سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران بخاري افضل جي شاعريءَ جو مجموعو ”تون ئي تون“ اوھان اڳيان حاضر آھي، جنھن ۾ غزل، نظم ۽ وايون شامل آھن.
بخاري افضل جي شاعريءَ ۾ سنڌ، سونھن، پيار ۽ پريت جو ذڪر آهي. سندس شاعري اسان جي معاشري جي ترجمان آهي. سندس غزلن ۾ محبت ۽ خوشبوءِ جا احساس سمايل آهن. شاعر ۽ سندس شاعري انڊلٺ جي رنگن جيان هوندا آهن، مختلف رنگ، مختلف خيال، مختلف موضوع ۽ کوڙ سارا خواب ۽ وري ڪجه ساڀيائون بہ. اهي سڀ رنگ ھن ڪتاب ۾ موجود آهن.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي بخاري افضل جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي