
زندگي کليل ڪتاب
سيد امداد محمد شاھ عملي سياستدان ھئڻ سان گڏوگڏ نظرياتي طور بہ مضبوط شخصيت جا مالڪ آھن. اھوئي سبب آھي تہ جتي شاھ صاحب حقيقي جمھوريت لاءِ پاڻ پئي پتوڙيو آھي، اُتي وقت بہ وقت، سنڌ لاءِ، جمھوريت لاءِ گهڙجندڙ گهاٽن کي پنھنجين تقريرن، تحريرن ۽ انٽرويوز رستي پيش ڪري، ڪارڪنن کي مستقبل جي خدشن ۽ کُٽڪن کان آگاھ پئي ڪيو آھي تہ سندن سياسي ۽ نظرياتي رھنمائي پڻ ڪئي آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين لکڻين کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ ڇپايو ويو آھي،