ڪالم / مضمون

ماڻڪ موتي لالَ

ڊاڪٽر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل مضمون سوانحي، علمي ۽ ادبي آهن. پھرين حصي ۾ 11 سوانحي مضمون شامل آھن، ٻئي حصي ۾ 5 علمي ادبي مضمون شامل آھن، جڏھن تہ ٽئين حصي ۾ مختلف ڪتابن تي لکيل 9 مھاڳ شامل ڪيل آھن. ماڻڪ موتي لالَّ ۾ آيل سوانحي مضمون اهڙين شخصيتن بابت آهن جن مان تقريبا سڀني سان ليکڪا جون ملاقاتون ٿيل آهن ۽ ھوءَ انھن کان متاثر پڻ رهي آهي ۽ پنھنجي فن جي پٺڀرائيءَ لاءِ انهن جو هٿ بہ هميشہ پنهنجي مٿي محسوس ڪيو اٿس. 

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ماڻڪ موتي لالَ

ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا

ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا محمد موسىٰ ادبي اڪيڊميءَ وٽ محفوظ آهن.

ڪتاب جو نالو : ماڻڪ موتي لال
موضوع : مضمون ۽ مقالا
ليکڪا : ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
ڇاپو : پهريون: ڊجيٽل ايڊيشن
ڪمپوزنگ : علي رضا سهتو
(03331382339).
پيش ڪندڙ : محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد.
)03332766564(


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گھر
www.sindhsalamat.com


اسٽاڪسٽ
وڌيڪ معلومات ۽ رابطو ڪريو: 0333-2766564 | 0333-2707678

سيوا ڪر سَمُونڊَ جي، جِتِ جر وهي ٿو جال

سيوا ڪر سَمُونڊَ جي، جِتِ جر وهي ٿو جال،
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻڪ موتي لالَّ،
جي ماسو جُڙَيِئي مالَ، تہ پُوڄارا! پُر ٿيـئين.
(سر سريراڳ، 2-3)

انتساب

پنھنجي ستن ڀائرن، آفتاب احمد، اقبال احمد۔ نثار احمد،
خالد موسيٰ، طارق موسيٰ، ساجد موسيٰ، راشد موسيٰ ۽ ڀينرن نسرين نذير، قمربانو، شيرين اشفاق ۽ شاهدہ بانؤَ جي نالي، جي سڀ ماشاء الله اعليٰ تعليم يافتہ ۽ علم کي وڌائيندڙ آهن.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ماڻڪ موتي لال“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪا ۽ محقق ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي لکيل مضمونن، مقالن ۽ مھاڳن تي مشتمل آھي.
ڊاڪٽر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل مضمون سوانحي، علمي ۽ ادبي آهن. پھرين حصي ۾ 11 سوانحي مضمون شامل آھن، ٻئي حصي ۾ 5 علمي ادبي مضمون شامل آھن، جڏھن تہ ٽئين حصي ۾ مختلف ڪتابن تي لکيل 9 مھاڳ شامل ڪيل آھن. ماڻڪ موتي لالَّ ۾ آيل سوانحي مضمون اهڙين شخصيتن بابت آهن جن مان تقريبا سڀني سان ليکڪا جون ملاقاتون ٿيل آهن ۽ ھوءَ انھن کان متاثر پڻ رهي آهي ۽ پنھنجي فن جي پٺڀرائيءَ لاءِ انهن جو هٿ بہ هميشہ پنهنجي مٿي محسوس ڪيو اٿس.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ پبلشر پاران ڇپايل ناھي پر ڊاڪٽر پروين موسيٰ پاران مھرباني ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سنڌي ادب کي زندگي ارپيندڙ ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ

زندگيءَ جي بقا حقيقي خوشيءَ ۾ آهي، اها خوشي تڏهن حاصل ٿيندي آهي جڏهن اسين ٻين جي مدد ڪندا آهيون، ٻين جي مدد ڪرڻ وقت اسان ضرور پنھنجي ذهني طور تي ٿوري تحقيق ڪندا آهيون. ان تحقيق جو مرحلو اسان کي خوشين سان گڏ گهڻا دڳ بہ ميسر ڪندو آهي. اهڙي ئي ڪوشش ۾ ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ بہ آهي، جيڪا علم، ادب ۽ تاريخ تي ڪيترن ئي سالن کان نظر رکي تحقيقي ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي.
ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ جو تعلق بنيادي طور تعليم کاتي سان آهي، ان لاءِ ڊاڪٽر صاحبہ پنھنجي شعبي سان ڀرپور انس رکي ٿي. ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ 20 نومبر 1958ع تي ڏيپلو، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. ڪنھن کي ڪھڙي خبر تہ پروين موسىٰ سنڌي ادب کي پنھنجي زندگي ارپيندي. اها سندس جي سنڌي ادب سان ازل جي ڪمٽمينٽ ٿيل آهي.
ڊاڪٽر صاحبہ علمي لياقتن ۾ بہ پاڻ ڀري آهي، جنھن ۾ ايم.اي (انگريزي ادب)، ايم اي (سنڌي ادب، گولڊ ميڊلسٽ) آهي. ڊاڪٽر صاحبہ جي سوچ سماجي ۽ اخلاقي زندگيءَ جون پاڙون مضبوط ڪرڻ آهي، جنھن سنڌي ادب ۾ آدرشي، سنجيده ۽ روشن خيال ٿي ڪري ڪم ڪيو آهي جيڪا سوچ سنڌي سماج ۾ رهندڙ عورتن لاءِ انتھائي ڏکيو مسئلو آهي. انهن سڀني ڏکين مسئلن کي پروين موسىٰ وڏي جفاڪشيءَ سان آسان بڻايو آهي.
نفسيات جي ماهر پروفيسر اينا گاڪي جو خيال آهي تہ، انسان ٻئي انسان جو محتاج آهي، اسين پنھنجي پيدائش کان ويندي زنده رهڻ تائين ڪنھن نہ ڪنھن کان مدد چاهيندا آهيون. اهو ئي سبب آهي تہ ماڻهن جي مدد ڪرڻ اسان جي دماغن ۾ لکيل آهي ۽ ان سان انساني دماغ جو سرڪٽ ۽ نفسياتي ذميواريون پوريون ٿين ٿيون، اهڙين ذميوارين کي ڊاڪٽر صاحبہ احسن طريقي سان نڀايو آهي.
ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ چاليهن سالن کان لکي رهي آهي، سندس ڪتاب 2004ع کان ڇپجڻ شروع ٿيا جي سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ نفسياتي، معاشرتي، تاريخي ۽ علمي طور ڪارائتا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن جو چڱو خاصو تعداد آهي جن ۾ ؛
1. ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع.
2. ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2008ع.
3. ”اُٿي رائو ريل (تحقيق ۽ تنقيد)“ محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد، 2008ع.
4. ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾ (لطيفيات)“ محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد، 2009ع.
5. ”سون ورنيون سوڍيون (ڪھاڻيون)“ ترتيب محمد موسى ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد، 2009ع.
6. ”اخلاقي قدر (ٻاراڻو ادب)“ محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد، 2010ع، ٻيو 2015ع، ٽيون آن لائين ڇاپو 2020ع.
7. ”وکر سو وهاءِ (مضمون ۽ مقالا)“ هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2011ع.
8. ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ ايڊوانسڊ پبلشرز لاهور، 2015ع، چوٿون ڇاپو 2020ع.
9. ”عالم سڀ آباد ڪرين“ سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد 2016ع.
10. ”پلئہ پايو سَچُ“سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد 2016ع.
11. ”گلدستو“ (مضمون نويسي) پي.سي.ايس جي شاگردن لاءِ پهريون 2017ع، ٻيو 2018ع، ٽيون ڇاپو 2019ع، محمد موسیٰ ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون. حيدرآباد.
12. ”سنڌي ادب“ (پڇا ڳاڇا) سي.ايس.ايس ۽ هائر ڪلاسن لاءِ پهريون 2017ع، ٻيو 2018ع ۽ ٽيون ڇاپو 2019ع، محمد موسیٰ ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون. حيدرآباد.
13. ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“ (تحقيقي اڀياس، پي.ايڇ.ڊي مقالو)، پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي، 2020ع.
14. ”ٽي تحفا“ (ٻاراڻو ادب، ڪهاڻيون)، پوپٽ پبلشنگ خيرپور، 2021ع.
ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ جو اڻ ڇپيل مواد ڇپيل مواد کان بہ وڌيڪ آهي. جي اٽڪل پندرهن کن ڪتاب آهن، سندن ست ڪتاب آن لائين سنڌ سلامت تي موجود آهن. ڪٿي ڊاڪٽر صاحبہ ٿڪ ڪونہ ڀڳو آهي ۽ مسلسل ادب جي خدمت ۾ ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان نظر اچي ٿي. اها ئي انسان جي عمل پيرا زندگي آهي. سنڌي ادب کي اڻ ميو مواد ڏيندي رهي ٿي کين وقت بوقت ٻين پروگرامن ۽ ادارن طرفان بہ ڪافي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا آهن. ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ جي زندگي ۽ لکڻين مان ڪيترين ئي عورتن ۽ مردن اتساھ حاصل ڪيو آهي، جيڪي ادب جي دنيا ۾ پاڻ موکي رهيا آهن.
امامِ اعظم ابو حنيفہرحہ جو فرمان آهي تہ، ”جيڪو بہ ڪم ڪريو، پوري اعتماد، اطمينان ۽ وقار سان ڪريو.“ اهي سڀ حوصليمند گُڻَ ڊاڪٽر پروين موسیٰ ميمڻ جي زندگيءَ ۾ شامل آهن، جن جي ڪري مسلسل سنڌي ادب ۾ طبع آزمائي ڪندي رهي ٿي.
ڊاڪٽر پروين موسیٰ جن ادارن سان ميمبرشپ طور پاڻ موکيو آهي، انهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا)، سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن، ناري سنگت ۽ سنڌي ادبي سنگت شامل آهن. سنڌي ادب سان باوفا رهندڙ ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ لاءِ، صدر الدين جو ڏهس ٿو ياد اچي تہ:
پٻ پاريھر، پدمڻيون، دل دامڻيون دوراس،
اڳ اليھر، اوپسر، مک مرمر موچاراس،
ترنيءَ جان تجلو ڪري، بيان تہ پريان جي ياس،
اهي سڀئي سينگارياس، جو ٿيا سوايا صدرالدين چوي.

ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ جي لکڻين ۾ ڏهس وانگر ڏھ سينگار شامل آهن، انهيءَ لاءِ ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ جو سنڌي ادب سان انس ۽ محبت جا قافلا جڙندا رهن ٿا، جنھن جي نتيجي ۾ شخصي تعارف، تحقيق، سماجي، اقتصادي ۽ ادبي ماحولن جون جهلڪيون سندس لکيل مواد ۾ نمايان نظر اچن ٿيون. جنهن جو مثال هيءُ ڪتاب ”ماڻڪ موتي لالَّ آهي جنهن ۾ گوناگون علمي ۽ ادبي شخصيتن بابت وڻندڙ سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا آهن. مضمون نويسيءَ تي ڊاڪٽر صاحبہ کي عبور حاصل آهي، هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جا مضمون اها شاهدي ڏين پيا. تمام اهم موضوعن تي مقالا ۽ مضمون هن ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. سندس علمي ۽ ادبي مشاهدو وسيع آهي، انهيءَ سموري مشاهدي ۽ مطالعي کي ڊاڪٽر پروين پنھنجي قلم جي سگھ سان گهڻي ڀاڱي محفوظ ڪيو آهي، جيڪو انتھائي شانائتو ۽ مانائتو ڪم آهي.
هُن پنھنجي علمي لياقت سان سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ پنھنجو بھترين مقام جوڙيو آهي، ان ئي عملي ڪم سان پنھنجي قوم کي سجاڳ ڪري سگهجي ٿو. آخر ۾ ”سامي“ جي سلوڪ مان ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ لاءِ تہ:
جنھن کي رنگ لڳو، سامي ساڌ سنگت جو،
اٿي تنھن جي گهر مان، اوديا ڀوت ڀڳو،
ڪيائين صاف سمجھ سان، پڇو ۽ اڳو،
وڪڻي ڍور ڍڳو، ستھه مليو سروپ سان.

فقير محمد سنڌي
لاڙڪاڻو

هن ڪتاب ۾ ڇا آهي؟

هن ڪتاب ۾ آيل مضمون سوانحي، علمي ۽ ادبي آهن. مضمون نويسي هڪ دلچسپ مشغلو آهي. مون جيئن ئي ادب ۾ لکڻ شروع ڪيو پهرين شروع ۾ ٻہ ڪهاڻيون ”چري“ ۽ ”ماءُ جو دلاسو“ لکيم ان کان پوءِ جيئن ئي مضمون ۽ مقالا لکڻ شروع ڪيم تہ پوءِ اڄ ڏينهن تائين انهن سان ساٿ نڀائيندي پئي اچان، پنهنجي ڪيل ڪم ۾ مون کي مضمون نويسي وڌيڪ پسند آهي. لطيف شناسيءَ تي بہ هيستائين پنجاھ کن مضمون لکي چڪي آهيان، جن مان ڪي منهنجي ڪتابن ”وکر سو وِهاءِ“، ”عالم سڀ آباد ڪرين“ ۽ ”گلدستو“ ۾ آيل آهن. انهيءَ کان سواءِ جي موضوعن ۾ اخلاقي، سماجي، سياسي، ادبي، ديني، طبي ۽ ٻيا مضمون لکيا اٿم جن جا پنج کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. طبي مضمون چند لکيل آهن جن ۾ ٻيا لکي صحت جي موضوع تي هڪ ڪتاب انشاءالله ضرور آڻينديس اهي مضمون ميون ۽ ڀاڄين جي فائدن ۽ خاص طور وٽئمنس ۽ ڪيلشيم ۽ منرلز وغيرہ جي استعمال ۽ ضرورت تي لکيل آهن. هيءُ ڪتاب جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي سو مڪمل طور ادبي ۽ علمي موضوعن سان سجايل آهي. ڇپائڻ جو سوچيندي بہ ڪووِڊ-19 جي حالتن جي ڪري ڇپرائڻ جي همٿ نہ پئي سمجهان ۽ جڏهن پوريءَ دنيا جا علمي ادارا ۽ اهم ڪم ڪار آن لائين پيا ٿين ۽ خوشقسمتيءَ سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان پڻ اسان کي آن لائين ڪتاب گهرن جي سهوليت ۽ ساٿ حاصل آهي تہ پوءِ ڪتابن کي ڊجيٽل صورت طور ضرور آڻڻ گهرجي. اهو خيال ڪري پڪو ارادو ڪيم تہ هيءُ ڪتاب ڇپرائڻ جي بدران آن لائين سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي سڌو آڻيان. هيءُ پھريون ڇاپو ئي ڊجيٽل ايڊيشن طور ئي پيش ڪري رهي آهيان ”ماڻڪ موتي لالَّ“ عنوان گھڻو وقت اڳ ۾ پنهنجي ڪتاب لاءِ رٿيو هئم ۽ اڄ اهو عمل جي اوساريءَ ۾ لنبجي رهيو آهي.
ماڻڪ موتي لالَّ ۾ آيل سوانحي مضمون اهڙين شخصيتن بابت آهن جن مان تقريبا سڀني سان منهنجون ملاقاتون ٿيل آهن ۽ سندن کان آئون متاثر پڻ رهي آهيان ۽ پنهنجي فن جي پٺڀرائيءَ لاءِ انهن جو هٿ بہ مون هميشہ پنهنجي مٿي محسوس ڪيو آهي. محترمہ بينظير ڀٽو تي مضمون لکيم منهنجي ساڻن فقط هڪ ملاقات ٿي.
جيئن تہ آصف علي زرداري صاحب منهنجي ڀاءُ اقبال احمد جو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ڪلاس فيلو ۽ روم پارٽنر رهيو هو (منهنجي ۽ منهنجي ڀيڻ نسرين ۽ ادا آفتاب اسان ٽنهي ڀائرن ڀينرن جون شاديون هڪ ئي وقت تي پنهنجي خاندان ۾ جولاءِ 1976ع تي ٿيون جنهن ۾ تمام گھڻي برسات پئي ڪيترا ماڻهو اچي ڪونہ سگهيا، آصف زرداري صاحب کي ادا اقبال دعوت ڏني هئي پر هو انهيءَ موقعي تي نہ اچي سگهيو، هفتي کان پوءِ سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص ۾ مبارڪباد ڏيڻ آيو هو ۽ ساڻس گڏ ٻيو عملو ۽ دوست پڻ هئا منهنجو ڀاءُ پڻ دوستن کي ڏسي گھڻو خوش ٿيو هو، تڏهن سندس شادي محترمہ سان ٿيل ڪونہ هئي) باقي محترمہ سان شاديءَ کان پوءِ منهنجي ڀائرن جون ساڻن ملاقاتون ٿينديون هيون. آئون محترمہ سان پنهنجي حياتيءَ ۾ فقط هڪ دفعو روبرو مليس ۽ گھڻي متاثر ٿيس، سندس جادوئي ڪرشما ساز شخصيت ڪمال جي هئي. هن جو هلڻ، ڳالهائڻ، نهٺائي ۽ قرب سان عورتن سان ملڻ، جڏهن هوءَ ميرپورخاص ۾ منهنجي چاچي غلام حسين جي پٽ جي شهادت تي عذرخواهيءَ لاءِ آئي هئي، چاچا غلام حسين جي پٽ کي سياسي دشمنيءَ ۾ قتل ڪيو ويو هو. محترمہ کي ڄاڻايو ويو تہ هيءُ پي.پيءَ جو ايڪٽو ميمبر هو سو پاڻ سندس والدہ سان تعزيت ڪرڻ تڏي تي آئي، مون کين روبرو ڏٺو. سندس شخصيت واقعي اثرائتي هئي رنگ جي انتهائي صاف، قداور ۽ مهربان عورت، سندس سنڌي ڳالهائڻ جو بہ هڪ بلڪل نئون انداز ڏٺم ڪيترن لفظن جو لهجو انگريزي ۽ اردو گاڏڙ هو پر تہ بہ سندس واتان وڻندڙ پئي لڳيا. سندن ياد ۾ هيءُ مضمون لکيم جو فقط محترمہ جي سياسي جدوجهد کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي آهي. اميد تہ پڙهندڙن کي پسند ايندو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا جا قرب ۽ محبتون هميشہ ياد رهنديون. 29 نومبر 2020ع تي سندن وفات ٿي آهي آئون ڪيترين تقريبن ۾ ساڻن مليل آهيان تہ آپا ڊاڪٽر نورافروز وٽ پي.ايڇ.ڊي طور رجسٽرڊ ٿيڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي حيثيت ۾ پڻ ساڻن سان ملاقات رهندي هئي هڪ دفعو فون ڪري چيائون تہ، ”بابا! هڪ ڪتاب منهنجي باري ۾ ڇپجي پيو ان ۾ تون سائينءَ جي بابت مضمون لک وري اهو بہ چيائون تہ پنهنجي باري ۾ ٻين کان لکرائڻ ۽ چوڻ سٺو تہ نٿو لڳي پر تنهنجو تحريري انداز مون کي ڏاڍو پسند آهي آئون نثر تي ڪم ڪندڙ رهيو آهيان. تنهنجو لکيل نثر تمام وڻندڙ آهي“. آئون انتهائي خوش ٿيس سندن ڏنل عزت افزائيءَ تي ۽ ان ريت ڊاڪٽر صاحب جي باري ۾ ٻہ مضمون گڏ لکيم هڪ سندن مقالاتي ادب ۾ خدمتون ۽ ٻيو سندن ڪتابن جي مواد جي باري ۾ لکيم ۽ کين چيم تہ، ”سائين! توهان کي جيڪو مضمون وڻي اهو انهيءَ ڪتاب ۾ ڏجو باقي آئون پنهنجي نثر جي تاريخ ۾ آڻينديس. الانا صاحب کي ٻئي مضمون پسند آيا ۽ پنهنجي انهيءَ ڪتاب بعنوان، ”اڻ ٿڪ انسان، ڊاڪٽر غلام علي الانا“ ۾ ڏنا ۽ اهو ڪتاب ڇپجڻ بعد مونکي ترت ڏياري موڪليائين مون کي تمام سٺو لڳو، تہ ڊاڪٽر صاحب کي منهنجا لکيل ٻئي مضمون پسند آيا جو ٻيئي انهيءَ ڪتاب ۾ ڏنائون. مون انهيءَ مان هڪ مضمون هن ڪتاب ۾ آندو آهي.
اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب منهنجو امتحان (زباني امتحان ايم اي) جو وٺندڙ استاد هڪ مهربان شخص ۽ تيز نظر نقاد هو جنهن جي نظر عقابي هئي کيس علم ادب ۾ ذهين، محنتي ۽ ڄاڻو ماڻهوءَ جي شناس هئي. منهنجي ڪم کي هميشہ پسند ڪندو هو ڪجھ ماڻهن کي سندن تز جملا ادبي ڏي وٺ ۾ پسند نہ بہ ايندا هئا، جا ڳالھ مون سندن ادبي تاريخ ۾ پڻ محسوس ڪئي آهي پر عملي انسان هو ۽ محنت ڪندڙن کي مڃيندڙ پڻ.
ولي رام ولڀ سان منهنجي ۽ منهنجي گھرواري انور خان جي پراڻي نياز مندي آهي اسين سڀ ٿر جا ماڻهو ڪچهرين جا ڪوڏيا آهيون سندن جي گھر ويندا آهيون تہ وڏو مان ڏيندا آهن. ترجمي جي باري ۾ سندن ڪم ڪنهن تعريف جو محتاج نہ آهي.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي مون روبرو تہ نہ ڏٺو هو پر نالو ضرور ٻڌو هو سندس نياڻين زاهدہ تاج ابڙو ۽ شاهدہ ابڙو (پرنسپل نذرٿ ڪاليج) سان منهنجي انڊراسٽينڊنگ رهي آهي. مون کي تاج محمد صاحب جي ورسيءَ تي لکڻ جو چيائون ۽ تاج ابڙو جي باري ۾ هڪ ڇپيل ڪتاب پڻ گھر ڏيڻ سندن پٽ نادر ابڙو آيو کين اهو مضمون تاج ابڙو جي ورسيءَ تي ڪاوش اخبار ۾ ڇپرائڻو هو جو مون ڪتاب ۾ موجود مواد جي حساب سان لکيو ۽ کين پسند آيو. ٻئي ڏينهن ورسيءَ جي موقعي تي ڇپيو. اهڙيءَ ريت ٻيا مضمون پڻ موقعي بہ موقعي تي لکجڻ ۾ آيا.
هي چونڊ ماڻڪ موتي ۽ لالَّ، ادب وسيلي توهان تائين پهچائي توهان پڙهندڙن جي راءِ جي منتظر آهيان.

ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
،ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد.A-03
03332766564
5-5-2021

حصو پھريون (سوانحي مضمون)

---

شهيد راڻي بينظير ڀٽو

جھونجهارن جوانن جيان ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج ڏيندڙ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ محترمہ شهيد بينظير ڀٽو نہ فقط ايشيا جي هن ترقي پذير خطي ۾ جمهوريت جو ٻج باقاعدہ طور ڇٽيو، پر ان جي بقا ۽ جيئندان لاءِ پنهنجي اڻملھ حياتيءَ جو نذرانو بہ هن ڌرتيءَ کي ڏنو.
اڄ جو اسين هن زمين جي ٽڪري تي سُک جو ساھ کڻي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ سان جي رهيا آهيون، سو فقط ۽ فقط سندن بهادري ۽ دليراڻي قيادت جي ڪري. هن ”سون ورني سوڍيءَ“ پنهنجي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جو ڦڙو ڦڙو جمهوريت جي سلامتيءَ تي قربان ڪيو. مٿس هن زمين جو ذرو ذرو ناز ڪندو رهندو. تاريخ ۾ هوءَ سون ورنن حرفن سان شهيد جي حيثيت ۾ زندہ آهي.
شهيد راڻي هڪ عظيم انسان ۽ هڪ عظيم قائد هئي عوام جي خوابن جي عڪس کان حقيقت جو روپ هئي. هوءَ پاڪستان جي ڪروڙين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ رهي، پر آمريڪا، يورپ، آفريڪا، ايشيا ۽ مسلم دنيا سان گڏ پوريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي هوءَ اهميت جوڳن فردن مان هڪ هئي. هن عوامي حقن جي بحالي، آئين جي پاسداري، ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ ڊگھي جدوجهد ڪئي، سندس عزم پاڪستان جي بقا، مظبوطي ۽ سالميت سان گڏ عوام کي با اختيار ۽ سياسي طور مضبوط بنائڻ هو. هُن قيد ۽ بند جي صعوبتن کي صبر سان سٺو ۽ ظلمن ۽ جبرن کي منهن ڏنو، پر بدلي ۾ کيس نوجوان ڀائرن جا لاش تحفي ۾ مليا. پنهنجي پياريءَ امڙ کي حال کان بي حال ٿيندي ڏٺائين، سندس وَر اٺن سال جي سزا ڀوڳي پر پاڻ اڪيلي سر ٻچڙن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏ رياستي ڌاڍ کي منهن ڏنائين، سندس عزم ۽ استقلال کي ڪوبہ لوڏو نہ آيو. انهيءَ همٿ جو سبب اهو هو تہ هيءُ خون بي خوف خون آهي. هن بهادر خاندان جي ريٽي رت سان ملڪ جي جمهوريت جي انقلابي تاريخ لکي ويئي آهي هن بي خوف خون جا نشان ڪال ڪوٺڙين کان ڦاسي گھاٽن تائين، ڪراچيءَ جي ڪلفٽن جي روڊن کان راول پنديءَ جي رستن تائين هر عام ۽ خاص کي چٽا پسجڻ ۾ اچن پيا. هنن سورهين وٽ سِر ڏيئي سَرهو ٿيڻ جي ريت رهي آهي. سندن لاءِ ”سختي شهادت جي نسورئي ناز“ آهي. وٽن سياست جدوجهد ۽ عبادت آهي تہ ان وسيلي ماڻيل شهادت حقيقي سعادت رهي آهي.
سختي شهادت جي نِسوروئي نازُ،
رند پروڙين راز، قضيئي ڪربلا جو،
(11-1 سرڪيڏارو)
شهيد راڻيءَ جي پويان جمهوريت دشمن قوتون لڳل هيون. پر کيس يقين هو تہ مذهبي انتها پسندين ۽ تعصب وارن روين کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ فقط جمهوريت کي قائم دائم رکڻ جو گس ئي بهتر آهي. هوءَ ڀليءَ ڀت ڄاڻندي هئي، تہ آمريت ۽ ان سان آيل سماجي اڻ برابري ۽ ٻيا معاملا ڪهڙيءَ ريت هاڃيڪار ٿي عوام جي اميدن ۽ آسن کي نراسائيءَ ۾ تبديل ڪن ٿا. تنهن ڪري هن فقط ۽ فقط جمهوريت جي بقا کي ملڪ جي ترقيءَ جو پروانو ڄاتو ۽ هڪ اهڙيءَ جدوجهد جو رستو عوام کي ڏنو، جنهن ۾ جيئندان جا سڀ گس فقط ۽ فقط قربانين تي مشتمل هجن.
ڏٺو وڃي تہ آدرشي انسانن جي حياتين جا سفر ڪٺن ئي هوندا آهن، هونئن موت تہ هر ڪنهن کي اچڻو آهي، پر ڪارائتي موت ڏي هلڻ واري حياتي ئي ”مقصدي حياتيءَ“ جي تعبير آهي. جنهن جي ڄاڻ انهن کي آهي، جيڪي سوريءَ کي سينگار ٿا ڄاڻن.
جيئن تہ شهيد راڻي موت ۽ حياتيءَ جي انهيءَ ابديت واري فلسفي کان پوريءَ ريت واقف هئي کيس خبر هئي تہ ”ترت، تاراهي لنگهنديون جن جي اڪير سچي هوندي“ ۽ هوءَ شاھ سائينءَ جي انهيءَ سهڻي سخن جي بہ ڄاڻو هئي تہ، ”ويٺن تان واري ٿي وري“، انهيءَ ڪري وٽس حياتيءَ جو هڪ هڪ پل قيمتي هو کيس اها بہ خبر هئي تہ هن وٽ وقت ٿورو آهي. تڏهن ئي تہ وطن واپس ورڻ تي، لکين دلين جي ترجمان هن بي ڊپيءَ ۽ بي خوف اڳواڻ فرمايو تہ،
”منهنجا هم وطن ساٿيو! موت جي ڌمڪين جي باوجود مان آمريت جي اڳيان پنهنجو سر نہ جھڪائينديس ۽ ان خلاف جدوجهد ڪنديس منهنجو ۽ توهان جو ملڪ خطري ۾ آهي. مان پنهنجي ملڪ جي عظيم عوام کي اڪيلو نٿي ڇڏڻ چاهيان، ڇو نہ منهنجي جان هلي وڃي“ ۽ سچ پچ اهي لفظ سندس آخري لفظ ثابت ٿيا. سڄيءَ دنيا ڏٺو. 27 ڊسمبر 2007ع تي پنجاب جي شهر راول پنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ جمهوريت جي هن جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ دستي بمن ۽ گولين سان هڪ عورت تي حملو ڪيو ويو. ميڊيا معرفت هن نہ اعتبار ۾ ايندڙ خبر تي پوري ملڪ ۾ ڪهرام مچي ويو. ايئن لڳو تہ ڄڻ هندوستان ۽ پاڪستان جو ٻيهر ورهاڱو ٿيو هجي، ڄڻ ڪا ڪاري قيامت آئي هجي، اهڙي شهادت سنڌ جي هن سورميءَ کي نصيب ٿي، جنهن پوريءَ دنيا کي بي حال ڪري ڇڏيو. سندس شهادت جو سور سهڻ کان مٿي هو، هر هڪ ماڻهو هر هنڌ، گھٽين ۽ گسن ۾ روئيندي ۽ ٻاڪاريندي ڏٺو ويو. سورنهن ڪروڙ عوام جي اُمنگن جو ڏيئو پل ۾ اُجھامي ويو.
حقيقت ۾ هوءَ اڄ بہ زندہ آهي، پنهنجي وَرَ آصف علي زرداري ۽ ٻچڙن بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفہ جي عزم، ثابت قدمي ۽ جرئت جي صورت ۾، پنهنجي ڪارڪنن جي جوش ۽ جذبي ۾، ڪروڙن پاڪستانين جي دلين ۾، پنمهنجي لکيل تحريرن ۽ تقريرن ۾ ۽ پاڪستان ۾ قائم ٿيل جمهوريت ۾، هوءَ اڄ بہ زندہ آهي ۽ رهندي.
سندس چوڻ آهي تہ، ”جمهوريت جو قائم هئڻ ئي آمريت کان انتقام آهي“، پر ڏٺو وڃي تہ ان جي مطابق اسان جي عوام ۾ بہ ڪجھ خاص خوبيون هئڻ ضروري آهن. سياسي سمجھ، جمهوريت جي قائم دائم رکڻ لاءِ پڪو عزم، جدوجهد، همت ۽ مستقل محنت. دنيا جي تاريخ شاهد آهي تہ سچ، انصاف، پيار، قرباني، اخلاص ۽ انصاف هميشہ کان مٿانهان رهيا آهن، تہ ظلم بي دردي، برائي، بڇڙائي، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، نفرت ۽ ڌڪار جوڳا رهيا آهن. استاد بخاريءَ چواڻي تہ،
جي ظالم ڪري ظلم وقتي کٽي ٿو،
سدا مينهن نفرت جو اُن تي وسي ٿو،
جي مظلوم اصولن تي ڪٽجي مري ٿو،
سدا مينهن محبت جو اُن تي وَسي ٿو.

سو اچو تہ اڄ اسين پنهنجن رهبرن جي عملي ڪوششن ۽ قربانين مان سبق سکون ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ جاني قربانيءَ کي پروان چڙهايون، اظهار جي آزاديءَ واري هن جمھوري سفر ۾ پنهنجي ملڪ کي انصاف پسند ملڪن جي قطار ۾ آڻيون تہ جيئن اسان جي ايندڙ نسلن جو ڳاٽ هميشہ جي لاءِ اوچو رهي سگهي.
(نوٽ: هيءُ مضمون محترمہ جي شهادت کان پوءِ ترت 2008ع ۾ لکيو هئم، پيپلز پارٽي قومي پارٽي آهي. سنڌين مان قومي ليول تي پارٽيءَ جو اڀرڻ هڪ اعزاز هو، جيڪو ڪارنامو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻيءَ سرانجام ڏنو ۽ ان جو کٽيو اڄ تائين پارٽيءَ وارا کائي رهيا آهن. پر موجوده دور ۾ اهو بلڪل بجا طور چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي قوم جي اميدن تي پيپلز پارٽي پوري ڪونہ لٿي آهي پر سنڌي قوم وٽ ڪو ٻيو وسيلو بہ ڪونهي. اهو سوچي تہ پنهنجا ماري بہ ڇانوَ ۾ وجھندا، وري بہ پي.پي کي ووٽ ڏين پيا. پي.پي وارن کي ڀٽو صاحب ۽ محترمہ جي مشن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.)

تاريخ ساز شخصيت: ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌي علم و ادب جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيئي ٿو تہ سنڌي ادب ۾ ڪجھ اديب، شاعر، عالم ۽ محقق اهڙا رهيا آهن، جن پنهنجون سڄيون سڄيون حياتيون سنڌي ٻوليءَ ۽ علم و ادب جي خدمت ۾ صرف ڪيون آهن. سندن فن صدين جي عرصي تي محيط رهيو آهي. اهڙا ئي قلم جا سرواڻ سپاهي، قومن جو شان ۽ مان هوندا آهن. قومون پنهنجن عالمن، اديبن، شاعرن، مشاهيرن، محققن ۽ ڏاهن جي هنر ۽ حڪمت، علم ۽ فن سان سڃاتيون وينديون آهن، جن جي علمي، ادبي، ديني، سماجي، سياسي ۽ فني شعور سان ايندڙ نسلن جا ذهن واسبا آهن.
اهڙن ئي عالمن ۽ سڄاڻن ۾ هڪ اهم نالو سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ”سنڌي ٻوليءَ جي فدائي“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو آهي. 15 مارچ 1930ع تي ڳوٺ تڙ خواجہ تعلقي جاتيءَ ۽ ضلعي ٺٽي ۾ جنم وٺندڙ هي ٻار، بظاهر هڪ عام ٻار هو، پر پنهنجين خداداد صلاحيتن ۽ علمي ذوق و شوق سببان ڏيھ ۽ پرڏيھ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ علم و ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۽ قديم توڙي جديد سنڌي ادب تي ٿيل سندن تحقيق وڏي مڃتا ماڻي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪيترائي ڪتاب سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ علم و ادب، تهذيب ۽ تاريخ، ثقافت ۽ لسانيات جي موضوعن تي لکيا آهن. سندن لکڻ جو سفر مئٽرڪ ڪلاس ۾ لکيل ناول ”لاش“ کان بہ جيڪڏهن ڪٿجي تہ اهو سفر اڌ صديءَ کان مٿي عرصي تي مشتمل نظر ايندو، جنهنجو تفصيل پڻ هن محدود مضمون ۾ انتهائي مشڪل آهي.
الانا صاحب شروع واري دور ۾ ڪجھ شاعري بہ ڪئي ۽ افسانہ نگاري ۽ ناول نگاريءَ کي بہ قلم جي گرفت ۾ آندو، بنيادي طور سندن لاڙو نثر ڏانهن هو، جيڪو بہ ترت ئي تحقيقي ميدان ڏانهن مُڙي ويو. سندن تحرير جو فن خاص طور تحقيق ۽ تنقيد، تاريخ ۽ تهذيب، ثقافت ۽ تعليم جي ڄاڻ جي گرد گھمي ٿو. سندن لکيل ۽ ڇپيل ڪتابن کان علاوہ جيڪڏهن سندن تحريرن ۾ مضمونن، مقالن، مقدمن، مهاڳن ۽ تقريرن کي گڏ ڪري ڇپايو وڃي تہ جيڪر ڪيترائي ڪتاب الانا صاحب جي تحريري فن جا مرتب ٿي وڃن. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا تفصيلي مقدما ۽ مهاڳ بہ لکيا اٿن. ادبي محفلن، ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ اعلىٰ پايي جون، موضوعن کي چٽائيءَ ۽ سهڻائيءَ سان بيان ڪندڙ ادبي تقريرون ۽ مقالا پڻ پيش ڪيا اٿن، جن کي جمع ڪري ڇپائڻ سان هڪ وڏو اڻملھ علمي ۽ ادبي خزانو ميسر ٿي پوندو.
ڊاڪٽر صاحب جي لکيل مقالن ۽ ادبي خدمتن جو تفصيل ڊگھو آهي. سندس لکيل مضمونن ۽ مقالن مان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف پهلوئن جي ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي. اهي ليک، مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ ”نئين زندگي“، ”ٽہ ماھي مهراڻ“، ”سورٺ“، ”پرک“، ”سهڻي“، ”روح رهاڻ“، ”ڪلاچي“، ”سنڌي ادب“، ”ڪينجھر“، ”روزانہ هلال پاڪستان“، ”عبرت“، ”ڪاوش“ ۽ ٻيون اخبارون ۽ رسالا شامل آهن. شروعاتي دور جي چند مضمونن ۽ مقالن کي يڪجا ڪري گلشن پبليڪيشن جي مالڪ، گل شير بلوچ، الانا صاحب کان اجازت وٺي، پنهنجي ذاتي شوق سان شايع ڪيا آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ڊاڪٽر غلام علي الانا جا چونڊ مضمون ۽ مقالا رکيو اٿس. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن هن وقت ختم ٿي ويل آهي. هيٺ الانا صاحب جي چند اهم مقالن ۽ مضمونن جو ذڪر ڪجي ٿو:
”سومرن جي دور ۾ سنڌي شاعري“ (سہ ماهي مهراڻ، 1960ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جو اڀياس“ (سوکڙي، 1964ع)، ”سنڌي آوازن جي تقسيم“ (سنڌي ادبي سوسائٽي، ڪراچي يونيورسٽي، 1967ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ (سہ ماهي مهراڻ، 1967ع)، ”اسلام جي آمد کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت“ (نئين زندگي، 1968ع)، ”لسانيات جو مقصد، مفهوم ۽ اهميت“ (نئين زندگي، 1969ع)، ”سنڌي“ (نئين زندگي، 1970ع)، ”پاڪستان ۾ قومي زبان جو مسئلو“ (ماهوار سهڻي، 1971ع)، ”سنڌي افساني جي اوسر“ (چونڊ سنڌي افسانا ڪتاب، 1974ع)، ”ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ“ (پرک، 1976ع)، ”ڀنڀور جا آثار“، ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو“ (سہ ماهي مهراڻ، 1983ع)، ”سنڌي صوتيات، لسانيات، گرامر ۽ لغت تي ٿيل تحقيق“ (مهراڻ، اپريل 1986ع)، ”انسان زبان ۽ ثقافت“ (نئين زندگي، فيبروري، 1988ع)، ”ٻولي ان جي ابتدا ۽ اوسر“ (مهراڻ 1-1986ع)، ”سنڌي لوڪ ادب: سنڌي عوام جي سماجيات ۽ نفسيات جو مطالعو آهي“ (مهراڻ لوڪ ادب نمبر، 1991ع)، ”سنڌي ادب جا مسئلا ۽ ان جا حل“ (مهراڻ، 1992ع)، ”سنڌي دوني وگيان جو اڀياس“ (ڪينجهر 8-2002ع)، ”سُر بلاول ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جو اڀياس“ (ڪينجھر 3، 2003ع)، ”امداد حسيني هڪ قد آور اديب“ (ڪينجھر 10، 2004ع)، ”جمال ابڙو: سنڌي سماج جو نمائندہ ڪهاڻيڪار“ (ڪينجھر، 2005ع). انهيءَ کان علاوہ سندس ٻيا انيڪ مضمون ۽ مقالا جن ۾ خاص طور سوانحي احوال جيئن: ”شمس العّلَماء مرزا قليچ بيگ؛ سنڌي نثر جو باني“ (مهراڻ نمبر)، ”نسيم کرل، هڪ ڪهاڻيڪار“ (نسيم کرل وڏو ڪهاڻيڪار، مرتب تاج جويو) ۽ ٻيا بہ ڪيترائي مقالا ۽ مضمون آهن. حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين ڪيترن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ورسين تي سندس پڙهيل مقالا ۽ تقريرون ذڪر جوڳيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي مقالن مان ڪجھ حوالا پيش ڪجن ٿا. جيئن سندن مقالاتي ادب سان پڙهندڙن جي شناس ٿيئي. ”ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر“ ۾ ڄاڻائين ٿا تہ: ”ٻولي انسان جو فطري ۽ قدرتي ورثو آهي، جيڪو انسانذات کي ابتدا کان عطا ٿيو آهي ۽ جو بتدريج انسانذات سان گڏ آهستي آهستي ترقي ڪندو رهيو آهي“. (1)
”سُر بلاول ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جو اڀياس“ مقالو، خاص طور لسانيات جي موضوع سان لاڳاپيل آهي ۽ شاھ جي ڪلام ۾، سُر بلاول جي ٻوليءَ جون لسانياتي خوبيون پيش ڪيون ويون آهن. الانا صاحب موجب: ”شاھ جي ڪلام جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو تہ، ”ڀٽائي سنڌي صوتيات جي اڀياس ۾ وڏي سمجھ ۽ سگھ رکندو هو. شاھ جي رسالي ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جي اڀياس مان حاصل ڪيل نتيجن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو تہ شاھ صاحب پنهنجي دور جي مروج ٻوليءَ جي ويا ڪرڻ، اصولن، صوتيات، صرفي، نحوي، ساخت ۽ سٽاءُ کان سواءِ لفظي ۽ معنوي خوبين کان چڱيءَ طرح واقف هو. شاھ صاحب علمِ صرف جي بہ ڄاڻ رکندو هو. هن ڪيتريون ئي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ملائڻ سان هزارين نوان مرتب لفظ ٺاهيا ۽ اهڙيءَ طرح لفظن مان مرڪب لفظ جوڙيا“. (2)
هن مقالي ۾ شاھ صاحب جي ڪلام مان سُر بلاول ۾ استعمال ٿيل، مرڪب لفظ، مرتب لفظ، اسم فاعل، حالت جري، حالت اضافت، ضمير متصل جو استعمال، فعل جي حالت، زمان مضارع، ضميرن جو اڀياس، صوتياتي مطالعو، سُر کي حذف ڪرڻ، ظرف جو استعمال، ڪڇي لهجي ۽ هندي ٻوليءَ جا ڪي لفظ اصطلاح، متضاد لفظن جو استعمال، عدد واحد ۽ عدد جمع جي صورتن جا مثال، ويا ڪرڻ جون انوکيون صورتون، کيڪار، ڀليڪار ۽ آجيان جا لفظ، لفظن تي تڪرار يعني دهرائڻ ۽ ٻٽا لفظ، ماضيءَ جي صورتن جا نوان مثال، مخفف صورتون ۽ متروڪ لفظن جو جائزو ڏنل آهي. الانا صاحب موجب: ”شاھ جي رسالي ۾ ويا ڪرڻ جا دلچسپ ۽ انوکا مثال موجود آهن، جن جي گھري مطالعي جي ضرورت آهي“. (3)
مقالي، ”انسان، زبان ۽ ثقافت“ ۾ ڊاڪٽر صاحب، موضوع کي واضح ڪندي لکي ٿو تہ: ”سنڌي ثقافت جو مطالعو صرف آثار قديمہ جو مطالعو نہ آهي. يا صرف فن تعميرات، ڪئليگرافي، اجرڪ سازي، ڇُر، ڪاشيءَ ۽ جنڊيءَ جي ڪم جو اڀياس نہ آهي، پر سنڌي ثقافت جو مطالعو، سنڌي زبان جو مطالعو آهي. سنڌ جي ثقافت سنڌي زبان جي مرهونِ منت آهي. سنڌي ثقافت جو مطالعو شاھ لطيف، سچل سرمست، سامي، شاھ عنايت، سانگي، قليچ بيگ ۽ جديد علم ادب جو مطالعو آهي“. (4)
”سنڌي لوڪ ادب، سنڌي عوام جي سماجيات ۽ نفسيات جو مطالعو آهي“. جي عنوان سان مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي تہ: ”لوڪ ادب جو شاعر ۽ سُگھڙ، پنهنجي سرزمين جي هر حصي، هر خطي ۽ هر ماحول جو ترجمان هوندو آهي. عام فهم زبان ۽ ان زبان جي اصطلاحن ۽ پهاڪن کان سواءِ پنهنجي تَر جي محاوري ۽ لغت ۾ مهارت رکندو آهي. سنڌي لوڪ ادب، سنڌي عوام جي تهذيب، تمدن، ريتن رسمن ۽ ثقافت جو دفتر آهي. هن ۾ عوام الناس کي خطاب ڪيل هوندو آهي. عوامي زندگي، عام ماڻهن سان روزانہ واسطو رکندڙ، جاندارن ۽ شين سان گڏ عوام جي زندگيءَ جا ذريعا ڌنڌا، هنر، رسمون ۽ رواج هن ادب جا ئي عنوان آهن“. (5)
سنڌي افساني جي اوسر، مقالي ۾، سنڌي افسانوي ادب کي مختلف دورن ۾ ورهائي افسانوي ادب جو تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ مشهور افسانہ نگارن: شيخ اياز، جمال ابڙي، اياز قادري، غلام رباني آگري، امر جليل، نسيم کرل ۽ آغا سليم جي فن جو جائزو ڏنل آهي. 1974ع جي هن مقالي ۾، سنڌي افساني جي اهميت ۽ ان ۾ ايندڙ تبديلين کي الانا صاحب هن ريت بيان ڪيو آهي. ”ماحول ۽ سماج جي تبديلين جو اثر، سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏ سنڌي افساني تي بہ ٿيندو رهيو آهي. سنڌ جي جديد افساني ۾، زندگيءَ جي ٻين مسئلن سان گڏ بين الاقوامي مسئلن تي بہ لکيو ويو آهي انهي ڪري اڄ سنڌي افسانو انگريزي، جرمن، روسي ۽ ٻين ترقي يافتہ ٻولين جي افساني سان ٽڪر کائي سگهي ٿو. سنڌ جي جديد افساني جي ڪاميابيءَ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هي آهي تہ انهيءَ مان ڪي چونڊ افسانا انگريزي، جرمن ۽ روسيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن“. (6)
”سنڌي ادب جا مسئلا ۽ ان جو حل“، ڊاڪٽر صاحب جو سنڌ ثقافت کاتي طرفان سڏايل ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالو آهي. ويهن صفحن جو هيءُ مقالو سنڌي ادب ۽ اديبن جي مسئلن کي بيان ڪري ٿو. مقالا نگار موجب تہ: ”سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا، سنڌي اديبن جا مسئلا، سنڌي سماج جا مسئلا ۽ سنڌي ادب جا مسئلا چار اهم نڪتا آهن. ڪنهن بہ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ ٻوليءَ جي رٿابنديءَ وارو قدم دنيا جي هر ملڪ ۾ اهم سمجھيو ويندو آهي“. هن مقالي ۾ سنڌي ٻولي ۽ اديبن جي مسئلن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ ڪارائتيون صلاحون ڏنيون ويون آهن. ادب جي واڌاري لاءِ اديبن، اشاعتي ادارن، عوام ۽ حڪومت جي گڏيل سهڪار جي اهميت کي زور وٺائڻ جون صلاحون پيش ڪيل آهن. جن مطابق: ”سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي سڃاڻپ انهيءَ ۾ آهي تہ اديب ۽ ادبي ادارا استحصال، خودغرضي، منافقت ۽ گروھ بنديءَ واري پاليسيءَ کان پاسو ڪن“. (7)
”سنڌي دُوني وگيان جو اڀياس“، مقالي ۾ الانا صاحب، ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي جي ڪتاب ”سنڌي دُونِي وگيان جو اڀياس“ جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب جي هر هڪ باب جو تفصيلي جائزو هن مقالي ۾ ڏنل آهي. الانا صاحب لسانيات جي موضوع تي لکيل سندن ذاتي ڪتابن ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ۽ ”سنڌي صوتيات“ سان گڏ پروفيسر علي نواز جتوئي جي ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ ۽ ٻين حوالن سان هن ڪتاب تي اصلاحي تنقيدي تعريف ڪئي آهي. ڪجھ علمي اختلافن جي هوندي بہ (جن جا الانا صاحب وزنائتا دليل ڏنل آهي) هن ڪتاب کي گھڻو ساراهيو پڻ آهي. لکن ٿا تہ: ”ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جو هيءُ ڪتاب گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ سنڌي زبان جي ڌار ڌار پهلوئن جي گھري مطالعي ۽ ڀاشا وگيان جي اصولن کي آڏو رکي لکيو ويو آهي. منهنجي ايمادارانہ راءِ آهي تہ جيٽلي صاحب هي ڪتاب لکي، سنڌي ڀاشا وگيانن جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيل محنت تي آءُ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب کي دل جي گھراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو“. (8)
”نسيم کرل هڪ ڪهاڻيڪار“، مقالي ۾، الانا صاحب نسيم کرل جي افسانوي فن کي مڃتا ڏيندي لکيو آهي تہ: ”هو سنڌي عوامي زندگيءَ جو عڪاس آهي“ ڊاڪٽر صاحب، نسيم کرل جي ڪهاڻي ”پهرين مراد“ جي ڪردار ماڻڪ کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي اوٽ ۾ تجزيو ڪيو آهي. سندن موجب تہ: ”ڪوپن هيگن جي ڊاڪٽر پرپولا کي موهن جي دڙي مان لڌل هڪ مهر مطابق ماڻڪ ”سورهيہ“ يا ”بهادر“ آهي. يعني قديم سنڌي روايتن جو پاسبان آهي ۽ نسيم کرل جي هيءَ ڪهاڻي سنڌ جي قديم قدرن جو اهڃاڻ آهي“. (9)
”امداد حسيني هڪ قدآور اديب“، چوويهن صفحن جو هڪ طويل مقالو آهي جيڪو امداد صاحب جي شاعريءَ جي مختلف رخن سان گڏ، خاص طور لسانياتي خوبين جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ڊاڪٽر الانا لکيو آهي تہ: ”امداد حسيني نہ فقط سنڌي شاعريءَ ۾، نہ فقط سنڌي ادب جي تاريخ ۾، پر سنڌي لسانيات جي تاريخ ۾ هڪ وڏو نالو آهي ۽ هڪ قدآور نالو آهي. امداد جو ذهن، حسن بياني، ٻوليءَ جي رنگيني، صنعتن ۽ خاص ڪري تشبيهن استعارن ۽ تجنيس جي استعمال جي لحاظ کان هڪ بي پايان بحر آهي هن وٽ ٻوليءَ جو اڻ ميو خزانو آهي. هو نون لفظن، نون اصطلاحن، فقرن ۽ ترڪيبن گھڙڻ ۽ انهيءَ خزاني کي تخليق ڪرڻ جي وڏي مهارت رکي ٿو. اها تخليقي قوت ئي آهي جنهن جي ڏات سان شاعري ڪندي هن جي ذهن تي ڪئين تُز، سنڌي لفظ ۽ سهڻيون سِٽون لاشعوري طور تريو اچن“. (10)
جمال صاحب جي فن کي هن ريت مڃتا ڏني اٿن: ”جمال ابڙي سنڌي زندگيءَ جي ڌار ڌار پهلوئن۽ ڌار ڌار واقعن تي لکيو آهي. هن سنڌي زندگيءَ جي گوناگون مسئلن ۽ داخلي ڳالهين تي قلم کنيون آهي. هن جي ڪهاڻي سنڌي جيوت جو ڀرپور اڀياس آهي“. (11)
مٿي ڏنل حوالا صرف چند مقالن مان ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر صاحب جن تہ گھڻائي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جن موجب تہ:
مثال ان سندا ڪيترا ڏئي قليچ،
نموني جي مٺ مان پروڙيو خرار.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو تہ: ”مقالاتي ادب ۾ ڊاڪٽر الانا جو لکيل مقالو، ”سومرن جي دور جي سنڌي شاعري“، شاعريءَ جي تاريخ جي سلسلي ۾ هڪ ماخذ جو ڪم ڏيندڙ ۽ هڪ لاڀائتو مقالو آهي. اڳيان لکيو اٿن تہ: ”سندن پي.ايڇ.ڊي جو مقالو: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جيڪو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو تمام عمدو ۽ تحقيقي عرق ريزيءَ سان تيار ڪيل مقالو آهي“. (12)
ڊاڪٽر الانا صاحب جي مقالن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ مان موضوع مطابق وڏي ڄاڻ ۽ رهنمائي ملي ٿي. انهيءَ کانسواءِ هن صاحب ڪيترن ئي علم جي پانڌيئڙن سان سندن نگران جي حيثيت سان جيڪي ٿيسز مڪمل ڪرايون آهن انهن جا عنوان هن ريت آهن: ”سنڌي زبان جي پاڪستان جي مختلف زبانن ۾ تعليمي ۽ ادبي حيثيت“ ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙو، ”حيدرآباد جي ٽالپرن جو علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو“ ڊاڪٽر قمرجهان مرزا، ”سنڌ مدرسي جو سنڌي ادب ۾ حصو“ ڊاڪٽر ممتاز حسين شاھ، ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب ۾ حصو“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”خيرپور ميرس جي ٽالپرن جو سنڌ جي سياسي، علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ حصو“ ڊاڪٽر عطا محمد حامي ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو. (13)
مٿي بيان ڪيل پي.ايڇ.ڊي ٿيسز کانسواءِ بہ ڪيترا مقالا الانا صاحب جي زير نگرانيءَ هيٺ تيار ٿيا آهن. انهن مان گھڻن جا عنوان، زبان، ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي گرد گھمن ٿا، جنهن مان خبر پوي ٿي تہ الانا صاحب کي علم و ادب جي هن ڏس ۾ عبور حاصل رهيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر الانا جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت لاءِ ورتل دلچسپين ۽ عملي ڪوششن کي هن ريت ساراهيو آهي. ”ادب ۽ لسانيات ۾ اهم ڪتاب لکڻ سان گڏ الانا صاحب ثقافت سان خاص دلچسپي رکي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ کيس ماهرانہ قابليت آهي“. (14)
ڊاڪٽر الانا صاحب سنڌ پرڳڻي ۽ ان جي رهواسين ۽ ٻوليءَ ۽ ثقافت جو اونهو اڀياس ڪري پنهنجيءَ قوم کي ذهن نشين ڪرايو آهي، تہ ٻوليءَ جي اهميت ۽ ڄاڻ قومن جو مان ۽ شان آهي. پنهنجيءَ تاريخ، تهذيب و ثقافت جي حفاظت ئي اسان جو املھ سرمايو آهي. سندن ئي لفظن موجب تہ: ”ڪنهن بہ قوم جي ٻوليءَ جو مطالعو، اُن قوم، ان ملڪ جي ماڻهن معاشري، تهذيب و تمدن ۽ ثقافت جو مطالعو آهي“. (15)
الانا صاحب مٿين سٽن ۾ اها صرف دعوىٰ نہ ڪئي آهي بلڪہ پاڻ عملي طور تي پڻ اهو ثابت ڪيو اٿن، خاص طور تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۽ سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي اعلىٰ عهدن تي هن ڏس ۾ پاڻ پتوڙيو اٿن. سندن خدمتون هميشہ انهن ادارن جي تاريخ ۾ امر رهنديون.
خادم حسين چانڊيو انهيءَ جي باري ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: ”الانا صاحب رات ڏينهن هڪ ڪري وڏيءَ محنت سان سنڌي ٻوليءَ جي باختيار اداري کي عروج بخشيو. سندن ذاتي ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اداري طرفان ڪيترائي اهم علمي قدم کنيا ويا آهن. جھڙوڪ: ”هڪ جلدي سنڌي لغت جي اشاعت“ ۽ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ وعيره، مختلف مضمونن تي وقت بہ وقت سيمينار ڪرائڻ، روينيو ۽ دفتري ٻولين جون لغتون ۽ ڪتاب تيار ڪرائڻ ۽ ٻيا ڪم شامل آهن“. (16)
عنايت بلوچ کين هن ريت مڃتا ڏني آهي. ”جَس هجي سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن کي جن هن انسٽيٽيوٽ کي پنهنجي اڻ ٿڪ محنت، چاھ ۽ محبت سان مظبوط بنياد تي بيهاريو ۽ ڊڪ ڊوڙ ڪري سنڌي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي قلمي ڪتابن توڙي اسان جي ثقافت جي اهم اهڃاڻن کي هٿ ڪري اچي، هن انسٽيٽيوٽ جي حوالي ڪيائين. جنهن ذخيري سان اڄ سوين ماڻهو لاڀ پرائي رهيا آهن“. (17)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي لکيو آهي تہ: ”خوشيءَ جي ڳالھ آهي تہ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ جي قديم آثارن ۽ اهڃاڻن جي حفاظت جي ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب قديم، ناياب قلمي ڪتابن سان گڏ، آثارِ قديمہ جون شيون، هِتان هُتان گڏ ڪندو، سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪندو ويندو هو، نہ فقط ايترو پر سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻن، آثارن، ماڳن، مڪانن جي مناظر جا فلم ۽ فوٽا بہ ڪڍرائي رکيا اٿن“. (18)
مٿئين تفصيل ڏيڻ جو مطلب آهي تہ الانا صاحب هڪ علمي ۽ عملي انسان هو. هن جيڪي ڪجھ پنهنجي تحريرن ۾ آندو اهو نہ فقط پنهنجي موضوع سان مڪمل لاڳاپيل آهي. پر لڳي ٿو تہ ڄڻ موضوع جي اندر پيهي، ان جو حصو ٿي. وڏيءَ جاکوڙ ۽ تحقيق کان پوءِ قلم کي ڪاغذ جو حصو بڻايو اٿن. سندن اهي ڪوششون، سنڌ ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشہ هڪ لازوال حيثيت ماڻيل رهنديون.

حوالا:
1. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: ٻولي جي ابتدا ۽ اوسر، سہ ماهي مهراڻ_1، سنڌي ادبي بورڊ، 1986ع، صہ-85.
2. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سُر بلاول ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جو اڀياس، ڪينجھر_9، يونيورسٽي آف سنڌ 2003ع، صہ-17.
3. ساڳيو.
4. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: انسان زبان ۽ ثقافت، مقالا فيبروري-، 1988ع، صہ-64.
5. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي لوڪ ادب سنڌي عوام جي سماجيات ۽ نفسيات جو مطالعو آهي“، سہ ماهي مهراڻ، (لوڪ ادب نمبر) سنڌي ادبي بورڊ، صہ-72-70.
6. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: ”چونڊ سنڌي افسانا“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1974ع، صہ-11.
7. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب ان جا مسئلا ۽ حل“، سہ ماهي مهراڻ 2-1، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1992ع، صہ-98.
8. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي دوني وگيان جو اڀياس“، ڪينجھر_8، يونيورسٽي آف سنڌ، 2002ع، صہ-249.
9. جويو، تاج، (مرتب)، ”نسيم کرل قدآور ڪهاڻيڪار وڏو انسان“، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، 2004ع، صہ-162.
10. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: ”امداد حسيني قدآور اديب“، ڪينجھر_10، 2004ع، صہ-4.
11. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: جمال ابڙو، ”سنڌي سماج جو نمائيندو ڪهاڻيڪار“، ڪينجھر، يونيورسٽي آف سنڌ، 2005ع، صہ-6.
12. ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي: ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ڇاپو ٻيو، 2002ع، صہ-185.
13. ڪينجھر_3، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، صہ-163.
14. جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ٽيون ڇاپو، 1994ع، صہ-254.
15. الانا غلام علي، ڊاڪٽر: انسان زبان ۽ ثقافت، ”مقالا“، 1988ع، صہ_4.
16. چانڊيو، خادم حسين: ”ماروجي ملير جا“، گنج بخش ڪتاب گھر، 2001ع، صہ-471.
17. بلوچ، عنايت: ”سنڌي ثقافت جي حفاظت ۾ سنڌالاجيءَ جو ڪردار“ (مقالو)، نئين زندگي، سلور جوبلي نمبر2، پاڪستان پبليڪيشن، 1988ع، صہ-64.
18. ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: ”سنڌ جي تاريخ جا قديم آثار ۽ اهڃاڻ“، نئين زندگي، جنوري 2، پاڪستان پبليڪيشن، 1988ع، صہ-30.

مهربان محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

26 نومبر 1935ع تي ڳوٺ پير فتح محمد شاھ، ضلعي بدين ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي هنن ٻن چئن صفحن ۾ مڃتا ڏيڻ ممڪن نہ آهي. هن مهربان محقق جو سوانحي احوال سندس علميت جا ڪيترائي روشن گوشا ڏيکاري ٿو، جنهن جو مظهر سندس ڪئين ڪارائتا ۽ ڪمائتا ڪتاب آهن، جيڪي هو وڏي جفاڪشي ۽ عرق ريزيءَ سان سنڌ جي ايندڙ نسل جي هٿن ۾ وڏا وڙ ڪري ڏيئي ويو آهي.
ادبي دنيا جي هن معروف هستيءَ جا شاعري، افسانا نويسي، ناول، تاريخ، تنقيد، تحقيق، سوانح ۽ لطيفيات کانسواءِ ٻين موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب آهن، جن جي ڳاڻيٽي جي برعڪس فقط چند ڪتابن جو بہ جيڪڏهن ڳوڙهو اڀياس ڪجي تہ ڄاڻ پوندي تہ هن جنهن بہ موضوع کِي هٿ لاٿو، انهيءَ سان پورو پورو انصاف ڪيو. چاهي اها سنڌ جي ادبي تاريخ هجي يا”لطيفيات“، ”شيخ اياز جي شاعريءَ جو مطالعو“ هجي يا ”ڪٺمال“. سندس پوري حياتي قلم ۽ ڪتابن سان سلهاڙيل هئي. سندس ڪيل علمي ۽ ادبي پورهئي جي لاٽ ڪڏهن بہ نہ اُجھامندي. جيسيتائين سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙهي ويندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو نالو قائم ۽ دائم رهندو.
ڊاڪٽر صاحب کي مطالعي سان بي انت پيار هو. جنهن جي ڄاڻ سندن قائم ڪيل ذاتي لائبريري ”دارالسلطانيہ لائبريري“ مان پوي پيئي. سندن نظر ۾ ڪتابي علم فقط پڙهڻ نہ پر پرکڻ، پروڙڻ ۽ هينئين سان هنڊائڻ آهي. انهيءَ ڪري ٻين ادبي صنفن ۾ لکندي لکندي سندن لاڙو ترت تحقيق جي ميدان ڏي مڙي ويو ۽ تحقيق ۽ تنقيد بہ جهڙي تهڙي نہ بلڪہ هُو هڪ اهڙو محقق/نقاد هيو، جو جيستائين ڪنهن بہ تحقيقي ڪم جي ڇنڊ ڇاڻ مان مڪمل طور مطمئن نہ ٿيندو هو، تيستائين ڪوبہ نتيجو ڏيڻ پسند نہ ڪندو هو.
ڊاڪٽر صاحب جي عالماڻي نوعيت جي ڪم ۾ هڪ وڏو ڪارنامو لطيف شناسيءَ جي پروڙ آهي.
شاھ ڀٽائيءَ سان عقيقدت ۽ محبت ۽ ان جي آفاقي ڪلام جي ڪيفيت کي سمجھڻ ۽ انهيءَ جي اونهائيءَ ۽ موسيقيت کي محسوس ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر جبار کي وڏو ڪمال حاصل هيو. هن لطيفي ڪيف جي سرور کي پنهنجي اندر ۾ اوتيندي ڪيترائي مقالا، مضمون، تقريرون ۽ تحريرون پيش ڪيون. لطيف شناسيءَ جي حوالي سان سندس ڪم کي سنڌي ادب ۾ اهميت حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب شاھ سائينءَ جي حياتي، ڪلام، ان جي ترتيب، لغت، شاھ جي شاعريءَ جو فلسفو، موسيقي، مطلب تہ گھڻن رخن تي لکيو. هن ڏس ۾ مڪمل ڪتاب لکيا ان کانسواءِ سندن نگرانيءَ ۾ تيار ٿيل پي.ايڇ.ڊي ٿيسز خاص اهميت رکن ٿيون. جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفىٰ کهڙو جا تحقيقي مقالا آهن. کين چڱيءَ پر ڄاڻ هئي تہ اڃان تائين لطيفي فن جا ڪهڙيون ڪنڊون پاسا رهيل آهن، جن تي روشني وجھڻ جي اشد ضرورت آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جي لکيل لطيفي فن ۾ اهم ڪتاب ”ڪنز اللطيف“، ”لطيفيات“، ”ببليو گرافي شاھ تي لکيل ڪتابن جي“، ”شاھ جي رسالي جومطالعو“، ”ڪشف الاَبيات“ آهن. ان کانسواءِ سندن مقالن جي اهم ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ صفحي 141 کان 284 تائين لطيفيات جي موضوع تي مضمون ۽ مقالا آهن. ڪنزاللطيف جي مختصر ڪتاب ۾ شاھ جي ڇاپي رسالن تي بحث ڪيل آهي ۽ خاص طور ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي کي مڃتا ڏنل آهي. 1947ع کان پوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪم کي مڃتا ڏيڻ ۾ ڊاڪٽر جبار اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻ وقت بہ وقت هن رسالي تي ٿيل ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي تنقيدن تي بحث ڪيو اٿن. لطيفيات ڪتاب 1977ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپايو، 156 صفحن جي هن ڪتاب ۾ شاھ جي رسالي جي قلمي نسخن، رسالي جي مختلف ايڊيشنن، شاھ جي رسالي جي چونڊ ڪلام ۽ جدا جدا ڇپيل سُرن جي ڄاڻ آهي تہ گڏ شاھ جي سوانح عمريءَ جي باري ۾ ڇپيل ڪتابن ۽ مختلف مخزنن، خاص نمبرن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مقالن جي فهرست سان گڏ سنڌي، اردو، فارسي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ڇپيل مواد جي معلومات موجود آهي. ”ببليوگرافي شاھ تي لکيل ڪتابن جي“ ڪتاب جنوري 2000ع ۾ پهريون دفعو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو، جيڪو مٿيئن ڪتاب جي وڌيل صورت ۽ ڪجھ نئين مواد تي مشتمل آهي.
”شاھ جي رسالي جو مطالعو“ ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي اهم موضوع ذڪر ڪيل آهن. گھڻا موضوع اهڙا آهن، جن تي اڳ ڪڏهن بہ قلم نہ کنيو ويو آهي، جيئن ”شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز“، ”شاھ جي بيتن جي تلاش“، ”حامي هادي هاشمي“، ”پدمڻي“، ”شاھ جي ڪونج“، ”رسالي بابت ٻہ اکر“، ”لطيف شناسي پس منظر ۽ تحقيق لاءِ ڪي اهم پهلو“، ”سُر ڪاموڏ جي موسيقي“، ”رامڪليءَ جي موسيقي“، ”راڻو: هڪ ڳائڻي“، ”شاھ جي بيتن جي تلاش“ ۽ چند ٻيا آهن. هنن ايڪٽيهن مضمونن ۽ مقالن ۾ موضوعن سان انصاف ڪيل آهي. مضمون ”تهڙو ڪينجھر ۾ ڪين ٻيو جھڙي سونهن سندياس“ ۾ لکيو اٿن تہ:
”'ڪينجھر' نهايت ئي باوقار، پر معنىٰ ۽ رومان پرور آهي. نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي رومانوي داستان سان منسلڪ هي لفظ ڪينجھر ڍنڍ جي حوالي ۽ مناسبت سان ئي عام ٿيو. هونئن نوري ڄام تماچيءَ جو قصو راڳ ڪاموڏ ۾ ڳايو ويو ۽ ڪينجھر هن روماني داستان جي سرزمين آهي. ڍنڍون تہ ٻيون گھڻيون پر ڪينجھر جي اهميت عشقيہ داستان جي وينيو (Venue) جي ڪري آهي. ڪينجھر جو موضوع نهايت ئي وسيع آهي. ڪينجھر هڪ ثقافتي ايڪو ۽ زندگيءَ جي شاهراھ جو هڪ پيچرو بہ آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ هن داستان کي لازوال بنائي ڇڏيو. هن سونهن، سچائي، نهٺائي ۽ سادگيءَ جو هڪ عملي داستان پنهنجن لفظن ۾ امر بنايو“. (1)
”پدمڻي“ مضمون ۾ سڄاڻ عورتن لاءِ مقرر ڪيل چار قسمن پدمڻي، چترني، سکڻي ۽ هسڻي مان سَسئيءَ کي پدمڻيءَ جو درجو ڏيندي چوي ٿو تہ:
”اکين سان اسان تہ نہ سهڻيءَ کي ڏٺو نہ ليلىٰ ۽ مومل کي، نہ نوريءَ کي، نہ سورٺ ۽ مارئيءَ کي شاھ صاحب جا واقفيت ڪرائي آهي، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهبو تہ شاھ جي سورمين ۾ مارئي، نوري، سورٺ، پدمڻيءَ جي پدتي هونديون. ليلىٰ ۽ مومل جو درجو چترنيءَ وارو آهي. سهڻيءَ جو درجو بہ ڪجھ اهڙو آهي. اهو حُسنِ ظن رکي چئي سگهجي ٿو يا رسالي جي ڏنل رهبريءَ مان ڄاڻون، پر سسئي بيشڪ پدمڻيءَ جي درجي تي سرفراز آهي“. (2)
لطيف شناسيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو هڪ ٻيو اهم ڪارنامو ”ڪشف الابيات“ آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب جي جدا جدا رسالن جي بيتن جي ڏسڻي ڏنل آهي. هيءُ هڪ ڪٺن ۽ نرالو تحقيقي ڪم شمار ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جون ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون نہ وسارڻ جوڳيون آهن. سيد مظهر جميل سندن تحقيقي محنتن کي مڃتا ڏيندي لکيو آهي تہ: ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هڪ اعلىٰ پايي جو محقق آهي. سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (ٽي جلد) هڪ معياري تحقيقي ڪاوش شمار ٿئي ٿو نہ فقط جداگانہ موضوعن پر تفصيلي ادبي مطالعي جي صورت ۾ مفيد نتيجا باهم فراهم ڪرڻ جي صورت ۾ هيءَ تصنيف اعلىٰ مقام تي فائز آهي“. (3)
شوڪت حسين شورو لکي ٿو تہ: ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي زبان جو هڪ وڏو اديب، عالم ۽ محقق آهي. سندس هڪ اهم خاصيت اها آهي تہ هن ادب جي گھڻو ڪري سمورين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ادبي حيثيت گھڻ پاسائين آهي“. (4) مطلب تہ سنڌي ادب جي هن مهربان محقق جون علمي ۽ ادبي خدمتون ادب ۾ معتبر مقام رکن ٿيون، جيڪي ڪڏهن بہ رائيگان نہ وينديون.

حوالا
1. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ”شاھ جي رسالي جو مطالعو“، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2005ع، صہ-203.
2. ساڳيو حوالو، ص 127.
3. سيد، مظهر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪيڊمي بازيافت، ڪراچي، 2007ع، صہ-1070.
4. شورو، شوڪت حسين: جوڻيجو ڊاڪٽر، ”ڪٺمال“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2002ع، ص-2.

وليرام ولڀ جون ترجمانگاريءَ ۾ خدمتون

18 آگسٽ 1941ع تي ٿرپارڪر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي جنم وٺندڙ، ديوان ولي رام ولڀ ولد ڪيول رام جو شمار سنڌي ٻولي ۽ ادب جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجيون پوريون حياتيون هن لاکيڻيءَ ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذاريون. ولي رام ولڀ جي انهن ڪوششن کي سنڌي نثر جي تاريخ ۾ هر دور ۾ مڃتا ملندي رهندي هن نثر ۾ ڪهاڻيون، ناول، جيون ڪهاڻيون، خط، انٽرويوز، مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. انکان سواءِ تاريخ، فلسفي ۽ مذهب جو موضوعن تي پڻ ڪتاب لکيا اٿن تہ درسي ڪتاب جي حوالي سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون اٿن.
اڌ صديءَ جيترو عرصو مسلسل لکندڙ ولي رام صاحب نثر ۾ لکڻ جي شروعات ترجمي سان ڪئي سندن پهرين ترجمو ٿيل ڪهاڻي ”بهشت ۽ دوزخ“ 1960ع ۾ ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپي. هن اردو، هندي، پنجابي، انگريزي، سنسڪرت، سرائيڪي ۽ ٻين ڪيترين ٻولين مان ادبي فن پارا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. جنهن مان ڪافي مواد ڇپجي چڪو آهي تہ چڱو مواد اڻ ڇپيل پڻ وٽن موجود آهي. ڇپيل ڪتابن ۾ چند جا نالا هن ريت آهن: ”غدار“، ”سيتاهرڻ“، ”بند دروازو“، ”ڌاريو“، ”پوئين پهر جا پانڌيئڙا“، ”ائنا ڪرينيا“، ”ڪهاڻي هن جي“، ”سمهيل پاڻي“، ”ڇتن ڪتن جو مسيحا“، ”ڪارو ڪتاب“، ”ٽين دنيا جون ڪهاڻيون“، ”ٿڪل سريت ۽ ٻيون ڪهاڻيون“، ”بهشت ۽ دوزخ“، ”مٺڙا ڀاءُ...“، ”اوندھ ۽ اُجالو“، ”بهار آيو“، ”زندگيءَ جو هڪ ڪپيل ٽڪرو“، ”سنڌ ڪهاڻي“، ”گيتا جو اڀياس“ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب آهن. جن ۾ ڪي طبعزاد تہ گهڻا ترجما آهن. هن ليوٽالسٽاءِ، البرٽو موراويا، ڪرشن چندر، قرت العين حيدر، امرتا پريتم، ديال سڪسينا، رابندر ناٿ ٽئگور، عابد سورتي، احمد نديم قاسمي ۽ ٻين ليکڪن جي تحريرن سان سنڌ واسين کي روشناس ڪرايو آهي.
ايئن بہ نہ آهي تہ ولي رام جو ڪو سڄو ڪم ترجمي تي مشتمل آهي. هن سنڌيءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي اهي تہ اصلوڪيون ڪهاڻيون پڻ لکيون جيڪي معياري ۽ فني طور مظبوط شمار ٿين ٿيون، پر عام طور پڙهندڙ کين مترجم جي حيثيت ۾ وڌيڪ سڃاڻن ٿا. جنهن جو اهم سبب اهو ئي چئي سگھجي ٿو تہ پاڻ هڪ اهڙو تخليقڪار/مترجم رهيو جنهن جا ڪيل ترجما اصلوڪي (original) هئڻ جو گمان ڏين ٿا ۽ انهن جي مشهوريءَ کان پوءِ ظاهر آهي سندن ذاتي لاڙو تخليق کان وڌيڪ ترجمن ڏي رهيو ۽ ان ئي ڪري سندن نالو تخليقي ادب جي اهم مترجمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي تہ : “مترجم طور جن ماڻهن نالو ڪڍيو انهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ولي رام ولڀ ۽ غلام نبي ميمڻ جا نالا خاص طور نشانبر رهيا آهن. پوين ٻن ناولن ۽ ڪهاڻين جا ترجما ڪيا آهن. (1)
ادب ۾ ترجما ڪهڙيءَ ريت ٿين ٿا يا انهن مان ڪهڙا فائدا آهن؟ مترجم لاءِ ڪهڙن اصولن ۽ قائدن قانونن جو پورائو ضروري آهي؟۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا سوال آهن، جن مطابق اهو ڇيد ڪري سگھجي ٿو تہ ولي رام صاحب جا ڪيل ترجما ڪامياب آهن يا نہ؟ پر هتي پنهنجي مقالي معرفت آئون فقط اهو ڄاڻائينديس تہ سنڌي نثر جي واڌاري ۾ ولي رام ولڀ جي ڪيل ترجمن سان ڪيتري هٿي ملي آهي؟ ۽ هن نثر جي خوبين ۽ خاصيتن جوپورائو پنهجي لکيل نثر ۾ ڪيتريقدر ڪيو آهي؟
جيئن تہ پڙهندڙن کي اها ڀليءَ ڀت خبر آهي تہ جڏهن بہ ڪنهن مترجم اديب جي نظر مان ڪا سٺي تحرير گذرندي آهي تڏهن سندن دل ۾ هڪدم اها خواهش ڪَرَ کڻندي آهي تہ ”مان هيءُ شاهڪار پنهنجي پياري ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي ديس واسين جي اڳيان آڻيان“ حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تہ اهو ئي ڪنهن ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ اثرائتو طريقو آهي، جنهن سان ان ٻوليءَ ۾ وسعت اچي ٿي ۽ انهيءَ ٻوليءَ ۾ نوان نوان خيال، نظريا، نيون معنائون ۽ اعليٰ قوتِ فڪر پيدا ٿيندي آهي. هتي آئون ولي رام ولڀ جي ئي لفظن کي ورجائينديس، سندن موجب تہ:
”ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ جڏهن بہ مون ڪاسٺي تحريرپڙهي آهي، تڏهن دل چاهيو آهي تہ اها سنڌيءَ ۾ ڇپجي، مون پنهنجي اسٽڊي شيئر ڪرڻ چاهي آهي“. (2)
مٿي اها چٽائي ٿي آهي تہ ولي رام ولڀ ٻين ٻولين جي ادب مان پنهنجي پسند مطابق ترجما ڪري سنڌي نثر کي وڌايو ۽ ويجھايو آهي پر هاڻي هڪ نڪتو غور طلب اهو بہ آهي تہ ڇا پاڻ سنڌي نثر جي قائدن قانونن جي پورائي تي مڪمل ڌيان ڌري پنهنجي ٻوليءَ سان انصاف ڪيو اٿن؟ ڇا سندن ترجمو ٿيل ڪهاڻين ۽ ناولن جا موضوع اڇوتا، انوکا، وڻندڙ ۽ سنڌي سماج جي گھرج مطابق آهن ۽ جنهن سان نثر ۾ موضوعن جي ندرت ۽ وشالتا سامهون آئي هجي يا ٻيون نثري خوبيون جيئن سهڻو بياني اسلوب، لفظن ۽ جملن جي بناوٽ، حرف تجنيس جو استعمال، بيهڪ جي نشانين تي توجھ، مواد ۽ موضوع جي مطابقت ۽ ٻيون ڪيتريون خاصيتون آهن، جن سان سينگارجي نثر ۾ سهڻي سڳنڌ اچي سي سندن نثر ۾ موجود آهن يا نہ؟
جيئن تہ نثر جي تاريخ لکندڙن اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ، جيڪڏهن ڪنهن نثر نگار چاهي اهو مترجم هجي يا مورخ نقاد هجي يا اديب، جو نثر پڙهڻ ۾ اثرائتو، وڻندڙ ۽ دلڪش نہ آهي تہ پوءِ اهو رواجي نثر شمار ٿيندو پر جڏهن ڪو نثر پڙهڻ مهل پڙهندڙ بنا اٽڪ جي روانيءَ سان پڙهندو ٿو وڃي ۽ لفظن، جملن ۽ پئرائن ۾ ڳانڍاپي سان ليکڪ جو مقصد مٿس واضح ٿو هجي تہ پوءِ اهڙو نثر اثرائتو ۽ ڪامياب نثر شمار ٿيندو آهي. هيٺ پڙهندڙن جي پروڙ لا۽ ولي رام صاحب جي نثر مان حوالا پيش ڪريان ٿي تہ جيئن موضوع تي سهڻائيءَ سان روشني پئي سگھي.
”هن ورهين کان آسمان ڏنو نہ هو. آزاديءَ جي سَڌَ سندس دل ۾ زخمي پکيءَ وانگر کنڀڙاٽيون هڻي شايد مري چڪي هئي هاڻي رڳو مايوسيءَ جي اونداهي هئي ۽ بس! اچتو هڪ ڏينهن ڌرتي ڌٻي ۽ زمين گجگوڙ سان گڏ ڦاٽي پيئي، وڏيون ويڪريون شاهي ديوارون لڏي ٽيڏيون ٿي ويون. قيدي ڊپ ۽ هراس وچان قيدخاني جي شاهي ٿنڀي سان ويڙهجي ڇت تي وڏن ۽ ڳورن پٿرن جا آواز ٻڌندو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ ڌرتيءَ جو لوڏوبيهي ويو تہ هُن جو ساھ ۾ ساھ آهيو، پر گڏوگڏ سندس اکين ۾ مايوسيءَ جالڙڪ ڀرجي آيا“.(3)
”ٿڙندڙ وکن سان، هٿن سان هوا ۾ هٿوراڙيون هڻندي، هو ڪورٽ جي ڪمري جي فرش تي اڳيان وڌندو ويو. سندس خالي اکين جي کوپن مان رت ٽمي رهيو هو. ڳاڙهو ڳاڙهو رت، ايتريقدر تيز ڳاڙهو پئي لڳو جوٻي ڪابہ شيءِ انهيءَ رت جي ڳاڙهاڻ کان وڏيڪ ڳاڙهي نٿي ٿي سگھي رت آهستي آهستي ۽ لاڳيتو انهن سوراخن مان وهي رهيو، جتي پهرين ڪڏهن سندس اکيون هيون“. (4)
”سدا ساواپن“ ۾ لورڪاجي شخصيت جو تجزيو ڪندي لکيو اٿن تہ، ”هو سپنن جي سنسار ۽ روزمرہ جي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت ميلاپ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ڪنهن فيلسوفاڻي، نظرياتي ۽ نفسياتي بحث ۾ ڦاسڻ کان سواءِ هو اها ڳالھ سمجهي ويو تہ انسان جي زندگيءَ جو فقط هڪ حصو شعوري حصو هوندو آهي، پر سندس زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو لاشعوري هوندو آهي، جنهن ۾اڻ ڄاتل خطرا، اوچتا ڊپ، ماروائي اداسي، مبهم خواهشون، احمقاڻيون اميدون، افسانوي اُمنگ ۽ ازلي ۽ ابدي خدشا شامل هوندا آهن. حقيقت نگاري زندگيءَ جي شعوري تجزيي مان ملندي آهي ۽ افسانوي رنگ لا شعوري تقاضائن جي تڪميل سان اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ماڻهو اکيون کليل رکي ۽ دل کي آزاد ڇڏي ڏي“. (5)
هڪ ٻئي هنڌ لکيو اٿن تہ، ”انسان غير جي ڌرتيءَ تي بي گھر هجي ۽ وري پنهنجي وطن ۾ بہ ”بي گھر“ ٿي رهي تہ انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو تہ پنهنجي وطن ۾ ”بي گھرائي“ ڏاڍي وحشت ناڪ هوندي آهي، جلاوطنيءَ جي اذيت، خواهشون، تمنائون ۽ واپسيءَ جي ڏينهن جو انتظار اهي اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جن جو ڪو سبب ۽ ڪارڻ هوندو آهي، پر توهان پنهنجي ئي وطن ۾ بي گھر بنجي رهو، انهيءَ جو ڪو ڪارڻ ۽ منطق سمجھ ۾ نٿي اچي! پوءِ جڏهن انسان جي ڄمار وڌندي ويندي آهي تڏهن انهيءَ گُهٽ جي ڪيفيت کان ٻاهر ايندو آهي. ان وقت محسوس ٿيندو آهي تہ پنهنجي وطن ۾ اسان جي وجود جو ڀل اهو ڪنهن بہ حالت ۾ هجي ڪارڻ آهي“. (6)
”بس جيئن هُندن وٽ هر شيءِ جو ڪونہ ڪو ديوي/ديوتا ايجاد ڪيو ويندو آهي تيئن مسلمانن وٽ بہ هر شيءِ جا جدا جدا پير بنجي ويا، راڳن جا پير، مٽيءَ جي برتنن جا پير، پينگھي جو پير، سموري سنڌ پيرن جو ديس ٿي ويو. نانگن جي منتر جنتر جا ڄاڻو جوڳي سڀ مسلمان هوندا هئا. انهيءَ سان گڏ محرم جو مهينو هندن جي لاءِ پوتر بڻجي ويو ۽ اهي تعزين جي اڳيان نذر و نياز چاڙهڻ لڳا، توهان وٽ بہ ايئن ٿيندو هوندو؟“
”مذهب سچ پچ اسان لاءِ اوائلي سوين سالن تائين زبردست آفيم جو ڪم ڪيو آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ گولي بارود جو“. (7)
ولي رام ولڀ جي تحرير پڙهڻ سان معلوم ٿيئي ٿو تہ سندن لکيل نثر ۾ نہ ڪٿي اوپرا، اڻ وڻندڙ ۽ اڻ سهائيندڙ لفظ آهن ۽ نہ ئي جملن ۾ بي ترتيبي ۽ بي ربطگي آهي. هن نہ فقط بيهڪ جي نشانين تي خاص توجھ ڏني آهي، پر گرامر جي ترتيب، سهڻن ۽ سيبتن لفظن جو جڙاءُ، تجنيس حرفيءَ جي سونهن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نثري خوبيون آهن جيڪي سندن ترجمن کي اصلوڪي هئڻ جو اعزاز بخشين ٿيون.
نقادن موجب تہ ڪو بہ تخليقي ادب جو مترجم تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن کيس ٻنهي ٻولين تي مڪمل عبور ۽ انهيءَ ادبي صنف جي مڪمل ڄاڻ هجي. انهن ٻنهي نڪتن سان متفق هوندي بہ انهيءَ ۾ آئون هڪ ٻيو اضافو ڪنديس تہ مٿين خوبين سان گڏ هڪ خاص خوبي اها بہ آهي تہ انهيءَ مترجم / اديب جو پنهنجي ڪم لاءِ ”دلي ذوق ۽ شوق“ هجي. اسان وٽ عام طور اهو چوندا آهن تہ ”فلاڻو الاڻو ڪم دل سان ڪيو تڏهن سٺو ٿيو“ سو واقعي دل جو ثاني ڪونهي، هتي آئون اهو ئي چونديس تہ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان دلي عشق هئڻ سبب هن اصل کي نقل ڪرڻ مهل اصلوڪو ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ بنيادي طور هن تخليقڪار مترجم پنهنجي ڪم سان سچي رهڻ ۽ ٿڌي دماغ، توجھ، ترتيب ۽ تنظيم سان پنهنجي لکڻين ۾ هميشہ مڪمليت (Perfection) جي پوري پوري ڪوشش ڪئي جنهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل ٿي. سندس لکڻي چاهي ترجمو هجي يا طبعزاد جڏهن بہ ان جو تنقيدي تجزيو ڪبو تہ اها ڳالھ ضرور سامهون ايندي تہ وٽس سنڌي ٻوليءَ جي هنڌائتن (Appropriate) لفظن جي ڪابہ کوٽ نہ رهي. جيئن هن مهاڳ ۾ لکي ٿو تہ:
”ريٽا شهاڻيءَ جو رچنا سنسار، ٻهو مکي، مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي، هر رچنا مان سندس انڀوءَ، جي اندروني سُوجھي بکي ٿي. جيڪا موضوع جي گھرج ۽ ذهني ميلان پٽاندر پنهنجي اظهار جي صورت گڏ کڻي اچي ٿي“. اڳيان چوي ٿو تہ؛
”هوءَ اڄ جي دور جي اها ذهين، حساس تخليقڪارا آهي جنهن پنهنجي سهيوڳي دور ۾ زندگيءَ جي ٽٽل، وکريل، ظاهري ٿائيڪو ٿيل پر وکريل ۽ وڃايل ڪردارن کي سميٽي پنهنجين لکڻين جو آڌار بنايو آهي“. (8)
نثر جي قائدن قانونن جي پورائي سان گڏ هڪ ٻي اهم خوبي ولي رام صاحب جا چونڊيل موضوع آهن، ڏٺو وڃي تہ غير ملڪي ادب پڙهڻ ۽ ترجمو ڪرڻ ڪماليت نہ آهي پر ان مان پنهنجي ملڪ ۽ ماحول مطابق سهڻي چونڊ ڪرڻ وڏو ڪمال آهي. سندس ترجمو ٿيل ناولن ”سيتا هرڻ“، ”غدار“، ”ڌاريو“ ۽ ڪهاڻين ”اکين ڏٺو شاهد“ (رياستي نظام تي چوٽ)، ”دنيا ۾ اچڻ کان اڳ“ (علامہ اقبال جي شعر، خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪہ هر تقدير سي پهلي، خدا خود بندي سي پوڇي ڪہ بتا تيري رضا ڪيا هي، جي حوالي مطابق لکيل ڪهاڻي)، ”کليل در“، ”پڇي نہ سگھيس“، ”اطمينان“ (انساني سوچن، وهمن، وسوسن ۽ روين تي مشتمل) ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون آهن جي مختصر ڪهاڻيون هوندي بہ گھڻو ڪجھ ڄاڻائين ٿيون ۽ اهو ئي مختصر ڪهاڻيءَ Short Story جو ڪمال آهي جيڪو ليکڪ ڀليءَ ڀت سڃاتو، ولي رام ولڀ صاحب جو نثر جو ڪم ترجمانگاريءَ جي حوالي سان اهميت جوڳو آهي. هن سنڌي نثر کي شاعراڻو ترنم ڏنو آهي، اصلوڪن توڙي ترجمن جي صورت ۾ لکيل فن تي کين هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. پاڻ پنهنجي پياريءَ ۽ لاکيڻيءَ ٻوليءَ جي خدمت ڪندي ادبي لاٽ کي روشن رکيائين.
پشپا ولڀ جي چواڻي مطابق تہ:
گھاٽي اونداهي آهي،
اک هٿ کي ڳولي نٿي سگهي
هر هنڌ روشني ئي روشني پکڙجي ويندي
ننڍڙو ئي سهي.
هڪ ڏيئو جلائي تہ ڏس. (9)
آخر ۾ فقط اهو چونديس تہ سنڌي ٻولي ڄاڻندڙن، ڳالهائيندڙن ۽ پڙهندڙن تي اهو فرض ۽ قرض ٿو بيهي تہ هو پنهنجي ٻوليءَ جي جيئاريندڙن ۽ وڌائيندڙن کي مڃتا ڏين ۽ هن شانائتي ٻوليءَ ۾ لکن ۽ پڙهن ۽ ان کي عام ڪن تہ جيئن ڏيئا ڏيئا لاٽ جرڪندي رهي (آمين).

حوالا
1. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، صہ-225.
2. ولي رام، ولڀ، ”سدا ساوا پن“، سهڻي پرنٽرز حيدرآباد، 1984ع، صہ-7.
3. ولي رام، ولڀ، ”مٺڙا ڀاءُ...“، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2007ع، صہ-15.
4. ساڳيو، صہ-28.
5. ولي رام، ولڀ، ”سدا ساوا پن“، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 1984ع، صہ-156.
6. ساڳيو-صہ-14.
7. ولي رام ولڀ، ”سيتا هرڻ“، ڪويتا پبليڪيشن، 1996ع، صہ-60
8. شهاڻي ريٽا/ولي رام ولڀ، ”رشتن جو رقص“، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2005ع، صہ-13 (مهاڳ).
9. پشپا ولڀ، ”بند اکين ۾ آسمان“، مارئي پبليڪيشن، ڪراچي، 2010ع، صہ-18.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ڀٽائيءَ جو بيت آهي تہ،
”مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نہ مات،
هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جيئا“.

لطيف سرڪار جو هيءُ بيت آدرشي حياتي گھارڻ وارن کي ڀيٽا آهي. ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو مطلب اهو ڪونهي تہ هُو دنيا ۾ اچي رهي ۽ نيٺ روانو ٿي وڃي. اصل حياتي ”هوندا سي حيات“ جي فلسفي جي چوگرد گھمي ٿي. اها اهڙي حياتي آهي، جنهن جو مُلھ ورهين جي ڳڻپ سان ڳڻڻ جي بدران اونچن آدرشن جي پورائي واري حياتيءَ جي حوالي سان ڳڻيو وڃي ٿو. اهڙي زندگي جنهن ۾ ڪي اهڙا ڪم ڪري وڃجن جيڪي جيون کي فانيءَ مان لافاني حيثيت ڏيئي موت کي مات ڏين. اسان کي اهڙا آدرشي انسان تمام ٿورا ملندا، جن پنهنجي نيڪ نيتيءَ، نيڪ ارادي ۽ نيڪ عملن سان وقتي حياتيءَ کي دائمي حيثيت ڏني سنڌ ڌرتيءَ جي اهڙن امُلھ آدرشي هيرن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو نالو بہ ڳڻڻ جوڳو آهي. هُو هڪ سچو ۽ هڏ ڏوکي شخص هو، سندس نالو سنڌ جي اهم سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ قانوني شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو جنم شهداد ڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 8 آگسٽ 1924ع تي ٿيو. تعليمي دور کان کين سياست ۾ دلچسپي هئي. مسلم ليگ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ڪراچيءَ جو ميمبر هو. 1947ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪيائين. جنهن دوران مسڪين ۽ بي پهچن جا ڪيس اڪثر مفت ۾ کڻندو هو ۽ سندن هڙان وڙان مدد ڪندو هو. هارين نارين، مزورن، ڪڙمين، ڪاسبين، ٽريڊ يونين وارن کي ڪم ايندو هو ۽ ضرورتمندن لاءِ سندس اوطاق جا در هر وقت کليل هوندا هئا. لاڙڪاڻي واسين جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيائين، جن ۾ خاص طور سر شاهنواز لائبريري قائم ڪرڻ، شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ورسي لاڙڪاڻي ۾ شان سان پنهنجي خرچ تي ڪرائڻ ۽ ٻيا ڪم شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جمهوريت جو حامي هو. سياست سان دلچسپي هئڻ ڪري صحافت جو بہ شوق ٿين. مشهور سنڌي اخبار “توحيد” ۽ انگريزي اخبار “ڊان” ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪڍيائين جنهن کان پوءِ پنهنجي ذاتي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿين ۽ هفتيوار “نوجوان” نالي سان اخبار ڪڍيائين پر وسيلا محدود هئڻ ڪري گھڻو وقت هلائي نہ سگهيو.
سياسي طور لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن سان سندس واسطو هو. خاص طور ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجھو هو، ان جي ئي چوڻ تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تي رهيو. نوڪري سانگي ٻين هنڌن تي بہ رهڻ ٿيس، پر وري بہ لاِڙڪاڻي سان ٻٽيھ دليون هئس. سندس اوطاق لاڙڪاڻي ۾ هر دوست، اديب، عالم، سياستدان مطلب تہ هر فڪر جي ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي. ڪامريڊ نہ فقط مھمان نواز هو، پر ڪچهريءَ جو بہ ڪوڏيو، يارن جو يار، کلڻو ملڻو ۽ وفادار دوست هو، ان ڪري وٽس ماڻهن جا ميڙا لڳل هوندا هئا. ادبي حوالي سان هو ليکڪ تہ نہ هو پر ادب شناس ضرور هو. وٽس ناياب ڪتابن جي لائبريري هئي، ڏيھ پرڏيھ مان اڻ لڀ ڪتابن جو خزانو مختلف موضوعن تي گڏ ڪري پنهنجي لائبريريءَ ۾ رکيائين (جيڪا پوءِ سندن پونئيرن سنڌالاجي کي عطيو ڪئي ۽ اتي ئي سندن نالي ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي) تاج محمد ابڙو سنڌي ادبي سنگت جي بائي ڪارن مان هو سنگت جي هر ميٽنگ ۾ پاڻ موجود رهندو هو. سنڌي ادب جا وڏا نالا جيئن محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نسيم کرل ۽ ٻيا سندس دوستيءَ ۾ شامل هئا. کيس فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هئي. علم، دوستي ۽ ادب پروريءَ جي شعور سبب ڪيترائي وڏا وڏا اديب ساڻن ملي خوش ٿيندا هئا. فطري طور پنهنجي مٺيءَ زبان ۽ قرب جي ڪڙي ۾ کين قابو ڪري ڇڏيندو هو. برداشت، بردباريءَ ۾ کيس گھڻو ڪمال حاصل هو. پاڻ مخلص، ايماندار ۽ ڄاڻو هو. انهيءَ ڪري هر هڪ کانئن فيض پرائيندو هو. جيئن گھڙو پاڻ کي ڇانو ۾ رکائيندو آهي. تيئن چڱا اخلاق ۽ انساني خوبيون کيس هر وقت ۽ هر دور ۾ ممتاز رکنديون آهن.
هڪ هنڌ چوي ٿو تہ، ”مونکي ان ڳالھ جي خوشي آهي جو مان انسان آهيان، منهنجو مذهب انسانيت آهي، جنهن جو مان قائل آهيان“. سو حقيقت ۾ هر خوشيءَ جي ڪانہ ڪا قيمت هوندي آهي ۽ انسان جي قيمت سندس ذاتي خوبين ۽ چڱن اخلاقن ۾ آهي. ماڻهو بيشڪ مٽيءَ جي مُٺ آهي پر سندس ماڻهپو کيس ملائڪن کان بہ مٿانهين منزل تي پهچايو ڇڏي. ماڻهوءَ جو ماڻهپو ۽ فضيلتون سندس قول ۽ فعل مان ظاهر ٿينديون آهن. قول ۽ فعل ۾ فرق نہ هئڻ ڪري ئي ماڻهو مانائتو ٿيندو آهي. مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙن ئي ماڻهن مان هو، سندس زندگي محبت، عمل، علم، عدل ۽ سچائيءَ سان سينگاريل هئي، مان سمجهان ٿي تہ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ٻاريل سجاڳيءَ واري واٽ هميشہ ايندڙن لاءِ سونهون بڻبي.

ڊاڪٽر برڪت ۽ چنڊ جا مختلف روپ

شاعري انساني اندر جي اُڌمن جي اُپٽار ۽ سهڻن احساسن ۽ جذبن جو عنوان آهي. جيڪڏهن منجھس فڪر جي بلندي، اثرانگيزي، لطافت ۽ ميٺاج آهي تہ پوءِ اُها انساني اظهار جو بهترين ۽ طاقتور ذريعو ٿي ظاهر ٿيئي ٿي. شعر جو تعلق انساني حياتيءَ سان گھاٽو جڙيل آهي ۽ شاعر بہ اهو ئي آهي جنهن جي عظمت سندس اعلى خيالن سان حسين انداز ۾ حياتيءَ جي حسن ڏي هرکائي.
سنڌي ادب جو بنياد پڻ نظم سان لاڳاپيل آهي جنهن ۾ لوڪ ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ کان جديد شاعريءَ جي سفر تائين اسان جي ڪيترن شاعرن جو اڻ مُلھ پورهيو شامل آهي. جن سنڌي شعر ۾ رنگيني ۽ اثر آفرينيءَ وارو شعر پيش ڪيو آهي ۽ ان ۾ سنڌي سماج جي نفسيات، ماحول، ويچار، مزاج، تهذيب، تاريخ، اٿي ويٺي ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ جا عڪس چٽيا آهن. سنڌي شاعرن لفظن کي ترتيب ۽ سونهن ڏيندي حياتيءَ جا روپ جيئن اميد، نااميدي، خوشي، غم، وصال، وڇوڙا، رنج، راحتون، وفائون، بيوفايون، مجبوريون، مفلسيون، محبتون، نفرتون، واقعا، جذبا ۽ احساس محرڪ بنائي پنهنجون قلبي پيڙائون پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيون آهن.
ڊاڪٽر برڪت ملڪ جو شمار سنڌي ادب جي اهڙن شاعرن ۾ ٿيئي ٿو جنهن هڪ دفعو قلم هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ان سان ناتو نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. شاعريءَ ۾ خاص طور هن جديد شاعريءَ جي اهم صنف غزل کي فوقيت ڏني آهي. سندس شعر بي ساختہ، سادو ۽ شاعراڻي ترنم وارو آهي.
ڊاڪٽر برڪت جو پهريون ڪتاب ”چنڊ پيو چونڪي ڏي“ آهي ۽ پوءِ ”چنڊ چهري مٿان“، ”چنڊ چمڪي وارن ۾“، ”چنڊ چوريو چنگ“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سندس ڪتابن جا عنوان، ٽائيٽل، ڇپائي ۽ سونهن ۽ سوڀيا ڏسڻ وٽان آهي. ڪتابن ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جا سندس ڪتابن تي لکيل مهاڳ ۽ رايا ڄاڻائين ٿا تہ هو پنهنجي ڪم ۾ محنت ڪندڙ آهي.
ڊاڪٽر برڪت جي هر ڪتاب جي شروعات سچي ڌڻيءَ جي ساراھ ۽ محمد مصطفىٰ ﷺ جن جي نالي سان ٿيل آهي. جيئن چنڊ چمڪي وارن ۾، جي شروع ۾ لکي ٿو تہ،

تنهنجي قدرت مان وڏائي، سبحان الله سبحان الله،
رحمت سڀ تي تو وسائي، سبحان الله سبحان الله،
تنهنجي ذات بلند ۽ بـالا، تـنهـنـجـو شـان دنـيـا ۾ اعـلـىٰ،
هر ڪنهن جي تو آس اگھائي، سبحان الله سبحان الله.

”چنڊ چوريو چنگ“، ۾ مٺي مرسل جي واکاڻ ڪندي لکي ٿو تہ،
سهـڻـا نـبـي سـڳـورا، افـضـل آ شـان تـنهـنـجـو،
مالڪ ڪيو مٿانهون، سڀ کان تہ مان تنهنجو.

امام حسين عليہ السلام سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ”چنڊ چهري مٿان“، ڪتاب ۾ هن ريت ڪري ٿو،
سجدي ۾ سر ڪٽائڻ، منظر اهو ڇا هوندو،
پرکي ڪوئي نہ سگهيو، ولايت حسين جي.
سر ٻچن سوڌو ڏيئي، ميدان ويو ملهائي،
ڇا صبر ۽ سخا آ، شـجـاعـت حـسـيـن جـي.

ڊاڪٽر برڪت جي شاعريءَ ۾ سنڌي غزل پنهنجي پوري آب و تاب سان موجود آهي. جيئن تہ جديد غزل کي فقط حسن ۽ عشق جا موضوع نہ آهن جيڪڏهن اسان غزل جي باني خليفي گل محمد گل جو ديوان ڏسون يا قادرالڪلام مرزا قليچ بيگ ۽ مير سانگي (غزل جا شهنشاھ شاعر)، جي غزلن جا موضوع ڏسون تہ منجھن موضوعن جي حوالي سان وڏي وسعت ڏسڻ ۾ ايندي. هنن حياتيءَ جي مختلف روين کي غزلن ۾ سمايو آهي. ڊاڪٽر برڪت پڻ ڪي موضوع آندا آهن جيئن ظلم جي زيادتيءَ تي چوي ٿو تہ،
ظلم بي انتها برڪت ٿيو معـصـوم مـاڻـهـن تـي،
خدا جو قهر پوي تنهن تي اٿي جنهن باھ آ ٻاري.

سندس فن انشاء الله وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ هُو اڃان بہ موضوعن جي وسعت سان شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ لکي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪندو.

بيگم زينت عبدالله چنا

1947ع کان پوءِ جنهن ڪهاڻيڪار عورت جو نالو سنڌ ۾ سڀ کان پهرين ملي ٿو سا بيگم زينت عبدالله چنا آهي. بيگم زينت چنا 1919ع ۾ سيوهڻ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪرڻ بعد ٽريننگ ڪاليج فاروومين حيدرآباد مان فائنل پاس ڪيائين. سيوهڻ پرائمري اسڪول جي هيڊ مسٽريس طور ڏھ سال رهيون. 1944ع ۾ سندن شادي عبدالله چنا سان ٿي. عبدالله چنا صاحب روينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پهتو. انهيءَ وقت ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي جي وڏي عزت ۽ اهميت هوندي هئي. بيگم صاحبہ جو اٿڻ ويهڻ سڌريل ۽ پڙهيل ڳڙيل طبقي ۾ ٿيندو هو. هوءَ پاڻ پڻ سلجھيل ۽ روشن دماغ هئي، کيس مطالعي جو شوق هو تہ لکڻ جو پڻ. 1970ع کان پاڪستان رائيٽرز گلڊ جي ميمبر رهي. سندس ادبي سرگرمين کان بہ وڌيڪ سماجي، صحافتي ۽ علمي مصروفيتون وڌيڪ هيون. هن 1950ع ۾ لاڙڪاڻي جي اپوا جماعت جي صدر جي حيثيت سان ڳوٺن ۾ اسڪول ۽ اپوا جون شاخون قائم ڪيون، پاڻ عورتن جي سجاڳيءَ ۽ نياڻين جي تعليم جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عورت هئي. سندس چوڻ هو تہ،
”اڄ جي نياڻين جي اهم گھرج آهي تہ هو هر قسم جي فني توڙي غير فني تعليم حاصل ڪن، جتي کين تعليم حاصل ڪرڻ جون سهولتون موجود نہ آهن، اتي هو هنر پرائين. اڄڪلھ جي ترقي يافتہ دور ۾ هو پنهنجي ڀائرن ۽ مردن سان گڏ ٻانهن ٻيلي ٿي وقت جي تقاضائن کي منهن ڏين. جيستائين سنڌي قوم جي نياڻي ترقي يافتہ نہ آهي، تيستائين اسان جي قوم ترقي نہ ڪندي“. (1)
صحافتي خدمتن ۾ 1951ع ۾ ماهوار ”مارئي“ رسالي کي جاري ڪرڻ سندن وڏو ڪارنامو هو. هيءُ پهريون سنڌ جو عورتن جو رسالو هو جنهن ۾ عورتن جون ڪهاڻيون ۽ مضمون ڇپجڻ شروع ٿيا. هن رسالي ذريعي بيگم زينت ڪيترين سنڌي لکيڪائن کي اڳيان آڻي سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي قوم جي خدمت ڪئي. 1961ع ۾ مارئي مخزن مارشل لا جي عتاب جو شڪار ٿي بند ٿيو، پوءِ بيگم زينت ڪجھ عرصي کان پوءِ هفتيوار ”مارئي“ ڪڍيو جنهن ۾ سنڌ جي عورتن، نياڻين ۽ ڀائرن گھڻو ساٿ ڏنو. هن رسالي جي ايڊيٽر بيگم زينت پاڻ ۽ سب ايڊيٽر حميد سنڌي هيو. حميد سنڌيءَ موجب تہ،
”آئون پاڻ شام جو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس تہ صبح جو عبدالله صاحب جي لائبريريءَ ۾ ”مارئي“ رسالي جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هئس. بيگم زينت ۽ عبدالله صاحب جي مهربانين ۽ رهنمائيءَ سان نہ فقط مونکي اڳيان پڙهڻ جو شوق ٿيو پر ”روح رهاڻ“ جي اجراءَ جي شوق پويان پڻ انهن ماضيءَ جي ادبي يادن جو هٿ هيو“. (2)
ادبي پورهئي ۾ بيگم زينت جو ڪم نثر ۾ آهي، هن ڪهاڻيون، مضمون، تاثر، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا آهن. ڪتاب ”يادگارِ لطيف“ کي ترتيب ڏنائين، سندس افسانا 1950ع کان پوءِ ظاهر ٿيا. ٽہ ماهي مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين مخزن ۾ ڇپيل افسانن ۾ ”اونداهي“، ”رانديڪو“، ”مٺي“، ”من اجرو تن اجرو“ اهم آهن.
بيگم زينت ڪي گھڻيون ڪهاڻيون ڪونہ لکيون ۽ نہ ئي سندن ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپيل موجود آهن. عام طور اهڙيون ايڪڙ ٻيڪڙ ڪهاِڻيون ادب جي وڏي افسانوي ڳاڻيٽي ۾ ضم ٿي پنهنجي حيثيت مڃائي ڪونہ سگهنديون آهن، پر سنڌي نثر ۾ سندن ڪهاڻين جو قائم رهڻ ۽ ادبي تاريخ ۾ سندن نالو هئڻ جو اهم سبب اهو آهي تہ هوءَ 1947ع کان پوءِ سنڌ جي پهرين ڪهاڻيڪار عورت شمار ٿئي ٿي، کانئن پوءِ ڪجھ عرصي بعد سندن پوئواري ڪندي ڪجھ ليکڪائون سامهون آيون انهيءَ ڪري بيگم زينت جي خانونِ اول ڪهاڻيڪار جي حيثيت ادب جي تاريخ ۾ اهم آهي.
اپريل 1956ع ۾ سندس ڪهاڻي “رانديڪو” نئين زندگيءَ رسالي ۾ ڇپي جا عورت ۽ مرد جي محبت ۽ شادي شده زندگيءَ جي رُخن تي روشني وجھي ٿي. ليکڪا موجب تہ اسان جي سماج ۾ عورت بي اختيار آهي مٿس قائدا قانون مڙهيل آهن، سندس جذبن ۽ دل جو مرد وٽ ڪوبہ قدر نہ آهي. هيءَ ڪهاڻي عورت جي بي حيثيت هئڻ تي احتجاج آهي. ليکڪا لکي ٿي تہ،
”اسين آهيون رانديڪو... سماج جي هٿ ۾ ماءُ پيءُ جي هٿ ۾ ۽ محبوب جي هٿ ۾ پڻ... ان بلند خياليءَ جو ڪوبہ داد نہ ملندو... ان مقدس جذبات جو ڪوبہ احترام نہ ڪندو ۽ جتي ڏس “محبت” هڪ ڪميڻيءَ خواهش جو مهذب نالو آهي ۽ بس“. (3)
”مٺي“ ڪهاڻي هڪ معصوم ٻار جي سڌن سادن ۽ فطري جذبن جي نمائندگي آهي جنهن جو پنهنجي بيواه ماءُ جي سواءِ ڪوبہ سهارو ڪونهي. دائود نالي نينگر کي پنهنجي ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي وچ ۾ ڪنهن جي بہ شراڪت منظور ڪونهي. ايتري قدر جو هو پنهنجي ڳل تي ٻئي ڪنهن جي “مٺي” (چمي) بہ نٿو سهي سگهي. ڪهاڻي ٻڌائيندڙ جڏهن پهريون دفعو دائود جو ڳل چمي ٿو تہ دائود کي تمام خراب لڳي ٿو، پر جڏهن دائود جي ماءُ ”سوني“ مرڻ مهل سندس هٿ کيس ڏئي وڃي ٿي تڏهن هن جي دل ۾ دائود لاءِ وڌيڪ محبت ۽ احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ هو يتيم ٻار کي دل سان سنڀالي ٿو ۽ دائود پڻ سندس ئي چميءَ ۾ راحت ۽ سڪون محسوس ڪري ٿو. ليکڪا جو موقف هن ڪهاڻيءَ ۾ پيار جي جذبي جي اصليت کي پرکڻ جو آهي. سندس موجب تہ ٻار بہ پيار ۽ محبت جو بکيو آهي ۽ هو پيار جي زبان هڪدم سڃاڻي ٿو ۽ انهيءَ کي ئي پنهنجو ڪري ٿو. طبقاتي راڄ جي پس منظر ۾ لکيل هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال وڻندڙ آهي. ”رانديڪو“ ۽ ”مٺي“ ٻنهي ڪهاڻين ۾ هن محبت ۽ خلوص جي سچي ۽ فطري جذبي کي فوقيت ڏني آهي.
“من اجرو تن اجرو”ڪهاڻي مهراڻ 3، 1970ع ۾ شايع ٿي، هيءَ ڪهاڻي پڻ اصلاحي نوعيت جي آهي. جنهن ۾ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٻن نينگرين جي صورت ۽ سيرت کي چٽيو ويو آهي. “شانو” خوبصورت پر مغرور ترين ڇوڪري آهي جنهن جي شادي هڪ امير ڇوڪري سان ٿئي ٿي، جو نشي جي عادت ۾ ڦاسي شانوءَ کي ڏکن ۽ ڏوجھرن ۾ وجھي ٿو، جا پوءِ سلھ جي مرض ۾ گھڙيون گھاري ٿي ۽ آخر انهيءَ بنگلي جي سرونٽ ڪواٽر ۾ رهي ٿي جنهن بنگلي ۾ سندس سادي صورت واري ڪلاس فيلو ساهيڙي ڪنهن رئيس جي زال ٿي مالڪياڻي ٿي ويٺل آهي ۽ شانان سندس پٽيوالي جي ڀيڻ آهي، جيڪا آخري پساهن ۾ آهي. بيگم زينت شانل جي حسن جواني ۽ غرور سان گڏ آخري وقت جي بي وسيءَ کي هن ريت لفظن ۾ چٽيو آهي.
”قدرت کيس بي انتها حسن سان نوازيو هو، سندس چال ۾ ايترو تہ وقار هو جو اک نہ ڪڍڻ تي دل چوندي هئي. سڄو ڪاليج سندس گرويده هو، سروقد حسن جو مجسمو ۽ مٿس ايڏي مغروري هٺ ۽ وڏائي“.
”منهنجي اکين اڳيان پردو هٽي ويو، هڏائين پڃري تي پوش چڙهيل ڪاراٽيل چمڙي هئي، ٻن کوپن ۾ پيل ٽمڪندڙ ڏيئا هئا. منهنجو آڏو تضاد هو تہ تن جو اوجر ايئن ساٿ ڇڏي ويندو مون کي اها خبر نہ هئي“. (4)
بيگم زينت جون ڪهاڻيون گھڻي ڀاڱي سادي سودي نموني اصلاحي انداز جون آهن جنهن ۾ سماج جي براين جي نشاندهي ڪيل آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۽ مضمونن معرفت سنڌي عورتن کي نہ فقط سجاڳيءَ جا پيغام ڏنا پر علم حاصل ڪرڻ ۽ پيرن تي بيهڻ لاءِ اُڀاريو ۽ خاص طور کين لکڻ پڙهڻ ۽ ادب ڏي موڙڻ ۾ هن وڏو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر شمس عباسي سندن خدمتن کي مڃتا ڏيندي چيو آهي تہ،
”زينت چنا کي اسان وساري نٿا سگهون. اها انگريزي نہ پڙهي هئي پر سنڌي ادب سان اهڙو تہ لڳاءُ هيس جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ ٻهراڙيءَ جي عورت ڪنهن ڪم ۾ پوئتي نہ آهي. اها وڏي همٿ جي ڳالھ هئي“.

حوالا
1. چنا، بيگم زينت عبدالله، کٽياڻ موليٰ بخش، “هوندا سي حيات”، 1974ع، عبرت پريس، گاڏي کاتو، صہ 235.
2. حميد سنڌي، (وبرو انٽرويو) ميمڻ پروين موسيٰ، (2008-9-26).
3. چنا، بيگم زينت عبدالله، “رانديڪو”، ”نئين زندگي“، پاڪستان پبليڪيشن، اپريل 1956ع، صہ 43.
4. چنا، بيگم زينت عبدالله، “من اجرو تن اجرو”، ٽہ ماهي مهراڻ مخزن، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 3/1970ع، صہ 52.

ڊاڪٽر رشيدہ حجاب

رشيدہ بيگم، ”رشيدہ حجاب“ جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي، شڪارپور شهر ۾ 21 آڪٽوبر 1942ع تي سندس جنم نور محمد مغل جي گھر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گاڏي کاتو حيدرآباد جي گرلز اسڪول مان ورتائين. 1962ع ۾ بي.ايس.سي زبيدہ گرلس ڪاليج مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1964ع ۾ ايم.ايس.سي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان باٽنيءَ جي مضمون ۾ ڪرڻ کان پوءِ پي.ايڇ.ڊي 1970ع ۾ ڪئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر رشيدہ پوسٽ ڊاڪٽريٽ نيو جرسي آمريڪا مان ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع (Jute) سڻيءَ جي باري ۾ آهي. کين 1983ع ۾ آمريڪا جي اسڪالرشپ Full Bright جي وسيلي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ ۽ آمريڪا ۾ رهڻ جي آڇ ٿي پر پنهنجي گھرو حالتن جي ڪري ٿيسز مڪمل ڪري واپس موٽي آئي.
رشيدہ حجاب جي شادي 8 جون 1969ع تي انور علي راڄپر (فاريسٽ آفيسر) سان ٿي. کين چار نياڻين جو اولاد آهي. جيڪي سڀ اعلى تعليم يافتہ آهن. پاڻ ڪاليج پرنسپل جي عهدي کان ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ پوءِ سنڌ حڪومت ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي 2002ع ۾ ريٽائر ٿي.
رشيدہ حجاب جي نالي سان ادبي سفر جي شروعات 1954ع ۾ ”ٻارن جي ٻاري“ صفحي ۾ شعر، قول، چوڻيون ۽ آکاڻيون لکڻ سان ڪيائين. سندس پهريون افسانو 1997ع ۾ ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيو پر پوءِ هن افسانا ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا جيڪي ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“، ”روح رهاڻ“، ”سهڻي“، ”فردوس“، ”پيغام“ ۽ ٻين ۾ ڇپيا، جن جو تعداد هڪ سئو کان مٿي آهي. جيڪي موجودہ وقت نہ ڪتابي صورت ۾ موجود آهن ۽ نہ ئي انهن جو ڪو ريڪارڊ صحيح طرح سان محفوظ رهيو آهي ۽ انهن رسالن مان بہ ڪيترا رسالا بند ٿي ويا آهن. سندن ئي لفظن ۾ تہ،
”ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، جيڪي بند ٿي ويا. منهنجي خراب عادت اها هئي (۽ آهي)، تہ مان ڪڏهن بہ پنهنجون شيون فيئر نہ ڪندي هيس. هڪ دفعو لکڻ ويٺيس تہ افسانو پورو ڪري اٿندي هيس ۽ ان وقت ئي پوسٽ ڪرائي ڇڏيندي هيس“. (1)
مضمون نويسي ۽ مقالا نگاريءَ ڏي سندس لاڙو وڌيڪ رهيو. هن جا تحقيقي مقالا گھڻي ڀاڱي سائنس جي موضوعن تي آهن جيڪي پاڪستان کان سواءِ آمريڪا جي رسالي ”سائنس“ ۾ ڇپبا، سنڌي ادب جي حوالي سان سندن هڪ قسط وارو مقالو ”نئين زندگيءَ جي افسانن جو تنقيدي جائزو“، آڪٽوبر ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو جو موضوع جي ڪارائتي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. ڪهاڻين ۽ مضمونن کانسواءِ سندن هڪ سفرنامو، ”انور ڪولمبس جي راہ تي“ قسطوار شايع ٿيل آهي.
رشيدہ حجاب جي ڪهاڻين ۾ ”بد صورت“ 1957ع، ”مَڪي روءُ مَ رڙڪي“ 1957ع، ”هڪ سسئي ٻيا سور“ 1958ع، ”هوءَ مري ويئي“ 1958ع، ”ڪنڊن جي سيج“ 1958ع، ”دنيا ۾ هڪ ڏينهن“ (تاثر) 1958ع، ”خوابن جي دنيا“ 1961ع، ”حوا“ 1962ع، ”ڪونہ ايندو“، ”گناھ“ 1963ع، ”رَک نہ رهي باقي“ 1965ع، ”پينو نينگر“، ”سچ جي سوليءَ تي“ 1966ع، ”بليڪ آئوٽ“ 1968ع، ”نوَ ۽ ڏھ“ 1969ع ۽ انهي کانسواءِ ٻيون ڪافي ڪهاڻيون آهن. جن ۾ هيٺين ڪهاڻين وڌيڪ مقبوليت ماڻي.
”چڻنگ“، ”ڪنڊن جي سيج“، ”ديوي ۽ ديوتا“، ”چنڊ چور تارا ٺڳ“، ”جيئڻ جو سهارو“، ”رهزن“، ”سيمينٽ جي پتلي“ ۽ ٻيون آهن. پنهنجي ڪم کي ثميرہ زرين سان ڀيٽيندي چوي ٿي تہ،
”منهنجا شروع وقت جا افسانا ڪافي ڳالهين ۾ ڪمزور ٿا لڳن، پر ٿوري ئي وقت ۾ هڪ طرف ثميرہ زرين جي افسانن سان غيرارادي طور مقابلو شروع ٿي ويو تہ ٻئي طرف عمر ۽ شعور بہ وڌڻ لڳو. دل جي حساس هئڻ سبب آسپاس جي واقعن کان متاثر ٿي قلم تلوار جي صورت ۾ هلڻ لڳو“. (2)
رشيدہ حجاب سماج ۾ عورت کي پيش آيل موضوعن تي گھڻي ڀاڱي لکيو آهي. سندس ڪهاڻين جو مکيہ ڪردار عورت ئي آهي، جيڪڏهن هوءَ ڪو موضوع پيش ڪري ٿي تہ بہ ان جو تعلق عورت سان ئي ڳنڍيل آهي. ”سيمينٽ جي پتلي“ جو موضوع غربت آهي جنهن ۾ انسان جي بنيادي حقن، اٽي لٽي ۽ آجهي جي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڏيکاريل آهي جنهن ۾ پڻ سيمينٽ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي زندگي ڏيکاريل آهي.
ڪهاڻي ”جيئڻ جو سهارو“ ۾ ليکڪا خان بيبيءَ جي هوڏ واري هلت کي مهارت سان پيش ڪيو آهي. هن عورت جي داخلي ڪنفيتن ۽ خارجي عملن کي ڪاميابيءَ سان موضوع بڻائيندي. ڪٿي ڪٿي مٿس ٿيندڙ زماني جي ظلم ۽ ستم پيش ڪندي کيس لاچار بہ ڏيکاريو آهي تہ ڪٿي هُن پنهنجي بي زبان صنف کي قوتِ گويائي ڏني آهي بعض اوقات، هڪ ئي پهلو پڻ نمايان رکيو آهي جيڪو آهي محروميت ۽ مايوسيءَ جو، جيئن ”ڪنڊن جي سيج“ ڪهاڻيءَ جو جائزو وٺنداسين تہ معلوم ٿيئي ٿو تہ غزالہ وٽ سندس ناڪاري سوچون آهن. هوءَ انور مان مايوس رهي سدائين ڪارو ۽ سفيد لباس پائي محروميت جو مظاهرو ڪري ٿي جيڪو هاڪاري رويو نہ آهي. خاص طور ڪهاڻيءَ ۾ اهڙا جملا جن مان فنا ٿيڻ جو احساس وڌي ٿو. جيئن ”جڏهن بهار گذري ويندي آهي تڏهن گلن جي شان بہ هلي ويندي آهي“. ”جڏهن چنڊ گم ٿي ويندو آهي تڏهن اُماس جون ڪاريون راتيون اچي وينديون آهن“ مجموعي طور هن ڪهاڻيءَ جو اسلوب سٺو ۽ فني تسلسل ڪامياب آهي ۽ ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي غير متوقع هئڻ سبب ڪهاڻيءَ جو مجموعي تاثر گھرو ٿي بيهي ٿو. اخر ۾ انور جو پڇتاءُ ۽ نتيجي طور کيس ٽي.بي جو مريض ڏيکاريل آهي.
رشيدہ حجاب جي فن جي فڪري سطح بلند آهي. هن ٿورو ٿورو لکندي بہ پنهنجي فن کي اڳيان هلي سنواري وڌو. موضوعن ۾ نہ فقط سنڌ جي عورت جي جذبن جي نمائندگي وٽس اهميت رکي ٿي پر هوءَ دنيا جي هر عورت کي انساني طور اهميت جوڳو سمجھندڙ آهي. هن عورت ذات جي بي حيثيتيءَ کي گھڻو محسوس ڪيو آهي.
”رهزن“ ڪهاڻي عورت جي عزت ۽ اهميت جي ڪميءَ بابت آهي. پاڪستان مان ٻاهر تعليم حاصل ڪندي ليکڪا راويءَ طور هن ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي آندو آهي. هوءَ پنهنجي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻي ڪرسٽين جي اسٽيو سان محبت ۽ آخر ۾ دکدائڪ پڇاڙيءَ کي بيان ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ رشيدہ حجاب ڪرسٽين جي نفسياتي مسئلن تي چٽائيءَ سان روشني وجھڻ سان گڏ اولھ ۽ اوڀر جي عورت جي مسئلن جو فرق پڻ واضح ڪيو آهي. ڪرسٽين جيڪا جسماني خد و خال ۾ گھٽ هئڻ سبب فرسٽريشن جو شڪار هئي گھر مان بہ ڏکايل هئي. مطلب تہ محروميءَ جي احساسن هيٺ ڪرسٽين جي تعليم بہ اڌوري رهي ٿي. انهيءَ جي باوجود هوءَ پنهنجي محبت اسٽيو جي لاءِ قربانيون ڏئي ٿي پر اهو بہ کيس اڪيلو ڇڏي هليو ويندو آهي. آخر ۾ ايئرپورٽ تي ليکڪا کي خدا حافظ ڪندي ڪرسٽين چوي ٿي تہ،
”رشو تو هڪ دفعو لفظ ”رهزن“ جي معنى سمجھائي ٿي. پر مون کي سمجھ ۾ نہ آئي هئي. مان سمجھان ٿي تہ مون کي هاڻي ان لفظ ”رهزن“ جو مطلب چڱيءَ ريت سمجھ ۾ اچي ويو آهي“. (3)
(”رهزن“ ڪهاڻي مون پنهنجي عورتن جي ڪهاڻين جي ترتيب ڏنل مجموعي ”سون ورنيون سوڍيون“ ۾ ڏني آهي). حقيقت ۾ رشيدہ حجاب/ڊاڪٽر رشيدہ راڄپر جو تعلق درس ۽ تدريس سان گھڻو رهيو آهي. ان ڪري هن نوجوان طبقي جي جذبن، مسئلن ۽ نفسيات جو اونهو مشاهدو ڪيو آهي گڏ عورتن جي مسئلن تي لکيو آهي.
ايئن بہ نہ آهي تہ رشيدہ صاحبہ فقط عورت جي مسئلن کي فوقيت ڏني آهي. سندس ڪهاڻي ”نوَ ۽ ڏھ“ هڪ مرد جي نفسيات ۽ حاڪماڻي طبيعت جو سٺو مثال آهي. هيءُ ڪهاڻي هڪ اهڙي اديب جي آهي جو پنهنجي نالي کان مٿي ڪنهن جو نالو ڏسڻ نٿو چاهي (گھڻي ڀاڱي اديب ايئن ئي چاهيندا آهن پر هتي مقابلو هڪ عورت سان آهي)، ساڻس گڏ ڇپجندڙ عورت ناز جبين سان هو حسد وچان کيس هميشہ لاءِ مات ڪرڻ لاءِ شادي ڪري ٿو ۽ شاديءَ کان پوءِ کيس گھڻو گھرداريءَ ۾ لڳائي لکڻ پڙهڻ کان پري ڪري ٿو اهڙيءَ ريت سندس خواهش پوري ٿي وڃي ٿي ۽ هو مشهور ٿي وڃي ٿو پر کيس آخر ۾ اها خبر پوي ٿي تہ حقيقت ۾ ناز جو تہ ڪو ادب سان واسطو ئي ڪونہ هو ۽ سندس نالي تي سندس چاچو ڪهاڻيون لکندو هو جيڪو ڪافي وقت کان لکي نہ رهيو هو. هيءُ ڪهاڻي مرداڻي مزاج جي ناڪاري رخ جي نشاندهي ڪري ٿي.
رشيدہ حجاب انساني جذبن جي قلمڪار آهي. هن شروع ۾ رومانوي ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ جلد ئي مهارت سان حقيقت نگاريءَ مطابق اهم ڪهاڻيون لکيون، پنهنجي ليکڪا هئڻ تي ذاتي طور خوشي محسوس ڪندي هڪ هنڌ چيائين تہ،
”مان سوچيندي آهيان تہ فطري طور مان هڪ ليکڪا (Writer) آهيان، جيڪڏهن پيشہ وارانہ طور بہ منهنجو تعلق ڪنهن اهڙي شعبي سان هجي ها تہ شايد وڌيڪ خوش ۽ مطمئن هجان ها“. (4)
الطاف شيخ، ”ماسي حاڪم زاديءَ جي ڌيءَ رشيدہ حجاب“ جي ليک ۾ لکي ٿو تہ،
”رشيدہ حجاب ادبي دنيا ۾ هڪ مٿانهون نالو آهي. لڳي ٿو نوڪري ۽ ٻارن ۾ بزي ٿي وڃڻ ڪري هن بعد ۾ لکڻ ڇڏي ڏنو يا گھٽائي ڇڏيو، نہ تہ سٺ ۽ ستروري ڏهي ۾ سندن ڪهاڻيون مهراڻ، روح رهاڻ، مارئي، نئين زندگي، سهڻي ۽ هلال پاڪستان جهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ اينديون رهيون ٿي. ڪي تہ تمام گھڻيون پسند ڪيون ويون. جهڙوڪ، ”چڻنگ“، ”ڪنڊن جي سيج“، ”ديوي ۽ ديوتا“، ”مڪي روم رڙڪي“ وغيره. انهيءَ وقت افسانا لکندڙن ۾ منهنجا جيڪي دلپسند لکندڙ هئا. رشيدہ حجاب انهن مان هڪ هئي“. (5)
رشيدہ اباڻي گھر ۾، رشيدہ حجاب ادبي سفر ۾، رشيدہ انور شادي شدہ زندگيءَ ۾ ۽ ڊاڪٽر رشيدہ راڄپر عملي زندگيءَ ۾ رهندڙ پنهنجون جوابداريون منظم طريقي سان نڀايون. هوءَ شخصي طور نهٺي، حليم، ٿڌي ۽ مٺي ڳالهاءُ واري عورت رهي. منجھس سهپ جي وڏي مڻيا هئي.
رشيدہ حجاب جي ڪهاڻين کي نياز مسرور بدوي ۽ نصير مرزا سهيڙي ڪتاب تيار ڪري ئي رهيا هئا تہ اوچتو اها خبر پئي تہ ڊاڪٽر رشيدہ پنهنجي نياڻيءَ جي گھر ڪئناڊا ۾ وفات ڪري وئي آهي. ڪهاڻين جو اهو ڪمپوزڊ مسودو حسيب ناياب منگيءَ جي ئي هٿن ۾ پروف پڙهڻ لاءِ رهيو تہ نصير مرزا هڪ سهڻو ڪتاب سندس وفات کان پوءِ روشني پبليڪيشن معرفت ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ”حجاب سراپا حجاب“ جو گھڻو مقبول ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ رشيدہ حجاب جون اڻٽيھ ڪهاڻيون، ٻہ مضمون، هڪ سفرنامو ۽ هڪ انٽرويو پيش ڪيل آهن. مختلف علمي ۽ ادبي شخصيتن جا سندس شخصيت ۽ فن متعلق ڏھ مضمون ۽ هڪ رپورٽ شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ۽ رشيدہ حجاب جو تعارف نصير مرزا لکيو آهي. 392 صنفن جي سهڻي ۽ پڪي ٽائيٽل ڪور واري ڪتاب جي سنڌي سوانح جي ميدان ۾ هڪ خاص اهميت قائم رهندي. ڊاڪٽر رشيدہ راڄپر عمر جي آخري حصي ۾ ڪئناڊا ۾ رهندڙ هئي، جتي ئي 2019ع ۾ ڪئناڊا جي شهر ائڊمنٽن ۾ وفات ڪيائين.

حوالا
1.رشيدہ حجاب: (انٽرويو) ”سرتيون“ (مخزن)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2008ع، صہ، 55.
2.ساڳيو، صہ، 55.
3.رشيدہ حجاب: (ڪهاڻي) ”رهزن“ ”سهڻي“ (مخزن)،الهندو ڪچو حيدرآباد، 1973ع، صہ، 65.
4.حوالو نمبر (1) صہ، 57.
5.شيخ الطاف: ”سنگت ايوارڊ تقريب جون جھلڪيون“، سنگت (مخزن)، سنڌي ادبي سنگت، رابعہ اسڪوائر، گاڏي کاتو حيدرآباد، جون-جولاءِ-2009ع، صہ، 42 ۽ 44.

مهتاب اڪبر راشدي

”کل جي هيءَ جوالا مکي جنهن مان ٽهڪڙا ٽانڊن جيان ٻھ ٻھ ڪندا آهن. پنهنجي کل تي کوڙن کي کامائيندي آهي ڪن کي مُشڪائيندي آهي ۽ ڪجھ کي ان کل تي کلائيندي آهي بهرحال پاڻ جيئن آهي تيئن ئي آهي. هوءَ فقط ٽهڪڙا نہ آهي، منجهس اعتماد آهي، ادائگيءَ جو حسن آهي. فن آهي فڪر آهي. سندس فڪر ۾ سمونڊ جي گهرائي نہ سهي پر گفتار ۾ دريائن جي رواني آهي“.
مٿيان جملا خيرالنساء جعفريءَ، مهتاب اڪبر راشديءَ کان ورتل انٽرويو بعنوان ”کل-جاکستوري“ ۾ سندس بابت لکيا آهن.
بدرالنساء/مهتاب چنا سنڌي علم، ادب ۽ فن جي اُفق تي هڪ روشن ستاري جيان جرڪندڙ شخصيت طور اهم نالو آهي 14 آگسٽ 1947ع تي نئين ديري لاڙڪاڻي ۾ محمد عيسىٰ چنا جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن نياڻيءَ ڳوٺ کان آمريڪا تائين جو علمي سفر جهاڳيو سندس والد حيدرآباد ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل رهيو ۽ پنهنجي اولاد جي تربيت تي ڌيان ڏنائين سندس اولاد تعليم يا فتہ آهي سڄي ڪهول ۾ جهڙو نالو مهتاب جو سندس غير معمولي صلاحيتن سبب اڳيان آيو اهڙو مقام تمام ٿورين شخصيتن کي حياتيءَ ۾ ملندو آهي. هوءَ ننڍپڻ کان ئي ذهين، ذمہ دار، باهمٿ ۽ خداداد خوبين سان نوازيل رهي. حيدرآباد جي ميران هاءِ اسڪول، زبيدہ گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد فل برائيٽ اسڪالرشپ تي آمريڪا جي يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري ورتائين.
مهتاب عملي زندگيءَ جي شروعات سينٽ ميريز ڪانوينٽ اسڪول ۾ درس وتدريس جي ذريعي 1969ع ۾ ڪئي. 1973ع ۾ انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر جي حيثيت ۾ جوائن ڪيائين جتي پوءِ ايسوسيئيٽ پروفيسر، چئيرپرسن ۽ ڊائريڪٽر انسيٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي رهي. 1988ع کان پوءِ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ هن انتظامي عهدن تي ڪم ڪيو جنهن ۾ سيڪريٽري ڪلچر کاتو، ڊائريڪٽر جنرل -انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، وومين ڊيولمينٽ، سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري انفارمشن، ڊائريڪٽر جنرل محتسبِ اعليٰ، آخر ۾ سيڪريٽري انٽر پراونشل، ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ جي عهدي تي 2007ع ۾ رٽائر ڪيائين. مهتاب صاحبہ 22 سالن جي عمر ۾ عملي زندگيءَ جو آغاز هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪيو ۽ مستقل نوڪريءَ دوران هوءَ 11 سال شاگردن جي دلپسند استاد رهي ۽ باقي سڄو وقت سندس ذمہ داريون انتظامي رهيون ان کان سواءِ هوءَ ڪيترن ئي وڏن ادارن جي رُڪنيت رکندڙ رهي آهي تہ سماجي تنظيمن جي صلاحڪار ۽ تاحيات ميمبر آهي. 20 فيبروري 1981ع تي سندس شادي سيد اڪبر حسين راشدي سان ٿي کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.
مهتاب اڪبر راشديءَ جو تعلق فن جي دنيا سان اڻٽٽ آهي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد هن ڏِسَ ۾ سندس پهرين سڃاڻپ رهيو آهي 1965ع کان 1967ع تائين ريڊيو جي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين جڏهن تہ ڪراچي ٽيليويزن تي 1974ع کان ڪم شروع ڪيائين ۽ ٻين چئنلز جيئن ڪي ٽي اين تي پڻ خاص سندس ورتل سياسي، علمي ۽ ادبي شخصيتن جا انٽرويوز ۽ پروگرام اهم آهن ”هم“ ٽي.وي مشهور چئينل جي ڳچ عرصي کان بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل آهي. سندس ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جي اهم پروگرامن ۾ ”سگهڙين سٿ“، ”سورج شاخون ڪڍيون“، ”جهڙا گل گلاب جا“، ”گيتن ڀريون ڪهاڻيون“، ”روشن تارا“، ”فروزان“، ”اپني بات“، ”ساٿ ساٿ“ ۽ ٻيا آهن. سياست ۾ 2013ع ۾ پير پاتائين موجودہ وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل طرفان عورتن جي مخصوص نشت تان ميمبر طور سرگرم عمل آهي.
مٿي تہ هو مئڊم مهتاب اڪبر جو تعارف هاڻي مان پنهنجي مضمون جي اصل موضوع تي اچان ٿي. جو آهي مهتاب اڪبر راشديءَ جون ادبي خدمتون- مهتاب چنا جي نالي سان ادب ۾ لکڻ جي شروعات ڪندڙ هن ليکڪا پنهنجي تحرير نويسيءَ جي ابتدا مضمون نويسيءَ کان ڪئي.
شروع دور ۾ چند ڪهاڻيون لکيائين پر پوءَ سندس توجھ مضمون، مقالا، ڪالم، مهاڳ، مقدما ۽ ٻيون تحريرون رهيون سندس سڄو ڪم نثر سان لاڳاپيل آهي کيس شاعريءَ سان شغف آهي پنهنجي تحريرن ۾ سهڻا شعر استعمال ڪري ٿي تہ ڪيترين تقريرن ۽ ڪمپيئرنگ ۾ سندس زباني سهڻي ادائيگيءَ سان بهترين شعر ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. پنهنجي قلم معرفت هن نثر جي لکڻ کي ترجيح ڏني آهي جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ موجود آهي. سندس لکيل ڪيترو مواد ٽڙيل پکڙيل آهي، آئون سمجهان ٿي جيڪڏهن انهيءَ کي ترتيب ڏيئي شايع ڪيو وڃي تہ هوند نون موضوعن تي سٺا نثري ڪتاب تيار ٿي وڃن.
سندس لکيل ڪهاڻين، مضمونن ۽ ڪالمن ۾، ”آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سنڌي عورت جو ڪردار“ (سرتيون-1990ع)، ”ٿر ۽ اسان“ (سرتيون-1990ع)، ”تو جنين جي تانگھ، سي سڄڻ سفر هليا“ (ڪهاڻي-ماهوار نئين زندگي، ڊسمبر، 1963ع)، مهاڳ مراة الجمال، (سيد حسام الدين شاھ راشديءَ جو ڪتاب 1984ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي) ۽ ٻيا مضمون، مهاڳ ۽ ڪالم آهن.
عوامي آواز ۾ آيل ڪالمن ۾ ”ڪجھ تہ ٿيڻو آهي“، ”وري مولانا شيراني“، ”عينڪ ڪير مٽائي“، ”انت جي ابتدا“ ۽ ٻيا آهن. هن مسلسل اڍائي سال عوامي آواز ۾ ڪالم لکيا آهن. سندس لکيل ڪهاڻيون نئين زندگي ۽ بادل ۾ شايع ٿيل آهن تہ مضمون ۽ ڪالم، عوامي آواز، ڪاوش ۽ اردو اخبار ”آج کل“ ۾ ڇپيل آهن. اردو تحريرن ۾ ”ملک تقسیم ہو سکتے ہیں، زمین تقسیم نهیں ہواکرتی“، "سنڌکی سماجی حالت"، "اجرک کی صنعت" ۽ ٻيا آهن تہ انگريزيءَ ۾ پڻ لکيو اٿس.
مهتاب جي تحرير نويسيءَ مان هيٺ چند حوالا ڏيان ٿي تہ جيئن پڙهندڙن کي سندن لکيل نثر جي ڄاڻ ملي.
”ڪنوار جي وڳي ۾ تون ڏاڍي خوش ۽ سٺي پئي لڳيئن ۽ منهنجي دل مان اها دُعا نڪتي تہ خدا ڪري تون هميشہ اهڙي طرح خوش هجين. ڇوڪرين ان ڏينهن ڪيترائي گيت ڳاتا. ٽمڪندڙن تارن جا گيت، ٽڙندڙ گلن جا گيت، جھونگاريندڙ جھرڻن جا گيت، انتظار جا گيت ۽ لافاني پيار جا گيت! ان وقت تون پاڻ بہ گيت پئي لڳيئن... بهار جو سريلو گيت! ڪاش تون ڪڏهين ويران خزان جو مرثيو نہ ٿينيئن ها!“ (ڪهاڻي، صہ، 40)
”عورتن جي تذليل ۾ اڄ ڪلھ پنجاب ۽ سنڌ جو مقابلو زورن تي آهي، لڄالٽ جي واقعن ۾ اکين کان معذور ڇوڪريءَ کي بہ ڪو بخشڻ لاءِ تيار ڪونهي تہ پير پير پنڌ ڪري پاڙي جي هٽ تان کٺمٺڙا وٺندڙ معصوم نياڻي بہ وحشي انسان نما جانورن جي جنسي هوس کان محفوظ ناهي“. (ڪالم، عوامي آواز، 29 مئي، 2016ع)
مهتاب اڪبر راشديءَ ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما لکيا آهن. سندس نثر شانائتو، سيبتو ۽ دلپذير آهي. ڪتاب تي ڪجھ لکڻ کان اڳ تمام ڌيان سان انهيءَ ڪتاب جو جائزو وٺڻ سندس اولين ڪم هوندو آهي پوءِ ئي ٻہ اکر يا مهاڳ اٿس. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر يا سنڌي ثقافت کاتي جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ سندس نگرانيءَ ۾ جيڪي ڪتاب ڇپيا انهن تي لکيل سندس مهاڳ وڻندڙ آهن. جيئن، ”سنڌي صحافت جي ارتقا“، ناٽڪ“، ”لطيفي سير“، ”شاهاڻو شاھ“، ”سُر ڏهر“، ”ديسي سيڻ ڪجن“، ”مراة الجمال“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. ”مراة الجمال“ پير حسام الدين راشديءَ جي پسند جي شعرن تي مشتمل ڊائري ڪتابي صورت ۾ 1984ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪئي. جنهن ۾ ادي مهتاب لکي ٿي تہ،
”پير حسام الدين راشدي مرحوم پياري شخصيت ۽ جڳ ۾ خوشبو وانگر ڦهلجندڙ ڪردار ۽ ذهن جو مالڪ هو. مرحوم نہ رڳو تاريخدان پر پنهنجي شخصيت جي مختلف پهلوئن سان تاريخ ساز بہ هو. پاڻ نہ رڳو تاريخ ساز هو پر تاريخ ۾ زندہ رهڻ واري شخصيت بہ هو. پاڻ نہ رڳو تاريخ جي صفحن ۾ زندہ آهي پر اسان جي دلين ۽ دماغن ۾ پڻ زندہ آهي“.
مون کي اهو شرف حاصل آهي جو منهنجي ڪتابن تي جن وڏين شخصيتن مهاڳ ۽ مقدما لکيا آهن انهن ۾ هڪ نانءُ مئڊم مهتاب راشديءَ جو بہ آهي. ڪتاب ”وکر سو وهاءِ“ جي مهاڳ لاءِ مون مئڊم سان فون تي ڪانٽيڪٽ ڪيو. پاڻ دل سان هائوڪار ڪيائين. هڪ تہ اهو ڪتاب مضمون نويسيءَ جي موضوع تي آهي ۽ هوءَ پاڻ بهترين مضمون نويس آهي ۽ ٻيو تہ هيءُ ڪتاب شاگردن لاءِ HEC طرفان منظور ٿيو ۽ شاگردن جي ڀلائيءَ لاءِ مئڊم پاڻ پتوڙيندڙ رهي آهي. سو منهنجي خوشيءَ جي حد ئي نہ رهي جو ٿوري ئي وقت ۾ مئڊم مهاڳ لکي موڪليو جنهن ۾ مضمون نويسيءَ جي موضوع تي پڻ عمدا ويچار ونڊيل آهن. لکي ٿي تہ،
”هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ پروين منهنجي چونڊ ڇو ڪئي؟ ان جو جواب تہ هوءَ پاڻ ئي بهتر ڏئي سگهي ٿي. پر مان پاڻ کي خوشقسمت ٿي ڀانيان تہ اسان جي نوجوان نسل جي اڳيان ان بهاني منهنجي تحرير بہ گذرندي ان موقعي فراهم ڪرڻ لاءِ مان پروين موسىٰ جي ٿورائتي آهيان. اڳيان لکي ٿي تہ،
”ڪنهن بہ مضمون جي اسلوب ۽ تحرير مان لکندڙ جي ذهن جو نظم و ضبط ۽ خيالن جي ترتيب وار پيشڪش جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مضمون لکڻ بلڪل ايئن آهي جيئن ڪو فنڪار رنگ ذريعي پنهنجي تخيل کي ڪينوس تي اُتاري، ان تصوير کي تخليق ڪرڻ ۾ جيئن سوچ جي يڪسوئي، برش ۽ رنگن جي ميلاپ سان نڪتل متوازي ۽ متوازن خطوط جي ضرورت ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح ئي مضمون لکڻ لاءِ بہ موضوع تي بار بار غور ۽ سوچ ۽ ذهن اندر ان کي پچائڻ اولين شرط آهي. سٺي مضمون لکڻ لاءِ حقائق جو گڏ ڪري ان جو ترتيب وار استعمال ۽ پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جو استعمال ئي مضمون کي با مقصد بڻائي ٿو“.
مئڊم راشدي هن مهاڳ ۾ منهنجي ڪتاب سان گڏ مضمون نويسيءَ تي جو لکيو آهي اهو سندن علمي شوق ۽ معلومات جو چٽو دليل آهي. آئون سمجهان ٿي تہ ادي مهتاب جي لکيل مضمونن کي سهيڙي جو ڪتاب تيار ٿيندو اهو يقيناً سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتابن جي کوٽ جي پورائي لاءِ اهم قدم شمار ٿيندو. مئڊم جي ادب، ثقافت، ميڊيا ۽ سياست هر هنڌ خدمتن جي فهرست طويل آهي. جنهن جي خبر سندس بابت سوانحي ڪتاب مان پوي ٿي.

مهتاب شخصيت-ڪردار-مڃتا:
ڪتاب خوبصورت مضمونن تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ ادي مهتاب جي بابت گھرڀاتين، دوستن، مهربانن، گڏ ڪم ڪندڙن، اديبن ۽ عالمن جا مضمون آهن. جنهن ۾ کين مختلف حوالن سان مڃتا ڏني وئي آهي. سوانحي ادب ۾ هن اهم ضخيم ۽ لاڀائتي ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي، 2015ع جي آگسٽ ۾ شايع ڪيو آهي. جيئن تہ سوانح نگاريون ڪنهن بہ قوم جي تاريخ جو حصو شمار ٿين ٿيون انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب پڻ، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ جو اهم باب آهي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي، ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن، سنڌالاجي، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، تعليم کاتي ۽ ٻين اهم ادارن بابت معلومات ۽ مئڊم سان واسطي ۾ ايندڙ شخصيتن جيڪي واقعا يا حقيقتون ٻڌايون آهن سي پڻ تاريخ جو حصو آهن لکندڙن ۾ (آئون شامل نہ آهيان الائي ڇو؟) ڊاڪٽر غلام علي الانا، آغا سليم، امداد حسيني، پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر ادل سومرو، شمشيرالحيدري، سيد ديدار حسين شاھ، ڊاڪٽر محمد علي شيخ، انعام شيخ، محمود مغل، نصير مرزا، سلطانہ وقاصي، سلطانہ صديقي، روبينہ قريشي، شبنم موتي، نجمہ ميمڻ، نذير ناز، مقصود گل، بيدل مسرور بدوي، اعجاز منگي، نثار حسيني ۽ ٻين جا ليک آهن تہ سندن خاندان مان ڀاءُ آفتاب چنا، ادي سڪينہ چنا، عزيزہ چنا، مهر اڪبر ميمڻ ۽ وَرَ سيد اڪبر حسين راشدي جون تحريرون شامل آهن. 362 صفحن جي هن ڪتاب جو مهاڳ جامي چانڊيو لکيو آهي تہ ”محبتن جا مينهن“ جي عنوان سان مهتاب صاحبہ پنهنجي مداحن ۽ لکندڙن جا ٿورا مڃيا آهن. ڪتاب جو انتساب سندن والد، والدہ ۽ ڀاءُ آفتاب چنا جي نالي آهي.
شمشيرالحيدريءَ لکيو آهي تہ،
”مهتاب پنهنجي طريقي جي پاسدار، با اصول، بردبار، بيحد ذهين، تيز فهم، حاضر جواب، خوش طبع ۽ خوش لباس آهي. اعلى تعليم يافتہ هجڻ سان گڏ هوءَ شعر ۽ ادب جو عمدو ذوق رکي ٿي“.
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو تہ،
”مهتاب اڪبر راشدي، آپا شمس عباسي ۽ آپا مريم نوحاڻيءَ جي تربيب هيٺ، هڪ قابل، ذهين، باصلاحيت نياڻيءَ طور اڀري مهتاب کي هونئن تہ قدرت ننڍپڻ کان ئي بي شمار خوبين ۽ صلاحيتن سان نوازيو آهي. هوءَ هميشہ سدا بهار شخصيت رهي آهي. سندس چهري تي مرڪ، هميشہ نمودار هوندي آهي. انهيءَ ڪري ئي کيس هر ڪو سدا بهار شخصيت چوندو آهي“.
جامي چانڊيو مهاڳ ۾ لکي ٿو تہ،
”ادي مهتاب سڀاڻي جي روشن خيال، آزاد ۽ باشعور سنڌ جو حسين ۽ باوقار عڪس آهي. مهتاب اڪبر راشديءَ جي شخصيت نهايت گھڻ رخي آهي. ڀلا مهتاب جوٿي! چنڊ جو هڪ پاسو تہ ٿيندو ئي ناهي! هن زندگيءَ ۾ انيڪ شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ سندس شعبا، منصب ماڳ ۽ ڪرسيون بدليون پر مهتاب سدائين مهتاب ئي رهي! سنڌ ۾ شعور، تحرڪ، فن ۽ ڪردار جي هن مهتاب کي ڪڏهن بہ ”چنڊ گرھڻ“ نہ لڳي ۽ نہ وري هوءَ ڪڏهن ڏينهن جي روشنيءَ ۾ بي نور ٿي. زندہ دلي، وضعداري، قابليت، تخليقي سگھ ۽ انفراديت سندس رڳ رڳ ۾ ۽ هر انداز ۾ آهي“. هن ڪتاب ۾ مهتاب صاحبہ کي ڪنهن نکريل ۽ سريلي آواز واري صداڪار سڏيو آهي تہ ڪنهن کيس لاجواب ۽ بهترين ادائيگيءَ واري ڪمپيئر سڏيو آهي. ڪنهن لکندڙ وٽ هوءَ سدا بهار شخصيت آهي جنهن جا ٻول امرت آهن تہ ڪٿي کيس موقائتا شعر پڙهڻ ۽ سهڻن جملن جي ادائيگيءَ واري فنڪار سڏيو ويو آهي.
سوانح جي مد ۾ هيءَ هڪ دلپذير ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جو ساھ سان سانڍڻ جھڙي سوکڙي آهي مئڊم جي وڏي مهرباني جو پاڻ مون کي ٽيليفونڪ ٽاڪ کان پوءِ هيءَ ڪتاب ٻن ڏينهن ۾ هن جملي سان پوسٽ ڪيائين تہ، ”نهايت سڪ سان ڊاڪٽر پروين موسى لاءِ“ مئڊم جا ٿورا آهن جو ڪتاب جي مطالعي جو شرف بخشائين ۽ ڪمائتي ڪتاب کي آئون پنهنجي لائبريريءَ ۾ حسين اضافو سمجھان ٿي. جيئن ئي هي ”مهتاب-شخصيت-ڪردار-مڃتا“ ڪتاب مون کي مليو، مون هيءُ ليک لکيو. مئڊم جون ادبي خدمتون اثرائتيون آهن. سندس لکيل نثر ۾ حرف تجنيس ۽ سهڻن لفظن جي سونهن ۽ مواد سان مطابقت شامل آهي. سندس لکيل تحريرون ڪتابي صورت ۾ اچڻ کپن.
ادي مهتاب کي گھڻو اصرار ڪيم تہ پنهنجون لکڻيون خاص طور ڪالم ڪتابي صورت ۾ آڻيو ۽ کين اهو ارادو بہ هو پر منهنجي چوڻ کان پوءِ وڌيڪ ڌيان ڏنائين، 2021ع ۾ سندن ڪتاب جا ٻہ جلد ”ڪالھ اڄ ۽ سڀاڻي“ جي عنوان سان ڇپيا آهن. جنهن ۾ ڪتاب بابت شيخ عزيز، يوسف شاهين، نصير اعجاز، نصير ميمڻ، زرار پيرزادو جا ليک آهن. 2016ع، 2017ع ۽ 2018ع جا لکيل ڪالم شامل آهن. مئڊم مهتاب ”ڪالھ اڄ ۽ سڀاڻي“ ڪتاب جا ٻئي جلد مون کي حيدرآباد پوسٽ ذريعي موڪليا، سندن وڏي مهرباني، ٻن جلدن ۾ هيءُ ڪتاب وڻندڙ ۽ ڪالم نويسيءَ ۾ سهڻو اضافو آهي.

قلم تازو:-
هيءُ مضمون رحمت پيرزادي کي موڪليو هئم هُو مئڊم مهتاب جي باري ۾ ”ريکائون“ جو خاص نمبر ڪڍي رهيو هو. پر انهيءَ جو ڇا ٿيو؟ اها مون کي خبر ناهي ۽ نہ ئي رحمت ڪا اطلاع ڏني، انهيءَ ڪري ٻيهر سوڌي ۽ سنواري هن مضمون کي همسري مئگزين ۾ موڪليم جن اپريل 2021ع ۾ شايع ڪيو ۽ پوءِ يوٽيوب تي بہ ونڊ يو، هاڻي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري رهي آهيان. 

وينا شرنگي

وينا شرنگي 16 فيبروري 1948ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ مهراج گوپي ڪرشن جي گھر ۾ جنم ورتو، هن شهدادڪوٽ مان ئي تعليم حاصل ڪئي، بي.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين 1971ع ۾ سندس گھرڀاتي سنڌ مان لڏي دهلي، هندوستان ۾ وڃي رهيا. جتي وينا پنهنجي ادبي ۽ ميڊيا جي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. سندس سڃاڻپ هڪ سفرنامانگار، ڪهاڻيڪار، شاعره، ڪلاسيڪل شاعريءَ جي پارکو ۽ ڪمپيئر طور آهي. 1976ع ۾ آل انڊيا ريڊيو سروس تي ترجمانگار ۽ انائونسر طور ڀرتي ٿي ۽ ڪيترن ريڊيو جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪيائين. هن ريڊيو اسٽيشن جي جاري ٿيل ”سنڌي سروس“ ۾ ڪاميابيءَ سان ڪم ڪيو ۽ انهن ريڊيو جي يادن کي ”منهنجي پيشي جا گل و خار“ جي عنوان سان لکي ادب ۾ هڪ اهم موضوع جو اضافو ڪيو. وينا جي ڳالهائڻ جو انداز مٺو ۽ متاثر ڪن آهي جنهن ڪري سندس آواز ٻڌڻ لاءِ ماڻهو ريڊيو جا هن جا پروگرام شوق سان ٻڌندا هئا. سندس ڀيڻ شالني ساگر پڻ ريڊيو جي هن سنڌي سروس ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندي هئي گڏ ٽيليويزن تي بہ ڪم ڪيائين. وينا شرنگي ريڊيو تي ڪم ڪرڻ سان گڏ ادبي حلقن ۾ خود کي مڃايو هن مارئي تنظيم ٺاهي عورتن لاءِ سيمينار ڪرايا. وينا پنهنجي لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي هن شروع ۾ ڪهاڻيون لکيون سندس پهريون ڪتاب 1984ع ۾ شايع ٿيو جو ”ڪيئن وساريان ويڙهيچن“ يادگيرين تي مشتمل آهي.
1986ع ۾ ڇپيل ”منهنجي پيشي جا گل و خار“ ڪتاب ريڊيو جي زندگيءَ جي واقعن ۽ مشڪلاتن، تجربن ۽ براڊ ڪاسٽنگ سان لاڳاپيل شخصيتن بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. ”پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا“، وينا جو ڪتاب سنڌ ياترا بابت آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ مان مليل محبتون ۽ مانَ هُن وڏي ذوق ۽ شوق سان بيان ڪيا آهن. هيءُ سفرنامو هُن جي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو لازوال داستان آهي، سندس ٻين ڪتابن ۾ ”زندگي هڪ ناٽڪ“ (ڪهاڻيون)، ”اڌ کليون اکيون“ (ڪهاڻيون)، ”واسنا جو واسِنگ“ ( ڪهاڻيون)، ”پڇتاءُ“ (ڪهاڻيون)، ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ (ڪهاڻيون)، ”بدلو“ (ڪهاڻيون)، ”بختاور“ (ڪهاڻيون)، ”وارث لاوارث“ (ڪهاڻيون)، ”اجتنا جي مورت“ (شاعري)، ”ڪيچان آيو قافلو“ (مارئي تنظيم پاران لطيفي ڪانفرنسن جا مقالا)، ”سنڌو ڪناري نئون تاريخي باب“ (سفرنامو)، ”گيسٽ ايڊيٽر“ (ترتيب)، ”مٺڙي مُرڪ“ (ٻال ڪهاڻيون)، ”تون ڇپر تون ڇانءَ“ (مضمون) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. عربي-سنڌي لپيءَ جي ڄاڻو وينا شرنگي هند ۽ سنڌ ۾ ساڳي مقبوليت رکي ٿي ڏيھ پرڏيھ ۾ پڻ سنڌيت جي سفير ٿي ناماچاري ماڻي چڪي آهي.
1990ع ۾ سانا ڪانفرنس ۽ 1995ع ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس لنڊن ۾ پڻ هن پيپرز پڙهيا پوءِ ٻين ملڪن جي ڪانفرنسن ۾ شرڪتون ڪيون اٿائين. پنهنجي ٺاهيل عورتن جي ”مارئي تنظيم“ جي صدر جي حيثيت سان هوءَ ادبي محفلون ۽ سيمينار ڪوٺائيندڙ آهي، جنهن ۾ لطيفي سيمينار ”عالمي شاھ لطيف ڪانفرنس“ (1987ع)، ”شاھ-سچل-سامي ڪانفرنس“ ۽ ٻيون آهن. موجودہ وقت ريڊيو تان ريٽائرمينٽ باوجود بہ وينا ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بلڪل سرگرمِ عمل رهندڙ آهي.
وينا شرنگي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن ته شاعري پڻ ڪئي آهي. سندس تحريري مواد مختلف اخبارن، رسالن ۽ سندس لکيل ڪتابن ۾ محفوظ آهي. وينا شرنگيءَ بابت ڪونج مئگرين ائڊيشن ڪڍيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي نالي وارن اديبن سندس بابت لکيو آهي جن ۾ فتاح ملڪ، ڊاڪٽر فهميدہ حسين، نصير مرزا، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر سليمان شيخ، الطاف شيخ، امين لاکو، نذير ناز، لڇمڻ ڪومل، ٺاڪر چاولا، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، واسديو موهي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين جا ليک آهن. جن سان سندس شخصيت ۽ فن تي وڏي روشني پوي ٿي.
وينا کي سندس خدمتن تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام مليا آهن، جن ۾ 1994ع ۾ نقد انعام ۽ 1995ع ۾ گولڊ ميڊل ۽ آل انڊيا سنڌي ڪلچرل سوسائٽي جئپور راجسٿان پاران مليل ٽرافي شامل آهن.
وينا جون ڪهاڻيون مختصر، اثرائتيون ۽ سنڌي سماج خاص طور (هند) جي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون جيئن مثال طور سندس ڪهاڻي ”زندگي هڪ ناٽڪ“ هڪ اهم موضوع تي آهي نياڻيءَ جو بيواھ ٿيڻ ۽ مائيٽن جي گھر اچي وڃڻ، هن ڪهاڻيءَ جو موضوع آهي. جنهن ۾ خاص طور وينا هڪ ماءُ کي تنبيھ ڪئي آهي تہ ٻين جي دل آزاريءَ کان باز اچي. مطلب تہ سوچي سمجھي ڳالهائڻ گھرجي، رچنا جي ماءُ جو فخر ۽ وڏائو ۽ وڏا جملا ڳالهائڻ کان پوءِ جڏهن ستن سالن بعد سندس شادي ٿيل نياڻيءَ جو گھر اجڙي ٿو وڃي تڏهن کيس احساس ٿيئي ٿو تہ هن پنهنجي نياڻيءَ جو بوجھ تہ لاٿو پر اڄ دليپ جي وفات ٿي وڃڻ سان رچنا تي تہ پهاڙ جيڏو بوجھ اچي ويو آهي.
”رچنا جي ماءُ هر وقت چوندي هئي تہ مون تہ پنهنجي ٻارن جا گھر آباد ڪري ڇڏيا آهن مان تہ اصل وِهاڻو سيرانديءَ ڪري آرامي آهيان، مون تہ پنهنجي ٻارن جي تانگھ لاٿي آهي“. رچنا جي ماءُ صحيح فرمايو تہ مان پنهنجي ٻارن جي تانگھ لاٿي آهي. مون پنهنجون جوابداريون پوريون ڪيون آهن. ”پر رچنا کي تہ پنهنجي جوابداري اڃا نباهڻي آهي. رچنا جي ناٽڪ جي شروعات تہ اڃا هاڻي ٿي آهي“. (سرتيون، جولاءِ-ڊسمبر-1991ع، صه-11).
وينا شرنگيءَ جي فن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال سهڻائيءَ سان موجود آهي، هيٺ سندس ڪتاب ”تون ڇپر تون ڇانءَ“ جو جائزو ڏجي ٿو.
هن ڪتاب ”تون ڇپر تون ڇانءَ“ جو عنوان شاھ لطيف جي سُر ڏهر جي هيٺين بيت مان ورتل آهي.
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ بہ اوڏيائي مڱان،
رِءَ ٿنڀين، رِءَ ٿوڻين، تون ڇپـر تـون ڇـانءَ،
ڪُڄاڙو ڪهانءَ؟ توکي مـعـلـوم سـڀ ڪـا.
(8-2 سرُ ڏهر)
”تون ڇپر تون ڇانءَ“ ۾ آيل ٽيويهن مضمونن ۾ گھڻي ڀاڱي سوانحي مضمون آهن. جن ۾ امر شهيد ڪنور، سنت سائين چانڊورام، ماهري ديوي، تيرت بسنت، دلگير، گوبند مالهي، اُتم، پريم اڀيچنداڻي، ڊاڪٽر موتي لالَّ جوتواڻي، گورڌن ڀارتي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، پارو چاولا، ٺاڪر چاولا، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڪملا ڪيسواڻي ۽ ٻين جي ڪيل پورهئي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ وينا شرنگيءَ جيڪي مضمون ۽ مقالا لکيا يا مختلف گڏجاڻين ۾ پڙهيا، سي هن ڪتاب ۾ سهيڙي پيش ڪيا ويا آهن. انهيءَ کان سواءِ ٻين مضمونن ۾ ڪرشن جي پوتر ڀومي، شاھ جون سورميون، بزرگ رحمت يا زحمت ۽ سندس سفرنامي ”وايون وڻجارن جون“ تي امين لاکي جو تبصرو پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
وينا نثرنگار تہ آهي ئي آهي پر کيس شاعريءَ سان پڻ سٺو شغف آهي، شاھ صاحب جي تہ اصل شيدائڻ آهي. هن پنهنجي ڪيترن ڪتابن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيا آهن جيئن، ”پاڻ سڃاڻج سپرين“، ”پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا“، ”ڪيئن وساريان ويڙهيچن“، ”سارنگ سار لهيج“، ”وايون وڻجارن جون“ ۽ ”تون ڇپر تون ڇانءَ“ آهن. هن ڪتاب ۾ آيل مضمونن مان پڻ ڪيترن جا عنوان شاھ جي بيتن مان ورتل آهن جيئن، ”مون سي ڏٺا ماءِ“، ”سڄڻ سفر هليا“، ”ڪاپائتي سڀ ڪا“، ”جووهي سولهي“ هن سڄي ڪتاب ۾ انيڪ هنڌن تي شاھ صاحب جي بيتن جو ڪتب موقعائتو ۽ ملهائتو آندل آهي. جنهن مان سندس لطيف شناسيءَ جي خوبيءَ کي داد ڏيڻو پوي ٿو. ان کانسواءِ هن ڪتاب جي مضمونن ۾ ڪيترن هنڌن تي ٻين شاعرن جو ڪلام پڻ مثال طور ڏنل آهي. جن ۾ تلسيداس، سچل، سامي، ڪوي پهلاج، شيخ اياز، دلگير، بيوس، استاد بخاري ۽ ٻيا آهن. خاص طور وينا پنهنجي شعر جا پڻ سٺا نمونا شامل ڪيا آهن. ڪتاب مان ڪجھ حوالا هيٺ پيش ڪجن ٿا، تہ جيئن پڙهندڙن کي ليکڪا جي مضمونن جو مدعا معلوم ٿيئي. سنڌي ادبي سنگت جي پهرين سيڪريٽري ۽ سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جو پايو وجهندڙ مشهور ناول نگار گوبند مالهيءَ جي باري ۾ لکيو اٿائين تہ،
”مالهيءَ جي سڀ کان وڏي خوشقسمتي، ڪاميابي ۽ حاصلات منهنجي نظر ۾ سنڌ جو دورو هيو. جيڪو هر ڪنهن کي نصيب نٿو ٿي سگهي. پنهنجي جھونن ساٿين سان ملاقات، درگاهن جي زيارت، علمي ادبي بئٺڪن ۾ شرڪت، پنهنجي ڳوٺ جو درشن، اهو موقعو کين سچل ڪانگريس دوران نصيب ٿيو. سندس چهري ۾ اکين جي چمڪ جي مان چشم ديد گواھ رهيس“. (...70)
دادا اي جي اتم جي باري ۾ لکيو اٿس تہ،
”سنڌي ٻولي ۽ ساهت زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي. ڪيترن اڳڪٿي ڪئي تہ ڏهن سالن ۾ ٻولي مري ويندي، پر اُها ختم نہ ٿي آهي مان آشاوادي آهيان ٻولي ختم ٿيڻ جي ناهي. هي ويچار بزرگ ليکڪ، ڪالم نگار، دادا اي.جي اُتم پنهنجي ريڊيو ملاقات دوران ظاهر ڪيا هئا. داد اُتم جي جاءِ تي اگر ڪو ٻيو هجي ها تہ موجودہ دور جي ناسازگار حالتن کي ڏسي آشاوادي لفظ بدران نراشاوادي رُخ اختيار ڪري ها“. (صہ76).
اخلاقي قدرن جي باري ۾ شاھ جي سورمين جي مضمون ۾ لکي ٿي تہ،
”اڄ جنهن کي جتي موقعو مليو اُتي اک اڙائين، دل تريءَ تي کنيو پيا گھمن، جنهن جو نتيجو، ٺونٺ لڳي ساهيڙي ڀڳي. پرديسي پريتم سان ڇو پريت جو پيچ پاتم لاءِ سرُ سسئي ۾ فرمايو آهي.
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين
اسان کي مٽي مائٽي رشتو سوچي سمجھي ڪرڻ گھرجي، بُڻ بنياد ڄاتل سڃاتل سان ڏسي ڪري ئي سنڱ ڳنڍجي، ان طرف واضح اشارو آهي. اڄ جي سماج ۾ زندگيءَ جا اٽوٽ ٻنڌن ڇو ٿا ٽٽن؟ هر ڪو ٻاهرين ڏيک ويک تي هرکي ٿو. متان موقعو هٿان کسڪي وڃي جلدي ڪري ٽپو ڏيون، ٻاهرين چمق دمق جي حوالي سان شاھ جي سورميءَ ليلا جي هار تي هر کجڻ واري ڳالھ اسان جي اڳيان آهي. غلطي ڪري سينو ساهڻ بدران نوڙت ۽ نياز سان محبوب کي پائي سگهجي ٿو“. (صہ158)
وينا شرنگيءَ جي سوانحي مضمونن ۾ ڄڻ انهيءَ شخصيت جي سڄيءَ حياتيءَ جو خاڪو موجود آهي. هوءَ ٿوري ۾ گھڻو چوڻ جي قائل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن وٽ اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين جو چڱو استعمال آهي. جيئن، ”ٻاهران چکي مکي، اندر بڙبڙ دکي“، ”لڏ بہ ڏي تہ لڏاڻي بہ“، ”جيئري نہ سٺوَ مئي دٻ دٻ ڪري پٽيو“، ”پنج ئي آڱريون برابر نہ آهن“، ”مهر جا مينهن وسڻ“، ”اک اڙائڻ“، ”پريت جو پيچ پائڻ“، ”سينو ساهڻ“، ”هٿان کسڪي وڃڻ“، ”پاتال ۾ پيهي وڃڻ“، ”ڏونگر ڏورڻ“ ۽ ٻيا آهن.
هيءُ ڪتاب نثر جي اهم صنف مضمون نويسيءَ متعلق آهي ۽ مضمونن جي اهم خوبي، سونهن ۽ سوڀيا، موقعاتن شعرن، پهاڪن، چوڻين، قولن ۽ حرف تجنيس جي سينگاريل جملن سان موضوع کي مڃائڻ ۾ آهي. سو وينا پڻ هن ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي اهڙن اصطلاحن جو خوبيءَ سان استعمال ڪيو آهي. باقي اڄڪلھ هند ۾ ڇپيل اڪثر ڪتابن ۾ پروف جون ڪجھ غلطيون ضرور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جنهن مان ايئن سمجھڻ ۾ اچي ٿو تہ يا تہ ڪمپوزنگ ڌيان سان نہ ٿي ڪيل هجي يا پروف خبرداريءَ سان چڪاسيل نہ آهن.
ڪجھ معمولي ڪمين جي هوندي بہ وينا شرنگيءَ جو هيءُ مضمون نويسيءَ جو 190 صفحن جو ڪتاب نثر ۾ اهميت جوڳو آهي. خاص طور سوانح جي مد ۾ لکيل هي ادبي مضمون، سنڌي ادبي تاريخ جو اهم حصو شمار ٿيندا.
وينا شرنگي سنڌي، اردو، انگريزي ۽ هنديءَ ۾ لکيو هن گھڻو لکندڙ ۽ گھڻو پڙهجندڙ ليکڪا جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جي مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪن ٿيون. سندس فن سنڌي ادب ۾ جوڳي جاءِ والاري ٿو.

زاهدہ تاج ابڙو

زاهدہ تاج نامور قانوندان، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن تاج محمد ابڙو جي گهر 29 مئي 1970ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن لاڙڪاڻي، نوابشاھ، سکر ۽ حيدرآباد مان تعليم حاصل ڪئي. شاهہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1992ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين، موجودہ وقت سنڌ ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ درس و تدريس جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏيئي رهي آهي. سنڌي ادب ۾ زاهدہ جي سڃاڻپ هڪ ناول نگار، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ شاعرہ طور آهي. سندس فن مختلف اخبارن جيئن سوڀ، عبرت، ڪاوش ۽ سرتيون، سوجهرو ۽ عبرت مئگزين کانسواءِ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. سندس 2 ڪتاب ’دنيا آکيرو‘ (شاعري 2016ع)، ’عشق لامحدود‘، (ناول 2018ع) ڇپيل آهن تہ موجودہ وقت هڪ ناول عبرت مئگزين ۾ قسطوار شايع ٿي رهيو آهي. مھراڻ ٽي وي تي اينڪرپرسن طور ’بنت حوا‘ پروگرام معرفت کيس مشھوري ملي آهي. ميڊيا سان تعلق هوندي هوءَ مطالعو ۽ مشاهدو رکندڙ، سنجيدہ ۽ علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ شخصيت آهي، سندس فن ۾ سنڌي سماج جي سڌاري جو پيغام آهي.
زاهدہ جي ڇپيل ٻن ڪتابن جو جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
”دنيا آکيرو“ زاهدہ جو پھريون شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنھن جي ارپنا سندس والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، وَرَ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ ۽ ٻارن، عبدالباسط، عبدالصمد، سسئي ۽ سونھن جي نالي آهي. 128 صفحن جو هيءُ ڪتاب ڪنول پبليڪيشن 2016ع ۾ شايع ڪيو، جنھن جو مھاڳ محمد ابراهيم جويو لکيو آهي، ٻہ اکر ڄام ساقي جا ۽ الحاج شاهنواز مسافر طرفان سندس شخصيت ۽ فن کي مڃتا ڏنل آهي جو سندن شاعريءَ ۾ استاد پڻ آهي. ان کانسواءِ مير نادر علي ابڙو (ليکڪا جو ڀاءُ) جا ۽ مشھور شاعر ع.غ تبسم جا ڪتاب جي باري ۾ خيال شامل آهن. هن شعري مجموعي جي شروعات رب پاڪ جي واکاڻ يعني حمد ۽ پوءِ نعت مبارڪ سان ٿيل آهي. باقي غزلون، نظم، آزاد نظم ۽ 2 گيت شامل آهن. نمونو هيٺين ريت آهي.
حمد:
ڪـر بخشش اي خداوند هر ڏوهہ ۽ گناھ،
ڪــر نــور جــي نــوازش، بــي نــور آهـيـان،
رحمان ڪر رحم تون، رحمت گهران پئي،
ڪــر مــھــر ’زاهــده‘ تــي مــشــڪور آهيان.

نعت جو نمونو هن ريت آهي:
وڇائي نيڻ قدمن تي ٻڌايان نعت بسم الله،
محمد مير مرسل کي عـطـا درجـا بـسـم الله.

هن ڪتاب ۾ آيل شاعري احساسن، محبتن، جفائن ۽ فطرت جي رنگينن جي اڻ ڳڻيل رنگن ۾ رڱيل آهي. زاهدہ وٽ زندگيءَ جا مختلف رنگ آهن جن جا عڪس هن دنيا آکيرو جي شاعريءَ ۾ چٽيا آهن. زاهدہ هن ڪتاب ۾ ٻہ پُر ترنم گيت ڏنا آهن. ”سنڌڙي منھنجي ٻولي“، ”مٺڙا موٽي اچجان“ جتي دنيا جا ڪيترائي محقق ۽ ٻوليءَ جا ماهر سنڌي ٻوليءَ جي قدامت تي ريسرچ ڪري پنھنجي کوجنا موجب مختلف نتيجا ڏيئي رهيا آهن اُتي زاهدہ تاج دل جي سچن جذبن ۽ آسان لفظن سان فقط چند سٽن ۾ حتمي نتيجو ڏيئي ڇڏيو.
جهوني موهن جي دڙي جھڙي،
اونهي سنڌوءَ جي تري جھڙي،
دشـــمـــن لاءِ ڪــا گــولــي آهي،
سنڌي منھنــجــي ٻــولــي آهــي.

بنيادي طور آئون شاعرہ ناهيان 22 ئي ڪتاب نثر ۾، لطيف شناسي، مضمون نويسي، تحقيق ۽ تنقيد ۽ ٻاراڻي ادب ۾ لکيا اٿم. (2015ع کان 2018ع تائين چار ڪتاب چٽاڀيٽيءَ جي سنڌيءَ جي مضمون ۾ بہ لکيم.) پر زاهدہ جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ هڪوار دل چاهيم تہ جيڪر آئون بہ شاعري ڪيان، سادن سودن، سلوڻن ۽ اثرائتن لفظن ۾ چيل زاهدہ جا گيت، غزل ۽ نظم، ’دنيا آکيرو‘ ڪتاب جي سونھن جو سبب بنيا آهن.
عشق لامحدود: زاهدہ تاج جو ناول مئي 2018ع ۾ سنڌيا پبليڪيشن شايع ڪيو، هڪ حساس موضوع تي ليکڪا جي قلم مان نڪتل ’عشق لامحدود‘ جو فلسفو مجازي عشق کان حقيقي عشق جو بيان آهي. عينيءَ جي ڏکويل حياتي جي ڪهاڻيءَ ذريعي ليکڪا هڪ جوان بيوہ عورت جي حياتيءَ جي حالتن کي چٽيو آهي جا ٻي شادي ٿيڻ کان پوءِ مسئلن جي انبار ۾ جڪڙجي وڃي ٿي. مختصر ڪرادارن جيئن عيني، اقرا، صنم، آفاق، مصطفيٰ جي ذريعي ناول جي ڪھاڻيءَ جي اوک ڊوک ٿي آهي. ’قرات العين ننڍي لاڪون يتيم ٿي ٿيئي، سندس مامو اظھر کيس ۽ سندس ماءُ سيما کي پنھنجي گهر آڻي ٿو. سيما جي عمر ننڍي هئڻ ڪري اظھر ۽ سندس ماءُ سيما جي ٻي شادي هڪ با حيثيت ۽ نيڪ طبع شخص ايوب سان ڪرائين ٿا. جنھن جي زال وفات ڪري ويئي آهي ۽ کيس ٻن نياڻين صنم ۽ اقرا جو اولاد آهي، سيما کي ايوب مان هڪ پٽ شھباز ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿيئي ٿي، هاڻي انھيءَ گهر ۾ اهي ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ شھباز ماءُ ۽ پيءُ جي اکين جو ٺار آهن، وٽن ڪو بہ ويڳو سسٽم ڪونھي پاڻ ۾ محبت سان رهن ٿا.
قرات العين / عيني شروع کان دولت کي اهميت ڏيندڙ آهي، جا پنھنجي مامي جي پٽ کي بہ غريب سمجهي منھن گهٽ ٿي ڏئي حالنڪہ هو کيس چاهيندو پڻ آهي. دولت کي سڪون سمجهندي آفاق سان شادي ڪندي آهي، جو کيس ڪئناڊا وٺي ٿو وڃي جتي خوب گهمي ڦري زندگي مان لطف اندوز ٿي ٿيئي. پنهنجي مرد جي پيشي ۾ گهڻي مشغوليت سبب هوءَ اڪيلو گهمڻ ڦرڻ بہ لڳندي آهي، جنھن ۾ کيس ڊاڪٽر مصطفيٰ پاڻ ڏي متوجہ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ کيس آفاق بيوقوف ۽ سادو لڳندو آهي ۽ مصطفيٰ عقلمند ۽ Confident ۽ ان ريت هوءَ آفاق سان بحث ڪري طلاق وٺندي آهي ۽ مصطفيٰ سان ٻي شادي ڪندي آهي، جنھن مصطفيٰ ڊاڪٽر لاءِ هُن پنھنجو ٺھيل گهر تباهہ ڪيو، اهو هرجائي نڪتو، کيس غير عورت جي ٻانھن ۾ ڏسي عينيءَ جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون، ناول نگار لکي ٿي تہ:
”اف! انسان ڪيڏو نہ مطلب پرست ۽ خودپرست آهي، خوشين ۾ صرف پاڻ سان محبت ڪري ٿو ۽ جڏهن غم جي دونھاٽيل شام ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو تڏهن کيس غم جو صحرا نظر اچي ٿو. شايد تڏهن ئي محل ۾ رهندڙن کي جهوپڙي نظر نہ ايندي آهي ۽ انڌيري ۾ ئي ديپ ٻارڻ جي ضرورت پوندي آهي.“ (ص- 63)
عينيءَ جي خوشين ۾ ڏار پئجي وڃن ٿا، هوءَ بلڪل ڀڄي ڀُري ويندي آهي، کيس دنيا جي عيش عشرت پاتال جو ترو محسوس ٿيڻ لڳي ٿي، هوءَ موٽ کائي پنھنجي خالقِ حقيقيءَ ڏي مڙي ٿي.
اِتان ئي ناول جي موضوع جي مقصديت ظاهر ٿئي ٿي، شاهہ جو رسالو پڙهندي عينيءَ کي شدت سان احساس ٿئي ٿو تہ هوءَ مورک هئي جنھن پنھنجي پالڻھار جو در ڇڏي ڪوڙا دَرَجانچيا. دولت جي موهہ کيس پنھنجي اصل کان پري ڪري ڇڏيو. شاهہ جي تہ هر سورميءَ ۾ خدا لڪيل هو ۽ شاهہ جي لکيل هر عشق ۾ حقيقي عشق موجود هو. رابعہ بصري، منصور حلاج، عبدالقادر جيلاني ۽ ٻين صوفين جي مطالعي کيس الستي راز ارپي ڇڏيا. مطالعي جو سبب اهو مجازي عشق جي چوٽ هئي، جنھن کان پوءِ هوءَ هڪ نئين دڳ تي هلڻ لڳي هئي. ۽ هاڻي هوءَ ان نتيجي تي پھتي هئي تہ دولت کان وڌيڪ اهم انسان آهي ۽ انسان جي محبت کان وڌيڪ انسانيت جي محبت اُتم آهي ۽ اهو ئي ’عشق لامحدود‘ آهي. هوءَ انسانيت جي خدمت ۾ جنبي ويئي ڪائنات سان گڏ يتيم خاني جي سار سنڀال سان کيس سچو سڪون مليو، هوءَ پنھنجي حياتي ’سوئيٽ هوم‘ جي ٻارن کي سھارو ڏيڻ ۾ گذارڻ لڳي، سندن پيرن تي بيھڻ کيس لامحدود خوشي ڏني.
جيئن تہ ناول هڪ طويل صنف آهي، جنھن ۾ ناول نگار کي ناول جي سڀني جُزن تي توجهہ ڏيڻي پوندي آهي، ڪردارن جي ڀرپور موجودگي جو احساس ڏيارڻ، ڪھاڻيءَ ۾ ربط قائم ڪرڻ، مڪالمن جي اڻت فنڪاريءَ سان ڪرڻ، منظر نگاري، ٻوليءَ جي سهڻي استعمال ۽ ٻين فني ضرورتن جو خيال رکڻ ۽ خاص طور مقصديت جو خيال رکڻ، هڪ سٺي ناول لاءِ ضروري آهي.
زاهدہ تاج ابڙو هڪ ذهين قلمڪار آهي، اجائي ڊيگهہ کان پاسو ڪندي هوءَ مقصدي طور جيڪو ادب تخليق ڪري ٿي ان ۾ سماجي اصلاح جو پھلو موجود آهي. هيءُ ناول پڻ نيڪ نيتيءَ جو پيغام آهي، جنھن ۾ هُن مادي ڊوڙ واري زندگيءَ ۾ پڙهندڙن کي روحانيت ڏي موڙيو آهي ۽ لامحدود عشق جو نظريو هلندڙ حالتن هيٺ سھڻائيءَ سان بيان ڪيو آهي. زاهدہ جو هيءُ پيار جو پورهيو انشاءَ الله ادبي تاريخ ۾ مقام ماڻيندو.

حصو ٻيو: (ادبي ۽ علمي مضمون)

---

سنڌي عورت جي سماجي حيثيت جو مطالعو

قدرت هن دنيا جي واڌ ويجھ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ انساني زندگيءَ جي شروعات مرد ۽ عورت جي تخليق سان ڪئي، جنهن سان اڳيان هلي نسل جي واڌاري سان سماجي گروهن جو بنياد پيو. ارتقا جي شروع دور ۾ عورت ۽ مرد بلڪل ساڳي حيثيت رکندا ۽ زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ برابر جا شريڪ رهيا. پر اڳيان هلي هو مختلف سماجي طبقن ۾ ورهائجي ويا ۽ ان ريت دنيا جي سڀني سماجن ۾ عورت ذات جي حيثيت مختلف وقتن ۾ الڳ الڳ نموني جي رهي آهي. ڪڏهن کيس ”ماءُ“ ۽ ”ديوي“ جي روپ ۾ پوڄيو ويو تہ ڪڏهن مٿس بي جا پابنديون مڙهي ظلم ڪيا ويا. مجموعي طور هوءَ مظلوم ئي رهي.
سنڌي سماج جي تهذيبي اوسر جي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي تہ موهن جي دڙي جي عورت جي حيثيت مٿانهين درجي جي هئي. ماتا ديويءَ جي حيثيت طور سندس پوڄا ڪئي ويندي هئي تہ ويدڪ دور ۾ پڻ عورتن جي گھڻي عزت ڪئي ويندي هئي. آهستي آهستي برهمڻ دور کان سندس عزت ۽ حيثيت تبديل ٿيندي ويئي. آرين مطابق پٽ نہ ڄڻيندڙ ماءُ کي نڀاڳو تصور ڪيو ويندو هو. اڳيان هلي “ستيءَ” جي رسم رائج ٿي. اهو بہ رواج پيو تہ عورت کي پنهنجي عصمت پروريءَ جي ساک لاءِ باھ مان گذرڻو پوندو هو. اهڙيءَ ريت اڳيان هلي سماجي رسمن، قانون ۽ مذهب کي پاڻ ۾ ڏکئي طريقي سان جوڙي عورتن جو استحصال ڪيو ويو.
ڏٺو وڃي تہ سنڌي عورت همت، جرئت، وفاداري، عقلمندي ۽ حب الوطنيءَ جي ڪرداري خوبين سان واڳيل آهي. ٻاگهل ٻائيءَ جي سياڻپ، سنگهار جي ڀيڻ تارا ٻائيءَ جو ڏھ سال حڪومت هلائڻ، همون ٻائيءَ جو درڪ جي قلعي جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي وڃڻ، “ڪويل” جو پنهنجي مڱيندي ”ننگر“ سومري کي موڙ ٻڌائي ڌرتيءَ لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ موڪلڻ، مارئيءَ جو وقت جي بادشاھ سان مهاڏو اٽڪائڻ، مائي بختاور شهيد جو چوڌري محمد جي هارين سان مقابلو ڪري شهادت حاصل ڪرڻ، سنڌ جي اسپيڪر مائي ڄيٺي سپاهيملائي کان شهيد بينظير ڀٽو تائين سنڌي عورت باهمٿ، باسمجھ، باڪردار ۽ بااصول رهي آهي.
موجوده وقت سنڌ جون ڪيتريون نياڻيون علمي ۽ سماجي حيثيت جي بلنديءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن تہ بہ سندن رستن ۾ ۾ ڪي رڪاوٽون ضرور آهن جن تي ڌيان ڌيڻ ضروري آهي. خاص طور اسان جي ملڪي آئين ۾ کين مليل ڪيترائي اهڙا حق آهن جن جي پوئواري نہ ٿيڻ سبب عورتون عدم تحفظ جو شڪار آهن. جيئن تہ ملڪ جي آباديءَ جو وڏو حصو عورتن تي مشتمل آهي جنهن ۾ ستر سيڪڙو عورتون ڳوٺن ۾ محروميءَ واري حياتي گھاري رهيون آهن. شهر جي عورت ڏي ڏسنداسين تہ اها پڻ وڏيءَ محنت سان علم ۽ رزق جي ڪوشش سان گڏ فرضن ۽ جوابدارين ۾ جڪڙيل آهي. هن مرداڻي سماج ۾ عورتن جي فرضن ۽ ذمہ دارين جي فهرست تہ ڊگھي آهي پر کيس مليل قانوني ۽ مذهبي حقن تي ڪنهن جي اک بہ نٿي پوي. هٿ ٺوڪين رسمن ۽ رواجن جي اوٽ ۾ عورت نظرانداز ٿي رهي آهي. جيئن مثال طور عورت کي پسند جي شاديءَ جو حق نہ هئڻ، نڪاح نامي جي اختيارين ۽ حق مهر جو تحفظ نہ هئڻ، مردن جي گھڻين شادين سان عورتن جي نفي ٿيڻ، ننڍيءَ عمر جي يا بي جوڙ شادي ٿيڻ، نياڻيءَ کي ڏاج ڏيئي وراثت ۾ حصو نہ ڏيڻ، طلاق يافتہ يا بيوه کي ڪمتر سمجھڻ، حق بخشرائڻ، ڪارو ڪاريءَ جو ظلم هئڻ، خون عيوض جي بدلي ۾ عورت ڏيڻ، علم جي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون هجڻ، گھريلو، ذهني، جسماني ۽ نفسياتي دٻاءُ هئڻ ۽ ٻيا انيڪ مثال آهن جن جي ڪري اڄ ايڪويهين صديءَ جي سنڌي عورت پڻ پنهنجي حقن لاءِ اڃان جاکوڙي رهي آهي.
اهو ضرور ٿيو آهي تہ موجوده دور ميڊيا جو آهي جنهن وسيلي ڪجھ حد تائين ٿيندڙ ڪارن ظلمن کي پڌرو ڪيو پيو وڃي ۽ ماڻهن ۾ پڻ سجاڳي آئي آهي ڪجھ نہ ڪجھ احتجاج پڻ ٿين ٿا، پر جيستائين عورتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف قانوني ڪاروائيون جلد نہ اُڪلائيون وينديون ۽ مجرمن کي سزائون نہ ڏنيون وينديون اسان جي ملڪ ۾ عورت جي حفاظت جا مسئلا حل نہ ٿيندا.
تعليم هڪ ايڏي وڏي طاقت آهي جا ماڻهوءَ جي شعور جا در کولي پاڻ ڀرو ڪري ٿي اسان کي وڌ کان وڌ پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن کي علم ڏي موڙڻ گھرجي سندن جي لاءِ ان ۾ سهوليتون پيدا ڪرڻ گھرجن تہ هو علمي ۽ عملي سجاڳيءَ سان هڪ مثبت تبديليءَ ڏي مڙن. تہ جيئن سماج ۾ سندن حيثيت مظبوط ٿي بيهي.

سنڌ محبت جي سرزمين آهي

مُحبّت جي ميدانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ،
سُوريءَ سپرينءَ جي، چَڙھُ تہ ٿيين چانگُ،
عشق آهي نانگُ، خَبَرَ کاڌنِ کي پوي.
(17-6، يمن ڪلياڻ)

”سنڌ محبت جي سرزمين آهي“ جي موضوع جي وضاحت کان اڳ ضروري آهي تہ اهو ڏسون تہ محبت ڇا آهي؟ ۽ محبت جي دلي جذبي جي انساني حياتيءَ جي گذر ۾ ڪهڙي اهميت آهي؟ ڇا محبت ۾ اهڙي طاقت آهي جو اها بقا جي حيثيت ماڻي سگهي؟ اچو تہ محبت ۽ نفرت جي تفاوت کي پرکيون ۽ اهو ڄاڻون تہ سنڌ جو خطو محبت جي مڻيا سان ڪيئن واڳيل آهي؟
”محبت“ انساني ڪردار جي هڪ اعلىٰ وصف ۽ ”خداشناسيءَ“ جو ذريعو آهي. رحم دلي، عفو و درگذر، سچائي ۽ اخلاص محبت جا ٿنڀا آهن، جن سان ماڻهو باڪردار ٿي انسانيت جي تعمير ڪري ٿو ۽ انسانيت جي خدمت ئي خدا پاڪ جي عبادت آهي. هيءُ اهو فهم آهي، جنهن سان بنا روزن نمازن جي ”پرين پسڻ“ سهل آهي. حضرت عيسىٰ عليہ السلام موجب تہ: ”جڏهن تون پنهنجي انسان ڀاءُ کي پيار نٿو ڪرين، جنهن کي تو ڏٺو آهي تہ تون اڻ ڏٺي خدا کي ڪيئن ٿو پيار ڪري سگهين؟“
سهڻي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ، ”دل ڏيئي دل وٺڻي آهي“، سو پيار مان ئي پيار پيدا ٿئي ٿو. ڌڻيءَ سڳوري بہ پنهنجيءَ عبادت ۾ ذڪر کي افضل ۽ پنهنجيءَ ياد کي مشروط ڄاڻايو آهي. قرآن پاڪ ۾ آيل آهي تہ:
فَاذۡ کُرُوۡنِيۡ اَذۡکُرُ کُمۡ (سورٰة البقره: آيت 152، رڪوع 2)
(ترجمو) پوءِ توهين مون کي ياد ڪريو تہ آءٌ اوهان کي ياد ڪريان.

محبت جي آفاقي جذبي کان سواءِ معرفت ماڻڻ محال ۽ محبت ئي سڀني دردن جي دوا ۽ وصال جو سچو وسيلو آهي تہ بقا جو پروانو پڻ. محبت ۽ نفرت جا ٻيئي جذبا هڪٻئي جو ضد آهن، محبت پاڪ روحاني ۽ لطيف احساس تہ نفرت دنيا پرستين جي غلاظتن جو ڪارو نقاب، محبت جي الهامي جذبي جي ابتدا تہ پوريءَ دنيا جي قائم ٿيڻ جو ثبوت آهي. انسان سان ڌڻيءَ سڳوري جي محبت ۽ ابليس جي آدم عليہ السلام سان بي انتها نفرت ڪل ڪائنات کي وجود ۾ آندو. حقيقت ۾ محبت جي بيمثال قوت جو انت نہ آهي ۽ محبتين جا ميڙا ئي ڪل عالم ۾ خوشبو پکيڙين ٿا.
هَنج مڙوئي هَنج، ميرو منجھن ناھ ڪو،
جتي رهن سنجھ، سو سَرُ ڪَن سرهو.(شاھ ڪريم)

ازل کان ئي نبين، پيغمبرن، ولين مبلغن، رهبرن، رهنمائن، اديبن، شاعرن مطلب تہ هن ڌرتيءَ جي اڪابرن ماڻهن کي محبت ۽ پيار جا درس ڏيندي نفرت کي ڌڪار جوڳو ۽ محبت کي سونهن ۽ سچائي سڏيو آهي. جنهن کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ هر ڌرتي واسيءَ جي اهم ضرورت آهي.
Beauty is truth, truth beauty. That is all.
Ye, know on earth, and all Ye need to know.
دنيا جا سڀ فلاسفر، شاعر، اديب ۽ رهنما انهيءَ موقف جا آهن تہ جيون جو بنياد فقط ۽ فقط محب، سچ ۽ اخلاص جي سونهن تي مبني آهي. محبت جو سچو جذبو ئي آهي جو انساني حياتيءَ کي سنئين دڳ تي لائي ٿو. سقراط، ارسطو، افلاطون، پلئٽو، والٽيئر، شيڪسپيئر، ٽالسٽاءِ، شيلي، ڪانت، ڪارل مارڪس، سرلزيس، لائوزي، ايزرا، ڪنفيوشس، گردجيف، جي ڪرشنا مورتي، ڪاليداس، گوتم ٻڌ، جلال الدين رومي، ابونصر فارابي، حافظ شيرازي، مولانا جامي، سعدي، خيام، ابن سينا، رازي، محمد بن يحيىٰ، زڪريا، جنيد بغدادي، دوالنون مصري، بايزيد بسطامي، داتا گنج بخش علي هجويري، سيد بختيار ڪاڪي، بابا فريد شڪر گنج، خواجہ معين الدين چشتي، (خواجہ غريب نواز)، خواجہ حسن بصري، بيبي رابعہ بصري، حسين بن منصور حلاج، محي الدين ابن العربي، نظام الدين اولياء، سليم چشتي، مجدد الف ثاني، شاھ ولي الله، قلندر شهباز، قاضي قادن، مخدوم محمد زمان، شاھ ڪريم، شاھ لطف الله قادري، شاھ عنايت شهيد، شاھ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ڀائي چين راءِ سامي، غالب، علامہ اقبال، شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري ۽ ٻين ڪيترن جي پيغام ۾ پيار جي پرچار آهي. مٿي ڄاڻايل هنن ڏاهن جي تعليم جا اثر سنڌ جي خطي تي پيا ۽ ڪافي شخصيتون تہ سڌوسنئون هن ڌرتيءَ سان واسطو رکندڙ آهن.
سنڌ جي سرزمين جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. ننڍي کند جي هن اهم خطي جي جاگرافيائي پکيڙ صديون اڳ وسيع ايراضيءَ تي مشتمل هئي. موهن جو دڙو، هڙاپا، آمري، ڪوٽ ڏيجي، ڪاهوءَ جو دڙو ۽ ٻين قديم ماڳن جي کوٽائيءَ سنڌو ماٿر (Indus Valley) جي سڀيتا (Civilization) تي روشني وڌي آهي. جاگرافي دانن، تاريخ دانن، آڪيالاجيڪل ماهرن موجب هزارين ورهيہ پراڻي هن پرڳڻي جي تهذيب سڌريل رهي آهي ۽ سنڌ جا هر دور ۾ مختلف ٻولين ۽ تهذيبن سان لاڳاپا رهيا آهن. ڪيترين قومن جيئن آرين، يونانين، ايرانين، عربن، ارغونن، ترخانن، انگريزن ڪاهي اچي هتي قبضو ڪيو تہ موجودہ وقت بہ ڪيترائي برمي، بنگالي، افغاني، سوڊاني، آفريڪي، پنجابي ۽ پناھ گير هتي آباد ٿيا آهن. مطلب تہ ڪي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڏتڙيل (IDPS) آهن تہ ڪي هتي جي ڏيھ ڌڻين جا تخت تاراج ڪري قبضو ڪري آيا آهن تہ بہ لالچ لوڀ کان پري صوفياڻي مزاج سنڌين کين هر دور ۽ هر وقت جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. صوفين ۽ ولين جي هيءَ سرزمين ملٽي نيشنل ماڻهن جو ماڳ هوندي بہ خاص طور سنڌي قوم ۽ سنڌو درياءَ جي حوالي سان سنڌ جي سرزمين سڏجي ٿي، جنهن جي فضائن ۾ سُونهن ۽ سرهاڻ آهي، جنهن جي شناخت لطيف جون وايون، ساميءَ جا سلوڪ ۽ سچل جا سڏ آهن، جنهن جي بقا سنڌوءَ جي امرت ڌارا آهي.
صدين کان مان ۽ شان سان قائم هن زمين جا رهواسي محبت/پيار جي عظيم طاقت سان مالامال آهن. پاڪستان جي هن صوبي واسين جو خمير محبت جي مٽيءَ مان ٺهيل آهي. سندن فطرت ۾ سادگي، نيڪ نيتي، مهمان نوازي، امن پسندي، رحم دلي، فرض شناسي، قرباني ۽ پيار جا جذبا موجود آهن. ماڻهپي وارين اهڙين سهڻين خاصيتن سبب مٿن قدرت بہ مهربان آهي.
هن ڌرتيءَ تي پيار جي ٻج جو ڇٽجڻ ۽ ان جي وڌڻ ۽ قائم رهڻ جا ڪافي سبب هوندي بہ چند اهم سبب جيڪي آهن، انهن ۾ سنڌ خطي جي زرخيزي، تهذيبي ۽ تمدني روايتون/روحانيت/مذهب ۽ ماڻهپي جون خوبيون آهن.
سنڌ سونهاري قدرتي نعمتن سان مالامال آهي. هنري، معدني ۽ زرعي طور نوازيل هن خطي جي وڌڻ ويجھڻ، سائي ۽ سرسبز ٿيڻ ۾ فطرت جو وڏو هٿ آهي. انيڪ قومون هتي اچي آباد ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن تہ بہ هن ڌرتيءَ جي بقا جو بندوبست رب پاڪ ڪندو اچي. قدرتي آفتن کان هن زمين جي ٽڪري کي صوفين ۽ نيڪ نيت واسين جي صدقي بچائيندو اچي. هن سرزمين ۾ سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيبي ارتقا جون ڪڙيون، روحانيت جون روايتون ۽ تجربا موجود آهن. انيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ مختلف ثقافتي ۽ تهذيبي پس منظر رکندڙ قومون ۽ ماڻهو هتي اچي رهيا آهن تہ بہ سنڌي قوم ۽ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت هن پرڳڻي جي سڃاڻپ رهي آهي. پيار ۽ عشق جي داستانن، تمثيلي قصن ۽ واقعن کي هن ڌرتيءَ تي هر دور ۾ هينئين سان هنڊايو ۽ ڳايو ويو آهي.
هتي جون تهذيبي ۽ تمدني روايتون ايتريون تہ مضبوط رهيون آهن، جو انهن عوام جي ذهنن ۽ دلين تي سڌو سنئون اثر قائم رکيو آهي. شاعرن، سگهڙن ۽ ڀانن طرفان بيان ڪيل عشق ۽ محبت جي لازوال داستانن، جيئن ”سهڻي ميهار“، ”سسئي پنهون“، ”سورٺ راءِ ڏياچ“، ”مومل راڻو“، ”ليلىٰ چنيسر“، ”نوري ڄام تماچي“ ۽ ٻين قصن هتي جي ماڻهن جي دلين تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. ”هٿين هٿ ڪڙول، پيرين زنجيرون“ هوندي بہ باضمير مارئي سون تي سيڻ نٿي مٽائي سندس هڪ ئي صدا آهي تہ ”مُيائي جياس جي وڃي مڙھ ملير ڏي“. محبت، وفا، قرباني ۽ همت جهڙين وصفن کي ڳائي سنڌ جي صوفين ۽ شاعرن سنڌين جو هڪ محبتي مزاج ٺاهيو آهي. مٿين داستانن کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي عشقيہ قصا عام جي زبانن تي رهيا آهن، جيڪي ڪچهرين محبتي ميڙاڪن، سماع جي محفلن جي سونهن هئڻ سان گڏ سنڌي علم و ادب جو اهم حصو آهن.
حقيقت ۾ ڪنهن بہ ملڪ/رياست جي ترقيءَ جو دارومدار مذهب ۽ تهذيب تي هوندو آهي، جن ٻنهي ۾ بہ تهذيب جو شمار پهرين درجي تي ٿئي ٿو. مذهب سان بہ ماڻهو واڳيل تڏهن ٿيندو، جڏهن منجھس مهذب هئڻ جون خاصيتون هونديون، يعني ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. جن جي وڌڻ ويجھڻ ۽ صحيح عمل ۾ اچڻ لاءِ ”روحانيت“ جي خاص اهميت آهي. روحانيت ئي ماڻهوءَ کي ڳنڍڻ ۽ جُڙڻ سيکاري ٿي. ماڻهوءَ جا احساس ۽ جذبا عملي روين ۾ ظاهر ٿين ٿا. جيڪڏهن سندس سرير ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ نٿو سکي تہ هو ”لوامه“ قوتن جي حوالي ٿي ”فوق البشر“ جي بجاءِ هڪ عام انسان ٿي وڃي ٿو. روحانيت ماڻهنجي اندر ۾ محبت جي جذبي جو ٻج ڇٽي ٿي. محبت جو تعلق دماغ جي بجاءِ دل سان آهي ۽ دلي جذبو/روحاني قوت کي وڌائڻ ۾ ڪارگر هوندو آهي. انصاف، سچ، فلاسافي، ڏاهپ، گيان ۽ پيار جهڙين قوتن ۾ ئي روحانيت جو بنياد پوشيدہ آهي، جيڪڏهن اسين هن سرزمين جو جياپو محبت، سڪون ۽ امن وارو چاهيون ٿا تہ اسان کي مذهب ۽ تهذيب جي واڌاري لاءِ روحانيت کي وڌائڻو پوندو. جيڪو هن مشيني دور ۾ ناممڪن نہ تہ مشڪل ضرور آهي.
جڏهن انسان، انسانيت جي ڀلي ۽ هن ڌرتيءَ جي سک ۽ امن لاءِ ابو بن ادهم جيان ”پرينءَ جي پيارن کي پيار ڪري سندن خدمت ڪندو“ تڏهن ئي سندس دل صحيح معنىٰ ۾ روحانيت ڏانهن مائل ٿيندي. ديني عبادتن سان تہ فقط ايمان اجري ٿو، پر ماڻهوءَ جو من اجري اوجل تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو بي غرض ٿي ٻين جي خدمت ڪري. حديث پاڪ ۾ آهي تہ:
خَيۡرُالنَّاسِ مَنۡ يَّنۡفَعُ النَّاسَ
(ترجمو) توهان مان چڱو ماڻهو اهو آهي، جيڪو ٻين لاءِ ڀلائيءَ وارو هجي.
مطلب تہ فاني انسان جي بقا فقط انسانيت جي بچاءُ ۾ آهي. جيڪا هو پيار ۽ محبت جي پکيڙڻ سان حاصل ڪري سگهي ٿو. کيس هن سنسار جي سونهن ۽ جٽاءَ تي سوچڻ گھرجي جَرَ تي ڦوٽو جيئن جهڙي جيون کي دائمي بنائڻ لاءِ بقا ۽ فنا جي فلسفي تي جڏهن غور ڪبو تہ پوءِ من از خود نيڪ ۽ مثبت لاڙن ڏانهن مڙندو ۽ پوءِ ئي روحانيت جي سکيا عمل ۾ ايندي.
سنڌ جي صوفين، ولين، روحاني رهبرن هتي جي تهذيب ۽ تمدن ۾ قوم جي اجتماعي وجود جي بچاءُ جو پيغام روحانيت وسيلي قائم ڪيو آهي. هن ڌرتيءَ تي ڌارين جي ڪاهن، خونريزين ۽ رتوڇاڻن جي باوجود بہ هنن عام ماڻهن جا اعتماد بحال ڪيا. کين فرقيواريت ۽ انتهاپسنديءَ جي لاڙن کان بچايو آهي. محبت، مروت ۽ خلوص جي جذبن سان کين مالامال ڪري پنهنجين انفرادي ڪوششن سان هن سرزمين جي اجتماعيت کي سنئين دڳ تي لاتو آهي.
وَڳر ڪيو وَتَنِ، پِرت نہ ڇننِ پانَ ۾،
پَسو پَکيئڙن، ،ماڻهنئان ميٺ گھڻُو. (5-4، سُر ڏهر)

تهذيبن جي ترقيءَ، تعمير ۽ مستقل روشن ۽ پائندہ رهڻ جو هڪ اهم وسيلو ٻڌيءَ سان گڏ پيار جي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ آهي. ڪيتريون ئي انساني تهذيبون تاريخ جي تختيءَ تان ميسارجي ويون، سي فقط وحشياڻن عملن، بداخلاقين ۽ نفرتن جي پرچار ڪري، انساني تهذيب جي تاريخ ۾ ڪڏهن بہ اهڙين قومن کي چڱن لفظن ۾ ياد نہ ڪيو ويندو آهي ۽ نہ ئي انهن جي اڳواڻن ۽ انسانيت جي قاتلن کي قارون، نمرود، فرعون، هٽلر، هلاڪو، چنگيز خان، يزيد ۽ ٻيا انهن جهڙا ڀلي اقتداري رهيا ۽ وقتي سک ماڻيائون پر هميشہ جي ڦٽڪار ۽ ڌڪار سندن مقدر رهي آهي.
جي ظلم ڪري ظالم، وقتي کٽي ٿو،
سدا مينهن نفرت جو، ان تي وسي ٿو،
جي مظلوم اصولن تي ڪٽجي مري ٿو،
سدا مينهن محبت جو اُن تي وسي ٿو. (استاد بخاري)

روحانيت جي وڌڻ ويجھڻ ۾ مذهب پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪري ٿو؟ انهيءَ لاءِ اسين اهو چئي سگهون ٿا تہ دنيا جي سڀني الهامي ڪتابن جو مول متو مفتي منجھ ويهاري، من جو محاسبو ڪرڻ، روحانيت جي حاصلات، دنيا جي وهنوار ۾ سچائي ۽ سٺائيءَ جي پرچار ۽ پيار ونڊڻ ۾ آهي. انهيءَ تي جن دل سان عمل ڪيو، سي (Legend) مهان ماڻهو ناممڪن کي ممڪن بنائي تڙپندڙ انسانيت جي خدمت ڪري امر ٿي ويا. وٽن پيار، سچائي، سونهن، قرباني، اخلاص ۽ انصاف مٿانهون رهيو تہ ظلم، بيدردي، بي رحمي، بڇڙائي ۽ برائي نفرت جوڳي رهي.
تاريخ شاهد آهي تہ دنيا جا سڀ مذهب محبتن، نيڪين ۽ اخلاقي قدرن جي پرچار ڪندڙ رهيا آهن. بيشڪ اهي سڀ مذهب ماڻهن کي الڳ الڳ فرقن ۾ تہ ورهائين ٿا، پر سڀني مذهبن جون فلاسافيون ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ سيکارين ٿيون. ڪنهن بہ مذهب ۾ نفرت جي سکيا شامل ڪونهي، بلڪہ انهن ۾ عبادت، يقين جي قوت، گيان، محنت ۽ محبت کي افضل ڄاڻايو ويو آهي، جيڪي ڀلائيءَ ڏانهن راغب ڪن ٿا. دنيا جي مذهبي ڪتابن جيئن: ”قرآن پاڪ“، ”توريت“، ”انجيل“، ”زبور“، ”ويد“، ”پراڻ“، ”اپنشد“، ”رامائڻ“، ”مهاڀارت“، ”گيتا“، ”دمپد“، ”ڪلپ سوتر“، ”ٽين ڪمانڊمينٽ“، ”گروگرنٿ“، ”تاڻويہ چنگ“، زينڊ اويستا“، ”بوڪ آف اسپرنگ“ ۽ ”آٽم“ وغيرہ جو هڪ ئي مقصد آهي دان، ديا، عبادت، اندر جي سچائي، صفائي ۽ پيار ونڊڻ. اسين پالڻهار کي ”رب پاڪ“ چئون يا ”گاڊ“ (God) يا ”ايشور“ چئونس، هو سڀني جي سڏ تي پهچي ٿو، فقط دل جو سچو پچو تعلق کپي.
ڌرمي طور سنڌ خطي جي قديم تاريخ ۾ ويدن، مهاڀارت، رامائن ۽ اپنشدون هتان جي ماڻهن کي پئي متاثر ڪيو آهي. ڪرشن ڀڳتي، رام ڀڳتي، ناٿ پنٿني ۽ نرگن واد هندي ادب ۽ شاعريءَ جون تحريڪون رهيون آهن ۽ عرب دور يعني اسلام اچڻ کان پوءِ هن خطي ۾ سماع ۽ ذڪر جا سلسلا شروع ٿيا، جن جو سنڌ جي عوام تي تمام گھڻو اثر ٿيو. سنڌ جي پکيڙ وسيع هئڻ سبب سنڌ جا ذاڪر ۽ قوال ملتان ۽ لاهور تائين پهتا، جو شيخ فريد شڪر گنج ۽ غوث بہاءُالدين جي دوهن ۾ سنڌي لفظ موجود آهن ۽ خواجہ فريد جو گھڻو ڪلام سنڌي نما پراڻي پنجابيءَ ۾ آهي. سنڌ جي اساسي شاعر قاضي قادن جي ڀاڻيجي ميان مير سنڌيءَ جو مقبرو لاهور ۾ آهي، جتي اڃان تائين ميلو لڳندو آهي. برِصغير جي ڪيترن مسلمان شاعرن هنديءَ ۾ شاعري ڪئي. جيئن بابا رحمان، ملڪ محمد جائسي، امير خسرو ۽ ٻيا. ڀڳت ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال، تلسي داس، ڪالو ۽ ٻين جا دوها سنڌ واسين ۾ عام مقبول هئا. مطلب تہ سنڌ ڌرتيءَ تي مختلف ماڻهن، ٻولين ۽ مذهبن جا اثر قائم ٿيا، جن جو وڏو وسيلو اهي رهبر، رهنما صوفي ۽ درويش بزرگ هئا، جن جي ڪلام ۾ پيار جا پيغام هئا. وٽن مذهبن جا ويڇا، نفرتون ۽ تفرقا نہ هئا. هنن مذهبن کي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪيو. انهن روحاني ۽ مذهبي رهبرن جو مسلڪ ظاهري مذهبي رسمن ۽ مذهبي پيشوائن جي هٺ ڌرميءَ کان هٽي ڪري اصلي طور ”پرين پسڻ“ جي منزل هو. وٽن مذهبي، اخلاقي قدرن ۾ منافقي ممنوع ۽ رياڪاري حرام هئي. پيار ۽ خلوص جي چاشنيءَ سان ”جز وڃايو جوڳئين ڪُل سين آهين ڪم“ جي مصداق هو، پوريءَ ڪائنات جي ڀلي جا حامي هئا. سندن پيغام ”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار“ سان گڏ ”عالم سڀ آباد ڪرين“ آهي.
هن سرزمين جي جياپي لاءِ جن ولين ۽ صوفين پاڻ پتوڙيو، انهن ۾ حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جو نالو وڏي فخر ۽ شان سان وٺي سگهون ٿا.
”شاھ جو رسالو“ دنيا جي سڀني مذهبن جي تعليم جو عڪس آهي. هن پيغام تي نہ ڪڏهن هندوئن کي اعتراض ٿيو، نہ ڪڏهن مسلمانن کي، نہ شيعن آواز اٿاريو، نہ سُني ڪُڇيا، نہ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ کي هن ڪلام ۾ ڪو نقص نظر آيو، نہ ئي غير سنڌين اڄ تائين هن رسالي تي ڪا تنقيد ڪئي آهي. مطلب تہ جڏهن جڏهن، جنهن جنهن ٻوليءَ ۾ بہ هن شاعريءَ کي پڙهيو ۽ پرکيو ويو آهي تہ پوريءَ ڪائنات جي لاءِ پيار جو پيام ٿي ظاهر ٿيو آهي.
”جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين“ جي دعوىٰ ڪندي هن اعلىٰ پايي جي بزرگ سنڌ واسين کي ”اهل ڪتاب“ هئڻ جي شرف سان نوازيو آهي. هو فقط شاعر نہ هو، بلڪہ سنڌ ڌرتيءَ جو رهبر، رهنما ۽ وڏي ۾ وڏو سماج سڌارڪ هو، جنهن سنڌي سماج کي ”مهذب ۽ ترقي يافتہ سماج“ بنجڻ جا طريقا ڏسيا آهن. هن چاهيو ٿي تہ، هتي جا ماڻهو آزادين جي نعمتن سان نوازيل هجن. هتي خوشحاليون ۽ خودمختياريون ڪَرَ کڻي اچن، هتي جو هر شخص مقصدي واٽ ڏانهن ڪاهيندڙ ۽ همٿائيندڙ هجي، تہ هتي محبتون ۽ محنتون مرادون ماڻين. هيءُ اهڙو سماج هجي، جتي هاريءَ جي هر کيڙڻ ۽ شاعر جي شاعريءَ ۾ فرق نہ هجي، جتي حجم، هاري، لوهار، ڪڙمي، ڪاسبي ۽ ڪنڀار جي عزت مٿانهين هجي، تڏهن ئي تہ هُن سنڌ جي عام طبقي جي معرفت محبت جا درس ڏنا.
ڪَڙو منجھ ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.
(5-2، بردو سنڌي)
هلو تہ هلون ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن،
ڳنڍن سارو ڏينهن، ڇِنڻ مُور نہ سکيا.

محبت جي عظمت نهائينءَ جي معرفت سمجھائيندي شاھ صاحب چون ٿا تہ:
نينهن نهائينءَ کان سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نہ نڪري.

خوديءَ کي راھ مان هٽائيندي، نياز نوڙت ۽ نينهن وڌائڻ جا سبق ڏنائون تہ محبت ۾ فنا کي ”حياتِ جاودان“ سڏيائون. ”پاڻ ۾ کڻج پاڻسين وسيلا سڀ وسار“، ”هيڪر هئڻ ڇڏ تہ اوڏي ٿيئين عجيب کي“، ”مون سين مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا“، ”پيڪين سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان پِرَ تان“، ”سوري آھ سينگار اصل عاشقن جو“، ”ڏوريندن کان ڏور پرين پرانهون نہ ٿيئي“ ئي سندن پيغام آهي. مذهبن ۽ مسلڪن تان ٿيندڙ فسادن کي هتي هفت زبان شاعر هن ريت ٻنجو ڏنو.
مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو مُنجھايا،
شيخي، پيريءَ، مريديءَ بيحد ڀُلايا،
ڪي نوڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا، عشق وارا عمل کي.
(سچل سرمست)
ظاهري مذهبن جي پرچار جي بجاءِ هنن روحاني طور ماڻهن جون دليون کٽي کين مضبوط ڪيو. سماع ۽ ذڪر جي سلسلن ذريعي معرفت ۽ محبت جا سنيها عام ڪيا. شاھ ڪريم ۽ شاھ ڀٽائيءَ تہ سماع کي حياتيءَ جو لازمي جز قرار ڏنو، انهن سڀني جي تعليم جا اثر اڄ بہ قائم آهن.
سنڌ جي ماڻهن ۾ محبت جي موجودگيءَ جو وڏو سبب ”ماڻهپي“ جي وصف جو هئڻ آهي. نيڪ اخلاقي وصفن جو مجموعو، جنهن ۾ پيار جي وصف سرِفهرست آهي، سو ئي ”ماڻهپو“ آهي. انسانن سان ڀريل هن دنيا ۾ ماڻهپي جي خوبي هر انسان ۾ موجود ناهي هوندي. انسان سڀ برابر آهن، پر ماڻهو سڀ برابر نہ هوندا آهن. ماڻهپي جون ڪي خاصيتون آهن، جيڪي هڪ انسان کي ٻئي کان اعلیٰ بنائين ٿيون. شاھ سائينءَ جي ئي لفظن ۾ تہ:
ماڻهو سڀ نہ سهڻا، پکي سڀ نہ هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.

بهار جي ٿڌيءَ هير جھڙن ماڻهن جي ڪري مذهبي، لساني، علائقائي، نفرتون مٽجي محبتن ۾ تبديل ٿين ٿيون. دليون کٽڻ واري عظيم ماڻهپي جي قوت سان رنجشون، ڏک، ڏوراپا گھٽجي ڏورانهيون ڏور ٿين ٿيون. اهڙن ڪاڪ ڪڪوريل ڪاپڙين سان ئي هن سرزمين تي سوجھرو آهي، بلڪہ تنوير عباسيءَ جن تہ اڃان بہ ٻہ قدم اڳتي وڌي پراميد هوندي اهو چئي ويا آهن تہ:
هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،
ڄاڻي ڏس تہ سهي اڻ ڄاڻ،
هر ڪا دل درياھ،
ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيار،
هر ڪو سينو سمنڊ،
تري ۾ جنهن جي ڪئي اسرار.

حاصل مطلب تہ اسين بلڪل يقين سان چئي سگهون ٿا تہ صوفين ۽ نيڪ نيتن جي هيءَ سرزمين پيار، امن ۽ سڪون جي سرزمين آهي، جنهن ۾ مختلف وقتن ۾ افراتفري ۽ بدامني بيشڪ رهيا بہ آهن، پر انهيءَ جو مقصد اهو هرگز ڪونهي تہ سنڌ جو مستقبل تاريڪ آهي. اهڙي سوچ، مايوسي، نااميدي ۽ بي همٿيءَ جي علامت آهي. هن ڌرتيءَ تي قدرت جي مهر آهي. اڄ بہ اهڙا املھ ماڻڪ موجود آهن، جي هن سرزمين کي سرڳ سمان بنائڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، جيڪي مفلسين ۽ جھالتن جون پاڙون پٽڻ لاءِ ڪوشان آهن، تتيءَ ٿڌيءَ ويهڻ عبث ٿا ڄاڻن. اعلیٰ مقصدن لاءِ جيون کي انمول ڪرڻ جو امر راز ڄاڻن ٿا. اهڙن سڄاڻن جي ئي ڪري هيءُ خطو صدين کان پيار ۽ امن جو ھندورو آهي.
اچو تہ گڏجي عهد ڪريون تہ نفرتن جي پاڙ پٽي، محبتن جا ميڙا مچايون، علم، ادب ۽ تهذيبي وسيلن وسيلي لطيف جي ڌرتيءَ جي ايندڙ نسل کي محبت ۽ محنت جي سوجھري سان منور ڪريون. ناحق کان نفرت ڏياري، پنهنجي حقن جي حفاظت ڪري، امن ۽ پيار جا گل وکيريون.
(هن مضمون تي مون کي ڪينيڊين ايسوسيئيشن ۽ جَسِ جي اشتراڪ سان ٿيل پروگرام ۾ مضمون نويسيءَ جي مقابلي تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ايوارڊ ڏنو ويو)

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون

(ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ ۽ ادبي ڪتابن جي مقدار جو جائزو)

ٻولي انساني اظهار جو اهم ذريعو آهي، تہ ذهني ۽ علمي شعور پڻ، ٻوليءَ جي ئي وسيلي انسان پنهنجي خيالن جو اظهار زباني ۽ تحريري طور ڪري ٿو. ڪنهن بہ سماج جي مهذب هئڻ جي تصوير ان سماج ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين جي ادب ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ تحقيق اهو ادب ئي آهي جنهن جي تخليق سان نہ فقط سماج ۾ هاڪاري تبديلي اچي ٿي پر خود انهيءَ ٻولي جي واڌ ويجھ تي پڻ حيرت انگيز اثر ٿين ٿا. مطلب تہ ٻوليءَ ۽ ادب جو پاڻ ۾ گھاٽو سٻنڌ آهي، انهيءَ ڪري هن مقالي جي موضوع کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ ضروري آهي تہ ٻوليءَ ۽ ادب جي گڏيل تعلق تي ڪجھ مختصر روشني وجھجي تہ جيئن موضوع جي وضاحت آسان طريقي سان ٿي سگهي. ڊاڪٽر فهميدہ حسين ٻولي ۽ ادب جي لاڳاپي تي لکي ٿي تہ،
”لکڻ جي فن سان ٻوليءَ جو تمام گھاٽو لاڳاپو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٻولي ان جو وسيلو آهي، خاص ڪري سهڻا سهڻا لفظ جنهن سان ڏات ڌڻي هڪ سگهارو فارم يا گھاڙيٽو اختيار ڪري ٿو، جيڪو ماڻهوءَ جي جذبن ۽ سوچن تي اثرانداز ٿي منجھس انسان جي تخليقي صلاحيت تي حيرت، فخر ۽ خوشيءَ جا جذبا اڀاري ٿو“. (1)
مٿئين حوالي مطابق اها چٽائي ٿيئي ٿي تہ هر عام ڳالهايل ٻولي ادب جي اظهار جو ذريعو نہ آهي. بلڪہ سهڻن لفظن واري ادبي ٻولي ادب جي اظهار جو ذريعو آهي ۽ عام ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ واضح فرق هجي ٿو. ادبي ٻولي هنڌائتن حسين لفظن، اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين، گفتارن، تشبيهن، اصطلاحن، استعارن ۽ ٻين انيڪ خوبين سان سينگاريل هجي ٿي. جنهن ۾ اثرانگيزيءَ جي قوت خاص حيثيت رکي ٿي. ادبي ٻولي ۽ ادب جو دائرو هڪٻئي سان مضبوط جڙيل آهي. جيئن ڊاڪٽر عرساڻي انهيءَ ڳانڍاپي تي لکي ٿو تہ: ”ٻولي ۽ ادب ٻئي پنهنجي پنهنجي دائرءِ عمل ۾ هڪٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا“. (2)
ادب ۽ ٻوليءَ جي انهيءَ ٻوليءَ جي گڏيل عمل (Interaction of language & literature) معرفت ڪيترائي اثرانگيز ۽ اڻملھ فن پارا انساني حياتين کي سنئين دڳ تي لائي ويا.
ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي ذريعن ۾ اهم ذريعو ڪتابي علم آهي، دنيا جي اها قوم ترقي يافتہ شمار نٿي ٿي سگهي جا پنهنجي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي خزاني کان وانجھيل هجي. جنهن ٻوليءَ ۾ وڏي مقدار ۾ علمي ۽ ادبي ڪتاب نہ آهن، سا سکڻي ۽ سڃي ٻولي آهي ۽ اهڙو سماج ڪڏهن بہ ترقي ڪري نہ سگهندو جنهن جي ترجماني انهيءَ سماج جي سڄاڻن، سمجھوئن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن معرفت نہ ٿيندي هجي. انهيءَ ترجمانيءَ جو وڏو وسيلو ڇپيل ڪتابن جي موجودگي آهي ۽ اهوئي ادب يا لٽريچر يا ساهتيہ آهي، جيڪو نثر ۽ نظم جي ٻن اهم شاخن ۾ ورهايل آهي.
سنڌي ٻولي هڪ علمي ۽ ادبي ٻولي آهي، جنهن جي نظم واري حصي ۾ ڳاھ، ڳيچ، بيت، وايون، ڪافيون، غزل، دوها، قطعا، ٽہ سٽا، چو سٽا، ترائيل، سانيٽ، منظوم ناٽڪ ۽ ٻيو نظمي مواد شامل آهي تہ نثر جي ڀاڱي ۾ ڏند ڪٿائون، داستان، آکاڻيون، قصا، ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ، مضمون، مقالا، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، سفرناما، انٽرويو، تقريرون، ساروڻيون، مقدما، مهاڳ، خط، ڊائريون، لوڪ ادب، تنقيد، تحقيق، لطيفيات ۽ ٻيو نثري مواد شامل آهي. ادب جو اهو مٿيون شعوري خزانو اسان وٽ ڪتابن جي صورت ۾ محفوظ ٿيو آهي. اڄ جيڪڏهن نثر ۽ نظم جي انهن صنفن ۾ ڇپيل ڪتاب اسان وٽ موجود نہ هجن ها تہ يقيناً ٻولي ۽ ادب جي ارتقائي صورتحال هن ريت نہ هجي ها جهڙيءَ ريت هلندڙ وقت ۾ موجود آهي. اسان جيڪو پنهنجي ماضيءَ جي تخليقي ادبي ورثي تي خوش ۽ مطمئن آهيون يا انهيءَ ورثي تي فخر سان ڪنڌ کڻي هلي پيا سگهون ۽ اڄ ٻوليءَ ۽ ادب جي مسقبل تي سوچ ويچار ڪرڻ جي قابل ٿيا آهيون انهيءَ جو سبب صرف انهيءَ شاندار ادبي سرمايي جي موجودگي آهي، جنهن جي حفاظت ۽ وڌائڻ ويجهائڻ ۾ سڄاڻن، عالمن، محققن، اديبن، شاعرن، استادن ۽ شاگردن سان گڏ انهن ٻوليءَ ۽ ادب سان چاھ رکندڙ پڙهندڙن جو وڏو حصو آهي. جيڪي انهيءَ کي جيئارڻ لاءِ جتن ڪندڙ ۽ ڪتب خانا قائم ڪندڙ آهن. ڪتابي دنيا جي هن مڪمل نيٽ ورڪ ۾ ڇپائيءَ جي ادارن، ڪتابن ڇپائيندڙن ۽ عام تائين وڪرو ڪري پهچائيندڙن جو جيڪو هٿ آهي، اهو ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۾ تمام اهميت جوڳو آهي. مطلب تہ اهي ڇاپخانا، پبلشرز، پرنٽرز ۽ ڊسٽريبورٽرز ئي آهن، جن جي ڪري ليکڪن جون تخليقي قوتون ڪتابي صورت وٺي عام تائين پهچي مڃتا ۽ مان ماڻين ٿيون.
ڇپائيءَ جا ادارا سنڌ ۾ ڪڏهن قائم ٿيا؟ عام جام ڪتاب ڪهڙي وقت کان ڇپجڻ شروع ٿيا؟ هيستائين جي ڇپيل ڪتابن جو مقدار ۽ معيار ڪهڙو رهيو آهي؟ ڇا هلندڙ وقت ۾ ادبي ڪتابن جي ڳاڻيٽي ۽ معيار کان مطمئن ٿي اهو چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي ادب ترقيءَ ڏي روان آهي، يا تحقيق ڪي رڪاوٽون موجود آهن؟ انهن سوالن سان گڏ ٻيا ڪيترا سوال آهن، جن جي تفصيلي جوابن جي گھرج اهم آهي. مٿي ڏنل تمهيد جو حاصل مطلب اهو آهي تہ تخليقي ادب جي تيز رفتار اشاعت ادب ۽ ٻوليءَ جي ڪاميابيءَ ۽ واڌاري جي ضمانت آهي هاڻي اچو تہ ماضيءَ جي حوالي سان موجودہ وقت جي ڇپيل تخليقي ادب جي ماپن جو جائزو وٺون جنهن کي 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ جي ٻن دورن ۾ ورهايو اٿم منظوم ديني ادب ۽ آخوند عزيزاللہ جي قرآن پاڪ جي نثري ترجمي ۽ ڪجھ ٻئي نثري مواد کان پوءِ سنڌي ادب جي ڪتابن جو باقاعدہ ڇپجڻ انگريز دور کان شروع ٿيو. جڏهن کان ڇاپخانا قائم ٿيا نہ تہ انهيءَ کان اڳ جا ڪتاب دستخط ڪتابن جي صورت ۾ هئا. خانبهادر صديق ميمڻ موجب تہ:
”سنڌي ادب جي نظم واري دور کان پوءِ هي نئون دور وري نثر کان شروع ٿيو جنهن جي پٺيان نظم جا نوان نوان ڪتاب بہ شايع ٿيندا رهيا. انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ سان سنڌ جو لاڳاپو بمبئي سان ٿيو جنهن ڪري پهرئين دور وارو لٽريچر جو ٽي سئو کن ورهيہ رڳو دستخط ڪتابن جي صورت ۾ پيو هلندو هو، سو بمبئيءَ ۾ ليٿوگراف ڇاپخانن جي جاري ٿيڻ ڪري ڇاپجڻ ۽ سنڌ ۾ عام جام نيڪال ٿيڻ لڳو هڪڙي پاسي سرڪار طرفان اهل قلم جي همت افزائي جون قيمتي ڪوششون ٿيون ۽ ٻئي پاسي علم دوستن کي پاڻئون تصينفات جو دلي شوق جاڳيو تنهن ڪري نوان نوان سنڌي ڪتاب لکجڻ ۽ ترجمو ٿيڻ شروع ٿا“. (3)
اهڙيءَ ريت انگريز حڪومت طرفان ڇاپخانن جو قائم ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ مقرر رسم الخط مقرر ڪرڻ مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ، سرڪاري ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مقرر ڪرڻ، تعليم کاتو قائم ڪرڻ، درسي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکائڻ، مترجمن ۽ اديبن کي انعام ۽ اڪرام ۽ اعزاز ڏيڻ، لغتون ۽ گرامر جا ڪتاب تيار ڪرائڻ، اخبارون ۽ رسالا جاري ڪرائڻ ۽ خاص طور علمي ۽ ادبي ڪتابن جي ڇپرائڻ تي ڌيان ڌرڻ سندن اهم ڪارناما هئا. 1852ع ۾ سنڌي صوتخطيءَ جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ 1853ع کان 1875ع تائين 22 سالن جي عرصي ۾ ڪل 66 ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نثر ۽ نظم ۾ شايع ٿيا. بيشڪ انهن ڪتابن ۾ درسي ڪتابن جو انگ وڌيڪ هو تہ بہ آکاڻين قصن، داستانن ۽ تاريخ جي ڪتابن سان گڏ ناول ”راسيلاس“ (مترجم نولراءِ آڏواڻي، اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي) سان ناول نگاريءَ جي صنف جو بنياد پيو ۽ ”شاھ جو رسالو“ پهريون دفعو ڊاڪٽر ٽرمپ 1866ع ۾ جرمنيءَ جي شهر لپزگ مان ليٿو پريس مان ڇپرايو. اهڙيءَ ريت ڪجھ ڪتاب ٻاهران ڇپيا پر پوءِ گھڻي ڀاڱي هتان جي ڇاپخانن ۾ ڇپجڻ لڳا.
پهريون ليٿو گراف پريس مرزا مخلص علي قائم ڪيو. سرڪاري طور پهريون ڇاپخانو 1866ع ۾ تعليم کاتي طرفان قائم ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ آهستي آهستي گڏيل هندوستان ۾ ڪيترائي ڇپائيءَ جا ادارا قائم ٿي ويا، جن اخبارن جي ڇپائيءَ سان گڏ وڏي مقدار ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب شايع ڪيا، شاھ عبدالڪريم، قاضي قاضن، شاھ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مواد شايع ٿي عام تائين پهتو ۽ نثر ۾ بہ نيون صنفون متعارف ٿيون، جنهن ۾ افساني، آتم ڪهاڻي ۽ سفرنامي جي شروعات ٿي تہ ٻاراڻي ادب، لطيفيات، تنقيد ۽ تحقيق ۾ معياري پر مناسب مقدار ۾ ڪم ٿيو. سوانح، مضمون ۽ ناول عروج ماڻيو. هن دور جا گھڻا تڻا ناول نگار هندو هئا ۽ سندن ذاتي ڇاپخانن سبب ناول جي صنف وڏي ترقي ڪئي. سون جي ڳاڻيٽي ۾ ترجما ڇپيا ۽ اصلوڪا ناول ڇپيا. جيئن ”زينت“ (مرزا قليچ بيگ)، ”نور توحيد“، ”سسي نيزي پاند“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، (ڏيپلائي صاحب سنڌي ناول نويسيءَ جو سرواڻ ناول نگار سڏجي ٿو هن ڪل منو سئو ناول لکيا جن ۾ گھڻا اسلامي ۽ تاريخي ناول 1947ع کان اڳ لکيا ۽ ٻين قومي، اخلاقي ۽ سماجي موضوعن تي 1947ع کان پوءِ لکيائين) ”نورجهان“ (ڊاڪٽر گربخشاڻي)، ”غريبن جو ورثو“ (نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻي) ۽ ٻيا ڪيترائي ناول هئا. مضمون نويسيءَ ۾ گل ڦل، (مرتب پرمانند ميوا رام)، ”گلدستو“ (ليلارام)، ”مقالات الحڪمت“ (ترجمو، مرزا قليچ بيگ)، ”سير ڪوهستان“ (الهبچايو سمون)، ”ادبي آئينو“ (ڪشنچند عزيز) ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
اهڙيءَ ريت مختلف موضوعن تي نثر ۽ نظم ۾ ڪتاب ڇپيا، نثر جا لکندڙ، ديوان ننديرام سيوهاڻي، ڪوڙومل، ڏيارام گدومل، محمد صديق ميمڻ، ديوان نولراءِ آڏواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرومل آڏواڻي، پرمانند ميوا رام، لالچند امرڏنومل، آخوند وفا عباسي، عثمان علي انصاري، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڪيولرام سلامت راءِ ۽ ٻيا هئا. تہ شاعريءَ ۾ خليفو گل محمد، سيد فاضل شاھ، مير حسن علي خان، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد غلام مرتضىٰ شاھ، فقير قادر بيدل، محمد حسن بيڪس، سيد مصري شاھ، پير محمد اشرف شاھ، شمس العلَّماء مرزا قليچ بيگ، ليکراج عزيز، ڪشنچند بيوس، حمل فقير لغاري، غلام محمد شاھ گدا ۽ ٻين ديوانن جا ديوان لکيا.
انگريز دور جي عالم، اديب، شاعر ۽ محقق مرزا قليچ بيگ جو سنڌي ادب تي وڏو احسان آهي. جو هن نثر ۽ نظم ۽ انيڪ موضوعن تي طبعزاد توڙي ترجمي جي صورت ۾ مڪمل ڪتاب لکيا ۽ سندن ڪتابن کي وڏي مقبوليت ملي. اڄ بہ 150 سال گذرڻ کان پوءِ مرزا صاحب جا لکيل ڪتاب ”زينت“، ”سائو پن يا ڪارو پنو“، ”مقالات الحڪمت“، ”ديوانِ قليچ“ ۽ ٻيا ڪيترا تاريخ، لسانيات، گرامر، لطيفيات جا ڪتاب ۽ شيڪسپيئر جي ڪتابن جا ترجما اهميت رکندڙ آهن. ڊاڪٽر الانا لکيو آهي تہ:
”هن دور ۾ مرزا قليچ بيگ سنڌي نثر نويسيءَ واري حصي جو علمبردار هو. هن صاحب شاعريءَ ۾ پڻ جديد صنفن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو، سندس اها ڪوشش سنڌي شاعريءَ ۾ جدت مڃي ويئي آهي. مرزا صاحب سنڌي ٻوليءَ کي رباعيون، مثنويون، مسدس نظم ۽ گيت ڏنا. انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ۽ نمائندہ شاعرن جا چونڊ نظم، سانيٽ ۽ ترائيل وغيرہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري انهن صنفن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ متعارف ڪرايو“. (4)
سنڌي ادب جي تاريخ جو اونهو اڀياس اها ڄاڻ ٿو ڏئي تہ 1947ع کان اڳ نثر توڙي نظم ۾ ڪتابن جو معيار ڇپائيءَ جي لحاظ کان بلند هو. انهن ڪتابن ۾ صورتخطيءَ جون غلطيون نہ هئڻ برابر آهن. ڪتابن جا پروف ڌيان سان چڪاسيل آهن ۽ انهن ۾ بيهڪ جون نشانيون سهڻائيءَ سان ڏنل آهن. مثال طور جيڪڏهن فقط ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو ”شاھ جو رسالو“ جي ٽن جلدن (ڪمشنر ڇاپو) جو مطالعو ڪبو تہ معيار کي داد ڏيڻو پوندو. انهيءَ دور ۾ ادب جي ترقيءَ ۾ ڪيترن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ڇپائيءَ جي ڪم کي هٿي ڏني هئي جن مان ڪي هن ريت آهن.
ڪمشنر آفيس ڇاپخانو ڪراچي، سنڌ گزٽ ڪمرشل پريس، گورنمينٽ بڪ ڊپو حيدرآباد، سنڌ گزٽ پريس سکر، آسا ساهت مئڊل، ايجوڪيشنل پبلشنگ پريس، سنڌ مسلم سوسائٽي، نئين سنڌ لائبريري، سنڌي ساهتيہ سوسائٽي ڪوڙومل سنڌي ساهيتہ منڊل، سنڌ پبلشنگ هائوس، ڀارت پريس، جارج پرنٽنگ پريس، هند سڀا، سنڌي اديبن جي مجلس، سڌار سڀا، گرسنگت، سک ٽرئڪٽ، رتن ساهتيہ منڊل، ڀارت جيون، سنڌي ڪتاب گھر، پوڪرداس ڀوڄرداس، سنڌ ساهت ٿيوسافيڪل سوسائٽي، رابندر ناٿ ٽئگور سوسائٽي، مرڪن ٽائيل سوسائٽي ۽ ٻيا ڪيترائي ڇپائي جا ادارا هئا. سيد مظهر جميل ”جديد سنڌي ادب“ ۾ 1005 صفحي تي ڄاڻ ڏني آهي تہ ”1947ع کان اڳ فقط سنڌ جي وڏن شهرن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڇپائيءَ جي ادارن جو انگ هڪ اندازي مطابق 115 جي قريب هو“. (5)
هاڻ جيڪڏهن 1947ع کان پوءِ وارن ڇپائيءَ جي ادارن جو جائزو وٺبو تہ وڏي تبديلي نظر ايندي. پاڪستان ٺهڻ بعد صورتحال بلڪل مختلف ٿي ويئي، سرحدن جي ورهاست سان سنڌي ادب جو ڇپجڻ لکجڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. سنڌ ۾ ڇپائيءَ جي ادارن جا مالڪ گھڻي ڀاڱي سنڌي هندو هئا جن جي هندوستان لڏي وڃڻ سان اهي ادارا قائم رهي نہ سگھيا ۽ گھڻا انهن مان بند ٿي ويا. هندوستان لڏي ويلن لاءِ اتي وڏا معاشي مسئلا هئا. ٻنهي ملڪن جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ معاشي حالتن جي ابتريءَ سبب ادب ۾ وقتي ماٺار اچي ويئي پر پوءِ ڪجھ وقت کان پوءِ ڇپائي جي ادارن جو قائم ٿيڻ شروع ٿيو.
”ڀارت کان لڏي آيل واپارين مان ڪن واپارين نہ فقط ڪتابن جا دوڪان کوليا پر انهن سنڌي ڪتابن جي ڇپائڻ جو سلسلو پڻ هٿ ۾ کنيو. هن سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ آر.ايڇ احمد اينڊ برادرس، ميشرس يوسف اينڊ برادرس، ڪتابن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ اڳيان اڳيان هئا. انهن کان سواءِ مولانا محمد عثمان ڏيپلائي ۽ بشير احمد اينڊ سنز وارن پڻ هن ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو.ڏيپلائي صاحب، شاھ جي رسالي جو انتخاب ڇپايو، ان کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ناولن ڇپائڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو. آزاد بڪ ڊيپوءَ طرفان محترمہ غلام محمد شهواڻي جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي جو نسخو ڇپايو ويو“. (6)
اهڙيءَ ريت آهستي آهستي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڇاپخانا جاري ٿيا جي هن ريت آهن.
”اسلاميہ دارالاشاعت، سنڌ سڌار سوسائٽي، ماڊرن سنڌ پبلشنگ هائوس، زندگي پبليڪيشن، جيلاني پبليڪيشن بدين، جميعت الشعراءَ لاڙڪاڻو، ايجوڪيشن بڪ ڊپو، زيب ادبي مرڪز، انجمن فروغ ادب هالا، موتي رام ايس راماڻي، سردار پرنٽنگ پريس گاڏي کاتو، فردوس پبليڪيشن هالا، سهڻي پبليڪيشن، روح رهاڻ پبليڪيشن، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، سنڌ ثقافت کاتو، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌي ساهت گھر، نيو ٿنڪرس فورم، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، جي ايم سيد اڪيڊمي، آزاد ڪميونيڪيشن، اردو سنڌي فائونڊيشن، مارئي سماجي سنگت ڪراچي، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، واڳڻو در، روشني پبليڪيشن، گنج بخش پبليڪيشن، ادبيات حيدرآباد، پيس پبلشرز، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ذڪي پرنٽرز، ساحل پبلشرز، مارئي اڪيڊمي. پوپٽ پبلشنگ خيرپور، ڪاڇو پبليڪيشن، سنسار پبليڪيشن، پيڪاڪ پرنٽرز، ڪويتا پبليڪيشن، ڪاٺياواِڙ اسٽور ڪراچي، پاپولرز پرنٽرز ۽ هندستان ۾ ساهتيہ اڪيڊمي دهلي، بمبئي ڪونج پبليڪيشن، پرميلا پبليڪيشن، الهاس نگر ۽ ٻيا ادارا قائم ٿيا جن ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا آهن.
ورهاڱي کان پوءِ جي لکندڙن ۾ علامہ آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، جي.ايم سيد، حسام الدين راشدي، علامہ غلام مصطفۍٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، مخدوم محمد صالح ڀٽي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، جمال ابڙو، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، امر جليل، طارق اشرف، نسيم کرل، ڊاڪٽر فهميدہ حسين، نورالهدۍٰ شاھ، نصير مرزا، الطاف شيخ، عبدالحئي پليجو، عطا محمد ڀنڀرو، بدر ابڙو، ولي رام ولڀ، مخدوم طالب المولۍٰ، محمد بخش “واصف”، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، محمد صديق مسافر، استاد بخاري، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، تاجل بيوس، ملڪ نديم، امداد حسيني، سحر امداد، اياز گل، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻين جا ڪتاب شايع ٿيا آهن. انهن ڇاپخانن معرفت نثر ۽ نظم جا شاهڪار ڪتاب شايع ٿيا، جن کي وقت جي دز اڄ تائين لٽي نہ سگهي آهي. جيئن ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول، سفرنامي، مضمون نويسيءَ ۾ ”پشو پاشا“ (جمال ابڙو)، ”آبِ حيات“ (غلام رباني آگرو)، ”بلو دادا“ (اياز قادري)، ”ڊمي“، ”چوٽيهون در“، ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ (نسيم کرل)، ”جڏهن مان نہ هوندس“، ”دل جي دنيا“، ”ٽيون وجود“ (امر جليل)، ”لهر لهر زندگي“ (ماهتاب محبوب)، ”جلاوطن“، ”ڪربلا“ (نورالهدۍٰ شاھ)، ”سانگھڙ“ (محمد عثمان ڏيپلائي)، ”شڪنتلا“ (رشيد احمد لاشاري)، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آ“ (سراج ميمڻ)، ”همہ اوست“ (آغا سليم)، ”اندر جنين اڃ“ (ماهتاب محبوب)، ”ڏوري ڏوري ڏيھ“ (تنوير عباسي)، ”هو جي وڻ ولات جا“ (عبدالحئي پليجو)، ”بندر بازاريون“ کان (الطاف شيخ جا هڪ سئو سفرناما)، ”سنڌي سٻاجھڙا“ (اسماعيل عرساڻي)، ”ڳالھ ٻولھ“ (گرداس واسواڻي)، ”ويچار“ (هرومل سدارنگاڻي) ۽ ٻيا تنقيد، تحقيق، لطيفيات، ٻاراڻو ادب ۽ ڪيترن موضوعن تي سوين ڪتاب شايع ٿيا آهن. نظم ۾ پڻ شاعرن پاڻ ملهايو آهي. شيخ اياز سنڌي شاعريءَ کي ”ڀؤئر ڀري آڪاس“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”اٿي اور الله سين“ ۽ ٻين شاهڪار ڪتابن سان مالا مال ڪيو آهي تہ مخدوم طالب المولۍٰ، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ ٻين جي شاعريءَ جي مجموعن سان ادب جي نظم واري ڀاڱي ۾ وسعت آئي آهي.
مٿين هن بنيادي تفصيل کان پوءِ آئون پنهنجي اصل موضوع يعني ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ ۽ تخليقي ادب جي ڪتابن جي مقدار ۽ معيار ڏي اچان ٿي. مٿي جيڪو جائزو ڏنو ويو آهي، اهو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي دور جو آهي. پر هتي جيڪڏهن 1947ع کان جي دور جي ڇپيل ادب کي بہ ٻن حصن 1947ع کان 1980ع ۽ 1980ع کان 2010ع تائين ۾ ورهائي ڇنڊڇاڻ ڪبي تہ ڪي نيون حقيقتون سامهون اينديون جن سان نہ فقط موضوع جي چٽائي احسن طريقي سان ٿيندي پر هن اهم مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي.
حقيقت ۾ سنڌي ادب جي اشاعتي ترقيءَ جو درجي وار اڀياس هڪ وڏو اڀياس آهي، جو هڪ مقالي ۾ آڻڻ ممڪن نہ آهي، پر هتي مختصر طور هن ڪانفرنس وسيلي چند اهم نڪتن کي ٻڌندڙن کي ذهن نشين ڪرائڻ چاهينديس جيڪي هلندڙ وقت ۾ ڇاپخانن ۽ ڇپيل ادب جي ڪميءَ بابت آهن ۽ اهو بہ ڄاڻائينديس تہ ڪهڙا اُپاءَ عمل ۾ آڻجن جن سان اسين ٻيهر هڪ شاندار ادب جي ورثي جا مالڪ ٿي سگهون.
ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ جي حوالي سان سڀ کان پهرين آئون اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي تہ مٿي بيان ڪيل ادارن مان هن وقت ڪيترا ڇپائيءَ جا ادارا جيئن، اداراءِ انسانيت، زيب ادبي مرڪز، سهڻي پبليڪيشن، انجمن فروغ ادب هالا ۽ سردار پرنٽنگ پريس ۽ ٻيا بند ٿي ويا آهن. باقي جيڪي موجود آهن انهن ۾ گھڻن ادارن وٽ ساليانو ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو چار کان پنج تائين آهي. اهو سروي مون روبرو ۽ ٽيليفون ذريعي ڪيو تہ گنج بخش پبليڪيشن جي عمران قلندري، نيو فيلڊس جي فيروز ميمڻ، ناري پبليڪيشن جي نذير ناز، نسيم بڪ ڊپو جي نسيم صاحب ۽ ٻين کان معلومات ملي تہ ادارن ۾ ڇپيل ڪتابن جو انگ ساليانو چار کان پنج يا ان کان بہ گھٽ آهي. “سنڌيڪا جهڙي مشهور اداري جي مالڪ نور احمد ميمڻ سان ٽيليفونڪ گفتگو موجب تہ،
“هن وٽ ساليانو ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ٻارنهن تائين مَس آهي ۽ وٽس ڇپائي لاءِ پيل ڪتابن جا مسودا پنجاھ کان بہ مٿي آهي”. (7)
هاڻي انهيءَ مان اها وضاحت ٿي تہ اسان وٽ فقط چند ادارا اهڙا آهن جن وٽ ڪجھ قدر ڇپائيءَ جو ڪم مقدار ۾ اهميت جوڳو آهي. جيئن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌ ثقافت کاتو (سرڪاري ادارا)، روشني پبليڪيشن. هاڻ هتي ڌيان جوڳي ڳالھ اها آهي تہ، سرڪاري ادارن وٽ هر عام ماڻهوءَ جي نہ پهچ آهي نہ سندن ڪتاب شايع ٿين ٿا ۽ نہ ئي انهن ادارن جو طريقہ ڪار ڪو اهڙو آهي جو ان مان هر لکندڙ کي فائدو ٿي سگهي. ذاتي پبليڪيشن/ذاتي ادارو ظاهر آهي، تہ تجارتي بنياد تي ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جا هلائيندڙ گھڻي ڀاڱي تہ ليکڪن کان پئسا وٺي ڪتاب ڇاپين ٿا ۽ اهڙين حالتن جي ڪري ڪيترا معياري لکندڙ بہ ڪتاب ڇپائڻ جي همت ساري نٿا سگهن. انهيءَ ڪري انيڪ ڪتاب مسودن جي شڪل ۾ پبلشرن ۽ ليکڪن وٽ موجود آهن. جنهن سان ادب جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي جو چند ڏهاڪن ۾ وڌيڪ واضح صورت اختيار ڪندو.
سنڌي قوم پڙهيل ڳڙهيل قوم آهي، اسان وٽ ادب پڙهندڙن جو هڪ وڏو طبقو آهي، پر ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ، وڌندڙ مهانگائي، ملڪ ۾ وڌيل ڪرپشن ۽ غير محفوظ سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون ۽ ٻين ڪيترن سببن جي ڪري پڙهندڙن تائين سٺن ڇپيل ڪتابن جو اهو انگ نٿو پهچي جيترو پهچڻ کپي. هلندڙ وقت ۾ تحقيق ڏانهن وڌندڙ لاڙي سبب پڻ تخليقي ادب ۾ ڪجھ ڪمي آئي آهي، انهن سڀن نڪتن جي نشاندهي ادبي تاريخ جي اوسر ۾ اڳيان هلي ضرور ٿيندي پر اڃان، بہ وقت ويو نہ آهي انهيءَ تي سوچڻ، حل ڪڍڻ ۽ اُپائن تي عمل ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ گھرجن. هيٺ انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ نڪتا پيش ڪيان ٿي.
1. انگريز حڪومت ڇاپخانن کي قائم ڪرڻ طرف تمام گھڻي توجھ ڏني هئي، جنهن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي ترقي ٿي. موجودو وقت سنڌي ٻولي ۽ ادب کي بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سرڪاري ڇاپخانن جي وڌيڪ قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن ۽ انهن ادارن کي وڏي مالي مدد ڏني وڃي.
2. ادبي ادارن ۽ جماعتن پاران گڏيل ڇپائيءَ جا ادارا قائم ڪرڻ گھرجن.
3. سرنديءَ وارن کي شخصي طور هن نيڪ ڪم ۾ مدد ڪرڻ گھرجي.
4. ملڪ جي ڪجھ حصن ۾ خاص طور پنجاب ۾ ڪاغذ سستو موجود آهي. ڇپائيءَ جي ادارن کي سنڌ حڪومت کان ڪاغذ کي سستي اگھ حاصل ڪرڻ تي مدد وٺڻ گھرجي.
5. پوري صوبي ۾ ڪتاب جي قيمت جو هڪ معياري ماپو مقرر هئڻ ضروري آهي، جيئن مناسب قيمت جي ڪري هر ڪتاب هرهڪ پڙهندڙ تائين پڄي.
6. ڪتاب جي ٻاهرين سونهن ۽ سوڀيا پنهنجي جڳھ تي اهم ضرور آهي پر جيڪڏهن ڪتاب جي موضوعن ۽ مواد تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي تہ معياري ادب تخليق ٿيندو.
7. ادبي ڪتابن جي کوٽ جي سببن ۾ اهم سبب نون ليکڪن جو گھٽ اسرڻ آهي. جيئن تہ اسان وٽ وڏن ليکڪن جيئن محمد عثمان ڏيپلائي، مخدوم طالب المولىٰ، شيخ اياز، جمال ابڙو، نسيم کرل، اياز قادري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر نجم عباسي، استاد بخاري، پوپٽي هيرا ننداڻي ۽ ٻين جي وفات سبب تخليقي ادب ۾ وڏو خال اچي ويو آهي ۽ هلندڙ وقت ۾ موجود پراڻا ليکڪ پڻ گھٽ لکي رهيا آهن ۽ ان کان سواءِ نون لکندڙن کي ڇپائيءَ جي مسئلن جي ڪري اُسرڻ جو موقعو گھٽ ملي رهيو آهي، انهيءَ ڪري نون لکندڙن جي همت افزائيءَ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گھرجن.
8. مختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن جا انعامي مقابلا ڪرايا وڃن ۽ ادبي نشستون ۽ ڪلاس منعقد ڪيا وڃن.
9. سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ وڪري جي مسئلن جي ڪري ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. هن اهم موضوع تي خاص طور سيمينار ٿيڻ ضروري آهن تہ جيئن ڪي چڱا سڌارا عمل ۾ اچن، منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن مٿين نڪتن مان چند تي بہ عمل ٿيو تہ يقيناً سٺا نتيجا سامهون ايندا ۽ سنڌي ادب وڌيڪ وڌندو ۽ ويجھندو.

حوالا
1. ميمڻ فهميدہ حسين، ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1993ع، صہ-227.
2. عرساڻي شمس الدين، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جو باهمي ميل“، ٽہ ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1975ع، صہ-119.
3. ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2003ع، صہ-206.
4. الانا، غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، صہ-330.
5. سيد، مظهر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪيڊمي بازيافت ڪراچي، 2007ع، صہ-1005.
6. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، صہ-351.
7. ميمڻ، ڊاڪٽر پروين موسیٰ/نور احمد ميمڻ، ٽيليفونڪ گفتگو، 4-3-2011.

(سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي پروگرام ۾ پڙهيل پيپر)

سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جي شموليت

قدرت هن دنيا جي واڌ ويجھ جي امر کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ انساني زندگيءَ جي ابتدا مرد ۽ عورت جي تخليق سان ڪئي. ارتقا جي شروع دور ۾ مرد ۽ عورت بلڪل ساڳي حيثيت رکندڙ ۽ زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ برابر جا ڀاڱيوار فرد رهيا آهن.
دنيا جي ارتقائي تاريخ جي اڀياس مان اها خبر پوي ٿي تہ انساني تهذيب ۽ ارتقا جي اوسر ۾ عورت جي ڪردار جي مختلف روپن جي خاص اهميت رهي آهي ۽ هُن پنهنجي تخليقي ۽ ذهني صلاحيتن سان پاڻ کي مڃايو آهي. اها بہ حقيقت آهي تہ کيس مختلف سماجن ۾ مجموعي طور ريتن رسمن، عقيدن، مذهبن، ثقافتي ۽ معاشرتي قدرن جي آڙ ۾ ڪچلڻ، هيسائڻ ۽ دٻائڻ جون ڪوششون بہ ڪيون ويون آهن، پر هن پنهنجي بقا جي جنگ ۽ اظهار جي آزاديءَ لاءِ هميشہ کان ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪري رهي آهي.
سنڌي عورت جي تحرير نويسيءَ جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي تہ معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جي عورت هتي جي جاگيرداري نظام، قبيلائي ماحول، معاشي پسماندگي، ذات پات جي فرق ۽ تعليم جي ڪميءَ باوجود ذهني ۽ جسماني غلاميءَ کان بچاءُ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي اظهار کي عمل جو جامو پهرايو آهي. جنهن ۾ باشعور ۽ پڙهيل لکيل عوتن علم ادب جي معرفت پنهنجن خيالن ۽ سوچن کي عام جي اڳيان آندو آهي. اسان جي اديبائن جي فن ۽ فڪر جي جائزي مان سندن مطالعي، مشاهدي، تخليقي صلاحيتن ۽ ذهني اوسر جي ڄاڻ پڻ ڀليءَ ڀت پوي ٿي. ڪلاسيڪل شاعري ۽ لوڪ ادب کان سنڌي نثر و نظم جي مختلف صنفن ۾ ليکڪائن پنهنجي ذهني بلنديءَ جا ڪمال پيش ڪيا آهن. مائي مرکان شيخڻ جا صوفياڻہ ڳيچ، مائي ملياڻي نيامت جو سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ورثي کي سهيڙڻ ۽ خود شاعرہ هئڻ ۽ ڪيترين گمنام شاعرائن جا چيل ڳيچ، سهرا ۽ گيت ڄاڻائين ٿا تہ، اسان جي ڀينرن بياني ۽ قلمي قوت سان پنهنجي وجود کي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي عورت جي سمجھ، سياڻپ، صبر، ذهانت، همت ۽ جرئت کي مڃيندي شاھ سائينءَ کيس سسئي، سهڻي، مارئي، مومل، نوري، سورٺ ۽ ليلىٰ جي روپ ۾ هڪ منفرد ۽ لازوال حيثيت عطا ڪئي آهي.
سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کانپوءِ نثر ۾ بہ عورتن جو وڏو حصو آهي، جنهن جا بنيادي اهڃاڻ ڊاڪٽر فهميدہ حسين موجب، هن ريت آهن:
“ڪيترن ڳيچن ۾ سنڌي عورت جي پڙهيل هئڻ بابت اشارا ملن ٿا جن ۾ پاڻ خط لکڻ يا خط پڙهڻ جو ذڪر ملي ٿو”. (ڊاڪٽر فهميدہ حسين: ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“)
باقاعدي طور، سنڌي نثر ۾ عورتن جون خدمتون، انگريز دور کان شمار ڪري سگهجن ٿيون. هن دور ۾ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ٿيا ۽ زناني تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. انگريزن جي شروعاتي دور ۾ هندو عورتن ۾ تعليم جي لاءِ گھڻي سجاڳي هئي، پر پوءِ مسلمان رهنمائن جيئن، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ميران محمد شاھ، عبيدالله سنڌي، شمس العلماء دائودپوٽو، عبدالواحد سنڌي ۽ ٻين جي ڪوششن سان مسلمان عورتون اڳيان آيون. ”سنڌ مدرسة البنات“ ۽ ٻيا اسڪول قائم ٿيا. مرد ليکڪن زناني تعليم جي فائدي ۾ مضمون ۽ مقالا، ناول ۽ ناٽڪ لکيا. جن ۾ مرزا قليچ بيگ جو ناول ”زينت“ ۽ ڪوڙومل چندن کلناڻيءَ جو ”پڪو پھ“ ۽ ٻيون تحريرون اچي وڃن ٿيون.
شريمتي گلي سدا رنگاڻي پهرين سنڌي عورت هئي جنهن ساهت جي ميدان ۾ انهيءَ وقت قدم رکيو هو. هو اهڙيءَ ريت اڳيان هلي، موهني دوداڻي، پاروتي آڏواڻي، ايشوري جوتواڻي، ساوتري مير چنداڻي، ڪملا ڪيسواڻي، تارا مير چنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي دادي ليلیٰ، سندري اتم چنداڻي، روشن آرا مغل، بيگم طاهرا آغا، آپا ڊاڪٽر شمس عباسي، ڪلا پرڪاش، ثميرہ زرين، خانم خديجہ دائود پوٽو، زيڊ.اي شيخ، رشيدہ شيخ، امينا خميساڻي، ڊاڪٽر حميدہ کهڙو، مريم نوحاڻي، دُرشهوار سيد، رشيدہ حجاب، خيرالنساءِ جعفري، نذير ناز، ماهتاب محبوب، نورالهدىٰ شاھ، مهتاب اڪبر راشدي، نعيمہ جمع تيجاڻي، ثرياسوز ڏيپلائي، فهميدہ حسين، تنوير جوڻيجو، نورافروز خواجہ، سحر امداد، پروين موسیٰ ميمڻ، قمرجهان مرزا، تهمينا مفتي، خورشيد عباسي، ج.ع منگهاڻي، غلام فاطمہ شيخ، نيلوفر جويو، سلطانہ وقاصي، سنڌو پنهور، شبنم گل، زيب نظاماڻي، ناهيد مغل، تانيہ ٿيٻو، نائلہ، فهميدہ شرف بلوچ، ومي سدا رنگاڻي، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، عطيہ دائود، ثمينہ ميمڻ، تسليم زنئور، حميرا نور، سحر گل ڀٽي، ڪزبانو سنڌي، ساجدہ جبين، سيما عباسي، سيما ابڙو، زاهده تاج ابڙو، نجمہ شيخ، نورالصباح قاضي، ارشاد سعيد عباسي، خديجہ شيخ، شبانہ سنڌي، شگفتہ شاھ، ريحانہ ملاح ۽ ٻين نئين زندگي، سہ ماهي مهراڻ، سوجھرو، سرتيون، اديون، ڪلاچي، سنڌي ادب، پارس، نئون نياپو، سپون (بمبئي) ۽ ٻين رسالن ۽ روزاني اخبارن ۾ لکيو.
مٿين ليکڪائن مان ڪيترين جا لکيل ناٽڪ، ناول، آتم ڪهاڻيون، ڊائريون، سفرناما ۽ افسانوي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن مان چند عنوان هن ريت آهن.

مقالن ۽ مضمونن جا مجموعا:
مضمون نثر جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ مضمون نگار پنهنجي پسند، مطالعي ۽ مشاهدي سان ڪنهن موضوع تي خيالن جو اظهار ڪندو آهي. مقالو فني ڇنڊڇاڻ سان لکيل نثر جو ليک آهي. سنڌي ليکڪائن انهن ٻنهي صنفن ۾ گھڻو ڪم ڪيو آهي. ڪتابي صورت ۾ سندن ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جي مجموعن مان چند هن ريت آهن:
”يادگار لطيف“ (سهيڙيندڙ: بيگم زينت عبداللہ چنا)، ”شاعرن جو سرتاج“ (سهيڙيندڙ: خانم خديجہ دائود پوٽو)، ”خوش خصلت خاتون“، ”شڪستهءِ زندگي“ (بادام ناتوان)، ”ڳچين سدا ڳچ“ (ڊاڪٽر حميدہ کهڙو)، ”شاھ لطيف تي تحقيق“ (ڊاڪٽر درشهوار سيد)، ”ڀارت ۽ روس ٻانهن ٻيلي“ (سندري اتم چنداڻي)، ”هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون“، ”ڇڻن چڻڪن چت ۾“، ”زندہ جا قوم رهندي“، ”ٻولي منهنجي ماءُ“، ”ڏاهي مَ ٿيان“ (پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي)، ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ (ماهتاب محبوب)، ”عورت سماج ۽ ڏاڍ“ (تنوير جوڻيجو)، ”پائي پٽ ڪڻا“ (ڊاڪٽر نور افروز خواجہ)، ”ادبي اهڃاڻ“، ”ادبي ويچار“ (ڊاڪٽر خورشيد عباسي)، ”اخلاقي قدر“، ”وکر سو وهاءِ“، ”گلدستو“، ”عالم سڀ آباد ڪرين“ (ڊاڪٽر پروين موسیٰ ميمڻ).

سوانح عمريون،
آتم ڪهاڻيون ۽ ڊائريون: سوانح نگاري نثري ادب جو اهم حصو آهي. سنڌي ليکڪائن سوانح عمري، آتم ڪهاڻي، خاڪن ۽ ڊائرين جي صنف ۾ پڻ لکيو آهي، جيئن: ”تاريخ جو وساريل ورق“ (غلام فاطمہ شيخياڻي)، ”جيتامڙيءَ جي ڊائري“، ”سام سان ٻہ گھڙيون“ (ڊاڪٽر سرلايوي)، ”منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق“ (پوپٽي هيراننداڻي)، ”منهنجي پيشي جا گل و خار“ (وينا شرنگي)، ”گھنڊ ڄاڻ وڳو“، ”ٻپهريءَ جا ٻہ پل“ (ريٽا شهاڻي)، ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ (ڊاڪٽر شمس عباسي)، ”منهنجو سورج مکيہ“ (شبنم گل). ”جيءَ جھروڪا“ (ماهتاب محبوب)، ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ (اختر بلوچ) ۽ ٻيا ڪتاب آهن.

سفرناما:
سفرنامي جي صنف ۾ سفرناما نگار پنهنجي سير ۽ سفر جو احوال، ذاتي مشاهدي، بياني قوت ۽ علمي ۽ ادبي انداز سان پيش ڪندو آهي. ليکڪائن سفرنامي جي صنف ۾ طبع آزمائي ڪري چڱا سفرناما لکيا آهن. سندن لکيل سفرنامن ۾،
”روس جي نئين سڀيتا جو سفر“ (سندري اتم چنداڻي)، ”مارو جي ملير جا“ (خيرالنساء جعفري)، ”هوائن جي آڌار تي“ (فهميدہ حسين)، ”اندر جنين اڃ“، ”سرهي سرهي سار“، ”راهون چنڊ ستارا“ (ماهتاب محبوب)، ”هينئڙي منجھ هرن“ (ڪلا پرڪاش)، ”پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا“ (وينا شرنگي)، ”جتي منهنجا اوٺيڙا“ (ريٽا شهاڻي)، ”ٽي مسافر ٽي شهر“ (مريم پليجو، اختر پليجو) ۽ ٻيا سفرناما شامل آهن.

افسانن جا مجموعا:
افسانو سنڌي نثر جي هڪ سگهاري صنف آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هزارن جي تعداد ۾ افسانا ڇپيل صورت ۾ موجود آهن، جن ۾ عورتن جو ڪيل ڪم گھڻي تعداد ۾ آهي. ڪيترين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل افسانن کانسواءِ سندن گھڻائي افسانوي مجموعا شايع ٿيا آهن، جن مان چند هن ريت آهن:
”اڇا وار ڳاڙها گل“، ”تو جنين تات“، ”ڀوري“، ”ٻنڌڻ“، ”ڪرندڙ ديوارون“ (سندري اتم چنداڻي)، ”رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون“، ”مون توکي پيار ڪيو“، ”خزان جو دور پورو ٿيو“، ”شهناز“ (پوپٽي هيراننداڻي)، ”مرڪ ۽ مامتا“، ”وارن ۾ گل“ (ڪلا پرڪاش)، ”ڪيئن وساريان ويڙهيچن“، ”زندگي ناٽڪ“ (وينا شرنگي)، ”پچڻ کي پچاءِ“، ”ببليءَ جون آکاڻيون“، ”منع ٿيل ميوو“ (ريٽا شهاڻي)، ”گيت اڃايل مورن جا“، ”روشن ڇانورو“، ”آءٌ اهائي مارئي“ (ثميرہ زرين)، ”منهنجو تخليقي سفر“، ”تخليق جو موت“ (خيرالنساء جعفري)، ”پرھ کان پهرين“، ”چانديءَ جون تارون“، ”لهر لهر زندگي“ (ماهتاب محبوب)، ”جلاوطن“، ”ڪربلا“، ”رڻ ۽ رڃ جو اتهاس“ (نورالهدىٰ شاھ)، ”امرت منجھ ڪڙاڻ“، ”عيبن هاڻي“ (پروفيسر تنوير جوڻيجو)، ”هيلو ڪو وري آءُ“ (نذير ناز)، ”هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“ (ڊاڪٽر فهميدہ حسين)، ”تنهنجي ڳولها تنهنجون ڳالهيون“ (جيجي زرينہ بلوچ)، ”سوچن جي صليب تي“، ”مارئي ۽ مان“ (ميمڻ روشن تبسم)، ”تلاش“ (تبسم ماهتاب قريشي)، ”ڪوڪو جيون سواليہ نشان“ (ناهيد مغل)، ”مشعل ٻرندي رهندي“ (صنوبر سيد)، ”اکيون ميگھ ملار“ (خديجہ شيخ)، ”سامائي تہ ساک ويا“ (نيلوفر جويو)، ”نرڳ، (زبيدہ ميتلو)، ”منهنجي وس ناهي جيڏيون“ (سڪينہ ميمڻ)، ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ (شبنم گل) ۽ ٻيا ڪافي افسانوي مجموعا آهن.

ناول:
ناول جي صنف، سنڌي نثر ۾، انگريزي ناول “راسيلاس” جي ترجمي سان متعارف ٿي. هن صنف ۾ سنڌي ليکڪائن جي ڪافي شموليت رهي آهي.ورهاڱي کان اڳ بہ عورتن سنڌي ناول لکيا، چند مشهور ناول ۽ ناول نويسڪائون هن ريت آهن:
”گورا“ (ڪماري ڪرپالاڻي)، ”اتحاد“ (ساڳي ليکڪا شاديءَ کان پوءِ گلي سدا رنگاڻي جي نالي سان)، ”پريم جيون“ (آشا ديوي)، ”نماڻي نار“، ”رنم رت ڦڙا“، ”خلوت ۾“ (بادام ناتوان)، ”هڪ سسئي سٺو سور“، ”ٽٽل ساز“، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ (سندري اتم چنداڻي)، ”منجو“، ”حسرتن جي تربت“، ”جيءَ ۾ جھوري تن جي تات“، ”سيلاب زندگيءَ جو“ (پوپٽي هيراننداڻي)، ”هڪ دل هزار ارمان“، ”وقت وٿيون ۽ وڇوٽيون“، ”حياتي هوتن ريءَ“ (ڪلاپرڪاش)، ”منهنجا معصوم سڄڻ“ (وينا شرنگي)، ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“، ”پرھ جا پياڪ“ (ريٽا شهاڻي)، ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“، ”پيار پناھون ڇانورا“ (ماهتاب محبوب)، ”منهنجي چاهتن جي منزل“ (ڪزبانو سنڌي)، ”سپنو ساڀيان ساڻ“ (شبانہ سنڌي).

ناٽڪ:
عورتن جا لکيل ڪيترائي سنڌي ناٽڪ، اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي مختلف چئنلن تان پيش ٿي رهيا آهن، جن ۾ ڇپيل ڊرامن جو تعداد تمام گھٽ آهي. چند ڇپيل ناٽڪ هيٺيان آهن:
”جهانگير ۽ نورجهان جي اوائلي زندگي“ 1919ع (ساوتري جھانگياڻي)، ”وڻجارا“ (سندري اتم چنداڻي)، ”ليک“ (نور شاهين)، ”چنڊ ۽ رلي“ (غزالہ شاهين ڀٽو)، ”بي افعالي“ (ثريا سوز)، ”لهرن جو گيت“ (شبنم گل).
مٿئين احوال مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌي ليکڪائن جو سنڌي نثر ۾ وڏو اهم ڪردار رهيو آهي. هتي فقط نثر جي چند ڇپيل ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن سندن ڪيل ڪم جو اونهو اڀياس ڪيو وڃي تہ ڪيترائي اهم نقطا نروار ٿي سامهان ايندا، جن مان خبر پوندي تہ اسان جي قلم ڪارائن جي قلمي پورهئي سان سنڌي نثر کي ڪهڙي هٿي ملي آهي؟ يا سندن لکڻين ۾ ڪهڙيون اوڻايون يا چڱايون آهن؟ هنن ڪهڙا نوان موضوع متعارف ڪرايا آهن؟ يا وٽن مسئلي ۽ موقف جي پريزنٽيشن جو ڏانءُ ۽ ڏات ڪهڙي آهي؟ سندن تحريرن ۾ اثر انگيزي آهي يا نه؟ يا ڇا هو سنڌي عورت جي مسئلن کي پنهنجي لکڻين ذريعي اجاگر ڪري سگهيون آهن؟ سڀ کان وڏي ڳالھ تہ سنڌي نثر جون خوبيون ۽ لفظن جا ذخيرا سندن تحريرن ۾ آهن يا نه؟ اهڙن گھڻن سوالن جي جوابن سان پڙهيل لکيل سنڌي عورت جي ذهني بلندي ۽ قلم جي وسعت سامهون ايندي تہ گڏ ايندڙ اديبائن لاءِ هن ڏس ۾ مختلف پهلوئن کان رهنمائي ٿيندي.
صحافتي نثر جي خدمتن ۾ بہ سنڌي عورت اڳيان اڳيان رهي آهي، ورهاڱي کان اڳ گلي سدا رنگاڻي، پاروتي گدواڻي، رڪي سي ٿڌاڻي، ڪملا ڪيسواڻي ۽ ٻين عورتن سنڌي صحافت جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1947ع کان پوءِ بيگم زينت عبدالله ”مارئي“ رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت سان، بيگم خانم خديجہ دائود پوٽو ماهوار ”اديون“، گلبدن جاويد مرزا ”سرتيون“ ۽ فهميده حسين ميمڻ ”سگهڙين سٿ“ جي صفحي (هلال پاڪستان ڪراچي اخبار) جي ذريعي گھڻين قلمڪارائن کي اڳيان آندو. مٿين رسالن کان علاوه بہ ڪيترن ئي ماهوار رسالن ۾ عورتن لکيو. ڪافي عورتن ڪالم لکيا جن ۾ خاص طور مهتاب اڪبر راشدي، ماهتاب محبوب، ثريا سوز، نورالهدىٰ شاھ، فهميده حسين، انيتا شاھ، وينگس، ارشاد سعيد عباسي، سيما عباسي، زاهده ابڙو، سميرا مختيار، شهربانو ۽ ٻيون اچي وڃن ٿيون.
سنڌي سماج ۾ عورت گھڻي وقت کان ذهني ۽ جسماني پيڙاءُ جو شڪار رهندي پيئي اچي هر دور ۾ عورت جو استحصال ڪيو ويو آهي. جڏهن اسلام هن پرڳڻي ۾ نہ پهتو هو، تڏهن بہ سنڌي عورت ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار رهي ستي هئڻ جي رسم جو هجڻ، بيواھ يا وڌوا کي نڀاڳو سمجھي، مٿس زندگيءَ جون ضرورتون بہ حرام هئڻ، ڌيءَ جي ڄمڻ کي بي عزتي ۽ منحوسيت سمجھڻ، عورتن کي ملڪيت جي ورهاست ۾ حق نہ ڏيڻ، تعليم کان محروم رکڻ، مطلب تہ نہ صرف بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو، پر کيس انسان هئڻ جي ناتي سان انسان بہ ڪري نہ سمجھيو ويندو هو.
دنيا جي تاريخ ۾ اسلام اهو ثابت ڪيو تہ عورت ذات اعلىٰ مرتبي جي مالڪ آهي، ماءُ، ڌيءَ، زال، هر رشتي جي مناسبت سان کيس حق ڏنا وڃن. کيس مرضيءَ سان شاديءَ جو حق ڏيئي، ماءُ جي حيثيت ۾ جنت سندس پيرن هيٺ قرار ڏني ويئي. ملڪيت ۾ کيس حصيدار ڪيو ويو. انهيءَ جي باوجود هن ترقي يافتہ دور ۾ جيڪڏهن سنڌ صوبي جو جائزو ورتو وڃي ٿو تہ حيرت ٿي ٿيئي. اڄ بہ اسان وٽ عورت کي تعليم جي حق کان محروم رکڻ، ڌيءَ کي جائداد ۾ حصو نہ ڏيڻ، پسند جي شادي نہ ڪرڻ، حق بخشائڻ، بدلي جي شاديءَ ۾ عورت قربان ڪرڻ، ڪارو ڪاريءَ جي رسم ۽ ٻين انيڪ ذهني ۽ جسماني غلامين ۾ جڪڙيو وڃي ٿو. جنهن جو وڏو سبب تعليم جي ڪمي آهي.
تعليم يافتہ ۽ باشعور عورتن سنڌي سماج جي انهن مسئلن جو گھرائيءَ سان اڀياس ڪيو ۽ کين معلوم ٿيو تہ اهو سندن لاءِ ئي Challenge آهي تہ هو پنهنجيءَ صنف جي مسئلن کي اثرائتي نموني عام جي اڳيان کڻي اچن، جنهن تي هنن عمل ڪيو ۽ ڪافي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ عورتن جي سماجي مسئلن تي لکيو.
مٿي ڄاڻايل صنفن کان علاوه هنن خطوط نويسي، ترجما نگاري، لطيفيات ۽ نثر جي ٻين صنفن ۾ ڪم ڪيو آهي تہ ڪيترن ئي ڪتابن جا مقدما، مهاڳ ۽ پيش لفظ ڪمائتا لکيا اٿن.
ڪوبہ سماج تيستائين ترقي يافتہ ۽ مڪمل طور سڌريل نٿو سڏي سگهجي جيستائين ان جي اڏاوت ۾ مرد ۽ عورت جي گڏيل سوچ، سگھ ۽ صلاحيتون ڪتب نٿيون اچن. انهيءَ حوالي سان هن مختصر جائزي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو تہ، سنڌي نثر ۾ اديبائن سماج جي اهم مسئلن تي قلم آزمائڻ، عورتن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ خاص طور عورت جي تعليم ۽ تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ سندن تحريرن مان ذاتي مطالعو، مشاهدو، خيال، ويچار ۽ فني ۽ فڪري صلاحيتون سامهون اچن ٿيون ۽ معلوم ٿئي ٿو تہ عورت پڙهيل لکيل ۽ باشعور هئڻ سان گڏ اثرائتي قلمڪار آهي.
نثر جي حوالي سان سنڌي ليکڪائن تقريباً نثر جي سڀني صنفن ۾ قلم ڪاريءَ جا جوهر پيش ڪيا آهن. نثر نويسيءَ جي خوبين ۽ موضوعن جي لحاظ کان ڏٺو وڃي تہ چند قلمڪارن جي لکڻين ۾ وڏي پختگي ملي ٿي. ايتريقدر جو سندن تحريرون باقاعده ترجمو ڪري، ٻين ٻولين جي ادب سان ڀيٽڻ جي قابل آهن، پر ڪجھ ليکڪائن وٽ اڃان لفظن جي مقدار ۽ ان جي استعمال ۽ ڏانو جي ڪمي آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ هو پنهنجو مطالعو وسيع ڪن ۽ نثر جي جنهن بہ صنف تي قلم کڻن، انهيءَ ۾ پيرائتي معلومات حاصل ڪري پوءِ لکن. وٽن تخليقي صلاحيتون آهن، پر فقط انهن جي ڪتب تي ڌيان جي ڪجھ ضرورت آهي. ڪجھ حد تائين موضوعن ۾ پڻ کوٽ ملي ٿي. سندن لکڻيون گھڻي ڀاڱي زناني عالم کي سماج ۾ پيش آيل مسئلن بابت آهن ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي مطالعي تي جيڪڏهن توجھ ڏين تہ ممڪن آهي وٽن نوان موضوع اچي وڃن.
سنڌي سماج، تهذيب، تمدن ۽ عورتن جي مسئلن کي ليکڪائن پنهنجي مضمونن، افسانن، ڪالمن، ناولن ۽ ڊرامن ۾ چٽيءَ طرح آندو آهي. سندن گھريلو ٻوليءَ جي استعمال (جنهن ۾ خاص طور، پهاڪا ۽ چوڻيون شامل آهن) سنڌي ٻوليءَ جي لغت جي خزاني کي ضايع ٿيڻ کان بچايو آهي. جيئن تہ ٻوليءَ جي شروعات هر ٻار ماءُ جي طرفان ڪري ٿو ۽ عورتن وٽ ڪيترن ئي اهڙن لفظن جو استعمال هجي ٿو، جيڪي عام طور ڪاروباري، وهنواري ۽ ڪتابي ٻولين ۾ استعمال ۾ نہ ايندا آهن. اهڙا لفظ ۽ جملا گھرو زناني ماحول جو صدري خزانو آهن. وقت جي تبديليءَ سان اهڙن لفظن ۽ چوڻين جو استعمال هاڻي ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ نئين نسل ۾ انهن کي ورجائڻ ۽ ڪم آڻڻ جو رجحان ڪونهي. جڏهن تہ اسان جي ليکڪائن جي فن ۾ گھڻن اهڙن لفظن، پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ملندو، جنهن سان چئي سگهجي ٿو تہ هنن سنڌي ٻوليءَ جي نثر کي جيئاريو آهي.

(منهنجي پي.ايڇ.ڊي جي تحقيقي مقالي ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“ مان ورتل هڪ مضمون، هيءُ مقالو ڪتابي صورت ۾ 2020ع ۾ پيڪاڪ پرنٽرز شايع ڪيو آهي.)

نثر ۾ بياني اسلوب جي اهميت

نثر ۾ سهڻي بياني اسلوب جي وڏي حيثيت ۽ اهميت آهي. اهو تحرير جو اسلوب ئي آهي، جو ڪنهن ليکڪ کي ٻئي کان ممتاز ۽ منفرد حيثيت عطا ڪري ٿو. اسلوب ڇا آهي؟ انهيءَ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو تہ مصنف جو طرز تحرير/عبات آرائي يا ٻين لفظن ۾ بياني ڍنگ اسلوب بيان (Style) آهي. اسلوب ليکڪ جي ذات جو چٽو آئينو/شخصي عڪس آهي. انهيءَ کي وڌيڪ هن ريت سمجھي سگهجي ٿو تہ، مثال طور جيڪڏهن هڪ ئي موضوع تي مضمون لکڻ لاءِ ٻن الڳ علمي ۽ ادبي شخصيتن کي ڏنو وڃي تہ هر هڪ جو بيان جو طريقو الڳ هوندو ۽ انهيءَ جو سبب ان فرد جي علمي، ادبي سگھ ۽ اهي شعوري ۽ لاشعوري قوتون آهن، جن تحت هو لکي ٿو. معنىٰ تہ هر ليکڪ جو مطالعو، مشاهدو ۽ فڪري قوت سندس لکڻيءَ مان واضح ٿئي ٿي. جيڪا جدا جدا هجي ٿي. اسلوبِ بيان کي ٻن جزن خارجي ۽ داخلي ۾ ورهايو ويو آهي.
“Style is a Combination of Two elements the idea to be expressed and the individuality of the writer”.
اسلوب جو خارجي مظاهر، ٻوليءَ ۾ گرامر جي پابندي، ترتيب ۽ آرائش ۽ ٻيون خوبيون آهي، پر داخلي ڪيفيتون بلڪل فطري آهن، جن ۾ مصنف جي ذهني سطح، ڪردار، قلبي قوتون، مزاج، تعليم ۽ طبعي رجحان شامل آهن. انهيءَ فطري ڏات ۾ اظهار جو ايترو تہ مخصوص ۽ ذاتي جذبو شامل هوندو آهي، جنهن سان اسين ڪنهن لکندڙ کي ڄاڻون ٿا ۽ تحرير مان ئي سندس سڃاڻپ ڪري وڃون ٿا. هاڻي اسلوب جي خارجي ڪيفيت وڌيڪ آهي يا داخلي ڪيفيت جو پڙ ڳرو آهي؟ انهيءَ لاءِ اچو تہ ماهرن جي راءِ ڏسون.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ موجب تہ، ”اسلوب لکندڙ جي دل ۾ نہ هوندو آهي، بلڪہ لکندڙ جي دل هوندو آهي“. (1) جڏهن تہ نورلهدىٰ شاھ اڃا بہ اڳتي وڌي اسلوب جي فطري جاذبيت کي مڃتا ڏيندي لکي ٿي تہ، ”ليکڪ جي دل ان جي لفظ لکندڙ آڱرين ۾ بہ ڌڙڪندي آهي ۽ انهن لفظن کي ڏسندڙ اکين ۾ بہ“. (2)
ڏٺو وڃي تہ ليکڪ جي لکڻي سندس خيال ۽ فڪر جي نمائندگي ڪري ٿي، جنهن جو تعلق سڌو سنئون ادبي فن سان آهي ۽ ادبي فن جو معنويت ۽ مقصديت سان گھرو لاڳاپو آهي. انهيءَ لحاظ کان اسلوب جيترو داخلي ڪيفيت جو محتاج آهي، ايترو ئي خارجي مظاهر جي اصولن جو پابند بہ آهي. باقي اها بہ حقيقت آهي تہ موضوع ۽ مطلب مطابق اسلوب جي گھرج پيدا ٿئي ٿي.”اسلوب جي باري ۾ هڪ خيال اهو بہ آهي تہ اسلوب جو معنويت سان پاڻ مرادو لاڳاپو آهي. ڪنهن بہ خاص خيال يا فڪر سان ان جي فني گھرج جو اسلوب ۽ اسٽائيل پاڻيهي اچي وڃي ٿو“. (3) ڪنهن بہ ليکڪ جي لکيل ناٽڪن، ناولن، افسانن، سفرنامن، خطن، مضمونن، مقالن، ڪالمن ۽ ٻئي نثر جي ڪم جي پرک ڪرڻ سان خبر پوي ٿي تہ هن مختلف صنفن جي فني گھرج مطابق لکيو آهي، پر تہ بہ سندس لکڻيءَ جي انفرادي ۽ خاص طرزِ ادا وري بہ قائم رهندي، جنهن کي اسلوب سڏبو آهي.
اسلوب جي باري ۾ اها چٽائي بلڪل ٿي چڪي آهي تہ اها لکندڙ جي بلڪل انفرادي (Individual) خاصيت آهي. پنهنجي فڪر ۽ خيالن جي پيش ڪرڻ جي ڍنگ (Technique of expression) ۾ انفرادي خاصيتون ڪنهن بہ شخص کي ٻئي شخص کان الڳ حيثيت ڏين ٿيون. (Uniqueness of the style) يعني اهڙيون خاصيتون، جيڪي ٻئي شخص ۾ نہ هجن يا خاص طرزِ تحرير. انيءَ ”خاص طرزِ تحرير“ ۾ ليکڪ جي ذهني اپروچ، جذبا، ڄاڻ، تجربا، مشاهدا، بلڪہ باطن لفظن جي صورت ۾ سندس ذات جو مطالعو ٿي ظاهر ٿين ٿا. نثر ۾ هر موضوع پنهنجي مواد جي لحاظ کان جدا هجي ٿو. اهوئي سبب آهي، جو نثر جي مختلف صنفن جا اسلوب جدا جدا رنگ رکن ٿا. ناٽڪ، ناول، ڪهاڻي، مضمون نويسي، آتم ڪهاڻي، سفرنامو مطلب تہ هر صنف جي اسلوب جون گھرجون الڳ آهن. سنڌي نثر جي اسلوبن جي جائزي مان اها بہ خبر پوي ٿي تہ هر دور ۾ نثر جا مختلف اسلوب رهيا آهن. شروع دور ۾ دقيق نثر لکڻ کي موثر سمجھيو ويو، پر ترت ئي شمس العلَّماء مرزا قليچ بيگ جي ڪوششن سان سليس نثر جڳھ والاري. ”سادي ۽ سلاست ڀري عبارت کي عام ڪرڻ ۾ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڪمال آهي. هن پنهنجي عبارت ۾ سليس نثر کي سڀ کان وڌيڪ جڳھ ڏني“. (4) اهڙيءَ ريت سنڌي نثر جي اسلوب جي ترقي ۽ توسيع عمل ۾ آئي.
”سنڌي نثر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا اسلوب ظاهر ٿيا آهن. ڪيترن ئي نثرنگارن پنهنجي غيرمعمولي صلاحيتن ۽ قوتن سان ادبي اسلوبن کي روان، هموار ۽ شائستہ بنايو آهي“. (5)
ڏٺو وڃي تہ اعلىٰ نثر نويسن جي لکڻي ۾ وڏو ڪمال سندن عبارت جي دلڪش ۽ منفرد اسلوب جو آهي، جنهن سبب کين علمي توڙي ادبي حلقي سان گڏ عام مان پڻ پذيرائي ملي ٿي. اهڙا نثر نويس بيشڪ نثر جي مختلف صنفن ۾ ڪم ڪن تہ بہ سندن بياني انداز بلڪل بهترين ۽ اثرائتو هوندو آهي. اعلىٰ ۽ پختي نثري اسلوب جي تخليق ۾ ذوق، هڪمنائي، غيرمعمولي فطري جاذبيت، ٺاھ ٺوھ کان پاڪ، سلاست ۽ صفائي ۽ ٻيون ادبي لياقتون هونديون آهن.

حوالا
1. عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر: ”سنڌي نثر جي اسلوب جو ارتقائي خاڪو“ (مقالو) ٽہ ماهي مهراڻ-3، 1968ع، صہ-113.
2. نورالهدىٰ شاھ، ”ڪيڏارو“ (ڪهاڻي ڪُليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع، صہ-400.
3. فهميده حسين ڊاڪٽر: ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع، صہ-149.
4. مرزا، حبيب الله ڊاڪٽر: ”شمس العماء مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثرنويس“ (پي.ايڇ.ڊي جو اڻ ڇپيل مقالو) 1978ع، صہ-149.
5. عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر: ”سنڌي نثر جي اسلوب جو ارتقائي خاڪو“، ٽہ ماهي مهراڻ-3، 1968ع، صہ-113.

حصو ٽيون (منهنجا لکيل چند مهاڳ)

---

سُکُ نہ ستا ڪڏهين (عبدالحئي پليجي جو سفرنامو)

کَرَڪڻا لاهي، سُک نہ ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(سر کاهوڙي، 1-25)

سفر ڪرڻ ۽ مستقل ۽ مسلسل سير ۽ سفر ڪري پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ بياني قوت سان علمي ۽ ادبي انداز ۾ پڙهندڙن سان پنهنجي تحريرن کي ڪتابي صورت ۾ ونڊ ڪرڻ سان ”سفرنامو“ تيار ٿيئي ٿو. سفرنامن مان پڙهندڙن کي سفرنامانگار جي مطالعي ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي شهرن، هنڌن، ماڳن ۽ ملڪن جي معلومات مهيا ٿئي ٿي.
هيءَ دنيا رنگ برنگي نظارن، عجائبن، ايجادن ۽ مختلف معلوماتن جي احوال سان ڀريل آهي. جنهن کي ڏسڻ سان وڏي عبرت ڀري ڄاڻ ملي ٿي ۽ اها ڄاڻ تحقيق سفرنامي جي وسيلي ئي عام پڙهندڙن تائين پهچي ٿي. هڪ لحاظ کان سفرنامي جي موضوع تي لکيل مضمون/مقالو/ڪتاب دنيا جي مختلف ماڳن ۽ ملڪن جي جاگرافيائي، تاريخي، موسمياتي، معاشي، صنعتي، تجارتي، زراعتي، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جي خبر ڏئي ٿو.
علمي ۽ ادبي طور سفرنامي جي اهميت کان انڪار بلڪل نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ڪيترائي سفرناما لکيل آهن ۽ ڪهڙن ملڪن بابت آهن اهو ذڪر مون پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ اڳ ۾ ڪيو آهي، پر ڏسڻو اهو آهي تہ ڪامياب سفرناما ڪهڙا آهن؟ ۽ اسان جي پڙهندڙن جي دلچسپي ڇا ۾ آهي ۽ انهن سفرنامن جو ادبي معيار ڪهڙو آهي؟.
”سفر يورپ جي ڊائري“ قاضي عبدالمجيد جي خطن واري 1960ع جي سفرنامي کان 2020ع تائين سوين سفرناما لکيا ويا آهن. هر سفرنامي جو رنگ الڳ الڳ آهي. ڪريم ڏنو راڄپر، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، وينا شرنگي، ڪلا پرڪاش، تنوير عباسي، الطاف شيخ، عبدالحئي پليجو ۽ ٻين ڪيترن جا سفرناما پڙهيا اٿم پر جيڪو پڙهڻ جو لطف تنوير عباسي، الطاف شيخ ۽ ادا عبدالحئي پليجو جي ڪتابن پڙهڻ ۾ آيو آهي، ايترو ٻين سفرنامن مان نہ آيو آهي. انهيءَ جو مون جڏهن تجزيو ڪيو تڏهن اها حقيقت آشڪار ٿيم تہ هنن ٽنهي سفرناما نگارن جا سفرناما مهذب ۽ ادبي ٻولي ۽ وسيع معلومات سان گڏ دنيا جي وڏي حصي بابت آهن. جن مان آئون سمجهان ٿي تہ سڄي دنيا جي نہ تہ بہ مُنيءَ دنيا جي ملڪن جي خبرچار ملي ٿي.
هتي جڏهن محترم ڀاءُ عبدالحئي پليجو جي هن ادبي فن جي اپٽار ڪنديس تڏهن لامحالا اهو ضرور چونديس تہ، سندس خيالن، علميت ۽ مشاهدي جو ڀرپور بياني احوال پڙهندڙن کي انهن ملڪن ڏي هلڻ لاءِ اُتساهي ٿو.
عبدالحئي پليجو صاحب جا سفرناما تہ آئون ڳچ عرصي کان پڙهندي اچان ۽ خاص طور مور ساگر جي ساحل پرنٽرز جي دوڪان تي ٿيل ساڻن پهرين ملاقات کان پوءِ پاڻ چند ڪتاب مون کي پوسٽ ذريعي پڻ موڪليائين تقريباً سندن سڀ سفرناما مون پڙهيا آهن جن مان ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ڏوريم ڏيساور“، ”ڪجل ڀنل نيڻ“، ”اتر لڳا آءُ پرين“، ”ديس بديس“، ”بندر مون ڏور ٿيا“، ”ٽوئر ٽو آمريڪا“، ”ٻنون ٽو ٽوڪيو“، ”پريان سندي پار ڏي“، ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون“، ”عالمي عجائبات“ ۽ ٻيا آهن.
سڀ ڪتاب معلومات سان ٽمٽار، سمورا جا سمورا دلچسپ ۽ اڪثر ۾ تاريخ جي اوٽ ۾ ڏنل هنڌن جي ڄاڻ پڙهندڙن جي ذهني ۽ علمي سگھ وڌائڻ ۾ معاون آهن.. سفرنامن کان سواءِ پڻ سندن آتم ڪهاڻي (3 جلد) ۽ مضمون پڻ دلچسپ پيرايي ۾ لکيل آهن. پڙهيل ڳڙهيل، وڪيل ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري ڪري زمينداري سنڀاليندڙ ادا حئي پليجو پنهنجي سفر جو شغل سالن کان جاري رکيو آهي. سندس لاءِ سفر فقط وندر ورونهن ۽ خريداري ڪونهي پر تحقيق اهو سفر مطالعو آهي. فطرت جو، ماڻهن جو، ملڪن جو، ماڳن جو، مڪانن جو، هُو هڪ اهڙو سياح آهي جو اڪيلو نٿو هجي پر ساڻس اڪثر سندن گھرواري ادي مومل يا ٻار پڻ هجن ٿا. انهيءَ ذمه داريءَ واري گھمڻ ڦرڻ ۾ بہ سندن نظر کان ڪابہ شيءِ اوجھل نٿي ٿيئي. آئون سمجهان ٿي تہ يقيناْ پاڻ سفر دوران ڪي نڪتا نوٽ پڻ ڪندو هوندو جنهن جي ڪري ايترا سٺا سفري احوال پنهنجي پڙهندڙن سان شيئر ڪري ٿو. سندس حافظو پڻ مظبوط آهي. شخصي طور پليجو صاحب نرم دل، قربائتو ۽ پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ هئڻ وارو ۽ سڀني کي ڪم ايندڙ آهي.
منهنجي ادي مومل سان پڻ ملاقاتون ٿيل آهن، هڪ دفعو جڏهن ادا پليجو جي ڪتاب جو مهورت ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيو جتي ادي مومل اسٽيج تي مهورتي تقريب ۾ ويٺل هئي پروگرام جي آخر ۾ ساڻن مليس ۽ هڪ دفعو ساحل پرنٽر تي ادا سان ملاقات ٿي تڏهن مون کي ڄاڻايائين تہ،”مومل گاڏيءَ ۾ ويٺي آهي ادي توهان ملي وٺو“، آئون دوڪان تان نڪري اديءَ سان گاڏيءَ ۾ مليس مون کي احساس ٿيو تہ ادا پليجو جي هيترن سارن سفرنامن لکڻ ۾ سندن گھرواريءَ جومڪمل ساٿ آهي نہ فقط سفر ڪرڻ ۾ پر سفرنامي جي وجود ۾ اچڻ تائين هوءَ ساڻن هرپل مڪمل طور نڀائي ٿي. ادي مومل کي جَسُ هجي جو ايتري گرميءَ ۾ ڪافي دير ٻاهر گاڏيءَ ۾ پليجو صاحب جو انتظار ڪيائين تہ جيستائين مور ساگر کي پروف سمجھائي اچي. هتي اهو قول بلڪل سچ ثابت ٿيئي پيو تہ،”ڪنهن ڪامياب مرد جي پويان هڪ عورت جو هٿ ضرور هجي ٿو“. هُوءَ پنهنجي هن کاهوڙي وَرَ جي سفر کي سڦلتا عطا ڪندڙ رهي آهي ۽ پليجو صاحب اهو کاهوڙي آهي جنهن کي هردم نئين سفر جو اوسيئڙو آهي، هُو سک واري پرڪيف سفر ۾ پڻ جَستجوءَ سان سرگردان آهي، سندس مقصد، ڏٺل شين کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ ناهي پر هو جتي جتي بہ ويو اُتي اُتي جي تهذيب، تمدن، ثقافت، ملڪن جون رسمون، رواج، نياءُ، انياءُ، غريبي اميريءَ جا تفاوت ۽ ٻيون حقيقتون هُن وڏي حوصلي سان بيان ڪيون آهن. عجوبا، اسرار، دلڪش نظارا، خوبصورت خوشبودار چشما، صاف ۽ شفاف سهڻن باغيچن جا منظر جن کي ڏسي فطرت جون حُسناڪيون سرور ۽ ڪيف بخشين، عام فهم پر ادبي لفظن ۽ جملن جي اُڻت سان پيش ڪري منظرن ۾ اهڙا رنگ ٿو ڀري جو ڄڻ قاري سندس هم سفر آهي.
هن وقت منهنجي هٿن ۾ سندن ڪتاب ”دهلي ٽو سوئزرلينڊ وايا تاج محل“ جو مسودو موجود آهي. مون سڄو مسودو پڙهيو ۽ پروڙيو اها خبر پيم تہ هن کان اڳ پڻ پليجو صاحب جن هندوستان ٽي دفعا وڃي چُڪا آهن ۽ جنهن جي بابت هڪ سفرنامو ”ديس بديس“ مون پڙهيو آهي جو مون کي انهيءَ وقت بہ ڪافي پسند آيو ۽ اڄ بہ سندن سفرنامن ۾ پسند ايندڙ سفرنامو اٿم. هاڻي هيءُ دهليءَ جي سفر کان شروع ٿيل سفر جو احوال جنهن جي پڇاڙي سوئزر لينڊ تي ٿيئي ٿي هڪ خالص معلوماتي سفرنامو شمار ٿيئي ٿو.
هندوستان ۾ 2004ع ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو هيءُ سفر هن پنهنجي گھرواري مومل ۽ نياڻي ڊاڪٽر پارس سان گڏ ڪيو جنهن ۾ ساڻن گڏ ٻيا اديب پڻ هئا. انٽر نيشنل سينٽر دهليءَ ۾ هي ڪانفرنس منعقد ٿي جا ٽي ڏينهن هلي جنهن ۾ کين سٺين هوٽلن ۾ رهايو ويو تہ چيٽي چند جي ميلي ۾ پڻ شرڪت ڪيائون، راڳ رنگ جي محفل ۽ بعد ۾ سنڌي اديبن سان فوٽو سيشن ٿيا. اهڙيءَ ريت ٽيئن ڏينهن تي ڪانفرنس ختم ٿي، ان کان پوءِ سندن وقت پنهنجو هو جنهن ۾ خواجه نظام الدين اولياء جي درگاھ، غالب جو مزار، لال قلعو، آگري ۾ تاج محل، مٿرا جو مندر، آرڪيالاجيڪل ميوزم، رنگ جي مندر، فتح پور سڪريءَ ۾ ٺهيل اڪبر بادشاھ جون تاريخي جڳهيون، درويش شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ، راڻي جوڌاٻاڻيءَ جي محلات ۽ دهليءَ ۾ جامع مسجد (شاھ جهان جي جوڙايل) اندرا گانڌي ميموريل، قطب مينار، وائسراءِ هائوس ۽ ٻيا هنڌ گھميا جن ۾ وائسراءِ هائوس ۽ تاج محل جو تفصيلي احوال تہ خاص وڻندڙ آهي. تاج محل لاءِ ليکڪ لکي ٿو تہ،
”تاج محل مڪمل طور سفيد سنگِ مر مر جو ٺهيل آهي، تنهن ڪري چوڏهين رات جو سُهائي دوران سندس تجلو ۽ جرڪو عجيب نوراني ڪيفيت برپا ڪريو ڇڏي، ڪوهيڙي واري صبح دوران جمنانديءَ جي مخالف ڪناري وٽان اهو فضا ۾ ترندو محسوس ٿيندو آهي. هن محل کي پنهنجي تعميراتي سونهن سبب اڃان تائين ڪا شھ ڪانہ آئي آهي ۽ پنهنجي حسن و ڪمال ۾ اڄ بہ يڪتا آهي“.
دنيا جي هن اٺين عجوبي کي ڏسڻ ۽ سڄو آگرو، دهلي ۽ ٻيا هنڌ گھمڻ بعد پليجو صاحب جن واپس ريل رستي لاهور پهتا جتي هنن لاهور جي بادشاهي مسجد، شاهي قلعو، شاليمار باغ، نورجهان جو مقبرو ۽ ٻيا هنڌ گھميا اهڙيءَ ريت واگھا بارڊر کان دهلي وڃڻ، واپس لاهور پهچڻ تي دهليءَ جي هن سفر جو اختتام ٿيئي ٿو.
هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو يورپ جي سفر تي آڌاريل آهي جنهن ۾ جرمنيءَ جي موٽروي وسيلي سوئزرلينڊ وڃڻ جو احوال آهي. سوئيزرلينڊ جو دنيا جي مهانگن ملڪن مان آهي. سوئيزرلينڊ جا شهر زيورڪ، لوسرن، انٽرليڪن ۽ ٻيا هنڌ پليجو صاحب پنهنجي گھرواريءَ ۽ فرزند نور محمد سان گڏ گھميا. هن سفرنامي جي آخر ۾ يورپ جي مشهور اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر شانائتو ڏنل آهي.
دهلي ٽو سوئيزر لينڊ وايا تاج محل مختصر پر معلوماتي سفرنامو آهي جو سنڌي سفرنامن جي تاريخ ۾ جوڳي جاءِ والاريندو. ادا عبدالحئي پليجو کي هن نئين ڪتاب آڻڻ تي مبارڪباد ٿي ڏيان. شال پاڻ سٺيءَ صحت سان سفر جا آزموده ڪندا رهن ۽ سنڌي ادب کي نوان نوان سفرناما ڏيئي مالا مال ڪن.

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
جولاءِ 2020ع
A-03، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد.

سُٽ تنين جو سڦرو سڦرو (نورالصباح قاضيءَ جي آتم ڪهاڻي تي مهاڳ)

جا سنھو نه سکي، سا مَر رنڍا ئي روڙي،
سُٽ تنين جو سڦرو، ويا ترازيءَ توري،
ٿلھي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙَ ٿيو.
(1-2 سر ڪاپائـتي)

”پردا سڀ پاسي ٿيا“، جي عنوان سان پروفيسر نورالصباح قاضيءَ جي آتم ڪھاڻيءَ جو مسودو مھاڳ لِکجڻ لاءِ اڄ منھنجي هٿن ۾ پوسٽ ذريعي پھتو آهي، جنھن جو مونکي شدت سان انتظار پُڻ هو ۽ بنا دير لکڻ شروع ڪيو اٿم. نورالصباح/ صبا جا منھنجي ڪاليج جي ساٿياڻي ۽ ساهيڙي آهي. جنھن سان سالن جو دوستيءَ جو ناتو آهي ۽ مون ئي کيس اصرار ڪري انھيءَ تي آماده ڪيو ته هوءَ پنھنجي آتم ڪھاڻي لکي. (ڇو ته منجهس لِکڻ جو ڏانءُ ڪاليج جي زماني کان ڏِٺو اٿم جنھن جي مونکي ڄاڻ آهي) پر هِن ڪسرنفسيءَ کان ڪم وٺندي چيو ته: ”پروين ! آئون ڪا ايڏي وڏي ليکڪا يا مشھور شخصيت نه آهيان جو آتم ڪھاڻي لِکان ۽ منھنجي آتم ڪھاڻي پڙهڻ لاءِ ڪنھن کي دِلچسپي ڇو ٿيندي؟!“ منھنجو مؤقف اهو هو ته: ”تون آتم ڪھاڻي لک ۽ بھترين لکي ويندين ۽ سڀ پڙهندا ۽ ضرور پڙهندا“ هِن کي مون کان سواءِ ٻين به اهو شوق ڏياريو پر درحقيقت سندس اندر جو اِهو لکڻ جو شوق ۽ جذبو هو جنھن جي ڪري چئن سالن جي محنت کانپوءِ اِهو ڪم پايهء تڪميل تي پُھتوآهي ۽ سڀ پردا پاسي ٿي ڪِتاب اوهان جي هٿن ۾ آيو آهي.
آتم ڪھاڻي تحقيق پنھنجي وقت جو هڪ تاريخي دستاويز آهي. جنھن مان لِکندڙ جي شخصي احوال سان گڏ سندس زماني جي فردن، وقت جي حالتن جي پروڙ پوَي ٿي. جارج برنارڊشا لکيو آهي ته:
The man who writes about himself and his own time is the only man who writes about all people and obout all times.
سو آتم ڪھاڻي نه فقط علم ۽ ادب جو حِصو آهي پر لکندڙ جي بيان ۾، ماڳن، مڪانن (جن سان سندس ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان تعلق رهيو آهي) سان گڏ انھيءَ دؤر جي سياسي، سماجي، قومي، معاشي، ثقافتي ۽ تاريخي حالتن جا عڪس پُڻ پسجن ٿا.
آتم ڪھاڻي لکڻ ۽ سچو پچو احوال لِکڻ هڪ وڏي دِل گُردي جو ڪم آهي. علامه آءِ آءِ قاضي آتم ڪھاڻيءَ کي فقط ”سچ جي اُپٽار“ سڏي ٿو. هڪ رواجي پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو به جيڪڏهن سچ جي سُونھن ۽ بي ريائيءَ سان پنھنجي يادگيرين کي قلمبند ڪري ٿو ته وڻندڙ بيان سان اِهو هڪ دلپذير ڪِتاب شمار ٿي سگهي ٿو ۽ اُن جي برعڪس ڪو سائنسدان، سياستدان، سماجي ڪارڪن يا علم ادب ۽ آرٽ جو معروف شخص به جيڪڏهن پاڻ پڏائڻ، وڏائي ۽ هو پنھنجي ڪوڙي واکاڻ واري ڪٿا لِکي عام جي اڳيان آڻيندو ته نه ڪو اُن کي پڙهندڙن وٽ مانَ مِلندو ۽ نه ئي اهڙيءَ تحرير جي ڪا اثر انگيزي پڙهندڙ تي ٿيندي. اهڙي طرح سان ڪتاب جي موضوع کي پُڻ ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو.
آتم ڪھاڻيءَ جي صنف ادب ۾ سُکي هوندي به ڏُکي آهي. اهو ڪو رواجي ڪم نه آهي ۽ نه ئي هر ماڻھو انهيءَ کي لکي سگهي ٿو. امداد حسيني ته ايتريقدر چوَي ٿو ته: ”آتم ڪھاڻي لِکڻ جهڙوڪ پُل صراط ٽِپڻ آهي“ (لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪهاڻي ”وهي کاتي جا پنا“ جي مھورتي تقريب 2006ع ۾ چيائين) آتم ڪھاڻي هڪ شخص جو پنھنجي حياتيءَ ۾ پاڻ بابت لکيل احوال آهي، جنھن ۾ يقيناّ مُڪمل زندگيءَ جو احاطو نٿو ٿيئي. پر انھيءَ جي باوجود به سندس لِکيل انھيءَ احوال مان هِن جي حياتيءَ جي ڪيترن ئي رُخن تي روشني پوَي ٿي، هو پنھنجي ۽ پنھنجي دوستن، مِٽن مائـٽن ۽ گڏ ڪم ڪندڙن بابت جيڪا قلمي طور ونڊ پنھنجي پڙهندڙن سان ڪري ٿو، انھيءَ پڙهڻ سان نه فقط سندس سوچون، خيال، خواهشون، جذبا ۽ عمل سامھون اچن ٿا. پر ٻيا پُڻ انھيءَ مان گهڻو ڪجهه پرائين ٿا.
”پردا سڀ پاسي ٿيا“ هڪ محنتي شاگردياڻي، ذمه دار اُستاد، پرخلوص ۽ محبتي مزاج واري شخصيت جي زندگيءَ جي داستان آهي. مون هن داستان جو فقط مسودو نه پڙهيو آهي بلڪه خود ”صبا“ کي به پڙهيو آهي. سندس حساس طبيعت، اٽل ارادو، يادگيري ۽ حافظي جي قوت، ماڻھو شناسيءَ جو ذوق اعليٰ درجي جو آهي جو هر هڪ وٽ ڏِسڻ ۾ نه ايندو، خاص طور سندس ياداشت غضب جي آهي. سندس ئي ڏِنل شيخ اياز جي شعر موجب ته:
”اهي وِساريل ورق ماضيءَ جا، وري دِل تي تري آيا“
سو هِن بنا ڪنھن نوٽس ٺاهڻ جي ۽ ڪنھن به ڊائريءَ ۾ ڪي يادگيريون نه لکڻ جي باوجود ذهن تي زور ڏيندي پنھنجي چار سالن جي عمر کان جي ياداشت هڪ تسلسل ۾ آڻي اڄ تائين جا ويچار پنھنجي پڙهندڙن سان شيئر ڪيا آهن.
304 صفحن جي هن آتم ڪھاڻيءَ جا پنج باب آهن جنھن ۾ پھريون خانداني پس منظر، ٻيو جنم ڀومي ضلعي جو سماجي، سياسي ۽ علمي پس منظر باب ٽيون، جنم کان مئٽرڪ تائين جو احوال، باب چوٿون، زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ ساٿ ڏيندڙ انسان ۽ پنجون ڪاليجي زندگيءَ کان تاحال جواحوال.
سندس ڏِنل ترتيب وڻندڙ آهي، پر جيڪڏهن انھيءَ ۾ باب چوٿون زندگيءَ جي ڪارهنوار ۾ ساٿ ڏيندڙ انسان، آخري باب هجي ها ته مئٽرڪ کان پوءِ ڪاليجي زندگي هڪ ساڳئي تسلسل ۾ اچي ها، پر ممڪن آهي ليکڪا جي يادن ۾ آيل اُهي واقعا وقتاّ فوقتاّ انھيءَ ريت آيا هجن جو هن انھيءَ ترتيب تحت لکڻ بھتر سمجهو.
هيءَ آتم ڪھاڻي ڪردارن ۽ فنون جا اڻ ڳڻت رُخ ڏيکاري ٿي. حياتيءَ ۾ ڪيترائي ڪِردار انسان جي سامھون ايندا ۽ ويندا رهيا آهن. جن مان ڪي ايترا ته مظبوط ۽ سگهارا هوندا آهن. جن جو ياداشت جي ڦرهئي تان مٽجي وڃڻ ناممڪن هجي ٿو. نورالصباح جي زندگيءَ ۾ پڻ اهڙيون ڪيئن شخصيتون پنھنجو عڪس ڇڏي ويون آهن جي کائنس وِسري نه سگهيون آهن، اُنھن جيئرن جاڳندن، سگهارن ڪِردارن کيس دِلي ۽ دِماغي طور انھيءَ تي آماده ڪيو ته هوءَ سندن بابت قلم کڻي.
سندس هن ڪتاب ۾ محنتي ۽ محبتي استادن جي ڪثرت پسجي پئي، سندس پنھنجا اسڪول ۽ ڪاليج جا اُستاد جيئن دادي اربو، دادي رضيه، دادي افضل، دادي اقبال، دادي ڊيلان، بدر قاضي (ڊاڪٽر قمر واحد جي ڀيڻ) آپا زينب قاضي، زبيده چاند، دادي ليلان هرچنداڻي، مس خالده خانم، آپا زبيده قادري، آپا قدسيه مفتي، آپا نجمه شيخ ۽ ٻيون هن، جيڪي هن کي ڪڏهن به وسري نه سگهيون آهن. سندس ڪاليج جي تعليم دوران جون ساهيڙيون رضيه، پري، ڊاڪٽر تھمينه مفتي، رخسانه قاضي ۽ ٻيون جن سان نورالصباح جو يادگار وقت گذريو ته اُنھن ڪاليجي ساهيڙين سان گڏجي ابنِ رشد ڪاليج ۾ سنڌي فنڪشن جو بُنياد پُڻ وڌائون. اهو ثقافتي سرگرمين جو قدم ميرپورخاص جھڙي ننڍي شھر ۾ سنڌيت ۽ قوميت جو اهڃاڻ ٿي ويو ۽ پوءِ اڪثر ڪامياب لطيف ڊي هن ڪاليج ۾ ٿيا، جن ۾ نورالصباح جي وڏي ڪنٽريبيوشن آهي، هن سنڌي نياڻين ۾ لڪيل ٽيلينٽ کي ٻاهر آندو. مونکي ياد آهي 1993ع کان 1998ع تائين آئون پڻ ميرپورخاص ۾ انھيءَ ڪاليج ۾ صبا سان گڏجي ڪم ڪندي هيس، تڏهن ڏِسندي هيس ته هوءَ شاهه عبداللطيف ڏهاڙي لاءِ وڏي محنت ڪندي هئي ۽ مون ۽ حميده کي انھيءَ لاءِ زور ڀريندي هئي، ته وڌيڪ ڌيان ڏيون پروگرام اهڙو ٿيئي جو ڪاليج ۾ ملھايل هفتي جو بھترين پروگرام ”لطيف ڊي“ ٿئي.
لغاري ڇوڪرين کان سنڌ جي نقشي واري رِلي اڳواٽ گهرائي رکندي هئي، اسٽيج کي سھڻين رِلين ۽ وڃڻين سان سينگاريندا هئاسين، شروع شروع ۾ ته آئون صبا جي چوَڻ تي هلندي هيس جو هوءَ (HOD) هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هئي (حالانڪه انھي ۾ اها ڳالھه نه هئي) پوءِ مون کيس مشورا به ڏيڻ شروع ڪيا ۽ آخري فنڪشن ۾ ڪي ميمڻ ڏيپلائي ڇوڪريون پُڻ آندم جن وٽ ڪاسمٽيوم به سُٺا هئا ته ايڪٽنگ به سُٺي ڪيائون ۽ صبا منھنجي ۽ حميده جي صلاحن کي مانَ به ڏيندي هئي. HOD تي ياد آيم جڏهن آئون حيدرآباد مان ميرپورخاص بدلي ڪرائي آيس، تڏهن مس ڪاظميءَ وٽ صبا مون کي وٺي هلي بلڪه هُن اسان کي گهرايو هو، مون کي ڏِسي چيائين، ”آپ کونسی کلاس لیں گی“ مون صبا سان ڪو به مشورو ڪرڻ بغير ئي چيو ته ”مس بي اي فائنل“، ڇو جو حيدرآباد ۾ آئون بي اي کي پڙهائيندي هُيس. حلانڪه ڪاليج ۾ جونيئر ٽيچرز فرسٽ ايئر ۽ انٽر ۽ سينئر ٽيچر ڊگري ڪلاسن کي پڙهائندا آهن ۽ ڪلاسز هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ کين ورهائي ڏينديون آهن. پر مون کي اِها خبر نه هئي سو ٺھه پھه خود ئي فيصلو ڪري جواب ڏئي ڇڏيم، مس ڪاظمي صبا ڏي مُشڪي نيھاريو، پر شابس هجي نورالصباح کي هُن منھنجو اهوچوَڻ ذرو به مائنڊ نه ڪيو، پاڻ خوشدليءَ سان چيائين ته ، ”ڀلي توهان بي اي کي پڙهايو، آئون انٽر وٺنديس“. اهو احساس مون کي پوءِ اڳيان هلي ٿيو، انھيءَ وقت ته آئون نئين نئين ليڪچرر لڳي هيس، انھن اصولن جي خبر ڪونه هئم پر جڏهن ڄاڻ پيم تڏهن نورالصباح جي مزاج ۽ سھپ جي قائل ٿيس. منجهس برداشت همت ۽ دوستيءَ جو جذبو اُتم آهي. باقي سو خود طرفان لاپرواهه رهي جو فنڪشنن جو فڪر رکي خود کي بيمار ڪري وجهندي هئي. بلڊپريشر هاءِ ٿي ويندو هئس. نورالصباح منھنجي ابنِ رشد ۾ اچڻ کان اڳ ۽ مون کان پوءِ به (آئون ڇهه سال رهيس) جيڪي لطيف ڊي ڪراياسي انتھائي ڪامياب ٿيا. انھيءَ کان پوءِ ته اهڙا فنڪشن ڏِسڻ ۽ ٻُڌجڻ ۾ ڪونه آيا. انھيءَ جو وڏو سبب سندس محنت، ادب ۽ ثقافت سان پيار ۽ ان جي مظبوط معلومات شاگردياڻين جي پروگرام لاءِ چونڊ ۽ پنھنجي ڊپارٽمينٽ کان ڪم وٺڻ جي صلاحيت هئي.
سندس زندگيءَ ۾ اها ڳالھه اهم آهي ته هوءَ هر هڪ کي اهميت ڏيندڙ رهي آهي. جيڪا ڳالھه هن ڪتاب مان پُڻ بکي پئي. هِن ڪِتاب لکڻ ۾ صبا پنھنجي حياتيءَ ۾ آيل ننڍن وڏن سڀني ڪِردارن کي ياد ڪيو اهي، عارف پٽيوالو، سيٺيو ٽانگي وارو، نشاط اسٽوڊيو جو نذر ڀائي، مائي بادلي، امان جي، ڪستوري حليمه جي ماءُ، پياري چوهاڻ، پوڙهي شڪوري، کنڊٻائي، هري رام، يارو خان، حُرتحريڪ جي بوا ڌاڻو، سينٽ مائيڪل جون راهبائون، لطيفان ڊاڪٽرياڻي، زينت ٽالپر، ڊاڪٽر زبيده يوسف خواجه، بيگم رفيق، زبيده ريشمان، فنڪشن ۾ گهرايل خاص مھمان ۽ پروفيسر، ڊپٽي ڪمشنر منظر اڪبر، رفيعه منظر، ڪمشنر امتياز قاضي، پير مظھرالحق، شھناز مظھرالحق، پروفيسر امينا خميساڻي، پناهه علي شاهه، رضيه شاهه، آپا قمرکوکر، آپا ممتاز مرزا، آپا رشيده حجاب، آپا مريم نوحاڻي، ضلعي ناظمه صغران جوڻيجو، خوش بخت شجاعت ۽ ٻيا فرد جن سان ملاقاتون هيون، هن ياد رکيا آهن ۽ ڪاليج اسٽاف جتي سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو گُذريو، اهي به تقريباّ سڀ دِل سان ياد ڪيا اٿس. پرنسپل مس سعيده ڪاظمي، مس فاطمه بخاري، مس اقبال ڏيٿو، مس سھيله بخاري، شميم زيدي، عابده رحمان، رضيه آرائين، هدايت بلوچ، ڪشمير سومرو، سنڌي ڊپارٽمينٽ جون حميده قاضي ۽ پروين موسيٰ (راقم الحروف) ۽ ٻيون انھيءَ ۾ شامل آهن.
ميرپورخاص جا اسڪول هڊسن، دارالنسوان، سينٽ مائيڪل، پرتاب ڀون گرلز هاءِ اسڪول، ابنِ رشد ڪاليج ۽ ٻيون عمارتون اهڙيءَ ريت بيان ڪيل آهن. ڄڻ اسين اُتي موجود آهيون ۽ تحقيق منھنجو پنھنجو حياتيءَ جو ڳچ حِصو انھن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ ميرپورخاص جي ماڻھن سان گڏ گُذريو آهي، انھيءَ ڪري پڙهڻ ۾ لُطف آيم، ميرپورخاص فقط سنڌڙي انبن کان مشھور ڪونھي پر هتي جي ماحول ۾ ادب ۽ ثقافت جي خوشبو انبن جي خوشبوءَ کان به اثرائتي آهي، جا فقط مھينو/ٻه مھينا نه پر سالن ۽ صدين کان قائم آهي. جِتي ڪيترائي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا ۽ ٿي رهيا آهن. جن مان چند جيڪي نورالصباح سان واسطي ۾ رهيا آهن، اُنھن کي هن بلڪل ڀيٽا ڏِني آهي، جيئن آپا نجمه شيخ، ڊاڪٽر تھمينه مفتي، ڪشمير سومرو، حسينا ساند، امر سنڌو، طاهره لغاري، گُلشن سنڌو سان گڏ مونکي ۽ ٻين کي ياد ڪيو اٿس.
تحقيق هيءَ آتم ڪھاڻي ڪِردارنگاري ۽ فنون جي بيان جي آتم ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ نورالصباح پاڻ سان لاڳاپيل فردن سان گڏ ٻين علم ادب جي شائقين ۽ فن جي شخصيتن کي مڃتا ڏِني آهي. سندس لکڻ جو نوع اثرائتو آهي، ڳالھه مان ڳالھه پيدا ڪيل آهي، جيڪو ڪٿائي روپ هُن ڪتاب معرفت آندو آهي، انھيءَ سان پڙهندڙ خاص طور ميرپورخاص ۽ اُن جي آسپاس جي ماڻھن جي پڙهڻ ۾ دلچسپي قائم رهي ٿي. ڪتاب ۾ انيڪ شعر ۽ پھاڪا ۽ چوڻيون موقعي مطابق ڪتب آندل آهن، جن ٻين عورتن آتم ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ لکيو آهي، جيئن پوپٽي هيراننداڻي، غلام فاطمه شيخياڻي، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر سرلا ديوي، ريٽا شھاڻي، وينا شرنگي، شبنم گل ۽ فاطمة الزهره (ڏيپلائي) جي آتم ڪھاڻين سان گڏ نورالصباح جي هيءَ آتم ڪھاڻي پُڻ اسان جي عورتاڻي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي. جنھن جي لاءِ آخر ۾ اهو چونديس.
ٻاريو اُجهائين، پرين اُجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لُئا لھارين جا.
نورالصباح اڄڪلهه بيمار رهي پئي ۽ ڪجهه نا اُميدي واريون ڳالھيون پُڻ ڪري رهي آهي، ته الله ڪري هيءَ ڪِتاب ڇپيل صورت ۾ ڏِسان، سو منھنجي دِلي دُعا آهي ته رب ڪريم کيس مڪمل صحت مند حياتي عطا ڪري. هوءَ پنھنجي آتم ڪھاڻي بھترين ڇپيل صورت ۾ ڏِسي ۽ پنھنجي ساهيڙين سان شيئر ڪري، سندس اندر جي اُونھن جذبن ۽ وڻندڙ يادگيرين جي ڳانڍاپي هيٺ لِکيل هيءَ آتم ڪھاڻي انشاءَالله سنڌي علم ادب جي ميدان ۾ هڪ مستقل حيثيت ماڻيندي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
2020-8-7

ٻہ اکر جي بدران ٽي اکر (چيتن ميگهواڙ جو ڪتاب)

چيتن سان منھنجي پهرين ملاقات سنڌيونيورسٽي ۾ 2019-2-19 تي ٿي. مون ڏي ڏسي هڪدم چيائين،“مئڊم! آئون تہ توهان جي ڳولها ۾ آهيان“. پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيايئن، ”مئڊم آئون چيتن ميگھواڙ آهيان، توهان ۾ ضروري ڪم آهي“ مون کي سندس ڳالهائڻ جو انداز بلڪل فطري، سادو ۽ خلوص وارو لڳو مون فقط سندس ڪي آرٽيڪلز ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۾ پڙهيا هئا ۽ ايتري خبر هيم تہ ادبي لڏي جو پانڌيئڙو آهي. سو مشڪي چيو مانس “چيتن آئون گم ڪونہ ٿي آهيان جو منهنجي ڳولها پيو ڪرين چئو ڪهڙو ڪم آهي؟“ حجت ڪندي چيائين ”مئڊم منهنجي ڪتاب تي ٻہ اکر لکي ڏيو، ٽائيٽل تي ڏيندس هڪدم موبائيل کولي ڪتاب جو ٽائيٽل ڏسيائين اهو بہ ڪو نہ ڏٺائين تہ مئڊم ها بہ ڪري ٿي يا نہ؟ مون کي بہ سندس همٿ ۽ يقين جي قوت سٺي لڳي مون کي پڪ ٿي ويئي تہ چيتن منهنجا ليک پڙهندڙ آهي ان ڪري کيس خبر آهي تہ ڊاڪٽر پروين پنهنجي جونيئرز کي ۽ خاص طور شاگردن کي همٿائيندي رهندي آهي، ان ڪري جواب نہ ڏيندي چيو مانس تہ ”ابا! مسودو کڻي اچجان لکي ڏيندي مانءِ. ٻن ڏينهن اندر چيتن، ڏيپلائي ميمڻ ڪالوني ۾ منهنجي گهر تي مسودي سميت موجود هو. ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ ۽ ڇپجڻ لاءِ سندس جو شوق ڏسي دل ۾ خيال آيم تہ، ”قلم ۽ ڪتابن سان عشق رکندڙ هن نوجوان ليکڪ جا جذبا جوان آهن جھڙيءَ ريت ايمانداري ۽ لگن سان هو لکڻ پڙهڻ ڏانهن سنجيدگيءَ سان مائل آهي تہ اهو ڏينهن پري ڪانهي جو سندس لکيل تحريرون مان نہ حاصل ڪنديون.
”ڪوسو لڳي نہ واءُ“ سندس ٻيو ڪتاب آهي، پهريون ڪتاب ”يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي“ يادگيرين تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هن مختلف هنڌن تي سياسي جلسن، ڪانفرنسن، تعليمي ادارن جي فنڪشنن ۽ ٻين ادبي ميڙاڪن ۾ جيڪا شرڪت ڪئي انهن جو احوال آهي. ”ڪوسو لڳي نہ واءُ“ پهرين ڪتاب جي ڄڻ موٽ آهي، جنهن ۾ چيتن جي شاگردن، دوستن، اديبن ۽ شاعرن جا سندس جي باري ۾ خيال ۽ پهرين ڪتاب بابت تبصرا شامل آهن.
”ڪوسو لڳي نہ واءٌ“ هڪ طرح سان سندس ماءُ جي دل جو آواز آهي. جنهن کي پنهنجي پٽڙي جي خوشي، سوچن ۽ ارمان جي پروڙ آهي ۽ هن ماءُ کي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي تہ چيتن جي خوشي ڇا ۾ شامل آهي؟ ۽ کيس اها بہ خبر آهي تہ هر لکندڙ کي پنهنجي لکيل تحرير جان کان وڌيڪ پياري هجي تي ۽ ماءُ جي حيثيت ۾ کيس وري چيتن جان کان پيارو آهي ان ڪري جاني ٻائي چيتن جي ٽڙيل پکڙيل قلمي سرمايي کي سانڍي رکيو، سهيڙيو ۽ دل سان چاهيو تہ اهو ڇپجي ميدان ۾ اچي تہ جيئن هوءَ پنهنجي پٽُ کي سرهو ٿيندو ڏسي.
چيتن جي لاءِ اها وڏي خوش نصيبي آهي تہ سندس ماءُ حيات آهي ۽ سندس خوشيءَ ڪاڻ دعاڳو آهي. عام طور اديب ۽ عالم جڏهن وفات ڪري ويندا آهن تہ سندن پونئيرن مان ڪي سجاڳ انهيءَ قلمي سرمايي کي زنده رکي ادبي پورهئي جي وارثي ڪندا آهن ۽ سندن نالي کي مانائتو ڪندا آهن. چيتن ان لحاظ کان نصيب دار آهي، جنهن کي لکڻ پڙهڻ لاءِ ماءُ جو ساٿ ۽ دُعا ملي. آئون هن ليک معرفت جاني ٻائيءَ جي ڪتاب سهيڙڻ جي محنت ۽ دلي شوق لاءِ کيس مبارڪباد ڏيان ٿي، هيءُ ڪتاب ماءُ جي دُعا آهي انشاءالله ضرور ڪامياب ٿيندو. چيتن جو اهو قلمي سفر جاري ۽ ساري رهندو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
A-03 ڏيپلائي ميمڻ ڪالوني حيدرآباد
24-2-2019

احسان آڪاش جو قلمي سفر (ڪتاب ڀڃ ڊاھ)

نثر ۽ نظم ادب جون ٻہ اهم شاخون آهن. نظم ۾ لفظن جا پويل موتي گوهر جيان آهن تہ نثر جو جلوو ۽ جمال سون وانگر آهي. نثري صنفن ۾ بيان ۽ موضوع جي چٽائي ۽ مواد جي موضوع سان موافقت اهم آهي. سٺن گفتن ۽ سريلن، سهڻن لفظن جو استعمال نثر جي اولين ضرورت آهي.
موجودہ ڪتاب جنهن تي هي تاثر لکي رهي آهيان سو ادا احسان آڪاش جو نثري ٽڪرن تي مشتمل آهي. جو جنوري 2021ع جو نئون تحفو ٿي سنڌي ميدان جي نثر ۾ لٿو آهي.
احسان رضا 27 جنوري 1982ع تي خيرپور ناٿن شاھ ۾ غلام رضا گاڏهي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪِرت طور استاد جي مقدس پيشي سان لاڳاپيل احسان آڪاش شاعر پڻ آهي تہ نثرنگار پڻ. گڏوگڏ پنهنجي قائم ڪيل احساس پبليڪيشن معرفت سنڌي ادب جي خدمتگار طور ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ ”احساس مئگزين“ ذريعي ڪيترن ئي ليکڪن جو پورهيو اسان جي اڳيان آڻي رهيو آهي. هيسيتائين احساس مئگزين جا 24 شمارا شايع ڪري چڪو آهي تہ تقريباً ٽيهارو کن ڪتاب پڻ پنهنجي ڇپائي جي اداري مان شايع ڪرائي پڙهندڙن تائين پهچايا اٿس.
”ڀڃ ڊاھ“ ڪتاب نثري ٽڪرن تي مشتمل آهي. جن جا موضوع ”زندگي، خواب، سياست، هُڳاءُ، سگھ، ننڊ، پيسو، خواهش، حرص ۽ مفاد، تصويرِ زندگي، مايا، هڪ سوچ، دوست ۽ فنڪار، لفظ، ذهني غربت، ماڻهن جو هڪڙو قسم هي بہ آهي، ڀڃ ڊاھ، ياد، محبت، فطرت، مثبت سوچ ٻيا آهن”. جي انساني روين، عملن، خواهشن ۽ سوچن بابت ليکڪ جا ويچار آهن.
مثبت رُخ يا هاڪاري سوچ بابت ليکڪ لکي ٿو تہ: “هڪ سِڌي ۽ مثبت رُخ ۾ اوهان جو ڪيل ڪم هڪ نہ هڪ ڏينهن ضرور سڦلتا ماڻيندو. سامهون واري جي ڪم ۾ ڪيترا نقص آهن؟ ان ۾ ڪهڙا گُڻ آهن؟ اهڙي سوچ کي نندي ڪري صرف پنهنجي حصي جي ڪم تي ڌيان ڏئي اڳيان وڌندڙ پنهنجي منزلِ مقصود تي ضرور رسندا آهن. مسلسل محنت، جاکوڙ ۽ سچائي جي جذبي تحت ڪم ڪرڻ سان اوهان سماج ۾ هڪ سٺي ۽ معياري ساک ضرور بڻائيندا...”
لفظ جي اهميت ڳالهائڻ ۾ ڪيتري آهي اهو هرڪو سمجهي ٿو پر احسان آڪاش فقط ٻن سٽن ۾ اهو نڪتو هن ريت ڄاڻايو آهي. “لفظ هميشہ مٺا ڳالهايو، جيڪڏهن اهي لفظ اوهان کي ڪڏهن واپس وٺڻا پون تہ ڪَڙا نہ لڳن ....!”
احسان جو لکڻ جو سفر جاري آهي. هن ڪتاب کان اڳ هو ست ڪتاب گڏيل شاعري ۽ ڪهاڻين جا ترتيب ڏئي چڪو آهي. دعا آهي تہ رب پاڪ کيس سندس قلمي سفر ۾ ڪاميابيون عطا ڪري. آمين.

مھاڳ: پئي پراڻو نہ ٿئي (اعجاز ممنائي جو ڪتاب اندر جا اندوھ)

اعجاز علي ميمڻ " اعجاز ممنائي" جي فون آئي تہ "ادي توھانجو نمبر راھب علي لاڙڪ کان مليو اٿم توھانجا ڪيترائي لطيفي مضمون "عبرت" معرفت پڙھيم ۽ توھانجا ڪيترائي ڪتاب پڻ ڇپيل آھن سو ارادو ڪيم تہ لطيف سرڪار تي پنھنجي لکيل پھرئين ڪتاب جو مھاڳ توھان کان لکرايان مون مسودو اوھان جي گهر جي ايڊريس تي پوسٽ ڪري ڇڏيو آھي مھرباني ڪري ٻہ اکر لکي ڏيندا"
مون ورندي ڏني مانس تہ ادا لطيف سائينءَ تي لکندڙن، پڙھندڙن، ھنئين سان ھنڊائيندڙن، شاھ جي شيدائين جي لاءِ منھنجي دل ۾ وڏي عزت ۽ احترام جا جذبا موجود آھن ھيءُ ڪو معمولي ڪم نہ آھي توھانکي اڳواٽ ھي ڪتاب لکڻ تي مبارڪباد ھجي جيئي لطيف، جيئن لطيف سرڪار جا پارکو ۽ پانڌيئڙا...
اڄ پنھنجي ڪمٽمينٽ تي قائم رھندي ھن مسودي تي مھاڳ لکڻ ويٺي آھيان
”شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ڌرتيءَ جو اھڙو لازوال اڻملھ واحد شاعر شمار ٿئي ٿو جنهن بابت گهڻو ڪجھ لکيو ويو آھي ۽ گهڻو ڪجھ لکيو ويندو سندس فن اڄ بہ جرڪي پيو تہ ايندڙ وقت ۾ پڻ قائم ۽ دائم رھندو“ پنھنجي ئي لکيل مٿين جملن تي سوچيان پئي تہ آخر انھيءَ جو سبب ڇا آھي اھو سوچڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ جو ھنڌ ضرور آھي تہ شاھ جي رسالي جي قائم ۽ دائم رھڻ جا ڪھڙا سبب آھن؟
سندس شاعري آفاقي شاعري آھي سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو اڻ کٽ خزانو آھي سنڌ جي ڪلاسيڪل داستانن جي شاعريءَ جو حسين ورجاءُ آھي علم عقل ۽ عرفان جو سمنڊ آھي ھيڻن جي ھمراھي آھي. سنڌي عورت جي پاسخاطري آھي، روحاني راز آھي، اندر جو اسرار آھي، ڇا ڇا نہ آھي ھن شاعريءَ ۾ ؟ ھر پاسي کان ھن خزاني کي پلٽايو ويو آھي تہ ھر پاسي کان نوان نوان گوشا ظاھر ٿيا آھن ڄڻ ائين لڳي ٿو تہ ھيءُ شاعر ھر وقت جو ، ھر دؤر جو، ھر صديءَ جو ، ھر ساعت جو آواز آھي سندس ئي لفظن ۾ تہ، ”وکر سو وھاء جو پئي پراڻو نہ ٿئي“
آءٌ سمجهان ٿي تہ ھن لازوال شاعريءَ جي صدين کان قائم ۽ دائم ھئڻ جي انيڪ سببن ۾ ھڪ سبب اھو بہ آھي تہ ھي وکر پراڻو ٿيندڙ نہ آھي ۽ نہ ئي ان جي واپرائڻ سان گھٽجڻ ۽ ضايع ٿيڻ جو امڪان آھي بلڪه ھر دور ۾ جديد آھي اسين ڀلي ھن کي وقت جي حساب سان قديم ۽ ڪلاسيڪل شاعري شمار ڪريون پر غور سان ڏسون تہ ھيءَ شاعري ھر دؤر جي جديد شاعري آھي ھر لحاظ کان پڙھڻ ۾ نت نئين لڳندي ۽ پڙھندڙن جي دل ۽ دماغ جا گوشا مختلف ڏسائن کان روشن ڪندي سماج جي ھر فرد کي پاڻ ڏي ڇڪيندڙ آھي.
اعجاز ممنائي لطيف سائينءَ جي ڪلام جي اڀياس مان ڇا پرايو آھي ۽ انھيءَ کي پنھنجي قلم وسيلي لفظن جو روپ پارائي ”اندر جا اندوھ“ ڪتاب ۾ ڪھڙي ريت پيش ڪيو آھي اھا راء پڙھندڙ ئي ڏيندا پر جيئن مون ھن مسودي جي ورق گرداني ڪئي آھي مونکي سندس پيش ڪيل موضوع ڪارائتا لڳا آھن تہ انھن موضوعن تي سندس سوچون ۽ ويچار وڻندڙ محسوس ٿيا آھن ھن جن بہ موضوعن تي لکيو آھي انھن مان ڪجھ تي اڳ ۾ پڻ لکجي چڪو آھي پر جيئن تہ ھرھڪ ليکڪ جو ساڳئي موضوع تي نقطئہ نظر الڳ الڳ ھجي ٿو انھيء لحاظ کان انھن موضوعن جي افاديت پنھنجي جڳھ تي مسلم چئبي ”اندر جا اندوھ“ ڪتاب ۾ ڪل 34 مضمون ڏنل آھن جن مان ڪي لطيف سائينءَ جي رسالي جي سُرن بابت آھن جيئن سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر ڪوھياري، سر سھڻي، سر کاھوڙي، سر مومل راڻو ۽ سر ڏھر آھن شاھ سائينءَ جي قلمي نسخن تي پڻ نظر وڌل آھي ڪربلا جي واقعي کي ”ڀٽائي ڪربلا جو حقيقي عزادار“ جي عنوان سان سر ڪيڏارو جي بيتن ۽ مفھوم سان پيش ڪيو آھي شاھ سائينءَ وٽ چرخي چورڻ جو سبق (ڪاپائتي) جي حوالي سان پڻ ھڪ سٺي ڪاوش آھي تہ ڪانگ ملڪي معاملن جو سفير يا پکين جي پريت ۽ ڀٽائيءَ جو ڪلام پڻ شاھ جي رسالي ۾ آيل پکين جي ذڪر بابت سھڻا مضمون آھن شاھ جي شاعريءَ ۾ اکين جو تذڪرو يا شاھ جي ڪلام ۾ زبان جو ذڪر اھميت جوڳا مضمون آھن شاھ ڀٽائيءَ جو صوفي فڪر ۽ فلسفو شاھ ڀٽائي دعائن جو در مضمون پڻ پنھنجي موضوع ۽ مواد جي ھڪ جھڙائي کان نھايت ئي وڻندڙ آھن ليکڪ لکي ٿو تہ ”لطيف سرڪار وٽ پنھنجي ديس، سنڌ ڌرتيءَ جو درد بہ پختو ۽ پڪو نظر اچي ٿو ھُو پوري عالم جو دعاڳو آھي ڇوتہ پاڻ امن پرست آھي ھو نفرت کان ڪناره ڪش آھي ھن کي پوري دنيا ۾ ڦھليل خشڪ سالي نہ ٿي وڻي ھُو اھو نہ ٿو چاھي تہ خدا جي رحمت زحمت ۾ داخل ٿي وڃي انڪري سر سارنگ جي طويل بيت ۾ پوري عالم لاء آخر ۾ دعا جا ڪلما ھن ريت بيان ڪيائين
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
جڏھن سندس دعائون اگهي وڃن ٿيون تہ مينھن جي پالوٽ سبب سڀ تر ترايون ڀرجي وڃن ٿيون ھاري ھر سنباھينِ ٿا پٽن مان کستوريءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي سنگهاريون پرھ ڦٽيءَ جو مکڻ پيون ولوڙين ۽ ڏاڍو خوش پيون ٿين مطلب تہ لطيف سرڪار ھر انسان جا ڏک سک پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪري سچ پچ تہ وڏو ڪمال ڪيو آھي انھيءَ نُڪتي جي وضاحت ۾ اعجاز ممنائي ٻيا بيت پڻ ڏنا آھن.
اعجاز ممنائي شاعر ۽ نثر نگار آھي ۽ خاص طور تي مضمون نويسيءَ ۾ سندس ڪم موجود آھي 50 کن لطيفي مضمون ۽ مقالا لکيا جن مان ڪجھ ثقافت کاتي طرفان شايع ٿيل ڪتابن ۾ سر ڪوھياري سر آسا ۽ سر پرڀاتي ۾ شامل آھن ان کانسواءِ ڪيترين ئي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ سندس تحريرون شايع ٿينديون رھن ٿيون جن جو خاص موضوع ملڪي حالتون بزرگ ھستين ۽ شاعرن تي تحقيقي ڪم آھي جنهن مان يقيناً ٻيا پڻ سھڻا ڪتاب ڇپجي ظاھر ٿيندا سندس لکڻ جو پنڌ اڃان جاري آھي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي آفاقي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي سلسلي تحت لکيل ”اندر جا اندوھ“ ڪتاب ڀٽ ڌڻيءَ جي سدا حيات شاعريءَ جا ڪيترائي رخ ظاھر ڪري ٿو جن مان ھن لاکيڻي شاعر جي وسيع القلبي، وسيع النظري، ڪائناتي مطالعي سان گڏ، ڌرتيٍءَ واسين لاء پيار جو پيغام ظاهر ٿيئي ٿو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
13 جنوري 2021ع
اي–03، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد

اوٻارا عبير جا (يوسف سنڌيءَ جي ڪتاب تي بيڪ ٽائيٽل)

يوسف سنڌي جو نالو سنڌي ادب ۾ وڏي وٿ قرار ڏنو وڃي ٿو، هن جاکوڙي اديب پنهنجي محدود وسيلن هوندي ادب توڙي اديبن جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ذاتي طور نهٺو هڏڏوکي ۽ مددگار انسان آهي. هو هميشہ انڪساريءَ کان ڪم وٺندو آهي. وٽس نہ وڏائو آهي نه ٺاھ ٺوھ، سندس حياتيءَ جو مقصد فقط ۽ فقط سنڌ، سنڌ واسين ۽ سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪرڻ آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان پڻ يوسف ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سڄي سنگت کي گڏ کڻي هلڻ ئي سندس مشن آهي، پاڻ مسقل ۽ مسلسل لکندڙ اديب آهي.

سهڻي منهنجي سنڌ

هيءَ دنيا رنگ برنگي نظارن، عجائبن، ايجادن ۽ مختلف معلوماتن جي احوالن سان ڀريل آهي ۽ انهيءَ احوال کي معلوم ڪرڻ سان وڏي عبرت ڀري ڄاڻ ملي ٿي. دُنيا جي مختلف هنڌن، ماڳن ۽ ملڪن جي جاگرافيائي، تاريخي، موسمياتي، اقتصادي، صنعتي، زراعتي، علمي ادبي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ ملي ٿي.
سفر ڪرڻ سفرنامو لکڻ ٻہ الڳ الڳ لقاءُ آهن. دُنيا ۾ هزارين لکين ماڻهو ڏيھ توڙي پرڏيھ سفر ڪندا رهن ٿا، پر اُهي سڀ سفرناما نٿا لکن، سفر ڪرڻ ۽ اُن جون ڀوڳنائون ۽ گھرا مشاهدا ڪاغذن جي ڪينواس تي پنتقل ڪرڻ سان ڪتابي صورت ۾ سفرنامو وجود ۾ اچي ٿو، جنهن جو لکندڙ سفرنامانگار طور مشهور ٿئي ٿو.
محمد رمضان جوڻيجو جي گھر بدين ضلعي جي ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ جنم وڄندڙ مور ساگر جي ادبي سڃاڻپ شاعر، مضمون نگار ۽ سفرنامانگار طور رهي آهي. هاڻي ته هو باقائدي سفرناما لکندڙ طور سامهون اچي رهيو آهي. ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ سندس پهريون سفرنامو 2014ع ۾ ڇپيو، انهيءَ کان پوءِ ملائيشيا ملڪ جو سفر ”مور اِن ملائيشيا“ 2018ع ۾ ڇپيو، ٽيون سفر پنهنجي سنڌ وطن جو ”زندگي جا پل مون جي گھاريا سنڌ ۾“ 2021ع ۾ ڇپيو، هاڻي هي چوٿون سفرنامو ”سهڻي منهنجي سنڌ“ جو اوهان جي هٿن ۾ آهي، اُهو بہ سنڌ جي سفر جو ڀاڱو ٻيو آهي ۽ اڃان وڌيڪ سنڌ جي سفر جا ڀاڱا اچڻا آهن. سندس لکيل سفرنامن کي پڙهندڙن پاران سُٺي موٽ ملي رهي آهي.
”سهڻي منهنجي سنڌ“، عنوان مطابق سنڌ جي اهم جڳهين، گورک، منصوره، هالا، سيوهڻ، اڇڙو ٿر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ماتلي، بدين جي ڪيترن اهم ماڳن مڪانن، مسجدن، درگاهن، لائبريرين سان گڏ مُلھ مهانگن ماڻهن سان ملاقات ڪرائي ٿو. سندس اندازِ بيان دلچسپ، سادو ۽ روانيءَ وارو آهي. آئون سمجهان ٿي، مور ساگر جا سفرناما سنڌي سفرنامن ۾ سُٺي جڳھ والاريندا.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
حيدرآباد

  مھاڳ: پنکڙيون گلاب جون جو

زاھد حسين سومرو جي ڪتاب ”پنکڙيون گلاب جون“ جو مسودو مون کي ادي َء ثمينه طرفان پوسٽ ذريعي مليو ۽ سندس فون به آئي. چوڻ لڳي تہ، ”ادي ھي ادا زاھد حسين مون کي مھاڳ لکڻ لاءِ ڏنو آھي پر جيئن ته آئون ڪتاب جي پروفائيلز ۾ شامل آھيان ان ڪري بھتر سمجھيم تہ توھان کي Request ڪيان ته توھين مھاڳ لکي ڏيو. آئون ته ادا زاھد کي سڃاڻندي ئي ڪانه ھيس پر ادي ثمينه جي چوڻ تي ھامي ڀريم وري جو مسودو اٿالئڻ سان خبر پيم ته اھو ته عورتن جي فن بابت آھي ته ھيڪاري جواب ڏيئي ڪانه سگھيس. جو آئون پاڻ ڪيترن سالن کان سنڌي عورتن جي فن کي مڃتا ڏيئي رھي آھيان ) ھن ڏس ۾ عورت ڪھاڻيڪارن جي چونڊ ڪھاڻين جو ڪتاب ”سون ورنيون سوڍيون“ تحقيق ۽ ترتيب ڏئي شايع ڪرايم جنھن جي ٽائيٽل تي سنڌ جي نقشي ۾ عورت ڪھاڻيڪارن جا فوٽو آھن ۽ انتساب محترمه شھيد بينظير ڀٽو جي نالي آھي. چاليھن چونڊ ڪھاڻين تي ھي ڪتاب 2008ع ۾ شايع ٿيو ۽ ھند ۽ سنڌ ۾ يڪسان مقبول پيو ۽ ايوارڊ مليا. ان کانسوا ِء، 2012ع ۾ ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“ پي ايڇ ڊي جو مقالو شامل ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتم جنھن ۾ پڻ 1947ع کان اڳ ۽ پو ِء جي عورتن جي نثري ڪم جي ڪٿ ٿيل آھي. اھو مقالو 2020ع جي ڊسمبر ۾ شايع ٿيو ۽ 2001ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌاالاجي کان بھترين تحقيقي جو ايوارڊ حاصل ٿيو آھي(. حاصل مطلب ته ھي منھنجو پسنديده موضوع رھيو آھي. انھيءِ ڪري ھن مسودي تي لکڻ جو دلي ارادو ڪيم پر اتفاق اھڙو ٿيو جو مون کي ڪووڊ جي وبا سبب ايتري تڪليف درپيش آئي جو نومبر 2020ع جي بيمار ٿيل اڃان ھاڻي ڪجھ بھتر ٿي آھيان. لکڻ جو ھاڻي شروع ڪيم ته ڪتاب ۾ ڪجھ خاميون پڻ ڏسڻ ۾ آيون. ليکڪ جو نمبر به مون وٽ نه ھو. ادي ثمينه کي فون ڪري چيم ته ادي ھي ڇا؟ توھان ته وري پڇا ئي ڪونه ڪئي نه ئي ادا زاھد جو نمبر ڏنو. هوءَ به گھڻن ڪمن ۾ ِھن مسودي کي وساري ويٺي ھئي. حالانڪہ ٿيندو ائين آھي ته مھاڳ لکرائڻ وارا چڱو خاصو لکندڙ سان واسطي ۾ ايندا آھن. ڪي ته اھڙا به لکندڙ ھجن ٿا جي مسودو رکيو ڇڏين پر آئون ادب ۾ حوصله افزائي َء جي قائل آھيان. آئون سمجھان ٿي ته لکندڙ پنھنجو رت ست ولوڙي ئي ڪا شيِء اسان جي اڳيان آڻي ٿو. کيس appreciate نه ڪرڻ يا دڳ نه ڏَسڻ انتھائي غيرواجبي رويو آھي. منھنجي پنھنجي سينيئرز ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فھميده حسين، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر اياز گل، ڊاڪٽر نورافروز خواجه ۽ ٻين ڪيترن مون کي ھمٿايو. پنھنجي چاليھن سالن جي ادبي پورھئي ۽ 15 ڇپيل ڪتابن کي جڏھن ڏسان ٿي تڏھن انھن سڀني سينيئرز جو ھٿ پنھنجي مٿي تي محسوس ڪندي آھيان. مون ادا زاھد کي فون ڪئي ۽ کين ِھن ڪتاب بابت مشورا به ڏنا ۽ چيم ته جنوري جي 10تاريخ تي مھاڳ لکي ڏيندس. سندس ھڪ ڪتاب ”ڪڻا منجھ قرار“ اڳ ۾ ڇپيل آھي جنھن ۾ سندس اسڪول جي استادن جا پروفائيل آھن بلڪه ھڪ لحاظ کان اھا ان اسڪول جي علمي حالتن جي تاريخ آھي. اھو ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪو آھي. ھي سندس ٻيو ڪتاب آھي جو ساھتي پرڳڻي يعني شھيد بينظير آباد (نوابشاھ) ۽ نوشھروفيروز ضلعي جي علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي عورتن )شخصيتن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل( احوال آھي. سوانحي ادب جنھن ۾ سوانح عمري، آتم ڪھاڻي، خاڪا، روزنامچا شامل آھن، جي دنيا جي ھر ادب ۾ وڏي اھميت آھي. سوانح عمري ۽ خاڪو ڪنھن به فرد واحد جي شخصي ڄاڻ بابت احوال آھي ته خط ۽ ڊائري َء آتم ڪھاڻي، جو لکندڙ پنھنجي ذات جي باري ۾ احوال لکي ٿو. ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جي شروعات کان ئي سوانحي ادب کي اھميت مليل آھي. مير شير قانع ٺٽوي ) فارسي َء ۾ لکيل سندس ڪتاب سنڌي َء ۾ ترجمو ٿيا(، شيخ محمد ابراھيم خليل، دين محمد وفائي، پير حسام الدين راشدي، جي ايم سيد، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، غلام رباني آگرو ۽ ٻين ڪيترن جي لکيل سوانحي ڪتابن سنڌي ادب جي تاريخ کي ھٿي ڏني آھي. ھن ڏس ۾ ادبي تاريخون، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقاال پڻ اھميت جوڳا آھن. ان کانسوا ِء شخصي احوال تي مبني مڪمل پڻ ڪيترائي ڪتاب ملن ٿا. جن جو مطالعو ڄاڻائي ٿو ته انھن شخصيتن پنھنجيون حياتيون ڪھڙي َء ريت ڪامياب ڪيون. تعليم، فن ۽ سماجي خدمتن ذريعي ڪيئن پنھنجي ناماچاري قائم ڪئي. اونچن آدرشن تي عمل پيرا ٿيا چڱن ارادن ۽ چڱن عملن سان ۽ اھو سڀ جڏھن ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي پڙھندڙن سامھون اچي ٿو تڏھن قاري المحاله اھو سوچڻ تي مجبور ٿو ٿي وڃي ته ”واھ، ڇا ته ھيِء باشعور فرد ھو/آھي. جنھن سماج جي ڀلي َء اوسر ۾ واقعي پاڻ پتوڙيو آھي“. منھنجي خيال کان ھي ُء ڪتاب انھي َء ئي مقصد کي آڏو رکي لکيو ويو آھي. مقصدي طور تي ھن ڪتاب کي عمل ۾ آڻيندي، ليکڪ ادا زاھد سومرو صاحب سنڌي عورت جي علم، فن، سمجھ، ھمٿ ۽ محنتن کي مڃيو آھي. زاھد سومري کي شابس ھجي جنھن ھي ُء ڪشالو ڪاٽيو آھي. سنڌ جي ھڪ اھم خطي ساھتي پرڳڻي جي تعليم يافته عورتن جي نمائندگي ڪئي آھي. سنڌي ادب جي وسعت ۾ ھن خطي جي جن عورتن جو حصو آھي انھن مان 46 ليکڪائون جيئن ڪلا پرڪاش، ڊاڪٽر تھمينه مفتي، ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاھ، قمرالنسا ِء جوکيو، سنڌيا شاھ، ماھين ھيسباڻي، حسينه ساند، ثمينه ميمڻ، ڄام صنم سنڌي، شبانه عالماڻي، سدرت المنتھا شاھ، سنڌو نواز گھانگھرو، مخدوم آسيه قريشي ۽ ٻيون آھن جن مان ڪيتريون ته منھنجيون پنھنجيون فرينڊس آھن ۽ سندس ڪم جي مون کي ذاتي طور ڄاڻ آھي. آئون سمجھان ٿي ته اھو انھن جو حق ھو جو کين ھن ڪتاب ۾ آندو ويو. سماجي ۽ سياسي شخصيتن ۾ 16 عورتن جا پروفائيل آھن جيئن ڊاڪٽر شمشاد اختر ڏيٿو، ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، فريال ٽالپر، غزاله چنڙ، قمرالنسا ِء ڌامراھ ۽ ٻيون آھن. دولتپور ۽ پسگردائي جي سڄاڻ عورتن کي به نه وساريو ويو آھي جنھن ۾ حميده اوٺو، ڊاڪٽر فاطمه ملاح، انجنيئر سورٺ ٻرڙو ۽ ٻيا ڪل 8 خاڪا ڏنل آھن. پوري ڪتاب ۾ 70 سوانحي مضمون/ خاڪا آھن جي سنڌي عورت جي باشعور ۽ حوصله مند ھئڻ جو يقين ڏين ٿا. اھي پروفائيل اھو ڄاڻائين ٿا ته اڄ جي عورت عزم ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪنھن به حالت ۾ پوئتي ناھي. اڄ جي عورت سماج سڌارڪ جي حيثيت سان، گھرو ايڪائي َء ۾ ھڪ ذمه دار فرد جي حيثيت سان، پنھنجي قلم وسيلي تخليقي ڪوششن سان سنڌي سماج ۾ ھڪ ھاڪاري تبديليءَ جي خواھشمند آھي. ادا زاھد ڪوشش ڪئي آھي ته پاڻ سنڌي عورتن جي بابت پنھنجي پڙھندڙن سان معلومات share ڪري جنھن ۾ ھو يقينا ڪنھن حد تائين ڪامياب ٿيو آھي پر آئون سمجھان ٿي ته اڃان جيڪڏھن سندس فن جو اڀياس )خاص طور تي قلمڪار عورتن جو( تفصيلي طور تي ڏئي ھا ته سندس علمي، ادبي ۽ سماجي حيثيت سان گڏ فن ۽ فڪر جي اوسر جي به ڀلي َء ڀت ڄاڻ ملي ھا. چند مثال شاعري َء جا ضرور موجود آھن پر نثرنگار عورتن بابت احوال ڪجھ حد تائين تشنه آھي. انھي َء جي باوجود ھي َء ھڪ سٺي تصنيف ظاھر ٿيندي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ڪونھي. علي نواز آريسر، غالم مصطفي سولنگي َء جا ڪتاب ھن ڏس ۾ موجود آھن ۽ منھنجو تحقيقي مقالو پڻ شايع ٿي ويو آھي ته به ھن ڪتاب جي اھميت ۽ انفراديت الڳ الڳ آھي. ڪيتريون اھڙيون عورتون ھنن سوانحي مضمونن / خاڪن معرفت اڀري سامھون آيون آھن جن بابت ڪوبه مواد اڳ لکيل موجود ناھي. انھي َء لحاظ کان ھن ڪتاب جي افاديت ۽ انفراديت بلڪل شمار ٿيڻ جوڳي آھي. ھڪ ٻي ڳالھ پڻ ھن ڪتاب کي مٿاھين حيثيت ڏيڻ ۾ خاص شمار ٿيندي جو ليکڪ عورتن جا عورت ذات جي ترقي ۽ اڳيان وڌڻ بابت ويچار ڏنا آھن جيئن مثال طور حميده پروين اوٺو لاءِ لکي ٿو ته، ”حميده جي نظر ۾ عورت ھڪ تخليق ڪار آھي جيڪا سڀني سماجي رشتن کي جنم ڏئي، ھڪ منفرد معاشرو تخليق ڪري ٿي. ٻين لاءِ جيئڻ کي ئي ھو َء پنھنجي زندگي َء جو اصل مقصد ڄاڻي ٿي. سماجي اڻ برابري، انسانيت جي تذليل ۽ ان تي ٿيندڙ ظلم کيس اداس ڪري ڇڏي ٿو جڏھن ته سماج کي فائدو ڏيندڙ ھر ڪم، سندس خوشيءَ جو باعث بنجي وڃي ٿو. ايڊووڪيٽ ڪائنات ٻرڙو جو نئين ٽھيءَ جي عورتن لاءِ پيغام ھن ريت ڏنل آھي ته، عورتن جو ڪردار ھميشه نمايان ۽ مثالي رھيو آھي. ان ڪردار کي نظر ۾ رکندي عورتن خاص ڪري ڀينرن کي گھرجي ته پنھنجي باوقار صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ھر شعبي ۾ اڳتي قدم ۽ ان سان گڏ سياست ۾ پڻ سرگرم ٿين ته جيئن عورتن جي شعور ۾ اضافو به ٿئي ۽ ھو پنھنجي حقن لاءِ ڪو مثبت ڪردار به ادا ڪري سگھن. جنسي امتياز جي خاتمي سان ئي ھڪ مھذب معاشرو جنم وٺي سگھي ٿو“. ڄام صنم سنڌي َء جا عورت، مرد، ڪائنات، زندگي ۽ موت جي باري ۾ خيال ذڪر ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته ”ادي صنم سنڌي، عورت کي ڪائنات جي خوبصورت ترين، سورت نسا ِء واري مقدس ھستي سمجھي ٿي پر جي پنھنجو ما ُن ۽ مرتبو سڃاڻي ته. جڏھن ته مرد کي عورت جي سونھن ۽ تقدس جو رکوالو ۽ محافظ سمجھي ٿي. سندس خيال ۾ زندگي الله جي امانت آھي جنھن ۾ خيانت نه ڪرڻ گھرجي جڏھن ته موت سڀ کان وڏي ۽ اڻ ٽر حقيقت آھي جنھن کي ٽاري نٿو سگھجي“. پنھنجي پياري امڙ حنيفه خاتون کي ارپيل ادا زاھد حسين سومرو جي ھي پورھيو بلڪل جوڳي جا ِء والاريندو ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ عورتن لاءِ ڪيل ڪم ۾ اھميت جوڳو شمار ٿيندو. منھنجي دعا آھي ته سندس لکڻ جو سفر جاري ۽ ساري رھي ۽ ھو آئنده پڻ محنت سان نيون ڪاوشون آڻيندا رھن.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جِن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھائيو.

2020 – 01 – 03

مؤرخ ۽ محقق (تاثر)

چند ڏينهن ٿيا تہ منهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر رفيق الرحمٰن جو ننڍڙو محمد ولي وڏيءَ سوچ سان پنهنجي ڪاپي ۽ پين کڻي اچي مون وٽ ويهي رهيو، سندس نموني مان لڳو تہ هو ڪنهن معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ فڪرمند آهي. محمد ولي هونئن بہ ننڍڙو هوندي بہ سنجيده مزاج، گھٽ ڳالهائو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، معاملي جي تھ تائين پهچندڙ ۽ پڙهائيءَ جو شوقين آهي. انهيءَ ڪري اسين ناناڻا کيس ننڍڙو آفيسر چوندا آهيون. هو منهنجي منهن ۾ نهاري ۽ موڊ کي پرکيندي چوڻ لڳو، ”امان ناني! هڪڙي سوال جو جواب ٻڌائيندا، توهان کي وقت آهي؟“ جڏهن تہ آئون سندس سامهون بلڪل فارغ ويٺي هيس، پر هُن جي ڳالهائڻ جي انداز مونکي ڏانهس وڏيڪ متوجه ڪيو. چيومانس، ”ها راڻا! ٻڌائي مونکي بلڪل وقت آهي؟ ڪجھ پڙهڻو آهي؟“ چوڻ لڳو نہ امان، پڙهڻو ڪونهي پر هڪ سوال جو جواب زباني گھرجي، ڪلھ اسان جي ٽيچر ڪلاس ۾ پڇيو تہ، ”بتائو مؤرخ اور محقق مين کيا فرق هي؟“ مون پڇيو مانس، ”پوءِ توهان ڪهڙو جواب ڏنو؟“ ورندي ڏنائين، ”امان! ڪافي دير تہ ڪنهن کي سمجھ ۾ ڪو نہ آيو آخر هڪڙي ڇوڪري چيو تہ، ”مؤرخ تاريخ دان هوندو آهي. جڏهن تہ محقق Writer هوندو آهي“ ٻيهر سوال ڪيو مانس تہ، ”ولي پوءِ ٽيچر ڇا چيو؟“ چوڻ لڳو تہ، ”امان، پيريڊ ئي ختم ٿي ويو هاڻي ٽيچر صبحاڻي ٻڌائيندي پر توهين تہ ٻڌايو؟“
هاڻي ڳالھ مڙيئي ڳُڙ هئي، ڪيئن چوانس تہ اسان وٽ تہ ادب ۾ اهي سنڌاسيڙها ختم ئي ٿيندا پيا وڃن. هتي تہ مؤرخ کي محقق ۽ محقق کي نقاد پيا سڏين تنقيد جي ڪتابن کي تحقيق ۽ تحقيق جي ڪتابن کي تاريخ جا ايوارڊ پيا ملن. آئون سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران مليل ڪتابن جي انعامن تي غور ۽ فڪر ۾ هيس جو محمد وليءَ اچي مؤرخ ۽ محقق جو ڌماڪو ڪيو. مون کي سوچن مان موٽائڻ لاءِ هڪدم چوڻ لڳو تہ، ”امان ناني، مون پنهنجي فرينڊس کي چيو آهي تہ، ميري ناني رائيٽر هين مين ان سي پوڇونگا پهر ڪلاس مين ڪل ٽيچر ڪو بتائونگا“.
ڏٺم تہ معاملو وڌي عزت جو ٿي ويو کيس مؤرخ ۽ محقق جو فرق ٻڌائڻ تمام ضروري ٿي پيو ڪيئن ننڍڙي معصوم کي ٻڌايان تہ، نقاد چون ٿا تہ، محقق پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي سڌي ڪندو آهي ۽ مؤرخ گشا هڻندو آهي ۽ سڀني کان اُتم نقاد پاڻ ئي آهي جو سڀني جا پٽڪا لاهي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کان مٿي ڪنهن کي بہ نہ سمجهندو آهي پر اهي سڀ ڳالهيون کانئس، مٿي هيون. ان ڪري پيار ڪندي چيم تہ، ”ڏس راڻا! تون جيڪا پُڇا ڳاڇا ڪري رهيو آهين اها مون کان سواءِ ٻين کان بہ ڪندين وري ڊڪشنري ۽ گوگل تي بہ سرچ ڪندين تہ اها تحقيق آهي ۽ محقق حقيقتون جمع ڪري نتيجا پيش ڪندو آهي ۽ مؤرخ اڄ جون حقيقتون ۽ واقعا صبح ٻڌائڻ وارو تاريخ دان آهي مطلب تہ مؤرخ ماضيءَ کي سرچ ڪري تاريخ لکندو آهي تہ محقق پڻ سرچ ئي ڪندو آهي هڪ لحاظ کان ٻنهي جو ڪم ڳولها/Searching آهي. کلندي چيومانس، ”اهو ڪم تون بہ ڪري رهيو آهين، تون ننڍڙو محقق بہ آهين تہ مستقبل جو مؤرخ پڻ“. هن خوش ٿي مون ڏي نهاريو ڄڻ سندس ذهن تان هماليه جبل جيڏو بوجھ لهي ويو هجي، ٺينگ ٽپا ڏيندو پنهنجي ڪمري ڏي هليو ويو.
8-4-2016

  ليکڪا جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپاڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر 20 نومبر 1958ع تي جنم ورتو، سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي نوڪريءَ سانگي رهيو، ان ڪري سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ٺٽي، ماتلي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. 1973ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ 1975ع ۾ انٽر ميڊيئٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي پرجلد ئي نوڪريءَ کي خير باد چئي انگريزي ادب ۾ 1983ع ۾ ايم اي ڪيائين ۽ 1988ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري 1991ع کان ليڪچر طور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص-ايم بي اينڊ جي ايف گرلز ڪاليج حيدرآباد، کان پوءِ نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس و تدريس جا فرض سر انجام ڏيڻ کان پوءِ 2018ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ريٽائر ڪيائين. ادبي زندگيءَ ۾ سندن پهريون افسانو “چري” جي عنوان سان ۽ ٻيو “ماءُ جو دلاسو” (خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو) 1980ع ۾ شايع ٿيا ۽ پوءِ مضمون پڻ لکيائين اهي چند مضمون ۽ ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ ترت ئي سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏي مُڙي ويو. 2004ع کان سندس مڪمل ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا آهن جن ۾، (1) ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، روشني پبليڪيشن، 2004ع (2) ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، هائرايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2008ع. ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن 2015ع (3) ”اُٿي رائو ريل“، 2008ع. (4) ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“، (لطيفيات)، 2007ع ۽ ٻيو ڇاپو 2009ع). (5) ”سون ورنيون سوڍيون“ (ڪهاڻيون)، ترتيب ۽ تحقيق، 2009ع. (6) ”اخلاقي قدر“ (ٻاراڻو ادب)، 2010ع. ٻيو ڇاپو 2016ع (7) ”وکر سو وهاءِ“، (مضمون نويسي)، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2011ع شايع ڪيا آهن. ان کانسواءِ ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“، ائڊوانس پبليشر لاهور 2015ع ۽ ”عالم سڀ آباد ڪرين“، (لطيف شناسي) 2016ع، ”پلئه پايو سچ“، 2016ع ۾ ”سنڌي ادب پڇا ڳاڇا“، 2018ع، ”گلدستو“ 2019ع ۾ ڇپيا آهن. پي.ايڇ.ڊي مقالو 2020ع ۾ ۽ ”ٽي تحفا“ 2021ع ۾ شايع ٿيا آهن. هيٺ سندن ڇپيل ڪتابن جي مواد جو مختصر جائزو ڏجي ٿو. سندن ايندڙ ڪتابن ۾ ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون نثري ادب ۾ خدمتون“، ”جي پارکو پارس جا“ (لطيفيات)، ”ماڻڪ موتي لالَّ“ (مضمون ۽ مقالا)، ”مفتي منجھ ويهار“ (آتم ڪهاڻي) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. سندن ڪتابن جو مختصر احوال هيٺين ريت آهي،
1) سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات: ڪتاب روشني پبليڪيشن 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي، ليکڪا جو هيءَ پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي شاگرد طبقي مان گهڻي پذيرائي ملي خاص طور مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ ادبي دور جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشهور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعريءَ تي روشني وڌي ويئي آهي، تہ ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي احوال سان گڏ نثر ۽ نظم جي مشهور صنفن تي روشني وڌل آهي. مشهور نثر نويسن جي احوال سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو لطيفي مضمونن ۽ گرامر تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ، “اکر منجھ الف” جي عنوان سان سندن وڏي ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪ آفتاب احمد ميمڻ لکيو آهي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ڏنل آهي، 272 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب ليکڪا پنهنجي والد مرحوم محمد موسيٰ ميمڻ جي نالي ڪيو آهي ۽ سندن ئي نالي تي هن پبليڪيشن جو ادارو محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي پڻ قائم ڪيو آهي ۽ انهيءَ اداري مان سندن ڪتاب شايع ٿيندا رهندا آهن.
2) سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس: ڪتاب جي مسودي کي “هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد”2005ع ۾ مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور منظور ڪيو ۽ 2008ع ۾ ايڇ اي سي هي ڪتاب اسلام آباد مان ايڇ اي سي جي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جون 500 ڪاپيون پهرين ڇاپي ۾ شايع ٿيون جيڪي اداري پاران پاڪستان جي مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرين کي موڪليون ويون ۽ 100 ڪتاب ليکڪا کي اعزازي ڪاپين طور ڏنا ويا ۽ سهڻي ڪاغذ ۽ ٽائيٽل سان شايع ٿيل ڪتاب جو ISBN 969-417-104-0 آهي. ليکڪا هيءُ ڪتاب پنهنجي والده غلام فاطمه کي ارپيو آهي. سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهن.
سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس نثر جي اهم صنفن جيئن مضمون، مقالا، سفر ناما، ناول، افسانا ۽ ڊرامن جي ڄاڻ ڏنل آهي. 404 صفحن جي هن ڪتاب ۾ نثر جي هر صنف تي تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دعائيه ڪلمات لکيا آهن جن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته، ”سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ ليکڪا مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي“. مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ۽ هن ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ قرار ڏنو آهي، جو هائر ڪلاسن جي شاگردن کان سواءِ علم ادب جي عام مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ ان لاءِ گهربل مواد جون گهرجون مهيا ڪري ٿو. ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي ۽ انٽرنيٽ تي ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هيل تائين اهو فقط ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ ٻين اهم لائبريرين ۾ موجود هو جتان شاگرد طبقو مستفيض ٿي رهيو آهي. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو هيڪ جي اجازت سان 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو آهي. جنهن م هن ڪتاب جو نالو ”سنڌ نثر جي صنفن جو اڀياس“ رکيو ويو آهي، ۽ ٽيون ڊجيٽل ڇاپو 2021ع ۾ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي موجود آهي.
3) آديسين ادب آهي اکڙين ۾: ڪتاب لطيف شناسيءَ تي ميمڻ پروين موسيٰ جو ترتيب ۽ تحقيق طور تيار ٿيل آهي. جنهن جو 2008ع ۾ پهريون ڇاپو ۽ 2009ع ۾ ٻيو ڇاپو، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان ڇپيو آهي، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ 150 رپيا قيمت آهي، بلو رنگ جي ٽائيٽل سان شاھ صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي ۽ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا جي تصوير ۽ سندن تعارف موجود آهي، هن ڪتاب جو عنوان شاھ صاحب جي رسالي مان سُررامڪليءَ جي بيت مان ورتل آهي، پروين موسيٰ جي هن ڪتاب جو موضوع بلڪل منفرد ۽ نئون آهي، ان کان اڳ هن ڏس ۾ ڪوبہ ڪم ٿيل نہ هو انهيءَ ڪري اهو گهڻو ڪامياب ويو. هن ڪتاب ۾ ليکڪا شاھ صاحب جا اهي بيت داستانن ۽ سرن جي حوالي سميت پيش ڪيا آهن جن بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان چونڊيل آهن جيئن مثال طور پڙاڏوسوئي سڏ (ناول) اندر جنين اڌ (سفر نامو) اهڙيءَ ريت شاھ صاحب جي بيتن مان چونڊيل بيتن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جي موضوع وار تفصيل ۽ گڏ اهي بيت ڏنل آهن، جن جو وچور ٽي سئو تائين آهي، جيڪي شاعري، ناٽڪن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ متفرقه موضوعن تي مشتمل آهن. ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر نورافروز خواجه طرفان ٻہ اکر ۽ مهاڳ لکيل آهن. جن هن ڪتاب جي ڪاوش کي ڪارائتو ۽ علمي افاديت وارو قرار ڏنو آهي ۽ جنهن سان شاھ صاحب جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ٿيو آهي. خاص طور محمد ابراهيم جويو صاحب ڪتاب جي موضوع، مواد، ڪمپوزنگ ۽ بيتن تي لڳل اعرابن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا انهن آديسين جي نالي آهي، جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق ۽ شوق رکندڙ ۽ هن ڏِسَ ۾ راهون روشن ڪندڙ آهن. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، جو ٻيو ڇاپو 2009 جي آخر ۾ گري رنگ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پڻ شاھ صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي ۽ موجوده وقت اهو ڇاپو ختم ٿي چڪو آهي. ٽيون ڊجيٽل ايڊيشن وڌيڪ 50 بيتن جي اضافي سان سنڌ سلامت ڪتاب گھر تي 2021ع ۾ موڪليو ويو آهي.
4) اٿي رائوريل (تنقيد ۽ تحقيق): محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو پيلي رنگ جي ٽائيٽل سان پوئين ڪور تي ليکڪا جو تعارف ۽ تصوير موجود آهي. اٿي رائوريل، جو عنوان شاھ لطيف جي شاعريءَ مان سر سسئي آبري جي داستان 8 مان 13 نمبر بيت، ”ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙھ چڪيائي چوٽئين“، جي بيت مان ورتل آهي. ڪتاب جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب ترجما، تنقيد ۽ ليطيفيات آهن خاص طور سنڌي ادب جي اهم موضوعن جيئن سنڌي ٻولي، نثر جي اهميت، سنڌي نثر جون اهم صنفون ناول، ناٽڪ، افسانا، سفر ناما، سوانح نگاري، لطيفيات ترجما نگاري، ادب ۾ ترجمي جي اهميت، تنقيد جو عمل، نقاد جون جوابداريون، مضمون نويسي / مقالا نگاري ۽ ٻيا اهم موضوع شامل آهن، هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو: (ٻولي، ادب، نثر ۽ نظم) ٻيو ڀاڱو (نثر جون اهم صنفون، تحقيقي جائزو) ٽيون ڀاڱو (ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات) ڀاڱو چوٿون (سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون) آهن جن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي خدمتن تي روشني وڌل آهي، هن ڪتاب جي سروق جي اندرين صفحن تي ليکڪا جي ڪتابن تي عالمن ۽ اديبن جا رايا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر الانا، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ماهتاب محبوب، مظهر جميل، مظهر الحق صديقي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻين جا رايا آهن. هيءُ مختصر ڪتاب مواد ۾ گهاٽو ۽ لاڀائتو آهي، سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل”، کي 2008ع جي بهترين تنقيد ۽ تحقيق جي ڪتاب طور ايوارڊ ڏنو ويو. موجوده وقت سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي پڙهڻ لاءِ موجود آهي.
5) سون ورنيون سوڍيون: ترتيب ۽ تحقيق وارو ڪتاب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، الرزاق پرنٽنگ ايجنسيءَ کان 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، 242 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نانءُ خوبصورت تصوير جي هيٺان ليکڪا لکيو آهي ته، “ورسي وطن ڄائيون”، جهونجهارن جوانن جيان، ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج ڏيندڙ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نانءُ، ”سون ورنيون سوڍيون“ موضوع جي حوالي سان ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌي ليکڪائن جا (1932ع کان 2008ع) تائين جا افسانا شامل آهن، جيسي ڪڏواڻي، پوپٽي هيرا اننداڻي، سندري اتم چنداڻي، تارا مير چنداڻي، ايشوري جوتواڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندراشبنم، بيگم زينت عبدلله چنا، ثميره زرين، خيرالنساء جعفري، تنوير جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فهميده حسين، نورالهديٰ شاھ، سحر امداد، تبسم ماهتاب قريشي ۽ ٻين جون ڪهاڻيون آهن، ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ ”سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبه“ جي عنوان سان لکيو آهي، ڊاڪٽر شمس الدين هن ڪتاب جي ڪهاڻين کي معياري چونڊ قرار ڏنو آهي ۽ ليکڪا موجب تہ هنن ڪهاڻين ۾ سنڌي عورت جون سوچون، ويچار، عزم، ارادا، ننڍيون ننڍيون خواهشون، مانائتي جيون جيئڻ جا آدرش شامل آهن تہ سنڌي قوم جي مزاج، تاريخ، تهذيب، معاشرت ۽ ماحول جي نمائندگي پڻ آهي، هن ڪتاب ۾ پروين موسيٰ طرفان، ”ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون“، عنوان سان تحقيقي مقالو پڻ شامل آهي، جو 2009ع جي ڪلاچي تحقيقي جرنل ۾ شايع ٿيو. سندن انهيءَ تحقيقي ڪم جي حوالي سان ئي اهو ڪتاب ترتيب جي عمل ۾ آيو. ڪتاب جو ٽائيٽل اجرڪ جي ثقافتي رنگ سان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي اندرانهن ڪهاڻيڪارائن جون تصويرون ۽ هيٺ سندن ڪتابن جا عڪس آهن. ڪتاب جو عنوان شاھ جي رسالي جي، سُر مومل راڻو جي داستان 3 مان ورتل آهي. عورت ڪهاڻيڪارائن جي ڪهاڻين جو سنڌ توڙي هند ۾ هيءُ پهريون مجموعو شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي خطن جي ليکڪائن جي نمائندگي ٿي آهي جو هند ۾ پڻ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. سون ورنيون سوڍيون جو سنڌ سلامت تي ڊجيٽل ايڊيشن 2019ع ۾ رکيو ويو.
6) وَکر سو وهاءِ: هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ طبعزاد مضمونن جو مجموعو 2011ع ۾ ڇپيو آهي. 4-149-969-978- ISBN هن ڪتاب جو نمبر آهي، “مونو گراف اينڊ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم مطابق 2006ع جي ائڊور ٽائيز تحت ليکڪا هيءُ مسودو ايڇ اي سي کي موڪليو جتان اهو ماهرن جي راءِ کان پوءِ مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ منظور ٿيو. پهرين ڇاپي جي اشاعت 500 ڪاپين جي ٿي آهي، ڪتاب جو پنو تمام سهڻو ۽ ٽائيٽل ديده زيب آهي جنهن ۾ لائبريريءَ جو ڏيک ڏنل آهي جيئن عنوان مطابق، وکر سو وهاءِ يعني علم پرائڻ جي تلقين آهي، هن ڪتاب ۾ علم جي افاديت تي سترنهن مضمون آهن ۽ عنوان شاھ صاحب جي سر سريراڳ جي داستان 3 ۽ بيت نمبر 2 ”وَکر سو وِهاءِ، جو پئي پُراڻو نہ ٿئي“، مان ورتل آهي، ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي گهر ڀاتين ورانور خان پٽن يا سررضا، محمد مجتبيٰ ۽ نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر ۽ ڏوهٽن محمد مير ۽ محمد وليءَ جي نالي آهي“.
مضمونن جي هن ڪتاب جو مهاڳ مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو آهي، حميد سنڌي، مظهرالحق صديقي ۽ ڊاڪٽر ادل سومرو جا ليک ڪتاب جي باري ۾ شامل آهن ۽ شروع ۾ ليکڪا پاران مضمون نويسيءَ جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌل آهي. وکر سو وهاءِ، ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو (تعليم) آهي جنهن ۾ 17 مضمون ۽ 4 موضوعن تي علمي بحث مباحثا آهن ۽ ٻيو ڀاڱو (ادب) آهي جنهن ۾ لوڪ ادب شاعري، نثر ۾ ليکڪائن جو حصو ۽ ٻيا موضوع آهن ٽيون ڀاڱو (لطيفيات) آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب جي بيتن جي سٽن تي مشتمل ڏھ مضمون آهن. جيئن، “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” يا “جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن” وغيره چوٿون ڀاڱون پهاڪن، چوڻين ۽ قولن تي مشتمل مضمونن جو آهي، جيئن “سچ تہ بيٺو نچ” “صبر جن جو سير تيرنہ گُسي تن جو”، ۽ ٻيا مضمون آهن. پنجون ڀاڱون سوانحي مضمونن جو آهي جنهن ۾ شاھ ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين شخصيتن تي مضمون آهن ۽ ڇهين ڀاڱي ۾ متفرقه موضوعن تي جيئن، “جيون گهارڻ جو فلسفو”، “محبت ۽ نفرت” ۽ ٻيا عنوان آهن مجموعي طور هيءُ مضمونن جو مجموعو 216 صفحن جو آهي، ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي، ڪتاب جي آخر ۾ رائج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهي، “وکر سو وهاءِ” مضمون نويسيءَ جي موضوع تي موجوده دور ۾ هڪ بلڪل منفرد ۽ وڻندڙ مضمونن جو مجموعو آهي جو سنڌي ادب ۾ مضمونن جي ڪتابن جي اڻاٺ هئڻ سبب هڪ بهترين اضافو شمار ٿي رهيو آهي. وکر سو وَهاءِ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي موجود آهي.
7) عالم سڀ آباد ڪرين: لطيف شناسيءَ جي موضوع تي مضمونن تي مشتمل آهي. جنهن کي سنڌراڻي پبيڪيشن پاران 2016ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جو عنوان حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سارنگ جي بيت مان ورتل آهي،
سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

ٽائيٽل تي شاھ لطيف جي روضي جو عڪس آهي، ڪل 21 مضمون آهن، جن جا عنوان پڻ شاھ لطيف جي بيتن مان ورتل آهن ۽ انهن عنوانن کي کولي سمجهايو ويو آهي، جيئن “سڙيا مٿي سچ”، “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو”، “مٽيءَ لڌو مان” ۽ ٻيا آهن، هنن مضمونن جا عنوان نہ فقط وسيع معنيٰ رکن ٿا پر منجهن مواد کي ليکڪا ڪمال ڪاريگريءَ سان نڀايو آهي، “عالم سڀ آباد ڪرين”، جو مهاڳ امداد حسيني لکيو آهي تہ الطاف شيخ، وينا شرنگي ۽ ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاھ ۽ سليم چنا تاثرات لکيا آهن، 144 صفحن جو هيءُ ڪتاب تخليقي مضمونن سان سجايل آهي، جنهن ۾ لطيف شناسيءَ جا گوناگون رنگ موجود آهن، هن ڪتاب تي علي نواز آريسر (عبرت) ۽ زاهده تاج ابڙو (سوڀ) ۾ تبصرا لکيا آهن ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ماهراڻي راءِ “ڪچ ڪوڏيون” ۾ شايع ٿي آهي. عالم سڀ آباد ڪرين جو ڊجيٽل ڇاپو 2020ع ۾ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي رکايو ويو آهي.
8) پلئه پايو سچ: ليکڪا جو تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي 240 صفحن جو ڪتاب 2016ع جي ڊسمبر ۾، سنڌ راڻي پبليڪيشن ميرون رنگ جي ٽائيٽل ڪور سان شايع ڪيو آهي، ڪتاب جي ارپنا ليکڪا جي ڀاءُ آفتاب احمد ميمڻ جي نانءُ آهي، تہ ڪتاب ۾ انمول ادبي هيرو آفتاب احمد ميمڻ، ”سنڌي زبان جو مکيه سرمايو“، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ”ڊاڪٽر پروين کي جس هجي“، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ”ويٺي ووڙي“، ماهين هيسباڻيءَ جا ويچار ليکڪا جي فن جي باري ۾ ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ 28 ريسرچ آرٽيڪل ۽ 10 تخليقي مضمون ڏنل آهن، آخر ۾ رائج طريقي مطابق بلبيو گرافي ۽ ليکڪا جي ڪتابن جو تعارف ۽ سندس سي وي ڏنل آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل جي بيڪ ڪور تي مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ۽ اندرين ليف تي ماهتاب محبوب، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نور افروز خواجا ۽ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جا رايا پڻ ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ آيل موضوعن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون، ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ آهن ۽ ٻيا موضوع آهن، ڪتاب جو عنوان شاھ لطيف جي سر سريراڳ جي چوٿين داستان جي چوڏهين نمبر بيت مان ورتل آهي.
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
پلئه پايو سچ موجوده وقت سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي موجود آهي
9) گلدستو (مضمون نويسي): علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، سماجي ۽ لطيفي مضمونن جو مجموعو ليکڪا جو ٻارهون نمبر ڪتاب آهي، بنيادي طور پاڻ مضمون نگاري ۽ مقالا نگاريءَ ڏي شغف رکندڙ آهي، مضمون نويسيءَ تي هن کان اڳ سندن ٽي ڪتاب اخلاقي قدر، وکر سو وهاءِ ۽ علام سڀ آباد ڪرين مڃتا ماڻي چڪا آهن، مضمون نويسيءَ جي صنف تي سندن هي ڪتاب خاص چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي لاءِ تيار ڪيل آهي، انهيءَ حوالي سان اهم موضوعن تي مضمون ڏنا ويا آهن، جي لطيف شناسي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ ٻين موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، هيءُ ڪتاب 60 طويل مضمونن تي مشتمل آهي. جو انشاءَ الله پڙهندڙ شاگردن لاءِ فائديمند ٿيندو. گلدستو جو پهريون ڇاپو 2017ع، ٻيو ڇاپو 2018ع ۽ ٽيون وڌيڪ واڌارن سان ڇاپو 2019 ۾ شايع ٿيو آهي، ڪُل 3000 ڪتاب ختم ٿي چڪا آهن.
10) سنڌي ادب MCQ’s: سنڌي ادب MCQ’s معروضي سوالن ۽ حل ڪيل جوابن تي مشتمل ليکڪا جو ڪتاب ايم اي، ايم فل جي انٽري ٽيسٽ، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن کانسواءِ ليڪچرز شپ جي Vivoce جي لاءِ وڏي پئماني تي معلومات مهيا ڪندڙ آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ انهيءَ ڪتاب کي عام هلندڙ نموني جي بجاءِ مختلف ۽ نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ڪتاب کي 15 بابن ۾ ورهايو ويو آهي، موضوع وار اها ورهاست ڪئي وئي آهي، خاص ڪي باب سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي حوالي سان آهن تہ بيتن جي سڃاڻپ، بيت جي سٽ مڪمل ڪرڻ، لطيف شناسي، پهريون ڪير؟، سن، ڄم ۽ وفات، ڪتابن جا عنوان موضوع ۽ ليکڪ، سنڌي صحافت، شاعري ۽ ٻين موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي تہ هڪ باب تفصيلي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل پڻ آهي تہ آخري باب ۾ پهاڪا ۽ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آهن. هن کان اڳ ايم سي ڪيوز تي ڪوبہ اهڙو ڪتاب موجود نہ آهي 300 کان مٿي صفحا آهن ۽ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي ۽ ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي جي تعاون سان هيءَ ڪتاب ڇپجي جولاءِ 2017ع ۾ پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2018ع ۽ ٽيون 2020-2019 جو ڇاپو شاھ لطيف جي روضي جي ٽائيٽل سان شايع ٿيو آهي.اخلاقي قدر (مضمونن جو گلدستو): ٻاراڻي ادب لاءِ مضمونن جو گلدستو آهي، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو ويو، 72 صفحن جي هن ڪتاب جو، ٽائيٽل اجرڪ جي ڦلڙين سان سجيل آهي. جڏهن تہ ڪتاب تي ليکڪا جو فوٽو ۽ سندس اڳ ڇپيل ڇهن ڪتابن جا عڪس ڏنل آهن، هيءُ مختصر ڪتاب نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، طرفان ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ ۽ فروغ لاءِ اخبار ۾ ڏنل هڪ اشتهار جي بنياد تي انعامي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جتان ليکڪا کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو، هن ڪتاب ۾ پيش لفظ ۽ ماهراڻي راءِ، ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ طرفان لکيل آهي، جن اخلاقي قدر ڪتاب کي نہ فقط شاگردن پر استادن ۽ والدين جي لاءِ بہ اهم قرار ڏنو آهي، هن ڪتاب ۾ جن موضوعن تي مختصر مضمون آهن جي هڪ طويل مضمون جو حصو آهن. انهن ۾ دوستي، حُسن اخلاق، سادگي، سچ، امن، اميد، علم، ڪتاب، روحانيت ۽ ٻيا موضوع آهن.
هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ جي پورائي ۾ مفيد ثابت ٿيو آهي. جنهن جو ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن شايع ڪيو آهي ۽ مهاڳ سليم چنا لکيو آهي ۽ ٽيون وڌيڪ واڌارن سان ڇاپو 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي.
11) اخلاقي قدر (مضمونن جو گلدستو): ٻاراڻي ادب لاءِ مضمونن جو گلدستو آهي، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو ويو، 72 صفحن جي هن ڪتاب جو، ٽائيٽل اجرڪ جي ڦلڙين سان سجيل آهي. جڏهن تہ ڪتاب تي ليکڪا جو فوٽو ۽ سندس اڳ ڇپيل ڇهن ڪتابن جا عڪس ڏنل آهن، هيءُ مختصر ڪتاب نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، طرفان ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ ۽ فروغ لاءِ اخبار ۾ ڏنل هڪ اشتهار جي بنياد تي انعامي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جتان ليکڪا کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو، هن ڪتاب ۾ پيش لفظ ۽ ماهراڻي راءِ، ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ طرفان لکيل آهي، جن اخلاقي قدر ڪتاب کي نہ فقط شاگردن پر استادن ۽ والدين جي لاءِ بہ اهم قرار ڏنو آهي، هن ڪتاب ۾ جن موضوعن تي مختصر مضمون آهن جي هڪ طويل مضمون جو حصو آهن. انهن ۾ دوستي، حُسن اخلاق، سادگي، سچ، امن، اميد، علم، ڪتاب، روحانيت ۽ ٻيا موضوع آهن.
هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ جي پورائي ۾ مفيد ثابت ٿيو آهي. جنهن جو ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن شايع ڪيو آهي ۽ مهاڳ سليم چنا لکيو آهي ۽ ٽيون وڌيڪ واڌارن سان ڇاپو 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي.
12) سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ): ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مٿئين عنوان وارو ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ طور شمار ٿئي ٿو. ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي ڀاءُ ڪموڊور اقبال احمد ميمڻ جي نانءُ آهي. 400 صفحن جي هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جي اهم موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي. جيئن ٻولي، ٻوليءَ جي قدامت ۽ لهجا، ٻولي بابت عالمن جا نظريا، سنڌي ادب جي ابتدا، لوڪ ادب، لوڪ شاعري جون چند اهم صنفون (سهرو، جمالو، لولي، مورو)، ادبي دؤور (عربن جي دور کان موجوده دور تائين) ڪلاسيڪل شاعر (قاضي قادن کان ساميءَ تائين) قديم سنڌي شاعريءَ جون صنفون (سورٺو، دوهو، بيت، وائي، ڪافي) جديد دور جا سنڌي شاعر (عبدالڪريم گدائي، ملاح، طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ ٻيا) جديد دور جون شاعري جون صنفون (غزل، نظم، آزاد نظم، هائيڪو، گيت)، جديد دور جا نثر نگار (ڀيرومل، مرزا صاحب، دائودپوٽو، نبي بخش، ڏيپلائي ۽ ٻيا) جديد نثري ادب (ناول، افسانو، ناٽڪ، سفر نامو)، (چند اهم افسانوي مجموعن جو جائزو (سفيد وحشي، پشو پاشا، بلو دادا، آبِ حيات، دل جي دنيا، چوٽيهون در ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن) ڊرامن جا ڪتاب تنقيدي جائزو (شهزادو بهرام، انڪوائري آفيسر، آخري رات، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ ٻيا، سفر ناما تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو) سفر يورپ جي ڊائري، سير ۽ سفر، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، ڏوري ڏوري ڏيھ، سرهي سرهي سار) ان کان سواءِ چند اهم تحقيقي ڪتابن جو تنقيدي جائزو بہ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. جيئن پيغام لطيف، مقدمهءِ لطيفي، شاھ لطيف جي شاعري، ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪا جو تعارف ۽ سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڏنل آهي. هي ڪتاب سهڻي ثقافتي ٽائيٽل ڪور سان لاهور پنجاب جي هڪ وڏي اشاعتي اداري ائڊاوانسڊ پبليشرز 2015ع جي نومبر ۾ شايع ڪيو آهي، هن ڪتاب تي وفا موليٰ بخش (عبرت) ثمينہ ميمڻ (ڪاوش) ۾ پنهنجا ويچار لکيا آهن، جڏهن تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، انور ڪاڪا ۽ ماهين هيسباڻيءَ جا لکيل مهاڳ ۽ تاثر 2018ع جي محمد موسیٰ اڪيڊميءَ واري ايڊيشن ۾ شامل ڪيا ويا آهن. (2020-2019-2018ع) ۾ هن ڪتاب جو چوٿون 1000 ڪاپين جو ڇاپو بلو رنگ جي ٽائيٽل ۽ شاھ لطيف جي روضي جي عڪس سان وڌيڪ واڌارن سان ڏيپلائي ٽائون محمد موسیٰ ادبي اڪيڊميءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
13) سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس (1985ع تائين) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مٿئين موضوع تي تحقيقي مقالو، 2012ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو، پي ايڇ ڊي جي لاءِ منظور ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر نورافروز خواجه جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو، هن تحقيق ۾ نو باب ڏنل آهن، آخر ۾ مڪمل تحقيقي نتيجا ببليو گرافي ۽ ضميمو موجود آهن، هيءُ ضخيم مقالو 475 صفحن تي مشتمل آهي، باب پهريون (الف) نثر آهي جنهن ۾ نثر جي وصف، قسم ۽ نثر جي ترقيءَ لاءِ گهربل خاصيتن تي بحث ڪيل آهي، باب پهريون جي (ب) ۾ نثر جي ابتدا ۽ اوسر مختلف تاريخي دورن جي حوالي سان سنڌي نثر جي ٿيل ترقي ۽ اوائلي نثر کان موجوده دور تائين آيل تبديليون ۽ ٿيل ترقيءَ جو جائز و شامل آهي، باب ٻيو سنڌي عورت جي سماجي حيثيت ۽ تعليم جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ عورتن جي سماجي حيثيت ۽ تعليمي پس منظر ۽ موجوده علمي صورتحال جو تحقيقي جائزو ڏنل آهي، هن تحقيق جو ٽيون باب 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصو آهي، جنهن ۾ تعليم يافتہ عورتن جي ادب ۾ شموليت جي حوالي سان انهيءَ دور جي زناني تعليم جو تفصيلي جائزو ڏنل آهي، انهيءَ کان سواءِ 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جيئن سيتا ديوي، گلي سدار نگاڻي، چندرا آڏواڻي ۽ ٻين جي فن جي تحقيقي جائزي سان گڏ هن دور جي چند اهم ناولن جيئن، “سروجا”، “اتحاد”، “پريم جيون” ۽ ٻين ناولن جو تنقيدي اڀياس شامل آهي، چوٿون باب 1947ع کان پوءِ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصي جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ اهم ناٽڪ، ناول، افسانوي مجموعا جائزي هيٺ آهن جن ۾ سيلاب زندگيءَ جو، پريت پراڻي، ريت نرالي، حياتي هوتن ريءَ، ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ، لهر لهر زندگي، ڪربلا، ۽ ٻيا ڪتاب اڀياس هيٺ آندا ويا آهن، سنڌ ۽ هند جي اهم ليکڪائن جي فن جي هن اڀياس ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽاشهاڻي، ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاھ، ۽ ٻين ڪيترين ليکڪائن جي ڪم جو تجزيو ڪيو ويو آهي، پنجون باب ٻين نثري صنفن ۾ عورتن جي مڪمل ڪم جي ڄاڻ ڏئي ٿو جنهن ۾ مضمون، مقالا، خط، سوانح عُمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، روزنامچا ۽ سفرناما شامل آهن. باب ڇهون نثر جي مٿين ڪم جي موضوعن ۽ مواد جي اڀياس تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن جا موضوع، قومي مقصدن جا موضوع، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو موضوع، سماجي مسئلن جا ٻيا متفرقه موضوع شامل آهن، هن باب ۾ وقت سان آيل نثر ۾ موضوعن جي تبديلي ۽ مواد جي موضوع سان مطابقت تي پڻ بحث خاص طور ڪيو ويو آهي، باب ستون نثر ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ جي معيار جو اڀياس آهي، هن باب ۾ نثر جو اسلوب بيان، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، علامتون، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، نثر ۾ تجنيسِ حرفيءَ جو استعمال، نج سنڌي لفظن جي استعمال جي اهميت ۽ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظن کان بچاءُ، ٻولي بچاءُ هلچل ۽ خاص طور عورتن جي استعمال ڪيل نثر جي فصاحت، بلاغت ۽ سلاست کي پڻ پرکيو ويو آهي، باب اٺون فن ۽ فڪر جي عنوان سان اهم ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي حيثيت سان گڏ سندن فن جي فڪري ۽ تنقيدي اڀياس جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هن باب جي شروع ۾ فن ۽ فڪر جي باهمي تعلق جي وضاحت ڪيل آهي، باب نائون موضوع تي لاڳاپيل شخصيتن جا رايا رٿون جي عنوان سان آهي جنهن ۾، تعليمي ماهر دادي ليليٰ وتي، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه ۽ نور الهديٰ شاھ جا انٽرويوز آهن جن سان موضوع جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيل آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ تحقيقي مقالو پنهنجي موضوع جي حوالي سان منفرد آهي، هن موضوع تي هيل تائين ڪو بہ ذڪر جوڳو ڪم ٿيل نہ هو. محققا ڪيترن سالن کان سنڌي نثر جي موضوع تي ڪم ڪندي محسوس ڪيو تہ سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو ڪم وڏي انداز ۾ موجود آهي پر تحقيق عورتن جي ڪم کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڪوبہ اهڙو مڪمل ڪتاب نٿو ملي، جنهن ۾ ليکڪائن جي نثر جي ڪم تي ڪا روشني وڌل هجي، معنيٰ تہ ليکڪائن جي نثري ادب ۾ خدمتن کي مؤرخن ۽ نقادن طرفان اهڙي ريت نہ آندو ويو هو جهڙيءَ ريت آڻڻ گهربو هو. جڏهن تہ سنڌي عورتون سنڌي نثر ۾ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان لکي رهيون آهن. انهيءَ ڪري هن تحقيقي مقالي ۾ تمام سهڻائيءَ سان سندن ڪم جو اڀياس ڏنل آهي، جنهن ۾ خاص طور 1985ع تائين جي ڇپيل ڪتابن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هي مقالو پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي انتهائي ديده زيب ٽائيٽل ڪَوَر سان 2020ع ڊسمبر ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
14) ٽي تحفا: ٻالڪ ادب ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب آهي جنهن جو انتساب ليکڪا جي پوٽن ۽ ڏوهٽن جي نالي آهي جو پوپٽ پبلشنگ خيرپور 2021ع جي مئي مهيني ۾ شايع ڪيو. مهاڳ امر اقبال ۽ ڊاڪٽر اياز گل بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا ۽ فن بابت لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ٻارنهن ڪهاڻيون آهن جن ۾ ”پشيماني“، ”روشني“، ”آسيه ۽ ارسلان“، ”سچي خوشي“، ”ڏھ روپيا“، ”خود غرضي“، ”ڪر ڀلو تہ ٿئي ڀلائي“، ”وڻ پوکيو ثواب ڪمايو“، ”شهزادو راهب“، ”خلق جي خدمت“، ”صوفن جو باغ“ ۽ ”بوٽ پالش“ آهن. هيءُ ڪهاڻيون هڪ طرح سان قديم ۽ جديد ڪهاڻين جو ميلاپ آهن جن ۾ ڪي شهري ماحول جون تہ ڪي ڳوٺن جون، ڪي پڙهيل گھرن جون تہ ڪي عام نموني جي رواجي گھرن سان واسطو رکن ٿيون، پر خاص ڳالھ تہ انهن ڪهاڻين ۾ اخلاق، همدردي، محبت، اخوت، همٿ، جرأت ۽ شرافت ۽ ٻين ڪيترين انساني گڻن کي پنهنجو ڪرڻ جا گَسَ ڄاڻايا آهن.
15) ملھ مهانگا سپرين (سنڌي نثر: جديد مطالعو): آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاريءَ تائين جي نثر نويسن جي فن ۽ نثر نويس جي معلومات تي مبني آهي. هن کان اڳ ليکڪا جا ٻہ ڪتاب ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ ۽ ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“، ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ 1901ع تائين جي اهم نثر نويسن کي آندو ويو آهي.
پهريون باب سنڌي نثر جي ابتدا ۽ اوسر جي تفصيل تي آهي ان کان پوءِ سنڌي نثري جي سرجئهارن ۽ ترقي ڏياريندڙن جي فن ۽ سوانح جو جائزو ڏنل آهي جنهن ۾ سنڌي، عربي الف-ب جي موجد مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ۽ قرآن پاڪ کي سنڌي ترجمي سان پهريون دفعو لکندڙ آخوند عزيزالله جو تعارف ڏنل آهي. آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاريءَ تائين تقريباً چاليھارو اوائلي نثر نويس هن ڪتاب ۾ آندل آهن جيئن ديوان ننديرام، سيوهاڻي، منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي، آخوند لطف الله، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، دين محمد وفائي ۽ ٻيا آهن. هيءُ ڪتاب ڪمپوز ٿيل آهي، ڪتاب جو انتساب مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، آخوند عزيزالله، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي نالي آهي، جن سنڌي نثر جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ پاڻ پتوڙيو. مهاڳ، ٻہ اکر ۽ تاثر نصير مرزا، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا لکيا آهن.
16) ”جديد سنڌي نثر جو بنياد وجهندڙ“ تاريخ ساز شخصيت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (سوانح ۽ فن): ڪتاب مرزا قليچ بيگ جي فن جي جائزي تي مشتمل آهي جنهن ۾ سندن نثر ۽ نظم جي ڪم جي مقصديت تي روشني وڌي وئي آهي. مرزا صاحب جي ناٽڪن جو اڀياس (”ليلیٰ مجنون“، ”انڪوائري آفيسر“، ”شهزادو بهرام“، ”حسنا دلدار“) هن ڏس ۾ موضوع طور چونڊيل آهن جن مان ٻہ طبعزاد ۽ ٻہ ترجما آهن. ”سائو پن ڪارو پنو“، آتم ڪهاڻيءَ ۽ سندن سوانح نگاريءَ ۾ ٿيل ڪم جو جائزو ورتو ويو آهي تہ سندن شاعريءَ بابت پڻ تحقيقي ليک هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ناولن ۾ ”زينت“ ۽ ”دلارام“ جي پرک سان گڏ ترجمو ڪيل ناولن جو اڀياس پڻ شامل ڪيل آهي تہ مضمون نويسيءَ جي ٻين ڪتابن جي ذڪر سان گڏ خاص طور ”مقالات الحڪمت“ کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ ڪتاب سنڌي نثر جي باني/جديد سنڌي ادب جي محسن کي مڃتا ڏيڻ خاطر لکيل آهي.
17) ماڻڪ موتي لالَّ: هيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن 2021ع طور لکيو ويو آهي جنهن ۾ ڪجھ مضمون اڳ جا لکيل آهن خاص طور مضمونن ۽ مهاڳن تي آڌاريل هن ڪتاب ۾ سوانحي ۽ ادبي مضمون محترمه شهيد بينظير ڀٽو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، بيگم زينت، ڊاڪٽر رشيده حجاب، مهتاب اڪبر راشدي، زاهده تاج ابڙو، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي باري ۾ مضمون آهن تہ ڪجھ ادبي موضوع سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو، سنڌ محبت جي سرزمين آهي ۽ ٻيا آهن. سيما عباسي ۽ فقير محمد سنڌي ٻہ اکر ۽ تاثر لکيا آهن.
18) سدا وسين تون: ۾ مضمون، تقريرون ۽ ڪتابن تي تبصرا آهن. انهن جي ليکڪن بابت احوال ڏنل آهي. اهڙي احوال ۾ ”قلم جنين جي هٿ ۾“، ”شاھ جي شيدائي“، آئون جي اها ئي ذات“، ”ڏيپلي تعلقي جي تاريخ“، ”ڍولا مارو ڍٽ“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن ان کانسواءِ ليکڪا پنهنجي مختلف علمي ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ پڙهيل پيپرز ۽ تقريرون پڻ ونڊ ڪيون آهن. ابنِ رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص، زبيري ۽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ”جشنِ لطيف“ ۽ ٻين هنڌن ڪيل لطيفي تقريرون ۽ پيپر ڏنل آهن تہ چند خوبصورت تصويرون پڻ هن ڪتاب جي زينت آهن. فاطمہ ڀرڳڙي، شبنم گل ۽ شمس جعفراڻي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.
19) ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا: ڪتاب پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ليکڪا جا تحقيقي مقالا آهن.
20) ارباب جي هوشياري: ڪتاب ”ٻالڪ ادب“ بابت لکي مڪمل ڪمپوز ٿيل ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي جنهن ۾ ڪل 10 ڪهاڻيون آهن جن ۾ ”ارباب جي هوشياري“، ”نيڪيءَ جو بدلو نيڪي“، ”ملڪہ ۽ ايوب“، ”بدنيت دوست“، ”لالچ بري بلا آهي“، ”سادگيءَ ۾ سچائي آهي“، ”اچو تہ وڻ بچايون“، ”فرحان جي عقلمندي“، ”احسانمندي“، ”پاڻي نعمت آهي“ آهن. جي نہ فقط سبق آموز پر ٻارڙن جي وندر ورنهن ۽ موجوده دور جي ماحول مطابق آهن. هيءُ ڪهاڻيون ٻارڙن جي ذهني معيار ۽ سنڌي سماج جي حالتن سان ٺهڪندڙ آهن جي مختصر ۽ سبق آموز شمار ٿين ٿيون. هن ڪتاب جو انتساب شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي نالي آهي.
21) سانول جو باغ: مڪمل ٿي ويو آهي. جنهن ۾ تيرهن ڪهاڻيون ”سانول جو باغ“، ”قسمت جي ڦيرو“، ”معاذ ۽ مريم“، ”سچ تہ بيٺو نچ“، ”لاپرواهي“، ”آفاق، نٿو جن ۽ موتي“، ”12 ربع الاول جو جشن“، ”شيردل/شيرو دادا“، ”پٺاڻ چوڪيدار“، ”حلال رزق“، ”قيديءَ جو واعدو“، ”ٺڳ واپاري“، ”ٽي لک“ آهن. جن ۾ ٻارڙن کي سندن فرض ڄاڻايل آهن تہ کين پنهنجي حقن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ٻارڙن جي عالمي طور حقن جي معاهدي CRC تحت کين همت ۽ خود اعتمادي ڏيڻ لاءِ تعليم جي حاصلات، خوف ۽ ڏک مان نڪرڻ پنهنجي پاڻ تي ڀروسو ۽ همٿ ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي گھر کي بهترين پناھ گاھ ڄاڻايو ويو آهي تہ جيئن اڄ جو ٻار پنهنجي والدين ۽ گھرڀاتين کي پنهنجو سڄڻ ۽ خيرخواھ سمجھي کين مطالعي ڏي موڙڻ لاءِ پڻ اُتساهيو ويو آهي. هيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب موجوده دور جي حالتن کي نظر ۾ رکي لکيو ويو آهي.