڪم رهجي ويندا آهن، جيڪي ٻپھريءَ ڪرڻا پون ٿا.
تانسري سيد احمد شھاب الدين گولف راند جو پڻ تمام گهڻو شوقين آهي ۽ شام جي وقت سندن ملاڪا جي Ayer-Keruh ڪنٽري ڪلب گولف ڪورس تي گولف کيڏڻ ٿيندو آهي. گولف کان علاوه فٽ بال سندس دلپسند راند آهي جنھن ۾ اسڪولي ڏينھن ۾ تمام گهڻو حصو ورتو هئائين.
سياست بابت ڪتاب ۽ سياسي اڳواڻن جون آتم ڪھاڻيون پڙهڻ سندس دلپسند وندر آهي. ان کان علاوه گلن ۽ پکين سان پڻ پيار اٿس.
”وندر جون گهڙيون گهر ۾ پوکيل گلن ۽ پاليل پکين سان ئي گذاريندو آهيان.“ پاڻ ٻڌايائين.
موڪلائڻ وقت پاڻ وري وري ملڻ لاءِ چيو. مون سندس ٿورا مڃيندي کيس ٻڌايو ته هن ملڪ جي وڏن ماڻهن جي اها عظمت ۽ وڏي ڳالهه آهي جو هو ڪنھن کي به ننڍو نٿا سمجهن. کين هٺ وڏائي ناهي ۽ سندن عزت ۽ شان جو راز ان ۾ آهي جو هو پڻ ٻين کي عزت ڏين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح عوام جون دليون جيتين ٿا.

ملڪ ۽ مسئلا

ڪرسمس واري رات، ملاڪا جي رامادا هوٽل ۾ جھازين جي هڪ گڏجاڻي ٿي. آخر ۾ ڳالهين دوران هڪ ايراني ڪئپٽن چيو: ”اسان جي ملڪ ۾ خبر ناهي ڪڏهن سڪون جو واءُ ورندو.“
تنھن تي لبناني سرويئر وراڻيس: ”توهان جي ملڪ ۾ ته وري به هڪ زبان (فارسي) آهي. هڪ مذهب (اسلام) آهي ۽ هڪ ئي فرقو (شيعا) آهي. لبنان جو سوچ ته ڇا حالت هوندي. ملڪ جي اڌ آدمشماري عيسائي آهي ته اڌ مسلمان. پنھنجو پاڻ ۾ ئي وڙهيو پيا مرون.“
ان تي ملئي ڪئپٽن چيو: ”ان خيال کان اسان ڀاڳ وارا آهيون جو اسان جي ملڪ ۾ ٽي قومون: ملئي، چيني ۽ انڊين رهن ٿيون ته به سڪون لڳو پيو آهي.“
سنگاپور جي چيف انجنيئر چيو: ”اهو ته ڪجهه به ناهي. اسان جي ملڪ سنگاپور ۾ نه فقط ٽي مختلف قومون رهن ٿيون (چيني، انڊين ۽ ملئي) پر سرڪاري زبانون ۽ مذهب به اوترائي گهڻا آهن ته به اسين سنگاپوري سانت ڀري زندگي گذاريون ٿا.“
پري کان يوگوسلاويا جي ڪنھن شپ يارڊ جو هڪ آرڪيٽيڪٽ انجنيئر، جيڪو چڱي دير کان سڀني جي گفتگو ٻڌي رهيو هو، تنھن رڙ ڪري چيو: ”رڳو پنھنجي يخي ويٺا هڻو. ڪنھن منھنجي ملڪ يوگوسلاويا جي اندرين ۽ ٻاهرين حالتن جو به جائزو ورتو آهي؟“
مڙيئي چپ ٿي ويا. سنگاپوري چيف انجنيئر وسڪيءَ جو گلاس چپن تان هٽائي ٽيبل تي کڻي رکيو. لبناني سرويئر اڌ گابري ڇڪيل سگريٽ کي مروڙي سروڙي کڻي آئش ٽري ۾ ڦٽو ڪيو. سڀ يوگوسلاويا کان آيل همراهه ڏي گهورڻ لڳا.
”ٻڌو! اسان جي ملڪ يوگوسلاويا ۾،“ يوگوسلاوين همراهه چيو، ”ٻه لکڻيون: لئٽن (Latin) ۽ سائريلڪ (Cyrillic) استعمال ٿين ٿيون. ٽي وڏا مذهب: آرٿوڊڪس، ڪئٿولڪ ۽ اسلام آهن ۽ چار تھذيبون: لئٽن، جرمن، سلاوڪ ۽ اورينٽل آهن. ان کان علاوه اسان جي ملڪ ۾ پنج قومون: سرب (Serbs)، ڪروٽ (Croats)، سلوون (Slovenes)، مئڪڊونين(Mecedonian) ۽ مانٽينگرو (Montenegro) رهن ٿيون. ڇھه صوبا: سربيا، ڪروٽيا، سلووينيا، مئڪڊونيا، مونٽينگرو ۽ بوسنيا آهن ۽ چوڌاري سَتَ پاڙيسري ملڪ: اٽلي، آسٽريا، هنگري، رومانيا، بلغاريا، يونان ۽ البانيا آهن _ ته به اسين خوش آهيون. ڪنھن پڙهيو آهي اخبار ۾ ته اسان وڙهون ويٺا.“
سڀ اهڙو ڪڇن جھڙو ڀت.

(پر افسوس جو ان ڳالهه کان ڪجهه سال بعد مارشل ٽيٽو جي مرڻ تي يوگوسلاويا ۾ اهڙي باهه ٻري جو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو _ادارو).

ملائيشيا ۾ عيد نماز ۽ شادي مرادي

ملائيشيا ۾ پھرين ’عيد نماز‘ تي مسجد ۾ ويندي وقت سوچيو هوم ته ملائيشيا ۾ عيد ملڻ جي خبر ناهي ڇا رسم هوندي. پنھنجي ڳوٺ ۾ ته نماز بعد سڀني سان هڪ دفعو ڀاڪر پائي عيد جون مبارڪون ڏبيون وٺبيون آهن. چٽگانگ ۽ ڪراچيءَ جھڙن شھرن ۾ آياسين ته خبر پيئي ته عيد مبارڪ ڪرڻ لاءِ هڪ نه پر ٽي ٽي ٽَڪر هڻڻا آهن _ يعني ڀاڪر پائڻا آهن.
۽ هاڻ ملائيشيا جي پھرين عيد هئي. ڀر ۾ مون سان گڏ آيل پاڪستاني چيف انجنيئر آصف ويٺو هو. تنھن کان پڇيم: ”استاد هتي ڪيترا ڀاڪر پائڻا آهن؟“
”نماز پوري ٿيڻ تي ئي خبر پئجي سگهندي.“ هن وراڻيو.
”پر يار جي ٽن کان وڌيڪ ڀاڪر پائڻ جو چڪر نڪتو ته پاڻ پنھنجو ٽن وارو ئي قائم رکنداسين.“ مون آصف کي چتاءُ ڏنو. جواب ۾ هن رڳو مرڪيو.
جڏهن نماز ۽ خطبو پورو ٿيو ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڇا جي ڀاڪرن جي لانڍ ڇا جي هرهڪ سان عيد مبارڪ. هر هڪ فقط پنھنجي ڀر واري سان هٿ ملائي اٿي کڙو ٿيو. مسجد جي گيٽ تائين ۽ گيٽ کان ٻاهر ڪار تائين فقط هڪ ٻن گهڻي ڄاڻ سڃاڻ وارن هٿ ڏيئي ”سلامت هَري رايا“ (عيد مبارڪ) چيو نه ته الا الا، خير سلا.
آصف کي چيم: “جزاڪ الله. مون کي ملائيشيا جي عيد جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي. وس پڄي سگهيو ته ڀر واري ملڪ ۾ هجبو تي به عيد نماز هلي اچي ملائيشيا ۾ پڙهبي.”
هونءَ عيد نماز ۽ جمعي نماز سڄي ملائيشيا ۾ هڪ ئي وقت تي پڙهي وڃي ٿي. منھنجي خيال ۾ ان کان اسان وارو طريقو سٺو آهي ته نماز لاءِ مختلف مسجدن ۾ مختلف وقت رکيل آهن. جيئن ڪنھن کي دير ٿي وڃي ته هو هڪ بدران ٻي مسجد ۾ پڙهي سگهي. يا کيس ڪيڏانھن ڪم سانگي وڃڻو هجي ته سوير وقت واري مسجد مان نماز پڙهي، ڪم ڪار لاءِ روانو ٿي وڃي.
پاڻ عيد تي سويون ٺاهيون، ملئي ماڻهو بسڪيٽ ٺاهين. رمضان جو سڄو مھينو ملئي مائيون دڪانن تان اٽو، مئدو، مکڻ، مارجرين، بيضا، ناريل ۽ ڏونگهين جي ڪاتر، رنگ ، خوشبو ۽ ٻيون بسڪٽ ۽ ڪيڪ ٺاهڻ جون شيون خريد ڪري گهر ۾ قسمين قسمين بسڪٽ ٺاهين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بسڪٽ ڪيڪ ٺاهڻ ۾ ٻئي ڪنھن ملڪ جو عوام ايڏو هوشيار نه هوندو، جيڏو ملائيشيا جو ننڍو وڏو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هڪ جي گهر ۾ بسڪيٽ کائي کائي دل ڪچي ٿي پوندي آهي. ملئي سڄو سال ڪنھن جي گهر نه وڃن پر عيد تي ضرور ويندا. ۽ عيد فقط هڪ يا ٽي ڏينھن نه پر شوال جو سڄو مھينو ملهائين. يعني ضروري ناهي توهان عيد واري ڏينھن ڪنھن جي گهر وڃو پر ڪنھن به ڏينھن وڃي سگهو ٿا. ميزبان ٺھيل بسڪٽ جي هر قسم مان لپ لپ پيالن ۾ وجهي مھمانن اڳيان اچي رکندو آهي. مھمان جيڪي ٻه چار کاڌا اهي کاڌا باقي پراڻي زماني جي گاسليٽ جي خالي دٻن ۾ واپس رکي ڇڏيندا. بسڪٽ کارائڻ بعد پيئڻ لاءِ چانھه، ڪافي، گلاب جو شربت يا ڪجهه ٻيو ڏين. ڏٺو وڃي ته ان ۾ نه ميزبان کي تڪليف نه مھمان تي گهڻو بار. سادي سودي مزمانيءَ تي ويھي ٻه چار دل جون ڳالهيون ڪن ۽ ٽھڪڙا ڏين. ملئي ماڻهن ۾ پرائي پچار، جهيڙو جهٽو يا گارگند بنھه ناهي. انھيءَ جي ساک هتي جا چيني، هندو ۽ سک پڻ ڏيندا.
ڪن ڪن گهرن ۾ آيل ٻارن کي هڪ ڊالر خرچيءَ طور ڏين ۽ اهو هڪ هڪ ڊالر غريب توڙي امير هڪ جيترو هرهڪ ٻار کي خرچيءَ طور ڏئي. چيني پڻ سندن نئين سال تي گهر ۾ آيل ٻارن کي فقط هڪ هڪ ڊالر خرچيءَ طور ڏين _ جنھن کي ”انگ پائو“ سڏجي ٿو. غريب توڙي امير جي ٻار جي هٿ ۾ شام تائين ذري گهٽ هڪ جيترائي پئسا هوندا. نه ڪنھن کي غربت ۽ ننڍي هجڻ جو احساس ۽ نه وري ڪنھن کي احساس برتري ۽ اميريءَ جو اجايو شان. يعني گهڻي گِھَلَ، کوکلي شان ۽ شوبازيءَ کان هتي جي ماڻهن اڃا تائين پاڻ کي ڪافي بچائي رکيو آهي.
اهڙيءَ طرح ‘ملئي شاديءَ’ تي به گهٽ خرچ ۽ گهٽ کٽراڳ ٿئي ٿو _ چاهي امير جي شادي هجي يا ڪنھن غريب جي. نڪاح هڪ ڏينھن اڳ ۾ چند مائٽن اڳيان ٿئي ٿو. ٻئي ڏينھن اوڙي پاڙي جا مٽ مائٽ دوست يار وليمي جي دعوت تي اچن جيڪا هر هنڌ يارهين بجي کان چئين بجي تائين هوندي آهي. ان مقرر وقت ۾ جنھن کي جنھن وقت سھوليت لڳي، اچي ماني کائي وڃي. مانيءَ جو مينو به هر هنڌ ذري گهٽ ساڳيو. ڪڪڙ جو مٺو کٽو ٻوڙ، مڪس ڀاڄين جو ٻوڙ. ڳائي گوشت جو ڇڊو ٻوڙ، انناس جو آچار ۽ ڦڪرا پاڻيءَ پسيا چانور. مِٺي ۾ رنگين جيليءَ جون برفي وانگر چڪيون چڪيون. ڪنھن ڪنھن وٽ کڻي گيھه ۽ بصر تي داغ ٿيل ڀت هوندو. پاڻيءَ بدران گلاب جو هلڪو مٺو ۽ ڳاڙهو شربت. چئن چئن ماڻهن لاءِ هڪ خومچو پوري پني مانيءَ جو آڻي رکندا آهن. ڪڪڙ جي ٻوڙ ۾ به هڪ يڪو وڏو ٽڪر هوندو آهي، جنھن مان چارئي ورهائي کڻن. دعوت ۾ اچڻ وقت هرهڪ پنھنجي دوستي موجب هڪ ڊالر، ٻه ڊالر يا پنج ڏھه ڊالر پوئو ڏين، جيڪو در وٽ ويٺل همراهه رجسٽر ۾ نوٽ ڪري _جيڪا پرائي ڀاڄي سمجهي ان همراهه کي ان جي ڪاڄ تي موٽائي ويندي آهي. پوري ٻي بجي گهوٽ ڄڃ سميت ڪنوار جي گهر پھچندو آهي. ساڻن گڏ بئنڊ باجي وارن بدران اٺ ڏهه ڄڻا هڪ ئي ورديءَ ۾ دڦ وڄائيندا، درود شريف ۽ حمد پڙهندا، پھچندا آهن. گهوٽ در وٽ اچي بيھندو آهي. باقي ڄاڃي اندر هليا ايندا آهن. پوءِ ڪنوار پنھنجين ٻن ساهيڙين سان گڏ گهر مان نڪري اچي گهوٽ جي ڀر ۾ بيھندي آهي. ٻنهي ساهيڙين کي اُس ۽ مينھن جي بچاءَ لاءِ رنگين ڇٽيون هونديون آهن، جيڪي گهوٽ ڪنوار مٿان جهلي بيھن. انهن جي ڀر ۾ ننڍا ٻار بانس جا ڊگها لڙها جهلين، جن ۾ پني جا گل ۽ پنيون چنبڙيل هونديون آهن. مولودي وري دڦ وڄائڻ شروع ڪندا آهن ۽ گهوٽ ڪنوار اندر اچي وڏين ڪرسين تي ويھن. ڪجهه ساٽ سوڻ هلندا آهن جن ۾ گهڻن جو واسطو مذهب _ اسلام سان نه پر هتي جي گڏيل تھذيب ۽ ڪلچر سان آهي، جن ۾ ڪجهه ڪجهه رسمون هندن ۽ چيني ٻڌن ۽ پورچوگيزن جون پڻ هلنديون اچن _ جيئن پاڻ وٽ ڳوٺن ۾ ٻُڪي، وَنھه ۽ شاديءَ رات لانئن مھل جيڪي ساٽ سوڻ ۽ رسمون سر انجام ڏنيون وينديون آهن، اهي سالن کان هلنديون اچن ۽ انهن جو واسطو سنڌ ۽ اوسي پاسي جي علائقي: ڀوڄ، ڪڇ، مڪران، راجستان ۽ پنجاب جي ڪلچر سان آهي _ ۽ نه مذهب سان.
انهن ريتن رسمن بعد گهوٽ ڪنوار ۽ سندن ويجها عزيز ۽ دوست ماني کائيندا آهن. ان ٽولي لاءِ مڙيئي ٻه چار وڌيڪ شيون ٺھيل هونديون آهن: جھڙوڪ مڇي، گانگٽ ۽ هڪ اڌ ڪا ٻي مٺائي به. ماني بعد ڪنوار گهوٽ سان گڏ سندس گهر رواني ٿيندي آهي. پر هتي ملاڪا رياست ۾ گهوٽ کي ڪنوار جي گهر ۾ رهڻو هوندو آهي. ان ڪري ٽي چار ڏينھن گهوٽ جي گهر رهي، سامان سڙو کڻي هميشه لاءِ گهوٽ ڪنوار جي گهر اچي رهندو آهي.
هلڪي ڦلڪي ماني گهوٽ جي گهر به ٿيندي آهي، جيئن باقي سنگتي ساٿي جيڪي ڪنوار جي گهر اچي نه سگهيا سي کائي سگهن، پر جي گهوٽ ڪنوار جو گهر ويجهو آهي ته پوءِ هڪڙي ئي ماني ڪنوار جي گهر سندس خرچ تي ٿئي يا اڌو اڌ پئسا ڏين. شاديءَ يا ٻي ڪاڄ جي ماني هوٽل تان يا بورچيءَ کان نه پچرائين پر پاڙي جون عورتون ۽ مرد گڏجي رڌين. ٿانوَ ۽ چادرون به پاڙي مان وٺي اچن. مانيءَ بعد هرهڪ مھمان کي گهر وڃڻ وقت اوٻاريل بيضو ڏنو ويندو آهي. اها در اصل چينين جي پراڻي رسم آهي جيڪا هتي جي ملئي مسلمانن ۽ هندن ۾ پڻ هلندي اچي. چيني بيضي کي ويجهه (Fertility) جي علامت سمجهن ٿا.
شاديءَ وارا ٻه ڏينھن گهوٽ ڪنوار پنج ڇھه مختلف وڳا بدلائي فوٽو ڪڍرائين، جنھن جو پوءِ آلبم ٺاهي سڀني کي ڏيکارين. شاديءَ وارن ڏينھن ۾ پھريل وڳا چڱا قيمتي ٿين ۽ اهڙا جهڳ مڳ وارا ڪپڙا فقط شاديءَ تي ئي پاتا وڃن ٿا يا وري چيني ڊرامن ۽ اوپيرا شوز ۾. پاڻ وٽ به ڪنوار جو شاديءَ رات وارو ڳاڙهو وڳو ڪافي قيمتي هوندو آهي _ جيڪو فقط ان ئي رات پاتو وڃي ٿو باقي عمر ان کي اڏوهي ۽ تٿو کائيندو آهي. پر هتي مزي جي ڳالهه اها جو شاديءَ جا وڳا ٺھرائڻ تي خرچ ڪرڻ بدران شاديءَ تي گهوٽ ڪنوار اهي وڳا دڪان تان مسواڙ تي وٺي ايندا آهن. ملائيشيا جي هر شھر ۾ ڪيترائي اهڙا دڪان آهن جتي هر ماپ جون ملئي، انڊين ۽ چيني ’شاديءَ جون ڊريسون‘ مسواڙ تي ملن. نه فقط ڊريسون پر ڪوڙا ڳھه پڻ. خاص ڪري مٿي تي رولڊ گولڊ جو ڇٽ ته هرڪا ملئي ڪنوار پائي _ جنھن جي ٽن ڏينھن جي مسواڙ ڏهه پندرهن ڊالر مس ٿئي.
هڪ ملئي جوڙي کان سندس شاديءَ جو خرچ پڇيم:
”مانيءَ ۽ ڪپڙن تي ڏيڍ هزار ڊالر خرچ آيو.“ هن ٻڌايو. ”پر ماڻهن کان جيڪي اڍائي هزار ڊالر تحفي ۾ مليا انهن مان ماني ٽڪيءَ جو خرچ لاهي باقي بچيل هزار ڊالرن مان نئين ورتل گهر لاءِ فرنيچر ۽ ٻيو سامان ورتوسين.“
”۽ گهر؟“ مون پڇيومان.
”سرڪار کان جيڪو شاديءَ لاءِ اسان کي قرض مليو هو اهو سمورو ڏيئي سرڪار طرفان ٺھيل سستو گهر (Rumah- Awam) ورتوسين. باقي رهيل پئسا ننڍين قسطن ۾ ويھن سالن اندر پيارڻا آهن. پر اها قسط اسان لاءِ آسان آهي جو هونءَ جيڪي سؤ ڊالر پرائي گهر جي مسواڙ تي ڏيندا هئاسين اها هاڻ قسط ۾ ڏينداسين.“
منھنجي خيال ۾ شاديءَ جو ان کان وڌيڪ سادو، سٺو ۽ سستو نمونو ٻيو شايد ئي ڪٿي هجي. شاديءَ بعد قرضي ٿيڻ بدران هتي ملائيشيا ۾ گهوٽ ڪنوار جو صحيح معنيٰ ۾ نئون گهر ٺھيو وڃي.

رتو ديرو يا نئون ديرو

ڪوالالمپور شھر جو سڄو نالو وٺڻ بدران ملائيشيا ۾ ڪنھن کي فقط ”ڪوالا“ پڇڻ سان هو هرگز سمجهي نه سگهندو ته توهان جي ڪوالا سان مراد ڪوالالمپور آهي. ڇو جو هتي ملائيشيا ۾ ڪيترائي شھر آهن جيڪي ڪوالا سان شروع ٿين ٿا. ملائيشيا ۾ ڪوالا ائين آهي جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ ٽنڊو. هاڻ فقط ٽنڊو چوڻ سان ٻئي کي ڪھڙي خبر ته آيا اهو ٽنڊو آدم آهي يا ٽنڊو قيصر. ٽنڊو الهيار آهي يا ٽنڊو محمد خان. اهڙيءَ طرح ملائيشيا ۾ ڪيترن ئي ننڍن وڏن شھرن جا نالا ڪوالا سان شروع ٿين ٿا. جھڙوڪ: ڪوالا ٽرينگانو (جيڪو ٽرينگانو رياست جي گاديءَ جو شهر آهي جيئن سيلينگر رياست ۽ سڄي ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ ڪوالالمپور آهي.) ان کان علاوه ڪوالا لپيس (Kuala Lipis)، ڪوالا ڪنگسار، ڪوالا ڪيرائي، ڪوالا ڪيلاوانگ، ڪئالا نيرانگ وغيره. اسان جي ڀر واري هڪ ڳوٺ جو نالو ”ڪوالا سنگائي بارو“ آهي.
”ڪوالا“ وانگر هتي ”ڪمپونگ“ پڻ مشھور آهي. ڪمپونگ جي معنيٰ ئي ڳوٺ آهي ۽ سندس استعمال به ايئن ٿئي ٿو، جيئن پاڻ وٽ ڳوٺ لفظ جو. ڳوٺ ڇتو چنڊ، ڳوٺ چوهڙ جمالي، ڳوٺ سانڌاڻ، ڳوٺ ونجهيريءَ وانگر هتي جي به ڪيترن ئي ڳوٺن جي نالي اڳيان ڪمپونگ (ڳوٺ) اچي ٿو. مثال طور: ڪمپونگ جاوا (جاوي ماڻهن جو ڳوٺ)، ڪمپونگ لمبو (ڍڳي جو ڳوٺ)، ڪمپونگ لائوت (سامونڊي ڳوٺ)، ڪمپونگ بيسار (وڏو ڳوٺ)، ڪمپونگ عُلار (نانگ جو ڳوٺ) وغيره وغيره. (ريڊيو تان گانن جي فرمائش موڪليندڙن جا نالا ٻڌي ٻڌي مون به ڪافي ڳوٺن ۽ شھرن جا نالا ياد ڪري ورتا آهن). ها، هتي جي هڪ ڳوٺ جو نالو ڪمپونگ نيوزيلئنڊ به آهي. پاڻ وٽ به هڪ ڳوٺ جو نالو ”ڳوٺ بنگلاديش“ به آهي، جيڪو سڪرنڊ ڀرسان آهي.
۽ جيئن پاڻ وٽ هڪ کان وڌيڪ ڳوٺن جا ساڳيا نالا به ٿين جيئن حيدراباد ضِلعي جو سعيدآباد ۽ دادوءَ جو ڀان سعيدآباد تيئن ملائيشيا ۾ پڻ آهي. مثال طور ڪمپونگ گاجاح (هاٿيءَ جو ڳوٺ) ٽن مختلف شھرن جو نالو آهي، جيڪي مختلف رياستن: جوهر، ڪيلنتان ۽ پيراق ۾ آهن.
پاڻ وٽ ڪيترن ئي شھرن جي نالن سان نئون، پراڻو، آباد، پور، ديرو، ڪوٽ جھڙا لفظ اڳيان يا پويان اچن ٿا، تيئن هتي ملائيشيا ۾ بارو (نئون)، توئا (پوڙهو يا پراڻو) پنجنگ (سمنڊ اندر گهڙيل زمين جو حصو)، ڪوٽا (ڪوٽ، ديرو)، سُنگائي (درياءُ)، لانگ (ڪفن، مقام)، پاسر (بيابان، واري)، سمپانگ (چوواٽو)، پاڊانگ (پوک/ٻني) شھرن جي نالن ۾ جام استعمال ٿين ٿا.
اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جي شھرن توڙي ڳوٺن جو اڌ نالو وٺڻ بدران هميشه سڄو نالو ياد رکڻ کپي ڇو جو فقط اڌ نالو کڻڻ سان ٿي سگهي ٿو، اهو اڌ ٻين شھرن ۾ به ساڳيو هجي، جھڙوڪ: ‘ڪوٽا ٽنگيءَ’ جو سڄو نالو وٺڻ بدران فقط ’ڪوٽا‘ چوڻ ايئن آهي جيئن فقط ‘ڪوٽ’ چوڻ مان ڪھڙي خبر پوندي ته اهو عمر ڪوٽ آهي يا ڪنڌڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي يا ڪوٽ غلام محمد! اهڙيءَ طرح فقط ”ديرو“ چوڻ سان ڪھڙي خبر ته رتو ديرو، بائوديرو يا نئون ديرو! ٺلهو ”ميرپور“ چوڻ مان ڪھڙي خبر ته اهو ميرپور خاص آهي، ميرپور ماٿيلو يا ميرپور ساڪرو. تھڙيءَ طرح ملائيشيا ۾ ڪوٽا سان ٻيا به ڪيترائي شھر آهن، جھڙوڪ: ڪوٽا بارو، ڪوٽا ڪِنابالو، ڪوٽا تمپان، ڪوٽا لينگانگ، ڪوٽا سيتيا وغيره وغيره.

پکين پچارون

ملائيشيا جي اخبارن ۾ پکين ۽ جانورن جون خبرون به واهه جون اچن ٿيون. ظاهر آهي اهو ملڪ جنھن کي دنيا جو ٻيلو سڏجي ٿو، ان ۾ پکين، جانورن ۽ جيت بلائن جون دلچسپ ڳالهيون ڀلا ڇو نه هجن. هتي ٻھراڙيءَ ۽ ڳوٺن ۾، گهرن جي ٻاهران لوڙها ڏنل آهن. پر اهي چورن جي ڊپ کان نه پر جانورن جي بچاءَ کان آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڌڻن جا ڌڻ هاٿين، ڀولڙن يا سانن جا پوکيل فصل ۽ ڳوٺاڻن گهرن ۾ گهڙي پوندا آهن.
گذريل سال به خبر پيئي ته عيد تي ترينگانو رياست جي هڪ ڳوٺ وارن نه عيد نماز پڙهي ۽ نه ٽن ڏينھن تائين هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ نڪري سگهيا جو هاٿين جو هڪ ڌڻ ڀر واري جهنگل مان نڪري ان ڳوٺ جي چوڌاري اچي ويھي رهيو هو. آخر ٽئين ڏينھن ٻيلي کاتي وارن اچي هنن کي ڀڄائي ڪڍيو، تڏهن ڳوٺ جا ماڻهو ٻاهر نڪتا.
ڪجهه ڏينھن پهانگ رياست جي پڻ اهڙي خبر اخبار ۾ آئي هئي ته اتي جي هڪ ڳوٺ ۾ هاٿين جي ٻن ڌڻن بيٺل لکھا ڊالرن جي فصل کي لتاڙي چٽ ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترائي انڊين جا ڪچا ۽ ملئي ماڻهن جا ڪاٺاڻا گهر ڊاهي وڌا. ڪو اڪيلي سر هاٿيءَ کي مارڪٽ ڪندي به ڊڄي ٿو جو هاٿيءَ جو يادگيرو تمام گهڻو آهي ۽ هو ڳولي ڳولي ان ماڻهوءُ کان بدلو وٺي ٿو. هاٿين بعد ٻئي نمبر تي ڀولڙن، سوئرن، سانن، مانگر مڇن ۽ گينڊن جي ڪيل نقصانن جون خبرون اينديون آهن.
ڪي خبرون وري دلچسپ نوعيت جون هونديون آهن. مثال طور: ’باگاس رائي‘ ڳوٺ جي هڪ همراهه جي ڪڪڙ جي خبر آئي هئي ته اها ناريل جو سڄو وڻ چڙهي مٿي چوٽيءَ تي وڃي بيضو لاهي ٿي.
ڪڪڙ جي مالڪ حاجي مختيار (عمر چاليھه سال) ٻڌايو ته ڪڪڙ کي وڻ تي چڙهڻ جي ايڏي پرئڪٽس ٿي ويئي آهي جو بيضو لاهڻ مھل ٽيھه فوٽ ڊگهو ٿڙ لتاڙي مٿين ٽارين تي وڃيو آنو لاهي ٿي. ڪيترن ماڻهن مختيار کي اها ڪڪڙ وڪڻڻ لاءِ ناڻي جي آڇ ڪئي، پر هن انڪار ڪيو.
هڪ چچيءَ جي خبر فوٽو سميت آئي هئي ته هڪ ڳوٺ ۾ فلاڻي همراهه جي گهر ۾ هڪ اهڙي چچي آهي، جنھن کي ٻه پُڇ آهن.
ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ خبر مينا پکيءَ جي آئي هئي. خبر جو عنوان هو: ”تامل ڳالهائيندڙ مينا سڄي ڳوٺ جي ڳالهه“ ۽ پوءِ خبر ۾ هو ته تائپنگ ضلعي جي هڪ ڳوٺ ”توپائيءَ“ ۾ هڪ اهڙي مينا آهي جيڪا تامل زبان ڳالهائي ٿي ۽ ٿوري ٿوري ملئي پڻ. هن کي ڏسڻ لاءِ نه فقط توپائي ڳوٺ جا پر پري پري کان ماڻهو اچي رهيا آهن.
راجا چيليھا _ جنھن تامل همراه جي اها مينا آهي، جي گهر ۾ جيڪو به وڃي ٿو ته اها مينا تامل زبان ۾ ‘سا پي تيا’ چئي کيڪاري ٿي _ يعني تو ماني کاڌي آهي؟
هن پکيءَ کي گهر جي سڀني ڀاتين جا نالا ياد آهن. ڊبل روٽيءَ وارو جيئن ئي اچي ٿو ته ”روٽي روٽي“ چئي سڀني کي اطلاع ڪري ٿي.
راجا ٻڌايو ته هن کي اها مينا، ٻيلي ۾ ڪم ڪندي، هڪ وڻ هيٺان زخمي حالت ۾ ملي هئي. هاڻ هوءَ گهر جي هڪ ڀاتيءَ وانگر هنن وٽ رهي ٿي. گهر جا ڀاتي کانئس هڪ پل به جدا ٿيڻ نٿا چاهين. جيتوڻيڪ ”پکي ڌارڻ جو لائسنس“ ٺھرائڻ ۾ دير ڪرڻ ڪري ٻيلي کاتي وارن کانئس اها مينا هڪ هفتي لاءِ کسي ورتي هئي. پر پوءِ پندرهن ڊالر پياري، لائسنس ٺھرائڻ بعد کيس موٽائي ويئي.
هڪ خبر ۽ تصوير ”پاسرماس“ ڳوٺ جي انچڪ مات صالح اوانگ ۽ سندس پاليل هڪ سھڻي پکيءَ جي آئي هئي ته سندس هي پکي نماز جي وقتن تي مٺي آواز ۾ لات لنوي کيس نماز پڙهڻ جي ياد ڏياري ٿو. انچڪ صالح ٻڌايو ته پکيءَ جي ان خاصيت جي چڱيءَ طرح خبر کيس رمضان ۾ پيئي، جڏهن هو روزو رکڻ ۽ کولڻ مھل ايندڙ ٻانگ کان ڪجهه گهڙيون پھرين پنھنجي مٺيءَ ٻوليءَ ۾ سڏ ڪندو هو.
انچڪ صالح چيو ته هو ڪڏهن به ان پکيءَ کي نه وڪڻندو، جو هي پکي پروردگار طرفان کيس هڪ تحفو آهي. پاڻ هن پکيءَ جو نالو ’نمازي پکي‘ رکيو آهي.
پرلس رياست جي پوليس اتي جي ماڻهن کي هڪ آدم خور چيتي کان خبردار ڪيو آهي، جنھن سنگائي ڳوٺ جي هڪ ماڻهوءَ کي کائي وڌو آهي. ٻيلي کاتي وارا ان چيتي کي مارڻ پٺيان ڀڄ ڊڪ ڪري رهيا آهن، جو هنن جو چوڻ آهي ته هڪ دفعو انسان جو رت چکڻ بعد ان ڊپ جو انديشو آهي ته متان هو وري ماڻهن تي حملو ڪري.
ڪوالالمپور جي وائلڊ لائيف وارن سڀني ماڻهن کي چتاءُ ڏنو آهي ته سماتري گينڊي کي ڪو به نه ماري جو هن جي جنس دنيا ۾ ختم ٿيڻ واري آهي. (ياد رهي ته هن گينڊي جو سڱ مردانگي برقرار رکڻ ۽ شھوت وڌائڻ (Aphrodiatis) جي دوائن جي ڪم اچي ٿو. گينڊي جو سِڱُ چين ۾ تمام مھانگو وڪامي ٿو _ جتي جا حڪيم ان کي پيھي ٻورو ڪري ٻين شين سان ملائي طاقت، جواني، شباب جي دوا ٺاهي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڪرو ڪن ٿا.)
چون ٿا ته هن وقت هي گيندو سڄي دنيا ۾ فقط ملاڪا جي چڙيا گهر ۾ آهي، جيڪو گذريل سال نگري سيمبلان جي جهنگلن ۾ ڏکڻ هندوستاني مزورن کي نظر آيو هو. هو وڻن جي ڪٽائي ڪري رهيا هئا ته هي گينڊو ڀڄڻ دوران هڪ اونهي کڏ ۾ ڪري پيو.
ٻيلي کاتي وارن ٻڌايو ته چڱو جو مدراسي مزورن ان کي ڏٺو ۽ ڦاسائڻ لاءِ کين اطلاع موڪليو. جيڪڏهن چيني مزورن جي ور چڙهي ها ته اتي جو اتي کيس کائي سڱ چين، هانگ ڪانگ، تائيوان يا ڪوريا جي ڪنھن پساريءَ کي وڪڻي ڇڏين ها.
هونءَ هي گينڊو زولاجيڪل دنيا ۾ به وڏي هاڪ رکي ٿو. هن کان اڳ ان نسل جو گينڊو فقط راٽرڊم (هالئنڊ) جي چڙيا گهر ۾ هو، جيڪو 1973ع ۾ مري ويو هو. هن گينڊي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ملائيشيا حڪومت کي ڪيترن ئي ملڪن وڏيون وڏيون آڇون ڏنيون آهن. سنگاپور وارن ته ان جي تور جيترو سون ٿي ڏنو پر ملائيشيا وارن اهڙي ناياب شيءِ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڪيترائي يورپي ملڪن جا شاگرد هن گينڊي تي ملاڪا ۾ اچي ريسرچ ورڪ ڪري رهيا آهن.

ڪاڪوس ۾ ڪسٽرڊ کائڻ

اسان وٽ هند سنڌ ۾ انب فقط اونهاري جا ٻه ٽي مھينا هلن ٿا. پر ملائيشيا ۾ جيئن ته ٻارهوئي هڪ جھڙي موسم آهي سو سڄو سال انبن جون مختلف جنسون مارڪيٽ ۾ نظر اينديون. ساڳي طرح ڪيلا پڻ.
جيتوڻيڪ ڪيلي ۽ انب جي اصل جڳھه ملائيشيا آهي پر افسوس جو انهن ٻنهي ميون تي ملائيشيا وارن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي. انڊيا ۽ پاڪستان ۾ جتي اهي ٻئي ميوا گهڻو گهڻو پوءِ پھتا، سندن جنسون سڌاري کين لذيذ بنايو ويو آهي. انبن ۽ انبڙين مان به گهڻي ئي شيون: کٽائيءَ جو چورو، چٽڻيون، آچار، مربا، شربت، اسڪائش وغيره ٺاهيا وڃن ٿا ۽ سندن پئڪنگ پڻ ڏينھون ڏينھن ترقي ڪري رهي آهي.
هتي ملائيشيا ۾ ڪيلي جون جيتوڻيڪ چاليھارو کن جنسون آهن پر ڪا به اهڙي سٺي ناهي جھڙي سنڌ، پنجاب، بنگال يا انڊيا ۾ آهي. هتي جو ڪيلو نه فقط ميوي طور پر ڀاڄيءَ خاطر پڻ کاڌو وڃي ٿو. پسانگ اميون (جئميڪي ڪيلو) پسانگ اماس (سون ورنو ڪيلو) ۽ پسانگ رستالي وغيره اهڙا ڪيلا آهن، جيڪي فقط ميوي خاطر کاڌا وڃن ٿا. پسانگ اماس سڀ ۾ ننڍو ۽ لذيذ ٿئي ٿو ۽ ملائيشيا جو اهو ئي هڪ ڪيلو آهي، جيڪو ٻين ملڪن ۾ _ ويندي جپان ۾ پڻ، ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ٿو. ملائيشيا جي ڪيلن جون گهڻيون جنسون ڀاڄي _ ٻوڙ طور رڌي يا تري کائڻ ۾ اچن ٿيون. ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ ڪيلي جا پڪوڙا يا ٽانڊن تي پڪل ڪيلو ائين وڪامندي نظر ايندو، جيئن پاڻ وٽ ٻٽالن جا پڪوڙا، ڇولا يا بھه پٻڻ. پسانگ ابو، پسانگ اواڪ، پسانگ ٽنڊوق ڪجهه اهڙا ڪيلا آهن جيڪي ڀاڄيءَ طور ڪم اچن ٿا. (ڪيلي کي ملئي زبان ۾ Pisang چون.)
گذريل مھيني ملاڪا ۾ رهندڙ اسان جي هڪ سنڌي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هڪ انب موڪليو ۽ فون تي ٻڌايو: ”اهو اسان جي گهر پٺيان لڳل انب جي وڻ جو آهي. چکي ٻڌائجان ته کائڻ ۾ ڪيئن آهي؟“
”يار انب پاڻ سالن کان کائڻ ڇڏي ڏنو آهي. هاڻ ڪڏهن اونهاري ۾ سنڌ وڃڻ ٿيو ته اتي ئي کائبو.“ مون وراڻيومانس.
”پر هي انب سٺو اٿئي.“ احمد زور ڀريو.
”شروع وارن ڏينھن ۾ سڄي ملائيشيا جا انب چکي ڏٺم. هتي جو ڪو به سر ۾ ناهي. سنڌ جي انبن سان ڪنھن جو به جوڙ ناهي.“
”چڱو هي ضرور کائجانءِ.“ احمد وري چيو.
“کائيندس ته سھي پر موڪليو به هڪ اٿئي؟” مون چيومانس.
”سڄي وڻ ۾ ٿيا ئي چار انب آهن. هڪ توکي موڪليو اٿم، هڪ اڪيڊميءَ واري پرنسپال ڪئپٽن حمزي ڏي ۽ ٻه پاڻ لاءِ رکيا اٿم.“
”تو وٽ وڻ به فئملي پلاننگ پيا ڪن ڇا؟“ مون پڇيومانس.
جواب ۾ پاڻ رڳو کليو ۽ مون جڏهن ان انب کي چکيو ته واهه جو لڳو. شام جو ئي چيومانس ته يار ان انب خبر اٿئي سنڌ جي انبن جون سڪون لاٿيون آهن _ يا ته کڻي چئجي ته سنڌ لاءِ سڪ تازي ڪرائي آهي. دماغ توائي ٿي ويو آهي. سچ ٻڌاءِ ته اهو انب ڪٿان آندئي. ان ڊينڊي وڻ کي ڪو خاص ڀاڻ ڀتر ڏنو اٿئي يا ڪو دوا جو ڦوهارو هنيو اٿئي؟
ان تي ٻڌايائين ته سندس گهر جي پويان، اهو جيڪو انب جو وڻ آهي، ان جي چڪي سنڌ کان آئي هئي. کانئس اڳ هتي هندستان جو هڪ سنڌي ڪئپٽن دادلاڻي رهندو هو. هو اها انب جي چڪي ٺارو شاهه مان کڻي هتي آيو هو. سو اهو انب ان وڻ جو پھريو ن فصل هو.
هتي رهندڙ اسان جي هڪ ٻئي پاڪستاني ڪليگ ڪئپٽن عرفان فاروقيءَ جي زال _ ڊاڪٽر نرگس قاضي ٻه چار ڏينھن اڳ ڊليوريءَ لاءِ حيدرآباد پئي ويئي. تنھن کي چيوسين:
”ادي! واپسيءَ تي پنھنجي ٻار سان گڏ سنڌڙي انب جي هڪ چڪي به آڻجو ته هتي ملاڪا ۾ پوکي ڇڏيون. ٻار سان گڏوگڏ اها به وڌندي رهي. ٽن چئن سالن بعد _ پوءِ کڻي اسان هتي نه به هجون، پر ٻيا کائي اسان جي ملڪ کي ياد ته ڪندا.“
هن پاسي جا ملئي توڙي چيني ماڻهو ٻار ڄمڻ تي هڪدم ڪنھن ميوي جو وڻ پنھنجي گهر اڳيان پوکيندا آهن. هڪ اهڙي ملئي گهر ۾ اتي لڳل وڻن جو پڇيوسين:
”هي رمبوتان جو وڻ ڪيڏو پراڻو آهي؟“
”فريده جيڏو_ يعني ٻاويھن سالن جو.“ سندس پيءَ هڪدم ٻڌايو.
”۽ هي چَڪُن جو وڻ؟“
”ٻارهن سال ٽن مھينن جو _ اسان حارث جي ڄمڻ تي اهو پوکيو هئو.“
ڪئپٽن تيجپال سنگهه ٻڌايو ته سندس ڏاڏي سندس پيءَ جي ڄمڻ تي بورنيو واري گهر ۾ دورين پوکيو هو. سندس ڏاڏو انگريزن جي فوج ۾ هو ۽ هو ڪافي عرصو بورنيو (انڊونيشيا جو ٻيٽ) تي رهيو.
”تو ڪڏهن دورين (Durian) کاڌو آهي؟“ ڪنھن سردارجيءَ کان پڇيو.
”بابا آءٌ ته رهيو ئي هن پاسي آهيان. آئون ته ننڍپڻ کان جاوا، سماترا، ملايا ۽ سيام جا ميوا ڀاڄيون کائيندو اچان. مون کي دورين مان ڌپ ٻپ صفا نه اچي.“
”شاباس هجنئي! ڪيئن ٿو دورين کائين!“ ڪنھن مٿس تعجب کاڌو.
دورين ميوو ڇانھينءَ جيڏو وڏو گول ٿئي. سندس سائي يا هيڊائين رنگ جي ٿلهي کل تمام سخت ٿئي ٿي، جيڪا سڄي ڪنڊن سان ڀريل هوندي آهي. اهي ڪنڊا گلاب جي ڪنڊن جھڙا پر سائيز ۾ ان کان پنجوڻا ڇھُوڻا ٿلها ٿين. ملئي زبان ۾ ڪنڊي کي Duri چئبو آهي. ان تان هن ميوي جو نالو دورين (Durian) پيو آهي)_ يعني ڪنڊن وارو. دورين پري کان ڄاھي وانگر پڻ لڳندو آهي. دورين جي مٿين کل لاهڻ بعد اندران ٽماٽي جيڏا اٺ ڏهه وڏا ٻج نڪرن ٿا، جن مٿان چڙهيل زردي رنگ جي ڳر کائبي آهي. يعني ڏٺو وڃي ته جيڪا شيءِ کاڌي وڃي ٿي اها سڄي ميوي جي پنج سيڪڙو به مَس آهي، باقي پنجانوي سيڪڙو ٻج، ٿلهي کل ۽ ڪنڊا آهن.
هي ميوو _ دورين تمام گهڻو مٺو ۽ گرم ٿئي ٿو. گهڻو ڪري پپيئي ۽ انناس سان ملائي کائبو آهي. دورين ميوو معجونن ۽ ڪشتن کان وڌيڪ طاقتور سمجهيو وڃي ٿو. سندس گهڻي گرم هجڻ ڪري ملئي زبان ۾ پھاڪو عام آهي ته:
“Apabila Durian Turun. Sarong Naik.”
’سرونگ‘ معنيٰ گوڏ ۽ ’تورون‘ معنيٰ هيٺ ڪِرڻ ۽ ’نائيڪ‘ معنيٰ مٿي چڙهڻ. يعني دورين جي موسم ۾ مردن جي گوڏ مٿي رهي ٿي. (لفظي معنيٰ ٿيندي، ”جڏهن دورين ڪري ٿو، يعني پَچَڻ لائق ٿئي ٿو ۽ ان کي کاڌو وڃي ٿو، ته گوڏ مٿي کڄي ٿي.“) مطلب صاف ظاهر آهي.
هتي جي ماڻهن کي دورين ڏاڍو وڻي ٿو، پر سندس هنڱ جھڙي اُگري بوءِ جي ڪري ڌاريان ۽ نوان ماڻهو پري ڀڄن ٿا. پر ڪمال اهو آهي جو نئون ماڻهو به جيڪڏهن همت ڪري، ڌپ جي پرواه نه ڪندي هڪ ٻه دفعا هي ميوو کائي ٿو ته پوءِ يڪدم هن جو سچو عاشق ٿيو وڃي _ پر ان ڌپ تي قابض ٿيڻ ڪا آسان ڳالهه ناهي. ان جي اُگري ڌپ ڪري هن پاسي جي ملڪن: ٿائلينڊ، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وڏين هوٽلن ۾ _ جتي گهڻو تعداد ڌارين ملڪن جي ماڻهن جو آهي، دورين کائڻ جي اجازت ته نه آهي، پر هوٽل ۾ آڻڻ تي به بندش آهي. ڇو جو سندس ڌپ ايڏي تکي آهي جو ڪو پنجن ڇٻن ۾ بند ڪري اچي ته به هوٽل ۾ موجود هرهڪ کي پنھنجي ڪمري ۾ خبر پئجيو وڃي. ڪيترن جي ته ايتري دل ڪچي ٿئي ٿي جو اٻڙاڪ اچيو وڃن. پر هتي جا ماڻهو ان ميوي کي ميون جو سرتاج (King of Fruits) سڏين ٿا. کائڻ وارا تعريف مان ڍاپندا ئي نه آهن. پر نئون ماڻهو ان ميوي جي دڪان اڳيان لنگهڻ به نه چاهيندو آهي. بقول هڪ ڌارئين جي ته هي ميوو اهڙو ته ذليل آهي جو کائڻ بعد به ماڻهوءَ جي پگهر مان هن جي بوءِ اچي ٿي _ اها ٻي ڳالهه آهي ته کائڻ ۾ ضرور سوادي هوندو.
جيئن انب جي آئيس ڪريم يا ڪشمش جا ڪيڪ ۽ بسڪيٽ اسان وٽ مشھور آهن، تيئن هتي دورين جي آئيس ڪريم، ڪيڪ، بسڪيٽ ۽ ٽافيون چاڪليٽ به اوترو ئي مشھور آهن، جيترو ميوو پاڻ. آمريڪن کاڌي جي ڪمپني ’مئڪڊونالڊ هئمبرگر‘ _ جن جون چاليھه کن ملڪن ۾ شاخون آهن، ۽ جتي فقط ٽن قسمن جا ملڪ شيڪ وڪامن ٿا: ونيلا، چاڪليٽ ۽ اسٽرابيري، اهي هتي دورين جي ايڏي کپت ڏسي هنن کي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ملڪن لاءِ گذريل سال کان دورين جو ملڪ شيڪ پڻ شروع ڪرڻو پيو آهي، جيڪو باقي ٽن قسمن (Flavours) کان وڌيڪ وڪامي ٿو.
هونءَ هي ميوو ڪو اهڙو سستو به نه آهي. سڀ ۾ مھانگو آهي. هتي جو هڪ ڊالر (اڄڪلهه ڇھين رپئي آهي) ۾ ٽي کن ناريل ملن ٿا. پپيئو هڪڙو يا ٻه ننڍا، انناس ٽي يا چار، رمبوتان ويھه پنجويھه کن پر دورين فقط هڪڙو ٻن يا ٽن ڊالرن جو ملي ٿو سو به وچ موسم ۾ نه ته چار پنج ڊالر في ڪڻو عام ڳالهه آهي.
دورين جي کل ڪنڊن واري، ٿلهي ۽ سخت هجڻ ڪري هي ميوو خريد ڪرڻ بعد کائڻ اهڙو سولو ناهي جھڙو ڪيلو، صوف يا گدرو. ڄاھي جھڙي هن ميوي کي جهلي کل ڦاڙي منجهانئس ٻج ڪڍڻ لاءِ اٽڪل ۽ ڪاريگريءَ جي ضرورت آهي ۽ ان سان گڏ ڪات جھڙي پرانگ (Parang) ۽ طاقت جي پڻ. اخبارن ۾ اڪثر ڪارٽون ايندا آهن، جن ۾ دورين کي ڇلڻ جا نت نوان خيالي اوزار ڏيکاريا ويندا آهن. يا هڪ يورپي همراهه ملائيشيا گهمڻ بعد اهو ميوو سوکڙيءَ طور پنھنجي ملڪ کڻي ويو آهي ۽ اتي هٿن تي ٿلها جوراب پائي، نڪ ڪپڙن ٽنگڻ واري ٻليءَ سان بند ڪري، ڪارائيءَ سان هن ڪنڊن ۽ ٿلهي کَل واري ميوي کي چيري رهيو آهي.
پاڪستان ۾، منھنجي جھاز تي هڪ دفعي اسان جو سکر جو ايڪانامسٽ يار فضل قريشي اچي ويو. کارائڻ لاءِ ڪجهه ڳوليم. ٻيو ڪي نه مليو سواءِ ڏاڙهونءَ جي. جيڪو اڳيان رکيومانس. ڏسي چيائين:
”آيل مھمان کي ذليل ڪرڻو هجي ته ڇري ۽ ڏاڙهون ڏيئي ڇڏجيس ته ويٺو ملهه وڙهي ۽ هٿ ۽ ڪپڙا ڳاڙها ڪري.“
پر هتي ملائيشيا اچڻ ۽ هن ميوي دورين کي ڏسڻ بعد اسان جي حاضر جواب دوست کي پڻ محسوس ٿيندو ته دورين اڳيان ڏاڙهون ته ڪجهه به نه آهي.
گهڻو ۽ اعليٰ جنس جو دورين ملائيشيا جي اتراهين رياست ڪيداح ۽ پيرلس کان اچي ٿو يا وري ڏکڻ ٿائلينڊ کان سنگاپور تائين پھچندي پھچندي هن ميوي جو اگهه اٺ نو ڊالر ٿيو وڃي. انبن ۽ ڪيلن وانگر دورين جا به ڪيترائي قسم آهن ۽ رنگ، سائيز، سواد، خوشبوءِ موجب هر قسم تي مختلف نالو آهي. چٻرو پکي (Burung-Hantu)، ننڊاکڙي ٻلي (Kucing-Tidur)، زلزلو (Gentar Bumi)_ اهي ڪجهه دورين جون جنسون آهن. ملائيشيا ۾ پينانگ ڀرسان ٻالڪ ٻيٽ (Balik Pualu) انهن جنسن کان مشھور آهي. ان کان علاوه دورين جون ٻيون به ڪيتريون ئي جنسون آهن. جھڙوڪ: غمگين ڪتو (Angut-Anjing)، هيڊ وارو ڀت (Nasi Kunyit)، ٽامو پتل (Tembaga)، اڏوهي (Semut-Api)، وڃڻو (Kepas) ۽ ويندي ’ڏڍ وارو ڪينئون‘ (Kurap) پڻ.
دورين جو وڻ تمام اتاهون ٿئي ٿو ۽ اٺن سالن کانپوءِ فصل ڏئي ٿو. پھريان ٻه سال گهٽ ڏئي ٿو، ڏهين سال کانپوءِ صحيح طرح ڏئي ٿو. هر وڻ ۾ ٻه سئو کن داڻا ٿين. دورين ڳرو، وڏو ۽ ڪنڊن سان ڀريل هجڻ ڪري ايترو مٿي وڻ تي چڙهي پٽڻ کان ماڻهو ته ڇا پر ڀولڙا به ڪيٻائين ٿا _ جيڪي ناريل جي وڻ تي ته چڙهي ناريل پٽي سگهن ٿا، پر دورين هرگز نه. ڳوٺ ڪئالا سنگائي باروءَ جي حبيب الرحمان ٻڌايو ته اهو هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو پٽبو ناهي. جڏهن پچي راس ٿيندو آهي ته پاڻهي ڪِري پوندو آهي.
”هيترو مٿان کان ڪِرڻ تي ڦاٽي نٿو پوي؟“ مون پڇيومانس.
”ان لاءِ قدرت هن ميوي جي کل اهڙي ته ٿلهي رکي آهي جو ايتري مٿاهينءَ تان ڦھڪو ڪرڻ تي به بچيو وڃي.“ هن ٻڌايو.
دورين جي وڻ مان وڏا فائدا آهن. سڄي ملائيشيا ۾ هن ميوي جي چڱي گهرج آهي ۽ مهانگو وڪامڻ ڪري ڪافي ڪمائي ڏئي ٿو. ناريل وانگر پٽڻ جي به تڪليف ناهي. بس رڳو اهو نقصان آهي ته هن وڻ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ جانور توڙي ماڻهو سمهي يا ويھي نٿو سگهي. ناريل جو ڦٽيل ته شايد بچي وڃي پر آئون نٿو سمجهان ته دورين جو ڌڪيل گهر يا اسپتال به پھچي سگهندو هوندو _ سڌو قبرستان کڻي ويندا هوندس.
دورين ميوي مان نه فقط آئسڪريم، ملڪ شيڪ، بسڪيٽ ۽ چاڪليٽ ٺاهيا وڃن ٿا پر دورين کي ڀاڄيءَ وانگر رڌبو پڻ آهي_ جيئن هتي ڪيلي ۽ انناس جو ٻوڙ ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ان ٻوڙ ۾ پڻ دورين جي ڌپ قائم رهي ٿي.
هڪ دفعي ملئي دوست ابراهيم بن معروف اسان جي گهر دورين جو ٻوڙ کڻي آيو. سندس پٺ ڏيڻ تي نوڪرياڻيءَ کي ڏنوسين ته مھرباني ڪري هينئر جو هينئر هتان کڻي وڃ. نوڪرياڻيءَ خوشيءَ مان وٺي اسان ڏي وائڙن وانگر نھاريو. دل ۾ پڪ چئي رهي هوندي ته اسين ڌاريان (Expatriates) ڪيڏا نادان آهيون. هھڙي نعمت کي ڌڪاريون ٿا.
ٻئي ڏينھن آفيس ۾ اها ڳالهه ڪئپٽن سليم سان ڪيم _ جيڪو تازو پاڪستان کان آيو آهي. تنھن چيو: ”ابراهيم صاحب اهو ٻوڙ مون وٽ به کڻي آيو هو ته چکي ڏسان. مون ته بنا رک رکاءُ جي سنئون سڌو چيومانس ته اسان کي نه کپي.“
”پوءِ دل ۾ ته نه ڪيائين؟“ اسان پڇيس.
”نه. دل ۾ نه ڪيائين. رڳو چيائين، `Your are a Stupid` “
اسان جي هڪ پاڙيسري ملئي همراهه _ ڪئپٽن عبدالرحيم، جنھن کي دورين تمام گهڻو وڻي ٿو، تنھن ٻڌايو ته هي ميوو ملائيشيا ۾، گهڻو اڳ تمام سستو هو، رڳو ملئي ماڻهو ئي کائيندا هئا. چيني هرگز هٿ نه لائيندا هئا پر پوءِ انهن جي به ڏاٺ هري ۽ چشڪو آين جو هاڻ شل نه دورين تي نظر پوين. چيني ماڻهو شاهوڪار هجڻ ڪري، هو هن ميوي کي، هر قيمت تي خريد ڪن ٿا. اهڙي طرح دورين سڄو سال ڊمانڊ ۾ رهي ٿو.“
ملاڪا ڊينٽل ڪلينڪ جي ڊاڪٽر ميجر داس هڪ ڏينھن دورين جي تعريف ڪندي چيو:”ڏاڍو سوادي ميوو آهي. هڪ دفعو ٽيسٽ ته ڪري ڏسو. انب ۽ کيرڻيون به وسري ويندانوَ.“
”اهو ته صحيح آهي پر ڌپ کي ڪيئن منھن ڏجي؟“ مون چيومانس.
کلي چيائين: ”اها ڳالهه صحيح ٿا ڪريو. دورين هڪ پاسي سيري ۽ ماکيءَ جھڙو سوادي ۽ مٺو آهي ته ٻئي پاسي سخت ڌپ وارو. ان ڪري هن ميوي لاءِ عام چوڻي آهي ته دورين ميوو کائڻ ائين آهي جيئن عوامي ڪاڪوس (Public-Toilet) ۾ ويھي دنيا جو لذيذ ترين ڪسٽرڊ کائڻ.“
دورين، جيڪو ڪن لاءِ جنت جو ميوو آهي ته ڪن لاءِ دوزخ جو _ ملئي زبان ۾ نه فقط چوڻيون ۽ پھاڪا مشھور آهن، پر ڪيترائي شعر ۽ ڳجهارتون ٺھيل آهن. نموني لاءِ هڪ پنتون (چوسٽي) ۾ چيل، هن ميوي بابت ڳجهارت هن ريت آهي ته:
Kalau Terlanggar Berdarah Dikaki,
Lsinya Kuning Kulit berduri,
Kalau tuan bijak bistari,
Cubalah teka buah ini.
واٽ ويندي هن سان ٽڪر ٿيڻ تي پير رتو ڇاڻ ٿيو وڃي:
سندس ڳر زردي رنگ جي آهي ۽ کل سڄي ڪنڊن سان ڀريل:
سائين منھنجا پاڻ سياڻا آهيو:
ته ڪوشش ڪري ڳجهارت سَليو ته اهو ميوو ڪھڙو آهي.
ڪو به ميوو ڪن کي گهڻو وڻندو آهي ته ڪن کي گهٽ ۽ ڪن کي وري بنھه نه. پر دورين ئي هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو هڪڙن کي تمام گهڻو وڻي ٿو ته ٻين کي نفرت جي حد تائين بنھه نه. هن ميوي لاءِ چيو وڃي ٿو ته
“Love it or hate it, you can never be indifferent to the durain.”
سائوٿ ايسٽ ايشيا جو هي واحد ميوو آهي جيڪو جھڙو ڏکيو پوکڻ آهي، اهڙو ئي ان جو لُڻڻ. ۽ سڀ ۾ مهانگو وڪامي ٿو.
دورين وڻ فقط ان زمين تي ٿي سگهي ٿو، جنھن ۾ گهڻي مقدار ۾ سلفر هجي ۽ لوڻ بلڪل نه. ٿورو به کارو پاڻي ميوي تي اثر اندازٿئي ٿو ۽ ميوو صحيح طرح پچڻ کان اڳ ڪريو پوي. هن وڻ لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته جيترو دير سان ڦر ڏئي ٿو اوترو سٺو.
دورين سماترا کان فلپين، ميامار (برما) کان انڊونيشيا ۾ پوکيو وڃي ٿو ۽ دورين جي تيز سڳنڌ/ خوشبوءِ/ ڌپ ميڊان (انڊونيشيا جو شھر) کان ملينال ۽ منڊالي (ميامار) کان منا ڊائو جي مارڪيٽن تي ڇانيل رهي ٿي.
دورين جي ٻاهران اهڙا ته ٿلها ۽ سخت ڪنڊا آهن جو ماڻهوءَ کي زخمي ڪريو وجهن. ٿائلينڊ ۾ ڪنھن کي دورين هڻڻ ائين ڏوهه جو ڪم آهي جيئن ڪھاڙي هڻڻ. ان جي سزا ۽ ڏنڊ دورين کي اڇلي هڻڻ جي طاقت ۽ پھتل زخم موجب ٿئي.
دورين جنھن کي ميون جو بادشاهه سمجهيو وڃي ٿو، ان جي لذت جو قدر ۽ شان پھرين ملائيشيا ۾ مڃيو ويو. هن ميوي جو سائنسي نالو Duri Zibethinus ۽ عام نالو Durian ملئي زبان مان نڪتل آهي. جيڪو شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته دوري (Duri) معني ڪنڊو ۽ دورين معنيٰ ڪنڊن وارو. Zibethinus اطالوي (Italian) زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي تکي بوءِ وارو.
دورين ميوي جي ٿلهي کل ٽڙڪائڻ سان اندر ٺهيل ڇھه اٺ ڳڙکين مان بيضوي شڪل جا ٻج (ککڙيون) نڪرن ٿيون، جن جي مٿان انب جهڙي هئڊي رنگ جي ڳرُ چڙهيل ٿئي ٿي، جيڪا چُوپي وڃي ٿي. يعني ککڙي وات ۾ وجهي بيضي جي اڇ جھڙي سنهي لئه چوسي ککڙي اڇلي وڃي ٿي. ڏٺو وڃي ته ٽي چار ڪلو جي دورين ۾ کائڻ، بلڪ چَٽڻ جو مال ڪو اڌ پاءُ به نٿو ٿئي. هونءِ ته هن پاسي _ يعني ملائيشيا، انڊونيشيا ڏي (جيڪي ملڪ خط استوا جي ويجهو آهن)، ٻارهوئي هڪ جھڙي موسم آهي، چوڌاري سمنڊ آهي، هر وقت رُگهه (Humidity) ۽ مينھن آهي، ۽ جيڪي به ميوا ٿين ٿا _ ناريل، انناس، ڪَٺل، ليچي، رمبوتان وغيره، انهن جون کلون ۽ اندريون ککڙيون اهڙيون ته ٿلهيون آهن جو منجهن کائڻ جو مال ڪو نالي ماتر ٿئي ٿو. اهڙي ٿلهي کل، هتي جي هر ميوي جي بچاءُ لاءِ، ضروري به آهي، نه ته هھڙي مينھن ۽ ڪينئن جيتن جي دنيا ۾ ڪو به فروٽ پچڻ تائين پھچي نه سگهي. دورين ميوي جي کل ۽ ککڙي ڪجهه وڌيڪ ئي ٿلهي ۽ ڳري آهي. آئون هتي جي دوستن کي چوندو آهيان ته دورين ميوو ايئن آهي جيئن آمريڪا مان نڪرندڙ آچر جي مفت ورهائي ويندڙ اخبار _ ٻه ڪلو وزن جي اخبار ۾ ڪو دڪو ٻه خبرن جو مس ٿئي، باقي رڳو اشتھار ئي اشتھار.
اڃا تائين دورين کائڻ جي آئون همت ڪري نه سگهيو آهيان. هڪ ٻه دفعا پنھنجو Will Power استعمال ڪري چڪو آهيان پر دورين جي هنڱ جھڙي تکي ڌپ اهڙيون وايون بتال ڪيون جو سواد جي سڌ نه اٿم ته ڪھڙو هو. هونءَ هرڪو اهو چوي ٿو ته هڪ ٻه دفعا کائڻ سان پسند اچي ويندو ۽ اهو به آهي ته جنھن کي کائڻ جي عادت يا سواد مان مزو اچيو وڃي اهو هن ميوي پويان جھڙو ديوانو. اسان ويھارو کن ڌارين ۾ هاڻ فقط ڪئپٽن سليم هن ميوي جو ٽيسٽ ڊيولپ ڪري سگهيو آهي ۽ جتي آفر ٿيندي اٿس اتي مقامي ماڻهن سان گڏ وات مان سڙپ سڙپ جا آواز ۽ چشڪا ڏيئي کائڻ ۾ جنبي ويندو آهي، جيتوڻيڪ شروع ۾ ته اسان سڀني کان وڌيڪ، ڪئپٽن سليم هن ميوي کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. سو ان معاملي ۾ هي عجيب ميوو چئي سگهجي ٿو، جنھن لاءِ ٻڪ پئسن جا هڪ طرف ڏيڻا پون ٿا ته هيڏو ڳرو ڇپ جهڙو گهر تائين ڍوئڻو پوي ٿو. پوءِ ان کي ڇلڻ مھل هٿن جو ڦٽجڻ ۽ کائڻ بعد صابڻ سان هٿ ڌوئڻ تي به، هن ميوي جي بوءِ مان جان ڇڏائڻ آسان ڪم ناهي.
هن ميوي کي وٺڻ مھل چونڊ ڪرڻ لاءِ نه فقط گدري وانگر هن جي خوشبُوءِ سونگهي سڃاڻڻ کپي پر رنگ ڏسڻ به ضروري آهي ۽ ڪي همراهه ته ان ۾ آڱوٺي جو ننھن ٽنبي کل جي ٿولهه ۽ سختيءَ جو اندازو لڳائيندا آهن. خريداريءَ بعد ڪي ڪار جي ڊڪين ۾ پيا رکائيندا ته ڪي پوئين سيٽ تي. ڪي رستي تي پيا کائيندا ته ڪي آفيس ۾ به، جيڪا ڪا دير دورين جي هڳاءَ هيٺ هوندي ۽ اسان نه کائڻ وارن مان به دورين جي ڌپ پئي ايندي. اهو ايئن آهي جيئن سنڌ جا وڏيرا، سياستدان، زميندار اڇيون ڪلف لڳل برقعن جھڙيون قميصون پائي، ڪراچي ۾ انبن جا کوکا ورهائيندا وتندا آهن _ سندن جسم ۽ ڪار مان هر وقت ڪئلشيم ڪاربائيڊ جي بوءِ پئي ايندي آهي، جنھن جون پڙيون انبن کي جلدي پچائڻ لاءِ کوکن ۾ وڌيون وڃن ٿيون.

ملائشيا ستل بدران بيٺل هجي ها

دورين، ڪيلي، انب کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ميوا ملائيشيا پاسي ٿين ٿا. انناس ته تمام گهڻو ٿئي ٿو. پاڪستان يا يورپ، آمريڪا جي نارنگي، ڪيني، سنگتڙي وغيره جي ٿوري گهڻي سڪ انناس مان ئي پوري ڪري سگهجي ٿي.
هونءَ انناس سٺو ميوو آهي. نئين ماڻهوءَ کي پھريان ٻه چار ڏينھن شايد ٿورو کٽو ۽ عجيب لڳي ۽ ڇلڻ ۾ به ڏکيائي ٿئي. پر جي تکو ۽ وڏو ڪپ آهي ته منٽن ۾ ڇلجيو وڃي. انناس ڏکڻ هندوستان ۽ سريلنڪا ۾ به جام ٿئي ٿو پر منھنجي خيال ۾ ته سستي ۾ سستو ملائيشيا ۾ آهي. ڊالر (ڇھين رپئي) ۾ چار انناس. ۽ جي تمام وڏا آهن ته ٽي يا ٻه. ملئي ماڻهو اڌ ڪچا اڌ پڪا انناس ٻوڙ ۾ ڪم آڻين ۽ سلاد پڻ ٺاهين.
گهڻو وقت رکڻ يا ولايت ۾ موڪلڻ لاءِ انناس کي ڇلي، گول چڪرن ۾ وڍي دٻن ۾ بند پڻ ڪيو وڃي ٿو. انناس جون هتي ٽي خاص جنسون آهن: سراواڪ، موريشش ۽ سنگاپور اسپينش. لڳي ٿو ته اهي جنسون اصل انهن ملڪن کان ئي آيون آهن، جيئن پاڻ وٽ ميڪسي پاڪ ڪڻڪ يا قنڌاري ڏاڙهون. پھريون ٻه جنسون تازي ميوي طور ڪتب اچن. آخري واري جنس دٻن ۾ بند ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي.
اسان جي ملڪ جا ماڻهو ٿائلينڊ، سنگاپور يا هيڏانھن ملائيشيا پاسي جو پپيتو ڏسي / کائي هڪدم فرق محسوس ڪن ٿا. اڄڪلهه پاڪستان ۾ پپيو ٿئي ٿو _ خاص ڪري سامونڊي ڪنارن تي يعني بدين، ٺٽي ضلعي ۾. پر اهو گول يا بيضوي شڪل جو ۽ رنگ ۾ زردو _ هيڊو آهي پر هن پاسي پپيو قد ۾ ڊگهو ۽ اندران ڳاڙهو يا سونھري نڪري ٿو. ميٺاج ۾ به سندس جواب ناهي ۽ تمام سستو آهي. هتي جي ڳوٺاڻن گهرن ۾ ٻين وڻن سان گڏ پپيئي جو وڻ به نظر ايندو. ٻيو ميوو وڪڻندا پر پپيو گهڻو ڪري مفت ڏيئي ڇڏيندا. پپيئي ۾ اي ۽ سي وٽامن تمام گهڻي آهي. هتي جي موسم پپيئي لاءِ ڪا اهڙي سازگار آهي جو جنھن وقت به ٻج هڻ ته ڦٽيو پوي. اٺن نون مھينن ۾ ڦر ڏئي ٿو _ اها ٻي ڳالهه آهي ته پپيئي جو هر وڻ ميوو نٿو ڏئي جو پپيئي ۾ نر ۽ ماد جو چڪر آهي. رڳو مادي وڻ ڦر ڏئي. انهن جي اوسي پاسي ۾ هڪ نر وڻ هجڻ ضروري آهي.
گذريل مھيني مون کي به خيال آيو ته گهر اڳيان ڪجهه ميون جا وڻ هڻجن. سو پپيئي جو ٻج ڪونڊين ۾ هڻي، وڏو ڪري، انهن مان پندرهن وڏا ٻوٽا ٿوري ٿوري فاصلي تي قطار ۾ هنيا اٿم. هاڻ وڏا ٿين ته خبر پوي ته ڪيترا نر آهن، ڪيتريون ماديون. PIA جي شيور مرغي خاني وانگر سڀ نر نه نڪرن. ان کان علاوه مارڪيٽ مان ٽي ٽي ڊالرن جي رمبوتان ۽ دورين جي چڪي پڻ وٺي هنئي اٿم. اهي وڻ، چون ٿا ته ٽن ۽ ڇھن سالن بعد ميوو ڏين ٿا.
زيتون، گدرو ۽ ڇانھين _ هتي ٽيئي ٿين ٿا پر اسان جي ملڪ وانگر اهي ميوا هتي ايترو سستا نه آهن. جپان کان وري به سستا آهن. هتي جو گدرو بيحد مٺي جنس جو ٿئي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ به اڄڪلهه گدري ۽ ڇانھينءَ جون مٺيون جنسون ٿين ٿيون _ جن جو ٻج سعودي عرب جي وارياسين پٽن ۽ اسرائيل ۽ لبنان جي ڀؤنچ سمنڊ جي آبھوا وارن ملڪن کان آيل ٻڌجي ٿو. زيتون انب جيڏو ٿئي ٿو. جنھن ۾ ٻج گهڻو ٿئي ٿو اهو سستو ملي. ٿوري ٻج وارو ڏيڍ کان ٻي ڊالرين ڪلو ملي. زيتون کي ملئي زبان ۾ Jambu سڏين.
رمبوتان جھڙو، پر قد ۾ ان کان ننڍو ميوو _ ليچي پڻ هتي ٿئي ٿو. ليچيءَ سان ملندڙ جلندڙ ۽ ان جھڙو مٺو ۽ لسي ڳر وارو هڪ ٻيو ميوو ’ماتا ڪچنگ‘ پڻ ٿئي ٿو. Mata-Kucing ملئي لفظ آهي، ماتا معنيٰ اکيون، ڪُچنگ معنيٰ ٻلي _ يعني ٻليءَ جون اکيون. هن ميوي جو رنگ ۽ شڪل ڪجهه ٻليءَ جي اکين جھڙو آهي. ماتا ڪچنگ نالي ملاڪا ۾ هوٽل ۽ سپر مارڪيٽ پڻ آهي.
’ماتا‘ (اک) تان ياد آيو ته شعر و شاعريءَ ۾ هتي ملائيشيا ۾ به اسان وانگر اک (Mata)، دل جگر (Hati) جو گهڻو واهپو آهي. اڄڪلهه هڪ ٽاپ تي گانو، ’نور ڪلماساري‘ نالي هڪ ڳائڻيءَ جو هلي رهيو آهي:
Dari Mata la Datang
Barulah Ke Hati
”اکين مان (پيار) ٿيندو ٿيندو، هينئر منھنجي دل ۾ آيو آهي.“ (داري معنيٰ منجهان، داتنگ معنيٰ اچڻ، بارو معنيٰ نئون، تازو، هينئر هينئر..)
رمبوتان، ليچي ۽ ماتا ڪچنگ جي خاندان جا ٻيا به ڪيترائي ميوا آهن جن جي اندر ککڙيءَ مٿان اڇي رنگ جي ڳر ٿئي ٿي. جھڙوڪ لانگ سات ۽ دُوڪو (Lansium-Domesticum) پر اهي ليچيءَ جهڙا مٺا نه آهن. ڪي کٽا به ٿين ٿا. هنن جو وڻ پندرهن سالن بعد ميوو ڏئي ٿو.
هتي چڪون (Manilkara-Achras) به جام ٿئي ٿو. چَڪون پاڪستان ۾ به ڏينھون ڏينھن وڌي رهيو آهي، پر هتي جو چَڪون وڌيڪ سوادي ٿئي ٿو، سائيز ۾ پڻ اسان جي چڪونءَ کان وڏو ٿئي ٿو.
مٿين ميون کان علاوه اسٽار فروٽ ۽ مئنگو اسٽين پڻ ملائيشيا ۾ عام ميوا آهن ۽ هاءِ وي (رستن) تي جتي ڪٿي چيني ۽ ملئي عورتون اُهي ۽ ٻيا ميوا وڪڻندي نظر اينديون. (۽ انڊين عورتون رستي جي مرمت ڪندي). اسٽار فروٽ ڪيئن کائين ٿا_ ڪنھن کي کائيندي نه ڏٺو اٿم. پر وڪامي جام ٿو. دڪانن تي جام نظر ايندو يا وري چيني گهرن اڳيان ٺھيل سندن ابن ڏاڏن جي ننڍين درگاهن اڳيان. اسان جي ڪليگ ڪئپٽن تيجپال سنگهه ٻڌايو ته اسٽار فروٽ اسڪولن ۾ ڏاڍو وڪامي ٿو. ٿورو کٽيڙو هجڻ ڪري ملئي ۽ چيني ڇوڪريون رسيس ۾ ائين کائين جيئن انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڇوڪريون گدامڙي ۽ ڪچيون انبڙيون کائين ٿيون.
مئنگو اسٽين (Garcina-Mangostana) جيڪو نالي مان لڳي ٿو ته انب (مئنگو) جھڙو هوندو پر ان کان آهي بلڪل نرالو _ شڪل توڙي سواد ۾! هي ميوو ڏسڻ ۾ ننڍي واڱڻ جھڙو آهي. مٿيون سائو ٽوپ لاهي هٿن سان مروڙي، يا ڪپ سان سندس واڱڻائي کل کي چوڌاري هلڪو چيهڪ ڏيئي کولي سگهجي ٿو. منجهائنس ٿوم جي ڳڙين جيڏيون ۽ جھڙيون ککڙيون نڪرن جنھن مٿان چھٽيل گودو کائبو آهي. هر مئنگو اسٽين جي تري ۾ گل ٺھيل ٿئي ٿو. جيتريون ان مٿان پنکڙيون اوتريون ئي اندران ڳڙيون نڪرن.
بنگلاديش وانگر هتي به ڪَٺل _ جنھن کي ملئي زبان ۾ Nangka انگريزيءَ ۾ ’جئڪ فروٽ‘ چون ٿا، سڄو سال نظر اچي ٿو. ڪٺل (Artocraous-Heterophyllus) ميوي طور به کاڌو وڃي ٿو ته ٻوڙ طور به ڪم اچي ٿو. هي فروٽ ڪٿي به ڪو گهڻو پسند نٿو ڪيو وڃي. اسان جي هڪ عرب دوست چواڻي_ جنھن کي ڪٺل تي چڙ آهي، جيڪڏهن ميوي ۽ ڀاڄيءَ ۾ به حلال، حرام ۽ مڪروه جو حساب هجي ها ته ڪٺل ميوو مڪروه ۽ گوگڙو مڪروه ڀاڄي چئي سگهجي ها جن جي شڪل توڙي سواد کان ڪراهت اچي ٿي.
’ڪَٺل‘ سائيز ۾ ٻانھن جيڏو، تور ۾ ڏهن ٻارهن سيرن تائين ٿئي ٿو. هاڻ توهان پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته اهو ميوو ٿيو يا رڍ ڇيلو!
انهن ڍير ميون کان علاوه ملائيشيا ۾ ٻيا به ڪيترائي ٿورا گهڻا ميوا ٿين _ ٻيرن ۽ پيرن کان پوميلو، جمبو آئر جھڙا ٿين ٿا. جي نٿا ٿين ته ٿڌ وارا ميوا: انگور، ناسپاتيون، زردالون، صوف، گرما، سردا، ڪينا، نارنگيون ۽ ڏاڙهون _ جن لاءِ هتي جا ماڻهو ڏاڍو سڪن ٿا. ڪاش جاگرافيءَ جي لحاظ کان ملائيشيا جو ملڪ دنيا جي گولي تي اولهه اوڀر ۾ ستل هجڻ بدران پاڪستان وانگر اتر ڏکڻ ۾ اڀو هجي ها ته جيئن ڏکڻ ۾ گرم موسم وارا ميوا: انب، چڪون، ڪيلا، پَپيا، گدرا، ڇانهيون ٿين ها ته اتر ۾ سرد موسم وارا ميوا: انگور، نارنگيون، ناسپاتيون، صوف ۽ ڏاڙهون هجن ها.

سائين چنتا نه ڪريو

هڪ ڏينھن اسان جي اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ (پرنسپال) ڪئپٽن ’حمزه بن نور‘ مون کي پنھنجي آفيس ۾ گهرايو. سندس اڳيان هڪ خط هو، جنھن ڏي اشارو ڪري چيائين: ”P.U.O انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال وٽان هي خط آيو آهي. کين مئرين انجنيئرنگ لاءِ ڪو ليڪچرار ناهي. هو چاهين ٿا ته اسان وٽان ڪو هفتي کن لاءِ اتي جي فائينل ايئر جي شاگردن کي وڃي پڙهائي. تون ويندين؟“
اسان جي اڪيڊميءَ ۾ Post Sea جي انجنيئرنگ تعليم لاءِ جيڪي ملائيشيا جا انجنيئر اچن ٿا، اهي پنھنجي اوائلي تعليم P.U.O (پوليٽيڪنڪ انگڪو عمر) انسٽيٽيوٽ مان وٺن ٿا، جتي چئن سالن جو مئرين انجنيئرنگ ۾ ’ڊپلوما ڪورس‘ آهي. هيءَ انسٽيٽيوٽ پيراق رياست جي شھر اپوح (Ipoh) ۾ آهي جيڪو هتان ملاڪا کان ساڍا ٽي سؤ ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. هن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ مئرين انجنيئرنگ کان علاوه مڪينيڪل، سِوِل، اليڪٽريڪل ۽ ڪامرس جا ڊپارٽمينٽ پڻ آهن. بلڪ مئرين انجنيئرنگ جو ڊپارٽمينٽ (Bahagian-Perkapalan) منجهس ويجهڙائيءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو جپانين جي ڪوششن جون نتيجو آهي. جپانين هن ڊپارٽمينٽ لاءِ نه فقط ماڊل مشينريون جھڙوڪ ڊيزل انجڻ، بئالر، ٽربوچارجر، جنريٽر ۽ اسٽيرنگ گيئر وغيره ڏنيون پر پڙهائڻ لاءِ ڇھه ست جپاني مئرين انجنيئر پڻ ڏنا، جيڪي ڪجهه عرصو اڳ مدو پورو ٿيڻ تي جپان موٽي ويا. انهن جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ هتي جا ڪجهه انجنيئر مقرر ڪيا ويا. جھڙوڪ: مسٽر مصطفار_جيڪو جيتوڻيڪ مڪينيڪل انجنيئر آهي، پر ڪجهه مئرين انجنيئرنگ جا سبجيڪٽ پڻ پڙهائي ٿو. مسٽر هاشم جيڪو نيول آرڪيٽيڪٽ ۽ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيٽ آهي. اهڙيءَ طرح مئٿس، اليڪٽرانڪ ، مئرين لئجسليچر، مشين ڊرائينگ جھڙن سبجيڪٽن لاءِ موهن ڪرشنان، فيصل، صوفيان، اسماعيل، ارشد، رضوان، ليو وغيره هتي جا ملئي، تامل ۽ چيني ليڪچرار آهن. باقي مئرين انجنيئرنگ جا اهي ڀاڱا جيڪي جھاز جي ايمرجنسي ۽ پرئڪٽيڪل مسئلن سان واسطو رکن ٿا: جھڙوڪ: طوفانن ۾ ڇا ڪرڻ کپي؟ جھاز جا پاسا چيري سمنڊ جو پاڻي گهڙي اچي ته ڇا ڪرڻ کپي؟ باهه لڳي ته ڇا ڪجي؟ بلڪل بليڪ آئوٽ (اونده) ٿي وڃي ته ڇا ڪجي؟ انجڻ اسٽارٽ نه ٿئي يا ان جي اندر (Scavenging – Fire) باهه لڳي وڃي ته ڇا ڪرڻ کپي؟ وغيره لاءِ کين مون جھڙي مئرين انجنئير جي ضرورت هئي، جيڪو جھاز تي گهڻو عرصو رهيو هجي ۽ اهڙن مسئلن کي منھن ڏيڻ جي تجربي مان حاصل ڪيل ڄاڻ هنن کي پهچائي سگهي.
مون ڪجهه تبديليءَ خاطر، ڪجهه نئين اداري ۽ ماڻهن کي ڏسڻ خاطر ۽ ڪجهه نئون شھر ۽ رياست گهمڻ جي شوق ۾ يڪدم هائوڪار ڪئي. ڪئپٽن حمزي چيو ته پڙهائڻ جي في جيڪا ملندي سا هتي جي قانون موجب اڪيڊمي کڻندي جو تون اڪيڊميءَ جو پگهاردار آهين. باقي وڃڻ جو ڀاڙو ڀتو، ماني ۽ رهائش جو توکي سڀ خرچ ملندو. آئون پڙهائڻ وارو سليبس وٺي پنھنجي آفيس ۾ آيس.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو ڪافي گهڻو هو پر جيئن ته اپوح وڃڻ ۾ اڃا مھينو هو سو تيسين تياري پوري ڪري ڇڏيم. ڪجهه Transparancies ٺاهيم، جيڪي اوور هيڊ پروجيڪٽر (O.H.P) تي رکي ڏيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ هيون. ڪجهه سوالن جي جوابن جا هئنڊ آئوٽ ٺاهيم، ڪجهه زباني سمجهائڻ لاءِ ڇڏيم. ڪجهه عنوانن تي Mavis پروجيڪٽر جون فلمون مون وٽ موجود هيون _ جھڙوڪ: باهه بابت، سمنڊ تي گند اڇلڻ (Pollution) بابت، فيول انجيڪٽر تيار ڪرڻ ۽ بئالر جي صفائي سٺائي بابت_ اهي کنيم.
مقرر تاريخ تي صبح جو اٺين بجي ڌاري ملاڪا کان نڪتس. اسان جي هڪ ليڪچرار _ مسٽر چيانگ (جيڪو اپوح جو آهي) تنھن صلاح ڏني هئي ته اپوح وڃڻ لاءِ ڪوالالمپور شھر ۾ اندر هرگز نه وڃان. ڪوالالمپور کان اڳ هڪ رستو جنھن جي مٿان Utara لکيل نظر ايندو، اهو وٺي اتر طرف هليو وڃان. (ملئي ۾ اتارا جي معنيٰ آهي اتر.) اپوح، پينانگ، الور اسٽار _ اهي سڀ شھر اتر ڏي ويندڙ ان رستي تي آهن.
ڪوالالمپور کان ٻاهريون رستو وٺڻ ڪري ڪوالالمپور شھر جي ٽرئفڪ کان بچاءُ ٿي ويو ۽ جلدي ٻي ڪنڊ کان وڃي نڪتس. اڳتي هلي Utara (اتر) وارو رستو ٽن شاخن ۾ ورهائجي ويو. جنھن مان هڪ جنھن تي اپوح لکيل هو ان کي فالو ڪندو شام جو ٽين بجي ڌاري اپوح شھر ۾ پھچي ويس.
ملائيشيا ۾ رستن جا نشان (Road Signs) کڻي سنگاپور جھڙا بھترين نه آهن ته به ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن ئي مشھور ملڪن جھڙوڪ: ڪوريا، انڊونيشيا، فلپين، ٿائلينڊ، پاڪستان، هندوستان، ڪينيا، نائجيريا، وينزوئلا، چلي وغيره کان بھترين آهن. ڪار تکي هلائڻ مھل ڪنھن جو ڀر ۾ هجڻ ضروري آهي، جيڪو رستي جا مختلف نشان پڙهي ڊرائيور کي ٻڌائيندو هلي، نه ته اڪيلي سر گاڏي هلائڻ ۽ هر هر ڍري ڪري رستي جا نشان پڙهڻ پنھنجي لاءِ ۽ پويان ايندڙن لاءِ مٿي جو سور پيدا ڪرڻ آهي _ جيڪو آئون ڪافي حد تائين پيدا ڪندو اپوح پھتس. اپوح شھر ۾ پھچي جيڪي هوٽلن جا نالا اخبارن، رسالن ۽ گائيڊي ڪتابن مان ياد ڪري آيو هوس، اهي هوٽلون منھنجي بجيٽ کان هيڪانديون مٿي هيون. يا وري حيدرآباد جي گڊس ناڪي جھڙيون بنهه بي افعاليون هيون _جن ۾ منگهڻ ۽ مڇرن جي پڻ رهائش هئي، واڌو ڪار بيھارڻ جي جاءِ نه هئي. نتيجي ۾ نيون هوٽلون ڳولهڻيون پيون.
پڇا تي ڪنھن ڪھڙي هوٽل ٿي ٻڌائي ته ڪنھن ڪھڙي. ڪنھن ويجهي هوٽل جو ڏسُ ڏنو ٿي ته ڪنھن ڏورانھين هوٽل جو. ڪنھن ته چيو ٿي ته اها پٺيان به ته هڪ ڇڏي آيو آهين. ۽ ان پٺينءَ هوٽل ڏي اتان ئي مڙڻ جي چڪر ۾ اپوح ۾ ٻن ٽن هنڌن تي رستي جي قاعدي جي ڀڇڪڙي به ڪري ويٺس. پر شايد ويجهڙائيءَ ۾ ڪو پوليس سنتري موجود نه هو جو بچي ويس. آخر هڪ هوٽل Mikado ۾ سامان کڻي اچي رهيس. ڪجهه مسواڙ مناسب هئي. ڪجهه وڌيڪ هوٽلون ڳولڻ جي هاڻ همت نه رهي هئي. پر ٿورن پئسن ۾، ماٺ مٺوڙي واري هيءَ جپاني نموني جي هوٽل مون کي ايتري وڻي جو پوءِ ٻئين ۽ ٽئين دفعي به ساڳيءَ هوٽل ۾ اچي رهيس _ جو پوءِ هر ٽئي مھيني هفتي کن لاءِ اپوح اچڻ منھنجي لاءِ ڄڻ مقرر ٿي ويو.
ٽئين دفعي اپوح آيس ته خبر پئي ته سڄي اپوح جي هوٽلن جي مالڪن ملڪ ۾ ٽوئرزم کي وڌائڻ لاءِ، مھيني ڏيڍ لاءِ هوٽلن جي مسواڙ گهٽائي اڌ ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري پھرين پراڻي هوٽل مڪاڊو ۾ اچي، سامان رکي، باقي ڏينھن ڪنھن ٻي اتاهين هوٽل ۾ رهڻ لاءِ، هوٽلن جي ڳولا ۾ نڪري پيس. هوٽل جو خوش اخلاق چيني مالڪ _ مسٽر ٽوني ۽ ڪيشيئر ڇوڪري ڊورين، جن سان ڪافي عليڪ سليڪ ٿي ويئي هئي تن کي کلي چيم: “اڄ آخري ڏينھن توهان جي هوٽل ۾ آهيان، ٿي سگهي ٿو وري پنھنجي ملاقات نه ٿئي.“
ٽونيءَ کلي چيو: ”ڀلي. هوٽل هن کان سٺي ضرور ملي ويندانوَ پر هھڙي سستي، صاف سٿري، سٺي هنڌ تي ۽ باحفاظت هرگز نه ملندانوَ.“
”شايد. پر تو جھڙو دلچسپ مالڪ ته هرگز نه ملندو.“ مون وراڻيومانس.
”ينگ ڪلثوم“ روڊ (جنھن تي مڪاڊو هوٽل آهي) ۽ ڪووان اسٽريٽ ڏيئي ايڪسيلشر هوٽل تي پھتس. رسيپشن تي ويٺل هڪ يوريشين ۽ چيني ڇوڪريءَ ان هوٽل ۾ رهڻ لاءِ ڏاڍو آماده ڪيو ته سنگل روم جي مسواڙ هڪ سؤ ويھه ڊالر آهي پر هينئر گهٽائي پنجاسي ڪئي ويئي آهي. مون اڃا به گهٽائڻ لاءِ چيومانس.
”ڀلا اسي ڊالر.“
”آئون يڪو هفتي لاءِ رهندس. پنھنجي باس کان پڇي ٻڌاءِ.“
”باس هن وقت ڪونهي پر آخري اگهه جي خبر اٿم. جي هفتو رهو ته پنجھتر ڊالر توهان کان وٺنداسين. جيڪا هن جھڙي فور اسٽار هوٽل لاءِ تمام گهٽ مسواڙ آهي.“
آئون ڪجهه ڪجهه راضي ٿيس. پر جيئن ئي هن چيو ته ان ۾ ڏهه سيڪڙو سروس چارجز ۽ ڏهه سيڪڙو سرڪاري ٽئڪس به ڏيڻو آهي _ يعني پندره ڊالر ٻيا وجهي نوي ڊالر ڏيڻا آهن ته مون سنئون سڌو چيومان: “Tidak Boleh” (ملئي لفظ. معنيٰ ته پوءِ ممڪن ناهي.) وڃڻ وقت يوريشين ڇوڪريءَ کي چيم ته آيا هوءِ ڪنھن ٻي هوٽل جو نالو ٻڌائي سگهندي جيڪا هن کان ٿورو سستي هجي.
”ٿورو ترسو. آئون نه فقط هوٽلن جا نالا پر اگهه به معلوم ڪري ٿي ٻڌايانوَ.“
”مھرباني پر خيال سان. ڪٿي باس جا موچڙا نه کائين جو ڪھڙو مالڪ چاهيندو ته سندس هوٽل ۾ آيل گراهڪ کي پرائي هوٽل جو ڏس ڏجي.“ مون چيومانس.
اپوح ۾ هوٽلن جو تعداد گهڻو ۽ هن مند ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙ مسافرن جو تعداد گهٽ هجڻ ڪري اها ته پڪ هئي ته سڀ هوٽلون خالي پيون آهن. هن يوريشين ڇوڪريءَ جن ٽن چئن هوٽلن کي فون ذريعي بحث ڪري مسواڙ گهٽرائي مون کي آخري اگهه ٻڌايو. هڪ ته تمبون ان (Tambun- Inn) هوٽل هئي جيڪا ايڪسيلشر هوٽل جي ئي معيار جي هئي، پر هنن مسواڙ بنھه گهٽائي پنجاهه ڊالر رکي هئي. شھر کان گهڻو پري هجڻ ڪري مون لاءِ بيڪار هئي. ٻي هوٽل ايسٽرن ۽ هوٽل فرينچ هئي، جن جي مسواڙ سٺ کن ڊالر هئي، پر اتي پھچي جڏهن مون ڀيٽ ڪئي ته اسان جي يار جي ڳالهه صحيح نڪتي ته مڪاڊو هوٽل ٿورن پئسن ۾ گهڻي سُکَ واري آهي.
ايڪسيلشر هوٽل ۾ يوريشن ڇوڪري _ جيڪا ڏسڻ ۾ نه ملئي لڳي ٿي نه چيني تنھن کان پڇيم ته هوءِ يوريشين ڪھڙي حساب سان آهي. ماءُ پيءُ مان ڪھڙو يورپي آهي ۽ ڪھڙو ايشيائي. (جيئن ملاڪا ۾ ڪيترائي يوريشين اهڙا آهن جن جا پيئر پورچو گالي هئا ۽ مائر چيني يا ملئي.) ڇوڪريءَ وراڻيو: ”ماءُ ملئي اٿم ۽ پيءُ سلوني.“
تعجب مان چيوماسن: ”ته پوءِ اهو يوريشين _ يعني يورپ ۽ ايشيا جو ميلاپ ته نه ٿيو. پر ايشيا جو ايشيا سان ئي ٿيو.“
”هتي اهي به يوريشين سڏائين. خاص ڪري جن جا پيئر سلون جا سنھالي آهن. باقي جن جا پيئر سلون جا تامل آهن، اهي انڊين ئي سڏرائين.“
”گهر ۾ ڪھڙي زبان ڳالهايو؟“ مون پڇيومانس.
”ملئي ۽ انگريزي، پر سنھالي به ٿوري ٿوري سمجهان ٿي.“ هن وراڻيو.
هوٽل مان نڪرڻ وقت، هوٽل جي ڪافي روم اڳيان هڪ شو ڪيس ۾ رکيل پيوٽر جي مختلف سامان تي نظر پئي. ننڍڙيون پليٽون، ائش ٽري، گلدستا، ڪُنجين جا ڇلا، گلاس وغيره هئا. انهن شين اڳيان قيمتون پڻ لکيل هيون _ جيڪي بنھه واجبي هيون. هن کان اڳ ملاڪا ۾ هڪ دڪان تان معلوم ڪيو هوم ته پيوٽر جي شين جا اگهه تمام ڳرا هئا. پيوٽر ڌاتو رنگ ۾ چاندي ۽ پلاٽينم جھڙو اڇو ٿئي ٿو. ٽامي پتل وانگر وقت سان گڏ ميرانجهڙو نٿو ٿئي. پيوٽر ۾ اهم ڌاتو ٽين (Tin) ٿئي ٿو، جنھن جون ملائيشيا ۾ تمام گهڻيون کاڻيون آهن _ خاص ڪري هن پيراق رياست ۾ _ جنھن جو اپوح پڻ هڪ شھر آهي. اپوح لاءِ ته مشھور آهي ته هن شهر ۾ هيءَ دولت ۽ رونق ٽين جي ڪري آئي.
ڪوالالمپور جو شھر جنھن هنڌ تي آهي اتي پڻ ڪنھن زماني ۾ ٽين جون کاڻيون هيون ۽ ٽين ۾ ٻيا ڌاتو ملائي پيوٽر جون مختلف شيون ٺاهڻ جو آڳاٽو ڪم سلنگور پيوٽر (Selangor Pewter) ڪمپنيءَ شروع ڪيو، جيڪا هڪ سؤ سالن کان به جهوني آهي. ھن جي ٺھيل هر شيءِ تي سون وانگر گئرنٽيءَ سان گڏ باقاعدي رسيد به ڏني وڃي ٿي.
ان هوٽل تان پيوٽر جون هڪ ٻه شيون ورتم ٿي ته ياد اچي ويو ته مڪاڊو هوٽل ڏي ويندي، ساڄي پاسي بريوسٽر روڊ (Brewster Road) تي هڪ پيوٽر جو تمام وڏو دڪان نظر آيو هو. ٿي سگهي ٿو ان تي اهي ساڳيون شيون اڃا به سستيون ملن.
هوٽل ايڪسيلشر جي گيٽ تي بيٺل ڳاڙهي يونيفارم ۾ قداور تامل همراهه مرڪي در کوليو. ڪارن ۽ بسن جي درياهه مان پاڻ کي بچائيندو، رستا ڪراس ڪندو بريوسٽر روڊ تي بامبي شاپ جي ڀر ۾ پيوٽر جي دڪان تي پھتس. سڄو دڪان پيوٽر جي مختلف شين سان ڀريل هو. هوٽل ۾ ڏٺل شين سان ڪجهه ملندڙ جلندڙ شين جو اگهه جائزي خاطر پڇيم. دڪاندار هيڪاندو ڳرو ملهه ٻڌايو.
ٻي وڏي جنگ بعد انگريز فوج جا ڪافي پنجابي مسلمان سپاهي اپوح ۾ رهي پيا هئا. هي دڪاندار همراهه قد ڪاٺ ۾ پنجابي لڳي رهيو هو. جي پنجابي (پاڪستاني) آهي ته مون جهڙي هڪ هم وطنيءَ لاءِ مناسب اگهه ڪري سگهي ٿو.
“Are you Pakistani?” مون پڇيومانس.
No, I am a Srilankan” منھنجو پيءُ ڏاڏو سلون کان آيو هو. بھرحال هاڻ آئون هتي ملائيشين ٿيس.“
دل ۾ چيم ڏاڍي ٻڌائي. اگهه گهٽ ڪرائڻ جو ٿورو آسرو هو سو به ڇٽو. نيٺ هوٽل ۾ ڏٺل سامان جو اگهه ٻڌائي چيومانس:
”ان حساب سان تنھنجي دڪان ۾ رکيل سامان جو اگهه اڃا به گهٽ هجڻ کپي.“
”سائين منھنجا توهان بلڪل بجا فرمايو.“ هن بيحد سٺي انگريزي ۽ سٺي انداز ۾ مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”پر اهو پيوٽر جيڪو توهان ڏسي آيا آهيو اصلي نه اٿانوَ. ان ڪري ئي سستو آهي. هي جيڪي مون وٽ آهي اهو جڳ مشھور ’سلينگور پيوٽر‘ (Selangor Pewter) آهي. آئون توهان کي سامان جي خريداريءَ جي گئرنٽي ۽ رسيد پڻ ڏيندس. توهان ڪٿي به ڀيٽي سگهو ٿا جو سلينگور پيوٽر جي شين جي قيمت جتي ڪٿي ساڳي رکيل آهي. ڪو به دڪاندار ان ڪمپنيءَ جون شيون گهٽ وڌ قيمت ۾ وڪڻي نٿو سگهي. ڪمپنيءَ وارا مٿس ڪيس ڪري وجهن.“
”پر هوٽل ۾ به هھڙي ساڳي ڌاتوءَ جون شيون ڏسي آيو آهيان، جيڪي تمام گهٽ اگهه تي هيون.“
”هرگز ٿي نٿو سگهي، منھنجا راڻا! سڄي اپوح شھر ۾ ’سلينگور پيوٽر‘ جي ايجنسي فقط مون وٽ ئي آهي. ان ڪري اهو سامان اپوح ۾ ٻيو ڪٿي به نه ملندو.“
مون کي سندس ڳالهه دل سان لڳي ته واقعي هوٽل واري پيوٽر سامان اڳيان ڪنھن ٻيءَ ڪمپنيءَ جو نالو لکيل هو ۽ ڪا اهڙي شيءِ ٿوري سستي اگهه ۾ وٺي پنھنجي ملڪ پھچي پوءِ افسوس ڪجي ته اها اصل ڌاتوءَ جي ناهي، ان کان بھتر آهي ته ڪجهه وڌيڪ ڊالر ڏيئي ڪو سٺو سووينر وٺجي.
هوشيار دڪاندار منھنجي اها سوچ، منھنجي چھري مان پڙهي ورتي. هو دڪان جي ٻي ڪنڊ مان هڪ فريم کڻي آيو، جنھن تي ڪجهه لکيل هو جيڪو خاص ادا سان پڙهي ٻڌايائين:
Why compromise?
The bitterness of poor quality remains long after the sweetnees of bargain prize has been forgotten.
مون کي سندس ڳالهائڻ ۽ گراهڪ کي مطمئن ڪرڻ جو اسٽائيل بيحد وڻيو. دل ۾ چيم: ”ڪا ويھين ٽيھين ڊالرين جي سوغات وٺان يا نه وٺان _ ان ڳالهه کي هڻ کڏ ۾. في الحال هن جون دلچسپ ڳالهيون ضرور ٻڌان. شام جو اڃا ست ٿيا هئا. هينئر ئي واپس هوٽل ۾ هلي سمهڻ بدران هتي ئي ڪجهه وقت پاس ڪرڻ جو سٺو موقعو آهي“
فريم وٺي هڪ دفعو وري پڙهيم. لکڻ واري _ بلڪ ٺاهڻ واري سٺو ڊائلاگ گهڙيو آهي. هي ان اڙدو پھاڪي جو نعم البدل چئي سگهجي ٿو: ’مهنگا روئي ايڪ بار، سستا روئي بار بار‘
”پر سائين“، مون دڪاندار کي چيو، ”ڪيئن ٿا چئو ته هُن هوٽل جو سامان اصلي پيوٽر ناهي. ماڻهن ته ورتو پئي.“
منھنجي اها ڳالهه ٻڌي، مون سمجهيو ته دڪاندار لاجواب ٿي ويندو پر هن عارضي خفي ۽ چڙ جو اظھار ڪندي، هٿ ۾ جهليل پيوٽر جا گلدستا واپس ڪٻٽ ۾ کڻي اڇلايا. وات سان ڪجهه چوڻ بدران هن مون ڏي ڏسي اهڙي شڪل ٺاهي ڄڻ چئي رهيو هجي: ”سائين ڀلا هاڻ توهان جاهلن کي ڇا سمجهائجي.“ ۽ مون کي به ذري جهٽ لاءِ اهو محسوس ٿيو ته وٺڻو مون کي به نه آهي دڪاندار جو اجايو ويٺو وقت وڃايان ۽ بحث ڪريان _ جيڪو هاڻ رُسي پنھنجي ڪرسيءَ ڏي پئي موٽيو. پر ڪرسيءَ وٽ پھچڻ کان اڳ يڪدم ’ابائوٽ ٽرن‘ ڪري وري مون ڏي وڌيو. منھنجي ڪلهن تي هٿ رکي آمريڪن فلمن جي خدائي فوجدار (شيرف) ۽ غريبن جي هڏ ڏوکي ڌاڙيل هيرو وانگر سرٻاٽ ۾ چيائين:
“Imitation. My friend! All imitation.”
”ادا سڄو نقل اٿئي! تڏهن ته سستو وڪڻن ٿا. ’نقل‘ هميشه ’اصل‘ کان تکو وڪامي ٿو ۽ عارضيءَ طرح، ظاهري ڏيک ۾ وڌيڪ چمڪ تجلو رکي ٿو.“ ۽ پوءِ پنڊت، پادري يا مُلين جي واعظ واري نموني چتاءُ ڏيندي چيو:
“My dear brother! When there is something moving fast it is bound to be imitation.”
آئون سمورو وقت مرڪندو رهيس. نيٺ چيومانس ته يار دڪاندار! ماڻهو واهه جو آهين. هونءِ سچ پڇين ته زندگيءَ ۾ پھريون سلوني سنھالي ڏٺو اٿم جيڪو سٺو واپاري چئي سگهجي ٿو.
”ٿئنڪ يو“ پاڻ به کليو.
”آئون سريلنڪا جو ضرور آهيان پر سنھالي نه آهيان. آئون تامل ڪرسچن آهيان.“
”اها ڳالهه ڪر نه،“ مون وراڻيومانس، ”آئون به چوان سنھالي ويچارا ڪٿي ايترا تيز آهن. بھرحال مسٽر اراسو (Mr. Arasu)! انگريزي واهه جي ڳالهائين ٿو. اهڙي انگريزي ويهه سال اڳ، ’ڪراچي فليٽ ڪلب‘ ۾ ڏٺل هڪ انگريزي ڊرامي ۾ ٻڌي هيم. آئون هڪ دفعو وري هوٽل تي ’پيوٽر‘ جو سامان ڏسي دلجاءِ ڪري پوءِ ايندس.“
”بلڪل، بلڪل.“ هن پيوٽر جي مختلف شين جي قيمتن جو ڪتابڙو (ڪئٽلاگ) مون کي ڏيندي موڪلايو.
سندس دڪان تان لھي ڀر واري ’بمبئي شاپ‘ نالي دڪان تي چڙهيس، جيڪو ارجن نالي هڪ سنڌي هندوءَ جو پراڻن ڪتابن جو آهي. اپوح ۾ جڏهن پھريون دفعو آيو هوس ته پراڻن ڪتابن جو پڇائي پڇائي نيٺ هن دڪان تي پھتو هوس. سڄي ملائيشيا ۾ سيڪنڊ هئنڊ (پراڻن) ڪتابن جو دڪان ڪو ورلي نظر اچي ٿو. ان جو اهو به سبب آهي ته هتي جي ماڻهن کي پڙهڻ جو گهڻو شوق ناهي. حڪومت جي ڪوششن ڪري هاڻ مڙيئي ننڍي ٽھيءَ ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو ويو آهي، پر ان هوندي به ڪي گهڻيون لئبرريون يا ڪتابن جا دڪان نه آهن، جيترا هھڙي ملڪ ۾ هئڻ کپن. ان ڪري سکر يا بھاولپور جيڏي هن شھر اپوح ۾ فقط هن بريوسٽر روڊ تي آمهون سامهون ٻه لولا لنگڙا پراڻن ڪتابن جا دڪان آهن. بلڪ دڪانن جا حصا آهن، جو ارجن جو دڪان به ڪتابن جو دڪان گهٽ درزيءَ جو دڪان وڌيڪ آهي، جنھن ۾ چوڌاري ٽي چار درزي سلائي ڪن ٿا. فقط هڪ ڪنڊ ۾ ٻه کن ڀت جا ڪٻٽ ۽ هڪ شو ڪيس ڪتابن جو رکيل آهي، جنھن جي ڦڏين ٽنگن جا پير جست جي پيالن منجهه هئا _ اڏوهيءَ جي بچاءَ کان شايد.
اهڙيءَ طرح رستي جي ٻئي پاسي تامل دڪان ۾ ته ان کان به گهٽ ڪتاب آهن _ سي به گهڻي ڀاڱي تامل _ جيڪي ڪاغذ، ڇپائي ۽ جُلد سازيءَ جي معيار کان ايئن لڳندا ڄڻ فلمي ڪھاڻين جون چوپڙيون. ارجن جا ڪتاب جيڪي ٻه سؤ کن ٿيندا، چڱيءَ طرح اُٿلائي پُٿلائي ڏٺم پر ڪو به منھنجي ڪم جو نه لڳو. ڪيترا ته رام رامائڻ، سيتا لڇمڻ يا چيني ڏند ڪٿائن ۽ ڌرمي قصن جا ڪتاب هئا. انگريزيءَ جو هڪ ٻه چڱيرڙو هو ته پويان يا وچيان صفحا ڦاٽل هئا يا وري گهڻي قيمت ڪري واپس رکڻو پيو ٿي _ جيتوڻيڪ لڳاتار هو اها ئي تسبيح پڙهندو رهيو: ”سائين ڪتاب کڻي وڃو. قيمت جي چنتا نه ڪريو.“
دل ۾ چيم ڌوڙ چنتا نه ڪريان. نئين ڪتاب جي قيمت ڏهه ڊالر ۽ هن سيڪنڊ هئنڊ (بلڪ سيونٿ يا ايٽٿ هئنڊ) ڪتاب جي قيمت اٺ ڊالر پيو ٻڌائين ته پوءِ پراڻي ڪتاب وٺڻ مان ڪھڙو فائدو. ۽ چنتا ڇو نه ٿئي. هم زبان سنڌي همراهه سان خريداريءِ کان سنئون سڌو انڪار ڪندي به خراب ئي لڳو. سو ’وري ٿو اچان‘ جو بھانو ڪري سامهون تامل همراهه جي دڪان تي پھتس، جتي ڪتابن جي نالي ۾ الائي ڪھڙي سن، ڪھڙي پني ۽ ڪھڙي مس جي ڇپائيءَ جا ڪتاب رکيل هئا. جن کي پڙهڻ وارو مفت ۾ به کڻڻ کان انڪار ڪري. ڇيڻن جي باهه دُکائڻ لاءِ انهن ڪتابن جا پنا ٻارڻ لاءِ سو صحيح هئا. ڪتاب نه ملڻ ڪري ڏاڍي اٻاڻڪائي ٿي. پر جيئن تيئن ڪري اپوح جھڙي پرديس ۾ وقت گذاري ملاڪا موٽيس. ڪتابن جي ڳالهه تان اپوح جي بمبئي شاپ وارو ارجن ياد ضرور ايندو هو. چي:
”سائين ڪتاب کڻي وڃو، قيمت جي چنتا نه ڪريو.“
اڄ جڏهن هڪ دفعو وري ان دڪان جي ڀر ۾ بيٺو هوس ته سوچيم ته ليئو پائي ڏسان ته ‘چنتا نه ڪريو’ وارو همراهه آهي يا نه؟ هن دفعي ڪتابن جو تعداد ڪجهه وڌيڪ هو. پاڻ غائب هو. چيني درزين کان سندس پڇيم ته ٻڌايائون ”هينئر هينئر ڪتابن جا ڪٻٽ بند ڪري چاٻي کڻي نڪتو آهي ۽ ڏهين کان اڳ نه موٽندو. سڀان آچر (موڪل جو ڏينھن) آهي، هاڻي پرينءَ سومر تي اچجو.“
هڪ ٻي ڳالهه ياد آئي ته پھرين دفعي ڪتابن جي پچر ڇڏي ارجن کان پتلون سبرائڻ جي ارادي سان سلائيءَ جو پڇيم. هن چيني درزين سان سرٻاٽ ڪري ٻڌايو ته سنڌي هجڻ ڪري هو مون کان پتلون جي سلائيءَ جا فقط پنجٽيھه ڊالر وٺندو. ان کان گهٽ بنھه نٿي ڪيائين. تنھن تي چيومانس ته ”لالا سنگاپور ۾ ته ڪپڙي سميت ٽيھه ڊالر ٿا وٺن. ملاڪا ۾ پنجٽيھه ڊالر، پر ڪپڙي سميت. هتي اپوح ۾ تو وٽ فقط سلائيءَ جا پنجٽيه ڊالر ڇو؟ سوني تند سان سبرائي ڏيندين ڇا؟“
جواب وري ساڳيو ڏنائين: ”سائين اگهه جي چنتا نه ڪريو ...“ ۽ آئون به ان ’چنتا‘ مان اهڙو بيزار ٿي ڀڳو هوس جو اڄ جڏهن خبر پئي ته هو موجود نه آهي ته ڪو اهڙو افسوس نه ٿيو، جيتوڻيڪ نون آيل ڪتابن مان هڪ ٻه ڪتاب منھنجو ڌيان ڇڪائي رهيا هئا.
ٻئي ڏينھن (آچر تي) هوٽل ۾ پنھنجي ميري قميص ۽ پتلون ڌوتم. جيسين سڪن تيسين هوٽل جي ’روم ميڊ‘ (ڪمرا صاف ڪندڙ عورت) هلي ويئي، جنھن ڪپڙا پڻ استري ڪيا ٿي. هتي ملائيشيا ۾ ڌوٻيءَ جو دڪان شايد ئي ڪنھن ڳوٺ يا ننڍي شھر ۾ هجي. جيتوڻيڪ اسان جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ئي ڊزن کن کٽي/ ڌوٻي/ لانڊري مين، ڊراءِ ڪلينر _ يا جيڪي سمجهو، جا دڪان هوندا. پاڻ سان استري نه آندي هيم سو ان لاءِ نيٺ سوچي اهو گس ڳوليم ته ارجن جي دڪان تي هلي هن جي درزين جي استري استعمال ڪجي.
اسان جي ڳوٺ جي ڪتابن جي مشھور ۽ پراڻي دڪان ’ميمن بڪ اسٽور‘ جي مالڪ شمس الدين ميمڻ وانگر ارجن به سدائين حيران پريشان، ڏاڙهي وڌيل ۽ پير اڌ چمپل ۾ اڌ ٻاهر، کِٿر کِٿِر ڪري اچي اڳيان بيٺو. ٿورو ئي اشارو ڏنومانس ته يڪدم سڃاڻي ويو.
”اڙي يار ڪٿي آهين تون؟ چئي وئين ته اچان ٿو، اڄ ستن مھينن بعد وريو آهين.“
دل ۾ چيم ته ڏاڍي ٻڌايائين! يا ته سندس يادگيرو تمام تيز آهي جو بلڪل صحيح مدو ٻڌايو اٿس، يا ته ڪو گراهڪ ئي ڪونه ٿو اچيس. چيومانس:
”اچان ڪيئن؟ تنھنجي ڪتابن جا اگهه اهڙا آهن جو خريد ڪرڻ پنھنجي وس جي ڳالهه ناهي.“
مون اٿندي ئي اها ڳالهه ان ڪري ڪئي جيئن سندس وڏي اگهه جو احساس ٿئيس ۽ شرم کان هن دفعي گهٽ اگهه ٻڌائي. پر سائين ارجن پنھنجي ڇاتي کنهندي، اسان جي ڳوٺ واري شمس الدين ميمڻ وانگر سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو:
“ڀاءُ مٺا! ڀلا ڇا ڪريان؟ منھنجي ڪتابن جي چونڊ ئي ڪجهه اهڙي آهي، ان ڪري مجبور ٿي اگهه وڏا رکيا اٿم.”
مون کان ٽھڪ نڪري ويو. ڪراچيءَ ۾ بولٽن مارڪيٽ جي ڀر ۾ گوري گارڊن ۾ جيڪي تور جي حساب سان پراڻا ڪتاب ملن ٿا ۽ اڪثر پان وارا ۽ ٻيا پڙيون ٻڌڻ لاءِ وٺندا آهن، اهي به مواد ۽ منھن مھانڊي ۾ هنن کان بھتر هوندا آهن. پر ارجن جي اها ڳالهه مون دل ۾ نه ڪئي ۽ نه ارجن منھنجو ٽوڪ طور ڏنل ٽھڪ دل ۾ ڪيو. بلڪ منھن جو پڪو ٿي چيو: “ادا نوانوي سيڪڙو ڪتاب آءُ پاڻ چونڊي آڻيندو آهيان. منھنجا گراهڪ ئي ڪجهه اعليٰ معيار ۽ ٽيسٽ وارا آهن.“
ٻين لفظن ۾ هاڻ جي ڪتاب نٿو وٺان ته ارجن جي حساب سان آئون سندس اعليٰ معياري گراهڪن مان نه آهيان. پر يڪدم بان ڪرڻ بدران چيومانس:
”ارجن! تنھنجي دڪان ۾ هي منھنجون ٽيون دفعو آهي. مون کي ته پاڻ کان علاوه ڪو ٻيو نڀاڳو گراهڪ نظر نٿو اچي.“ چرچي خاطر مون اڃا وڌيڪ چوڻ پئي چاهيو پر نه چيم، جو ڀر واري سلوني دڪاندار ۽ اسان جي ڳوٺائي شمس الدين وانگر سندس ڳالهيون پڻ مزيدار هيون ۽ هن وانگر پڙهيل ڳڙهيل به لڳو ٿي. پر پوءِ خبر پيئي ته ارجن پڙهيو مئٽرڪ تائين به نه آهي، باقي اسان واري ماسات شبير گهلوءَ وانگر جهونن انگريز ليکڪن جا اُٺَ ڪتابن جا پڙهي، انگريزي ڳالهائڻ ۾ اهڙو ڀڙ ٿي ويو آهي جھڙو شيڪسپيئر جي دور جو ماڻهو.
ڪتاب ڪڍڻ لاءِ ارجن کي ڪٽ چڙهيل ڪلفن کي کولڻ لاءِ چڱو منھن مٿو پٽڻو پيو. پوءِ جڏهن ڪٻٽ کليو ته ڪا دير ڪتابن تان مٽي ڇنڊيندو رهيو.
”ارجن اهو ته ٻڌاءِ ته اصل ڪٿان جو آهين؟“ مون پڇيومانس.
”حيدرآباد سنڌ جو آهيان. تلڪ چاڙهيءَ کان مٿي رهندا هئاسين.“
چوڌاري فقط چيني ڇوڪرين کي درزڪو ڪم ڪندو ڏسي پڇيومانس ته آيا زال چيني اٿئي يا انڊين؟
”يار شادي شده ئي نه آهيان.“
”ڇو ڀلا. چاليھن سالن جو اچي ٿيو آهين. اڃا ڪڏهن شادي ڪندين؟“ مون کيس ٻين ڳالهين ۾ بزي رکڻ چاهيو ٿي، جيئن آئون آرام سان ڪتابن جي جانچ ڪري وٺان.
”شادي ڪئي هيم، هڪ سنڌي ڇوڪريءَ سان پر گذارو نه ٿي سگهيو. مون کي هن Divorce ڪري ڇڏيو. (طلاق ڏيئي ڇڏي.)“
”هن شهر اپوح جي هئي؟“ مون پڇيومانس.
”نه ملاڪا جي.“
”ملاڪا ۾ ته ڪي سنڌي فئمليون نه آهن. هڪ ته پارواڻي وارا آهن، جن جو ملاڪا شھر کان ٻاهر دڪان آهي.“
”هينئر سڀ ملاڪا مان لڏي ويا آهن. منھنجي زال وارا به تڏهن ئي ملاڪا ڇڏي ويا هئا.“ ارجن ٻڌايو.
”پوءِ ارجن هُن وڃي ٻي شادي ڪئي يا نه؟“ مون پڇيومانس.
ارجن سگريٽ جو وڏو ڪش هڻي، پنھنجي وڌيل ڏاڙهيءَ کي کنهندي چيو: “Tidak-Tahu” (ملئي عام اصطلاح: معنيٰ ’ڪا ڄاڻ ناهي‘) ۽ پوءِ گاڏڙ ساڏڙ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ چيو: ”جڏهن ڪو هاڻ واسطو ئي نه رهيو ته خبر چار رکڻ مان اجايو درد پرائڻ ٿيو. جنھن جي واٽ نه وڃجي ان جو پنڌ ڇو پڇائجي. ان ڪري زندگيءَ جي ان باب کي ميساري ڇڏيو اٿم. هاڻ وري شادي ڪبي. ڳولا ۾ آهيان.“
”اپوح جھڙو شھر جنھن ۾ چوڌاري چيني ۽ چيني آهن، ڪنھن پروفيشنل _ نوڪري يا واپار ڪندڙ چيني عورت جي ڳولا ۾ ته نه آهين.“ مون پڇيومانس.
”نه. چيني عورت ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي.“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس. ”اهي ڏينھن جو هڪڙيون ۽ رات جو ٻيون آهن ڇا؟“
”نه، نه. منھنجو مطلب آهي سندن ڪلچر ۽ اسان جي ڪلچر ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. چينين جي رهڻي ڪھڻي، کاڌو پيتو، اٿڻي ويھڻي، ڪپڙو گندي سڀ مختلف آهن. ڪٿي ٿو گذارو ٿي سگهي.“
“پوءِ ڀلا ڪنھنجو سوچيو اٿئي؟ ملئي، تامل، سک يا ڪا يوريشين ڇوڪري؟“
”نه. شادي ته وري به پنھنجي ئي هم زبان ۽ ڪلچر واريءَ سان ئي ڪندس. هڪ اهڙي ٿي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته سڀ سنڌي اهڙا آهن.“
مون کانئس سندس واپار جو پڇيو ته آيا سندس دڪان ۾ ڪم ڪندڙ چيني درزي سندس رکيل آهن يا انهن جو الڳ ڪاروبار آهي.
”هن دڪان ۾ منھنجا فقط هي ڪتاب آهن. يعني رڳو هيءَ ڪنڊ منھنجي آهي باقي سڄو دڪان هنن چينين کي مسواڙ تي ڏنو اٿم. هي سڄو دڪان ۽ ان سان مليل پٺيون گهر ۽ ماڙي منھنجي آهي. سواءِ ٻن ڪمرن جي رهائش وارو حصو پڻ مسواڙ تي ڏنو اٿم.“
”ڇو ڀلا؟“ مون تعجب مان پڇيومانس، ”تون پاڻ سڄو دڪان ڇو نٿو هلائين؟“
”ادا ڪٿي آهي ڌنڌو؟ بزنس سڄو ڊائون آهي. واپار ۾ ڪو مزو نه رهيو آهي.“ هن ويجهو ٿي اها ڳالهه ائين سُرٻاٽ ۾ ڪئي، ڄڻ اهم راز ٻڌائي رهيو هجي.
”واقعي ارجن! هوٽلون به خالي نظر پيون اچن ۽ دڪانن تي به خريدارن جي اها ريل پيل ناهي. هي رڳو هتي آهي يا سڄي ملائيشيا جو اهو حال آهي؟“ مون پڇيو.
”سڄي ملائيشيا بلڪ هن سڄي ريجن جو اهو حال وڃي ٿيو آهي. اڄڪلهه بزنس ۾ پئسو لڳائڻ کان بھتر آهي ته بئنڪ ۾ رکي ڇڏجي. گهٽ ۾ گهٽ پئسو ته صحيح سلامت رهندو. مٿان ست اٺ سيڪڙو وياج، ڪميشن، نفعو يا فائدو_ يا ٻيو جيڪو نالو ان تي رکين _ اهو به ملندو رهندو. واپار ۾ ته ٿوري به سستي يا اڀاڳ جهڳو جهڻ ڪريو رکي.“
”يار هي ڳالهيون ته هاڻ پيون ٻڌجن ته بزنس ۾ جوکم آهي. نه ته، ته اهو ئي ٻڌبو هو ته نوڪري ٽوڪري آهي. وڌندڙ ڪم واپار آهي. خاص ڪري توهان جھڙا سنڌ ورڪي ته وڌيائي واپار مان. هينئر تنھنجو هي حال ۽ ڳالهيون ٻڌي تعجب لڳي ٿو ته واپار ته ڪا به شيءِ ناهي.“
”واپارسڀ ڪجهه هو“، ارجن درستي ڪندي چيو، ”پر اهو هاڻ نه رهيو آهي. 1960ع ٻاهٺ تائين ٻه اڍائي سؤ سال واپار جو سونھري دور هو. يعني انگريزن جي دور وارو زمانو ۽ ان کان ڪجهه اڳ وارا سال سنڌي ۽ چيني واپاري نه فقط هن تڙ: بئنڪاڪ، بورنيو، بجنگ ۽ باليءَ کان مسقط، موريشس، ممباسا ۽ موزمبق تائين کٽي کاڌو پر ويندي ڏورانھين علائقي: لاس پاماس، جئميڪا، فجي ۽ ٻين دور دراز ٻيٽن تائين پڻ واپار ذريعي راڄ ڪيو.“
”پر اڃا به ڪي ڪي ڊپارٽمينٽل اسٽور، شاپنگ آرڪيڊ ۽ سپر مارڪيٽون ڏسجن ٿيون ته گراهڪن سان اٿلن ٿيون.“ مون چيومانس.
”ها ائين آهي. مولا جو ملڪ هلي ضرور پيو. بيھڻو ناهي، پر هن وقت ڪمائين فقط اهي پيا جن جي سيڙپ هيڪاندي گهڻي آهي. باقي اسان جھڙا اٽي ۽ لٽي جي فڪر ۾ آهن.“
”تنھن جي معنيٰ ته واپار کان پاسو ڪرڻ چاهين ٿو.“
”نه، نه. اها ڳالهه ناهي. انتظار پيو ڪريان. جائزو پيو وٺان، جيئن ئي بھتر ڏينھن آيا ته وري شروع ڪبو. هونءَ بنھه بس به ناهي ٿيو. علائقو علائقو ضرور بدلجندو رهي ٿو. ڪو وقت هو هي بروسٽر روڊ واپار کان بلي بلي هو. پوءِ اپوح شھر جي نئين علائقي ۾ دڪان کليا. منھنجي ڀر ۾ دڪانن جا ڪپڙي جا واپاري اوڏانھن لڏي ويا. مون سستي ڪئي. اسان جو ئي هڪڙو دڪان رهجي ويو. سو هڪ تي ڪير ڪپڙا وٺڻ ايندو.“
”پر اڪثر واپاري ساڳي ئي شيءِ وڪڻندڙ کي ڀر ۾ رهڻ نه ڏيندا آهن، جيئن انهن جي هڪ هٽي رهي.“ مون پڇيومانس.
”نه. گراهڪ اتي گهڻا ايندا جتي هڪ ئي وکر جا گهڻا دڪان هجن، جتي جهجهي کنڊ هوندي اتي ئي گهڻيون ڪيئليون (ماڪوڙيون) مڙنديون. ٿوري چپٽيءَ تي ڇا اينديون. ساڳيو حال وکر ۽ گراهڪن جو آهي.“
”پوءِ تون ڇو نٿو شھر جي نئين حصي ۾ هليو وڃين؟“
”مون کي تڏهن ئي وڃڻ کپندو هو. اها منھنجي غلطي هئي. اڄ جي منھنجو دڪان شھر جي نئين حصي ۾ هجي ها ته حالتون ڊيفنيٽلي وُوڊ هئوِ بِن بيٽر (Definitely would have been better.) ان وقت اسان وٽ جيڪو ناڻو هو ان مان آرام سان هي دڪان وڪڻڻ بنا نئون خريد ڪري سگهيس ٿي، پر اسان اها غلطي ڪئي جو منھنجي ڀاءُ پينانگ ۾ وڃي دڪان کوليو ۽ اهو هلي نه سگهيو. تمام وڏو گهاٽو پيو. پٽ تي وڃي ڦھڪو ڪيوسين. هاڻ جيسين ڪجهه پئسو ٿئي. شھر جي نئين حصي وارن دڪانن جي قيمت به هاڻ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک ڊالر (تيرهن لک رپيا کن) ٿي ويئي آهي.“
انهن ڳالهين دوران مون هڪ ڪتاب جيمس مچنر جو ڳوليو. سوچيم ته ٻيو کڻڻ بدران اهو وري به غنيمت آهي. پر شوڪيس مان ٻاهر ڪڍي ڏٺم ته آخري صفحا غائب هئا.
”هينئر ڪجهه ڪتاب انڊيا کان گهرايا اٿم. اهي ڀلا ڏس.“ ارجن هڪ ڪنڊ مان اٺ ڏهه ڪتاب کڻي ڏيکاريا. چار پنج ته يوگا، انڊين جادو ۽ هندو مئٿالاجيءَ جا هئا. ٻن ڪتابن منھنجو ڌيان ڇڪايو. هڪ `A Spy in Pakistan` هو جيڪو جاسوسي قسم جو ناول ٿي لڳو، جنھن جو نالو ڪجهه به ٿي سگهيو ٿي پر پنھنجي ملڪ جو نالو ڏسي ان لاءِ کنيم ته پاڙي واري ملڪ ڇا لکيو آهي. ٻيو ڪتاب هندوستان جي مشھور تاريخدان، سرڪاري ڪاموري، وڪيل، اخبار جي ايڊيٽر، سک_ خوشونت سنگهه جو لکيل هو. ٻئي هڪ سؤ کن صفحن جا ٿيندا. هندستان ۾ سندن قيمت ڏهه ۽ چوڏهن رپيا آهي جيڪا پھرين صفحي تي لکيل هئي. پر ارجن جو ضد ته هڪ هڪ جا ڇھه ڊالر (چاليھ چاليھه رپيا) وٺندس.
”ٻيلي ڪجهه ته گهٽ ڪر.“
”سائين اگهه تي ڪمپپرومائيز نه.... “
”چڱو چڱو، ڀلا هي به کڻانءِ ٿو،“ کيسي مان پئسا ڪڍندي چيومانس، ”ڀلا هڪ ٻيو ڪم، استري ملي ويندي؟ قميص ۽ پتلون استري ڪرڻي اٿم.“
”ها، ها. ضرور، اچو هيڏانھن رکي آهي.“
اندر جتي دڪان ختم ٿي، گهر شروع ٿيو ٿي، اتي هڪ ننڍي ٽيبل تي ڪجهه خاڪي وڏا پنا پيا هئا، جنھن مٿان هڪ پراڻي زماني جي استري رکي هئي. ڀر ۾ ايتري ئي پراڻي زماني جي هڪ سبڻ جي مشين هئي، جنھن جو نالو به گسي چڪو هو. ان کي هڪ چيني ڇوڪري هلائي ڪو وڳو سبي رهي هئي ته ٽيپ رڪارڊر تي وڄندڙ ڪنھن چيني گاني تي ڪنڌ ڌوڻي رهي هئي. گانو پڪ ڪو Latest Hit لڳو ٿي، جو جيسين گانو ختم ٿيو تيسين ٻه ٽي دفعا انگريزيءَ ۾ Where is the Switch? ۽ ٻه ٽي دفعا ملئيءَ ۾ `Mana Suis` (سئچ ڪٿي آهي) پڇندو رهيس، پر جواب نه ڏنائين. گاني ختم ٿيڻ تي ڪنڌ لوڏڻ به بند ڪيائين ته سبڻ جي مشين به _ جنھن جي موٽر جي تار، ٽيپ رڪارڊر ۽ پکي جي تار هڪ ئي اڌ پوائنٽ ۾ پيل هئي. ماچيس جي تيلي کڻي استريءَ جون اگهاڙيون تارون به ان اڌ پوائنٽ ۾ ٻين اگهاڙين تارن سان گڏ ٽنبي بٽڻ کي آن ڪيم. ڪو به ڌماڪو نه ٿيو، ٽيپ رڪارڊر وري وڄڻ لڳو، مشين جو ڦيٿو ۽ چيني ڇوڪريءَ جو ڪنڌ وري ڌڏڻ لڳو ۽ انهن مڙني شين سان گڏ هن دفعي، استريءَ ۾ حرارت پڻ وڌڻ لڳي. اتي هڪ اڇن وارن واري پنجاهه کن سالن جي انڊين عورت اڇي ويڪري پجامي ۽ چولي ۾ ڀر واري ڪمري مان نڪري سامهون اچي ويٺي. ارجن ان وقت لنگهندي ٻڌايو ته هوءَ سندس فوت ٿي ويل ڀاءُ جي زال آهي. مون کان سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ خبرچار وٺڻ لڳي. پاڻ سنڌي پڙهي به سگهي ٿي جو سنڌ ڇڏڻ وقت ويھه پنجويھه ورهيه کن ڄمار جي هئي.
”سنڌ ڇڏڻ بعد مدراس آيس. پوءِ شاديءَ بعد هتي ملائيشيا ۾.“ هن ٻڌايو.
”ٻئي دفعي آيس ته تولاءِ سنڌي ڪتاب ۽ اخبارون کڻي ايندس.“ مون چيومانس.
”دل ڏاڍي چوي ٿي ته هڪ دفعو حيدرآباد هلي ڏسجي. پر اسان کي الائي اچڻ ڏيندا يا نه.“ هن چيو.
”توهان ته هاڻ ملائشين ٿيائو. پاڪستان ۾ ته انڊيا جا رهاڪو به گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.“
”ڀلا سنڌي اڃا آهن؟“
”جڏهن توهان سنڌ ڇڏي تڏهن به هئا ۽ اڄ به آهن. هر شھر، هر ڳوٺ ۾ سنڌي رهن ٿا _ مسلمان به ته هندو به.“
”اهو ڪيئن ڀلا. هندو مسلمانن جا جهيڙا نٿا ٿين؟“
” ائين ته هندستان ۾ به ٿيندا رهن ٿا پر جيستائين منھنجي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي، هندو مسلمانن کان وڌيڪ ته چانڊين، مگسين ۽ شيخن، ميمڻن جا جهيڙا ٿين ٿا.“
“هندو سنڌي روزگار لاءِ ڇا ڪن؟” هن پڇيو.
”اهو ئي اڳ وانگر واپار ۾ به آهن ته سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ به.“
”مون ته ٻڌو آهي ته انهن کي نه نوڪري آهي نه واپار.“
”اهي ڪنھن دشمن جا اڏيل افواهه ٿي سگهن ٿا، منھنجا هندو دوست ۽ واقفڪار ته واپاري ۽ واڍا آهن ته مئجسٽريٽ ۽ مرچنٽ نيوي جا آفيسر پڻ. باقي عام بيروزگاري ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ ضرور آهي.“
پوڙهي تعجب مان ٻڌندي رهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”تنھن جي معنيٰ اسان بيوقوف هئاسين جو سنڌ ڇڏيسين. اسان ته اهو ئي ٻڌندا رهياسين ته سنڌ ۾ سنڌين کي ماري ڇڏيائون. بچيلن کي زوريءَ مسلمان ڪيو اٿن. ۽ هاڻ وري اهو پيا ٻڌون ته سنڌين وٽ جيڪي ڪجهه گهر گهاٽ، زر زمينون آهن انهن تي قبضو ڪيو پيو وڃي.“ هوءِ هندستان کان آيل ڪجهه پراڻين اخبارن کي جن ۾ اهو پڙهيو هئائين، ڳولڻ لاءِ اٿي.
”توهان اخبارون ڳولڻ جي اجائي تڪليف ٿيون ڪريو.“ مون کانئس موڪلائيندي چيو، ”آئون انڊيا جي اخبارن ۾ پاڪستان بابت ايندڙ هر خبر سچي نه سمجهندو آهيان ۽ ساڳي طرح پاڪستان جي اخبارن ۾ انڊيا بابت ڏنل خبر کي.“
”پر انڊيا ۾ ڊيموڪريسي آهي.“
”بلڪل ڊيموڪريسي آهي. ۽ ڊيموڪريسيءَ جي جياپي لاءِ آزاد پريس ضروري آهي. پر اها آزادي ماڻڻ جي ڪيتري آزادي آهي. ڪنھن ٻئي ملڪ جي مسئلن کي Exploit ڪرڻ يا ان بابت گهٽ وڌ لکڻ ته سنسرشپ وارن ڏينھن ۾ به ڪري سگهجي ٿو.”
آئون استري ختم ڪري چڪو هوس. ارجن ڪتاب ۽ باقي پئسا منھنجي اڳيان رکي چيو:
”يار آئون ڀلا هلان ٿو، ڪجهه ڪم اٿم.“
”بس آئون به نڪران ٿو.“ ڪتابن واري ٿيلهي ۾ پتلون ۽ قميص وجهي ٻاهر نڪتس. ارجن سان گڏ پندرهن سورهن سالن جي هڪ ڪارسري ڇوڪري به هئي _ جيڪا تامل کان گهٽ ۽ ملئين کان وڌيڪ ڪاري لڳي رهي هئي. ڪتاب ڳولڻ مھل هوءَ دڪان ۾ آئي هئي ۽ سڄو وقت هڪ ڪنڊ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي رهي.
”هيءَ ڪير آهي؟ تنھنجي ڀاءُ جي ڌيءُ ته نه آهي؟“ مون هن کي ارجن جي مائٽياڻي سمجهي پڇيو.
”نه. ادا کي ته اولاد نه ٿيو. هيءَ نوڪريءَ لاءِ آئي آهي. ماءُ تامل اٿس ۽ پيءُ سلوني. منھنجي دوست جي زال کي گهر ۾ ڪم لاءِ ڇوڪري کپي. سو کيس انهن وٽ وٺيو ٿو وڃان.“
”هن ملڪ ۾ ماڻهن جو ڪيڏو نه چمپور (ملئي لفظ معنيٰ مڪسچر، ملاوت) آهي. تامل، سلوني، عرب، سک، انڊونيشي، جاواني، بالي، چيني، ملئي، يورپي هڪ ٻئي ۾ ايڏو مڪس اپ ٿي ويا آهن جو اصل نسل جي خبر نٿي پوي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
ارجن ايڏو تکو تکو هلي رهيو هو ڄڻ ڪا ريل ڇٽڻ واري هيس. جيتوڻيڪ منھنجي هوٽل جو رستو به ساڳيو هو پر ارجن سان گڏ ماراٿان ڊوڙ ڊڪڻ کان کِلي موڪائڻ بھتر سمجهيم. هو مون کي وري سندس دڪان تي اچڻ لاءِ پارتون ڪندو ’تامل سلوني‘ ڇوڪريءَ کي ٻانھن کان وهٽ وانگر ڇڪيندو گاڏين ۽ ماڻهن جي ميڙ ۾ گم ٿي ويو.

اپوح جي پاڪيزه هوٽل ۽ عشقي ڪواب

ملائيشيا جي اپوح شھر ۾ رهندڙ ڏکڻ هندوستاني مسلمانن توڙي هندن جون ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي هوٽلون آهن. فقط جالان (شاهراهه) ينگ ڪلثوم جيڪو سمجهو ته حيدرآباد جي رسالا روڊ جيڏو مس ٿيندو، ان جي اوسي پاسي ۾ سلطانيا، حميده بانو، راجا ۽ رحمان نالي هوٽلون آهن. وچ شھر جي ته هر اهم روڊ تي هڪ يا ٻه اهڙيون هوٽلون ضرورو اينديون _ جيڪي سڏجن جيتوڻيڪ ’انڊين‘ ٿيون پر صحيح معنيٰ ۾ اهي ’ڏکڻ هندستاني‘ سڏجڻ کپن جو انهن هوٽلن ۾ هڪ ته فقط ڏکڻ هندستان: مدراس، ڪيرالا، بئنگلور وغيره جا ئي کاڌا ملن ٿا ۽ انهن هوٽلن جو معيار اهڙو ناهي جھڙو آمريڪا، انگلينڊ، يورپ، جپان، هانگ ڪانگ يا عرب دنيا جي مشھور انڊين هوٽلن ۾ نظر اچي ٿو، جيڪي در اصل اتر هندستان يا پاڪستان جي ماڻهن جون آهن ۽ جن ۾ مغلي يا اهڙا کاڌا تيار ٿين ٿا جيڪي يورپ ۽ آمريڪا جا گورا ماڻهو به پسند ڪن ٿا. سو اهي ’انڊين‘ هوٽلون حقيقت ۾ ’پاڪستاني‘ يا ’نارٿ انڊين‘ چئي سگهجن ٿيون. باقي هي ملائيشيا واريون هوٽلون سائوٿ انڊين يا دکني هوٽلون سڏجڻ کپن.
ڏکڻ هندوستاني يا ’سائوٿ انڊين‘ هوٽل ڪيڏي به صاف هجي، ايئرڪنڊيشنڊ هجي پر منجهس اها سونھن ۽ خوبصورتي نه هوندي جيڪا ولايت جي ملڪن ۾ ’پاڪستاني‘ يا ’نارٿ انڊين‘ هوٽلن: شيراز، شيزان، علي بابا، فاروق، مغل، مھاراجا، تاج محل، شالامار يا ٽپسي ٽاپسي جھڙين ۾ آهي.
ڏکڻ هندوستاني هوٽلن ۾ گهڙڻ سان ديڳڙن جي قطار آڌرڀاءُ ڪندي جن جا ڍڪ کولي چمچي سان ڪڪڙ، ڳائي، ٻاڪري يا مڇيءَ جي ڦنگي ٻوڙ جو جائزو وٺي، پٺيان پٺيان ايندڙ بئري کي ٻڌائي سگهجي ٿو ته هي يا هو ٻوڙ کپي، پر پاڪستاني يا نارٿ انڊين هوٽلن ۾ ويھڻ بعد بئرو يا ڇوڪِري Set مينو پيش ڪندي ۽ آرڊر وٺڻ مھل نئپڪن ۾ ويڙهيل چمچو، ڪانٽو ۽ ڇري اچي رکندي. ڏکڻ هندستاني هوٽلن ۾ پاڻيءَ سان اڌ ڀريل اسٽيل جي ڪريءَ ۾ ڪٽ لڳل چمچن ۽ ڪانٽن جو ڍير اڳھين موجود هوندو. ان جي ڀرسان هڪ اونهي ٿالهيءَ ۾ ايڏو ئي ڪيلن جو ڍير رکيل هوندو. ڪن هوٽلن ۾ ته ڪيڪن جون ڦارون ۽ ڇليل ۽ اوٻاريل بيضا پڻ نظر ايندا.
هڪ ٻيو فرق: ڏکڻ هندستاني هوٽلن ۾ هر ٻوڙ ۾ گرم مسالا ايترا هوندا جو انگريز، عرب ۽ يورپي ته پري پر سريلنڪا جي ڪارين مرين ۽ لونگن جي باغ جو مالڪ به اهو ٻوڙ کائڻ بعد صبح تائين پڇتائيندو رهي.
اپوح ۾ ايڪسيلسر هوٽل جي ڀرسان ‘پاڪيزه’ نالي هڪ انڊين ريسٽورنٽ آهي، پر اها ڏکڻ هندوستاني ٽائيپ هوٽل ناهي. صاف سٿري ايئرڪنڊيشنڊ هال ۾ سائي رنگ جي غاليچي تي ساڳي رنگ جون صاف سٿريون ۽ سٺي ڊزائين واريون ڪرسيون ۽ ميزون ڪنھن نارٿ انڊين، ڪشميري يا پاڪستاني هوٽل جو ڏيک ڏين ٿيون. ڪم ڪار ڪندڙ ڇوڪرين جا نه فقط هڪ ئي جھڙا پھريل وڳا صاف سٿرا ۽ اُجرا نظر آيا پر سندن جسم پڻ. ڦرموٽين وانگر ڪڏهن ڪا ملئي ڇوڪري کاڌي جو ٽري کڻي هڪ در کان پئي آئي ته ٻي چيني ڇوڪري خالي ٿيل ٿانوَ ٻئي در ڏي کڻيو پئي ويئي. ننڍي کنڊ جي ڪنھن ڇوڪريءَ (هندوستاني، پاڪستاني يا شايدپنجابي سِکڻِيءَ) گراهڪن اڳيان مينو پئي رکيو، ڪنھن پورچوگاليءَ يا شايد ڪرنٽيءَ (اڌ انگريز يا يورپي ته اڌ ايشين) ايندڙ مھمان جو در وٽ آڌرڀاءُ پئي ڪيو.
سڀني ڇوڪرين کي اڇن گلن سان سائي رنگ جا ڊگها فٽنگ وارا چولا، اڇي رنگ جا لکنوي نموني جا پاجاما ۽ مٿي تي اڇيون پوتيون هيون. اسڪرٽن، گوڏين، سارنگن (Sarongs) ۽ باجو ڪورنگن جي ڏيھه ۾ وڏي عرصي بعد اسان جي پاڪستاني يا هندستاني ڊريس ۾ ملبوس، هي PIA جي ايئرهوسٽس جھڙيون ڇوڪريون ڏسي، پھرين ته ڏاڍو عجب لڳو _ ڄڻ ڪنھن نمائش گهر ۾ آيو هججي. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آيا هيءَ هوٽل ڪنھن ڪشميريءَ جي آهي، اتر هندستانيءَ جي، پاڪستانيءَ جي يا ڪنھن هتي ئي لوڪل ملئي يا چيني همراهه جي! ڇوڪرين جي پوشاڪ مان ته صاف لڳو پئي ته پنھنجي ئي علائقي ۽ پاڙي جو ڪو ملڪ آهي، پر شڪلين مان ته ڪي ملئي لڳي رهيون هيون ته ڪي چينياڻيون. هڪ ٻه سک ۽ ڪرسچن پڻ هيون. بھرحال هوٽل انتظاميا کين تنگ پجاما ۽ مٿي تي پوتيون رکي سٺو ’شو_پيس‘ ٺاهيو هو ۽ ملائيشيا جي هن هوٽل جي مالڪ کي _ جيڪو به آهي، ان کي دل ئي دل ۾ داد ڏيڻو پيو ٿي.
آرڊر وٺڻ واري ملئي ڇوڪري کان پڇيم:
”Siapa punya hotel inikah_ هيءَ هوٽل ڪنھنجي آهي؟“
”نياز عليءَ جي.“ هن وراڻيو.
“Di mana dia tinggal_ هو ڪٿي رهي ٿو؟“
”Di-Sini_ هتي ئي.“
”ڀلا اصل ڪٿان کان آيو هو؟“ مون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”Tidak tahu_ خبر ناهي. مون کي هتي نوڪري ڪندي ٿورو وقت ٿيو آهي. ڪائونٽر تي جيڪا ڇوڪري بل ٺاهي رهي آهي. اها سيٺ جي مائٽ آهي. ان کي خبر هوندي.“
مانيءَ بعد دخل واري ڇوڪريءَ وٽ ويس جنھن جي قميص تي سندس نالو جنيرا لکيل هو. نالي مان ته نٿي لڳو ته آيا هوءَ هندو آهي يا مسلمان _ باقي مٿي تي ابوڇڻيون ته هن هوٽل جي مالڪ چيناڻين کي به پارائي ڇڏيون هيون.
منهنجي پڇڻ تي هن انگريزيءَ ۾ ٻڌايو ته پاڻ اصل ۾ پاڪستاني آهي پر ڄائي نپني ۽ پڙهي هتي ملائيشيا ۾، سو اڙدو رڳو ٿورو سمجهي سگهي ٿي باقي ڳالهائي انگريزي ۽ ملئي زبان ۾ ٿي. کيس اها خبر نه هئي ته سندس وڏا پاڪستان جي ڪھڙي حصي کان هتي آيا. ”هوٽل جو مالڪ نياز علي البت ان بابت ٻڌائي سگهندو.“
هوٽل جو مالڪ نياز علي ان وقت ٻاهر اپوح ڪلب ۾ ويل هو، پر منھنجي خواهش تي هوٽل جي سينئر ڪمدار ڪرتار سنگهه فون ملائي ڏنو.
رسمي خير عافيت بعد جڏهن نيازي عليءَ کي ٻڌايم ته آئون ملاڪا جي نيول اڪيڊميءَ کان هتي آيو آهيان ته هن هڪدم وراڻيو: ”توهان سان ته پھرين به ملاقات ٿي چڪي آهي.“
دل ۾ سوچيم ته شايد سنگاپور يا ڪوالالمپور ۾ ٿي هجي، جيڪي وڏا شھر آهن ۽ اڪثر ڪيترن سان ئي ملاقات ٿيو وڃي.
”سائين ڪٿي؟“ پڪ ڪرڻ لاءِ مون پڇيو.
”هتي ئي. توهان کي اپوح ۾ هڪ دفعي هوٽل جو ڪمرو نه پئي مليو. توهان ملاڪا کان آيل هئا.“
اهو ٻڌي مون کي هڪدم ياد اچي ويو ته درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هن هوٽل ۽ هن همراهه بابت گذريل سال ٻڌايو هو ته ملاڪا کان پينانگ ويندي هن کي اپوح ۾ رات پئجي ويئي هئي. ڏياريءَ جي موڪلن ڪري هوٽلن جا ڪمرا اڳھين ڀريل هئا. آخر ٿڪجي، ماني کائڻ لاءِ هو هن پاڪيزه ريسٽورنٽ ۾ آيو، جتي ساڻس ملاقات ٿي هئي. نياز علي هتي جو پراڻو شھري ۽ گهڻي ڏيٺ ويٺ وارو هجڻ ڪري ڪئپٽن مخدوم وارن کي هتي جي هڪ هوٽل Tambun – Inn ۾ ڪمرو وٺرائي ڏنو هو.
مون نياز عليءَ کي ٻڌايو ته اهو آئون نه پر منھنجو ئي هڪ دوست هو جنھن توهان جي ان ڳڻ جا ڏاڍا ٿورا مڃيا هئا ۽ هو اڄڪلهه برونائي ۾ آهي.
”توهان هتي ڪلب ۾ اچو ته توهان کي هتي جي دنيا ڏيکاريان.“
”حياتي رهي ته ٻئي دفعي ضرور ملاقات ڪبي.“
مون کيس پنھنجي وندر _ ’لکڻ‘ بابت ٻڌايو ۽ کانئس فون تي ئي سندس ملائيشيا ۾ اچڻ بابت پڇڻ چاهيو ته آيا هتي هو پاڻ آيو هو يا سندس پيءُ ڏاڏو؟
”ادا سائين، هتي ملائيشيا ۾ اسين پراڻا آيل آهيون. ايتريقدر جو آئون ته هتي ڄائس پر منھنجو والد صاحب مير عالم، جيڪو هاڻ چوراسي سالن جو آهي، اهو به هتي ڄائو. ملائيشيا ۾ اسان جو ڏاڏو مھر الدين آيو هو _ اڄ کان نوي يا سؤ سال کن اڳ. هو تن ڏينھن ۾ انگريز حاڪمن جي برٽش آرميءَ ۾ هو. هتي اچڻ کان اڳ هو ڪجهه سال برما ۾ پڻ رهيو. انهن ڏينھن ۾ هتي اپوح ۾ ته ڇا پر ڪوالالمپور ۾ به اڃا ڪي ٻه چار ڪچن گهرن جا پاڙا مس هئا. مڇر، جيت، نانگ بلائون _ چوڌاري گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگ هو. انهن ڏينھن ۾ پنھنجا شھر: دهلي، لاهور، ڪلڪتو ايئن هئا جيئن اڄڪلهه لنڊن، ٽوڪيو، نيويارڪ سمجهيا وڃن ٿا. پر ڏاڏي جي روزي هتي لکيل هئي. هو پيٽ گذر خاطر هتي ئي رهي پيو. اڄ الله جي فضل سان هنن ملڪن ترقي ڪري ورتي آهين، ۽ اسان به سکيا ستابا آهيون. هونءَ اسان جا مائٽ مٽ اڃا به گلبرگ لاهور ۾ رهن ٿا، جن وٽ ايندا ويندا آهيون. گذريل سال آئون به لاهور ويو هوس. پنجابي ۽ اڙدو به صاف اچيم ٿي. باقي هاڻ ٻار نٿا ڳالهائي سگهن. گهر ۾ جيتوڻيڪ اسان وڏا ڳالهائيندا آهيون ته هو ٿوري ٿوري سمجهيو وڃن.“
نياز عليءَ کان فون تي موڪلائي هوٽل مان نڪتس ٿي ته ياد اچي ويو ته مينيو تي کاڌن جا ٻه چارا نرالا نالا پڻ ڏٺا هئم. ڀر ۾، پاڪيزه هوٽل جي يونيفارم_ ڪڙتي پاجامي ۾ بيٺل چيني ڇوڪريءَ کان کاڌن جي لسٽ جو مينيو گهرائي پُوري، نانن ۽ چپاتين جي مختلف قسمن کان علاوه انهن نرالن ٻوڙن جا نالا پڻ نوٽ ڪيم، جيڪي خاص نياز عليءَ جا ايجاد ٿيل ٿا ڏسجن. جيئن ته پنجين ڊالرين في پليٽ وارا ڪڪڙ جا ٻوڙ: چڪن مھاراجا، چڪن ونڊالو ۽ چڪن رينڊانگ_ ڪشميرين، ڏکڻ هندستانين ۽ ملئي ماڻهن جي پسند کي ڌيان ۾ رکي رکيا ويا آهن.
کاڌن جي ڊگهي لسٽ تي ڀاڄيءَ وارا پڪوڙا ۽ پشوري ڪوابن کان علاوه ٻي ڊالرين پليٽ وارا ‘عشقي ڪواب’ پڻ هئا. ڪھڙن عاشقن کي ڌيان ۾ رکي اهو نالو ايجاد ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ ڪھڙا مرچ مسالا ۽ ٽوڻا ڦيڻا ملايا وڃن ٿا_ پاڪيزه هوٽل جي مالڪ نياز عليءَ سان ٻئي دفعي ملاقات ٿي ته اهو ضرور پڇندوسانس، جنھن کي پنھنجي گراهڪن جو ايڏو خيال آهي جو هٿ ڌوئڻ واري ڪونڊيءَ تي وڏن اکرن ۾ ڪرمچند گانڌيءَ جو انگريزي ۾ چيل گراهڪن بابت قول فريم ڪرائي هڻائي ڇڏيو اٿس ته: ”گراهڪ توهان لاءِ نعمت آهي، گراهڪ جو خيال رکڻ توهان جو فرض آهي...“ وغيره وغيره.
گانڌيءَ بابت پڙهيو مون به چڱو خاصو آهي پر اپوح ۾ نياز علي جي پاڪيزه ريسٽورنٽ ۾ هٿ ڌوئڻ وقت مون کي اها ڄاڻ ٿي ته ڏکڻ آفريڪا ۽ هندوستان جي مشھور وڪيل ۽ سياستدان هوٽل ۾ ايندڙ گراهڪن بابت به ڪو قول فرمايو آهي!

اپوح (IPOH) اميرن جو شھر

اپوح ڪروڙپتين جو شھر پڻ سڏيو وڃي ٿو. اوائلي ڏينھن کان ٽين (Tin) جي ڳولا ۾ هتي آيل همراهه، هن ڌاتوءَ مان امير ٿي ويا. اپوح شھر پيراق جي ڪنٽا ماٿريءَ ۾ آهي، جيڪا دنيا ۾ ٽين جي کاڻين کان مشھور آهي. ٽين جو واپار ۽ ڪارخانا اڄ تائين هلندا اچن. جن ماڻهن ڪالهه هتي اچي ٽين جي کوٽائي جو ڪم ڪيو سي اڄ امير ۽ دولتمند آهن.
دڪانن ۽ گهرن ۾ اپوح شھر ڪجهه ڪجهه ڪوالالمپور جھڙو ماڊرن لڳي ٿو ۽ ماڻهن جي پوشاڪ ۽ رهڻي ڪھڻيءَ مان سنگاپور جھڙو _ جتي گهڻا چيني ماڻهو آهن ۽ چيني ۽ انگريزي زبانون عام ڳالهايون وڃن ٿيون. ملاڪا، سريمبان ۽ الور اسٽار به چڱا وڏا شھر آهن، پر اتي وري ملئي ماڻهو گهڻا آهن ۽ زندگي ڪجهه ڳوٺاڻي نموني جي پرسڪون ۽ سست رفتار نظر اچي ٿي. پر اپوح ۾ گوڙ گهمسان، دانھون ڪوڪون ۽ هل هنبوڇو ڪجهه ڪجهه سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ نموني جو آهي. ڪارين لارين جي انجڻين ۽ هارنن جا آواز هڪ طرف پيا ايندا ته دڪانن ۽ هوٽلن مان هانءُ ڦاڙ چيني ۽ انگريزي گانن جون رڙيون ٻئي طرف. ملاڪا، جوهور، ننگري سيمبيلان رياستن پاسي ملئي گهڻا هئڻ ڪري سوئر جي گوشت يا شراب جھڙيون شيون کلئي عام نظر نه اينديون جو ملئي مسلمان گهڻا آهن ۽ اتي جا چيني ۽ انڊين به سندن خيال رکن ٿا، پر اپوح پاسي چيني گهڻا آهن سو سوئر جو ٻوٽيون ٻوٽيون ٿيل گوشت ته ڇا، ڪن ڪن چونڪن تي سڄا سڄا فراءِ ٿيل سوئر ڀين تي ٽنگيل نظر ايندا. جيئن پاڻ وٽ رستي جي ڪنارن ۽ بس اسٽاپن وارين هوٽلن تي ڪڪڙيون ٽنگيل نظر اينديون آهن. سڄي ملائيشيا ۾ چڪلن ۽ جسمن جي واپار تي جيتوڻيڪ سرڪاري طرح بندش آهي، پر هتي اپوح ۾ مساج پارلر، بيوٽي پارلر، هيلٿ هائوس، سانا باٿ جھڙن نالن سان ڳجهي طرح هر ڪم عام جام هلي ٿو جنھن تي حڪومت شايد اک ٻوٽ ان ڪري ڪريو ڇڏي، جيئن يورپ ۽ آمريڪا جھڙن امير ملڪن کان ٽوئرسٽ ايندا رهن ۽ ڊالر، پائونڊ، يين، مارڪ جو وهڪرو جاري رهي. سندس پاڙي وارن ملڪن _ ٿائلئنڊ ۽ انڊونيشيا ۾ ته الائي ڇا ڇا پيو ٿئي.
اپوح ۾ جنھن هوٽل ۾ آئون رهندو آهيان، اهو علائقو بقول هتي جي ماڻهن جي سڌريل ۽ ماڊرن آهي، جنھن جي رستن تي وڏيون بئنڪون، آفيسون، نئشنل، سانيو ۽ سوني جھڙين جاپاني ڪمپنين جا اليڪٽرڪ شين جا سھڻا دڪان آهن ته باٽا، گچي (Gucci)، مئڪس فئڪٽر ۽ سئمسونائٽ جھڙين بين الاقوامي شين جا دڪان پڻ. ها سائين ان خيال کان هي علائقو بلڪل ماڊرن آهي، پر ان سان گڏ گڏ اسٽائلش نالن وارن مالش گهرن جي به کوٽ ناهي. هڪ ٽوئر ڪمپني جي ڪتاب موجب ”ملائيشيا ۾ سڀ کان گهڻا مساج گهر _ صحت سٺي ڪرڻ لاءِ (يا خراب ڪرڻ لاءِ شايد) اپوح ۾ آهن.“ اهو بلڪل صحيح لڳي ٿو. منجهس مالش ڪرڻ واريون _ يا جسم جو سودو ڪرڻ واريون چيني ۽ ٿائي ڇوڪريون چاهي سھڻيون ۽ رومانٽڪ هجن يا نه پر انهن اڏن جا نالا بيحد رومانٽڪ ۽ سھڻي لکائي وارا آهن. رڳو Jn. Yang Kalsum روڊ جي آسي پاسي وارا نالا جيڪي ايندي ويندي پڙهڻ ۾ اچن ٿا: سمال وائيلڊ ڪئٽ (ننڍڙي جهنگراڙ ٻلي)، ڊارلنگ مساج سئلون، انجليق بئمبو تقانغ اروت (ملئي لفظ ’تقانغ‘ معنيٰ ڄاڻو، اروت معنيٰ ’مالش‘)، VIP، وائيلڊ هارس (جهنگلي گهوڙو)، نمبر 99 مساج هائوس، Red Rose، ٿري سسٽرز ۽ Pussy Cat مساج پارلر.
اڄڪلهه حجامن جي دڪانن جا نالا به گهٽ رومانٽڪ ناهن. ان ساڳي روڊ تي جتي ‘سن رائيز’ ۽ ‘فئنسي باربر شاپ’ جھڙن عام نالن وارا دڪان آهن اتي The L2 Hair Shop، ڪارمن هيئر پرفيڪشنسٽ (لنڊن پئرس)، Afod Hair Clinic، باب يوني سيڪس هيئر ڊزائين سينٽر ۽ Gift Hair Creative Workshop جھڙا پرڪشش ۽ اسٽائلش نالن وارا پڻ دڪان آهن جيڪي نالا سوچي سمجهي رکيا ويا آهن، جيئن پڙهندڙن تي رعب پوي ته وار ٺاهڻ واري خاتون آمريڪا، انگلينڊ يا فرانس جھڙن ملڪن مان اعليٰ تربيت وٺي وڏي قابل ٿي آئي آهي ۽ هوءَ وارن جا فقط اهي ڏهه پراڻا نمونا نٿي ٺاهي جيڪي گذريل پنجويھه سالن کان ڪراچيءَ جي ماڊرن هيئرڪٽنگ سئلون ۾ فريم ٿيل آهن. هوءِ پنھنجيون ڊزائينون به ايجاد ڪري سگهي ٿي. مثال طور داتو شيق (Dato- Shake) ، ۽ مصبون صديق (Misbun) _ هتي جي مشھور ڳائڻي ۽ ٽينس جي رانديگر جي وارن جھڙيون عجيب ۽ نمايان ڊزائينون شايد.
ساڳي طرح جسم جي بناوت ۽ ميڪ اپ جا دڪان آهن، جيئن پاڻ وٽ شادي رات ’دلهن ميڪ اپ‘ ڪرڻ وارن جا دڪان آهن. اپوح جي انهن دڪانن جا نالا به گهٽ آرٽسٽڪ نه آهن. مثال طور: Joanne Beauty Therapist، انجلق بيوٽي ٿيراپي، Instituete De Fiurrette Centre, Kim Beauty House, beaute ۽ ريگاليا بيوٽي ڪيئر وغيره.
اپوح ۾ شام جي ماني گهڻو ڪري هڪ ڏکڻ هندستاني ‘مسلم ريسٽورنٽ سلطانيا’ ۾ کائي Chinese Methodist Church تائين واڪ لاءِ ويندو هوس. هن گرجا گهر کان اڳ هڪ هندو تامل جو اخبارن، رسالن ۽ ٽڪين، چونئرن، سگريٽن، چاڪليٽن جي پيڊيءَ وٽ بيٺل هڪ نوجوان سک سان اڪثر هيلو هيلو ٿيندي هئي. هن ٻڌايو ته هو هتي جي ‘اليڪٽرڪ’ يا شايد ‘پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ’ ۾ سرڪاري ڪلارڪ آهي. وڏي موٽر سائيڪل تي چڙهي روزانو ان وقت پنھنجي تامل دوست سان ملڻ، ڪچھري ڪرڻ ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ايندو آهي. (اها وڏي ۽ سينگاريل موٽر بائيڪ رستي تان کڻي فٽ پاٿ تي بيھاريندو آهي.) آئون به ڪنھن ڏينھن کيڪاري لنگهي ويس ٿي ته ڪنھن ڏينھن بيھي ڳالهيون ٻڌم ٿي. سردارجي گهٽ پڙهيل هجڻ جي باوجود بيحد فضيلت ۽ تحمل سان ڳالهائڻ وارو، فقط ۽ فقط راندين _خاص ڪري فٽ بال جو شوقين لڳو ٿي. ويجهڙائيءَ ۾ پنجاب (انڊيا) ۾ ٿيل سکن جي آزاد رياست جي جدوجھد، مٿن ٿيندڙ ظلم ۽ قربانين بابت پڇيومانس ته غريب کي ڪا خبر نه هئي. ڦري گري وري گذريل ڏينھن جي کيڏيل فٽ بال مئچ جو ذڪر شروع ٿي ڪيائين.
اخبار واري سندس تامل دوست ٻڌايو: ”هن کي اخبار رسالي پڙهڻ جو ته صفا شوق ناهي، سو کيس ڪھڙي خبر ته سندس اباڻي ڏاڏاڻي ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري.“
”هيءَ ته اها ئي ڳالهه ٿي ته يار به تيلي، سينڌ به اڻڀي.“ مون کلي وراڻيومانس : ”سردارجي چڱو ٿو ڪري جو نه اوسي پاسي جي نه ڏورانھين ڏيھه جي خبر چار رکي ٿو. نه ڏاهو ٿجي نه ڏک پرائجي.“
هڪ رات ان فٽ پاٿ تان لنگهي رهيو هوس ته سردارجيءَ سان گڏ ويھن ٻاويھن ورهين جي هڪ ٺاهوڪي چيني ڇوڪِري به بيٺي هئي. ٻئي چونئرا کائي رهيا هئا، جن جي ٿيلهي هنن سٺ سينٽن ۾ تامل دڪاندار کان ورتي هئي. ڇوڪري چڍي ۽ گنجيءَ ۾ هئي ۽ پيرن ۾ اسپنج وارو چپل. برئيزيئر (باڊيءَ) کان بي نياز هئي، پر اکين تي هلڪو سائو ’آئي شيڊ‘ ضرور هوس. ’هيلو‘ ڪري آئون به بيھي رهيس. ’سردارجيءَ‘ کي تعارف ڪرائڻ کتو ٿي، پر ڇوڪريءَ سان تعارف ڪرائڻ بدران هن کان ٿورا چونئرا وٺي مون کي به کائڻ لاءِ ڏنا. ان بعد ڪالهه واري فٽ بال مئچ جي رزلٽ جو اصل وڏو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو.
ٻه ٽي منٽ ٻيا صبر ڪري سردارجيءَ کان پنجابيءَ ۾ پڇيم ته هيءَ ڪُڙي ڪير آهي؟
”خبر ناهي.“ سردارجيءَ ڇوڪريءَ جي ٿيلهيءَ مان چونئرن جي ٻي مٺ کڻندي مون کي جواب ڏنو.
”ڏاڍي ٻڌايائين.“ مون دل ئي دل ۾ چيو. مون کان به اڳ، سندس چونئرا پيا کائجن. ڳالهه ڳالهه تي تاڙا پيا ملائجن، وڏا وڏا ٽھڪ پيا ڏجن، پر اسان واري يار کي سندس اصل نسل جي به خبر ناهي. بھرحال ملڪ ملڪ جو پنھنجو دستور. مون کي به وقت پاس ڪرڻو (۽ چونئرا کائڻا هئا) سو بيٺو رهيس. ڳالهيون ته اهي ئي روز واريون _ يعني فٽ بال جون ئي هلنديون رهيون. پوءِ آخر جڏهن سردارجيءَ مخالف ڌر تي زبردست گول ٿيڻ جي جوشيلي خبر ٻڌائي ٿڌو ٿيو تڏهن ڪو شايد پاڻهي خيال آيس ۽ چيو: ”بي ليان (ڇوڪريءَ جو نالو) هتي مساج گهر ۾ ڪم ڪري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن گراهڪ ايندو اٿس ته پئسا مٽائڻ ۽ چونئرا کائڻ لاءِ هتي بيھي رهندي آهي.“
”انگريزي ته ڏاڍي سٺي ڳالهائي ٿي. ڪافي پڙهيل لڳي ٿي.“ مون اڙدوءَ ۾ تبصرو ڪيو جيڪو سردارجيءَ هڪدم ترجمو ڪري ڇوڪريءَ کي ٻڌايو.
”صحيح ٿا چئو. پڙهيل آهيان.“ بي ليان مونکي مخاطب ٿيندي چيو، ”ڪوالالمپور ۾ جاب به هوم پر پوءِ Quick Buck ڪمائڻ (راتو واهه امير ٿيڻ) جي چشڪي ۾ اها آفيس جي نوڪري ڇڏي هتي مالش گهر ۾ اچي ويٺي آهيان.“
گهڻو فري ڏسي، ڳالهين ڳالهين ۾ مون کانئس سندس هن نئين ڌنڌي بابت پڇيو ته هوءِ هڪ نازڪ جسم ٿي ڪري مالش جھڙو سخت ڪم ڪيئن ڪري سگهي ٿي.
”صحيح معنيٰ ۾ جسم جي مالش يا آڍ صباح سرواڪ جي جهنگل جا ابون مرد ڪري سگهن ٿا يا وري چيني ۽ ملئي حجام، حڪيم ۽ طبيب. اهي ان ڪم جا ڄاڻو آهن ۽ آڍ ذريعي بدن جو سنڌ سنڌ کوليو رکن. جسم کي اٽي وانگر ڳوهي ٿڪل شرير مان سور درد ڪڍيو ڇڏين. اسان کي ڇا ٿو اچي! گراهڪن کي به خبر آهي ته اسان کي ڇا ٿو اچي. ساڳئي وقت اسان کي به خبر آهي ته گراهڪ ڇا ٿو چاهي. اڌ ڪلاڪ مالش جا ارڙهن ڊالر آهن، جن مان اسين فقط هٿڙا لاهي ستل همراهه کي جاڳائي سگهون ٿيون. ڪي باڊي مساج چاهين، جنھن ۾ اسان کي اگهاڙو ٿي گراهڪ کي اگهاڙي جسم سان جسم ملائي مھٽڻو پوي ٿو، جنھن جو سڄي ملائيشيا ۾ مقرر اگهه پنجويهه ڊالر آهي. مالش جي پئسن ۾ اسان کي فقط چوٿون حصو ملي، باقي ٽي حصا مساج گهر جو مالڪ کڻي.جنھن مان هو بلڊنگ جي مسواڙ، لائيٽ، ايئرڪنڊيشنر، ڪمرن ۾ وڇايل هنڌ بسترا ۽ پوليس جو خرچ پکو ڪڍي.
”مالش کان علاوه گراهڪ کي وڌيڪ خوش رکڻ هرهڪ ڇوڪريءَ جو پنھنجو ذاتي معاملو آهي. ان لاءِ هوءَ گراهڪ کان ٽيھه کان سؤ ڊالر تائين وٺي سگهي ٿي _ پنھنجي سونھن سوڀيا، عمر ۽ نخري مطابق. اهي پئسا سمورا اسان جا ٿين. ان ۾ مساج گهر جي مالڪ جو ڪو به حصو پتي نه ٿئي. سال کن سٺو ڪمايم، پر پوءِ ايڊس جي بيماري اهڙي اچي مشھور ٿي جو هاڻ ڪو ڀر ۾ ويھڻ کان به ڊڄي ٿو. گراهڪ اسان کان اسين گراهڪن کان.“
”فقط Aid’s جو ڊپ ڇو؟ V.D ۽ ٻيون Sexually Transmitted بيماريون به ته خطرناڪ آهن، جيڪي سيڪس ذريعي هڪ کان ٻئي تائين پھچن ٿيون.“ مون چيو.
”اهي به پنھنجي جاءِ تي خطرناڪ آهن،“ بي ليان چيو، ”پر ان ۾ گراهڪ اهو ئي سمجهندو هو ته پينسلين جي سُئي يا ڪنھن ٻي دوا سان سندس علاج ٿي سگهندو، پر ’ايڊس‘ اهڙي موذي بيماري نڪتي آهي، جنھن جو في الحال ڪو علاج ناهي ۽ اها نه فقط سيڪس سان پر چُمي ڏيڻ سان به ٿيو پوي. ماڻهو پوءِ تڙپيو تڙپيو مريو وڃي. سڄي دنيا ۾ ان بيماريءَ اهڙو ڏھڪاءُ مچايو آهي جو دنيا جو هي پراڻو ڌنڌو لوڏن ۾ اچي ويو آهي. سڄو ڏينھن ويٺيون مکيون ماريون. ڀلجي سلجي ڪو گراهڪ مس ٿو اچي. نه ته ان کان اڳ سڄو سال يورپي ۽ آمريڪي هڪ طرف ايندا هئا ته عرب ۽ جپاني ٻي طرف. پر هاڻ هتي جا ته ڇا پر ٿائلينڊ، ڪوريا، فلپين، انڊونيشيا جا وڏا وڏا اڏا به بند ٿيندا وڃن.“
اپوح ۾ فقط ’مساج گهر‘ به نه آهن. اپوح ۾ ڏسڻ لاءِ سھڻا پارڪ، ٻوڌين ۽ هندن جا مندر پڻ آهن ته سکن ۽ عيسائين جا گوردوارا ۽ گرجا گهر به آهن. ’تُن رزاق‘ نالي هڪ وڏي لئبريري آهي. شھر مان لنگهندي ڪيتريون ئي ڊگهن متارن ۽ ويڪرن قبن واريون مسجدون نظر اچن ٿيون. تمبون (Tambun) نالي گرم پاڻيءَ جا چشما آهن. شھر کان ٻاهر گهمڻ لاءِ لموت (Lumut) ۽ پنگڪر (Pangkor) نالي ٻيٽ آهي.
اپوح شھر نين ۽ پراڻين شين جو مڪسچر آهي. ڪنٽا ندي شھر جي وچ مان لنگهندي شھر کي ٻن اڌن ۾ ورهائي ٿي. هڪ ريلوي اسٽيش وارو حصو جيڪو پراڻو شھر سڏجي ٿو ۽ درياهه جي ٻي ڀر وارو حصو جتي اوچيون اوچيون عمارتون ۽ آفيسون آهن. پراڻي شھر ۾ اڄ کان سٺ ستر سال اڳ جون جايون آهن. ان جي هڪ حصي ۾ انگريزن جي زماني جي ريزيڊنٽ ’جي ڊبليو، ڊبليو برچ‘ (J.W.W. Brich) جو يادگار ’گهنٽا گهر‘ اڃا موجود آهي. اپوح جي ريلوي اسٽيشن 1918ع ۾ ٺھي هئي.
اپوح جي ‘گهوڙي ڊوڙ’ به سڄي ملائيشيا ۾ مشھور آهي. چيني ۽ انڊين ته جوا جا بيحد شوقين آهن پر ملئي مسلمان به هن قسم جي سرڪار طرفان اجازت ڏنل جوا (Horse Race) ۾ حصو وٺن ٿا ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينھن: ڇنڇر ۽ آچر تي ڪيترائي ماڻهو پنھنجو پئسو ۽ وقت گذارڻ لاءِ هتان اچي نڪرن ٿا.

Tiada Traffic Jam

ملائشيا ۾ رهندڙ سک هتي جي باقي ٻين قومن: ڏکڻ هندستاني، ملئي ۽ چينين کان وڌيڪ قداور، صحتمند ۽ ڳورا هجڻ ڪري نمايان لڳن ٿا. هونءَ ته ڏاڙهي ۽ پٽڪي ڪري سک پري کان پڌرو آهي پر اڄڪلهه ڪيترائي ماڊرن سک ڏاڙهي ۽ پٽڪي کان آجا ٿيو پيا هلن.
سٺي صحت ۽ قدبت ڪري سِکَ ملائيشيا جي پوليس ۽ فوج ۾ به آهن ته راندين ۾ به چڱا خاصا اڳڀرا آهن. ڏٺو وڃي ته ملائيشيا جي سڄي آدمشماريءَ جو فقط ڏهه سيڪڙو انڊين (ننڍي کنڊ جا ماڻهو) آهن ۽ ان ڏهه سيڪڙو ۾ به ست سيڪڙو تامل، ٻه سيڪڙو کن ملباري، ملايالم ۽ گجراتي آهن، باقي هڪ سيڪڙي ۾ سِکَ، هندو، سنڌي، بنگالي، پاڪستاني پنجابي ۽ پٺاڻ اچي وڃن ٿا. سو ان حساب سان ملائيشيا ۾ سِکَ بلڪل ٿورا آهن، پر راندين ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي پروگرامن ۾ ٽي ويءَ تي اڪثر نظر اچن ٿا. ڪيترا ته ملڪي ليول تي اهم حيثيت به رکن ٿا.
انهن مان هڪ ته ’هرجيت سنگهه‘ آهي _ ڏاڙهي ۽ پٽڪي وارو. ٽي ويءَ تان روزانو ملئي زبان ۾ خبرون پڙهندو آهي. جيئن اسان وٽ سالن کان پروفيسر سليم ميمڻ روزانو سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهي ٿو ۽ کيس ٻچو ٻچو ٿو سڃاڻي. اهڙيءَ طرح هتي ملائيشيا ۾ هرجيت سنگهه کي! ٻين وانگر اسان کي به تشويش ٿي ته هتي جي ملئي سرڪار ملئي خبرن لاءِ هڪ سِکَ کي ڪيئن نوڪري ڏني _ جڏهن ته هو ان ڳالهه لاءِ چينين کي ئي گهڻو موقعو نٿا ڏين _ اهو سوچي ته جيئن ملڪ ملئي ماڻهن جو آهي سو گهڻي کان گهڻيون نوڪريون ۽ وڌڻ ويجهڻ جا موقعا بوميپترن (ڌرتيءَ جي پٽڙن) کي ڏنا وڃن. پر پوءِ ان ڳالهه کي مڃڻو پيو ته هرجيت سنگهه جي صحيح لھجي، رواني، ادائگي ۽ رنگ ڍنگ جو واقعي جواب ناهي. ڏکيا ڏکيا ملئي لفظ جيڪي جلديءَ ۾ اچاريندي ڪڏهن ڪڏهن ملئي نيوز ڪاسٽر به هٻڪي پوندا آهن، هرجيت سنگهه لَس ئي لَس ائين پڙهي ويندو آهي ڄڻ ملئي زبان سندس مادري ٻولي هجي. ملئيءَ ۾ ڪتب ايندڙ عربي لفظ جھڙوڪ: انشاءَ الله، الحمدلله وغيره ته ڇا پر هڪ دفعي پيراق جو سلطان گذاري ويو ته ان جي موت جي خبر، جيڪا لڳي ٿو ڪنھن مسلمان خبرون پڙهندڙ کي پڙهڻي هئي، پر هرجيت سنگهه جي ڊيوٽي هجڻ ڪري هن ئي پڙهي، جنھن جي آخر ۾ ’انا لله و انا اليه راجعون‘ ائين صحيح پڙهي ويو ڄڻ ڪو ملئي مولوي پيو پڙهي.
هرجيت سنگهه کانپوءِ ٻئي نمبر تي ڊي. جي. ديوسنگهه ٽي وي ڏسندڙن جي دلپسند سِکُ شخصيت آهي. ڏاڙهي ڪوڙيل، سھڻو ۽ ڊگهي قد وارو هي جوان ملائيشيا جي مٿاهن ڳائڻن مان هڪ آهي. پاڻ مختلف هوٽلن، اسٽيج ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ ملئي، پنجابي ۽ هندي گانا ڳائي ٿو. سندس هڪ فلمي هندي گانو: ”ايک دو _ ڪھني ڀي دو، تين چار _ هو گيا هي پيار.“ اڄ ڪلهه ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تمام مشھور آهي _ جيڪو هن ملئي ڇوڪرين سان گڏ ڊانس ڪندي هتي جي ٽي وي پروگرام ”پشپا ورنا“ ۾ پيش ڪيو هو.
’ديو سنگهه‘ تازو هڪ مسلمان ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ پنھنجي نالي مان ’سنگهه‘ جو لفظ ۽ ’کولو‘ ڪترائي مسلمان ٿيو آهي. هاڻ هو فقط ڊي. جي. ديو (D.J. Dave) سڏرائي ٿو. جنھن ملئي ڇوڪريءَ سان سندس شادي ٿي آهي، اها هن ملاڪا رياست جي آهي جنھن ۾ اسين رهون ٿا. سندس گهر اسان جي ڀر واري ڳوٺ مسجد تاناح ۾ آهي. پاڻ ملئي زبان جي شاعره آهي. ديوَ جا ڪيترائي ڳايل ملئي گانا سندس زال جا لکيل آهن.
گذريل هفتي هڪ ’اسٽيج‘ پروگرام ٽي ويءَ تان ڏيکاريو ويو، جنھن ۾ هتي جي مشھور ڳائڻن سڌيرمن، فرئنسز، چندرواش، صفر غفار، ازلينا کان علاوه ڊي. جي. ديو پڻ هڪ گانو _ اڌ تامل ۽ اڌ هندي زبان ۾ ڳايو. ناظرين خوب ساراهيو ۽ تاڙيون وڄايون. ان زبردست داد جو ٿورو مڃڻ لاءِ ديو هيٺ لھي آيو ۽ اڳئين سيٽ تي ويٺلن مان ڪجهه ماڻهن سان هٿ ملايو. هڪ سک به ويٺو هو، تنھن سان هٿ ملائي اڙدو / هنديءَ ۾ چيو: ”ڪيسا هي؟“
اسين اهو پروگرام اسان واري سک ڪئپٽن تيجپال سنگهه سان گڏ ڏسي رهيا هئاسين. جھڙو ديو سک مهمان سان هٿ ملائي : ”ڪيسا هي؟“ چيو ته اسان کان کِل نڪري ويئي. ڪئپٽن تيجپال شڪي ٿي چيو: ”ڏس ڪھڙو ٺڳ آهي. پنھنجن مائٽ کي ته وساري ڇڏيو اٿس پر پنھنجي پنجابي ٻولي ڳالهائيندي به شايد شرم محسوس ٿو ڪري.“
ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ ٻئي ڏاڙهي ڪوڙ سک جي شادي هڪ چيني ڇوڪريءَ سان ٿي گذري. هن جو نالو جڳجيت سنگهه آهي. پاڻ ملائيشيا جي رگبي (Rugby) ٽيم جو ڪئپٽن آهي. چيني ڇوڪري مارينا جان پاڻ به راندين جي دنيا جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. لڳاتار ٻه ٽي سال ڊوڙن ۽ ٽپن جي چئمپين ٿي ٽرافيون کٽي چڪي آهي. شاديءَ بعد مارينا جان_ يعني مارينا جڳجيت راندين کان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سندس سک سان شادي ۽ راندين تان رٽائر ٿيڻ جي اعلان تي هتي جي هڪ مشھور ڪارٽونسٽ لات (Lat) اخبار ۾ ڪارٽون ڏنو هو ته مارينا جان کي هاڻ ميدان تي ڊوڙڻ ۽ ٽپ ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي، جو هن کي هاڻ اهي موقعا سک جي رڌڻي ۾ اٽو ڳوهيندي ۽ اڦراٽا پچائيندي تمام گهڻا ملندا.
ملائيشيا ۾ رهندڙ سڀني سکن جي زبان ٽي وي نيوز ڪاسٽر جڳجيت سنگهه جھڙي سٺي نه آهي. بلڪ سک ته پرائي ملڪ ۾ به پنھنجي پنجابي ايتري ڳالهائين ٿا جو ڄڻ امرتسر ۾ ويٺا هجن. جي ڌارئين زبان _ هندي، انگريزي يا ملئي ڳالهائين ٿا ته ان مان به سواد پنجابيءَ جو اچي ٿو. ان سلسلي ۾ پڻ ساڳي ڪارٽونسٽ جو هڪ ڪارٽون سک پوليس آفيسر بابت ڇپيو هو جيڪو سکن جي سادي طبيعت ۽ پنجابي لھجي ۾ ملئي ڳالهائڻ جي ترجماني ڪري ٿو.
يورپ ۽ آمريڪا جي وڏن شھرن وانگر ڪوالالمپور ۾ به مشغول رستن جي حالتن کان ڊرائيورن کي ريڊيو ذريعي آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ڪھڙي رستي تي گهڻي ٽرئفڪ جام آهي ۽ ڪھڙي تي گهٽ، جيئن ڪارن، لارين وارا گهڻي ٽرئفڪ واري رستي ڏي وڃي وڌيڪ جئم ڪرڻ بدران خالي رستن تان لنگهي وڃن. ريڊيو اسٽيشن کي وقت بوقت مختلف رستن جي حالت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ سينئر پوليس آفيسر وائرليس رستي نياپا موڪليندا آهن.
ڪارٽون ۾ هڪ سک سارجنٽ جاسبير سنگهه ڪوالالمپور جي هڪ اهم رستي _ جالان بنگسار بابت اکين ڏٺو احوال ريڊيو اسٽيشن وارن کي موڪلي رهيو آهي جيئن اتان نشر ٿيڻ تي ڊرائيورن کي خبر پئجي سگهي. رستو گهڻي مينھن پوڻ ڪري پاڻيءَ سان ايڏو ٻڏل آهي جو پاسي کان بيٺل ڪار ۽ پاڻ گوڏن تائين اندر آهي. ايڏو پاڻي گڏ ٿيڻ ڪري رستو گاڏين کان خالي آهي، پر اها حقيقت ٻڌائڻ بدران سک جي رڙ پيئي پوي:”هلو (هيلو!) ريڊيو ملائيشيا! جالان بنگسار ’تا ادا‘ (تيادا) ٽرئفڪ جئم“ (جالان بنگسار تي ٽرئفڪ بلڪل جئم ناهي.)
’نه آهي‘ کي ملئي زبان ۾ ’تيداق ادا‘ چئبو آهي يا شارٽ فارم ’تيادا‘ پر سک ’هيلو‘ ۽ ’تيادا‘ چوڻ بدران پنجابي لهجي ۾ ’هلو‘ ۽ ’تا ادا‘ چئي رهيو آهي.
هاڻ پوليس آفيسر سک جي ان رپورٽ تي هلي جيڪو موٽر لاريءَ وارو درياه جهڙي جالان بنگسار جو رُخ ڪندو ان جي ٻيڙي ته شايد تري وڃي پر موٽر لاري ضرور ٻڏنديس ۽ ٻڏنديس.

سڪون وارو هڪ ئي ڌنڌو

اسان جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ نئين آيل ملئي ليڪچرار مسٽر زين نورين هڪ ڏينھن نوڪريءَ مان بيزاري ظاهر ڪندي چيو: ”جتي ڪٿي بي چيني لڳي پيئي آهي. هتي پڙهائيءَ ۾ شاگرد مٿي جو سور پيدا ڪن ٿا. جھاز تي وري خلاصي ۽ ورڪ شاپ وارا. فئڪٽري ۽ ڪارخاني جي نوڪريءَ ۾ مزورن جا مسئلا ۽ ڦڏا آهن. وڃجي سو وڃجي ڪيڏانھن. ڪٿي به سڪون نه رهيو آهي.“
چيومانس: ”زمينداريءَ بابت ڇا خيال اٿئي؟“
منھن کي موڙو ڏيئي چيائين: ”اهو ڌنڌو به ’آلو نور مٿي جو سور‘ آهي. روزانو هارين جا نت نوان هنگاما آهن.“ ٿورو ساه پٽي چيائين: ”ها زمينداريءَ ۾ فقط هڪ پوک آهي ڪوڪونٽ پلانٽينيشن (ناريل جي پوک) جنھن ۾ اڃا سڪون آهي.“
”اهو ڪيئن؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”ان ڪري جو ڀولڙا نه عيد برات جي موڪل ڪن ۽ نه پگهار وڌائڻ جي گُهر ڪن، نه وري طبي ۽ رهائشي سھولتن لاءِ مڃرائين. ٻن چئن ڪيلن ۾ خوش.“
”ڇا مطلب؟“ مون کي اڃا تائين سندس ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهه ۾ نه آئي.
”ان ڪري جو ناريل جي پوک لاءِ نه هاريءَ جي ضرورت نه ڪمي ڪاسبيءَ جي گهرج. هڪ دفعو ناريل پوکي پوءِ ٽن سالن بعد جڏهن فصل ڏيڻ شروع ڪن ته ٻه ٽي ڀولڙا رکي ڇڏجن، جن کان سڄو ڏينھن ناريل پٽرائي فقط ٻه ٽي ڪچا پڪا ڪيلا ڏيئي ڇڏ ته هو غريب ان ۾ ئي خوش.“
مون کي ان ڏينھن خبر پيئي ته هتي ملائيشيا ۾ هيڏن ڊگهن ناريلن جي وڻن تان ناريل لاهڻ جو ڪم ڀولڙا ڪن ٿا.

ملائيشيا ۾ مونڪي بزنس از گڊ بزنس

گذريل ڪالم / مضمون ”سڪون وارو هڪ ئي ڌنڌو“ ۾ ڀولڙن بابت لکي چڪو آهيان ته هتي ملائيشيا ۾ ناريل لاهڻ جو ڪم ڀولڙن کان ورتو وڃي ٿو. مون کي به خبر نه هئي پر پوءِ ان ڏينھن منھنجي ملئي دوست زين نورين ٻڌايو. ان بعد به ان کي ڪجهه سچ ڪجهه چرچو سمجهي مون ڳالهه وساري ڇڏي. ڪڏهن ڪڏهن رستي تي يا ملئي ڳوٺن ۾ ڪو ملئي همراهه ڀولڙي سميت ضرور نظر آيو ٿي. سندس هٿ ۾ ڊگهي رسي جو ڦورو هوندو هو، جنھن جي ٻي ڪنڊ ڀولڙي جي ڳچيءَ ۾ هوندي هئي. مون هن کي اهو ئي سمجهيو ٿي ته هي مداري آهي ۽ ڀولڙي جا ڪرتب ڏيکاري ٿو. جيتوڻيڪ هن جي ٻئي هٿ ۾ دهلڙيءَ بدران پَرانگ (ڪاتيءَ جھڙو ڪپ) هوندو هو.
زين نورين جي مٿين ڳالهه ٻڌڻ بعد هڪ دفعي ڇا ٿيو جو ملاڪا کان سنگاپور باءِ روڊ ويندي، رستي تي موئر نالي هڪ ڳوٺ ۾ منھنجي ڪار جو ڦيٿو پنڪچر ٿي پيو. سو پاسي تي گهاٽن وڻن جي ڇانوَ ۾ گاڏي بيھاري ڦيٿو بدلائڻ ۾ لڳي ويس. ٿوري دير بعد ڪنھن جون دانھون ٻڌي هيڏانھن هوڏانھن ڏٺم ته هڪ ملئي همراهه پٺا اگهاڙا، گوڏ ۾ بيٺو آهي. هو مٿي آسمان ڏي نھاري رڙيون ڪري رهيو هو:”پرگي. پرگي. ساتو لاگي.“ (وڃ. وڃ. هڪ ٻيو به.) ”... تون تمان سٺو نينگر آهين. واهه واهه...“ وغيره وغيره.
في الحال پانو جئڪ اتي ئي ڇڏي، ڊگهو گاهه لتاڙي ان همراهه ڏي وڌيس ته هو آسمان ڏي ڪنڌ ڪري ڪنھن سان ڳالهائي رهيو آهي. سندس هٿ ۾ وٽيل رسي هئي، جيڪا مٿي ناريل جي وڻ جي چوٽيءَ ڏي پئي وئي. ويجهو اچي ڏٺم ته اها ڀولڙي جي چيلهه ۾ ٻڌل هئي، جيڪو ناريل جي وڻ تي چڙهي ناريلن جو جائزو وٺي رهيو هو. ڪجهه پڪل ناريل ڇني هيٺ اڇليا هئائين، پر ان وڻ ۾ اڃا به ڪو هڪ اڌ پڪل ناريل رهجي ويو هو، جنھن تي ڀولڙي هٿ رکي مالڪ ڏي سوالي نگاهن سان ڏٺو ٿي ته جيئن مالڪ آرڊر ڏئي ته هو ان کي ڇني. مالڪ ”بڪان بڪان“ چوڻ شروع ڪيو معنيٰ اهو به نه، اهو به نه. آخر ڀولڙي ناريلن جي جهڳٽي ۾ اهو پڪل ناريل ڳولي ورتو، جيڪو ملئي همراهه کي ته هيٺان بيھي نظر آيو پئي پر ڀولڙي کي نه پئي آيو. ڀولڙي جيئن ئي صحيح ناريل تي هٿ رکيو ته همراهه شاباس ڏنس: ”باگوس، باگوس.“ ۽ ڀولڙو مالڪ جي ٻولي سمجهي يا لھجي جي سٺي انداز مان سمجهي ويو ته کيس اهو ناريل پٽڻو آهي. هن پنھنجي پوين پيرن ۽ پڇ ذريعي پنھنجو پاڻ کي مٿين ٽارين ۾ مضبوط ڪيو ۽ اڳين ٻن پيرن سان ان ناريل کي گهمائڻ شروع ڪيو. ٽن چئن ڦيرن بعد ناريل جي ڏانڊي ڇڄي پئي ۽ ان ناريل اچي هيٺ ڦھڪو ڪيو. ان بعد مالڪ رسيءَ کي ٻي ناريل جي وڻ ڏي جهٽڪو ڏيئي ”گي. گي.“ چيو يعني سڄي ملئي لفظ پرگي پرگي (وڃ. وڃ.) جو آخري حصو. ڀولڙو سمجهي ويو ته کيس هيٺ لھي پوءِ ٻي وڻ تي چڙهڻ بدران اتان ئي بل ڏيئي ٻئي وڻ جي چوٽيءَ تي وڃڻو آهي. هن هوا ۾ جمپ ڏنو. وڻ چڱو پري هو پر ان جي هڪ ٽاريءَ تي سندس هٿ پير ڦٻي ويا ۽ پاڻ بچائي ناريل جي وڻ جي چوٽي تي پھتو جتي ڪچن، پڪن، ننڍن وڏن ناريلن جا ڍير هئا. همراهه هيٺان رڙ ڪري کيس شاباس ڏني: ”باگوس.“
ناريل جي ڏانڊي (Stem) جنھن ذريعي ناريل ٽاريءَ سان ڳنڍيل ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ اهڙي ڪا ٿلهي نٿي ٿئي پر سوتلي يا سڻيءَ وانگر سخت ٿئي ٿي ۽ فقط ڇڪ يا سَٽَ ڏيڻ سان ناريل ڏکيو ٿو ڇڄي. ناريل ڇنڻ جو اهو ئي سولو طريقو آهي ته ناريل کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي گول ڦيرائجيس جيئن ڀولڙي ڪيو. ٻه چار وَٽَ کائڻ بعد ناريل جي ڏانڊي ٽٽيو پوي.
بھرحال ان کانپوءِ ڪيترائي دفعا ڀولڙن کي ناريل پٽيندو ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ خبر پيئي ته ڀولڙن سان گڏ گهمڻ وارا مالڪ مداري نه پر ناريل پٽڻ وارا آهن، يعني چونڊو ڪرڻ وارا. ٽيھه چاليھه ناريل پٽڻ بعد ڀولڙي کي عيش ڪرائڻ لاءِ مالڪ هڪ ناريل کي ان پرانگ سان ڪٽي ان جو گودو پاڻ ۽ کيس کارائي ٿو.
هڪ اندازي مطابق ملائيشيا ۾ هرسال ويھه ڪروڙ کن ناريل لھن ٿا. خاص ٻنيون ته ايڪڙن جا ايڪڙ آهن پر گهر ۽ گهٽيءَ ۾ به ناريل نظر اچن ٿا. ملئي ماڻهن لاءِ ناريل وڏي اهميت رکي ٿو. رڌ پچاءُ ۾ هو بصر ۽ گيھه بدران ناريل جو چُورو ۽ کوپرو تيل استعمال ڪن. ڪچو ناريل جنھن کي هتي جي زبان ۾ ڪيلپا مُودا (Kelpa Muda) ٿا سڏين، (ڪيلپا معنيٰ ناريل ۽ مُودا معنيٰ جوان) ان جو پاڻي پيئن. ناريلن کي سُڪائي ڏونگهيون ٺاهين. ناريلن جا کوپا ٻارڻ جي ڪم آڻين ۽ وارن مان ڪرسيون ۽ گاديلا ٺاهين. جرمني جي مرسيڊيز ۽ فاڪس وئگن ڪارن جي سيٽن ۾ اندر جيڪي ڪک (ناريل جا وار) آهن، اهي ملائيشيا مان ايڪسپورٽ ٿين ٿا. ناريلن جي ٽارين مان گهرن جون ڇتيون ۽ ٻھارا ٺھن ۽ ٿڙن مان ڪامون ۽ ٿنڀا. بھرحال ناريل ملئي ماڻهوءَ جي روز مره جي زندگيءَ تي وڏو اثر رکي ٿو ۽ هن علائقي ۾ صدين کان تمام گهڻو ناريل آهي ۽ صدين کان هتي جا رهاڪو ناريل کي هٿن سان پٽيندا رهيا آهن. ناريل جو وڻ ننڍو آهي ته ان مان ناريل پٽڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. اسان جي آفيسن ۽ گهرن اڳيان بيٺل ننڍن وڻن مان اسين به پٽيندا رهون ٿا پر جيئن جيئن وڻ وڏو ٿيندو وڃي ان تي هڪ ته چڙهڻ ڏکيو ٿيو پوي، ٻيو ان تي رهندڙ ماکين ۽ ڏينڀن چيلاٽن جھڙا جيت ناريل پٽيندڙ همراهه کي پٽين ٿا. ان کان علاوه ڳاڙهيون ٿلهيون ماڪوڙيون الڳ ٿين ٿيون، جيڪي هٿ هڪ طرف ڇنن ٿيون ته گوڏ ۾ چڙهندڙ همراهه جي ٽنگن تي ٻئي طرف چڙهن. ڀولڙي جي جسم تي وارن جي ٿلهي ٻُرِ هجڻ ڪري هن جو ماکيءَ جي مکين ۽ ڏينڀن کان بچاءُ ٿيو وڃي ۽ ڳاڙهيون ماڪوڙيون ته هن لاءِ عيد آهي، چونڊي چونڊي کائي ٿو، جيڪي ٻر ۾ ڀڄيو وڃن، انهن کي، ٻِرَ ۾ ڪک وجهي، ڪڍي ٿو کائي.
ڀولڙن ذريعي ناريل پٽڻ جو ڪم هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ شروع ٿيو آهي. هاڻ ته ملاڪا جھڙي شھر ۾ ڀولڙن کي ناريل پٽڻ جي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ اسڪول کلي ويا آهن. ڪي ڀولڙا فقط ڪچا ناريل پٽڻ جا ماهر ڪيا ويندا آهن ته ڪي فقط پڪل ناريل پٽڻ جا ۽ ڪي وري ٻنهي جا. وڏا وڏا زميندار پنھنجين ٻنين لاءِ ضرورت مطابق پنھنجن ڀولڙن کي ٽريننگ لاءِ موڪلين ٿا يا اڳواٽ سکيا حاصل ڪيل ڀولڙا خريد ڪن ٿا. ڀولڙي کي هتي جي ملئي زبان ۾ مونيت (Monyet) سڏين، جن جا ڪيترائي قسم آهن. ناريل پٽڻ جي ڪم لاءِ جيڪو ڀولڙو گهڻو نظر اچي ٿو، اهو ٻه فوٽ ڊگهو ۽ وزن ۾ پندرهن ڪلو کن بيروڪ (Beruk) نالي ڀولڙو ٿئي جنھن کي انگريزيءَ ۾ Pig-tailed Macaque سڏجي ٿو. هي ڀولڙو سڄي ڏينھن ۾ ٽي چار سؤ ناريل پٽيو وڃي.
ڪيترا ماڻهو گهر ۾ پوکيل ڪجهه وڻن لاءِ ڀولڙو نه پالين، پوءِ هفتي سوا ڀولڙي وارو هوڪو ڏيئي اچي لنگهي، ان کي سڏي ناريل لھرائين. ناريل پٽڻ جو اجورو سڄي ملائيشيا ۾ ستن کان ڏهه في سيڪڙو آهي. يعني هڪ سؤ ناريل لاهڻ تي ست کن ناريل ڀولڙي وارو رکي ٿو _ يا اوترن جا پئسا وٺي ٿو _ جيڪڏهن توهان ناريل نٿا ڏيڻ چاهيو ته.
ناريل پٽڻ لاءِ ڀولڙي کي سکيا ڏيڻ لاءِ ڀولڙي کي رسي ذريعي ڇڪي ويجهو ويھاري پھرين پنھنجا هٿ هڪ ناريل مٿان رکي ان کي گهمايو وڃي ٿو، جيئن اهو ڇڄي ڪري پوي. ڀولڙو اهو سڀ ڪجهه ڏسندو رهي ٿو. ان بعد ٻئي ناريل تي ڀولڙي جا هٿ جهلي ان مٿان رکيا وڃن ٿا. ڀولڙي ۾ ٻئي جو نقل ڪرڻ جي ته عادت آهي. هو مالڪ وانگر ناريل کي گول گهمائي ڇني ٿو. سندس ان عمل تي مالڪ خوش ٿي اڌ کن ڪيلو کارائيس ٿو. يعني هن جي دماغ ۾ ڳالهه وهي ته ايئن حڪم مڃڻ ۽ سٺو ٿيڻ تي انعام ملندو نه ته مالڪ دڙڪو ڏيندو يا ڏنڊي هڻندو. پوءِ روزانو هن کان ايئن پنج ڇھه ناريل پٽرايا وڃن ٿا. تان جو ويھن ڏينھن اندر هو ناريل پٽڻ جو اسپيشلسٽ ٿيو وڃي. هينئر جتي اسان جو گهر آهي ان محلي ۾ هر ڇنڇر ڏينھن رامي نالي هڪ همراهه هڪ ڪن ڪٽئي ڀولڙي کي سائيڪل تي ويھاري وٺي ايندو آهي. اسان جي گهر اڳيان ته ناريلن جا ٻه ٽي وڻ مس آهن، تن مان ته ڪڏهن ڪڏهن ٿا لھن پر راملي کي جيڪي پاڙي مان پٽاڻي ملندا آهن، انهن مان ڪجهه ناريل اسين خريد ڪندا آهيون. بقول راملي جي ڀولڙو سندس ضرورت آهي ۽ پاڻ ڀولڙي جي ضرورت آهي. هو ڀولڙي کي هڪ پالتو جانور نٿو سمجهي پر گهر جو ڪارآمد فرد ٿو سمجهي، جيڪو گهر لاءِ ڪمائي ڏئي ٿو.
هتي ڳوٺن جا ڪيترائي مھاڻا پاڻ وٽ هڪ يا ٻه ڀولڙا رکن ڇو جو سال جا ڪجهه مھينا اهڙا به اچن ٿا جن ۾ مڇي صفا نٿي مري. پوءِ اهي چار مھينا هو پنھنجا ڀولڙا کڻي ناريل پٽڻ جو ڪم ڪن.
ڀولڙو جتي ماڻهن کي تنگ ڪري ٿو _ اڪثر پنجاهه سٺ جي ٽولن ۾ هو ڳوٺن ۾ گهڙيو پون ۽ گهرن جي ٻاهر رکيل ٿانو ٿپا يا سامان ناس ڪريو وڃن _ اتي انسان جو سٺو دوست پڻ آهي. بشرطيڪ ان سان سٺو ٿي هلجي. اسان جي مالهي ذڪريا ٻڌايو ته هن جي ڀولڙي هڪ دفعي هن کي هڪ زهريلي نانگ کان بچايو، جيڪو هن تي حملو ڪرڻ وارو هو. ڀولڙا چوڪيداري جو به ڪم ڪن ٿا، جيئن پاڪستان ۾ پڻ ڪيترا ٽرڪن ذريعي سامان ڍوئڻ وارا، ٽرڪ ۾ رکيل سامان جي سنڀال لاءِ ڀولڙي کي پٺيان ويھاريندا آهن.
ملئي ادب ۾ ڀولڙي تي ڪيترائي شعر، پھاڪا، چوڻيون ۽ ڪھاڻيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪارٽون به نظر اچن ٿا. جيئن ڪالهه جي هڪ ڪارٽون کي ڏسي هي مضمون لکڻ لاءِ منھنجي دل چيو. اڳئين ليک ۾ ليکو اٿم ته ڀولڙن جھڙو پورهيت مزور نه ٿيندو. هو نه پگهار جي گهُر ڪن ٿا نه ميڊيڪل يا يونيفارم جي. نه عيد برات موڪل ڪن ٿا ۽ نه ڪنھن مٽ مائٽ جي ڪاڄ تي وڃن ٿا. ٻه چار ڪچا پڪا ڪيلا کايو ٺينگ ٽپا پيا ڏين. ان تي هڪ ڪارٽونسٽ ڀولڙن جي ترجمانيءَ ۾ ڀولڙي جو ڪارٽون ٺاهيو آهي، جيڪو ناريل پٽڻ لاءِ وڻ تي چڙهڻ وقت پنھنجي جاب ۽ ان جي اجوري جو سوچي رهيو آهي ته ”ڪيڏو به پورهيو ڪر ته به قدر ناهي. هھڙي جوکائتي ڪم جي باوجود نه انشورنس آهي، نه بونس ۽ نه ميڊيڪل. نه پرائيويٽ پارڪنگ آهي ۽ نه چانھه جي موڪل. ويندي ڪم جا ڪپڙا به نٿا ڏين... “
ڪجهه ڏينھن اڳ هتان کان هڪ ويجهي ڳوٺ سنگائي اڊانگ ۾ ٻه ناريل لاهڻ وارا ملئي همراهه شفي بخاري ۽ اسماعيل حليم مليا. شفي جيڪو پنجيتاليھه سالن جو ٿيندو، تنھن ٻڌايو ته گذريل ويھن سالن کان سندس گذر سفر سندس پاليل ڀولڙن تي آهي، جن کان هو ناريل لھرائڻ جو ڪم وٺي ٿو، جنھن مان سندس گهر جي ڇھن ڀاتين جو خرچ هلي ٿو.
”هن کان اڳ وارو ڀولڙو ڪجهه ڏينھن بيمار رهڻ بعد مري ويو، پوءِ مون هن نئين ڀولڙي کي جهنگل مان ڦاسائي کيس ناريل پٽڻ جو ڪم سيکاريو آهي. سڀ ڀولڙا سٺا به نه آهن. ڀولڙن جا فقط ڪجهه قسم مالڪ جو حڪم صحيح طرح مڃين ٿا. سڀ ۾ سٺي هيءَ بيروڪ جنس آهي. هن جنس جا ڀولڙا بيحد سياڻا ۽ مضبوط جسم جا آهن.“ شفيءَ ٻڌايو. ملائيشيا ۾ ڀولڙن ۽ ٻين ڪجهه جانورن کي ڦاسائڻ يا پالڻ تي پابندي آهي. حڪومت کان لائسنس وٺڻ بعد ئي ڀولڙي کي رکي سگهجي ٿو. شفيءَ ٻڌايو ته ان قسم جو لائسنس ۽ پنھنجو شناختي ڪارڊ هو هميشه پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي پاڻ سان گڏ رکي ٿو، جيئن واسطيدار عملدارن کي ڏيکاري سگهي.
”جيتوڻيڪ هي ڀولڙا گهر ۾ هريو مريو وڃن ۽ پاليل جانور وانگر هلن ٿا.“ شفيءَ ٻڌايو، ”پر هنن کي مڪمل آزادي نٿي ڏئي سگهجي.“
هن ڀولڙن جي فطرت بابت ٻڌائيندي چيو: ”ڀولڙو کڻي ڪيترو به سٺو هجي پر ڪنھن وقت خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿو. رڌڻي مان شيون چورائي کائي سگهي ٿو. خاص ڪري ٻارن سان ته وڙهي به سگهي ٿو ته هنن جي هٿن مان شيون به ڦرائي سگهي ٿو. ڪيترا واقعا اهڙا ٿيا آهن جن ۾ هنن ننڊ ۾ ستل عورتن سان هٿ چراند ڪئي هوندي.“
اسماعيل حليم جيڪو سٺ سالن جو آهي ۽ هارپو پڻ ڪري ٿو، تنھن پنھنجي پاليل ڀولڙي جي جنس بابت ٻڌايو ته جتي هي سندس گهر جي خرچ پکي هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، اتي بيحد ذليل پڻ.
”هڪ ڏينھن،“ هن ٻڌايو، ”جڏهن منھنجي گهر واري اڪيلي ستي پئي هئي ته منھنجي ڀولڙي هن جي ويجهو اچي هن جي گوڏ کي مٿي کنيو.“
پوءِ زال جي رڙين تي پاڙي جا ماڻهو هڪدم اچي ويا. ”ٻئي ڏينھن مون اهو ڀولڙو وڪڻي ڇڏيو.“
بھرحال ملائيشيا ۾ ناريل لاهڻ جو ڪم ڀولڙن کان وٺندو ڏسي دنيا جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿيا آهن _ خاص ڪري آسٽريليا _ جيڪو ملائيشيا مان ڀولڙا امپورٽ ڪرڻ وارو آهي.

فاطما ۽ پورچوگال

دنيا جي گولي تي هڪ شھر آهي فاطما نالي. ٿي سگهي ٿو اها تعجب جي ڳالهه هجي ته ڪنھن شھر جو نالو ماڻهوءَ جي نالي وارو هجي. جيتوڻيڪ اسان لاءِ اها ڳالهه حيرت جوڳي نه هجڻ کپي جو ننڍي کنڊ جي شھرن جا اهڙا نالا عام آهن. رڳو سنڌ ۾ ئي ڏٺو وڃي ته ڪيترائي نالا ملندا: نوابشاهه، چوهڙ جمالي، باقر نظاماڻي، ٺارو شاهه، ميروخان _ اهي ڇا آهن_؟ شھرن جا ئي ته نالا آهن، جيڪي اصل ۾ ماڻهن جا آهن. ان کان علاوه سلطان جو ڪوٽ (سلطان ڪوٽ)، جيڪب انگريز جو آباد ڪيل شھر (جيڪب آباد)، ياسين جو ڳڙهه (ڳڙهي ياسين) ، جان محمد جو ٽنڊو (ٽنڊو جان محمد) جھڙا شھر / ڳوٺ ته انيڪ آهن.
بھرحال شھر جو نالو فاطما ٻڌي مون کي عجب نه لڳو پر ان ڳالهه تان حيرت ضرور ٿي ته اهو شھر فاطما ڪنھن عرب ملڪ لبيا، موراڪو يا سعودي عرب ۾ هجڻ بدران يورپ جي ملڪ پورچوگال ۾ آهي. مون کي به جھاز جي اليڪٽريڪل انجنيئر ٻڌايو. جھاز تي آئون بيمار ٿي پيس ۽ اسپين مان لنگهڻ وقت مون کي اتي جي هڪ اسپتال ۾ لاهي ڇڏيائون. ڪجهه ڏينھن جي علاج بعد جڏهن آئون هوائي جھاز رستي لنڊن پھتس ته اتي مٿيون اليڪٽريڪل انجنيئر مليو، جيڪو پورچوگال کان هڪ جھاز ڇڏي اسان واري جھاز تي بدلي ٿيڻ تي مون سان گڏ هلي رهيو هو. اسان کي ريل گاڏيءَ ذريعي اسڪاٽلينڊ جي شھر ڊنڊيءَ وڃڻو هو، جتي اسان جو پاڻيءَ وارو اهو جھاز پھچي چڪو هو.
اسان وارو اليڪٽريڪل انجنيئر پورچوگال ۾ ڏهاڪو کن ڏينھن هو ۽ سمورو وقت اتي جي بندرگاهه لسبن ۾ رهڻ بدران فاطما جھڙن شھرن ڏي به هليو ويو، جيڪو لسبن (Lisbon) کان ايترو پري آهي، جيترو ڪراچيءَ کان حيدرآباد. ست سؤ سال کن اسلام اسپين سان گڏ ڀر وارن ملڪن پورچوگال ۽ فرانس ۾ رهيو. ان بعد اسلام جو نالو نشان، هتي جي حڪومتن، هنن پٽن تان ميساري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان هوندي به ان وقت جي مذهب، ماڻهن ۽ زبان جا اثر اڃا تائين هن ڌرتيءَ تي موجود آهن. فاطما به تن ڏينھن جي عرب عورت تان هن شھر جو نالو پيو هو.
جيئن اسان وٽ رکي رکي ڪنھن شھر يا ڳوٺ ۾ اهڙو پير فقير پيدا ٿيندو آهي، جنھن لاءِ مشھور ٿي ويندو آهي ته هو لا علاج بيمارين جا علاج ٿو ڪري، يا جنھن کي ٻار ناهي ته ان کي ٻار ٿو ٿئي وغيره _ پوءِ گهائلن ۽ سائلن جي هوندي آهي اوڏانھن ڊوڙ. پوءِ ڪن جو اثر سالن جا سال هلندو آهي ۽ مري وڃڻ بعد به هنن جي قبرن کي پوڄيو ويندو آهي ۽ مجاورن جون پيڙهيون گهر ويٺي کٽيو کائينديون آهن. ڪن جو ته ڪجهه هفتن بعد راز فاش ٿي پوندو آهي ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهه گهڻو هلي نه سگهندو آهي. خبر پوندي آهي ته اهو فقير دوکيباز هو. چور هو، ڌاڙيل هو، وغيره. امر جليل جي ڪھاڻي ‘اروڙ جو مست’ به اهڙي هڪ حقيقت جي ڪھاڻي آهي. بھرحال هند سنڌ ۾ ته اهي ڪم جام آهن پر ٻين ملڪن ۾ به آهن. 1985ع کان 1988ع تائين اهو ڏيھان ڏيھه مشھور ٿي ويو ته منيلا (فلپين) ۾ ڪا راهبه بنا وڍ ڪٽ جي ماڻهن جي آپريشن ٿي ڪري. ميڪسيڪو ۾ هڪ حڪيم پنھنجي اهڙي مشھوري ڪرائي جو ڪيترا آمريڪا جا مريض به ’سنڌن جي سور‘ جو علاج ڪرائڻ لاءِ ميڪسيڪو هن حڪيم وٽ پھچڻ لڳا. پوءِ خبر پئي ته خاڪ شفا جي نالي ۾ ائسپرين جا ٻُڪ پيو ماڻهن کي کارائي.
بھرحال پورچوگال ملڪ جو هي فاطما نالي شھر پڻ اهڙي معجزي کان مشھور آهي ۽ هر سال ڏهه لک کن رومن ڪيٿولڪ (عيسائي) زيارت ڪرڻ ۽ پنھنجا ڏوهه بخشرائڻ لاءِ هن شھر (فاطما) ۾ اچن ٿا. هو مختلف نذر نياز ڏيڻ سان گڏ ميڻ جا مجسما ٺاهي اچيو ساڙين. هنن جو عقيدو آهي ته هن زيارت دوران سندن ٻارن کي بيمارين کان نجات ملي ٿي ۽ ان شفا ڏيڻ ۾ بيبي مريم (Virgin Mary) جو هٿ آهي. هي عقيدت جو سلسلو 1917ع کان هلندو اچي، جڏهن چيو وڃي ٿو ته فاطما ڳوٺ جي ٽن ريڍارن کي بيبي مريم نظر آئي هئي. هنن جي چوڻ موجب کين گذريل سال جي تيرهين مئي تي اوڪ (Oak) وڻ جي مٿان ورجن مئري نظر آئي ’جيڪا سج کان به وڌيڪ چمڪي رهي هئي.‘ هن کين چيو ”منھنجو نياپو گهر گهر پھچايو ته هن دنيا ۾ جيڪڏهن امن چاهيو ٿا ۽ بيمارين کان نجات حاصل ڪرڻ گهرو ٿا ته منھنجي نالي جي تسبيح پڙهو. آئون وري پنجن مھينن بعد هتي اينديس.“
پنجن مھينن بعد 13 آڪٽوبر تي اوسي پاسي کان ستر هزار ماڻهو اچي گڏ ٿيا. رڳو مٿين ٽن ڌنارن کي بي بي مريم نظر آئي (بقول انهن جي) ۽ ٻيو ڪنھن کي به نه. ان بعد ٻئي سال کان نه رڳو پورچوگال کان پر دنيا جي مختلف ملڪن کان لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ عبادت سان گڏ هڪ ميلو متل رهيو. سندن هٿن ۾ تسبيحون هيون ۽ ٻارڻ لاءِ ميڻ بتيون ۽ ٻارن جا مجسما.
ملائيشيا جو هي شھر ملاڪا جتان هي پراڻيون توڙي نيون يادون لکي رهيو آهيان، ان تي پورچوگال جو وڏو اثر رهيو آهي. ڊچن ۽ انگريزن جي حڪومت کان اڳ هتي پورچوگالين جي حڪومت هئي، جنھن بابت پنھنجي سفرنامي ’مڪليءَ کان ملاڪا تائين‘ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان. اڄ به ملاڪا شھر جي هڪ وڏي ڪالوني ’پورچوگيز سيٽلمينٽ‘ سڏجي ٿي، جتي پورچوگالين جو مڪسڊ اولاد رهي ٿو. هو پورچوگال جي زبان ڳالهائين ٿا، اتي جا ويس وڳا پائين ۽ کاڌا کائين ٿا. هن شھر ملاڪا ۾ رهندڙ ٻيون قومون: ملئي، انڊين ۽ فارينر پڻ پورچوگالي کاڌي جو سواد وٺڻ لاءِ هتي جي پورچوگالي ڪالونيءَ جي هوٽلن ۾ وڃن ٿا. هتي جي قومي ڏينھن ۽ ٻين تھوارن تي هتي جا ماڻهو پنھنجن رنگين ثقافتي ڪپڙن ۽ راڳ ناچن جو مظاهرو ڪن ٿا.
يورپي ملڪن جي گرم مسالي يا عيسائيت جي تبيلغ يا (ڦرلٽ) لاءِ جيڪا آفريڪا، ايشيا، آمريڪا ڏي ڀڄ ڊڪ ٿي ان ۾ ڏٺو وڃي ته انگريزن، فرينچن، ڊچن وغيره کان سڀ کان اڳيان پورچوگالي ۽ اسپيني هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريز ڊپلوميسي ۽ سٺي انتظامي اٽڪلن ڪري جتي به قبضو ڪيو ٿي ته ڄمائي ويٺا ٿي ۽ هر وقت لانگ ٽرم پلاننگ رکي ٿي ۽ ساڳي وقت جڏهن ويھين صديءَ جي اڌ ڌاري ڏٺائون ته هاڻ هل هلان جو وقت اچي ويو آهي ته انڊيا جھڙيون بيٺڪون به ڇڏي ڏنائون، جو سمجهيائون ٿي ته هاڻ وڌيڪ رهبو ته خوار خراب ٿبو ۽ ساڳي وقت انگريزن جو جنھن جنھن ملڪ تي قبضو رهيو، ان ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه چڱيون ڳالهيون ۽ ڪم به ڪيائون: رستا، ريل گاڏيون، عدالتون، پوسٽ کاتا، تعليمي ۽ آبڪاري نظام، پوليس ۽ اسپتالون، وغيره وغيره. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن جي وڃڻ بعد ملائيشيا ۽ سنگاپور جھڙن ملڪن اهي ادارا نه فقط قائم دائم رکيا پر انهن ۾ وقت سان گڏ بھتري به پيدا ڪئي.
هونءَ ڏٺو وڃي ته پورچوگال پکيڙ ۾ ڪو وڏو ناهي. جملي پکيڙ چوٽيھه هزار چورس ميل کن (يعني اٺاسي هزار چورس ڪلوميٽر اٿس.) پورچوگال يورپ جي پراڻن ملڪن مان هڪ آهي، جنھن جون سرحدون ۽ بارڊر 1927ع کان قائم آهن. پورچوگال نئٽو (نارٿ ائٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائزيشن) ۽ ايفٽا (يورپين فري ٽريڊ ايسوسئيشن) جو ميمبر ملڪ هجڻ ڪري دنيا ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مغربي يورپ جي ٻين ملڪن: فرانس، جرمني، اسپين، انگلينڊ جي ڇڳي ۾ هي هڪ غريب ملڪ آهي. انگلينڊ، جپان، ناروي جھڙن سامونڊي ملڪن وانگر هن جو به گهڻو واسطو سمنڊ سان رهندو اچي. پورچوگال جي اوڀر ۽ اتر ۾ اسپين آهي ۽ ڏکڻ ۽ اولهه ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ. پورچوگال پاڻ ۽ سندس سامونڊي ڪنارو سخت ٽاڪئون آهي. ان بابت ڪنھن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته انگلينڊ ويندي جبرالٽر ۽ پورچوگال وٽ اسان کي هڪ دفعي سخت طوفان مليو. هونءَ اصول موجب ته جھاز ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ اهڙين خراب حالتن ۾ پاسي واري ملڪ جي ڪناري وٽ لنگر ڪيرائي طوفان ختم ٿيڻ جوا نتظار ڪجي. پر پورچوگال جو ڪنارو جابلو هجڻ ڪري اسان ائين ڪرڻ کان گريز ڪئي جو سمنڊ ۾ جھاز ٻڏڻ جون وري به ايتريون چانسون نه هيون، جيتريون ڪناري تي ٽڪرين سان جھاز جي لڳي ڀڄي ڀرڻ جون. بھرحال جتي جون حالتون خراب آهن، سخت آهن، اتي جا ماڻهو مضبوط ٿين ٿا. مشڪل حالتن کي ننڍي هوندي کان منھن ڏيڻ سکن ٿا. ان ڪري انگلينڊ، اسپين وانگر پورچوگالي به سٺا مھاڻا، ماڇي يا خلاصي (Seamen) جھازي (Navigators) ثابت ٿيا آهن ۽ ساڳي وقت بقول اسان جھڙن سندن غلام ملڪن جي، هو ڦورو لٽيرا هئا ۽ سندن چواڻي: هو دلير ۽ فاتح هئا، جن پنھنجي ملڪ لاءِ آفريڪا ۽ ايشيا جھڙن ڏورانھن هنڌن تي پھچي اتي جا ملڪ ۽ مال حاصل ڪيا.
يورپ کان پھريون جھازي (Navigator) جنھن آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪيو، يعني Cape of Good Hope لتاڙڻ ۾ ڪامياب ٿي اوڀر آفريڪا پھتو ۽ انڊيا ڏي آمدرفت لاءِ راهون کوليون. اهو پڻ پورچوگالي هو ۽ نالو هوس بارتولوميو (Bartolomeu Dias). پاڻ 1488ع ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ سمنڊ پار ڪيو. هي ڏکڻ آفريڪا کنڊ جي هيٺين حصي وارو سمنڊ آهي جيڪو هر وقت ڇتين ڇولين ۽ تيز هوائن ڪري خطرناڪ چيو وڃي ٿو. هن هنڌ تي اوڀر طرف وارو هندي وڏو سمنڊ ۽ اولھه پاسي وارو ائٽلانٽڪ سمنڊ اچيو ٿا ملن. هنن وڏن سمنڊن جي ملڻ جي ڪري جيڪي هن هنڌ تي ڪُن ۽ Under Currents (سمنڊ اندر مختلف طرفن ڏي ايندڙ ويندڙ وهڪرا) ٿين ٿا، انهن جي سَٽَ اڄ به جھڙيون تھڙيون ٻيڙيون ۽ ناکئا نٿا جهلي سگهن.
بھرحال هڪ دفعو پورچوگالين اها سامونڊي راهه ڳولي ورتي _ يعني اها ڄاڻ حاصل ڪري ورتي ته سمنڊ رستي اوڀر آفريڪا، انڊيا ۽ چين وڃي سگهجي ٿو ته پوءِ ٻين يورپين جي به قطار لڳي وئي ۽ پوءِ اسپيني، انگريز، ڊچ وغيره ڌوڪي پيا. نه ته ان کان اڳ يورپ کان ماڻهو انڊيا يا چين آيا به ٿي ته خشڪي رستي خيبر پاس ۽ سلڪ روٽ وارا رستا لتاڙي.
سو نه فقط ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙڻ وارو پھريون يورپي پورچوگالي هو پر انڊيا پھچڻ وارو پڻ پورچوگالي هو. 1497ع جي جولاءِ مھيني ۾ پورچوگال جو ‘واسڪو ڊي گاما’ نالي نيويگيٽر همراهه چئن جھازن جو ٽولو ساڻ ڪري انڊيا ڏي روانو ٿيو. ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپڻ کانپوءِ هن هندستان ڏي جھازن جا رُخ ڪيا ۽ هندستان جي اولھه واري ڪناري جي بندرگاهه ڪاليڪٽ (Kozhikode) ۾ ٻئي سال جي مارچ ڌاري پھتا. ان بعد جھاز جو هڪ ٻيو قافلو اپريل 1500 ڌاري پيڊرو الواريس ڪابرال نالي همراهه جي سرپرستي ۾ آمريڪا کنڊ ڏي روانو ٿيو ۽ برازيل کان اچي نڪتو جنھن تي پورچوگالين جو قبضو رهيو. اڄ به برازيل ۾ پورچوگالي زبان ڳالهائي وڃي ٿي. بھرحال آمريڪا کنڊ ڳولڻ جو ڪريڊٽ ڪرسٽافر ڪولمبس کي ڏيڻ کپي، جيڪو اسپين جو باشندو هو ۽ ڪابرال جي برازيل پھچڻ کان ست سال اڳ آمريڪا پھچي چڪو هو.
پورچوگالي پھريان هئا جيڪي انڊيا پھتا هئا ۽ ڪاليڪٽ ۽ ڪوچين ۾ پنھنجيون بيٺڪون ٺاهيائون. 1505ع ۾ ’فرانسسڪو ڊي الميڊا‘ پورچوگال کان انڊيا لاءِ وائسراءِ ٿي آيو هو. فرانسسڪو ڊي الميڊا جو گادي نشين الفنسو ڊي البقرق (Albuquerque) ٿيو، جنھن 1510ع ۾ گوا فتح ڪئي_ جيڪا انگريزن جي ڏينھن ۾ به پورچوگالين جي گاديءَ جي جاءِ هئي. بلڪ هندوستان جي ورهاڱي بعد به گوا تي پورچوگال جو اثر هو. ايتريقدر جو گوا جي رهاڪن کي پورچوگال جا پاسپورٽ هئا. پوءِ هندستان جڏهن گوا کي پوري طرح پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ته پورچوگال چڱو گوڙ ڪيو. سندن ملڪ ۾ رهندڙ هندوستانين کي ته ڪڍي ڇڏيو پر آفريڪا جي پورچوگالي ڪالونين لئانڊا ۽ موزمبق جھڙن ملڪن مان به بدلي طور هندوستان جي رهاڪن کي ڪڍي ڇڏيو. ايتريقدر جو 1970ع ڌاري اسان موزمبق ۾ آياسين ته اتي جي بندرگاهه لارينزو مارڪس (جيڪو هاڻ مپوتو سڏجي ٿو) ۾ ڪنھن به هندوستانيءَ جو دڪان نظر نه پئي آيا، جن جا دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دڪان آهن. هڪ ٻه بمبئي بازار، شالامار نالي دڪان سنڌي هندن جا هئا پر اهي به ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي هندن وانگر پاڻ کي ’انڊين‘ سڏرائڻ بدران ’پاڪستاني‘ سڏرائيندا هئا. بقول هڪ جھازيءَ جي ”گوا کي هندوستان واپس ورتو ته پورچوگالين هندوستانين کي جتان ڪٿان ڪڍي ڇڏيو ۽ اهي هندوستاني جيڪي هرملڪ، هر ٻيٽ، هر بندرگاهه ۾ نظر اچن ٿا سي موزمبق ۾ دوا لاءِ به نٿا ملن.“
هاڻ اسان واري پاسي جيئن انگريزن جو فقط ’هانگ ڪانگ‘ ۽ ٻيو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيٽ بچيو آهي، تيئن پورچوگالين جو به هاڻ وڃي ’مڪائو ٻيٽ‘ بچيو آهي، جيڪو هانگ ڪانگ جي ڀر ۾ آهي ۽ دنيا ۾ جوا کان مشھور آهي.
پورچوگال جي قبضي ۾ ”ڪيپ وردي“ نالي ٻيٽن جو جهڳٽو پڻ آهي، جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي، انهن ٻيٽن جو ذڪر پنھنجن مختلف سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان. آمريڪا ايندي ويندي اسان جھاز لاءِ تيل ۽ پاڻي وٺڻ لاءِ هر دفعي ڏينهن اڌ لاءِ هنن ٻيٽن تي ترسندا هئاسين.

بس ڪر الله

پرائمريءَ جي پھرين درجي کان وٺي ڪاليج، اڪيڊمي ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن ۾ فقط هڪ ڪمانڊر اسرار الله سُجهي ٿو، جيڪو اڄ به پنھنجن شاگردن کي سڃاڻي ٿو ۽ سندن نالا ياد اٿس. منھنجو ته تمام وڏي عرصي لاءِ ٽيچر / ليڪچرار رهيو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ به ته مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ به ، سو هو مون کي ته چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، پر اهي شاگرد جيڪي هن وٽ سال اڌ پڙهيا، انهن جا به چھرا ۽ نالا ياد اٿس. سندس ان خدا طرفان ڏنل قابليت کي اسين هميشه داد ڏيندا آهيون. ڪي ته وري اهڙا به ماستر جن وٽ پڙهڻ دوران به هنن کي پنھنجن شاگردن جا نالا نٿي آيا _ فقط ٻن چئن هوشيار شاگردن جا ۽ ٻه چار ڏڏ شاگردن جا آيا ٿي. انهن تي به اسان کي تعجب لڳندو هو. تن ڏينھن ۾ مون کي اها خبر نه هئي ته اڳتي هلي آئون به ماستر صاحب ٿيندس.
اسان وٽ مرچنٽ نيوي ۾ آهي ته جھاز جي آخري پوسٽ تي پھچڻ بعد جھاز ڇڏي ڪناري جي نوڪري ڪري سگهجي ٿي. جھاز جا ڪئپٽن جھاز ڇڏڻ_ يعني سمنڊ ڇڏڻ بعد ڪنھن بندرگاهه ۾ پائليٽ ٿي ڪم ڪندا آهن، شپنگ ڪمپنين ۾ مئنيجر ٿي ڪم ڪندا آهن يا جھاز ۽ سمنڊ سان واپاري نوعيت جي ڪاروبار کي ڏسندا آهن، جيئن ته اسٽيوڊورنگ، چارٽرنگ، بروڪريج، شپ بيچنگ وغيره يا ڪنھن اڪيڊمي يا يونيورسٽيءَ ۾ جھازي سبجيڪٽ پڙهائيندا آهن. جھازن جا چيف انجنيئر جھاز يعني سمنڊ جي نوڪري ڇڏڻ بعد شپ يارڊن ۾ ڪم ڪن، جتي نوان جھاز ٺھن ۽ پراڻن جي مرمت ٿئي. جھازن جي ڪمپنين جا ٽيڪنيڪل مئنيجر ٿي ڪم ڪن. بندرگاهن ۾ مڪينيڪل برانچ جا انچارج ٿي ڪم ڪن، جتي بندرگاهه جي ٽگ (Tug) ٻيڙين، ڊريجرن ۽ ڪرينن جي سنڀال ڪن يا ڪئپٽنن وانگر مئرين اڪيڊمين ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائين. مونکي شروع کان پڙهائڻ جو شوق هو سو جيئن ئي موقعو مليو ته جھاز ڇڏي مون پڙهائڻ جي نوڪري قبول ڪئي. ڪجهه سال ڪراچيءَ ۾ مئرين ڪاليج ۽ اڪيڊمي ۾ پڙهايم. اڪيڊمي ۾ انٽر (مئٿس) ڪري آيل ڪئڊٽن کي پڙهائڻو پوندو آهي ۽ ان کي Pre-Sea ڪورس چئجي ٿو يعني سمنڊ تي وڃڻ کان اڳ وارو ڪورس. سمنڊ تي انجنيئر يا نيويگيشن آفيسر ٿي وڃڻ بعد به هو پروموشن لاءِ پڙهائي ۽ امتحان ڏين ٿا، جنھن ڪورس (پڙهائيءَ) کي Post-Sea ڪورس سڏجي ٿو.
هاڻ جڏهن مون ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو ته پھريون دفعو محسوس ڪيو ته شاگردن جا نالا ياد رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. روز جي ليڪچر تيار ڪرڻ ۽ ڏيڻ تي ڌيان ڏجي يا نالا ياد رکجن. هونءَ چوندا آهن ته آفيسر اهو سٺو آهي، جنھن کي پنھنجي ڪم وارن جا نالا اچن. چيو وڃي ٿو ته نيپولين بونا پارٽ کي پنھنجي سڄي فوج جي سپاهين جا نالا ياد هئا. ماستر ٿي مون ان ڳالهه کي اڃا به وڌيڪ Appreciate ڪيو. Post Sea وارو ڪورس ڪرڻ لاءِ جهازن جا آفيسر ٻن يا ٽن مهينن جي مدي لاءِ شاگرد ٿي رهندا هئا. انهن جا نالا ته ڪڏهن به ياد ڪري نه سگهيو آهيان. پر Pre Sea جا ڪئڊٽ جن جو ٻن سالن جو ڊگهو ڪورس ٿئي ٿو، انهن جا نالا ياد رکڻ به ماستر لاءِ ڪو سولو ڪم ناهي. پنجاهه پنجاهه ڪئڊٽن (شاگردن) جا چار ڪلاس. هر ڪلاس ۾ ساڳيو يونيفارم پھريل ساڳي هيئرڪٽ ۾ ويٺل هڪ جھڙن ڇوڪرن جا نالا ياد رکڻ، گهٽ ۾ گهٽ مون کي هميشه ڏکيو لڳو آهي. منھن جي نڪ نقشي مان هڪ کي ٻئي کان ڌار ڪري سگهڻ ۾ ضرور سھُوليت رهي ٿي ته هي ملئي آهي ۽ هي چيني.
ڪراچيءَ ۾ ڪجهه سال پڙهائڻ بعد هتي ملائيشيا جي شھر ملاڪا ۾ پڙهائڻ لاءِ اچڻ ٿيو آهي. هتي ٽي قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين. ملئي ۽ انڊين شاگرد ٿورا آهن، باقي اڌ کن وڌيڪ چيني آهن. ٿورن ڏينھن ۾ اسين پاڪستاني پڙهائڻ وارا: چيف انجنيئر آصف غيور، ڪئپٽن ذوالفقار عباسي وغيره اهو ته سڃاڻي ويا آهيون ته اسان جي شاگردن ۾ چيني ڪھڙا آهن، ملئي ڪھڙا ۽ انڊين (جن ۾ سڀ ڏکڻ هندستان جا تامل ڳالهائيندڙ آهن) ڪھڙا آهن. باقي نالا ياد ڪرڻ هتي ته اڃا به ڏکيو ڪم آهي _ خاص ڪري چينين جا. جيڪي نالا اچارڻ ۾ ته بيشڪ سولا آهن پر هڪڙو مسئلو اهو آهي ته چند چيني نالا ايترو ته عام آهن جو لڳي ٿو ته هر ٽئين چوٿين ماڻهوءَ جو نالو ساڳيو هجي ۽ ٻي ڳالهه اها ته سڀني چينين جي شڪل به هڪ جھڙي لڳي ٿي. ٻين کي کڻي نٿي لڳي پر اسان کي ته ايئن ئي لڳي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ اسان پاڪستانين کي. ڪئپٽن ذوالفقار خبردار ڪندي چيو ته اهو تمام حساس ٽاپڪ آهي، متان ان بابت چينين کي ڪجهه چيو اٿانوَ. چيومانس: ”آئون اڳھين پنهنجي هڪ ڪليگ چيني ڪئپٽن کي چئي چڪو آهيان. تنھن ٻڌي ٿورو ناراضگيءَ مان چيو: ’توهان پاڪستاني به ته سڀ هڪ جھڙا لڳو ٿا.‘“
”پوءِ تو ڇا چيس؟“ ڪئپٽن ذوالفقار پڇيو. ذوالفقار ۾ مڙيئي پُڇ پُڇ جي عادت گهڻي آهي. ڪوڙ ڳالهائي ٻڌايومانس ته مون ان چينيءَ کي چيو ته: ”ڪٿي آئون پاڪستاني شھزادو ۽ ڪٿي ڪئپٽن ذوالفقار!“
ذوالفقار اهو ٻڌي وڏا ٽھڪ ڏنا. چرچائي ته آهي. ٽھڪ ڏئي پوءِ چيائين: ”يار، تو ائين هرگز نه چيو هوندس. آخر هو انڌو ته ناهي. سمجهي ٿو ته ڪير وڌيڪ سھڻو آهي.“ ۽ پوءِ وري هڪ عدد ٽھڪ ڏيئي چيو: ”چڱو پارٽنر ’ڪئپٽن چانگ‘ کي جيڪي چئي سو ٺيڪ آهي، پر پاڻ واري چيني ٽائيپسٽ ڇوڪري ’مِس تَانِ‘ سان مڙيئي منھنجي تعريف ڪري ڇڏيندو ڪجانءِ.“
ڪئپٽن چانگ دراصل جڏهن چيو ته توهان پاڪستانين جون شڪليون به ته هڪ ٻئي سان ملن ٿيون ته مون چيومانس: ”پر اسان جا نالا ته نٿا ملن. توهان چينين جا ته نالا به ملن ٿا.“ ان تي هو خاموش ٿي ويو هو.
چينين جي نالن بابت ڪجهه اهم ڳالهيون: چيني پنھنجي ’ذات‘ اڳيان لکن ۽ ’نالو‘ پوءِ. چينين جا خانداني نالا يا ذاتيون ته هزارين آهن پر چار سؤ کن عام آهن ۽ انهن ۾ به ويھارو کن تمام گهڻو عام آهن. جيئن هالا جي نوي سيڪڙو ماڻهن جي ذات ميمڻ آهي. يا ٽنڊو قيصر ۾ اڌ کان وڌيڪ نظاماڻي آهن. تيئن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به توهان کي ڪي ذاتيون عام نظر اينديون. مثال طور ‘لي’ _ پوءِ ڪي Li لکن ته ڪي Lee. چون ٿا ته چين ۾ نوي ملين (نو ڪروڙ) ماڻهو ’لي‘ ذات جا آهن. اهڙيءَ طرح پندرهن ڪروڙ ’وانگ‘ ذات جا آهن جيڪي ذهانگ به سڏجن ٿا. ڪن چيني ٻولين ۾ اهي چانگ چيونگ اچارجن ٿا. ياد رهي ته عربي وانگر چيني هڪ زبان ناهي. چين ۾ ڪيتريون ئي چيني ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان ڏهاڪو کن تمام مشھور آهن، جھڙوڪ منڊارين، ڪئنٽونيز، ٽيوچو، هڪا، هوڪين وغيره. جن ۾ ساڳي شيءِ لاءِ مختلف نالا ۽ اچار آهن. جيئن مائوءَ جو نالو ڪي مائو زي تنگ چون ٿا ته ڪي مائوزي ڊانگ (Zedong) اچارين ٿا. زي ڊانگ جي معنيٰ آهي ‘اوڀر جو واڌارو’. چيني ماڻهو پنھنجن ٻارن جا نالا گهڻو ڪري اهي رکن ٿا جيڪي شيون هو پنھنجن ٻارن ۾ چاهين ٿا. جيئن ته ’دولت‘. ڪيترن ٻارن جي نالي جو مطلب ملڪيت، دولت، پئسو آهي. ڇوڪرين جا نالا گهڻو ڪري وڻن، ٻوٽن، گلن، خوشبوئن، ڳھه ڳٺن ۽ اوچن ڪپڙن جي نالن تان کنيا وڃن ٿا. پُٽ جي سِڪ ڪارڻ هو ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرين جو نالو ’پانڊي‘ يا ’ڊاڊي‘ به رکن ٿا، جنھن جو لفظي مطلب آهي ’ننڍي ڀاءُ لاءِ اميد‘_ يعني هن کان پوءِ ننڍو ڀاءُ ايندو _ يعني پٽ ڄمندو.
چيني زبان ۾ ڏهه هزر کن شڪلين وارا اکر آهن جن مان ٽي هزار اچار نالن ۾ ڪم اچي سگهن ٿا. ذات کان پوءِ نالي لاءِ انهن ٽن هزارن مان ڪي به ٻه اکر ملائي سٺو گل، خوشبودار ٻوٽو، مٺو ميوو، جهجهي دولت، سنهي ململ وغيره نالو ٺاهي سگهجي ٿو. ڪن گهرن ۾ ته اهڙا نالا رکيا وڃن ٿا جن جو پھريون اکر ساڳيو ٿئي، جيئن پاڻ وٽ غلام علي، غلام محمد، غلام عباس وغيره يا خوش بخت، خوش دل، خوش عالم وغيره. هڪ اهڙي چيني فئملي جنھن ۾ هرهڪ جي نالي جي شروعات مِنگ (يعني روشن) سان ٿئي ٿي، انهن چرچي خاطر پنھنجي ستين ٻار جو نالو رکيو مِنگ زو (Mung Zu) يعني ‘هاڻ گهڻي ئي مِنگ ٿيا’ يا کڻي چئجي ته اهو مطلب ٿيو ته ’اڳھين چڱا مِنگ اچي چڪا آهن‘.
اسان جي هڪ مائٽ کي هڪ ٻئي پويان پٽ ئي ڄاوا. سندس نالو اسد الله آهي سو پٽن جا نالا به ان ئي ترنم سان رکندا ويا. حبيب الله، عنايت الله، اسرار الله، ذڪاءُ الله، هدايت الله. کين ڌيءُ جو شوق هو پر هتي هڪ ٻئي پويان پٽ پئي ڄاوا. آخر ڪنھن صلاح ڏنن ته هاڻ جي پٽ ڄمي ته ان جو نالو رکجو ”بس ڪر الله.“

نانگن سان واسطو

شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا ۾ ايترا ته نانگ آهن _ تعداد ۾ ته نمونن ۾ به جو ڇا ڳالهه ڪجي. دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي ايترا نانگ هجن. ملائيشيا سڄو جهنگل ۽ ٻيلو لڳو پيو آهي. موسم گهميل آهي. آدمشماري اڃا ايتري نه وڌي آهي جو جيت جانورن جي رهائش ۾ رولو پيدا ٿئي. ظاهر آهي نانگن جي وڌڻ ويجهڻ، رهڻ ۽ سلامتيءَ لاءِ ملائشيا ‘آئيڊيل ملڪ’ آهي.
ملائيشيا جا رهاڪو نانگ بلائن کان پاڻ بچائي هلن ٿا. هلڻ مھل هيٺ ڏسڻ سان گڏ مٿي ۽ پاسن وارن وڻن ۽ ڀتين ڏي به نھار ڪن ٿا. گهاٽي گاهه مان هلڻ بدران پيچڙا اختيار ڪن ٿا. درن درين جي مٿان ۽ پٺيان بنا ڏسڻ جي هٿ نٿا وجهن. گهر يا گاڏيءَ مان نڪرڻ وقت يا اندر گهڙڻ وقت هيڏانھن هوڏانھن جاچين ٿا. ڪنھن صوفي يا ڪرسيءَ تي ٽوال، چادر يا ميرا ڪپڙا رکيا هوندا ته يڪدم انهن مٿان نٿا ويھن. انهن کي ڇَنڊي پڪ ڪن ٿا ته ڪو نانگ ته انهن ۾ لڪل ناهي. وڻ وڻڪار مان هلڻ مھل اکين سان گڏ ڪن به کليل رکن ٿا ۽ نانگ جي چرڻ جي سرسراٽ يڪدم سمجهيو وڃن ۽ جي نانگ سامهون اچيو وڃين ته نانگ جو قسم ۽ ان جي موڊ سمجهي ان وقت ئي فيصلو ڪريو وٺن ته آيا پاسو ڏئي هلڻو آهي، موٽڻو آهي، پٿر کڻي ان کي فقط ڀڄائڻو آهي يا ڪا لٺ بانٺو ڳولي ان کي مارڻو آهي.
اسان ڌارين ملڪن کان آيل Expatriates ، جھڙا وائڙا ۽ ويڳاڻا. ڳالهه سمجهه ۾ نه اينديسين، ويٺا نانگن کي پِٽينداسين. ملائيشيا ۾ ڪئين قسم جا نانگ آهن _ جن مان ڪيترا زهريلا به آهن. هر سال ڪيترائي ماڻهو ڏنگجن به ٿا پر هتي جا ماڻهو نانگ جي گلا هرگز نٿا ڪن. چچي ڏسي به اسان کي ڪاوڙ وٺي ويندي. هنن جي گهرن ۾ نانگ گهڙي ايندو ته به ڊسٽرب نه ٿيندا. پنھنجي ئي ۾ مگن هوندا ۽ آرام سان پاڻ اُٿي يا ڪنھن ٻار ٻچي کي چوندا ”بابا دريءَ جو طاق کولي ڇڏ. ڀر واري ڪمري وٽان لنگهيس پئي ته ڀت تي فلاڻو نانگ پئي سُريو.“
هتي جا ماڻهو ملئي توڙي چيني، نانگ کي ورلي ماريندا. هونءَ به نانگن جي ڪيترن ئي قسمن کي مارڻ جي سرڪار طرفان جهل آهي، جن جي خاص نسل کي سرڪار اڃا به وڌڻ ويجهڻ ڏئي ٿي. پر جن لاءِ جَهلَ ناهي ان کي به هو مارڻ جي تڪليف نه ڪندا. چوندا ”نانگن ڪھڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
”ڪھڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ڪمال ٿا ڪريو! هي جو ماڻهن کي ڏنگين ٿا.“ اسان حيرت مان چوندا آهيون.
”نانگ هرگز نٿا ڏنگين. هرگز نه. هو پنھنجي واٽ وٺي رمندا رهن ٿا _ ٻلين وانگر. ها، جڏهن هنن جي مٿان توهان جي لت اچي ٿي ۽ هنن جي جان نڪري ٿي يا جڏهن توهان هنن کي ٻلي وانگر ڪارنر ڪريو ٿا ۽ هن کي توهان مان خطرو محسوس ٿئي ٿو، تڏهن ئي هو پنھنجي جان بچائڻ لاءِ حملو ڪن ٿا.“
جنھن چيني همراهه مٿين ڳالهه ڪئي اهو منھنجو پاڙيسري آهي. جھاز جو ڪئپٽن آهي ۽ مون وانگر هتي جي اڪيڊميءَ ۾ ڪئڊٽن کي پڙهائي ٿو. سندن گهر ۽ اسان جي گهر جي پٺئين ڇٻر هڪ ئي ڪامن آهي. هڪ ڏينھن شام جو پٺيان نڪران ته هي همراهه پٺن اگهاڙو چڍيءَ ۾ ٻنهي هٿن ۾ لڪڻ کڻي ڪنڊ وٽ هڪ سوراخ وٽ جهڪيو بيٺو هو. سڄو پگهر ۾ شل هو. مون ڏي سندس پُٺ هئي. آئون حالتن جو اندازو نه لڳائي هن ڏي وڌڻ لڳس. هن کي جيئن ئي محسوس ٿيو ته آئون سندس ويجهو اچي پھتو آهيان ته هن چڙ مان رڙ ڪري مون کي موٽي وڃڻ لاءِ چيو. آئون ڪجهه تعجب ۾ ڪجهه ڪاوڙ ۾ وري ساڳين ننڍن ۽ آهستي قدمن سان پٺيان موٽي در جي مٿينءَ ڌڪيءَ تي بيھي هن کي ڏسڻ لڳس. هي رکي رکي سوراخ ۾ ڪاٺي وجهي ٻاهر ڪڍي رهيو هو. ايئن ڪرڻ سان هڪ دفعي ڪاٺي نڪرڻ سان گڏ ڪاري رنگ جو نانگ نڪري آيو، جنھن جي ڳچيءَ مٿان هن يڪدم کڻي ٻي ڪاٺي رکي. نانگ جو باقي اڌ حصو سوراخ ۾ اندر هو. جيڪو حصو ٻاهر ۽ لٺ هيٺان هوس ان کي نانگ ايڏو ته زور زور سان ڦٿڪائي رهيو هو جو اسان جو طاقتور پاڙيسري چيني به ڏڪي رهيو هو ۽ لڳو ٿي ته ڪيترو به زور ڏيڻ جي باوجود نانگ لٺ هيٺان نڪري ويندو ۽ جي نڪري آيو ته اسان جي پاڙيسري جو خير ناهي. اڃا اهو سوچي ئي رهيو هوس ته نانگ زور زور سان ڦوهارا هنيا جيڪي سندس منھن مان Spray وانگر ايئن نڪتا جيئن اڌ مرڻينگ پکيءُ کي وات ۾ پاڻي ڍڪ جهلي ڦوهارو هڻبو آهي ته هو هوش ۾ اچي. نانگ جي ان پچڪاريءَ کان لڳو ٿي ته اسان جو چيني واقف هو يا هن ان جي اميد رکي ٿي جو نانگ جي ڦوهاري هڻڻ کان اڳ اسان واري چيني همراهه منھن کڻي ٻئي پاسي ڪيو. جيئن ئي نانگ ٻه کن ڦوهارا هڻي بس ڪيا ته چيني همراهه ٻئي هٿ ۾ جهليل ڪاٺي جيڪا پھرين سوراخ (نانگ جي ٻرڙ) ۾ وجهي رهيو هو، اها سندس مٿي ۾ هڻي منھن چٿڻ شروع ڪيو. پوءِ جڏهن پڪ ٿي ويس ته نانگ مري ويو آهي ته پھرين ڪاٺيءَ کي مٿي کنيائين ۽ نانگ جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي سندس باقي حصو ٻرڙ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين. ايتري ۾ هڪ ٻه ٻيا پاڙي جا همراهه به اچي ويا ۽ چينيءَ کي شاباس ڏنائون ۽ چيائونس ته ڀاڳ وارو آهين. جي مارڻ ۾ ڪامياب نه ٿين ها ته نانگ توکي پورو ڪري ها _ جيڪو بيحد خطرناڪ هو ۽ جنھن ڏنگ سان گڏ زهر Spray به ڪيو ٿي. جيڪو زهر اهڙو خراب ٿئي ٿو جو اکيون ختم ڪريو ڇڏي. چيني همراهه منھنجي ويجهو اچي مون کي Sorry چوڻ لڳو.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
”مون توکي ان وقت دڙڪو ڏئي ڀڄي وڃڻ لاءِ چيو هو،“ هن چيو، ”ڇو جو تون هتي ملائيشيا ۾ نئون آيو آهين ۽ توکي اڃا نانگن جي چڱي طرح ڄاڻ نه آهي ۽ هي نانگ ته اهڙو خوفناڪ ٿئي ٿو جو هن کي جھڙو تھڙو ته ماري به نٿو سگهي.“
ڪجهه ڏينھن بعد آفيس ۾ ’ٽي ٽائيم‘ تي هي چيني ڪئپٽن منھنجي ڀر ۾ ويهي چانھه پي رهيو هو. سٺو موقعو ڏسي کيس چيم: “يار هڪ ڳالهه ته ٻڌاء. تون هميشه نانگن جو پاسو کڻندو آهين ته اهي بي ڏوهي آهن ۽ بقول تنھنجي: Snakes are the most misunderstood creatures. هو ڪنھن جو نالو نٿا وٺن. نانگ بلا کان ته سوين دفعا مڇر ذليل آهي، جيڪو هڪ ستل ماڻهوءَ کي به اچيو ڏنگي. نانگ جي ڀرسان لنگهي وڃ ته به نالو نٿو وٺي. سو تو ان ڏينھن نانگ سان هيڏي ويڙهاند ڪئي! آخر ڇا لاءِ؟”
“ڳالهه ٻڌ، الطاف! منھنجيون نانگ بابت سڀ ڳالهيون صحيح آهن. هنن جي اڄ به وڪالت ڪريان ٿو ۽ اهو صحيح ٿو چوان ته شينھن، چيتو، سوئر، بگهڙ _ ويندي مڇر انسان کي نقصان رسائي ٿو پر نانگ نه. ساڳي وقت ان ڏينھن ان نانگ کي مارڻ مون لاءِ ضروري هو. خبر اٿئي ڇو؟“
”الائي! آئون به توکان اهو ئي معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو.“ مون وراڻيو مانس.
”ان ڏينھن ڇا ٿيو جو منھنجا ٻئي پٽ (هڪ پنجن سالن جو ۽ ٻيو ٽن سالن جو) ڇٻر تي کيڏي رهيا هئا ته هي نانگ اچي اتان لنگهيو. بلڪ هو پنھنجن خيالن ۾ پنھنجي ٻرڙ ڏي وڃي رهيو هو. منھنجي وڏي پٽ جي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي بئٽ هئي تنھن نا سمجهيءَ ۾ نانگ کي وهائي ڪڍي. نانگ جو موڊ بگڙيو پر خبر ناهي ڇا سوچي _ شايد منھنجي پٽ جي لڳاتار الرن ڪري هو في الحال هليو ويو. ڪجهه منھنجي دانھن به اثر ڪيو هجي جو ان وقت اتفاق سان آئون دريءَ وٽ بيٺو هوس. بھرحال مون نانگ کي سڃاڻي ورتو ته ڪھڙو آهي ۽ سمجهي ويس ته هي نانگ بدلو وٺڻ کان نه گسندو. ڪنھن وقت آئون آهيان ڪنھن وقت نه. منھنجي ٻنهي پٽن جي کيڏڻ جو به اهو هنڌ ته نانگ جي گهر ۽ لنگهه جو به اهو هنڌ. بھتر آهي ان نانگ کي پورو ڪجي نه ته ڪنھن به وقت منھنجي ڪنھن پٽ کي نقصان رسي سگهي ٿو، جو اهو نانگ ضرور بدلو وٺندو. ان ڪري ان ئي وقت ڏنڊا کڻي ٻاهر نڪتس ۽ نانگ کي اچي تاءُ ڏنم ته ٻرڙ کان ٻاهر نڪري ته پورو ڪيانس.“
هن وقت مون کي چڱيءَ طرح ياد نه آهي، پر منھنجي خيال ۾ ته هن ان نانگ لاءِ ٻڌايو ته اهو واسينگ / ڪاريھر (cobra) هو. ڏنڊي هيٺان پاڻ ڇڏائڻ ۽ ڦوهارو هڻڻ وقت ڪاوڙ ۾ هن جي منھن جو Hood (ڦڻ) واسينگ وانگر ئي ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي.
هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نانگ هروڀرو ماڻهوءَ جو نالو نٿا وٺن پر الله پناهه ۾ رکي سڀني جانورن ۾ خطرناڪ نانگ جو چڪ آهي، جنھن جو علاج پڻ ميڊيڪل سائنس وارن لاءِ سڀ ۾ ڏکيو ثابت ٿيو. دنيا جا گهڻي ڀاڱي نانگ زهريلا نه آهن. کين وات ۾ ڏند آهن. چڪ هڻن ٿا پر منجهن زهر ناهي. جيڪي زهريلا نانگ آهن انهن کي مڇيءَ جي ٿلهي ڪَنڊي جھڙا، پر ڪجهه مڙيل، ٻه ڏند (Fangs) ٿين، جن جي وچ ۾ سنهو سوراخ ايئن ٿئي جيئن ڊاڪٽر جي سُئيءَ ۾ آهي. دراصل انهن ٻن ڏندن ذريعي اهي نانگ شڪار جي جسم ۾ زهر Inject ڪن ٿا. زهريلن نانگن جي منھن ۾ زهر گڏ ڪرڻ جا غدود Venom Glands ٿين ٿا، جن ۾ سندن وات جي پڪ ذريعي زهر گڏ ٿيندو رهي ٿو. ڏنگ هڻڻ مھل _ يعني اڳيان ٻه ڏند Fangs انسان جي جسم ۾ ٽنبڻ بعد، هو پنھنجن زهريلن غدودن تي زور ڏين ٿا ۽ زهر انسان جي جسم ۾ Inject ٿيو وڃي ۽ يڪدم سڄي جسم ۾ پکڙجيو وڃي.
نانگن ۾ جيڪو زهر ٿئي ٿو، ان لاءِ سائنسدانن ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻن قسمن جو آهي. هڪ Neurotoxic سڏجي ٿو، جيڪو انسان جي تنتي سرشتي کي تباهه ڪري ٿو، خاص ڪري حرڪتي تنتن (Motor Nerves) کي. جنھن ڪري انسان کي فالج جو اثر ٿيو پوي. اکين جا پنبڻ کيرا ٿيو پون ۽ ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ ساهه کڻڻ جي قوت گهٽجڻ لڳي ٿي. آخرڪار ساهه کڻڻ جون نسون (مشڪون) کيريون (Paralysed) ٿيو وڃن ۽ انسان جو ساهه ٻوساٽجڻ ڪري موت ٿئي ٿو.
ٻئي قسم جو زهر جيڪو نانگن ۾ ٿئي ٿو اهو Haemotoxic زهر (Venom) سڏجي ٿو. اهو زهر انسان جا رت جا گهرڙا (Blood Cells) ۽ Muscle Cells تباهه ڪريو ڇڏي. هي زهر پھرين واري کان ڏاڍو خراب آهي ۽ هن زهر واري نانگ جو کاڌل تمام گهڻي تڪليف ۾ اچيو وڃي. چڪ واري جاءِ سُڄيو دهل ٿيو پوي ۽ پوءِ عموماً بڪين (گڙدن) يا جيري (Liver) جي تباهه ٿيڻ ڪري انسان جو موت ٿئي ٿو.
نانگ جي چڪ جو علاج ۽ دوائون ڏاڍو دير سان ايجاد ٿيون. ’ائنٽي سيرم‘ جيڪو نانگ جي زهر جو زور ڀڃي ٿو، اهو ويهين صديءَ جي پھرين چوٿي ڌاري ايجاد ٿيو. اهو سيرم (Anti Serum) گهوڙن جي جسم ۾ نانگ جو زهر داخل ڪري پوءِ ان جي رت مان ٺاهيو وڃي ٿو. (ان جو ٺھڻ جو تفصيل ۽ نانگ مان زهر ڏُهڻ جو طريقو ڪنھن ٻئي ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان.) هينئر ويجهڙائيءَ ۾ نانگ جي چڪ جو علاج اليڪٽرڪ ڪرنٽ (Electrocution) ذريعي ڪيو وڃي ٿو، جيڪو بھتر ثابت ٿيو آهي نه ته ائنٽي سيرم به ڪٿي ڪٿي فائدي بدران نقصان ڪري ٿو _ خاص ڪري ان مان پيدا ٿيندڙ الرجي ڪري.
نانگ جي ڏنگيل جو علاج ماضيءَ ۾ خبر ناهي ڪھڙن ڪھڙن نمونن ۽ ٽوڻن ڦيڻن سان ڪيو ويو ٿي. اسين ننڍا هئاسين ته ڳوٺن ۾ وڇونءَ جي ڏنگ لاءِ به ڊاڪٽر بدران جهاڙ پڙهڻ وارو گهرايو ويندو هو. پراڻن ڪتابن، ناولن ۽ قصن ۾ نانگ جي چڪ جا عجيب غريب علاج بيان ٿيل آهن.
پھرين صديءَ جي لکيل هڪ ڪتاب Natural Science ۾ ان جو ليکڪ پليني (Pliny) لکي ٿو ته نانگ جي ڌڪيل کي سندس ئي پيشاب پيارڻ سان آرام ملي ٿو. يا ته نانگ جو ڪچو جيرو کارائڻ کپي. ڪيترن نسخن ۾ ٻڪريءَ جون پولڙيون سرڪي ۾ وجهي، يا رڍ جون شراب ۾ اوٻاري کائڻ کپن.
هتي ملائيشيا ۾ اسان سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ انگريز ڪئپٽن ٻڌايو ته ممباسا ۾ هڪ کوجا فئمليءَ وٽ هن هڪ پٿر ڏٺو جنھن لاءِ هنن جو چوڻ هو ته اهو پٿر نانگ جي چڪ مٿان رکڻ سان نانگ جي ڏنگيل جي جسم مان زهر چوسيو وٺي. ان قسم جو پٿر ذريعي علاج مون به ننڍي هوندي پنھنجي ڳوٺ ۾ ڏٺو آهي. پر ان ۾ ڪا به سائنسي حقيقت ناهي. ڪيترا نانگ ته _ بلڪ تمام گهڻا، چڪ ته هڻن ٿا، پر انهن جي زهر ۾ ڪو اثر ناهي. چڪ لڳل همراه خوف ۽ هراس ۾ بيحال ٿيو وڃي. پوءِ ڪو چڪ مٿان آڱر رکي يا پٿر رکي، زخميءَ کي آٿت ڏئي يا ٻڪريءَ جون پولڙيون کارائيس هر صورت ۾ هو صحيح ٿيو وڃي.
ملائيشيا جي ’ملاين نئچر سوسائٽي‘ طرفان عوام جي ڀلي لاءِ اخبار ۾ نانگن بابت اڪثر ايندو رهي ٿو ته نانگ ڏسڻ يا ان جي چڪ تي ڇا ڪرڻ کپي، مثال طور:
1. جيڪڏهن توهان کي نانگ نظر اچي ته هرگز نه گهٻرايو. ٿي سگهي ٿو ته اهو نقصان ڪار نه هجي.
2. نانگ کي پنھنجي واٽ وٺي وڃڻ ڏيو.
3. هروڀرو ڪنھن نانگ کي نه ماريو.
4. نانگ ڪڏهن به انسانن تي حملو نٿا ڪن. اهي فقط پنھنجي بچاءَ لاءِ حملو ڪن ٿا يا جڏهن هنن کي بيزار ڪيو وڃي ٿو.
5. نانگ جي ويجهو هرگز نه اچو چاهي کڻي هو ڪنھن سنهي ڄاريءَ پويان هجي.
۽ جيڪڏهن توهان کي بدقسمتيءَ سان نانگ ڏنگي وڌو آهي ته:
1. گهٻرائڻ ۽ دل لاهڻ کان گريز ڪريو. ڪيترائي نانگ چڪ هڻن ٿا پر اهي زهريلا نه آهن ۽ جيڪڏهن ڪنھن زهريلي نانگ ڏنگ هنيو آهي تڏهن به ٿي سگهي ٿو ته هن چڱيءَ طرح نه هنيو هجي يعني زهر جو ڊوز گهٽ Inject ڪيو هجيس ۽ توهان کي معمولي تڪليف ڪا مس ٿئي.
2. جسم جي جنھن هنڌ تي نانگ چڪ هنيو هجي ان جي گهڻي اٿل پٿل نه ڪجي. هڪ هنڌ آرام ۾ رکجي. نانگ جي ڏنگ (Fang) جو نشان ڏسجي _ هجڻ جي صورت ۾ يڪدم ڊاڪٽر کي سڏجي.
3. چڪ جي مٿان ڪا ويڪري پٽي ڇڪي ٻڌجي، جيئن زهر مٿي دل ڏي نه وڌي.
4. زخم صاف ڪري ان تي پَھو ۽ پٽي ڪجي.
5. ڏنگيل کي اسپتال وٺي هلڻ جو بندوبست ڪجي.
6. جيڪڏهن نانگ کي ماري سگهيا آهيو ته مئل نانگ کي به اسپتال کڻي هلجي، جيئن ان کي ڏسي ڊاڪٽر زهر جو اندازو ڪري سگهي.

نانگن بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون
• نانگن کي ڪن نه ٿين. هو ٻوڙا ٿين ٿا.
• نانگن جي نظر به سٺي ناهي.
• سڀ نانگ آنا نٿا ڏين. رئٽل سنيڪ، واٽر سنيڪ ۽ ڪاپر هيڊ نانگ بيضن بدران ٻچا ڏين ٿا.

نانگن متعلق پھاڪا ۽ چوڻيون
نانگن تي ڪيترائي چيني، جپاني توڙي انگريزي ۾ پھاڪا ۽ نصيحت آموز قصا آهن. سنڌيءَ ۾ پڻ نانگن تي ڪجهه چوڻيون مشھور آهن:
• ڄاڻي وڇونءَ جو منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.
• سَپُ نه ماري سَپَ جو سراپ ماري.
• نانگ به ٻارهين مھيني کل مٽائيندو آهي. (يعني ٺڳ ماڻهو به ڪڏهن ڪڏهن شرافت جو مظاهرو ڪندو آهي.)
• جي ويري نه وجهي وير ته ڪاريھر ڪيئن ڪوٺجي.
• جيسين عراق کان ترياق اچي، تيسين نانگ جو کاڌل مري وڃي.
• نانگ به مري ۽ لٺ به بچي.
• نيت جو نانگ کوٽن کي کائي
• نانگ ويو نڪري، ليڪو پيو ڪُٽجي.

نانگن تي ٻين ٻولين ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون

چينيءَ ۾ :
• بانس جي لٺ اندر به نانگ سڌو ٿي نٿو هلي (عادت کان مجبور هجڻ).
• هر نانگ پنھنجي ٻر کان واقف آهي.

جپانيءَ ۾:
• عورت جي معاملي ۾ نانگ کان به وڌيڪ خبردار رهڻ کپي.
• ان نانگ وانگر جنھن جي منھن ۾ ڏيڏر هجي.
• نانگ اڳيان ڏيڏر جو اچڻ (عجيب صورت جو پيدا ٿيڻ.)

ملئيءَ ۾:
• اڌ مئو نانگ به ڏنگڻ جي طاقت رکي ٿو. ٻيو ڪو جانور (ڪتو، بگهڙ ويندي شينھن) زخمي يا اڌ مئي صورت ۾ ڪمزور ٿيو پوي ۽ حملو ڪرڻ کان گريز ڪري ٿو پر نانگ ته مرڻ وقت به ساڳيو نقصان پھچائي سگهي ٿو. جو هن کي رڳو سُئيءَ جھڙو ڏند (Fang) انسان جي جسم ۾ داخل ڪري زهر ذرو Inject ڪرڻو پوي ٿو. نانگ کي ڪھاڙيءَ سان ٻه اڌ ڪرڻ بعد به ساڳيو خطرناڪ رهي ٿو. نانگ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن جو منھن چڃيءَ طرح چٿجي، جيئن اهي Fangs (ڏند) ناس ٿي وڃنس، جن ذريعي زهر داخل ڪري ٿو.)
• بانس جي ڏنڊي ۾ وجهڻ بعد به نانگ سڌو نٿو هلي. (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ڪتي جو پڇ ٻارهن مھينا نڙ ۾ وجهڻ سان به سڌو نٿو ٿئي.)
• انڌي ماڻهوءَ کي نانگ جو ڪھڙو ڊپ.
• ڄؤر هميشه نانگ بڻجڻ جا خواب ڏسندي آهي.
• بيوقوف ئي نانگ کي پڇ کان جهليندا آهن.
• نانگ جو کاڌل رسي کان به ڪنبي.
• جي منھن نانگ جو آهي ته پڇ ڪوئي جو ٿي نٿو سگجهي.