ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ايوب کوسي  جي شاعريءَ جو مجموعو ”اڪيلائيءَ جو آسمان“  اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ غزل، نظم ۽ پنجڪڙا شامل آھن. ايوب کوسو پنھنجي شاعريءَ جي رستي سنڌ جا حسين منظر پسائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آھي. ايوب کوسي روايتي ورجاءَ، يڪسانيت، تتبع ۽ ڊکاڻڪيءَ واري شاعريءَ کان ھٽي ”لفظن جي حرمت“ ۽ تخليقي انداز کي بحال رکيو آھي. يڪسانيت جي جمود کي ٽوڙيو آھي ۽ روحن جي ڌرتيءَ کي گرمايو آھي. ھن وٽ سماجي ۽ قومي شعور بہ بلند سطح جو آھي ۽ ان جو اظھار بہ وقتائتو ڪري ٿو.
ھي ڪتاب 2008ع  ۾ گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ