سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ. مفڪر ۽ سياسي اڳواڻ خاڪي جويي جو لکيل ڪتاب ”جديد قومي ۽ بين القومي نظام“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
هن ڪتاب ۾ جديد قومي ۽ بين القومي دنيا جي مستقبل جو سائنسي تجزيو ۽ نقطہ نظر بيان ڪيل آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي قومي سوال ۽ سنڌ جي مستقبل تي پڻ جديد سائنسي انداز ۾ بحث ٿيل آهي. ڪتاب ۾ سوشلزم، ڪميونزم، سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ سميت چين، ويٽنام ۽ ٻين قومن جي انقلاب جا تفصيل پڻ ڏنل آهن . انکانسواءِ قومپرستي ۽ حب الوطنيءَ جي نقطي تي پڻ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿيل آهي. ڪتاب ۾ جدليات، گروهي فرقي وار فطرت سان گڏ سوويت يونين جي ڊهڻ تي بہ گھِرائيءَ سان بحث ٿيل آهي.
ھي ڪتاب 2007ع ۾ ساڃاھ پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي