تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جديد انسان جو مذھب

جيمس ھيمنگ جي ڪتاب “Instead of God”  جو سنڌي ترجمو ”جديد انسان جو مذھب“  اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جو سنڌيڪار ضمير آھي. ھي ڪتاب انسان، زندگي، ڌرتي ۽ ڪائنات متعلق ھڪ جديد، غير مذھبي ۽ سائنسي نقطہ نظر پيش ڪري ٿو. ھي ڪتاب انساني ارتقا، انساني سڀاء جي منفي ۽ مثبت پاسن جي سائنسي ڇنڊ ڇاڻ، مذھبن جي ڪردار، انساني شعور جي قسمن ۽ ڌرتيءَ جي سار سنڀال جھڙن موضوعن تي ٻڌل آھي. ھي ڪتاب اونداھيءَ سان جنگ ڪرڻ جو ھڪ ھٿيار آھي.

Title Cover of book جديد انسان جو مذھب

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جيمس ھيمنگ جي ڪتاب “Instead of God”  جو سنڌي ترجمو ”جديد انسان جو مذھب“  اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن جو سنڌيڪار ضمير آھي.
ھي ڪتاب انسان، زندگي، ڌرتي ۽ ڪائنات متعلق ھڪ جديد، غير مذھبي ۽ سائنسي نقطہ نظر پيش ڪري ٿو. ھي ڪتاب انساني ارتقا، انساني سڀاء جي منفي ۽ مثبت پاسن جي سائنسي ڇنڊ ڇاڻ، مذھبن جي ڪردار، انساني شعور جي قسمن ۽ ڌرتيءَ جي سار سنڀال جھڙن موضوعن تي ٻڌل آھي. ھي ڪتاب اونداھيءَ سان جنگ ڪرڻ جو ھڪ ھٿيار آھي.
ھي ڪتاب 2002ع  ۾ ڏاھپ سيريز، سانگهڙ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي