ناول

منڇر

هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان سمورا انسان، ڪنھن نہ ڪنھن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي هن ناول جي بنيادي ڳالھ آهي. ھي ناول سمجهائي ٿو تہ منڇر جي مھاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن. هي ناول منڇر جي مھاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي بہ بيان ڪري ٿو. ھي ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور جو اظھار آهي.   ھڪ ”منڇر“ منظور ٿھيم جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنھن جو اظهار هي ناول آهي . 

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book منڇر

حق ۽ واسطا پبلشر ۽ ليکڪ وٽ محفوظ:

ڪتاب جو نالو: منڇر (ناول)
ليکڪ: منظور ٿھيم
ڇاپو پھريون: ڊسمبر 2020ع
ٽائيٽل: مھراڻ سھتو
ڇپائيندڙ سمبارا پبلڪيشن
سامھون عبرت پريس، گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ
قيمت -/300 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گھر
www.sindhsalamat.com

منسوب

نڪا بوءِ بازار ۾، نَڪا ڇُلرَ ڇَٽَ
جِتي ڏنڀَرِين جِي، اَڳي ھئي اَکُٽُ
سي پِڙَ پَسيو پَٽَ، ماڙھو وڃن موٽيا.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي
سُر گهاتو


ڏکاري ڍنڍ منڇر جي انھن مھاڻن، گالين، لوڙھ، بِھَ، پٻڻ، آڙي، نيرڳ، موراکي، ڪرڙو، گندڻ، سوڍي ۽ ماڻڪ جي نالي، جن کي گم ٿئي زمانا ٿي ويا آھن. انھن ناکئن جي نالي جيڪي سمنڊ پار ويا وري نہ موٽيا. جن مان ڪن کي طوفان کائي ويو تہ ڪي پاڻيءَ جي سرحد پار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي جيلن ۾ آھن. جن جا ڪمزور دکدائڪ روح پاڻيءَ مٿان روزيءَ جي تلاش ۾ پابند سلاسل آھن.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ناول نگار منظور ٿھيم جو لکيل ”منڇر“ اوهان اڳيان پيش آهي.
هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان سمورا انسان، ڪنھن نہ ڪنھن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي هن ناول جي بنيادي ڳالھ آهي. ھي ناول سمجهائي ٿو تہ منڇر جي مھاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن. هي ناول منڇر جي مھاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي بہ بيان ڪري ٿو. ھي ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور جو اظھار آهي. ھڪ ”منڇر“ منظور ٿھيم جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنھن جو اظهار هي ناول آهي .
ھي ڪتاب 2020ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سمبارا پبليڪيشن ۽ منظور ٿھيم جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مُھاڳ

منڇر، ھيءَ حقيقت سڀني جي ڄاڻ ۾ اچڻ گھرجي!
دنيا جي هر مذهب ۽ ڌرم جو بنياد اصل ۾ پاڻي، دريائن ۽ ڍنڍن جي پوڄا کان شروع ٿيو آهي. ان ڪري سمورن مذهبن ۽ ڌرمن ۾ پاڻيءَ جي پوڄا موجود آهي.
سائين منظور ٿھيم جو ھيءُ ٽيون ناول آھي، ان کان اڳ “ گذري وئي برسات” (2014) ۽ خاص طرح “پنھون” (2018) ۾ جيڪو بلوچستان جي (مسنگ پرسن) جي پسمنظر ۾ لکيل آھي بيحد مقبول ٿيو. منڇر، هي سندس ٽيون ناول آهي. هي ناول، قدرتي وسيلن، ماحوليات ۽ انھن سان وابسته زندگيءَ جي اھميت کان واقف ڪري ٿو. سائين منظور ٿھيم ھن ناول ۾ منڇر جي فطري حسن، ثقافت، رقص ڪندڙ مختلف رنگن جي پکين، مهاڻن جي سموري زندگيءَ جي پيڙائن ۽ حسناڪين کان ويندي منڇر جي سموري زندگيءَ سان لاڳاپيل شھر، سماجي رشتا، ڪاروبار، انساني رويا، رھڻي ڪھڻي، جمالياتي حسن، ورھاڱي ۽ ان جي درد کي ائين بيان ڪيو آھي، جو ان مان سنڌ جي آسودگيءَ ۽ خوشحاليءَ جو احساس نمايان نظر اچي ٿو. ھي ناول ياد ڏياري ٿو ته منڇر زندھ هستي آھي، جنهن جي هر هڪ ڦڙي ۾ صدين جو سفر شامل آهي. هي حقيقت آهي ته سرخ ۽ سفيد کنڀن وارا پکي پنهنجن ننڍڙن پيرن سان ڪي شاندار وکون کڻندا ترندا وڃن ٿا ته منڇر موهن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا وانگر رقص ڪري ٿي،.
ھن ناول جي خاص ڳالهه منڇر جي مهاڻن جي اهميت انهن جو فطرت ۽ پاڻيءَ سان جڙيل هجڻ آهي، جنھن سان سنڌ جي سمورن مهاڻن جو ڳاٽ اونچو ٿيو آھي. ھا! ھن ناول ۾ ائين به ڄاڻايل آھي ته منڇر جي آلودھ ٿيڻ کانپوءِ انھن مھاڻن جو ڇا ٿيو ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويا.هي ناول انهن جا پيرا کڻي ٿو. آئون اوهان کي ٻڌائڻ گھران ٿو ته منڇر تاريخ جي مختلف دورن ۾ انوکي ثقافت، خوشحالي، روايتن ۽ منڇر تي هزارين سالن کان آباد مهاڻن جي خوشين، روزگار جي ذريعن، عشق محبت جي سمورن قصن سميت اوستائين زندھ ۽ متحرڪ ھئي جيستائين اھا رياستي غير زميواري ۽ بيحسي جو شڪار نه ٿي ھئي.
منڇر پڙهڻ کانپوءِ منهنجو عقيدو اڃان وڌيڪ پختو ٿيو آهي ته منڇر جي مقدس پاڻيءَ تي آباد سمورا مُھاڻا جيڪي منڇر جي وجود سان ڀينرن، ڀائرن، مائرن ۽ ڌيئرن واري احساس ۽ رشتن سان جڙيل ھئا، واپس ورندا.
ليکڪ سمورن احساسن سميت ھن ناول ۾ ياد ڏياري ٿو تـ هزارين سالن کان سنڌ جي سرزمين پنھنجي اندر ڪيترين ڍنڍن، ڍورن، ندين ۽ سنڌو درياء کي ھميشھ پاڻي سان ڀري رکيو ته جيئن ان سان منسلڪ حيات پنھنجي زندگي روان دوان رکي. ائين چئجي ته منڇر ڍنڍ هڪ شاهوڪار قدرتي انساني تعلق پيدا ڪري ڇڏيو ھو. پڙهندڙ کي پتو پوندو ته سنڌ جي اها خوبصورت ۽ فطرت جي حسين ڍنڍ “منڇر” جنھن جي اولهـ ۾ کيرٿر جو جابلو سلسلو، لڪي جبلن جون ٽڪريون، ڪاڇي جو سفيد ميداني لٽ وارو علائقو ۽ اتر ۾ دريائن جو ابو سنڌو درياء موجود آهي. منڇر ڍنڍ فطري طور لڪي جبلن، اولهه مان کيرٿرجبلن ۽ اتر مان سنڌو درياء مان سيراب ٿئي ٿي. “منڇر” ڍنڍ ھڪ وڏي عرصي تائين انساني معاشي سرگرمين جو اھم وسيلو رھي، جيڪا هزارين مُهاڻن کي روزگار، خوراڪ، بھھ، پٻڻ، لوڙھ ۽ ٻيا آبي ٻوٽا، مڇي، پکي، ڏيندي رھي. ان کان سواءِ منڇر ڍنڍ جي اندر مهاڻن جا ٻيڙين تي قائم ڳوٺ پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد لقاء ڏيندا هئا. ناول ۾ ان حقيقت کي به بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته صنعتي زراعت ۾ زھر جو وڏي پيماني تي استعمال ۽ ھٿراڌو آبپاشي نظام جي ڪري پوري منڇر ڍنڍ جي ماحولياتي رنگارنگي ۽ فطرتي حسن کي ڪيئن تباه ڪيو ويو، ان ڪري هاڻ منڇر جي پاڻي جي عميق مان مهاڻن جي لاءِ رقص ڪندڙ خوشين ۽ مُرڪن جي جاءِ تي ڏک، درد، پيڙائون، بي روزگاري، لڏ پلاڻ، صنعتي زهر کان سواءِ ڪجهه به ناھي رھيو.
سنڌ، دريائن ۽ ڍنڍن جو ديس آهي، جت سنڌوءَ جهڙو خوبصورت درياء ۽ منڇر، ھاليجي، ڪينجهر، اُنگهه، حمل جهڙيون ٻيون انيڪ خوبصورت ۽ حسين ڍنڍون موجود آهن پر حقيقت ۾ مٽي پاڻي جي انھن قدرتي ذخيرن ۽ ڍنڍن کي ترقي، گرين روليشن، آبپاشيءَ جي وڏن منصوبن ۽ وڌ کان وڌ زرعي پيداوار جي نالي ۾ ڪيميائي ڀاڻ ۽ زھريلين دوائن جي استعمال ڪري آلودھ ڪري ڇڏيو آھي، يا ميگا گٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. آمرانه دور حڪومت جي سرڪاري ڪامورن جي هميشه اها پاليسي رهي آهي ته ترقي جي نالي ۾ ماحوليات دشمن ۽ ناقص منصوبه بندي ڪري دريائن ۽ ڍنڍن کي تباھ ڪيو وڃي، وري انهن تباھ ٿيل ڍنڍن ۽ پاڻي جي قدرتي ذخيرن کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ وري ٻيا نوان ناقص ۽ ماحوليات دشمن منصوبا شروع ڪري رهي ڪهي ڪسر پوري ڪن. جنھن سان ملڪ جو ھڪ خاص آفيسر شاھي، ڪارپوريشن، فوجي مشنري جا ادارا ۽ ڪجهه ماڻھو ته آسودا ٿي وڃن ٿا، پر اھي ڍنڍون انھن جي ماحوليات ۽ مھاڻا بيحد غريب ٿي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. ھيءُ ناول “منڇر” سنڌ جي ھڪ گھڻائيءَ کي پنھنجن قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ ان ڏانھن شعور واري خيال کان ضرور متوجهه ڪندو.

محمد علي شاھ
چيئرمين
پاڪستان فشر فوڪ فورم

منڇر ڍنڍ

اوھان سنڌ جو نقشو کوليو ۽ جيڪو مان چوان ان ڏانھن ڌيان ڏيو.

سنڌو درياء جي ساڄي ڪناري ۽ لاڙڪاڻي کان ٿورو پنڌ اتر طرف اوھان کي ھڪ ليڪ ڏسڻ ۾ ايندي، جنھن تي “نارو درياء” جو لفظ لکيل آھي. ھن وھڪري کي نانگ نارو به ڪري سڏيندا آھن، جنھن کي انگريزي ۾ “سنڌ پينٽائين” به سڏي سگھجي ٿو، جنھن جو پاڻي ھڪ بيضوي گول ۾ ڪري ٿو، جيڪا ڍنڍ جي علامتي شڪل آھي. مذڪوره ڍنڍ جو نالو منڇر آھي. ھن ڍنڍ جي ڏاکڻي پاسي اڙل نالي ھڪ وھڪرو نڪرندو آھي.
اڙل ۾ ناري جي شڪل اڌ گول جھڙي نظر ايندي آھي، جنھن جي ڊيگهه سٺ ميل کن ٿيندي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته ٻنھي نالن وارا اھي وھڪرا انساني محنت جو نتيجو آھن. ھنن وھڪرن ۾ ور وڪڙ گھڻا آھن، تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو ته اھي فطري نه پر ماڻھن جي ڪوڏر جي لپي جي پيداوار آھن. معلوم ٿئي ٿو ته ڌرتي جو مٿاڇرو سنئون سڌو آھي، جڏھن سنڌو ۾ چاڙھه ھوندو آھي ته اڙل ابتو مٿي وھڻ شروع ڪندو آھي، جڏھن وري سنڌو لھي ويندو آھي ته اڙل وري موٽي سنڌوءَ ۾ وھڻ لڳندو آھي، سيوھڻ کان اڙل ڏئي جيڪڏھن منڇر اچبو ته سفر ۾ ٻه ڏينھن لڳي ويندا.
سال جي ھن موسم دوران منڇر من موھيندڙ ڇَرَ آھي. ھتان جا ماڻھو ھن ڍنڍ کي پيار وچان
“مھان منڇر” جي نالي سان سڏيندا آھن. ڇاڪاڻ ته ڀرسان ئي جابلو خشڪ علائقو آھي، جيڪو ٻٻُرن جي جھنگ سان ڀريو پيو آھي. لڪي وارا جبل به انجي ويجھو آھن، ھي نيري پاڻيءَ جي چمڪندڙ ڇولين واري وڏي ۽ نھايت خوبصورت ڍنڍ جنھن کي اولهه جي ٿڌڙي ھير ھندوري ۾ لوڏيندي آھي، ڪڏھن سايون پوکون اڳتي وڌي ڍنڍ ڏانھن ھليون وينديون آھن ۽ ڪڏھن وري منڇر اڳتي وڌي ساين پوکن ڏانھن ھلي ويندي آھي. اولهه پاسي ننڍين ٽڪرين جون قطارون آھن. معلوم ائين ٿيندو ڄڻ ڀوري رنگ جي ٽڪرين منڇر کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو آھي. ھڪ پاسي وچ کان پاڻي جو وھڪرو شروع ٿئي ٿو، جنھن جو پري کان رنگ انڊلٺي ڏسڻ ۾ ايندو. ڀرسان مھاڻن جي ٻيڙين ۾ اڇا سڙهه پيا جرڪندا ڏسڻ ۾ ايندا، جنھن ڪري پاڻي جون لھرون چاندي جھڙيون ئي ڏسبيون. ڪنول گل به ايترا گھڻا آھن، جو پاڻي ته نظر ئي ڪونه ايندو. اھڙا نازڪ ۽ نفيس گل ته فقط ديوتائون ۽ ديويون ھٿن ۾ جھلڻ لاءِ کڻنديون آھن. معلوم ائين ٿيندو آھي ته ھنن گلن کي زمردي رنگ جو ڪو چوغو پاتل ھجي، جيڪو شفاف چمڪندڙ پاڻي جي شڪل ۾ ھوندو آھي. سندس ڪنڌيون ڪنارا ڏير، پنن، نڙن ۽ ٻوڙن سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندا آھن، معلوم ائين ٿيندو ته ڄڻ اھي جھوني ديوتا پروٽيوئس جا ڊگھا ۽ خشڪ وار آھن. انھن ٻوڙن ۽ نڙن جي ڪانن مٿان جڏھن اڇا سنگ ھوا تي جھولندا ۽ جھومندا ته ڏاڍا سھڻا لڳندا آھن، منڇر جي انھي سھڻي ڏيک ۾ ڪنھن به شي جي کوٽ نظر ڪانھ ايندي. محسوس ائين پيو ٿيندو ته ماڻھو آرڪٽڪ يا وچ آفريڪا جو ڪو خوبصورت منظر ويٺو ٿو ڏسجي. ڪيترن جاين تي پاڻي جا پکي ايترا گھڻا نظر ايندا جو پاڻي ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو آھي. ھي پکي پاڻي ۾ ترندا ۽ تڙڳندا ڏسبا آھن، ڪي وري چھنبون پاڻي ۾ ھڻي پنھنجو چوڳو چونڊيندا ڏسبا آھن. ڪي پکي چوڳو پاڻي ڪري واندا ٿي پاڻي جي مٿاڇري تي ويھي پر ۽ کنڀ پيا چھنب سان سوئيندا ۽ صاف ڪندا. چمڪدار کنڀن ۽ پرن وارا پکي به ھتي جام ڏسبا آھن، جن کي ھتان جا ماڻھو برھمڻي بدڪ جي نالي سان سڏيندا آھن. ڪاري رنگ جو ڦوليارو پکي به تمام گھڻو آھي، جنھن جو مٿو ڳاڙھوُ ڳٽول ٿيندو آھي. ھلڪي گلابي ۽ سفيد رنگ جا لاکي ڄاڃي پيا ھيڏي ھوڏي اڏامندا نظر ايندا آھن. پيئڻ پکي به تمام گھڻو آھي، جيڪو اٺ پکي کان ٿورو لاٺيرو ٿيندو آھي. ان کانسواءِ ٻگهه، قوق، ڊوم، ٽڪر، ٽٻر پکي ۽ مختلف قسم جي پکين جو ته ڪو شمار ئي ڪو نه ھوندو آھي، جيڪي پنھنجي پنھنجي ڪمن ۾ رُڌل ھوندا آھن. ٻيا به الائي ڪيترا پاڻيءَ جا پکي اسان مٿان پوپٽن وانگي ڦيرا پائي رھيا ھئا. جن جي اڏامڻ جي آواز جا واڪا ڪن کائي رھيا ھئا، ڪي ته وري پنھنجي منڍي پرن ۾ لڪائي پاڻي ۾ ويٺا ھئا. ته ڪي وري چوڳو چوڻو ڪري رھيا ھئا، سندن ٻولي به اھڙي آھي ڄڻ ھيرا ۽ موتي ڇڻ ڇڻ ڪندا ھيٺ ڪرندا ھجن.

منڇر جا مُھاڻا

منڇر ۾ مُھاڻن جو ته انت شمار ئي ڪو نه ھوندو آھي، توھان کي سوين ٻيڙيون نظر اينديون جيڪي ڍنڍ جي ڪناري وارن نڙ، ڏير ۽ ٻوڙن جي پاسن ۾ بيٺل ھونديون آھن. ڪي وري ڍنڍ جي پاڻي ۾ ڦٽل گاھ مان وڏي پاڻي ڏانھن ھاڪاريندي مٿن ويٺل مھاڻا ھن دنيا جي کرکسن کان آجا ڄار پيا ٺاھيندا آھن. يا وري پُراڻي ڄار جي ڳنڍ جوڙ ۾ لڳا پيا ھوندا آھن، کين اھا ڪل ئي ڪانه پوندي آھي ته سندن ٻيڙي وڃي ڪنھن پاڙ ۾ ڦاٿي آھي.
ھي مُھاڻا اصل سنڌي آھن، سندن رنگ سانورو آھي. سندن منھن مھانڊن مان به لڳندو آھي ته اصلي ھندو آھن، ھاڻي ھي مسلمان آھن. پر حال اھو ئي اٿن، جھڙي سٺ تھڙيون ٽي ويھون. جڏھن ھندو ھئا ته به بَھه، مڇي، لوڙھ، ڪُم ۽ ڪوڻيون کائي وقت گذاريندا ھئا. مسلمان ٿيڻ کانپوءِ به ککي ھاڻيون کاريون ڇڇي ھاڻا ڇڄ، اھي مڏ اُھي مڪڙيون راتو ڏينھن پاڻي ۾. ھو اڃان به ھندن وانگي پاڻي کي سُکان ڏئي پوءِ ڍنڍ ۾ داخل ٿيندا آھن، ھو اڃان به پاڻي جي ديوتا کي چانور لپ به ڏيندا آھن ۽ انجي ساراھ ۾ ڀڄن جھڙا ڳيچ ڳائيندا آھن. ھنن ڳالھين مان سولائي سان سمجھي سگھجي ٿو ته ھو اڃا به پراڻا ساٺ سوڻ ڪندا اچن، ھاٺي ۾ سگھارا، ڦڙت، سدائين ھل ھلان ۾. مزاج ۾ رلڻا ملڻا ۽ کلڻا، ڪچھري جا ڪوڏيا. ڳالھين جا ڳھير، ھٿ به پيو ھلندو ته ڄڀ به پئي چلندي. ھن نيات جي ماڻھن ۾ عورت ۽ مرد جي لاڳاپن کي شايد عيب ڪو نه سمجھيو ويندو ھو، کين پاپ، ڏوه سزا جو پتو ڪونه ھوندو آھي. ڄڻ نيم وحشي دور ۾ پيا گذارين، ھي ماڻھو زالين مڙسين ھڪ جاءِ تي ويھي ڪونه سگھندا آھن. اھو مڇي جي کائڻ ڪري ھوندو آھي يا انجو ڪو ٻيو ڪارڻ آھي مان اھڙي منجھيل سُٽ سلجھائڻ جو ڪم اوھان تي ٿو رکان پر ھي ماڻھو ڏکڻھاري جيان سدائين ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ رڌل رھندا آھن. سندن ھي گڻ عام سنڌي ماڻھو کان الڳ آھي، ھي سوال جسماني ڪارگردگي جي فلاسافي سان تعلق رکي ٿو. مُھاڻن جون عورتون جفاڪش بلند حوصلن واريون ھونديون آھن، پاڻ ٻيڙي جو ونجهه پئي ھلائيندي آھي ۽ سندس مڙس ڄار سان مڇي ڦاسائيندو رھندو آھي. سندس وڏا ٻار ڪپڙن کان آجا پاڻي جي پکين وانگي پيا ترندا ۽ تڙڳندا آھن، سڀني کان ننڍو کوھي يا چيڪلي وارن رسن ۾ ٻڌل ڄاري جي ڏولي ۾ پيو لڏندو ۽ آڱوٺو چوسيندو رھندو آھي. ھنن ماڻھن جو کائڻ پيئڻ، چلم ڇڪڻ، سمھڻ ۽ جاڳڻ ٻيڙي تي ھوندو آھي، ڌرتي تي پير فقط تڏھن رکندا آھن جڏھن کين مڇي صاف ڪرڻي ۽ ڪنڌي وٽ سُڪائڻي ھوندي آھي يا وري مڇي وڪڻي لٽو ڪپڙو، ڳنڌڻ يا ستي ڦڪي وٺڻي پوندي اٿن. پاپن ڪرڻ ۾ به پورا ته توبهه ڪندي به ڪونه ٿڪجن، شادي به دير سان ڪندا آھن. ڀنگ پيئڻ جا ڪوڏيا، مُلان کان لڪي شراب جي چُڪڙي به چاڙھيندا ته آفيم جو ذرو به وات ۾ وجھندا. سندس ڪُٽنب جي ڀاتين جو تعداد تمام گھڻو ٿيندو آھي، سندن جسم سدائين ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ رڌل ھوندا ته ڳالھائڻ ۾ چپ ڪا نه ھوندن. زبان ۾ نه ڪنڊو نه ٻنڊو جاٿئون آيا تاٿئون پار، گفتي ۾ کرا ۽ کڙڳ ڳالھائڻ ۾ سندن عورتون مردن کان ٻه ھٿ اڳتي. حاضر جواب ۾ ڏاڍيون، ھڪ چئو ته ڏه چئي وڃي مٿي چڙھنديون. گارين ڏيڻ ۾ ڪويسر، گاريون به نيون ۽ نراليون ٻڌندڙ جا ته ڪن ئي ڍرا ٿي وڃن. ھر شي مان ڌوپار، ھنن گارين جو جيڪڏھن انگريزي ۾ ترجمو ڪجي ته اسانجي ٻولي ۾ جيڪر گارين سان لاڳاپيل تمام گھڻا نوان لفظ شامل ٿي وڃن. منجھن اھڙيون ڳالھيون به شايد مڇي کائڻ ڪري آھن. مختصر طور مھاڻن لاءِ ائين چئي سگھجي ٿو ته کلڻ ۽ کجڻ سندس مزاج ۾ شامل آھي، پر جڏھن سياري جا سيءَ اچي کپ کوڙيندا آھن ۽ سندن ڄاڙي ڄاڙي سان لڳندي آھي، اتر جي اوڪ ۽ پوھ جي پارن جي جھوڪ لڳي ويندي آھي ۽ جڏھن سندن نشا ٽٽڻ شروع ٿي ويندا آھن پوءِ ھڪٻئي کي ڪچين گارين جا دس لائي ڏيندا آھن ۽ ٻڌا ٽھڪ ڏئي کلندا آھن ۽ ڏاڍا خوش ٿيندا آھن ڄڻ کين شراب جو گلاس ملي ويو ھجي. جھيڙو ته سندن من ۾ ئي ڪونه ايندو آھي پر جيڪڏھن ڪو اخلاق جا ليڪا لتاڙي وڃي ٻيڙي تي لت رکندو آھي ته پوءِ ڏاڍا ممڻ مچي ويندا آھن. ھن نسل جي ماڻھن ۾ سونھن ڪانھ ھوندي آھي، سندن رنگ ڳاڙھسرو سانورو ٿئي ٿو. مٿان سج کوري جيان پيو کامندو پڄرندو آھي، ٻئي طرف کان کين لُکَ به لوساٽي رکندي آھي. ھنن جي جان تي ٻه ميرا ڪپڙا ھوندا آھن، جن مان ھڪ مٿي سان ٻڌل ۽ ٻيو گوڏ ھوندي اٿن. نئين ٽھي جون ڪي ورلي اھڙيون ڇوڪريون ڏسبيون جن کي سھڻو سڏي سگھجي، سندن حياتي ٽڪر ٽاڪڻ مثل آھي، ويھن سالن جي عمر تائين پھچندي ڄڻ اڌ عمر کائي وينديون آھن.

منڇر ۽ اونھاري جي موسم
اسان منڇرڏاڍي سٺي موسم ۾ ڏٺي. اونھاري جو ھي جاءِ اھڙي گندي ھوندي آھي جو اھڙي ساري سنڌ ڪانه لڀندي ڇاڪاڻ ته پاڻي وقت کان بيٺل ھوندو آھي مٿان وري گرمي، تنھن ڪري ھتي ايتري بدبو ھوندي آھي جو ڪنھن ٻي بدبو کي جاءِ ملي ڪانه سگھندي آھي ۽ اونھاري جو سج جڏھن نيزي پاند تي اچي پھچندو آھي ۽ ڌرتي ٽامو بنجي ويندي آھي، بيٺل پاڻي سُڪي ويندو آھي ته ڏير، پن ۽ پاڻي جي گاھ جي پاڙن واري ڪاري گپ مان مڇر، عام مک، ريت مکي، ڀنڀوريون سنھي ڪت، مليريا جو مڇر وغيره لکن جي تعداد ۾ ڌاڙيلن وانگي ڪناري مٿان اچي ڪڙڪندا آھن. اُس ۽ گرمي ڪري منڇر ڀونچ سمنڊ جھڙي گرم ٿي ويندي آھي، جڏھن تيز جھولو لڳندو آھي ته بيٺل پاڻي ۾ ڇوليون پيدا ٿي وينديون آھن ان ڪري ايترو شور ٿي ويندو آھي، محسوس ائين ٿيندو آھي ڄڻ طوفان جو ڀوت رانڀاٽ ڪري رھيو آھي ۽ ھزارين شيطان ان پاڻي ۾ لڪيل آھن، ان موسم ۾ ٻيڙي تي چڙھڻ به ھڪ ڏچو ھوندو آھي. ان وقت ھن پاڻي جون لھرون، ڄڻ تھ سمنڊ جون لھرون ھونديون آھن. ھڪ قسم جي ڪاري وير ھوندي آھي، مٿان رڳو اڇي گجي، ھر ھڪ ڇولي جبل جيڏي ۽ ٻي ڇولي بلڪل الڳ ۽ نرالي، ننڍڙي ٻيڙي ته ھنن ڇولين لاءِ ڄڻ اُٺ تي وڄڻو، جنھن کي اونڌو ڪري کڻي گپ ۾ ھڻنديون. جيڪڏھن اوھان اھڙين طوفاني ھوائن ۾ ٻيڙي تي چڙھندا ته توھان جو ٻڏڻ نھايت خطرناڪ نموني جو ھوندو ۽ پوءِ ڪوسي پاڻي ۾ پيا غوطا کائيندا ۽ ڪير به بچائڻ وارو ڪو نه ھوندو. اھڙين تيز ھوائن دوران ٻيڙيون ڪناري پڳهه به ھڻي ڪو نه سگھبيون آھن، تنھن ڪري ٻيڙي پئي پاڻي ۾ ھلندي. توھان به ٻيڙي جي اڳيل ڏانھن منھن ڪري ويٺا ھوندا، ماڻھو ڄڻ پڇ ڇڙئي لاڏو اُٺ تي سوار ھجي. جنھن جي مھار ناڪيليءَ مان نڪري وئي ھجي. جيڪڏھن اوھان جا ڀاڳ ڀلا ھوندا ۽ اوھان جي وڏڙن جو ڪو ٽُڪر اگھاڻيل ھوندو ته ٺيڪ نه ته اوھان جي ٻيڙي جو ڇاڇر پاڻي ۾ تختو تختي کان الڳ ٿي ويندو. اوھان به خيرن سان پاڻي واري گاھ ۾ ڌو ڪندا، توھان ڪاري گپ ۾ صفا گچي ويندا. رڳو مُنڊي پئي ڏسبي، اتي ڪاري گپ ۽ ڪني پاڻي جي ڌپ ته ھوندي پر نڪ پاڻي کان مٿي ھوندو۽ اوھان کي سولائي سان ساھه کڻڻ جي سھولت ھوندي، يقين ڪريو اوھان ٻڏي ڪونه ويندا. ان وقت تائين تيز ھوا به بيھي ويندي ۽ ڪو نه ڪو بتيلو اوھان جي بچاءَ لاءِ اچي پرگھٽ ٿيندو.

( ( Richard Burton
Sindh the unhappy valley
مترجم . عطا محمد ڀنڀروLondon, 1st August.1851

پنھنجي پاران: ڪير آھي جو منڇر جي اکين ۾ نھاري ؟

منڇر، منھنجو ٽيون ناول آھي. منڇر جا هڪ نظم جهڙي هئي. جوھي، منڇر، کيرٿر، واھي پاندي، ڪاڇو، جين مندر، ڪميون ڇاپرو، ھي منھنجي اندر ۾ ھميشه ميگهه ملھار جي سمي جيان رھيا آھن. مان چاھيندو آھيان ته وقت به وقت اوھان سان انھن جو تعارف ڪرائيندو رهان، مون لاءِ ھي بيحد قيمتي آھن. آبي وسيلن ۽ تيرٿ ياترا جي پراڻي تاريخ وارو شهر جوھي ۽ منڇر ھاڻ پنھنجي اندر کان زخمي، ڪنجھي ۽ ڪرڪي رھيا آھن. انھن مٿان جيڪو گذريو آھي، بيحد تڪليفده آھي. گذريل ڪيترن سالن کان مون منڇر جي آلودھ ٿيندڙ پاڻي کي ۽ ان جي نتيجي ۾ غائب ٿيندڙ آبي حيات ۽ مُھاڻن جي متحرڪ زندگي کي گُم ٿيندي ڏٺو آهي ته سچ پچ ھڪ ندامت کان مان ھن جي اکين ڏانھن نھاري نه سگھيس. ھي نفرت جھڙي دشمني آھي، جيڪا رياست ۽ آمر دور حڪومت ۾ منڇر سان روا رکي وئي. ان کانپوءِ قطار در قطار منڇر جو سمورو حسن بدصورتي ۾ تبديل ٿي ويو، منڇر کي قدرت پنھنجي طرح سان ڊزائن ڪيو ته جيئن سموري آبي جيوت، سمورا انسان عزت جي زندگي گذاري سگھن. پکين پنھنجا آکيرا ٺاھيا ۽ ٻچن ڏانھن اھي سمورا گڻ ۽ ھنر منتقل ڪيا جيڪي انھن ھتي رھي سکيا، مھاڻا ٻيڙين جا گھر ٺاھي ضابطي سان رھڻ لڳا. مڇين جا سوين قسم جيڪي ڳڻپ ۾ نه ٿي آيا، بي پناھ آبي ٻوٽا، بهه پٻڻ، لوڙھ، ڪنول جن مان دلڪش خوشبو ٿي آئي. پوءِ ڇا ٿيو، ھڪ آمر جي فيصلي ان پوري زندگيءَ مٿان زھر ھاري ان کي (ويسٽ ڊرين) گندي ۽ زھريلي پاڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ڏسندي ڏسندي مٽي پاڻي جي سموري تھذيب کي آلودھ ڪري تباه ڪري ڇڏيو. آمر، شايد انسان ناھن ٿيندا. ھنن ۾ زندگيءَ ڏانھن ڪو احساس ناھي ھوندو، ان ڪري به شايد پوري دنيا ۾ ناپسند ۽ بدترين سمجھيا وڃن ٿا. جنرل مشرف، جڏھن نارا ڊرين جي ذريعي پنجاب جي ويسٽ ۽ زھريلي پاڻي کي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته منڇر ان حادثي کانپوءِ وري ساھ نه کڻي سگھي آھي. تاريخدانن، رائيٽرس، آبي وسيلن جي ماھرن جي ڳالهه ھڪ آمر ڪيئن مڃيندو ۽ نه وري انھن مھاڻن کان ڪا راءِ ورتي وئي. ھي دراصل نا انصافي ھئي ۽ ان کان به وڌيڪ ھي منڇر جو اجتماعي قتل ھو. جي ڏسجي ته اڄ تائين آمر جنرل مشرف ڏانھن اھو حساب رھيل آھي، ھن پنجاب جي چند زميندارن ۽ رٽائرڊ جنرلن جون زمينون بچائڻ لاءِ قدرت جي ھڪ حسين ماڊل کي ختم ڪري ڇڏيو. ڪھڙي خبر ڪھڙي وقت ان سان ان ڏوھ جو حساب ٿئي، پر ھاڻ دنيا جي ھن بيحد خوبصورت ڍنڍ کي وري جيئڻ لائق بنائڻ لاءِ ڪن متحرڪ ۽ مضبوط فيصلن جي ضرورت آهي،
نارا ڊرين کي ويسٽ ڊرين بجاءِ فريش واٽر سپلا ءِ ڊرين ڪيو وڃي ۽ منڇر تي مھاڻن جي حق کي تسليم ڪيو وڃي.
مونکي خبر ناهي ته منھنجو ھي ناول “منڇر” منڇر کي گُم ٿيڻ کان بچائي سگهندو به يا نه پر ان لاءِ شعور کي وڌائڻ ۾ مددگار ضرور ثابت ٿيندو. ناول جو مُھاڳ لکڻ لاءِ سنڌ جي بيحد متحرڪ ۽ ڪميٽيڊ سائين محمد علي شاھ جو نھايت ٿورائتو آھيان ۽ انھن دوستن جو به جن ناول تي پنھنجا رايا لکت ۾ موڪليا. سائين دين محمد ڪلھوڙي جو بيحد شڪرگذار آهيان جنهن بيحد توجهه سان پروف ڏٺا.پنهنجي عزيز دوست اياز ابڙي جو به شڪر گذار آهيان جنهن ناول کي ڇپائڻ لاءِ حامي ڀري
احمد سولنگي، لي آوٽ ڊيزائن ڪيو، مصطفي ميراڻي، اڪبر ميراڻي جا وڏا وڙ، جن وقت به وقت منڇر جي متعلق ڄاڻ پئي ڏني آهي.

منظور ٿھيم
حيدرآباد

1. منڇر، قدرت جي گوپ ليلا

منڇر مٿان سج جلدي اڀري، ڇاڪاڻ ته منڇر صبح سوير جاڳڻ جي عادي آهي. ھڪ عجيب ۽ بي حساب حرڪت ۽ خاموشي واري پوري رات گذرڻ کان ھڪدم پوءِ منڇر پنھنجن خيالن، رنگ، ٻولي، خوشي،غم، جيئڻ، مرڻ، اُڏرڻ، ترڻ، مرتبي، فن، مڇي، ٻيڙي ۽ مھاڻي، جي صورت ۾ جاڳي پوي ٿي. منڇر جا سمورا رنگ، ھزارين اکيون، ۽ آواز ھڪ ئي وقت متحرڪ ٿي وڃن ٿا. هي هڪ ٻئي کي ڌيان سان ٻڌڻ کانپوءِ سچ پچ زندگيءَ جا انوکا تماشا ڪن ٿا. هو ڄڻ ڪيترن گهڙين جي خاموشيءَ کان آزاد ٿي ويا هجن، رس ڀريي آواز سان هي پنهنجن پيرن، پَرن، ڳچي، اکين جي اشارن، سموري جسماني ڪيفيتن کي هڪٻئي سان جوڙي هم آهنگ ڪري ائين نچن ۽ ڪُڏن ٿا ڄڻ منڇر ڳائيندي ھجي ۽ ھي رقص ڪندا ھجن.
ڪيترا پکي ته پنهنجي وزن ۾ ايترا ننڍڙا آهن، جو انهن کي تلاش ڪرڻ به مشڪل ٿئي ٿو. پر هو ڳائين ٿا ته ڪائنات رقص ڪري ٿي. هو ڳائيندي ڳائيندي جوش ۾ ڀرجي وڃن ٿا، پوءِ سڀ هڪ ئي وقت ڳائڻ شروع ڪن ٿا. ڄڻ سندن ننڍڙي نازڪ دل کي ڳائڻ لاءِ ڪا ڳالهه مجبور ڪندي هجي. بلڪه ھي پاڻ کي اتم سنگيت جو وڏو ڄاڻو سمجھندي ڳائيندا وڃن ٿا، وري ڪيڏي مھل ڪيتريون گھڙيون خاموش رھي ٻين کي پيا ٻڌنڌا. حقيقت هي آهي ته منڇر پنهنجي سُر ۽ ساز سان ۽ انهن رولاڪ روح وارن پکين، مڇين، کيرٿر، ۽ مُھاڻن ڪري ساه کڻي ٿي.
پري کان نظر ايندڙ کيرٿر جون چوٽيون، کاٻي کان ڀڳي ٽوڙھي جا جبل ۽ ساڄي ڪپ کان سنڌو جو ڪنارو. پکين ۽ مڇين لاءِ پن، ٻوڙا، ان جي وچ ئي وچ ۾ صدين کان قائم آھي منڇر. جي ڏسجي ته منڇر مُھاڻن، پکين ۽ مڇين جي مختلف قسمن لاءِ ھڪ قسم جي شاندار پناھگاھ ۽ چراگاھ آھي. دنيا ۾ موسمي بدلاءُ سبب سياري جي موسم ۾ جڏهن سائبيريا مٿان برف جو راڄ قائم ٿي وڃي ٿو ته هي مسافر روحن وارا پکي منڇر مٿان وراڪو ڪري لهن ٿا ته ڄڻ رڌم ، سُر، رقص، بقا، يقين، تعمير، وجود ۽ عدم وجود جهڙا خيال منڇر ۾ جمع ٿي وڃن ٿا. ڪيترا ئي عڪس هڪٻئي پويان ڄڻ ترندا تڙڳندا رهن ٿا، ۽ زور زور سان پنهنجي ڳلي مان سر ڪڍندا، ڪجهه بانسري جهڙا، ڪجهه تاڙي جي آواز جهڙا، ڪجهه آبشار جي پاڻي جهڙا، ڪجهه پٿرن جي ڪرڻ جهڙا، ڪجهه ٻارڙن جي آواز جهڙا، ته ڪجهه پراڻي دهل جي آواز جهڙا. تڏهن منڇر جي شفاف پاڻي مٿان ڄڻ آوازن جو هڪ ميلو مچي پوي ٿو، تيز هوا ۾ ته اهي آواز بوبڪ جي گهٽين تائين به ٻُڌي سگهجن ٿا.
آڙي، نيرڳ، ڊگوش، ڪونج، ڦاراھو، رتبو، پيڻ، ڏوريو، پرھاڙو، ڪھنگ ۽ ٻيا ڪيترا پکي منڇر کي پنھنجو گھر سمجھن ٿا. ان ڪري منڇر جي اصل سڃاڻپ پکي ئي آھن، جيڪي ھن سان پورو ڏينھن رقص ڪندا، ھن سان ڳائيندا رھن ٿا. ھي پنھنجن مختلف خوبين ۽ خاصيتن کان سڃاتا ويندڙ پنهنجي مان ۽ مرتبي جو احساس ڏيارڻ لاءِ زور زور سان آواز ڪڍي، هڪٻئي جي وجود جو احساس ڏياريندا رهن ٿا. ايتري تائين جو اڪثر خاموش رهندڙ پيڻ پکي، به سر ملائي پنهنجي مان مرتبي جو احساس ڏياريندو پرن کي ڦڙڪائيندو رهي ٿو. هي منڇر جو اُتم سنگيت آهن، جيڪو هر صبح روزانو نئين طرح سان ڳايو وڃي ٿو ۽ ڪيترن صبحن جي تازگي کي امر بنائي ٿو. ھڪ نظم ۾ منڇر جي منظر ڪشي ڪجهه هن طرح سان ٿيل آهي.
منڇر،
بيشڪ، اھا روشن صبح جي موسم آھي
ڪجهه گرم، ڪجهه سرد
انڊلٺ جي رنگن جھڙا عڪس.
آڙي، نيرڳ، رتبو، ڪونج، ڪانئرو، ٽھڙ، کيتاڻي،ڪاز، پيئڻ،
راکي، پھوڙي ھنج، ٿورھانڊو، ڊگوش، ٻوليار، ٻرڻو، ڦاراھو،
هڪٻئي جي پويان لهندا نروار ٿيندا وڃن ٿا.
جوش ۾ ڀريل آواز
انهن جي حسن کي وڌيڪ نکاريو ٿي،
منڇر، ھڪ تھذيب ۽ تمدن
جنھن پنهنجي چهري جا سموار وصف ۽ اهي سموريون موسمون.
بهار سرءُ سيارو اونهارو
ندين ۽ نئن جو پاڻي
۽ مينھن جي هڪ هڪ ڦڙي کي حفاظت سان سانڍيو،
ته جيئن قدرت پنھنجي عظمت سان قائم رھي.
گهرين ڳاڙهين ٽنگن وارونيرڳ، نرڙ تي سفيد نشان واري آڙي، ڳاڙھي چھنب واري لاکي، پنھنجي پنھنجي ڪٽنب جي ڀر ۾ لھندا سڌا بيھي آواز ڏيندا ھڪٻئي جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا.
موراکي،
جنھن کي قدرت ججهي تعداد ۾ پيدا ڪيو.
ائين ٿي پاڻي کان ٻاھر اڇليو، جيئن ڪي ماڻھو ھڪ ئي وقت در جا تاڪ کولي ٻاھر اچن.
مُھاڻن جون نيريون، ناسي اکيون.
ڪنھن ڌاڳي جيان مڇين ۽ پکين سان ٻڌل آھن.
مياڻي جا سمورا پاڙا،
ديال ۽ شيشم جي ٻيڙين تي ويٺا، بيحد سرد ڪوھيڙي واري موسم تي ڳالھائي رھيا آھن.
منڇر جو ٿڌو نيرو پاڻي،
قدرت پنهنجي مضبوط خيال ۽ مضبوط نظام تحت،
هزارين سالن کان کيرٿر جي پھاڙن کان وھائيندو اچي.
ته جيئن پکين ۽ مڇين جو راڄ قائم رھي،
ته جيئن ھزارين گوپيون سندن بدن تي ريشم ۽ پشم جھڙا سفيد ناسي وڳا پھري،
منڇر جي چئني پاسن کان رقص ڪندي لهن.
۽ ڪاٺ جون ٻيڙيون به
خشڪ پنن جيان پاڻي مٿان ترنديون رهن.
ويڪري چهري ۽ پڪي رنگ واري مُھاڻي
ٻيڙي جو چپو هلائيندي، منڇر تي پنهنجا ڪجهه عڪس چٽي ٿي،
جيڪي هڪ سو ڏيئن جي روشني کان به وڌيڪ روشن آهن.
ٻيڙين ۽ بتيلن جي هن شهر ۾ ،
ٻه ٻه چوٽيون ڪيل مُهاڻيون
ميندي ۽ مُساڳ جهڙي ملندڙ جلندڙ خوشبوءَ سان
ڪنول جي گلن مان گذرن ٿيون،
تڏهن منڇر سفيد ناسي بادلن جهڙي چادر اوڍي
هڪ راز ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.

2. ماڻڪ مُھاڻو

اھو جنوري جو پويون سرد ۽ ڪوھيڙي وارو ڏينھن ھو، ائين جيئن منڇر ڪنھن ٻاف جي طوفان ۾ گم ٿي وئي ھجي. مُھاڻا بيتابي مان انتظار ڪري رھيا ھئا ته ڌُنڌ ھٽي ته ھو پنھنجا بتيلا ڪاھي ھلن. انھن کي پنھنجا ڪم ياد آھن، پوئين ڏينھن وارو ڪم مڪمل ڪرڻو ھو. ھنن کي ڏاڍي دير ٿي رھي آھي. ماڻڪ ٻيڙي جي تختي تي ليٽيو، پري کان پکين ۽ مھاڻن جا آواز ٻُڌڻ ۽ انھن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر هن صرف آواز ٻڌا ٿي انهن کي ڏسڻ جي ڪوشش جي باوجود هن کي هر طرف کان ڌُنڌ ٿي نظر آئي، ھي پوءِ اھا ڪوشش ڇڏي پنھنجي زندگي جي ڪيترن ئي پھلوئن تي سوچڻ لڳو.
ھي جيئن جيئن وڌيڪ سوچڻ لڳو، ھن کي پنھنجي دل اندر شديد غم جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو. غم جو اھو احساس کيس خاص قسم جي پريشاني پيدا ڪري رهيو هو. تازو ئي ھن ڪالهه پنھنجي وڏي پُٽ سومار کي گاريون ڏيندو ڀاڪر ۾ ڀري ٻيڙي کان پاڻيءَ ۾ کڻي اڇليو، سومار اهڙي آفت مان تري ٻيڙي تي آيو، پر پوءِ هي ساڳي ڳالهه ورجائڻ جي بجاءِ خاموشي سان ٻيڙي جو چپو هلائڻ لڳو.
ھڪ مُھاڻي جي زندگيءَ ڇلُر ۽ ڇٽ کان اڳتي ڪجهه به ناھي، تون اھڙي حياتي گذارڻ چاھين ٿو ته ڀلي ائين ڪر، پر مونکي پنهنجي رستي وڃڻ ڏي. سومار، زور سان رڙيون ڪري ماڻڪ کي چئي رھيو ھو.
اھا تنھنجي بي سمجھي آھي، ڇاڪاڻ ته اھي سموريون شيون جيڪي تون شهر ۾ رهي حاصل ڪرڻ چاھين ٿو ڪڏھن به حاصل ڪري نه سگھندين. تون پاڻي جو ماڻھو آھين پاڻي کان پري نه وڃ. ماڻڪ کيس سمجھائڻ لڳوھئس.
شهر ۾ تنھنجي حيثيت ھڪ پائي برابر به ناھي، هڪ مُهاڻي جي بلڪل مختلف دنيا آهي، تون پنهنجن وسوسن کي قابو ۾ رکندين ته توکي منڇر جو قدر ٿيندو. اسان کي پنهنجي عمر جي حيثيت سان ان وقت تائين صبر سان ترسڻو پوندو، تنهن کانپوءِ ئي تون منڇر کي سمجهي سگهندين. پر سومار، ماڻڪ جي ڳالهه کي سمجھڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪئي، سومار کيس بار بار ائين چئي رهيو هو ته هو شهر وڃڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي مرضي جي زندگي گذارڻ چاهي ٿو. اهڙي حالت ۾ ماڻڪ ڪاوڙ مان سومار کي گاريون ڏيندو ڀاڪر ۾ ڀري پاڻي ۾ کڻي اڇليو.
مڇي، ٻيڙي، ڇٽ ڇلر، پوري ڏينهن جي اها رياضت ڇا هن کي ڪيترن ماڻهن کان مٿانھون ڪري بيھاري ٿي؟ ماڻڪ، سومار جي ڳالھين تي سوچڻ لڳو.
هي زمين تي جنھن سرسبز گلستان جي تلاش ۾ آھي، منڇر کي ائين ڇو نه ٿو ڏسي. ماڻڪ، سومار جي ڳالهين کي ياد ڪندو پاڻ سان خود ڪلامي ڪرڻ لڳو
مان ته ڪڏھن به زمين جي زندگيءَ مان متاثر نه ٿيو آھيان، نه پاڻي واري زندگي مان ڪڏھن بيزار. ماڻڪ پاڻ کان سوال ڪري ٿو. هو زمين تي هيرن جواھرن جيتري دولت ڪمائڻ چاھي ٿو، خوبرو ڇوڪرن مٿان خرچ ڪرڻ لاءِ. هو شھر جي حسين ڇورين تي مدهوش ٿيڻ چاھي ٿو، ڪو مسخرو ئي ائين چئي سگھي ٿو ته مُهاڻيءِ جي جسم مان ڇٽ ڇلر جي ڌپ اچي ٿي. ظاھر آھي ته ھو پنھنجن ذميوارين کي صداقت سان نڀائين ٿيون. ھن جي ماءُ به مُھاڻيءِ آھي، جنھن پاڻ کي منڇر جو ائين حصو ٺاھيو، ڄڻ منڇر انجي اولاد مان وڏي ڌيءَ هجي. هن بردباري سان پنھنجي طويل غم کي برداشت ڪيو، پنھنجي ڏک سور کي لڪايو. روئڻ پٽڻ خاص ڪري ھي حالت زالن ۾ عام هجڻ جي باوجود هن ان حالت کي وساري ڇڏيو. ماڻڪ پاڻ سان ڳالھائيندو، پنھنجن سوالن جا پاڻ جواب ڏيندو رھي ٿو. ماڻھو جڏھن اڪيلائپ محسوس ڪندوآھي، ته خود ڪلامي ڪندو آھي. ماڻڪ مُھاڻي سان به ڪجهه ائين ھو.
مُھاڻو، زمين لاءِ ٺاھيو ئي ناھي ويو، ماڻڪ، اڃان تائين ڪوھيڙي ۾ گھيريل پنھنجي بتيلي تي ويٺو سوچي رھيو آھي. ھن کي ياد آيو شھر جون تنگ ۽ تاريڪ ڳليون ۽ ٻارن پٺيان ڊوڙندڙ ڪُتن جا ولر، جتي انسان جي قيمت موراکي کان به گھٽ آهي. ماڻڪ شھر جي ڳالھين ۽ واقعن کي حقارت مان ياد ڪري ٿو. ڪوھيڙي جو زور ٽٽڻ باوجود، ماڻڪ ساڳي جاءِ تي ويٺو آھي. ھن منڇر ڏانھن نھاريو، جنھن جو مٿاڇرو صاف ٿيڻ لڳو آھي. منڇر ھن سان وفا ڪئي، ھن جي ڌڪاريل وجود کي سھارو ڏنو. مهربان، وفادار دوست جيان غم ۽ خوشي جو سھارو ٿي. بهترين استاد ۽ همراز به جيڪا ڪيترن رازن کي پوري حياتي پوشيده رکڻ وارن مان آهي. ماڻڪ کي ھاڻ سومار تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، جنھن منڇر جي رتبي کي پنھنجي ڌيان ۾ ئي نه آندو

سومار پاڻي جي شهر کان پري نه وڃ .

سرد خاني کان ٻاھر مُھاڻن جي رش آھي، جتي هرڏينهن نوان داستان ۽ واهيات ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون ماڻڪ پنھنجي مڇي ٺيڪيدار جي حوالي ڪري پتڻ کان ڪجهه پري ٿي بيٺو.
مان ڄاڻان ٿو، مونکي سڄي حال جي خبر آھي، سومار مونکي سڀڪجهه ٻڌايو آھي ته ڪالهه تنهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ڇا ٿي گذريو . هو منهنجو دوست آهي. مونکي ان جو بيحد ڏک ٿيو آهي. ساجن مھاڻو، ماڻڪ کي اڪيلو بيٺل ڏسي کيس چوڻ لڳو.
پوءِ تو ڪونه سمجھايس، ماڻڪ ڏک جھڙي مليل جليل ڪيفيت مان ساجن کي چيو.
ھي شھر جي زندگيءَ گذارڻ چاھي ٿو ته، تون ان لاءِ رڪاوٺ ڇو ٿو بڻجين. ساجن، ماڻڪ کي سمجھائڻ لڳو.
مونکي ان جو ڪيترو ڏک ٿئي ٿو، جڏھن ھي شھر وڃي آباد ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ماڻڪ وراڻيو. سومار جي ماءُ چوندي آھي ته سومار، شيخ ڌمڻ پير جي ڪرامت ڪري موٽي مليو ھو. هن جي بيماري ڪنهن ڊاڪٽر کي سمجهه ۾ نه ٿي آئي، سُڪي ڪنڊو ٿي ويو هو، سندس ماءُ هئي پوري رات شيخ پير ڌمڻ جو پلئو پڪڙي ويهي رهي، صبح تائين. جيڪڏھن سومار شھر ھليو ويو، توکي خبر آھي ته هي رڙيون ڪري روئيندي رهندي. هي جيڪي اسان پاڻي مٿان ٻيڙين جا شهر اڏيا پوءِ هي ڪهڙي ڪم جا. سومار پاڻي سان پنهنجو رشتو مضبوط نه ڪري سگهيو ته شهر وڃي ڪهڙو رتبو ماڻيندو. منڇر ته ڇورا ٻار به پالي ٿي، ان ڪري ئي ته منڇر جا مُھاڻا نھايت دل جي گھرائي سان پاڻ ۾ جڙيل آھن. ماڻڪ ڳالھائيندي خاموش ٿي ويو.

مان وري پير جو پلئو پڪڙيندس.

اھڙيءَ حالت ۾ ماڻڪ پاڻ کي ڪنھن قلبي بيچيني ۾ مبتلا ڪرڻ جي بجاءِ، پنهنجي روح کي توانو رکڻ لاءِ چوڏهين جي رات پنهنجي آرٽ جي شاهڪار ڪٽار تي شيخ پير ڌمڻ ڏانھن روانو ٿئي ٿو. ماڻڪ خيال ڪيو ته هن ڪالهه جوش ۾ سومار سان جيڪو ڪيو ان کانپوءِ هن کي اڪيلو ئي شيخ پير ڌمڻ ڏانهن وڃڻو پوندو پر ماڻڪ ڏٺو ته سومار ڌوتل وڳو ۽ پيرن ۾ سليپر پايو هن اڳيان تيار بيٺوآهي. جيتوڻيڪ هي خاموش هو، سندس چهرو ٿڪل ۽ ڪمزور ٿي نظر آيو. سندس پيشاني تي گذريل ڏينهن جي واقعي ڪري هلڪا گهرا گُهنج نظر آيا ٿي. منڇر جي مهاڻن جي زندگي ۾ چوڏهين جي رات ۽ شيخ پير ڌمڻ ائين شامل آهن جو ڪهڙي به واقعي جي باوجود چنڊ جي چوڏهين، سموريون مياڻيون شيخ پير ڌمڻ تي گڏبيون آهن. جتي هي جهومندا ڳائيندا، ڪاروبار ڪندا، قصا ڪندا، لافون، ڊاڙون ۽ هڪٻئي کي گاريون ڏيندا، ٽھڪ ڏيندا رھندا آھن. ان هُل هنگامي کي زندگي جو لازم حصو سمجهي ان ۾ شريڪ ٿين ٿا.
تنھنجي ماءُ بيمار آھي، ماڻڪ خاموشي ٽوڙيندي سومار ڏانهن نهاريندي چيو. سڄو ڏينهن بخار ھوس ۽ دانھون ڪندي رھي. پر شام جو چنڊ ڏانهن نهاريندي ڄڻ سندس روح ۾ هڪ قسم جي خوشي پيدا ٿي ويس، چوڻ لڳي ته برڪتن واري پير ڏانهن مان به هلندس. سومار جي نگاھ ھڪدم ماءُ ڏانھن کڄي وئي. سندس چھرو ائين ڏسڻ ۾ آيو، جيئن ڪيترن ڏينھن کان اوجاڳيل ھجي. ھن کي ياد ٿي آيو ته ھو ھميشھ جڏھن پتڻ کان موٽندو هو ته امڙ ھن جي انتظار ۾ ويٺي رھندي آھي، ھن لاءِ مڇي جو پلاءُ ۽ بهه پچائي رکي. ھي ته ھن کانسواءِ ھڪ گرهه به وات ۾ ناهي وجھندي.
مون انھن ڳالھين کي وساري ڇڏيو آھي، سومار ملامت واري ڪيفيت ۾ سوچي ٿو.
امان توکي بخار آھي ته آرام ڪرين ھا، سومار جو آواز ماءُ کي ائين ٻڌڻ ۾ آيو جيئن ھو ھميشه چوندو آھي ته پاڻيءِ جي زندگي ڪھڙي آھي. ساڳيا ماڻھو ساڳيو پتڻ.
مونکي ڪو بخار ڪونھي، منھنجي وھمي حالت ٿي وئي آھي. تون عقل جون ڳالھيون نه ٿو ڪرين، چڱو ائين آھي ته تون مونکي ٻڌاءِ، تنھنجي ھتي دل ڇو نه ٿي لڳي. تنھنجي ۽ تنھنجي پيءُ جي وچ ۾ جيڪو ٿيو، ان تي پورو راڄ کلي ٿو. يقين رک مان ائين نه مرندس پر جي تو منڇر ڇڏي ته مري ويندس. منهنجا هي آخري لفظ اٿئي. ڇاڪاڻ ته تو ۾ منهنجو ساه آهي. تون شھر وڃي جو کم کڻندين، ڏوھاري ٿيندين، مون ان لاءِ پير جو پلئو پڪڙيو ھو. ھاڻ مان ٻي ڪنھن ڳالھه تي نه ڳالھائيندس، تون ان ڳالهه کي وساري ڇڏ، يا ھو سامھون پير ڏسين ٿو، مان ان جو وري پلئو پڪڙيندس ته جيڪو تو ڏنو، واپس وٺ.

3. کير ٿر، هڪ سنگيتڪار جو جنم

جوئر ۽ ٻاجهر جا فصل جتي ختم ٿين ٿا، کيرٿر جا سفيد پهاڙ اتان شروع ٿين ٿا. هن جي صورت ائين آهي جيئن ڪو پوڙهو، آزاديءَ جي جنگ جا داستان ٻڌائيندو ٻڌائيندو سمهي رهيو هجي. هتي ڪي به چوٽي وارا پهاڙ ناهن پر پاڻي جي لهرن جهڙا پهاڙ آهن. قطار در قطار جن مان اُٺن جي قافلن ننڍڙا ننڍڙا رستا ٺاهي ڇڏيا آهن، جيڪي پري کان ڪنهن لڪير جهڙا نظر اچن ٿا. انهن سمورن رستن مان ڪيترا قافلا روزانو گذرن ٿا، اهي به جن جي گڏهن تي پيش جا فرها ٻڌل هوندا آهن ۽ اهي رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ به جيڪي چراگاهن جي تلاش ۾ روز جو سفر ڪن ٿا ۽ اهي به جن جي اٺن جا چڙا رات جي خاموشيءَ ۾ عجيب ترنم پيدا ڪن ٿا. کيرٿر کي پنهنجي عجيب رونق آهي. هي بظاهر شانت رهڻ جي باوجود پنهنجي اندر هڪ عظيم سنگيتڪار جو روپ رکي ٿو، جيڪا ڳالهه هن کي سڀني ۾ نمايان ڪري ٿي. آبشارن جي صورت ۾ ڪرندڙ پاڻي، آءِ بيڪس جا جُهنڊ، چانڊوڪي ۾ چڪور جو رقص ۽ رڙيون، قدرت پاران جوڙيل تلاءُ انهن تي سج جي روشني جا ڪرڻا ۽ اندر نظر ايندڙ مڇين جا قسم جيڪي ڳڻي ۽ سڃاڻي سگهجن ٿا. مختلف قسم جي هڪ سو کان وڌيڪ پکين جا قسم انهن جو ترنم سان آواز رات ۾ ستارن جو جلوس ۽ پري کان ڳاڙهي ٽٻڪي جيان نظر ايندڙ باهڙي، انجي چوڌاري ويٺل لاڏائو قبيلو. ھي آهي کيرٿر جو سنگيت .
زندگي جا اصول ھتي اهڙي آساني سان سمجهايل آهن، جو قدرت جو هي منڊل پنهنجي فڪر ۾ ڏاهپ، سمجهه ۽ طاقت ۾ بلڪل به انوکو ۽ عجيب لڳي ٿو. منڇر کي کير ٿر جي پهاڙن کان پاڻيءَ ملي ٿو، هتان کان نئين جي پاڻي ۾ ٺهراءُ ۽ اڪڙي جي گلن جي خوشبو شامل ٿئي ٿي ۽ خاموشي جو سنگيت به جنهن ۾ هزارين ٻولين جو ترنم شامل آهي. هي سڀ منڇر جي متحرڪ زندگي جون بنيادي شڪليون آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ائين هم آهنگ آهن جو هنن مان ڪنهن کي به ڇني ڌار ڪجي ته پورو نظام درهم برهم ٿي وڃي. هي هڪ ٻئي لاءِ لازم آهن، هي قدرت جي عظيم منصوبه بندي جو حصو آهن. کيرٿر، راڳ رنگ، رقص، جنگ، امن، شاعري، عشق ۽ جرئت جو ديوتا آھي. هي طويل پهاڙي سلسلو، جنهن جو هڪ ڇيڙو ڏور بلوچستان، ايران تائين ڦهليل آهي ته ٻيو ڇيڙو سنڌ جي سامونڊي ڪنارن اندر تائين وڃي ٿو. کيرٿر متحرڪ پهاڙ آهي، ڇاڪاڻ ته هي زندگي سان ڀرپور آهي. هميشه جيان هن جي ڪنارن کان هزارين اُٺن جا قافلا گذرن ٿا. اُٺن جي ڳلن ۾ ٻڌل چڙا رات جو جڏھن پھاڙ وڌيڪ گھرا، ٿڌا ۽ وڌيڪ خاموش ٿين ٿا، هڪ عجيب ترنم پيدا ڪن ٿا، جن جو آواز پري تائين صاف صاف ٻڌڻ ۾ پيو ايندو. ان عجب جھڙي گھڙيءَ ۾ وري پري کان لاڏائو قافلن جي ٻاريل باهڙي ائين نظر ايندي، جيئن ھزارين گوپيون ھڪ ئي وقت زمين تي رقص ڪري رھيون آهن. رات جو هر طرف ننڍيون ننڍيون بستيون آباد ٿي وڃن ٿيون، وچ ئي وچ تي الاءُ روشن ٿي وڃي ٿو. سليماني چانهه پيش ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ دنيا جي پراڻن نظرين ۽ زندگي جي مختلف موضوعن تي ڳالهايو وڃي ٿو. رکي رکي اهي لوڪ گيت به ڳايا وڃن ٿا، جيڪي نسل در نسل انهن ۾ منتقل ٿيندا آيا آهن، جنهن ۾ کيرٿر جي بلندي، جنگي جوڌن، عشق، فراق ۽ قبيلي جي وڏائي بيان ڪئي وڃي ٿي. هي پوري رات ڳائي، تنبورو، سارنگي وڄائي پنھنجي اندر جي ڳوڙهن کي، خشڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. محفل جا شريڪ دل جي فراست مان کين داد ڏيندا رھندا آھن. ساز وڄائڻ وارو جنهن ڪيفيت مان سنگيت ڇيڙي ٿو، ان سان انجو روح کيرٿر جي فضائن ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو. جيڪا ڪيفيت گوتم ٻڌ جي ان سک وتي جي هوبهو ھوندي آھي، جنهن ۾ ماڻهو جو جسم به انجو ناهي رهندو. ڪي ته پوري رات ڳائيندي ڳائيندي، سرن جا ورلاپ ڏيندي ڏيندي صبح ڪري ڇڏين ٿا. سفر، زندگي جي ڪيترين شين کي ضروري ۽ غيرضروري بنائي ڇڏي ٿو، هڪ وقت اچي ٿو، جڏهن انسان پاڻ کي بي معني سمجهي ٿو، سمورو سفر اجايو لڳي ٿو. پر تڏهن وري انسان جو چهرو ٻهڪي پوي ٿو جڏهن کيرٿر سان همڪلام ٿئي ٿو. سندس جي چهري جون ڪيتريون چميون روشن ٿي پون ٿيون. منڇر کي پاڻي ڏيندڙ گاج، انگئي، نئنگ، ڪائي، کيرٿر کي پنهنجن ٻانهن ۾ ڀري رکيو آهي. جنهن جي تازگي ڏور سنڌ جي وارياسي ۽ لٽاسي زمين کي گل، ٻوٽن، ميون جي رنگ ۽ رس سان سرشار ڪري ٿي ۽ تهذيب ۽ تمدن جا روپ ڏئي ٿي. مقامي داستان گو پنهنجن قصن ۾ کيرٿر کي ڇُري جي ڌار وانگر تيز رکن ٿا. کيرٿر جا بيحد سادا پر شڪَي ماڻهو ٻين ڪيترن لاءِ عزت ۽ محبت سان گڏ گمان به رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته جابلو زندگي پٿرن ۽ پهاڙن جي اوٽ کان شروع ٿئي ٿي، پوشيده رهي ٿي، بيرحم حيوان جيان حمله آور ٿئي ٿي. ان ڪري کيرٿر جا ماڻهو مهمانن جي هٿن کي چمڻ سان گڏ، انهن جي قدمن جي آهٽ تي به نظر رکن ٿا. هنن قدرت اڳيان پنهنجو سر هميشه نوائي رکيو.
جي ڏسجي ته کيرٿر هڪ منصف جيان زمين جي قديم ۽ آڳاٽن قبيلن، ذاتين ۽ جيوت کي اهو سڀڪجهه ڏنو جيڪو انهن چاهيو. جنهن جو هن ڪڏهن حساب نه رکيو، عقل ڏنو، روشني ڏني، محبت ڏني، حفاظت ڏني ۽ خزانه به ڏنا ته جيئن انسان ڪنھن نئين ڏينھن جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏئي سگھي.
کيرٿر جا سفيد پھاڙ
پاڻي سان ڪيڏا نه ڀريل آھن،
ڪيڏا نه پاريھل، تتر، ڳاني ڳيرا، ٻاٻيھا،ڪوئل، ھُد ھُد، ڪاٺ ڪٺو، ھوڙيو، ڇاپاڪو، ملھايو، وھيو، سيسي، چڪور ۽ ڪيڏي نه ھوا آھي.
ڪيڏا نه ڪھو، ڪسير، انجير، بادام، ڏاڙھون، ڊامڻ، کيريو، روھيڙو، کٻڙ، کاھوڙ جا وڻ آھن،
۽ لونگي ۽ اڪڙي جا نيرا ۽ سفيد گل به،
جن ۾ يقين ۽ انتظار جا پوشيده پل سمايل آهن
جن جي خوشبو سان کيرٿر جھومي ٿو.
کيرٿر!
اسرارن ۾ پوشيده
صدين کان ھميشھ انتطار، فراق، ميلاپ ۽ وفا جي ڪيترن گھڙين کي
پنھنجي ساھ ۾ سانڍي رکي ٿو،
ته جيئن پنھنجي بيقرار روح کي محبت جي طاقت ڏئي
۽ پاڻ کي محفوظ رکي
انھن کان جن پوءِ انسانن کي تلوارن سان پئي ماريو
کيرٿر، انھن ننڍڙن ساھ وارن سھڻن پکين
لاءِ پاڻ کي سفيد مجسمن جھڙو تراشيو
ته جيئن ھو ڳائي رقص ڪري. سگهن
ائين جيئن ڪيلاش پربت تي پاروتي آڏو شِو َ رقص ڪري ٿو.
کيرٿر! پاڻ کي محبت جي ڪيترن ئي ڌاڳن سان ڳنڍي رکيو آهي.
اھي سمورا آشرم جن جا گهنڊ خاموش آھن
انھن قدمن جي آھٽ ڏانھن اڄ به نھاري ٿو جن جي ھٿن ۾ چنبيلي جا گل ھئا.
ھي ماڻھو!؟
جنهن پوءِ تيل، گيس، پٿر جي تلاش ۾ پھاڙن ۾ آرامي،
اسان جن پُرکن جي هڏن کي به ڪڍي ٻاهر اڇليو.
ھي فطرت سان ناٽڪ ڪرڻ لاءِ سوچي ٿو ته ڪيڏو ننڍڙو لڳي ٿو.
هو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي جنون ۾
زندگي جا سمورا در بند ڪندو وڃي ٿو.
خدا
جيڪو زندگي کي طاقت ڏئي ٿو.
پهاڙن تي انجير جا وڻ لڳائي ٿو
۽ گل لالا به
جنهن جي مهڪ پوري کيرٿر کي مهڪائي ٿي
۽ سياري جي طويل راتين کانپوءِ
سج کي اڀاري ٿو
ان جي حڪم سان جڏهن آسمان کان پاڻي ڪري ٿو
جيڪو مشاڪ، گاج، نلي، انگئي، تڪي، سوري، سول، ھليل، نيئنگ، نگھاول، لوڻي، ڪائي، ٻنڌڙي، جھانگير نئين ۽ ندين ۽ آبشارن جي صورت ۾ هيٺ ڪري ٿو ته
کيرٿر شفاف پاڻي ۾ بدلجي وڃي ٿو.
تڏھن کيرٿر روحاني عھد، طاقت ۽ اقرار بنجي وڃي ٿو.
جتان کان منڇر جي اُتم ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي.

4. پيسينجر _1930

پيسينجر ٽرين ڀڳي ٺوڙهي جبل مان گذرندي، ڪاغذ تي لڪير جيان ٿي نظر آئي، جيڪا ور وڪڙ پار ڪندي اڳتي وڌندي پئي وئي. جيتوڻيڪ هن جي رفتار ڪا گهڻي تيز نه هئي، پر هن جي منهن جو هڪ پاسو ڄڻ جبل جي قطار کان گسڪندي پئي ويو. بلڪل جبل سان لڳو لڳ، منهن جي ٻئي پاسي کان ريل جي اندر ويٺل مسافر دري کان ٻاهر وهندڙ درياء جو ڪنارو ڏسي رهيا آهن. جنهن جو گهڻو حصو وڻن سان ڍڪيل آهي. هو ايترو ته زمين کان مٿي آهن، جو زمين تي چَرندڙ اُٺ، ڳئون ۽ ٻڪريون نقطي برابر ٿي نظر آيون. ٻار ته حيرت ۾ هئا ته زمين هنن کان ايترو هيٺ ڇو آهي، ڪي ته ان اوچتي بدلاءَ جي خوف کان امڙ جي ڪڇ ۾ گهڙي ويا. هنن کي ائين لڳو ته ڄڻ ٽرين زمين تي هلندي هلندي اوچتو فضا ۾ اڏرڻ شروع ٿي وئي آهي، پوڙهن جي دل کي هي منظر وڌيڪ خوبصورت لڳو ٿي. ٻارن ته هڪ لمحي لاءِ پاڻ کي پکي سمجهي ورتو هو ۽ ان احساس ۾ گهيرجي ويا هئا ته آسمان مان زمين ڪيئن نظر ايندي آهي، هنن سمورا منظر پنهنجي اکين ۾ محفوظ ڪري ورتا آھن، ڪي ته ائين خوش ٿي رھيا ھئا ڄڻ ھنن کي اسڪول مان موڪل ٿي ھجي ۽ رکي رکي رڙيون ڪري حيرت مان سوال جواب ڏئي رهيا هئا. بابا هو ڪهڙو جانور آهي؟ مان به پکي ھجان ھا آسمان ۾ اڏران ها! آسمان ڪھڙو نه صاف آھي! قطار ۾ ڪيترا اُٺ آهن؟ ڳئون جو ٻچڙو ڪيئن پيو ٽپا ڏئي! ڪجهه ٻار پنهنجون سيٽون ڇڏي درين طرف وڌي آيا، جيڪي سنڌو درياء جي طرف کان هيون. ڪن جي پويان ته مائر ۽ پيئر ڊوڙندا آيا، کين هٿ کي قابو پڪڙي رکيو هو. باوجود انجي جو هنن کي ان ڳالهه جو يقين هو ته، دري محفوظ آهي پر بُلندي جي احساس ۾، شايد خوف پوشيده ھجڻ ڪري ھنن ٻارن جي ھٿن کي پڪڙي ورتو ھو. ھاڻ ته ھو به ٻارن وانگر رڙيون ڪري، ٻارن کي ٻڌائي رھيا ھئا ته هو ڏس هوڏانهن گائي ماتا، ٻارڙا حيرت مان ڳوليندا آهن ۽ پڇندا ويا ٿي، ڪٿي آهي، ڪٿي آهي. هو کين پنهنجن آڱرين جي اشارن سان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٽرين جي اندر کان سمورا منظر، سنگ مرمر جي ننڍڙي پٿر جيان ٿي لڳا. جيڪي ڄڻ ھڪ هنڌ ڄمي بيٺل نظر اچڻ جي باوجود چرندي پرندي نظر ٿي آيا. ريل جي درين مان سڀڪجهه پوئتي ويو ٿي نڪرندو، ٻارن جي اکين ۾ حيرت جا انبار گڏ ٿي ويا هئا. ڪن موقعن تي ته هنن پکين کي پنهنجي برابر اڏرندي ڏٺو ۽ کين جهٽ ڏئي جهلي وٺڻ لاءِ پنهنجن هٿن کي دري مان ٻاهر ٿي ڪڍيو. هوا جي تيز رفتار کي محسوس ڪندي هنن پوءِ پنهنجا نازڪ هٿ اندر ڪري ٿي ورتا. بيحد معصوم خيال هنن جي دل کي عجيب توانائي ڏئي رهيا آھن، هنن کي سڀڪجهه خواب جيان ٿي لڳو. هنن کي ائين ٿي لڳو، پاڻي ۾ ڌوتل پوتل گهرا گهاٽا ساوا وڻ زمين تي ڄڻ پلٿي هڻي ويٺل آهن. هنن اهڙا منظر پنهنجي اسڪول جي ڪتابن ۾ ڏٺا هئا، هنن ڪڏهن ائين نه سوچيو هوندو ته اهي ڪتابي تصويرون ائين ٻاهر نڪري اينديون. هنن جي نماڻين اکين ان حقيقت تي اعتبار ئي نه ٿي ڪيو، جنهن ڪري ڪافي دير تائين هو اکين کي هڪ هنڌ جهلي منظرن کي ٽڪ ٻڌي ڏسندا رهيا. هنن سدائين گهر جي ديوارن کي ڏٺو هو، جن مان هوا جو هڪ خاص مقدار ئي گذري سگھندو ھو. پر هن منظر ته هنن کي پنهنجي سحر ۾ ڀري ورتو آھي، فقط ايترو ئي نه نيري آسمان جي قريب کان هنن زمين کي جنهن اتساه مان نهاريو ٿي هنن کي ان مان زندگي رقص ڪندي ٿي نظر آئي. ٻارن جي ان ڪيفيت ۾ وڏن جي گهٻراهٽ به ختم ٿي وئي، ريل اندر عجيب حيرت ۾ ورتل معصوم چهرا ٽهڪ ڏئي سفر کي معطر ڪري رهيا هئا، ڄڻ هي دريا ڪناري ويٺا آهن ۽ قدرت کي موتين جهڙا ڪجهه اڌورا ۽ ڪجهه مڪمل ٽهڪ ڏئي رهيا آهن.

ڌرمي مسافر.

ريل جي هڪ ٻئي گاڏي ۾ ساڌو فقير، دريءَ مان اوچتو اڀري آيل قدرتي منظرن ڏانهن نهارڻ لڳا، تيز هوا ڪري انھن جا ڊگها وار ڪلهن کان اڏريا ٿي. هنن جي وچ ئي وچ ۾ ويٺل، وڏي عمر جو ساڌو ڪجهه اهم نُڪتن تي چيلن سان گفتگو ڪري رهيو آھي. هن جي ڳالهين مان ائين ٿي لڳو، هن کي روحاني علم سان گڏ رياضي، منطق، اخلاقيات، مذهب، موسيقي ۽ راڳ جي به پوري ڄاڻ آهي. هي انتهائي آسان سنسڪرت ۽ سنڌي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ رکي رکي هن “جوهي” شهر جو ذڪر ڪيو ٿي. جيڪو کيرٿر جي سلسلي جو ڪاروباري ۽ ڌرمي شهر آهي، جتي جين ڌرم جا ساڌو هر سال گڏ ٿين ٿا. پنهنجي سريلي آواز ۾ گيت، اشلوڪ، ويد ۽ ڌرمي نظم ڳائن ٿا ۽ اهي سمورا ساز وڄائن ٿا جيڪي هنن هميشه پاڻ سان گڏ رکيا آهن. جن مان هنن ائين سر ڪڍيا جيئن ڪڪر پاڻي ڪڍندا آهن. هنن ان مان ميگهه، سرسوتي، ٺمري، ڀيروي ۽ ڪلياڻ سُر وکيريا ۽ سامهون ويٺل عظيم اجتماع کي جهومايو. هنن کي ان ڳالهه جو وڌيڪ خيال رهندو آهي ته هو پنهنجي طرفان ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪن جنهن سان ڪنهن ٻئي ڌرم واري کي تڪليف پهچي. ان ڪري هو سنگيت ۽ ويڌڪ نظم ۽ راڳ ذريعي قدرت جي تشريح ڪندا رهندا آهن. جنھن مان قدرت جي نيڪي ظاهر ٿئي. جنهن هي سموري ليلا رچائي. هنن ساڌو فقيرن جي ڳالهين مان ائين ٿي لڳو ته هي جين ڌرم جي مسلڪ جا پوڄاري آهن ۽ سندن منزل جوهي شهر آهي.
محبت ئي ڪلا آهي.
سڀ کان وڏي مسرت ڪلا ۾ آهي، اسان کي ڪتابن ۾ ٻڌايو ويو آهي. اڃان به جيڪڏهن زمين تي ڪا سچ پچ عظيم ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته اها آهي سڄي انسانيت ۽ دنيا جي آئيندي کي محبت ۽ ڪلا جي طاقت سان يڪجا ڪرڻ. سموري انساني تاريخ جو حل ان ۾ ئي آهي، ان کي ايتري ته صداقت ۽ منصفاڻي انداز سان قائم ڪجي جو ان جي هر شي غير فاني ٿي وڃي. برهمڻ پنهنجن چيلن سان مخاطب ٿيندي ڳالهائي رهيو هو. جيڪي ٽرين جي سفر دوران هڪ ٻئي جي سامهون ائين ويٺا هئا جو هڪٻئي جي اکين ۾ پوري طرح ڏسي سگهيا ٿي.
مونسان ان متعلق وڌيڪ ڳالهايو، مان ان تي لکڻ چاهيان ٿو. نوجوان چيلي قلم ڪڍيو ۽ گرو جي ڀر ۾ پلٿي هڻي ويٺو. سموري انساني تاريخ جي بقا، انجو عروج ۽ انجي مجموعيت، جنهن ۾ اسين سڀ تون ۽ مان به ۽ اهو به جنهن متعلق اسانجي ڄاڻ مختصر آهي. جيڪو خاموشي سان اسانجا داستان رقم ڪندورهي ٿو، جيڪو انسان جي رقص، حياتي جي رواني، ۽ سمورن روحاني جسماني ڪيفيتن جي عڪاسي ڪري ٿو. صحراءِ گوبي، راجستان ۽ چولستان مٿان مسلسل مينھن وسائڻ ۽ انجي نتيجي ۾ وري سفيد رنگ جي کنڀين جن ۾ قدرت شاندار سواد رکيو. رنگ برنگي کنڀ رکندڙ مور پکي جنهن ڪيفيت ۾ رقص ڪري ٿو ڄڻ ڪائنات ۽ زندگي جي ڪهاڻي ٻڌائيندو هجي. جي ڏسجي ته قدرت پنهنجي ڪلا سان مسلسل آهي ۽ هي جيترا رنگ ڪائنات ۾ موجود آهن جن ۾ ان پنهنجي ڏاهپ ڀري آهي، هي ڪلا ئي ته آهي. آسمان رات جو عجيب روشنين سان روشن ٿي پوي ٿو ۽ چنڊ کي ايترو دلڪش ٺاهيو آهي جو ڪيترا ڪلاڪ ان کي ويهي ڏسي سگهجي ٿو. هي ڪلا آهي قدرت جي سڀ کان وڏي ڪلا.
ڇا ڪلا ۽ سموري انساني تاريخ کي مقصد ۽ غرض لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ چيلي، استاد کان معلوم ڪيو.
بيشڪ. هر ماڻهو پنهنجي اندر ٻئي جي محبت جو منتظر آهي، محبت وڏي ڪلا آهي. منهنجا ٻالڪ، برهمڻ پنهنجي چيلي سان مخاطب هو. ھن جي انتھا، ابتدا جي مونکي ڪا خبر ناھي، ان ڪري ان متعلق منھنجي معلومات نھايت مختصر آھي. هُن درياء، سمنڊ، آبشار، ڍنڍون، وڻ، ميوا ، پکي، جانور ۽ گائي ماتا جو کير مکڻ سڀ زمين تي پيدا ڪيا. هو زمين تي ڪيترا روپ رکي ٿو ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ڪير آهي جنهن کي آسماني رستن جي خبر هجي، منھنجي مختصر ڄاڻ مطابق ھي قدرت جي شاندار ڪلا جو نمونو آھن. ھي جيڪو زندگي جو بدلاءُ آھي، تنھن پٺيان ڪهڙي ڪلا پوشيده آهي، ڪي ماڻهو انت کي اختتام سمجهن ٿا بدلاءُ نه ٿا سمجهن. ڏس ته صحيح درسگاهن ۾ ازل ابد جي مسئلي تي طويل بحث ٿئي ٿو، اهو سمجهڻ لاءِ ته اهو رستو ڪيستائين وڃي ٿو. رامائڻ ۾ لکيل آهي ته هي جيڪو ڪجهه زمين تي آهي ڀڳوان جي ڪلا آهي. هي راڳ آهي، رنگ آهي سُر آهي، ناچ آهي، مورت آهي، محدود آهي لامحدود آهي، دريا آهي، ساه آهي، روشني آهي، رات آهي، سج آهي، چنڊ آهي، موجود عدم موجود آهي، هو ڪرشنا به آهي جنهن جي بانسري جي ڌُن سان ڪائنات جهومي ٿي.
حياتي پنهنجو رڌم رکي ٿي ، ڇاڪاڻ ته هي ڪلا آهي. هن مختصر ساهي کانپوءِ وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي، هي قدرت جي پهرين سمجهاڻي آهي ته ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه آهي سمجهه ۽ ذهانت به ڪلا جو نتيجو آهي. جيڪو باقي مجموعن کي جنم ڏئي ٿو. جيڪا شين ۾ هجڻ جي باوجود نظر نه ٿي اچي. ھن ڪنھن کي به عظيم ناهي ٺاهيو، هر شيءِ پنهنجي ڪلا سان پنهنجي مدار ۾ آهي فقط جيڪو شروع ۾ هو، اهو ئي آخر ۾ آهي ان ڪلا جا اشارا هر طرف کان آهن.

5. جوهي _ 1930 سفيد مٽيءَ وارو شهر

جوهي، جين ڌرم جي ماڻهن جي درسگاه آهي.

وادي کيرٿر جو ڌرمي ۽ ڪاروباري شهر، جنهن جو آسمان گهاٽي نيري هجڻ جي باوجود ڪڏھن ڪڏھن ڪڪرن کي پنهنجي دامن ۾ ڀري رکي ٿو. هن خوبصورت شهر جي سفيد مٽيءَ ۾ عجيب مهڪ آهي، جنهن کي ڪنڀار جڏهن ڳوهڻ ويهي ٿو ته، ڄڻ لاتعداد موتئي جي گلن کي ڳوھي رھيو آھي، ائين جيئن ڪنهن آسماني ٻوٽي جون هزارين مکڙيون هڪ ئي وقت ٽڙي پيون هجن. زندگي سان ڀرپور هن شهر جي اتر ۾ ٿوري مفاصلي تي ليمن ۽ زيتونن جا باغ آهن، اوڀر ۾ کيرٿر جون چوٽيون آهن، جن مان ٿڌي پاڻي جي گاج نئن پاڻ سان لَٽُ ۽ لسا پٿر کڻي اچي ٿي. ھن جي ڏکڻ ۾ منڇر جو پيٽ آهي.
شهر، جي اتر ۾ اوائل کان قائم ڪنڀار پاڙو آهي. جنهن جا پڪل مٽ، دلا، گُهگُھيون، سمورن انسانن کي ٿڌو ۽ مٺو پاڻي پيئارين ٿيون. جوهي جي ڪنڀارن کي مٽي تراشڻ جو فن اچي ٿو، قدرت شايد مٽي سان گڏ ڪنڀار کي به، ان خيال سان خلقيو ته جيئن مٽي کي روپ ڏئي. پاڻيءِ کي ٿڌو مٺو ڪري، جيڪو زندگي آھي ۽ دريائن جي آڳاٽن وهڪرن جي پوئتي ڇڏيل مٽي کي ڳوهي روپ ڏئي، انهن سڀني وهڪرن جي ياد ڏياري، جيڪي ڪنهن وقت رواني سان وهندا هئا. ڪنڀارن ان مھڪ کي ڳولي هٿ ڪيو، ان کي گهڙي صورت ڏني ۽ ماڻهن کي ٿڌي ۽ مٽي پاڻي پيئڻ جو طريقو ڏنو. شهر، جي وچ ئي وچ ۾ جين ڌرم جو مندر آهي. جيڪو پري کان ائين نظر ايندو، ڄڻ ڪنهن ڏاهي سنگتراش وڏو پهڻ گهڙي ٺاهي اڀو ڪري بيهاريو آهي. جنهن تي ماڻهن ۽ جانورن جون شڪليون اڪريل آهن. جيڪي رنج، غم، خوشي، سزا، جنم، پورجنم جي خيالن کي ظاهر ڪن ٿيون. جنهن جي درشن لاءِ ڏور ڪاشي، مٿرا، راجستان کان تيرٿ ياتري پاڻ سان زندگي جا قيمتي سوال کڻي اچن ٿا. ته جيئن زندگي جي راز کي ڄاڻي سگهن، جنهن لاءِ هو ڪيترن ڏينهن جو گيان ڌيان ڪن ٿا.
شام ٿيندي ئي مندر جا گهنڊ وڄڻ شروع ٿين ٿا، لوبان ۽ چندن جي خوشبو سان پورو جين مندر مهڪي پوي ٿو. مندر جي چوکٽ کان هزارين پوڄاري ان احساس مان مندر جو گھنڊ وڄائن ٿا ته انھن جي دل ۽ دماغ ۾ ڀڳوان جي مورت کانسواءِ ڪجهه به ناھي. ھنن جو سفر جاري آھي. ڊگھي ياترائن جي باوجود، انھن جا روح تازه پنن جيان تر و تازه آھن. پوءِ ائين ٿئي ٿو جو سمورا ياتري عبادت کان فارغ ٿي پنھنجي پنھنجي حصي جو پرشاد وٺي ڪميون ڇاپري ڌرمشالا ڏانھن روانا ٿين ٿا، جتي ڀڳتي ۽ ويدڪ گيتن جا فنڪار ۽ سنگيتڪار پنھنجي فن سان منڊل ڪندا ڳائڻ وڄائڻ لاءِ پھچڻ شروع ٿين ٿا. ھي سفر به آھي ته عبادت به. ائين لڳندو ڄڻ ڌرتي ماتا جا سمورا ديوتا پنهنجن سازن، آوازن سميت هيٺ لهي آيا آهن.
آهستي آهستي ماڻهن جو هڪ انبوه، پري پري کان سفيد رنگ جي ڌوتين ۽ ويڪرين شلوارن سان ملبوس ڪميون عوامي ڇاپري ھيٺ جمع ٿين ٿا. ته جيئن ڌرمي فنڪارن کي، ويجھڙائيءَ کان ٻُڌي ۽ ڏسي سگھن. جوھي جي گھرن جون روشنيون ۽ اھي خيال به جن کي اداسي جي ڌنڌ وڪوڙي رکيو ھو ٻاھر نڪري اچن ٿا. مندر کان عوامي ھال تائين پورو رستو، شمعدانن لالٽين ۽ ڏيئن سان روشن ٿي وڃي ٿو. ڪيترا نوجوان ڪنھن ھڪ موضوع تي ڳالھائڻ بجاءِ، راڳ، رقص ۽ رڌم تي ڳالھائن ٿا، رکي رکي ھو “برھمو” سماج جي ڌرمي موسيقارن جي ترتيب ڏنل ڌنن جي واکاڻ ڪن ٿا، جيڪي شايد اڄ ھتي ڳايا وڃن. ڪجهه نوجوان پنھنجن ناٽڪ جي ريھرسل جو ذڪر ڪن ٿا، ھنن مان ڪجهه ته آرٽ جي اسڪولن جا شاگرد آھن، جتي ھي رقص ۽ ساز وڄائڻ جي ڪلا سکندا آھن. ڪجهه ڏينھن پھرين ھنن ھن ئي عوامي ڌرمشالا ۾ ناٽڪ ڪيو ھو، جنھن جو موضوع ھو “ڪرشنا”. ھي اڃان ان ناٽڪ تي ڳالھائي رھيا ھئا، جو ماڻھن جي انبوه جي وچ ئي وچ ۾ ساڌو فقيرن ويدڪ نظم ڳائڻ شروع ڪيا.
مھاديو، رقص ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو. مھاديو ائين ٿي رقص ڪيو ڄڻ زمين هن جي پيرن کي اڇليو ٿي، هي سمورا هڪٻئي سان ساز، آواز ۽ رقص ۾ شريڪ ٿي الوپ ٿي ويا

مسافر جو ڪھڙو مذھب
جوهي شهر جو ڪميون ڇاپرو ( عوامي ڌرمشالا)

ڏسڻ ۾ ته ھي بظاھر مٿان کان ڍڪيل ڇاپرو آھي، پر سمورن ڌرم جي ماڻھن لاءِ ڇپر ۽ ڇانو آھي، ڪيترن ماڻھن جي سچين ڪھاڻين کي محفوظ رکڻ وارن مان، ھتان کان مسافر ڪاڇي لاءِ نڪرن ٿا، ھتان کان ياتري پنھنجن انتم ياترا لاءِ ھنگلاج وڃن ٿا، ھتان کان ياتري گائي رک (گورک) جو اڙانگو سفر ڪن ٿا ته جيئن پنھنجي روح کي نرڳ جي باھ کان بچائي سگھن. ھندو مسلم جا تھوار ھن ڇاپري ھيٺان ٿين. رام جنم، جنم اشٽمي، ديوالي، شِو راتڙي، محرم جا علم، ھتان نڪرن ھتي ختم ٿين. ھتي ٻار پورو ڏينھن کيڏندا وڙھندا پرچندا رھن ٿا، ھي سڀني جو گھر آھي. سڀني انسانن جي وچ ۾ عظيم انساني رشتي کي جوڙي رکڻ وارو. ھتي ھر ڏينھن ڪيترا داستان جنم وٺن ٿا، ھتان ڪيترا انسان زندگي جي بيحد گنڀير مسئلن جو حل کڻي وڃن ٿا. ڪيترا مسافر پوري ڏينھن جي جفاڪشي کانپوءِ رات جو پيش جو تڏو وڇائي سڪون جي ننڊ سمھي رھن ٿا، ته کين ڪير اٿارڻ وارو نه ھوندو آھي. صبح سوير ھو خودبخود جاڳي پون ٿا، ڪي ته سُر سان رامائڻ پڙھڻ شروع ڪن ٿا ۽ ڪيترا ان کي ٻڌڻ لاءِ اٿي ويھن ٿا. ھي شايد بادشاھ اشوڪ واري زماني کان جوڙي تعمير ڪيو ويو، جيڪو جين مندر جي بلڪل ڀر ۾ هڪ وسيع ايراضي تي مشتمل آھي. جوھي شھر جو ڪميون ڇاپرو (عوامي ڌرمشالا) پنهنجي تعميرات جو انوکو کليل هال آهي. جنهن کي مضبوط سرن جي ويهه پاون، مٿان لوه جا گاڊر رکي لوهه جي سنهي شيٽ سان ڍڪيو ويو آهي، مٿان وري بُهه ۽ سفيد مٽي جي گاري جو ليپو اهڙي طرح سان ڏنل آهي جو پاڻي جو هڪ ڦڙو به وهي هيٺ نه ڪرندو. عام حالتن ۾ ڌرمشالا هيٺان ٻن مختلف قسمن جا ماڻهو ويٺا رهندا آهن، هڪڙا آهن مسافر جيڪي ڪاڇي جي مختلف شهرن ڪسبو، پانڌي، ڊگهه بالا، ڇني، پٽ سليمان ۽ کيرٿر کان هيٺ لهي ايندڙ بروهي قبيلي جا ماڻهو ۽ ٻيا ڪيترا مسافر جيڪي پنهنجي زندگي کي روان دوان رکڻ لاءِ رڍ، ٻڪريون، پيش، مهما، ماکي، ڪهو، وڪڻڻ لاءِ جوهي جي ميدانن تائين اچن ٿا ۽ ڪميون ڇاپري هيٺان ڪيترن ڏينهن جو ڊاٻو ڪن ٿا. جڏهن ته ٻيا اهي ماڻهو آهن جيڪي پيش جون تڏيون وڇائي پلٿي هڻي عقل، فھم ۽ ڏاھپ ۽ انگريز سرڪار جي حڪومتي اصلاحات تي گفتگو ڪندا رهندا آهن، هنن مان ڪجهه عجيب تڪراري ۽ ذھين کي جهنجھوڙڻ وارا سوال ڪري بحث ۾ جوش پيدا ڪندا آھن. ڪنھن جو سوال ھوندو آھي ته مذهب کي عقل ۽ علم سان بيان نه ٿو ڪري سگهجي، ڪو ٻيو ان جواب ۾ ائين چوندو آھي ته عقل ۽ علم ئي اھو روشن ڏيئو آهي جيڪو ڪڏهن ناهي وساڻو، ڪجهه ته ان خيال جا ھوندا آھن ته انسان جو جسم ڀڙڪندڙ باھ جيان آھي ڪو ته ان کي ٿڌي مٽي چشمي سان تشبيح ڏئي رھيو ھوندو آھي. هنن مان ڪجهه ائين به سمجهن ٿا ته انگريزن جي اچڻ سان هندوستان جو نقشو تبديل ٿي ويو آهي، آبپاشي جو نظام، انصاف ۽ انتظام انگريز سرڪار کي عظيم بنائي ٿو، پر ان تبديل ٿيندڙ معاشري خالص هندو ۽ خالص مسلم رياست جي ڳالهه سامراجيت سان گڏ هندوستان کي به ختم ڪندي، جيڪا ڳالهه آهستي آهستي هندوستان جي معاشري ۾ شروع ٿيندي پئي وڃي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود جيڪا ڳالهه بنيادي آهي، ته سمورن مذهبي فاصلن جي باوجود هنن پنهنجي اندر کي ڪنهن به ڪيني، بغض ۽ مذهبي نفرت کان پري رکيو آھي. هنن وٽ جڏهن ڳالھائڻ جا موضوع ختم ٿي وڃن ٿا، ته هي ائين چئي اٿي بيهن ٿا ته هاڻ سنان ڪجي. ۽ پوءِ هو اٿندا ڪميون ڌرمشالا جي ٿڌي پاڻي جي کوه مان نڪرندڙ پاڻي مان سنان ڪندا، جيڪو صبح کان شام تائين وهندو رهي ٿو.

ميگهه ملهار اٿڻ ڏيو.

ڪميون ڇاپري جا چارئي پاسا کليل ھجڻ ڪري، ھر وقت تيز ۽ ٿڌي ھوا لڳندي رھي ٿي. ھن جي بلڪل ڀر ۾ مٽي پاڻيءَ جو کوه آھي، جيڪو خاص طرح مسافرن کي، پورو ڏينھن پاڻي فراھم ڪندو رھي ٿو. ھن کوه مان گھرلي نار وسيلي پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو، جنھن کي وري ٽانڪي ۾ گڏ ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو ھڪ پاسو ماڻھن جي پيئڻ ۽ وھنجڻ لاءِ ۽ ٻيو پاسو مسافرن جي وھٽن، اُٺ، گھوڙن ۽ گڏھن لاءِ آھي. ھن پوري نظام کي جوھي ميونسپالٽي جو مقامي اوائلي نظام ھلائي رھيو آھي، جنھن پاران ھڪ مقامي پوڄاري کي ائين مقرر ڪيو ويو آھي، جو ھو پنھنجي ان روزاني واري ڪم کي عبادت ۾ شامل سمجھي ڪري ٿو. مقامي ميونسپالٽي پوڄاري کي ماھوار پگھار سان گڏ نار کي گھليندڙ ڍڳي جي سار سنڀال ۽ چاري جو خرچ ادا ڪري ٿي. اھو طئي آھي ته نار وھڻ ۾ ڪڏھن وقفو ناھي اچڻو، ڇاڪاڻ ته پاڻي ھر جيو کي ھر لمحي گھرجي، صبح سوير جين مندر جي گھنڊ وڄڻ کان به پھرين، مقامي ڀڳت، مسافر، ياتري ۽ پوڄاري سنان ڪرڻ لاءِ پھرين ھٿن کي لوڏيندا وڏا وڏا قدم کڻندا نار تي اچن ٿا، جتي ھي گذريل ڏينھن جي واقعن کي پاڻ ۾ دھرائن ٿا ۽ ڪيترن نون چھرن سان ملاقات ڪري گفتگو جا نوان طريقا ۽ لھجا پنھنجي يادن ۾ محفوظ ڪن ٿا. ان کانپوءِ انھن سوالن ۽ جوابن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو، جن بابت ھنن جي ڄاڻ بيحد محدود ٿئي ٿي. ھي مذھب ۽ ڌرم جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي به بحث ۾ آڻن ٿا ۽ ڪنھن ڳالهه تي بيحد سنجيدھ به ٿي وڃن ٿا. مثلا، ڪاڪو ديا رام ڪيترن ملاقاتين کي هڪ ئي ڳالهه چوندو آهي (پيوت رام رس لگي کُماري) رام رس پي ۽ خمار ۾ رهه. گھڻو پوءِ ھڪ ڏينھن ڪاڪو ديا رام عجيب خوشي مان ٽپا ڏيندو ڇاپري ھيٺان نچڻ لڳو، ھو ائين چئي رھيو ھو ته ھن پوري حياتي رام رس ۾ گذاري پر پنهنجي اندر جي پار ڪڏهن وڃي نه سگهيو، پنهنجي اندر جي ميگهه ملهار کي اٿڻ ڏيو، ان کي رام رس سان پاڪ ڪرڻ بجاءِ ان جي پار وڃي ته ڏسو ته ڪيئن نه خمار ٽٽن ٿا، ڪهڙي نه سندر دنيا جا دروازا کلن ٿا. هي اڃان به نچي رهيو هو ۽ پنهنجي ڀر ۾ بيٺل ڪنهن شخص کي ٻڌائي رهيو هو ته هن اڄ صبح پاڻي کي پنهنجي ٻُڪ ۾ جھلي جڏھن ان ڏانھن نھاريو ته هن کي پنھنجو عڪس اهڙي طرح نظر آيو، جو هو ان مان گم هو. ھن جو ڪو روپ نه هو، مان ھاڻي اوھان کي ٻڌايان ٿو. مون بيشڪ پنھنجو چھرو ان ۾ ڏٺو، افسوس جو مان ان مان گم ھئس، پر اھو منھنجو چھرو ھو، ڪيڏو نه وڻندڙ ۽ ڪيڏو نه غصي ۽ ڪيني وارو چھرو، مون پوءِ سوچيو قدرت ھن چھري کي جيڪا معصوميت ڏني ڪاڏي وئي، مون ڪڏهن ان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ مان رام رس سان من کي صاف ڪندو پاڪ ڪندو رهيم پر انجي پار ڪڏهن وڃڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. هن جا هٿ اڃان به پُسيل هئا..
ڪاڪو رڙيون ڪندو ڇاپري جي وچ ئي وچ تي بيھي رھيو،
مون ڪڏھن ھن سان نه ڳالھايو، مون ڪڏھن ان جي اسرار تي نه سوچيو،
ھي زندگي آھي، جيڪو اسانجن چھرن کي ترتيب ڏئي ٿو،
ھي اسانجو من ميگهه ملهار جيان آهي ان کي رام رس سان ڀري ئي نه ٿو سگهجي، هي ڳالهه ته انجي پار وڃڻ کان روڪي ٿي، جڏهن ته من جي پار جي دنيا ميگهه ملهار آهي. منهنجي حقيقي دنيا.
ڀڳت ڪنوررام، اھا چنڊ جي چوڏھين رات ھئي.
گھنگهرو جا آواز ماڻھن جي ڪنن تائين ٿي پھتا ته کين ائين ٿي محسوس ٿيو ته اھو آواز ئي ڪائنات جو محور آھي. ھي چنڊ جي چوڏھين آھي. رات جو پھر آھي پورو ڪميون ڇاپرو ۽ ٻاھر رستن تائين ماڻھو بيٺل آھن. سنت ڪنوررام پنھنجي سُر، پنھنجن اکين، پنھنجين ٻانھن، پنھنجين ھٿن، ھٿن جي آڱرين ۽ جسم جي پوري رڌم سان ڳائي رھيو آھي. رکي رکي انجي آواز جو پڙلاءُ قدرت جي سموري تخليق تي سحر طاري ڪري ٿو، سنت ڪنور رام ڳائيندي ڳائيندي اٿي بيھي ٿو، اوچتو مجموعي مٿان خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. ھن ڳنڍ مان گھنگهرو ڪڍي جھڪي پنھنجن پيرن کي ٻڌا ۽ اھڙي طرح پنھنجن ھٿن ، ٻانھن ۽ پيرن کي ھوا ۾ لوڏڻ لڳو ڄڻ ھوا، پاڻي، آبشار، نديون، درياء ۽ صحرا جا سمورا منظر ھن جي جسماني ڪيفيت ۾ داخل ٿي ويا آھن. ھن پنھنجا قدم اھڙي طرح زمين تي ھنيا ٿي جو پيرن ۾ ٻڌل گھنگهرن جو آواز ڌرمشالا کان ٻاھر رستن تي بيـٺل ماڻھن جي ڪنن به ٻڌا ٿي. ھي بيحد انوکو آواز آھي، قدرت جي ڪيترن رازن مان ھڪ راز. ھن آواز جي رڌم کي ٻڌڻ لاءِ ڪي ته شام کان به پھرين خيما کوڙي ويٺا ھئا. رات بيحد خوبصورت آھي، سوين ماڻھو سنت ڀڳت ڪنوررام کي ڳائيندي ۽ نچندي ڏسي رھيا آھن. ھي لمحو انھن ماڻھن لاءَ بيحد قيمتي آھي، جيڪي پنھنجي روح کان ڀڳت ڪنوررام سان پيار ڪن ٿا. ھي انھن لاءِ راحت جي سمي جيان آھي، بيحد مٺو آواز ۽ گھنگهرن جي ڇم ڇم، ھي روشن رات زندگي جي وڏي حقيقت جي روپ ۾ ظاھر ٿي رھي آھي، زندگي جي سڀ کان وڏي حقيقت. سنت ڪنوررام ڇيرن کي ڇمڪائيندي ڄڻ موجود به آھن ته غائب به، ھي ٻين ڪيترن لمحن ۾ تقسيم ٿيڻ بجاءَ سُر، سنگيت ۽ رقص ۾ سمائجي ويو آھي،
نچندي، ڳائيندي سنت ڀڳت ڪنوررام کي اوچتو ھڪ اٽل حقيقت جو اندازو ٿيو. ھن کي ياد آيو ته جتي ھي گذريل رات ترسيل ھو، ان گھر ۾ ھڪ ماءُ پنھنجي بيمار پٽ جي بيماري ڪري ان قدر گھٻرايل ھئي، جوھن پُٽ کي پنھنجي جھولي کان ھڪ لمحي لاءِ به پري نه ٿي ڪيو ۽ نه وري سنت ڪنوررام جي خدمت ۾ ڪا ڪمي ڏسڻ ٿي چاھي.
ھي لمحو ھن لاءِ ڀاڳن وارو ھو، سنت ڪنوررام ھن وٽ ترسڻ لاءِ آيل ھو. ٻارڙي جي ماءُ ٻن قيمتي رشتن وچ ۾ پنھنجي فرض تي سوچي سوچي گھٻرايل ھئي، ٻارڙي جو پيءُ ڀڳت ڪنوررام جي سيوا ۾ بيٺو ھو. تڏھن اوچتو ماءَ جي سڏڪن جو آواز آيو، سنت ڪنور سندس مڙس کان معلوم ڪيو ته ھي سڏڪا ڪھڙي ڪارڻ آھن؟
ڪالهه کان منھنجي ٻارڙي پريم نند لعل جو جسم بخار کان ٻَري پيو ٿو، ٻارڙي جي والد وراڻيو.
سنت ڪنورام اٿي بيٺو ۽ پاڻ ئي آھسته آھسته ٻار جي پينگھي ڏانھن وڌندو ويو.
ھن ٻارڙي کي پنھنجن ٻانھن ۾ کنيو.
ھن معصوم جو جسم ته ٻري ٿو، سنت ڪنوررام وراڻيو.
سنت، ھڪدم پنھنجي جسم جي چادر پسائي، ٻار جي جسم کي صاف ڪرڻ لڳو.
گڏو گڏ ائين به چوندو ويو.
رات سمي سمھندي سمھندي
ماتا توکي ساريو آ
مُک تنھنجو
ائين جيئن ڪرشنا بانسري وڄائي وڄائي سمھي رھيو
پريم نند لعل، اکيون کول
چئو ھري رام
چئو ھري رام
چڱو ائين آھي ته
مان توکي ھڪ آکاڻي ٻڌايان ٿو
ھڪ ٻالڪ
رستو وٺيو ٿي ويو
ھن کي بن ۾ رات ٿي وئي
جُھڙ، بادل، کنوڻيون
ھن کي خوف ورائي ويو
پر پوءِ ھڪ ننڍڙو جيو جُگنو
ھن آڏو روشني ڪرڻ لڳو
پريم نند اٿي اکيون کول
تون به ننڍڙو جُگنو آھين
اسان آڏو روشني ڪر ته جيئن اسان پنھنجو رستو ڳوليون
اکيون کول
چئو ھري رام
ھري رام
چئو ھري رام
پريم نند لعل اکيون کوليون، جسم به ڪجهه ٿڌو ٿيو.
ماتا پتا جون اکيون نم ھيون
ڀڳت ڪنور رام پريم نند لعل کي ياد ڪندي
ڇيرن کي ڇمڪائيندي ڪجھه گھڙيون ڦيرڙيون پائيندو رھيو
چوڏھين جو چنڊ آسمان تي وڌيڪ روشن ٿي ويو ھو.

6. بوبڪ اسٽيشن 1930

پيسينجر ٽرين انهن ساڳين رستن تان ٿيندي، بوبڪ اسٽيشن تي اچي بيهي ٿي. جتان هي ڪيترا ڀيرا هلي آهي، هن جا سفيد ۽ هلڪا ناسي گاڏا هڪٻئي سان ائين جڙيل آهن جيئن آسمان تي آڙيون هڪٻئي پويا اڏرنديون آهن. جيتوڻيڪ بوبڪ اسٽيشن جي ٻنهي طرف کان منڇر جا ڪشاده ڪنارا پکڙيل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي اُھي ڳوٺ آھن جيڪي پاڻي جي وچ ئي وچ ۾ ڪشادن دڙن تي ٺھيل آھن. اسٽيشن کان انھن ڳوٺن جا روشن شمعدان ڏسي سگھجن ٿا. انگريزن هي اسٽيشن بارود جي رسد لوه، ٽامي، اناج جي ريل پيل کان علاوه منڇر جي مڇي کي ملڪ جي باقي شهرن ڏانهن روانو ڪري ھزارين رپين جي ڍل اڳاڙڻ آھي. مسافرن مان ڪجهه لهندي ائين گوڙ ڪن ٿا، ڄڻ سمورن کي هڪ ئي وقت ڳالهائڻ جي عادت هجي. هي مڇي جا واپاري آهن ۽ سمورا چهرا هڪٻئي کان واقف هجڻ ڪري پهرين ته سڀ ٻانهون اُڀيون ڪري هڪٻئي کي ڀاڪر پائيندا آهن، هڪ ئي وقت سمورا حال اوريندا آهن، هڪٻئي جي خيريت معلوم ڪندا آهن ۽ پوءِ واپار جي ڳالهين ۾ گم ٿي ويندا آھن. هو موسم، بارش، منڇر جي پاڻي ۽ مڇي ۽ پکي جو پڇندا آهن، ۽ پنهنجي خاندان جي ڪاميابين تي به ڳالهائيندا آهن. ساڳي ٽرين ۾ اهي ڳائڻ وارا به جيڪي سانوڻ جي پهرين وسڪاري ۽ موسم جي تبديلي کانپوءِ پنھنجن مختصر سازن سميت ريل جو سفر ڪندا ڳائيندا آهن. ھي جڏھن پنهنجن اکين ۾ جادو جهڙي نهار کڻي اسٽيشن تي لھن ٿا ته اسٽيشن کان ٻاھر بيٺل ماڻھو به ھنن کي ڏسڻ لاءِ اندر ھليا ٿا اچن. انهن سان اهي گهري رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس خوبصورت ۽ مضبوط قد جون گجراتي ڳائڻيون به هونديون آهن، جيڪي راڌا ڪرشن جا گيت ڳائينديون، پنهنجن خوبصورت ٻانهن کي هوا ۾ لهرائينديون، ماڻھن جي اکين ۾ جرڪندڙ خواب ڏينديون وڃن ٿيون. هنن جي سريلي آواز جا گيت، ڪيترن ڏينهن تائين اسٽيشن جي آڳند ۽ بوبڪ جي فضائن ۾ گونجندا رهن ٿا.
انهن مان بابا فريد جو ڪلام بيحد سڪ سان ڳائيندا آهن.
کوئي پليا ناز تي نخريان وچ
کوئي ريت گرم تي تهل چليا
اتهي هر کوئي “فريد” مسافر اي
کوئي اج چليا کوئي کل چليا
ٽرين مان ھڪ ٻيو قافلو به لھي ٿو، اُهي ريشمي ڪپڙا ۽ ھار سينگار جو سامان وڪڻڻ واريون چولستاني عورتون، ھنن جي سامان ۾ اھڙي عجيب ڪشش ھوندي آھي جو هنن جو انتظار ڪنهن محبوب جيان ٿيندو آهي. دراصل ھنن جي ھڙ ۾ ھوندو آھي هار سينگار جو سامان، چاندي جا هار، مُنڊيون، پازيب، منگل سوتر، تلڪ ۽ ٻيا ڪيترا خوبصورت سينگار جا نمونا جيڪي ھي گھر گھر کپائن ٿيون. جنھن مان ھنن کي چڱي خاصي آمدني ٿئي ٿي. هڪ ڊگهو سفر هنن جي زندگي جو حصو ٿي ويو آهي. ڪيترن اسٽيشنن جا نالا ريل جي ماسٽر کي به ياد نه هوندا، هنن کي ياد آهن. اهي هر وڏي اسٽيشن تي لهنديون آهن، پنهنجي سوٽي ڪپڙي جي ڳنڍن سان جيڪي ھي مٿي تي کڻي ھلنديون آھن. ھي وقتي پڙاءٌ ڪري پنھنجو سامان وڪڻي، وري اڳتي سفر جاري رکنديون آهن. ھنن کي ھر گھر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ھوندي آھي، ڇاڪاڻ ته ماڻھن جو ھنن تي ڀروسو آھي. ھي ڪنھن به گھر جي ڀاتين جو ذڪر ڪٿي ٻئي ھنڌ نه ڪن ۽ نه وري پنھنجي ڪاروبار لاءِ ڪي من گھڙت قصا گھڙين.
بوبڪ اسٽيشن، جتي زندگي جون ڪي ضروري شيون روزانا جي بنياد تي ٿيندي نظر اچن ٿيون. مثلا، ننڍڙي سينگاريل هوٽل تي رکيل شيشي جي برنين ۾ مٺاکارا، نانڪتائي، ڪيڪ سلائيس۽ نارنگي رنگ جا کٽمٺا، بلڪل ان جي سامهون هڪ ٻي مانڊڻي آهي، جنهن تي رکيل آهن سنڌ جون سوکڙيون اجرڪ، سوسُيون، ٽوپيون ۽ ڪائنات جو سڀ کان خوبصورت ساز بانسري جنهن کي ائين سوچي سينگاريو ويو آهي ته جيئن وڄائڻ وارو انجي شان کي به نظر ۾ رکي. بظاهر هن ننڍڙي ساز تي ڪاريگر جيتري محنت ڪري ٿو اوترو وڄائڻ وارو هن ۾ سمائجي ڪائنات جا لافاني سُر ان خيال کان ڇيڙي ٿو جو دنيا جون سموريون گوپيون جاڳن ۽ هن جي آواز تي ائين ڇڪجي اچن جيئن چنڊ ڏانهن چڪور ڇڪجي ٿو. ان کان ٿورو اڳتي مٺائي جي مانڊڻي آهي، جنهن تي خالص گيهه ۽ کير جون مٺايون خاص طور تي کير جو مائو ۽ سڳداسي چانورن مان ٺھيل ملائي جيڪا سفيد پيالن ۾ سجائي رکي وڃي ٿي. جنهن مٿان چاندي جو ورڪ ان ۾ هڪ قسم جو جادو پيدا ڪري ٿو ۽ ڪيترا ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچن ٿا ۽ وري ڇا ته ان ۾ ذائقو آهي ۽ خوشبو اهڙي جو ڀر وارو به کائڻ تي مجبور ٿي پوي، اهڙي ئي ترتيب ۾ مسافرن جي صاف مٽي پاڻي جو بندوبست ائين ٿيل آهي جو پيئندي هڪ قطرو به هيٺ نه هارڻ چاهن. ڪيترا ٻيا ماڻهو به آهن، جيڪي اسٽيشن جي روزانا واري زندگي سان جڙيل آهن. ٽانگي وارا، سامان ڍوئيندڙ مزدور جيڪي گاڏن تي مڇي چاڙهڻ جو ڪم ڪندا آهن. هن اسٽيشن تان روزانو چار کان پنج هزار مڻ مڇي ملڪ جي وڏن شهرن ڏانهن رواني ڪئي وڃي ٿي. جنهن لاءِ هڪ وڏو تعداد مزدورن جو هن اسٽيشن سان جڙيل آهي. جڏهن اسٽيشن تي گاڏي اچي بيهي ٿي ته ماڻهن جي چهرن مان آسودگي ائين جهلڪي ٿي، جو ڪيترن چهرن جا ٽهڪ پري تائين ٻُڌڻ ۾ پيا ايندا. اسٽيشن ٽالهي ۽ نم جي ڊگهن ۽ بيحد ڳتيل پنن ۽ ٽارين سان سٿيل آھي. پوري ڏينهن جا اوجاڳيل پکي، هنن وڻن تي پنهنجي رات گذارين ٿا. هي ريل جي آواز تي ڇرڪن ڪونه پر ان کان ان قدر مانوس ٿي ويا آهن، جو ڄڻ ان آواز جو ئي حصو هجن. رکي رکي هنن مان ڪجهه جاڳي پون ٿا ۽ پنهنجي طرح جو اظهار ڪري وري سمهي رهن ٿا. هي سڪون جي ننڊ سمهن ٿا ۽ صبح جي پهرين روشني تي ڀڙڪو ڏئي اڏري وڃن ٿا. اسٽيشن کان ڪيترا رستا نڪرن ٿا، هڪ رستو سڌو بوبڪ شهر ۾ اچي ختم ٿئي ٿو ۽ ٻيو رستو، منڇر ڏانهن نڪري ٿو. هڪ رستو اهڙو به آهي جيڪو مهاديو جي آشرم ڏانهن وڃي ٿو، ٽرين جي مسافرن جو هڪ وڏو تعداد ان رستي کان وڃي ٿو، هنن ۾ اڪثريت ساڌو سنتن جي ھوندي آھي ۽ ڪجهه پورهيتن جي جيڪي روزاني جي بنياد تي پورهيو ڪن ٿا ۽ رات جو آشرم ۾ سڪون جي ننڊ سمهن ٿا. آشرم هر مذهب جي ماڻهن لاءِ هر وقت کليل رهي ٿو، آشرم ڇا هو ٻن ڪمرن وارو گهر جنهن جو آڳنڌ وسيع هجڻ ڪري سمورن ماڻهن کي پنهنجي اندر سموئي رکڻ جي صلاحيت رکندو ھو. هي ٻئي ڪمرا ۽ آڳنڌ مسافرن لاءِ آهن، آشرم جي وچين حصي تي ڪکن ڪانن جي جهوپڙي ائين ٺهيل آهي جو ان جي چئني پاسن کان ٿڌي هوا ٿي آئي. جهوپڙي جي وچ ئي وچ تي مهاديو جو هندورو پيل آهي، جتي هو اڪثر ويٺو هوندو آهي. هي ئي هن جو ڪمرو، هن جي سمهڻ ۽ ويهڻ جي جڳهه آهي. آشرم بيحد خاموش جڳهه آهي ڇاڪاڻ ته اڻٽر ۽ بيحد ڏکين حالتن ۾ به هتي صبر سان رهڻ، قدرتي رشتن سان ادب سان پيش اچڻ سيکاريو وڃي ٿو. آشرم جا ڀاتي وڻ جي ڪريل هڪ پتي کي ادب ۽ عزت ڏيندا آهن، انهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙڻ جو تصور به نه ٿا ڪري سگهن. ڪريل پتي کي سنڀالي رکندا آهن، جڏهن چڱي تعداد ۾ جمع ٿي ويندا آهن ته انهن کي گڏ ڪري وڻ جي پاڙن ۾ هيٺ رکي مٿان مٽي ورائي ڇڏيندا آهن. آشرم جا ڀاتي کاڌي جي ميز تي تمام ٿورو کائيندا آهن ۽ چانور جي هڪ هڪ داڻي جو خيال رکندا آهن. هو زمين تي بيحد احتياط سان هلندا آهن، منجهن اهو احساس هنن کي باقي مخلوق کان مختلف بنائي ٿو ته قدرت، زمين تي جيڪو ڪجهه تخليق ڪري ٿي، ان کي جيئڻ جو پورو پورو حق آهي. ان ڪري ائين نه ٿئي جو انهن جي قدمن هيٺان ڪو جيت لتاڙجي مري وڃي، ان ڪري هو بيحد احتياط سان هلندا آھن.
هڪ روايت موجب مها ديو 10 سالن جو اڃان مس ٿيو هو، جو سندس والد ڪنهن سخت جسماني پيڙا ڏيندڙ بيماري ۾ فوت ٿي ويو. مھاديو جي والد وٽ سگهاري دل هئي پر پئسو ڏوڪڙ ڪو نه هو. ان ڪري جلدي ئي هن خاندان جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا. اهو بنهه ضروري هو ته اهڙي حالت ۾ مهاديو جي امڙ ان ڳالهه جي فڪر ۾ پوڻ ته سڀاڻي ڇا ٿيندو، پنهنجي پُٽ جي پرورش ۾ لڳي وڃي ٿي. هن ان ڳالهه جي پرواھ ئي نه ڪئي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو. پر ھن انجي ابتدا ائين ڪئي جو ڪيترا ماڻهو هن جي ان قدم کان ڄڻ وري جيء اٿيا. زندگي جي پوري تصوير هن جي سامهون هئي، ته ڪهڙي طرح هن کي پنهنجو رستو ٺاهڻو آهي. هن کي ان ڳالهه جو احساس هو ته شين کي سنڀالڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو، ان ڪري هي ملول ٿيڻ بجاءِ همت سان پاڻ کي ۽ پنهنجي پٽ مهاديو کي سنڀالڻ ۾ لڳي وئي. هن اُتي جتي هينئر آشرم آهي، ننڍڙو وڌوا آشرم جو بنياد رکيو، جنهن ۾ وڌوا عورتون پنهنجي هنر آڌار ڪم ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو روشن رکي سگھن. هنن عورتن لاءِ هي آشرم اهڙو سهارو ٿيو، جنهن هنن کي وڌيڪ جيئڻ جو اتساه ڏنو. گهريلو استعمال جون شيون پن جا کارا، دٻڪيون، ٻوڙا، رليون، ٽٻڻيون، ٽڪ تي چادرون، ٻارن جا رانديڪا، ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ٺاهڻ کان هنن شروعات ڪئي ۽ آهستي آهستي هنن پنهنجن پيرن تي بيهڻ شروع ڪيو. هنن هڪ ادارو کڙو ڪري ورتو، جيڪو مڪمل هنن پنهنجي هٿن سان ٺاهيو. ھنن پوءِ پنھنجي عملداري ۾ ٻه ڪمرا تعمير ڪرائي ٻارن جي تعليم جو به بندوبست ڪيو. بوبڪ ميونسپالٽي پاران انھن کي ڪجھه مالي مدد به حاصل ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ بوبڪ، ڪراچي ۽ شڪارپور ميونسپالٽي کان به وڌيڪ آسودي ميونسپالٽي آهي ۽ ڪن حالتن ۾ ھي اھڙن ادارن جي مالي مدد ڪندي رھندي آهي. ان سان آشرم جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آشرم ڪري مسافر به رھڻ لڳا، سال ۾ هڪ ڀيرو سانوڻ جي مند کانپوءِ ساڌو فقيرن جي ٽولي آشرم ضرور اچي ٿي. جتي ڪجهه ڏينهن رهڻ سان ڏکايل روحن کي مسرت حاصل ٿئي ٿي. واعظ، ڀڄن، گيت، راڳ، ناچ، لاڳيتو ٽئي ڏينهن جاري رهندا آھن. هتي ئي مهاديو کي زندگي جي فلسفي کي سمجهڻ جو موقعو مليو. هي وڌوا پوڙهين عورتن جي وچ ۾ رهي وڏو ٿيو هو، ان ڪري هن ۾ زندگي جا پورا هنر، انسان جي زندگي جي پوري وصف ۽ پوري سنسار جي سچائي کي سمجھڻ جو موقعو مليو. هي پوڙهيون جن زندگي کي انتهائي قريب سان ڏٺو هو ۽ هر تڪليف کي هنر ۽ ھمت سان منهن ڏنو ۽ پنهنجي دل، دماغ کي انهن سمورن رنج، غم کان مٿي رکيو جيڪي عام ڏکين حالتن ۾ انسان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي بلڪل اڍنگي طرح جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪندا آهن. هنن انھن حالتن تي قابو پائي بلاشبه تمام وڏي جرئت ھمت ۽ صبر جو ڪم ڪري ڏيکاريو. هنن کي پاڻ تي اعتبار هو ۽ پنهنجي دل کي ان ڳالهه تي آماده ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون ته جي، هو پهاڙ جيان بيهي ڄمي بيٺيون ته ڪير به هنن کي لوڏي نه ٿو سگهي، ۽ هنن ائين ڪري ڏيکاريو. مَها ڏاهين پوڙهين مهاديو جي جهڙي پرورش ڪئي، ان مان هن جي زندگي ۾ جيڪو بنيادي بدلاءُ آيو، اهو هو ته هن جي طبعيت ۾ هڪ قسم جو ٺهراءُ اچي ويو هو. بلڪل ميوو ڏيندڙ وڻ جيان ٿي پيو. ھن جي چهري مان اهي گُڻ ظاهر ٿيڻ لڳا جيڪي نرواڻ حاصل ڪيل چهرن مان ظاهر ٿيندا آهن. آفاقيت ۽ انسانيت وارا مجموعي گڻ، ذهانت، وفاداري، رحمدلي ۽ پيار وارا قدر، کيس جي وھنوار مان نمايان ٿي بيٺا. انسان ڪيترا ڀيرا ائين سمجهي وٺي ٿو ته جسم ۽ روح ٻنهي جي ڪا اهميت ناهي هر شي غير حقيقي آهي، هر شي اندر فنا پوشيده آهي، ڪنهن به شي جو پاڻ ۾ تعلق وقتي آهي، هر شي جو شعور وقتي لاڳاپي کانپوءِ ختم ٿي وڃي ٿو. انسان اھڙن خيالن کي وٺي پنھنجي خوشي ۽ راحت کي غم ۽ بيچيني ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ پوري جو پورو خيالن جي اضافيت جي پويان ڊوڙندو رھي ٿو. پر حقيقت ۾ اهو خيال ان جي اڻپوري اڪشا ڪري آھي، جيڪا ڪڏھن پوري ٿيڻي ناھي. بيشڪ انسان مٽي جي ڏيئي وانگر ڪجهه وقت تائين جلڻ کانپوءِ وسامي وڃي ٿو، پر جي ڏسجي ته هي ڪمزور خيال جيڪي ڪنهن به انسان کي ڪمزور ڪري سگهيا ٿي، مهاديو جي امڙ ان کان مهاديو کي محفوظ رکيو. هڪ انسان ڪيئن ٿو زندگي گذاري، ان بابت ڪير ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي، صرف هڪ ئي حقيقت آهي ته هر شي تڪليف کانپوءِ حاصل ٿئي ٿي، جنهن جو انعام شاندار آهي. هر شي اندر زندگي موجود آهي، جنهن کي تراشڻ ۽ گهڙڻ جي ضرورت آهي. هر شي پنهنجي هڪ تعلق ۾ آهي، ڪائنات جي هر تخليق ان آڌار تي قائم آهي.

7. منڇر 1933

تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته سائين ڪير ڪشالا ڪري
ڪير ڪشالا ڪري، او سائين ڪير ڪشالا ڪري.

ڏور مُهاڻو، پنهنجي ٻيڙي تي ويٺو وڏي آواز ۾ ڪلام ڳائي رهيو آهي.
هي شايد پنهنجي روح کي ان خيال کان توانو ڪندو پئي ويو، ته هن ڏک جي سمورن ڪيفيتن ۽ لمحن مٿان قابو پائي ورتو آهي. هن جي دل ان خيال کان روشن ٿي وئي ته هن پنهنجي بي ترتيب روح کي ورهين کان مڇي، مڪڙي ۽ منڇر سان ائين جوڙي رکيو جو هن جي خودي هن جي خيالن مان غائب ٿي وئي. ڄڻ ازل کان ھي ٻيڙي تي آھي، اتي ساھ کڻي ٿو ۽ اتي ساھ ڏيندو. ھن انوکي زندگي گذاري لاتعداد يادون، روشن راتيون، ڌمڻ پير جا ميلا ھن جي يادن ۾ ايندا ويا. هن منڇر جي مٿاڇري ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ پنهنجي گوشت ٻوست جي جسم کي ڏٺو، جنهن کي هن ايترو ولوڙيو آهي جو هاڻ هي هر تڪليف کي سهڻ جي سگهه رکي ٿو. هو خيال ڪري ٿو ته خدا جا پيدا ڪيل ڪروڙين ساهوارا جن مان ڪن کي رڻ پٽ ڏنو، ڪن کي جبل ڏنا پر هي ان خوشنصيبن مان آهي جنهن کي مٺو پاڻي ڏنو. مُهاڻو اڃان به اتي بيٺو هو، چپو هن جي هٿ ۾ هجڻ جي باوجود هي خاموش ھو، ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو هو، هن ٻيڙي کي چوريو به نه ٿي ۽ رکي رکي پاڻي مان مڇين جو ڇپڪو ڏئي هوا ۾ اچڻ سان هن کي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ هي سڀ ھن جي اندر جي سرگوشين جو حصو آھن، جيڪي ھن جي ڪاراٽيل چھري ۽ چمڪندڙ اکين کي ڏسڻ لاءِ مٿي اچن ٿيون ته جيئن ھن جي تعريف ڪري سگھن. اھو ئي لمحو ھو جنھن ھن کي اڻ ڏٺل ڪڙي ۾ پوئي ڇڏيو. هي شايد ائين ڪڏھن به ثابت نه ڪري سگهي ته هي مٽي پاڻي جو مهاڻو آهي پر جڏهن هن پاڻ کي قدرت جي بيحد ڪمزور ڪڙي ڪري سمجهيو تڏهن هن کي منڇر جي ابدي حقيقت سمجهه ۾ آئي. ھي جي پاڻ غرور ۾ رھي پاڻ کي منڇر جي حقيقت سمجھي ھا ته شايد گھڻو اڳ ختم ٿي وڃي ھا. خالق ڪڏهن به شخصي ٿي نه ٿو سگهي، هن پنهنجون دليون اهڙي دانائي سان جوڙيون آهن جو هر دل ڏيئي وانگر روشن آهي. هي پاڻ سان همڪلام هو.
هن منڇر جي پاڻي کي غور سان ڏٺو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪيترين مڇين جا ولر قطار سان هڪٻئي جي پويان ترندا ٿي ويا ۽ ڪجهه ته ٽپو ڏئي پاڻي ۾ گم ٿي ويا ٿي، ھنن جو پاڻي ۾ ڪرڻ وارو آواز فضائن ۾ عجيب ترنم پيدا ٿي ڪيو. هي انهن ڏانهن ائين نهاري رهيو هو، ڄڻ ھي انھن کان واقف ھجي، ھي ڄڻ انھن جو ئي حصو ھجي ۽ مڇيون هن کي ٻڌڻ لاءِ وري وري پاڻي کان مٿي ڇپڪو ڏئي ٻاهر ٿي آيون. ممڪن آهي ته هي سڀ هن لاءِ اتفاقي هجي، پر ان سان هن جو منڇر سان رشتو مضبوط ۽ دل کي به سڪون حاصل ٿيو ٿي. هن غير حقيقي ڳالهين تي قابو پائي ورتو هو، جيڪي هن جي روح کي تڪليف پھچائن ٿيون. هي ڪو 30 سالن جو خوبصورت وصفن وارو نوجوان مهاڻو آهي. جنهن کي هلڪي ناسي رنگ جي قميص ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ گوڏ ٻڌل آهي. هن جي چهري جو رنگ هوا، پاڻي ۽ سج جي تپش ڪري گهرو ناسي ٿي ويو آهي. هن کي رقص جي هنر جي خبر نه هجڻ جي باوجود ڪنهن ڪنهن مهل هن پنهنجون ٻانهون فضا ۾ ائين ٿي لهرايون ڄڻ هي ان هنر کان پوري طرح واقف آهي. هنج، نيرڳي، ڊگوش، آڙي، گُليل هن مٿان اڏريا ٿي ۽ نه ختم ٿيندڙ آسمان ۾ پنهنجن معصوم پرن سان ڪي رنگ برنگي رستا ٺاهيا ٿي ته ڄڻ آسمان به تنهائي جا سمورا غم وساري هنن کي پنهنجن ٻنھي ٻانهن ۾ ڀري ورتو هو. مهاڻو آهستي آهستي پنهنجي ڄار کي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هن جون نظرون پاڻي ۾ آهن. هي مڇي جي چُر پُر کي پوري طرح ڄاڻي ٿو. هي پاڻي ۾ انهن جي پاڇن کي ڏسي ٿو، هن کي پنهنجي ڄار تي ڀروسو آهي ته هو خالي نه موٽندي، هن کي بس ايترو ٿو گهرجي جو هن جي زندگي جو هڪ ڏينهن آرام سان گذري وڃي.
سفيد ناسي پکين جي اڏام ڪري، آسمان عجيب طريقي جو خوبصورت ٿي پيو هو. ڪجهه گهڙيون اڳ مُهاڻي جڏهن پنهنجو رڇَ ڇڪي پورو ڪيو ته هن کي پنهنجي توقع کان وڌيڪ مڇيون مليون، جيڪي هن ٻيڙي اندر رکيل کاري ۾ ائين رکيون جو انهن مان ته ڪجهه ڇپڪو ڏئي وري وڃي پاڻي ۾ ڪريون. هن رلي کڻي کاري مٿان رکي، هو خوش هو. هن وري ڳائڻ شروع ڪيو
هن ڪنهنجو ڪلام ٿي ڳايو، هن کي اهو معلوم نه هو، پر ان ڪلام جا لفظ هن جنهن طرح ورجايا ٿي ان مان لڳي پيو ته هن ان ڪلام کي ڪيترا ڀيرا ٻڌو آهي.
تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته سائين ڪير ڪشالا ڪري
ڪير ڪشالا ڪري، او سائين ڪير ڪشالا ڪري.
سانوڻ جو مهينو پورو سمنڊ پاڻ سان کڻي اچي ٿو.
سانوڻ جي مند منڇر مٿان آھستگيءَ سان اچي ٿي ۽ ڪيترن ڏينھن لاءِ ڇڪجي وڃي ٿي، دنيا جا ڪيترا پکي، بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي ھن جي چوڌاري لهندا ڪانهه، سرن ۽ ٻُوڙن ۾ گم ٿيندا وڃن ٿا. ھي مهينو شروع ٿيندي ئي منڇر مٿان برسات پالوٽ ڪري وسي ٿي، ڄڻ موسيقي جا سمورا سُر هڪ ئي وقت وڃن ٿا. برسات جو پاڻي ٻيڙين جي ڇتن مان نيسارن وانگر وهي ٿو، پاڻي جو ڪجهه حصو ٻيڙي جي اندر به اچي وڃي ٿو. ان ڪري سانوڻ جي شروع ٿيڻ سان مُهاڻا، پنهنجين ٻيڙين جي ڇتن کي درست ڪن ٿا، لالٽين جون وَٽون ۽ گوالا سنڀالين ٿا. بتي ۽ گولي جي شيشي کي ائين صاف ڪن ٿا، ڄڻ ان مان هنن کي پوري منڇر روشن رکڻي آهي. مهاڻن جي حافظي ۾ اها ڳالهه مضبوطي سان محفوظ آهي ته، سانوڻ جي مند ۾ پنهنجن گهرن، جيڪي ٻيڙين تي مشتمل آهن، محفوظ ڪن. هنن کي ان ڳالهه جي به آگاهي آهي ته، کيرٿر مٿان بارش پوڻ ڪري منڇر تارون تار وهي ٿي. جوهي، ڀان، بوبڪ، نئينگ ۽ سيوهڻ جا ڪيترا علائقا پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا. ان ڪري ٻيڙين جو هي انوکو شهر، سانوڻ جي مهيني ۾ ڪجهه وڌيڪ روشن ٿي وڃي ٿو. رات ٿيندي ئي هر طرف کان لالٽين جي لوو ڄڻ جهومڻ لڳي ٿي، ڳاڙهي ۽ ڪجهه سفيد رنگ جي روشني جهڙا هزارين موتي ڄڻ سپين مان ظاهر ٿي پون ٿا، پاڻي تي ڄڻ آسمان جون هزارين پريون ڪجهه موتئي جي گلن جهڙيون، ته ڪجهه آڙي جي اکين جهڙيون، ته ڪجهه ڪونج جي کنڀن جهڙيون، رقص ڪرڻ لاءِ لهي اچن ٿيون. ڏکڻ کان بادلن جي قطار پورو ڏينهن هلندي رهي ٿي، ڪيترا ته وسڻ کان بغير گذري وڃن ٿا، ڪجهه ته دل کولي وسن ٿا، ان ڪيفيت ۾ ڪيترا مهاڻا ٻيڙين جي تختن تي ويهي بارش جي آواز ۽ پاڻي جي رڌم جو حصو ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيترا ڪلاڪ هي آسمان ۽ پاڻي جي وچ واري زندگي گذارڻ تي سوچيندا رهن ٿا ۽ رکي رکي هي اهي منظر پنهنجن يادن ۾ آڻڻ چاهين ٿا، جيڪي هنن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ڏٺا هئا، جيڪي هنن آڏو ڪنهن جلوس يا اجتماع جيان گذري رهيا هوندا آهن. جي ڏسجي ته هڪ مهاڻو، پنهنجي زندگي جون املهه گهڙيون پاڻي مٿان گذاري ٿو، هي اهو ڪم آهي جيڪو هنن کانسواءِ ٻيو ڪير به نه ٿو ڪري. ان ڪري ئي شايد هي پنهنجي اندر کان اهو طئي ڪري ويٺا آهن ته، هنن جي قسمت ۾ ئي مهاڻو لکيل آهي. ان خيال کان هنن منڇر تي پنھنجو مقامي نظام ٺاھي رکيو آھي، ڏوهه ۽ سزا جو پنهنجو قانون جوڙيو آهي. هي ٻيڙين تي هڪ عجيب متحرڪ زندگي گذارين ٿا، جتي هي هٿ جي هنر جا شاهڪار رليون، کارا، جهولا ٺاهن ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي وڌيڪ خوبصورت ڪن ٿا. جي ڏسجي ته ٻيڙين جي هن شهر ۾ پورو سال رونق رهي ٿي، هميشه ڪو تهوار، ٻيڙي جي سينگار جو جشن، ناٽڪ منڊلي ۽ عجيب طرح جي راند جنهن کي هي نوٽڻ چون، وڏي عمر جا مھاڻا پورو پورو ڏينهن اھا راند ڪندي گذارين. ٻيڙين جا سودا، رشتا، نبيرا، عشق ۽ محبت جا قصا ٻيڙين تي ٿين ۽ اتي ئي ختم ٿين. هي ننڍي عمر ۾ شادين تي يقين رکن ٿا، هي ائين سمجهن ٿا ته ان سان هنن جي اندر جي تلاش ختم ٿي وڃي ٿي، جنهن سان هنن جو پاڻي سان رشتو مضبوط ٿئي ٿو، هي ان لاءِ ڪنهن حد تائين ناٽڪ به ڪن ٿا ۽ ڪيترن هنڌن تي پنهنجا ناجائز تعلقات قائم ڪن ٿا. هنن پوري زندگي ائين گذاري آهي جو هي توري تڪي ڳالهائڻ جي بجاءِ، سڌو گارين وارو انداز ائين اختيار ڪن ڄڻ ڪنهن ماڻهو کي انجي اصلي روپ ۾ ياد ڪري رهيا آهن. دنيا هنن کانسواءِ اڌوري آهي هي ائين نه ٿا سمجهن، هي سمجهن ٿا ته ڪائنات ۾ هنن جي حيثيت هڪ نقطي برابر به ڪانهي. هي پنهنجو پاڻ کي هميشه پوشيده رکن ٿا، هي ائين سمجهن ٿا ته پاڻي تي رهندڙ ماڻهو جي نسبت زمين جو ماڻهو وڌيڪ خود پرست، ناٽڪي، موضوع تبديل ڪرڻ وارو، راڄ ڪرڻ وارو ۽ آڪڙ ۾ رهڻ وارو آهي. مُهاڻيون وري دنيا کي پنهنجن قدمن هيٺان رکي هلن، ظاھر ظھور خاموش مھاڻي عورت ڪن موقعن تي سخت مذاحمت ڪندڙ، گاريون ڏيندڙ ۽ بُجا ڏئي ماڻھو کي ٽڪي جو ڪري ڇڏڻ ۾ به دير ناھي ڪندي. وري ٻئي طرف ٻيڙين جي ننڍڙي شهر کي پنهنجي تعلق سان ائين جوڙي رکي ٿي جو ڄڻ ڪو به ڪنهن کان ڌار ناهي. گهڻ ڳالهائيندڙ ۽ رکي رکي گارين جو فراخدلي سان استعمال ڪرڻ کانپوءِ به هي ڪنهن ڌُنڌلي روشني جيان لڳي ٿي، جيڪا پنهنجي ٻيڙي کي سنڀالي ٿي، مڇي ماني جو انتظام ڪري ٿي. مُھاڻي عورت تيز رنگ واري پوشاڪ سون سڳو شوق سان پائي ٿي، خاص طرح ڀرت تي ڪاون جو ڪم ٿيل وڳو ته خاص موقعن لاءِ سنڀالي رکي ٿي.
سچ ھي آھي ته مضبوط جسم واريون مهاڻيون، وارن ۾ خوشبو وارو تيل لڳائي، مڇي جي تلاش ۾ گھري پاڻي ڏانھن نڪرن ٿيون ته، سانوڻ جي منڌ جا سفيد ناسي بادل به ٽڪ ٻڌي ھنن ڏانھن نھاريندا رھن ٿا.

8. بوبڪ شھر 1940

ڪجهه سال پھرين بوبڪ شھر، جڏھن نه ھو ته ھتي يا کيرٿر جي نئن ۽ درياء جو پاڻي ھو يا وسيع ڪشادا دڙا ھئا. جيڪي پري کان ڪنھن ٻيٽ جو ڏيک ڏيندا ھئا. پاڻيءَ ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ مڇين جا قسم ھئا ۽ ڪيترا پکي ٻيٽن ۽ پاڻي جي سرن ۽ ٻُوڙن جي وچ ۾ رھيا پيا ھوندا ھئا، پر پوءِ اھڙو ٿيو جو ڪجهه ٻيڙيون پاڻيءَ مٿان ترڻ لڳيون ۽ ڪجهه ماڻھو ڄار ھٿ ۾ کنيو مڇي جو شڪار ڪرڻ لڳا، ھي شايد پنھجي گذاري لاءِ ائين ڪري رھيا ھئا، پوءِ ته ڄڻ تھذيب، ٻولي ۽ شھر جي ابتدا ٿي. ڏسندي ڏسندي وسيع ڪشادي ڀٽ تي، ھڪ شھر جو جنم ٿيو. جيڪو پوءِ “بوبڪ” جي نالي سان دنيا ۾ مشھور ٿيو. بوبڪ، ھي ڄڻ پنھنجي جنم کان آسودو شھر آھي. هن شهر جي اڪثر آبادي غير مسلم سنڌي آھن، جن جي انگريزن خلاف ٿيندڙ مذاحمت سان ڪا بھ دلچسپي ڪانھي. ھي صرف ايترو چاھين ٿا ته بوبڪ ۾ امن ھجي. ھنن ٻاھرين تبديلي جي اثر کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ جي بجاءِ پنھنجي مقامي سطح وارن رشتن ۽ تعلقات کي مضبوط ڪيو. ھنن تعميرات، واپار ۽ علم کي وڌيڪ ترقي ڪرڻ کي ترجيح ڏني. هي شهر مڇي ۽ زرعي صنعت ڪري به دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو، صبح سان بوبڪ جو پورو شهر مڇي جي خريدارن سان ڀرجي وڃي ٿو، اهي ماڻهو جيڪي اوچتو شهر ۾ داخل ٿيندا آھن، اوپرا هجڻ جي باوجود هڪ ٻئي سان ائين ڀوڳ چرچا ڪندا، جيئن هڪ ئي گهر جا ڀاتي هجن ۽ ڳالهه ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي بيحيائي مان جيڪي وڻين هڪٻئي کي چئي ڏين. هي يا ته مهاڻا آھن يا مڇي جا واپاري جيڪي مڇي جي ھر قسم کان واقف آھن، ان جي اگهه کان ان جي نسل کان ۽ ان جي سواد کان. ھتي ھر صبح ائين ميلو مچي ٿو. منجهند ٿيندي ٿيندي پورو شهر وري ٻئي صبح تائين خاموش ٿي وڃي ٿو، بلڪل ماڻهن کان خالي ٿي وڃي ٿو، سواءِ ڪريانه جي دوڪانن جي جن جا مالڪ واڻيا آھن. داداڻي ڪريانه مرچنٽ واحد ڪريانه جو دوڪان آھي، جيڪو ماڻهن کي رکت تي سيڌو سامان ڏئي ٿو، جنهن ۾ گهريلو استعمال ۽ راشن جو پورو سامان ملي سگهندو آھي. هن ئي دڪان تي ادب جا اسڪول به هلندا آھن ته سياست تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي آھي ۽ ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿيندي آھي ته ٻي عالمي جنگ جي نتيجن ۾ انگريزن کي جرمن هٿان شڪست اچڻ جا هن خطي تي ڪهڙا اثر پوندا ۽ ان ڳالهه تي سنجيدگي سان غور ٿيندو آھي ته روس بالشويڪ انقلاب جي حفاظت ڪري سگهندو به يا نه. هي جوزف اسٽالن، فرينڪلن ۽ چرچل جي تقريرن کي غور سان ٻڌندا آھن ۽ انهن تي ڀرپور تبصرو ڪندا آھن. هي ان ڳالهه جو به جائزو وٺندا آھن ته برطانيه پوري دنيا مٿان پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ جي جنون ۾ جرمن کي موقعو ڏئي رهيو آهي ته روس جي بالشويڪ انقلاب کي ناڪام ڪري ۽ انکي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، ڪن موقعن تي هي اسٽالن جو حوالو ڏئي روس جي انقلاب جي اھميت تي ڳالھائيندا آهن.

لعل، روشني ورھائيندڙ اپولو.

لعل، بوبڪ شهر جا شمعدان جلدي ٻاري آيو، باوجود ان جي جو اڃان پوري طرح شام جا پاڇا نه لڙيا ھئا، هن کي ائين محسوس ٿيو ته اونده شهر مٿان جلدي لهي آئي آهي. اڄ هن کي سڀڪجهه بدليل ٿي لڳو، نم ۽ سرنهن جي وڻ تي ويٺل پکي ۽ ڳاڙهي ڳاني وارا چتون به نظر نه آيا، جيڪي شام ٿيندي ئي جهرمٽ ۾ ائين شور ۽ گوڙ ڪندي اچي وڻن تي ويهندا آهن، جو انهن جو آواز منڇر جي مهاڻن کي به ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. جيڪي پنهنجن ٻيڙين کان انهن جو شور گوڙ ٻُڌي، سج جي لهڻ جو يقين ڪندا آهن. بوبڪ جي ڳاڙھين ڳانين وارن چتن جي مدھوشي، جڏھن ھي ڦولاريل ڀنگ جي نرم گلن کي کائڻ کانپوءِ پنھنجي سموري قابليت، ھنر ۽ آواز جي لئي تال جو مظاھرو ڪندي، ٻولڻ شروع ڪندا آھن تھ مسافر ڪجھھ گھڙيون بيھي هنن کي ٻڌندا رھندا آھن. پر اڄ خاموشي وڌيڪ گھري ٿي وئي آھي. لعل کي پاڻ تي حيرت ٿيڻ لڳي، ته هن کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي. اڃان ته منڇر جا مهاڻا پنهنجون ٻيڙيون ورائي ڪناري به نه لڳايون آهن ۽ هي شمعدان روشن ڪري آيو آهي. هن کي شهر جي هر شي پنهنجي جاءِ تي هجڻ جي باوجود يقين نه ٿي آيو، هي عجيب حيراني ۽ بيچيني مان هر هر شمعدان ۽ وري شهر ڏانهن نهاري ٿو.
هڪ ڪمزور نٻل ۽ وچولي قد وارو پرشوتم جنهن کي مٿي تي نهرو ڪيپ پيل ۽ بيحد سفيد ڌوتي ٻڌل آھي، کيس اچي مليو، هي ٻئي اتي ئي بيهي رهيا.
“ڀڳت اڄ اهڙو ڇا ٿي ويو جو ساجهر ئي شمعدان روشن ڪيا اٿئي؟” پرشوتم، لعل ڏانھن نھاريندي پڇيو.
اهو ته مان بلڪل پڪ سان چئي سگهان ٿو ته، لڳاتار جي اوجاڳي منهنجي دماغ کي چڪرائي ڇڏيو آهي. لعل وراڻيو، پر ماڻهو جي ننڊ ائين ته نه ٿي ڦٽي، هي جيڪي ريڊيو تي خبرون ھلن ٿيون، ان مان توکي ائين نه ٿو لڳي ته، ڪنهن طرح ماڻهن جي دلين ۾ هڪٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي. آزادي واري تحريڪ کي هندو، مسلم ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ائين ٿيندو ته ان جي نتيجن کان تون واقف آهين؟
توکي ائين نه ٿو لڳي ته جيڪا شي صدين کان نه ٿي آهي، سا هاڻ ٿيڻ طرف وڃي ٿي. پرشوتم حيراني مان، لعل سان اتفاق ڪرڻ بجاءِ ھن کي ننھن کان چوٽي تائين نھارڻ لڳو
ڇا ٿيڻ طرف وڃي پيو؟ پرشوتم، لعل کان ھٻڪندي پڇيو،
هي ڏس منهنجي هٿ ۾ جيڪو گاسليٽ ۽ ماچس آهي، هن جو ڪم ساڙڻ آهي پر هڪ شي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ملڪيت ۽ مذهب. لعل وراڻيو،
پرشوتم، لعل جي ڳالهين کي ٻڌڻ لاءِ بيهي ته رهيو، پر هي ڄڻ خوف ۾ گھيرجي ويوھو. ھن کي لعل جي ڳالھين مان ائين لڳو ڄڻ ڪنھن زھريلي جيت اوچتو ھن کي چڪ پائي ورتو ھو.
مان هلان ٿو! پرشوتم، لعل ڏانھن نھاريندي چيو. پر توکي صلاح ڏيندس، پاڻ کي ضابطي ۾ رک هتي ڪير به ڪنهن کي نه ٿو ورهائي سگهي، هن زمين تي اسين پنهنجن پرکن کان رهندا پيا اچون، مان هميشه ماڻهن کي گڏ رهڻ جي احساس ۾ ڏٺو آهي. اسين هڪ ئي گهر جا ڀاتي آهيون. پرشوتم ائين چئي اڳتي نڪري ويو، پر لعل جي ڳالھين کي ٻڌڻ کانپوءِ ھن کي ائين محسوس پئي ٿيوڄڻ بوبڪ جون ڪشاديون گھٽيون ھن لاءِ سوڙھيون ٿي ويون آھن.

گاليا، ماڻڪ جو تراشيل روح

ماڻڪ مُھاڻو، پنهنجي گاليا کي پاڻ کان وڌيڪ صاف سٿرو رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ئي آهي، جيڪا هن کي منڇر جي مهاڻن وچ ۾ مختلف ۽ مٿانھون ڪري بيهاري ٿي. هن جي گاليا جا هلڪا گهرا رنگ سج جي روشني ۾ اڏرندڙ ڪونج جھڙا لڳن ٿا. هي وڌيڪ خوبصورت ان وقت لڳي ٿي، جڏهن منڇر جي پاڻي مٿان ڄمي بيھي ٿي.
ماڻڪ جنهن وقت سڙهه سنڀالي پنهنجي طرف جو تعين ڪري ٿو ته، ڪيترن انديشن کي پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڦٽو ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هي طرف طئي ڪرڻ کان سواءِ منڇر جي پاڻي مٿان هلندو وڃي ٿو. ھي ڄڻ دنيا جي انوکي سياحت تي نڪتل ھجي، ڪيترا حسين منظر ھن جي چھري کي لازوال بنائي ڇڏين ٿا.
هي منڇر جي مٿاڇري تي هلندو رهي ٿو، ان سان هن کي ۽ هن جي ابن ڏاڏن جي روح کي راحت ملي ٿي. هن جي بيقرار روح کي ائين لڳندو آهي ته هن جا پُرک منڇر ۾ ئي ڪٿي تحليل ٿي ويا آهن. هي جڏهن اهڙي حالت ۾ منڇر مٿان ٻيڙي ڪاهي هلي ٿو ته هن جي ابن ڏاڏن جا روح سفيد ڪپڙي جي تهن وانگر کُلندا هن جي يادگيرين آڏو ايندا وڃن ٿا. ڪيترا چهرا جيڪي هن جي سوچ ۽ سمجهه ۽ ان کان به وڌيڪ هن جي زندگي جو حصو هئا. جن جي حياتي کي هن ڪڏهن پروڙڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي، اڄ جڏهن اهي سڀ هن کان پري ڪنهن ٻي دنيا ڏانهن هليا ويا آهن ته، انهن جا ڌنڌلا عڪس، واضح ۽ چٽيون ڳالھيون سندس دل ۽ دماغ تي اڀري اچن ٿيون. ان وقت هي پاڻ کي ٻه هزار سال اڳ جي دنيا ۾ بيٺل محسوس ڪري ٿو، هي پاڻيء هن جو پنهنجو آهي. ائين جيئن هنجي پرکن هن کي پنهنجي روح سان قبوليو هو ۽ ان ۾ ئي پاڻ کي تحليل ڪيائون. انهن ئي هن کي منڇر جي لٽاسي پاڻي مٿان بيهڻ جي طاقت ڏني. ماڻڪ، آسمان ڏانهن نهاريو هن قدرت جي شاندار ناٽڪ ۾ پنهنجي حصي جي ڪردار تي فخر ڪندي ٻيڙي جي چپي کي موڙي ڪناري ڏانهن کڻي ويو.

دهلي، بوبڪ اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿي.

دنيا بدلجندي ٿي وئي، اها ئي گهڙي منڇر ۽ ان سان وابسته زندگي لاءِ گنڀير ۽ بلڪل ڪنهن آزمائش وانگر ٿي لڳي. انگريز سامراج آفريڪا ۽ انڊيا جي ويهه لک ديس واسين جو خون ڪرڻ کانپوءِ به، سخت مذاحمت ڏسي رھي آھي. سنڌ جي سرزمين انگريزن کي زرعي پيداوار سميت، ٽيڪس جي صورت ۾ لکين روپيا جمع ڪري ڏئي ٿي. هنن ميرن (ٽالپرن) جي دور کي جنهن طرح ڀوڳيو، هاڻ به ان طرح سان ڀوڳي رهيا آهن. انهن جي زندگي ۾ ڪو به بدلاءُ نه اچي سگهيو آهي، جنھن ڪري سنڌ جي ٻيلن ۽ پھاڙن تان انگريزن خلاف گوريلا ويڙھ وڙھڻ جا واقعا ٿيندا رھن ٿا. ڪانگريسي رهنما ڪئيٽ انڊيا، (انڊيا خالي ڪيو) جا نعرا هڻن ٿا ته ھزارين ماڻھو کين پويان نعرا ھڻندا ھلن ٿا. دنيا عجيب هنگامن مان گذري رهي آهي، آفريڪا مان گانڌي جي واپسي ڪانگريس ۾ نئين طرح جو جوش ڀري ڇڏيو آھي. گرديو رابندر ناٿ ٽئگور جي شانتي نڪيتن جا شاگرد دنيا کي تبديل ڪرڻ جا خواب کڻي نظرياتي ۽ سياسي جدوجهد ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڳوٺن۽ شهرن ۾ گهڙي پيا آھن. انگريز سرڪار اتر ۾ سکر بئراج جي تعمير ۽ ريل جي نظام کي اڃان به بهتر ڪرڻ لاءِ ٽيڪس جي نظام کي وڌيڪ منظم ڪيو، جنهن ڪري عام ماڻهو جي حالت وڌيڪ غربت ۽ جبر ڏانهن ڌڪجي وئي آھي. سنڌ جي لاهندي ڪپ جي ماڻهن ۽ خاص طرح مٽي پاڻيءَ جي ڍنڍن تي عرصي کان آباد مهاڻن کي جنهن ڳالهه وڌيڪ بيچين ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌو درياءِ تي بئراج جي تعمير سان مٽي پاڻي جا ذريعا متاثر ٿيندا، جنهن سان آبي جيوت متاثر ٿيندي ۽ ممڪن آهي ته مهاڻن جو گذرسفر به متاثر ٿئي. انهن جو خيال آھي ته سکر بئراج اميرن ۽ انگريزن جي ڪمپني کي فائدو ڏيندو، سرڪار عام ماڻھو کي اھا ڳالهه سمجھائڻ ۾ ناڪام ٿي ته بئراج جي ٺهڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو. سنڌ جي ماڻھن کي اھا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته سنڌ جي قدرتي وھڪرن کي بند ڪري سنڌ ۾ صنعتي انقلاب ڪيئن ٿو آندو وڃي؟ ھي اھڙي سودي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آھن، هي ان کي ترقي جي بجاءِ انگريزن جي سازش سمجهن ٿا. هنن جو خيال آھي ته ريلوي نظام جي ڪري منڇر پوري دنيا جي ويجهو ٿي وئي آهي، پر ڪجهه معاملا اهڙا به ٿيا آهن جيڪي منڇر جي مهاڻن جي ذهنن کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهن.

9. ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام

توکي ڀڳوان جو ڪو خوف آهي يا نه، ماڻڪ سيٺ ڪاشي رام ڏانھن حقارت ڀرين نظرن سان نھارڻ لڳو.
منڇر توکي پنھنجو پيٽ لکي ڏنو آهي ڇا؟ هن کي قدرت ٺاهيو ته جيئن مهاڻا ان مان پنهنجو گذر سفر ڪن، تون آهين جو ان ڳالهه کي سمجهين نه ٿو. تو منڇر اندر پهريدار ڇڏي رکيا آهن، جيڪي مهاڻن جي ڪڍ لڳل آهن، بنا ڪنھن رڪاوٽ جي مھاڻن جي ٻيڙين تي چڙھي ٿا اچن، ھي اھو به نه ٿا ڏسن ته ونجهه ڪا عورت ھلائي رھي آھي. تنھنجا وفادار تنھنجين ھدايتن کانسواءِ ائين ڪيئن ٿا ڪري سگھن، ھي ته سموري مڇي پنھنجي قبضي ۾ وٺن ٿا، مهاڻن جي حصي جي به. تون مهاڻن جي حالت تي رحم ڪر، جيڪڏهن تون انهن کي مڇي جو اگهه ۽ ڪجهه مڇي گهر جي رڌ پچاءُ لاءَ نه ڏيندين ته اسين اها ڳالهه وسارينداسين ته تون منڇر جو ٺيڪيدار آهين. اسين تنھنجي خلاف انگريز سرڪار جي درٻار ۾ دانھينداسين .
ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام، پنهنجي روش تي ندامت جو اظهار ڪرڻ بجاءِ خبيثاڻي طور تي مرڪيو. سندس اکين ۾ لالچ اڃا به ائين لهي آئي هئي، هن کي ماڻڪ جون ڳالهيون عام رواجي مهاڻي جون ڳالهيون ٿي لڳيون، جيڪي روز هي ٻڌندو رهي ٿو. روزانا جي اهڙي معمول جي باوجود هي اهڙي نظام کي جاري رکيو اچي، جيڪو هاڻ مهاڻن لاءِ واقعي به ناقابل برداشت ٿي پيو آھي.
ماڻهو جي حيثيت دولت ڪري آهي، سيٺ ڪاشي رام ان خيال کي ئي زندگي جو اول سبق سمجھي ٿو. هي پنهنجي خيال ۾ ڪيترو درست آهي ان ڳالهه جي شاهدي منڇر جا مهاڻا به ڏين ٿا، پر صدين کان ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به ٿين ٿيون جيڪي دولت ۽ حيثيت سان حاصل ڪري نه ٿيون سگهجن. منڇر سمورن جو پيٽ ڀري ٿي پر مهاڻن جو وارو آخر ۾ اچي ٿو، هي اهي ماڻهو آهن جن زمين ۽ پاڻي تي رهڻ مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ ڪندي پاڻي تي رهڻ جو فيصلو ڪيو، قدرت هنن جي ان فيصلي جو قدر ڪندي هنن جي قدمن هيٺان هنن جي گذر سفر جو ذريعو رکيو ته جيئن هي پنهنجي چونڊ تي ندامت نه ڪن ۽ شايد اهو روح به ڏنو جيڪو ڪيترن ماڻهن لاءِ حقارت جو باعث هجڻ جي باوجود، قدرت هنن جي اندر کي نيرڳ، ڊگوش ۽ ڪونج جهڙو ٺاهيو. ھنن ان ڳالهه جي ڪڏھن به پرواھ نه ڪئي آھي ته ڪير ھنن لاءِ محبت ۽ تعريف جو ھڪ جملو به چوي، پر ھنن لاءِ اھو بيحد ضروري آھي ته ھنن جي ڪير دل آزاري نه ڪري.
هي ڳالهه ھاڻ عام ٿي وئي آھي ته، سيٺ ڪاشي رام نه منڇر جو سڄڻ آهي نه ئي مهاڻن جو. ماڻڪ مهاڻن کي سمجهائي ٿو، جيڪي ھن جي چوڌاري ويٺا سندس ڳالھين کي ڌيان سان ٻڌي رھيا آھن. جيڪڏھن سيٺ ڪاشي رام نه ٿو سُڌري ته سندس خلاف ڪھڙو قدم کڻجي؟ ماڻڪ مھاڻن کان راءِ پڇي ٿو.
توھان ھن کي سمجھي ناھيو سگھيا، هي ڄاڻي واڻي ائين ڪري ٿو ته جيئن سندس جي دولت ۾ اضافو ٿي سگهي. ساجن رڙيون ڪري ڳالھائڻ لڳو. هن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته، مهاڻا ڪيڏي تڪليف ۾ آهن. منڇر تي پهريون حق مهاڻي جو آھي، اهو ئي قدرت جو نظام آهي. مون جڏهن ڪاشي رام سان اها ڳالهه ڪئي ته هن ڳالهه کي سمجهڻ بجاءِ مون لاءِ وات مان بد شد لفظ ڪڍيا ۽ نهايت حقارت مان چيو ته، مان انگريز سرڪار پاران مقرر ٺيڪيدار آهيان، مون آڏو اجائي اُپٽار ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي ڪم سان ڪم رک. ڇا هن کي ائين ڪرڻ جو حق مليل آهي يا هي خود ڪنهن ادني، ظالم ۽ لالچي انسان جيان مھاڻن جي موڙي به پنهنجي کيسي ۾ وجهڻ چاهي ٿو. هن پوري منڇر کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري رکيو آهي، جيڪڏھن کانئس ائين ڪرڻ جو سبب پڇيو وڃي ته ھو شايد ٻڌائي نه سگھي، ڇاڪاڻ ته اھا ناانصافي آھي، ھو نا انصافي جي وضاحت ڪيئن ڪندو. ھن وٽ مھاڻن لاءَ عزت ڪانھي ان ڪري ھن منھنجي اھڙي طرح بيعزتي ڪئي جو ان ڏينھن مون پاڻ کي بيحد ڪمزور ۽ ڪمتر سمجھو ھو، مان پاڻ کي نفرت سان ڏسي رھيو ھئس، مان پوري رات ان احساس کان سمھي نه سگھيو ھئس، مونکي سخت مٿي ۾ سور پئجي ويو ھو.
ڪاشي رام جي منڇر مٿان عملداري ائين آھي، جو هن ڪجهه قانون پنهنجي طرفان به ٺاهي رکيا آهن. جيڪي ھن جي فائدي لاءِ آھن. ڪاشي رام ائين سمجھي ٿو ته پئسي سان نهايت اعلي مقام حاصل ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ھي منڇر جو طاقتور ۽ انگريز سرڪار وٽ ھلندي پڄندي وارو ماڻھو آھي.
ماڻڪ، ساجن ۽ ماڻڪ جو پٽ سومار، ٺيڪيدار خلاف سرگرم آھن. سموري منڇر اندر ڪاشي رام خلاف ڪاوڙ وڌي رهي آھي. ڪاشي رام سُڌرڻ جي بجاءِ پوري منڇر تي قبضو ڪري ھر ھنڌ پنھنجا ماڻھو بيھاري ڇڏيا آھن.
ڪاشي رام چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو، منڇر جي ڪناري سوداگرن ۽ واپارين جا ڪٽڪ لٿل آهن. رکي رکي انهن ڏانهن مطلب واري مرڪ نھاريائين ٿي، فضا ۾ مڇي، پاڻي ۽ ماڻهن جي پگهر جي مليل جليل ڌپ، سوداگرن جي چهرن مان بيزاري کي ٿي ظاهر ڪيو، پر هي ان احساس ۾ وڌيڪ گهيريل هئا ته مڇي جو اگهه انهن جي من وٽان مليو ته انهن جو سمورو انتظار سجايو ٿيندو. هي روزانو ھر صبح ان احساس ۾ منڇر جو رخ ڪندا آهن ته گذريل ڏينھن جي ڀيٽ ۾ ھن ڀيري مڇي جو اگهه ھنن لاءِ وڌيڪ دل گھريو ھوندو. جنھن کانپوءِ ھي بازار ۾ ٻيڻي اگهه تي وڪڻي سگھندا. ھي روزانو ان طرح جو سوچيندا رهن ٿا.
مهاڻا پنهنجي سموري مڇي ڪاشي رام جي مقرر ڪيل اگهه تي ھن جي حوالي ڪن ٿا. ايستائين جو مڇي جو هڪ داڻو به پاڻ وٽ ناهن رکندا. جي هنن ائين ڪيو ته ڪاشي رام جا ماڻهو کين سخت سزا ڏيندا آهن. جيڪا مار کان بيدخلي تائين به ٿي سگهي ٿي، ڪاشي رام سموري مڇي وري سوداگرن ۾ کپائي ٿو، جنهن جي ڪجهه رقم سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرائي ٿو ۽ باقي چڱي خاصي رقم جو پاڻ مالڪ ٿي وڃي ٿو. هن ڪاروبار سان وابسته جيڪي ماڻهو آهن تن ٿوري عرصي ۾ ايترو ڪمايو آهي، جو هنن جي مالي حالت ڏسي ڪير به نه چوندو ته هي غلام ملڪ جا شهري آهن. اهي لک پتي سوداگر ۽ مڇي جا واپاري مهاڻن جي چوگرد جمع ٿي ويندا آهن ته ڄڻ هندوستان جي دهلي هتان کان شروع ٿئي ٿي. مهاڻن جون مڇي سان ڀريل ٻيڙيون جڏهن منڇر جي ڪناري لنگر ٿينديون آهن، ته ڄڻ ڪنهن طوفان سمورين ٻيڙين کي وهائي هڪ هنڌ جمع ڪيو هجي. واپاري حيرت مان اکيون ڦاڙي مهاڻن ڏانهن ائين نهاريندا آهن ڄڻ انهن جي ٻيڙين ۾ سون ڀريل هجي. پر اهو سڀ سوداگرن لاءِ ته سون آھي، پر مهاڻن لاءِ ساڳي غريبي، اهو روزانو جو ڦيرو منڇر جي مهاڻن لاءِ مسرت کان خالي آھي، قدرت منڇر کي ججهو ڏنو ته جيئن ساھ واريون شيون ان مان سُک ماڻين، پر انجي ابتڙ منڇر پنهنجي لازوال حسن ۽ دولت جي باوجود، واپارين، انگلستان جي بادشاھ، سپاھين ۽ ٺيڪيدارن لاءِ دولت جو انبار بڻيل آھي. قدرت جو ھي خزانو مھاڻن جي خوشي ۽ باقي جيوت لاءِ هو ته جيئن انهن جو گذر آسان ٿئي. انگريز سرڪار ان کي آمدني جو ذريعو ٺاھي ڇڏيو آھي. منڇر جي مُھاڻي کي ڪاشي رام جي ماڻھن جي اجازت کانسواءِ ننڍڙي شاڪُر کڻڻ جي به اجازت ڪانھي. مهاڻا بيحد تڪليف ۽ مشڪل ۾ آھن، هي هتان وڃي به نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته هنن جي پرکن جا هڏڙا هتي دفن آهن. هي ان احساس ۾ به گهيريل آهن ته هنن کان ٻيو ڪم ٿيندو به ڪونه، ان ڪري تڪليف جي حالت ۾ به هي منڇر سان پنهنجو تعلق ڳنڍيو اچن ٿا.
مهاڻا، سيٺ ڪاشي رام کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا. ھي آسودي ڍنڍ جا بيحد غريب مھاڻا آھن. هي ته پنهنجي طرح سوداگرن سان ڪاروبار به نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه وري پنهنجي مرضي واري زندگي گذاري سگهيا ٿي. ٺيڪيداري نظام مھاڻن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آھي. مهاڻا، مڇي ٺيڪيدار کي وڪڻڻ جا پابند آهن، ٺيڪيدار ۽ واپاري هزارين مڻ مڇي لوڊ ڪري بوبڪ اسٽيشن کان باقي شهرن ڏانهن روانو ڪن ٿا. جن مان سرڪار ۽ ٺيڪيدارن کي ھزارين روپين جو فائدو ٿئي ٿو، انگلستان جا سپاهي اسٽيشن جي نگراني ڪندا آھن، جيڪي ٽيڪس اڳاڙي لنڊن جي محلن جي بناوٽ ۽ آفريڪا ۾ ڪارن ماڻهن کي غلام بنائي دنيا جي مارڪيٽ ۾ موڪلڻ واري خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ پائي پائي جو حساب رکن ٿا، انگلستان اڳيان پوري دنيا ڦهليل آهي جنهن جي گهڻي حصي تي انجو راڄ آهي. دولت، ڪجهه ھٿن ۾ اچڻ سان منڇر جي مهاڻن جي اڪثريت غربت جي هيٺين سطح تي پهتل آھي
ماڻڪ، پوري رات ٻيڙي جي تختي تي ليٽيو رهيو. سندس ذھن ۾ ڪيترا ئي سوال هئا، آسمان جا تارا ائين ٿي لڳا ڄڻ موتي ڇٽيل هجن، انجي باوجود هڪ گهري اونده هن جي من اندر لٿل هئي. هي زنده آهي به يا نه ان احساس هن جي اندر جي تلاش جا سمورا در کولي ڇڏيا آھن. هن جو من خاص ڪري پنهنجي حياتي جي نه ختم ٿيندڙ تڪليفن ڪري ڏکي پيو هو، هن کي ائين لڳو هي ڪنهن قبر ۾ قيد آھي. هي ائين سوچي ٿو ڇاڪاڻ ته هن جو وجود جيترو ڀوڳي ٿو، اوترو ھي پنهنجن نگاهن ۾ پاڻ لاءِ ڪراهت محسوس ڪري ٿو ۽ بيحد رنج واري ڪيفيت ڪري هن جون اکيون ڳوڙهن سان تر ٿي وڃن ٿيون. جنهن کي هن بار بار اگهيو ٿي.

هر مياڻي مان هڪ ماڻهو گهرجي

ماڻڪ، پنهنجي مياڻي کان ڪجهه فاصلي تي ٻيڙين جي شھر کي ترندي ڏسي رھيو آھي. پاڻي جي سطح تي هن جي ٻيڙي ڄڻ ڪنهن زخم کان چنگهي ٿي، منڇر کي جيڪا آوارگيءَ حاصل آهي، اوتري ڄڻ هي پنهنجن نماڻين اکين سان لاچار ٿي وئي آهي. ماڻڪ جي بلڪل مٿان کان بيشمار ڪونجون ڪُرڪنديون گذري ويون، ۽ اهي ڳاڙهين اکين وارا نيرڳي، سفيد ٻگهه، وڏي مٿي وارا ڊگوش به، جنهن جا عڪس هن جي من تي ازل کان چٽيل آهن. اوچتو هن پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو.
ماڻڪ ٻيڙي جي تختي تي سڌو ٿي ويٺو، هن سومار کي آواز ڏنو، ھن جي سڏ ۾ يقين ھو عزم هو.
اسين ڪاڏي نه وينداسين، ماڻڪ سومار ڏانھن نھاريندي چيو.
ماڻڪ، ٻيڙي کي ھڪلڻ جو چيو، سومار چپي کي پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ۽ ٻيڙي ھلائڻ لڳو.
ڪاشي رام خود سان ڪا به طاقت ناهي، هو سرڪار جو گماشتو آهي ته ڇا ٿيو، سرڪار جي خزاني کي ته اسين ٿا ڀريون، اسان مان ڪنهن کي اڳتي وڌي پنهنجو بچاءُ ڪرڻو پوندو، هر مياڻي مان هڪ ماڻهو به نڪتو ته سرڪار اسان جي ڳالهه ضرور ٻڌندي. اسين متحد ٿي پنهنجي موجودگي جو احساس پيدا ڪيون ته سرڪار کي مهاڻن جي تڪليف تي سوچڻو پوندو، آخر سمورا مهاڻا منڇر جي زندگي جو حصو آهن، انهن کي ڪيئن ٿو منڇر جي آسودگي کان محروم ڪري سگهجي. هي بيحد حقيقي سوال آهي ته منڇر پنهنجي چادر ڦهلائي ان ڪري نه ته ڪاشي رام آسودو ٿئي، پر ان لاءِ ته هر جيوت کي سُک سان جيئڻ جو حق حاصل هجي، ماڻڪ آزادي، زندگي ۽ اطمينان واري شديد ڪيفيت مان گذرندي پاڻ کي ايندڙ وقت لاءِ تيار ڪري ٿو، هي مياڻي جي سمورن مهاڻن کي رات گڏجڻ جو نياپو موڪلي ٿو.

ريڊيو آڪاشواڻي جي خبر ماڻهن جو ساه ڪڍي ڇڏيو.

لعل، اڄ شام ريڊيو آڪاشواڻي تي هندوستان جي ورھاڱي جون خبرون ٻڌيون ته هن جو من سيني کان ڄڻ ٻاهر نڪري آيو. ھو گھٻرائجي گھر جي آڳنڌ ڏانھن نڪري آيو، گھر جون سموريون ديوارون، پردا، تصويرون، ڪونڊين ۾ رکيل ٻوٽا ۽ اھي مکڙيون به جيڪي تازيون ٽڙيون ھيون جن سان ھي کلندو ڳالھائيندو ھو، ھاڻي ھي خاموش ٿي ويل ٿي لڳيون.
لعل جو سڪون ڀريو چهرو هاڻ ڪيترين ڳالهين ڪري ملول رهي ٿو، جيئن ڪي اسرار هن اڳيان ڪنهن ڀوائتي خواب جيان ايندا هجن ۽ هن جو سک ۽ چين ختم ڪري ويندا ھجن. چوڏهين تاريخ جو چنڊ آشرم مان ٿيندو عين هن جي مٿان اچي بيٺو آھي، چنڊ جي راتين ۾ ڪيترا ڪلاڪ پڌر تي ويھي ان سان ھم ڪلام ٿيو آھي، پر اڄ ھن کي ھي چانڊوڪي ڪنھن المئي کي پيدا ڪرڻ جو سبب بنجندي محسوس ٿئي ٿي. جناح جي خوف ڏيندڙ ڳالهين ۽ گانڌي جي معني خيز خاموشي وارا عڪس سندس جي ذهن ۾ اڀرڻ لڳا. هن کي منڇر ۽ بوبڪ پنهنجن پيرن هيٺان کسڪندي محسوس ٿئي ٿي. هو آهستي آهستي اٿيو، منڇر جي شفاف پاڻي ڏانھن جيڪا ھن کي اڳ کان به وڌيڪ خوبصورت لڳي ٿي.
هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ان خوف کان ته ڪٿي هي، پنهنجي اندر جي خدشن ۽ طويل ٿيندڙ خاموشي سبب روئي ۽ رڙيون نه ڪري. ھن ڪانگريس کي ٽٽندي ڏٺوآهي ته ٻئي پاسي مسلم ليگ کي ٺهندي ڏٺو آهي، هي اها ڳالهه پوري طرح سمجهي ٿو ته هي پارٽيون ماڻهن سان ڇا ڪرڻ ٿيون چاهن. لعل جي چهري تي نامعلوم خوف جا آثار پيدا ٿي ويا، ان قدر جو هو ساه به ڏکيائي سان کڻي رهيو هو. جناح جي علحده وطن جي مطالبي جو ڪهڙو مطلب آهي؟ هي پاڻ سان ڳالهائي ٿو. اها ڳالهه ته خالص هڪ امير مسلمان ڪلاس کي مسلمانن جي اڪثريت عوام مٿان راڄ ڪرڻ جي حق کي حاصل ڪرڻ جي برابر آهي. ائين جي هر مذهب جو ماڻهو پنهنجي راڄ آڌار ملڪ ٺاهيندو ويندو ته انسان جي مجموئي آزادي جو ڇا ٿيندو؟ هن پنهنجي زال کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته، ورهاڱي ۾ ڪنهن جو ڇا ڇا ويندو، ھي ملڪ ۾ رت جو درياء وهندي ڏسي ٿو.
لعل، پنھنجي گھر واري کي چوڻ لڳو ته ھن پوري زندگي بوبڪ کي پنهنجن هٿن سان روشن رکيوآھي. ھن گهرن جا شمعدان نه، ماڻھن جي دلين کي روشن ڪيو ھو. مون ڪڏھن ڪنھن کان نه پڇيو ته ھن گھر جو مالڪ ڪير آھي يا سندس ڪھڙو ڌرم آھي. ھن شھر جي چوراھن تي وڻ لڳايا ته سمورا انسان ان مان ڇانو وٺن. ھن پاڻ کي ڪڏھن به ڪنهن کان الڳ ھستي نه سمجھيو، ھي ته ماڻهن جو ۽ هن زمين جو حصو آھي. هن پاڻي ۾ هن جي وڏڙن جي رک آهي. اهي سفيد ڪفن ۾ ويڙھيل، مٽيءَ ۾ دفنايل ۽ لئي، ڪنڊي ۽ ٻٻُر جي ڪاٺيءَ ۾ ساڙيل ھن جا پنھنجا آھن، هن جا پاڙيسري، دوست ۽ ساٿي آهن، جن کي خدا ڪڏهن به الڳ ڪري پيدا ناهي ڪيو.
لعل جو گهر ڪشادو نه هجڻ جي باوجود تنگ به نه هو، ٻه زال مڙس ئي ته هئا، هنن کي ٻار ڪونه ٿيا، نه ئي هنن ٻارن لاءِ ڀڳوان جو سُک ڦٽايو. بلڪه هنن جي مزاج ۾ ئي ائين نه هو، ڪنهن جو سُک ڦٽائڻ. هو هميشه خدا کان سڀني لاءِ سُک ۽ آنند جي پراٿنا ڪندا رھيا آھن. لعل کي ڪڏهن به اڪيلائي جو احساس نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن شهر، هن جا سمورا غم پنهنجي ٻانهن ۾ سميٽي رکيا هئا، لعل جي پتني ان ڳالهه جي عادي بنجي وئي هئي ته پاڙي جي ٻارن جي کائڻ لاءِ نقل ۽ ريوڙيون سنڀالي رکي، ٻار به هن گهر کي پنهنجو آشرم سمجهندا رھيا آھن، نه ڪا جهل نه پل نه ڪا مهل ڪو موقعو گهر ۾ گهڙي ايندا، لعل جي گهر واري انهن کي پنهنجي چوڌاري ڏسي عجيب راحت محسوس ڪري ٿي. ان کي ان ڳالهه جو احساس ئي نه رهندو هو ته، هن جي پنهنجي ڪُک ٻار کان خالي آهي. لعل ميونسپالٽي جو ملازم نه هو، پر هن ماڻهن جي درن جا شمعدان روشن رکڻ جو ذمو پنهنجي سر کنيو هو. هو رات جو سمورن گهرن کي روشن ڪري ايندو ۽ صبح سوير انهن کي اجهائي ايندوآھي. ميونسپالٽي هن کي صرف شمعدان ٻارڻ جو تيل ڏئي ٿي، لعل جو ننڍڙو ڪاروبار منڇر ۽ مھاڻن سان جڙيل آھي. هن ٻيڙي تي ڪريانه جو دوڪان کوليو. ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو منڇر جو ڦيرو ڏئي ايندو هو ته پورو ڏينھن سُک سان گذري ويندو ھو. ٻيڙي کي شام جو ڪناري سان لڳل ڪلي سان ٻڌي ايندو ھو، تڏهن ڪجهه به گم ٿيڻ يا چوري ٿيڻ جو ڪو خوف نه هو، هن کي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي خواهش ڪڏهن به نه رهي، سندس ڪوشش هوندي آھي ته پنهنجي حياتي کي گهڻين ڳالهين کان بچائي رکي، جنهن مان هڪ شي پئسو به هو جنهن لاءِ هي ڪڏهن به پريشان نه ٿيو.

ڪي وڏا واقعا تاريخ وساري ٿي.

ماڻڪ ڪمال جو مهاڻو آهي، هن جي همت رنگ لاتو، هن ڪري ڏيکاريو،
منڇر جا مُھاڻا ماڻڪ سان ان ڳالهه تي سھمت آھن ته سيٺ ڪاشي رام، هڪ خود غرض لالچي انسان آهي. هاڻ جي انگريز سرڪار جو نمائندو اچي ٿو ته ان سان پنهنجا رنج بيان ڪجن. هنن کي ان ڳالهه جو به اندازو هو ته اهڙي قسم جي پيشقدمي جا نتيجا خراب به نڪري سگهن ٿا، پر جي هي متحد آهن ته ڪير به هنن کي منڇر مان بيدخل نه ٿو ڪري سگهي. ھنن ٻين ڪيترن بنيادي سوالن تي به غور ڪيو.
مان توھان کي ٻڌايان ٿو، اسانجي تڪليف ختم ٿيندي، جنھن لاءِ اسانجو متحد ھجڻ ضروري آھي. ماڻڪ، مُھاڻن سان مخاطب هو. هزارين سالن کان قائم منڇر تڏهن به قائم هئي، جڏهن ڪا حڪومت يا سرحدن جو وجود نه هو. جڏهن باقي دنيا جا ماڻهو تلوارن ۽ نيزن سان ھڪٻئي جو خون ڪري رھيا ھئا، معصوم ۽ ڪمزور ماڻھن جي مال مويشي تي قبضو ڪري رهيا هئا، تڏهن مهاڻا ان سموري انساني جنگ کان پري، پاڻي کي پنهنجو گھر ٺاھيو. ھتي ھي مھاڻا ٿي رھيا، پاڻي تي رهڻ جي روايت وڌي ۽ ڪنهن جي به جان وٺڻ ۽ انجي ذريعن تي قبضي ڪرڻ کانسواءِ امن سان رھڻ لڳا. ان کانپوءِ ته قافلن جي صورت ۾ ماڻهو آباد ٿيندا ويا. منڇر سمورن جي گذر سفر جو بندوبست ڪيو ۽ انهن کي بھ پنهنجي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو ۽ ڏسندي ڏسندي منڇر جي مٿاڇري تي جهڙوڪر ٻيڙين جو شهر آباد ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته منڇر سڀ جي من اندر ائين سمائجي وڃي ٿي، جيئن انسان جي جسم اندر نيڪي وارا خيال سمائجن ٿا جيڪي پوءِ وڃن ٿا مضبوط ٿيندا. اسان هتي پنهنجا قانون ٺاهيا، رهڻ جا پنهنجا طريقا.
ماڻڪ مھاڻن جي وچ ۾ ويٺو ڳالهائي رهيو هو، سمورا مھاڻا کيس غور سان ٻڌي رهيا آھن. هن وري ڳالھائڻ شروع ڪيو، منڇر اسان سڀني جو گهر آهي. ڄمڻ، مرڻ، شاديون سڀ اسان منڇر تي ڪيون ٿا، اسان ڪڏهن به زمين تي رهڻ وارن ماڻهن سان حساب ناهي ڪيو، انهن اسان کي ڪڻڪ، ٻاجهر، جوئر، چانور ڏنا کين بدلي ۾ اسين مڇي، بهه، پٻڻ، لوڙهه ڏنا، جنهن ۾ قدرت پنهنجو ذائقو رکيو آهي. اسان نيزن تلوارن جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ هزارين سالن کان قائم تهذيب ۽ مساوات جي بنياد رکي. دنيا کي ٻڌايو ته قتل غارت ڪرڻ کانسواءِ به امن سان رهي سگهجي ٿو. پر جڏهن کان ملڪن ۽ سرحدن جي سياست شروع ٿي ته انهن ماڻهن نه صرف ماڻهن پر قدرت جي وسيلن تي به قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، گذر سفر جا اهي ذريعا قدرت پنهنجي طرح سان ماڻهن جي قدمن هيٺان رکيا ته جيئن اهي ان کي تلاش ڪري پنهنجي استعمال ۾ آڻن ۽ سُک جو ساه کڻن. انگريز سرڪار کان اڳ ميرن ۽ مغلن کي به اسين آمدني تي ڍل ڏيندا رهياسين ۽ هاڻ به ڏيون پيا، پر انجو اهو مطلب ته ناهي ته اسين غلامي واري زندگي گذاريون ۽ پوري ڏينهن جي ولوڙ کانپوءِ مڇي جي هڪ داڻي تي به اسانجو حق نه هجي. ٺيڪيدار ڪاشي رام کي سرڪار کان وڌيڪ منڇر ۽ مهاڻن سان وفادار هجڻ گهرجي، پر هي مڪمل سرڪار جو دلال آهي ۽ مهاڻن کي انسان سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. ان خيال ۾ ڪو هندو مسلم جو سوال ناهي، ڇاڪاڻ ته سيٺ ڪاشي رام سمورن پوءِ توڙي هندو ڌرم جا هجن يا مسلمان سمورن سان ساڳي ناانصافي ڪري ٿو. منڇر مهاڻن جي آهي، اها ئي بنيادي ڳالهه آهي. انگريز عملدار کي به اها ڳالهه سمجهائڻي آهي، سمورن مھاڻن ماڻڪ جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ هڪ ئي آواز ۾ چيو، بيشڪ منڇر مهاڻن جي آهي، اسان ان حق لاءِ وڙھنداسين. ماڻڪ اسين توسان گڏ آهيون.

ٻيڙين جو جلوس
سڙه سنڀالي ھلو

غير معمولي فيصلي کانپوءِ مھاڻا، ٻيڙين جو جلوس ڪري ڊاڪ بنگلي ڏانهن روانا ٿيا، قافلي ۾ ڪي ٻه اڍائي سو ٻيڙيون ھيون ۽ سڀني پنھنجا سڙھه کولي رکيا ھئا، جنھن سان انھن جي رفتار ۾ تيزي اچي وئي. ماڻڪ جي ٻيڙي سڀ کان اڳيان آھي، ھنن جو رخ ڊاڪ بنگلي ڏانھن آھي، جتي انگريز سرڪار جو نمائندو ترسيل آهي. مھاڻن ۾ ھڪ عجيب ھلچل آھي، ان جوش جي حالت ۾ منڇر ته ڇا هي سمنڊ به اُڪري ويندا. سومار جي ٻيڙي ماڻڪ جي بلڪل ڀر کان ھلي رھي آھي، سمورا مھاڻا ھڪ آواز ۾ منڇر ۽ مھاڻن جي حياتي سان ملندڙ جلندڙ گيت ڳائن ٿا، هي ڳائيندا ڳائيندا پنهنجن ٻانهن کي به هوا ۾ لهرائيندا رهن ٿا، هنن سنڌ جي عظيم درياء جو ذڪر ڪيو ٿي ۽ کيرٿر جي بلند پهاڙن جو به ذڪر ڪيو ٿي، پنهنجن ٻيڙين جي ڪاٺ جو به ذڪري ڪيو ٿي جيڪي برسات جي پاڻي ۾ ڀڄن ٿين ته عجيب خوشبو پيدا ڪن ٿيون، ساجن مهاڻي انجي ابتدا ڪئي ۽ باقي مهاڻن رکي رکي ورناءُ ڏنو ٿي،
ھنن ڪيترن مھاڻن جا نالا کنيا
مياڻين ۽ ٻيڙين جا نالا کنيا
پتڻ ۽ پنن جانالا کنيا
پکين ۽ پرديسين جا نالا کنيا
ھي ائين ڳائيندا ھلندا ھليا
ساجن گيت ڳائيندو ٻيڙي جو چپو هلائيندو ٿي ويو، هي هاڻ ڊاڪ بنگلي جي ويجهو پهچي ويا آهن. ساجن جنھن سُر سان ۽ باقي مھاڻن جنھن جوش مان ورلاءِ ڏنو ٿي، ان سان ھنن ۾ جوش ڀرجي ويو ھو. منڇر جون لهرون هنن جي ٻيڙين کي ڄڻ اڳتي ڌڪي رهيون آھن، هنن اندر هڪ نئين مھاڻي جو جنم ٿيو، هنن لاءِ هي گهڙي نهايت اهميت واري آهي، هنن چاهيو ٿي ته هي آزاد ٿي وڃن، اهي خيال ماڻڪ جي دل ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. باوجود انجي جو ماڻڪ پنهنجي چهري مان ڪو گهڻو داناءُ به نظر نه ٿي آيو نه وري چهري جا وصف ڪي گهڻا خوبصورت هئا، سندس گھريون ڪشاديون جاندار ڀوري رنگ واريون اکيون، جن مان هن جي سموري شخصيت جي خبر پوندي هئي، سندس دل چهري کان وڌيڪ خوبصورت آھي. اها ئي ڳالهه ماڻڪ کي باقي مهاڻن کان نمايان ڪري ٿي، هن پنهنجي طرح سان پنهنجي زندگي جا ڪجهه اصول ٺاهي رکيا آھن. جيڪي ئي دراصل هن کي ضابطي ۽ حقيقي زندگي ڏانهن وٺي وڃن ٿا.
منھنجي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻڌو، ماڻڪ، ساجن ۽ سومار سان ڳالھائيندي چيو.
هي انگريز، کليل دماغ جا ۽ لالچي ماڻهو آهن. هي اسان کي ڪيترن فضول ڳالهين ۾ منجھائي سگهن ٿا ۽ ڪٿي ته گرما گرمي به ٿي سگھي ٿي. توھان خاص طور ٻئي هنن جي ڪنهن به چيڙائڻ واري ڳالهه تي ارھا نه ٿجو، توھان کي ڏسي عجيب لڳندو ته هي ڪهڙي مُهذب طريقي سان اسانجي ڳالهه ٻڌندا پر جي هنن کي اسانجي ڳالهه ۾ منافعو ۽ فائدو سمجهه ۾ آيو ته فيصلي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا. ھنن سنڌ فتح ڪئي ته جيئن ان جي وسيلن کي پنھنجي آسودگي لاءِ ڪم آڻي سگھن، ان لاءِ هنن پُلون، ريلون ۽ واھه کوٽيا، مون پنھنجن اکين سان اهو ٿيندي ڏٺو آهي. هنن هتان جي پراڻي زمينداري واري نظام کي ڇيڙڻ جي بجاءِ مضبوط عملداري ۽ صاحبي واري نظام کي مضبوط ڪيو، جنھن ڪري هنن کي ڪا وڏي مذاحمت کي منهن ناهي ڏيئڻو پيو. هنن جو عام ماڻهو سان واسطو به ائين آهي، هنن جو ان سان ڪو سرءُ ڪار ڪونهي ته عام ماڻهو غربت جي ڪهڙي حالت ۾ آهي. پر هنن جو انصاف واه جو آهي، هي انصاف پسند ان ڪري آهن ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سموري پيداوار جا هي اڪيلا مالڪ آهن. ان ڪري هي پاڻ کي مقامي سردارن ۽ نوابن جي نسبت بهتر ڪري پيش ڪندا آهن ۽ اهو تاثر ڏيندا رهندا آهن ته ھي هتي اسانجي ڇوٽڪاري لاءِ آيل آهن.
ڊاڪ بنگلي تي، انگريز سرڪار جو فوجي دستو هميشه رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي رسد ۽ پيغام رساني جو ذريعو آهي، ان ڪري اسين ڄڻ فوجي ڪيمپ ڏانھن پيا ھلون، اسان کي شڪ جي نگاه سان ڏسندا، پر جي مرشد ڌمڻ چاهيو ته اسان گورن آڏو حق جي ڳالهه رکڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. سيٺ ڪاشي رام سان اسانجي ڪا دشمني ڪانهي، هن اسانجي جيئڻ جا سموار رستا بند ڪري رکيا آهن. ماڻڪ، ساجن ۽ سومار پنهنجي گفتگو ختم ڪري اٿي بيٺا. ان دوران سمورا مهاڻا به سندن چوڌاري گڏ ٿي ويا، هي ڳڻپ ۾ ڪي 200 مهاڻا آهن جن ۾ اهي عورتون به آهن جن پنهنجي پوري حياتي مڇي مارڻ ۽ ٻيڙي ھڪلڻ وارو ڪم ڪيوآھي. هنن کي اڄ وارو ڪو تجربو ڪونهي ته حق حاصل ڪرڻ جي ويڙهه ڪيئن ھوندي آهي، هي ته پنهنجي گُھوٽن سان گڏ بيٺيون آهن. هي سمجهن ٿيون ته ان سان هنن کي طاقت ملندي، ڪجهه ته معصوم ٻارن کي به جهولي ۾ کڻي آيون آھن. هي هڪ ٻئي احساس ۾ به گهريل آهن ته منڇر ھنن جي ھم راز ۽ اھڙي آرسي جھڙي آھي جنھن ۾ ھي پنھنجو پاڻ کي ڏسن ٿيون، هاڻ جي ٺيڪيدار جي ڪري، منڇر کي باهه لڳل آهي ته هي ڪيئن ٿيون خاموش رهي سگهن.

تون منڇر جو مهاڻو آهين.
ٻاهرجي شيخ ڌمڻ پير ٿي وئين ته ڇا ٿيو.

شاھ حسڻ ڊاڪ بنگلي جو آڳنڌ مهاڻن سان ڀرجي ويو آهي، ماڻڪ کي ياد آيو ته هي هتي ڪيترا ڀيرا آيو آهي ۽ ڪيترا ڀيرا انگريزن کي بلڪل ويجھي کان ڏٺو آهي پر ڪڏهن به کيس همت نه ٿي ته ويجهو وڃي انهن سان ڳالهائي سگهي. پر اڄ هنن سان پنهنجن حقن متعلق ڳالهائڻ آيو آهي، هن کي اها همت ان ڪري ٿي آهي جو هنن کي حقير سمجهيو ويو، هنن جي پورهئي تي قبضو ٿيندو ويو. ماڻڪ، هڪ ڀيرو سمورن مهاڻن ڏانهن نهاريو، هن کي مهاڻن جي چهرن تي سالن کان پکڙيل نااميدي جا گهرا نشان نظر آيا. هن جڏهن واري واري سان سڀني ڏانهن نهاريو ته ڄڻ نامعلوم خوشي، رنج، خوف جي ڪيفيت سمورن جي اکين ۾ اُڀري آئي ھئي. ھنن حقارت واري زندگي مان ڇوٽڪارو ٿي چاهيو.
قريب قريب اڌ ڪلاڪ کانپوءِ گورن جا ٻه سپاهي هنن ڏانھن آيا، هنن کان مجمعي لڳائڻ جو سبب پُڇي هليا ويا. هي ويٺا رهيا. سومار جي ذهن ۾ طرح طرح جا عجيب خيال آيا ٿي، انهن کان بچڻ لاءِ هن ڪيڏيءَ مهل ماڻڪ سان ٿي ڳالهايو ته ڪيڏيءَ مھل بيخياليءَ مان زمين ٿي کوٽي. هي ڪڏهن به اهڙي ڪيفيت مان نه گذريو هو. هڪ عجيب شور هو، جيڪو ويو ٿي هن جي من اندر وڌندو. سمورن مھاڻن مٿان بيزار ڪندڙ عجيب خاموشي ڇانيل ھئي. هي ڳالهه ڪيتري نه اذيت ڏيندڙ آهي ته، انسان جي حيثيت مڇي جي هڪ داڻي کان به گهٽ ھجي. هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن سيٺ ڪاشي رام جي ماڻهن هن جي حصي جي سموري مڇي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏي هئي، ھن مذاحمت ڪئي ته ڪيئن نه هن کي ٿفڙون هنيون هيون، ان رات هي هڪ گهڙي به سمهي نه سگهيو هو، هن هتان وڄڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر پوءِ سندس والد ماڻڪ انڪار ڪيو ھو. چوي جي هر ماڻهو ائين منڇر ڇڏيندو ويندو ته، اسانجي اندر ۾ جيڪا منڇر آهي سا ته مري ويندي. ان خوفناڪ مستقبل کان ھن جو روح ڇرڪي پيو ھو. ھن ته ان ڏينھن حد ڪري ڇڏي ھئي. منع ڪرڻ تي ماڻڪ کي گاريون ڏنيون ھيون. جنھن تي ماڻڪ کيس ڀاڪر ۾ ڀري پاڻي ۾ کڻي اڇليو ھو. ڀنل ڀنل اکين سان ھي ڪافي دير تائين ماڻڪ کي ڏسندو رهيو. سومار ورائي ورائي انجي ڳالهين تي سوچيندو رهيو. ماڻڪ جي آخري ڳالهه هن جي ڪائنات ئي تبديل ڪري ڇڏي.
“تون منڇر جو مهاڻو آهين. ٻاهرجي شيخ ڌمڻ پير به ٿي وئين ته ڇا ٿيو”

منڇر، مٿان مهاڻن جو راڄ تسليم ٿيو.

انگريز سرڪار جو نمائندو هنن اڳيان اچي بيٺو
توهان مان ڪي به چار ماڻهو مونسان گڏ اچن، انگريز سرڪار جي سپاهي ماڻڪ ڏانهن نهاريندي چيو.
ماڻڪ ساجن، ڌڻي بخش ۽ مائي هاجران کي گڏ کنيو، هي چارئي سپاهي جي پويان پويان هلندا ويا. هي جيئن ڪمري جي اندر گهڙيا ته هنن جي پهرين نظر سيٺ ڪاشي رام تي پئي. هن جي ڀر ۾ ٻه گورا انگريز آفيسر ويٺا هن سان ڳالهائي رهيا هئا، سيٺ ڪاشي جي آواز ۽ چهري جي رنگت مان لڳو ٿي ته هي ڪنهن طوفان کي ايندو ڏسي پريشان آهي. ٻن انگريز گورن مان هڪ جي عمر پنجاه سالن جي لڳ ڀڳ آھي جڏهن ته ٻيو نوجوان هو، ڪشادو ڪمرو روشن هو، وڏي عمر وارو انگريز آفيسر هنن کي ڏسي پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيٺو.
“ توهان سان ڪهڙو مسئلو آهي؟” انگريز آفيسر هنن ڏانهن نهاريندي پڇيو،
سرڪار اسين منڇر جا مُهاڻا آهيون، ماڻڪ نهايت ڌيرج مان عرض واري انداز ۾ ڳالھائڻ لڳو. اسين ھي سڀ جيڪي ٻاھر ويٺا آھيون، پنهنجن پرکن کان منڇر تي آباد آهيون. هي منڇر ئي آهي جنهن اسانجي گذر سفر جي ذريعن کي آسان بنايو، اسانجن ابن ڏاڏن جا هڏڙا به هن زمين ۾ دفن آهن. اسان هتي ائين زندگي گذاري آهي، جو ڪو به اسان ۽ منڇر ۾ فرق ڪري نه سگهندو. اسان مان ڪنهن کي به مغلن ۽ انگريز سرڪار جي جهيڙي سان ڪا دلچسپي ناھي، ڇاڪاڻ ته اسان جي دنيا ئي الڳ آهي. اسان ڪنهن به سرڪار کان هميشه ايترو چاهيو آهي ته اسان کي عزت سان جيئڻ ڏيو. اسان ٻارن جي تعليم ڇڏي، پنهنجن بيمارين جو علاج منڇر کان سکيو، پنهنجي سادگي ۽ خوشي جو اظهار شيخ ڌمڻ فقيرجي ميلي تي ڪندا آهيون جتي اسانجا ابا ڏاڏا دفن آهن.
ڪجهه گھڙي جي خاموشي کانپوءِ، ماڻڪ ساڳي گرم جوشي مان وري ڳالهايو.اسين ائين ٻڌو آھي ته، انگريز انصاف ڪرڻ وارا آھن. هي ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام جيڪو اوهانجي ڀر ۾ ويٺو آهي، مهاڻن سان ائين نفرت ڪري ٿو جو انهن کي پنهنجي کائڻ لاءِ مڇي جو هڪ داڻو به نه ٿو ڏئي. هي غير قانوني به آهي ته ظلم به. هن هر طرف پنهنجا ماڻهو رکي ڇڏيا آهن، هن جي ظلم جي حد آهي جو ڪيترا مهاڻا منڇر ڇڏي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ به هن جي ماڻهن سومار کي گهٽ وڌ ڳالهايو ٿفڙون هنيون، ان کان اڳ ھنن جمال، خدابخش ۽ موسي سان به ائين ڪيو. اسان توھان کان انصاف چاھيون ٿا. سرڪار اسين بدقسمت ناهيون، ماڻڪ هڪ ڀيرو وري ڳالهايو، اسين ٻن سالن کان هن هلڪي طبعيت واري بکايل سيٺ ڪاشي رام جو ظلم برداشت ڪندا رھيا آهيون.
هي لائق ناهي، هي هڪ ڏينهن به منڇر جي ٺيڪداري رکڻ جي لائق ناهي.
ڪمري ۾ ڪجهه دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي. ماڻڪ چٻي ۽ چٿي ڳالهائڻ جي بجاءِ مهاڻن واري روايتي انداز سان ڳالهايو، جيڪو واضح ۽ چٽو هو. هن ائين ڄاڻي واڻي ڪيو هي پنهنجي اندر ائين طئي ڪري ويٺو هو ته، “هو پاڻ کي ٻوڙيندو يا ٺيڪيدار کي” باجود انجي جو ماڻڪ جي تعليم به ڪا ڪانهي ان هوندي به ھن جي گفتگو سڀني کي ٻڌڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ۽ سمورا کيس غور سان ٻڌي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته کيس جي چهري مان معصوماڻي گفتگو سان گڏ اکين مان پختو ارادو به جهلڪيو ٿي.
صاحب!؟
صديق مهاڻو.
سيٺ، جو ڪمدار.
توهانکي ٻڌايان ٿي ته هن هُوران سان ڇا ڪيو؟ ھاجران اوچتو رڙ ڪري سڀني جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪيو .
ان ڏينهن هو ته لڙهي وڃي ها پر، ڪُراڙي واحد بخش کيس بچائي ورتو. گذريل ڪيترن مهينن کان هو ان عذاب ۾ مبتلا رهي ته، صديق هر ڀيري ان کي مجبور ڪندو هو ته ان سان دوستي ڪري. جڏهن ته هوران مـڱيل آهي، هڪ ڀيري هو اڪيلي بتيلي تي لوڙهه ڪڍي رهي هئي ته، صديق کيس ڦري آيو ۽ پنهنجي هوڙي کي هوران جي بتيلي سان ملائي، هوران کي ٻانهن مان جهلي پنهنجي بتيلي ڏانهن ڇڪڻ لڳو، هن جو ارادو ڪهڙو هو پر، هوران سخت مذاحمت ڪندي وڃي پاڻي ۾ ڪري، صديق خوف مان پنهنجو هوڙهو گهمائي پتڻ ڏانهن ڀڳو، هن سمجهيو ته هوران ٻڏي وئي، پر مهاڻي عورت کي ترڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ جنم کان مليو آھي، پر ان ڏينهن هوران اهڙي خوف ۾ ورتل هئي جو پوري طرح تري به نه پئي سگهي، هي ته معصوم هئي، هن ڪڏهن به اهڙي واقعي جو سوچيو ئي ڪو نه هو، پر پوءِ اوچتو ڪراڙو واحد بخش ٻوڙن کان ظاهر ٿيو ۽ هوران کي رڙيون ڪندي ۽ پاڻي تي ٻانهون هڻندي ڏٺو ته کيس اچي بچايو.
“ان ڏينهن ته هوران ٻُڏي مري ھا” توهان کي ٻڌايان ته سيٺ کي ڪيترا ڀيرا مون صديق جي شڪايت ڪئي، پر هر ڀيري هن انجي ساراهه ٿي ڪئي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي ماڻهو هو جيڪو سڀني کان وڌيڪ بزدل ۽ ڪميڻو آھي. مائي ھاجران غضبناڪ نظر مان سيٺ ڪاشي رام ڏانهن نهاريو.
“سيٺ، مون توکي خبردار ڪيو هو ته صديق کي ائين ڪرڻ کان روڪ” توکي ياد آهي ته تو منهن ڦيرائيندي چيو هو ته صديق ته منھنجو خاص ماڻھوآهي. تو جنھن وقت اھي لفظ چيا تڏھن تون پوري ريت پنھنجي عزت وڃائي ويٺو ھئين،
“بيغيرت” ڪنھن جاءِ جا، مائي ھاجران سيٺ ڪاشي رام ڏانھن نھاريندي کيس حقارت مان چيو.
وڏي عمر وارو گورو آفيسر، هنن جي سامهون اچي بيٺو ، هنن کي ٻڌڻ کانپوءِ هڪ اهڙي آرام ڪرسي تي ائين اچي ويٺو، جنھن جو رُخ هنن ڏانهن ھو. هن ڪيئي ڀيرا بي اختيار غور سان ماڻڪ ڏانهن ۽ وري ھاجران ڏانهن نهاريو، ڪيڏي مهل ته هڪ ئي وقت ڪيترا گهنج هن جي اکين مان ظاهر ٿيا ٿي. هن ڪجهه لفظ انگريزي جا پنهنجي نوجوان گوري سان ڳالهايا، ڪجهه لمها ترسي هن سيٺ ڪاشي رام ڏانهن نهاريو.
سيٺ ڪاشي رام جو چهرو لٿل ھو. هنجي چهري جي رنگت مان ظاهر هو ته هي پنهنجي ساک وڃائي ويٺو آهي. سيٺ ڪاشي رام ڪجهه چوڻ ٿي گهريو، پر کانئس لفظن ساٿ نه ڏنو. سندس دل کي خوف ورائي ويو هو، ايستائين جو ڏڪڻي وٺي ويس.
تون ڇا چوندين!؟ وڏي عمر واري گوري آفيسر ڪاشي رام ڏانهن نهاريندي چيو.
سيٺ ڪاشي رام ڄڻ ٻوڙو ٿي ويو هو، ھن اکين کي مهٽيو، ۽ اوچتو عجيب طرح جي دانهن ڪندي گوري آفيسر ڏانهن نهاريندي چيو،
“ مالڪ آهيو، جيئن وڻي فيصلو ڪيو.”
وڏي عمر واري گوري آفيسر پنهنجي مٿي کي هيٺ جهڪايو، گهڙي کن ان حالت ۾ رهندي. ماڻڪ ڏانهن نهاريندي چيو. “ ٺيڪيدار کي وجهو کڏ ۾، منڇر جو ٺيڪو توھان کي ڏيون ٿا، سال جا 30 ھزار” توهان مڪمل با اختيار هوندا ڪوبه توهان کي بي دخل ڪرڻ وارو نه هوندو. گوري آفيسر مهاڻن ڏانهن نهاريندي چيو، توھان کي اھو قبول آھي.
هائو! اسين ائين ڪري سگهون ٿا، اسان کي قبول آھي. ماڻڪ جواب ڏنو، هي ان فيصلي لاءِ تيار نه هئا پر هي ان حقيقت کان واقف هئا ته آزادي سان جيئڻ جو هي ئي رستو آهي، هي جي نيڪ نيت رهيا ته سمورن مهاڻن جي نسلن کي فائدو ٿيندو، هي مڃتا هنن کي نئين طرح سان جيئڻ جو رستو ڏيندو، هڪ عجيب قسم جو جوش هڪدم سندس دل ۾ پيدا ٿيو، هن ماٺيڻي ۽ راحت ڀري نظر مائي ھاجران تي وڌي، هن پوءِ واري واري سان، ڌڻي بخش، مائي هاجران ڏانهن نهاريو، سڀني جي اکين ۾ عجيب خوشي هئي..
مائي ھاجران، تڏهن گوري انگريز جي آڏو اچي بيٺي.
“اهوئي انصاف آهي” باوجود انجي جو تون، هن وطن جو ناهين، پر مھاڻن کي تنھنجو ھي فيصلو ھميشه ياد رھندو، تنھنجا گڻ ھميشه ياد رکيا ويندا.


منڇر، ننڍڙي دنيا جو وڏو جشن

منڇر جي ھر طرف کان خوشيءَ جو احساس هو، جيڪو مهاڻن کي ويو ٿي پنهنجي سحر ۾ وٺندو. پهريون ڀيرو هنن کي پنهنجي قدر قيمت جو احساس ٿيو. هي جيڪي معمولي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا، بلڪ حقير سمجهيا ويندڙ، ھاڻ غير معمولي طور تي پاڻ کي طاقتور سمجهڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به نقصان، بي دخلي، جنگ، جهيڙي کانسواءِ هنن منڇر مٿان پنهنجو راڄ تسليم ڪرايو. ان ڪاميابي هنن جي دنيا تبديل ڪري ڇڏي، ٺيڪيداري نظام جي خاتمي جي خوشي ۾ منڇر جا مهاڻا ماڻڪ کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. شام جي ڌنڌلي روشني ۾ پري کان کيرٿر جون پهاڙيون الوپ ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ روشن ٿي پيون ھيون. ڪجهه ته ائين ٿي لڳيون ڄڻ پاڻي جي وچ ئي وچ منجهه بيٺيون آهن، وري جي هوا ٿي لڳي ته منڇر گرجا جي گهنڊ جيان وڃي ۽ لُڏي ٿي. لهندڙ سج جي لالاڻ جا عڪس مهاڻن جي اکين ۾ تري بيٺا آهن. منڇر جي هڪ عجيب خوشبو هوا ۾ تحليل ٿي پکين جي روح کي ٿي سڏيو، مھاڻن جي پرکن جا روح سفيد سڙھ جيان جھومي رھيا آھن.
سوين مھاڻا پير شيخ ڌمڻ جي ميدان تي گڏ ٿيا آھن. هي ڪاميابي جو جشن ملهائي رھيا آھن. ٻار، عورتون ھر ھڪ مھاڻو ان جشن جو حصو آھي.
ڌڻي بخش مهاڻو، پنھنجي تنبوري مان ڪا نئين موسيقي ڇيڙڻ جي تياري ۾ آھي. مائي ھاجران اڄ ڪيتري عرصي کانپوءِ ڌوتل وڳي، ٻانهن ۾ شيشي جون چوڙيون پائي آئي آھي ۽ پهريون ڀيرو وارن ۾ چوٽيون ٺاهيون آھن. جنهن ۾ خوشبو جو تيل به لڳايو هو. هن کي پهريون ڀيرو اهڙي خوشي جو احساس ٿيو، جيڪو ڪنهن قيدي کي آزادي ملڻ کانپوءِ ٿئي ٿو. هي هاڻ ڪنهن سان به منڇر جي حفاظت لاءِ وڙهي ۽ جهيڙو ڪري سگهي ٿي.
ماڻڪ پري کيرٿر جي پهاڙن کي ڏسي رهيو آھي، جيڪي آهسته آهسته اونده ۾ الوپ ٿيندي پئي ويون
جي اسان عقل کان ڪم ورتو ته ڪجهه ئي عرصي ۾ مهاڻا آسودي زندگي گذاريندا، ماڻڪ، ساجن ڏانهن نهاريندي بيحد اتساه مان چيو
ها! هاڻ جي منڇر مھاڻن کي هلائڻي آهي، ته انهن سمورن مسئلن کي به ڌيان ۾ رکڻو پوندو، جيڪي اڳتي سامھون اچڻا آھن. ساجن، ماڻڪ سان سهمت ٿيندي وراڻيو .
اسان جا پنهنجا مهاڻا به، مڪاري ڪري سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هي صرف منڇر جي آسودگي کان واقف آهن، انجي قدر قيمت کان نه، اسان کي نون ايندڙ مھاڻن لاءِ ڪو قانون ٺاھڻو پوندو. جمال وراڻيو.
ها! تو بيحد اهم ڳالهه ڪئي آهي، ڌڻي بخش وراڻيو، ٻاهر جي مختلف ذاتين جي ماڻهن جي آمد شروع ٿي وئي آهي، جيڪي سرائڪي، سنڌي، بلوچي هڪ ئي وقت ڳالهائن ٿا، ڪرايي تي ٻيڙيون حاصل ڪري مڇي مارن ٿا ۽ ڪنهن حد تائين مقامي مهاڻن سان تعصب وارو رويو رکن ٿا.
ها ائين آهي! ماڻڪ وراڻيو، ڇاڪاڻ ته زمينداري نظام ماڻهن جي زندگي کي بيحد تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. انگريزن، نوابن ۽ جاگيرن کي حفاظت ڏئي، ماڻھن کي غريب ۽ ھيسيل رھڻ تي مجبور ڪيو آھي. هنن ريل جي پٽڙي وڇائي، ته جيئن ان مان پنهنجي دولت ۾ اضافو ڪري سگهن. هي بوبڪ اسٽيشن تي مڇي جي پيڪنگ جي صنعت لڳائڻ لاءِ تيار ناهن نه ئي ائين سوچن ٿا، هي ان سطح جي ترقي صرف پنهنجي ملڪ ۾ ڪرڻ چاهن ٿا، سنڌ ۾ ڪپڙي، مڇي ۽ نير جو ڪاروبار هڪ مخصوص ڪلاس کي آسودو ڪري ٿو. هاڻ ته انگريزن جي ڪمپني سنڌ جي ڪاروبار تي مڪمل قابض ٿي چڪي آهي، سنڌ جو هاري به ان کان قرض کڻي ٿو، اهڙي حالت ۾ منڇر ڪيترن ماڻهن لاءِ ڪشش رکي ٿي. پر مونکي ائين لڳي ٿو ته هي نوان ماڻهو گهڻي دير تائين منڇر ۾ پنهنجا پير ڄمائي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته هنن جون شاديو ن، مٽ مائٽيون ۽ روزاني جو وهنوار منڇر سان ناهي. هي ماڻهو بيحد وڏي عمر، شهر ۾ رهڻ کانپوءِ منڇر اچن ٿا. جڏهن ته اسانجو مهاڻو، پنهنجي جنم کان منڇر سان جڙيل آهي. جيڪا انجي رت ۾ شامل آھي. ان ڳالهه کان پريشان ٿيڻ جي بجاءِ، اسان پنهنجن شراڪتي رشتن کي وڌيڪ مضبوظ ڪيون. هڪٻئي تي ڀروسو ڪيون ۽ پنهنجن ٻارن کي ايندڙ وقت لاءِ تيار ڪيون انهن جي تعليم جو بندوست ڪيون.
نون ماڻهن جي اچڻ سان نوان مسئلا پيدا ٿيندا، پاڻ کي ان لاءِ ڪجهه اصول ۽ حدون طئي ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته ڪاروباري ماڻهو هر وقت مڇي ۽ پکي جي ڪاروبار جو سوچيندا رهن ٿا. جمال ڳالهائيندي چيو.
مائي ھاجران ٻيڙي جي پائي سان ٽيڪ ڏيو بيٺي آهي، مان توهانکي ٻڌايان ٿي. ائين ته اسين ڪنهن کي به اچڻ کان روڪي نه ٿا سگهون. هر ماڻهو مڇين ۽ پکين جي لالچ ۾ هڪ ڏينهن جو مهاڻو بنجي وڃي ٿو. ان ڪري پاڻ کي “شراڪتي تنظيم” ٺاهڻ گهرجي ۽ سمورن مهاڻن تي مشتمل منڇر رضاڪار جٿو به ٺاهڻ گهرجي. هر مهاڻي تي فرض ڪجي ته هو منڇر جي حفاظت ڪري، ان ۾ ئي اسان جي حفاظت ۽ ڀلائي آهي. سمورا مهاڻا مائي ھاجران جي راِءِ سان سھمت ھئا.

10. شيخ ڌمڻ پير جو ميلو ۽ مائي بيگم روهڙي واري

ھو عقيدت جي حالت ۾ ڳائيندي، پنھنجن ٻانھن کي ھوا ۾ لوڏي رھي آھي. ماڻڪ، سڌو ھن جي سامھون ويٺو ھن کي ٻُڌي رھيو آھي. مائي بيگم، غلام فاطمه لعل جو ڪلام ڳائي رهي آھي.

ڪير ڪشالا ڪري
تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري
پنهل بنان پرديس ۾ ، منهنجي ساعت ڪانه سري
تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري
لعل چوي ٿو عشق وارن کان، رهبر ناهي پري
تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته سائين ڪير ڪشالا ڪري

مائي بيگم فقيرياڻي، روهڙيءَ کان هر سال هتي ڳائڻ اچي ٿي. هن سان گڏ ٻه ڄڻا ٻيا به ھوندا آھن. ڍولڪ نواز استاد لونگ فقير ۽ هارمونيم تي استاد رب نواز، هي جڏهن مائي بيگم سان سازن جو سُر ملائڻ ويهن ٿا ته ڇا ته محفل مچي ٿي، سڀ مهاڻا کيس آواز اڳيان ائين جهومڻ لڳندا آهن، جيئن ڪنهن غمزده ٻار کي وڻندڙ خوشي حاصل ٿي هجي، خوشي جنهن ۾ عجيب اتساه ٿئي ٿو. مائي بيگم جو مٺو آواز مهاڻن جي ڪمزورين کي طاقت ۾ تبديل ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي اندر کان ڪمزور ۽ ٽٽل آهن، راڳ انهن جي اندر جي ڪمزورين کي سنڀالي ٿو، درد جي ڳنڍن کي کولي ٿو. شيخ ڌمڻ پير، جو ميلو سفر جي مهيني کان شروع ٿئي ٿو. جنهن جون تياريون مهاڻا ٻن مهينن کان ڪندا آهن، پنهنجن ٻيڙين جي صفائي ڪندا، انهن کي رنگين جهالرن ۽ جهنڊين سان سنگهاريندا، چٽسالي ۾ رنگ ڀريندا، ٻيڙي جي تهه کي مڇي جو تيل چرٻي لڳائي سُڪڻ لاءِ ڇڏيندا آهن. نوان ڪپڙا ۽ نيون ٽوپيون خريد ڪندا آهن ۽ ان کان وڌيڪ شيخ ڌمڻ پير جي مزار لاءِ چادرون پنهنجن هٿن سان تيار ڪندا آهن. شيخ ڌمڻ پير جي مزار ڪيتري آڳاٽي آهي ڪنهن کي ڪابه خبر ڪانهي، پر هي مزار منڇرجي وچ ئي وچ ۾ ائين ٺهيل آهي جو چوڌاري کيس ايڏا ته وڏا پهڻ پيل آهن ڄڻ اهي ملائڪن سوري چوڌاري رکيا ھجن.
منڇر واسي ڪيتري عرصي کان، مائي بيگم کي ٻڌندا رهيا آهن. ڪنهن کي ڪو اندازو ڪونهي ته مائي بيگم، پير شيخ ڌمڻ جي مزار تي ڪيتري عرصي کان اچي ٿي. مائي بيگم رنگ جي سانوري ۽ مٿان وري فقيري رنگ وارو ڪارو وڳو پهري ڳائي ٿي ته ائين لڳندو مٽي آواز سان گڏ وٽس هڪ روشن ۽ شفاف دل به آهي، ڪيترن کي ته روئاري ڇڏي ٿي. ماڻڪ، هڪ ڀيري هُجت ڪندي هر سال شيخ ڌمڻ پير اچڻ جو سبب پڇيو. “هيءِ ته ڄڻ سڏڪن ۾ پئجي وئي”
“ مان توکي ٻڌايان ٿي، شيخ ڌمڻ پير ٻاجهارو ولي آهي” مائي بيگم وراڻيو
مان هڪ مهاڻي، حال فقيري ۾ رهڻ واري مون جهڙا لاتعدا فنڪار پوري سنڌ ۾ مڇي جي ڪنڊي جيان پيا آهن. جڏهن ته منهنجي صورت به ياد رکڻ جهڙي ناهي، جان کي جوکم ۾ وجهي ٻه روپيا ڪمائبا هئا ته گهر جو چلهو ٻرندو هو، منهنجي ڏاڏي غلام فاطمه لعل پنهنجا ڪلام پاڻ ڳائيندي هئي، هوءِ روهڙي جي وڏي شاعرا هئي. انکي لعل جو لقب به فقيرن کان مليو هو، پوءِ مون تي به انجو رنگ چڙهيو .
مان توکي ٻڌايان ٿي ،
گهڻو وقت پوءِ مان پنهنجي استاد محترم پرشوتم دادواڻيءَ، کان راڳ سکڻ لاءِ روهڙي کان سکر آيس.
استاد محترم مون ڏانهن ڏسي مون کي چيو ، توکي خبر آهي ته راڳ ڪنهن سرڪش گهوڙي کي قابو ڪرڻ جي برابر آهي، جنهن لاءِ گهڻي صبر، رياض، بيحد توجهه ۽ پيار جي ضرورت آھي. ان ڏينهن هن مونسان ايترو ئي ڳالهايو، مان وري ٻئي ڏينهن کيس حاضر ٿيس، مائي بيگم عجيب بي آرامي مان وراڻيو ،
هن پوءِ مونکي پهرين اها ڳالهه سمجهائي ته، راڳ ڳائڻ وقت تنهنجو وجود ائين خاموش ٿي وڃي، جو ساه کڻڻ کي به محسوس نه ڪرين. پر تنهنجو ڌيان تحرڪ ۾ هجي، قدرت جي پوري ڪائنات تنهنجي خيالن ۾ سميٽجي اچي. راڳ جي حقيقت ان ۾ آهي ته تنهنجا غم آهستي آهستي راڳ ۾ تبديل ٿين ۽ تنهنجي دل راحت کان روئي ڏي. پوءِ ئي تون هي منزل حاصل ڪري سگهين ٿي. هن مونکي نه صرف راڳ جي ڪلا کان واقف ڪيو، پر هڪ انسان جيڪو ٻين لاءِ بيحد محبت ڀريو هجي، ماڻهن سان ڀائرن جهڙي گفتگو ڪري ۽ سڀ کان وڌيڪ بدلي ۽ اُجوري کان مٿي هجي. پر پوءِ هڪ ڏينهن ڇا ٿيو توکي ٻڌايان ٿي، مائي بيگم جو آواز ڏک ۾ ڀرجي ويو.
جنهن وقت ڪو ماڻهو ڳائڻ ويهي ۽ اوچتو ڪي ماڻهو اچي کين چيرڻ ڦاڙڻ جون ڌمڪيون ڏين، پاڪستان ۽ اسلام زنده باد جا نعرا هڻن، ائين هتان هليو وڃڻ جو چون، موت ۽ وحشت جون ڳالهيون ڪن، سسيون لاهڻ جون ڳالهيون ڪن، هنن ڪيڏي نفرت مان ائين چيو ٿي. خدا ڄاڻي استاد پرشوتم هندو مسلم جي نعرن کان ان قدر خوفزده ٿي ويو، جو هن پاڻ کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو. انگريز سرڪار جو قانون به ڪجھه نه ڪري سگهيو.
ڏسندي ڏسندي ماڻهن جا نقشا تبديل ٿي ويا، ماڻهن هڪٻئي جا ڳوٺ ساڙيا، مندر مسجدون ساڙيون، ٻارن ۽ زالن کي اغوا ڪيو، ماڻهو وحشياڻي ظلم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، هر طرف مار موچڙو هو.
ورهاڳي جو لفظ مون پهريون ڀيرو ٻڌو، مائي بيگم اداسي مان وراڻيو.
ماڻڪ، هي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻُڌ ڇاڪاڻ ته تنهنجي سوال جو جواب ان ۾ آهي. مائي بيگم جو آواز ڳرو ٿي ويو هو.
هتي اچڻ جو فيصلو مون نه ڪيو هو، اهو مون لاءِ حڪم هو. هن ٻاجهاري ولي منهنجي چونڊ ڪئي، هي راز آهي ته هن ٻاجهاري پير مون سان همڪلام ٿيندي چيو ته فقيرياڻي جلدي منڇر اچ تنهنجي حقيقت جو راز منڇر آهي. جلدي اچ ! مان ته هڪ معمولي فقيرياڻي هئس، جنهن جي جسم مان بدبوءِ پئي ايندي هئي. سڙيل گوشت جهڙي. ائين پوءِ منهنجي اک کُلي وئي، منهنجي سموري وجود کي عجيب خوشي وڪوڙي وئي، مونکي ان جو ديدار نصيب ٿيو ۽ حڪم به، مون ٻئي ڏينهن منڇر روانگي ڪئي، تڏهن کان لڳاتار ٻاجهاري ولي وٽ اچڻ لاءِ پابند آهيان. جنهن پاڻ مون کي سڏي گهرايو، هت مونکي ايترو ڪجهه مليو جنهن جو مان تصور ڪري نه ٿي سگهيس، مان شايد فاقن ۾ مري وڃان ها يا خيرات تي گذارو ڪيان ها يا وري بي حد دلي تڪليف ڪري پاڻ کي درياء ۾ لوڙهيان ها پر ٻاجهاري ولي مون کي نجات جو رستو ڏنو.

11. سوڊي، منڇر جي موراکي

جنهن سال کيرٿر تمام گهڻو وسيو هو ۽ هر طرف کان نئيون وهي منڇر ۾ ٿي ڇوڙ ڪيو. منڇر تار ٿي وئي هئي، پاڻي بوبڪ جي ڪنارن کي ٿي ڇوھيو. تڏھن ھڪ نرم آواز ساجن جي آڏو اچي بيٺو. اھا سوڊي ھئي، سوڊي ان وقت پتڻ تي پنهنجي والد سان مڇي لاهڻ ۾ مدد ڪري رهي هئي، سوڊي جي ٻيڙي جو سڙهه نوايل هو، سوڊي ٻيڙي کي اهڙو خوبصورت سجائي رکيو هو جو مهاڻا پري کان سڄاڻي وٺندا هئا ته سوڊي جي ٻيڙي ٿي اچي، پورو پتڻ کيس بيهي نهاريندو هو، سوڊي جي عمر لڳ ڀڳ ويهه کان پنجويهه سال آھي. منڇر هنجي ٽهڪن سان جهومي ٿي. هنجو بي پرواھ روح پورو ڏينهن منڇر جي مٿاڇري تي آڙي جيان اڏرندو رهي ٿو، هونئن ته منڇر ۾ عورتن جو هجوم رهندو آهي، پر سوڊي ۾ عجيب ڪشش هئي، باوجود انجي جو هنجي چهري جا نقش نگار به ڪي خاص نه هئا، پر هن ۾ به خوبيون سڀ کان نمايان هيون. هن جو چهرو هميشه ٽهڪن ڪري توانو رهندو هو، سوڊي پنهنجي پيءُ جيان بهادر ۽ بيخوف، ڪا به ڳالهه سڌو چئي ڏيڻ واري ان ڪري منڇر جا مهاڻا هن سان ڳالهائڻ کان ڪترائيندا هئا. سندس آواز ۾ سرڪشي هئي، جيتوڻيڪ سوڊي جي پوري جسم ۾ اهڙي ڪا ڳالهه به نه هئي. عورتاڻيون معصوم اکيون، پورو پنو متحرڪ جسم، پڪو ڪڻڪائي رنگ، هي نهايت مشڪل هو ته ڪو هن ڏانهن نهاري کيس تعريف جا جملا چوي پر جڏهن هو ڪنهن موضوع تي ڳالهائڻ لڳندي هئي ته سندس جي چهري جو جوش ڏسڻ وٽان هوندو هو. سندس ڪارين نماڻين اکين ۾ عجيب حقيقت اڀري ايندي هئي. هڪ ڀيري مڇي جي واپاري سندس حسابن ۾ ڪا هيرا ڦيري ڪئي، پوءِ ته واپاري کي توبهه ڪرڻي پئي، واپاري کيس دڙڪا ڏنا ته تون مون تي پئسي جي معاملي ۾ شڪ ٿي ڪرين ۽ مونکي بيمان ٿي سمجھين. هو سوڊي ڏانهن ائين نهاريندو رهيو ڄڻ انتطار هو کيس ڪهڙو ٿي جواب ڏئي. هن واپاري کي غضبناڪ نگاهه مان ڏٺو، هنجي مٿي تي ڪارن وارن واري ٽوپي پهريل هئي
ها! تو بابا سان مڇي جو جيڪو اگهه طئي ڪيو هو، ان کان گهٽ پئسا ڏنا. بابي تو تي ڀروسو ڪيو، پئسه ڳڙڻ کانسواءِ نپوڙي کيسي ۾ وڌا. توکي معلوم ھو ته بابا ڪڏھن به پئسا ڳڻي ڪونه ٿو. هتي اصل ڳالهه ڀروسو آهي، پر جڏهن مون ڳڻيا ته انهن مان پنج روپيا گهٽ هئا پورا پنج روپيا .
اهي هاڻ هن گهڙي ادا ڪر، سوڊي کيس دڙڪو ڏيندي چيو.
پر هتي سوڊي جو ذڪر ڪنهن ٻئي حوالي سان آهي.
ساجن مهاڻو به مڇي جو ڪاروبار ڪري ٿو، هن کي دولتمند ٿي خيال ڪيو ويو، حالانڪ هن پاڻ کي ائين نه ٿي سمجهيو، پتڻ تي چست ۽ جفاڪش نظر اچڻ جي باوجود کيس اکين مان اعتبار جهلڪندو هو، هن جو کلڻ خاص نوعيت جو هو، جڏهن کلندو هو ته ڄڻ ڪنهن غيبات کيس حملو ڪيو هجي، اکين مان پاڻي وهي نڪرندو اٿس، چپ ڦڙڪڻ لڳندا اٿس، هو پنهنجي جاءِ تي بيهي نه سگهندو آھي، کلندو، گهمندو، ٿاٻڙندو رهندو، هسٽيريا جي مريض جيان. اهو سڀڪجهه هڪ گهڙي ۾ ٿيندو آھي ۽ وري هڪدم خاموش ٿي ويندو، هڪدم چهري جو اهو ساڳيو اعتبار موٽي ايندو اٿس، پر ان ڏينهن اهو عجيب معاملو ٿيو، ڪنهن ڳالهه تي هي وري ٽهڪن ۾ پئجي ويو هي جڏهن ٽهڪ ڏئي سامت ۾ آيو ته سامهون سوڊي کي بيٺل ڏٺائين، هن جي سموري مستي اڏامي وئي، سوڊي هن جي آڏو ائين بيٺي هئي ڄڻ چوندي هجي ته
“ ماڻهو ڪهڙا نه بيوقوف آهن ”
ساجن جي چپن تي هلڪي مُرڪ ظاهر ٿي،
مونکي کل ان ڳالهه تي آئي ته يارو مهاڻي کي ڪير ڏه منٽ به ڳالهائڻ واري عادت کان روڪي ڏيکاري ته مان پوري ڏينهن جي موڙي سندس حوالي ڪندس.
تنهنجي اچڻ کان اڳ هو اتي بيٺو هو، جتي هينئر تون بيٺي آهين. ڪيترا ته هن کان تنگ ٿي بتيلا ڪاهي هليا، پر هن پوءِ به ڳالهايو ٿي. جڏهن ويو ته سڀني سڪون جو ساه کنيو، هن جي آخري ڳالهه کي ياد ڪري مان کلندو رهيس.
هن چيو منهنجي ڳالهه ته ڪير ٻڌي ئي ڪونه ٿو،
سوڊي، ساجن جي ڳالهه تي ائين مُشڪي، جو ڄڻ هن کي اڳواٽ ئي خبر ھئي.
ساجن ان ڳالهه تي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رھيو ھو، ته سوڊي سان ڪجهه گھڙيون ڳالھائڻ جو موقعو مليو. ڇاڪاڻ ته هن هٺيلي ۽ مغرور ڇوڪريءِ سان هر ڪو ڳالهائڻ کان ڪترائيندو هو، ٻيو ڪجهه ڪو نه هو، دراصل سوڊي منڇر تي رهي، ماڻهن جي بدلاءُ ۽ منافق روين کي جنهن طرح پرکيو ان هن کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ماڻهن پاران هن لاءِ دلي جذبا ۽ درياء دلي ڪنهن ڪميڻي خيال جهڙا لڳندا آھن.
پر ساجن لاءِ سوڊي جي من اندر عجيب ڇڪ پيدا ٿي، هن جو پتڻ تي ڪيترن ماڻهن سان واسطو پيو هو، پر ساجن ۾ هن اهڙو ڪو ڏٺو جنهن ڪري سوڊي جي من ۾ هن جو رتبو باقي مھاڻن کان وڌي ويو هو، سڀئي مھاڻا کيس عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي سخا ڪارڻ به مشهور هو. شيخ ڌمڻ پير جي ميلي تي چڱي رقم فنڪارن مٿان گهوريندو هو، ڪمزور مهاڻن جي مالي مدد ڪندو هو. ان کانسواءِ مڇي جي رقم جي ادائگي بروقت ڪندو هو. جيڪا ڳالهه اڪثر مڇي جي واپارين ۾ اڻ لڀ هئي، سندس عمر ٽيهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي، ڏسڻ ۾ بيحد چست ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٺهڪ ڏئي کلڻ وارو.
ساجن ڪجهه گهڙي خاموش رهڻ کانپوءِ، سوڊي ڏانهن نهاريو، جيڪا اڃان تائين هنجي سامهون بيٺي هئي.
اڄ تون اڪيلي آهين؟ پڻهين ڪٿي آهي! ساجن، سوڊي ڏانهن نهاريندي پڇيو.
بابا مڇي جو حساب رکڻ لاءِ مونکي موڪلي ٿو، چوي ٿو مونکي حساب اچي ڪونه واپاري جيترا پئسا ڏين ٿا رکي ڇڏيان ٿو.
مان ته پورا پئسا ادا ڪيان ٿو. ساجن وراڻيو
تنهنجي ڳالهه نه ٿي ڪيان سوڊي وراڻي.
تنهنجي ٻيڙي واه جي آهي، منڇر جي راڻي ٿي لڳي، ساجن ڳالهه کي ائين وڌائڻ لڳو جو جيئن گهڻي دير تائين سوڊي سان ڳالهائڻ جو موقعو ڪڍي سگھي.
سوڊي خاموش رهي،
هنجي چهري تي خوشي جو احساس چمڪڻ لڳو.
ڪالهه سيوھڻ کان گلاب جو شربت آندو آھي، ويهه ته گڏجي ٿا پيئون.
سوڊي انڪار نه ڪري سگهي.
مان ڏسان ٿي تون منهنجي ڪيڏي نه خاطر ڪرين ٿو، مونکي ٻڌاءِ ٻين مهاڻين کي ڪڏهن شربت پياريو اٿئي؟ سوڊي جي سوال ساجن کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو.
مان توکي ننڍپڻ کان سڃاڻيان ۽ تو ۾ ايترا گُڻ آهن جي مون ۾ نه آهن. ساجن خبر ناهي ڇا سوچي وراڻي ڏني.
ان کان پوءِ آخري ڀيرو هي منڇر اندر مليا، ڄڻ قدرت پاڻ اهو موقعو ترتيب ڏنو ھو.
سوڊي منڇر جي ٻوڙن جي وچ ئي وچ ۾ لوڙهه جي تلاش ۾ هئي، ته ساجن به پنهنجي بتيلي تي ٻوڙن جي پاسن کان ظاهر ٿيو .
هن سوڊي کي ڏٺو ته بتيلو ڪاهي سوڊي جي ٻيڙي جي ڀر وٽ اچي بيهاريو
اچي وئين! سوڊي رڙ ڪرڻ جي انداز ۾ کيس مخاطب ٿي، کيس ڳالهائڻ جي لهجي مان ائين ٿي ڏيک ڏنائين ڄڻ هي هنجي پويان کاهي پوڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.
ها! ڪجهه لوڙه مونکي ڏيندين؟
ها! ڪجهه گهڙي ترس، سوڊي کيس جواب ڏنو،
ساجن، پنهنجي بتيلي کي سوڊي جي ٻيڙي جي ڀرسان بيهاري ڇڏيو.
توکي خبر آهي ته اڄ جڏهن مان بتيلو ڪاهي هن طرف مڙيس جتي هينئر تون بيٺي آهين، ڪجهه ڏينهن اڳ هن ئي جڳهه تي ڪونجن جو جوڙو ڏٺو هو، مون ائين سمجهيو هو ته اهو شايد اڃان اتي هجي ان ڪري مان هتي آيس.
پوءِ توکي ڏسي پاڻ کان پڇندو رهيس ته تنهنجو منهنجو ڪهڙو تعلق آهي، جو قدرت مونکي تو آڏو اچي بيهاري ٿي، شايد ان ڪري به تون منهنجي من کي ڀانئين ٿي جو سڀ کان مختلف آهين، ساجن مهاڻو هڪ ساهي ۾ اها ڳالهه ائين ڪري ويو جو ڄڻ ان کي ان جي نتيجن جي خبر هئي.
سوڊي، ڪجهه دير ساجن ڏانهن ٽڪ ٻڌي نهارڻ لڳي، ھڪ وڏي عرصي کانپوءِ ھن پنھنجي متعلق محبت ڀريا لفظ ٻڌا ته کيس ائين لڳو ڄڻ منڇر گلاب جي پاڻي سان ڀريل هجي ۽ هر طرف کان گلابن ٽڙيا ھجن. هي مضبوط طبعيت جي هجڻ جي باوجود، هنجي هٿن ۾ ايتري به طاقت نه رهي جو لوڙه ڪڍي ٻيڙي تي رکي سگهي. هن کي ائين محسوس ٿيو ٻيڙي جي تختن تي منڇر جون سموريون آڙيون، نيرڳيون ، ڪونجون رقص ۾ آهن، ٻوڙن جي جهالرن مان ڪيترا چهرا قطارن ۾ هن لاءِ پنهنجن هٿن ۾ کيرٿر جي ماکي جا ڪٽورا کنيو بيٺل آهن ۽ ڪيترا ڏيئا هڪ ئي وقت روشن ٿي پيا آهن. سوڊي کي اهو سڀ غير معمولي لڳو، هن کي پنهنجي ڪا سُڌ ئي نه رهي، هي به ساجن وانگر ٻيڙي جي تختي تي پلٿي هڻي ويهي رهي. هي ساجن جي ڳالهين جي سرور ۾ ائين گم ٿي وئي جو هن کي ان ڳالهه جو احساس به نه رهيو ته، ساجن پنهنجي بتيلي کان هن جي ٻيڙي ۾ اچي هن جي ڀر ۾ ويهي رهيو آهي. ان اوچتي بدلاءُ کان هو هڪ طرف ٿي وڄڻ جي بجاءِ اتي ئي ويٺي رهي
ساجن، سوڊي جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي چيو، مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو؟
هن کي ان جي نتيجن جي ڪا خبر نه هئي ته سوڊي ان جو ڪهڙو جواب ڏيندي، پر هن ان جي ابتدا ڪئي، جنهن لاءِ هن پوري همت ۽ نهايت صبر واروانداز اختيار ڪيو، حقيقت هي آهي ته سوڊي جو چهرو خوشي ۽ حيرت جي مليل جليل احساس ڪري چمڪڻ ۽ وسامجڻ لڳو.
هي خاموش رهي ۽ ڪجهه به ڳالهائڻ کانسواءِ ساجن کي ڏسندي رهي.
هي ٻئي ڪافي دير تائين خاموش ائين ويٺا رهيا.
پوءِ هڪڙو وعدو ڪر، سوڊي اوچتو سوال ڪيو، تون مون کي ماريندين نه، گاريون نه ڏيندين، مونکي منڇر ۽ مڇي کان منع نه ڪندين، مان پنهنجي بابا سان گڏ رهنديس. ساجن سوڊي جي ڳالهه ٻڌي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ ٻنهي هٿن سان سوڊي جي چهري کي پنهنجن هٿن سان وٺي، پنهنجي سيني سا لڳايو، جنهن جو مطلب ائين هو ته هن کي ان جا سمورا شرط قبول آهن.

پراڻين شين ۾ ڪجهه نين شين جو اضافو

سوڊي ۽ ساجن جي شادي کي، سال کان مٿي جو عرصو گذري ويوآھي. سياري جا ابتدائي ڏينهن آهن، سوڊي کي هڪ پراڻي فيشن واري لوئي اوڍيل آهي. جيڪا هن کي ساجن شادي کان اڳ تحفي ۾ ڏني هئي. سوڊي ۽ ساجن جي شادي کانپوءِ هنن جي زندگي ۾ بدلاءُ صرف ايترو آيو جو، هنن جي ٻيڙي ۾ ڪجهه پراڻين شين ۾ ڪجهه نون شين جو اضافو ٿيو. چمڙي سان ڍڪيل پيتي، ڪجهه وڳا، هڪ عدد ڳاڙهي رنگ جي چپل، جيڪا سوڊي ڪن خاص موقعي تي پائيندي آهي ۽ پلاسٽڪ جي گلن جو لڙهيون جيڪي ساجن پنهنجي ٻيڙي جي سينگار واسطي بوبڪ مان خريد ڪيون هيون ۽ هڪ عدد سوڊي ۽ ساجن جي بي رنگي تصوير وارو فريم جيڪو ٻيڙي جي پائي سان لڳل آھي جنهن ۾ ساجن ۽ سوڊي گڏ ويٺل آهن ۽ مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هي تصوير هنن پير شيخ ڌمڻ جي زيارت کانپوءِ يادگار طور ڪڍرائي هئي. هي ٻه الڳ الڳ انسان هڪ ٿي وڄڻ جي باوجود هنن جي روزمره جو ڪم ساڳيوآھي، سوڊي پورو ڏينهن ڄار وجهڻ، انجي مرمت ڪرڻ، لوڙهه ۽ ڪاٺيون جمع ڪرڻ ۽ ماني ٺاھڻ ۾ وقت گذاريندي آھي ته ساجن پتڻ تي مڇي جا کارا ٻڌڻ ۽ انهن کي اسٽيشن تائين پهچائڻ.
سوڊي پنهنجن عادتن موجب خوش ٿي ڏٺي، پر ساجن ڪجهه ڳالهين ڪري منجهيل هو. هي ڪيتري دير تائين بانسري وڃائيندو رهيو. سندس دل اهڙي جذبات مان ڀرجي وئي هئي جو بانسري وڃائڻ ڇڏي ٻيڙي جي تختي تي ليٽي پيو. هن نه ٿي چاهيو ته سوڊي سان انهن ڳالهين جو ذڪر ڪري جيڪي هن سان هر ڏينهن منڇر کان ٻاهر ٿين ٿا. سوڊي هن جي ڀر ۾ اچي ويٺي. هنن جي ننڍڙي سينگاريل ٻيڙي سوڊي کي رحم دل عورت جيان ڏسي ٿي ته جهومڻ لڳي ٿي.
ساجن کي ان وقت وڌيڪ راحت ملندي آهي، جڏهن سوڊي کي پنهنجي سامهون پلٿي هڻي ويٺل ڏسندو آهي. هن جا گهرا ڪارا وار هوا ۾ اڏرندا رھندا آھن. ته سندس جي چهري جا سهڻا نقش نگار وڌيڪ نکري پوندا آھن.
مونکي هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ ؟ سوڊي، ساجن کان سوال ڪيو.
تو ڪالهه فقط ايترو چيو ته انگريز سرڪار، هر ڏينهن مڇي جي ڪاروبار تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪندي وڃي ٿي، انجو ڪهڙو مطلب آهي؟
هي بلڪل نا انصافي آهي! ساجن احتجاج واري انداز ۾ ڳالھائيندي اٿي بيٺو
توکي شايد يقين نه اچي، پر گذريل ڪجهه مهينن کان مڇي جي ڌنڌي ۾ نقصان کاڌو آهي. مان هميشه ائين آهيان جو ڪنهن دنگي فساد ۾ وڄڻ جي بجاءِ پنهنجي، نرمي آڌار پاڻ کي ئي نقصان پهچائيندو آهيان.
هي غلامي ھر صورت ۾ بدتر آهي.
مونکي ڪجهه ٻڌائيندين يا رڳو نقصان جون ڳالهيون ڪندين؟ سوڊي کانئس پڇيو.
هي بيحد لالچي ۽ دوکي باز آهن! هنن جي اها ئي تعريف آهي. ساجن وراڻيو
مان جڏهن بوبڪ اسٽيشن تي مڇي کڻي ويندو آهيان ته انگريزن جا سپاهي مُهلڪ بيماري وانگر چنبڙي ويندا آهن ۽ ڪجهه عجيب قسم جي ٽيڪسن جو ذڪر ڪري منهنجي اڌ کان وڌيڪ موڙي ڦُري وٺن ٿا. هڪ موقعي تي ته هنن مون مٿان بندوق تاڻي، ڇاڪاڻ ته مون کانئن پڇيو ته سرڪار جيڪا راهداري مقرر ڪئي آهي اها ته مان ادا ڪيان ٿو، باقي هي ٻيا ڪهڙا ٽيڪس آهن ته هنن مون مٿان بندوق تاڻي ۽ گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ زبان بند رکڻ جو چوندا رهيا. ظاهر آهي ته هڪ ماڻهو محنت ڪري پنهنجي حصي جي روزي ڪمائي ٿو، ان تي به ڪمپني قابض ٿئي ته دانھون ڪرڻ ته واجب آهن.
ڪيترن زمانن کان اسين مڇي ۽ منڇر جو حصو آهيون، ان ڳالهه جي سڌ انگريز سرڪار کي به آهي.
منڇر، جڏھن مهاڻن پاڻ ٺيڪي تي کنئي آهي ته ڪيترن ذاتين جا ٻيا ماڻهو به مهاڻا ٿي پيا آهن ۽ هن ڪاروبار مان ڪمائن به ٿا. روزانو بوبڪ اسٽيشن ڏانھن مڇي جا ٽي کان چار سو ٽوڪرا روانا ٿين ٿا، جنهن جي ماليت لکن ۾ ٿئي ٿي. سرڪار في ٽوڪري تي پنج کان ڏهه روپيا محصول وٺي ٿي، ڪمپني جا سپاهي في ٽوڪري تي الڳ سان پئسا اڳاڙين ٿا، ريل جو ڪرايو لوڊنگ الڳ آهي. انگريز سرڪار هر ڏينهن بيحد لالچي ٿيندي پئي وڃي، هاڻ ته مار موچڙي تي لهي آئي آهي. هي هڪ طرف مڇي جي ڪاروبار تي ڳرا ٽيڪس هڻي ٿي ته ٻئي طرف تماڪ جي ڪاروبار ۽ انجي پوکي تي ڇوٽ ۽ رعايت ڏئي ٿي، اهو غير مناسب فرق آھي.
سوڊي، ساجن جي ڳالهين سبب ڪجهه اندروني بيڪيفي ۽ بي آرامي ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. هن جي من ۾ انگريز ۽ ڪمپني جي نظام کان حقارت ٿيڻ لڳي، پر رکي رکي هن کي اها ڳالهه به پريشان ڪري ٿي ته، هڪ ڪمزور مهاڻي جي سرڪار جي اڳيان ڪهڙي حيثيت. ساجن جي جيڪڏهن ٻيهر ڪمپني جي سپاهين سان منهن ماري ٿي ته ڇا ٿيندو!؟ اهو خيال سوڊي کي وڌيڪ خوفزده ڪري ٿو.
قلندر
هو نهايت وڻندڙ ۽ خاموش آهي.
هنن ڪهڙي ريت پوري رات لعل قلندر جي منبر کي مضبوطي سان جهلي رکيو هو، سوڊي بار بار پنهنجن چپن سان ڪجهه چيو ٿي وري خاموش ٿي وئي ٿي، ساجن رکي رکي پنهنجا هٿ مٿي آسمان ڏانهن کنيا ٿي. ان وقت هن جي چهري تي بي پناه اميد ۽ التجا جو تاثر اڀريو ٿي، ڪنهن ڪنهن مهل هن رڙ ڪري چيو ٿي مرشد قلندر تون وسيلو آهين اسانجا سڏ ٻڌين ٿو؟ هوڏانهن سوڊي جي به ڪيفيت اهڙي هئي، هن پنهنجو رئو منبر سان ٻڌي رکيو هو، هن منڇر جي پاڻي کان ٻيڻ تي پنهنجن اکين مان ڳوڙها ڳاڙيا هوندا، هن کي يقين هو ته لعل قلندر انجي ضرور ٻڌندو، هن کي سهڻي صورت وارو اولاد ڏيندو.
هنن ان جو نالو قلندر رکيو
جيڪو پنهنجي طبعيت ۾ به قلندر آهي، هميشه پٺا اگهاڙا ۽ ٽنگون پاڻي ۾ وجهيو پنهنجين حسين ۽ مهربان اکين سان منڇر ڏانهن نهاريندو رهندو آهي، شايد ان خيال کان ته هي دنيا جو اڪيلو ٻار آهي، جيڪو پاڻي مٿان راڄ ڪري ٿو. هن کي ڪنهن ڳالهه جي ڪا ڳڻتي ناهي ۽ نه وري هي شهري ٻارن جيان ڪپڙي لٽي تي گهپي ڪري. لعل قلندر جي درگاه تي حاضري ڀرڻ لاءِ ماءُ جڏهن هن کي نوان ڪپڙا پهرائيندي آهي ته به سندس معصوم اکين مان بيزاري صاف ظاهر هوندي آهي. قلندر جا وار پاڻي ۽ اس ڪري ڪارا ناسي ٿي ويا آهن، جيڪي هر وقت بي ترتيب هوا ۾ اڏرندا رهن ٿا، هي ڳالهائڻ ۾ ڪشادي دل وارو آهي، پنجن سالن جي عمر تائين پهچندي پهچندي هن ڪيترو ڳالهايو هوندو، انجو حساب هڪ ماءُ ٻڌائي سگهي ٿي يا ڪاز پکين جو جوڙو، جيڪي هن بي حد اصرار مان سيوهڻ مان گهرايا آھن. جيڪي ٻيڙي جي ڪناري تي ويٺا، هن ڏانهن نهاريندا رهندا آهن. جن سان هي ڪيترا ڪلاڪ ڳالهائيندو رهندو آهي، هي انهن سان بيحد پيار ڪندو آهي، درحقيقت ٻالڪپڻ جي عمر ۾ هن جو پکين سان لڳاءُ هن جي طبعيت ۾ موجود قدرت ڏانهن احترام واري جذبي کان وڌيڪ انهن کي پنهنجي وندر، خوشي ۽ منڇر جو حصو سمجهندو هو، ائين جيئن سندس ماءُ سوڊي، سندس پيءُ ساجن ۽ جيئن ٻيڙي ۽ ٻيڙي تي ويٺل ڪاز پکي آهن. هو پنهنجي معصوم ۽ ٻاراڻين ادائن سان، هر هڪ پکي کي پنهنجي پنهنجي نالي سان سڏي انهن جي تعريف ڪندو ويندو آهي. هي نيرڳي کي ڪارڙو، ڊگوش کي هرڻ ۽ ڄاهو کي استاد جهڙن لفظن سان سڏيندو آهي، هن اُهي نالا انهن پکين جي خاصيتن جي ڪري رکيا آهن. پکين کي جيئن پنهنجي مٿان گذرندي ڏسندو آهي ته، انهن جا نالا وٺي واڪا ڪري پاڻ ڏانهن سڏيندو آھي. هو پاڻي تي پنهنجا پير پسائي رکي ٿو، ان سان هن کي عجيب حرارت ملي ٿي، هي قدرت جي فطري رنگن مان ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون تلاش ڪندو رهي ٿو ۽ انهن ۾ ان قدر خوش رهي ٿو جو سندس اکيون چمڪڻ لڳن ٿيون ۽ ڪيتري وقت تائين زندگي جا انمول ٽهڪ ڏيندو رھي ٿو. سوڊي جي خواهش آهي ته قلندر کي بوبڪ جي اسڪول ۾ پڙهائي پر ٻي حالت ۾ هنن جي رهڻي ڪهڻي ڪجهه ان نوعيت جي آهي جو قلندر اڪيلو ته اسڪول وڃي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي مٿي ته ڪي رستا آھن ڪو نه پر ان ڳالهه کي ممڪن ڪيئن ڪجي، سوڊي هر لمحي ان خيال تي سوچندي رهندي آھي.

بهادر هميشه مخالف ۾ سفر ڪن ٿا.

بوبڪ اسٽيشن مٿان عجيب انڌيرو ڇانيل آهي، هي پهريون ڀيرو آهي جو انگريز سرڪار ريلوي اسٽيشن تي پهريدارن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي. پهريدار اسٽيشن جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين گشت ڪندا رهن ٿا ۽ هر ايندڙ ويندڙ ماڻھو تي به نظر رکن ٿا، ان قسم جي بدلاءُ جو سبب شايد انگريز سرڪار خلاف وڌندڙ مذاحمت آهي. جيڪا هر ڏينهن تيز ٿيندي پئي وڃي، ڪيترن هندن تي ٽرين ڪرائڻ جي واقعن کانپوءِ انگريز سرڪار ريلوي اسٽيشنن تي پهريدارن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي. پيسينجر ٽرين جي اچڻ ۾ اڃان ڪجهه گهڙيون آهن، پهريدارن جو هڪ ٽولو ريلوي جي ڦاٽڪ وٽ اچي بيهي رهي ٿو. هي ڪجهه دير اتي ترسي اڳتي هلڻ لڳن ٿا، هنن مان هڪڙي جي چهري جي رنگت ڪڻڪائي ۽ قد جو ڊگهو هو. ٻيو جسم ۾ ڀريل مقامي راجپوتن جهڙو لڳو ٿي. هنن رکي رکي هڪٻئي سان ڳالهايو ٿي، جيڪو بيحد مختصر هو. هنن مان هڪ کي ته پنهنجو ڳوٺ ياد آيو ٿي، جنهن جو هن بار بار ذڪر ڪيو ٿي. هنن انگريز سرڪار جي نوڪري مان خاطرخواه مراعتون ۽ مقامي ماڻھن کان ٽيڪس کان علاوه به گھڻو ڪجهه ڪمايو آھي. ھنن ڪيترن موقعن تي ته ڪيترن ماڻهن جي زندگي برباد ڪرڻ ۾ هڪ گهڙي جي به دير نه ڪئي، هنن مان ڪنهن کي انجو ڪيترو پڇتاءُ هوندو ڪنهن کي ڪهڙي خبر، پر ڪيترا ان وهم ۾ مبتلا ضرور آهن ته انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ انهن جو ڪھڙو حشر ٿيندو، مقامي ماڻهو سندن ڪهڙو برتاءُ ڪندا. بوبڪ اسٽيشن، صرف منڇر ۽ مڇي جي روانگي ڪري مشهور آهي، ان ڪري هن اسٽيشن تان سرڪار کي چڱي خاصي وصولي ٿئي ٿي. پهريدار به زور زبردستي عام ماڻهن کي ڦرين ٿا، جي ڏسجي ته اڄڪلهه انگريز سرڪار جا هي سپاهي ڪجهه وڌيڪ لالچي ۽ بيرحم ٿي ويا آهن. شايد هنن کي اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته، انگريز سرڪار جو راڄ جلدي ئي ختم ٿيئڻو آهي. ڪيترا علا ئقا ته انگريزن جي اختيار ۾ ئي ناهن، اتي قبائلي سردارن ۽ جاگيردارن جو قانون هلي ٿو. انگريز وائسراءِ کي ڪيترن علائقن جي پوري سُڌ ئي ڪانهي ته اتي ڇا پيو ٿئي. انهن کي راهداري ۽ وصولين ۽ ڪمپني جي ڪاروبار کان علاوه، ٻي ڪنهن شي جو ڪو خيال ڪونهي. انگريز راڄ پنھنجي دانشمندي تي قائم ھجڻ کان وڌيڪ، مقامي ماڻھن جي هڪٻئي سان نفرت ۽ مذھبي ۽ طبقاتي اونچ نيچ جي ڪري قائم آھي. مسلم، هندو هاڻ ته الڳ ديس جي ڳالهه ڪن پيا. جنهن لاءِ هو هاڻ هڪٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. هي ملڪ ائين رهڻو آهي، ڪيتريون ته ذاتيون ۽ فرقا آهن هتي ۽ انهن ۾ هڪٻئي لاءِ ڪيڏو ڪروڌ آهي. هي ڪڏهن به گڏ نه ٿا رهي سگهن، اها ئي ڳالهه انگريزن جي فائدي ۾ آهي، هي ته ان باه کي وڌائي پاڻ کي مضبوط ڪن ٿا. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته، بوبڪ اسٽيشن تي انگريزن کان وڌيڪ انهن پهريدارن جو راڄ آهي جيڪي پهريداري جي نالي تي هتان جي مقامي ماڻهن جو رت پيئن ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني ماڻهن جي جمع پونچي تي قبضو ڪن ٿا. هنن کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته، انگريز سرڪار جيتري ڪمزور ٿيندي، ان قدر هي هتان وڌيڪ مال ميڙي سگهندا. هن موقعي تي هنن جو اهو هاڻ مکيه ڪم وڃي بچيو آهي ته پنهنجي فرض جي ادائگي ۽ عزت نفس کان وڌيڪ، مار موچڙي سان ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪري ٿوري عرصي ۾ وڌ مان وڌ پئسا ميڙي سگهن. جي ڏسجي ته عام ماڻهو به ان ڳالهه کان آگاه آهي ته، انگريز سرڪار جو هر طرف کان گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري عام ماڻهو به انگريز سرڪار جي هنن پهريدارن سان اٽڪندي دير نه ٿا ڪن. ان ڪري هر ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي عام ماڻهو ۽ انگريز سرڪار جي پهريدارن جي وچ ۾ ڪو نه ڪو ڦڏو ٿيندو رهي ٿو.
اهو صبح جو وقت هو. ساجن پنهنجي معمول مطابق بوبڪ اسٽيشن ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪري ٿو. صبح جي ڌنڌلي پهر ۾ منڇر هن کي ڪنهن ناري جهڙي لڳي ٿي، جنهن ريشم جو ھلڪو ميٺاڻو لباس اوڍي رکيو آهي. ھن ھميشھ منڇر کي ان ئي ويس ۾ ڏٺو. مھاڻا ته ائين سمجھن ٿا ته منڇر جون اکيون نيريون ڪجليون آھن ۽ چال ۾ قديم تهذيبن جو رقص آهي. ساجن هر صبح ان رقص ۾ شامل ٿئي ٿو، هي منڇر جي ان حقيقت کان جهڙي طرح واقف آهي شايد ڪو ٻيو مهاڻو هجي. ان ڪري هر ڏينهن منڇر ھن کي ائين لڳندي آهي. هن مڇي جا کارا ڳڻيا، انھن کي جانچي ڏٺو. ھي انجي روزانا وارو معمول جو ڪم آھي. جنھن کان ھي پوري طرح واقف آھي. ھن کي رکي رکي سوڊي ۽ قلندر جو خيال آيو ٿي، جن جا مسڪرائيندڙ چھرا ھن جي من کي پنھنجي آغوش ۾ وٺي سندس روح جي حفاظت ڪن ٿا. ساجن انھن سان ڳالھائيندو اسٽيشن ڏانھن وڄڻ جي تياري ڪري ٿو.
سج اڀرڻ ۾ اڃا ڪا ٿوري گھڙي آهي، ساجن مڇي جي کارن سميت بوبڪ اسٽيش جي سامھون ھڪ وڏي نم جي وڻ جي ھيٺان اچي بيٺو. جتان ھن کي پوري اسٽيشن نظر ايندي آھي، اتان ھي ڏاڪڻيون چڙھي ويندو آھي. پر اڄ ھن کي معمول کان ڪجھ مختلف لڳو. ڪيترا پھريدار پٽڙي جي ٻنھي طرفن کان متحرڪ نظر آيا ٿي. ھي منجھي پيو ھو، ھو ھميشه خاموشي سان پنھنجي مڇي پيسينجر جي مال گاڏي ۾ بند ڪري واپس ٿيندو ھو. ڪن ٿورن موقعن تي ھن جي پھريدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي ھئي، جيڪا ھميشه جيان تلخ ۽ تڪرار جي شڪل وٺي ويندي ھئي. ھي ڪڏھن به ان تڪرار جو سبب سمجھي نھ سگھيو ھو، ڇاڪاڻ ته پھريدار بنا ڪنھن سبب جي ڪو نه ڪو سبب پيدا ڪري مقامي ماڻھن کي مار موچڙي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ساجن پنھنجي اندر کي قابو ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ھي آھستي قدم کڻندو اسٽيشن طرف وڌڻ لڳو، بلڪل اھڙي طرح جو زمين کي به محسوس نه ٿئي. پر ھي اوچتو بيھي رھي ٿو، پويان پھريدارن جي ھڪ ٽولي کيس آواز ڏئي بيھڻ جو چيو.
ساجن بيھي رھيو.
پھريدارن جي اوچتي سڏڻ جي انداز مان ظاھر ھو ته، ڪنھن تلخ تجربي مان گذرڻ وارو لمحو ھنجو انتظار ڪري رھيوآھي. ھن کي ڪا ڳالهه ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. پھريدار جيئن ئي سندس ويجھو آيا، ھن انھن کي جھڪي سلام ڪيو، پر ھن کي انجو اندازو نه ھو ته انگريز سرڪار جا پھريدار ظالمن جھڙو رويو اختيار ڪندا. پھريدارن مان ھڪ ائين رڙيون ڪرڻ لڳو جيئن ھن ڪنھن خطرناڪ دھشتگرد کي ڏٺو ھجي. ھي ڪو چاليهه سالن جو ورزشي جسم رکندڙ پھريدار ھو. اکيون ڀوريون وڏيون خوف ڏيندڙ، سندس ڳالھائڻ مان نفرت ۽ وڏائي ٿي ڇلڪي. مٿي تي انگريز سرڪار جي ڇٽي ڪيپ ۽ ڪلھي ۾ لٽڪيل بندوق. ھن سان گڏ ٻيو پھريدار جنھن جو رنگ ھلڪو ڪارو، چپ ٿلھا ۽ پيٽ ائين نڪتل ھو، جو شرٽ جي بٽڻن مان ٿي نظر آيو. ھن جي قميص مان پگھر جي بدبوءِ ائين ٿي آئي ڄڻ مھينن کان نه بدلائي وئي آھي. ھي ٻاھران جھڙو ڪوجھو ھو، اندران به ائين ڏيک ڏئي رھيو هو.
ھنن اچڻ سان ساجن کي، لڪڻ سان مارڻ شروع ڪيو.
“ اسان جي اجازت کانسواءِ ٿو مڇي لاھين، اسان کان پڇين به نه ٿو.؟”
ساجن لڪُڻ کي جهلي پھريدار کي سمجھائڻ لڳو، ته صاحب مان مھاڻو آھيان، روزانو ھتي ايندو آھيان.
پر سپاھي ته ڄڻ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. ھو ائين ساجن کي ماريندا ٿي ويا ڄڻ ھي ڪنھن دشمن فوج جو ايجنٽ ھجي يا وري آزادي جي تحريڪ جو ڪارڪن.
تون بي واجبي ٿو ڪرين، مون تنھنجو ڪھڙو ڏوهه ڪيو آھي.
مونکي ڌڪ نه ھڻ. ساجن ھڪ سپاھي جي لٺ کي پڪڙيندي رڙيون ڪري ڳالھائڻ لڳو،
پر ھاڻ ته ٻئي سپاھي ساجن کي لٺ سان ڪٽڻ لڳا، ساجن پنھنجي قد بت ۽ جسامت جي لحاظ کان ڪنھن به طرح ھنن ٻنھي سپاھين کان وڌيڪ طاقتور ھو، پر ھن جوابي ڪاروائي ڪرڻ کان لنوايو ٿي. ھڪ مھاڻو ٻيڙي کان ٻاھر وڄڻ کان اڳ ٻين ڪيترين خوف ڏيندڙ ڳالھين تي سوچي ٿو، جيڪي پاڻي جي دنيا کان مختلف آھن. ھن رڙيون ڪرڻ ۽ گاريون ڏيڻ ته سکيون جيڪي ھنن جي روزمره جي زندگي جو حصو آھن. جنھن سان ھنن جي ھڪٻئي وارو رشتو مضبوط ٿئي ٿو. ھنن ان کي ڪڏھن به گناھ نه پر دل جو آواز سمجھيو، پر ھن وقت ھي جنھن مشڪل ۾ آھي انجي نوعيت بيحد خطرناڪ آھي. ھي ته اھڙي صورتحال مان گذري رھيو آھي، جو صحيح فيصلو به نه ٿو ڪري سگھي. ساجن ڪيتري گھڙين تائين انگريز پھريدارن خلاف ھلڪي مذاحمت ڪندو رھيو، پر ھنن سپاھين ھڪ الميي کي جنم ڏيڻ جو ڄڻ طئي ڪري ڇڏيو ھو.
مان توکي آخري ڀيرو چوان ٿو ته، مان ھڪ مھاڻو آھيان، ھتي مڇي جو ڪاروبار ڪندو آھيان. تون پاڻ کي سنڀال مون کي ڌڪ نه ھڻ، ساجن ھاڻ ته رڙيون به ڪري رھيو ھو ۽ اھا ڳالهه به ورجائي رھيو ھو.
ھوڏانھن ھو سپاھي بلڪل به اھا ڳالهه سمجھڻ لاءِ تيار نه ھئا، ساجن پنھنجو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ھڪ سپاھي جي ڳلي مان پڪڙيندي ھن کي پري ڌڪيو ته ھو پري وڃين ڪريو. بس اھا ئي گھڙي ھئي جنھن ھڪ الميي کي جنم ڏنو. جنھن سان ان ڳالهه کي طاقت ملي ته انگريز سرڪار جو دور سمورن مقامي ماڻھن سان انصاف ڪرڻ جي بجاءِ انھن جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ ۽ ان حالت کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ اخلاقي قدرن کي پئمال ڪرڻ لاءِ قائم هو. جي ڏسجي ته انگريز سامراجيت پوري دنيا ۾ اھڙي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ ظلمت جي انتھا ڪئي.
ساجن پنھنجي بچاءُ ۾ وڙھي رھيو ھو، ھاڻ ھن کي ڪنھن به نتيجن جي پرواھ نه ھئي. ھن ھڪڙي کي ته ڌڪو ڏئي پري اڇليو ھو ۽ ٻئي کي ڳلي مان جھلي منھن تي اهڙي زبري مڪ ھڻي ڪڍي، جنھن سان ھن جا ڪيترا ڏنڌ ڀڄي پيا ۽ ھن جو پورو منھن رتو رت ٿي ويو. ساجن مڪمل طرح وساري ڇڏيو ھو ته ھو ھڪ ڪمزور مھاڻو آھي، جيتوڻيڪ ھن ائين نه ٿي چاھيو، ھڪ انسان ۾ تڪليف ۽ تذليل کي برداشت ڪرڻ جي ھڪ حد ٿئي ٿي. ساجن خوف ۾ ورتل ھجڻ جي باوجود پاڻ سان ٿيندڙ اوچتي آفت کي پوري ريت منھن ڏيڻ لاءِ بھادري سان مقابلي تي لھي آيو. سپاھين لاءِ عجيب ۽ غير متوقع صورتحال پيدا ٿي وئي ھئي، ھنن سمجھيو ٿي ته ھي مھاڻي کي دل سان ڪٽيندا ۽ آخر ۾ ڪجهه پئسا وٺي کيس ڇڏي ڏيندا. پر ساجن ته ٻنھي کي ڌڪ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو ھو ۽ اڃا به پھريدارن کي ڪٽي رھيو ھو.
ائين اوچتو ڪنھن پھريدار جي رائفل مان ٺڪاءُ ٿيو. بوبڪ شهر جون سموريون اکيون اسٽيشن ڏانھن کڄي ويون. ساجن مھاڻو بوبڪ اسٽيشن جي فرش تي مڇي جيان ڦٿڪڻ لڳو. بوبڪ اسٽيشن جا اھي سڀ منظر جيڪي ڪائنات ۾ سڀ کان منفرد ۽ الڳ آھن، ھڪ دم بيھي رھن ٿا. اسٽيشن جنھن جي سمورين ديوارين، گُل ٻوٽن، سگنل، ،پٽڙين ۽ خاموشين پويان، ڏک سک، فراق، جدائي، عشق، محبت، ٺھراءُ، لڙڪ مرڪ ۽ اھي سمورا قصا جيڪي ھر روز ٽرين جي اچڻ سان ٿيندا ھئا ھڪ ھنڌ ڄمي ويا.
انگريز پھريدارن روزنامچي ۾ لکيو ته، انگريز سرڪار جا وفادار پھريدار پنھنجي معمول جي گشت تي ھئا ته، ھڪ شخص اوچتو اسٽيشن جي پوئين پاسي کان اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ھن کي جڏھن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن موٽ ۾ ھڪ پھريدار تي حملو ڪري ڏنو ۽ ان کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جيئن ته ھن جي ھٿ ۾ تيز ڌاتو جو اوزار ھو، ان ڪري ھي ٻئي پھريدار کي به مارڻ لاءِ اڳتي وڌيو، جنھن تي پھريدار پنھنجي بچاءَ ۾ فائر ڪري ان کي سخت زخمي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت پيسينجر ٽرين جي اچڻ جو وقت ھو ۽ ھي شايد ڪنھن واردات ڪرڻ جي انتظار ۾ ھو، پر وفادار پھريدارن پنھنجو فرض نڀائيندي ٽرين ۽ مسافرن کي ڪنھن وڏي واقعي کان محفوظ ڪري ورتو. زخمي پوءِ اسپتال ۾ دم ڏنو، انجي سڃاڻپ ساجن جي نالي سان ٿي آھي.
سوڊي جي دل کي ڄڻ ڌڪ لڳو. اھو واقعو ايڏو ايذائيندڙ ھو، جو ڪيترا ڏينھن ھوءَ چرين وانگر ائين روئيندي رھي. ھي پنھنجي مڙس ساجن جي بلند حوصلي ۽ بھادري تي فخر ڪرڻ واري خيال کان ته گھڻو واقف نه ھئي، ڇاڪاڻ ته ھن پنھنجي چوڌاري تار وھي ھلندڙ منڇر جي زندگي کان اڳتي ڪجھه نه ڏٺو ھو. ھن مڇي مارڻ کي ھميشھ ھنر سمجھيو ھو. ھي بھادري سان وڙھي مرڻ واري گڻ کان اڻ ڄاڻ ھئي. ھي دنيا ڪيتري ظالم ٿي سگھي ٿي ھن کي انجو اندازو نه ھو، ھن ڪجهه ڏينھن اڳي ائين ضرور ٻڌو ھو ته سنڌ جي ناري واري پاسي انگريز سپاھي ديس واسين کي باغي سمجھي ماريندي دير نه ٿا. ڪن جي گھر ڀاتين، ٻارن ٻُڍن ۽ عورتن کي لوڙھن ۾ قيد ڪري انھن مٿان تشدت ڪن ٿا. پر ھن کي ان ڳالهه جو اندازو نه ھو ته غريب مھاڻن سان به ائين ڪندا.
سوڊي بھادر آھي، پر ساجن کان سواءِ ته ڪجهه به ناھي، هي بيحد تڪليف ڏيندڙ درد مان گذرندي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.پر قلندر کي ڪير سمجهائي، جيڪو پنهنجا ننڍڙا هٿ اکين تي رکي پيءَ کي ياد ڪري روئي ٿو. قلندي پوري طرح حيرت ۾ ورتل ھو، سندس اکين ۾ درد ائين لھي آيو ھو، جو ھي اھا ڳالهه نه سمجھي رھيو ھو ته بابا جي پڇڻ تي سندس امڙ ا ائين روئي ڇو ٿي؟ ھي پنھنجي ماءُ ڏانھن بار بار نھاري کيس مختصر ۽ معصوم سوال ڪرڻ لڳو، جنھن ويتر سوڊي کي تڪليف ٿي پھچائي.

12. اسين پنھنجن گهرن ڏانھن موٽنداسين

لعل، ماڻڪ مهاڻي جي ڳالهه خاموشي سان ٻڌندو رهيو، ماڻڪ هن ڏانهن نهاري بيحد ڪامل يقين مان چوڻ لڳو ته هي علحدي جي ڳالهه وقتي آهي، ماڻهو پنهنجي اعليٰ رتبي ڏانهن موٽي ايندا. هو صدين کان گڏ رهندا پيا اچن، هنن کي ڪير به علحده نه ٿو ڪري سگهي انگريز به نه.
لعل، ڪجهه اشارا ڏئي ماڻڪ کي ٻڌائڻ لڳو ته، مسلم ليگ آزادي واري ڳالهه نه ٿي ڪري هو مسلمانن جو علحده وطن چاهي ٿي. ان جو مطلب اھو آھي تھ ھاڻ اسانجو جو ھڪٻئي تي اعتبار ناھي رھيو. اھو احساس بيحد نفرت ڀريو آھي، مذھب ۽ سياست ٻه الڳ شيون آھن.
توکي ائين نه پيو لڳي ته هتي هاڻ هر طرف کان نفرت، تعصب ۽ ان کان به وڌيڪ ڪجھه اندر کان ڪمزور ماڻھو، پنھنجي انتقام کي پوري ڪرڻ لاءِ ائين ڪري رھيا آھن. لعل هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻڪ سان مخاطب هو، ھن ماڻڪ کي ڪالهه رات ريڊيو آڪاشواڻي تي قائد اعظم جي تقرير جا ڪجهه حصا ٻڌايا جن ۾ هو چئي رهيو هو ته مسلمان هڪ الڳ قوم آهي، هڪ الڳ زمين انهن جو حق آهي. وڏي طاقت انگريز جي خلاف عوام متحد ٿي آهي ته ڪهڙي طرح مذهب ۽ ڌرم کي وچ ۾ آندو ويوآهي. لعل بيحد سنڀالي ڳالهائڻ جي باوجود، اهم نقطو ماڻڪ کي سمجهائن لڳو.
ها! پر هنن جي ان ڳالهه تي يقين ڪير ڪندو؟ منهنجو مطلب آهي ته هن زمين تي ته اسين صدين کان گڏ رهندا پيا اچون. هي زمين ۽ ماڻهو ته هتي ئي رهڻا آهن، انگريزن جو ته هي ملڪ ناهي. هنن کي ته هتان لڏڻو آهي، هي جيتري باه لڳائيندا هتان جا ماڻهو ان کي وسائيندا. ماڻڪ ڪنھن ڏاھي وانگر لعل کي چوڻ لڳو.
نه ڄاڻ ڇو ؟ هنن ڏينهن ۾ مونکي ائين محسوس ٿيندو آھي ته ڪو ماڻھو مونکان منھنجو مذھب پڇي مونکان نفرت جو اّظھار ڪري ٿو. لعل بيحد ڏک واري ڪيفيت ۾ ماڻڪ کي چيو. ڪيترا ماڻھو جيڪي ڀيڻ ۽ ڀائر جيان وڙهندا ۽ وري پرچندا ھئا، هاڻ دشمنن وانگر وڙهڻ جون تيارون ڪري رهيا آهن. ماڻڪ هن جي بلڪل سامهون ويٺو هن ڏانهن معصوميت مان نهاري رهيو آھي. انگريزن جڏهن اسانجي زمين تي قبضو ڪيو ته انهن خلاف ڪا مذاحمت ڪا نه ٿي، ڇاڪاڻ ته مغلن ماڻهن جي جسم جو ماس به ڇڪي ورتو هو. پر جڏهن مذهب جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اسان ڪيترا جذباتي ٿي وڃون ٿا.
هتي اسان هڪٻئي جي ارٿين کي ڪلهو ڏيون ٿا، پنهنجي نياڻين جي شادين ۾ هڪ ئي وقت نچون ۽ ڳايون ٿا. اسانجا ٻار هڪٻئي جا ائين دوست ساٿي آهن، جو انهن مان ڪنهن کي خبر ناهي ته انهن مان ڪير مسلم آهي ۽ ڪير هندو. سمورا گهر منڇر جي مڇي کائن ٿا، ماڻهو وڙهن ٿا پر وري خاموشي سان ائين صلح ڪن ٿا ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي، صدين کان ماڻهن جي زندگي ۾ بدلاءُ هڪ ٻئي جي سهاري سان ممڪن ٿيو. مان جڏهن صبح سوير گهرن جا شمعدان وسائڻ وڃان ٿو ته ڪيترن گهرن جي اندران پوڄا ڪندي وڏي آواز ۾ رامائڻ پڙهڻ جو آواز ايندو آهي ته ڪيترن گهرن مان قرآن پڙهڻ جو آواز ٻڌندو آهيان. ان وقت مان پاڻ کي ڪيترو خو شنصيب سمجهندو آهيان ۽ ڪيڏو اطمنان ۽ سڪون حاصل ٿيندو آهي. مونکي خبر ناهي ته منڇر ۽ بوبڪ جي دنيا کان ٻاهر ڇا پيو ٿئي پر انگريز خلاف جيڪا تحريڪ هلي اٿي آهي، ان جا نتيجا ڏسي مان خوف ۾ مبتلا ٿي وڃان ٿو.
توکي خبر آهي ته مان سترنهن سالن کان توسان ۽ منڇر سان دوستي واري رشتي ۾ ٻڌل آهيان، ماڻڪ بي حد اتساه مان لعل کي چوڻ لڳو. اهو وقت ڪنهن به انسان جو قيمتي ھوندو آھي.
مونکي ته ڪڏهن ائين ناهي لڳو جنهن ڳالهه جو ذڪر تون ڪرين ٿو.
هاڻ اٿ ته هلون. گهڻو نه سوچ وقت سان گڏ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، ماڻڪ کيس وراڻيو.
لعل، ھنن ڏينهن ۾ شايد وڌيڪ خارجيت پسند ٿي ويو آهي، هو ان ڪري به ائين آهي جو شايد سماجي طور آسودي پسمنظر رکندڙ ماڻھن مان آھي. جنهن جي گهر ۾ گهريلو آرائش جو فرنيچر، ريڊيو ۽ ڪشادو ذاتي گهر آهي ۽ ڄميل ڪاروبار به جيڪو مختصر هجڻ جي باوجود وڌندڙ آهي. پر ان ڳالهه کان به وڌيڪ هي انهن روايتي ماڻهن مان ناهي جيڪي پورو ڏينهن مال دولت طاقت جي باري ۾ سوچيندا رھندا آھن يا وري وڻ جي ڇانو هيٺ ويهي بيوقوفن وانگر ٻيڙيُون ڇڪيندا رهندا آهن، هي سڀني کان ان ڪري به الڳ آهي ته هي پوري جهان جي واقفيت رکڻ وارن ماڻھن مان آھي. هن کي ان ڳالهه جي به پروڙ آهي ته ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ دنيا ۾ نين طاقتن جي اڀرڻ ڪري انگريز شهنشاهيت خلاف سائوٿ آفريڪا ايشيا ۾ سخت مذاهمت ٿي رهي آهي، بنگالي ۽ انڊين نوجوان وندي ماترم جا نعرا هڻندا انگريز فوجين جي چونڪين ۽ هيڊڪواٽر اڳيان گذرن ٿا، پر ڪنهن لمهي هي ائين به سوچي ٿو ته هي انهن ڳالهين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪري جنهن تي دماغ پهچي نه ٿو سگهي يا انهن ڳالهين جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪري جيڪي هنجي دل ۽ دماغ کي جنجهوڙن ٿا ۽ الڳ سان بيچين به ڪن ٿا، ماڻڪ جون ڳالهيون ته ڪهڙي طرح ساديون ۽ انساني احساسن جي آڌار آهن، پر ها هڪ پورهيت جو انهن ڳالهين سان ڪهڙو تعلق جنهن کان ڪنهن طرح مان واقف آهيان. هن فقط پنهنجي دل کان سوچيو ٿي جنهن ۾ مذهب ۽ نفرت جي ڪا صورت ڪانهي، هڪ پورهيت جو انهن ڳالهين سان ڪهڙو مطلب، هن ته منڇر کان اڳتي ڪڏهن سوچيو ئي ناهي.
لعل، رکي رکي پاڻ تي ملامت ٿي ڪئي ته، ھن ماڻڪ سان جيڪي ڳالهيون ڪيون ٿي بلڪل سودائي ۽ جذبات کانسواءِ ڪجهه به نه هيون، اهڙي قسم جا سوال ته هن جي ننڊ ڦٽائي هن جي پوري وجود ۾ ڊوڙندا رهندا.لعل پنهنجو پاڻ کي چوڻ. بوبڪ ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو، جيڪو هتان جي ماڻهن لاءِ عجيب ۽ خوف ۾ مبتلا ڪندڙ هجي. لعل ائين سوچيندي پنهنجي اندر ۾ هڪ الڳ احساس کي پيدا ٿيندي محسوس ڪري ٿو. ھي ڄڻ هڪ جاءِ تي بيھي رھيو ھو، ماڻڪ سان گفتگو کانپوءِ ھن اندر اجائي قسم جا وسوسا ۽ عذاب ۾ وجهندڙ پريشانيون ختم ٿيون آھن.

13. ورهاڱو (پارٽيشن) 1947 قتل عام جو رٿيل ڏينھن

بوبڪ مٿان ھر دفعي بھار جي موسم نئين رنگ ڍنگ سان اچي ٿي. نم، سرينھن، پپر ۽ ٻٻُر جي وڻن تي گهرو سائو رنگ چڙهڻ لڳي ٿو ۽ گلن ۾ هٻڪار پيدا ٿئي ٿي ته ماڻهن جون اکيون پٽجي وڃن ٿيون. پکين جا ولر عجيب جوش ۾ ڳائيندا ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ ڏانھن اڏرندا رھن ٿا.خاص طرح ڪوئل جھڙو شرميلو ۽ پاڻ کي پوشيدھ رکندڙ پکي به وڏي اطمنان سان ڪنھن جي موجودگي جي پرواھ ڪرڻ بنا، ڪمال جا سُر وکيريندي ڳائيندي عجيب جوش ۾ ڀرجي وڃي ٿي. ھي موسم جو اثر ھو، جنھن سبب زندگي ائين پاسو ورائي اٿي ٿي.
لعل. پنھنجي مخصوص مزاج ۽ سوچ ويچار ڪري بوبڪ جي ڪيترن ماڻھن کان مختلف آھي، اڄ به ھو پورو ڏينھن ماڻڪ مھاڻي ۽ پنڊتن جي ھڪ ٽولي سان ان ڳالهه تي مٿو ھڻي رھيو ھو ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کي برطانوي سامراج خلاف جنھن غير معمولي يڪجھتي ۽ جذبي جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي، انجي بجاءِ ھنن ماڻھن کي نسلي ۽ مذھبي رنگ ۾ منجھائي رکيو آھي. گانڌيءَ جو ورت، مسلمانن جي اڪثريت ڏانھن ڪلاس ۽ آزادي جي جدوجھد بجاءِ مذھبي طرز وارو رويو لڳي ٿو. ھوڏانھن مسلم ليگ ائين سوچي ٿي ته ھي ئي بھترين موقعو آھي، انگريزن کان پنھنجن مطالبن مڃائڻ جو، ان ڪري انھن جا نعرا آزادي جي نسبت علحدگي ۽ ھڪ مخصوص خطي تائين محدود ٿي ويا آھن. اھڙي قسم جو مطالبو برطانوي سامراجيت لاءِ اھم نوعيت جو آھي. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي تائين برطانوي معيشت ان قدر ڪمزور ٿي آھي، جو سندن ڪيترن قابض علائقن تي وڌيڪ راڄ ڪرڻ ۽ لٽ مار جاري رکڻ مشڪل ٿي پيو آھي. جنھن ڪري ھر طرف ھڪ بيچيني جي لھر آھي. جنھن پوري ھندستان کي پنھنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ھر طرف دنگا فساد، لٽ مار، خانه جنگي، مذھبي منافرت، نسلي متڀيد، جھڙا منظر عام جام نظر اچڻ لڳاآهن. اھڙي ئي خطرناڪ مصيبت مان ھن وقت ھندوستان جا ماڻھو گذري رھيا آھن.
لعل، ھندوستان ۾ ھڪ نئين الميي کي پيدا ٿيندي ڏسي رھيو آھي، جيڪا ڳالهه سڀني لاءِ رنجيدگي جو باعث آھي. هي ان ڳالهه تي قائم آهي ته مسلم ليگ جي ليڊر جناح جي ذاتي زندگي ۽ مغربيت پسند مزاج رکڻ جي باوجود مسلم ليگ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪري نوابن، خانن ۽ رئيسن کي متحد ۽ مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري رھيو آھي.
بوبڪ، غير مسلم سنڌي اڪثريت وارو شھر آھي. جيڪو ڪاٺ جي چٽسالي جي بيحد خوبصورت گھرن، دڪانن، ڏاڪڻين ۽ ھر ھڪ سَر کي بيحد خوبصورتي سان رکي تعمير ڪيو ويو آھي. ھي شھر منڇر جي ڪناري کان ھڪ وسيع ۽ ويڪري ڌڙي تي ٺھيل آھي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ ڪيترن ماڻھن لاءِ بيحد سڪون واري جڳهه ھئي. جيڪا جھنگلي گاهه ۽ ٻوڙن سان ڳُتي پئي ھوندي ھئي، جنھن کي پوءِ مھاڻن، ٻيڙي ٺاھڻ جي ھنر جي ماھرن، تماڪ، مڇي جي واپارين آباد ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي ھي شھر پوري دنيا لاءِ خاص ٿي ويو. ريلوي اسٽيشن جي تعمير سان ھن شھر جي سڃاڻپ پوري دنيا سان ٿي. سنياسي، ڀڪشو، پوڄاري پنھنجي پنھنجي طرح سان ھتي اچڻ لڳا. جنھن سان ھن شھر جي دنيا ئي بدلجي وئي، ھاڻ ته بيحد ڪٺن زندگي کي آسان بنائڻ جي خيال کان فلسفي ۽ انساني قدرن جھڙن عظيم قدرن تي بحث ٿين ٿا. اھڙن سليقي وارن ماڻھن جي اچڻ ۽ آباد ٿيڻ سان ماڻھن جي وچ ۾ مضبوط سماجي رشتا جڙيا، جيڪي مذھب ۽ نسل جي فرق جي باوجود سڀ لاءِ بيحد اھم ۽ قيمتي ھئا. ڏسجي تھ ھي سڀ منڇر جي رشتي ۾ جڙيل آھن. اھا ئي ھنن جو مرڪز آھي. ھنن سڀني جنھن طرح سان ھن شھر جي اڏاوت ڪئي آھي، ان ۾ ھنڌوئن جو ھڪ پڙھيو لکيو ڪلاس شامل آھي. ڇاڪاڻ تھ منڇر اڳتي ھلي آمدني جو تمام وڏو ذريعو بنجي ھئي، ان خيال کان ھنن ڄڻ ته بوبڪ کي ڪاروباري شھر ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
ان ڏينھن جڏھن اسٽيشن چونڪ تي وڏو مجمعو لڳل ھو ۽ ڪيترا ماڻھو ھندوستان پاڪستان تي ڳالھائي رھيا ھئا، تڏھن بھ لعل گھڻو جذباتي ٿي ويو ھو. ھن بيحد ڏک جھڙي مليل جليل ڪيفيت مان چيو ھو ته اسان مان ڪو به بوبڪ نه ڇڏيندو. ڪنھن ھڪ ليڊر يا ڪنھن انگريز سرڪار جي گماشتي جي ڪري ماڻھو تقسيم نه ٿيندا. ھنڌوستان جي تقسيم زميندارن جي ملڪيت کي سگهه پهچائڻ لاءِ ٿي رهي آهي، جنهن سان هنڌن ۽ مسلمانن جو وڏو نقصان ٿيندو. جنهن سان تمام وڏي تباھي ايندي. جنھن جو پوءِ ازالو ممڪن ڪونھي. ھن ڪيترن ڳالھين تي ڳالھايو، پر ھن کي ان ڳالهه جو به احساس ھو ته ھن جا خيال ھن ملڪ جي تقسيم کي روڪي نه سگھندا.
ان رات جڏھن ھو بوبڪ جا شمعدان روشن ڪري موٽيو ھو، شھر ھن کي بيحد اونداھو ۽ ويران لڳو ھو. داد خوشي رام پنھنجي گھر کان ٻاھربيٺو ھو. جنھن بوبڪ جھڙي ننڍڙي شھر ۾ ڪلڪتي ۽ لکنو جي طرز تي عمارتون جوڙيون ھيون. جنھن ۾ اسڪول ۽ اسپتال جھڙيون خوبصورت عمارتون بھ شامل آھن. دادا خوشي رام جي اکين ۾ خوف نمايان ھو. لعل ھنجي چھري جي افسردگي کي محسوس ڪندي، ھن جي اکين ۾ نھاريو جيڪي ڪومائجي ويون ھيون.
مان جڏھن سترنھن سالن جي عمر جو ھئس، آزادي جي صحيح مفھوم کي سمجھي سگھيو ھئس. دادا خوشي رام لعل، ڏانھن نھاريندي چيو. مون انجو مطلب ائين سمجھيو ته “فخر سان ڳاٽ کي اونچو رکي ھلڻ” ان حق لاءِ مون پنھنجي پوري زندگي ائين گذاري، ھي ڳاٺ ڪنھن جي اڳيان نه جھڪيو.
دادا اھا ڳالهه ڪري ڪجهه گھڙين لاءِ خاموش ٿي ويو
ھي ٻئي ان طرح خاموش رھيا،
تو ٻڌو، “ھندوستان جو ورھاڱو ڪيئن ٿيو آھي”
دادا، لعل کان سوال ڪيو ۽ پوءِ خود ئي جواب ڏنو.
“مسلم اڪثريت وارا علائقا مسلمانن جا ۽ ھندو اڪثريت وارا علائقا ھندوئن جا.
لعل ان طرح خاموش رھيو، ھن وٽ ڳالھائڻ لاءِ ڪجهه نه ھو.
“ان فيصلي سان ته منھنجو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو آھي”
مسلمان مغل اقليت ۾ ھجڻ جي باوجود ھندوستان جي غير مسلم اڪثريت مٿان راڄ ڪيو، ڪنھن به ائين نه سوچيو تھ اقليت اڪثريت تي راڄ ڪيئن ٿي ڪري.
انگريزن جيڪا لڪير ڪڍي آھي، ان جو مطلب اھو ٿيو ته تھذيب، تمدن، رواداري، برابري وارو سوال وڃي پوي کڏ ۾.
دادا جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا، ھي انگريز چاھي ٿو ته شھر جا مسڪين ريڙھا ھلائيندڙ، زمينن تي ڪم ڪندڙ ھاري، رنگ ڪرڻ وارن، موچين، گاڏي وارن سمورن واڍن، ھنر مندن ۽ ڪنڀارن ھر ھڪ کي ھڪ حصي مان کڻي ٻئي حصي ۾ ائين اڇلين جو ڪير به ڪنھن جو نه رھي. مان ڄاڻان ٿو ته لکنو جا نواب ۽ سنڌ جا رئيس ۽ نواب ان حقيقت کان پوري طرح واقف آھن ته انھن جو ورھاڱي مان ڪجهه به ناھي وڃڻو.
دادا خوشي رام ڳالھائيندي ڳالھائيندي خاموش ٿي ويو.
مونکي صبح سوير سفر تي روانو ٿيئڻو آھي. دادا خوشي رام اوچتي ڳالھايو.
ڪيڏانھن، لعل حيرت مان پڇيو
بمبئي!
لعل حيرت مان دادا خوشي کي ڏسڻ لڳو،
دادا، ڇا! تون سنڌ ڇڏڻ چاھين ٿو؟ ڇا تون مٽي جي خوشبو کان پنھنجو پلئو آجو ڪري سگھندين؟ ھن زمين توکي مضبوطي ڏني، طاقت ڏني ۽ جيئڻ جي راه به ڏني.
اھا مٽي جنھن مان مندر جون مورتيون ۽ مسجدن جا مينار ٺھيا تون ان کي ڇڏي وڃڻ ٿو چاهين.
ھا! مون کي خبر آھي. خوشي وراڻيو.
مان ھميشه ھن مٽي کي سڀ کان بلند رکيو، پر جي مان گھر مان نڪرندي ماريو وڃان ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ خوشي بيحد ڏکاري لھجي ۾ وراڻيو. تون ڏسين ٿو ته انجي ابتدا ٿي چڪي آھي، سنڌ مسلمان اڪثريت واري حصي ۾ شامل ڪئي وئي آھي، انگريز حقارت جي لائق آھن، جنھن ناانصافي تي ٻڌل ورھاست ڪئي آھي. اسين انگريز خلاف بھادري سان وڙھياسين پر ان ته ان ويڙھ کي اسانجي وچ ۾ آڻي بيھاريو آھي. ھاڻ اسين ھڪ ٻئي جون سسيون وڍڻ لاءِ تيار ٿي ويا آھيون، مان ائين نه ٿو ڪري سگھان، مان سري عام نه ڪنهن کي ماري سگهان ٿو نه پاڻ کي ڪنهن جي هٿان مرندي ڏسڻ چاھيان ٿو، مان ھتان وڃڻ چاھيان ٿو. اسانجو ھاڻ ھڪٻئي تي اعتبار ختم ٿي ويو آھي. ائين جڏھن ٿيندو آھي ته ھر ماڻھو چرندڙ پرندڙ دوزخ بنجي ويندو آھي.
دادا خوشي رام ، لعل جي نرڙ کي چميو ۽ ھلڪا ھلڪا قدم کڻندو، بوبڪ جي ديوارن کي ھٿ لائيندو بيحد اڪير مان ڇُهندو ٿي ويو.

14. منڇر. ورھاڱي کانپوءِ

ھندوستان جي ورھاڱي کان ڪجهه ڏينھن پوءِ جي ڳالهه آھي، بوبڪ جا ماڻھو پنھنجن ڪيترن پاڙيسرين کان ائين محروم ٿي ويا ڄڻ ڪنھن وبا جي امڪان ۽ خوف مان ماڻھو گھر خالي ڪري ويا ھجن. سنڌ جا اصلوڪا رھواسي پنھنجي زمين کان محروم ٿيا. حالانڪ بوبڪ ۾ اھڙو ڪجهه به نه ٿيو ھو، پر پوءَ به نئين جاگرافي تقسيم جي دٻاءُ ۾ ڪيترا خاندان لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا. جي ڏسجي ته ھو جن علائقن ڏانھن لڏي ويا، اھي انھن ڪڏھن نه ڏٺا ھئا. پر ڇاڪاڻ ته اھي ھاڻ ھندوستان ۾ شامل آھن ان ڪري غير مسلم کي اوڏانھن ھجرت ڪري وڃڻ لاءِ اھڙي مھم ھلائي وئي. سنڌ جا مکيه شھر ته خالي ٿي ويا پر بوبڪ جھڙو ننڍڙو شھر به ان اثر کان بچي نه سگھيو. غير مسلم سنڌين کي پنھنجي زمين سان محبت ھئي، ڇاڪاڻ ته اھي سنڌي پھرين ھئا. جنھن جو اظھار ھنن جي ڌرمي ڪتابن ۾ ملي ٿو، بلڪه ھي تھ سنڌو درياء کي پوڄڻ جي حد تائين پيار ڪندا آھن. ورھاڱي کانپوءِ جيڪي حڪومتون ٺھيون انھن ۾ مذھب داخل ٿي ويو جنھن ۾ ھڪ انسان وحشي جانور وانگر پلجڻ لڳو، ڏھ سالن جي مختصر عرصي ۾ ھندوستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن ھڪٻئي سان جنگ ڪري ھڪٻئي جا ماڻھو مارڻ شروع ڪيا، ماڻهن جو خيال ھو ته ھندو ھندوستان وڃين ۽ مسلمان پاڪستان وڃين محفوظ ٿي ويندا، گانڌيءَ جو پنھنجو بيان ھو ته ھي ھاڻ نه ٿو ڄاڻي ته ماڻھن جو ڇاٿيندو. اھا ڳالھه ان وقت نھايت دردناڪ ھئي. جنھن ھن جي وندي ماترم واري خواب کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو. انگريز ھندوستان جي سموري ورثي ۽ تھذيب کي سفاڪانه طريقي سان ورھايو ۽ پوءِ ماڻھن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو. ائين جيئن ماڻھو ڪا رڍ يا ٻڪري ھجي. جن مان پوءِ ڪي شرنارتي ٿي مري کپي ويا ته ڪي مال دولت ڇنڻ جي ڏک ۾ مئا، عورتن ۽ ٻارن سان ڇا ٿيو، انسان مٿان اھو بدنما داغ ھميشھ رھندو. منڇر مٿان مھاڻن جو راڄ ختم ٿيو، طاقتور ذاتين جي ماڻھن، قبيلن منڇر جو حدون طئي ڪري، ان مٿان قبضو ڪري ورتو. منڇر جي نئين طرح سان ورھاست ٿي، مڇي تي الڳ ۽ پکين تي الڳ ماھوار محصول مقرر ٿيو، سنڌ پوءِ دير سان مڇي جي پالنا فشريز کاتو کوليو. جنھن پوءِ منڇر ۽ مھاڻن جا پئسه چورايا، پتڻ کان چوڌاري پوليس چونڪيون قائم ٿيون. جن لٽ مار جون نيون روايتون قائم ڪيون، مھاڻن جا فيصلا ھاڻ منڇر کان ٻاھر ٿيڻ لڳا، جنھن کانپوءِ اھو اندازو ڪرڻ آسان آھي ته منڇر جو مھاڻو ڪھڙي تڪليفدهه زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيو. اھي شيون جيڪي ڪنھن وقت ھڪ مھاڻي کي آزادي ۽ خوشحالي ڏينديون ھيون، ھاڻ ھو ڪيترين ڳالھين ۾ محتاج ٿيو. سندن گفتگو مان ائين معلوم ٿيندو ته ھنن جي زندگي جا ڪي چڱا ڏينھن به ھئا، جيڪي ھاڻ گذري ويا، ھاڻ ته ھي احمڪاڻين حرڪتن تي به لھي آيا آھن.

ٻه دوست لعل ۽ ماڻڪ

ماڻڪ مھاڻو ، لعل کي ياد ڪندي مسلسل ڏک واري ڪيفيت ۾ رھڻ لڳو آھي. ھڪ عجيب خاموشي منڇر مٿان ڇانيل آھي، ڪيترن اسرارن ۾ پوشيدهه اهي شاندار منظر ھن آڏو گم ٿيندا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ماڻڪ پوري ريت ورهاڱي کي سمجهي نه سگهيو آھي ۽ نه وري ان کي پنھنجي دل کان قبول ڪري ٿو. ھي ته پوري ريت انهن رشتن سان جڙيل ھو، جيڪي ھن جا پنھنجا ھئا. جن کي ھن روح سان چاھيو ھو ۽ دل سان عزت ڪئي، ھن کي حيرت ان ڳالهه تي آھي ته اڄ تائين ڪنهن کي ائين سمجهه ۾ ڇو نه ٿو اچي ته ماڻهو پنهنجي ڌڙڪندڙ دل کي ڪنهن ٻئي لاءِ ڪيئن بند ڪري سگهي ٿو ۽ ڇا ڪڏھن ائين ٿيندو ته ٻه دوست جنھن جا ھڪ ئي رستا ھجن، ٻه الڳ الڳ رستا وٺي ھلن.لعل ته مون جهڙو ۽ منهنجي زمين جو هو. هو 12 ورهين جو هو جو هنن جي وچ ۾ دوستي ٿي هئي. سندس ڪشادن ڪلهن وچ ۾ سفيد کير جهڙي ڳچي، چهرو غير معمولي سهڻو ۽ سفيد هو، شاندار گهاٽا ۽ ڪارا وار، ڀوريون ۽ نيريون اکيون جن جي روشني هن جي روح کي ٿي خوش ڪيو. ڪمال جو ذهين، ڪيترن آڏو انجي سڃاڻپ ائين هئي ته هن کي سمورن علمن جي ڄاڻ آهي ۽ ڪيترن پوشيده ڳالهين بابت هن جي اڳڪٿي درست ثابت ٿيندي آهي.
ماڻڪ جو سهارو ۽ من گهريو دوست سرحدن جي ڇڪيل لائن ۾ گم ٿي ويو، انسان جي هٿن ۽ ذهنن جي لالچ هٿان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. سموريون صورتون وقت جي گردش ۾ لٽجي ويون. شهر جي آبادي ٽي حصي کان به مٿي لڏپلاڻ ڪري هلي وئي آهي، چنڊ هر ڏينهن روشن ٿئي، پر ھاڻ ھو ڪنھن جي لاءِ گيت ڪو نه ڳائي، نه وري وڻن جي اوٽ کان ڪنھن جو انتظار ڪري ٿو

سومار، لاءِ ساڳي گهڙي موٽي ٿي.

توکي ان سان کڻي دلچسپي نه ھجي، پر مون لاءِ ھي بيحد ضروري آھي ته تون منھنجي درميان رھه. تون ھتي آهين ته منھنجي غم ڀريي دل کي راحت ملي ٿي، سومار، پنھنجي پٽ سکيرو سان مخاطب ھو، جيڪو ھاڻ 25 سالن جو جوان اچي ٿيو آھي، سومار ھن کي ماھر مھاڻو ڏسڻ چاھي ٿو پر هن جي منڇر ۾ دل نه ٿي لڳي. ھي پنھنجي پيءُ جي ڳالھين کي منڇر سان جذباتي وابستگي کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿو سمجھي. ان ڪري سومار ۽ سکيرو جي وچ ۾ ڏند چڪ ٿيندي رھندي آھي. سکيرو نوجوان آھي، ھن لاءِ دنيا ھاڻ رڳو منڇر ناھي ھن پاڻ کي اڳتي پئي ڏٺو. منڇر به ھاڻ ماضي جيان آسودي نه رھي آھي، سومار وٽ ماضي ھو ۽ سکيرو وٺ مستقبل،
تون لفظن کي ڦيرائي سگھين ٿو، پر مان ان ڳالهه کي سمجھان ٿو، تون دبئي وڃڻ چاھين ٿو. سومار، سکيرو سان مخاطب ھو. اسان ماڻھن جو اھو ئي ته مسئلو آھي ته اسين ھڪٻئي جي ذميوارين کي سمجھون ئي نه ٿا، ماڻھو پنھنجو وطن ڇڏڻ کان پوءِ ڪيترو خوار ٿئي ٿو انجو توکي اندازو آھي. اھو ھر ڪنھن جو پنھنجو خيال آھي ته ٻاھر وڃڻ سان ماڻھو آسودو ٿئي ٿو، پر ڪير ان ڳالهه جي پرواھ ئي نه ٿو ڪري ته ان سان ھو پنھنجو ڇا ٿو وڃائي! مونکي ڪابه خبر ناھي ته تون منڇر کي پُٺي ڏئي دبئي وڃين ڪيئن آسودو ٿيندين. مسلسل ڊوڙڻ ۽ پئسو ڪمائڻ کي تون آسودگي ٿو سمجھين.
ھن سکيرو ڏانھن نماڻين اکين سان نھاريندي چيو، تنھنجو فيصلو تنھنجي راه کي آسان بنائي، مون تنھنجي لاءِ ھميشھ ائين سوچيو. مان توکي نه روڪيندس پر مان توکان سواءِ ڪيئن رھي سگھندس، ائين سوچي منھنجي دل ڀرجي اچي ٿي. پر ڏس ته ھاڻ جي تون ٻاھر ويندين ته مونکي ڪنھن جي سھاري ڇڏي ويندين، مان ته ھاڻ صاف ڏسي به نه ٿو سگھان.
توکي بهانو گهرجي مون کي روڪڻ لاءِ، تون مونکي ٻاھر وڄڻ ڏيندين، سکيرو کيس وراڻيو.
جيڪڏھن منھنجي صحت چڱي ڀلي ھجي ھا ته مان توکي خوشي سان اجازت ڏيان ھا. سومار کيس وراڻيو.
ھتي محنت ڪندين ته برادري ۾ اونچو رتبو ماڻيندين، سومار، سکيرو کي مشورو ڏيندي چيو.
سومار جي ڳالھين ڪري سکيرو ڪو فيصلو نه ڪري سگھيو ھو، پر پوءِ ھن بيحد ڌيرج مان وراڻيو، “بابا اھو به ڏس ته اسانجي مصيبتن ۾ به گھٽتائي ايندي”
مان مصيبتن کان پوري ريت آگاھ آھيان، سومار ڏکاري لھجي ۾ کيس وراڻيو.
سومار ڪجهه ياد ڪندي ڏک مان روئڻ لڳو، ھن کي ياد آيو ته ھن پنھنجي بابا ماڻڪ کي به ائين منڇر ڇڏي ٻاھر وڃڻ جو چيو ھو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ھن جي دل ائين چاھيو ٿي. ھن کي ياد آيو سندس پيءُ ڪيئن نه چيو ھو ته، منھنجي حياتي ڪو گھڻو وقت چٽاءُ نه ڪندي، مان ھتان ائين ھليو ويندس جو ڪنھن کي خبر به نه پوندي. پر مون کيس گاريون ڏنيو ھيون، ھن پوءِ جوش ۾ اچي ڀاڪر ۾ ڀري پاڻي ۾ کڻي اڇليو ھو.
پر پوءِ امڙ جي دڙڪي مونکي ڪمزور ڪيو، انجو مون کي پوءِ احساس ٿيو ته ھڪ مھاڻي لاءِ منڇر ڪيڏي قيمتي آھي.اسان پوءِ گڏجي مصيبتن کي منھن ڏنو، ان وقت جي مضبوط ۽ ظالم ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام کي ڪڍي ٻاھر ڪيوسين. ان جي نسبت ھي مصيبتون ڪجهه به ناھن. ھا مان منڇر ڇڏي سگھيس ٿي ۽ آسودگي جي پويان ڊوڙي سگھيس ٿي، پنھنجي بابا ۽ امڙ کي ائين منڇر جي کليل پاڻي مٿان ڇڏي سگھيس ٿي. پر پوءِ ھڪ وفادار مھاڻي جيان منڇر کان ڌار نه ٿيس، پنھنجي مان ۽ مرتبي واري ھڪ مثالي زندگي گذاري. جنھن تي مونکي ان ڪري فخر آھي ته ھڪ مھاڻي کي ائين ھجڻ گھرجي، مضبوط ۽ شان وارو.
“ھاڻ منڇر مٿان ٿورو عرصو به رھڻ عقلمندي نه چئبي. بابا ان زماني ۽ ھن زماني ۾ وڏو فرق آھي.” سکيرو وراڻيو.
ھي ٿوري وقت کانپوءِ ختم ٿي ويندي، مان توکي ٻڌايان ٿو. ھي سڀ جنھن جو تو ھينئر ذڪر ڪيو ٿوري وقت لاءِ آھي. منڇر سان تنھنجو جذباتي لڳاءِ ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته تو منڇر جا چڱا ڏينھن ڏٺا. پر مان ھتي جيترو وقت رھندس، پنھنجي عزت واري زندگي وڃائي وھندس. ان ڪري اھا ئي مناسب گھڙي آھي ته، مان ڪو فيصلو ڪريان. ھڪ پاسي ٺيڪيدار آھي، وڏيرن جو گماشتو دل چوندي آھي ته ڦڦڙن ۾ بندوق ھڻانس. ٻئي پاسي آھن سرڪار جا ماڻھو، پوليس جا مُنشي، سپاھي، چونڪي وارا، سرڪاري ڪامورا. پر مان جھڙي طرح منڇر جي ويراني ڏسان ٿو ۽ جنھن تيزي سان ھي پنھنجي حياتي وڃائندي پئي وڃي، ان سان اسانجي مشڪلات ۾ اڃان به اضافو ٿيندو. توکي خبر آھي ته گذريل سال کان ڇنڊڻ مائينر کان زھريلو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آھي. منڇر لاءِ ھي ڪيڏي نه بدقسمتي آھي، مڇي سان گڏ پکي به غائب ٿيندا پيا وڃن. ٺيڪيدارن، رئيسن ۽ سيدن پنھنجا پنھنجا ونجهه ھڻي رکيا آھن. اسان لاءِ ھاڻ مڇي مارڻ جي حد به محدود ٿيندي پئي وڃي، مان شايد خوشنصيب ناھيان مان منڇر جي تباھ حال نسل وارن ماڻھن مان آھيان. ان ڪري به مان منڇر ڏانھن ان قدر جذباتي ناھيان، پر ڏس ته صحيح ڪيترا مھاڻا آھن، جيڪي منڇر ڇڏي چڪا آھن ۽ ھو مون وارو يار، ڌڻي بخش، علي ڏنو ۽ حضورو، منھنجي نڪرڻ جي انتظار ۾ آھن. سکيرو پيءَ کي سمجھائڻ لڳو.
ائين چئو نه، ته اھي ئي شيطان آھن، جيڪي توکي اھڙو مشورو ڏين ٿا؟! سومار جو آواز ڪاوڙ ڀريو ھو، ھن واڪو ڪري سکيرو کي چيو،
تون وڃڻ چاھين ٿو ته وڃ! سومار جون اکيون روئڻھارڪيون ٿي ويون ھيون. پر ھا! پئسو ڏوڪڙ ڪمائڻ کانپوءِ ھتي موٽي اچجان، ياد رکجان پُٽ آئينده لاءِ ھي ئي تنھنجي جاءِ آھي. جڏھن مان ھتان خدا جي مرضي سان ھليو وڃان ته منھنجي جاءِ سنڀالڻ لاءِ موٽي اچجان. ھتي گھڻو ڪجهه ڪرڻو آھي. پير ڌمڻ توکي پنھنجي حفاظت ۾ رکندو. سومار جي ڳالھائڻ ڪري سکيرو مٿان غم واري ڪيفيت ڇانئجي وئي، ھي اٿي کڙو ٿيو، بتيلو ڪاھي پتڻ ڏانھن روانو ٿي ويو، ڪجهه به ڳالھائڻ کانسواءِ.

اڙي! تون ھي ڇا ٿو ڪرين؟

ڪڏھن ڪڏھن انسان، شين جي حقيقت ۽ اھميت کي سمجهي ناهي سگھندو. ھي ائين سمجھندو آيو آھي ته ھن جي دانائي باقي شين کان وڌيڪ اھميت واري آھي. ڳالهه ھي آھي ته فطرت ڪنھن کي به ورثي ۾ مليل ناھي. ھي ته انسان جي محدود سفر جو ھڪ شاندار مقام آھي جتان، اسان سڀني کي گذري وڃڻو آھي. پر انسان زمين تي رھڻ ۽ انجي حيات سان جيڪو ڪجهه ڪري رھيو آھي، ان مان انجي سمجهه جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. ان ڪري ڪن موقعن تي ھو ٻاراڙيون حرڪتون ڪندو رھي ٿو. ھي حقيقت بيحد تڪليفده آھي ته منڇر جي مھاڻن مان ڪي وڌيڪ رياڪار، لالچي ۽ خودغرض به آھن. جيڪي پنھنجي گذر سفر جي وسيلن جي حفاظت کان وڌيڪ ان ڳالهه جي فڪر ۾ رھن ٿا ته ڪھڙي طرح قدرت جي باقي شين کي خطري ۽ تڪليف واري حالت ۾ آڻي پنھنجي آسودگي کي يقيني بنائن، ھنن کي منڇر جي بربادي، تباھي ۽ زھريلي ٿيڻ کان وڌيڪ ان ڳالهه سان مطلب آھي ته ڄڻ دنيا ھن جي لاءِ ٺاھي وئي آھي. ان ڪري ھي جيڪڏھن ناپسندگي، واريون حرڪتون ڪري ٿو ته به ان کي ڪا پشيماني ڪانھي. ھن جو ان سان ڪھڙو واسطو ته منڇر ۾ زھر ڦھلجي ٿو يا قدرت جي حيات مڇي، پکي، ٻوڙن کي نقصان پھچي ٿو ته انجي ھن کي ڪھڙي پرواه. دنياداري جا حوالا ڏيندي ھي ائين چوندي پاڻ کي درست سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ھي جي ائين نه ڪري ته سماج ۾ پنھنجو مقام ڪيئن ٺاھي سگھندو. ڪالهه جي ڳالهه آھي، سکيرو جي خيرو مھاڻي سان ان ڳالهه تي منھن ماري ٿي ته، مڇي مارڻ لاءِ زھر ۽ چن جو استعمال نه ڪر، ان سان ته منڇر جي مڇي ختم ٿي ويندي، بلڪه منڇر جو سڀڪجهه ختم ٿي ويندو.
اڙي، مان توکي ان نقصان جي حقيقت پوءِ ٻڌائيندس، پھرين تون اھو ٻڌاءِ ته اھو طريقو توکي ڪنھن سيکاريو؟ سکيرو، خيرو کان معلوم ڪندي پڇيو.
مون ڪو غلط ناھي ڪيو، ان تجربي سان ججھي مڇي حاصل ٿئي ٿي. جنھن جو مان تصور به نه ٿو ڪري سگھان، خيرو مھاڻي وراڻيو.
خيرو مھاڻي جي چھري تي ڪا ندامت ڪانھي، ھي پشيمان ٿيڻ جي بجاءِ سکيرو ڏانھن ائين نھارن لڳو، جيئن ھن ان جي ڪم ۾ مداخلت ڪري ھن کي نقصان پھچايو آھي.
خيرو مھاڻي کي ته مڇي مارڻ جو آسان طريقو ھٿ اچي ويو ھو، پر ھن کي ان ڳالهه جو اندازو نه ھو ته ان سان منڇر جو ڇا ٿيندو؟ ھن جا کارا مئل مڇي سان ڀرجي وڃن ٿا. لالچ ۽ خودغرضي عجيب شي آھي، جيڪا ان کي ٻين قيمتي شين کان محروم ڪري ڇڏي ٿي.
تو اڃان نه ٻڌايو ته اھو طريقو توکي ڪنھن سيکاريو؟ سکيرو کيس ويجھو ايندي پڇيو. پر کيس ڪو جواب نه مليو. تون ڀلي خاموش رهه، تون سچ پچ چوندي به ڇا؟ مان چڱي ريت ڄاڻان ٿو ته توکي، ھي سڀڪجهه ڪنھن سيکاريو. سکيرو ھن آڏو بيھي ھن سان وڏي واڪي ڳالھائڻ لڳو ۽ رکي رکي کيس گاريون به ڏئي رھيو ھو.
تون منھنجي ڪم ۾ رڪاوٽ ڇو پيو بڻجين. رڳو مان ته ناھيان، ڪيترا مھاڻا ھاڻ ائين پيا ڪن. منڇر جو سڀاڻي ڇا ٿيندو مونکي خبر ناھي، پر ان سان مونکي ججھي آمدني ٿئي ٿي ته مان اھو ڪم ڇو نه ڪيان. سڀاڻي تون به ائين ڪندين. خيروپنھنجون اکيون ڦيرائي رکيون ھيون، ھن واضح طور چيو ته ھو ائين ڪندو رھندو، ڪير به ان کي روڪي نه ٿو سگھي.
ھي وحشياڻو جنون آھي، ھي ظلم آھي. ھڪ مھاڻي کي پنھنجي روزي سان ائين نه ڪرڻ گھرجي. منڇر تنھنجو گھر آھي، ان حقيقت کي تون سمجھڻ جي ڪوشش ڪر. ٺيڪيدار ته ھڪ ڏينھن ھليو ويندو، ھن لاءِ منڇر بي معني آھي. سکيرو، عاجزيءَ واري انداز ۾ خيرو کي سمجھائڻ لڳو.
مان تنھنجن ڳالھين ۾ ڇو اچان، وڃين پنھنجو ڪم ڪر. خيري ته ھاڻ حد ڪري ڇڏي، ھن سکيرو کي ڪنھن حساب ۾ ئي نه آندو.
ھا! مان توکي خبردار ڪيان ٿو ته تون ائين نه ڪر، منڇر کي زھريلو نه ڪر، ھي رڳو تنھنجي گذرسفر جو ذريعو ناھي، اسان سڀني جي روزي آھي. سکيرو ھاڻ ڪاوڙ مان کيس تنبيهه ڪرڻ لڳو. جيڪڏھن تون پوءِ به نه مڙين ته مونکي تنھن جي شڪايت سرڪار کي ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته اھو قانون جي به خلاف آھي.
ڪن ماڻھن ۾ ھي خاص طرح جي عادت ھوندي آھي ته ڪن خاص حالتن ۾ اھي ڪو فيصلو نه ڪري سگھندا آھن ۽ ڪنھن ٻئي جي چيل مشوري کي پنھنجي خلاف سازش سمجھندا آھن. خيرو به ڪجھه ائين سمجھي رھيو ھو، ته سکيرو ھن سان ججھي مڇي جي شڪار کان حسد ڪري ٿو. پر پوءِ سکيرو کي معلوم ٿيو ته ڪيترا مھاڻا مڇي مارڻ جو خونخوار طريقو ۽ ڪٿي ته زھريلي مادن جو استعمال ڪن ٿا. جنھن سان مڇي کي ساھ کڻڻ ۾ مشڪل ٿئي ٿي ۽ مري وڃي ٿي. جيڪا پوءِ پاڻي تي تري بيھي ٿي. جنھن کي مھاڻا ٽوڪرين ۾ ڀري ٺيڪيدار حوالي ڪن ٿا، ھي ته ھاڻ روز جو معمول آھي.

توھين، بغاوت کي جنم ڏئي ٿي.

پڪ اٿم ته تون مون تي نه کلندين، ميرڻ مھاڻو، سکيرو ڏانهن نهاريندي چيو. مون کي آفيسرن سان ڳالهائڻ نه ايندو آهي، پر جي مون کي ڪلام ڳائڻ لاءِ چوندين ته خوشي سان ڳائيندس ۽ شاندار ڳائيندس، پورو منڇر شاهد آهي. ميرڻ حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي متعلق صاف صاف ڳالھائڻ لڳو.
آفيسرن سان ڳالهائڻ کان وڌيڪ، سڄي معاملي کي هڪدم سمجهڻ جي ضرورت آهي. سکيرو، ميرڻ ڏانھن نھاريندي چيو.
تون سچ پچ انھن کي چوندين ۽ ھو ائين ڪندا جيئن تون چاھين ٿو؟ ميرڻ، سکيرو جي چھري ڏانھن نھاريندي پڇيو.
ھلندڙ مھيني کان ڪيترا ڀيرا، مون ائين سوچيو ته، مھاڻن کي ان ڳالهه جو خود سان اھو احساس ٿئي. ھي پنھنجي رقيب، منڇر سان دشمني ڪن پيا. جيڪو نھايت خطرناڪ آھي. سکيرو، ميرڻ سان ڳالھائيندي چيو. منڇر ھر طرح سان ھنن جي مدد ڪري ٿي، ھنن کي سنڀالي ٿي، پر ھي اھا ڳالهه سمجھڻ لاءِ تيار ئي ناھن.
پر جڏھن ڪالهه خيرو ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪري ڳالھائڻ لڳو، ته مونکي پھريون ڀيرو ائين لڳو ته منڇر ھاڻ اسان کي سنڀالي نه سگھندي. ڇاڪاڻ ته منڇر سان ھاڻ جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي، اھا ڳالهه منھنجي عقل ۾ نه ٿي اچي. ھن چيو ته باقي مھاڻا به ائين ڪن ٿا، ھن ڪيو ته ڇا ٿيو. ھنجي ڳالھائڻ ۾ ان وقت تلخي اچي وئي، جڏھن ھن چيو ٺيڪيدار جو قرضدار آھيان، ان ئي ائين ڪرڻ لاءِ چيو. ان ڪري ھاڻ مونکي پنھنجو ڪم ڪرڻ ڏي. ھنجو منھن ڏک ۽ غم ۾ ڪوماڻيل ھو، ھي مون ڏانھن اکيون کڻي نھارڻ کان لنوائڻ لڳو، ھن کي شايد معلوم ھو ته ھن کي انجو حساب ڏيئڻو پوندو. ان ڪري ھن جو پنھنجن لفظن تي ڪو ضابطو نه ھو. ھي ائين سمجھي پيو ته ان سان منڇر تي ڪھڙو فرق پوندو، جيڪڏھن ھن مڇي مارڻ لاءِ زھر جو ھڪ خاص مقدار استعمال ڪيو آھي، ھزارين مُھاڻا روزانو پنھنجي حاجت به ته منڇر ۾ ڇڏين ٿا. ڇا ان سان منڇر ميري ٿي آھي ؟ خيرو ان ڳالهه جي پيچ در پيچ خطرن کي سمجھي ئي نه ٿو ته انجا ڪھڙا نتيجا نڪرڻا آھن. ھن کي پنھنجي فائدي واري ڳالهه کان اڳتي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي. ان سان منڇر پنھنجي حيات ۽ زندگي کان ڪيئن محروم ٿيندي ان کي ته انجي پرواه ئي ڪانھي. ھو پنھنجي فائدي لاءِ ٻين کي ڪيئن ٿو تڪليف ۾ وجھي. ھن کي ائين ڪرڻ جو ڪو حق ڪونھي جو مڇي جي شڪار لاءِ زھر جو استعمال ڪري. جي ھر مھاڻو اھڙي حرڪت ڪندو رھندو ته مان توکي ٻڌايان ٿو ته منڇر جو مھاڻو سڄي حياتي دنيا لاءِ ھڪ سستي نوڪر جھڙو ٿي ويندو ۽ ڪيترن آڏو عزت ۽ سچي خوشي کان محروم ٿي ويندو. ان ڪري مون اھو فيصلو ڪيو ته مھاڻن سان سڌي جھيڙي ۾ اچڻ جي بجاءِ حڪومت ۽ قانون کي پوري ريت وچ ۾ آڻي، ٺيڪيدارن ۽ مھاڻن تي دٻاءُ وجهي کين پابند ڪري ته مڇي مارڻ جو اھو طريقو بند ڪن، ڇا ڪاڻ ته اھو غير قانوني آھي.
پر ھي سرڪاري ڪامورا ته مفت جا ڪُرڙا کائڻ وارا آھن، ھي توسان ڪھڙي ھمدردي ڪندا؟ ميرڻ، سکيرو ڏانھن نھاريندي چيو.
قانون جي پابندي، ھنن کي ان ڪم جو اجرو ملي ٿو، ان فرض کي ھي ڪيئن ٿا نڀائن، پاڻ کي اھو ڏسڻو آھي.
سچ اھو آھي ته تو پنھنجي ڪالھوڪي توھين کانپوءِ ائين سوچيو آهي. ميرڻ، سکيرو کان سوال ڪيو.
مُھاڻا منڇر سان دشمني ڪن پيا، تنهنجي عقل ۾ اها ڳالهه هاڻ آئي آهي، هي جيڪي شهري وڏي درجي وارا عملدار آهن. جن لاءِ مشهور آهي ته اهي سمورن ڏوهن پٺيان ڪٿي نه ڪٿي موجود آهن. تون انهن کان منڇر لاءِ انصاف پنڻ ويندين. تون ڪڏھن ائين ته سنجيده نه ٿين. خيري تنھنجي دل آزاري ڇا ڪئي، تون ته جھٽ سان فيصلو به ڪري ورتو ته مھاڻن جي شڪايت سرڪار کي ڪري انهن کي سيکت ڏيارجي. ھي اھا سرڪار آھي جنھن جا آفيسر ۽ پوليس جا مُنشي ھميشه ڪٽ لڳل ترار جھڙا لفظ مھاڻن سان ڳالھائيندا رھندا آھن.
ميرڻ، جي ڳالھين سکيرو جي اندر ڪن بناوٽي خيالن کي ميرڻ چڪنا چور ڪري ڇڏيو، ھي ان لاءِ ڪا وضاحت نه ڪري سگھيو.
اھو صحيح آھي، مان توسان ڪوڙ نه ڳالھائيندس، مان شرمشار آھيان ته مان منڇر جي باري ۾ تڏھن سوچيو جڏھن خيري، مڙي به مون ڏانھن نه ڏٺو. سکيرو، قبوليت واري انداز سان ميرڻ کي وراڻيو.
مان انجي وضاحت نه ٿو ڪري سگھان، ڇاڪاڻ ته شايد ھي جيڪو مان ڪرڻ وڃان پيو ان توھين جي اثر ڪري ھجي، پر مان صحيح ۽ غلط ۾ فرق به ته ڪري سگھان ٿو. خيرو پنھنجي معمولي فائدي لاءِ مھاڻن کي وڏي نقصان ۾ اڇلي رھيو آھي. هاڻ تون ئي ٻڌاءِ انهن کي ائين ڪرڻ کان ڪيئن روڪجي.
اها ته پوءِ جي ڳالهه آهي، پر ھڪ ٻي تباھي جو اندازو توکي ڪونھي. ميرڻ بيحد ڳنڀرتا مان سکيرو کي وراڻيو. توکي ان ڳالهه جي خبر ئي ناهي ته وڏي درجي وارا عملدار منڇر سان ڇا ڪري رهيا آهن. ان سان ته منڇر جي مهاڻن جو هڪ ڏينهن به مشڪل سان گذرندو، هو ته مري ويندا، بلڪه هي ته انهن کي اجتمائي خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. ان کي تون ڪيئن روڪي سگھندين. ميرڻ، اوچتو کيس اھڙي ڳالهه ڪئي جنھن جو ھن کي ڪو اندازو نه ھو. ھي مھاڻا ھن وقت منڇر سان جيڪو ڪجهه ڪن پيا اھو ته سندس بک جي مار ڪري ڪن پيا، جن لاءِ کين ندامت به آھي. پر سرڪار وٺ نه ندامت آهي نه ڪا وضاحت ته منڇر کي تباه ڪرڻ جو انھن کي ڪنھن حق ڏنو آھي. مان توکي ٻڌايان ٿو، ھي الھندي نارا کي زھريلو ڪرڻ چاھن ٿا، جتان سدائين منڇر کي پاڻي ملندو رھيو آھي. منڇر لاءِ اهو بيحد خطرناڪ آهي. انگريزن ڪڏھن ائين نه ڪيو، ھي ته پنھنجا آھن. تون ٿورو منڇر کان اولھندي طرف ويندين ته وڏيون مشينون ڪم ڪري رھيون آھن. ھي سرحد ۽ پنجاب جو پورو زھريلو پاڻي اولھندي نارا وسيلي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ چاھن ٿا. ھنن پري پري تائين ڏيڍ فوٽ جا ڪيمرا لڳائي رکيا آھن ته جيئن ماڻھن جي اچ وڃ جي خبر پئي، پر پوءِ به مونکي خبر پئي ته پاڪستان جي فوجي سرڪار پنجاب جو سمورو صنعتي زھر منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ چاهي ٿي. ھي تھذيب جنھن جو تون وارث آھين، جنھن تي اسان جي وڏڙن جو ھميشه کان فخر رھيو. اھا ائين مٽجي ويندي جنھن جو توکي اندازو ئي ڪونھي. سکيرو جي اکين ۾ جيڪو اڳ وارو جوش ھو غم ۽ غصي ۾ تبديل ٿي ويو. اسين ان گھڙي جو اثر وٺندا آھيون، جيڪا ٿوري وقت لاءِ ھوندي آھي، پر اسان انھن حادثن ڏانھن سنجيده ناھيون ھوندا جن سان اسان جي تھذيب ختم ٿيڻ تي ھجي. ان ڪري تون خيرو کي ڀلي نه ڇڏ، پر ھاڻ جڏھن پاڻ فشريز کاتي ھلون پيا ته رڳو خيرو جو معاملو نه کڻون پر کين اھا بھ ڳالهه پڇون ته سرحد ۽ پنجاب جو زھريلو پاڻي نارا ذريعي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو ھنن کي ڪنھن حق ڏنو. ان لاءِ سرڪار مھاڻن کان ڪنھن بھ قسم جي راءِ ورتي آھي؟ جيڪي منڇر جا حقيقي وارث آھن. بلڪه سرڪار کي ان رٿا کي بند ڪرڻ جو چتاءَ ڏيون، بند نه ڪرڻ جي صورت ۾ حڪومت خلاف منڇر بچايو محاذ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪيون.

فشريز ڊپارٽمينٽ. گاڏي خراب آهي،

جيڪا ڳالهه تون چوين پيو جي سچ آھي، ته ضرور ڪاروائي ڪنداسين. مڇي جي پالنا واري سرڪاري شعبي جي انچارج، سکيرو ۽ ميرڻ سان ائين مخاطب ھو، ڄڻ هنن جيڪي ڳالھيون چيون آھن انھن جي ھن کي ڪا خبر ئي ناھي. مان توکي وڌيڪ ٻڌايان ٿو ته مھاڻن کي ائين ڪرڻ تي ڪير پيو مجبور ڪري، سکيرو جرئت مان ڳالھائڻ لڳو. ھي جن کي توھان ٺيڪيداري جا لائسنس ڏنا آھن، اھي مھاڻن کي مجبور ڪندا رھن ٿا ته ججھي مڇي حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪن ۽ جڏھن اسين ٺيڪيدار کان معلوم ڪندا آھيون ته خبر اٿئي ھو ڇا چوندو آھي.
انچارج جو ڪجهه چوي ان کان اڳ سکيرو کيس چيو، ٺيڪيدار چوندا آهن ته پتڻ کان ھيٺ پوليس جا منشي، سپاھي، صوبيدار ۽ انھن جا مٽ مائٽ ۽ فشريز کاتي جون جيڪي چونڪيون آھن اتي جي عملدارن کي پئسا ۽ مڇي ۽ پکي ڏيڻ جا پابند آھيون نه ته اسان مان ڪير پتڻ کان نڪري نه ٿو سگھي. سکيرو ان ڳالهه جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ ته انچارج ناراض ٿيندو. ھن چيو، جون، جولاءِ، آگسٽ ۾ مڇي مارڻ تي پابندي جي باوجود مھاڻن کي مڇي مارڻ جي اجازت ڪير ٿو ڏئي ۽ ان لاءِ به مھاڻا چون ٿا ته کاتي جا آفيسر ذميوار آھن. اھي پئسا وٺي مھاڻن کي اجازت ڏين ٿا، اھو وقت ته مڇي جي آنن ۽ ٻچن ڏيڻ جو ھوندو آھي، توھان کي ته معلوم آھي پوءِ ائين ڇو ٿو ٿئي.
سرڪاري ڪاموري کي جيتوڻيڪ اھو سڀ معلوم ھو، پر سندس منھن جون عجيب ريکائون ائين پئي ظاھر ڪيائين ڄڻ ھن کي ڪجهه به خبر ناھي.
مان ڇا ڪيان! منڇر جا مھاڻا ھڪ ڏينھن به مڇي مارڻ ۾ وقفو نه ٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته ھي منڇر کان وڌيڪ پئسي سان پيار ڪن ٿا. آفيس جي انچارج وراڻيو. پر جي تون ذميواري کڻين ته مان اھڙو فيصلو ڪيان. سرڪاري ڪاموري پاڻ کي بچائيندي سکيرو کي چوڻ لڳو.
ٺيڪ آھي! پتڻ تي ھينئر ٿا ھلون ، مان ذمو کڻان ٿو. سکيرو وراڻيو.
پتڻ سڀاڻي ايندس. اڄ ھلون ھا پر گاڏي خراب آھي. ڪاموري ڪجهه سوچي جواب ڏنو.
صاحب! ھاڻ مون کي ٻي ڳالهه ٻڌاءِ. سکيرو ڪاموري سان مخاطب ٿيندي پڇيو.
ڪير انسان ڪيترو لالچي آھي ان ڳالهه کي تون ڇڏ، پر مونکي اھا ٻڌاءِ ته سرڪار نارا ڇنڊڻ کي ڪھڙي مقصد لاءِ استعمال ڪري ٿي ؟
اسان ٻڌو آھي ته پنجاب ۽ سرحد جي زمينن کي، پوکي لائق بنائڻ لاءِ سم ۽ ڪلر وارو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ان جي ڪپرن کي ڪشادو ڪيو پيو وڃي.
اھو وفاقي سرڪار جو ڪم آھي. اسان جو ان سان ڪو تعلق ناھي. انچارج وراڻيو.
انجي نتيجن جي توکي خبرآھي؟ سکيرو کيس سوال ڪيو. وفاقي سرڪار کي مھاڻن جي زندگي جي قيمت تي ان فيصلي جو حق ڪنھن حق ڏنو آھي؟ تو ڪڏھن مھاڻن سان انجو ذڪر ڪيو؟ ڇا تنھنجي فرائض ۾ ائين ناھي؟ ان فيصلي سان منڇر ۽ مھاڻن جو ڇا ٿيندو؟ تنھنجي وفاداري ڪنھن سان ھجڻ گھرجي؟
مون توکي ٻڌايو ته اھو وفاقي سرڪار جو فيصلو آھي، مان ھتي نوڪري ڪرڻ اچان ٿو. ان کان اڳتي منھنجو ڪو ڪم ڪونھي. مان ماڻھن سان جھيڙا ته نه ڪندس. ھر ڪو پنھنجو نفعو نقصان سمجھي ٿو. توھانجو ڪو اعتراض آھي ته ڊي سي سان ڳالھايو. اهو ئي ضلعي جو مالڪ آهي. انچارج ھڪ ئي وقت ڪيتريون ڳالھيون ڪري پنھنجو پلئو آجو ڪري ڇڏيو.

15. مٽي پاڻي جي وھڪرن وارو ديس ڪيڏانھن ويو؟

ڇنڊڻ، 1976 (مين نارا) ايم اين وي ويسٽ ڊرين 1

سنڌو ماٿري، مٽي پاڻي جي وھڪرن، دريائن،ڍنڍن، نين وارو ديس آھي، جنھن جي مٽي ۾ عجيب خوشبو آھي، ھي زمين لٽ ۽ واري جي سونھري ذرڙن سان ائين ٺھيل آھي ڄڻ قدرت انجو انتخاب خاص موقعن تي ڪيو ھجي. ھي ان قدر لا محدود ۽ زرخيز آھي، جو ھر ماڻھو کي پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ڏئي ٿي. ھن جي ٻولي ۾ وڏو اثر آھي جنھن ۾ زندگي جا سمورا راز پوشيده آھن، جنھن کي سکڻ سان انسان پنھنجي اندر ۾ وڏيون تبديليون ڏسندي محسوس ڪري ٿو. ھن جي چوڌاري بيٺل سمورا انسان ھن آڏو پنھنجو سر نوائي رکن ٿا، سنڌو ماٿري مٽي پاڻي جي وھڪرن ڪري تھذيب جا عظيم نشان رکي ٿي، جيڪا سنڌ جي مجموئي زندگي ۽ انجي روحاني صورت کي متحرڪ طاقت ۾ تبديل ڪري ٿي، ھي اعتبار ڪرڻ جھڙي ڳالهه آھي ته قدرت پھاڙن مان پاڻي وھايو ته جيئن زمين کي پوکي لائق بنائي سگھي، وڻن کي زمين تي بيھاريو ته جيئن سج جي ساڙيندڙ تپش کان بچاءُ ملي ۽ انھن سمورن انسانن، پکين جيڪي آزادي ۽ آوارگي ۾ رھندڙ آھن سک جو ساه کڻي سگهن .ھي انسان جيڪو رڍن جي ڌڻ وانگر ڊوڙندو رھي ٿو، ان کي کيڙڻ، پائڻ ۽ پچائي کائڻ جو ھنر ڏنو پر انجي بدلي ۾ ھن انجو بيجا استعمال ڪيو. قدرت ڏانھن بيحد ظالماڻو طريقو اختيار ڪيو. ھن قدرت مٿان قابض ٿيڻ جا معمولي طريقا اختيار ڪيا، هن پوءِ پنھنجي دفاع جي ھٿيارن سان پنھنجي ئي نسل جي ماڻھن جون سسيون وڍي ٽنگي ڇڏيون، ڪن ته انساني کوپڙين جا مينار اڏيا. قدرت جي خزانن کي ھن ويراني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، زمين تي موجود دريائن، ڍنڍن، ندين، وڻن، پکين، جانورن ۽ معصوم ۽ بي پھچ انسانن تائين سڀني کي پنھنجي تابع ڪرڻ ۽ مڪاري سان راڄ ڪرڻ جھڙي خوفناڪ شروعات ڪئي.
منڇر، قدرت جي شاھڪار شاھپارن مان ھڪ آھي. جنھن کي قدرت سدا آباد رکڻ لاءِ پنھنجا ذريعا پيدا ڪري ڏنا ھئا ته جيئن ان جو حُسن سدا قائم رھي. قدرت سندس ڀر ۾ کيرٿر کي بيھاريو، جتان پاڻي نئن گاج، نئن باجرڪي، نئن ٻوڙڪي، ھليلي، سول، ڪڪڙائي، لڪي لوڻي، انگئي جھڙين خوبصورتءَ شاندار نئيون ور وڪڙ ڪنديون منڇر ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. نه صرف نئيون پر ھن کي ٻيا به پاڻي جا ذريعا ميسر ڪيا مين نارا ويلي ھڪ قدرتي ۽ لھواري مٽي پاڻي جو ذريعو، جنھن کي 1932۾ انگريز سرڪار نئين طرح سان ترتيب ڏئي سکر بئراج سان منسلڪ ڪيو ۽ مستقل فلو مين اسٽريم ۾ تبديل ڪيو، جنھن جو مقصد ساريال واري علائقي جي نيڪال واري پاڻي ۽ نئن جو پاڻي حمل ڍنڍ مان منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ته جيئن ڪن حالتن ۾ درياءِ مٿان پاڻي جي دٻاءَ کي ھلڪو ڪري سگھجي. ان جھڙو ئي ڪم ڏيندڙ اڙل واه دراصل منڇر ۽ سنڌو کي ڳنڍيندڙ قديمي ندي آھي، ھنجي وھڪري جو دارومدار سنڌو ۽ منڇر ۾ پاڻي جي سطح تي آھي، جڏھن درياء ۾ 80 ھزار ڪيوسڪ وھڪرو ھوندو آھي ته اڙل وسيلي پاڻي منڇر ۾ ايندو آھي، پر جڏھن منڇر ۾ پاڻي جي سطح وڌي وڃي ته ان مان پاڻي درياءِ ۾ اماڻي سگھبو ھو. ھي اھي پاڻي جا ذريعا ھئا، جن سان منڇر جي حيات جو پورو نظام روان دوان ھو پر پوءِ 70 ۽ 80 وارن ڏھاڪن ۾ غير چونڊيل غير مقبول فوجي حڪومت ۽ انھن جي سھاري نام نھاد سول ڪامورا شاھي، نئين معاشي پاليسن جو سھارو وٺندي، سرمائيدار ڪمپنين سان گڏجي، خاص طور زراعت جي پيداوار وڌائڻ جي خيال کان جيڪي ماحوليات دشمن پاليسيون اختيار ڪيون، ان سان قدرت جي مٽي پاڻيءَ جي ذخيرن کي سخت نقصان پھچڻ شروع ٿيو. گڏيل ۽ عوامي زرعي نظام لاڳو ڪرڻ جي بجاءِ، جاگيردارانه ۽ فوجي وڏيرا شاهي طرز زراعت کي طاقت ڏني وئي. جديد ۽ بازاري نظام زراعت جي پھرين ترجيح، منافعي واري رجحان کي اوليت ڏيڻ هوندي آهي، جنهن سان وڏي پئماني تي جيت مار دوائن جو استعمال، زرعي ڪيميڪل ڀاڻ ۽ خاص طرح گھڻ قومي ادارن جي تيار ڪيل ٻجن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان وڏي پيماني تي ماحولياتي حادثا جنم وٺڻ لڳا.
اھم ڳالهه ھيءَ آھي ته مين نارا ويلي ڊرين جنھن کي مقامي ماڻھو ڇنڊڻ چون، 1932۾ سکر بئراج جي تعمير وقت، سم جو پاڻي، حمل ۽ منڇر ڍنڍ ۾ نيڪال ڪرڻ جي مقصد لاءِ ٺاھي وئي ھئي، جيڪا ان کان اڳ منڇر جو قدرتي وھڪرو ھو، ان وقت به بوبڪ جي شهرين ۽ منڇر جي مهاڻن انجي سخت مخالفت ڪئي هئي. پر جڏهن سرڪار ان کي ويسٽ ڊرين 2 جي نالي سان ڊڪليئر ڪيو، جنهن جو مقصد اتر سنڌ پنجاب ۽ سرحد تائين چانورن ۽ ٻين منافع بخش فصلن جي پوک جو پاڻي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ جيت مار دوائن جو زهر ۽ ٻيا ڪيميڪل شامل هئا منڇر ۾ ڇوڙ ڪيا ته منڇر جو پورو ڇر زهريلو ٿي ويو. اصل ۾ منڇر جي ويراني جي ڪھاڻي اتان کان شروع ٿئي ٿي.

16. منڇر 1

پنج سئو ڪلوميٽر زهر ابتدا ٿي چڪي.

سکيرو، جي ٻيڙي باقي سمورن مھاڻن جي ٻيڙين کان مختلف ۽ خوبصورت آھي. ڇاڪاڻ ته اها ووڍ ڪارونگ آرٽ (ڪاٺ تي چٽسالي ) جو شاهڪار آهي. ٻيڙي جي ڪنارن کان چوڌاري هڪ ٻئي سان جڙيل ٽڪنڊا اهڙي ڪاريگري سان اڪريل آهن، جو ڪنهن هڪ ۾ تر جو فرق به نظر نه ايندو. جن کي وري مختلف پڪن رنگن سان ڀريو ويو آھي. ٻيڙي ڄڻ سنڌي رلي اوڍي رکي ھجي. ان جي هيٺان کان ٻن ٻن لائنن ۾ سڌائي سان سهڻيون ڌارون، ڌارن کان هيٺ ڳاڙهو رنگ ھيٺ کان مٿي تائين ليپيل آھي. ٻيڙي جا مٿيان ڪنارا بلڪل لسا آھن ۽ وچ واري ٿوڻي کي به شاھڪار نموني تراشيو ويو آهي. سکيرو پنهنجي ٻيڙي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهڻ لاءِ ناهي تراشي پر ان سان هن جو منڇر ۽ ٻيڙي سان لڳاءُ ظاهر ٿئي ٿو. ٻيڙي کي تراشڻ جو فن مھاڻن ۾ ته پراڻو آهي، پر هن ڪم جا خاص ڪاريگر ٿين ٿا، جيڪي ڪيترن ڏينهن تائين ٻيڙي کي تراشڻ جو ڪم ڪندا آھن. هي بيشڪ مهانگو شوق آهي، پر مهاڻا ان کي دل سان ڪرائيندا آهن. انهن جي بقول مھاڻي جي تراشيل ٻيڙي انجي روح کي طاقت ۽ سگهه ڏئي ٿي، پاڻي سان جوڙي رکي ٿي ۽ هڪ امتيازي وصف سان، پاڻي تي گهڻي عرصي تائين رهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. نه صرف مدد ڪري ٿي پر مونجهاري جا سمورا امڪان ختم ڪري ٿي. جيتوڻيڪ ڪنهن شيءِ لاءِ ڪو يقين ويهجي وڃي، جيئن ٻيڙي جي تراشجڻ واري عمل کي مھاڻو پنهنجي سماجي حالت ۽ منڇر جي عمر دراز ۽ آسودگي واري خيال سان جوڙيندي ان عمل کي پاڻ ۽ پنھنجي نصيب لاءِ ضروري سمجهي ٿو. اهڙي طرح انجا ماهر جيڪي خود به مهاڻا آهن ان ۾ ھر ڏينھن نواڻ پيدا ڪندا رھن ٿا. اها حقيقت هڪ مھاڻي کي متاثر ڪري ٿي ته، پنهنجي ٻيڙي کي رنگن سان خوبصورت ڪري، جيئن منڇر جو روح رنگن جي دنيا ۾ رهندي پنهنجي سخا جا در کولي. گاليا جنھن کي مھاڻا گھر ۽ رھائش لاءِ استعمال ڪندا آھن، باقي ٻيڙين، بتيلن، کان ڪشاده ٿئي ٿو. ان جي وچ ئي وچ کان ويهڻ جي جاءِ بلڪل سڌائي ۽ ڪشادي ٿئي ٿي. جنهن جا چارئي پاوا هڪ بُرج جي شڪل ٺاهن ٿا ۽ اهڙي سڌائي سان بيهاريا ويندا آهن، جو پري کان چورس نما ڪمري جو ڏيک ڏيندا آھن. جنهن تي به چٽسالي ان خوبصورتي سان اڪريل ھجي ٿي. جو ماڻهو هڪ لمحي لاءِ ڄڻ اوائلي دور ۾ پهچي وڃي ٿو. پر هي ڪنهن بادشاه جي سواري نه، پر سکيرو جو گهر آهي. پاڻي مٿان ترندڙ آرٽ ۽ مهمانوازي جو مثال. سکيرو جي ٻيڙي کان جڏهن به ڪو گذري ٿو ته ڳالهائڻ واري جون اکيون ٻيڙي جي مالڪ کي ڏسڻ لاءِ ڦري وڃن ٿيون. هي اهڙو گهر آهي جنهن جو ڪو در ۽ دري ڪانهي، پر انجي باوجود هي پنهنجن مالڪن کي حفاظت ۾ رکي ٿو. گاليا جي ڇت جهڪيل هجڻ ڪري اُس ۽ مينھن کان پنهنجي ڪٽنب کي محفوظ رکي ٿو. هي ڪٽنب چئن ماڻهن تي مشتمل آهي، سکيرو سندس پيءِ سومار، زال سدوري ۽ پٽ راڻو.

سکيرو مھاڻو

ڪا شيءِ قطعي خواهشن جي برخلاف ٿيڻ ڪري، ماڻهو جي زندگي جو سڀ ڪجهه تبديل ٿي وڃي ٿو. خاص ڪري جنهن شي سان ان جو گهرو تعلق هجي. سومار، رمضان عيد جي ٽن هفتن کانپوءِ گذاري ويو. سومار پوئين گهڙي تائين خوش ٿي نظر آيو، سکيرو کي ڏسي خوشي هن جي اکين ۾ سميٽجي ايندي هئي، سومار جي وفات کانپوءِ سکيرو منڇر ڇڏڻ واري فيصلي تي هڪ ڀيرو ٻيهر غور ڪرڻ لڳو هو. سکيرو رنگ جو هلڪو ڪارو، قد ائين جو اٿي بيهي ته ڇهه فٽ ٿي ويندو. هي جنهن قسم جو گاريال شخص آهي، ان قدر وري صابر ۽ ماڻهن ڏانهن نرم احساس رکندڙ، محبت ۽ جذبات جي بابت ڪجهه به نه ڄاڻيندڙ، هن شخص جو ورتاءُ سڀني انسانن سان هڪ جهڙو آهي. پر جي ڪو هن سان پيار جي سهڻن نُڪتن، تي ڳالهائيندو ته هن جون ٻه اکيون، آسمان جي تارن جيان روشن ٿي پون ٿيون ۽ واڇ ٽيڙي سفيد ڏند ڪڍي کلندو رهندو. ماڻهن سان سڌو ڳالهائيندو آهي، ڳجهارتن ۾ ڳالهائڻ جو هن ۾ ڪو گُر ڪونهي. آواز ۾ ڪا چاشني نه هجڻ جي باوجود لفظن جو استعمال ڪنهن روايتي مهاڻي کان وڌيڪ سندس طبعيت ۾ سنجيدگي، خاصيت ۽ عادت مطابق ڪندو. جيتوڻيڪ ان ۾ گاريون به آهن، پر ٿورو پيار ڀريو لهجو به آهي. هو سنڌي زبان چڱي طرح ڳالهائيندو آهي، ڪجهه لفظ هن خود سان به ايجاد ڪيا آهن، جيئن ٺيڪيدار لاءِ بگهڙ، چنڊ کي سڄڻ ۽ آسمان کي اُڀ، ڪونج کي مسافر، سرڪاري عملدارن کي بُکيا ڪري سڏيندو آهي. مٿي تي هميشه سعيد آباد امين لاکي جي هٿ تي ٺهيل ستارن تي سنڌي ٽوپي پائيندو آهي. گهري رنگ جي ويڪري شلوار، قميص تي هميشه ٻه بٺڻ کليل رکندو آهي.

سدوري

سدوري سندس گهر واري، عمر ۾ هن کان چار سال ننڍي آهي. هن جي چھري ڏانھن نھاربو ته ھاڻوڪي آفريڪن نسل جي سانوري رنگت جھڙين عورتن جھڙي نظر ايندي. سندس جسم تي ململ جو سوٽي وڳو پھريل ھوندس، مٿو ھميشه ڍڪيل. ھن کي ٻيڙي ڪاھي ھلڻي آھي ته ھن اڀ ڏانھن ڪڏھن به ناھي نھاريو، سڌو ڀن جي وچ ئي وچ تي بيٺي ھدايتون ڏيندي. سج گرم آھي يا ٺريل، هر وقت ڪم ۾ مشغول نظر ايندڙ، هي مھاڻيءِ خيالي دنيا ۾ رهڻ جي بجاءِ، پنهنجي ڪٽنب لاءِ هر وقت ڪم ڪندي رهي ٿي. هن پنهنجو ننڍپڻ به ائين ڪم ڪندي گذاريو. هن جي سمورين عادتن مان وڻندڙ عادت مڇي جو پلاءُ ٺاهڻ آهي، جيڪو هي تڏهن دل سان ٺاهيندي آهي جڏهن پنهنجي مڙس ۽ پٽ راڻي سان گڏ شيخ ڌمڻ پير يا سيوھڻ جي لعل قلندر جي درگاه تي حاضري لاءِ ويندي آھي. ان لاءِ هي تياري به ائين ڪندي آهي جو، ان ڏينهن هن جي شڪل مان روزانا وارا لهجا بلڪل غائب ٿي ويندا آهن ۽ انجي جاءِ تي شفقت، پيار ائين مهڪي پوندو آهي جو لفظ موتي جي صورت وٺي نڪرندا آهن. هن جي چهري مان پنهنجن مرشدن تي اعتبار نکري بيهندو آهي. ان اعتبار جي شايد اها تقاضا آهي ته سدوري مهربان بڻجي وڃي ۽ جيترو به اندر ۾ ايمان آهي ان کي پنهنجي چهري ۽ رويي مان ظاهر ڪري.هڪ عام ماڻهو پنهنجي غم ۽ خوشي کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي فن کان محروم هجي ٿو، هي فرصت جو ڪم آهي. جنهن کان هڪ پورهيت عورت ناواقف آهي. پر هن جي حاضري جا لمحا ۽ ڪيفيتون شاندار هونديون آهن. هي پاڻ سميت پٽ راڻي کي به نئون وڳو پارائيندي آهي ۽ پورو ڏينهن سندس من اندر پوشيده شفيق ماءُ وارو فطري پيار راڻي جي مٿان گهور ڪندي رهندي آهي. عام ڏينهن ۾ پٽ ۽ سکيرو سان ڳالهائيندي آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته جهيڙو ڪري رهي آهي، پر هتي هرڪو ائين ڳالهائيندو آهي. حقيقت ۾ سدوري پنهنجي نالي جهڙي سدوري آهي. اڳين ڏينهن جي ئي ڳالهه آهي ته سکيرو هن کي ڪنهن ڳالهه تان دل کولي گاريون ڏنيون هيون، ان جي باوجود هن جي پيشاني تي ڪو گهنج نه هو. هو هڪٻئي سان ائين ڳالهائڻ جا عادي آهن. هونئن به ان ماحول ۾ هي ائين نه ڪن ته شايد منڇر ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي مارين. هي ائين ڪري ڄڻ هڪٻئي کي خوش ڪن ٿا. هتي محبت جتائڻ جو به پنهنجو طريقو آهي. سدوري ٻيڙي جي مالڪياڻي آهي ۽ سندس دل اندر اهو خيال باقي سمورن خيالن کان وڌيڪ مضبوط آهي. هي منڇر کي پنهنجو چوٿون ڀاتي سمجهي ٿي ۽ ان سان ائين پيار ڪري ٿي جهڙو پُٽ راڻي سان ڪري. هي منڇر کي ائين عزت ڏيندي آهي جو لعل قلندر جي آڳنڌ جي مٽي، منڇر جي حصي جا نقل ۽ خشڪ توت آڻيدي آهي ۽ صبح سوير اهي منڇر ۾ اڇلي چوندي ويندي آهي.
قلندر، توکي پنهنجي حفاظت ۾ رکندو.
پير ڌمڻ اسانجي ٻيڙي تاريندو.
سدوري بردبار مهاڻي هجڻ ڪري، هن ۾ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت باقي مهاڻين کان وڌيڪ آهي. هڪ ڀيري هن جي برادري جي هڪ عورت کي وقت کان اڳ ۾ ويم جا سور اهڙي وقت تي پيا جڏھن سمورا مرد ڪنهن دعوت تي ٻاهر ويل هئا، ته سدوري پٽ کي پنهنجي ٻيڙي جي سنڀالڻ لاءِ ڇڏي، مائي کي بتيلي ۾ وجهي مقامي دائي ڏانهن کڻي وئي، جيڪا شاه حسڻ واري مياڻي طرف رهندي هئي. هن پوري همت سان پورو اڌ ڪلاڪ ٻيڙي جو چپو هلايو. عورت جو ويم ڪرائي واپس ٿي. جڏهن مائي جا مائٽ موٽي آيا ته گهر ۾ ٻار کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا، مهاڻن جا چهرا فخر مان اونچا ٿي ويا هئا. هڪ مُهاڻي کي ائين هجڻ گهرجي. سدوري جي اهڙي جرئت کي سکيرو به محسوس ڪيو. پر هن انجو اظهار ساراه ڪندڙ لفظن جي صورت ۾ نه ڪيو، انجو سبب اهو آهي ته هتي اهڙو رواج ڪونهي، ماڻهو هڪ ٻئي جي اهميت کي محسوس ڪندا آهن، پر ان لاءِ هڪٻئي جي تعريف ڪندا رهن ان کي غير ضروري سمجهن ٿا. شڪرگذاري کي، هڪٻئي جي مدد ڪندي محسوس ڪرائيندا آهن. هتي هر ماڻهو ٻئي سان جڙيل آهي ۽ اهو ئي نقطو آهي جنهن ڪري هنن ۾ بي غرض مدد ڪرڻ جي روايت موجود آهي. جيتوڻيڪ، سکيرو کي منڇر ۽ پنھنجي ٻارن سان بيحد پيار آھي، پر ھاڻ ھن کي اھي رشتا ۽ منڇر جو سڀڪجهه گم ٿيندي ۽ ٽٽندي محسوس ٿئي ٿو. اھو سمورن لاءِ بيحد ايذاءُ ڏيندڙ آھي.

17. منڇر 2

راڻو، ڪاري ڪامڻ جو نه، ظالم رياست جو شڪار ٿيو.

ھتي تازي ھوا آھي، ھيڏانھن ٻاھر اچي ويھو. سکيرو سدوري کي آواز ڏئي سڏيو. جيڪا راڻي جي جسم کي ھلڪا زور ڏئي رھي ھئي. راڻو ڪيترن ڏينھن کان پنھنجي پيءَ سکيرو سان ان ڳالهه تي ضد ڪري رھيو ھو ته ھن کي بوبڪ کان گلاب جو شربت آڻي ڏئي، ڇاڪاڻ ته ھن کي ائين لڳي ٿوته اھڙي ڪا شي آھي جيڪا ھن جي ھانو کي چڪ ھنيو بيٺي آھي. سدوري، سکيرو جو چوڻ ڪندي راڻي کي پنھنجن ٻانھن ۾ کڻي گاليا جي ڪناري تي آئي، جتي سکيرو اڳ ۾ ئي ھنن جي ويھڻ جي جڳهه ٺاھي رکي ھئي.
بابا، هي ڪهڙو شربت آهي، هن ۾ ته ڪو اثر ئي ڪونهي.راڻي جسم ۾ تڪليف محسوس ڪندي سکيرو کي چيو. پٽ تو ئي ته چيو هو گلاب جو شربت، سکيرو پٽ ڏانهن نهاريندي چيو. جيڪو سدوري جي ڪڇ ۾ ائين ستل آهي ڄڻ ڪجهه گهڙيون اڳ روئي روئي ٿڪي پيو هجي.
راڻو بيحد تڪليف ۾ آهي، سڀاڻي هن کي شهر کڻي وڃ، ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ . سدوري ڏکاري انداز ۾ سکيرو کي چيو
سکيرو جو تعلق مھاڻن جي گرڪڻا پاڙي سان آھي، جيڪو مھاڻن جو قديم پاڙو سمجھيو وڃي ٿو. منڇر جڏھن تار وھي ٿي ته ھي پاڙو پنھنجا گاليا سنڀالي منڇر مٿان ترندا ۽ شڪار ڪندا رھندا آھن. وري جڏھن پاڻي سڪي ته منڇر جي خالي ٿيل زمين تي وڏف، جوئر، ٻاجھر، تر ۽ گوار جو فصل ڪن. ٻڪريون، رڍون به پالين. ھن ڀيري جڏھن منڇر کيرٿر ۽ درياء جي پاڻي کان محروم رھي، رڳو نارا جو پاڻي ھو جيڪو منڇر ۾ وھي رھيو ھو. جنھن سان منڇر جو لٽاسو ۽ ھلڪو ناسي پاڻي عجيب قسم جي بدبو سان گھرو ڪارو ۽ ھلڪو نيروٿي ويو ھو.سکيرو کي ان ڳالهه جو امڪان ھو ته پاڻي مان اٿندڙ بدبو نارا جي پاڻي جي ڪري آھي، پر ھن کي انجي نقصان جو اندازو نه ھو. راڻو ھنجو اڪيلو پٽ، جيڪو ھاڻ 12سالن جو اچي ٿيوآھي، راڻي ۾ پنھنجي پيءَ واريون سموريون چڱايون، برايون موجود آھن. جھڙي طرح سکيرو گاريال، مستقل مزاج ۽ جھيڙيڪار آھي. راڻو به پيءُ کان گھٽ ناھي. پنھنجي مقصد جي خاطر بلڪل اکيون ٻوٽي ضد جي حد تائين ان کي توڙ تائين پھچائي ڇڏڻ وارو. راڻي جي اھا غير معمولي صلاحيت ئي سکيرو جي روح لاءِ راحت آهي.. سدوري جو ته ڄڻ جگر جو ٽُڪر آھي. پوءِ ائين ٿيو جو راڻي کي تيز بخار سان گڏ الٽي آئي، جيڪا ڳالهه مھاڻن لاءِ معمول جو حصو آھي. سدوري ھن کي وڏف، ننڍو ڦوٽو ۽ گلاب جي پتن جو ڪاڙھو پياريو. جنھن سان ھن کي ڪجهه گھڙين جي راحت ملي. اھا تعجب جھڙي ڳالهه آھي ته راڻي ٻه چار الٽيون ڪرڻ ۽ بخار جي ڪيفيت ۾ به پنھنجو صبر ھٿان نه وڃايو. سکيرو ته ان ڳالهه کي ڌيان ۾ ئي نه آندو. پر ھڪ ھفتو گذرڻ کانپوءَ به جڏھن راڻي سکيرو کي گلاب جي شربت آڻڻ ۽ ھانوءَ ۾ چڪ جو ذڪر ڪيو ته کيس ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته راڻو ڪنهن وڏي جسماني تڪليف ۾ آهي. ۽ وري جڏھن ھن راڻي جي اکين ۾ نھاريو ته ان جون اکيون معمول کان وڌيڪ پيليون ٿي ويون ھيون ۽ جسم ڪن حالتن ۾ ته ڪمزوري مان ڪنبڻ لڳو ھوس. ھاڻ ته رات جو دير تائين ھو پنھنجي ھانو جي سور کان پوري طرح سمھي به نه ٿو سگھي. سکيرو جڏھن راڻي جي اھا حالت ڏٺي ته راڻي کي ھڪدم سيوھڻ کڻي ويو ، ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ .
جنرل اسپتال سيوھڻ ٻارن جي بيحد گندي وارڊ ۾ راڻو ڇنل، ٽٽل ۽ بيحد ميري بستري نما ڄڻ گند جي ڍير تي ائين ستل آھي، جو کيس اکيون ڇت ۾ کتل ھئس. ھي بيحد ڪمزور ٿي ويو ھو، ھن ڪيترن ڏينھن کان ماني جي ڪجهه گرھن تي گذارو ڪيو ھو. مريضن جو جيترو تعداد ھو ان حساب سان ڪيترن ڪلاڪن جي وقفي کانپوءِ ان جو وارو آيو. ٻارن جي رڙين اسپتال جو ماحول عجيب خوف ڏيندڙ ۽ بيحد ڏکارو ڪري ڇڏيو ھو. راڻو پيءِ کي موٽي ھلڻ جو ضد ڪري ٿو ، ھن جي بقول ھن جو ھتي ساھ ٿو منجھي.
پوري ھڪ ھفتي جي جسماني ۽ روحاني تڪليف کانپوءِ، ھڪ رات اوچتو ٻارن جي وارڊ ۾ رڙيون پئجي ويون راڻي جو ساھ بند ٿي ويو، سدوري رڙيون ڪري ڊاڪٽرن کي سڏڻ لڳي. سکيرو ٻاھر اسپتال جي بينچ تي سمھيو پيو ھو، سدوري جي رڙين تي ڀڄندو آيو. راڻي جو جسم ٿڌو ٿي ويو ھو. ڪيترين گھڙين تائين سدوري ۽ سکيرو راڻي جي جسم ۽ پيرن جي ترين کي مھٽيندا رھيا. ھنن رڙيون ڪيون، ڊاڪٽرن کي سڏيو پر ھنن کي ڪٿان ڪو سھارو ڪا مدد نه ملي.
منجهند جو ٻارھين وڳي ھي راڻي جو لاش شيخ ڌمڻ پير جي قبرستان ۾ دفنائي آيا.
ڊاڪٽرن جي بقول راڻو ڪاري ڪامڻ جي بيماري ۾ فوت ٿيو.
اولاد کان محروم ٿيڻ جو ڏک بيحد گھرو ٿئي ٿو، سدوري ڪيترا ڏينھن، دردناڪ رڙيون ڪري راڻا راڻا ڪري سڏيندي ھئي. ھن جو راڻي سان ائين پيار ھو جو ھو ان کي ظاھر نه ڪندي ھئي، پر سکيرو سان راڻي جا قصا ڪري پنھنجي اتاھ پيار جو اظھار ڪندي ھئي. ان حد تائين جو ھن کي اھو معلوم ھو ته سکيرو ڳالهه ڳالهه تي گارين جو استعمال ڪري ٿو، پر ھن ان کي منع ڪري ڇڏيو ته راڻي کي ڪڏھن به گار نه ڏئي. ڌمڻ پير جي ميلي وقت راڻو جيڪڏھن ڪنھن عمدي دوڪان تي ڪا شي خريد ڪرڻ لاءِ چڙھي ويو ته پوءِ اھا ڪيتري به قيمتي ھجي کيس وٺي ڏبي ھئي. راڻي جي موت سدوري کي بت بڻائي ڇڏيو ھو. سکيرو ۽ سدوري ان ڳالهه سان سھمت نه ھئا ته راڻي جو موت قدرت جو فيصلو ھو، ھي ان کي منڇر جي آلوده ٿيڻ سان جوڙي رھيا آھن. جيڪا ڳالهه ھاڻ عام ٿيندي پئي وڃي ته منڇر ۽ مھاڻن جي موت جا ذميوار حڪمران ۽ ڪامورا آھن.
تون منڇر کي
شراب جي خالي بوتل کان به گھٽ ٿو سمجھين.
هي آفيسرن جي لباس ۾ بي رحم حيوان آهن، ھنن جو مُلهه مڇي ۽ پکي جي داڻي جي برابر آھي. جنھن لاءِ ھي پاڻ وڪڻڻ لاءِ ھر وقت تيار رهن ٿا.
ڪنھن جي پيو ڳالهه ڪرين! ميرڻ، سکيرو جي اکين ۾ نھاريندي پڇيو.
ڏس يار مان مُھذب ناھيان، ان ڪري جيئن سمجھان ٿو ائين ڳالھايان ٿو. ھي ڪامورا جيترا پاڻ کي شريف ايماندار ظاھر ڪن ٿا. انھن کي ڄاڻڻ لاءِ انھن سان ھڪ گھڙي ويھي ته ڏس،
تون ته انھن کي چڱي ريت ڄاڻين، مون کان ڇاٿو پڇين. ميرڻ، سکيرو کي وراڻيو .
مان توکي ٻڌايان ٿو ته ٻه ڏينھن اڳ ڇا ٿيو. سکيرو رڙيون ڪري ميرڻ کي ٻڌائڻ لڳو.
فضل ٺيڪيدار نياپو ڪيو ته ڪجهه سرڪاري ڪامورا منڇر گهمڻ اچن ٿا. رات منڇر ۾ گذاريندا، تنھنجو گاليا ڪشادو آهي رات تو وٺ رهنداسين ۽ مڇي به کائينداسين.
مان ان شرمناڪ تماشي جو ذميوار آھيان، مونکي ان وقت انڪار ڪرڻ گھرجي ھا. جڏھن فضل اھڙي اھتمام جو مونکي چيو. پر ھن سان منھنجا پراڻا واسطا آھن، مون ھنجي عزت کي ڏٺو. سکيرو وڌيڪ ڪجهه ڳالھائڻ کان اڳ ائين خاموش ٿي ويو، ميرڻ ڪنھن ھدايت جي انتظار ۾ ھجي. ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهي، جيڪي هر ڪنهن ماڻهو کي خراب لڳنديون آهي ۽ جڏهن منڇر جي ڳالهه هجي ته هڪ مهاڻو ڪيئن ٿو خاموش رهي سگهي. سکيرو جو چھرو تند ۽ تلخ جو ڏيک ڏئي رھيو ھو. مون هتي رهي قدرت جي شين جي قدر قيمت کي سمجهيو آهي. مان ھتان وڃڻ چاھيو ٿي، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي اندر ۾ مڇي جي ڄار وانگر وچڙيو پيو هئس. هڪ مھاڻو جيئن ان ڄار جي تند تند ڪري کوليندو آهي منڇر منهنجي اندر کي به ائين کوليندي وئي. مونکي چڱي ريت معلوم آهي ته ستت ئي پوءِ هن سان منهنجو رشتو ائين جڙندو ويو جو مان نمايان طور پنهنجي اندر ۾ تبديلي محسوس ڪئي، جنهن منهنجي اندر جي دنيا کي زندگي جي سمورين حقيقتن ۽ خصوصيتن کان واقف ڪيو. عمر جي لحاظ کان اهي ڳالهيون جيڪي هڪ عام مُهاڻي لاءِ بي حد مشڪل آهن، مون نه صرف سمجهيون پر ان مان مون پنهنجي زندگي کي پاڻ لاءِ آسان بنايو. ڪنھن به انسان لاءِ ڪي گھڙيون اھڙيون به ھونديون آھن، جيڪي انجي اندر کان انجو نئون جنم ڪن ٿيون. جنھن سان ان کي پنھنجي انسانيت ڏانھن موٽي وڄڻ ۾ مدد ملي ٿي. مون پنهنجي زندگي جي ابتدائي ڏينهن ۾ سکيو ته هڪ ننڍڙي مڇي به منڇر جي زندگي لاءِ ايتري اهم آهي، جيتري ڪا وڏي ۽ قيمتي مڇي، هي سڀ منڇر جو ڪُٽنب آهن، اسان جيڪڏهن پنهنجي گذرسفر ۽ ڪجهه رقم لاءِ ان جا ڀاتي چورايون ٿا ته منڇر سان ڪا نيڪي نه پيا ڪيون، ان ڪري مون هن اڳيان پنهنجو ڪنڌ هميشه نوائي رکيو ۽ ايتري مڇي جي تمنا ڪئي جنهن سان منهنجي گهر جو گاڏو هلي.
مان ھتي توکي ھي ٻڌايان ٿو ته ان رات فضل ٺيڪيدار ۽ ڪامورا منھنجي گاليا تي مھمان ٿي آيا. مون دل کولي مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو. مڇي کارائي پوءِ هنن شراب به پيتو ۽ نشي جي حالت ۾ خالي بوتلون، منڇر ۾ اڇلڻ جي ڪوشش ۾ مون هڪ آفيسر جي ٻانهن ۾ وڃي هٿ وڌو.
تون ائين نه ٿو ڪري سگهين، مون کيس چيو.
ان اوچتي پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري ٻيڙي اندر، هڪ عجيب صورتحال پيدا ٿي وئي.
توکي جرئت ڪيئن ٿي، منهنجي هٿ کي پڪڙڻ جي.
تون مون کي سڃاڻين ٿو، آفيسر مون کي ڪاوڙ مان چيو.
مان توکي ڪونه سڃاڻان، پر مان توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس، هي منڇر آهي، هي ڪا گنڌ جي ٽوڪري ناهي. تون منڇر کي شراب جي خالي بوتل کان به گھٽ ٿو سمجھين، مان توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس. مان مهاڻن واري انداز ۾ رڙيون ڪري کيس چوندو رهيم، مون اها ڳالهه وساري ڇڏي ته مان رڙيون نه پر ڄڻ مصيبت کي سڏي رهيو آهيان. مون لاءِ هي ڪا تحسين جهڙي ڳالهه نه هئي. مان ته فقط ستم کاڌل منڇر جو ڀرجهلو ٿي بيٺو هئس.
هو مون ڏانهن عجيب نظرن مان نهاريندو رهيو، مان کيس اڃان هٿ پڪڙيو بيٺو هئس. هي ڪو چاليهه، پنجاهه سالن جو گول منهن وارو ڪامورو هو. جنهن جي چهري جا بدنما ماتا جا داغ ڪاوڙ جي ڪري وڌ يڪ چٽا ۽ بي زيب ٿي پيا هئا. سندس جسم تي واسڪوٽي رڍ جي کل جهڙي پهريل هئي. ۽ سڀني سان وڏي آواز ۾ ڳالهائي رهيو هو. هُن غصي مان پنهنجو هٿ ڇڏايو. هو ڪيتري قدر رڪجي ويو هو، انجو اندازو لڳائڻ مشڪل هو، پر بوتل ھن پاڻي ۾ اڇلڻ بجاءِ ھيٺ رکي ڇڏي.
فضل ٺيڪيدار، جي وات جون ڪنڊون ۽ هن جا چپ ڏڪي رهيا هئا. ھنجي جسم مان ساه ڇڏائجي ويو هو.
اسان کي پتڻ تي ڇڏي اچ، اسين وڌيڪ نه ترسنداسين. ڪاموري، فضل کي تحڪماڻي انداز مان چيو ٺيڪيدار فضل ان اوچتي مصيبت لاءِ تيار نه ھو.
سائين مان، سکيرو جي ھلت ڪري معافي گھران ٿو. فضل، ڪاموري جي اڳيان ھٿ ٻڌيو بيٺو ھو. ڪاموري انڪار ڪيو.
ٻن ڏينهن کانپوءِ سکيرو وٽ سردار شاهاڻي جا ماڻهو آيا.
فضل ٺيڪيدار
منڇر ٺيڪيدارن، منشي، ڪامورن، سردارن جي نه پر قدرت جي ميراث آهي. قدرت ان کي ان طرح ڊزائن ڪيو آهي ته جيئن ڪيترن ماڻهن، جانورن، پکين ۽ مڇين کي هڪ ئي وقت خوراڪ، پناهه ۽ سمجھڻ جا موقعا ڏئي.
ماڻهن جي هٻڇ کي ته دنيا جو ڪو به سمنڊ ڀري ناهي سگهيو، نه ئي منڇر ائين ڪري سگهي ٿي. پر هن اندر جيڪو ڪجهه پوشيده آهي، اهو جيڪڏهن منصفانه ورهايو وڃي ته سڀني لاءِ ڪافي ٿيندو. ان بابت ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته ماڻهن جي دلين ۾ هن قدرتي ميراث لاءِ ڪيتري اهميت آهي پر ڪير به ان تي قبضي ڪرڻ جي خيال کان سوچي ٿو ته سندس اهو احمقاڻو خيال آهي. ميرڻ، ڪجهه ڳالھيون ياد ڪندي سکيرو کي چئي رھيو آهي ته فضل ٺيڪيدار کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي. ھن جي باري ۾ مان توکي ٻڌايان ٿو. توکي معلوم نه ھجي پر اٽڪل پنج سال اڳ فضل پنهنجي ئي ڪنهن عزيز سان مڇي جي ڪاروبار ۾ آيو. هن بوبڪ ۾ پنهنجي قيام دوران پنهنجي پونجي مان مڇي خريد ڪري کپائن شروع ڪئي. پر هن جي هڪ ٻي عادت به آهي. جوا کيڏڻ جي، ان ڪري بوبڪ جي شهر ۾ هي فضل جواري جي نالي سان به سڄاتو وڃي ٿو. فضل جواري کان فضل ٺيڪيدار جو سفر ظاهر آهي ته هن پنهنجو گهڻو ڪجهه وڃائي حاصل ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي چهري جا وصف بي ترتيب ۽ ڪٿان به ڍنگ وارا نه آهن، پر هن جون ننڍڙيون اکيون، چالاڪي شڪ شبهي ۽ مطلب سان ڀرپور آهن. معمولي لباس ۾ هن جو انداز شاطرانه ۽ احترام کان خالي آهي. هو هميشه کان ائين هو يا مڇي جي ڪاروبار ۾ اچڻ کانپوءِ ائين ٿيو، ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي، پر مون پراڻن ماڻهن کان ايترو ضرور ٻڌو آهي ته ھي اڳ کان ائين ھو پر ڪاروبار ۾ پئسا ڪمائڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪميڻو ٿيو. ڪميڻائپ، خوشامدي ۽ مڪاريءَ سان ڀريل هجي ٿي. فضل جهڙن ماڻهن پوءِ انجو پورو پورو فائدو ورتو، هن پنهنجي ڌنڌي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ بجاءِ، ان کي آفيسرن سان تعلقات ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ڪيو. خاص طور مقامي پوليس سان، هن کي ان ڳالهه جي پڪ هئي ته هي، ان ئي رستي پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهي ٿو. هي مقامي پوليس اسٽيشن جي آفيسر وٽ ڪنهن ڪم سانگي نه ويندو ھو، پر هو انھن کي ٽي چار ڪلو واري ڪرڙي جا ٻه چار داڻا ڏيڻ ويندو ھو، جنهن جي هي ڪا قيمت نه وٺندو ھو ۽ نه ئي پوليس ۾ قيمت ڏيڻ جي روايت آهي. هو پاڻ کي وڻائڻ لاءِ انهن اڳيان خوشگوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، هي اهڙو تاثر ڏيندو ھو ته هي اهو ڪم پنهنجي دل سان ڪري ٿو ۽ ان لاءِ هن کي فخر آهي. انهن جي شان ۾ ائين ڳالهائيندو ويندو ھو جو انهن کي ڄڻ مسخرو لڳندو ھو. هي اهو ڪم هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور ڪندو ھو. هن مقامي طور تي تر جي ننڍڙن وڏيرن ۽ سيدن سان به راه رسم شروع ڪئي. جيڪي مقامي سياست ۾ سڃاتا ويندا آهن. هي انهن اڳيان نوڙي ويندو آهي، پنهنجن هٿن سان انهن جي جوتن کي ڇهڻ جو ڪوشش ڪندو. جنهن مان هن جي اکين ۾ ڪنهن ماڻهو لاءِ جذبات ۽ احترام کان وڌيڪ منافقت ڇلڪندي محسوس ٿيندي آهي ۽ اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هو باقي ماڻهن کان وڌيڪ وفادار، ڀروسي وارو ۽ ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي، ان لاءِ هي ڪجهه ڳالهيون پنهنجي طرفان به گهڙندو ھو، ڪجهه ڳالهين کي وڌائي چڙهائي پيش ڪندو ۽ واهيات قصا ائين ٻڌائيندو ويندو ھو جو اڳين کي سچ لڳندا ھئا. هي سڀڪجهه پاڻ کي پسنديده بڻائڻ لاءِ ڪندو ھو، فضل کي ائين ڪرڻ سان گهٽتائي يا ڪم ظرفي محسوس ٿئي، ائين ناھي. هي پوري ڌيان سان ۽ پوري مطلب سان ائين ڪري رهيو هوندو هو. هونئن به هر انسان ڪيترين ڪمزورين سميت هن دنيا ۾ رهي ٿو، جن مان ڪجهه جي ان کي خبر هوندي آهي. ڪجهه جي خبر ناهي هوندي. انسان، احمڪاڻي روش پنهنجن ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ ڪندو آهي، ته جيئن اهو تاثر ڏئي سگهي ته اهو هي غير محسوس ۽ بي خبري جي حالت ۾ ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي روح کي ان لاءِ مطمئن ڪندو رهندو آهي. پر سڀ کان وڌيڪ ڪريل ڳالهه اها آهي ته، ھو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ عجيب قصا گهڙي ٿو. پنهنجي اندر ڪوڙ جي پرورش ڪري ٿو، ماڻهن کي پنهنجي باري ۾ خود پسند ۽ ٻين جي باري ۾ حقارت سان تشبيهه ڏئي ٿو. ماڻهو هن جي باري ۾ ڪهڙي راءِ قائم ڪندا ان ڳالهه جي پرواه ڪرڻ بنان، ٻين جي آڏو ائين ڪري پوي ٿو جو پوءِ ماڻھو کيس ائين سمجھن ٿا ته فضل ٺيڪيدار وٽ عزت نالي ڪا شي ئي ڪانھي. پر فضل جهڙن ماڻهن لاءَ ان ۾ راحت آهي، جيڪي پنهنجي ذات خاطر ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. پوليس ۽ مقامي وڏيرن ۽ سيدن سان راه رسم وڌائڻ ڪري فضل جي سنگت ۾ به اضافو ٿيڻ لڳو ۽ ڪيترا ملاقاتي کيس اچڻ جو انتظار ڪندا هئا ته جيئن فضل جي خوش مزاجي ڪري سگهن، هو ان طرح جي زندگي مان خوش آهي، هن پوري طرح منڇر جي ماحول کي سمجهي ورتو ۽ ھڪ ڏينھن رئيس شاھاڻين پاران منڇر جو ٺيڪيدار مقرر ٿيو.

سکيرو، منڇر ڇڏڻ کان انڪار ڪري ٿو.

ماڻهو جي حقيقي زندگي جو تصور ڪنهن وٽ به ڪونهي، پران ڏينهن سکيرو کي لڳو ته ٺيڪيدار سردار ۽ ڪاموري جي گفتگو ۽ سموري زندگي جي ھلت چلت ۽ ماڻهن ڏانهن رويو انهن جي حقيقي حيواني شڪل کي ظاهر ڪري ٿو. انسان پوري ريت وحشي ٿي وڃي ٿو، جڏهن هو پنهنجي مفاد کي سڀ کان مقدم رکي ٿو. ان حالت ۾ نرم مزاجي ۽ رحم دلي جو ڪهڙو سوال آهي؟ سکيرو، سردار شاھاڻي جي ماڻھن سان ٿيل گفتگو کي ياد ڪري ميرڻ کي ٻڌائڻ لڳو ته ھنن ڪھڙي بيھودگي مان، ھن کي منڇر ڇڏڻ جو حڪم ڪيو ۽ ڪيئن نه بيغيرتي سان ڀريل غليظ لفظ ڳالهائڻ لڳا.
سردار حڪم ڪيو آهي ته تون منڇر ڇڏي وڃ، سردار شاھاڻي جا ماڻھون سکيرو کي ڪم ڪندي چوڻ لڳا.
منڇر منهنجو گهر آهي، سکيرو وراڻيو.
مان ابن ڏاڏن کان رھان پيو، مون ڪو ڏوهه ناهي ڪيو نه ئي سردار کي ڪا تڪليف پهچائي آهي. سردار مونکي منڇر مان بيدخل نه ٿو ڪري سگهي، مان قانون کان به واقف آهيان ۽ پنهنجي طاقت کان به.
تون سردار کي سڄاڻين ڪو نه؟ ھنن منھنجي منھن ۾ نھاريندي چيو.
ڏس فضل، مونکي خبر آھي ته سردار ائين ڇو پيو ڪري ۽ توکي به خبر آھي. تون بزدل آھين جو سردار کي اصل ڳالهه نه ٿو ٻڌائين، مان کيس گاريون ڏئي ڳالھائي رھيو ھئس.
تنهنجو مطلب آهي تون منڇر نه ڇڏيندين، ٺيڪيدار فضل سکيرو جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
نه بلڪل نه، سکيرو کيس وراڻيو.
تون ڳالهه کي سمجھين ڇو نه ٿو، ٻيون ڪيتريون ڍنڍون آھن، وڃ ھليو. فضل جي آواز ۾ شڪست هئي.
تون سردار جي سامهون ٿيندين، توکي خبر آهي انجا ڪهڙا نتيجا نڪرندا. سمورا مهاڻا ان جي رحم ڪرم تي آهن ۽ تو آهين جو چئين ٿو مان منڇر نه ڇڏيندس. توکي سردار جي خبر آهي. فضل ھاڻ بزدلي تي لهي آيو.
تون مهاڻن کي ڪونه سڃاڻين، سچ پچ هو مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. سکيرو وراڻي ڏني. مان منڇر نه ڇڏيندس، سکيرو کيس وراڻيو. رئيس جا ماڻھو ھڪٻئي جي منھن ڏانھن ڏسڻ لڳا.
دنيا اڃان به تو جهڙن چرين سان ڀري پئي آهي، جيڪي پاڻ کي نه ڄاڻ ڇا ٿا سمجهن. فضل ٽوڪ واري انداز ۾ سکيرو کي چيو. فضل ٺيڪيدار جي جسم مٿان لوئي ويڙهيل هئي، ھنجا لوئي اندر ھٿ ڏڪيا ٿي.
سردار کي ناراض نه ڪر ۽ فلحال منڇر ڇڏي وڃ، سردار سان دشمني چڱي ناهي، ھن ويندي ويندي سکيرو ڏانھن نھاريندي چيو.
“ڪڃر جا پُٽ” تون ڪهڙي حق تحت مون کي اها صلاح ٿو ڏين، تون ائين چوڻ وارو ڪير ٿيندو آهين. سکيرو فضل کي گاريون ڏيندي چيو.
مان توکي سڃاڻان، تون هڪ ٺيڪيدار آهين، تون ڪير ٿيندو آھين منڇر ۽ مھاڻن جي زندگي جا فيصلا ڪرڻ وارو. سکيرو وڏي آواز ۾ کيس چوڻ لڳو. مونکي خبر آهي ته تون به پنهنجو بدلو وٺڻ ٿو گهرين. پر مان توکي چڱي طرح سڃاڻان، “ڀڙوا ” سکيرو رڙيون ڪري ڳالھائڻ لڳو. ھن پنهنجي انسانن واري رويي کي لاهي ڦٽو ڪيو. ھن وساري ڇڏيو ته ھي ان ٺيڪيدار سان مخاطب آهي جنهن سان ھن جو ڪاروبار هلندڙ آهي، سردار جا ماڻھو به خاموش بيٺا رھيا، سکيرو ٻانھون ھوا ۾ اڇلائيندي اڃان به فضل کي گاريون ڏئي رھيو ھو، ايستائين ھي گاريون ڏيندو رھيو جيستائين ٺيڪيدار فضل ھن جي اکين مان گم نه ٿيو.
پوڙھو سردار
ان واقعي جي هڪ هفتي کانپوءِ شاھاڻين جي پوڙھي سردار سکيرو جي بتيلي کي باه ڏياري ۽ مھاڻن کي ڊيڄاريو ته سکيرو جي سنگت کان پاسوڪن ۽ پنهنجي روزگار کي وڌيڪ اهم سمجهن. سکيرو ان واقعي کي پوليس ۾ کڻي ويو ۽ شاھاڻين جي پوڙھي سردار خلاف سخت پريس ڪانفرنس ڪري آيو. ڪيترن مھاڻن کي سکيرو جو اھو قدم پاڳل پڻو لڳو، پر ڪيترا ٻيا به مھاڻا ھئا جيڪي سکيرو جي طرف ھئا. ڪن ته ھن کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گھرايو، خاص طرح نوحاڻين جي سردار ھن کي پنھنجي حمايت ڏيکاريندي ھن ڏانھن نئون بتيلو موڪليو. سکيرو انڪار نه ڪري سگھيو، ڇاڪاڻ ته منڇر جي اوچ نيچ واري ظالم نظام ۾ ھن لاءِ ائين ڪرڻ ضروري ھو، ھتي مھاڻو پنھنجي طرح ڪا به طاقت نه ٿو رکي، سکيرو جي ڌر جي مھاڻن به نوحاڻي سردار جي ان قدم جو آڌرڀاءُ ڪيو، ھتي اھا ئي روايت آھي. سکيرو ھاڻ فضل ٺيڪيدار کي مڇي ڏيڻ بجاءِ نوحاڻين جي ٺيڪيدار کي مڇي ڏئي ٿو. سکيرو ان طرح جي زندگي مان بيحد ڏکارو ٿي ويو ھو. ھي ڪنھن طرح وڏيرڪي نظام جي خلاف ٿي بيھڻ جي بجاءِ انجو حصو ٿي ويو. اھڙي حالت ۾ ته ھنجي زندگي ۾ ڪو به بدلاءُ نه ايندو. ھن ته مڇي جي داڻي وانگر پاڻ کي به وڪيو. ھي ائين سوچي ڪيترا ڀيرا روئي ويٺو، ھي ھميشه جي شرمساري کان بچڻ لاءِ خاموشي سان منڇر ڇڏي وڃي ٿو.

18. اجڙيو شهر ٻيڙين جو 3

اڻ ٿيئڻي ڳالهه ڪيئن ٿي!

اھا اڻ ٿئڻي ڳالهه ڪيئن ٿي؟ مان توهان کي ٻڌايان ٿو. ميرڻ، مھاڻن جي گھيري ۾ ويٺو ٻڌائي رھيو ھو. جيتوڻيڪ اھا منھنجي کيس آخري گفتگو ھئي، ھو پوءِ منڇر ڪو نه موٽيو، ھو ڪيتري دير منڇر ۽ مھاڻن کي ياد ڪندو سڏڪندو رھيو. سندس دل اندر پنھنجن فيصلن تي پشيماني جو احساس ان قدر حاوي ٿي ويو ھو، جو پوءِ ھن منڇر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. جيتوڻيڪ ھن وٽ ڪو واضح رستو نه ھو ته ھو ڪيڏانھن ويندو. ھن پنھنجي ذھن کي ان فيصلي لاءِ خالي ڇڏي ڏنو ھو. ھي ان حقيقت کان واقف ھو ته منڇر ۾ رهڻ لاءِ ان پوري نظام جو حصو ٿي وڃي. جنهن ۾ تر جي وڏيرن، سيدن ۽ سرڪاري ڪامورن، فشريز کاتي جا عملدار، پوليس، رينجرس ۽ ٺيڪيدار شامل آهن. ھتي ھاڻ اھا شي زور وٺندي پئي وڃي ته ماڻھن جي عام آواز کي ۽ سندس مخالفاڻي راءِ کي خاموش ڪرڻ لاءِ ان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري ان کي قيد ڪرائڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ يا ڪنھن واقعي ۾ مارائڻ جھڙا ڪم سرڪاري مشنري ۽ وڏيرن لاءِ معمول جي ڳالهه آھي. هڪ مهاڻو رڳو ٻيڙي ۽ رڇ جي آڌار مڇي جي ڪاروبار ۾ شامل ٿي نه ٿو سگھي، ان حالت ۾ ھڪ هڪ مُهاڻي لاءِ پنھنجي عزت، پنهنجو گهر ۽ ٻيڙي هلائڻ بيحد مشڪل آھي. ان ڪري سکيرو ائين اميد رکيو ويٺو هو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، حقيقت ۾ اها بيڪار جي اميد هئي، ڪجهه به ٺيڪ نه ٿيو، ھنجي ذھني حالت ڪمزور ٿيندي وئي. ھي پنھنجي اندروني ڪمزوري کان بيحد پشيمان ھو، ٺيڪيدار، سکيرو کان مڇي خريد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، شاھاڻين جي پوڙھي سرادر سکيرو جي بتيلي کي باه ڏياري، پوليس فرياد ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. فضل ٺيڪيدار سکيرو جي حمايتي مھاڻن کي تنگ ڪرڻ لڳو، سکيرو مھاڻن لاءِ خطرو نه ٿي کڻڻ چاھيو. ھن پوءِ ائين فيصلو ڪيو.
ان فيصلي کان اڳ ھن ننڍڙا ننڍڙا اشارا ڏئي مُهاڻن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٽي پاڻي جا ذريعا قدرت پاران مھاڻن لاءِ انعام آھن. ڇاڪاڻ ته ھنن پاڻي تي رھڻ جو فيصلو ڪيو ھو، پر ھي ذريعا ته انھن ماڻھن جي قبضي ۾ آھن جن ھڪ ڏينھن به ونجهه ھٿ ۾ کڻي ٻيڙي تي ناھي گذاريو. انھن کي ڪھڙي خبر ته مھاڻو ڇا ٿيندو آھي ۽ پاڻي ڪيئن ھجي ٿو. پاڻين تي رھڻ مھاڻن جو حق آھي، ان حق لاءِ هڪ مُهاڻو ٻئي مُهاڻي سان جيستائين گڏ نه ٿو بيهي اھو حق حاصل نه ٿيندو، سکيرو جو ان طرح وارو رويو ڪنهن سياسي ۽ سماجي نظريي جي خيال کان کڻي نه به هجي پر ماڻهن ۾ هڪ وڏي تحريڪ، سمجهه پيدا ڪري سگھيو پئي پر ھتي ته ھر ٻيو ماڻھو ڪنھن سيد ۽ وڏيري جو ماڻھو آھي. جن وري مھاڻن جو ساه سڪائي رکيو آھي. ھي اهڙي تذليل کي وڌيڪ برداشت نه ڪري سگھيو، ھن رحم جوڳي حالت ۾ رھڻ کان انڪار ڪيو، ھن نه ٿي چاھيو ته ھڪ مصيبت مان نڪري ٻي مصيبت ۾ رھڻ لاءِ پاڻ کي مجبور ڪري. هن وڌيڪ رياڪار ۽ مطلبي زندگي کان انڪار ڪيو. سکيرو اسان مان گهڻو اڳتي بيٺل شخص آهي، هو ناانصافي خلاف بيهي رهندو ھو. جڏهن به منڇر ۽ مهاڻن جي حقن جي ڳالهه ٿيندي ھئي ته وٽس ڪابه طاقت هن کي ڳالهائڻ کان روڪي نه سگھندي ھئي.  

19. اجڙيو شهر ٻيڙين جو 4

جسم ۾ پاڻي ڀرجڻ سان به ڪو مري ٿو؟

سکيرو جي وڃڻ کانپوءِ ائين ٿيو، ميرڻ مھاڻو زندگي جي ڪيترن نازڪ معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ لڳو، جيڪو عزم سکيرو ۾ هو ان کان هي محروم آهي. هو ڊڄندو به گهڻو هو، هن کي پنهنجن ڪمزورين جي ڄاڻ هئي. ڪيترن ئي موقعن تي هن سکيرو کانسواءِ پاڻ کي اڌورو، بيوس ۽ ڪمزور ٿي محسوس ڪيو. هن پنهنجو غير معمولي، وفادار ۽ مخلص دوست وڃايو هو. منڇر ۾ وڌندڙ آلودگي ۽ روحل جي بيماري هن کي وڌيڪ ڏکارو ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. هي پنهنجو گھڻو وقت گاليا تي گذاري ٿو. ڪيترا ڏينھن ته ھن کي مڇي جو ھڪ داڻو به نه ٿو ملي، ھي شايد ڪنهن عظيم معجزي جي انتظار ۾ آهي جنهن سان ھن جا ۽ ھن جي جوان پٽ روحل جا سمورا دک، درد ختم ٿي وڃن .
روحل، ميرڻ مھاڻي جو جوان پٽ، پنھنجي جسماني ڪمزوري ڪري ڳالھائيندي ڳالھائيندي اڳي کان وڌيڪ پنهنجن لفظن ۽ خيالن ۾ وچڙي پوي ٿو، هي ان حالت ۾ ائين ڪڏھن به نه ھو پر جڏھن کان ھن منڇر ۾ غوطا ھڻي پنھنجي ڄار کي سنڀالي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، تڏھن کان ھن جي طبيعت ۾ ڪجهه اھڙو ظاھر ٿيڻ لڳو، جنھن سان ھن جي جسم ۾ سور رھڻ لڳو هو. ماني نه وڻڻ جي شڪايت ڪرڻ لڳو، چھري جي دلڪشي ائين ختم ٿيندي وئي جو اکين جي چوڌاري گھنج پئجي ويا، مھاڻن وارو قدرتي پڪو ڪڻڪائي رنگ تيزي سان غائب ٿيندو ويو،
ميرڻ، روحل جي ڪرندڙ جسماني حالت ڏسي بي حد ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. ڪيترا ڀيرا ته ھن پنھنجي گھر واري کي دڙڪا ٿي ڏنا ته روحل جو خيال نه ٿي رکين ان کي پيٽ ڀري ماني نه ٿي کارائين، پر جڏھن سندس زال ٻڌايو ته روحل ماني ڄاڻي واڻي ڪو نه ٿو کائي ڪيترا ڀيرا ته ھن اڌ ڊڳڙ به ناھي کاڌو. ميرڻ عجيب مونجھاري ۾ پئجي ويو هو. ٻئي ڏينھن ھن روحل کي سيوھڻ اسپتال وٺي وڄڻ جو ارادو ڪيو.
روحل، ڊاڪٽر جي اڳيان ائين ويٺو ھو جو سندس رخ ڊاڪٽر ڏانھن ھئس،
ڊاڪٽر ھن ڏانھن منھن ڪري ڳالھائي رھيو ھو ته جيئن بيماري جي پوري معلومات حاصل ڪري سگھي، روحل جي مختصر ۽ شيرين آميز گفتگو مان ڊاڪٽر کي لڳو ته ھو چڱين عادتن ۽ سھڻي سلوڪ وارو نوجوان آھي، ھڪ مختصر گفتگو کانپوءِ روحل آرام ڪرسي تي سڌو ٿي ويٺو.
تون ڇا ڪندو آھين؟ سائين منڇر جو مھاڻو آھيان. ميرڻ، ڊاڪٽر کي جواب ڏنو جيڪو ھاڻ ھن ڏانھن نھاري رھيو ھو.
مان توکي ٻڌايان ٿو، تو ھتي اچڻ ۾ دير ڪئي آھي.
ميرڻ، ڊاڪٽر جي اھا ڳالهه ٻڌي ته سندس ساه ئي سڪي ويو ۽ عجيب خوف ۽ رحم جوڳي حالت ۽ بيوسي جھڙي ملندڙ جلندڙ ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو. ھن کي سمجهه نه ٿي آيو ته ڊاڪٽر کي ڪھڙو جواب ڏئي ۽ ڇا پڇي؟
مونکي گھڻي خبر ناھي ته منڇر جي پاڻي ۾ زھر جو ڪيترو تناسب آھي، ڊاڪٽر روحل ڏانھن نھاريندي ميرڻ کي چيو پر مون وٽ جيترا به مريض آيا آھن انھن ۾ وڏو تعداد منڇر جي مھاڻن جو آھي، جيڪي پيٽ جي مختلف بيمارين، ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ، سائي ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ھوندا آھن. تنھنجي ڇوڪري سان به اھو مسئلو آھي، ھن جي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجهي ويو آھي. جنھن معدي کي زھريلو ڪري چڏيو آھي، ان حالت ۾ جي تو ن اڃان به منڇر ۾ رھندين ته ڇوڪري جي بيماري وڌي ويندي. ڇاڪاڻ ته ان حالت ۾ مريض کي صاف پاڻي، بھتر ۽ مڪمل علاج جي ضرورت آھي، جيڪا منڇر ۾ ممڪن ڪانھي بلڪه ھتي به ڪانھي مان توکي ڪجهه ٽيسٽون ۽ ڪجهه دوائون ڏيان ٿو ان کانپوءِ توکي ٻڌائي سگھندس ته بيماري ڪھڙي حالت ۾ آھي.

ميرڻ به منڇر کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

روحل ھن جو اڪيلو پٽ آھي، ھي ان لاءِ پوري دنيا ڇڏي سگھي ٿو.
شام جي اها پوئين گهڙي آھي، منڇر مٿان عجيب خاموشي ڇانيل آھي. ميرڻ پتڻ تي بيٺو منڇر ڏانھن نھاري رھيو آھي، روحل ھن جي ڀر ۾ بيٺو آھي، ھن کي ائين ٿو لڳي ھي ھڪ پٽ کي بچائڻ لاءِ ٻئي اولاد کي قربان ڪري رھيو آھي، منڇر کي ھي ان حالت ۾ ڇڏي رھيو آھي، جڏھن واقعي به ان کي بچائڻ جي ضرورت آھي. ھي ڪافي دير تائين ائين منڇر کي ڏسندو رھيو، ھي جيڪا هنن سڀني جي ساه ۾ سمايل آھي جيڪا هنن ۾ ائين موجود آھي جيئن هوا ۾ پکي موجود هوندا آهن يا جيئن پاڻي ۾ مڇيون موجود هونديون آهن، جتي هنن پنهنجون شاندار جيون جيو. ھنن ڪڏھن به ائين نه سوچيو ته ھي منڇر کي ائين ڇڏيندا. ھنن کي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته منڇر آلوده ٿي وئي آھي. ھن ۾ پاڻي کان وڌيڪ زھر ڀرجي ويو آھي. ھنن ھميشه منڇر کي اڇو اُجرو ڏٺو ھو، پوري طرح زنده. هو جڏهن شوق مان شيخ ڌمڻ پير جي ميلي تان پنهنجي گاليا ۽ منڇر جي حصي جا ڳانا وٺندو هو ته مڇين کي کارائڻ لاءِ خشڪ توت به ضرور وٺندو ھو، جيڪي پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين مُٺ مُٺ ڪري پاڻي ۾ اڇليندو ويندو هو، تڏهن هو اوچتو خوشي سان ڀرجي ويندو هو، جڏهن آڙين جي ولر کي پنهنجي مٿان اڏامندي ڏسندو هو ۽ وري جڏھن روحل وڏي آواز ۾ آڙين جي آواز کي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ته ھي کيس گاريون ڏيڻ لڳندو هو ته تون آواز پيو ڪڍين يا آڙين کي ٽراه ٿو ڏين. هي ٻئي پوءِ ڪيتري دير تائين ٽهڪ ڏيندا رهندا هئا ۽ هڪٻئي جون تعريفون ڪندا رهندا هئا، هي پي پٽ هجڻ جي باوجود هڪٻئي جي اندر کي جهاتيون پائي ڏسندا رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان سان ئي هنن کي راحت حاصل ٿيندي هئي. ميرڻ، بيحد ڏکاري دل سان منڇر جي پاڻي کي پنهنجي ٻُڪ ۾ ڀريو ۽ خاموشي سان ان کي دير تائين ڏسندو رهيو، هن کي ائين محسوس ٿيو ته پوري منڇر هن جي هٿ جي تري تي مڇي وانگر آهسته آهسته مري رهي آهي، هي ان حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو ته منڇر مري سگهي ٿي. پر جي ائين ٿي رهيو آهي ته پوءِ ته اسان سڀ مري وينداسين. سندس چهري مان ظاهر ٿيندڙ خوف سندس دل ۾ عجيب نماڻائي ۽ بي وسي جي احساس ڪري، گهڻي دير تائين هو پنهنجي جاءِ تان چُريو ئي ڪو نه .

20. اجڙيو شهر ٻيڙين جو 5

ڇهن مهينن کان هن نوٽ ته ڇا سڪو به ناھي ڏٺو،

ھو آھسته اٿيو، پنھنجي گوڏ کي درست ڪيائين، قميص ھن کان ڪجهه ئي فاصلي تي ڪلي ۾ ٽنگيل آھي، جيڪا ھن کي پاڻ لاھي پائڻي آھي. جنھن ۾ ھڪ بٽڻ ائين لڳل آهي جيئن جسم کي ڍڪي سگهي. جيڪا ڪيترن ڏينھن جي استعمال ڪرڻ جي ڪري ڪني مڇي جهڙي ٿي وئي هئي. ھن ڪيترا ڀيرا بي خيالي ۾ حوران حوران ڪري سڏيو، جيئن قميص کڻي ڏئي پر پوءِ ھن کي احساس ٿيو ته ھي ته انھن کي منڇر ڇڏي آيو آھي. ھتي ھنجو پھچڻ اتفاقي حادثو نه هو. پر ھن پاڻ انجي چونڊ ڪئي. ھن جڏھن ڏٺو ته منڇر جا گاليا، ڪٽار ۽ بتيلا تيزي سان وڪامجڻ لڳا آھن ۽ منڇر ائين خالي ٿي رھي آھي جيئن ڪا وبا ڦھلجڻ جو خطرو ھجي، پاڻي جا سمورا گاه گل ٻوٽا، مڇيون ۽ پکي به ويا ٻڏندا ۽ گم ٿيندا. باقي بچي ويل ڪن گالين ۽ ڪٽارن تي رات جي سمي ۾ ڪٿان ڪا گاسليٽ جي بتي ۽ گيس جو گولو ٻري ٿو، تنھن وڌيڪ اداسي ٿي پيدا ڪئي جنھن منڇر کي روشن رکڻ جي بجاءِ وڌيڪ اونداھو ٿي ڪيو. تڏھن ھن جي امڙ ۽ ھن اھو فيصلو ڪيو ته ھو به ڪمائڻ لاءِ ھاڻ منڇر کان ٻاھر وڃي، حوران خالي خالي اکين سان ھن ڏانھن نھارن لڳي.
رات ھو گھڻو جاڳيو ۽ ٿورو سمھيو، ھن جي رات بيچيني ۾ گذري، قميص پائي ھي ڪاٺ گاري ۽ ڪک ڪانن نما جھوپڙي کان ٻاھر نڪري وڏا وڏا ساه کڻڻ لڳو، ھو وقت جي تباه ڪن فيصلن تي غور ڪرڻ لڳو، ھن کي ائين لڳو ته انسان جو جسم ۽ روح حادثن ۽ المين جو تسلسل آھي، ھن پنھنجي دل ۽ دماغ کي ڪنھن طويل ڪرب ۾ ٿي محسوس ڪيو. ھن کي پنھنجن وڏڙن تي چڙ ٿي آئي. جن پاڻ کي جل جو روپ ٿي سمجھيو ھو پوءِ ڪاڏي ويا؟ ۽ ڪاڏي وئي انھن جي رحم دلي ۽ وفاداري؟ سڀ بيڪار جون ڳالھيون ھيون، حقيقت ھي آھي ته ڪمزور جي ڪا تھذيب ناھي ھوندي، ھو ماضي جي واقعن تي گھڻو غمناڪ ٿي لڳو.
ھن جڏھن منڇر جي ڪناري کي ڇڏيو ھو ته ھن سان گڏ ٻيا ڪيترا نوجوان مھاڻا به گڏ ھئا، جن مان ھڪڙن ته ابراھيم حيدري طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ڪن پنجاب منگلا، تربيلا وڃڻ جو فيصلو ڪيو ھو، پر محبوب حمل ڍنڍ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ھن اھو فيصلو امڙ ۽ سندس گھر واري حوران جي ڪري ڪيو هو ته جيئن ھو ھر ٻين ٽين مھيني ھنن ڏانھن موٽي سگھي. ھن ائين حوران کي ڇڏڻ نه ٿي چاھيو جيڪا ھڪ طرف بيٺي ھن کي ويندي ڏسي رھي ھئي، ھن آخري ڀيرو وري محبوب کي چيو.
“مونکي به ساڻ وٺي ھل”
محبوب کيس ڪو جواب نه ڏئي سگھيو ھو، ھن کي ھمت ئي نه ٿي ته ان سوال جو جواب ڏئي. ان ڏينھن کان حوران ھر وقت ھن جي اندر رھي ٿي، ھن جي اکين ۾ رقص ڪندي رھي ٿي، ھي ان کان ھڪ قدم به پري نه وڃي ھا پر منڇر جنھن طرح ويران ٿي آھي ان لاءِ ھن کي منڇر ڇڏي گذر سفر جي تلاش ۾ ٻاھر نڪرڻوپيو هو.
حوران دل ۾ موجود گھٻراھٽ، بيچيني، درد جدائي، جھڙي ڪيفيت مان گذرندي سوچندي رھي ته وقت ان سان اھڙو مذاق ڪيئن ٿو ڪري؟ حوران جڏھن 18 سالن جي ٿي ته محبوب جي ننڍڙي دنيا جو حصو ٿي وئي، ھي جڏھن پرڻجي آئي ته ان جي ٻئي ڏينھن کان مھاڻي عورت وارو سوٽي وڳو پائي محبوب سان گڏ ڀن (پاڻي جي گهرائي وارو حصو)۾ ڄار سنڀالڻ لاءِ رواني ٿي. ھن جي ھٿن تي ميندي جي خوشبو خاص طرح پٻڻ ۽ ڪوڻين جي گلن ۾ عجيب ھڳاءِ پيدا ڪري ڇڏيو ھو. اھي نيرا، ھيڊرا، گلابي ته ڪي سفيد گل ھن جي ٻيڙي سان پنھنجو ڪنڌ سرڪائيندا ٿي ويا ته جيئن حوران کين نھاري ڏسي ۽ ڇھي ته جيئن انھن جا لافاني رنگ سدائين لاءِ امر ٿي وڃن، ٻن چئن سالن ۾ منڇر سان ڪجهه اھڙو ٿيو، جو منڇر جي پاڻي مان عجيب ڪنهن مئل سانڊي جهڙي بدبو اچڻ لڳي. منڇر جا سموار رنگ، پٻڻ ۽ ڪوڻين جا گل، نڙپن ڏسندي ڏسندي اکين اڳيان الوپ ٿي ويا ته مھاڻن جا لاتعداد روپ، انھن جو روئڻ کلڻ، انھن جا شوق مشغلا، لافون گاريون، گاليا، ڪٽار ٻيڙيون، رڇ، بانس، چپو، آڙيون، نيرڳ به غائب ٿي ويون.
ڄڻ ھڪ تھذيب جو موت ٿيو.
محبوب ڪجهه گھڙين لاءِ پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، ھن کي ائين لڳو ته ھن پنھنجي خوشحالي کي وڃايو پر پنھنجا ھوش حواس به وڃائي ويٺو آھي. ھي پنھنجي ڪٽنب کان پري آھي، ھن کي ھتي ٻه سالن کان به وڌيڪ جو عرصو ٿي ويو آھي، ان دوران ھو مشڪل سان ڪو ٻه ڀيرا منڇر وڃي سگھيو آھي، پھرين ڏينھن کان جڏھن ھي روزگار جي سلسلي ۾ حمل ڍنڍ پھتو ھو ته ھن کي ائين محسوس ٿيو ته مقامي سردار مھاڻن جي پورھيي جي لٽ مار تان ان قدر آسوده ٿي ويا آھن جو معمولي ڪاموري جي مھماني لاءِ پئسه پاڻي وانگر وھائن ٿا ۽ قمبر شھداد ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي راڄن جا فيصلا ڪن ٿا. ڍنڍ مٿان باضابطا انھن جو راڄ آھي، ڍنڍ کان تڙ تائين انھن جا ماڻھو آھن جيڪي مھاڻن ۽ مڇي جو انتظام سنڀالن ٿا.
ھو ڪيڏو نه ڪميڻو ماڻھوھو ، جڏھن ھن محبوب کان پڇيو.
تون اڪيلو آھين گھر واري ڪٿي اٿئي،
خدا، تو ھن دنيا ۾ ان قدر ذليل ڪرڻ لاءِ ڇو پيدا ڪيو؟
محبوب ان کي ڪو جواب نه ڏئي سگھيو ھو، ھو سردار پاران مقرر حمل ڍنڍ جو ٺيڪيدار ھو.
ٺيڪيدار، شڪاري ڪُتي جيان محبوب جي چير ڦاڙ ڪرڻ کانپوءِ ان کي پاڻ وٽ ان شرط تي رکيو ته ھر مھيني جي راشن تي ڪم ڪندين، پئسي ڏوڪڙ جي ڳالھه نه ڪندين، سال ۾ ھڪ ڀيرو ھفتي جي موڪل ڪندين، حساب سال جي آخر ۾ ٿيندو، تنھنجو وھنوار ھوندو ته توکي ملندو، تون پنھنجي طرح سان مڇي جو ھڪ داڻو به نه کپائيندين، تون ھاڻ سردار جي ملڪيت آھين،
محبوب پاڻ کي سردار جي حوالي ڪري ڇڏيو، سردار پاران ھن کي جيڪو راشن ملندو ھو غير معياري ۽ اڻ پورو ھجڻ ڪري، ھڪ ڀيري ھن انجي شڪايت ڪئي ته سردار جي ماڻھن ھن کي تڙ تان ڍنڍ جي پاڻي ۾ کڻي اڇليو ۽ گاريون ڏيندا ھليا ويا، ھن ڇھن مھينن کان نوٽ يا سڪو ناھي ڏٺو، ھي ھر صبح ائين اٿي ٿو پري ڪلي ۾ ٽنگيل بيحد گندي قميص پائي ڀن ۾ مڇي جي ڄار سنڀاليندو شام جو ڪھڙي مھل تڙ تي موٽي ٿو وري پنھنجي غفا جھڙي اونداھي ڪوٺي ۾.

21. اجڙيو شهر ٻيڙين جو 6

ابراھيم حيدري، کارو سمنڊ وڌيڪ کارو ٿيو.

ابراھيم حيدري سمنڊ جي ناکائن، سرنگ (جمعدار) لانچن جي ڊرائيورن، مزدور مھاڻن، مين پُڙي، گٽڪو ۽ ھيروئن وڪڻڻ وارن پٺاڻن ۽ بيحد محروم ۽ غريب عورتن جي ننڍڙي آبادي وارو پراڻو ڳوٺ آھي جيڪو اڄ تائين تازي ھوا صاف پاڻي لاءَ واجھائي رھيو آھي، جتي ڪاٺ، پلاسٽڪ سر ۽ سيمينٽ جي ٿوري ٿوري مقدار مان ھنن اھڙا کڏين نما گھر ٺاھي رکيا آھن جيڪي عجائب عالم جو شاھڪار آھن. بدبودار گھميل ھوا سان ڀريل ھنن گھرن ۾ نه زندگي آھي نه پاڻي نه روشني. ڪاٺ ۽ لوھه جو ھي بيحد غريب شھر دنيا جي بيحد امير عربي سمنڊ جي بلڪل ڀر ۾ آھي. ڳوٺ کان پريان سمنڊ ڪناري تي ڪيترا ئي ھوڙھا بيٺل آھن، جتي ھر وقت ھڪ گھماگھمي لڳي رھي ٿي، برطانوي نو آبادياتي راڄ پاڪستان ۾ دفاعي ادارن خاص طرح سامونڊي فوج کي رائل نيوي جو نالو ڏئي حقيقت ۾ نوآبادي راڄ جو تسلسل رکيو، جنھن سان پاڪستان نيوي جا آفيسر مڪمل طرح انھن انگريزن جھڙا آسوده ۽ ڪلين شيو رنگروٽ نظر اچڻ لڳا آھن، ڪراچي جي پوري ساحل تي رائل نيوي جي حڪومت آھي، فور اسٽروڪ ھوڙھا، سيٽيون ھڻندڙ وڏا جھاز، آٽوميٽڪ بوٽس ڪلفٽن جي ريئل اسٽيٽ، ڊريم ورلڊ ھوٽل بيچ ريسٽورينٽ، فش ڪولڊ اسٽوريج انھن سڀني جا ھي مالڪ آھن يا انھن ۾ حصيداري اٿن، پر جي ڏسجي ته ھنن ماھيگيري جي صنعت مان ايترو ڪمايو آھي جو ھاڻ ھي نيوي جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ جي ساحل تي رھڻ جي بجاءِ دبئي ۽ سنگاپور جي بيچز تي رھڻ پسند ڪندا آھن، ابراھيم حيدري ڳوٺ کي گھڻو پوءِ انھن مھاڻن وجود ۾ آندو جن مان اڪثريت انھن جي آھي جيڪي ڪراچي جي ساحل تي ھڪ اونداھو ڪمروڪرايي تي حاصل ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن، ابراھيم حيدري اندر پاڪستان جي زمين تي آباد تقريبن ھر قبيلي ۽ ھر ذات سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد سنڌي، بلوچ، پنجابي، پٺاڻ ڪشميري،ھزارو، اردو ڳالھائيندڙ آبادي ھي سڀ ماھيگيري صنعت جو حصو ھجڻ ڪري ھتي رھن ٿا، جيڪي پنھنجي زندگي جو گھڻو حصو سمنڊ جي پاڻي تي گذارڻ جا عادي بڻجي ويا آھن، ھتي اچڻ کانپوءِ ھنن پنھنجو ابي ڏاڏي وارو پورو ڪلچر ڇڏيو، پاڻ کي نئين ڪلچر ۾ ذم ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ھنن جو ھن ساحل ۽ سمنڊ سان اھڙو ڪو به روحاني ۽ جذباتي رشتو ڪونھي جيئن منڇر جي مھاڻن جو منڇر جي دنيا سان ھو، ھنن جون وفاداريون اقتصادي ڪاروباري آھن، ان ڪري ھڪ پٺاڻ جڏھن مين پڙي، گٽڪو ۽ ھيروئن وڪڻي ٿو ته اھو پنھنجي ڪاروباري ضرورت ۽ جياپي خاطر ائين ڪري ٿو، ھن جو باقي ماڻھن جي صحت ۽ زندگي سان ڪھڙو سروڪار، ان لاپرواھي ۽ بيرحم سماجي رشتن سبب ابراھيم حيدري گند ۽ غلاظت جو ڍير بڻيل آھي،
ننڍن بوٽس کي ڇڏي باقي ڪشاده ۽ خلاصه ھوڙھا ۽ لانچ انھن امير سيٺين جا آھن، جيڪي ڪراچي جي ڪورنگي ڪينٽ ۽ آمريڪن، اٽالين طرز جي تعميرات جي بيحد خوبصورت سوسائٽيز جي بنگلن ۾ رھائش پذير آھن، ھتي ڪو به ھوڙھو نمبر پليٽ کانسواءِ نه ٿو ھلي، ڇا ڪاڻ ته ھي کليل سمنڊ آھي، ملڪ جون سرحدون پوشيده ھجڻ ڪري ھر وقت دشمن جو خطرو رھي ٿو، جنھن ڪري سمنڊ اندر ھر وقت ايمرجنسي جھڙي صورتحال رھي ٿي. ھتي مڇي جو ڪاروبار به مخصوص ادارا ۽ ماڻھو ڪن ٿا، جنھن پٺيان امير سيٺ يا فوج جا آفيسر ھجن ٿا، لانچون ائين ٺھيل آھن جو انجو ھڪ حصو ناکئن، ڊرائيور، سرنگ (جمعدار) ۽ لڳ ڀڳ پنڌرنھن کان ويهه مزدور مھاڻن تي مشمل ھوندو آھي ته ٻيو حصو مڇي جي اسٽور لاءِ مخصوص ھوندو آھي، لانچ جي ماليت ھڪ ڪروڙ کان چار ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ھجي ٿي،
ابراھيم حيدري ۾ سچ پچ قيامت جھڙي گھماگھمي رھي ٿي، ھر ماڻھو ھر ٻئي ماڻھو لاءِ اھم به آھي ته بي معني به، جيئن ته انھن مان ڪي ٽيڪنيڪل ماڻھو آھن جيڪي اھم آھن ته گھڻائي وري نان ٽيڪنيڪل انھن پورھيت مھاڻن جي آھي جيڪي اڪثر معاشي تنگدستي جو شڪار رھن ٿا. ھتي نو جيٽيون (مڇي لاھڻ ۽ سامان چاڙھن جا بندر) آھن ۽ ڪولڊ اسٽوريج جن جي ڪشادن دروازن اندر فوجي سربراھن ۽ اسٽوريج جي مالڪ جون گڏ تصويرون لڳل آھن اھو تاثر ڏيڻ لاءِ ته ھي ملڪ فوج جو آھي. ھتي ڪيترا مزدور مڇي جي پيڪنگ جو ڪم ڪندا آھن جيڪا ٻاھرين ملڪن ۾ ڊالرس جي قيمت تي وڪامجي ٿي.
ميرڻ مھاڻو، پنھجي بيمار پٽ روحل جو علاج ڪرائڻ کانپوءِ اھو طئي ڪري ويٺو ھو ته ھو ڍنڍن، ڍورن جي ڪنارن وڃڻ بجاءِ ابراھيم حيدري ويندو جتي ھن کي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو آھي. جتي اڳ ئي ھن جو سوٽ حيدر مھاڻو ڪم ڪري ٿو. ميرڻ کي ان ڳالهه جو احساس ھو ته سمنڊ جي وير ڪڏھن به ويران نه ٿي ٿئي ۽ آلڙ موٽي ٿي ته پوئتي سپون ۽ ڪوڏ ڇڏي وڃي ٿي، جيڪي سمنڊ جي گھرائي ۽ انجي عظمت جو نشان آھن، ميرڻ جون نظرون ھاڻ ھڪ نئين دنيا ۾ کُتل آھن، جنھن کي ھن ڪڏھن به روبرو نه ڏٺو ھو، ھي روئڻھارڪيون اکيون کڻي ابراھيم حيدري آيو آھي، ھن جو پھريون ڏينھن ائين گذريو جيئن ھن کي ڪنھن ماءُ جي جھولي مان ڪڍي نٽھڻ اُس ۽ گند جي ڍير تي کڻي اڇليو ھجي.
ميرڻ پنھنجي سئوٽ حيدر جي اکين ۾ نھارڻ لڳو، انسان جڏھن اجنبي دنيا جو حصو ٿئي تو ته سچ پچ ماضي کي يادن ۾ ياد ڪندو ڪيترن ڏينھن تائين روئيندو رھي ٿو، پر ميرڻ جڏھن ابراھيم حيدري جي اصل دنيا ڏٺي ته ھن جو عقل حيران ٿيڻ جي بجاءِ خوف ۾ مبتلا ٿي ويو،
ميرڻ جنھن دنيا ۾ قدم رکيو آھي اھا منڇر جي دنيا کان بلڪل مختلف آھي، ھي ھوڙھن، وڏن لانچن، ڪولڊ اسٽورن، نسل نسل جي ماڻھن ذاتين، فوجي گماشتن ۽ انھن جي ايجنٽن جو علائقو آھي. ھن جي اکين اھو سڀ ڳوليو ٿي جيڪي ھي پوئتي ڇڏي آيو آھي. نيرڳ، ڊگوش، آڙي، موراکي، ڪرڙو، بهه پٻڻ، شيخ ڌمڻ ۽ اھي عزيز رشتا جيڪي ھن لاءِ سڀڪجهه ھئا، ھن لاءِ ڪيئن سڀڪجهه بدلجي ويو آھي،
ھاڻ ڇا ارادو آھي؟ ميرڻ کان سئوٽ حيدر پڇڻ لڳو.
ميرڻ اکيون مٿي کڻي ھن ڏانھن نھاريو ھن کي لڳو ته ڄڻ ھڪ ھزار سالن کان مٽي پاڻي جي بيحد خوبصورت دنيا تي راڄ ڪرڻ کانپوءِ ھاڻ ھي کاري پاڻي جو بنواس ڪاٽڻ لاءِ وڃي رھيوآھي.
ھتي رھندس ھتان ھاڻ ڪاڏي ويندس! ميرڻ وراڻي ڏني.
تو صحيح ڪيو جو ھتي ھليو آئين، ھن عمر ۾ تون ڪٿي در بدر ٿين ھا، سئوٽ حيدر ميرڻ کي سمجھائڻ لڳو
سئوٽ تنھنجو خرچ ڪيئن ٿو ھلي، مونکي سمجھائيندين؟ ميرڻ، حيدر کان معلوم ڪيو.
ھا توکي ٻڌايان ٿو! مان جڏھن ھتي آيو ھئس تڏھن جميل ناکئي سان مليو ھئيس، منھنجي ڪيفيت به بلڪل تو جھڙي ھئي، ھن اشارن سان لانچ جي اندر اچڻ جوچيو، ھي ڳالھائي نه پيو سگھي ھن شايد مين پڙي سان وات ڀري رکيو ھو، ھن ڪجهه گھرا ۽ تڪڙا چاٻا ڏنا ۽ پوئتي مڙي پاڻي جي گلاس برابر ٿُڪ سمنڊ ڏانھن اڇلي. ھن مون ڏانھن غور سان نھاريندي، مون کان منھنجي سڃاڻپ پڇي ۽ شناختي ڪارڊ جو پڇائين ۽ چيائين ته سڀاڻي ٻارھين بجي اچجان توکي ايجنٽ سان روبرو ڪرائيندس. ھتي ڪيترا ايجنٽ آھن خبر ڪانھي پر ھنجي بقول ھر ايجنٽ جا ڏهه ٻارنھن ھوڙھا آھن، جنھن جا مالڪ ڪورنگي ڪينٽ ۾ رھن ٿا. مان ھڪ ڀيرو پنھنجي مالڪ وٽ ويو ھئس ھو حاضر سروس ڪرنل ھو، ڇا ته سندس شاندار بنگلو ھو، بنگلي کان وڌيڪ ته لان ھئس بلڪل سائي چُھچ، ٻئي ڏينھن تي جميل ناکئي مونکي علي محمد ايجنٽ سان ملايو، ھي ڪو چاليهه پنجاهه سال جو پنجابي ھو اردو ۽ پنجابي گاڏڙ ساڏڙ ڳالھائي رھيو ھو، ھن پھرين جميل ناکئي کان مون متعلق سوال ڪيا
اڙي توکي اڃان به ماڻھن جي ضرورت آھي ڇا؟ ايجنٽ جميل کان پڇڻ لڳو.
تو وٽ ته اڳ ۾ ئي ڏھه ماڻھو ڪم ڪري رھيا آھن،
ڏهه ڪونھن نو آھن، جميل رکائي مان ھن کي جواب ڏنو، اڳين جواڻ تي مونکي ھڪ ٻه وڌيڪ ماڻھو جي ضرورت پوندي، اجازت ڏي ته ھن کي ڪم تي رکان ھي وٺ ھنجو شناختي ڪارڊ، ھي مھاڻو آھي اسانجي جي جاتي جو. جميل ناکئي جنھن طرح منھنجي سفارش ڪئي مان ٻئي ڏينھن روزي سان لڳي ويس.
توکي ٻڌايان ته ھر لانچ تي 25 کان 30 ماڻھو ڪم ڪندا آھن انھن ۾ ھڪ ناکئو ھجي ٿو ايجنٽ پاران مقرر مُک، ٻه ڊرائيور ۽ ھڪ سرنگ (جمعدار) ۽ باقي مھاڻا ھوندا آھن، جيڪي ھيٽار مٿار ڄار کي سنڀاليندا ۽ ڇڪيندا آھن. اسين اونداھي جا پندرنھن ڏينھن سمنڊ ۾ ھوندا آھيون ۽ روشني جا پندرنھن ڏينھن ھوڙھن جي صفائي ۽ ڪولڊ اسٽوريج جي پيڪنگ جو ڪم ڪندا آھيون. جيتري مڇي جو شڪار ٿيو کپائڻ کانپوءِ انجا حصا ٿيندا آھن، اڌ حصو ته مالڪ جو ٿيندو باقي جيڪو اڌ آھي اھو جيترا ماڻھو آھيون ناکئي، ڊرائيور، سرنگ ۽ مھاڻن سميت، ٻيا ننڍا وڏا حصا ڪري پنھنجو پنھنجو حصو وٺي گذر سفر تيل، ٻارڻ ماني ٽڪي جو بندوبست ڪندا آھيون. ڪڏھن ڪڏھن سٺي روزي به ٿئي، ھر جواڻ تي منھنجي حصي ۾ ويهه پنجويهه ھزار ايندا آھن، ھي پئسه اسانکي ايجنٽ ڏيندو آھي. جي ڏسجي ته ھي ڪا وڏي آمدني ڪانھي پر ٻڌاءِ! پاڻ ٻيو ڪھڙو ڪم ڪري سگھون ٿا.
سئوٽ، عيش ته منڇر جا ھئا، جنھن ڇورا ٻار به پاليا ٿي. ھتي ته پئسي کانسواءِ ڪير ڪنھن کي سڃاڻي ڪو نه ھڪ ڏينھن سکراڻي مياڻي واري ڪرم علي جوش ۾ اچي ايجنٽ کي چيو اسانکي رسيدون ڏيکار ته تو لانچ جي سموري مڇي ڪيتري ۾ کپائي ان کانپوءِ حصا ڪنداسين
ته ايجنٽ ھن کي چيو
اڇھا تو ميري ساٿ آئو
ھن جو ڇا ٿيو ڪا خبر ناھي.
تڏھن کان مون ھن کي ناھي ڏٺو.
ميرڻ، سئوٽ حيدر جون ڳالھيون ٻڌڻ کانپوءِ بلڪل خاموش ٿي ويو، ھن کي سمنڊ جي زندگي کان نفرت ٿيڻ لڳي. پر ھي ڪيڏانھن وڃي، منڇر کي پوئتي ڇڏڻ کانپوءِ ھن وٽ اڳتي وڌڻ کانسواءِ ته ٻيو ڪو رستو ڪونھي ۽ اڳتي آھي کارو ۽ بيحد کارو سمنڊ.

بئڪ ٽائيٽل پيج

منڇر جي مهاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن، هي ناول ان ڳالهه کي ائين سمجهائي ٿو.
- زاهده ابڙو

هي هڪ ڍنڍ جو نه بلڪه آسودي تهذيب جو زوال هو فطرت ۽ ان جي حسن جو زوال هو، جيڪڏهن منڇر جي آلوده هجڻ جا سبب ڳولينداسين ته اهي پاڪستان جي حڪمرانن ۽ آمريت جي انهن پاليسين ۾ ملندا جيڪي هنن هتان جي تهذيب ۽ قومن ڏانهن روا رکيا.
- شبير احمد قريشي

هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ ته اسان سمورا انسان، ڪنهن نه ڪنهن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي ڳالهه هن ناول جي بنيادي آهي.
- ڊاڪٽر انعام خشڪ

هڪ منڇر منظور جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنهن جو اظهار هي ناول آهي .
- فهيم نوناري

هي ناول منڇر جي لکين مهاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي به بيان ڪري ٿو.
- قزبانو آصف

منڇر ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور پڻ اظهار آهي.
- زمان جمالي