لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

  • 4.5/5.0
  • 2
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

حق ۽ واسطا

ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ آهن

ڪتاب: اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ
ليکڪ: مختيار احمد ملاح
تعداد: 1000
ڇاپوپهريون: آگسٽ 2017ع
ڪمپوزر: اقبال شيخ (الف شين 03376229922)
ڇپائيندڙ: بلاول انسٽيٽوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ ، نوابشاهه
ملهه: 450 رُپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Name of the Book: History of 19th Century Sindhi Prose
Writer: Mukhtiar Ahmed Malalh
Edition First: August, 2017
Quantity: One Thousand Copies
Composing: Iqbal Shaikh
Published by: Bilawal Institute of Historical Research Nawabshah
Price : Rs. 450/-

ارپنا!

مان پنهنجو هيءُ علمي ۽ قلمي پورهيو ارپيان ٿو
پنهنجي گورنمينٽ پرائمري اسڪول اڳڙا جي استادن کي، جن جي نگرانيءَ ۾ 1979ع کان 1984ع تائين سنڌي زبان ۾ تعليم حاصل ڪئي، ۽ جن
مون کي سنڌي زبان ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ
سيکاريو.

- مختيار احمد ملاح

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق مختيار احمد ملاح جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”اڻويھين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي
ھي ڪتاب بلاول انسٽيٽوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاھ پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون مختيار احمد ملاح جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com 

پنوتري

• اداري پاران شير محمد مهر
• هڪ معياري تحقيق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
• ليکڪ پاران مختيار احمد ملاح

(1) اڻويهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثرنويسيءَ جا اهڃاڻ
(2) اڻويهين صدي ءَ ۾ ملڪي سماجي حالتون
(3) اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر نويسيءَ جا سبب
(4) اڻويهين صديءَ ۾ تعليمي ادارن جو نثر نويسيءَ جي ترقي ۾ حصو
(5) تعليم کاتي جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصو
(6) اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جا دؤر
1. انگريز اهلڪارن جي رپورٽن ۽ ڪتابن جو دور
I. پهريون نثري ڪتاب
II. لغتن ۽ گرامر جي اشاعت
III. مشنري ادبي سرگرميون
IV. ناٽڪ نويسيءَ جي ابتدا
V. ناول نويسي ۽ آکاڻي نويسي جي سرڪاري سرپرستي
(2) درسي ڪتابن ۾ نثري ادب جو ڪلاسيڪل دؤر
1. سائنسي علمن جي ترقي ۽ نثري ڪتاب
2. جاگرافي نويسيءَ جي اهميت
3. سنڌي نثر ۾ تاريخ نويسي
(3) ادبي صنفن جي ترقيءَ جو بنيادي دور
i. لوڪ داستان زباني روايت کان اشاعت تائين
ii. قصا نويسيءَ جي ترقي
iii. آکاڻي نويسيءَ جي ترقي
iv. ناٽڪ نويسيءَ جي ترقي
v. ناول نويسيءَ جي ترقي
vi. مضمون نويسيءَ جي ترقي
vii. پهاڪا
viii. انگريزي ۽ سنڌي لفظن جي معنائن جا چوپڙي ڪتاب
ix. لغت نويسي ۽ گرامر نويسيءَ جي ترقي
x. ادبي تنقيد ۽ تحقيق
xi. مذهبي ادب جي ترقي
(7) اخبار نويسيءَ جي ارتقا ۽ سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصو
(8) اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي ٻولي ، اسلوب ۽ خوبيون
(9) اڻويهين صديءَ جا ڪي اهم نثر نويس
(1) آخوند عزيز الله متعلوي
(2) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ
(3) ڪيپٽن اي- پي آرٿر
(4) سر بيرو ايلس
(5) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ
(6) هينري ايف . جي.گولڊ سمڊ
(7) جارج شرٽ
(8) نارائڻ جڳن ناٿ وئديه
(9) ايل. وي. پرانچپي
(10) منشي ننديرام ميراڻي
(11) ڪاهانداس منسارام
(12) وشواسنات نارائڻ مندلڪ
(13) مهاديو شاستري
(14) اڌارام ٿانورداس
(15) ديوان پرڀداس
(16) چوهڙمل ڪندنمل
(17) ميان محمد ”حيدرآبادي“
(18) قاضي غلام علي
(19) ميان غلام حسين قريشي
(20) محمد يوسف ميمڻ
(21) ميران محمد شاهه (اول)
(22) روچيرام گجومل
(23) عبدالرحيم ”وفا“
(24) ديوان ڪيولرام سلامتراءِ
(25) آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي
(26) واڌو مل چنديرام
(27) مرزا غلام رضا بيگ
(28) جهمٽمل نارو مل وسڻاڻي
(29) ڪوڙومل کلناڻي
(30) آخوند لطف الله
(31) مرزا صادق علي بيگ
(32) مرزا قليچ بيگ
(33) ديوان پريتم داس
(34) نولراءِ شوقيرام
(35) تارا چند شوقيرام
(36) ڏيارام گدو مل
(37) شمس الدين ”بلبل“
(38) امام بخش ”خادم“
(39) احمد خان جلباڻي
(40) ليلا رام وطڻ مل
(41) مولوي هدايت الله ”مشتاق“
(42) ساڌو هيرا نند
(43) سوڀراج هاسا رام
(44) بولچند ڪوڏومل
(45) پريتمداس قسمتراءِ
(46) ڄيٺانند کلڻداس
(47) هري سنگهه ڊنگو مل
(48) پوڪرداس ٿانورداس
(49) واحد بخش
(50) پير ڏنو شاهه
(51) محمد اسلم علوي
(52) ماستر ڄيٺا نند
(53) ڏيئو مل گاگن مل ٿڌاڻي
(54) حاجي محمد سمون
(55) آخوند محمد رمضان
(56) عبدالحق شيخ
(57) جهمٽراءِ منگهومل
(58) خوشيرام موٽومل
(59) مولوي محمد عثمان
(60) بولچند ڏيارام
(61) آخوند حاجي فقير محمد
(62) اوڌنمل سترامداس سڌاڻي
(63) ڊولامل بولچند
(64) ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي
(65) ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي
(66) اي. ٽي. شهاڻي

ڊجيٽل ڇاپي جو مهاڳ

هن ڪتاب ۾ اڻويهين صديءَ کان اڳ واري نثر نويسيءَ جو ڀرپور جائزو ورتو ويو آهي ۽ حوالن ۽ مثالن سان ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي ادب ۾ نثر نويسي قديم دؤر کان رائج هئي، جيڪا جنگين جي تباهيءَ جي ڪري ضايع ٿي ويئي. هن ڪتاب ۾ اسان معلوم ڪري سگهنداسين ته انهيءَ مُنيءَ صديءَ ۾ اسان جا ڪهڙا مصنف ۽ مترجم پيدا ٿيا، انهن جي نثر جو ڇا انداز هو، انهن سنڌي زبان ۾ ڪيترو سرمايو ڪٺو ڪيو، ۽ ٻين زبانن جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ترجما ڪيا ويا، سنڌي زبان خواهه خط ڪهڙا روپ بدلايا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون ان ۾ رنگ آميزيون ٿيون، انگريزن ڪهڙو نصاب، تعليم لاءِ مرتب ڪرايو، ۽ ان ۾ پنهنجي سياسي مقصدن کي سامهون رکي، ڪهڙي رمز رکي ڇڏيائون. هن ڪتاب ۾ اڻويهين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب لکيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس به ڏنا ويا آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، اسان جي دوست شير محمد مهر (هن وقت ايم. ڊي سياحت)، ڊائريڪٽر بلاول انسٽيٽوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ ، نوابشاهه پاران 2017ع ۾ شايع ڪرايو هو، جنهن لاءِ مان سندس شڪر گذار آهيان. ڪتاب کي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران تحقيق ۽ تنقيد جي صنف تي ادبي ايوارڊ 2017ع جو ايوارڊ ڏنو ويو هو. پر هيءُ ڪتاب هاڻي ڪافي عرصي کان مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ ٿي پيو آهي. ان ڪري ضروري هو ته شاگردن ۽ عام پڙهندڙن کي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪتاب کي آن لائين رکيو وڃي.
مان انتهائي شڪرگذار آهيان ، محترم سليمان وساڻ جو، جنهن اڳ به منهنجا ڪجهه ڪتاب سنڌ سلامت ويبسائيٽ تي رکيا آهن. ۽ مون کي خوشي آهي ته هن ڪتاب جي آن لائين ٿيڻ سان ڪيترن ئي سنڌي ادب جي تاريخ سان چاهه رڱندڙن کي هن ڪتاب مان اهڙي معلومات ملندي، جيڪا شايد هنن ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ نه پڙهي هجي.


مختيار احمد ملاح
ڪراچي
23 مارچ 2022

اداري پاران

سنڌي ٻوليءَ جو مانوارو محقق مختيار احمد ملاح ڪافي عرصي کان تحقيقي ڪم ڪندو رهيو آهي. هيستائين سندس ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ، ادب جي مختلف صنفن جي تاريخ، سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط تي مختلف ادارن پاران شايع ٿي ۽ مڃتا ماڻي چڪا آهن. خوشي ڳالهه آهي ته هو سنڌي ٻوليءَ تي سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ به لکندو رهيو آهي.
بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نواب شاهه ڪافي عرصي کان ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي. اداري پاران ”بلاول ريسرچ جرنل“ جا به ڪيترائي شمارا اچي، علمي حلقن تائين پهچي ۽ چڱي موٽ حاصل ڪري چڪا آهن.اداري جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته اداري جي تجويز ڪيل مقصدن تحت ڪتاب ۽ مضمون شايع ڪري، ان کان علاوه تحقيق جي معيار جي لحاظ کان به اتم هجن.
مختيار احمد ملاح جو هيءُ ڪتاب ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جي تاريخ“ هڪ تحقيقي ڪتاب آهي. توڙي جو هن کان اڳ ۾ سنڌي نثر جي تاريخ تي ڪتاب اچي چڪا آهن پر هيءُ ڪتاب انهن کان گھڻو مختلف آهي. هڪ ته هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر جي اڻويهين صديءَ جي نثر جو احاطو ڪري ٿو، ٻيو ته هن ڪتاب ۾ ان دور جي انهن عالمن جو به تفصيل احوال شامل ڪيل آهي جن ان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ بي مثال ڪوششون ڪيون. علمي لحاظ کان اڻويهين صديءَ ان ڪري به اهم آهي جو ان صديءَ ۾ هاڻوڪي سنڌي رسم الخط منظور ۽ رائج ٿي. مختيار احمد ملاح صاحب جو هيءُ ڪتاب ادارو ڇپائيندي خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ اميد ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

شير محمد مهر

هڪ معياري تحقيق (اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جي تاريخ)

مانوارو محقق مختياراحمد ملاح ڪافي وقت کان سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي لڳاتار آبياري ڪندو رهيو آهي. هي اُنهن عالمن ۽ محققن مان آهي، جيڪي پاڻ پڏاءُ يا اسٽيجي نمائش کان پاسيرا رهي پنهنجو ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ جيون جي هر پل کي پنهنجي انهيءَ اعلا مقصد سان گهاري پنهنجو جيون سجايو ڪندا رهيا آهن. هو ڏکين حالتن ۽ مصروفيتن هوندي به اهڙا ڪم ڪندا رهيا آهن جيڪي لازوال بڻيا آهن. هونئن به جنهن شخص جي پنهنجي وٿ يا ڪم اعلا هوندو آهي ته اُن کي ڪنهن به پڏاءُ ۽ نمائش جي ڪا ضرورت ئي نه هوندي آهي. سندس پڏاءُ ۽ نمائش پاڻ ئي پڙهندڙ پيا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس وٿ يا ڪم ئي اُن جو اعليٰ تعارف ۽ واکاڻ هوندي آهي. اسان جو هِيءُ محقق ۽ تاريخدان مختيار احمد ملاح خاموشيءَ سان لڳاتار علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪندو رهيو آهي. ساڻس جڏهن به ملبو يا ڪڏهن فون تي ڳالهه ٿيندي ته هو گهڻي ڊيگهه کان پاسو ڪندي، سدائين پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪندو، يعني علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي گفتگو ۽ جستجو سندس موضوع هوندا آهن. هن پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ جيڪي سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب کي شاهڪار ڪتاب ڏنا آهن، انهن تي جيترو به فخر ڪجي اوترو ڪري سگهجي ٿو. سندس هيٺيان ڪتاب ته اهڙا ڪتاب آهن جيڪي سنڌي ادب ۽ ادبي تاريخ جو هڪ خزانو آهي:
(1) سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو
(2) سنڌي ناول جي مختصر تاريخ
(3) سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ
(4) سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختصر تاريخ
(5) سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ
(6) مغربي سنڌ شناس
(7) سنڌ ادب تي هڪ نظر
(8) سنڌي ادب جي تشريحي لغت
مٿيان سمورا ڪتاب ڇپجي ۽ پڙهندڙن وٽ ته مڃتا ماڻي چڪا آهن پر سنڌي ٻوليءَ ۾ به پنهنجي اهم جڳهه والاري چڪا آهن. ڇا اها مڃتا گهٽ آهي ته سندس ڪتابن کي ماخذن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو يا سندس ڪتاب ملڪ جي اعليٰ چٽاڀيٽيءَ جي امتحان لاءِ تجويز ڪيا ويندا رهيا آهن. يا اُنهن ڪتابن تي تياري ڪري نوجوان اعليٰ امتحان پاس ڪري سگهندا رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ ڪنهن محقق، اديب ۽ عالم لاءِ اها تمام وڏي مڃتا آهي. حقيقت ۾ اصل مڃتا ته آهي ئي اُها ته اُن مان قوم کي ڪهڙو ۽ ڪيترو فائدو حاصل ٿئي ٿو.
اسان جي نوجوان محقق جو هِيءُ ڪتاب ”اڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي تاريخ“ سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو علمي ۽ تحقيقي ڪتاب آهي جنهن جي اچڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي ۽ آهي. هونئن ته سنڌي نثر تي ٻيا به ڪتاب ۽ مقالا ڪيترن ئي محققن، عالمن ۽ اديبن جا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ 1935ع ۾ ڇپيل ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي ۽ جمناداس ولڀداس سڏاڻي جو ”چونڊ سنڌي نثر،“ 1951ع ۾ ڇپيل محمد صديق ميمڻ جو ”سنڌي ادبي تاريخ“، 1968ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جو ”سنڌي نثر جي تاريخ،“ 1966ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو ”سنڌي نثر جي تاريخ،“ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي ۽ رام جوهراڻي جا مقالا، ڊاڪٽر حامد علي خانائي جو ”سنڌي نثر نويسي“ انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي آهن. ايم.فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مونوگراف به موجود آهن جيڪي انهيءَ موضوع تي آهن. انهن کان سواءِ ڪيترن ئي ادبي تاريخن ۾ به سنڌي نثر جي تاريخ جا باب ملن ٿا. اسان جي دوست مختيار ملاح جو هِيءُ ڪتاب انهن سڀني کان مختلف آهي. پهرين ڳالهه ته هُن پنهنجي هن ڪتاب ۾ فقط ”اڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي تاريخ“ پيش ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ هُن اُن صديءَ ۾ ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سمورين تبديلين جو مستند حوالن سان ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڻويهين صدي هڪ اهڙي صدي رهي آهي، جيڪا سنڌي نثر، ٻولي، رسم الخط، سنڌيءَ جي تعليم وغيره جي حوالي سان گهڻين صدين کان مٿاهين آهي. هن صديءَ وارو دور توڙي جو ڌارين حاڪمن جو حڪومتي دور هو جنهن ۾ سنڌ جا سڀ اختيار ختم ٿي چڪا هئا. سنڌ جيڪو بنهه هڪ خوشحال ملڪ هو، انهيءَ جي اها ساڳي حيثيت ختم ڪري، نه رڳو مٿس قبضو ڪيو ويو پر انهيءَ خوشحال سنڌ کي بمبئي گورنريءَ سان ملائي هر قسم جي اختياري ۽ آزادي ختم ڪئي وئي. البت سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي لحاظ کان هڪ وڏو انقلاب آيو، اهڙو انقلاب جنهن جا اثر نه رڳو ان دور يا هن دور تائين آهن، پر شايد سدائين رهڻا آهن. ڪنهن عالم دوست چيو آهي: ”ته ڪنهن يا ملڪ يا قوم تي ڌارين جي حڪمراني ۽ دٻاءُ جي ڪري محڪوم قوم ۾ حاڪمن خلاف احساس ۽ تحرڪ اُڀرندو آهي. پر پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان ٿيندڙ ناانصافيءَ جو احساس به اُڀري پوندو آهي، اهڙي احساس جي ڪيفيت ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان وڌيڪ لڳاءُ جا جذبا اُڀرندا آهن ۽ اُهي جذبا ئي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقيءَ جو سبب بڻبا آهن. منهنجي خيال ۾ سوين سالن کان سنڌ ۾ ڌارين ٻولين جي دٻاءُ يعني لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سو صديون عربي ٻولي ۽ پوءِ فارسي ٻولي گرديءَ خلاف ماڻهن ۾ سوين سالن کان شديد احساس رهيو. ۽ پنهنجي ماءُ ٻوليءَ جي حق تلفي جو احساس سنڌي ماڻهن ۾ گهڻي زماني کان موجود رهندو آيو، اُن سبب جي ڪري سنڌي عالمن ۽ بزرگن سنڌ جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو هو. 17 ۽ 18 صديءَ ۾ ته اُن جا چٽا ثبوت ملن ٿا ته سنڌي ماڻهن فارسي ٻوليءَ بدران پنهنجي ڏيهي ٻولي رائج ڪرڻ پئي گهري، انهيءَ ڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مروج لکتن زور ورتو. سنڌي شاعري ته هونئن ئي عروج تي رهي، پر سنڌي نثر به سگهه وٺندو رهيو، اڻويهين صدي جي شروعات تائين ته ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا هئا ۽ هڪ اهم ڳالهه ٻي به ٿي چڪي هئي جنهن جو اسان جي ذهنن ۾ چٽو ٿيڻ ضروري آهي، اها هيءَ آهي ته سنڌ ۾ بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ اڳ ۾ ئي ملڻ شروع ٿي چڪي هئي. البت انهن جو رسم الخط مختلف علائقن ۾ مختلف هو. 18 صديءَ کان ته پرائمري تعليم سنڌيءَ ۾ ئي پڙهائي ويندي هئي جنهن جا انگريزن ۽ ٻين تاريخدانن جي رڪارڊن مان به چٽا ثبوت ملن ٿا. ايڇ ٽي لئمبرڪ به لکي ٿو ته:” ٽالپرن جي دور ۾ بنيادي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏني ويندي هئي.“ مطلب ته سنڌ جي پرائمري تعليم به انهي سطح تي پهتل هئي. حقيقت ۾ جيئن اسين پڙهون ٿا، سنڌي ماڻهو ان سطح کان ڪافي مٿاهان هئا. ليوٽالسٽاءِ چوي ٿو ته ”تاريخ جي هر دور ۽ هر انساني معاشري ۾ زندگيءَ جي خاص معنيٰ هوندي آهي. جنهن سان ئي ان جي بلند ترين سطح جو تعين ٿيندو آهي، جنهن سطح تائين اُن معاشري جا ماڻهو پهتل هوندا آهن.“ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته هن صديءَ ۾ هِيءُ تمام وڏو ڪم ٿيو ته نئين رسم الخط جوڙي، سنڌيءَ جي مختلف رسم الخطن بدران هڪ رسم الخط مقرر ڪري، ڄڻ ته سڄي سنڌ جي نه رڳو نثر پر ساري علم، ادب، تاريخ ۽ مستقبل کي ڄڻ ته گڏي وڌو. ڏٺو وڃي ته فارسيءَ کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي سنڌي رسم الخط کي قائم ڪرڻ تمام وڏو ۽ اهم فيصلو هو جيڪو هن دور ۾ انگريز حڪمران ڏيهي ماڻهن جي مدد سان ڪيو. توڙي جو سوين سالن کان سرڪاري لکپڙهه فارسيءَ ۾ ٿيندي رهي هئي، درسگاهن ۾ رائج هئي ۽ سوين ڪتاب لکيل موجود به هئا. اُن دور ۾ هي احساس به اُڀريو ته هيترو سارو آڳاٽو علمي ذخيريو ڪٿي تباهه ته ڪو نه ٿي ويندو پر انهيءَ ڳالهه کي هڪ پاسي رکي جديد رسم الخط جو رائج ڪرڻ سڀني ڳالهين کان مٿاهون ثابت ٿيو. هڪ رسم الخط رائج ڪرڻ ان ڪري به ضروري هو، جو هڪ ته سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي هئي ۽ اُها مقامي نه هئي، ٻيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ڪاروبارن ۾ مختلف لکتون جاري هيون، جيڪي اُن سان لاڳاپيل ماڻهو ئي پڙهي ۽ سمجهي سگهيا ٿي، تنهن ڪري اُنهن ۾ ربط به گهٽ هو. اُن ڪري سنڌي قوم لاءِ اُهو ضروري هو ته ڪا هڪ لکت يا رسم الخط هئڻ گهرجي جنهن کي سڄي سنڌ ۾ هر علائقي يا هر ڪاروبار سان تعلق رکندڙ فرد پڙهي ۽ سمجهي سگهي. گهڻي سوچ ويچار ۽ صلاح مشورن کان پوءِ سنڌ حڪومت هندستان سرڪار کي پنهنجي رپورٽ موڪلي ته سنڌ ۾ سنڌيءَ لاءِ هڪ ڪا هڪ رسم الخط هجي ۽ اُن جي تعليم کي وڌايو ۽ پڙهايو وڃي. انهيءَ لاءِ ڪميٽي مقرر ٿي جنهن ۾ ٻه انگريز ماهر، چار سنڌي مسلمان ۽ چار سنڌي هندو مقرر ڪيا ويا، جن وڏي محنت کان پوءِ هاڻوڪي رسم الخط جاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هاڻوڪي 52 الف ب جي پٽي جاري ڪئي وئي، سنڌيءَ ۾ پرائمري تعليم جاري ڪرڻ لاءِ بجيٽ رکي وئي ۽ ڪجهه ئي عرصي بعد اسڪول به کلڻ شروع ٿي ويا. اهڙي نموني سان ٻين پاسن سان گڏوگڏ سنڌي نثر جي به ترقي ٿيڻ شروع ٿي، هن ڪتاب ۾ مختيار ملاح انهيءَ کوج ۾ ماضيءَ جي پاتالن ۾ پيهي اصل رڪارڊ جا موتي ميڙي، هن ڪتاب ۾ اهڙي نموني سان ڏنا آهن جو سچ پچ ته ڪٿي ڪٿي حيرت ٿئي ٿي. مثال طور70، 80 سالن کان ڇپيل سڀني ادبي تاريخن ۾ جيڪي رسم الخط ڪميٽيءَ جي ميمبر جا نالا پڙهندا رهيا آهيون، انهن ۾ هڪ نالو ته اهڙو به آهي جيڪو اُن ڪميٽيءَ جو ميمبر ئي نه هو ۽ هڪ ميمبر جنهن جو ميمبر هوندي به ڪتابن ۾ نالو ئي ڪو نه ٿو لڀجي! مختيار ملاح وڏي محنت ڪري اُهي ثبوتن سان درستيون ڪيون آهن. توڙي جو هِيءُ ڪتاب ته فقط اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ تي آهي، پر هن ڪتاب ۾ قديم دور کان شروع ٿيندڙ نثر تي به واهه جي نظر وڌل آهي.
هن ڪتاب جي پهرئين سري ۾ ”اڻويهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثرنويسي جا اهڃاڻ“ ۾ ڪتاب جي ليکڪ نثر جي لغوي معنيٰ ڏيڻ سان شروعات ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ صفحي 18 کان 48 تائين سنڌي نثر جي اوائل کان اڻويهين صديءَ تائين مختصر ۽ جامع نموني سان تاريخ رقم ڪري، آڳاٽي نثر کان به آگاهه ڪيو آهي. ايستائين جو تاريخ ۾ ملندڙ اوائلي نثري فقرن ۽ محاورن کان ويندي سڌريل نثر تائين جو احوال ڏيئي پڙهندڙن لاءِ هڪ هنڌ تي اهڙي نثري تاريخ ڏني آهي، جو سچ پچ ته ڪيترن ئي ڪتابن جو مواد ڪجهه پنن پڙهڻ سان ئي ملي پوي ٿو. گڏوگڏ تاريخي ڪتابن ۾ ڪيل ڪجهه غلطين جي ڪيل درستي به هن ڪتاب ۾ ملي ٿي. اوائلي دور کان ٽالپرن جي دور تائين جيڪو جائزو ورتل آهي، سو به هڪ عالمانه جائزو آهي. اوائلي لحاظ کان جن بزرگن ۽ عالمن جي نثري ٽڪرن، جملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنهن ۾ پير صدرالدين، پير مراد شيرازي، نوح هوٿياڻي، مخدوم الياس، شاهه ڪريم، مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم حامد، مخدوم رحمت الله ٺٽوي ذڪر جوڳا آهن، تنهن کان پوءِ انهن عالمن ۽ بزرگن جو ذڪر ٿيل آهي جن جي سنڌي نثر جا ڪتابي وغيره صورتن ۾ نمونا ملن ٿا، جن ۾ فقهي بياض، عزت بن سليمان جو ڪتاب منظوميا ۾ سنڌي عالمن جا ڏنل نثري نمونا، ابوالحسن ٺٽوي، ضياء الدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله نرئي وارو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، مولوي عبدالخالق ٺٽوي، جنت الفردوس جو لکيڪ مولانا محمد عرف نصيرالدين، آخوند فتح محمد، مخدوم عبدالواحد، خليفو محمود نظاماڻي ۽ ٻيا بزرگ. هن ڪتاب ۾ ٻيو سِرو ”اڻويهين صديءَ ۾ ملڪي سماجي حالتون“ آهي جنهن ۾ شامل ڪيل مواد ۾ ٽالپرن جي حڪومت جي خاتمي ۽ انگريزن جي قبضي ۽ قبصي کان پوءِ جي حالتن جو بنهه مختصر ۽ دلچسپ جائزو ورتل آهي.
”اڻويهين صديءَ ۾ تعليمي ادارا ۽ انهن جي نثر نويسي جي ترقي ۾ حصو،“ ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر نويسي جي ترقي ۽ ان جا سبب“ سِري هيٺ هي مواد نه فقط پڙهڻ جهڙو آهي، پر هڪ اهم تاريخي رڪارڊ آهن. جن ۾ (1) ”انگريزن علمدارن جو ادبي خدمتون،“ (2) ”سنڌي سنڌي الف ب جي منظوري،“ ۽ (3) ”جديد تعليم،“ هي اهڙا موضوع آهن جيڪي سچ پچ ته تحقيق ڪندڙن ۽ تعليم حاصل ڪندڙن لاءِ ڏاڍا ڪارائتا آهن. هتي آئون فقط هن آخري سِري جي احوال مان هڪ پيراگراف مثال طور ڏيان ٿو: ”1953ع سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي نافض ڪرڻ لاءِ تعليم جي ڦهلاءَ ۽ اسڪولن کولڻ لاءِ 10 هزار روپيا منظور ڪيا ويا. 1854ع ۾ هڪ اسڪول کوليو ويو، جنهن کي بعد ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر نارائڻ جڳن ناٿ وئديا (NGV) جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، ساڳي طرح 1853ع ۾ ڪيپٽن گولڊ اسمٿ جي ڪوشش سان شڪارپور ۾ انگريزي پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو. اهڙي طرح ٻين ننڍن ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪول جي عمارتن ٺهڻ لاءِ سرڪاري منظوري ڏني وئي انهي ڪم لاءِ سرڪار لوڪل فنڊ کان مدد ورتي ۽ ڪيترن ئي سنڌ واسين پئسي جي مدد ڪئي. 1855ع ۾ حيدرآباد ۾ پهريون هاءِ اسڪول قائم ٿيو جيڪو بعد ۾ مسلم ايڊيوڪيشن جي نالي سان مشهور ٿيو. 1858ع سکر ميونسپالٽي مڊل اسڪول قائم ڪيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ 1876ع ميونسپالٽي مڊل اسڪول کوليو.“ هن پيرا مان ئي پڙهي ۽ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جي مصنف ڪيڏي وڏي تحقيق ڪري ڪهڙي سليقي سان پڙهندڙن کي علمي حقيقتون پيش ڪيون آهن.
اهڙي نموني اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر نويسيءَ جي ترقي ۽ انهن جا سبب، تعليم کاتي جو سنڌي نثر جي ترقي ۾ حصو پڻ تاريخي ۽ تحقيقي ٽاپڪ آهن. حقيقت ۾ اهي اهڙا ٽاپڪ آهن جن کي بنياد بڻائي اسان جا نوجوان ليکڪ گهڻو تحقيقي ڪم ڪري سگهن ٿا. ”اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جا دور“ هن سري سان ڏنل مواد ۾ مانواري محقق ٽي دور ڏنا آهن، (1) ”انگريز اهلڪارن جي رپورٽن جو دور،“ (2) ”درسي ڪتابن ۽ نثري ادب جو اوائلي دور“۽ (3) ”ادبي صنفن جي ترقي جو بنيادي دور“. هنن دورن جو بنهه تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر، سنڌي لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي خدمتون ڪيون ويون، اُنهن جو ته چٽي نموني سان ذڪر ڪيو ويو آهي پر جن جن اُهي خدمتون سرانجام ڏنيون، اُنهن عالمن جو احوال به عالمانه انداز سان پيش ڪري، هن ڪتاب جي اهميت کي اڃا به وڌايو ويو آهي. سنڌ ۾ پهرين نثري ڪتاب جي ڇپجڻ، لغتن ۽ گرامر جي ڪتابن جي ڇپجڻ، ناٽڪ نويسي، سائنسي، جاگرافيائي علمن تي ڪتابن جو ڇپجڻ، سنڌي نثر ۾ تاريخ نويسي جي شروعات اهڙا احوال آهن جيڪي سنڌي نثر علم ادب ۽ ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ ڏاڍا ڪارائتا آهن. هتي لوڪ داستان، قصا نويسي، آکاڻي نويسي، ناٽڪ نويسي، ناول نويسي، مضمون نويسي، پهاڪا، لغت ۽ گرامر نويسيءَ جي ترقي جو احوال به پيش ڪيل آهي ته ادبي تنقيد ۽ حقيق جو رڪارڊ به ملي ٿو. ”اخبار نويسيءَ جي ارتقا ۽ سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي سري سان ڏنل مواد ۾ اسان جي پڙهندڙن لاءِ اِن موضوع تي هڪ مختصر ۽ ڄڻ ته مڪمل تاريخ آهي.
”اڻويهين صدي جي سنڌي نثر جي ٻولي ۽ اسلوب“ هن سري سان ڏنل مواد پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته جديد نثر ڪٿان ۽ ڪيئن ترقي ڪندو، هيستائين پهتو آهي ۽ اُن جو بنياد ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني سان پيو.
هن ڪتاب جو آخري سِرو اڻويهين صديءَ جا ڪي اهم نثرنويس آهي. توڙي جو هن ڪتاب ۾ آڳاٽن نثرن نويسن جو احوال به ملي ٿو، پر هن ٽاپڪ ۾ اُهي نثر نويس شامل ڪيل آهن، جيڪي جديد نثر ۾ بنهه اهم نالا آهن. آخوند عزيزالله کان بولچند ڏيارام تائين ڪُل 55 نثر نويسن جي مختصر حياتيءَ ۽ خدمتن جو احوال اهڙي نموني سان ڏنو ويو آهي، جو سندن لڳ ڀڳ هر پاسو اُجاگر ٿي پوي ٿو. هِيءَ حقيقت آهي ته هنن نثر نويسن جي سوانحي خاڪن ۾ ڪجهه اهڙيون حقيقتون به ڏنيون ويون آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ نيون آهن. هن مواد پڙهڻ سان ڪٿي ائين به معلوم ٿئي ٿو ته ڪن نثر نويسن کي جيئن ڪن ڪتابن ۾ اسان پڙهيو يا ٻڌو هو حقيقتون اُن جي اُبتڙ آهن. جنهن لاءِ مختيار احمد ملاح تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي. هتي سچي، ڪسي، کري ۽ کوٽي، مطلب ته هر ڳالهه پڌري ڪري پيش ڪئي وئي آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مختيار ملاح هن ڪتاب ۾ تحقيق جو سائنسي ۽ حقيقي انداز اختيار ڪري محققن، تاريخدانن ۽ نوجوانن لاءِ هڪ نمونو به ڏنو آهي، جنهن کان اسان جي نوجوانن کي ضرور سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.
آئون مٿي به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته مختيار ملاح شروع کان ئي جيڪي ڪتاب لکيا آهن، اُهي سمورا تحقيقي ڪتاب آهن. هو هڪ محقق آهي ۽ گهڻي وقت کان تحقيق ڪندو رهيو آهي، بلڪ آئون هِيءَ ڳالهه ڪندي ڪو وڌاءَ نٿو ڪريان ته اسان جو هِيءُ دوست معياري تحقيقي ڪم ڪندو رهيو آهي، جيڪو نج علمي بنيادن تي ٻڌل آهي. سندس ڪي اهڙا ڪتاب به آهن جن موضوعن تي اڳ به تحقيقي ڪم ٿي چڪو آهي پر جڏهن اُنهن موضوعن تي مختيار قلم کنيو ته هن نه رڳو گهڻو واڌارو ڪيو پر اصل ۽ نيون حقيقتون پيش ڪري، ڪجهه ڳالهين جا رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيا، اها ئي تحقيق آهي. جيڪڏهن ساڳيون شيون ورجائبيون رهيون ته اُن کي تحقيق نٿو چئي سگهجي. مختيار ملاح جو هر ڪتاب انهيءَ لحاظ کان هڪ معياري تحقيقي ڪتاب آهي. سندس هِيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هِيءُ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي وري وري پڙهيو وڃي ۽ هن ڪتاب کي پڙهي تحقيق جون نيون ۽ جديد راهون اختيار ڪيون وڃن جيئن هن ڪتاب ۾ آهن. آئون پڪ سان چوان ٿو ته مختيار ملاح جو هِيءُ ڪتاب پڙهندڙن جي علمي تشنگي کي نه رڳو پورو ڪندو پر مستقبل ۾ ٿيندڙ هن موضوع تي تحقيق لاءِ هڪ ماخذ (Reference) طور ڪتب ايندو رهندو.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
مڪلي_ ٺٽو
3 اپريل 2017ع

ليکڪ پاران

سنڌ صدين کان شاعرن جي سرزمين رهي آهي، هتي نثر جي آبياري گهٽ ٿي آهي. اڄ به سنڌ ۾لڳ ڀڳ ڏهاڪو هزار شاعر موجود هوندا. ان جي ڀيٽ ۾ نثر نويس ٿورا ملندا. قدرت سنڌ جي مٽيءَ ۾ شاعريءَ جي ڏات وڌيڪ ڀري آهي. اڄ جڏهن سنڌي نثر جي تاريخ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته، تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته جتي صدين کان سنڌي شاعري ۽ لوڪ شاعريءَ جا هزارين حوالا ملن ٿا، اتي نثر جا حوالا ۽ ڪتاب اوتري تعدا ۾ نه ٿا ملن. اگر ڪي هئا ته اهي يا ته وقت جي دز ۾ضايع ٿي ويا ، يا وري دريافت ٿي نه سگهيا آهن. فقط شاعرن جي شاعريءَ ۾ آيل پهاڪا ۽ چوڻيون، ملفوظاتن ۾آيل قول وغيره سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ سمجهيا وڃن ٿا.
1843ع ۾ جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو .1847ع ۾ سنڌ ۾هنن ڪمشنري نظام هيٺ حڪومت شروع ڪندي مسٽر پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. هن سنڌ جي تعليم لاءِ خاص جتن ڪيا. اوڻوهين صديءَ جي پوئين حصي ۾سنڌي الف-ب جي جڙڻ، تعليمي ادارن جي قائم ٿيڻ، تعليم جي ڦهلاءَ سبب سنڌي نثر عروج تي پهتل هو، ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ انڌي کي اکيون ملي ويون هجن. سنڌي نثر جي ترقي سنڌ ۾ تعليم جي ڦهلاءَ جو وڏو عمل و دخل هو. جئين جئين تعليم ۽ تعليم ادارا وڌندا ويا، تئين تئين سنڌي نثر جي ترقي ٿيندي وئي. ان جو مطلب اهو ٿو محسوس ٿئي ته سنڌ ۾ سنڌي زبان جي سرڪاري همت افزائي نه هئڻ ۽ تعليم جي سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ڪري اوڻوهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثر ترقي ڪري نه سگهيو هو. موجوده تحقيقي ڪتاب اوڻوهين صديءَ جي پوئين اڌ جي ادبي ذخيري جي نشاندهي ۽ انهن استادن ۽ منشين جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جن مان گھڻن کي اڳ وارين لکيل ادبي تاريخن ۾غير اهم سمجهي نظر انداز ڪيو ويو هو. اهو سنڌ جو ڪلاسيڪل نثر آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي اصليت سان گڏ صورتخطيءَ جي ڪچائي به موجود آهي.
ان جي باوجود مان ڪو پهريون محقق نه آهيان ، جيڪو اوڻوهين صديءَ جي نثري ادب جي تاريخ لکي رهيو آهيان، مون کان اڳ ڪجهه عالم ۽ اديب ان ڏس ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. پر ان سلسلي ۾ عرض آهي ته صرف ٿورن ادبي مورخن ان دور جي صرف چند اديبن جو ذڪر ڪيو آهي. ٿوري تحقيق جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان دور ۾ جيڪي درسي ڪتاب لکيا ويا ۽ ترجما ڪيا ويا، انهن ۾ ادبي رس چس گهٽ هئڻ ڪري محققن جو ان طرف ڌيان نه ڏنو آهي.
1935ع ۾ ڏيارام وسڻمل مير چنداڻيءَ ۽ جمناداس ولڀداس سڏاڻيءَ ”چونڊ سنڌي نثر“ ترتيب ڏئي شايع ڪيو.هي ڪتاب بمبئي يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ جي امتحان لاءِ ”نصابي ڪتاب“ طور ترتيب ڏنو ويو هو.هن ڪتاب ۾ پراڻن لکندڙن جا ليکڪ ڏنا هئا.هن ڪتاب جي اها خصوصيت جا شامل ڪتابن ۾ پهرين دفعو نمودار ٿي، سا اها ته ڏيارام مضمون جي شروع ۾ هر هڪ لکندڙ جي شخصيت ۽ سندس تصنيفن جي بابت مختصر تعارف ڏنو آهي. تنهن کانسواءِ ”سنڌي نثر تي نظر“ جي سري سان هڪ تاريخي مهاڳ به لکيل آهي، جنهن ۾ پهريون ئي دفعو سنڌي نثر جي اوسر بابت مختصر احوال ڏنل هو.
سندس هڪ ٻيو مضمون سنڌو مخزن ۾ به ڇپيو هو. ان جي جواب ۾ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جو مضمون ”قديم سنڌي نثر“ شايع ٿيو. هن مضمون ۾ لکيو اٿائين ته ”منهنجي محترم دوست مسٽر ڏيارام ميرچنداڻي ”سنڌوءَ“ جي آگسٽ واري عدد ۾ سنڌي نثر تي هڪ مختصر مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ ٻين ڪوتاهين کي ڇڏي فقط هن ڳالهه تي بحث ڪرڻ گهرون ٿا ته سال 1850ع کان اڳ سنڌي نثر بيشڪ موجود هو، پر جنهن صورت ۾ لکپڙه اڪثر فارسي ۾ ٿيندي هئي، تنهن صورت ۾ ٿورو ڪو قلمبند ٿيل آهي. اسان وٽ مرحوم مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا نثر ۾ گفتا موجود آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته خبر پوي ٿي ته سنه 1850ع کان سَوَ کن ورهيه اڳي هڪ بزرگ جا نثري مقولا قلمبند ڪيا ويا هئا“.
سنڌي نثر جي سلسلي ۾ ٻيو اهم نالو محمد صديق ميمڻ جو اچي ٿو، جنهن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (1951ع) جي ٻئي ڀاڱي ۾ اوڻوهين صديءَ ۾ اسرندڙ ڪجهه درسي نثري ڪتابن جو شاندار جائزو ڏنو آهي. هن اهي اوائلي ڪتاب پاڻ پڙهيا ۽ انهن تي تنقيدي راءِ به ڏني اٿس. پوءِ وارن اڪثر تاريخ لکندڙ ادبي مؤرخن سندس ئي ڪتاب تان ئي استفادو ڪندا رهيا آهن.
”سنڌ نثر جي تاريخ“ نالي هڪ ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي، جيڪو 1966ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو هو. سنڌي نثر جي اوسر بابت ڊاڪٽر صاحب جيڪو مقدمو لکيو آهي. تنهن مان سنڌي نثر جي اوسر تي چڱي معلومات ملي ٿي. اهو مقدمو واقعي وڏي محنت سان لکيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي نثر جا مختلف دور ۽ انهن جون خوبيون ۽ خصوصيتون پڻ نروار ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه سنڌي نثر جا سرچشما، سنڌي نثر جون خصوصيتون موضوع، عبارت جون خوبيون ۽ نثر جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. الانا صاحب سنڌي نثر جي اوائلي تاريخ تي اڻلڀ حوالا کڻي ثابت ڪيو آهي ته سنڌي نثر جي شروعات سومرن جي دؤر کان ٿي. اڻويهين صدي ۽ ويهين صديءَ جي نثر تي به سٺي روشني وڌي اٿائين.هن ڪتاب ۾اوڻوهين ۽ 20 هين صدي جي 28 مشهور نثر نويسن جي حياتيءَ جو احوال ڏيئي، سندن ادبي خدمتن تي روشني وڌي آهي. ان کان علاوه هر هڪ نثر نگار جي ڪنهن هڪ يا ٻن ڪتابن تان نموني طور عبارت ۾ نقل ڪري ڏني آهي، جيئن پڙهندڙ نثر نگار جي حياتيءَ جي احوال، سندس ادبي خدمتن ۽ عبارت کان چڱيءَ طرح واقف ٿي وڃي.
1968ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ شايع ٿيو. هي ڪتاب پهريون هندستان ۾ شايع ٿيو ، بعد ۾ سنڌ (پاڪستان) ۾ به شايع ٿيو. ويهين صديءَ جي سڄي ادبي تاريخ پروفيسر منگھاڻيءَ پنهنجي اکين سان ڏٺي هئي ، هن اها تاريخ خاص طور تي سنڌي ناٽڪ، ناول، ڪهاڻي ۽ مضمونن وارين صنفن ۾ جي حوالي سان لکي آهي، هن اصل ڪتابن تان حوالا کنيا آهن. ناٽڪ واري باب ۾ڄڻ ته ڪچهريءَ وارو انداز اپنايو اٿس. هن ڪتاب ۾ خاص طور تي انگريزن جي دؤر جي نثر جي تاريخ سهڻي نموني بيان ڪيل آهي. بهرحال، هي هڪ ڪتاب تنقيدي توڙي تحقيق جي لحاظ کان لاجواب آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس“ جي عنوان سان 1983ع ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ پي- ايڇ –ڊي ڪئي. افسوس جو سندس مقالو اڄ سوڌو شايع ٿي نه سگهيو آهي، جنهن جي ڪري اڀياس هيٺ نه آيو آهي، مگر سندس ڪي مضمون ماهوار ”پيغام“ ۽ ماهوار ” نئين زندگيء“َ ۾ شايع ٿيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن نثر نويسيءَ جي علم جي وصف، اڻويهين صديءَ جي ملڪي حالتن، 37 نثر نويسن ، ناشرن ۽ پريسن ۽ ڪاتبن وغيره جو جائزو ورتو آهي.
2003ع ۾ ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب ”برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر“ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ چار مضمون آهن:
i. اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس (ڊاڪٽر مرليڌر جئٽلي)،
ii. برطانوي دؤر ۾ سنڌي مضمون نويسي (هيرو ٺڪر)،
iii. برطانوي دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي (ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي) ۽
iv. برطانوي دؤر ۾ سنڌي ڊرامه نويسي (رام جوهراڻي)
اهي سڀئي مضمون لاجواب آهي، مگر ڊاڪٽر مرليڌر جو مضمون انتهائي معلوماتي ۽ تحقيق سان ڀرپور آهي. ان مضمون ۾هن سنڌي نثر جي هر لحاظ کان پرک ڪئي آهي. ان مضمون ۾ سمايل اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي پوري تاريخ سمايل آهي. مٿئين ڪتابن کان علاوه ، ڊاڪٽر پروفيسر حامد علي خانائيءَ سنڌي نثر نويسيءَ تي مونوگراف لکيو هو. سندس سنڌي نثر بابت ڪي شاندار مضمون نئين زندگي ۽ مهراڻ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن، جن ”ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي نثر“ (نئين زندگي، آگسٽ 1966ع)، ” سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ “ (مهراڻ 4، 1971ع) ۽ ”ٽالپرن جي دور جو نثر نويس“(مهراڻ 1، 1979ع) وغيره اهم آهن. هن پنهنجي تحقيق ۾ خاص طور تي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي نثر نويسيءَ جا ڪي اڻلڀ حوالا ۽ نمونا شامل ڪيا آهن. اهي حوالا انهن دورن جي قديم مذهبي ادب جا بهترين مثال آهن. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ پڻ سنڌي نثر نويسيءَ جي ارتقا بابت ڪي مضمون لکيا، جن ۾ ”سنڌي نثر جي شروعات“ (نئين زندگي ، آڪٽوبر 1964ع) ۽ ”سنڌي نثر جي اسلوب جو ارتقائي خاڪو“ (مهراڻ 1968ع) اهم آهن. عرساڻيءَ صاحب پهرئين مضمون ۾ خاص طور تي ارڙهين صديءَ ۾ لکيل “سنڌين” يا نثري نظم کي سنڌي نثر جو اوائلي دؤر سڏيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڻيجو پنهنجي مضمون ”ڪبت، نثر آهي يا نظم؟“ لکيو ته آڪٽوبر 1964ع جي نئين زندگيءَ ۾ محترم شمس الدين عرساڻي سنڌي جي نثر جي شروعات جو ذڪر ڪندي، ابوالحسن ۽ سندس همعصرن جي ڪبتن کي نثر چيو آهي. انگريزيءَ واري نظماڻي نثر (Poetic Prose) جو اطلاق مٿين بزرگن جي ڪبتن تي ڪيو اٿس، حقيقت ۾ هيءَ هڪڙي ادبي غلط فهمي آهي.آءٌ ثابت ڪندس ته ابوالحسن، ضياءُ الدين ۽ سندن همعصرن جيڪي ڪبت لکيا آهن، سي نظم جو اعليٰ نمونو آهن“. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جوهڪ ٻيو مضمون سنڌي نثر جي اسلوب جو ارتقائي خاڪو به ھڪ تحقيقي مضمون آھي. ھن خاص طرح سنڌي نثر جي مختلف انداز بيان ۽ اسلوب تي تنقيدي نظر وجھي، آڳاٽن اديبن جھڙوڪ؛ ديوان ننديرام سيوھاڻي، منشي اَڌارام، سيد ميران محمد شاھ اول، پرڀداس، قاضي غلام علي ، غلام حسين قريشي، ديوان واڌو مل چنديرام، منشي گرڏنو مل، آخوندعبدالرحيم ، ديوان ڪيولرام وغيره جي لکڻيءَ ۾ فرق ڏيکاري، انھن جو موازنو ڪيو آھي.
گل محمد عمراڻيءَ سي ماهي مهراڻ ۾ ”سنڌي نثر جي اوسر ۽ ان جا ڪلاسڪ نمونا“ جي عنوان سان ٻن قسطن ۾ شاندار مقالا لکيا. ان دور جي ڪتابن جي لسٽن جي سلسلي ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪم الهه رکيي ٻٽ ڪيو آهي. هن جي ڪتابن جي فهرست ”1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ مهراڻ جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل آهي.
اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان ۾ شايع ٿيل درسي ڪتابن جي باري ۾معلومات کي نئين سر سنواري پيش ڪيو آهي. ان سلسلي ۾هڪ اهم ڪوشش، ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ پنهنجي ڪتاب ”پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقي جائزو“ (2012ع) ۾ ڪئي هئي، مگر ان ڪتاب ۾ سائنس ۽ جاگرافيائي ڪتابن ۽ ٻين علمن جي ڪتابن کي شامل ڪيل نه آهي. هن فقط سنڌي درسي ڪتابن جو مختصر جائزو ورتو آهي.
منهنجي هن ڪتاب ۾ڪوشش ڪري حوالا اصل ڪتابن تان کنيا ويا آهن . ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي لائبريرين ۾ رکيل ڪتابن تان مدد ورتي ويئي ۽ عالمن ۽ استادن جي رهنمائي پڻ حاصل ڪئي ويئي آهي. مان سندن ٿورائتو آهيان، جن اڻويهين صديءَ جي لکيل ڪتابن جي سلسلي ۾ مدد ڪئي، ڪوشش ڪري انهن مان ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل پيج به ڏنا ويا آهن ته جيئن اهي تاريخي طور محفوظ ٿي وڃن. ڪتابن جا اهي ٽائيٽل ظاهر ڪن ٿا ته ڪهڙا ادارا اشاعت ڪندا هئا، ڪهڙا پبلشر هئا، ڪهڙي قسم جا ٽائيٽل جڙندا هئا.هن ڪتاب ۾ اوڻوهين صديءَ جي ادبي تاريخ کي وڌيڪ جاچڻ لاءِ ان دور جي سماجي ۽ علمي حالتن جو جائزو به ورتو آهي. خاص طور تي ان دور جي اسڪولن جو سنڌي نثر ۾ جيڪو ڪردار هو، ان کي نروار ڪيو ويو آهي.
اڻويهين صدي بنيادي طور درسي نثري ڪتابن ۾ ترجمن جو دؤر آهي. نثري ادب ۾ جاگرافي، جيالاجي، فزڪس، ڪيمسٽري، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا. هن تحقيق ۾ اهڙن ڪتابن ۽ سندن لکندڙن جو تحقيقي احوال ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ جتي درسي ڪتابن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، اتي اها به خبر پوي ٿي ته ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصه نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون ، سفرنامي ، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيره جيڪا اڻويهين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪهڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي ، ان جو الڳ الڳ جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون به ساراهه جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو. هن ڪتاب ۾ انهن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي .
هي ڪتاب مختلف بابن يا حصن ۾ ورهايل آهي .سڀ کان اول اڻويهين صديءَ کان اڳ واري نثر نويسيءَ جو ڀرپور جائزو ورتو ويو آهي ۽ حوالن ۽ مثالن سان ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي ادب ۾ نثر نويسي قديم دؤر کان رائج هئي، جيڪا جنگين جي تباهيءَ جي ڪري ضايع ٿي ويئي. اڻويهين صديءَ جي ملڪي حالتن، جن ۾ ٽالپرن جو دور ۽ انگريزن جو دور اچي وڃن ٿا، انهن دورن جي سماجي حالتن جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي . خود اڻويهين صديءَ جي نثر نويسيءَ کي دؤرن ۾ ورهائي ، خوبين، خامين ، ترقيءَ جي سببن کي تلاش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ هڪ باب موجوده سنڌي الف – ب جي جڙڻ جي دلچسپ واقعن بابت بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ اسان معلوم ڪري سگهنداسين ته:
1. انهيءَ مُنيءَ صديءَ ۾ اسان جا ڪهڙا مصنف ۽ مترجم پيدا ٿيا.
2. انهن جي نثر جو ڇا انداز هو.
3. انهن سنڌي زبان ۾ ڪيترو سرمايو ڪٺو ڪيو، ۽ ٻين زبانن جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ترجما ڪيا ويا.
4. سنڌي زبان خواهه خط ڪهڙا روپ بدلايا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون ان ۾ رنگ آميزيون ٿيون.
5. انگريزن ڪهڙو نصاب، تعليم لاءِ مرتب ڪرايو، ۽ ان ۾ پنهنجي سياسي مقصدن کي سامهون رکي، ڪهڙي رمز رکي ڇڏيائون.
ڪتابن جي فهرست مان اها خبر پوي ٿي ته ڪهڙا ڪتاب ڪهڙن سالن ۾شايع ٿيا. سنڌي ٽائيپ ڪڏهن ٺهي، انهيءَ سلسلي ۾ به هن ڪتاب مان ڪجهه اندازو ڪري سگهجي ٿو. مثلاً لنڊن ۾ ٽرومپ صاحب ”سنڌي ريڊنگ بوڪ“، 1858ع ۾، ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو. 1863ع ۾ لنڊن مان ”سسئي پنهونءَ“ جو قصو ٽائيپ ۾ ڇپيو؛ جرمنيءَ جي لپزگ شهر مان 1866ع ۾ ارنيسٽ ٽرومپ ”شاهه جو رسالو“ ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو.ڪتابن کان سواءِ سرڪار طرفان نافذ ٿيل پڌرنامن ۽ اشتهارن جي ٻوليءَ جو جائزو پڻ ورتو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ اڻويهين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب لکيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس به ڏنا ويا آهن. ڪتابن جي عڪسن هٿ ڪرڻ ۾ وڏي محنت ڪرڻي پئي. سڀ عڪس هٿ ٿي نه سگهيا ۽ ڪجهه عڪس بعد جي سالن جا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪي خاص بحث به زير ڇيڙيا ويا آهن، مثال طور سيد ميران محمد شاهه سنڌي الف - ب ڪاميٽيءَ جو ميمبر هئڻ، ڪيپٽن ڊڪسن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ 1851ع ۾ 50 مختصر ڪهاڻيون لکڻ وغيره.هن ڪتاب جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي نثر جي ترقي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، سکر ۽ نوشهروفيروز ضلعن جا اديب وڌيڪ متحرڪ هئا.
مطلب ته هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ادب جي شاگردن ، استادن ۽ عام پڙهندڙن کي سنڌي نثر جي اوائلي ۽ ڪلاسيڪل دور بابت هڪ معلوماتي ڪتاب ميسر ٿئي. ان سلسلي ۾ ڪي خاميون يقيناََ رهجي ويون هونديون ، جن لاءِ اڳواٽ معافيءَ جو طلبگار آهيان. هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن تان مدد ورتي وئي آهي، جن مان انهن جي ليکڪن، پبلشرن جو شڪرگذار آهيان.انهن مهربانن جو به شڪرگذرا آهيان ، جن گمنام نثر نويسن جي معلومات ڳولهي ڏين ۾ مدد ڪئي.ان کان علاوه اقبال احمد شيخ جي مهرباني، جنهن دل و جان سان ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي. مان واري دوست رکيل مورائيءَ پراڻا شايع ٿيل ڪتاب تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڊاڪٽر محمد مانجهي جون وڏيون مهربانيون ، جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ ڪتاب جي مواد م اصلاح لاءِ صلاحون ڏنيون. انهن کان علاوه سائين اعجاز بيگ مرزا، مولانا ادريس سومري صاحب، نياز سرڪي صاحب ، مرزا ڪاظم بيگ صاحب ، محمود ڏاهري صاحب ۽ ٻين انهن سڀني دوستن جون مهربانيون، جن مواد ۽ ڪتابن جا ٽائيٽل پيج ڳولهي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. هتي پنهجي ڀائٽي ڪاشف فياض جي مدد به وسارڻ جهڙي نه آهي، جنهن ڪتابن جي پيجن اسڪينگ ۽ سيٽنگ ڪري ڏني. سڀ کان وڌيڪ ٿورا ۽ مهربانيون شير محمد مهر جون، جنهن ذاتي دلچسپي وٺي ڪتاب کي شايع ڪرايو ۽ توهان تائين پهچايو.

مختيار احمد ملاح
ڪراچي
9 مارچ 2017

اڻويهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثر نويسيءَ جا اهڃاڻ

”نثر جي لغوي معنيٰ آهي، ”ٽڙيل پکڙيل لفظ“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪو اديب يا ليکڪ جدا جدا لفظن کي ملائي جملن جي شڪل ۾ ٻين جي اڳيان پيش ڪري. مطلب ته نثر اهو بياني فقرو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ڏنل نظاري يا واقعي يا حقيقت کي لفظن جي ذريعي جملن جي شڪل ۾ آڻي ۽ منجهن زنجير جي ڪڙين وانگر سلسلو پيدا ڪري، ماڻهو اڳيان تقرير (زباني) يا تحرير (لکت) جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي.ٻين لفظن ۾ نثري ادب اهو هوندو آهي، جيڪو شاعري ۾ نه هجي. اسان جي گفتگو هميشه نثر ۾ هوندي آهي.جڏهن دل جي امنگن جو اثر ٻين تائين پهچي ته ادب جي ان حصي کي ”نظم“ چئبو آهي، پر جڏهن دماغ جي خيالن جو اثر ٻين تائين پهچي ته اهڙي ادب کي نثر چئبو آهي.نثر جي وڏي خاصيت اها آهي ته ان ۾ هر ڪنهن قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو، جهڙوڪ، سائنس، حڪمت، سماجي اڀياس، افسانا، آکاڻيون، ناٽڪ، روزمره جون ڳالهيون ۽ بحث مباحثا، ڪورٽن جا فيصلا، حڪومت جا قاعدا قانون وغيره وغيره“. (1)
دنيا جي سڀني ٻولين جي ادبي تاريخن کي جانچڻ سان خبر پوي ٿي ته تن سڀني ٻولين جي ادب جي ابتدا اڪثر ڪري نظم سان ٿي آهي ۽ نثر گهڻو پوءِ وجود ۾آيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ لکيو آهي ته ”ڀارت – پاڪ اپکنڊ ۾هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي به مکيه ادبي ٻوليون (جيئن ته هندي، اردو، سنڌي، پنجابي، گجراتي، مراٺي، بنگلا، آسامي، اڙيسا، تامل، تيلگو، مليالم، ڪنڙ وغيره) جدا جدا ايراضين ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، جيڪڏهن انهن جي ساهت جو اتهاس جاچبو ته معلوم ٿيندو ته انهن سڀني ۾ گهڻو ڪري نثر جو ٻهو مکي وڪاس، اڻويهين صدي عيسويءَ کان وٺي ٿيو آهي. انهيءَ جو مکيه سبب آهي مغربي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جي اثر ڪري انهن علائقن جي سياسي ، سماجي ۽ سانسڪرتڪ حالتن ۾تبديلي اچڻ. ان ڪري نئين زماني جي ماحول ۽ ضرورتن مطابق، تحريري ساهت ۾ جدا جدا روپن ۽ ادبي روايتن جو وڪاس ٿيو“. (2)
سنڌي ادب جي تاريخن لکندڙن ، پنهنجي ڪتابن ۾ خاص طور نثري ادب کي محدود ڪري پيش ڪيو آهي، هنن ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ باقاعده لکت جو نظام ۽ نثري ادب جي شروعات انگريزن جي دؤر ۾ٿي. جڏهن سنڌي زبان سنڌ جي قديم زبان آهي، ان ۾ شعر سان گڏو گڏ نثر ڇو ڪو نه لکيو ويو هوندو؟ مگر جيئن ته سنڌ حمله آورن جي نشاني رهندي آئي ، ان ڪري سنڌ جا ڪتاب ۽ قلمي نسخا چوري ٿيا، يا وري جلايا ويا. ان کان علاوه ،سنڌ جو علمي ذخيرو مختلف رسم الخطن ۾ لکيو ويندو هو، ان ڪري ان ۾منظم ادبي ذخيرو گڏ ٿي نه سگهيو. اهڙي طرح اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي حڪمرانن هميشه سنڌي زبان کي نظر انداز ڪيو ۽ هر حڪمران پنهنجي زبان سنڌي عوام مٿان مڙهيندو رهيو، ان ڪري سنڌ جو نثري ادب ترقي ڪري نه سگهيو، جڏهن ته شاعري سينه به سينه محفوظ رهندي آئي. سنڌ جي قديم دؤر جو تاريخي احوال گهڻي ڀاڱي زباني روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جي صورت ۾ملي ٿو ۽ ڪو به مستند احوال نه ٿو ملي.
وادي سنڌ جي تھذيب، دنيا جي چند قديم ترين تھذيبن مان ھڪ آھي، جڏھن 1925ع ۾ سر جان مارشل موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرايو تھ کوٽائيءَ مان هٿ آيل مھرن ۽ انھن تي اڪريل لکت دنيا جي ماھر لسانيات کي حيران ڪري وڌو. ان لکت، تحقيق لاءِ نوان دروازا کوليا، جنھن ۾خود لکت جي تاريخ، تھذيب ۽ تمدن بھ اچي وڃن ٿا. موھن جي دڙي مان لڌل مھرن مان سنڌ جي قديم ترين رسم الخط جا دروازا کليا. ھنن مھرن مان خبر پئي تھ ھتان جا رھندڙ ماڻھو جيڪا ٻولي ڳالھائيندا ھئا، اھا لکي بھ سگھندا ھئا. موھن جي دڙي جي تھذيب ۽ لکت کي ظاھر ٿئي اڄ 90 سال کان مٿي گذري چڪا آھن ، پر ڪو بھ ڏيھي يا پر ڏيھي عالم ان لکت کي پڙھي نھ سگھيو آھي ۽ اھو بھ نھ ٻڌائي سگھيو آھي تھ موجوده سنڌ ۽ سنڌي زبان سان تھذيب، قوم يا رسم الخط سان ڪھڙو رشتو ھو. بهرحال، اهي لکتون، سنڌي نثر جا ابتدائي نمونا چئي سگهجن ٿا.
”آرين جي دؤر ۾سنسڪرت هن پوري خطي جي ڌرمي زبان هئي ۽ براهمي خط ۾ لکت پڙهت ٿيندي هئي. حاڪمن جي ٻولي هئڻ ڪري سنڌ جي ماڻهن تي تمام گهڻو اثر پيو هوندو. ”رگويد“ ۾ ڪيترن ئي جاين تي سنڌو درياهه جي ساراهه آئي آهي، رامائڻ ۽ مهاڀارت واري زماني ۾ به هند ۽ سنڌ جا ويجها لاڳاپا هئا“.(3) ان دؤر ۾ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ ”سانکيه شاستر“، پتنجليءَ جو ”سئوگه شاستر“، ”پورو ميما“، ”ستاءِ اتر ميماتسا“، ”سوتر“، ”منو شاستر“ ۽ ”پراڻ“ وغيره اچي وڃن ٿا. هن دؤر جي نثري ادب لاءِ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر لکيو آهي ته:”هن دؤر جي ادب ۾ سڀ کان پهريائين ڊرامي جو تصور اچي ٿو. عام طرح يونان کي ناٽڪي فن جو استاد چيو ويندو آهي، پر هي ملڪ (سنڌ) انهيءَ ۾ پوئتي نه هو“.(4)
”رامائڻ ۽ مهاڀارت جي دؤرن کان پوءِ سنڌ ۾طاقت جو محور هڪ دفعو ٻيهر بدليو. سنڌ تي ايرانين ڪاهون ڪيون، سڪندر ۽ ٻيا قبيلا سنڌ تي حمله آور ٿيا. سنڌ ۾ يوناني دؤر کان پوءِ موريا گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي. هن خاندان 370ع کان 450ع تائين حڪومت قائم رکي. چندر گپت جي زماني ۾سنڌ جا ڪيترائي جوتشي، شاعر ۽ اديب سندس درٻار ۾ رهندا هئا. سنڌ ۾ هي دؤر ٻڌ ڌرم جي عروج جو دؤر هو“.(5) گوتم ٻڌ جي قولن کي اشوڪ جي زماني بعد مغربي لهجن يعني ”شواسيني“ ۾آندو ويو. اهڙي حالتن ۾ جڏهن ڪو متن هڪ لهجي مان ٻئي لهجي ۾ آندو ويندو هو ته تڏهن پهرين لهجي جا اثرات پڻ پوئين لهجي ۾شامل ٿي ويندا هئا. انهن لهجن ۾ گوتم ٻڌ جا قول ترجمو ڪري سنڌ ۾ پڻ آندا ويا، جن کي ”پاليءَ“ رستي لکبو ۽ پڙهبو هو. پالي ان زماني ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو حاصل ڪري چڪي هئي. ان ڏس ۾جيرامداس لکيو آهي ته: “موهن جي دڙي جي مٿين تهن مان ٺڪر جا پنج ٿانءَ لڌا اٿن، جي پاڻي پيئڻ جي ڪم ايندا هئا. هرهڪ ٿانءَ تي اڪريل لکت پالي ٻولي ۽ براهمي لپيءَ ۾ آهي“.(6)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪنشڪ دؤر جي پالي عبارت ۾ لکيل هڪ ڪتبي جو نمونو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ ڏنو آهي، جيڪو ٽامي جي ٿالهيءَ تي اڪريل آهي. اها ٿالهي بهاولپور کان سورنهن ميل ڏکڻ –اولهه طرف ٻڌ ڌرم جي جهوني مندر ”سئي وهار“ جي کنڊرن مان هٿ آئي هئي. هن ڪتبي کي بختي پاليءَ جو ڪتبو تسليم ڪيو ويو آهي“.(7)
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ابو الحسن عليءَ جي ترجمو ڪيل عربي ڪتاب ”مجمل التواريخ“ کي سنيتي ڪمار چئٽرجي ۽ جيرام داس جي بيانن جي حوالي سان سنڌي زبان جو پهريون نثري ڪتاب مڃي ٿو. هو لکي ٿو ته: “پاليءَ کانپوءِ سنسڪرت مان نڪتل ٻئي شاخ پراڪرت، عيسوي سن جي 3 يا 4 صديون اڳ هندستان سان گڏ سنڌ ۾ چالو ٿي، جا به ديوناگريءَ ۾ لکي ويندي هئي. انهيءَ سنڌي پراڪرت ۾ جهوني ۾ جهونو پستڪ راجا روال جي منتري جي سير جو لکيل ”راجائن جي سکيا“ ڏسڻ ۾اچي ٿو، جو عيسوي سن کان اٽڪل ٽي صديون اڳ جو جوڙيل هو ۽ منجھس مهاڀارت جي لڙائيءَ کان آڳاٽي سنڌ جي تاريخ تي روشني وڌل هئي ۽ پانڊون جي راڄ کانپوءِ ڪن هندو راجائن جون ڪهاڻيون به ڏنل هيون. ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي کوجنا موجب اهو پهريون سنڌ ۾ لکيل پراڪرت نثر جو ڪتاب هو“.(8)
تاريخ جو جامع ڪتاب “مجمل التواريخ” جنهن ۾ سنڌ جي جتن ۽ ميدن جو ذڪر آيل آهي. اهو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب آهي. چيو وڃي ٿو ته اهو اصل ۾سنسڪرت ۾لکيل هو، جنهن جو عربي ترجمو ابوالحسن عليءَ ڪيو هو. سر ايڇ ايم ايليٽ لکي ٿو ته: “مذڪوره تاريخ جو ايم رينارڊ طرفان ڇاپيل باب جنهن تي اسان هاڻي ڳالهائي رهيا آهيون سو ”مجمل التواريخ“ جي مصنف جو پنهنجو لکيل ڪو نه آهي، ان بابت سندس بيان هن ريت آهي ”مون هندن جو اهو ڪتاب ڏٺو. جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ ابو صالح بن شعيب بن جاميءَ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو اصلي سنسڪرت ۾ لکيل هو. هن 417 هه/ 1026ع ۾هن ڪتاب جو جان لائبريريءَ جي مهتمم ابوالحسن علي بن محمد الجليلي فارسيءَ ۾ترجمو ڪيو هو“.(9) هو وڌيڪ لکي ٿو ته:”عربيءَ جي اصلي ترجمي تي ڪا تاريخ نظر نٿي اچي اهو به چئي نٿو سگهجي ته اهو ترجمو بلاذريءَ جي تصنيف کان اڳ جو آهي يا پوءِ جو. اقتباس تمام آڳاٽي دؤر سان واسطو رکن ٿا. خاص طور تي سنڌ سان لاڳاپيل آهن ۽ قوي امڪان آهي ته اهي تاريخن جي لکڻ واري دؤر جي شروعات ۾ هتي آيا هجن. ان جو فارسي ترجمو ان زماني ۾ڪيو ويو هجي“.(10)
سنڌي سماج ۾ تبديلي راءِ دؤر کان گهڻو اڳ شروع ٿي چڪي هئي. تعليم رڳو شهرن تائين محدود نه هئي بلڪه ڳوٺن ۾ به تعليم جو بندوبست ڪيو ويندو هو. تعليم، ايترو ته عام هئي جو لکت جو پورو سرشتو پوري ملڪ ۾ رائج هو. پالي، پراڪرت ۾ سنڌيءَ جا ڪيترائي ودوان ۽ عالم سنڌ ۾ نالو رکندا هئا. نالي وارو محقق پرم ابيچنداڻيءَ لکيو آهي ته: “برهم گپت عيسوي سن 595ع ۾ سنڌ جي ڀلمل ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هو سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مشهور ودوان ٿي گذريو آهي ۽ ساڳي وقت هو ڳڻت وديا ۽ جوتش سڌانت (Astronomy) ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن ڪي پستڪ به لکيا. هو هڪ “براهمٿوڪ سڌانت” يعني سنسار سنٻنڌي جي اگھٽ جو ويچار جيڪو هن عيسوي سن 628ع ۾ سنڌ ۾ ڇپ ونس جي راجا ويکهر مک جي سرپرستيءَ ۾ لکيو ۽ ٻيو هو “کنڊ کايڪ” يعني گامڻ گور پدارٿ، جيڪو هن اجين ۾ عيسوي سن 665ع ۾ لکيو“.(11)
راءِ گهراڻي کانپوءِ سنڌ جون واڳون برهمڻن جي هٿ آيون، هن دؤر ۾ سنڌي نثر جا اهڃاڻ ديوناگري لکت ۾ملن ٿا. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ لکيو آهي ته: ”راءِ گهراڻي (450-632ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (632-712ع) وارن راجائن جي راڄ ۾ پراڪرت، سنڌي، اپڀرنش سنڌي لکت ۽ نرالي مڪاني سنڌي لپين جو واهپو سنڌ ۾ هلندڙ هو. سنڌ ۾ جدا جدا حصن ۾ مروج انهن لکاوٽن جو وڪاس براهمي لپيءَ مان ٿيو هو. انهن سڀني مڪاني نمونن کي گڏي اسين سنڌي لپي يعني سنڌ ۾ مروج مڪاني نرالي لپيءَ جو نالو ڏئي سگهون ٿا“.(12) برهمڻ آباد مان مشهور آرڪيالاجسٽ بلئسز ڪي سڪا ڳولي لڌا ، جن تي ديو ناگري جهڙا اکر لکيل هئا. هينري ڪزنس، عربن جي دؤر کان اڳ جا سڪا لڌا، جن تي ديوناگري لکت چٽيل هئي. ڀنڀور مان لڌل ٺڪر جي ٿانون تي ديوناگريءَ ۾ لکيل فقرا، پڻ سنڌي نثر جي اهڃاڻن کي ظاهر ڪن ٿا.
712ع ۾ عربن سنڌ کي فتح ڪيو. فتح وقت سنڌ جي عوام جي اڪثريت ٻڌ ڌرم سان وابسته هئي، جڏهن ته حڪمران هندو ڌرم سان منسلڪ هئا. عربن جي فتح سان سنڌ جي ٻولي ، ادب ، ثقافت، سماج ۾ يڪسر تبديلي اچي ويئي. سنڌي زبان تمام تيزيءَ سان عربيءَ جو اثر قبول ڪيو. ملڪ جي سرڪاري زبان عربيءَ کي بڻايو ويو. سنڌي زبان هاڻي ديوناگريءَ کان علاوه عربي حرفن سان لکجڻ لڳي.عربن جي دؤر سان وابسته ڪيترن ڪتابن، رسم الخط ۽ ٻوليءَ جي استعمال جي لحاظ کان عربن مؤرخن پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي. ابن نديم ايترو به لکيو هي ته عربن انگن جو علم سنڌين کان سکيو.
“ عرب و ہند کے تعلقات“ جو ليکڪ مولانا سيد سليمان ندوي، جاحظ جي ڪتاب تان حوالو کڻي لکي ٿو ته “سنڌين کي حساب ۽ صرافي ڪم جي پوري ڄاڻ آهي. اهي علم نجومت ۾ ماهر آهن. طبابت جي ڪيترن ڀيدن ۽ رازن کان واقف آهن، شطرنج راند ۾ هوشيار آهن، ڪيترين بيمارين جي علاج جا ڄاڻو آهن، زهر مارڻ ۽ درد کي دؤر ڪرڻ جا منتر ڄاڻن، زبردست موسيقار آهن، هنن وٽ شاعريءَ جو ذخيرو آهي، وڏا فيلسوف ۽ عقلمند آهن، هنن وٽان ڪيترائي ڪتاب اسان وٽ آيا آهن“.(13) جاحظ جي مٿئين بيان مان واضح ٿئي ٿو ته ان وقت سنڌ ۾:
1. سنڌين وٽ شاعريءَ ۽ نثري ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو.
2. هو زبردست موسيقار هئا.
3. هو طب ۾ ماهر هوندا هئا.
4. هو علم نجوم ۾ ماهر هئا.
5. هو شطرنج راند ۾ هوشيار هئا.
تاريخ جي مستند ڪتابن ۾ اچي ٿو ته عرب جي دؤر ۾قرآن شريف جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ٿيو هو. ان سلسلي ۾ بزرگ بن شهريار پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب الھند“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”الور جي هڪ هندو راجا، منصوره جي حاڪم عبدالله بن هباريءَ ڏي لکي موڪليو ته قرآن پاڪ ۽ مذهبي عقيدن کي سنڌي زبان ۾ ڪتاب ڏانهنس موڪلي. عبدالله بن هباري هڪ عراقي نسل جي سنڌي عالم کان ڪلام پاڪ جو ترجمو ۽ اسلامي عقائد ۽ تعليم تي ٻه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪليا“.(14) ديوان گنگارام سمراٽ پنھنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو تھ ”راجا انھيءَ عالم کي گھرائي پنھنجي درٻار ۾ رکيو ۽ کانئس قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو ڪرايائين، جنھن جو راجا تي تمام گھڻو اثر پيو“.(15) اهو حوالو سنڌ جي تاريخ، ادب جي حوالي سان مختلف زاوين کان اهميت ۽ فخر جو مقام رکي ٿو. اهو سنڌي نثر جوهڪ وڏو مثال به چئي سگهجي ٿو. مگر افسوس جو ان جو ڪو به قلمي نسخو موجود نه آهي.
ان کان علاوه اسان کي چچ نامي مان پڻ پروڙ پوي ٿي تھ راجا ڏاھر پنھنجي عملدارن، دوستن، فوجي آفيسرن ۽ تعلقدارن ڏانھن خط لکيا آھن. ظاھر آھي تھ، اھي خط سندس مادري ۽ وطني ٻوليءَ ۾ ھوندا.انھيءَ مان اسان کي ڀليءَ ڀت پتو پوي ٿو تھ سنڌي نثر تمام آڳاٽي دؤر کان لکيو ۽ پڙھيو وڃي رھيو آھي، پر ھن وقت تائين اسان کي ان جي ڪابھ خطي صورت نھ ملي سگھي آھي.
سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب ”عرب و ہند کے تعلقات“ ۾ اهڙن بيشمار سنڌي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي عرب پنهنجي ملڪن ڏانهن کڻائي ويا ۽ انهن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ويو. اهو ثابت ڪري ٿو ته عربن کان اڳ سنڌي زبان ۾ نظم سان گڏ نثري ادب پنهنجي عروج تي پهتل هو. سنڌ جي ڪجهه عالمن ته ايترو به لکيو آهي ته عربن سنڌي ادب کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ ڀڳوان تولاڻي (سنڌي هتيا ڪانڊ)، غلام حيدر گبول (ادب سنڌ) ۽ ڪن ٻين جا ڪتاب ۽ مضمون اچي وڃن ٿا. عربن جي دؤر ۾سنڌ جي تاريخ تي مشهور ڪتاب “فتح نامه سنڌ” لکيو ويو اهو ساڳيو ڪتاب اڳتي هلي فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو، ان جي باوجود ان ۾ اڄ به سنڌي زبان جاڪيترائي نالا، حوالا، شهر وغيره موجوده سنڌي ءَ مطابق لکيل آهن.
عربن جي طويل دؤر کان پوءِ سنڌ جي هيٺين حصي تي سومرن جي حاڪميت آئي. هيءَ مقامي ماڻهن جي حڪومت هئي. علم و ادب ڪافي ترقي ڪري چڪو هو ۽ ملڪ ۾ ڪيترائي مڪتب ۽ مدرسا هلندڙ هئا. سومرن جي دؤر سان وابسته ڪيترن ئي عالمن ۽ سندن مدرسن جي معلومات ملي ٿي ، مگر انهن جو لکيل ڪو به سنڌي زبان ۾ ڪتاب ميسر ٿي نه سگهيو آهي. البته عربي، فارسي، خوجڪي خطن ۾ لکيل فقرا، قول ۽ ڪتاب ، سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ چئي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي نثر جي شروعات سومرن جي دؤر کان ڄاڻائي آهي. سومرن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ هڪ لپي ايجاد ٿي، جنهن ۾ اسماعيلي خوجن جو مذهبي ادب لکيو ويو. اها لپي پير صدر الدين ايجاد ڪئي، يا ان ۾ اصلاح ڪئي، جنهن کي ”چاليهه اکري“ يا پير صدرالدين جي سنڌي يا خوجڪي سنڌي به چيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ڪيترائي نثري پهاڪا، چوڻيون ۽ دعائون ملن ٿيون. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا اسماعيلي بزرگن جي دعائن جا نمونا پنهنجي ڪتاب “سنڌ نثر جي تاريخ” ۾ ڏنا آهن. هڪ دعا هيٺ ڏجي ٿي:
“يا شاه ! حق تون، پاڪ تون، دانا تون، بينا تون، اول تون، آخر تون، ظاهر تون، باطن تون ، ڀيد تون پنهان تون......... الخ“
اهڙي طرح سومرن جي دؤر ۾ نثر جو هڪ اهڙو پهاڪو به هٿ آيو آهي جنهن نثر جي تاريخ ۾ نئون باب کوليو آهي. اهو پهاڪو آهي:
“يا شيخ لوقا، دين دنيا جا ڏونڪا“.(16)
هي پهاڪو سيد شهاب الدين بلق لوقه ڏانهن منسوب آهي. اهڙي طرح هڪ اهڙو ئي نثري پهاڪو شيخ جيو ڏانهن منسوب آهي ته ”شيخ جيو، جو مڪليءَ جو ڏيو“.
سومرن جو دؤر، سنڌي شاعريءَ جي لحاظ کان ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جو دؤر سڏيو وڃي ٿو. هن دؤر جا ڀٽ ۽ ڀان لکت لاءِ ”ڀانڪي رسم الخط“ استعمال ڪندا هئا، جنهن کي ”لاڙي موڙا“ به چيو ويندو آهي. انهيءَ رسم الخط جو استعمال انتهائي محدود هو، جنهن ۾ ان دور جا درٻاري، ليکڪ، شاعر، دان حاصل ڪرڻ لاءِ سومرن ، سمن ، راجپوتن ۽ ٻين سردارن جا ڪارناما ۽ نسب ناما وغيره نثر ۾لکندا هئا. مگر افسوس جو سنڌي محققن انهن جي لکڻين کي اڃا موجوده روپ ۾ آڻي شايع نه ڪرايو آهي.
هندو ڌرم جي اهم ڪتابن جا ترجما سومرن جي دؤر ۾ سنڌي زبان ۾ٿيا. ان سلسلي ۾ ناميارو محقق ايم. ايڇ .پنهور لکي ٿو ته ”عربي ذريعن مان خبر پوي ٿي ته سنڌي ٻولي گهڻو اڳي 850ع ڌاري ڳالهائبي ۽ لکبي هئي. مها ڀارت ۽ رامائڻ ڏهين ۽ يارهين صدين ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا هئا.“ هو ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ڪجهه سنڌي ڏاهن سنڌ کان ٻاهر حديث ۽ قرآن شريف جا تفسير لکيا، انهن مان محمد عابد سنڌي، امام اعظم کان صدر الدين موسيٰ (وفات 1552ع) ذريعي پهتل حديثون ترتيب ڏنيون. ابوبڪر اسحاق البڪري المهاني عرف ابن تاج (وفات 1335ع) قرآن شريف جو تفسير لکيو“.(17)
سومرن کان پوءِ سما ڄام حڪمران بڻيا. سمن جي دؤر جي ادب تي شاعري غالب آهي مگر ڪيترائي نثري اهڃاڻ شاعريءَ ۾ يا وري فارسي ڪتابن مان ملن ٿا. سنڌي ٻوليءَ لاءِ خوجڪي، ديوناگري ۽ عربي رسم الخطن ۾لکت ڪئي ويندي هئي.
هن دؤر جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جي معلومات ملي ٿي، جن عربي ۽ فارسي ۽ سنڌي زبان ۾ پنهنجو علم و ادب لکيو. مولانا علاءُ الدين منگلوريءَ جو ”الزبده“ نالي درسي ڪتاب ”شمه في الميزان“ تي آسان شرح لکي. حاجي حسن صفائي پنهنجي مرشد پير مراد شيرازيءَ جي بابت ڪتاب “تذڪره المراد” لکيو . ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، پير مراد علي شيرازيءَ جي واتان چيل هڪ دعائيه فقري کي سنڌي نثر جو اهڃاڻ سڏيو آهي:
”اوڀاتي، ڏيئي وڏي ڄمارا“.(18)
يعني اسان جي گهر ۾ آيل نوا ڀاتي ....الله سائين توکي وڏي ڄمار ڏئي.
هن دؤر جي ٻين عالمن ۾مخدوم محمد عباس پاٽائي ۽ مخدوم رڪن الدين به ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ هئا. بابا فتح محمد سنڌي به وڏو عالم هو، جنهن “ مفتاح الصلواة” نالي ڪتاب لکيو. سيد عبد القادر بن سيد محمد هاشم پنهنجو ڪتاب ”حديقه الاولياءَ“ اٽڪل 1607ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ سومرن ۽ سمن جي دؤرن جي ڪيترن عالمن ۽ سندن نثري ادب جو احوال ملي ٿو. انهن عالمن ۾ مخدوم نوح، مخدوم بلاول، اسحاق آهنگر، شيخ ڀرڪيو، شيخ حماد جمالي، شيخ جيو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. سمن جي دؤر ۾ مخدوم بلاول هڪ وڏو عالم ليکيو وڃي ٿو. عوامي روايتن مان مخدوم صاحب جاڪجھه قول به ملن ٿا، جي مان ڪي هن ريت آهن :
1- زماني جي سڌن کي ترڪ ڪرڻ، ڄڻ روح جي راحت خريد ڪرڻ برابر آهي.
2- والدين ۽ وڏن جي عزت پنهنجي لاءِ تحفو آهي.
3- حق جي راه ۾ سچ چوڻ جهاد آهي.
4- موت اڻ- ٽر آهي ۽ حياتي فاني آهي . انسان ، مهمان جي حيثيت ۾ هن جهان ۾ آيو آهي. جسم ، تندرستي، دولت ۽ عزت عارضي آهن. اصل نعمت عملن سان حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪا آخرت ۾ ڪم ايندي.
5- خدا جي ڪلام (قرآن مجيد) جي حفاظت اسان جو ايمان آهي “.(19)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ, سمن جي دؤر جو هڪ سنڌي نثر جي جنگي نعري جي تاريخ ڏني آهي، جنهن ۾ نثري اهڃاڻ ڏنل آهي. اهو نعرو سلطان فيروز جڏهن ٺٽي تي چڙهائي ڪئي ته سنڌ جي ماڻهن هي نعرو هنيو هو :
“بابرڪت پير پٺو، هڪ مئو هڪ ٽٺو “.(20)
هن نعري مان خبر پوي ٿي ته هندستان جي حڪمران محمد تغلق سنڌ تي چڙهائي ڪئي مگر 1351 ع ۾ پير پٺي جي دعا سان مري ويو. جڏهن فيروز شاهه ڪاهه ڪئي ته سندس لشڪر ۾ بيماري پئي ۽ هو سنڌ ڇڏي ڀڄي ويو. اهڙي طرح ڄام تماچي جي قيد مان هائيءَ لاءِ مشهور بزرگ نوح هوٿياڻي هي دعائيه جملو چيو :
“جوڻو وڃي جهوري ماريو، ڄام تماچي شهرين چاڙهيو “.(21)
سمن جي دؤر ۾ قاضي قادن جھڙو عالم، شاعر ۽ مفتي، ان وقت جو قاضي القضات (Chief Justice) ھو.هن ڪيتريون ئي فتوائون سنڌي زبان ۾ لکيون هيون، جيڪي هن وقت اڻلڀ اهن. البته ”برہانپور کے سندھی اولیا٫“ جي ليکڪ سيد محمد مطيع الله ”برهانپوري“ هن سان ڪي ڪتاب منسوب ڪيا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ آيل فقه جي ڪتابن جهڙوڪ “ڪنز، قدؤري قافيا” تي جهڙي نموني ذڪر ۽ تنقيد ڪئي ڪئي، ان مان واضح آهي ته سندس ڪيترائي نثري ڪتاب لکيل هوندا.
سمن جي دؤر جي هڪ ٻئي عالم مخدوم محمد الياس (وفات 1528ع) جي باري ۾ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي معلومات پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز ۾ ڏني آهي. هو لکي ٿو ته: ”مخدوم جا ڪجهه مقولات سنڌي نثر جي نشاندهي ڪن ٿا، جيڪي سندس ملفوظات ۾درج آهن:
1- قرآن کي روزگار نه بنايو.
2- خدائي ذڪر سان دل کي روشن ڪر.
3- هيءَ دنيا روئڻ جي جاءِ آ، نه کلڻ جي.
4- عبادت اها ڪر، جنهن مان خدا کي ڏسين.
5- ٻين جو هڏ ڏوکي ٿيڻ ۾ خدائي قرب آهي“.(22)
سنڌ ۾ جڏهن ارغونن ۽ ترخانن جون هڪٻئي پويان حڪمرانيون قائم ٿيون ، تڏهن فارسيءَ جو اثر پنهنجي عروج تي پهتل هو. سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. سنڌ جي تاريخ تي فارسيءَ ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. سنڌ جي لوڪ داستانن کي فارسيءَ ۾ قلمبند ڪيو ويو. سنڌ جا فارسي حڪمران نه صرف فارسيءَ جا شاعر هئا، مگر هو فارسي علم و اب جي سرپرستي ڪندا هئا. ان جي باوجود سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي زبان جا عالم ۽ اديب موجود هئا، جن جا خطبا، فتوائون ۽ علم و ادب نثر ۾ چيل ۽ لکيل هئا.
هن دؤر ۾ نثر نويسيءَ جو مثال قاضي قادن جا خطبا ۽ خط آهن . هو هڪ شرعي عالم هو گهڻن علمن هئڻ سان گڏ هن مخلف وقتن تي ڪيتريون ئي فتوائون به ڏنيون هيون، جيڪي اڄ ناپيد آهن. قدرت قاضي قادن کي خط نويسيءَ سان به نوازيو هو، هن جا جذباتي ۽ احساساتي خط ڪٺور انسانيت جون دليون ميڻ وانگر رجائي ڇڏيندا هئا. شاهه بيگ ارغون جي تباهه خيزي ۽ قتل عام روڪرائڻ لاءِ هن کيس خط لکيو هو، جنهن ۾ غريب ماڻهن جي حالت جو به ذڪر اهڙي نموني ڪيائين جو هن ڦرلٽ بند ڪرائي.
ترخانن جي دور ۾ سنڌي شاعريءَ جو ”وهائو تارو“ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ٿي گذريو آهي. هو عالم به هو ته رهبر به هو. هو پنهنجن مريدن کي سمجهائڻ خاطر شعر به چوندو هو ته قول ۽ خطبا به ٻڌائيندو هو. سندس شاعري ءَ ۾ ڪيترائي نثري پهاڪا ۽ چوڻيون سمايل آهن. مثال طور:
(1) پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن.
(2) نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون.
هن جي وفات کانپوءِ سندس مريد سيد محمد رضا سندس شعرن، قولن ۽ خطن کي فارسي زبان ۾ هڪ ڪتاب”بيان العارفين في تنبيهه الغافلين“ ۾گڏ ڪيو. ان ڪتاب مان شاهه ڪريم جا ڪي خط ۽ خطبا ۽ قول مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب “رساله ڪريمي” ۾ ڏنا آهن. مثال طور:
1. هر ڪو پساهه هڪڙو قاصد آهي، جو گويا رب تائين نياپو ٿو رسائي. تنهنڪري جي ڪنهن پساهه نفس فوت ڪيو، تنهن ڄڻ ته خدا جو هڪڙو پيغام وڃايو.
2. نياز ڪندڙ ماڻهو، ميويدار وڻ وانگي آهي، جو ميوو به ڏئي ۽ ڇانو به ڪري. ۽ مغرور متڪبر ماڻهو کجيءَ وانگي آهي، جا سڀني وڻن مان قد ۾ ڊگي آهي، مگر جيترو قد اٿس اوترو نڪو ميوو ڏئي، نڪو ڇانوَ ڪري“.(23)
سنڌي ادب جي تاريخ کي جاچڻ سان خبر پوي ٿي تھ سنڌ ۾ جڏھن بھ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ ڪا تحريڪ شروع ٿي تڏھن نھ صرف نين ادبي صنفن جنم ورتو پر نثر نويسيءَ به ترقي ڪئي. ترخانن جي دور ۾ سنڌي سماج تي فارسيءَ جي جيڪا علمي، ادبي، لساني ۽ ثقافتي يلغار ٿي ھئي اھا ايتري تھ عروج تي پھتي جو ان جو رد عمل مغلن جي دؤر ۾ شروع ٿي چڪو ھو. اھا تحريڪ دراصل مخدوم جعفر بوبڪائي کان شروع ٿئي ٿي، جنھن پنھنجي عربي ۽ فارسي ڪتابن ۾ عام پڙھندڙن لاءِ سنڌي فقرا استعمال ڪيا. پوءِ تعليم گاھن ۾ بيشمار اھڙا ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ عربي-فارسي حرفن کي ردو بدل ڪري سنڌي لفظ ٺاھيا ويا.
مخدوم محمد جعفر بوبڪائي (وفات 1594ع ڌاري ) ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ ٿي گذريو آھي. ھو پنھنجي دؤر جو عالم، اديب، شرعي ماھر ۽ تعليم دان ھو. مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان اڪثر زماني جي انقلابن سبب ضايع ٿي ويا.سندن تصنيفن ۾ ”حاصل الھنج“ اهم آھي، جنھن ۾ تعليمي تربيت تي بحث ٿيل آھي. انگريزيءَ ۾ ان ڪتاب جو مطلب (Methods of Education) ٿيندو.ھن صاحب پنھنجي عربي ۽ فارسي ڪتابن ۾ ڪيترائي سنڌي لفظ استعمال ڪيا. اوائلي دؤر ۾ اھي فقرا سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي نثر جو اھڃاڻ آھن. ان سلسلي ۾ سندس اھم مثال ھن جي ڪتاب ”حل العقود في الطلاق السنود“ (سنڌين جي طلاق نامي جي مسئلن جو حل) ۾ ملي ٿو. ھن ۾ سنڌي اصطلاحن ”ڇڏي“ ۽ ”ڇڏيم“ جي وضاحت ڪئي ۽ ھيٺين طور پنھنجي طرفان شرعي فيصلو عربيءَ ۾ لکيو، جنھن ۾ اھي سنڌي الفاظ ۽ اصطلاح آندائين:
” اِنˆ قال لِمَوˆ طوئتهِ "چھڏي ، چھڏي، چھڏي، او چھڏيم، ثلات مرات و اراد بالتڪرير التاسيس دون التاڪيد لايقع الاً الواحده“
يعني تھ جيڪڏھن ڪنھن مڙس پنھنجي زال لاءِ چيو تھ (مون ھي) ڇڏي، ڇڏي، ڇڏي يا ٽي ڀيرا ڇڏيم، ڇڏيم، ڇڏيم چيائين) مگر ائين ورائي ورائي چوڻ سان جيڪڏھن سندس مقصد پنھنجي گفتي تي زور ڏيڻ ۽ چٽي ڪرڻ جو (تاسيس) ھو، ۽ نھ (طلاق ڏيڻ خاطر) ارادي کي پڪو ڪرڻ (تائيد) تھ ان حالت ۾ اھو ھڪ طلاق (جي اعلان جي برابر) ٿيندو“.(24)
سندس ان تحرير مان معلوم ٿئي ٿو تھ ھن ”ڏ“ لاءِ موجوده صورتخطيءَ وانگر ”ڏ“ ئي استعمال ڪيو آھي. البتھ ھڪ ٻي ھنڌ ”ڇ“ لاءِ ”ڇھھ“ مرڪب حرف جوڙيو آھي.
مخدوم جعفر پنھنجي ٻئي رسالي ”استفتاء في ماتعارف قوم الطلاق“ ۾ پڻ مڙس پاران زال کي طلاق ڏيڻ بابت ھي جملا لکيا آھن:
”جي اون توسين کھاريان تھ توکي طلاق آھن- تھ مون طلاقن، ترن طلاقن اتي سنوه“.(25)
(جي آءٌ توسان گھاريان تھ توکي طلاقون آھن- تھ مونکي طلاقن – ٽن طلاقن جو اٿي سونھن/ قسم)
علامھ بوبڪائي پنھنجي ٽئين ڪتاب ”الحجة القوية“ ۾ بھ اھڙي ئي ھڪ مسئلي بابت لکيو آھي تھ:
”مون توکي طلاقون ڏنيون“ (مون توکي طلاقون ڏنيون) “.(26)
”طلاق اتي سنوه جين ھيو کم کندس نکندس – جين ھيو کم کريان – نکريان“
(طلاقن جو اٿئي قسم جي ھي ڪم ڪندس نڪندس، جي ھي ڪم ڪريان نھ ڪريان) “.(26)
(ب) وڌيڪ شرعي فتوائون ۽ سنڌي فقرا
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تھ مخدوم جعفر کان پوءِ سنڌ جي ٻين عالمن پڻ پنھنجي تحريرن، فتوائن، ۽ بياضن ۾سنڌي لفظن، اصطلاحن ۽ عبارتن تي لغت ۽ معنيٰٰٰ توڙي شرعي حڪم جي لحاظ سان بحث ڪيو آھي:
مخدوم حامد پنھنجي ھڪ رسالي (ڪتاب) ۽ ٻين تحريرن ۾ ھيٺيان سنڌي الفاظ ۽ جملا زير بحث آندا. جيڪڏھن ڪاوڙ مان ڪنھن پنھنجي پٽ کي چيو تھ :
”تڪر ماڻھ کي طلاق آھي.“
اصل صورتخطي: ] تکر مانھ کي طلاق آھي.[

مخدوم رحمت الله ٺٽوي
ڪنھن شخص زال سان جھيڙي وقت ڪاوڙ ۾ اچي ٽي دفعا چيو تھ:
توکي ڇڏيم توکي ڇڏيم توکي ڇڏيم.
اصل صورتخطي:] توکي چھڏئم توکي چھڏئم توکي چھڏئم [“.(28)
اھڙي طرح هن دور جي ٻين بھ ڪيترن عالمن جا ان قسم جا نثري فقرا ملن ٿا، جن ۾ عربي-فارسي- سنڌي صورتخطي استعمال ٿيل آھي.
مغلن جي دؤر ۾ سنڌي زبان مختلف رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي. عربي، فارسي، خطن سان گڏ سنڌي ديوناگري خط لکي ويندي هئي، انهن جا دستاويزي ثبوت موجود آهن. محترم سراج صاحب پنھنجي مضمون سنڌيءَ جو آڳاٽو ادب ۾ مغليھ دؤر جو ھڪ ڪاٻاڙو ڏنو آھي، جيڪو عيسوي سال 1640 کان 1650 جي زماني جو ٿئي ٿو. ڪاٻاڙي جو نقل ھيٺ ڏجي ٿو:
سنبت 1710: ورک ناريءَ (نھريءَ) چنڊ، گروار (خميس)ڏھاڙيءَ اکر ڪيا: ننگر ساموئيءَ ڀيتري ڏنڪ نامي: لھاڻي سور جيءَ پرئياڻيءَ لھڻا: اڌاراڻڪ نامي ڀاٽيي رامل تورسياڻيءَ ڪني رپيا 101 انگين اکرين سو ايڪوترا: پورا: کرا: آڪڙا: حالي ڇڪي (سڪي) جا: شاھجائي: وھاج (وياج) سان: وياج ماس پريت (در مھيني) ايڪ ايڪوترا ورتي ڏيندو: ڏيندي ھر ھج (حجت) ڪانه ڪندو: ناڙي ني (ڏسي ڪري) ڪاٻاڙو لکيو: ديس پرديس سھي (صحيح) : جڏھين سورجي پرئياڻي گھرندو تڏھين رامل تورسياڻي ڀري جباب (جواب) ڪندو: اجر (عذر) ۽ مالو (دير) نھ ڪندو: پيرو ماسڌ ھي ڪاٻاڙو انگي اڌارو نيائين: سھي (صحيح): ٻيو اجر(عذر) ڪونھ ڪندو:
مت: رامل تورسياڻي جما (جمع) ٿيا: اکر سھي: رپئين ايڪوتر سو: وھاج (وياج) پڻ ايڪوتر“.(29)
فارسي نستعليق جي لحاظ کان اگر ڏسجي ته سڄو مڪليءَ جو قبرستان خط نستعليق سان نثر توڙي نظم ۾ ڀريو پيو آهي.فارسي تاريخون انهن عالمن ۽ اديبن جون لکيل آهن، جيڪي ارغون، ترخان، مغليه ۽ پوءِ وارن دورن ۾ سرڪاري درٻارن سان وابسته هئا. سندن تاريخن ۾ قصه گوئي وڌيڪ آهي. عام ماڻهن جي حالت زار جي معلومات گهٽ آهي. فارسي زبان جي حيثيت سنڌ ۾ رياستي ٻولي جي هئي. حڪمران فارسي دان هئا.سنڌ جا مڪتب، مدرسا، وديالا، علمي و ادبي ڪتاب ، شعر و شاعري، تاريخ، منطق، مطلب تھ ھر شيءِ تي فارسيءَ جو غلبو ھو. سنڌ جا لوڪ قصا ۽ داستان فارسيءَ ۾ لکيا ويا.سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ جي باري ۾ ڪيترائي ڪتاب فارسي زبان ۾ تحرير ڪيا ويا.ان ڏس ۾ هي ڪتاب خاص ذڪر جوگا آهن: سيد محمد بن بايزيد پوراني ”نصرت نامهء ترخان (سن “968هه/1560ع) ، مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي بکري“ (سن 1009هه/ 1600)، سيد عبدالقادر ٺٽوي ”حديقتھ الاولياءَ“ (1016هه/ 1607)، ادارڪي بيگلاري ”بيگلار نامه“ (سن 1017هه/ 1608)، سيد محمد طاھر نسياني ”تاريخ طاھري“(سن 1030هه/1620)، ميرڪ يوسف ”تاريخ مظھر شاھجھاني“ (سن1044هه/ 1634) ۽ سيد ميران محمد ”ترخان نامھ“ (سن 1065هه / 1654ع) وغيره. صوفين جاملفوضات به هن دور ۾ لکيا آهن. مثال طور ٺٽي ميان محمد رضا ”بيان العارفين في التنبيهه الغافلين“ (سن 1038هه/1628ع) ۾ لکيو، جنهن ۾ پنهنجي مرشد شاهه ڪريم (بلڙي وارو) ، جا شعر ۽ گفتگو فارسيءَ ۾ لکي محفوظ ڪيائين. ڌارين حاڪمن سنڌ جي ثقافت کي سمجهڻ لاءِ ، هتان جي عشقيه داستانن بابت فارسي نثر ۽ نظم ۾ ڪتاب تيار ڪرايا، جن ۾ ادارڪي بيگلاري جو ”چنيسر نامھ“ ”حسن و عشق“،مير محمد معصوم جو ”ناز و نياز“ اهم آھن.
مغل دور جي نثر نويسي جي سلسلي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجي ڪتاب ”مقالا قاسمي“ ۾ آيل هڪ مضمون ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ مغل دؤر ۽ ان کان اڳ وارن دؤرن سان وابسته سنڌي نثر جا نمونا ڏنا آهن.هو لکي ٿو ته ”اسان کي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان به گهڻو اڳ جا سنڌي نثر جا نمونا ۽ عبارتون هٿ آيون آهن، جيڪي هڪ فقهي فتاويٰ ”بياض“ ۾ آيل آهن. اهو سنڌي نثر وارو مجموعو ان فقهي بياض جو هڪ الڳ باب ۽ عنوان آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري اڍائي سؤ سال اڳ جا ڪتب آندل سنڌي نثر جا جملا ۽ عبارتون آيل آهن، جيڪي هتي سنڌ جي هندو رهاڪن ۽ رعايا کان ٻڌا ويا ۽ انهن تي ان دور ۾ قاضين ۽ مفتين پنهنجا فيصلا ۽ فتوائون صادر ڪيون ۽ انهن جي تقريظ ۽ تصديق، وقت جي ٻين وڏن شرعي عالمن ڪئي ۽ مُهرون لڳايون. سنڌي نثر جي نمونن جي فيصلن ۽ فتوائن سان لڳاپا رکندڙ ماڻهن جي نالن، تاريخ ۽ سن کي هتي بيان ڪيو آهي:
(1) هن بياض جي ورق 428 تي هڪ واقعو 13 صفر سن1100هه جو بيان ٿيل آهي ته نالي موسيٰ پٽ حاجي خضر جي چانديءَ جي منڊي هڪ هندو وٽ ڳهه رکي. اڳتي هلي ٻنهي جو وياج تي جهڳڙو ٿيو، ان تي ان هندو هي جملا زبان مان اچاريا:
”شرع محمد جي مُن مڃي قبول، شرع محمد جي مُن مڃي“
(2) ورق 434 تي هڪ عربي عبارت:
”قال رسول الله صلي الله عليہ وسلم کذا وکذا“
(3) ورق 437 تي هڪ هندو نالي ٻالجند جو هي جملو اچاريل آندو ويو آهي:
”آءٌ وَانِيُو نَاهيان“
(4) ورق 425 هتي هڪ هندو عورت جو مسلمان کي خطاب
”ادا محمد صالح“ آيل آهي.
(5) ورق 428 تي هڪ هندو جي واتان هي جملو اچاريل آهي:
”هَلُ آءٌ تو جِهَرُو آهِيَان“
(6) ورق 437 تي اچي ٿو ته 14 شعبان مهيني جي 1155هه تي سومهڻي جي نماز کان پوءِ جو واقعو آهي ته چيٽو پٽ مسمات جِتان جو ٺٽي ۾ مڪلي دروازي تي بيٺو هو، جو سنڌيءَ ۾ هي اکر اچاريائين:
”آنکهي نَبِيَّ جو کَهَتُن آهي جي پِرَ تي نه هَلندا.“
(7) 438 تي اچي ٿو ته هڪ هندو عورت، هڪ مسلمان نالي احمد ڪينيگران جي گهر آئي، ان سان ڳالهائيندي چيائين ته تون بي ايمان آهين
”اَسِ ايمان تَها رکڻو“
(8) ورق 439 تي اچي ٿو ڪن مسلمانن هڪ غير مسلم کان پنهنجي حق جي گهر ڪئي. هو ان جي ڏيڻ ۾ سستي کان ڪم وٺي رهيو هو. تنهن تي هڪ مسلمان ان هندو کي چيو ته:
”تُن اَساس ستَم، تو کري شَرعَ مُحَمَّد جي مَڃيء ڪِ نَه“
هندو ان کي ورندي ڏيندي چيو:
”شَرعُ مُحَمَّد جِي مَڃيِم پَرَ آهِجِي شَرعِي قَاضِي گذرُو.“
ان طرح سنڌي نثر جا اهي اٺ نمونا هن سلسلي جي هڪ نئين کوجنا ۽ تحقيق آهي“.(30)
مغليھ دؤر جي علمي ۽ ادبي تحريڪ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ پنھنجي عروج تي پھتل ھئي. سڀ کان اول عزت بن سليمان نالي هڪ ڪاتب سنڌي عالمن جي لکتن تي “منظوميا” جي عنوان سان ڪتاب ۾ گڏ ڪيو. اهي سڀ ”منظوميا“ نظمي نثر ۾ هئا ۽ ان ۾ ڪيترن عالمن جو مذهبي ادب لکيل هو. اهو اوائلي نثري نظم بهترين ثبوت هو. ان ڪتاب کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شايع ڪرايو. پر ان تحريڪ جو اڳواڻ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ کي چئبو. مخدوم ابوالحسن ٺٽوي(وفات 1703ع ڌاري) جي خانداني درسگاھھ ٺٽي ۾ ھوندي ھئي، جتي پاڻ تعليم و تربيت ڏيندا ھئا. مخدوم صاحب بنيادي طور تي معلم ھو پر ٻوليءَ جو بھ وڏو ڄاڻو ھو .ھن سان 1703ع ۾ ھن طويل نثري نظم ۾”مقدمتھ الصلواة“ تحرير ڪيو. جيڪا الف-ب جوڙي، ان کي ”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“ ڪري سڏيو وڃي ٿو“.(32) ھن ڪتاب جو مقصد بيان ڪندي مخدوم صاحب لکيو آھي تھ:
”ڪارڻ طلب طالبين، رسالو لکيوم. مقدمتھ الصلواة سندي نالو تنھن رکيوم“
ھن ڪتاب ۾ اسلامي شرعي اصولن جون سمجھاڻيون ھيون.مثال طور روزي، نماز، زڪوات، حج، ثواب، گناھھ، شرڪ ،ايمان وغيره جو بيان واضح ٿيل آھي.هن قسم جي ڪتابن ۾ هٿرادو قافيو هڻي، نثرکي زوري نظم بڻايو ويندو هو. هن ڪتاب ۾ ڪي صاف نثري فقرا پڻ آهن. مثال طور :
“ڍلا ڪڍ ڀلن جي رڙهي راهه پون ”.
ڪلهوڙن جو دؤر (1717ع – 1782ع) جي دؤر ۾ ملڪ جي مشهور درسگاهن توڙي عام مڪتبن ۾ مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جو سرشتو پختن بنيادن تي قائم ٿي چڪو هو. وقت جا جيد عالم ۽ قابل استاد ان تحريڪ سان شامل ٿي چڪا هئا. سنڌي نثر جي هڪ خاص قسم جي تشڪيل به ان دؤر ۾ ٿي هئي .
مخدوم ضياءُ الدين (1767ع- 1758ع) جوڻ نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. مخدوم عنايت الله کان ۽ مخدوم محمد معين کان علم پرايائين. ھن با ڪمال بزرگ عالم ٺٽي ۾ پنھنجو مدرسو قائم ڪيو. درس و تدريس وٺندي وٽائنس ڪيترائي عالم ۽ فاضل پڙھي پختا ٿيا، ھن پنھنجي ٺاھيل سنڌيءَ ۾ ڪتاب ۽ ”مخدوم ضياءُ الدين سنڌي“ نالي ڪتاب لکيو ۽ ان ۾ مخدوم ابوالحسن جي ڪتاب کان ڪجھھ وڌيڪ ديني مسئلا بيان ڪيا. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتاب تيار ڪرڻ جو سبب ڏيکاريندي لکي ٿو تھ:

مسائل جي دين جا، سي گھڻا ۽ گھاٽا
سڀني ڪتابن جي عالمن لکيا ۽ چيا
تنھنجي منجھان ڪيترا مون سنڌيءَ ۾ لکيا
تھ سنڌي سکھي سڀڪو، پڙھي سھج منجھان


مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي (1690-1761ع) جو جنم تعلقي مير پور بٺوري، ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو. سندس شمار دنيا جي انھن عظيم الشان علماءِ دين ۾ ٿئي ٿو، سندس تصنيفن جو تعداد 150 کان مٿي آھي. سندس ڪتابن مان 40 کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. انھن مان 8 سنڌي زبان ۾، 12 فارسي زبان ۾ ۽ 20 ڪتاب عربي زبان ۾ آھن. سندس سنڌي ڪتاب نثري نظم (Poetic Prose) ۾ لکيل آھن. ھينئر سندس ڪيترا ئي ڪتاب صاف نثر ۾ بھ شايع ٿي چڪا آھن. هن پنهنجي فارسي ڪتابن ۾ به سنڌي لفظ ۽ فقرا استعمال ڪيا آهن. سندس سنڌي ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن :
(1) اصلاح مقدمتھ الصلواة :-ھي ڪتاب مخدوم ابوالحسن جي ”مقدمتھ الصلوات“ جي اصلاح خاطر لکياين. مخدوم صاحب پنھنجي علمي ڄاڻ مطابق ابو الحسن ٺٽوي جي ڪتاب ۾ اضافا ۽ اصلاح ڪئي آھي. ھي ڪتاب بھ ساڳي نموني نظمي نثر ۾ لکيل آھي.
(2) بناءِ الاسلام :-اسلامي عقيدن جي بيان لاءِ 1143 ھجريءَ ۾ مخدوم صاحب جو سنڌي نظمي نثر ۾ ڪتاب لکيل آھي. ھن ڪتاب ۾ خدا جي وحدانيت جو ذڪر آھي،
(3) تفسير ھاشمي پاره عم:-سنڌي نظمي نثر ۾ سال 1162 ھجريءَ ۾ مخدوم صاحب جي جوڙيل پاره عم (سورة النبياءَ کان وٺي سورة الناس) جي تفسير تي ھي ڪتاب مشتمل آھي.
(4) تنبيهه نامون:هي ڪتاب بي نمازين ۽ عاشورن بابت آهي.
(5) راحتھ المؤمنين:-ذبح ۽ شڪار، حلال ۽ حرام جانورن بابت تفصيل سان 1130 ھجريءَ ۾ سنڌي نظمي نثر ۾ ھي ڪتاب جوڙيل آھي.
(6) زاد الفقير: ھي ڪتاب، مخدوم صاحب 1125 ھجريءَ ۾نظمي نثر ۾لکيو. هي ڪتاب روزي ۽ اعتڪاف جي مسئلن بابت آهي.
(7) فرائض الاسلام:ھن ڪتاب ۾ اھي سڀ مسئلا سمجھايا ويا آھن، جيڪي ھر مسلمان کي پنھنجي زندگيءَ ۾ بجا آڻڻا هوندا آھن.
(8) قوت العاشقين : ھي ڪتاب حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن جي معجزن بابت لکيل آھي. ھن ڪتاب کي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ صاف نثر ۾ آڻي ”قوت العاشقين مٺي مرسل جا معجزا“ جي نالي سان شايع ڪرايو آھي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ ھيٺيون جواز پيش ڪيو اٿن:
عربي اڄاڻن کي گھڻو ڏھلي ھوءِ، مھکي ڪريان سنڌي، جيئن پڙھي سڀڪوءِ
مخدوم عبدالله نرئي (1737-1821ع) ولد ميان عبدالقادر جو جنم ڳوٺ مانڌر ضلعي بدين ۾ ٿيو. مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ھو. ٺٽي مان تعليم حاصل ڪري”نريي“ ۾ رھڻ لڳو. ان حساب سان ”نرئي“ سڏائيندو ھو. مخدوم عبدالله ھڪ باشريعت انسان ھو ۽ معلم ھو. ڪيترائي نظمي نثر ۾سنڌي ڪتاب لکيائين. سندس سنڌي ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن :
”قمر المنير “ ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي سيرت بابت آهي.
”بدر المنير“ ڪتاب بھ سيرت جو ڪتاب آھي.”سڱ نامو“ ۾ مسلمانن جي معاشرت تي لاڳاپن سان ڪن خاص شرعي احڪامن جو تفصيل ڏنل آھي. مخدوم صاحب پنھنجو مشھور ڪتاب ”ڪنزالعبرت“ 1762ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ ان جي لاءِ لکيائين تھ:
تحقيق جڏھن ھي تمام ٿيو نسخو سنڌي واءُ، تڏھن "ڪنزالعبرت" سنڌي رکيم تنھنجو ناءُ
ڪتاب ”نور الابصار“ ۾ فرض نمازن ۽ روزن کانسواءِ ٻين نمازن متعلق شرعي مسائل ۽ ٻيا شرعي مسئلا جمع ڪيل آهن. ھي ڪتاب 1779ع ۾ لکي پورو ڪيو.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1778-1739ع) لاءِ مشھور آھي تھ ھو ساماري تعلقي جي ھڪ ڳوٺ گرھوڙ شريف ۾ ڄائو ۽ ذات جو مڱريو ھو. ھڪ ٻي روايت اھا بھ آھي تھ ھو راڻي پور (ضلعي خيرپور ميرس) جي ڀرسان مڱرين جي ڳوٺ جو ھو ۽ بعد ۾ اتان گرھوڙ، ضلعي سانگھڙ ڏانھن ھليو ويو.
مخدوم صاحب پنھنجي دؤر جي عالمن وانگر سنڌي لفظن کي عربيءَ وانگر استعمال ڪيو آھي. مخدوم صاحب پنھنجي دؤر جي رواج موجب نظمي نثر ۾ ڪتاب لکيا. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا نثر ۾ گفتا موجود آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته خبر پوي ٿي ته ورهيه اڳي هڪ بزرگ جا نثري مقولا قلمبند ڪيا ويا هئا. هيٺ سندس قول، جي سنڌي نثر جي هڪ آڳاٽي نشاني آهن، انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ٽڪ ڏنگڙي هلي، کڙا ياسڻي جهلي.
(2) راڻي راو سان رُچي، ابو ڀائن ري اچي.
(3) ڪافر ڪفر کان اڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اجار.
(4) ملون بهشت ڏي هلاءِ، چَتوُن پڙهي پروجاءِ.
(5) ملون ڪيئن بهشت ۾ اچي، ڪوئي سير سون سين نچي.
(6) ٻه پهياڄون پرچاءِ، ٿلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ.
(7) رزق ڪنهن پر اچي؟ جيئن مينهڙو وسي.
(8) ماسي مانڙي پچاءِ، امان کٽڙي وڇاءِ، ابا مِهتڙي اڏاءِ.
(9) حاجون سي ڪجن، جيائين ڪاڄڙا سڄن.
(10) ڳالهڙيون تيئن ڪجن، جئين مڇڙيون کاڄن.
(11) ڪوئو سڀ پڇ سين نهي، ڪنهن پر ٻر ۾ پهي.
(12) اونداهي ۾ سوجهرو نيشاني نبي، تارا يار رسول جا سکي ڪج قوي.
(13) ڏيڻ انهيءَ جو ڪم، بندو ڪڄاڙو ڏيندو، بندو سگهوئي ورچي.
(14) چڱائي ڪجي، ڪنهن جي نه وڃائجي.
(15) جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ نه پڇجي..(32)

مولوي عبدالخالق ٺٽي جو رھواسي ھو ۽ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي جو شاگرد ۽ مريد ھو. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ مخدوم محمد ھاشم جي درسگاھھ ۾ معلم مقرر ٿيو.سندس ھڪ ڪتاب”مطلوب المؤمنين“ آهي . ھن ڪتاب ۾ مصنف ھر ھڪ عمل ۽ اخلاق جي بيان ۾ قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون شاھدي طور پڻ ڪتب آنديون آھن. نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
ڪارڻ طلب طالبين ھي رسالو لکيوم، ”مطلوب المؤمنين“ سنڌي نالو تنھن رکيوم.
ھن دؤر ۾ سڀ لکيل ڪتاب الف اشباع واري نظم ۾ آھن. جن کي هاڻي نظمي نثر (Poetic Prose) به چيو وڃي ٿو. ھاڻي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو تھ ”سنڌيون“ يا ”الف اشباع“ جا ڪتاب نثر آھن يا نظم؟ ان بحث تي سنڌي عالمن ۾ اختلاف آهن. بهرحال، ان مسئلي جو آسان جواب ھي آھي تھ ”اھي سنڌي نثر جا ابتدائي اھڃاڻ آھن“، ڇو جو:
(1) ڪلھوڙن جي دؤر ۾سنڌي شعر ترقي ۽ ڪماليت تي پھتل ھو.ان دؤر ۾شاعراڻو ذوق وڌيل ھو اھو ئي سبب آھي تھ خالص تعليم ۽ مذھبي ڪتابن تي شاعراڻو رنگ چڙھيل ھو. ڇا ڪاڻ جو انھن ۾ ھٿرادو قافيي کان سواءِ ڪو بھ شاعراڻو رنگ نھ آھي، جنھن جي ڪري اھو نثر پر تڪلف ۽ مصنوعي بڻجي پيو آھي.
(2) جيئن تھ اھو دؤر شاعريءَ جو دؤر ھو ان ڪري نثر تي بھ نظم جو اثر غالب ھو.
اھو حال صرف سنڌي ادب جو نھ آھي، اگر اسان انگريزي ادب ۾ ”ايلزبيٿ دؤر“ (1500-1600ع) کي ڏسون تھ ساڳيو ورجاءُ ملندو. ھن دؤر جي ڊرامن کي بغير قافيي واري نظم (Blank Verse) ۾ لکيو ويندو ھو. شيڪسپيئر ۽ ڪرسٽوفر مارلو جا سڀيئي ڊراما نثر جي بجاءِ بغير قافيي واري نظم ۾ آھن. اھڙي طرح ان دؤر ۾ سر فلپ سڊني جي لکيل داستان ”آرڪيڊيا“ (Arcadia) پڻ نثري نظم يا پر تڪلف تحرير (Euphism) ۾ آھي.
(3)ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي ڳالھھ وڏو وزن رکي ٿي تھ ”سنڌي اد ب جي تاريخ لکندڙن کان ھڪ وڏي غلطي ٿي آھي جو ھنن مذھبي ادب جي جملي ڪتابن کي شعر جي دفعي ۾ داخل ڪرايو آھي، ليڪن ڏٺو وڃي تھ انھن ۾ سواءِ ھٿرادو قافيي جي ٻي ڪا بھ شاعراڻي خاصيت ڪانھ آھي.شعر ۾ تخيل کي واقعي تي ترجيح ڏني ويندي آھي، جيتوڻيڪ شعر ۾ زندگيءَ جي ٺوس حقيقتن کي بھ بيان ڪيو ويندو آھي ليڪن اھو شاعراڻي پيرايي ۾ ڪيو ويندو آھي. جنھن ۾ لطافت، رنگيني، احساس ۽ جذبي جو دخل ھوندو آھي. انھن ڪتابن ۾ ڪو بھ شاعراڻو خيال سمايل نھ آھي. سڀيئي ڪتاب، شعر ۽ فقھي مسئلن تي لکيا ويا آھن، جنھن ڪري ان کي قافيي وارو نثر يا شاعراڻو نثر چوڻ مناسب ٿيندو“.(32)
(4) ان ڏس ۾ ھڪ دليل اھو بھ ڏئي سگھجي ٿو تھ مخدوم ھاشم ٺٽوي ۽ ڪجهه ٻين عالمن جي ڪيترن ئي ڪتابن کي ھاڻي صاف نثر ۾ بھ شايع ڪرايو پيو وڃي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيل صاف نثر جي ڪتاب ”جنت الفردوس“ جي نسخي جي باري ۾ پروفيسر قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو تھ "جنت الفردوس جو ھي نسخو دستياب ٿيل نسخن ۾ سڀ کان آڳاٽو آھي. ھن ڪتاب جي ڪتابت سن 1155 ھجريءَ ۾ موٿيار جن جي ھڪ مشھور ميان ابراھيم بن ڇٽھ جي ڪيل آھي. ڪتاب جو مصنف مولانا محمد عرف نصير الدين ڪنيت ابو سراج بن سلطان لانگاھھ آھي. ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تھ پاڻ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جو معاصر ھو ۽ کانئس متاثر ٿي ھي ڪتاب تصنيف ڪيائين. ڪتاب جو مضمون گھڻي ڀاڱي مقدمتھ الصلواة جھڙو معلوم ٿئي ٿو. ھي سنڌيءَ ۾سڀ کان قديم ڪلاسيڪل نثر آھي. مثلاً؛ جنت الفردوس جي عبارت :
شرط ايمان جا عالم انئي جون، عاقل بالغ جي تياءِ آءٌ ڪلمو جون
حکم سڀ حکيم جا ثابت متي تن شرط ايمان سين جو باني جا بانن
جا دين اسلام ايمان جو آءُ جا حقيقت جي کن فرمايو .....الخ“.(33)
”دعاءِ ڪيميائي سعادت“ جو قلمي نسخو قاضي ميان عبدالحڪيم جي تصنيف ڪيل آھي. ھن قلمي نسخي کي بھ پروفيسر قريشي حامد علي خانائي، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ متعارف ڪرايو . ھو لکي ٿو تھ ڪتاب جي منڍ ۾شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن جي ڪلام مان چند بيتن جو انتخاب ڏنل آھي. ان کانپوءِ وري قرآن ڪريم جي سوره ياسين جو منظوم ترجمو ۽ تفسير بيان ڪيل آھي.آخرين رسالي ۾ دعائي ڪيميائي سعادت نالي ھڪ ننڍڙو رسالو تصنيف ڪيل آھي. سمورو ڪتاب سعادت سان ڀريل آھي.دعائي ڪيميائي سعادت جي عبارت:
”پَھريمُُ ايت شھد الله سنيئيءِ ٻريءَ تان سلامءٌ سنئيءُ
منجھ ٻي رکعتمِ سوره الضحيَ جڏه پري فارغ ٿيي
تڏه پاره پرکا ھي دعا کيما سعادة پري تان
تري ڏيه غلامن جي دعا قبول ٿينيءِ “.(34)
ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌي تعليم ايتري قدر تھ ترقي ڪري چڪي ھئي جو ان دؤر جو عالم آخوند عزيز الله، قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ترجمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھي ترجمو پراڻي عربي آئيويٽا ۾ آھي، پر عربي-سنڌي رسم الخط جي لحاظ کان بنيادي حيثيت رکي ٿو. نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
خبر ڏي مؤمنن کي جن عمل ڪئا صالح تحقيق اُن لاءِ بھشت اٰھين جاري ھوندا ڪنا ھيٺ انھيءَ چشمان جڏھه کيندا ڪنا ان ميون طعام کے چوندا ھئي طعام کاڌو سون اڳي جھرو ۽ ھوندو رنڱر ۽ چاشنيءَ مين مشابهه ۽ مؤمنن لاءِ منجھه ان حورون پاڪيزيون ھونديون ۽ اوءِ منجھه ان ھميشاھه ھوندا“.(35)
”آخوند فتح محمد (1791-1903ع) بن شيخ محمد اڪرم روهڙي شهر ۾ نئين قائم ڪيل سنڌي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر ڪري رکيو ويو ۽ آخر ۾ پاڻ انهيءَ عهدي تان پينشن تي لٿو.آخوند ميان فيض محمد شعر و شاعريءَ سان گڏ، نثر نويسيءَ ۾ به يگانه روزگار عالم هو. کيس سنڌي خواه فارسي نثر تي استادانه دسترس حاصل هئي. هن فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا. آخوند صاحب جو اهو سمورو علمي ۽ ادبي پورهيو، زماني جي حادثن جو شڪار ٿي چڪو آهي. هن وقت سندس فارسي نثر ۾ لکيل سوانح حيات ”ناله راز“، سنڌيءَ ۾ منظوم”ڪريما سعدي“، چند فارسي غزل، سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو ملي“.(36)

”مخدوم عبدالواحد متعلوي ٽالپرن جي دور مٽيارين جو عالم هو هن پهريون دفعو عربي ۽ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي زبان ۾ فتوائون لکڻ شروع ڪيون. ان دور جي نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ مخدوم عثمان طلاق جي مسئلي کي هيٺين عبارت ۾ کولي سجهايو آهي:
جيکو چوء ته جي فلانو ڪم ڪئم ته منکي مصحف چکندو ڪه منتي ڪه منپٺيا مصحف ڪه الحمد ڪه کلمو آه ته ڪرن سان ان ڪمجي قسم نه پوندو پر سببا نه تعظيم ڏين مصحف ڪ الحمد ڪ کلميجي کنهکار ٿيندو تنهنکري آگيا الله تعاليٰ جي سچ سان توبهء استغفار کري 12- ميان عبدالواحد متعلوي“
ميان عبدالواحد جي ڏنل هي فتويٰ، اڏيري لعل جي مشهور عالم سيد علي محمد شاهه پنهنجي هٿ لکيل ’بياض سيدي‘ ۾ائين نقل ڪئي آهي. چئي نٿو سگهجي ته اصلوڪي عبارت جي صورتخطي ائين هئي يا سيد علي محمد شاهه ائين ڪري لکي“.(37)
اهڙي طرح پيرمحمد بقا، پير محمد شاهه راشد ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن جا ملفوظات، قرآن شريف جا تفسير ۽ ترجما ۽ ڪاتبن جا نسخا موجود اهن. خاص طور تي ان دور سان وابسته پير محمد بقا راشديءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جو تفسير هڪ اعليٰ مثال آهي. هن دؤر ۾ خليفي محمود نظاماڻي )وفات 1851ع)جو نالو اچي ٿو. پاڻ مخدوم هاشم ٺٽوي جو مريد ۽ پهريون خليفو هو. ڪيترائي شاعري ۽ نثر جا ڪتاب لکيائين، جن ۾”مجمع الفيوضات“ (فارسي 1832)، ”محبوبيته المحموديه“ ،”گلشن اوليا“ (فارسي 1242)، ”مڪتوبات شريف“ (خط)۽ ٻه ملفوظات شامل آهن. خليفي محمود نظاماڻي جي فارسي ڪتابن ۾ سنڌي جا ڪيترائي فقرا ۽ جملا ملن ٿا.سندس تصنيف ”مجمع الفيوضات“ ۾ پنهنجي مرشد روضي ڌڻي جي ملفوظات کي گڏ ڪيو اٿن“.(38) هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر جا اوائلي نمونو ملن ٿا.مثال طور :
”ڏ ڏو ڪجي، ڏيڪر ڪجي، هو نه ڀڄي ته پاڻ اٿي ڀڄي“
ٽالپرن جي دؤر جون ڪي نامعلوم ليکڪن جون لکتون ملن ٿيون ، جيڪي صاف نثر ۾ لکيل آهن. مثال طور هڪ هنڌ دعا جو متن اچي ٿو ته:
” جي ڪجا ڪئم
جيڪي پڌرا ڪئم
تن سڀن کناهنون آءُ توبه
تو ڪريان اڪه
ٻن مسلمان آهيا
مان“.(39)
ٽالپور اميرن واري دور م سنڌي نثر ۾ ٻيا ڪي ڪتاب لکيا ويا، پر انگريزي دور ۾ انهن ڏانهن بي توجهي سببا اهي ضايع ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته ” ميرن جي صاحبي جا نثر ۾ جڙيل ٻه ٽي ڪتاب ٻڌجن پيا، پر اڄ تائين ڇپجي پڌرا ڪونه ٿيا آهن“.(40)


حوالا
1. مختيار احمد ملاح: ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ،2015ع، ص 339،340
2. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس“ (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر،ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 29، 30
3. مختيار احمد ملاح:”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 76
4. محمد جمن ٽالپر:”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“، سنڌي ساهت گهر، حيدآباد، 2007ع
5. مختيار احمد ملاح:”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 76
6. جيرام داس:”سنڌي ٻوليءَ لپيءَ جو اتهاس“،سنڌي لئنگئنيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 20ع، ص 36
7. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص20
8. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌ هندستان جو دروازو”، سه ماهي مهراڻ ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، نمبر 3/1962ع
9. ايڇ. ايم.ايليٽ: ”سنڌ جي تاريخ” (ترجمو عطا محمد ڀنڀرو)، نيشنل بڪ فائونڊيشن ، اسلام آباد. 2000ع ص 129
10. ساڳيو حوالو ، ص130
11. پرم اپيچنداڻي:”ست سار“،پوجا پبليڪيشن دهلي،1980ع، ص 75-76
12. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽون“، اکل ڀارتيه، سنڌي ساهتيه، دهلي، 1999ع، ص 97
13. علامه سيد سليمان ندوي:“عرب و ہند کے تعلقات“ ڪريم سنز جمشيد روڊڊ، ڪراچي 1976ع
14. پير حسام الدين راشدي : “منصوره جي تاريخ جو هڪ باب” سه ماهي مهراڻ ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ، نمبر 1962/1
15. ديوان گنگارام سمراٽ: ”سنڌ جا قديم شاعر ۽ عالم“،ماهوار نئين زندگي، 1954ع
16. ڊاڪٽر غلام علي الانا:”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص4
17. ايم ايڇ پنهور :“تصوير سنڌ” (ترجمو عمر سومرو)، سنگم پبليڪيشن، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران 2006ع ص 231
18. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2002ع، ص 45
19. ميمڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي: ”مخدوم بلاول“،سه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع
20. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1999ع، ص 189
21. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ نيو ڪاٺيواڙ بڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص 69
22. پروفيسر ڊاڪٽر حامد علي خانائي:”ساهتي جا قديم علمي مرڪز. (پي . ايڇ ڊي ٿيسز، قلمي)، 1985ع، ص 534، 535
23. مرزا قليچ بيگ : “رساله ڪريمي” قيصريه پريس، حيدرآباد، 1914ع ص 32
24. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 254-255
25. مخدوم جعفر بوبڪائي: ”البيان المبرم في قول السنود“ (قلمي)، ص- 23، موجود قاسميھ لائبريري ڪنڊيارو
26. مخدوم جعفر بوبڪائي: ”اِستفتاءُ في ما تعارف قوم القوم الطلاق“ (قلمي)، ص- 66، موجود قاسميھ لائبريري، ڪنڊيارو
27. مخدوم جعفر بوبڪائي: ”الحجة القوية جواب الرسالة الحلفيه“ (قلمي)، ص-3/ب، 5/پ، 6/ب، موجود قاسميھ لائبريري، ڪنڊيارو.
28. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 256 ، 257
29. سراج :”سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل “، سراج انسٽيٽوٽ آف سنڌ اسٽديز، ڪراچي، 2016ع، ص 370
30. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي:”مقالات قاسمي“، نظير احمد قاسمي، 2000ع
31. مختيار احمد ملاح:”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 126
32. علامه عمر بن دائود پوٽو: ”مضمون ۽ مقالا“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، حيدرآباد، 1978ع
33. شمس الدين عرساڻي:”سنڌي نثر جي شروعات“ (نئين زندگي آڪٽوبر 1964ع
34. قريشي حامد علي خانائي:”سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ“ (مهراڻ 1971ع)
35. ساڳيو حوالو
36. قريشي حامد علي خانائي : ”مقالات خانائي“،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع، ص 193
37. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 262، 263
38. عبدالرحيم نظاماڻي :”ٻري جن ٻاري“، سيرت ۽ سوانح حضرت خليفو محمود نظاماڻي“ (انٽرنيٽ تان کنيل)
39. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“، سنڌي لئنگئينج اٿارٽي، حيدرآباد، 1992ع، ص 144
40. ڀيرومل مهرچند: ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“،سنڌي ادبي بورڊ ، ڄامشورو، 1972ع، ص 105

اڻوهين صدي ۾ ملڪي حالتون

اڻوهين صدي ۾ 1843ع تائين ٽالپرن جو دؤر (1782-1843ع) حڪومت رهيو. هن صدي جي ٻئي حصي ۾ 1843ع کان سنڌ تي انگريزن جي حڪومت قائم ٿي. ٽالپرن، ڪلھوڙن کان حڪومت کسي ھئي، رياستي زبان فارسي ۽ عوامي زبان سنڌي ھئي. فارسيءَ جو اثر اڳي کان اڳرو ھو، ڇو جو سنڌ جا ايران سان تعلقات تمام ويجھا ھئا.اھو ئي سبب آھي جو عروضي شاعري ھن دؤر ۾ پنھنجي عروج تي پھتل ھئي. ھن دؤر جو وڏي ۾ وڏو شاعر سچل سرمست هو. فارسي ادبيات جا بيشمار لفظ سنڌي ادب ۾ داخل ٿي ويا.عروضي شاعريءَ ۾ ان جي صنفن غزل، قصيدو، مثنوي، رباعي، مرثيو، سنڌي شاعريءَ ۾ به روپ ورتو. مير صاحب آيا، جيڪي گھرن ۾ سرائڪي ڳالھائيندا ھئا، درٻار ۽ ڪچھرين ۾ بھ سرائڪي ڳالھائيندا ھئا. ايران مان شاعر گھرائي، سندن شعرن تي داد ڏيندي ھزارين روپيا ڏئي ڇڏيندا ھئا. سونا قلم ۽ تلوارون انعامن ۾ ڏيندا ھئا“.(1)
رچرڊ برٽن، جيڪو سنڌ ۾ برٽش ريزيڊنٽس ھو، تنھن ھن دؤر سان لاڳاپيل سنڌي تعليمي نصاب جي ھڪ فھرست ڄاڻائي آھي. سنڌي ادب لاءِ لکيو اٿائين تھ ”سنڌي ادب لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آھي تھ جڏھن انگريزن هندستان ۾ پير پاتو تڏھن ڪنھن بھ ڏيھي ٻوليءَ ۾ ايترو علم و ادب موجود ڪونھ ھو، جيترو سنڌيءَ ۾ موجود آھي ، پر ان جي شاھوڪاري عربي ترجمن ۽ مذھبي ڪتابن تي منحصر آھي. ڪتابن جي پوري ڪٿ نٿي ڪري سگھجي. پر ايترو يقين آھي تھ ٻھ ٽي سؤ قلمي نسخا ڪٺا ڪري سگھبا“.(2) ايٽڪينس جي سنڌ گزيٽيئر موجب ”ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ اندر ذري گهٽ 6 وڏا تعليمي ادارا هئا، هن دور ۾ فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ تدريسي ٻولي سمجهيو ويندو هو. ان وقت جا مڙئي تعليمي ادرا ميرن جي گرانٽ جي آڌار تي هلندڙ هئا“.(3)
”ايسٽ انڊيا ڪمپني پنھنجي استعماري نظام ۽ خواھش مطابق زمين حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سان فوجي نوعيت جي عھدنامن لاءِ دٻاءُ وجھندا رھيا. انگريزن جو ايلچي سنڌ ۾مستقل رھڻ لڳو. انگريز، ٽالپرن کي ھر طرح سان بليڪ ميل ڪرڻ لڳا. حالتون ان وقت ايتريون تھ خراب ٿيون جو 1843ع ۾ مياڻيءَ جي ميدان ۾ انگريزن جون فوجون ۽ مير نصير خان جون فوجون آمھون سامھون ٿيون. ھن جنگ ۾ خود ميرن کي پنھنجن بھ مدد نھ ڪئي. مير صوبدار ھن جنگ ۾ جانبداريءَ جو مظاھرو ڪيو، نتيجي ۾ ٽالپرن کي شڪست ٿي“.(4)
قبضي کان پوءِ سنڌ جون واڳون سر چارلس نيپئر سنڀاليون. هو برٽش آرميءَ ۾ جنرل هو. هن کي سنڌ جو پهريون گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو . آگسٽ 1847ع ۾ سر چارلس نيپئر رٽائر ٿيڻ کانپوءِ لنڊن روانو ٿي ويو، سندس روانگيءَ سان گڏوگڏ سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو. سنڌ جيڪا آزاد ملڪ ھئي سا ھينئر پنھنجي صوبائي حيثيت بھ وڃائي ويٺي. ھاڻي اھا انتظامي طور بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو ھئي. جنھن جو انتظام ڪمشنر ان سنڌ ھلائڻ لڳو، جنھن سان بمبئيءَ جي گورنر جا ڪيترائي اختيار سنڌ جي ڪمشنر کي ڏنا ويا. جنھن ڪري سنڌ مالي طور بمبئيءَ سان گڏ رھي، پر انتظامي طور تي ان کي نيم مختيار بڻايو ويو.
”انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ سنڌ جو معاشرو گھڻو تڻو ڳوٺاڻو ۽ زرعي معاشرو ھو، زراعت جو دارو مدار برسات، درياھي ٻوڏن ۽ کوھن تي ھوندو ھو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ کي انھيءَ مقصد لاءِ فتح ڪيو ھو جو ھتان بھ ڍل وصول ڪجي.ان مقصد لاءِ ھنن روينيو ڊپارٽمنٽ قائم ڪيو. شروع ۾ ھو ڍل اناج جي صورت ۾ وصول ڪندا ھئا بعد ۾ ان نظام کي ختم ڪري نقديءَ جي صورت ۾ ڪيو ويو. انگريزن کي سنڌ جي زمين جي پيداوار مان تمام گھڻي ڍل وصول ٿيندي ھئي. ھنن ان کي اڃا بھ وڌائڻ لاءِ واھن ۽ کوھن جي کوٽاين جو ڪم شروع ڪرايو. آخر ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جو منصوبو بھ تيار ڪيو ويو .اھڙي طرح 1850ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ملڪ ۾ ريلوي لائين تعمير ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو تھ جيئن سنڌ جي ڪپھھ کي بندر تائين پھچائي سگھجي“.(5)سر بارٽل فريئر جڏھن سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو تھ ھن ملڪ ۾ ايندڙ تبديليءَ کي محسوس ڪندي ھتان جي خام مال کي برطانيھ جي صنعتي منڊين تائين پھچائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ھڪ جديد بندر گاھھ تعمير ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. اهڙي طرح 1875ع ۾ اھو بندر ٺھي راس ٿيو.
در حقيقت انگريزن سنڌ ۾ جيڪي بھ ترقياتي ڪم ڪرايا اھي در اصل پنھنجي مفادن ۾ ڪرايا. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ سندن مفادن جي باوجود سنڌ ۾انھن ترقياتي ڪمن سان ترقي ٿي. انگريز سڄي يورپ ۾ ترقي يافتھ قوم ھئا، پر ھتي اچي ھنن سنڌ جي جاگيردارانھ نظام کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ مضبوط ڪيو. اھو ھٿ ٺوڪيو رعايت پاتل طبقو، نون حاڪمن سان استحصال ۾ شامل رھيو. انگريزن جي اچڻ سان سنڌي سماج ۾ جيڪا اھم تبديلي آئي اھا ھيءَ ھئي تھ ان کان اڳ سنڌي معاشري ۾ ترقي ۽ واڌاري جي رفتار سست ھئي، پر نون علمن، اسڪولن، ڪاليجن، سياسي شعور ۽ مزاحمتي تحريڪن جي ڪري ان ۾ گھڻي تيزي آئي. ھڪ تھ مشيني دؤر جي ابتدا ٿي، ٻيو تھ سنڌي تھذيب ڳوٺن کان شھرن ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو.

حوالا

1. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 188
2. رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌي ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،1971ع، ص 140
3. ايٽڪنس ؛ ” گزيٽيئر آف سنڌ پراونس“، مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچي، 1916ع
4. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ نيو ڪاٺيواڙ بڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص 223
5. فقير محمد لاشاري : ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ماهوار سنڌو-سيپٽمبر 1986ع

اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جي ترقيءَ جا سبب

سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي مڙني ٻولين ۾ھڪ بڻائتي ۽ قديم ٻولي آھي، جنھن جو ادب صدين کان شاھوڪار ، شاھڪار، وڌندڙ ۽ ويجھندڙ آھي. ھن ٻوليءَ کي تاريخ جي ھردؤر ۾ اھڙا عالم۽ اديب مليا آھن، جن ان جي آبياري ڪئي آھي. ھيءَ ٻولي ھڪ مڪمل علمي ۽ ادبي زبان آھي، جنھن کي پنهنجو جھجھو لغت جو ذخيرو آھي، منجھس لوڪ ادب جا انبار آھن. ھن ٻوليءَ جي لوڪ ادب مان ھتان جي جيوت جا نشان عيان آھن. اھڙي طرح اصطلاح، پھاڪا، چوڻيون، قصا، ڪھاڻيون، شعر وغيره بي حساب آھن. ھيءَ ٻولي صدين کان ڳالھائي ۽ لکي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي جي اڀياس ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي عالمن ڀرپور حصو ورتو آھي.ان حقيقت جي باوجود سنڌ جي طويل تاريخ کي ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته صدين تائين سنڌي زبان سرڪاري سرپرستيءَ کان خالي رهي. ڌارين حڪمرانن سنڌي زبان کي نظر انداز ڪيو ته مقامي حڪمرانن به سنڌي زبان کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو نه ڏنو. سنڌ جي تاريخ ۾ انگريز پھريان حڪمران ھئا جن سنڌي الف-ب تيار ڪرائي. ھتان جي عوامي سھڪار سان نوان نوان اسڪول، ڪاليج کوليا، جن ۾ انگريزي زبان سان گڏ سنڌي زبان بھ وڏي ترقي ڪئي.الف-ب جي ايجاد سان سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ انقلاب اچي ويو، صدين جي رھيل ڪسر ڄڻ ٿوري عرصي ۾ پوري ٿيڻ لڳي. سنڌ ۾ ڇاپخانا نڪتا، جنھن ڪري رسالا، اخبارون، جاري ٿيون ۽ ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. ان عمل سان انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي تسليم ڪندي ھتان جي عوام جي ثقافتي تشخص کي برقرار رکندي جي مقامي قدرن ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. ڇا ڪاڻ تھ ٻولي ڪنھن قوم به جي ثقافت جو بنياد ۽ ان جي فروغ جو اھم ذريعو ھوندي آھي، ان ڪري تاريخ ۾ پھريون دفعو ھتان جي عوام جي وچ ۾ ٻوليءَ ذريعي تخليقي رشتا قائم ٿيا.اترادي، لاڙي، ٿري، ڪوھستاني ماڻھو جيڪي ھن کان اڳ ثقافت جي مختلف درجن تي پھتل ھئا، تن جي وچ ۾ مضبوط رابطو قائم ٿيو. ٻئي طرف يورپ جي سائنسي علمن سان ھتان جي عوام جي واقفيت ٿي. سنڌي ادب ۾ شاعري ۽ نثر ۾ ھر اھا صنف شامل ٿي جيڪا دنيا جي ڪنھن بھ سڌريل ٻوليءَ جي ادب ۾ ھوندي آھي. اوڻوهين صديءَ م سنڌي نثر جي ترقيءَ جا ڪي سبب هيڍ ڏجن ٿا: 1. انگريز عملدارن جون ادبي خدمتون ”سنڌي نثر نه فقط انگريز عملدارن جي آشرواد سان شروع ٿيو، بلڪه انهن جي ذاتي لکڻين سان شروع ٿيو. 18 صديءَ جي خوشحال سنڌ جي اهميت کي سمجهندي، برطانيا پنهنجا آفيسر موڪلي، سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ تاريخي حالتن تي تحقيق شروع ڪئي.انگريز فوجي آفيسرن جي تربيت ۾ تحقيق ڪرڻ جي سکيا خاص طور شامل هوندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو اڪثر فوجي آفيسر سنڌ جي مختلف پهلوئن تي عملي طور تحقيق ڪندا هئا ۽ رپورٽن جي صورت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ برطانيا جي حڪومت کي پيش ڪندا هئا“.(1) انگريزن جي ڪاميابيءَ جو هڪ راز اهو به هو ته هو انهن رياستن جي مقامي ماڻهن جون ٻوليون سکندا هئا ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي جي معلومات وٺندا هئا. اڄ به پوري هندستان ۾ معياري ۽ مستند تاريخ جا حوالا انهن فوجي آفيسرن جي تحقيق مان کنيا ويندا آهن. اھي محقق يا تھ فوجي آفيسر ھئا يا وري شھري اختياري وارا . انهن مان ڪجهه اهڙا عالم به هئا، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ تي ڪجهه نه ڪجهه تحقيقي طور لکي چڪا هئا، مثال طور سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جاگرافي، سنڌ جي معيشيت، سنڌي گرامر، ٻولي، آبپاشي، نقشن وغيره تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکي چڪا هئا. اها به عجب جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا اوائلي گرامر به انگريزن لکيا، سنڌي ٻولي جون اوائلي لغتون به انگريزن تيار ڪيون. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت اوائلي نظريا به انگريزن ڏنا. 2. سنڌي الف - ب جي منظوري بارٽل فريئر ستن سالن تائين سنڌ جي ڪمشنر جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. هن انهن سالن ۾ سنڌ ۾ گهڻي ئي سڌارا ڪيا. سرڪاري ڪاروبار ۽ تعليم جي کيتر، فارسيءَ کي هٽائي، ان جي جاءِ تي سنڌي قائم ڪرڻ،ٻوليءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ اهم فيصلو هو. ڇو جو ان وقت تائين سنڌي ٻولي جدا جدا لکاوٽن ۾ پئي لکي ويئي. مطلب ته سنڌي زبان کي ڪو به اهڙو مشترڪ ۽ قابل قبول رسم الخط نه هو، جيڪو ملڪ جي مختلف گروهن ۾ يڪسان طور تي مروج ۽ تسليم شده هجي. جديد نظام ۽ معاشري ۾ اهڙي رسم الخط جي اشد ضرورت هئي، جنهن کان سواءِ هڪ وسيع دفتري ڪاروبار ۽ تعليمي ڦهلاءُ ناممڪن هو.انهن سڀني حقيقتن کي ڏسندي هي سبب اهم آهن، جن جي ڪري سنڌي نثر تيزي سان ترقي ڪئي ”عربي-سنڌي صورتخطي جي جاري ٿيڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي علمي و ادبي ترقيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. سرڪار، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت تسليم ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته؛ “انگريزن جو سنڌ تي قبضو ، سنڌي ادب جي بدلجڻ ۽ سنوارجڻ جي حق ۾ هڪ پيش خيمو ثابت ٿيو. جيتوڻيڪ اڳوڻي ملڪي نظام، معاشري ۽ تعليمي ماحول جي تشڪيل ۽ صورتحال سان سنڌي زبان پوري طرح ٺهڪيل هئي، ليڪن ان هوندي به اسان جي زبان اڃا ايتري ترقي يافته ڪانه هئي، جو جديد زماني جي بدلجندڙ حالتن سان هلي سگهي ۽ ان جي سڀني تقاضائن ۽ ضرورتن کي پورو ڪري سگهي، چنانچه انگريزي حڪومت جڏهن ملڪي ۽ سياسي ضرورتن جي بناءَ تي سنڌي زبان کي سنڌ جي تعليمي درسگاهن ۽ سرڪاري محڪمن ۾ رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن ان تي عمل ڪرڻ ۾ کين ڪيتريون دشواريون درپيش ٿيون“.(2) 3. جديد تعليم جو نظام 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي نافذ ڪرڻ لاءِ تعليم جي ڦهلاءَ ۽ اسڪولن کولڻ لاءِ ڏهه هزار روپيا منظور ڪيا ويا. 1854ع ۾ ھڪ اسڪول کوليو ويو، جنھن کي بعد ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر نارائڻ جڳن ناٿ وئديه (NJV) جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. ساڳي طرح 1853ع ۾ڪئپٽن گولڊ اسمڊ جي ڪوشش سان شڪارپور ۾ انگريزي پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو. اهڙي طرح ٻين ننڍن ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪولن جي عمارتن ٺهڻ لاءِ سرڪاري منظوري ڏني. انهيءَ ڪم لاءِ سرڪار لوڪل فنڊ کان مدد ورتي ۽ ڪيترين ئي سنڌ واسين پئسي جي مدد ڪئي.1855ع ۾ حيدرآباد ۾ پھريون ھاءِ اسڪول قائم ٿيو، جيڪو بعد ۾ مسلم ايجوڪيشن نالي سان مشھور ٿيو.1858ع ۾سکر ميونسپالٽي مڊل اسڪول قائم ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ميونسپالٽي 1876ع ۾ مڊل اسڪول کوليو ويو. سنڌ ۾ تعليمي نظام ۽ اسڪولن ۾ اضافو جان جيڪب جي زماني ۾ ٿيو ۽ نوان تربيت يافته استاد ڀرتي ڪيا ويا. اڳتي ھلي سنڌي زبان ۾ ايم-اي ٿيڻ لڳي ۽ پي ايڇ ڊي ٿيڻ لڳيون.1885ع ۾ڪراچي شهر ۾ سنڌ مدرسته الاسلام قائم ٿيو.هن اسڪول جو بنياد وجهندڙ حسن علي آفندي هو.“.(3) اسڪولن کلڻ سان نثري ادب درسي ڪتابن جي پتاندڙ ترقي ڪئي. درسي ڪتابن ۾ سائنسي ۽ سماجي موضوعن تي ڪتاب لکجڻ ۽ ڇپجڻ شروع ٿيا. انهن ڪتابن جا لکندڙ ۽ ترجمو ڪندڙ گهڻو ڪري انهن اسڪولن جا استاد هئا. 4. عربي سنڌي ۽ هندي سنڌي جو تضاد 1853ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ عربي سنڌيءَ کي سرڪاري طور نافذ ڪري ڇڏيو. هندو عالمن جي هڪ وڏي اڪثريت ان فيصلي کي قبول نه ڪيو. ان وقت تعليم، سرڪاري نوڪرين ۽ واپار ۾ هندو مسلمانن جي ڀيٽ ۾ اڳتي هئا. انگريزن سياسي مصلحت ڪندي هندو سنڌي (ديوناگري) کي به نافذ ڪيو. اوڻوهين صديءَ ۾ اهو تضاد پنهنجي عروج تي پهتل هو. هن دور ۾ جتي عربي سنڌي صورتختي ۾ ڪتاب لکجي رهيا هئا، اتي هندو سنڌي (ديوناگري ) ۾ به ڪتاب لکجڻ ۽ ڇپجڻ شروع ٿيا. ان تضاد ۾ به سنڌي نثر تمام تيزيءَ سان ترقي ڪئي. 5. درسي ڪتابن جي اشاعت سنڌي آئيويٽا ٺھڻ کان پوءِ درسي ڪتابن ۽ ٻين ڪتابن جي اشاعت جو ڪم سرڪاري طور شروع ٿي ويو. ڊسمبر 1854ع تائين ڪل ڏھھ ڪتاب شايع ٿيا. اھي گھڻو ڪري ترجمو ھئا، ۽ اھي ڪتاب تاريخ، جاگرافي ۽ حسابن جي مضمونن تي ھئا. اڪثر ڪتاب، انھن مترجمن ترجما ڪيا، جيڪي سنڌي الف-ب ڪاميٽيءَ جا ميمبر ھئا. پھريون ڪتاب حڪايت الصالحين (درويشن جي حياتيءَ جو احوال) ڇپائڻ لاءِ شامل ڪيو ويو ھو، جنھن کي ليفٽيننٽ آرٿر شايع ڪرايو.اھڙي طرح ٻيو ڪتاب دوسا ڀائي جو اصطلاحن تي ھو، جنھن کي پڻ ليفٽيننٽ آرٿر شايع ڪرايو.پھريون ڪتاب ”باب نامو“ ننديرام مير چنداڻي ترجمو ڪيو، جيڪو 1853ع ۾شايع ٿيو.ٻيو ڪتاب ”ايسپ جون آکاڻيون“انگريزي تان مسٽر ايلس ۽ ننديرام ترجمو ڪيو.اھڙي طرح ڪجھھ ڪتاب رياضيءَ جا شايع ٿيا. جن ۾ پھريون ڪتاب 1750 روپين جي لاڳت سان شايع ٿيو. ھڪ ٻيو ڪتاب آلجبرا جو پڌرو ڪيو ويو. اھو 60 صفحن جو ننڍڙو ڪتابڙو ھو. ان جون 1300 ڪاپيون ڇپيون اھو ڪتاب ڇھھ آنا في ڪاپي وڪرو ٿيو. منشي اڌارام”طوطي نامو“ ۽ منشي ننديرام” حقائق الموجودات“ ڪتاب ڇپايا. چيمبرز مورل ڪلاس بوڪ (Chambers Moral Class Book) انگريزي ڪتاب اڌارام ۽ نارائڻ جڳن ناٿ ترجمو ڪيو. ھڪ ٻيو ڪتاب، جو ان وقت لکيو ويو هو، ھجري ڪئلينڊر جو شروع کان 1268 ھجري تائين (يعني 1870 تائين ) پھرين محرم کان ساڳي انگريزي ڪئلينڊر جي تاريخن جو خاڪو بھ ڏنو ويو. اھڙن درسي ڪتابن سان گڏوگڏ گرامر، لغت، ٻوليءَ جي ٻين شاخن جي طرف به ڌيان وڌيو ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ لڳا. اخبارون، رسالا، ماھوار ۽ ھفتيوار ۽ روزانھ جي بنياد تي جاري ٿيڻ لڳا“.(4) 6 . اخبارن جو جاري ٿيڻ برطانيه جي سنڌ قبضي ڪرڻ کان اڳ ِ هتي ڪا به پريس موجود نه هئي. ارد شير رستمجي اهو پهريون شخص هو جنهن انگريزيءَ ۾ هڪ اخبار جاري ڪئي پر ان کان ستت پوءِ سنڌين جون اخبارون نڪتيون جن برطانوي اختياري وارن سان قربت جو رويو اختيار ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ارد شير رستم جي اخبار بند ٿي ويئي. ان اوائلي دور ۾ هيٺيون اخبارون سنڌ مان جاري ٿيون: 1- ”سنڌ گزيٽ“ (انگريزي)- اڱاري ۽ جمعي جي شام جو شايع ٿيندي هئي. 2- ”سنڌ ٽائيمس“ (انگريزي) – خميس ۽ آچر جي شام جو شايع ٿيندي هئي. 3- ”فونڪس“ (انگريزي)- اربع ۽ ڇنڇر جو شام جو شايع ٿيندي هئي. 4- ”سنڌ ايڊورٽائزر“ (انگريزي)- سومر ۽ خميس جي شام جو شايع ٿيندي هئي. 5- ”سنڌ سڌار“ (سنڌي)- ڇنڇر تي شايع ٿيندي هئي، ۽ 6- ”پرجا متر“ (گجراتي)- ڇنڇر تي شايع ٿيندي هئي“.(5) 7 . پرنٽنگ پريسون انگريزن جي دور کان اڳ سنڌ پرنٽنگ پريسون ڪو نه هيون . ڪتابن جي اشاعت ڪو نه هئي. سنڌي الف-ب جي سرڪاري منظوريءَ سان اسڪول کوليا ويا. ڪتاب لکيا ويا، اخبارون، ۽ رسالا جاري ٿيا، ليٿوگرافڪ پرنٽنگ پريسون قائم ٿيون ،جنھن سان سنڌي ڪتابن جي ڇپائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان زماني جي ڪجھھ اوائلي پريسن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا : 1- گورنمنٽ پرنٽنگ پريس ڪمشنر آفيس ، ڪراچي. 2- سنڌ گزيٽ اينڊ ڪمرشل پرنٽنگ پريس. 3- مرڪنٽائيل پريس، الفنسٽن روڊ ، ڪراچي. 4- فوڪس پريس، ڪيمبل روڊ، ڪراچي. 5- وڪٽوريا پريس، الفنسٽن روڊ، ڪراچي. 6- آرين ورنيڪيولر، ڪيمبل روڊ ڪراچي“.(6) 8. ترجمانگاري سنڌي نثر جي شروعات ترجمن سان ٿي. شروعات گهڻا ترجما فارسي، اردو ۽ هنديءَ مان ڪيا ويا. ڪجهه ترجما انگريزيءَ مان به ڪيا ويا. اڳتي هلي ڪجهه ترجما سنسڪرت وغيره مان به ٿيا. الف –ب جي جڙت واري دؤر جي پهرين 20-25 سالن جو مکيه ادبي ڪارنامو درسي ڪتاب تيار ڪرڻ هو. ان عرصي ۾ لڳ ڀڳ 70 ڪتاب تيار ڪيا ويا، جن مان گهڻا ترجما هئا. اوائلي دؤر جي پوين 20-25 سالن ۾ ترجمن سان گڏ ڪافي تعداد ۾ اصلي ادبي ڪتاب پڻ تيار ٿيا. ان سلسلي ۾ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته ”اوائلي دؤر جي نثر نويسن پنهنجن ترجمن ۾ مکيه طرح سان نج سنڌي لفظن جو استعمال ڪيو. ضرورت پوڻ تي هنن سنڌي لفظن جي آڌار تي نوان نوان لفظ جوڙيا يا پراڻن لفظن کي نيون معنائون ڏنيون. ترجمي جي دٻاءَ هيٺ گهٽ ۾ گهٽ اڌارا لفظ ورتا پر ائين ڪندي کين لفظن جا ڪي اهڙا استعمال به ڪرڻا پيا جي گهڻو عام نه هئا. اوائلي دؤر جي پوئين حصي جي نثر نويسن موضوع جي واسطيداري ۽ عبارت جي موزونيت لاءِ (اصلي خواهه ترجمو لکتن ۾) سنسڪرت خواهه فارسي لفظن جو استعمال ڪيو. اوائلي دؤر جي نثر ۾ انگريزي اهڙي طرح ڏسجي ته پنجاهه سالن جي هن عرصي ۾ سنڌيءَ جي لفظي ذخيري ۾ ڪافي اضافو ٿيو ۽ سنڌيءَ جي نحوي سٽاءَ تي بيٺل نثري عبارت مان ڪيترا نمونا گهڙجي راس ٿيا جن جي آڌار تي وچولي دؤر جي نثر جي اڏاوت ٿي “.(7) 9. آمد رفت جا وسيلا هن دور ۾ آمد رفت جا وسيلا پيدا ٿيا. روڊ ٺهيا، سائيڪلون روڊن تي آيو. سرڪاري سطح تي پوسٽ آفيس جو نظام وجود ۾آيو، ان سان ڇپيل اخبارون، رسالا، ڪتاب ۽ ٻيومواد ڪنڊ ڪڙڇ پهچڻ لڳو، جنهن سان نثري ادب هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي. حوالا 1. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 25 2. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي:”سنڌي دب جي ارتقائي تاريخ“، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع، ص 360 3. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 263، 265 4. ساڳيو حوالو، ص 266، 267 5. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “سنڌ جو سڀ کان آڳاٽيون اخبارون“، ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ 6. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ:“سنڌ جا قديم ڇاپخانا “، ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ 7. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 35

اڻويهين صديءَ ۾ تعليمي ادارن جو سنڌي نثر نويسيءَ جي ترقي ۾ حصو

ڊاڪٽر برنس 1828ع ۾ جڏهن سنڌ جو دورو ڪيو هو ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ اهم ترقي ٿي آهي ۽ ٽالپر هن لاءِ ساليانو وڏي رقم خرچ ڪندا آهن“.(1) ٽالپرن جي دؤر اقتدار ۾ رچرڊ برٽن سنڌ ۾برٽش ريزيڊنٽ ٿي آيو، هن ملڪ جي درس ۽ تدريس جي نظام تي روشني وجهندي ان وقت جي مڪتبن ۾ عام طرح رائج ٿيل “سنڌي تعليمي نصاب” جي فهرست Sindhi Curricula ڄاڻائي آهي. جنهن ۾ هيٺيان نثر ۽ نظم جا ڪتاب شامل آهن:
1- سيف الملوڪ
2- ليليٰ مجنون
3- حڪايات الصالحين (عربيءَ مان ترجمو ) مؤلف ملا عبدالحڪيم.
4- لاڏاڻو (عربيءَ مان ترجمو) مؤلف ميان عبدالله.
5- معراج نامو (عربيءَ مان ترجمو) مؤلف اسماعيل
6- سئو مسئلا (عربيءَ مان ترجمو)
رچرڊ برٽن لکي ٿو ته “شاگردن کي ابتدائي تعليم مادري زبان (سنڌيءَ) ۾ ڏني ويندي آهي. جنهن جي تڪميل هنن کي تيرهن سالن جي عمر تائين ڪرڻي پوندي آهي. ان بعد هو فارسي تعليم ڏانهن رجوع ڪندا آهن“.(2) ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انگريزن کان اڳ ۾ سنڌي زبان کي ملڪ جي تعليمي نظام ۾خاص درجو حاصل هو ۽ ان ۾ نظم ۽ نثر جو ڪافي ذخيرو گڏ ٿي چڪو هو.
سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهريون انگلش اسڪول 1841ع ۾ ڇانوڻي (هاڻوڪي صدر) واري علائقي ۾ چاليهن ريجمينٽ جي انگريز فوجين جي ٻارن لاءِ قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ پهرئين سال 50 شاگرد داخل ٿيا هئا. هي اسڪول صرف انگريز فوجين جي ٻارن لاءِ هو“.(3)
1843ع ۾ جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ۽1847ع ۾ سنڌ ۾هنن ڪمشنري نظام هيٺ حڪومت شروع ٿي ۽ مسٽر پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. هن 1847ع ۾ سنڌ ۾تعليم جي صورتحال جاچڻ لاءِ پنهنجي ماتحت آفيسرن کان رپورٽون طلب ڪيون. سڀني جو جواب لڳ ڀڳ هڪڙوئي هو ته سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ ڪو به اسڪول هلندڙ نه آهي، البته ڪجهه انفرادي ڪوششن سان مدرسا ۽ مڪتب مختلف حصن ۾ هلندڙآهن . ٻيو ته هنن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته سنڌي زبان ۾شايع ٿيل هڪڙو به ڪتاب موجود نه آهي، البته ڪٿي ڪٿي قلمي پستڪ موجود آهن“.(4) اهي رپورٽون پڙهي مايوسي ٿئي ٿي ته سنڌ جا اڳوڻا حڪمران تعليم ۽ علم و ادب جي معاملي ۾ ڪيترا ته غافل هئا. هنن وٽ شايع ٿيل ڪو به ڪتاب نه هو، البته تاريخي حوالن مان خبر پوي ٿي ته انگريز عملدارن اوڻوهين صديءَ جي شروعات ۾ پنهنجي خاص غرض سان سنڌي زبان ۾ ڪي ڪتاب لکيا يا سنڌ جي مختلف معاملن تي رپورٽون تيار ڪيون. بهر حال، اوڻوهين صديءَ کان اڳ سنڌي زبان ۾ نثري ادب جا مڪمل ڪتاب نه ٿا ملن.
اوڻوهين صديءَ جي پوئين حصي ۾سنڌي الف-ب جي جڙڻ، تعليمي ادارن جي قائم ٿيڻ، تعليم جي ڦهلاءَ سبب سنڌي نثر جي تحريڪ پنهنجي عروج تي پهتل هئي، ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ انڌي کي اکيون ملي ويون هجن. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ڪرڻ سان آفيسرن ۽ ٻين عملدارن کي سنڌي پڙھڻ جي واسطي، سڄي سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جو پروگرام شروع ٿيو. خاص طور مسٽر فريئر ۽ سندس معاون مسٽر ايلس پاران سنڌ ۾ سنڌي تعليم لاءِ خاص بجيٽ رکرائي وئي.
هن دور ۾ مختلف رياستن ۾ انگريزي ميڊيم اسڪول کولڻ جو رجحان عام ٿي چڪو هو. مختلف آفيسر پنهنجن ڪوششن سان مختلف شهرن ۾ اسڪول کولرائي رهيا هئا ته جيئن انگريزن جا ٻار يا مقامي ماڻهن جا ٻار تعليم حاصل ڪري سگهن. حيدرآباد جي ڪليڪٽر راٿبورن مٿئين سرڪار وٽ اثر رسوخ هئڻ ڪري حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ سرڪار کان بجيٽ به منظور ڪرائي ورتي پر استادن جي اڻ هوند ۽ ٻين ٽيڪنيڪل بنيادن تي سندن رٿا ڪامياب ٿي نه سگهي“.(5)
1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي نافذ ڪرڻ کان سواءِ تعليم جي ڦهلاءَ ۽ اسڪولن کولڻ لاءِ ڏهه هزار روپيا منظور ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ 1853ع ۾ هڪ سرڪاري خط نمبر 33 آف 1853 بتاريخ 15 ڊسمبر 1853ع ذريعي ڪليڪٽر آفيس، ڪراچي پيسن جي منظوري ڏني. هن صاحب واضح ڪيو ته اها رقم ڪورٽ آف ڊائريڪٽرز جي منظوريءَ سان ڏني وڃي ٿي.بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هلندڙ سرشتي مطابق سنڌ ۾ شروعاتي تعليم ستين درجي تائين سنڌيءَ ذريعي ۽ تنهن کانپوءِ مٿين درجن ۾ انگريزي ميڊيم ذريعي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سيٺ نائون مل ”ميمائرس ۾ لکيو آھي تھ”سن 1853ع ۾ ڪراچيءَ ۾ انگريزي اسڪول کوليو ويو. مون کي استدعاڪئي ويئي ته مان پنهنجي ڪٽنب جي ٻارن کي ان ۾ تعليم لاءِ موڪلي ڏيان. مون پنهنجي پوٽي آلومل کي خاندان جي ٻين ڏهن ٻارن سان گڏ، اناسڪول ۾ داخل ڪيو، جلد ئي ڪافي شاگرد اسڪول ۾ داخل ٿي ويا“.(6)
فري اسڪول
1846ع ۾ ڪراچي جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي پنهنجي خرچ تي پنهنجي ڪچهري ڪمپائونڊ ۾ ڪراچي فري اسڪول قائم ڪيو. اسڪول جي انتظاميا هلائڻ لاءِ ڪئپٽن پريڊي پنهنجي گهر واريءَ سميت هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن ۾ انگريزي تعليم سان گڏوگڏ مفت ۾ عيسائي مذهب جي تعليم لازمي قرار ڏنو ويو. اهو اسڪول 1846ع کان 1852ع تائين ان ڪاميٽيءَ حوالي رهيو. بعد ۾ 1853ع ۾ اسڪول کي ساڳين شرطن تي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر چرچ مشن سوسائٽي جي حوالي ڪيو ته اها عيسائين جي بائبل جي تعليم جاري رکندي. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماسٽر مسٽر مادو سلان هو. 1854ع ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ مسٽر جيمز شيلڊن هن جو پهريون پرنسپال مقرر هيو. هي انگريزي ميڊيم اسڪول هو، پر هن ۾ سنڌي هڪ مضمون طور ٻارن کي پڙهايو ويندو هو“.(7) مسٽر جيمز شيلڊن سنڌي زبان ۾ مشنري موضوعن تي ڪيترائي نثري ڪتاب لکيا. هن اسڪول ۾ ارنيسٽ ٽرومپ به پرنسپال رهيو، جنهن سنڌي زبان بابت تمام وڏو ڪم ڪيو.
سنڌي ٻولي جي سرڪاري طور نافذ ٿيڻ کان اڳ ئي ڪراچيءَ ۾”سينٽ پيٽرڪس“ ۽ ”سينٽ جوزف“ اسڪول قائم ھئا.1847ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو. مرڪزي سرڪار سنڌ اندر مقامي يعني سنڌي زبان کي تعليم اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو .
نارائڻ جڳن ناٿ وئديه اسڪول
هيءُ اسڪول 1854ع ۾ قائم ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيڻ وارو چوٿون اسڪول هو. شروع ۾ هن جو نالو ”ورنيڪيولر ميڊيم انگلش اسڪول“ هو، جنهن جو مقصد آباديءَ کي سنڌي زبان جي ذريعي -انگريزي- زبان سان واقف ڪرڻو هو. ھن اسڪول کي بعد ۾ ايجوڪيشن انسپيڪٽر نارائڻ جڳن ناٿ وئديه (NJV) جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. هي سنڌي ميڊيم اسڪول اڳوڻي بندر روڊ ۽ هاڻوڪي محمد علي جناح روڊ تي واقع آهي ۽ اڄ به ڪراچيءَ جي شاندار عمارتن ۾ هن اسڪول جو شمار ٿئي ٿو. هن اسڪول جو علم و ادب جي ڦهلاءَ ۾ وڏو ڪردار آهي. سڀ کان پهرين هي اسڪول سول اسپتال ۾واقع ۽ جنهن کي بعد ۾ اسپتال جي حوالي ڪيو ويو. هيءُ اسڪول 1947ع ۾ پنهنجي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو“.(8)
هن اسڪول سنڌي نثر ۾ وڏيون خدمتون آهن. پهرين پهرين ادبي جماعت 1885ع ۾، “ميڪس ڊينوهال لٽرري سوسائٽيءَ” جي نالي سان شروع ٿي. جماعت جو پهريون آنرري سيڪريٽري اين جي وي هاءِ اسڪول جوتڏهوڪو هيڊ ماستر جيمسٽجي آرديٽر هو. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مهاديو شاستريءَ ڪيترائي درسي ڪتاب ترجمو ڪيا. آلومل ٽيڪمداس هن اسڪول جو ڪيترائي سال هيڊ ماستر رهيو. هن صاحب سنڌي نثر جا ڪيترائي ڪتاب لکيا . ديوان ڪرم چند ھنڱوراڻي، ھيڊ ماستر به نالي وارو عالم ۽ استاد هو. روچيرام گنگارام سڏاڻي وڏو ناول نگار هو. موجوده دور جا ته بيشمار اديب هن ادري سان تعلق رکن ٿا،جن ۾ امرجليل، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي ۽ ڪيترائي شامل آهن.
ٻين شهرن ۾ اسڪول
1853ع ۾ڪئپٽن گولڊ اسمٿ جي ڪوشش سان شڪارپور ۾ انگريزي پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو. اهڙي طرح ٻين ننڍن ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪولن جي عمارتن ٺهڻ لاءِ سرڪاري منظوري ڏني. انهيءَ ڪم لاءِ سرڪار لوڪل فنڊ کان مدد ورتي ۽ ڪيترين ئي سنڌ واسين پئسي جي مدد ڪئي. 1855ع ۾ حيدرآباد ۾ پھريون ھاءِ اسڪول قائم ٿيو، جيڪو بعد ۾ مسلم ايجوڪيشن نالي سان مشھور ٿيو.1858ع ۾سکر ميونسپالٽي مڊل اسڪول قائم ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ميونسپالٽي 1876ع ۾ مڊل اسڪول کوليو ويو.
ڊي جي (DJ) سنڌ ڪاليج
1887ع ۾ڊي جي (DJ) سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو، جنھن سان مٿين ڪلاسن ۾ ذريعھ تعليم سنڌي ٻوليءَ کي مليو. ھي ڪاليج اڳتي ھلي بي-اي (BA) تائين پھتو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ سان منسوب ٿيو. هي ڪاليج سنڌ جي نالي وارن ڪاليجن مان هڪ آهي، جنهن عظيم سائنسدان، سياستدان، ماهر تعليم ، اديب ۽ عالم پيدا ڪيا آهن. ڪاليج ڏيارام ڄيٺمل جي نالي سان منسوب آهي ۽ اڄ به بهترين بناوٽ ۽ تعليمي معيار ۾ اڳتي آهي.
”ڊي جي ڪاليج سنڌ ۾ علم سان گڏ ادب ۽ ثقافت جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ ناٽڪ منڊليءَ وسيلي جڏهن سنڌي ناٽڪ اسٽيج ٿيڻ شروع ٿيا ته سنڌي ناٽڪ نويسيءَ ترقي ڪئي، ان ناٽڪ منڊليءَ سنڌي ناٽڪ جي فن کي عروج ڏنو. اهو سلسلو اڳتي به جاري رهيو ۽ ڪاليج جي شاگردن کي علم سان گڏ ادبي اظهار لاءِ به سازگار ماحول مهيا ڪيو ويو. ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن جون ادبي لکڻيون شايع ڪرڻ لاءِ ڪاليج جو مخزن ‘سنڌ ڪاليج مسلني’ جي نالي سان1907ع ۾ شروع ڪيو ويو. جنهن جو پهريون ايڊيٽر ننڍي کنڊ جو ڏاهو ساڌو ٽي ايل واسواڻي هو. سنڌ ڪاليج مسيلني ورهاڱي تائين سنڌي ادب جي واڌري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق هئا“.(9)
ٽيچر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد
سنڌ ۾ جئين جئين اسڪول کلندا ويا تئين تئين استادن جي سکيا جي ضرورت محسوس ٿي. سنڌ ۾ پرائمري استادن جي تربيت لاءِ 1854ع ۾ ڪراچي ۾ نارمل اسڪول قائم ڪيو ويو. ڏهن سالن کان پوءِ 1864ع ۾ ان اسڪول کي حيدرآباد ۾ آندو ويو ۽ ان جو نالو حيدرآباد ٽيچر ٽريننگ اسڪول رکو ويو، بعد ۾ اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. هن ڪاليج جو اوڻوهين صدي جي نثرنويسي ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ڪاليج ۾ سنڌي الف ب تيار ٿي، درسي ڪتاب لکيا ويا. چوهڙ ڪندنمل، ميان محمد حيدرآبادي، ديوان ڪوڙومل، ديوان تاراچند، ديوان پريمچند اوترءِ، محمد صديق ميمڻ ، محمد صديق مسافر ۽ ٻيا ڪيترائي نثرنويسن هن اداري سان وابسطه هئا. عبدالجبار مغل ”ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو سنڌي ادب ۾ حصو“ جي عنوان سان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
سنڌ مدرسته الاسلام
1885ع ۾ڪراچي شهر ۾ سنڌ مدرسته الاسلام قائم ٿيو.هن اسڪول جو بنياد وجهندڙ حسن علي آفندي هو. هن اسڪول تمام عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آهن. پاڪستان جي باني قائد اعطم پنهنجي شروعاتي تعليم هن اسڪول مان حاصل ڪئي. سنڌ مدرسته الاسلام جي تاريخ جي سلسلي ۾ هي هڪ اهم ۽ ناياب دستاويز آهي، جنهن کي وڏي تاريخي حيثيت حاصل آهي. هي اسڪول اڄ يونيورسٽي جي درجي تي پهتو آهي. هن اسڪول جو سنڌي ادب جي ترقي ۾ وڏو ڪردار آهي، جنهن تي سيد ممتاز شاهه جي پي ايڇ ڊي ٿيل آهي.”هي دور تعليمي سماجي سڌاري جو دور هو. مسلمانن خواهه هندن مان گهڻيئي محن ميدان ۾ آيا، جن قوم ۽ ديس جي خاصي خدمت ڪئي آهي. انهن ۾: خانبهادر حسن علي آفندي، شيخ بابو سليمان مرحوم قادر داد پٺاڻ، سردار محمد يعقوب ، شيخ صادق علي ، سيد الھندو شاهه ، سيٺ هرچند راءِ ، ديوان ڏيارام گدومل، ديوان ڏايارام ڄيٺمل ، ديوان ڪوڙومل کلناڻي ، ديوان نولراءِ ، ساڌو هيراند ۽ ڪي ٻيا شامل هئا.

حوالا

1. برنس، جيمس: ”ميرن جي درٻار“، (ڪتاب جو مهاڳ) (مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
2. رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌي ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1971ع، ص 126
3. گل حسن ڪلمتي: ” ڪراچي سنڌ جي مارئي“ ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي، 2007ع
4. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“(انگريزيءَ ۾)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
5. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 194
6. نائونمل (مترجم: محمد حنيف صديقي) : ” يادگيريون“ ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1967ع، ص 208
7. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 198
8. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 263، 264
9. ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر: ”سنڌ ۾ تعليم ۽ ادب جي واڌاري ۾ ڊي جي ڪاليج جو ڪردار“، ڪلاچي، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي

تعليم کاتي جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ڪردار

1852۾ بمبئي حڪومت سنڌ جي تعليم لاءِ ڏهه هزار جي سالياني بجيٽ منظور ڪئي. مارچ 1853ع ۾ اها رقم ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي ڊسپوزل (اختيار) تي رکي ويئي۽ کاتي جو نالو ”تعليم کاتا“ رکيو ويو. سنڌ ۾ پهريون خانگي اسڪول 1851ع ۾ قائم ٿيو هو ، مگر سرڪاري پهريون اسڪول 1854ع ۾ قائم ٿيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ لکي ٿو ته “هر سال تعليم تي خرچ ٿيندڙ رقم جي منظوريءَ سان سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾اسڪول برپا ٿيڻ لڳا ۽ اسڪولن ۾ استاد مقر ٿيا. شروع ۾ اسڪولن جو انتظام هلائڻ لاءِ اضافي چارج تي يورپي ڪامورا، جن کي اسسٽنٽ ڪمشنر انچارج ايجوڪيشنل ڊپارٽمنٽ چيو ويندو هو مقرر ٿيا. ايلس بئرو ۽ ميجر گولڊ سمڊ تعليم کاتي جا شروعاتي انچارج هئا. سندن هيٺان ڏيهي ڪامورا جهڙوڪ ديوان ننديرام، اڌارام ٿانورداس، ميران محمد شاهه اول، غلام علي ٺٽوي، نارائڻ جڳن ناٿ وئديه وغيره مقرر ٿيا. سال 1871ع ڌاري تعليم کاتي جي نگرانيءَ لاءِ الڳ وڏو ڪامورو مقرر ڪيو ويو، جنهن کي “ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ان سنڌ” ڪوٺڻ لڳا. انهن انگريز ڪامورن هيٺان ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ضلعن لاءِ الڳ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيا، جيڪي گهڻو ڪري وڏي قابليت ۽ لياقت جا مالڪ ڏيهي ماڻهو هئا“.(1)
اسڪول کليا، استاد مقرر ٿيا، استادن لاءِ ٽريننگ ڪاليج قائم ٿيا، تعليم جو ڦهلاءُ ٿيو ، وڏي پيماني تي استاد پيدا ٿي پيا، اهي فقط استاد نه هئا، اهي پنهنجي ڳوٺن ، شهرن ۽ محلن جا پڙهيل ڳڙهيل فرد هئا ۽ رول ماڊل به هوندا هئا. اهي تعليم سان گڏ تاديب به ڪندا هئا ته تربيت به. اهي عالم به هئا ته اديب به هئا. ان سلسلي ۾ مسلمان استاد اديب به هئا ته هندو استاد اديب به هئا.
مطلب ته اسڪولن جي استادن سان اڻويهين صديءَ جي پوئين حصي ۾ نثري ادب پروان چڙهيو. ٻئي طرف سرڪاري آفيسن جا منشي ۽ ترجما نگار هئا، جيڪي سرڪاري عملدارن جي مدد به ڪندا هئا ته سرڪاري معاملن ۾سندن معاونت به ڪندا هئا. اهي منشي انگريز حڪمرانن جي سنڌيءَ جي لازمي امتحان ۾ ممتحن به هوندا هئا.
اهي منشي سرڪاري ڪاميٽين جو به حصو هوندا هئا. سنڌي الف- ب واري ڪاميٽيءَ ۾ به گهڻا منشي شامل هئا. منشي فارسي، سنڌي ۽ ٿوري گهڻي انگريزيءَ جا به ڄاڻو هوندا هئا.انهن منشين جو به سنڌ جي تعليم، ۽ نثري ادب جي ترقي ۾ وڏو ڪردار آهي. استادن ۽ منشين نه صرف سنڌي الف-ب جوڙي، مگر اڪثر درسي ڪتاب به انهن لکيا. سندن ٻولي، علم ۽ ادب پنهنجو مٽ پاڻ هئا. انهن کي تعليم کاتي جي سرپرستي حاصل هئي.
”شروع واري زماني ۾ تعيلم کاتي کي پنهنجو ڇاپخانو نه هوندو هو، ان زماني ۾ تعليم کاتي جا ڪتاب بمبئي ۽ ٻين پريسن مان شايع ٿيندا هئا. سن 1858ع ۾ تعليم وارن هڪ الڳ ليٿو مشين ورتي. هن مشين مان موجوده الف-ب ۽ خداوادي ۽ گجراتي لپين ۾ ڪيترائي سنڌي ڪتاب شايع ٿيا“.(2)
سنڌي نثري ادب خاص ڪري درسي ڪتابن جي تياري ۽ ڇپائيءَ جي ڪم کي هٿي ڏيڻ لاءِ سن 1868ع ۾ تعليم کاتي جي زير نگراني ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. سنڌ صوبي جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي هٿ هيٺ، پريزيڊنٽ سان گڏ ڪميٽيءَ جا 8 ميمبر هئا. ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو هيڊماستر ڪميٽيءَ جو پريزيڊنٽ هوندو هو. مذڪوره ڪميٽيءَ جون هيٺيون ذميداريون هيون:
• سنڌي ٻوليءَ جي عربي ۽ هندو-سنڌي (ناگري) لپين جي هڪجهڙائي صورتخطي مقرر ڪرڻ،
• اشاعت لاءِ مليل درسي ڪتابن جا مسودا منظور ڪرڻ،
• ليکڪن ، مترجمن ۽ سهيڙيندڙن جي اجرت جا نرخ مقرر ڪرڻ،
• درسي ڪتابن جي نظر ثاني ڪرڻ
• ادبي انعامن لاءِ ليکڪن جي نالن جي سفارش ڪرڻ“.(3)
ڪتابن جي ليکڪن ۽ مترجمن کي خاص معاوضا ڏنا ويندا هئا. اصلوڪي ڪم جو اعزازيو الڳ هو ته ترجمي جو الڳ . ڪجهه خاص ڪمن لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ غير سنڌي ليکڪن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون. خاص ڪتابن ۽ ترجمن لاءِ انعام ڏنا ويندا هئا. 1853ع ۾ بي ايڇ ايلس هڪ اشتهار ڏنو، جنهن جو متن هيٺ ڏجي ٿو:
”هڪڙي”تاريخ معصومي“ جنهن کان سنڌ جي ماڻهن کي گهڻو فائدو رسندو ۽ اهو ڪتاب فارسي عبارت ڪري سليس ۽ مربوط آهي جو شخص تهه ڪتاب جو سنڌي وائي ۾ پسند ڪيل ترجمو ڪندو اهو ڏيڍ سا روپيا مهيني خانگي ۽ سرڪاري انعام جي جوڳو ٿيندو “.(4)
شروعاتي سالن ۾ ڪتابن جي جاچ پڙتال ۽ انعامن لاءِ هيٺيان ميمبر هوندا هئا:
1. ڪيپٽن ڊسنٽر ول ، سربراهه
2. ليفٽينٽ هربرٽ آرٿر، ميمبر
3. ليفٽينٽ هارگارڊسن، ميمبر
4. ليفٽينٽ اسٽئڪ ، ميمبر“.(5)
اهڙي قسم جا انعام وقتاََ فوقتاََ ترجمن ۽ اصلي ڪتاب لکڻ جي عيوض ملندا رهيا.گذريل صديءَ ۾ اهرن خوش نصيب سنڌي ليکڪن ۾ هيٺيان شامل هئا:
1. ننديرام ميراڻي ”تواريخ سنڌ“ جو ترجمو، 1854(ٻه سو رپيه )
2. ديوان واڌو مل چنديرام، ”منتخب تاريخ انگلستان“، 1862ع (هڪ سو روپيا)
3. نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ ۽ اڌارام ٿانورداس ”راسيلاس“جو ترجمو، 1872ع (گڏيل ٽي سو روپيا مليا)
4. مرزا قليچ بيگ ، مسز فاسيٽ جي انگريزي ڪتاب کي “اصول علم دستور المعاش” جو ترجمو ، 1889ع (558 روپيا)
5. بولچند ڪوڏومل جڳتياڻي، فلپ جي تاريخ انگلنڊ با تصوير انگريزي مان ترجمو، 1890ع (1200 روپيه )
تعليم کاتي جي مٿي ذڪر ڪيل سرگرمين وسيلي سنڌ ۾ سنڌي طباعت ۽ اشاعت جي پيڙهه و پٿر رکي چڪو هو. سن 1859ع تائين سنڌ ۾ ڪتابن لکڻ جي محنتاڻي جا اگهه مقرر نه ڪيا ويا هئا. ڪجهه روڪ رقم جي عيوض ليکڪ پنهنجا حق ۽ واسطا تعليم کاتي کي هميشه لاءِ وڪڻي ڏيندو هو. ان سلسلي جو هڪ مثال ان دؤر ۾ ليکڪن کي ڪتابن لکڻ جي معاوضي جي نشاندهي ڪري ٿو. سن 1855ع ۾ منشي ميران محمد شاهه کي 61 صفحن جي درسي ڪتاب “آڪاسي نروار” سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو معاوضو 60 روپيا مليو. سن 1859ع ۾ بوڪ ڊيپو قائم ٿيڻ سان ڪتابن لکڻ جو معاوضو مقرر ٿيو، جيڪو هن ريت هو؛ اصلي ڪم في صفحو 2 روپيا ۽ ترجمو في صفحو هڪ روپيو. اهڙيءَ ريت ڪتابن جو اتارو ڪرڻ ۽ پريس ڪاپي تيار ڪرڻ تي تعليم کاتو الڳ معاوضو ڏيندو هو، جيڪو ٻه آنا في صفحي جي لڳ ڀڳ هو“.(6)
مطلب ته تعليم کاتي جو سنڌي نثر ۾ تمام وڏو ڪردار رهيو، ڇو جو استاد شاگرد، ڪتاب ، عملدار ۽ ٻيا سڀ تعليم کاتي جي ئي پيداوار هئا.

حوالا

1. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995ع
2. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “سنڌ جا قديم ڇاپخانا “، ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ
3. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995ع
4. ننديرام ميراڻي: “تواريخ سنڌ“،مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع
5. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“، (انگريزيءَ ۾)سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
6. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995

اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي نثر جا دؤر

---

اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي نثر جا دؤر

اڻويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ سنڌ اندر ٽالپرن جي حڪومت قائم هئي. ان کان پوءِ ٻئي اڌ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي. ٽالپرن جي دور (1780-1843ع) تائين سنڌيءَ ۾ لکت وارو ادب پنهنجي جاءِ والاري چڪي هيو. ان کان علاوه نثري ادب ۾ به رائج ٿي چڪو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ سچل سرمست، نانڪ يوسف، عثمان سانگي، خليفي قاسم، فتح فقير، صوفي صادق، حمل فقير، خليفي نبي بخش وغيره اهم آهن .ان کان علاوه لوڪ ادب ۾ سگهڙ ميلن، اوطاقن ۾ لوڪ ڪهاڻين کي نئين نئين انداز ۾ پيش ڪندا رهيا. ٽالپرن جي دور ۾ قصيده گوئي تمام گهڻي مشهور هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو غير سنڌي ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو رواج زور وٺندو ويو. لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ جي رهاڪو شير خان مثنوي جي سٽاءَ ۾ ”گل بڪاولي“ جو قصو منظوم ڪيو. حفيظ تيوڻي مومل راڻي، سهڻي ميهار ۽ عمر مارئي جي واقعن کي منظوم ڪيو. خليفي عبدالله مثنوي جي طرز تي ليلا مجنون 1793ع ڌاري منظوم ترجمو ڪيو. جڏهن ته سنڌي زبان ۾ جديد نثر نويسي 1852ع کان شروع ٿي، پر 1853ع ۾ موجوده الف–ب جڙي وئي ته ان جي ترقي ڏينهن جو ٻيڻي رات جو چئوڻي ٿيڻ لڳي. اوڻوهين صدي عيسويءَ جي نثر کي سنڌيءَ جو اوائلي نثر به چئجي ٿو. اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر نويسي کي ٽن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو :
1. انگريز اهلڪارن جي رپورٽن ۽ ڪتابن جو دور (1819- 1851ع)
2. درسي ڪتابن ۽ نثري ادب جو اوئلي دؤر (1852- 1864ع)
3. ادبي صنفن جي ترقيءَ جو بنيادي دور (1865-1900ع)

انگريز اهلڪارن جي رپورٽن ۽ ڪتابن جو دور

18۽ 19 صدين جي سنڌ جي اقتصادي اهميت کي سمجهندي، برطانيا پنهنجا آفيسر موڪلي، سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ تاريخي حالتن تي تحقيق شروع ڪئي. ڪڏهن جاسوسيءَ جي بهاني ميرن جا مهمان ٿيندا هئا، ڪڏهن سرڪاري سفارتي وفدن ۾ شامل ٿي ۽ ڪڏهن ميرن سان معاهدي جي بهاني سنڌ ۾ ايندا رهندا هئا. انگريز فوجي آفيسرن جي تربيت ۾ تحقيق ڪرڻ جي سکيا خاص طور شامل هوندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو اڪثر فوجي آفيسر سنڌ جي مختلف پهلوئن تي عملي طور تحقيق ڪندا هئا ۽ رپورٽن جي صورت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ برطانيا جي حڪومت کي پيش ڪندا هئا. انگريزن جي فتح جو هڪ راز اهو به هو ته هو انهن رياستن جي مقامي ماڻهن جون ٻوليون سکندا هئا ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي جي معلومات وٺندا هئا. اڄ به پوري هندستان ۾ معياري ۽ مستند تاريخ جا حوالا انهن فوجي آفيسرن جي تحقيق مان کنيا ويندا آهن. اها به عجب جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا اوائلي گرامر به انگريزن لکيا، سنڌي ٻولي جون اوائلي لغتون به انگريزن تيار ڪيون. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت اوائلي نظريا به انگريزن ڏنا. سنڌي کي سڀ کان پهريون رياستي ٻوليءَ جو درجو به انگريزن ڏنو، سنڌي رسم الخط تي ڪم به هنن ڪيو.

سنڌي ءَ ۾ پهريون شايع ٿيل نثري ڪتاب
ان دؤر جي نثر نويسيءَ لاءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ لکيو آهي ته؛ “اڻويهين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ حصي ۾ به سنڌي نثر جي ڪا خاص ترقي ڪانه ٿي، اسلام جي ريتن رسمن سان واسطو رکندڙ ڪتاب ٻيا به چڱا ئي لکيا ويا. هن دؤر ۾ سنڌ ۾ عيسائي مذهب جو به چڱو پرچار شروع ٿي ويو. ڪلڪتي ڀرسان سيرامپور جي عيسائي مشن، ڀارت جي گهڻين ئي ٻولين ۾ بائيبل جي ڪجهه حصن جا ترجما ڇپائي پڌرا ڪيا ۽ ان سلسلي ۾ اتان “متي“ نالي سان بائيبل مان “سينٽ مئٿيوز” جو سنڌي ٻوليءَ ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ ترجمو 1819ع ۾ شايع ٿي. انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءُ پهريون ترجمو ٿو نظر اچي“.(1) انهيءَ ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ لکي ٿو ته 274 صفحن تي مشتمل ديوناگري لپيءَ ۾ هي ڪتاب ٽائيپ جي ڇاپخاني مان ڇپجي ظاهر ٿيو. هن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڇپيل ڪتاب هئڻ جو شرف حاصل آهي. هن ڪتاب جي هڪ ڪاپي جڳ مشهور ميوزيم(هاڻي برٽش لائبريري)، لنڊن جي اسٽور اسٽريٽ ۾ قائم مشرقي علوم واري عظيم الشان ذخيري جي زينت بڻيل آهي“.(2)

لغتن ۽ گرامر جي اشاعت
لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي ڊڪشنرين جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”ٽالپري دور ۾ لکيل سنڌي فارسي ۽ فارسي سنڌي لغتون قلمي نسخن جي صورت ۾ موجود آهن. اِهي قلمي لغتون اُن وقت جي مکيه عملدارن ڪورٽن جي لکپڙهه ۽ پنهنجي سهولتن جي لاءِ لکيون، جيڪي عام طرح گرمکي ۽ فارسي خط ۾ لکيل آهن“.(3) خوبچنداڻي صاحب اِنهن لغتن جو فقط ذڪر ڪيو آهي، پر ڪنهن به لغت جو نالو ناهي ڏنو ۽ نه ئي ڪو تفصيل ڏنو اٿس ته اِهي ڪهڙيون لغتون آهن، ڪنهن جون لکيل آهن ۽ ڪٿي رکيل آهن .
وليم ارڪسائين (William Erksine) 1796ع کان 1810ع دوران انگريز آفيسرن جا دستاويز جمع ڪيا، جن ۾ هندستان جي مختلف ٻولين (مرهٽي، سنڌي، ڪشميري، پشتو، افغاني، چيني وغيره) جا مختصر ذخيرا ۽ الف – ب موجود آهن“.(4) اِهي دستاويز انگريز عملدار ليفٽيننٽ ايف. اِروائين(F.Irvine) ۽ ٻين گورن آفيسرن جا لکيل ذاتي خط آهن. اُنهن دستاويزن ۾ ٻين ٻولين سان گڏ ”سنڌي“ لفظڻ جا مختصر ذخيرا پڻ موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽن لفظڻ جا اِهي ذخيرا برٽش لئبرريءَ جي قلمي نسخن جي آن لائين ڪيٽلاگ ۾ نمبر (26605) تي موجود آهن“.(5)
هينري ايڊمنسٽون بوئيلي - برطانوي حڪومت طرفان پوري هندستان ۾ ٽرگنا ميٽرڪ سروي مهم شروع ٿي، هن پنهنجي سير و سفر لاءِ جيڪا رپورٽ تيار ڪري انڊين گورنمينٽ کي پيش ڪئي، اها سندس هن ڪتاب ۾ شايع ٿي:
Personal Narrative of a tour through the western states of Rajwar, in 1835
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي لفظن جي ذخيري جي باري ۾ ناسف علي شيراز لکي ٿو ته ”هن جي نالي سان سن 1873ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ سنڌي لفظن جي مختصر لسٽ ڏني آهي. ڪل سنڌي لفظن جو تعداد سئو کن آهي، ٽن صفحن تي مشتمل هيءَ مختصر ووڪيبلري ٽن ڪالمن ۾ رچيل آهي، جنهن ۾ پهرين ڪالم ۾ سنڌي لفظ ڏنل آهن ۽ ٻئي ڪالم ۾ انهن جي انگريزي ۾ معنيٰٰٰ ۽ آخري ڪالم ۾ هندستاني معنيٰٰٰ ڏني آهي. سنڌي لفظ رومن خط ۾ لکيل آهن“.(6)
وليم هينري واٿين (1802-1866ع) جو جنم وينچيسٽر ۾ ٿيو. پنهنجي ذاتي شوق سبب خوب محنت ڪري سول سروسز جو امتحان پاس ڪيائين. هندستان ۾ صرف نوڪري نه ڪيائين، بلڪه هندستاني ٻولين سان خاص لڳاءُ به رکيائين. هن هندستان جي قديم رسم الخطن تي پڻ تحقيق ڪئي.”هينري واٿين کي مشرقي ٻولين جي ڄاڻ هئڻ سبب 1822ع ۾ بمبئي حڪومت جو فارسي زبان لاءِ ترجمان Translator) ) به مقرر ڪيو ويو هو. 1835ع ۾ کيس بمبئي حڪومت جي جنرل ڊپارٽمينٽ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هينري واٿين سنڌي ٻوليءَ جو گرامر A Grammar of Sindhi Language)) انگريزي زبان ۾ لکيو. هينري واٿين جو ڪتاب سال 1836ع ۾ ڇپيو. هي اهو دور هو جڏهن انگريزن اڃا سنڌ کي فتح نه ڪيو هو. ”هي هڪ ننڍڙو ڪتاب هو، جنهن جون چار وڏيون خوبيون هيون، هڪ ته هن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي مختصر نموني تاريخي جائزو ورتو ويو آهي ۽ ٻيو ته هن ۾ سنڌي گرامر جا چند قاعدا بيان ڪيا ويا آهن جنهن ۾ گرامر جا ڪجهه اصطلاح به ڏنل آهن ۽ سنڌي گرامر جا ڪي قاعدا ۽ ڳالهائڻ جا لفظ مثالن سان ڏنل آهن. ڪتاب جي ٽي خوبي اها به آهي ته هن ۾ سنڌي لفظن جون انگريزي ۽ سنڌي معنائون، الف-ب جي ترتيب سان ڏنل آهن. ان سلسلي ۾ سنڌي-انگريزي ۽ انگريزي-سنڌي لفظن جون لسٽون لغت واري انداز ۾ ڏنل آهن، جيڪا اٽڪل ٽن هزار لفظن تي مشتمل آهن. ڪتاب جي چوٿين خوبي اها به آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت بحث ڪيو آهي. سندس خيال ۾سنڌي هڪ آريائي زبان آهي“.(7)
جيمس پرنسيپ (1799-1840ع) اينگلو انڊين اسڪالر هو. هندستان جي ٻولين، رسم الخطن، قديم آثارن تي پڻ ڪافي ڪم ڪيائين. 1832ع ۾ جيمس پرنسيپ کي ايشياٽڪ سوسائٽيءَ (Asiatic Society) جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پرنسيپ ٽالپرن واري آخري دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجو اڀياس شروع ڪيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد تي ۽ سنڌي رسم الخط بابت راءِ ڏني. هن سنڌي زبان جي گرامر تي تبصرو ڪندي مقالو لکيو، جيڪو”دي جنرل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“ ۾ مئي 1837ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو. اهو مقالو ان ڪري به اهم آهي ته هن مسٽر واٿين جي سنڌي گرامر بابت ڪتاب جي حوالي سان لکيو جنهن ۾ هن مسٽر واٿين جي اوائلي ڪوششن کي پڻ ساراهيو“. (8)جيمس پرنسيپ پنهنجي مقالي ۾ سنڌي گرامر جا مختلف قاعدا ۽ گردان به ڏنا.
رابرٽ ليچ هندستان جي حڪومت لاءِ هندستان جي ستن ٻولين ۾ لفظن جي هڪ لغت لکي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي پڻ شامل هئي. اِها لغت 1838ع ۾ بمبئي مان شايع ٿي.1848ع ۾ اسسٽنٽ سرجن جي اي اسٽاڪس سنڌ جي دوائن تي هڪ رپورٽ تيار ڪئي؛
Practical Remarks on the Plants of Sind
ان رپورٽ ۾ سنڌ جي جڙي ٻوٽين جا انگريزي نالا ۽ سنڌي نالا ڏنا ويا آهن. سنڌي نالا عربي سنڌي اکرن سان ڏنا ويا آهن.
ڪئپٽن ايڊورڊ ايسٽوڪ (1814-1883ع) جو جنم اينگلو انڊين خاندان ۾ ٿيو.علائقائي ٻولين ۾ دلچسپي کي ڏسندي کيس هندستان ۾ پوليٽيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو. هن هندستان ۾ رهندي فارسي، عربي، سنسڪرت، سنڌي، بروهڪي ۽ پنجابي ٻوليون سکيون. ڪئپٽن ايسٽوڪ جون سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ بي بها خدمتون آهن. هن سنڌ متعلق چار ڪتاب لکيا، سنڌ جي ماڻهن جي سادگيءَ جي تعريف ڪئي آهي، سندس ڪتاب سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت جي حوالي سان اهميت رکن ٿا.
سنڌي متعلق سندس ڪتاب A Vocabulary of Sindhi Language آهي، جيڪو بمبئي گورنمينٽ ليٿو گراف تي 1843ع ۾ڇپايو ويو. ”هيءُ ڪتاب مجموعي طور تي 75 صفحن تي مبني آهي، هن ڪتاب ۾ اندازن 5 هزار لفظن کي شامل ڪيو ويو آهي، هيءَ لغت ان زماني ۾ وڏي اهميت واري هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان جي لفظن جو ذخيرو ڪتابي صورت ۾ انگريزي ۾ ڪو نه هو، ان کان علاوه اهڙو تحقيقي ڪم خاص طور تي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ انگريز آفيسرن لاءِ ڪيو ويو هو، جيڪي سنڌ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪم يا مهم تي مقرر هئا“. (9)
ڪئپٽن ايسٽوڪ جو ڪتابHand book of the Punjab, Western Rajputana, Kashmir and upper Sind به وڏي اهميت رکي ٿو، هي ڪتاب هن ۾ سنڌ جي همعصر حالتن سان گڏوگڏ سنڌي رسم الخط تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي. هو لکي ٿو ته ”سنڌي ٻوليءَ جي پهرين لغت سن 1840ع ۾ شايع ٿي، جيڪا خداوادي اکرن ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ايسٽوڪ انگريزي-سنڌي لفظن جون ”معنائون ۽ مڪالما“ جي نالي سان هڪ باب آندو آهي، هن ڪتاب ۾ ڏنل سنڌي ووڪيبلري ٽيڪنيڪل لفظن تي مبني آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ جسم جي عضون جا نالا، مختلف بيمارين جا نالا، ڏينهن، مهينن جا نالا، طرف ۽ جانور، جيتن جا نالا، مڇين، ڪيڙن ماڪوڙن جا نالا، پوشاڪ، خوراڪ جا نالا، قانون جا اصطلاح، زراعت جا اصطلاح، اسڪول، ڪاليج ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن وغيره جا اٽڪل 1500 (پندرهن سئو) لفظ ڏنا آهن“. (10)
انگريزن جي دور ۾ سنڌ اندر لغت لکڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو. اِهو سلسلو ان لاءِ به شروع ٿيو ته جيئن انگريز عملدارن کي سنڌي ٻولي سکڻ ۾ سولائي ٿئي. اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ’سنڌي – انگريزي‘ ۽ ’انگريزي – سنڌي‘ لغتون لکيون ويون. سڀ کان پهريائين حيدرآباد جي اُن وقت ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ قدم کنيو ۽ ”انگريزي – سنڌي لغت“ لکي، جيڪا بمبئيءَ مان 1849ع ۾ شايع ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو لکيل ٻيوڪتاب ”سنڌي گرامر“ به 1849ع ۾ بمبئي مان شايع ٿيو. اُن کانپوءِ سندس ”سنڌي – انگريزي لغت“ سندس وفات کانپوءِ 1855ع ۾ بمبئي مان شايع ڪئي. اِنهن ٻنهي لغتن ۾ اکر ديوناگري خط ۾ لکيل آهن. 1873ع ارنيسٽ ٽرومپ جو مشهور ڪتاب “گرامر آف سنڌي لئنگئيج” منظر تي آيو. هي ڪتاب اڄ سوڌو رفرنس بڪ طور استعمال ٿيندو آهي. هن دور ۾ هڪ يورپي عالم ايٿرنگٽن (Etherington)، زراعت متعلق مختصر لفظن جي فهرست (Vocabulary of Sindhi Agriculture Terms: Herbs and Drugs) تيار ڪئي. هيءَ فهرست جرمنيءَ مان 1855ع ۾ شايع ٿي . 1866ع ۾ هڪ انگريز مِشنري عالم جارج شرٽ ”اکر ڌاتو“ جي نالي سان مختصر لفظن جي هڪ لغت لکي، جنهن ۾ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل سنڌي لفظن جا ڌاتو ۽ اُنهن جون معنائون ڏنل آهن.
ايل- وليم سيمور لينڊ روينيو ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ سپريٽينڊنٽ هو. هو نه صرف پنهنجي سرڪاري ڪمن ۾ مهارت رکندو هو، بلڪه ادب ۽ ٻوليءَ جي معاملن ۾ به ڪافي دلچسپي رکندڙ هو.. مسٽر سيمور جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامرA Grammar of Sindhi Language) ) انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو. هي ڪتاب 1884ع ۾ ڪمشنر پريس ڪراچي مان شايع ٿيو. هن ۾ سنڌي لفظن لاءِ عربي ۽ رومن خط استعمال ڪيل آهي. هي ڪتاب 203 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب مختلف بابن ۽ عنوانن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت انگريز عالمن جي تحقيق جي روشني ۾ رايا به ڏنل آهن. اهڙي طرح سنڌي گرامر جا قاعدا ۽ قانون انگريزي ۾ سمجهايا ويا آهن. گرامر جي سلسلي ۾ ڳالهائڻ جا اٺئي لفظ (Parts of Speech) مثالن ۽ انهن جي مختلف قسمن سان تفصيل سان سمجهايل آهن. گرامر جي قاعدن کي سمجهائڻ لاءِ چارٽ ۽ مشقون به ڏنل آهن“.(11)
پنجاب حڪومت جي هڪ انگريز عملدار ايڊورڊ اوبرائن (Edward O’Brien)، ”ملتاني – پنجابي – سنڌي“ لفظن جي فهرست (گلوسري) لکي، جيڪا پنجاب حڪومت 1881ع ۾ لاهور مان ڇپائي پڌري ڪئي“.(12)

مشنري ادبي سرگرميون
متيءَ“ Gospel of St. Matthew جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سيرامپور جي پادرين 1819ع ۾ ڪيو هو. 1846 ع ۾ سرڪاري عملدارن سنڌ ۾ سرڪاري اسڪول برپا ڪرڻ سان گڏ عيسائي مذھب جي ڦھلاءَ جي ڪوشش ڪئي وئي. انھيءَ دؤر ۾ ڪئپٽن پريڊي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ھڪ انگريز مشنري اسڪول کولڻ جو پروگرام رٿيو تھ جيئن انگريزن جا ٻار بھ تعليم وٺي سگھن ۽ عيسائيت کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪم ڪري سگھن.1846ع کان 1852ع تائين ھن اسڪول جو انتظام مقامي ڪاميٽيءَ جي ھٿ رھيو پر 1853ع ھن اسڪول جو انتظام چرچ مشنري سوسائٽيءَ جي ھٿ ۾ ان شرط تي ڏنو ويو تھ انجيل جي تعليم ڏني ويندي. ٻئي پاسي انگريزن جا مشنري ڪم ڪندڙ مبلغ، پنهنجيءَ تبليغ ۾ مشغول رهيا. ”سر بارٽل فريئر جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌي ڪتاب جي ڇپائيءَ جو ٻيو وڏو ڪم عيسائي پادرين ڪيو. فريئر جي اچڻ کان اڳ سن 1850ع ۾ چرچ مشنري سوسائٽيءَ وارن سنڌ ۾ پنهنجي شاخ کولي. سندن آفيسون ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ هيون، جتي سندن الڳ الڳ اسڪول جاري هئا. کين ، سندن مذهب جي واڌاري لاءِ ڏيهي ٻولي سنڌيءَ ۾ ڪتاب درڪار هئا ان ڏس ۾ اهي صاحب سرڪاري ڪامورن کان به ٻه قدم اڳتي رهيا. ڪراچيءَ ۾ پنهنجو ليٿو جو ڇاپخانو قائم ڪيائون. سنڌ جي مسلمانن ، هندن ۽ سکن لاءِ عربي، ديوناگري ۽ گرمکي لپين ۾ ڪتاب لکي ڇاپيائون ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقسيم ڪيائون“.(13)
”عيسائي مذهب جا ڪتاب، ”برٽش ۽ فارين بائبل سوسائٽي، لنڊن“ جي خرچ تي ڇپجي پڌرا ٿيا. ڪراچيءَ واري مشن اسڪول کلڻ کان گهڻو پوءِ حيدرآباد ۽ سکر ۾ مشن اسڪول کليا. انهن ۾ هندو توڙي مسلمان شاگرد ڪلاسن ۾ وڃڻ کان اڳ وچين وڏي صفي (هال) ۾ گڏ ٿيندا هئا. اسڪول جو پادري اول بائبل مان ڪجهه ٽڪر پڙهي ٻڌائيندو هو. پوءِ پادري توڙي ماستر ۽ شاگرد سڀئي گڏجي ڌڻيءَ کان دعا گهرندا هئا:
”اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ هجي وغيره“.
انهيءَ دعا گهرڻ کان پوءِ شاگرد ڪلاسن ۾ ويندا هئا“.(14) بائيبل جو نئون سنئون ترجمو ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ڪيو، جو ديوناگري اکرن ۾ سنه 1850ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ ”يوحان“ Gospel of St. John جو ترجمو برنس صاحب سنه 1852ع ۾ عربي- سنڌي اکرن ۾ ڪيو. مسٽر “برنس” 1853ع ۾ عربي – سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪيو. مذڪوره بائيبل ۾ ڪم آندل نثر جي عبارت جا ڪي مثال هيٺينءَ ريت آهن:
ڇا کا تهه خداءِ جهان کي اهڙو پيار ڪيو پنهنجو هڪڙو ئي چٿئل پث ڏناءِ جيڪو ڪو تهه تي ويساهه،آتي سو چث نه ٿئي ويتر هميشه جنته لهي“.(15)
1859ع ۾ ’يوحنا جو باب‘ گرمکي اکرن ۾، لنڊن ۾ ڇاپيو ويو، ان کان پوءِ به مسلسل هر سال مذهبي ڪتاب ڇپبا رهيا. 1870ع ۾ سينٽ ميٿوز جي بائيبل جو ديوناگريءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. 1890ع ۾ لنڊن ۾ بائيبل جو نئون ڇاپو ڇپيو، ان جو نمونو هي آهي :
بابل ۾ لڏي وڃڻ کان پوءِ يڪنا کان سلٿيئل ڄائو ۽ بابل کان زرو بابل ڄائو. زرو بابل کان ڄائو ۽ ابئود ڄائو ۽ ابئود کان ايلياقم ڄائو.
هاڻي يسوع مسيح جو ڄمڻ هئڙي طرح ٿيو ته جڏهه هن جي ماءُ مريم جو مگڻو يوسف سان ٿيو هو، پر اڃان پاڻ ۾ گڏ نه ٿيا هئا ته پڌرو ٿيو جو هيءَ روح القدس مان پيٽ سان ٿي آهي“.(16)
ٻئي سال اهو گرمکي اکرن ۾ به ڇپيو- اُهي خرچ، بمبئيءَ جي ”آگزيليئري بائبل سوسائٽيءَ“ (Bible Society Bombay Auxiliary) ڪيا هئا“.(17)
پهرين ادبي جماعت 1885ع ۾، ”ميڪس ڊينوهال لٽرري سوسائٽيءَ“ جي نالي سان شروع ٿي. هي جماعت پادري بمرج قائم ڪئي، ۽ اهوئي سندس پهريون صدر هو. جماعت جو پهريون آنرري سيڪريٽري اين جي وي هاءِ اسڪول جوتڏهوڪو هيڊ ماستر جيمسٽجي آرديٽر هو. سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ناميارن عالمن، اديبن ۽ دانشورن هن جماعت ۾ شرڪت ڪئي. هن ادبي جماعت جون هفتيوار گڏجاڻيون هر اربع ڏينهن تي شام جو ساڍي ڇهين وڳي، ڊينسوهال ۾ ٿينديون هيون. جن ۾ ڏيهي توڙي پر ڏيهي ميمبر مشهور معروف ڪتابن مان ٽڪرا پڙهي ٻڌائيندا هئا، ۽ دماغي توڙي اخلاقي موضوعن تي بحث مباحثا ۽ تقريرون ڪندا هئا“.(18)
مشنري اهم ڪتابن ۾ 1880ع۾ ”پراڻي ٻولي“،ليٿو ڪراچي، ”سچو واپار“،واپار ۾ سچائي رکڻ لاءِ هدايتون تي 1881ع ۾ شايع ٿيو. انهن ڪتابن مان سواءِ، انجيل وغيره جا به ڪيترا نسخا ڇاپيا ويا ان سلسلي ۾ اي – برن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”گاسپل آف جان“ (1859ع)، ”خداوند يسوع مسيح تنهن جو انجيل ٺاهيل رسولن جا ڪم“ (1870ع)، ”خداوند يسوع مسيح جو انجيل تنهن جو هي پولس رسول جو رومين ڏي خط“ (1874ع) اهم آهن. اهڙي طرح جيمس شيلڊن جا ڪتاب ”سچي ساهمي“ (1878ع)، ”پراڻي ٻولي“ (1880ع)، ۽ ريڊمئن جي جو ” راڳ سنڌي ڪاپي بوڪ“ (1887ع) وغيره اهم آهن.

سرڪاري آفيسرن جو سنڌي امتحان ۾ نثر نويسي
اپريل 1848ع ۾ بمبئي جي گورنر جارج ڪلرڪ اعلان ڪيو تھ سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي، ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي تھ ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن. سرڪاري نوڪري ۽ ترقي سندن سنڌيءَ جي ڪامياب امتحان سان لاڳو هئي. الف- ب“ جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ فريئر رٿ ڏني ته آئيندي سرڪاري نوڪري ۾ ترقي تڏهن ملي سگهندي، جڏهن سرڪاري ملازم کي سنڌي زبان لکڻ ۽ پڙهڻ ايندي. انگريز آفيسرن کي سنڌي زبان سان شناسا ڪرڻ لاءِ بي ايڇ ايلس، ڪئپٽن اسٽئڪ جي نامڪمل گرامر ۽ لغت جي تڪميل جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ ان کانسواءِ، هن گورنمينٽ جي طرفان، هڪ سئو رپين جو انعام، انهن آفيسرن لاءِ مخصوص ڪيو، جي سنڌي زبان جي تحريري امتحان ۾ ڪاميابي اصل ڪري سگهندا. هن رٿ جو وڏو اثر پيو ۽ سنڌ جي پنجويهن انگريز آفيسرن ٿوري وقت ۾ سنڌي زبان جو تحريري امتحان پاس ڪري ورتو. سر بارٽل فريئر پنجيتاليهه امتحاني مرڪز کولڻ جو حڪم ڏنو، جتي سال ۾ ٻه ڀيرا سنڌيءَ جو امتحان ورتو ويندو هو، ۽ هر مرڪزتان پهريان ٽي نمبر حاصل ڪندڙ کي وظيفا ۽ سرڪاري ملازمت جي آڇ ڏني ويندي هئي.نتيجو اهو نڪتو ته سنڌي زبان کي ڪجهه سالن اندر هيٺين انتظامي سطح تي انگريزي ٻولي استعمال ۾ آئي. پنجيتاليهه امتحاني مرڪزن مان پاس ٿيندڙ ۽ اسڪالر شپ حاصل ڪندڙ، انگريزي تعليم طرف وڌيا ۽ ڪلرڪ يا ٻيا ننڍا سرڪاري عهدا حاصل ڪرڻ لڳا.
امتحاني ڪورس ۾ سنڌي پهاڪا ۽ سنڌي جملن جو انگريزي ۾ ترجمو ۽ انگريزي جملن جو سنڌي ۾ترجمو شامل هوندو هو. مضمون لکڻ لاءِ کين اجازت هوندي هئي ته هو ڪهڙو به خط استعمال ڪن“.(19)

ناٽڪ نويسيءَ جي ابتدا
سنڌي ناٽڪ جا اهڃاڻ قديم دؤر کان موجود هئا، پر سنڌي ناٽڪ جو موجوده روپ انگريزن جي حڪمرانن آندو. خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ انگريز اهلڪارن پنهنجي ذاتي وندر لاءِ ناٽڪ منڊليون قائم ڪيون. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرمحمد يوسف پنهور مطابق ”رائل ٿئيٽر برپا ٿيڻ کانپوءِ جيئن جيئن ناٽڪ ڏسڻ جو رجحان وڌيو ته پوءِ چاهه پٽاندڙ آهستي آهستي ڊرئميٽڪ سوسائٽيون پڻ قائم ٿيڻ لڳيون هيون، جهڙوڪ ”دي ڪراچي فرينڊ ان نيڊ سوسائٽي“ (1882)، ”پيني ريڊنگس اينڊ ڊرئيميٽڪ سوسائٽي“ (1884)، ”ڊرئيميٽڪ ڪلب آف گولسٽر رجمينٽ“ (1884) ۽ ”فرسٽ بٽالين ڊبليو آر ڊرئميٽڪ ڪلب“ (1885). ڊراما هنن ناٽڪ منڊلين جا لکيل هوندا هئا ۽ انهن جا اداڪار گهڻو ڪري انگريز فوجي آفيسر هوندا هئا“.(20)

ناول نويسي ۽ آکاڻي نويسي جي سرڪاري سرپرستي
سنڌي ادب ۾ ناول نگاري ۽ آکاڻي نويسي انگريزن جي آشيرواد سان رائج ٿي. حاڪم قومون هميشه محڪوم قومن کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته شهنشاهت سندن مٿان خدا طرفان مقرر ٿيل آهي. انگريزن به هتان جي عوام کي سمجھائڻ لاءِ اهڙو ادب تخليق ڪرايو، جنهن سان شهنشاهت جي پرچار ٿئي. ان ڏس ۾ هنن ڪي قصا ترجمو ڪرايا، جن ۾ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ چاهي ته سنڌ وارن تي هنن زوريءَ حڪومت نه آندي آهي. “سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري” جي ڳالهه ۾ آفيسر شاهي واري ذهنيت جو پرچار ڪرڻ ۽ وقت جي حاڪم جي قوت کي به تسليم ڪرائڻو هو. “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” ۾ زميندار جي ڪردار کي اڀاريو ويو جيڪو جاگيرداري نظام جي اهم ڪڙي آهي. انگريز زميندارن ۽ جاگيردارن جي زور تي حڪومت ڪندو رهيو. انهن ڪهاڻين جو بنيادي نقطو انگريز راڄ ۽ سردار سان سهڪار ڪرڻ هو.”ايسپ جون آکاڻيون“ قديم سماج جي حوالي سان ڪهاڻيون آهن جن ۾ عقل ذهانت ۽ نصيحت ملي ٿي. “سڀا جو سينگار” جو مرڪزي خيال اهو آهي ته بادشاهي نظام کي ڪيئن قائم رکجي، تنهن لاءِ چوڏهن هدايتن کي قصي جو موضوع بنايو ويو آهي. سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو “راسيلاس ڪيو ويو. هن ناول ذريعي شهنشاهيت جي پرچار ۽ خدائي خوف جو درس ڏنو ويو.ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول ، “طلسم” آهي. هي ناول عيسائين ۽ مسلمانن جي صليبي جنگين تي ٻڌل هو.

حوالا

1. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس“ (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 33
2. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “181ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 1 ،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995ع
3. لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي: حوالو ،ناسف علي شيراز، ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي“، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2004ع
4. ناسف علي شيراز: سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، ،سنڌي ادبي بورڊ 2004ع
5. ساڳيو حوالو
6. ناسف علي شيراز: ”سنڌي ٻوليءَ جون نام مالاهون“(سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، مارچ 2011ع، ص 22
7. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“ ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 217
8. ساڳيو حوالو، ص220
9. ساڳيو حوالو، ص 227
10. شيراز ناسف علي: ”سنڌي ٻوليءَ جون نام مالهائون“سنڌي ٻولي- (تحقيقي جرنل) سنڌي لئنگويج اٿارٽي، مارچ 2011
11. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 307، 308
12. ناسف علي شيراز: سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، ،سنڌي ادبي بورڊ 2004ع
13. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي برڊ، ڄامشورو، 1995ع
14. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1972ع، ص 257
15. ڊاڪٽر غلام علي الانا : “سنڌي نثر جي تاريخ” ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص 11
16. ساڳيو حوالو، ص 11
17. پير حسام الدين راشدي: ”سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب“، ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1953ع
18. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾حصو“ (پي ، ايڇ. ڊي ٿيسز، قلمي)، ص 445
19. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“، (انگريزيءَ ۾)سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
20. ڊاڪٽرمحمد يوسف پنهور: ”سنڌي ناٽڪ جي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1992ع، ص 18

درسي ڪتابن ۾ نثري ادب جو ڪلاسيڪل دؤر

1853ع ۾ انگريزن جي ئي ڪوششن سان موجوده سنڌي عربي لپيءَ جو روپ جڙي راس ٿيو. ان ڪري ڪن عالمن ۽ اديبن سنڌي اوائلي نثر جون حد بنديون به ڪيون آهن. مثال طور “لالسنگهه اجواڻيءَ شايد اڌ صديءَ جو خيال رکي 1853کان 1907ع جي عرصي کي سنڌي نثر جو اوائلي دؤر ڪري ٿو ليکي“.(1) مرليڌر جيٽليءَ جي چوڻ موجب 1914ع ۾ “سنڌي ساهت سوسائٽيءَ” جو بنياد پيو. ان سوسائٽيءَ جو سنڌي ادب ، خاص ڪري پوءِ جي سنڌي نثر جي اوسر تي ڪافي گهڻو اثر پيو. ان ڪري سنڌي نثر جو اوائلي دؤر 1914ع تائين مڃڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ نثر جو ٻيو دؤر ليکڻ گهرجي“.(2) مگر اسان پنهنجي حد 1900ع تائين قائم رکون ٿا.
”سر بارٽل فريئر پنهنجي ايامڪاريءَ جي نون سالن ۾ درسي نوعيت جا ڪتاب، آکاڻيون، گرامر، رياضي ، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا 26 آڳاٽا ۽ بنيادي ڪتاب ڏئي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڇپجڻ جو مضبوط بنياد رکيو. هن صاحب ليکڪن ۽ پريس جي مالڪن کي محنتاڻي جي سٺي اجرت ڏني. ڪتاب لکڻ تي روڪ انعام به ڏنائين. اهو سندس ئي محنت جو نتيجو هو جو پهرين ٻن ڏهاڪن (1851ع کان 1870ع) دؤران تعليم کاتي پاران تعليم ۽ ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ 98 سنڌي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا. اهو سنڌي ليٿو گرافيءَ جو سونهري دؤر ليکجڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ ڪيترن مشهور ڪتابن جي هڪ ايڊيشن جون 3000 ڪاپيون به ڇپيون“.(3)
1851ع ۾ هڪ قديم مخطوطو “حڪايت الصالحين” سرڪاري خرچ تي ڇاپي پڌرو ٿيو. 1852ع ۾ ٻيو ڪتاب “دوسا ڀائي جا جملا” چئن زبانن ۽ چئن ڪالمن ۾ ڇاپي عوام آڏو آندائين. ٽئين ڇپائي سنڌي الفابيٽ جي ھئي، جولاءِ 1853ع ۾ ايلس واري ڪميٽيءَ طرفان مقرر ڪيل الف-ب ۾ چند اکرن جي ردو بدل سان جيڪا پٽي شايع ٿي، ان کي پھريون دفعو مشن ھائوس جي طرفان چارٽ ذريعي عام ڪيو ويو.
هن دور جي نثري ادب جي ترقي لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته؛ ”حڪومت طرفان سنڌي ادب کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ واري تحريڪ، سنڌي مصنفن ۾ فطري طور پنهنجي ادب کي اجاگر ڪرڻ جو چاهه جاڳيو. انهن ۾ ديوان ننديرام، اڌارام، پرڀداس، قاضي غلام علي، سيد ميران محمد شاهه اول، آخوند عبدالرحيم، مرزا علي رضا، مرزا صادق علي بيگ ۽ ديوان ڪيولرام خاص طور برک هئا. ديوان ننديرام جو قدم انهن سڀني ۾ اڳيان اڳيان هو. انهن بزرگن هر موضوع تي خاص طور تاريخ، وياڪرڻ، حساب، جاگرافي، آلجبرا، علم بدن ۽ منطق تي ڪتاب تيار ڪيا“.(4) ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکيو آهي ته؛ ”اوائلي دؤر جي نثر نويسن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو مختلف علمن لاءِ سنڌيءَ ۾ جوڙيل علمي اصطلاحن (Technical Terms) جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جو سنڌي علم ۽ ادب تي سندن دائمي احسان وانگر آهي. سنڌيءَ ۾ تعليمي ضرورتن کي نباهڻ لاءِ جڏهن پهريون ڀيرو مختلف علمن جهڙوڪه تاريخ، جاگرافي، حساب، جاميٽري، آلجبرا وغيره جا ڪتاب جوڙيا ويا، تڏهن سڀ کان دقيق مسئلو انهن نون علمن جي اصطلاحن بنائڻ جو هو، ڇاڪاڻ جو سنڌيءَ ۾ڪڏهن به ان قسم جا علمي ڪتاب اڳي نه لکيا ويا هئا. مثال طور اڳي رياضيءَ جي علم متعلق اصطلاح جهڙوڪ اڻپور، ڏهائي ، مور، وياج، راس، پاڇي، ونڊ، جوڙ ، ڪٽ، وڏو عام پورو ونڊيندڙ، ننڍي عام ڀڃ اپت وغيرهه“.(5)
مطلب ته درسي ڪتابن جو دؤر سنڌي نثر جو بنيادي ۽ ڪلاسيڪل دؤرآهي. هن دؤر ۾ سنڌي زبان سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي لفظن جو سنڌي زبان ۾ استعمال ٿيو ۽ نوان سنڌي لفظ پڻ جڙيا. جيتوڻيڪ ليکڪن جي صورتخطيءَ ۾فرق آهي، مگر هنن ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن. ان سان گڏوگڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي لفظن جا متبادل لفظ سنڌي نثر ۾ر ائج ڪيا.

سائنسي علمن جا ڪتاب
اوڻوهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ انگريزن سنڌ ۾اسڪول قائم ڪيا، استاد ڀرتي ڪيا ۽ درسي ڪتابن جي اشاعت جو هڪ سلسلو شروع ٿيو . هن دؤر جي نثري ادب ۾ پهريون دفعو سنڌي زبان ۾ سائنسي علمن کي باقاعده هر اسڪول ۾ پڙهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. هر سائنسي علم جا ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. ان سلسلي ۾ فطري سائنس، سماجي سائنس، معاشي سائنس ، آرٽ وغيره سنڌي زبان ۾ لکجڻ شروع ٿيا. شروعاتي ڪوششون تعليم کاتي جون هيون، جنهن جي سرپرستيءَ ۾ رياضي، جاميٽري، علم ڪيميا، نباتات، حياتيات، کيتيءَ جو هنر، صحت ۽ صفائي، ڊرائنگ، جاگرافي، تصوير ٺاهڻ جو هنر، فلڪيات، سماجيات، سياسات، اقتصاديات، قانون وغيره جا ڪتاب پهريون دفعو سنڌي زبان ۾شايع ٿيا. رياضيءَ جي سلسلي ۾ ڪوڙيمل جو ”تحرير اقليدس“ (1863ع) جاميٽريءَ جي سلسلي ۾ مرزا صادق عليءَ جو ”استعمالي جاميٽري“ (1888ع) اهم آهن. جڏهن ته ڪوڙيمل جو ”علم ڪيميا“ (1892ع) ۽ مرزا صادق جو ”آغاز علم نباتات“ 1894ع) به قابل ذڪر آهن. ٻين ڪتابن ۾منشي ننديرام جو”چٽ جي پاڙ“ (1852ع) جو ميران محمد شاهه جو ”آڪاسي نروار“ (1856ع)، ننديرام جو ”سکائتو نروار“ (1860ع) وغيره اهم آهن“.(6)
اھڙي طرح رياضيءَ جا ڪتاب پڻ شايع ٿيا، جن ۾ پھريون ڪتاب 1750 روپين جي لاڳت سان شايع ٿيو. ھڪ ٻيو ڪتاب آلجبرا جو پڌرو ڪيو ويو. اھو 60 صفحن جو ننڍڙو ڪتابڙو ھو. ان جون 1300 ڪاپيون ڇپيون اھو ڪتاب ڇھھ آنا في ڪاپي وڪرو ٿيو. ان کان علاوه هي ڪتاب اهم آهن؛ ”ضبطي ڪتاب“ (1854ع)، ”پئماشي ڪتاب“(1855ع)،”ليکي جو ڪتاب“، ”نقشه خروار“(پرمانند حيدرآبادي، 1856ع)،”ڪتاب جبر و مقابله“(وشواناٿ نارائڻ ۽ ننديرام، 1850ع)، ”کوڙن جو ڪتاب“(1877ع)،”دل جي يا زباني حسابن جي واٽن جو ڪتاب“ (1877ع) اهم آهن.
ٽيڪمداس ايسرداس جواهري جو اڻويهين صديءَ جي اوائلي نثر نويسن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو.سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب “هنر تصوير” (The Art of Photography) جي نالي سان 1872ع ۾ پڌرو ڪيائين. تصوير تيار ڪرڻ جا سمورا مرحلا نهايت سهڻي نموني ۾بيان ڪيا اٿس. سمجهاڻيءَ خاطر شڪلين جو سهارو به ورتو اٿس، جنهن ڪري ڪتاب زياده ملهائتو بڻجي پيو آهي. ڪتاب، ارڙهن فصلن ۾ ورهايل آهي ۽ هر فصل ۾ وري ننڍا ننڍا عنوان آهن. نثر جو نمونو ڪتاب جو ديباچي مان هيٺ ڏجي ٿو
“گهڻن ڏينهن کان هن قسم جي ڪتاب جي گهرج هوڻ ڪري هي ڪتاب لکيو ويو آهي. انهيءَ مطلب تي ته جن صاحبن کي تصوير سکڻ جو شوق و فائدو يا خوشيءَ لاءِ هجي سي صاحب هن ڪتاب کي ڪم ۾آڻي فائدو وٺن، هن ڪتاب ڏيڻ ۾ ائي نٿو چئجي ته ڪو هي ڪتاب ڪماليت تي پهچايو ويو آهي پر هن مطلب کي هي ڪتاب ٺاهيو ويوآهي سو مطلب اميد آهي ته پورو ڪندو. لکندڙ جي مراد اها آهي ته ڪتاب اهڙي قسم جو ڏجي جنهه مان جي صاحب انگريزيءَ مان واقف نه آهن سي هن ڪتاب جي وسيلي سان بنا استاد تصوير ڪڍڻ جو ڪم سکي سهگن ٿا. تهنلاءِ ڪيتريءٌ ئي شڪليءٌ ڏنيءٌ وييءٌ آهن .جي گهڻو مددگار ٿينديءٌ ۽ چڱيءَ طرح سان ڏيکارينديءٌ ته تصوير ڪڍڻ جو ڪم ڪهڙيءَ طرح سان ڪجي“.(7)
1899ع ۾ سنڌ ۾ هڪ ٻيو منفرد ڪتاب پريم چند اوتراءِ جهانگياڻي جو ”ڊوميسٽڪ اڪنامي ۽ سئنٽري سائنس“ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ گهرو انتظام ۽ تندرستي بابت اهم معلومات ڏنل هئي. اھڙن درسي ڪتابن سان گڏوگڏ گرامر، لغت، ٻوليءَ جي ٻين شاخن جي طرف به ڌيان وڌيو ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ لڳا. اخبارون، رسالا، ماھوار ۽ ھفتيوار ۽ روزانھ جي بنياد تي جاري ٿيڻ لڳا.

جاگرافيءَ جي علم جي ترقي
”انگريزن جي اوائلي دور سنڌي زبان ۾ جاگرافيءَ جي اهميت ۽ ڪتابن جي لحاظ کان عروج جو دور هو. هن دور ۾ سنڌي ۽ انگريزي ۾ جاگرافي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. هن دور ۾ سنڌي زبان ۾ جيڪي به جاگرافيءَ جا ڪتاب لکيا ويا، انهن مان اڪثر تعليمي مقصدن خاطر لکيا ويا، جن جا ليکڪ اسڪولن جا استاد هئا. جيڪڏهن انهن کي موضوع وار الڳ ڪجي ته، انهن کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
(1) دنيا جي جاگرافي
(2) مختلف کنڊن جي جاگرافي
(3) هندستان جي جاگرافي (جنهن ۾ بمبئي کاتي جي جاگرافي به شامل آهي)
(4) سنڌ جي جاگرافي (جنهن ۾ ائٽلس جاگرافي به شامل آهي)
(5) سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن جي جاگرافي
1854ع ۾ ننديرام ميراڻي ”ڌرتي نروار“ لکيو، جنهن ۾ هن بنيادي ڄاڻ مهيا ڪئي. هن مختلف ڪلاسن لاءِ جاگرافيءَ جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”دنيا جي مختصر جاگرافي“ (مهاديو شاستري سان گڏ)، ”سيکائنو نروار“ (1861ع) ۽ ”جغرافيه جديد“ (مهاديو شاستري سان گڏ 1861ع) شامل آهن. 1856ع ۾ سيد ميران محمد شاهه (اول)”آڪاسي نروار“ لکيو. هن ڪتاب ۾ خاص طور شمسي نظام جي معلومات ڏني وئي. 1856ع ۾ مشهور ماهرِ تعليم ڪوڙيمل چندن مل ”املهه علم طبعي“ لکيو، جنهن ۾ هن خاص طور طبعي جاگرافيءَ جي معلومات مهيا ڪئي آهي. عام معلوماتي جاگرافيءَ جي لحاظ کان تارا چند شوقيرام جو ”فزيڪل جاگرافي“ (1885ع)، واحد بخش جو ”ٽي جلدي علم طبعي“ (1874ع) اهميت وارا آهن.
جيڪڏهن مختلف کنڊن جي جاگرافيءَ جي ڪتابن جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ اهم نالو هري سنگهه جو ملندو. هن جي ڪتابن ۾ ”ٽي جلدي جهان جي جاگرافي“ (1888ع)، ”ٻه کنڊي جاگرافي يعني ايشيا ۽ يورپ جو مختصر نروار“(1884ع)،”انگلينڊ ۽ آمريڪا جي مختصر جاگرافي (1884ع)، ”جاگرافي يورپ آمريڪا ۽ آفريقا“ (1884ع)، ”آفريقا ۽ آمريڪا جي جاگرافي“ (1884ع)، ”هندستان جي مختصر جاگرافي“ (1885ع) ۽ ”سنڌ جي تمام مختصر جاگرافي“ (1900ع) وغيره اهم آهن. ان سلسلي ۾ ٻيو اهم نالو تارا چند شوقيرام جو آهي. سندس جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ ”دنيا جي جنرل جاگرافي“ (1886ع)،”فزيڪل جاگرافي سوالن جوابن ۾“ (1885ع)، ”يورپ کنڊ جي جنرل جاگرافي“ (1885ع)، ”يورپ کنڊ جي تفصيلوار جاگرافي“ (1886ع)، ”ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي“ (1885ع) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. هڪ ٻئي جاگرافيءَ جي استاد بگومل تلسيداس سڃان سنگهاڻيءَ به ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”آفريڪا، آمريڪا ۽ ايشيا جي جاگرافي (1893ع)، ”يورپ کنڊ جي جاگرافي“ (1893ع)، ”ايشيا کنڊ جي جاگرافي“ (1893ع) ۽ ”هندستان جي جاگرافي“ (1894ع) وغيره اهم آهن. جڏهن ته ٻين ڪتابن ۾ واحد بخش جو ”ٻه کنڊي جاگرافيءَ “ (1893ع)، محمد يوسف جو ”جاگرافي ايشيا ۽ يورپ جي جاگرافي“ (1897)، عبدالحق جو ”ايشيا کنڊ جي جاگرافي“ (1888ع)، جمال الدين جو ”ايشيا کنڊ جي جاگرافي“ (1898ع) وغيره اهم آهن. دنيا ۽ مختلف کنڊن کان علاوه گڏيل هندستان ۽ ان وقت جي بمبئي حڪومت هيٺ هلندڙ رياستن جي گڏيل جاگرافيءَ جا ڪتاب پڻ لکيا ويا. اهڙن ڪتابن ۾ سنڌ جي جاگرافي به شامل هوندي هئي. ان سلسلي ۾ اتمچند تارا چند جو ”هندستان جي جاگرافي“ (1875ع)، محمد رمضان آخوندجو ”هندستان جو مختصر نروار“ (1882ع)، عبدالحق جو ”هندستان جي مختصر جاگرافي“ (1888ع)، کيمچند شوقيرام جو ”هندستان جي مختصر جاگرافي“ (1893ع)، ساڳي نالي سان فقير محمد به 1893ع ڪتاب لکيو. بمبئي کاتي جون مختصر جاگرافيءَ جا ڪتاب هريسنگ به ڪافي لکيا“.(8)
سنڌ بابت مڪمل جاگرافيءَ جو ڪتاب 1865ع ۾ نارائڻ داس جڳناٿ وئديه ”سنڌ جو نروار“ نالي سان لکيو. هي هڪ مختصر ڪتاب آهي، پر اهو ڪيترن ئي سالن تائين سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪورس طور رهيو. سنڌ جي جاگرافيءَ تي گهڻا ڪتاب محمد يوسف لکيا. سندس ڪتابن ۾ ”جاگرافي ايشيا ۽ يورپ“ (1898)، ”بمبئي کاتي جي جاگرافي“ (1896) وغيره اهم آهن. شيخ عبدالحق جاگرافيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. جڏهن ته محمد رمضان آخوند جو ”سنڌ جو مختصر نروار“ (1876)، بولچند ڪوڏومل جو ”سنڌ جو ڌرتي نروار“ (1865)، فقير محمد جو ”سنڌ جي مختصر جاگرافي“ (1898)وغيره اهم ڪتاب آهن“.(9)

سنڌي زبان ۾ تاريخ نويسي
قديم دور کان وٺي سنڌ علم ۽ دانش جو مرڪز رهي آهي. سنڌ، برصغير جو اهو خطو آهي، جنهن تي صدين کان ڪاهون ٿيون. سنڌ جي تاريخ جا اوائلي داستان به غير سنڌي مؤرخن جي ڪتابن ۾ ملن ٿا. عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ سنڌ شناسي تي بي شمار ڪتاب موجود آهن.عربن سنڌ بابت جيڪي به ڪتاب لکيا آهن يا حوالا ڏنا آهن، انهن ۾ اڪثر ڪري جاگرافي، ملڪي تاريخ، علم ۽ ادب، سماجي حالتون ۽ اسلامي فتحن جو ذڪر آهي. اهي ڪتاب گهڻو ڪري سفرنامن تي منبي آهن.
سنڌ ۾ فارسي زبان جي هڪ وڏي تاريخ آهي. فارسي ڪيتريون ئي صديون سنڌ جي سرڪاري زبان رهي آهي. سنڌي اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ تعليم فارسي زبان ۾ ڏني ويندي هئي. سنڌ جي اوائلي علم وَ ادب جو گھڻو ذخيرو فارسي زبان ۾ آهي. سنڌ جون تاريخون گھڻو ڪري فارسي زبان ۾ لکيل آهن. سنڌ ۾ نه فقط ٻاهران آيل فارسيدانن جا ڪتاب لکيل آهن پر خود سنڌي عالمن، اديبن جون تحريرون ۽ ڪلام فارسي زبان ۾ جَجھي انگ ۾ موجود آهن.
اوڻوهين صديءَ ۾نثري ادب ترقيءَ سبب سنڌ جي تاريخ بابت ڪتاب نه فقط سنڌيءَ ۾لکيا ويا، مگر دنيا جي ٻين ملڪن جون تاريخون به سنڌي زبان ۾لکيون ويون. تاريخ جي ڪتابن لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ واسطي انعام رکيا ويا. ان سلسلي ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا، انهن کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
• دنيا جي تاريخ
• انگلينڊ جي تاريخ
• هندستان جي تاريخ
• سنڌ جي تاريخ
ان سلسلي ۾ اڌارام ٿانورداس جي ”دنيا جي مختصر تواريخ“ (1873ع) ، ڪوڙيمل جي ”ڪولمبس جي تواريخ“ (1862ع) به اهم آهن. انگريز سرڪار انعام اڪرام ڏئي انگلينڊ ۽ هندستان جون تاريخون به جام لکرايون. انگلينڊ جي تاريخ جي سلسلي ۾ واڌو مل چنديرام جي ”منتخب تواريخ انگلينڊ“ (1862ع) ، پرڀداس آنند رام جي ”انگلينڊ جي تواريخ“ (1868ع)، تارا چند شوقيرام آڏواڻيءَ جي ”انگلينڊ جي تواريخ“ (1868ع) ۽ بولچند ڪوڏومل جو ڪتاب ”انگلينڊ جي تواريخ“ (1892ع) اهم ڪوششون آهن.
اهڙي طرح هندستان جي تاريخ بابت به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ غلام علي قاضيءَ جو ”هندستان جي تواريخ“ (1854ع)، پرڀداس قسمتراءَ جو ”هندستان جي تواريخ“ (1863ع)، گل محمد جو ”هندستان جي مختصر تواريخ“ (1880ع)، واحد بخش جو ”نوٽ بڪ تواريخ هند“ (1892ع) اهم آهن. هري سنگهه ڊنگو مل ۽ پرتاب راءِ ٽيڪمداس جون به تاريخون شايع ٿيون.
هي سڀئي تاريخون اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ لکيل هيون ۽ انهن مان گهڻيون تاريخون خود انگريز سرڪار پنهنجي ناما چاريءَ ۽ پنهنجي مشهوريءَ لاءِ شايع ڪرايون.
اوڻوهين صديءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جابه ڪيترائي ڪتب منظرعام تي آيا. سڀ کان مشهور ڪتاب ننديرام ميراڻيءَ جو “سنڌ جي تاريخ” (معصومي) 1855ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب تي مترجم کي تمام گهڻا انعام ۽ اڪرام ڏناويا. ٻين ڪتابن ۾آلومل ٽيڪمداس جو ”سنڌ جي مختصر تواريخ“ (1868ع) محمد رمضان آخوند جو ”سنڌ جي تواريخ“ (1876ع)، عبدالحق جو ”سنڌ جي سهنجي مختصر تواريخ“ (1888ع)، محمد اسلم جو ڪتاب ”سنڌ جي تمام مختصر تواريخ“ (1891ع) وغيره اهم آهن.
اوڻوهين صديءَ ۾ سنڌ جي تاريخ کانسواءِ ٽالپرن جي دور حڪومت جي تاريخ به لکي وئي. اوائلي تاريخ نويسن ۾ منشي اوتراءِ صاحبراءِ ملڪاڻي جو نالو به اهم آهي. هو ميرن جي درٻار سان وابسطه هو . سن 1896ع ۾ ڪجهه دوستن جي اصرار تي ”ميرن جي پوين ڏيهن جو احوال“ لکيائين. جيمس برنس جي ڪتاب جو ترجمو بولچند ڏيارام’سنڌ جي تاريخ‘ (ميرن جي درٻار)جي عنوان سان 1899ع ۾ ڪيو.
ان وقت سنڌي اسڪون ۽ ڪاليجن ۾ تاريخ جي مضمون کي خاص اهميت حاصل هوندي هئي. شاگردن کي ملڪي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جي تاريخن سان روشناس ڪرايو ويندو هو.


حوالا

1. لالسنگهه اجواڻي :”سنڌي ادب جي تاريخ“، (سنڌيڪار هيرو شيوڪاڻي)،سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع، ص 234
2. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 33
3. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995ع
4. ڊاڪٽر غلام علي الانا : “سنڌي نثر جي تاريخ” ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص 12
5. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي:”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع، ص 385
6. پير حسام الدين راشدي: ”سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب“، ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1953ع
7. ٽيڪمداس ايسرداس جواهري: ”هنر تصوير“،1872ع
8. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي زبان ۾ جاگرافيءَ جي مضمون جو ماضي، حال ۽ مستقبل“، روزانه ڪاوش ، 2004ع

ادبي صنفن جي ترقي جو بنيادي دور

هن دؤر کي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌي نثر جي ٻهو مکي وڪاس جو دؤر (1865ع –1900ع) سڏيو آهي. هو لکي ٿو ته “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اوسر جي لحاظ کان ڏسجي ته پهريئن دؤر ۾ سنڌي تعليمدانن ۽ اديبن جو گهڻو ڌيان درسي ۽ ادبي ڪتابن تيار ڪرڻ طرف هو. ان ۾ هنن جي سامهون مکيه مسئلو هو سنڌي ٻُوليءَ ۾ نوان نوان ٽيڪنيڪي ۽ اصطلاحي لفظ ڳولڻ يا گهڙڻ، جيئن نون موضوعن ۽ ويچارن جي اظهار لاءِ سنڌي ٻُوليءَ ۾ گهربل قوت پيدا ڪري سگهجي. پر ٻئي دؤر ۾ سنڌي نثر جي ٻولي ۽ عبارت ۾ گهڻي قدر پختائي ۽ نزاڪت پيدا ٿي پئي. پهرئين دؤر ۾ سنڌي نثر ۾ گهڻيون رچنائون ترجما ۽ الٿو هيون، پر ٻئي دؤر ۾ نثر جدا جدا شاخن ۾ ترجمن سان گڏوگڏ اصلوڪين رچنائن جي به شروعات ٿي“.(1)
جڏهن ته هن دؤر لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته ؛ “ 1864ع کان وٺي 1910ع واري زماني ۾ سر سيد احمد خان جي تحريڪ جو اثر، برصغير جي ٻين خطن وانگر هو، سنڌ تي به گهڻو ٿيو. ان جي اثر جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا ميدان ۾ آيا. سنڌ ۾ ”انجمن محمدي قائم ٿي، جنهن جي زير اهتمام، 1875ع ۾ ڪراچيءَ مان هفتيوار ”معاون“ اخبار جاري ٿي. 1881ع ۾ ”معين الاسلام“ نالي اخبار ڪڍي. 1882 ع ۾ سنڌ سرڪار به تعليم کاتي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي اخبار شروع ڪئي. مرزا صادق علي بيگ ۽ ساڌو هيرانند ، هن اخبار جا ايڊيٽر مقرر ٿيا. ٻن سالن کان پوءِ يعني 1884ع ۾ اها اخبار ”سنڌ سڀا“ هڪ ادبي جماعت جي حوالي ڪئي ويئي، جنهن جا باني ساڌو هيرا نند ۽ ٻيا صاحب هئا. هن اخبار سنڌي ادب جي گهڻي قدر خدمت ڪئي. نظم توڙي نثر جي اشاعت ۾ هن اخبار وڏو ڪم ڪيو“.(2)
هن دور ۾ نه صرف نثري ڪتاب لکيا ويا پر ٻين ٻولين تان ترجمو بھ ٿيڻ لڳا. دنيا جي بھترين تصنيفن ۽ اعليٰ معيار وارن مصنفن کي سنڌي زبان ۾ترجمو ڪيو. ھنن انگريزي، فرينچ، جرمن، روسي، عربي، فارسي، ترڪي، ھندي، بنگالي، سنسڪرت، گجراتي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل اعليٰ پايي جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انھن ۾ قرآن شريف، توريت، انجيل، زبور، مھاڀارت، رامائڻ، گيتا جھڙن ديني ڌرمي ۽ مقدس ڪتابن کي سنڌي زبان جو ويس وٺايو، دنيا جي مشھور مفڪرن، اديبن ۽ عالمن ، اديبن، عالمن، فاضلن جا فلسفيانھ خيال ۽ ٻيو مواد سنڌيءَ ۾ آندو ويو. اھڙي طرح پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم کان وٺي حضرت عيسيٰ عليھ السلام، حضرت موسيٰ عليھ السلام، حضرت ابراھيم عليھ السلام، توڙي ٻين پيغمبرن کان سواءِ خلفاءِ راشدين، امامن، اصحابن، ولين ۽ درويشن جا احوال بھ سنڌي زبان ۾ ڇپجي چڪا آھن.
ھن دؤر ۾ خود انگريز ۽ يورپي اديبن سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ ۽ ٻين شاھھ لطيف ۽ سنڌ جي ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جا رسالا شايع ڪرايا. رچرڊ برٽن، سر ھينري ميئرس، اي بي ايسٽوڪ، جان جيڪب،مسٽر ايلس ، جارج اسٽئڪ، ڊڪسن، آرٿر، گولڊ سمڊ وغيره جون خدمتون ساراھھ جوڳيون آھن.
مطلب ته اوڻوهين صدي جديد نثر نويسيءَ جو اهم دؤر هو. جڏهن علم و ادب جي هر صنف سنڌي ادب ۾ ترقي ڪئي. ناول، ڪهاڻي/ آکاڻي، انشاءَ، ناٽڪ، تنقيد، تحقيق، سفرنامو، مضمون نگاري، لغت نويسي،گرامر نويسي، پهاڪا، ديني ۽ مذهبي ادب ۽ ٻيون ادبي صنفون شامل آهن. هن دؤر ۾ڪيترائي اهم نثر نويس پيدا ٿيا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، ننديرام، جهمٽمل نارومل، ڏيارام گدومل، ديوان ڪوڙو مل، امام بخش ”خادم“، شمس الدين ”بلبل“ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ڪي نثر نويس هن دؤر ۾ اڃا نوان هئا، سندن علمي خدمتون بعد ۾ سامهون آيو، انهن ۾ ڀيرو مل مهرچند ، لعلچند امرڏنو مل، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، پرمانند ميوارام، ڊاڪٽر عمربن دائود پوٽو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد هاشم مخلص ۽ ٻياڪيترائي عالم ۽ اديب شامل آهن.

لوڪ داستان زباني روايت کان اشاعت تائين
لوڪ ڪهاڻي يا لوڪ داستان، لوڪ ادب جو اهم حصو آهن، جن ۾ انساني گروه جون مجموعي طرح دنيا جي سڀني قومن جي پراڻن آثارن جا دستاويز هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن سان انسان ذات جي ڪنهن زماني جي ريتن ، رسمن، ڀرمن ۽ نفسياتي لاڙن جي ذهني ارتقا جي تاريخ جي خبر پوي ٿي. سنڌي داستانن جو پيرو کڻنداسين ته اهو ڏور ڏور تائين سنڌ جي ساحلن کان وٺي ٿاريلي ٿاڪن تائين ڦهليل ملندو، اهي قصا تحريري ثبوت بجاءِ سيني به سيني ۽ نسل در نسل پنڌ ڪندا اسان تائين پهتا آهن. ان وقت سنڌ ۾ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو فن عام هو، ان جو سبب اهو هو جو سنڌ جو علائقو طبعي طور زرخيز ميدانن، ريگستانن ۽ جابلو وادين ۾ پکڙيل آهي. ان کانسواءِ سامونڊي توڙي درياهي بندرگاهن جي گهڻائي ڪري مسافرن جي ريل پيل رهي آهي. ان ڪري سنڌ جي هر علائقي سان منسوب ڪونه ڪو داستان ملي ٿو. سندن مقصد اخلاقيات جي تبليغ ۽ بهادرن جا ڪارناما ۽ عشقيه داستان هوندا آهن“.(3)سنڌي لوڪ ادب عشقيه ، نيم عشقيه ، رزميه ۽ دنيا جي ٻين به لوڪ ڪهاڻين سان به مالا مال آهي. مثال طور تي سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار ، دودو چنيسر ، مومل راڻو، مورڙو ميربحر وغيره.لوڪ داستان يا لوڪ قصا، سنڌ ۾خاص طور تي سومرن جي دؤر کان نثري ادب ۾ زباني طور هلندا پئي آيا. ڪيترائي لوڪ داستان فارسي زبان ۾ به قلمبند ٿي چڪا هئا. سنڌي اساسي شاعريءَ جو اساس آهي ئي ٻڌل لوڪ داستانن تي.
جڏهن اوڻوهين صديءَ جي نثري ادب جي ترقي ڪئي، تڏهن لوڪ داستانن کي نثر ۾ لکڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿي ۽ بيشمار ڪتاب نظم توڙي نثر ۾ شايع ٿيڻ لڳا. لوڪ داستان نه صرف عربي سنڌي رسم الخط ۾ شايع ٿيا، مگر ديوناگري خط ۾به لکيا ويا ۽ ڪتابي صورت ۾ آيا. ساڳن داستانن کي مختلف ليکڪن پنهنجي نقطه نگاهه سان وري وري لکيو. 1881ع ۾ اڌارام ٿانورداس ”ڳالهه دودي چنيسر جي“ لکيو. ساڳي داستان محمد يوسف ديوناگري خط ۾ ”دودو چنيسر“ جي نالي سان 1893ع ۾ شايع ڪرايو. ميجر گولڊ سمڊ مشهور داستان ”سسئي پنهون“ 1863ع ۾ لکيو، جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو. اڌارام ٿانورداس ”راءِ ڏياچ جو قصو“ 1862ع ۾ لکيو، ڄيٺانند ”نئون قصو عمر ماروي“ 1890ع ۾ لکيو. پوڪرداس ڪيترائي داستان لکيا ۽ شايع ڪرايا. اهڙي طرح خوشيرام پڻ ڪيترائي داستان لکيا، جن ۾ ”قصو ڪامسين ڪامروپ“ (1889ع)، ”قصو سوداگر جي پٽ جو“ (1896ع)، ”قصو ملي ۽ مواليءَ جو“ (1889ع)، ”قصو اٺ ۽ گهوڙي جو“ وغيره اهم آهن.
لوڪ داستانن ۾ جتي هندو اديب اڳتي هئا، اتي مسلمانن ليکڪن جو به وڏو تعداد هو. مثال طور محمد يوسف،عبدالڪريم آخوند،عرض محمد، عبدالرحيم محمد وفا، ابراهيم دل، سيد حيدرشاهه، فتح محمد، واحد بخش، احمد خان جلباڻي، امام بخش خادم، پير بخش ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا.مطلب ته هن دور ۾ لوڪ داستان، زباني روايتن کان نڪري ڪتابي دنيا ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿيڻ لڳا.

قصه نويسيءَ جي ترقي
قصو نثر ۾ به لکي سگهجي ٿو ته نظم ۾ به. قصن ۾ انسان پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ بادشاهن، وزيرن، جنن، ديون ۽ پرين جا ڪردار ٺاهي، گڏو گڏ انهن قصن ۾ اصلاحي پهلو به سمايل هوندو آهي. انساني ازلي جنگ: برائي ۽ ڀلائي جي سلسلي ۾ هڪ ڪمزور انسانن جي طاقتور جنن، ڀوتن، ڏائڻين کي شڪست ڏئي ٿو. شهزادا، بادشاهه، ڀلائي جي علامت هوندا آهن ۽ ديو، ڏائڻيون وغيره برائي جون علامت هونديون آهن. قصي جو هيرو ڪنهن اڻ ڏٺل محبوب، شيءِ جي تلاش ۾ نڪري پوي ۽ وڏيون مصيبتون ڪشالا ڪڍي ٿو. پر سندس ارادا مضبوط آهن. نيٺ هو ڪامياب ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخشي خان بلوچ ٿو ته ”ڪهاڻيون آڳاٽي دور ۾ اسريون ۽ ڪافي آڳاٽي دور کان رائج ٿيون. اول جن به شخصيتن تي جيڪي ٿي گذريو سو انهن پنهنجي ساٿين سان بيان ڪيو، پوءِ سورمن جا ڪارناما وڏن ننڍن کي ٻڌايا ۽ انهن پنهنجي اولاد کي سڻايا، جئين وقت وچان پوندو ويو تئين حقيقتن تي حڪايتن جو رنگ چڙهندو ويو، تان جو حقيقي ڪشالا ڪارناما ۽ قصا ۽ ڪهاڻيون بڻجي ويا. سنڌي داستان گهڻو ڪري سڀ زباني روايتون آهن، جن کي سيني به سيني سانڍيو ويو. انهن داستانن جي خوبي اها آهي ته جنهن به ماڻهوءَ کي ڪا به ڪهاڻي ياد آهي ته هو ان کي پنهنجي زبان ۾ بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي ئي لفظن ۾ ادا ڪري ٿو. صرف داستان جو بنيادي خاڪو ساڳيو آهي، باقي اسلوب هر راويءَ جو پنهنجو آهي“.(4)
سنڌي نثر ۾ قصي نويسيءَ جي ابتدا انگريزن جي دور ۾ٿي. مير شفيع احمد علوي لکي ٿوته ” سنڌي نثر ۾ قصي نويسيءَ جو رواج برٽش حڪومت جي اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ پيو ، جڏهن ”ونهين ۽ ولهيءَ جي آکاڻي“، .ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“، ” سڌاتوري ۽ڪڌاتوري جي ڳالهه“ لکيا ويا، جي سڀ اخلاقي هئا.پوءِ رومانوي افسانا لکيا ويا، جن ۾ بادشاهن ۽ شهزادن جون ڳالهيون ، ديون ۽ پرين جون ڪهاڻيون ۽ جادوءَ جا ناشداني قصا ڏنل آهن. اهڙن افسانن لکڻ ۾ آخوند لطف الله هالائي ، احمد خان جلباڻي، حاجي امام بخش بدوي ، ماسترعلي بخش ۽ محمد حسين چڱو نالو ڪڍيو “.(5) اوڻوهين صديءَ ۾ به سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ترجمو ٿيل قصا شايع ٿيا ، جن ۾ ”گل خندان“ جو ترجمو آخوند لطف الله اردو جي مشهور قصن جي ڪتاب “تحفئه عجائب” تان ڪيو. ”الف ليليٰ“ کي سڀ کان پهرين 1895ع ۾ امام بخش خادم ترجمو ڪيو. ”داستان امير حمزه“ اصل فارسي ٻوليءَ مان ماستر احمد خان جلباڻيءَ ترجمو ڪيو. ”چار درويش“ اردو ٻوليءَ جو قصو آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ امام بخش خادم 1895ع ۾ترجمو ڪري شايع ڪرايو.“طوطي نامو” هنديءَ جومشهور ۽ مقبول قصو آهي، جنهن کي اڌارام سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ”گل بڪاولي“ به فارسيءَ جو قصو آهي، جنهن کي عبدالواحد بڙديءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عبدالرحيم وفا، به ڪيترا ئي قصا سنڌي ادب ۾ شامل ڪيا. مرزا قليچ بيگ جو ”هرڻيءَ جوقصو“ ۽ ”رستم“ پڻ قابل ذڪر آهن.
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته سن 1885ع ۾ ماستر هري سنگهه سکر مان سن 1886ع ۾ پوڪرداس شڪارپور مان ڪتاب ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. هنن گهڻو ڪري اردو تان داستان ۽ قصا ترجمو ڪري پيش ڪيا، جيڪي هندستان ۾ اڳي ئي ڇپجي چڪا هئا. انهيءَ کان سواءِ ٻيون به طبعزاد ڪهاڻيون، عشقيه ۽ مزاحيه قصا جي هئا ”کچڻي ماني“، ”ڪوئا ٻلي“ ، ”سس نونهن“ ۽ ”ٽوپي پڳ“ انهن قصن سان گڏ ڪيترائي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا به لکيا ويا، جهڙوڪه ”عمر مارئي“، ”دودو چنيسر“ ، ”سهڻي ميهار“، ”مومل مينڌرو“، وغيره. ان کان علاوه ڪيترائي ازغيبي ۽ ڪرامتي قصا ۽ ڪهاڻيون به هن دؤر جي سنڌي ادب جي پيداوار آهن، جن ۾ انساني عشق بازيءَ سان گڏو گڏ جن، ڀوت، ديو، پريون ڪردار طور پيش ڪيل هئا“.(6)

آکاڻي نويسيءَ جي ترقي
”آکاڻي“ جي معنيٰٰٰ آهي”ڳالهه“. آکاڻيءَ کي هندي ٻوليءَ ۾ ”ڪهاني“، عربيءَ ۾ ”قصو“، فارسيءَ ۾ ”داستان“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڳالهه“ چوندا آهن. انگريزن جي دور ۾ سنڌي الف - ب جڙي راس ٿيڻ سان ئي ۽ نثر نويسي تمام تيزيءَ سان ترقي ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادب ۾ نثري ادب ۾ آکاڻي نويسي نه صرف ترقي ڪئي پر افساني لاءِ به راهه هموار ڪئي. سنڌي ڪهاڻي جو سفر جيڪو داستان ۽ آکاڻي نويسي کان شروع ٿيو اهو پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪرڻ لڳو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ” ۾ ڪهاڻي نويسي واري باب ۾ هن دور سنڌي آکاڻيءَ کي ”وندر ۽ سکيا وارين آکاڻين جو دور “ سڏيو آهي.
سنڌي ادب ۾ جيڪي پهريون آکاڻيون ڇاپي هيٺ آيون، انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ۾ سنڌي ٻولي جي محسن ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جو هٿ هو. هن ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ڪتاب انگريزي - سنڌي ديوناگري لپيءَ ۾ لکيو، جيڪو 1849ع ۾ شايع ٿيو. اهي آکاڻيون ان کان اڳ زباني طور ته موجود هيون پر لکت ۾ ڪونه آيون هيون.”انهن ڪهاڻين جي اهميت ان ڪري آهي جو هي ڪهاڻيون آڳاٽيون سنڌي آکاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين مان آڳاٽي سماج ۽ ان ۾ درجي به درجي ٿيندڙ تبديلين کي پرکي سگهجي ٿو. اهي لوڪ آکاڻيون اڄ کان اٽڪل هڪ سئو ستر سال اڳ واري زماني جي سگهڙن جي آکاڻين کڻڻ جا سهڻا مثال آهن، ان سان گڏوگڏ هڪ سئو ستر سال آڳاٽي سماج جو مهانڊو انهن آکاڻين ۾ ڏسي سگهجي ٿو“.(7)

پهرين آکاڻي: هن ۾ هڪ ٻار تان جهڳڙو ۽ ٻن عورتن جي دعوى ته ٻار منهنجو آهي، ان آکاڻي جو بنيادي ۽ اهم نڪتو آهي. قاضيءَ جي ذهانت، انصاف جي تقاضا ۽ نفسياتي اثر جي ذريعي ٿيل انصاف ۽ سماجي جوڙ جڪ کي ظاهري ڪري ٿي.

ٻي آکاڻي: ٻه نوجوان پنهنجو ناڻو هڪ ٻڍي زال وٽ امانت طور رکن ٿا، ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ ڄڻو ٻئي کي مئل ڄاڻائي ٻڍي عورت کي امانت طور رکيل ناڻو وٺي وڃي ٿو، ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيو نوجوان اچي ناڻي جي گهر ڪري ٿو، ٻڍي زال کيس ٻڌائي ٿي ته تنهنجو دوست توکي مئل ڄاڻائي سڀ امانت مون کان وٺي ويو آهي، نوجوان کيس ڏوهاري ڪري ٿو. ڳالهه قاضيءَ تائين پهچي ٿي ۽ قاضي ان نوجوان کي چئي ٿو ته ٻيو ساٿي حاضر ڪر، هن عورت جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي.

ٽين آکاڻي: هن آکاڻي ۾ طنز ۽ مزاح جو عنصر شامل آهي، هيءَ ڪهاڻي هڪ واقعي تي ٻڌل آهي.

چوٿين آکاڻي: هن آکاڻي جو عنوان “شهزادي امل ماڻڪ ۽ شهزادي حسن پري” آهي. هن ڪهاڻيءَ جو موضوع حسن ۽ عشق آهي، ان سان گڏوگڏ بادشاهي واري دور جي نمائندگي ڪري ٿي.

پنجين آکاڻي: هيءَ آکاڻي “راءِ ڏياچ جي ڪهاڻي” جي عنوان سان ڏنل آهي، هن ۾ سخي ڏاتارن جي سخاوت، ٻن راڄڌانين جو جهيڙو هڪ عورت تان، آڳاٽي سنڌي سماج جي نمائندگي ڪري ٿي.
ليفٽيننٽ ڊبليو ڊي ڊڪسن سنڌي زبان جو هڪ گمنام آکاڻي نويس آهي. هو شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هو. هن 1851ع ۾گليڊ ون جي انگريزي ڪتاب “پرشين منشي” (Persian Munshi) جو سنڌيءَ ۾ترجمو ڪيو . هو ڪيپٽن جارج اسٽئڪ کان متاثر هو ۽ خداوادي خط جو حامي هو. هن سنڌي زبان جو خاص امتحان به خداوادي خط ۾ پاس ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ 50 ننڍڙيون آکاڻيون هيون، جيڪي 1852ع ۾“دوساڀائي جا جملا” سان گڏ شايع ٿيون.ان سان ثابت ٿيو ته ڪيپٽن جارج اسٽئڪ کان پوءِ ليفٽيننٽ ڊڪسن ٻيو انگريز عملدار هو، جنهن سنڌي زبان ۾ آکاڻيون ترجمو ڪيون“.(8)
”1890ع ڌاري گرداسمل ڪرپالاڻيءَ مشهور هندي آکاڻين جو ڪتاب ”بيتال پچيس“ (125 آکاڻيون) الف ليلى واري طرز تي لکيل ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپايو هو. 1890ع ڌاري ديوان هيراچند کيمسنگهه جي مهاڀارت تان ورتل آکاڻين ”ساتري“ به پڌري ٿي هئي، جنهن مان هن انگريز عالم جو سنڌيءَ مان به چڱو چاهه ظاهر هو“.(9)”سڀا جو سينگار“ (1894ع) ۾ مشهور آکاڻين جو ڪتاب سوڀراج هاسارام ڏسواڻي قديم هندي جي ڪتاب “پنج تنتر” تان ترجمو ڪيو. 1895ع ۾ ”دلپسند قصا“ نالي سان هڪ وندرائيندڙ ڪهاڻين جو ڪتاب، روچيرام گجومل ڪرپالاڻي جو لکيل پڻ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ وڻندڙ آکاڻيون ڏنل هيون. 1895ع ۾ هڪ ٻيو اڪثير ڪهاڻين جو ڪتاب “عجيب نقطا” نڪتو جنهن ۾ روچيرام گجومل جون لکيل اخلاقي آکاڻيون هيون“.(10)
نظرام لوڪومل پنواڻي جو ڪتاب “واندڪائي جي وندر” ڏاڍو مشهور ٿيو. هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ روحاني ۽ ڪرامتي آکاڻيون ڏنل هيون. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته “اهو ڪتاب به ٻالڪپڻ ۾ اهڙي چاهه وچان پڙهندا هئاسون، جو کائڻ پيئڻ وسري ويندو هو“.(11)
شروعاتي آکاڻيون حڪومت جي تعاون سان شايع ٿيون، انهن جو مقصد درسي گهرجون پوريون ڪرڻ هو. انهن آکاڻين ۾ سبق آموز مقصد رکيل هوندو هو، جيئن ٻار خاص طور تي اسڪولي شاگرد انهن مان ڪو سبق پرائي سگهن. اهڙي قسم جي هڪڙي آکاڻي “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” 1854ع ۾ غلام حسين قريشيءَ ترجمو ڪئي. ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۾ زميندار جي ڪردار کي اڀاريو ويو جيڪو جاگرداري نظام جي اهم ڪڙي آهي. انگريز زميندارن ۽ جاگيردارن جي زور تي حڪومت ڪندو رهيو. انهن آکاڻين جو بنيادي نقطو انگريز راڄ ۽ سردار سان سهڪار ڪرڻ هو. ٻي آکاڻي “سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه” 1855 ۾ ميران محمد شاهه ترجمو ڪئي هئي. هن آکاڻيءَ ۾ سٺن لڇڻن واري ٻار ۽ خراب صحبت واري ٻار جي زندگي بيان ڪئي وئي هئي. ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري“ جي ڳالهه ۾ آفيسر شاهي واري ذهنيت جو پرچار ڪرڻ ۽ وقت جي حاڪم جي قوت کي به تسليم ڪرائڻو هو. ديوان ننديرام ۽ بي ايڇ ايلس قديم انگريزي ڪهاڻين جو ترجمو “ايسپ جون اکاڻيون” جي نالي سان ترجمو ڪيو. هي قصا اخلاقي ۽ اصلاحي موضوعن تي هئا. هن ڪتاب ۾ ٻه سئو ٻه (202) مزيدار آکاڻيون آهن. ”ايسپ جون آکاڻيون“ قديم سماج جي حوالي سان ڪهاڻيون آهن جن ۾ عقل ذهانت ۽ نصيحت ملي ٿي. ”سڀا جو سينگار“ جو مرڪزي خيال اهو آهي ته بادشاهي نظام کي ڪيئن قائم رکجي، تنهن لاءِ چوڏهن هدايتن کي قصي جو موضوع بنايو ويو آهي.”طوطي نامو“ (اڌارام) ۽ ”بيتال پچيس“ جنهن مان پهريون سنسڪرت ۽ ٻيون هندي تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا. هنن ۾ الف ليليٰ جهڙي افسانوي ماحول سان گڏ نيڪي ۽ بدي جي جنگ ۾ ڪشمڪش ڏيکاريل آهي. ”طوطي نامو“ هڪ عورت جو دلچسپ قصو آهي“.(12)

ناٽڪ نويسيءَ جي ترقي
سنڌي ناٽڪ جا اهڃاڻ قديم دؤر کان موجود هئا، پر سنڌي ناٽڪ جو موجوده روپ ۾ انگريزن جي دؤر کان شروع ٿئي ٿو. سنڌ ۾ جيڪي پارسي۽ گجراتي ڪمپنيون پنهنجا ناٽڪ کڻي اينديون هيون انهن ۾”پارسي اوريجنل اوپيرا ڪمپني” ۽ “روز ٽاورز ڪاميڊي ڪمپني” مشهور هيون. الله بخش عقيلي ”سرشار“ لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ جيڪي ٻاهر کان ايندڙ ڪمپنيون ناٽڪ اسٽيج ڪرڻ اينديون هيون سي پاڻ سان گڏ عارضي ۽ ٻيو ناٽڪن جو سامان کڻي اينديون هيون. ٻاهر کان ايندڙ انهن ناٽڪ ڪمپنين ۾ پهرين ڊرئميٽڪ ڪمپني هڪ پارسي سيٺ پسٽنجي فرامجي 1877ع ڌاري بمبئي ۾قائم ڪئي. هن جي مرڻ کان پوءِ اها ڪمپني ٽٽي ٻه ڪمپنيون ٿيون. اصلي ڪمپنيءَ جو نالو ”اوريجنل ٿئيٽريڪل ناٽڪ ڪمپني“ هو، جنهن جي ٽٽڻ تي خورشيد جي بالي والا ”وڪٽوريا ناٽڪ ڪمپني“ ۽ ”ڪائوسجي کٽائو“ ان جي مقابلي ۾ ”الفريد ٿئيٽريڪل ڪمپني“ ڪڍي. ڪراچيءَ ۾انهن ڪمپنين جون شاخون ”جمعدار جي ڪمپني“، ”رازل جي ڪمپني“ ۽ ”جميلا جي ڪمپني“ ڊراما پيش ڪنديون هيون“.(13)
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته “ اوڻوهين صديءَ جي آخر ۾”ڏيتي ليتي“ منڊلي برپا ٿي. حيدرآباد ۾سنڌي شاهي بازار مشهور هئي. تختن واري اسٽيج جو اڃا ڪو رواج ڪونه پيو هو. ڏيتي ليتي منڊليءَ جيڪو ناٽڪ ڪيو سو بازار ۾ مشهور ”ڪڪڙ ڪمپنيءَ“ جي دڪانن جي کُڏَ تي. ان روڳ جي برخلاف وندرائيندڙ چهچٽا ڪري ڏيکاريندا هئا، جي انبوهه ماڻهن جي وچان هيٺان بازار مان ڏسندا هئا سون”. هو وڌيڪ لکي ٿو ته: شروع ۾ ٻاهران ايندڙ ناٽڪ منڊليون اڪثر پسگردائيءَ ۾ ڪنهن کليل ميدان جي هڪ حصي کي کوٽي، منچ لاءِ کڏ ٺاهينديون هيون ۽ نڪتل مٽيءَ کي گڏي سامهون وجهي لاهي ٺاهيندا هئا. ائين منچ هيٺائينءَ تي ۽ ڏسندڙن لاءِ جڳهه مٿڀرو هوندي هئي“.(14)
هنن ناٽڪ منڊلين ۾ رومانوي داستانن ۽ ڌرمي موضوعن تي ناٽڪ ڏيکاريا ويندا هئا. هنن ناٽڪن ۾ آغا حشر ۽ ماسٽر رحمت جا اوپيرا ناٽڪ مشهور هوندا هئا. اهڙن ناٽڪن ۾ ”اندر سڀا“، ”راجا اندر“، ”خدا دوست“، ”خوبصورت بلا“، ”هريش چندر“ ، ”ليلا مجنون“ ، ”شيرين فرهاد“ ۽ ”شڪنتلا“ وغيره اهم هئا. هنن ڪمپنين جي پيش ڪيل ناٽڪن تي تنقيدي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته اهي اڪثر ناٽڪ ڌرمي ۽ ديو مالائي ڪهاڻين يا سنسڪرت ناٽڪ ۾آيل مضمونن جي آڌار تي جوڙيل هئا. البته رومانوي قصن وارا ناٽڪ وڌيڪ پسند ڪيا ويندا هئا. ڌرمي ناٽڪن جي ڪري سنڌي ناٽڪ جو گهڻو شوق پيدا ٿي نه سگهيو، ڇو جو اهي هڪ مذهب جي عڪاسي ڪندڙ ناٽڪ هئا. اڳتي هلي جڏهن سنڌ ۾ ناٽڪ لکجڻ ۽ کيڏجڻ جو رواج پيو ته ناٽڪن ايستائين ترقي نه ڪئي جيستائين انهن کي ڌرمي موضوعن کان آزاد ڪري سماجي موضوعن تي آندو ويو.
سنڌي ناٽڪ جي شروعات جي باري ۾ جنيت ريلواڻيءَ پنهجي ڪتاب ”سنڌ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا“ ۾ نئون اڪشاف ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” سن 1875ع کان اڳ سنڌي ناٽڪ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ان سال مس ميري ڪارپينٽر سنڌ ۾ آئي هئي. حيدرآباد ٽرئينگ ڪاليج جي هيڊ ماستر هڪ ڪهاڻي تان ناٽڪ تيار ڪري شاگردن کان پيش ڪرايو هو پر اهو ڇپيو ڪو نه هو“.(15) ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ڪليات خادم“ جي حوالي سان لکيو آهي ته ”خادم صاحب هي ڪتاب حيدرآباد ۾ غالباََ 1879ع ۾لکيو هو، جيڪڏهن اهو سن درست سمجهيو وڃي ته پوءِ سنڌي ادب ۾ پهريون ڊرامو امام بخش ”خادم“ جو ”هير رانجهو“ ئي ٿي سگهي ٿو ۽ نه مرزا قليچ بيگ وارو ”ليليٰ مجنون“ جو 1880ع ۾ لکيو ويو هو“.(16) مير محمد نظاماڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ڊراما ۽ ان جي ارتقاءَ جو نظريو، فن ۽ تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”ٻئي طرف شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جا اوائلي ڊراما ”ليليٰ مجنون“ ۽ ”خورشيد“ اٽڪل هڪ سو سال اڳ شايع ٿيا ۽ ان وقت کان وٺي سنڌي ڊرامي جي تاريخ بلڪه سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نهايت اهم مقام حاصل ڪري چڪا آهن انهيءَ ڪري هي حقيقت آهي ته مرزا قليچ بيگ مرحوم سنڌي ڊرامي جو باني آهي ۽ سندس لکيل ڊراما “ليليٰ مجنون ”۽ “خورشيد” سنڌي زبان جا اوائلي ڊراما آهن“.(17)
مرزا قليچ بيگ جو ناٽڪ ”خورشيد“ لکيو هو جيڪو 1887ع ۾ شايع ٿيو. سال 1888ع ۾ ڪوڙو مل کلناڻيءَ جو ”رتناولي“ ناٽڪ ڇپيو.ساڳي سال ۾ ماستر ڄيٺانند جو ترجمو ٿيل ناٽڪ ”انڌير نگري“ شايع ٿيو. اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ مرزا قليچ بيگ جا لکيل ٽي ناٽڪ به شايع ٿيا، جيڪي آهن ”بڪائولي“ 1894،”نورجهان ۽ جهانگير“ 1896ع ۽ ”نادر شاهه“ 1897ع ۾. مرزا قليچ بيگ ان دؤر ۾ ”ڪاليداس“سنسڪرت ناٽڪ ”شڪنتلا“ 1896ع ۽ شيڪسپيئر جي ٻن ناٽڪن جو به سنڌيءَ ۾ الٿو ڪيو، جيڪي آهن ”حسنا دلدار “ 1897ع مرچنٽ آف وينس تان ورتل ۽ ”شاهه ايليا“ڪنگ ليئر جو ترجمو هئا.
اوڻوهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ سنسڪرتي ادب جي ڪن ڪهاڻين جي آڌار تي لکيل ناٽڪ به اسٽيج تي ڪاميابيءَ سان پيش ڪيا ويا. ليلا رام وطڻمل جا ”هريش چندر“ 1895ع ۽ ڏيئومل گاگن مل جو لکيل ”رام بنواس“ 1897ع وغيره آهن. انهن کان علاوه هري سنگهه ڊنگومل ”اندر سڀا“ 1890ع ۽”خدا دوست“ 1890ع، پيرومل جا نانڪ ”بلبل بيمار“ 1894ع، “علي بابا چاليهه چور” 1894ع ، ماستر ڄيٺانند جو ناٽڪ ”ستي سهاڳڻ“ (1896ع) اهم ناٽڪ ليکيا وڃن ٿا.

سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ ناٽڪ منڊلي، ڪراچي:
”سنڌ جي پهرين ناٽڪ منڊلي، ڪراچيءَ واري ڊي- جي ڪاليج جي انگريز، پرنسپال، ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پارسي وائيس پرنسپال، پادشا جي اُدم ۽ جفاڪشيءَ سان، 1894ع ۾ برپا ٿي، جنهن جو نالو ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچرئر ڊراماٽڪ ڪلب” رکيائون، ۽ ساڳي سال ميٺارام هاسٽل جي اڏاوت به شروع ٿي، جنهن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ سانگي ئي ناٽڪ منڊلي ٺاهي هئائون.هن منڊليءَ جو پهريون هدايتڪار لوڪ سنگ ملڪاڻي ۽ پهريون مکيه ناٽڪ نويس ليلارام وطڻمل هئا“.(18) منڊليءَ ۾ جيڪو پهريون ناٽڪ ڪري ڏيکاريو هو سو هو ”نل دمنتي“.جنهن 1894ع ۾ پهريون ناٽڪ ڄيٺانند کلڻنداس ڀريائي جو لکيل ‘نل دمينتي’ پيش ڪيو. ان ناٽڪ لاءِ سڄي شهر جي معززن کي دعوت ڏني وئي، جڏهن ناٽڪ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ مقرر ٿيل هئي. هن سوسائٽيءَ جيڪي ناٽڪ ڪري ڏيکاريا تن جو مختصر وچور هن ريت آهي:

نمبر عنوان مترجم/ ليک سن
1. نل دمنتي ڄيٺا نند کلڻنداس 1894ع
2. هرشچندر ديوان ليلارام وطڻمل 1895ع
3. لوڀي ۽ ٺوڳي مرزا قليچ بيگ 1895ع
4. مهن تارڪا ديوان ليلارام وطڻمل 1896ع
5. شڪنتلا مرزا قليچ بيگ 1896ع
6. سورجن راڌا ديوان ليلارام وطڻمل 1897ع
7. حسنا دلدار مرزا قليچ بيگ 1897ع
8. رامايڻ ديوان ليلارام وطڻمل 1898ع
9. شاهه ايليا مرزا قليچ بيگ 1900ع
10. شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو مرزا قليچ بيگ 1900ع


”1897ع ۾ ڌرم اپڪار ڊرئيميٽڪ سوسائٽي، شڪارپور برپا ٿيل هن ناٽڪ منڊليءَ جو روح روان ديوان ٺاڪرداس هو. هن منڊليءَ جي ناٽڪن ۾ شڪارپور جا معزز شهري جهڙوڪ وڪيل، ڊاڪٽر، جج ۽ وڏا واپاري سڀئي پارٽ ڪندا هئا. هن منڊلي 1897 ۾ گاگنسنگ آڏواڻيءَ جو ’شڪنتلا ۽ دشينت‘ ناٽڪ پيش ڪيو هو“.(19)

ناول نويسيءَ جي ترقي
ناول جي لغوي معنيٰٰ آهي ”نادر ۽ نئين ڳالهه“. پر ادب جي صنف ۾ هن جي وصف بنيادي زندگيءَ جون حقيقتون بيان ڪرڻ آهي۔ ناول جي جيڪڏهن جامع وصف ڪئي وڃي ته هيئن ٿيندي ناول هڪ نثري قصو آهي جنهن ۾ هڪ مڪمل زندگي بيان ڪئي ويندي آهي۔ناول جا عنصرن ۾ ڪهاڻي، پلاٽ، ڪردار، مڪالمو، اسلوب ۽ موضوع وغيره شامل آهن. هيءَ صنف به يورپ مان هندستان ۾ آئي ۽ هندستان مان سنڌ پهتي. ناول قصي جي سڌريل صورت هئڻ کان سواءِ ڪافي ٽيڪنڪ ۾ مختلف هو. هڪ نئين شيءِ هئي ۽ عوام ۾ مقبول ٿي. ”سنڌي ادب ۾ ناول نگاري انگريزن جي آشيرواد سان رائج ٿي. انگريزن به هتان جي عوام کي سمجھائڻ لاءِ اهڙا قصا ۽ ناول ترجما ڪرايا جن سان شهنشاهيت جي پرچار ٿئي. ان ڏس ۾ هنن ڪي قصا ترجمو ڪرايا، جن ۾ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ چاهي ته سنڌ وارن تي هنن زوريءَ حڪومت نه آندي آهي، بلڪه قدرت سندن ڀلي لاءِ هنن کي موڪليو آهي. ان ڏس ۾ غلام حسين قريشيءَ جو ترجمو ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ 1854ع ۽ سيد ميران محمد شاهه اول جو ”سڌاتوري ڪڌا توري جي ڳالهه“ 1855ع وغيره ترجما ڪرايا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو خيال آهي ته ”سڌا تورو ۽ ڪڌا توري جي ڪهاڻي انگريزن جي حڪمت عمليءَ جو جيئرو جاڳندو نمونو آهي. هي قصو ڪو ناول ته نه آهي پر سنڌيءَ ۾ جيڪا صورت وٺي بيٺو آهي، تنهن موجب سنڌي ناول جي اوائلي اهڃاڻن ۾ شمار ضرور ٿيندو“.(20)
سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو اهو هو ڊاڪٽر سيموئل جانسن (1709-1774ع) جو لکيل ”راسيلاس“ (Rasselass) جنهن جو ترجمو ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي 1870ع ۾ ڪيو . هن ناول جي ترجمي نگارن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا ويا. هن ناول ذريعي شهنشاهيت جي پرچار ۽ خدائي خوف جو درس ڏنو ويو. ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول ، ”طلسم“ (Talisman) آهي. هي ناول جڳ مشهور ناول نگار سر والٽر اسڪاٽ (1771-1832ع) جو لکيل هو. هن ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جون شروعاتي قسطون ساڌو هيرانند ترجمو ڪري “سرسوتي” ۾ شايع ڪرايون . بعد ۾ سندس اوچتي ديهانت ڪري، ڀيرو مل مهرچند مڪمل ترجمو ڪري ڇپرايو. ڊاڪٽر چندو لعل پنهنجي ڪتاب “سنڌي ناول جي ارتقاءَ” ۾ ڄاڻايو آهي ته ناول جون شروعاتي قسطون ساڌو هيرانند نه بلڪه بولچند ڪوڏو مل ڪيون هيون. هي ناول عيسائين ۽ مسلمانن جي صليبي جنگين تي ٻڌل هو.
سنڌي ادب ۾ طبعزاد ناول لکڻ جو سهرو مرزا قليچ بيگ ڏانهن وڃي ٿو. هن 1888ع ۾“دلارام” نالي پهريون طبعزاد ناول لکيو. هن ناول تي به داستان جو رنگ غالب آهي، ڇو جو ڪهاڻيءَ جو پلاٽ قديم دؤر جي بادشاهن جي قصي تي مبني آهي ۽ انساني زندگيءَ جي برعڪس مافوق الفطرت ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن. هي ناول دراصل اصلاحي فڪر ۾ ڏنو ويو آهي، سنڌي ادب ۾ داستان کان ناول طرف هي پهريون قدم هو.
مرزا قليچ بيگ جو ٻيو ناول “زينت” 1890ع سنڌي ادب ۾ جديد ناول نگاريءَ جو پهريون مثال آهي. هن ناول جديد ناول جي پوري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويئي. ناول جي اصل مقصد تحت زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي. هن ناول ۾ مرزا قليچ بيگ انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي آهي. ٺيٺ سنڌي ماحول پيش ڪندي، رسمن ۽ رواجن جي خامين کي خوب ننديو آهي. 1892ع ۾ ديوان پريتم داس ”عجيب ڀيٽ“ لکيو، جيتوڻيڪه هن ناول ۾ به سماجي حقيقت نگاري موجودآهي پر پوءِ به ناول تي داستاني رنگ پڻ حاوي آهي.ان کان علاوه هريسنگهه ڊنگو مل جو ”عشق تماچا “(1890ع) ، ڪيولرام جو “عجيب الغنچه”، احمد خان جلباڻيءَ جو “نينهن نڀائڻ يا سچي سڪ“ (1891ع)، بولچند ڪوڏومل جو ”واندڪائيءَ جي وندر“ (1895ع)، ليکومل جو ترجمو “فسانه عجيب” وغيره به هن دؤر ۾ لکيا ويا.

مضمون نويسيءَ جي ترقي
اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ننڍا مضمون جيڪي شايع ٿيا، اهي ان دؤر جي اخبارن ۽ مخزنن جي پرچن ۾ شايع ٿيا. ان دؤر جي ننڍن مضمونن جا ڪي به مجموعا ڪتابي صورت ۾ نظر نه آيا آهن، پر ان ۾ شڪ نه آهي ته انهن جا موضوع گهڻو ڪري ان دؤر جا سماجي ۽ سياسي مسئلا هئا. ”ديوان ڪوڙويمل کلناڻيءَ جو ”پڪو پهه“، زناني تعليم جي اهميت تي لکيل وڏو مقالو آهي، جيڪو 1862ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. ان بعد مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل ڪتاب “مقالات الحڪمت” 1877ع نظر اچي ٿو، جيڪو انگريزي ڪتاب بيڪنس ايسيز (Bacon’s Essays) جو ترجمو آهي. مرزا قليچ بيگ، ان صديءَ ۾ جدا جدا موضوعن تي ڪجهه ٽڪنيڪي ڪتاب به لکي ڇپايا. جئين ته “علامات القرآن” (قرآن شريف ۾ تمثيلون) 1888ع، “باغ ۽ باغباني” 1895ع، “زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر” 1895ع ۽ ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ 1885ع وغيرهه“.(21) پوءِ صحافتي دؤر شروع ٿيو. اخبارون ڇپجڻ لڳيون. پهرين سنڌي اخبار ”معين الاسلام“ هئي، جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي مضمون ڇپيا. پوءِ ٻين به اخبارن ۾ مضمون ڇپجڻ لڳا. ائين مضمون نويسيءَ جي شروعات ٿي. سنڌ سڌار اخبار جيڪا تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ٿي، ان ۾ مضمون نويسيءَ کي جڳهه ملي ٿي. ”سر سوتي“ رسالو پنهنجي دؤر ۾ سماجي اخلاقي، مذهبي ۽ تعليمي مضمونن ۾ تمام گهڻو مشهور هو. 1891ع ۾ پرڀات، 1896ع ۾ ”جوت“ 1900ع ۾ ”الحق“ جهڙا رسالا ۽ اخبارون ميدان ۾ آيا.ٻئي طرف، ڏيارام گدومل سنڌيءَ ۾هندو ڌرم ۽ سک پنٿ جي متن ۽ فلاسافيءَ تي مضمون لکيا، جن ۾“جپ صاحب” (1891ع) ، “سري ڀڳوت گيتا” 1893ع وغيره اهم آهن. ان دؤر ۾ تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ ۽ ڪوڙو مل کلناڻيءَ سنتن ، درويشن ۽ ڀڳتن جي حياتيءَ بابت به ننڍا ڪتاب ۽ مضمون لکي شايع ڪرايا.

پهاڪا
پهاڪو انگريزي ٻولي Proverb هڪ ننڍو ياد رکڻ جهڙو بياني جملو آهي.پهاڪو اهڙين چوڻين کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ عقل مشاهدو ۽ ڏاهپ سمايل هوندي آهي. سنڌي ادب جي سرموڙ مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب جي ديباچي ۾ پهاڪن جي وصف مختصر طور هيئن بيان ڪئي آهي: ”پهاڪو هڪ ننڍڙي چوڻي يا ڪهاوت آهي جنهن ۾ وڏو سچ لڪل ٿو رهي، جو عملي طور ڪمائتو ٿو ٿئي. پهاڪو پهرين هڪڙي ڄڻي جو چرچو آهي، پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي“.(22) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڄاڻايو آهي ته :”پهاڪو سنسڪرت جو لفظ آهي پٿڪ =پٿ+ آڪو =سٽ سلجهائڻ، سلت، ويچار ڪرڻ“.(23)
پهاڪو پر معنيٰٰٰ هجڻ سان گڏ سلوڻو، وڻندڙ ۽ مزيدار هوندو آهي. سنڌي پهاڪن جي اِها خوبي آهي ته انهن ۾ گهڻي قدر شعريت ۽ ميٺاڄ هوندو آهي ۽ ڪيترن پهاڪن ۾ تڪ بندي ۽ قافيابندي به هوندي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ سلوڻا ۽ سهڻا ٿي پوندا آهن، جيئن:
1: اٽو، چي گهوٻاٽو.
2: هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
3: ڏاچي هڻي ڏهه، توڏو هڻي تيرنهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو انگريز دور حڪومت ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ مختلف صنفن تي ڪتاب لکيا ويا جن ۾ پهاڪن جا مجموعا پڻ گهڻي اهميت رکن ٿا.
سنڌي ڇپيل پهاڪن جو پهريون ڪتاب، سنڌ جي اوائلي نثرنگار، ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ”سنڌي پهاڪا“ جي نالي سان سنه 1889ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ اٽڪل ٻارنهن سو پهاڪا الف- ب وار ترتيب سان ڏنل آهن، جڏهن ته انهن پهاڪن جي سمجهاڻي ڏنل ناهي.
ڪوڙيمل جي ڪتاب کان پوءِ، سنڌي پهاڪن بابت ٻيو ڪتاب، روچيرام گجومل ڪرپلاڻي جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب (A Hand book of Sindhi Proverbs, with English renderings and equivalent Sayings) جي نالي سان ڪراچي مان سنه 1895ع ۾ شايع ٿيو. ديوان ڪيولرام پڻ پهاڪن جو ڪتاب ”گل شڪر“ جي نالي سان مرتب ڪيو. ڪيولرام سلامتراءِ جو ٻيو ڪتاب ”گل“ به لکيل آهي جنهن ۾ اخلاقي آکاڻيون ڏنل آهن ۽ آخر ۾ سمجهاڻيءَ سميت سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح، ”گل قند“ جي نالي سان ڏنل آهن.

انگريزي ۽ سنڌي لفظن جي معنائن جا چوپڙي ڪتاب
پهاڪن، لغتن کانسواءِ درسي ڪتابن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ انگريزي ۽ سنڌي لفظن جي معنائن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. هي ڪتاب شاگردن جي سهولت خاطر هوندا هئا. اهڙن ڪتابن جا نالا انگريزيءَ ۾ رکيا ويندا هئا. هن قسم جا ڪتاب چتريج لالچند، ڄيٺانند موجسنگهه، مهرچند آڏواڻي، جهمٽراءِ گلراجاڻي، خوشالداس درمداس، تيجومل گجومل ڪرپلاڻي، روچيرام گجومل، وسڻمل ڪشنچند، رامچند ۽ ٻيا ليکڪ شامل هئا.

سنڌي لغت نويسي ۽ گرامر نويسي
هن دور ۾ سنڌ اندر لغت لکڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو. اِهو سلسلو ان لاءِ به شروع ٿيو ته جيئن انگريز عملدارن کي سنڌي ٻولي سکڻ ۾ سولائي ٿئي. اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ’سنڌي – انگريزي‘ ۽ ’انگريزي – سنڌي‘ لغتون لکيون ويون. سڀ کان اول ڪئپٽن جارج اسٽئڪ سنڌي زبان ۾ گرامر ۽ لغت جا ڪتاب لکيا:
1. A Dictionary of English and Sindhi- 1849
2. A Grammar of Sindhi Language- 1849
3. A Dictionary of English and Sindhi- 1855
انهن ڪتابن ۾ سنڌي لفظ ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل آهن. پهريان ٻه ڪتاب، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي حياتيءَ ۾ ئي شايع ٿيا، پر سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ جا اٽڪل ڏيڍ سئو کن صفحا بمبئيءَ ۾ ڇپيا هئا ته اسٽئڪ گذاري ويو. بعد ۾ اها ڊڪشنري سنڌ جي تعليم کاتي طرفان بيرو ايلس ڇپائي پڌري ڪئي.
1857ع ۾ اڌارام ٿانورداس جو انگريزي ٽائيٽل سان سنڌي ڪتاب “گرامر آف دي سنڌي لئنگئيج” شايع ٿيو، جيڪو انتهائي شاندار هو ۽ انگريزي عملدارن جي امتحانن لاءِ ڪورس ۾رکيو ويو . 1868ع ۾ لڪشمڻ وشنو ”پراجپئي ”انگريزي – سنڌي لغت“ مرتب ڪئي، جيڪا بمبئيءَ مان ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ شايع ڪئي. هن ڊڪشنريءَ جون ڪاپيون برٽش لئبرري، آڪسفورڊ يونيورسٽي لئبرري ۽ آسٽريليا جي نئشنل لئبرريءَ ۾ موجود آهن.
اُن لغت جي شايع ٿيڻ جي ڪجهه وقت کانپوءِ، جارج شرٽ ۽ ٻن سنڌي عالمن”منشي اُڌارام ٿانوراس ميرچنداڻي ۽ مرزا صادق علي بيگ گڏجي ”سنڌي – انگريزي لغت“ لکي، جيڪا سنڌ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ 1879ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪئي. چٽرڀڄ لالچند اوجها ۽ اڌنمل سترامداس سداڻيءَ گڏجي انگريزي- سنڌي مشق جو ڪتابTranslation Exercises Anglo- Sindhi)ڪراچيءَ مان 1883ع ۾ ڇپايو. سال 1883ع ۾ اميد علي ڪريم محمد ۽ علي قلي فريدون بيگ مرزا جو تيار ڪيل مينيول.
(A Manual of Anglo- Vernacular for Sindhi Students, withڪمرشل پريس ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو . هن ۾ مشقن کان علاوه، گرامر پڻ ڏنل آهي. جهمٽمل نارومل واسڻاڻي جو ڪتاب، ”سنڌي ٻوليءَ جو نئون وياڪرڻ“ جي نالي سان ڪراچيءَ مان سال 1892ع ۾ شايع ٿيو. حڪومت هن ڪتاب کي حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن ۽ هاءِ اسڪول جي وڏن ڪلاسن لاءِ منظور ڪيو. هن ۾ سنڌي گرامر جا اصول وضاحت سان بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ مصنف کي پنجن سالن جو عرصو لڳو، جنهن ۾ هن کي مختلف سنسڪرت جي گرامر جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پيو.
1860ع ۾ ميان محمد حيدرآباديءَ جو “سنڌي صرف و نحو” شايع ٿيو.ان وقت سنڌي جي محقق ۽ عالم آخوند عبدالرحيم عباسي، سنڌي – فارسي لغت (”جواهر اللغت سنڌي اڪيچار“) مرتب ڪئي پر فارسي ٻوليءَ جي گهٽ استعمال جي ڪري اُها لغت قلمي صورت ۾ رهجي ويئي . اُن لغت کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 1993ع ۾ شايع ڪيو آهي“.(24)

تنقيد ۽ تحقيق جي ترقي
اڻويهين صدي خاص طور تي آخري چوٿائيءَ ۾سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تنقيد جون صنفون رائج ٿي چڪيون هيون. مضمونن ۽ تحقيقي ڪتابن جو هڪ خاص سلسلو هلي پيو. ڪن عالمن، اديبن، بزرگن جون سوانحون لکيون ته ڪن مشهور شاعرن جا رسالا مرتب ڪري طويل تمهيدون ۽ مقدما لکيا. ديوان ڏيارام گدومل ”جپ صاحب“ ۽ رباعيات عمر خيام جو مهاڳ ۽ ساميءَ جي سلوڪن جو جائزو وغيره شاندار مثال آهن.
خليفي گل محمد ھالائي سنڌي زبان جو پھريون صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آھي. عروضي شاعريءَ ۾ سندس ادبي مقام نمايان آھي. ”ديوان گل“ 1875ع ۾ شايع ٿيو. پنھنجي شايع ٿيل ديوان جي منڍ ۾ پيش لفظ ۾تعارف لکيائين. ھن ديوان جي چٽائيءَ ۾ يارنھن باب شامل آھن ۽ ھر باب کي "واٽ" سڏي ٿو. پھرين واٽ ۾ صورتخطيءَ تي بحث ڇڙيل آھي. سندس خيال موجب صورتخطي ڪاميٽيءَ کان ڪجھھ ڪوتاهيون ٿيون آھن. انھيءَ لاءِ ھن ٻين بابن ۾ دليل ۽ چارٽ بھ ڏنا آھن ۽ پنھنجي ديوان ۾56 اکرن تي ترتيب ڏنو اٿس. ھن پنھنجي طرفان اھا صورتخطي ھينئنءَ تجويز ڪئي آھي:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ٿ ث ج ج هه ڄ
ڃ چ ڇ ح خ د ڊ ڍ ڌ ڏ ذ ر ژهه ڙ ز
س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ
ک گ گ هه ڳ ڱ ل ل هه م ن ن هه ڻ و ھھ ي
ھن جي صورتخطيءَ ۾” ء“ ڪونھي.ھي غزل گو شاعر علم اللسان ۾ ڄاڻ رکندو ھو . ھڪ ھنڌ سنڌي صورتخطيءَ لاءِ ھينئن بيان ڪيو اٿائين :
”منجھ پروڙ اکرن سنڌي ۽ فارسي ۽ عربي جي ته ڪيترا سنڌي آھين ۽ ڪيترا فارسي ۽ ڪيترا عربي ۽ اکر سنڌي ۽ فارسي منجھان ڪھڙن اکرن عربي نڪتا آھين ۽ تفاوت ڪن اکرن جو منجھ سنھائي ۽ ٿلھائي ٻولي جي ۽ اکر عربي ڪھڙا منجھ سنڌي ٺھئو ٿا ۽ ڪھڙا نه ٿا ٺهن ۽ ڪهڙا ساڻ ٻئن اکرمٽجن ٿا ڪهڙا نه مٽجن ساڻ بيان اکرن ۽ انگن ۽ ڳڻتي ليکي ابجد جي مٿي ڳچ جيترن واٽن ۽ چٽن جي“.(25)
هن دور ۾ ٻه ديوان ؛ ”ديوانِ فاضل“ ۽ ”ديوانِ قاسم“ ذڪر لائق آهن. انهن ٻنهي ديوانن کي درسي ڪتابن طور منظور ڪري اسڪولن ۾ رائج ڪيو ويو هو جنهن مان هن دور ۾ غزل جي مقبوليت وڌي وئي هئي تنهن ڪري شاعرن کي عروض، بحر ۽ وزنن جي باريڪين ۽ قاعدن سمجهائڻ جي ضرورت هئي، انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي فاضل شاهه ”ميزان الشعر“ (1882ع) نالي ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن عروض جي اصولن کي چڱي ريت سمجهايو “.(26)
”ديوان شاهه عبدالطيف“، (حياتي، مذهب ۽ رسالو) 1890ع. ليلارام وطڻمل، ٻن جلدن (انگريزي) ۾ مرتب ڪيو. مرزا قليچ بيگ ڪيترن قديم شاعرن جي شاعريءَ جو جائزو ورتو. هن دؤر ۾ اهم ڪاوش ارنيسٽ ٽرومپ جو مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو“ آهي، جيڪو جرمنيءَ مان1868ع ۾ شايع ٿيو.شاهه لطيف تي ٻين عالمن به هن دور ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ، ليلارام وطڻمل، تاراچند شوقيرام ، گدومل، مرزا قليچ بيگ اهم آهن. چندن مل ڪوڙيمل، ساميءَ جا سلوڪ 1875ع ۾ شايع ڪرايو. روچيرام گجومل“، ڪبير صاحب سلوڪ” شايع ڪرايو. اهو تنقيدي ۽ تحقيقي رجحان ويهين صديءَ ۾ هڪ تحريڪ طور هليو ۽ ڪيترائي نوان محقق ۽ نقاد پيدا ٿي پيدا ٿيا.

مذهبي ادب جي ترقي
اوڻوهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثري ادب اگر ڪي ٿورو يا گهڻو مليو آهي، اهو مذهبي ادب جي حوالي سان مليو آهي. مغليه دؤر کان سنڌي ۾ نثر لکڻ جي شروعات ٿي، جنهن کي نظماڻو نثر چيو ويو، اهو سمورو مذهبي ادب بابت آهي. ڪي نثري فقرا شعرن يا پهاڪن مان کنيا ويا ، اهي پڻ مذهبي ۽ اخلاقي حوالي سان ڏنل هئا. رچرڊ برٽن ان قسم جي ادبي ڪتابن جو تعداد ٻڌائي چڪو آهي. مطلب ته سنڌي ۾ مذهبي ادب نثر جي رو پ ۾قديم دؤر کان موجود هو.اوڻوهين صديءَ جي ٻئي حصي ۾ جيئن الفابيٽ جي منظوري ٿي نه صرف اسلامي حوالن سان ادب تخليق ٿيو، مگر عيسائيت جي پرچار ۽ هندو پنڊتن ۽ مهاپرشن بابت به ڪيترائي نثري ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا.
اوڻوهين صديءَ کان اڳ لکيل قلمي نسخن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ مسلمانن اديبن قرآن شريف جي ترجمي ۽ تفسير کان سواءِ اسلامي عقيدن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا.مثال طور ”ابو الحسن جي سنڌي“، ”نور الابصار“ ، ”بدرالمنير“، ”ترتيب الصلواة“ ، ”غزوات يا شجاعت جو قصو“،”ڪنز العبرت“، ”نور نامو“، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، اهڙن ڪتابن جي هڪ الڳ تاريخ جڙي سگهي ٿي. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سيرت تي الڳ ڪتاب شايع ٿيا، پيغمبرن سڳورن جا قصا ڪتابي صورت ۾ آيا، اسلامي عقيدن تي ڪتاب نڪتا، روزي، نماز، حج ۽ زڪواة وغيره تي الڳ ڪتاب لکيا ويا. قرآن شريف جي ترجمي کان علاوه تفسير لکيا ويا، ان سلسلي ۾ ميان مير سنڌيءَ جوتفسير “سيپاره تبارڪ” (1873ع) اهم آهن“.(27) ٻين ڪتابن ۾”حڪايات الصالحين“، ولي محمد،1851ع)، ”صحيفـﺔ الڪامله“ (عبادات جو سنڌي ترجمو، 1877ع)، عزيزالله متعلوي جو ”قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو (1877ع)، ”دلائل خيرات“ (ترجمو سنڌي_ محمد ابن سليمان، (1877ع) وغيره اهم آهن. نثر ۽ نظم ۾ خطبا شايع ٿيا. حضرت امام حسين جي شهادت جي قضيي کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. مطلب ته مذهبي ادب نظم مان نڪري نثري ادب ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. هنن ڪتابن جا ليکڪ مذهبي عالم ۽ استاد هئا، جن پنهنجي علمي قابليت سان ديني ادب جي خدمت ڪئي.
عيسائين جون ڪيتريون ئي جماعتون سنڌ ۾ سرگرم رهيون، جن مذهبي تبليغ جي سلسلي ۾ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا.18 صدي جي خاتمي ۽ 19 هين صدي جي شروعات کان انگريزن جي حڪومت جي پٺڀرائي سان ڪرستان پادرين ملڪي ماڻهن کي ڪرستان بنائڻ لاءِ پنهنجي مذهبي ڪتابن جا ڏيهي ٻولين ۾ ترجما شروع ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ هندستان ۾ سيرامپور جي پادرين سنه 1819ع ۾ بائبل جي باب ’مِتي‘ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” بائبل جي ترجمن کان پوءِ پادرين اڳتي وک وڌائي ملڪي ماڻهن جي مذهبن تي حملا شروع ڪيا، جنهن جا کين هتان جي عالمن جواب ڏنا. هندستان جي عالم محمد هادي سنه 1222هه (1807ع) ۾ ڪرستان پادرين جي اسلام تي ڪيل حملن جي جواب ۾ ’ڪتاب رد نصاريٰ‘ لکيو هو، جنهن کي هالا ڪنڊي (پراڻن هالن) جي عالم قاضي عبدالحڪيم سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيو. شروع وارا الفاظ هن طرح آهن:
”هي رسالو منجهه بيان سوالن عيسوي جوابن محمدي جي“. سنڌي نثر ۾ هي ڪتاب سنه 1280هه (شروع 18- جون 1863ع) کان اڳ لکيو ويو“.(28)
اهڙي طرح هندو ڌرم جي باري ۾ به ڪيترائي نثري ادب ۾ ڪتاب شايع ٿيا. هري سنگهه سکر واري ۽ پوڪر داس شڪارپور واري نه صرف ڌرمي ڪتابن کي سهيڙي شايع ڪرايو، مگر هنن ڌرمي ڪتابن کي طمطراق انداز ۾شايع ڪرائڻ ۾ڪردار ادا ڪيو. نولراءِ شوقيرام، ڏيارام گدومل، ڪرشنا جي رگهوناٿ، گرداس مل ٿانورداس، چنراءِ اجومل، ڪوڙو مل چندن مل، تيجو مل، ليکراج ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا، جن هندو ڌرم جي مختلف معاملن تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکيا.ان سلسلي ۾ ”گنگا اشنان“(گنگا نديءَ جي ڪهاڻي، گدومل سنتداس، 1890ع)۽”ويترني“ (ويترني نديءَ جي ڳالهه، گدومل سنتداس، ڪراچي 1890ع) اهم آهن.

حوالا
1. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 33
2. ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص 13
3. ڊاڪٽر شمس سومرو:”تخليقي ادب جا ترڪيبي جزا“، شمس سومرو يادگار سٿ، 2006ع ص 142
4. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ : ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون – 1“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1987ع
5. مير شفيع احمد علوي: ”سنڌي ادب ۾جهونا داستان“ ، ماهنامو نئين زندگي، ڪراچي، آڪٽوبر 1961ع
6. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ:”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع
7. ڊاڪٽر تهمينه مفتي:”سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج“، (سي ماهي مهراڻ 3/1996) ص 38، 39
8. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
9. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 43
10. ميمڻ، عبدالغفور سنڌي، “اڻوهين صديءَ جو ادبي جائزو”، ماهوار پيغام، جنوري 1989ع ، 43
11. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 43
12. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختصر تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2015ع، ص 83
13. الله بخش عقيلي ”سرشار“: سنڌي ادب ۾ ناٽڪ نويسي“، ماهوار نئين زندگي، اپريل 1954ع
14. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 108
15. جنيت ريلواڻي:”سنڌ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا“، سنڌ ڀارتي پبليڪيشن، راجڪوٽ، 2008ع، ص 387
16. ڊاڪٽر غلام علي الانا : “سنڌي نثر جي تاريخ” ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ، ص 87
17. مير محمد نظاماڻي: ”سنڌي ڊراما، ان جي ارتقا، فن ۽ تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1966ع، ص 51
18. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 111
19. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو: شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2009ع، ص 498
20. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي لئيگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2000 ع، ص 10
21. مختيار احمد ملاح: “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، ڪاٺياواڙ اسٽور ڪراچي، 2006ع، ص 325
22. مرزا قليچ بيگ: ”پهاڪن جي حڪمت“، حيدرآباد، 1925ع
23. ڊاڪٽر عبدالڪريم: ”پهاڪن جي پاڙ“، انصاف پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، 1976ع
24. ناسف علي شيراز: ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي “، سي ماهي مهراڻ 2 ، 2004ع
25. خليفي گل محمد ھالائي: ”ديوان گل“، مسلم ادبي سوسائٽي، 1933ع
26. اياز قادري:”سنڌي غزل جي واسر“ (2) ،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع
27. پير حسام الدين راشدي: ”سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب“، ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1953ع
28. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 431

اخبار نويسي جي ارتقا ۽ نثر نويسيءَ جي ترقيءَ ۾ حصو

سنڌي نثر جي ترقي ۾سنڌي اخبارن ۽ ادبي رسالن جو وڏو حصو رهيو آهي، جنهن کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اخبار نويسيءَ جي ڪري سنڌي ادب ۾ مضمون نگاري، سوانح نگاري ، تنقيد ۽ تحقيق وغيره جي شروعات ٿي. سياسي، سماجي ۽ مذهبي موضوعن تي نثر نويسيءَ ۾رائج ڪيو ويو. اڻويهين صديءَ جي پوئين  اڌ کان وٺي آخر تائين، جتي يورپي ماڻهو اخبارون ۽ رسالا شايع ڪندا رهيا، اتي ڏيهي ماڻهو پڻ انهيءَ ميدان ۾ گهڙي آيا. سنڌ ۾ سڀ کان اول انگريزي ۽ فارسي اخبارون جاري ٿيون. پوءِ سنڌي اخبارون نڪتيون. بعد ۾ گجراتي، گرمکي ۾ به اخبارون جاري ٿيو. 

انگريزي اخبارون
هندستان جي برطانوي اخباري دنيا جي پروپئگنڊا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي مان پهرين انگريزي اخبار''Kurrachee Advertise'  جاري ڪئي وئي، سنڌ ۾ چارلس نيپيئر جا مخالف جڏهن اهو پڇندا هئا ته اها اخبار ڪنهن جي سرپرستي هيٺ ٿي نڪري ۽ جڏهن حقيقت جي خبرپوندي هئن ته ماٺ ٿي ويندا هئا، ڇو جو اهي ۽ ٻيا سڀ انهيءَ نقطي تي متفق هئا ته انهيءَ جو سرپرست سر چارلس نيپيئر هو. جڏھن تھ ”Sind Kossid “پارسين جي ملڪيت هئي.مضبوط مالي بنيادن تي بيٺل هن اخبار اڳتي هلي هن ملڪ ۾ اخبار نويسي جا بنياد مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1854ع هڪ ٻي انگريزي اخبار “Scindian” چالو ٿي“.(1)

مفرح القلوب
انهيءَ وقت جي هڪ مشهور عالم، مرزا مخلص علي (وفات 1877ع) ڪراچيءَ ۾ ليٿو پريس شروع ڪئي. هن سن 1855ع ۾ “مفرح القلوب” نالي هڪ فارسي هفتيوار اخبار جاري ڪئي. اها اخبار باقاعدي 1906ع تائين شايع ٿيندي رهي. آخري سالن ۾ سکر مان نڪرندي هئي. مرزا مخلص عليءَ جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ مرزا محمد شفيع، اخبار جو ايڊيٽر بڻيو. سن 1883ع ۾هن جي وفات کانپوءِ سندس ڀائر مرزا محد صادق• ۽ پروفيسر محمد جعفر (وفات 1913ع) اخبار جا ايڊيٽر ٿيا. هنن اخبارن سنڌ ۾ پنهنجو نالو ته ڪمايو مگر سنڌي ادب جي خدمت ڪري نه سگهيون، ڇو جو اهي سنڌيءَ ۾نه هيون“.(2)

فوائد الاخبار 
”مفرح القلوب“ جي جاري ٿيڻ کان اٽڪل ٽي سال پوءِ سن 1858ع ۾ “فوائد الاخبار” نالي هڪ هفتيوار ڪراچيءَ مان شروع ڪئي ويئي.هيءَ  هفتيوار اخبار سنڌي ۽ پارسي ٻوليءَ ۾شايع ٿيندي هئي. اخبار جو پهريون پرچو پندرهين مئي 1858ع تي جاري ٿيو. اخبار گورنمنٽ پريس ۾ڇپبي هئي. منجهس مختلف موضوعن تي ليک ۽ مضمون شايع ٿيندا هئا“.(3) جن مان اڪثر ڪري تعليم، تعليم جي ترقي ۽ اوسر تي لکيل هوندا هئا. هن اخبار جي پهرين پرچي ۾سنڌ جي تاريخ، زراعت، سائنس، برصغير توڙي يورپ جي واقعن ۽ حالتن تي مضمون ۽ خبر ناما شايع ٿيا هئا. اخبار، تعليم کاتي طرفان جاري ڪئي ويئي  هئي. ۽ ان جي تقسيم ذري گهٽ اسڪولن ۽ مڪتبن تائين محدود هوندي هئي“.(4)

مطلع خورشيد
”ادبي معيار کان ڏسجي ته فارسي- سنڌي اخبارن ۾ “مطلع خورشيد” وڌيڪ اوچي معيار جي اخبار هئي. اها “مفرح القلوب” جي مالڪ مرزا مخلص عليءَ سنه 1860ع ۾ سکر ۾ جدا ليٿو پريس برپا ڪري، شايع ڪرڻ شروع ڪئي هئي. انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر مرزا مخلص عليءَ جو پٽ مرزا محمد شفيع“مشتري” هو. اخبار ۾ ٻه ڪالم هوندا هئا. هڪ ڪالم ۾ فارسيءَ ۾ مواد ڏنل هوندو هو ۽ انهيءَ جي سامهون ٻئي ڪالم ۾ان جو سنڌي ترجمو هوندو هو“.(5) مطلع خورشيد“ جي اصل سنڌي عبارت (1860ع)  مان ڪي مثال:مخلتف ملڪن ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي پيدائش متعلق هڪ مضمون ڇاپيو ويو آهي، ان ۾ لکيو ويو آهي:
”ملڪ رشيا ۾ درخت بالوتجا گڻا آهِنِ ۽ قسم ميونجا بي چنڱا ٿيندا  آٰهن ۽ هن هنڌ درخت سڻي جا جر انکءَ رَسا ۽ ٻيا جوڙيندا اٰهِنِ گڻا پيدا ٿيندا اٰهن ۽ هن هنڌ ڪڻج کاڻيءَ انڱر ۽ لوهه ۽ ٽا۾ جيءٌ بي اٰهن ۽ لوڻ هنجاءِ گڻونَ ٿو پهچي ۽ طرف ڏکڻ هن ملڪ جي پوک جَوَن جي کڻي ٿيندي آهي سامان سودا گري هن هنڌ جو چربي ۽ چم ۽ سمور ۽ سڻي ۽ اَنّ جَوَنجو آهي واپاري هن هنڌ جا پاڻ ۾ اتفاق ڪري قافلي جي طرح سامانکي واٽ خشڪيءَ کءٌ  چين ۽ وچ رشيا ٿا نين يورپ ڏي مٿي جهازن ڪنا درياء بلاڪسي يعني ڪاري پاڻيءَ ۽ بالٽک ۽ درياء ويٽ سي جي ٿا نِين ۽ بادشاهي هن ملڪ جي نسبتون ٻين ملڪن جي گڻي وڏي آهي ۽ جيڪو بادشاه هن ملڪ جو ٿو ٿئي تهکي قيصر ۽ شهنشاه ٿا چون ۽ ماڻو زياده پنجن ڪروڙن ۽ چاليهن لکن کءٌ هن ملڪ۾ رهندا آهن وٽا رهندا اڳي هفتي ۾“.(6)

سنڌ سڌار
”سنڌ سڌار“ پهرين سنڌي اخبار آهي، جيڪا سموري سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. هيءَ هفتيوار اخبار 1866ع کان سنڌ جي سرڪار تعليم کاتي طرفان جاري ڪئي ويئي هئي ۽ سرڪاري ليٿو ڇاپخاني ۾ ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيندي هئي.اخبار هر جمعي تي شايع ٿيندي هئي . وقت به وقت اخبار جي قيمت ۾ ڦيرگهير ايندي رهندي هئي. اخبار جو پهريون ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ هو.  هيءَ اخبار پنهنجي دؤر ۾ مشهور تعليمي ۽ ادبي سنڌي اخبار هئي. منجهس مضمون، ڪهاڻيون ۽ شعر وغيره شايع ٿيندا هئا. شاعريءَ تي تنقيد ۽ علمي بحث کي به  اخبار ۾ جوڳي جڳهه ڏني ويندي هئي.
 ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي  لکيو آهي ته؛ ”سنڌ سڌار“ پهريون هفتيوار رسالو آهي، جيڪو سمورو ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ هو. اهو سن 1866ع ۾سنڌ ي تعليم کاتي طرفان شروع ڪيو ويو.  ان جو سمپادڪ نارائڻ جڳن ناٿ وئديه هو ، جيڪو سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو. سال 1884ع ۾ سرڪار ان جي هلائڻ جو بار ”سنڌي سڀا“ کي سونپيو، جنهن لاءِ ساڌو هيرانند کي  ان جو سمپادڪ مقرر ڪيو“.(7)
”1884ع ۾ هيءَ هفتيوار اخبار “سنڌ سڀا” نالي هڪ خانگي جماعت جي حوالي ڪئي وئي انهيءَ کان پوءِ ساڌو هيرانند هڪ سو پنجهتر روپيه ماهوار تي، هن اخبار جو 1887ع نومبر تائين، لڳاتار چار سال ايڊيٽر ٿي ويو. هن پنهنجي ايڊيٽريءَ واري زماني ۾ سنڌ جي سماجي توڙي سياسي حالتن تي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ليک ۽ مضمون لکيا. هن اخبار جي ادار ۾ ديوان ڏيارام گدومل سندس ساٿي ٿي بيٺو ۽ هر حال ۾ پيو سندس مدد ڪندو هو. پر کيس ساڌو هيرانند کان پنج مهينا اڳ ڪراچي ڇڏي حيدرآباد وڃڻو پيو“.(8)
سنڌ سڌار، سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ هڪ آڳاٽي ۽ جهوني اخبار هئي، هن جي جاري ٿيڻ کان ٻارهن سال اڳ ئي سنڌي رسم الخط جي موجودهه  الف- بي ٺهي هئي. انهيءَ ڪري اخبار جي ٻولي، سنڌي رسم الخط ۽ ان جي ارتقا جو سهڻو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”ڏسجي ٿو ته ڪي ماڻهو اخبار جي قيمت يا نوٽيس جي ڇپائے جا پئسا ٽڪلين وسيلي موڪلين ٿا پر اسانوٽ ٽڪلين جو کاپو نه آھے. تنهن ڪري سڀني ماڻهن کے سڌ ٿي ڏجي ته جئھ ماڻهو کي اخبار سنڌ سڌار جي قيمت بابت يا نوٽيس جي ڇپائي بابت اسانڏانھ، پئسا موڪلڻا هجن ته اهو اهي نقد پئسا تعلقي جي مختيارڪار جي آفيس ۾ اسانجي پهچائڻ لاءِ جمع ڪري ته اسانکي پهچندا پر جيڪڏههِ ڪنهن کي مختيارڪاري ۾ پئسا پهچائڻ اهنجا لڳن يا تعلقه خزانو ٻئي شهر ۾ هجي.........“.(9)
شفيع محمد علوي سنڌ سڌار جي حوالي سان لکي ٿو ته 1866ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي هڪ اخبار جاري ڪئي ويئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته سنڌ ۾ نئين ٺاهيل سنڌي صورتخطيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪري، ان ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿئي“.(10) هن رسالي ۾ ملڪي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين جي احوالن سان گڏ ادبي مضمون ۽ شعر ڇپجندا هئا.

سنڌ آفيشل گزيٽ 
”هيءَ سرڪاري گزيٽ 1868ع کان وٺي هر هفتي شايع ٿيڻ لڳي. جنهن ۾ سرڪاري پڌرايون ۽ اهم اعلان وغيره شايع ٿيندا هئا. گزيٽ اصلي انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندي هئي، پر ان جو گڏو گڏ سنڌي ترجمو به ڏنو ويندو هو. هيءَ گزيٽ ڪمشنرس پريس ۾ شايع ٿيندي هئي. ۽ ان جي تقسيم سرڪاري دفترن تائين محدود هوندي هئي“.(11)

سرسوتي
”سرسوتي“ سنڌي ٻوليءَ ۽ عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾پهريون ماهوار رسالو آهي، جيڪو ساڌو هيرا نند آڏواڻيءَ نومبر 1890ع ۾ حيدرآباد  سنڌ مان شروع ڪيو. هن رسالي جو ساليانو چندو هڪ رپيو هو. ڏيارام گدومل ان رسالي جو وڏي ۾ وڏو مددگار هو. ان رسالي جو هڪ وڏو مقصد اهو به رکيو ويو هو ته ان ذريعي عورتن جي مسئلن کي نروار ڪجي. ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو لکي ٿو ته ”هن رسالي جي ٻي خوبي هيءَ هئي ته هن مذهبي ڇيڙڇاڙ کان هميشه پاسو پئي ڪيو ۽ فرقيوارانا ذهنيت کان گهڻي ڀاڱي آزاد رهيو جيڪا ڳالهه لکندڙن ۽ هلائيندڙن جي وسعت نظري جي نشاندهي ڪري ٿي. 1895ع ۽ ان جي لڳ ڀڳ جي زماني وارين ”سرسوتي“ جي لکڻين ۾ به هن دور رس اثرات رکندڙ ماڻهوءَ جي قلم جي تقليد ۽ پوئيواري واري پاليسي نظر اچڻ گهرجي. 
مارچ 1893ع جي اشاعت ۾، هن رسالي جي جرئتمندانه پاليسي هيٺئين خبر مان بکي ٿي. حيدرآباد سنڌ ۾ هڪ ان وقت جي ٿيل تقرير جو حوالو ڏيندي، سرسوتي جي خبر جو هي اقتباس گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو:
”وائسراءِ 25 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻي ٿو سو بلڪل گهڻو آهي. ان کي گهٽائي پندرهن هزار ڪرڻ گهرجي ۽ هندستان ۾ ٽيهتر هزار انگريز سپاهه جو اصل کپ ڪونهي، پنجاهه هزار بلڪل گهڻو ٿيندو“.(12)

معاون
هندستان جي عليڳڙهه جي علمي ۽ تعليمي تحريڪ کان متاثر ٿي سنڌ ۾ ”انجمن محمدي“ جي سهاري هيٺ سنه 1875ع ۾ ڪراچي سنڌ ۾ حسن علي افنديءَ ”سنڌ مدرسته الاسلام“ جو بنياد وڌو، ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ جديد انگريزي تعليم ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ”معاون“ نالي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ رسالو سنه 1890ع ڌاري جاري ڪيائين. هن رسالي سنڌي مسلمانن جي ذهنن ۽ خيالن ۾ ڪافي انقلاب آندو، جنهن جا ڏاڍا سٺا نتيجا نڪتا“.(13)

سڌار پترڪا
ساڌو هيرا نند جي وڏي ڀاءُ ساڌو نولرا آڏواڻيءَ سنڌي ٻوليءَ  ۽ گرمکي رسم الخط ۾ “سڌار پترڪا” نالي ٻئي ماهوار مخزن شروع ڪئي. انهيءَ جو مکيه مقصد هو، سنڌي هندو ڇوڪرين ۽ عورتن کي ڌرمي تعليم ڏيڻ ۽ منجهن نئين سجاڳي پيدا ڪرڻ“.(14) 

جوت اخبار
”جوت اخبار 1896ع ۾ شروع ٿي، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ پرمانند به شامل هو، جيڪو انهيءَ جو سنڌي ڀاڱو ”کيمچند“. سان گڏجي سنڀاليندو هو. 1900ع پرمانند انهيءَ اخبار جو مُک ايڊيٽر ٿيو ۽ مرڻ گهڙِيءَ تائين ان سان لاڳاپيل رهيو. ان جي لکيتن کي وري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. انهي ۾ ڇپجندڙ چونڊ لکڻين جو پهريون ڳٽڪو 1904ع ۾ ”دل بهار“ جي نالي سان شايع ٿيو. دل بهار چئن ڀاڱن ۾ ڇپيو، جن کي پرمانند پاڻ ترتيب ڏنو. جوت جي لکيتن جي ٻي چونڊ ”گل ڦل“ جي نالي سان پيش ڪئي ويئي“.(15)
سنه 1899ع ۾ شيخ محمد سليمان، سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب جي ڪوشش سان سکر مان ”الحق“ اخبار جاري ڪئي. هڪ سال بعد اخبار کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ليڪن 1907ع ۾ وري کيس پنهنجي ماڳ موٽايو ويو. هن اخبار جو مقصد سنڌي مسلمانن ۾ آزاديءَ جو شعور، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ اخلاقي حالت سڌارڻ هو.
جڏهن ته ٻيون به ڪيتريون ئي اخبارون اڻويهين صديءَ  جي آخر  ۾ نڪرنديون رهيون جن ۾“پرڀات”،  “ معين الاسلام”  ۽  “خير خواه” وغيره اهم آهن.

حوالا
1. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: ”سنڌ جو سڀ کان آڳاٽيون اخبارون“، ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ
2. موتيرام ايس رامواڻي :”سنڌ ۽ اسان جو ورثو، پرڪاشن،بمبئي،1994ع، ص 289
3. ساڳيو حوالو، ص  189
4. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾حصو“ ،(پي ايڇ ڊي ٿيسز، قلمي)، ص 77
5. موتيرام ايس رامواڻي : ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو، پرڪاشن،بمبئي،1994ع، ص 290
6. غ. م. گرامي: سنڌي ليٿو گراف سنڌي رسم الخط ۽ اسلوب بيان جي ارتقا تي هڪ نظر، سي ماهي مهراڻ،  1964ع
7. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي  دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 60
8. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾حصو“،(پي ايڇ ڊي ٿيسز، قلمي)، ص 77، 78
9. سنڌ سڌار ۾ ڇپيل هڪ اشتهار، جلد 13، نمبر 9،ماهه، سيپٽمبر 1878ع، ص1
10. شفيع محمد علوي: ”پهرين صدي مخزن“، مهراڻ جا موتي، پاڪستان پبليڪشن،  ڪراچي
11. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾حصو“،(پي ايڇ ڊي ٿيسز، قلمي)
12. ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1988ع
13. قريشي حامد علي ”خانائي“:”سنڌي زبان جا ادبي ماهوار رسالا“، سي ماهي مهراڻ، 1981ع، نمبر 2
14. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي  دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 60
15. آن لائين انسائيڪلو پيڊيا ”پرمانند ميورام“

اڻويهين صديءَ جي نثر جي ٻولي ، اسلوب ۽ خوبيون

سنڌي نثر جي باقاعده شروعات 1852ع کان شروع ٿي. اهو ابتدائي اوائلي دؤر ڄاتو وڃي ٿو. هن دور ۾ سنڌي نثر ۾ ترجمي جو سخت زور هو. سڀ درسي ڪتاب، قصا، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ افسانا، خواهه نظم ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيڻ لڳا، جن ادب جي وينجهارن هن ڳري ڪم کي سهڻي نموني پئي نڀايو سي هي آهن: ديوان ننديرام سيوھاڻي، ديوان اڌارام حيدرآبادي، ديوان پرڀداس ، قاضي غلام علي ، ميان غلام حسين قريشي ، سيد ميران محمد شاهه اول ، ميان محمد حيدرآبادي، واڌومل ٽلٽيءَ وارو، مرزا غلام رضا بيگ ، آخوند عبدالرحيم ، ڪوڙومل کلناڻي، آخوند لطف الله ، ميان شمس الدين ”بلبل“، ديوان ليلارام ”خاڪي“، ڪيولرام سلامتراءِ ، آخوند فتح محمد ۽ مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. جيتوڻيڪه نثري ادب هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪئي هئي ۽ هڪ سرڪاري طور منظور ٿيل الف-ب به موجود هئي، مگر نثر نويسن جي لکڻين ۾معياري ٻولي ۽ اسلوب ڪن سالن تائين اچي نه سگهيو. اڄ جڏهن انهن لکتن جو جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته لفظن، جملن ۽ مواد جي لکتن کي انتهائي پنهنجي نموني لکيو ويندو هو. ساڳيا لفظ ۽ جملا هر ليکڪ جا هڪ ٻئي کان الڳ هوندا هئا. ان سلسلي ۾ محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته؛ ”سنڌي آئيويٽا جي وجود۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي عالمن جدا جدا مضمونن وارا ڪتاب لکڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي، تنهن هوندي به درست تلفظ ڏيکارڻ خاطر عربي صورتخطيءَ واريون مڙئي اعرابو ن ڪتب آڻيندا هئا. ان کان علاوه نون غنه وارن ڇوٽن خواه ڊگهن آوازن ظاهر ڪرڻ لاءِ به ٻه زيرون ، ٻه زبرون ۽ ٻه پيش ڪم آڻيندا هئا. ڪتاب جا ڪجهه ٽڪرا ساڳيءَ صورت ۾ هيٺ ڏجن ٿا:
1. جڏهي سبق ياد ٿيو، تڏهي پهراءِ پنهنجي هيڪجهڙي سبق واري کي ٻڌايي ۽ ان جو پڻ ٻُڌي. سو ڪو ته اِن کان ٻنِي جو سبق چڱو ياد رهندو.
2. ڇوڪراڻيءَ ۾سکڻ جو ٽاڻو آهي، ان کي آرس ۽ ڀل ۾نه وڃائڻ گهرجي“.(1)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته؛  “شروعاتي دؤر جي درسي ڪتابن جي ٻوليءَ جي نحوي بيهڪ گهڻي قدر ڪچي آهي. جيڪڏهن ڪا رچنا عربي، فارسي يا انگريزي يا هندي-اردوءَ تان ترجمو ڪيل آهي ته  ان جي جملن جي بيهڪ ٻول چال جي سنڌيءَ کان ڪي قدر پري هٽي وڃي ٿي، پر لکندڙ ڪوشش ڪري نج سنڌي لفظ استعمال ڪري ٿو“.(2)
”اوائلي نثر نويسن جو سڀ کان اهم مسئلو اهو ته هنن کي پنهنجي درسي ڪتابن واسطي سماجي علمن لاءِ سنڌي ۾ متبادل لفظ ڪونه هئا. ٻئي طرف جن اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين تان ڪتاب ترجمو پئي ڪيا، انهن لاءِ موزون لفظ ۽ نثري سٽاءَ جي تلاش هئي. ان سلسلي ۾ لفظي ذخيري جي ڪميءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ هنن اڳيان ٻه واٽون کليل هيون. هڪ واٽ هئي ضرورت موجب ٻين ٻولين (هندي، سنسڪرت، فارسي، عربي، انگريزي وغيره) کان اڌارا لفظ وٺڻ ۽ ٻيو رستو هو سنڌيءَ ۾ موجود (سنڌيءَ کي ورثي ۾ مليل، تنهن وقت تائين ٻين ٻولن مان سنڌيءَ ۾ اچي سنڌي بڻجي ويل ۽ سنڌيءَ جي مٽيءَ مان پيدا ٿيل لفظ) لفظن کي نيون معنائون ڏيڻ. جيستائين موزون نثري سٽاءَ جي تلاش جو سوال آهي، ان لاءِ هر ڪنهن نثر نويس کي پنهنجي رخ ۽ رجحان موجب ان لاءِ ڪوشش ڪرڻي پئي هوندي“.(3)
1853ع ۾ سنڌي صورتخطي مقرر ٿيڻ کان پوءِ  جيڪو پهريون تاريخي ڪتاب ظاهر ٿيو، سو هو ننديرام سيوهاڻيءَ جو “تاريخ سنڌ”.  هي فارسيءَ ۾ لکيل “تاريخ معصوميء”َ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ترجمي تي ننديرام کي سرڪار  پاران انعام مليو هو ۽ ترجمي سبب ئي کيس تعليم کاتي ۾ سرڪاري ترجمان جو عزت وارو عهدو مليو هو. ننديرام جي ”تاريخ سنڌ“ کان سئو سال پوءِ 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، مخدوم امير احمد جو ترجمو ڪيل “تاريخ معصومي”ءَ جو ترجمو  ڇپايو آهي.
هيٺ مخدوم امير احمد جي ان ترجمي مان اهو هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو جيڪو ننديرام جي حوالي سان ڏنو ويو آهي. مشابهت جي سولائيءَ لاءِ اول ننديرام جو ۽ پوءِ امير احمد جو ترجمو ڏنو ٿو وڃي.
(الف) “جڏهن چچ اميرن جي ميلاپ سان گاديءَ تي ويٺو، تڏهن دروازا  خزاني جا اپٽي ڏاڻ جو سڏ وجھي چڱن ۽ مٺن کي ڪوٺي ڏاڻ ڏيئي، ٻاجهن ۽ ٿوري جي ڦاهيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين ۽ مهينو سپاهين جو واڌايائين ۽ ڍل راڄن کان گهٽايائين ان ڪئي کان ڏيهن ۽ وسندي ۽ جھجھي وسئن ٿي ۽ راڻيءَ کي پنهنجي ريت سان پرڻيو“.(4)
(ب) “جڏهن اميرن جي اتفاق سان چچ حڪومت جي تخت تي ويٺو ته خزاني جا دروازا کولي، عام سخا جو اعلان ڪيائين،  ۽ عام خاص ماڻهن کي بهره ياب ڪري پنهنجي احسان جي دام ۾ ڦاسايائين. سپاهين  جو پگهار  وڌايائين ۽ رعيت جي ڍل گهٽايائين،  جنهن ڪري ملڪ ۾ نئين قسم جي آبادي ۽ سهن ٿي. پوءِ راڻيءَ کي پنهنجي دستور موجب نڪاح ۾ آندائين“.(5)
ٻنهي ترجمن جي ڀيٽ ڪرڻ سان ننديرام جي ترجمي ۾اهي لفظ ۽ لفظن جا استعمال ڏسي سگهجن ٿا جيڪي مخدوم امير احمد جي ترجمي ۾ ڪم آندل  فارسي/ عربي لفظن جي بدران آيا آهن:

امير احمد جو ترجمو ننديرام جو ترجمو
اتفاق ميلاپ
(حڪومت جو ) تخت گادي
عام سخا جو اعلان ڏاڻ جو سڏ
عام ۽ خاص چڱا ۽ مٺا
بهرياب (ڪرڻ) ڏاڻ (ڏيڻ)
احسان ٿورو
دام ڦاهي
پگهار مهينو
رعيت راڄ
ملڪ ڏيهه
دستور ريت
نڪاح (۾ آڻڻ) پرڻجڻ

”مٿين لفظن جي ڏسڻ سان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ننديرام ڪيترائي نوان لفظ جوڙيا آهن يا نوان استعمال ڪيا آهن يا پراڻن لفظن مان نيون معنائون ڏنيون آهن. جيئن “عام ۽ خاص” لاءِ  “چڱا ۽ مٺا” ، “عام جو اعلان ڪرڻ”  لاءِ  “ڏاڻ جو سڏ وجھڻ” نوان لفظ آهن. “مهينو” جو مطلب مهيني جي ڪم لاءِ محنتاڻو “مهينو” جي وڌايل معنيٰٰٰ آهي ۽ “ميلاپ” مان “اتفاق” جي نئين معنيٰٰٰ ڇڏائي ويئي آهي. جڏهن ته مخدوم امير احمد  جي ترجمي ۾ عربي/فارسي جا لفظ گهڻا آهن پر جملن جي سٽا ، سنڌيءَ جي گرامر موافق آهي ۽ جي گهٽ استعمال سبب جملن جي سٽا ۾ جيڪا  پختگي آهي اهڙي ننديرام جي سٽا ۾ ڪانهي“.(6)
قاضي غلام عليءَ جي هنديءَ تان ترجمو ٿيل “هندستان جي تاريخ” 1854ع ۾ شايع ٿي. هن جي عبارت سليس ، عام فهم ۽ ڪنهن به ونجهاري کان قطعي آزاد آهي، ليڪن سندس سمورو اسلوب لاڙي زبان ۽ محاوري ۾ ادا ٿيل آهي. سندس عبارت کي ملاحظه فرمايو:
”جڏين انگريز سرڪار جو ڪٽڪ افغانستان جي معاملي کان واندو ٿيو، تڏين سرڪار سنڌ دريا جي  واپار جي ڇوٽڪي ۽ ملڪ جي جوڙجڪ لائي رنڀڻ لڳي ۽ خيرپور جي رياست بابت پڻ انهين وير مير علي مراد ۽ مير رستم جي وچ ۾ جهيڙو ٿي ٿيو تنهن منجهه مير علي مراد چارلس نيپيئر صاحب بهادر کي جو لارڊ النبرا جي حڪم سان سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي ڪٽڪ جو وڏو مهندار ٿي آيو هو، سمجهائي پنهنجي پار ڪيو ۽ جڏين صاحب ڪٽڪ ڳني اوري آيو تڏين مير رستم پنهنجا مائٽ پاڻ سان ڳني خيرپور کان ڀڄي ويو ۽ ماڻون هيئن ٿي چيو ته هن پٽ ۾ پنج ڪوهن تي امام ڳڙهه ڪوٽ آهي ته ۾ ڏاڍو ٿيو ويٺو آهي.... “.(7)
انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ خود سنڌي نثر نويسيءَ جو فائدو حڪمرانن کي پيو. هو وقت به وقت سرڪاري اشتهار ۽ پڌرناما، سرڪاري خبرون، خط ۽ ٻيو مواد  جاري ڪندا هئا، جن کي مڃڻ ۽ پوئواري ڪرڻ عوام لاءِ لازم هوندو هو. هتي اسان اهڙن ڪجهه سرڪاري حڪمنامن جي ٻولي ۽ انهن جا نمونا پيش ڪيون ٿا.

مڪتب جي تختي
 1855ع ۾ نوشهري ۾ هڪ سرڪاري اسڪول  لاءِ مڪتب کوليو ويو. ان جي سرڪاري تختي هن ريت لکي وئي:
هي مڪتب خانو سرڪار صاحبان  عاليشان بهادر واسطي  پڙهڻ ۽ تربيت حاصل ڪرن رعيت و عام  جي منجهه شهر نوشهره  تعلقه ساهتي، جوڙايو آهي، جيڪو خواهش علم  سکڻ جي ڪري  اچي پڙهي  جو فيض
عام آهي. 1855ع

سنڌي لکت کي سرڪاري طور نافذ ڪرڻ جو پڌرنامو
سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري طور نافذ ڪرڻ جي باوجود ڪيترائي ماڻهو  فارسيءَ ۾ درخواستون لکي ڏيندا هئا. سن 1857ع ۾ بارٽل فريئر هڪ پڌر نامو جاري ڪيو ته عرضدار پنهنجون درخواستون سنڌيءَ ۾ لکي موڪلين . اگر فارسيءَ ۾ لکڻ جو لاچار هجي ته پوءِ به سنڌيءَ ۾ ترجمو موڪليو وڃي. سنڌيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به درخواست کي نه ٻڌڻ جي ڌمڪي ڏني ويئي.ان سرڪاري حڪمنامي جي ٻولي اصلوڪي ، آسان ۽ وڻندڙ آهي.  پڌرنامي جو عڪس ۽ مواد هيٺ ڏجي ٿو:
ڪَمِشَنر صاحَبِ بَهَادُر سِنڌُ جي دَربار مَنجهَان سَڀنَي مَاڻهن چَڱن ۽ مَٺَنَ رَهنَدَڙَن سِنڌ جيکي سُڌ ٿي ڏِجي تَه ڪيِتَرا عَرضَدار عَريِضِي پَهچي نَهاوُلَهَن لاءِ حُضُور ڏانھ ٿَا مُوڪَلين تِن مَنجهَان ڪي فاَرسي ۾ ڪي سِنڌي ۾ ٿَا لِکَن اُهَا ڳَال نَا مُوچَاري آهي. تِنهنڪَري جھِ ڪِنهنکي عَريضي وَاسطي ٿيڻ نِهاوجي حُضُور ڪَمِشَنر صَاحَبِ بَهَادُر سِنڌ جي دَربار مَنجهه عرضَ رَکڻي هُجي تَه سِنڌي وَائي ۽ عَربي اکَرِن ۾ لِکي مُوڪَلي جيڪَڏهيل ڪھِ سَبَبَ کانَ فاَرسي عَريضي لَکڻَ ضَرور ڄَاڻي تهَ اُن فاَرسي عَريضي سَاڻ تَرجمو سِنڌي ۾ پڻَ ڪَرِي مُو ڪَلي تَه ٻُڌَڻ ۾ اِينديِ بس تاريخ 29 مهينو آگسٽ سن 1857“.(8)

مهاراڻيءَ جو اشتهار نامو (1858)
اوائلي سنڌي نثر جي ترقيءَ حوالي ۾مهاراڻي وڪٽوريا جي اشتهار نامي جو ذڪر ڪرڻ بيجاءِ نه ٿيندو.1857ع جي بغاوت کان پوءِ انگلينڊ جي پارليامينٽ، هندستان جي حڪومت جي واڳ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان کسي پنهنجي هٿ ۾ کنئين. 1858ع ۾ انگريز سرڪار مهاراڻي وڪٽوريا جي نالي ۾ هڪ اشتهار نامو ظاهر ڪيو جنهنکي مهاراڻي وڪٽوريا جو اشتهار نامو چيو ويوآهي. اهو اشتهار نامو ڪنهن ترجمو ڪيو، ان جي ڪا خبر ڪانهي.ٿي سگهي ٿو ته ان وقت جي سنڌيءَ جي سرڪاري ترجمان اهو ترجمو ڪيو هجي. مثال لاءِ هيٺ ان اشتهار نامي مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو؛
هندستان جي راجائن ، سردارن ۽ ٻين ماڻهن ڏي ملڪه معظم در اجلاس ڪائونسل جو اشتهار نامو:
“اڄ تائين هندستان جي ملڪ جي حڪومت ۽ ڪاروبار اسان جي طرفون آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني هلائيندي هئي، سو اسين پاڻ هلايون، انهيءَ ڳالهه جو ڪيترن ڀاري سببن ڪري پارليامينٽ جي جماعت ۾ مڙيلن لارڊس ۽ ڪامنس جي صلاح ۽ منظوريءَ سان اسان ٺهراءُ ڪيو آهي. تنهن لاءِ هاڻي، اسين هن اشتهار نامي جي وسيلي سان ظاهر ٿا ڪريون ۽ خبر ٿا ڏيون ته مٿي لکيل صلاح ۽ منظوريءَ سان مٿين  حڪومت جي ڪاروبار اسان پنهنجي هٿ ۾ رکي آهي.اسين مٿئين ملڪ ۾ پنهنجي رعيت کي فرمايون ٿا ته اسان سان اسانجي وارثن ۽ جاءِ نشينن سان، توهين ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان هلجو ۽ فرمانبرداريءَ ۾ رهجو ۽ هن کان پوءِ اڳتي مٿئين ملڪ جي حڪومت ۽ ڪاروبار اسان جي نالي تي هلائڻ واسطي، وقت بوقت جي حاڪم اسين مقرر ڪريون تن جو توهين حڪم مڃيندا رهجو“.(9)
هن اشتهار ۾ ڪائونسل، آنريبل پارليامينٽ، لارڊس ۽ ڪامنس کان سواءِ ٻيو ڪو انگريزي لفظ ڪونهي. انهن لفظن ۾ به آنريبل کان سواءِ ٻيا لفظ اسم خاص آهن. اشتهار نامي ۾ ڌيان ڇڪائڻ جهڙا عربي فارسي لفظ آهن، ملڪه معظم، در اجلاس، جاءِ نشين. ان سواءِ ٻيا سولا فارسي لفظ آهن. حڪومت، رعيت، وارث، فرمانبرداري حاڪم ، عملدار، حڪم وغيره. جيستائين جملن جي سٽا جو سوال آهي مثالي نثر ۾ جملن جي سٽا گهڻي ڀاڱي انگريزيءَ جي اثر هيٺ ٺهيل آهي.

ميونسيپل ڪاميٽي  جو اشتهار نامو (1859ع)
ڪاميٽي تاريخ 2 مهيني اپريل سنه ١٨٥٩ع تجويز ڪمن هيٺين جي ڪئي اڳ فانوسن ۾ تيل ڄانبي جو ٻرندو هو مگر پروڪي سال ۾ امتحان واسطي ڪوپريجو تيل ٻارڻ جي تجويز ٿي پر معلوم ٿيوته سياريجي ڏينهن ۾ گهڻي سرد  هوا جي سببا تيل ڪوپريجو ڄميو پئي تهڪري روشنائي ۾ حرڪت ٿي ٿي انهيلاءِ هن سالواسطي موٽي اڳوڻي موجب ڄانبي جو تجويز ڪي ٿي مگر هنڊين ۾ ڪوپريجو ٻرندو ۽ هن تجويز ڪري البته اڳوڻي تي خرچ گهٽ ۽ ڪو برابر ٿيدو ۽ ٻيو سبب لٽ ۽ مٽي جي شهر ۾ ڪلر گهڻُ ٿو ٿي تهه ۾پاڻي ڇنڊڻ بازارين ۾ ۽ گهٽين ۾ گرجي تهجي هي تجويز ته  ٻه پيپ تهجي واسطي ٻه گاڏيون جي موجود آهين تهجي واسطي ٻه ماڻو هڪڙي هڪڙي گاڏي واسطي انجو پگهار ڏيڊ روپيا زياده ٿيندا سو ابتداءِ مهيني ۾ ١٨٥٩ع شروع  ڪجي ۽ ٽي ڊڳا موجود آهين باقي هڪڙو ڊڳو پٽاندر احتياج جي چرند ڪجي ۽ اي خرچ پاڻي ڇنڊڻ جيڪي زياده ٿيندو! سو البته فانوسن جي روشنائيءَ جي خرچمان ڄانبي جوتيل ٻارڻ سببا بچندو سو خرچ مٿي ۾ ٿيندو“.(10)
هن اشتهار نامي  ۾ انتهائي سولا ۽ نج سنڌي لفظ ڪتب  آندا ويا آهن، ان اشتهار نامي ۾ عام ۽ خاص ماڻهن لاءِ  انهن جي مروج ٻوليءَ ۾ هڪ پيغام ڏنل آهي، جيڪو عام فهم ۽ سنڌي نثر جي ترقيءَ جو واضح ثبوت آهي.مگر صورتخطي موجوده دؤر کان ڪافي مختلف آهي.

آکاڻيءَ جو نمونو
 هتي ٻيو نمونو 1890ع ۾ ترجمو ٿيل هڪ ڌرمي آکاڻيءَ جو ڏجي ٿو:
هِڪَ ماڻهُو کي ٻهَ پُٽَ هوا. تن مون  ننڍي  پيءُ کي  چَيو، “اي بابا، مالَ مان مون جيڪو  ڀاڱو  منهجو ٿئي سو مون کي ڏي ته انهي مال تن کي وراهي ڏنو. ۽ ٿورن ڏيهن کان  پوءِ اهو ننڍو پٽ  سڀڪي گڏ ڪري هڪڙي ڏورئي  ڏيهه  ڏي هليو ويو ۽ اتي پهنجو سڀ مال اجهلائي ۾ وڃاءُ. ۽ جڏه سڀ کپائي  رهيو  ته انهيءَ ڏيهه ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پئو ۽ اهو پروس ٿئڻ لڳو ته انهيءَ ڏيهه  جي هڪڙي رهندڙ  کي وڃي چنبڙيو ۽ انهيءَ  پهنجي ٻنيءَ ۾ سئر  چارڻ لاءِ موڪلئس ۽ اتي ٿي  ڀانياءُ ته جيڪي ڇلون سئر ٿا کائين تن مان پهنجو پيٽ ڀريان ۽ انهي کي ڪنه به نه ٿي ڏنو. تڏه سنڀال ۾ اچي چياءُ  مهنجي پيءُ وٽ ڪيترن پورهيتن کي جهجي  ماني ٿي ملي ۽ آءُ هت بک پئو مران. ته آءُ اٿي پهنجي پيءُ ڏي ويندس ۽ چوندوساس اي بابا مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناه ڪيو آهي ۽ هاڻي انهي لائق نه آهيان جو وري تنهجو پٽ چوايان سو مون کي پهنجي پورهيتن مون هڪ جهڙوڪري ڄاڻ“.(11)
مٿي تحرير مان معلوم ٿئي ٿو ته 1890ع تائين به سنڌي صورتخطي ڪنهن يونيفارم ۽ معياري لکت ۾ اچي نه سگهي هئي، مگر لفظن جو استعمال نج ۽ تز سنڌي آهي ۽ اکاڻي ٻڌائڻ جو طريقو ڪيترو ته وڻندڙ آهي.
ڊاڪٽر مرليڌر، ٻوليءَ صورتخطيءَ جي ڪچائي ۽ پڪائيءَ لاءِ لکيو آهي ته “هن دؤر جي پهرين ويهارو کن سالن ۾ جيڪي سنڌي نثر جا ڪتاب شايع ٿيا، انهن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته لکندڙ ويچارن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ خاص جتن ڪري رهيا هئا پر آهستي آهستي ٻوليءَ ۾ اظهار جي قوت پيدا ٿيندي ويئي. ان جو گهڻو مدار ليکڪ جي شخصي اڀياس تي به آهي.شروعاتي دؤر ۾ نج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جي استعمال تي لکندڙ جو وڌيڪ ڌيان هو، جنهن ۾گهڻائي انهن سنڌي لفظن جي هئي، جيڪي سنڌي، عربي ، سنسڪرت، پراڪرت مان تدَڀو روپ ۾ اپنائي جذب ڪيا هئا، پر بعد ۾ ڏيارام گدومل شهاڻيءَ  ڪوڙو مل چندن مل کلناڻيءَ  جي لکڻين ۾سنسڪرت  تتسم لفظن جو واهپو خاص طور ڌرمي ساهت ۾ گهڻو وڌي ويو. ٻئي طرف، اسلام سان واسطو رکندڙ رچنائن ۾وري عربي-فارسي لفظ گهڻي تعداد ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. مرزا قليچ بيگ جي ٻوليءَ ۾ٺيٺ سنڌي لفظن جو واهپو وڌيڪ آهي. ساهت، سندس عبارت جي خاص خوبي آهي“.(12)
مطلب ته سنڌي نثر ۽ اسلوب جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ اڳتي هلي ڪيترائي دؤر رس نتيجا نڪتا، ان ڪري هندن ۽ مسلمانن لاءِ پنهنجي خيالات جو اظهار ڪرڻ به سهل ۽ آسان بڻجي پيو. ان رجحان جو ئي ڪرشمو آهي جو اعليٰ ادبي زبان ۽ ٻول چال جي زبان ۾ ڪا به وڏي گهاري نه پئي آهي. اڄ به ضرورت ۽ موقعي آهر جڏهن ڪن اصطلاحن جي ضرورت  پوي ٿي، تڏهن ساڳئي اصول کي مدنظر رکي، نوان نوان لفظ، ساديون ترڪيبون ۽ بامعنيٰٰٰ مرڪبات گھڙيا وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي اسلوب ۾ اڃا تائين فني حيثيت ۽ اصليت قائم آهي. ان ڪري اسان جي ادبي زبان ۾ هڪ طرف حسن ۽ دلڪشي پيدا ٿي آهي ته ٻئي طرف وري وسعت ۽ ڪشادگيءَ سان  گڏ رواني به آهي، جنهن کان ڪيئي پاڙيسري زبانون خالي آهن.

حوالا

1. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 207، 208
2. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس“ (برطانوي  دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 66
3. ستيش روهڙا:”اوائلي سنڌي نثر جو ڀاشا و گيانڪ اڀياس“، رچنا- آڪٽوبر، ڊسمبر، 1986ع
4. ننديرام ميراڻي؛ “تواريخ سنڌ“، مفرح القلوب، ڪراچي 1861ع
5. مخدوم امير احمد: ”تاريخ معصومي“ (ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،1959ع، ص 50
6. ستيش روهڙا:”اوائلي سنڌي نثر جو ڀاشا و گيانڪ اڀياس“، رچنا- اڪٽوبر، ڊسمبر، 1986ع
7. قاضي غلام علي :” هندستان جي تاريخ“،  1854ع
8. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد،  2017ع
9. ستيش روهڙا:”اوائلي سنڌي نثر جو ڀاشا و گيانڪ اڀياس“، رچنا- اڪٽوبر، ڊسمبر، 1986ع
10. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“ (انگريزي ۾)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد،  2017ع
11. اي جي گريئرسن :” برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو“(ترجمو ڊاڪٽر فهميده حسين) ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد،  2011ع، ص   177
12. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي  دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع،  ص 58

اڻويهين صديءَ جاڪي اهم نثر نويس

---

آخوند عزيز الله متعلوي (1747-1825ع)

آخوندعزيز الله ولد محمد ذاڪر بن حافظ محمد صديق مٽيارين جو رهاڪو هو. مٽيارين جي وڏي درسگاه جي استاد مخدوم محمد عثمان وٽ پڙهيو ۽ فارغ التحصيل ٿيو. عربيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائين. حديث، تفسير، فقهه، تصوف ۽ قانون ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ درس ۽ تدريس جون خدمتون انجام ڏنائين.مقصود احمد قاضي لکي ٿو ته” قاضي صاحب جو ميرن جي درٻار سان به واسطو هو. آخوند صاحب ٽالپر جي دور جو عالم هو ۽ انگريزن جو دور پڻ ڏٺو هئائين“.(1)ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس وفات جو سال 1240هه (25/1824ع لکيو آهي، جڏهن ته مقصود احمد قاضيءَ 1273هه / 1856ع لکيو آهي.
آخوند عزيز الله صاحب هڪ وڏو جيّد عالم ۽ بزرگ هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين ، جن مان هيٺيان اهم آهن:
1.شرح قصيده غوثيه ؛ قصيده غوثيه جي هيءَ شرح عربي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي.
2. تفسير القران در زبان عربي، هن جو هڪ نسخو، سنڌالاجي ۾ ڏنو ويو .
3.امام مالڪ رحه جي ”ڪتاب موطا امام مالڪ“ تي لکيل حاشيو.
4. مولوي جلال الدين شافعي جي ”تفسير جلالين“ جو ترجمو“.(2)
5. ”قرآن شريف“ جو سنڌي ترجمو
”اندازي موجب چئي سگهجي ٿو ته هن صاحب اهو ترجمو سندس پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ ۽ ان بعد ڪافي علمي مطالعي کان پوءِ چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ واري عرصي (1200- 1240هه) ۾ ڪيو هوندو.سندس اهو عظيم ڪارنامو، سنڌي ٻوليءَ جي نثري ادب ۾ پهرين ڪامياب ادبي تحريڪ آهي“.(3)ھي ترجمو پراڻي عربي آئيويٽا ۾ آھي، پر عربي-سنڌي رسم الخط جي لحاظ کان بنيادي حيثيت رکي ٿو. آخوند صاحب وارو ترجمو مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم نورنگ پوٽي ويٺل ميرپور بٺوري واري سنه 1293هه ۾ ’مرغوب هر دئار ڇاپخاني’ بمبئي مان 1877ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ۾ حاشيا، تمهيد وغيره 800 صفحا آهن. ڇپيل قرآن شريف مان هيٺ سوره ’اَلَّحَمد‘ جي معنيٰٰٰ ڏجي ٿي:
”سورة الفاتح نازل ٿي مڪي ۾ ڪن چيو مديني ۾ منجهس ست آيتون آهينِ
شروع ٿو ڪريان ساڻ نالي خدا جي جو رزق ڏيندڙ ۽ بخشيندڙ آه سڀڪا ساراهَ جڳاءِ الله کي جو مالڪ آه مڙني عالَمن جو ، جو صاحب آهي رحمت جو دنيا ۽ آخرت جو پڌرو بادشاه ٿيندو منجهه ڏينهه قيام جي توکي خاص عبادت ٿا ڪريهون ۽ توکان همراهي ٿا گهرون منجهه عبادت ڏيکار اسان کي آگا واٽ سئين پنهنجي جا آه واٽ تَنِ نبين جي نعمت ڪِي تو مٿي جَنِ نه واٽ تَن جِي ڏمرُ ڪِئو ٿئو مٿي جَن يَهُودَنِ ۽ نه واٽ گهمراهن جِي جي آهينِ نصاريٰ“.(4)
هن ترجمي لاءِ گهڻن محققن لکيو آهي ته اهو ترجمو تحت الفظ آهي. جڏهن ته ان نسخي جي آخر ۾ آخوند صاحب خود ئي لکيو آهي ته ” معلوم هوءِ مڙن ئي پڙهندڙن ۽ مطالعو ڪندڙن تي هي قرآن شريف مرادي آهي نه تحت الفظ. سبب هي ته ترڪيب ڪلام سنڌيءَ جي ترڪيب ڪلام عربيءَ جي سين موافق نه آهي. پوءِ تحت الفظي هئي ته هوند سمجهڻ اياڻن کي تمام مشڪل ٿئي تڏهن هن مصنف مراد ڪلام آندي ته سڀڪنهن خاص عام کي سمجهڻ ۾اچي“.(5)
سندس لکڻي نه ته تحت الفظ ۾آهي نه گرامر موجب بھ آھي، جنھن ۾ خاص طور تي اسم، ضمير، حرف ۽ فعلن وغيره جو سٽاءُ بھ درست نھ آھي. ان جي باوجود رسم الخط جي تاريخ ۾اھم مقام رکي ٿو.
”حاشيءَ تي قرآن پاڪ جي آيتن جي ”شان _ نزول“ جو به سنڌيءَ نثر ۾ ترجمو ڏنو اٿس. قرآن شريف جي اصلي عربي عبارت جي هيٺان آيتن جو لفظي ترجمو ڏنو آهي، ۽ ان ترجمي جي هيٺان برصغير جي مشهور عالم شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جو فارسي ترجمو ڏنو اٿس. اهو فارسي ترجمو پنهنجي سنڌي ترجمي کي سمجهڻ لاءِ ڏنو اٿس. ”شان نزول“ وارا سنڌي نثر جا ٽڪرا فارسيءَ ۾ شيخ سعدي شيرازي جي فارسي عبارت جو ترجمو آهن. ان مان اهو چڱيءَ طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته آخوند صاحب کي عربي ۽ فارسيءَ تي وڏو دسترس حاصل هو ۽ ساڳئي وقت پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ تي به ڪامل عبور حاصل هوس“.(6)
مطلب تهآخوند عزيز الله سنڌي نثر جو ”پهريون اصلاح ڪندڙ“ ۽ صحيح نموني ۾ عبارت کي ڪنهن حد تائين سنواريندڙ ضرور آهي.

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ (18211853-ع)

ڪيپٽن اسٽئڪ ، ايڊورڊ اسٽئڪ جي گهر ۾ آئرلينڊ جي فرمينگهه جي شهر ٽيوبرڊ ۾ ٿيو. هو پنهنجي والد جو پنجون نمبر پٽ هو . سندس والد مسٽر ايڊورڊ اسٽئڪ آئرلينڊ جو وڏو پادري هو. 1840ع ۾ صرف اڻويهين جي سالن جي ڄمار ۾ انڊين آرمي جي 24 ريجمينٽ بمبئي نيٽو انفيٽري ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هن کي هندستاني ٻولين سان خاص دلچسپي هئي. جنهن ڪري اردو، پنجابي، هندي، سنسڪرت ۽ ٻين هندستاني ٻولين جو هن خاص مطالعو ڪيو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ کي جڏهن حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو ته هتي هن سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ٻولي جي اڀياس جو ذاتي طور سلسلو شروع ڪيو. هي صاحب انهن عالمن ۽ اديبن مان هو، جن جو خيال هو ته سنڌي زبان سنسڪرت مان ڄاول آهي، اهو ئي سبب هو جو هن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري رسم الخط اختيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي.سنڌي نثر ۾ لغت نويسيءَ ۽ گرامر جي حوالي سان سندس خدمتون تمام وسيع آهن. سندس ڪتابن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

انگريزي-سنڌي لغت
سنڌي زبان جي پهرين لغت ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جوڙي. هن جو اهم ڪم English and Sindhi Dictionary آهي. هي ڪتاب آمريڪن مشن پريس بمبئي مان 1849ع ۾ شايع ٿيو. هن ڊڪشنريءَ تي جارج اسٽئڪ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. هن هر قسم جا اصطلاح ۽ لفظ گڏ ڪري، ڊڪشنريءَ ۾ شامل ڪيا. يقيناً، ان دؤر جي انگريزي آفيسرن لاءِ، جيڪي سنڌ ۾ برطانيه لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا، انهن لاءِ بهترين مددگار ثابت ٿي هوندي.سندس انگريزي- سنڌي لغت ۾ 12000 لفظ ڏنل آهن. منشي هيءَ ڊڪشنري ان دور جي انگريزن جي سنڌي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ اڪيلو رفرنس ڪتاب هوندو هو. هن ڊڪشنريءَ ترتيب ڏيڻ ۾ منشي براهم سچانند سندس مدد ڪئي هئي. منشي براهم سچانند حيدرآباد جو رهاڪو هو ۽ انگريزي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي مهارت رکندو. هن منشيءَ کي ڪيپٽن جارج اسٽيڪ 1846ع ۾ ملازم رکيو هو.شروع ۾ کيس پنهنجي کيسي مان پگهار ڏيندو هو.انگريز آفيسرن جي سنڌي جي امتحان ۾ سنڌي سوالن لاءِ کيس شامل رکيو ويندو هو.

سنڌي زبان جو گرامر
ڪئپٽن اسٽئڪ جو گرامر تي ڪتاب انتهائي اهم آهي، هن ڪتاب ۾ هن موضوع جي مناسبت سان سنڌي گرامر جا نه صرف قاعدا ڏنا پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي رسم الخط تي به ڪافي وزندار دليل پيش ڪيا. هن ڪتاب کي انگريزي ۽ ديونا گري رسم الخط ۾ لکيو ويو، جنهن ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ گرامر تي ڪي خاص ڪتاب موجود نه آهن، نه وري مقامي ماڻهن ۾ اهڙو شوق ڏٺو ويو آهي. هن واضح طور تي سنڌيءَ کي سنسڪرت مان ڄاڻايو. هن لکيو ته ”لسانيات جي ماهرن لاءِ سنڌي ٻولي، هند جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي دلچسپ ثابت ٿيندي، خاص طور ضميري پڇاڙي ۾ ٻٽن فعلن، حرف جر وغيره جو اڀياس دلڪش ثابت ٿيندو ۽ سنڌي ٻولي هند جي ٻين ٻولين کان نرالي ڏسڻ ۾ ايندي.
ڪيپٽن اسٽئڪ هيءُ ڪتاب 1847ع ۾ لکيو هو پر شايع 1849ع ۾ ٿيو.اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ ضميمي طور نثر ۾ چيل پنج سنڌي لوڪ ڪهاڻيون به ڏنيون. ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته ”جارج اسٽئڪ کي جس آهي، جنهن انهن آکاڻين کي چارٽن ۽ ڳالهين جي عبارت ۽ ٻولي ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنهن نموني اهي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ نثري ڳالهيون ۽ نظمي قصا ٻڌائيندا آهن. پهريون چار آکاڻيون نثر ۾ ڇپيل آهن پر راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ ۾ نثر ۽ نظم جو ميل آهي“.(7)

سنڌي-انگريزي ڊڪشنري
انگريزي-سنڌي سان گڏوگڏ هو سنڌي-انگريزي ڊڪشنري تي به ڪم ڪري رهيو هو. انگريزي-سنڌي ڊڪشنري ۾ هڪ ٻئي منشي ڄيٺارام براهم هن جي مدد ڪئي هئي. منشي ڄيٺارام براهم پڻ حيدرآباد جو رهاڪو هو ۽ انگريزي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي مهارت رکندو. هي منشي ڪيپٽن ڊسٽنر ول ۽ منشي ميران محمد شاهه سان گڏ ڪم ڪندو آيو. انگريز آفيسرن جي سنڌي جي امتحان ۾ سنڌي سوالن لاءِ کيس شامل رکيو ويندو هو.مسلسل ڪم ڪرڻ جي ڪري هو بيمار ٿي چڪو هو، جڏهن ڊڪشنريءَ جا صرف 160 صفحا اڃا مس ڇپيا هئا ته سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ عاشق 9 ڊسمبر 1853ع ۾ وفات ڪري ويو. بهرحال، سندس ڊڪشنري جو باقي حصو گڏ ڪري، مسٽر بي ايڇ ايلس، سنڌ جي تعليم کاتي جي انچارج 1855ع ۾ شايع ڪرايو ۽ جارج اسٽئڪ جي وصيت موجب ڊڪشنريءَ کي ديوناگري خط ۾ شايع ڪيو ويو، حالانڪه سرڪاري طور عربي-سنڌي رسم الخط مقرر ٿي چڪي هئي. هيءَ ڊڪشنري پڻ آمريڪن مشن پريس، بمبئي طرفان شايع ڪئي وئي. ڊڪشنري جي مهاڳ ۾ مسٽر بي ايڇ ايلس لکيو آهي ته ”ڪئپٽن اسٽئڪ جي مذڪوره لغت، بلاشڪ سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ ”سنگ ميل“ جي حيثيت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها ئي هڪ شروعاتي لغت هئي، جنهن ملڪي توڙي غير ملڪي عالمن ۽ تعليم يافته ماڻهن کي سنڌيءَ سان روشناس ڪرايو، ان ڪري آنجهاني ڪئپٽن اسان جي نگاهن ۾ سدائين عزت ۽ آبروءَ سان زندهه رهندو“.(8)
هن صاحب عيسائين جي مقدس ڪتاب گاسپل آف سينٽ مٿيوز (Gospel of Saint Matthews) جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي ترجمو هن ديوناگري رسم الخط ۾ ڪيو. هي ڪتاب ان وقت جي اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هو. هن مذهبي ڪتاب جو سهڻي سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو بمبئي جي آگزيلئري بائيبل سوسائٽي پاران 1850ع شايع ڪيو“.(9) هي مذهبي ڪتاب ان دور ۾ ڪراچيءَ جي فري اسڪول جي شاگردن جي ڪورس تي رکيل هو.

شاهه جو رسالو
”سندس اڀياس هيٺ سنڌي ٻولي ته رهي پر ماڻهن جي واتان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو ٻڌائين. گهڻو ڪري ڀٽ شاهه جي فقيرن کي گهرائي شاهه جو ڪلام ٻڌندو هو. چون ٿا ته هر هفتي شام جو گهوڙي تي چڙهي ڀٽ شاهه ويندو هو ۽ اتي شاهه جو راڳ ٻڌندو هو ۽ صبح جو موٽي حيدرآباد ايندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ شاهه جي ڪلام جي ڳولا ۾ به مشغول رهيو. سندس وڏو ڪارنامو شاهه عبدللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هڪ نسخو مرتب ڪرڻ هو، جيڪو شايع ٿي نه سگهيو. اڄڪلهه اهو ڪتابي نسخو ايران جي ليئبريري ۾ رکيل آهي“.(10)

ڪيپٽن اي- پي آرٿر

”ڪيپٽن ايڊورڊ پينفولڊ آرٿر 1850ع کان سنڌ پوليس ۾ليفٽيننٽ ۽ پوءِ ڪيپٽن جي عهدي تي فائز رهيو. هو مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدن تي به ڪم ڪري چڪو هو. بنيادي طور تي فارسي زبان جو ترجمان هو. هن سنڌي ٻوليءَ جو خاص امتحان به پاس ڪيو هو. جڏهن سنڌ جي ڪمشنر مسٽر پرنگل 1848ع ۾پنهنجي زيردست آفيسرن کان گهر ڪئي ته هو ٻڌائين ته سنڌيءَ لاءِ ڪهڙو خط مناسب رهندو ته ان سلسلي ۾ڪيپٽن آرٿر پنهنجي رپورٽ ۾خط نستعليق اپنائڻ جي صلاح ڏني هئي.هن، ان سلسلي ۾ هڪ پنهنجي الفابيٽ به تيار ڪئي هئي، مگر اها عام استعمال ۾ نه آئي“.(11)سنڌي زبان جي ٻه پهريان ڪتاب شايع ڪرڻ جو سهرو به ڪيپٽن آرٿر ڏانهن وڃي ٿو.

حڪايت الصالحين
آڪٽوبر 1851ع ۾ هڪ قديم مخطوطو “حڪايت الصالحين” سرڪاري خرچ تي ڇاپي پڌرو ڪيائين. اصل عربيءَ ۾ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو هڪ بزرگ ولي محمد جو ڪيل هو.580 صفحن جي هن ضخيم ڪتاب جون 200 ڪاپيون ليٿو ۾ ڪراچي ايڊورٽائيزر پريس، جنهن کي ان وقت اردشير پارسيءَ جو ڇاپخانو به چوندا هئا ،منجهان ڇپائي پڌرو ڪرايائين. “حڪايت الصالحين” ۾ نبين ۽ ولين جا نظم ۽ نظمي نثر ۾قصا بيان ڪيل آهن. ڪيپٽن آرٿر هن ڪتاب تي ٻن صفحن جو مهاڳ به لکيو هو. .”حڪايت الصالحين“ جو ذڪر برٽن بھ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪيو ھو.

دوسا ڀائي جا جملا
ڏسندي ئي ڏسندي ايندڙ ڏهن مهينن اندر وري ٻيو ڪتاب ”دوساڀائي جا جملا“ چئن زبانن ۽ چئن ڪالمن ۾ ڇاپي عوام آڏو آندائين. هن ڪتاب جون به ٻه سو ڪاپيون ارد شير پارسيءَ جي ڇاپخاني مان ليٿو ۾1852ع ۾ ڇپرايائين. منشي دوساڀائي سهرابجي (1786ع -1870) گجرات ضلعي ۾ پيدا ٿيو. هن منشي طور انگريزن سان خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس مشهور ڪتاب “Idiomatical Sentences” 1813ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ انگريزي- هندي- فارسي ۽ گجراتي محاور ا ڏنل هئا.هن ڪتاب جا ان دور ۾ ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجما ڪيا ويا.
هي نثري ڪتاب هو، جنهن ۾ انگريزي، هندي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جا جملا چئن ڪالمن ۾ ڏنل هئا. ڪتاب ۾فوجي، طبي ، قانوني ۽ روزمره جي استعمال جا لفظ ۽ جملا ڏنل آهن . هي ڪتاب ڪيپٽن آرٿر ، منشي غلام عليءَ جي مدد سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هي ڪتاب انتهائي معلوماتي هو، جيڪو استادن ، شاگردن سان گڏوگڏ انگريز عملدارن لاءِ پڻ مفيد هو. هن ڪتاب ۾ ليفٽيننٽ ڊڪسن جو ترجمو ٿيل آکاڻيون پڻ شامل هيون. جيڪي هن گليڊون فرانسس (وفات 1813ع) جي ”پرشين منشي“(حڪايات لطيف) تان ترجمو ڪيون هيون. هن ۾ پنجاهه آکاڻين جو سنڌي ترجمو شامل هو.

سر بيرو ايلس (18231887-ع)

سر بيرو ايلبرٽ ايلس، بارٽل فريئر جو اعتماد رکندڙ آفيسر هو ۽ فريئر جي غير موجودگيءَ ۾ سنڌ جي ڪمشنر جا فرائض به انجام ڏيندو هو. هو ان عهدي تي 1851ع کان 1858ع تائين رهيو. سنڌ ۾ تعليم کاتي جو انچارج به مسٽر ايلس هو. هن صاحب سنڌ ۾ تعليم جي ڦهلاءَ، ڪتب نويسي، سنڌي رسم الخط، سنڌي درسي ۽ ادبي ڪتابن جي ڇپائي، سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي بابت علمي ڪم، سنڌ ۾ اسڪول کولرائڻ، استاد مقرر ڪرائڻ ۽ هر انهيءَ ڪم ۾ حصو ورتو، جنهن جو سهرو بارٽل فريئر کي ڏنو وڃي ٿو. مسٽر ايلس هر ڪم ۾ بارٽل فريئر کي انتظامي طور بهترين رٿون ڏيندو هو، جنهن جي منظوري بارٽل فريئر بمبئي حڪومت کان حاصل ڪندو هو“.(12)

سنڌي رسم الخط کي سرڪاري جي جوڙجڪ
مسٽر ايلس عربي، سنڌي رسم الخط جو حامي هو، ان ڪري هن دليلن سان فريئر کي راضي ڪري ورتو ته سنڌ ۾ عربي، سنڌي رسم الخط لاڳو ڪئي وڃي. جڏهن ته هندو ڪميونٽيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ هن خداوادي خط جي اصلاح جو ڪم به شروع ڪرايو.مسٽر ايلس سنڌي الف ب جي اصلاح لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن ۾ اٺ ميمبر هئا، ان ڪاميٽي جو سربراهه مسٽر ايلس بيرو پاڻ هو. هن ڪاميٽيءَ جون مستقل گڏجاڻيون ٿينديون هيون. ڪميٽيءَ عربي رسم الخط جي آڌار تي 52 اکرن تي مبني عربي - سنڌي رسم الخط تيار ڪئي، جيڪا پوءِ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري طور متعارف ڪرائي وئي. ڪاميٽي جي منظور ڪيل الف ب جي پٽي کي مارچ 1853ع ۾ مسٽر ايلس پنهنجي نالي سان شايع ڪيو ويو.

ايسپ جون آکاڻيون
سن 1854ع ۾”ايسپ جون آکاڻيون“ ننديرام ميراڻي ۽ مسٽر ايلس گڏجي ترجمو ڪري شايع ڪيو. مگر ڪتاب جو پهريون ڇاپو ايلس جي نالي سان ئي شايع ٿيو هو. هيءُ ڪتاب ارد شير رستمجيءَ جي ڇاپخاني مان ليٿو ۾ شايع ٿيو.ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مسٽر ايلس سنڌي زبان تي ايترو عبور حاصل ڪري چڪو هو جو سنڌي ۾ ترجما ڪري ٿي سگهيو. هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ ٻه سئو ٻه (202) مزيدار آکاڻيون (Fables) آهن. اهي توڙي جو جانورن، جيتن ۽ بي جان شين جي واتان بيان ڪرايل آهن، ته به انهن ۾ انسان ذات لاءِ ڪيترائي عقلي، اخلاقي ۽ سياسي سبق ۽ نصيحتون سمايل آهن. اُن جي مٿان انگريزيءَ ۾ هي الفاظ لکيل آهن:
Esops Fables in Scindee – Kurrachee: Lithographed by Ardaseer Rutomjee 1854

دنيا جو نقشو
1853ع ۾ سر بيرو ايلس اسڪولن جي ٻارن لاءِ دنيا جو نقشو سنڌي اکرن ۽ انگن ۾ شايع ڪرايو.

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي ڊڪشنري
سر بيرو ايلس جو ٻيو اهم ڪم اهو هو ته هن ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ کي نه صرف شايع ڪرايو پر ان جو ديباچو پڻ لکيو. هن ڊڪشنريءَ بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته ”سنڌي - انگلش ڊڪشنري رايل سائيز جي 437 صفحن جي آهي. انهيءَ جي ڇپائي جو ڪم بي ايڇ ايلس پنهنجي نگرانيءَ ۾ پورو ڪرايو. ايلس اها ڊڪشنري 1855ع ۾ بمبئي مان سرڪار جي تعليم کاتي طرفان ڇپائي پڌري ڪئي. انهي ۾ اٽڪل ويهه هزار کن سنڌي لفظ ڏنل آهن“.(13)

سنڌ جي تعليم بابت رپورٽ
1854ع ۾ هن سنڌ جي تعليم تي هڪ رپورٽ تيار ڪري ورتي، جيڪا 1856ع ۾ شايع به ٿي. هن رپورٽ ۾ هُن سنڌ ۾ انگريزن کان اڳ تعليمي نظام، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري طور نافذ ڪرڻ، سنڌي لپيءَ جي باري ۾ ماهرن جا رايا ۽ موجوده الف، ب جي جڙڻ سميت نوان اسڪول کولڻ ۽ درسي ڪتابن جي اشاعت تائين اهم معلومات ڏنل آهي. اها رپورٽ سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ پهرين لکيل رپورٽ آهي، جيڪا مسٽر ايلس لکي ۽ بارٽل فريئر منظوري لاءِ پيش ڪئي. اها رپورٽ اڄ به سنڌ جي تعليم جي تاريخ مطالعي جي سلسلي ۾ اهم سمجهي وڃي ٿي. سنڌ جي ڪمشنر سر هينري بارٽل فريئر سنڌ ۾ تعليم بابت بي. ايڇ. ايلس جي رپورٽ سان شامل سندس روانگي واري خط ۾ صاف طور ڄاڻايو آهي ته مسٽر ايلس اڳين مسلمان عالمن جي ”ايجاد ڪيل“ حرفي صورتن کي سامهون رکي انهن مان ڪي خاص صورتن وارا حرف استعمال لاءِ چونڊيا ۽ پڻ جزوي ترميمن سان ڪي ٻيا اکر شامل ڪري الف- بي پوري ڪئي.

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ (1828-1885ع)

ڊاڪٽر ٽرومپ هڪ جرمن اسڪالر هو. هن کي چرچ مشنري سوسائٽيءَ پاران سنڌ ۾ ان لاءِ موڪليو ويو ھو ته ھو سنڌي ٻولي، گرامر ۽ ڊڪشنرين تي ڪم ڪري. ھو اچڻ سان پنهنجي ڪم کي لڳي ويو .ھتي ھن ٿوري عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي مھارت حاصل ڪري ورتي. بي- ايڇ ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙايل عربي سنڌي الفابيٽ کي نامڪمل سمجھندي مٿس سخت تنقيد ڪيائين. نومبر 1854ع ۾ لنڊن ۾ پنهنجي ھيڊ آفيس (The Parent Company of Church Missionary) کي سنڌي الف-ب بابت پنهنجا ويچار ۽ جامع رٿا تيار ڪري موڪلي ڏنائين. جنهن ۾ ايلس تي سخت تنقيد ٿيل ھئي. ان سلسلي ۾ هن لکيو ته ”انهيءَ قسم جي ڪچري (ايلس جي نگراني ۾ ٺهيل الف -ب) کي ٻھارڻ خاطر سنڌي الف - ب تي ھن سان گڏ شامل چوپڙي لکي اٿم. جنهن بابت اھو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان ته بمبئيءَ ۾ موجود مشرقي علوم جي عالمن ۽ سنڌ جي ڪمشنر وٽ ڏاڍي مڃتا ماڻي چڪي آھي. انهن بنيادن تي مسٽر ايلس پاران اسڪولن ۽ آفيسن ۾رائج ڪيل الف-ب کي رد ڪري مون پاران تيار ڪيل الف -ب کي ان جي جاءِ تي نافذ ڪيو ويندو“.(14)

Sindhi Reading Book
1858ع هن هڪ ڪتاب “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” نالي سان لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هي ڪتاب ديوناگري ۽ عربي اکرن تي آڌاريل هو. هن ڪتاب ۾ تبليغي مواد به ڏنو ويو هو، ڇو جو ٽرومپ عيسائي چرچ جو مشنري (مبلغ) هو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو اٿائين ته ” هن هي ڪتاب سنڌ ۾ ايندڙ عيسائي مبلغن جي مدد لاءِ شايع ڪرڻ لاءِ مذهبي مواد ۽ مذهبي ڪتابن لکڻ ۾ مدد ملندي“.(15)
هن ڪتاب ۾ بائيبل جا ڪجهه جملا به سنڌي ۾ ترجمو ڪيل آهي, جن ۾ Ten Commandment به شامل آهن. ڪجهه مذهبي قسم جا راڳ، دنيا جو وجود ۾ اچڻ حضرت آدم عليھ السلام جو بهشت مان ڪرڻ، انهيءَ کان علاوه تبليغي Text به ڏنل آهي. جنهن ۾ هن ڪي حصا قرآن پاڪ ۽ بائيبل مان ڏئي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻئي مذهبي ڪتاب انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ٿا ڪن ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام خدا جو پٽ هو. انهيءَ ڪتاب ۾ اخلاقي سبق ڏيڻ لاءِ ڪي آکاڻيون به ڏنل آهن. نظم واري حصي ۾ ليليٰ مجنون متعلق شاعري قابل ذڪر آهي، هن ڪتاب ۾ نظم ۽ نثر جو سٺو ميلاپ ڏنل آهي“.(16)
ڊاڪٽر 1858ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ جي ڪتاب ۾ ھيٺين چئن ڪتابن جي نسخن جو ذڪر به ڪيو آھي:
1- اڏيرو لعل اڌ سنڌي اڌ پنجابي
2-سورٺ سنڌي
3-سسئي سنڌي
4-ڪاسين ڪام روپ سنڌي
انهن ڪتابن ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ، ڪوي ناٿ ۽ مينگھي ڀڳت جا سلوڪ پڻ ڏنا آھن.

شاهه جو رسالو
شاهه جي شاعري پڻ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ جي تحقيق جو مرڪز رھي. سندس ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو يعني ديوان عبداللطيف ڀٽائيءَ جو“ هن سلسلي ۾ تمام معياري ڪتاب آهي.ھي پرڏيھي، توڙي ڏيھي اديبن مان پھريون اديب ھو، جنھن شاھه جي شاعريءَ تي سڀ کان پھرين سخت محنت ڪري ھن جي لازوال ادبي سرمائي کي گڏ ڪيو ۽ پهريون دفعو 1866ع ۾ جرمنيءَ جي شھر لپزگ مان هند سرڪار جي مالي سهڪار سان ڇپرائي شاھه جي ڪلام کي محفوظ ڪري ڇڏيو. ھن سنڌي صورتخطي جوڙي ۽ پاڻ سنڌي-عربي فارسي طرز تي الف-ب لاءِ لوھي ٽائيپ رائيٽر جوڙائي ۽ رسالو شايع ڪرايو. سنڌي ٻوليءَ تي ھن تمام اھم کوجنا ڪئي. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ٽرومپ لکيو آهي ته ” مان قصا، ڪهاڻيون، ڪافيون ، راڳ، ڏوهيڙا ويس ڪٺا ڪندو، انهيءَ مراد سان ته انهن مان سنڌي ٻوليءَ جي پوري کوجنا ڪريا ۽ ٻولي جي ڄاڻ حاصل ڪريان. مان اهي بيت ۽ ڪافيون وغيره فقيرن ،ڀٽن، چارڻن ، سراندين ، مگڻهارن کان ٻڌندو هوس، جي ميلن ، مجلسن، محفلن تي ڳائي ماڻهن کي وندرائيندا هئا. منهجو ويچار هو ته اهو سڀ ڪٺو ڪيل مصالحو ترتيب وار ٺاهي سنڌي عوام لاءِ هڪ قسم جو ادب موجود ڪيان ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيان“.(17)
ڊاڪٽر گربخشاڻي ڊاڪٽر ٽرومپ جي رسالي لاءِ لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر ٽرومپ پهريون شخص هو، جنهن شاهه جي رسالي کي اوندهه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو. رسالي جي تياريءَ لاءِ ٽرومپ کي ٻه پراڻا قلمي نسخا هٿ آيا، جن کي هن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڄاڻوءَ جي مدد سان ڀيٽيو. هن جي ڇاپي ۾ ڪي غلطيون به آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي بقول ”صورتخطي خود بناوتي آهي ۽ اُها اردوءَ- گاڏڙ به آهي“.(18)
ارنيسٽ ٽرومپ هن کي ”رسالو“ توڙي ”ديوان“ ٻئي عنوان ڏنا آهن. رسالي جو هيءُ ڇاپو اڻپورو آهي، جنهن ۾ فقط 26 سر شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرومپ جي چوڻ موجب ضخامت ۽ قيمت وڌي وڃڻ ڪري باقي سُر شامل نه ڪيا ويا. هن ڇاپي ۾ 2529 بيت ۽ 159 وايون شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرومپ، هن ڇاپي لاءِ مواد ڪنهن مقامي پڙهيل منشيءَ جي مدد سان ’ٻه سٺا قلمي نسخا‘ (سندس چوڻ مطابق) ڀيٽي، مرتب ڪيو. ٻنهي جي پڙهڻين ۾ جتي به اختلافي صورت پيدا ٿي ته اتي عام فهم پڙهڻيون اختيار ڪيون ويون.

Grammar of Sindhi Language
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ اهو پهريون پرڏيهي عالم ھو جنهن 1872ع ۾ سنڌي تي جامع ڪتاب لکيو، هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان تي ويچار پڻ پيش ڪيا.سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ خوبين توڙي اُن جي ادب جي رنگارنگيءَ ٽرومپ تي چڱو اثر وهاريو، ان ڪري هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو ۽ تفصيل سان سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ بڻ بنياد کان وٺي اُن جي صرفي ۽ نحوي خوبين تي تفصيل سان لکيو. جيئن ته ارنيسٽ ٽرومپ سنسڪرت ۽ پراڪرت جي خاص سکيا ورتي هئي، انهيءَ ڪري هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي اسڪرپٽ جي خلاف هو. سندس چوڻ مطابق عربي اکر پراڪرت زبان کي بيان ڪرڻ لاءِ نهايت ناموافق آهن، جيئن ته سنڌي ٻولي پراڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي، انهيءَ ڪري عربي خط سنڌي ٻولي لاءِ ناموزون آهي.
هن هڪ دلچسپ ڳالهه به ڪئي آهي، جنهن موجب ڪي شڪاري ۽ ڀنگي هن جي پاڙي ۾ رهيا پئي، جن جي ٻولي به سنڌي هئي. ٽرومپ اُنهن جي ٻوليءَ ۽ ريتن رسمن جو گهرو اڀياس ڪيو. گرامر جي ڪتاب ۾ پهريان تعارف (Introduction) ڏنل آهي. جنهن ۾ سنڌي جي سنسڪرت ۽ پراڪرت سان لاڳاپي ۽ سنڌي الفابيٽ تي بحث ڪيو ويو آهي. گرامر واري حصي کي ويهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ آخر ۾ ٻه ضميما (Appendix) به ڏنل آهن.
ٽرومپ سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص آوازن ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“ ۽ ”ڳ“ تي پڻ کوجنائون ڪيون، ۽ انهن آوازن جي ڀرپور تشريح ڪئي. ڊاڪٽر ٽرومپ ئي اهو ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ لاءِ 1853ع ۾ جوڙيل عربي سنڌي لپيءَ خلاف رايو ڏنو، ۽ چيو ته ”اها لپي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون نٿي ڪري“. ان کان سواءِ هن ڪاروبار لاءِ جوڙيل واڻڪي لپيءَ تي پڻ تنقيد ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي پڻ ڊاڪٽر ٽرومپ تحقيق ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مکيه لهجن اترادي، وچولي ۽ لاڙي وغيره تي لکيائين.

English and Sindhi Dictionary
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ انگريزي ۽ سنڌي لغت تي به ڪافي ڪم ڪيو هو، مگر بيماري ۽ پوءِ اوچتو وفات جي ڪري سندس اهو ڪم اڌورو رهجي ويو.مطلب ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ جون لطيفيات، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي گرامر تي ڪيل خدمتون بي مثال ۽ يادگار آهن. سندس ڪيل تحقيقون سنڌي ادب ۾ هميشه ياد رهنديون.

ميجر هينري ايف - جي-گولڊ سمڊ (1818-1908ع)

ميجر جنرل سرهينري فريڊرڪ جان گولڊ سمڊ جو جنم ۾ ملان، اٽليءَ ۾ ٿيو، هن تعليم ڪنگز ڪاليج اسڪول، لنڊن مان حاصل ڪئي. هن 1839ع ۾ صرف 21 سالن جي عمر ۾ مدراس آرمي ۾ شموليت اختيار ڪئي. نوڪري دوران ميجر گولڊ سمڊ جو هڪ اهم ڪارنامو اهو به هو ته هن سنڌ سميت بلوچستان ۽ هندستان ۾ ٽيليگراف جو بنياد وڌو. 1865ع ۾ کيس انڊو يورپين ٽيليگراف جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. مسٽر نائونمل پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ لکي ٿو ته ”ميجر گولڊ سمڊ عالم فاضل، خوش خلق، قياس وارو ۽ ٻين جهڙو اعليٰ حوصلو رکندڙ هو. هو ڪمشنر جي سياسي، تعليمي ۽ جاگير جي محڪمن ۾ وڏي مدد ڪندو هو“.(19)
هن صاحب ، الف ب جي تياري، ڪتابن جي اشاعت، سنڌ ۾ اسڪولن جي کولڻ لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن.

سنڌي الف -ب ڪاميٽي
1853ع ۾ جڏهن سنڌي الف -ب لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي ، ان ۾ هي عملدار سرڪار طرفان ميمبر هو. هو عربي سنڌي رسم الخط لاءِ لکي ٿو ته ”اسان سنڌ جي سرڪاري زبان عربي سنڌي سمجهو ٿا. عربي سنڌي الف ب جي تاريخ ، اسان کي يقيني طور تي ٻڌائي ٿي ته اها پهرين صدي هجري ۽ عربن جي ڪاهه کان پوءِ ٿوري گهڻي، ملڪ ۾ ضرور رواج هيٺ آيل هئي. انهيءَ صورتخطيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب سهڻي نموني ۾ ڇپيل آهن. ان نقطه نگاهه کان اها لپي ، سن 1853ع واري مقرر ڪيل صورتخطيءَ جي صورت ۾ جڳهه والاريندي، جيڪا سرباٽل فريئر جي هدايتن مطابق مسٽر ايلس طرفان تيار ڪرايل ۽ ليٿو گراف ذريعي ڇپايل آهي“.(20)

تعليم کاتي ۾ خدمتون
گولڊ سمڊ کي تعليم کاتي جو ڪيترائي سال انچارج رهيو. هن سنڌ جي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو، هن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ خاص طور تي اسڪول کولرايا ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ ورنيڪيولر اسڪول کوليا. سنڌ جي گزيٽيئر موجب اهڙن اسڪولن جو تعداد ٻارنهن (12) هو. هنن اسڪولن ۾ خالص سنڌي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. انگريزي اسڪولن جو الحاق بمبئي يونيورسٽي سان ڪيو ويو. هن صاحب ڪوشش ڪري استادن جي کوٽ کي گهٽ ڪيو. اسڪولن ۾ قابل استادن کي مقرر ڪيو ويو. سرڪاري دلچسپي ۽ سرپرستيءَ جي ڪري والدين ۾ ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ جو رجحان وڌيو ۽ حاضري ۾ اضافو ٿيو. استادن جي سکيا لاءِ حيدرآباد ۾ نارمل اسڪول جو بنياد وڌو ويو. 1846ع ۾ شڪارپور ۾”ثانوي مڊل اسڪول“ جو پڻ بنياد رکيو ويو، جيڪو بعد ۾ 1873ع ۾ هاءِ اسڪول بڻيو“.(21)
درسي ڪتابن جي اشاعت ۾ ڪردار
ڪيترائي درسي ۽ غير درسي ڪتاب سرڪاري طور شايع ڪرايا ۽ ليکڪن کي معقول معاوضو ڏياريو. اهي ڪتاب ڇپائيءَ ۽ تعليمي معيار جي لحاظ کان بهتر هئا. اهڙن ڪتابن ۾ سائنس، سماجي اڀياس، حساب ، سنڌي گرامر، مطلب ته هر قسم جا مضمون اچي وڃن ٿا.ان دور جي ڪتابن جي ٽائيٽل پيجن کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن مان اڪثر ڪتاب سندس ئي سفارش تي شايع ٿيندا هئا.

قصو سسئي پنهون
ميجر گولڊ سمڊ جو ٽيون وڏو ڪارنامو اهو به هو ته هن سنڌ جي مشهور قصي سسئي پنهون جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري 1863ع ۾ لنڊن مان شايع ڪرايو. اهڙي طرح سنڌ جي هن مشهور قصي کي يورپي دنيا ۾ متعارف ۽ مشهور ڪيو. ان سلسلي ۾ هن محمد عارف جي بيتن کي هوبهو ۽ دلڪش انداز ۾ ترجمو ڪيو. بعد ۾ ساڳئي ڪتاب کي هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪيائين، يعني هڪ طرف سنڌي بيت ته ٻئي طرف ان جو منظوم ترجمو انگريزي ۾ ڏنائين. ميجر گولڊ سمڊ جو سسئي پنهون جي قصي جو ترجمو اڄ به ترجمي جي دنيا ۾ خصوصي ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو.هن ترجمي سان گڏ گولڊ اسمڊ انگريزيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جو پسمنظر ڏنو آهي ۽ قصي سسئي پنهون کي تاريخي حوالن سان بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي لوڪ ڪهاڻين واري سيريز ۾ هن جي ترجمي کي ساراهيو آهي.

شڪارپور جي تاريخ
هن شڪارپور جي اوائلي تاريخ، برطانوي ڪاميابي، واپار، مذهبن، قبيلن، ذاتين، هنرن، آدمشماري، بکر ۽ روهڙي جي سيدن ۽ پوري شڪارپور جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن تي بهترين رپورٽ تيار ڪئي جيڪا Shikarpur: Early History of Ameers of Sindh and the British conquest, trade and commerce, religion, tribes, castes, profession, census, returns syeds of Bhakkar and Rohri. جي عنوان سان شايع ٿي.

سنڌي صرف و نحو
انهن سڀني خدمتن کان وڌيڪ سندس اهم ڪارنامو سنڌي گرامر آهي. هي ڪتاب ”سنڌي صرف ۽ نحو“ جي نالي سان گورنمينٽ آف انڊيا ڪراچي پاران سن 1860ع ۾ شايع ڪرايو ويو. هي ڪتاب جيتوڻيڪ سنڌي جو مڪمل ۽ معتبر گرامر تسليم ڪيو ويو، مگر ٻيهر ڪڏهن به شايع نه ٿيو.اڄ هي ڪتاب اڻلڀ آهي. ميجر گولڊ سمڊ گرامر جو ھي ڪتاب پاڻ نه لکيو هو، پر هن ماهرن جي مدد سان تيار ڪرايو هو. جنهن ۾ هن جو ذاتي طور به وڏو ڪردار شامل هو. هن ڪتاب ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي اصلاح واري ڪاميٽي جي ميمبر ميان محمد جو سهڪار شامل هو، جنهن کي هو ”مولانا محمد“ ڪري سڏيندو هو. پنهنجي طرفان ڪتاب تي وضاحتي مهاڳ انگريزيءَ ۾ لکيائين. ڪتاب جي منظوري ۽ ڇپائي لاءِ لکيو اٿس ته ”مون هن مسودي کي چڱي طرح نظر مان ڪڍيو آهي ۽ ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سرڪاري خط نمبر 1969/ بتاريخ 19 آگسٽ 1859ع سان منظوري ڏيڻ فرمائي. هن ڪتاب جو خاص واسطو ابتدائي اسڪولن سان آهي، پر هن لاءِ اها به سفارش ڪئي وڃي ٿي ته اهو انگريزي پڙهندڙ سنڌي شاگردن کي به پڙهڻ گهرجي“.(22)

(ع1886-1843)جارج شرٽ

ريورنڊ جارج شرٽ برطانوي مشنري مبلغ هو. شرٽ جي باري ۾ ڏيارام وسڻ مل، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”ٽيون انگريزي عالم هو جارج شرٽ، چرچ مشن سوسائٽيءَ وارو، سرڪاري عملدار نه هوند ي به هن صاحب جي سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي دلچسپي هئي“.(23) هو 1873ع تائين حيدرآباد ۾ رهيو ۽ سنڌي ٻولي لکڻ، پڙهڻ ۽ ان بابت تحقيق ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي ورتائين. حيدرآباد ۾ هو مشن سوسائٽي سان لاڳاپيل هو ۽ 1874ع ۾ واپس برطانيا هليو ويو. ٻن سالن کان پوءِ وري سنڌ واپس آيو ۽ ڪراچي مشن سوسائٽيءَ سان وابسته ٿيو. هن دفعي هن تمام گهڻو لکڻ جو ڪم ڪيو، جنهن ۾ سنڌي-انگريزي ڊڪشنريءَ جو ڪم به شامل هو“.(24)

مشنري ڪتاب
حيدرآباد ۾ هن بائيبل جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جارج شرٽ جا سنڌي ۾ عيسائي پرچار لاءِ هيٺيان ڪتاب اهم آهن:”سچو واپاري (ديوناگري1875ع)، ”سوال جواب“ (1877ع)،”سچي ساهمي“ (1877ع)، ”دائود جو زبور“(1879ع)، ”پراڻي ٻولي“ (1879ع، ”عادل امير“ (1880ع)، ”جوان سنڌين ڏي خط“ (1888ع)، ”خط بنام جوانان هند“ (1881ع)، ”خط بنام جوانان هند-2“ (1881ع)، ”خط بنام جوانان هند-3“ (1881ع)، ”خط بنام جوانان هند-4“ (1881ع)، ”خط بنام جوانان هند-5“ (1881ع)، ”خط بنام جوانان هند-6“ (1881ع، ”خط بنام جوانان هند-7“ (1881ع)، ”طرحدار ڀڳڙي“ (1881ع)،”قيمتي روح“ ديوناگري (1882ع)، ”قيمتي روح“ (1884ع)، ”تعليم جو منڍ“ (1885ع، ”هڪڙي شيدي نينگري بابت“ (1885ع)، ”تعليم نامو“ (1893ع) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.سنڌي زبان ۾ جان بنيان ”دي پلگرمس پراگريس“ (The Pilgrim's Progress) جو ترجمو پنهنجي دور نالي وارن اديبن جارج شرٽ ڪيو. جارج شرٽ، سنڌ جي اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي شاگرد جي ڪورس تي رکيل هن ڪتاب کي 1877ع ۾ ٻن ڀاڱن ۾ ترجمو ڪيو. هن ڪتاب کي اصلي نالن ۽ ماڳن سان پيش ڪيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق لاءِ خدمتون
جارج شرٽ سنڌي ٻولي تي به تحقيق ڪئي، ٻولي تي نظريو ڏنو . سندس خيال هو ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي ڌيءُ آهي، ان سلسلي ۾ هن سنڌي ٻولي جي بنياد بابت سن 1878ع ۾ هڪ مقالو لکيو. هو لکي ٿو ته ”اهو بلڪل سچ آهي ته سنڌي سنسڪرت زبان جي ڌيءُ آهي، پر ساڳئي وقت اهو به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته سنسڪرت وارو نج خون سنڌي ۾ نه آهي“.(25)ان کان علاوه لغت نويسي تي به ڪم ڪيو. ان سلسلي ۾ ناسف علي شيراز لکي ٿو ته ”ڪيتري عرصي کان وٺي حيدرآباد ۾ عيسائي مشنري طور ڪم ڪري رهيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هن سنڌي ٻولي بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ مختلف ڪتاب ترجمو ڪيا، جن ۾ سنڌي-انگريزي ڊڪشنري (1879ع)، اکر ڌاتو (1866ع) ۽ 1897ع ۾ انگريزي-سنڌي ڊڪشنري (قلمي) ۽ بائيبل جو ترجمو سنڌي ۾ شامل آهن. ان کان علاوه هن بائيبل ۾ شامل مذهبي پهاڪن بابت ڪتاب ”سليمان جي پهاڪن جو ڪتاب“ به ترتيب ڏنو، جيڪو لڌيانه مان برٽش اينڊ فارن بائيبل سوسائٽي وارن سن 1885ع ۾ شايع ڪيو“.(26)

سنڌي – انگريزي لغت
جارج شرٽ ٻن سنڌي عالمن منشي اُڌارام ٿانوراس ميرچنداڻي ۽ مرزا صادق علي گڏجي ”سنڌي – انگريزي لغت“ ترتيب ڏني، جيڪا سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ 1879ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪئي. هيءَ پهرين لغت آهي، جيڪا عربي خط ۾ لکيل آهي. هن لغت ۾ تقريباً 21 هزار سنڌي لفظن جون معنائون انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏنل آهن ۽ جهونن سنڌي لفظن جو وڏو ذخيرو شامل آهي. هي ڊڪشنري 919 صفحن تي ٻڌل آهي. هن ڊڪشنريءَ جي تياري ۾ آخوند عبدالرحيم پڻ هٿ ونڊرايو هو، جنهن لاءِ مهاڳ ۾ سندس ٿورا به مڃيا ويا آهن.هن ڊڪشنريءَ جي خوبي اها هئي ته ان ۾ لفظن تي زيرون ۽ زبرون ڏئي انهن جا صحيح اچار ڪڍڻ تي ڌيان ڏنو ويو هو.
اکر ڌاتو
جارج شرٽ جو ڪتاب ”اکر ڌاتو“ 1866ع ۾ شايع ٿيو، هي ڪتابڙو 44 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ سنڌي لفظن جي ڌاتن تي سٺي روشني وجهي ٿو. ڪتاب ”اکر ڌاتو“ (1866ع) نالي لکيو، جنهن ۾ سنسڪرت بنياد وارن سنڌي لفظن جي اشتقاق يا وئپتي يا ڌاتو (Roots) ڏنل آهن.هن ڪتاب ۾ اهڙن لفظن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.


انگريزي– سنڌي لغت
جارج شرٽ ”سنڌي – انگريزي لغت“ کانسواءِ ”انگريزي – سنڌي لغت“ به لکي هئي، جنهن جو قلمي نسخو اُن وقت پادري اي. ايڇ. ايبيگل (A.H.Abaigal) وٽ هو. پرمانند ميوارام جڏهن پنهنجون لغتون لکي رهيو هو، تڏهن هن اُن نسخي مان به گهڻو فائدو حاصل ڪيو هو. هن وقت اُن قلمي نسخي متعلق ڪابه خبر ناهي ته ڪٿي آهي“.(27)
مطلب ته جارج شرٽ سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد، سنڌي لغت نويسيءَ ۽ سنڌي ڌاتو، لفظن، پهاڪن وغيره تي اهم ڪم ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق جي سلسلي ۾ نوان رستا کوليا.

نارائڻ جڳن ناٿ وئديھ (1825-1874ع)

نارائڻ جڳن ناٿ وئديھ مھاراشٽر-ميرٺ جو رھاڪو ھو. سندس مادري ٻولي مراٺي هئي. سنڌ ۾ رهڻ ۽ ذاتي دلچسپي سبب نارائڻ جڳناٿ کي سنڌي ٻوليءَ تي چڱي دسترس ٿي ويئي، ايتريقدر جو انگريز حڪمران کيس مڪاني ماڻهو سمجهندا هئا. شروعات ۾ ورنيڪيولر انگلش ميڊيم اسڪول ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، راءِ بهادر نارائڻ سنڌ ۾ پهريون غير يورپي عملدار هو، جيڪو تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر مقرر ٿيو. ان وقت سنڌ ۾ اعليٰ عملدار ايجوڪيشن انسپيڪٽر هوندو هو، جنهن جي ماتحت ٻه ڊپٽي انسپيڪٽر هوندا هئا. سندس ڪوشش سان ڪيترن ئي هنڌن تي هندن لاءِ اسڪول کليا. هن ڌرم شالائن جي به مدد ڪئي ته جيئن ٻار تعليم حاصل ڪن“.(28)

عربي-سنڌي الف- ب واري اصلاحي ڪاميٽي
”مارچ 1853ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر ۽ سندس معاون بي-ايڇ ايلس سنڌ ۾ عربي- سنڌي لکت جي اصلاح جي سلسلي ۾ هڪ اٺ رڪني ڪاميٽيءَ جوڙي وئي.ان ڪاميٽيءَ ۾ هڪ ميمبر نارائن جڳن ناٿ به هو. هن ڪاميٽي جون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيتريون گڏجاڻيون ٿيون، جنهن ۾ نارائڻ جڳن ناٿ جي موجودگي هندي ۽ سنسڪرت حرفن جي تشريح ۽ اڀياس بابت وڏي مدد مهيا ڪئي. هن ڪاميٽيءَ وڏي محنت سان هڪ متفق 52 حرفن تي مشتمل عربي- سنڌي جوڙين سرڪار جي حوالي ڪئي“.(29)

خداوادي خط جي اصلاح ۾ نارائڻ جڳن ناٿ جو ڪردار
”1856ع ۾ تعليم کاتي هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن ۾ نارائڻ جڳن ناٿ کي ميمبر مقرر ڪيو. هن جو اهم ڪم اهو ته هو خداوادي خط ۾ اصلاح ڪرائي. اڳتي هلي کيس ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، 1868ع ۾ ان موضوع تي هڪ سرڪاري ڪاميٽي غور ڪيو هو. جنهن هڪ بهتر صورتخطي ٺاهي. 12 ڊسمبر 1868ع تي بمبئي حڪومت ”خداوادي“ کي سنڌ ۾ سرڪاري طور نافذ ڪري ڇڏيو ۽ ان جو سرڪاري نالو هندو- سنڌي الف-ب رکيو ويو3“.(30)

سنڌ جو نروار
سنڌ جي جاگرافي، تاريخ، ثقافت، ڌرم، ٻولي وغيره جي موضوعن تي”سنڌ جو نروار“ نالي ڪتاب سال 1865ع ۾لکيائين. ڪتاب حالانڪھ مختصر آھي، مگر معلومات جي لحاظ کان نھايت مفيد ۽ بنيادي آھي. ڪافي عرصو ھي ڪتاب نصاب ۾ شامل ھو. هي ڪتاب مختلف بابن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي رخن کان معلومات مهيا ڪري ٿو. هڪ غير سنڌي جي نثر مان خبر پوي ٿي ته کيس سنڌي زبان تي ڪيترو عبور حاصل هو. ڪتاب جي ٻولي آسان و فھم زبان ۾ آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکيو اٿائين ته:
سنڌي ٻولي هندستان جي ٻين ٻولين کان ڌار آهي. هي ٻولي ڏکڻ اتر ڏي ڪاٺياواڙ کان وٺي بهاولپور تاءِ ۽ الهندي وارن جبلن کان وٺي رڻ تائين هلي ٿي. سنڌي ٻولي ڪيترن ئي ٻولين مان نڪتل آهي پر سندس پاڙ شاستري ٻولي آهي، پوءِ ان سان عربي ۽ فارسي گڏ ٿي سنڌي ٺهي آهي. سنڌي ڪتاب اڳي ڪو ڪو نه ٺهيل هو.فقط ڪي نظم ۾ ٿورا هئا سي به هٿ جا لکيل ڪنهن ڪنهن وٽ هئا، پر هاڻي جڏهانڪر انگريز سرڪار جو تعليم جو کاتو ٿيو آهي تڏهانڪر ڏينهون ڏينهن سڀڪنهن ڳالهه ۾ سنڌي ڪتاب وڌندا وڄن ٿا. سنڌ ۾ اکرن جا چار قسم آهن: هڪڙا عربي، جي سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪن اچن ٿا ۽ پڻ مسلمانن جي دين جا ڪتاب انهيءَ صورت جي اکرن ۽ عربي ٻوليءَ ۾ آهن ۽ ٻيا واڻڪا اکر جي واپاري خواه شاهوڪاري ڪم ۾ ڪم اچن ٿا. ٽيان گرمکي اکر جي هندو ڌرم جي پوٿين لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڪم اچن ٿا ۽ چوٿان ديوناگري اکر جنهن ۾ اڪثر هندن جا شاستر لکيل آهن، تنجي سنڌ جي هندن مان ٿورن کي خبر آهي“.(31)
1869ع ۾ رياضي جي مضمون تي خداوادي خط ۾ سندس ڪتاب ”ليکي جي پيڙهه“ ليٿو تي تعليم کاتي طرفان شايع ٿيو. هي پڻ ننڍڙو ڪتاب هو، جيڪو تعليمي مقصد لاءِ لکيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ 32 صفحا ڏنل هئا.

سنڌ سڌار اخبار
سنڌ سڌار هڪ سنڌي اخبار هئي جيڪا تعليم کاتي طرفان سنڌي مخزن ”سنڌ سڌار“ سن 1866ع ۾ شروع ڪئي، جنھن جو نارائڻ جڳن ناٿ پھريون ايڊيٽر بھ پاڻ ھو.هن اخبار ۾ ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيائين.
سال 1870ع ۾ علمي خدمتن جي عيوض انگريز سرڪار کيس راءِ بھادر جو لقب ڏنو.. سندس نالي پويان ڪراچي جي سنڌي ورنيڪيولر اسڪول جيڪو بندر روڊ (ھاڻي ايم- اي جناح روڊ) تي واقع هڪ يادگار عمارت آهي، ان اسڪول کي سندس نالي پويان تبديل ڪري اين جي وي NJV School نالو رکيو ويو.

ايل. وي. پرانچپي

جڏهن انگريزن جڏهن سنڌ ۾ اسڪولي تعليمي نظام لاڳو ڪري، ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۾ اسڪول قائم ڪيا ته هتي سکيا ورتل استادن جي کوٽ محسوس ڪئي وئي. ان ڪري هندستان جي مختلف رياستن مان استاد گهرايا ويا، جيڪي انگريزي ٻوليءَ جي به ڄان رکندڙ هئا. ان دور ۾ ڪيترائي مراٺي مرهٽا سنڌ جي تعليم سان وابسته هئا. مرهٽا، گهڻو ڪري هندستان جي مهاشٽرا رياست جا رهندڙ آهن.ان دور جي اسڪولن ۾ سندن لکيل ڪتاب عام و جام هئا. انهن استادن مان ايل. وي. پرانچپي به هڪ هو.
مهاراشٽر جو هڪ عالم ۽ استاد لڪشمڻ وشنو پرانچپي کي 1855ع ۾ حيدرآباد جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. هن جي سربراهيءَ ۾ اسڪول تمام گهڻي ترقي ڪئي. 1865ع ۾ سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته ”حيدر آباد ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جي ٻارن جي امتحان ثابت ڪيو ته ان جا نتيجا ڪراچيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول کان گوءِ کڻي ويا آهن. ان ڪاميابيءَ جو سڄو سهرو اسڪول جي هيڊ ماستر مسٽر لڪشمڻ وشنوءَ ڏانهن وڃي ٿو. لڪشمڻ وشنو، مرزا قليچ بيگ جو به استاد هو. مرزا صاحب سندس باري ۾ پنهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب ۾ لکيو آهي ” ادا مرزا صادق علي بيگ، جيڪو تڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، سو اسان ٻنهي کي گهر ۾ انگريزي پڙهائڻ لڳو. سگهو ئي پوءِ اسين انگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ وڃي ويٺاسين. اسان اڳيئي ٻه ڪتاب انگريزي گهر ۾ پڙهيا هئا. تنهنڪري اسان کي هڪدم ٻئي ڪلاس ۾ رکيائون ۽ سگهو ئي پهرين ڪلاس ۾ آياسين هيڊماستر مسٽر لڪشمڻ وشنو مرهٽو هو. انهي اسڪول ۾ اسان چڱو نالو ڪڍيو“.
مسٽر لڪشمڻ وشنو هڪ ڊگهو عرصو سنڌ ۾ رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو خاص امتحان پڻ پاس ڪيو. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان رغبت پيدا ٿي ۽ هن سنڌي ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪري، سنڌي ٻوليءَ جا درسي ڪتاب تيار ڪيا. انهن سڀني ڪتابن مان سندس انگريزي- سنڌي لغت (English and Sindhi dictionary)، وڏن اسڪولي ٻارن لاءِ تيار ڪئي، جيڪا 1868ع ۾ بمبئيءَ مان ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ شايع ڪئي. هن ڊڪشنريءَ جو ذڪر ڪندي ان دور جي سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر 1869ع ۾ لکيو ته ”هڪ انگريزي سنڌي لغت، جيڪا مسٽر لڪشمڻ وشنو، هيڊ ماستر ائنگلو ورنيڪيولر حيدرآباد جوڙي آهي، اها ورنيڪيولر اسڪول ۽ هاءِ اسڪول جي شاگرن لاءِ انتهائي مفيد آهي“. هن ڊڪشنريءَ جون ڪاپيون برٽش لئبرري، آڪسفورڊ يونيورسٽي لئبرري ۽ آسٽريليا جي نئشنل لئبرريءَ ۾ موجود آهن.

ننديرام ميراڻي سيوھاڻي (1819-1875ع)

قديم سنڌي نثر نويسن ۾ آخوند عزيزالله کان پوءِ سيوهڻ جي ديوان ننديرام ميراڻي جو نالو سرفهرست آهي. ”ديوان ننديرام ميراڻي، تاريخي ۽ قديم شهر سيوهڻ ۾ ديوان ٿڌو مل ميراڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ مسلمانن سان گڏ سيوھاڻي قاضين جي مڪتبن ۾ فارسي پڙھيو. انگريزي، عربي ۽ ھندي زبانون بھ ڄاڻندو ھو. هو پارسي نثر توڙي نظم پروڙڻ ۾ بلڪل ماهر هو. نخصيل علم ۾ برک ڪيائين جو پاڻ سيوهڻ ۾ ئي هڪ خانگي اسڪول کولي پڙهائڻ لڳو،نتيجي طور وٽائنس ڪيترائي هندو خواهه مسلمان شاگرد علم جي زيور سان آراسته ٿيا“.(32)
ديوان ننديرام جون علمي توڙي ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري الف- بي جي موجوده تشڪيل ۾ سندس ڪوششون محنت جو ثمر آور نتيجو آهي. جديد علمن جي اصطلاحن کي يڪ جاءِ ڪرڻ ۾ سندس ئي ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن، اڄ به جاگرافي، رياضي جاميٽري ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ سندس جوڙيل اصطلاح مروج آهن.
هو پهريائين سيوهڻ ۾ پنهنجو خانگي اسڪول هلائيندو هو ۽ ماڻهن تي سندس علمي ماهيت جو اثر چڱو پيل هو، تنهن هوندي به گذران بنسبت البته تنگدست گذاريندو هو.هو پاڻ لکي ٿو ته ”تن ڏينهن ۾ آءٌ فلڪزدگيءَ کان ۽ ڪنهن وٽ به نسبت نه ڪڍڻ احتياج جي يعني هٿ ٽنگڻ کان عار هوم رڳو فارسي، اردو ۽ سنڌي جي تعليم جو ڪم خانگي طور ڪندو هوس، پر سڌ رهيم، ته من ڪنهن ڏينهن فلڪ جي گردش جي چنبي کان ڇٽڪارو لهجي هڪجيڏن ۽ پاڻ جهڙن سرڪاري نوڪرن وانگر ٿيان“.(33)

عربي-سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽيءَ ۾ ڪردار
1853ع ۾ عربي-سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري سرڪاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بھ بڻيو. ڀائنجي ٿو ته ديوان ننديرام جي ترقي طرف وڌڻ جي اها پهرين منزل هئي، آخر سنڌي الف ب جي تياري لاءِ دل و جان سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ صورتخطيءَ جي ٺهڻ تائين انهيءَ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. ”تواريخ سنڌ“ ۾ پنهنجي ڪردار جو اعتراف ڪندي لکيو اٿس ته ”سنڌ ڏيهه ۾ اڳين حاڪمن جو سرڪاري ڪم پارسي قلم ۾ هلندو هو ۽ هاڻوڪي سرڪار جو پڻ مٿي قلم ۾ 1852ع توڻي پي هليو پر جڏهه سنڌ جي اختياري ڪم ڇوڙن ٻڌڻجي واڳ قدر ڄاڻندڙن اهل قلم صاحبن جي هٿ ۾ آئي تڏهه ڄاتاءُ ته جهڙي طرح انگريزي سرڪار جي ٻئن ڏيهن ۾ مادري زبان سان سهنجائي ۽ خوبي ڪري سڀڪو سرڪاري ڪم هلندڙ آهي تهڙي طرح هتي پڻ رواج ڏيون ته ڪم ۾ پڻ صفائي رهي ۽ عام کي به فائدو رسي انهن ڏيهن ۾ قدر ڄاڻيندڙ غريب نواز يندڙ رعيت کي وڻدڙ ۽ گهڻو ڪري سڀڪهه علم جا گهرندڙ عالمن ۾ عامل فاضلن ۾ جناب مسٽر سر بارٽل فرئر صاحب بهادر اڳيون ڪمشنر سنڌ ۽ مسٽر ايلس صاحب بهادر اڳيون اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي سڀڪهه پرڪري سنڌ ڏيهه جا جوڙ جڪ ڪندڙ هئا تڏهه پهراءِ ۾ پوئين جناب رڳو سنڌي الف بي جي ٺهرائڻ جو ڪم سٽيو. جئين ته گهڻي بحث ۽ چڪاس ۽ هوڏ ۽ ڏيهي ماڻهن جي صلاح ۽ ان وقت جي ناظمن صاحبن جي راءِ ساڻ متفق ٿي، هن حقير جي مدد سان سنڌي الف- بي ٺاهي ۽ ڇپرائي، سرڪاري ڪم ۾ ٿورو ٿورو رواج ڏنو“.(34)سندس درسي ڪتابن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

باب نامو
”باب نامو“ (سنڌيءَ جو ريڊر )پھريون درسي ڪتاب آھي ، جنھن کي سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي، گورنمينٽ پريس بمبئيءَ مان ليٿو ۾ ڇپائي، نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. هيءُ ڪتابڙو موجوده سنڌي الف- ب جي مقرريءَ کان پوءِ سنڌي لپيءَ ۾ پهريون ڪتاب هو. سر بئرو ايلس جي نگرانيءَ ۾ 29 مارچ 1854ع تي هن ڪتاب جون 1500 ڪاپيون ليٿو ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون . ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 32 صفحا آهن.ڪتاب جي ترتيب ۾ 23 صفحا ’هِجي‘ لاءِ ڪم آيل آهن ۽ باقي ڏهن صفحن ۾ 8 سبق ڏنل آهن، جن ۾ ڪل 70 جملا ڏنل آهن.
انگريزن جي اوائلي دور ۾ سنڌي،عربي صورتخطي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارڻ جي شروعات هن ڪتاب کان ئي ٿي.هن ۾ هجي جو طريقو ڪم آيل آهي. ڪتاب استعمال ٿيل ٻوليءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”پاڻ کان جيڪو وڏو آهي ته جي سامهون وڏي سر نه ڳالائجي گهڻو نه کلجي. جي پاڻ جيڏا آهن تن سان سرهائي ۽ ڪنورائي سان ڳاله ٻول ڪجي. ڳالائڻ جي ويلي نه کلجي ۽ چوڻ ۾ تڪڙ نڪجي ڪيهي تي ڏمر ڪرڻ نه گهرجي ۽ ڪو پاڻ کي چڱائي جي مت ڏي ته ٻڏجي ۽ پنهنجي ڀينرن ڀائرن ۽ سوٽن کي گهڻي پيار ڪجي“.(35)

ايسپ جون آکاڻيون
سن 1854ع ۾ ننديرام ميراڻيءَ مسٽر بي .ايڇ. ايلس، اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏجي ”ايسپ جون آکاڻيون“تعليم کاتي طرفان شايع ڪيون. ايسپ جون آکاڻيون“ دنيا جي قديم ۽ عام پسند ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي، جنهن جو ترجمو دنيا جي مڙني مک ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. اهي آکاڻيون اڄ کان سوا ٻه هزار ورهيه اڳ لکيون ويون هيون. هنن آکاڻين جو لکندڙ ايسپ، روم ۾ ڄائوهن کي ايسپ انڪري چئجي ٿو، جو هو ڪُٻو هو ۽ ڪُٻي کي يوناني ٻوليءَ ۾. ايسپ“ چوندا آهن. ايسپ پنهنجي ڏاهپ جي ڪري ايڏو ته مشهور ٿيو، جو بعد ۾ ڪيترن ٻين ڏاهن کي سندن ملڪ جو ايسپ سڏيو ويو. سنڌي زبان ۾ پهريون دفعو 1854ع ۾ ديوان ننديرام ميراڻيءَ، سنڌ جي تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر، ايلس صاحب، جي معاونت سان، ترجمو ڪري، هيءُ ڪتاب ڇپايو. ان کان پوءِ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ، ايسپ جون 105 آکاڻيون چونڊي سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيو،هيءُ ڪتاب جملي 217 آکاڻين تي مشتمل آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب هڪ نصيحت نامو آهي، جنهن ۾ ايسپ پنهنجا تجربا لکيا، انهن ۾ موجود صلاحون ۽ هدايتون، آکاڻيون، ٻارن، جوانن، پوڙهن، عالمن ۽ طالب علمن کي هڪ جهڙو لطف ڏين ٿيون، “ديوان” ننديرام هنن آکاڻين ۾ سنڌي نثر کي هڪ سادو ۽ صاف اسلوب ڏنو . هتي سندس آکاڻي “گدڙ ۽ ڊاک جي” مان مثال ڏجي ٿو:
“هڪڙو بکايل گدڙ، گهمندي گهمندي، اوچتو ئي ڪنهن ڊاک کي منهه هيٺ اچي سهڙيو. اتي جان کڻي مٿي نهاري، ته ڇا ڏسي جو سهڻا ۽ عمدا ڊاک جا ڇُڳا پيا لڏن ۽ لٽڪن ڀانيائين ته ٽپو ڏيئي ڇِنِي کاوان؛ پر ڊاک جو منهن جو تمام مٿي هو، سو هيء ٽپا ڏيئي ٿڪجي پيو، پر هڪڙو ڇُڳو به نه مليس، نيٺ چوڻ لڳو ته “جنهن کي وڻي سو وڃي ڇني کائي، مون کي ڪين گهرجن: ڇا کو ته کٽا آهن“.(36)

ضبطي جو ڪتاب
هي هڪ منفرد ڪتاب آهي، جيڪو 1854ع ۾ننديرام ترجمو ڪري تعليم کاتي پاران شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ زمينن ماپڻ جا قائدا ۽ اصول ڏنل آهن.هي ڪتاب 15 صفحن تي پکڙيل هو. هن موضوع تي اڄ تائين ڪي خاص ڪتاب شايع نه ٿيا آهن. هي ڪتاب خصوصي طور تي جاگير کاتي جي عملدارن ۽ روينيو کاتي جي ملازمن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو.

سنڌ جي تواريخ
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته ”ننديرام انگريزي دؤر جو فارسي دان هو؛ اگرچه شاعر نه هو، ليڪن فارسي ادب سان سندس خاص اُنس هو؛ تاريخ سان زياده دلچسپي هيس؛ تاريخ معصوميءَ کي سڀ کان پهريائين هن صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو“.(37)”سنڌ جي تواريخ“ صفحا 368، مير معصوم جي فارسي تاريخ جو ترجمو، ليٿو ڪراچي 1854ع ۾ شايع ٿيو. تاريخ سنڌ المعروف تاريخ معصومي مير معصوم بکريءَ 1008- 1009هه ڌاري تصنيف ڪئي. ڪتاب جو پهريون حصو قديم تاريخ، اسلامي عهد ۽ ارغون ۽ ترخان دؤر تي مشتمل آهي ۽ پويون اڌ مغل دؤر جي تاريخ تي آهي. ڪتاب چئن جزن ۾ ورهايل آهي. تاريخ معصومي ارغون، ترخان ۽ اڪبري دؤر تي ازحد مفيد ۽ معتبر آهي. سنڌ جي سڀني تاريخن مان تاريخ معصومي سڀ کان وڌيڪ مفصل سمجهي وڃي ٿي. هن ۾ نه صرف عربن جي فتح جو ذڪر آهي. بلڪه اڪبري دور تائين سنڌ جي پوري تاريخ ان ۾ سمايل آهي.
ننديرام ميراڻيءَ جي قسمت ان وقت پلٽو کاڌو، جڏھن انگريز سرڪار تاريخ معصوميءَ جو فارسيءَ مان سنڌي ترجمي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڪيترن ئي عالمن ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پر انھن سڀني ۾ ننديرام کي نمبر پھريون ڏنو ويو.مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ قائم ڪيل ڪاميٽيءَ ننديرام جي نج ، سھڻي ٻولي ۽ معياري خط ۾ ھجڻ ڪري اھميت ڏني ويئي. اعلان ڪيل ھڪ سؤ روپين بجاءِ کيس ٻھ سؤ روپيا روڪ انعام ڏنو ويو.ان کان سواءِ کيس سرڪار طرفان تعليم کاتي ۾ ترجمان جي عھدي تي مقرر ڪيو ويو. سرڪار کيس”ديوان“ جو لقب بھ ڏنو ھو“.(38)
هيءُ پهريون اديب هو جنهن سنڌي نثر کي هڪ سادو ۽ صاف اسلوب ڏنو . مثال هيٺ ڏجي ٿو :
”ربيع الاول مهيني جي پنجويهين تاريخ، اٺ سو ڇهانوي ورهين ۾، سنجر جي مرڻ کانپوءِ اهو ڄام پادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ان جي ويهڻ ۾ مڙيئي ڏاها ماڻهون ۽ پرهيزگار ۽ ڪٽڪ ۽ راڄ گاڏا پي ۾ هئا ۽ انهيءَ ڏاڍي حاڪمي ڪري واڌاپي ٿيڻ جا جهنڊا کنيا، چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام نظام الدين پهرين ڏينهن ۾ علم جي گهر ڪندو هو ۽ ڪتاب خانن ۾ گذاريندو هو ۽ گهڻو نمندڙ ۽ واکاڻ ۾ موچارو ۽ چڱين چالن ۾ ساراهه ڪيل ۽ ڪشالو ۽ بندگي ايتري ججهي ڪندو هو جو وڏائي ۽ سچائي ان جي هن ڳالهه کان واڌو هئي ته ذرو هن کان لکڻ سگهجي ۽ گادي وهڻجي پهرائين ۾ ٺٽي کان گهڻي گاڏاپي سان بکر ۾ آيو“.(39)

پئماشي حساب
”پيمائشي حساب“ 1855ع ۾ڪاهانداس منسارام ڊاڪٽر چارلس هٽن جي انگريزي ڪتاب تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر چارلس هٽن (1737_1823ع) رايل مليٽري اڪيڊمي ۾ رياضي جو پروفيسر هو. هن پنهنجي اندازي سان ڌرتي جي پيمائش ڪئي. سندس ڪتاب ، Complete System of Practical Arithmetic1864ع ۾ شايع ٿيو.جڏهن ته ننديرام سندس ترجمي جي اصلاح ڪئي. هن ڪتاب ۾ پيمائشي حسابن جون وصفون ۽ قاعدا سمجهايل آهن. هن ۾ سنئين مٿاڇري جي پکيڙ ڪڍڻ، پراپيزائيڊ ۽ ٽرپيزيم جي پکيڙ، گهرو ڪنڊن جي پکيڙ، گول ۽ ان جي ڀاڱن جون ماپون ۽ پکيڙ ڪڍڻ، بي ڊولين شڪلين جي پکيڙ ڪڍڻ، نهرين شين جون ماپون ڪڍڻ سمجهايون ويون آهن.

سيکائتو نروار
”سيکائتو نروار“1856ع ۾ تعليمي سرشتي جي باري ۾اردو ڪتاب تان ترجمو ڪيائين.ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت لاءِ ننديرام لکي ٿو ته: ”گهڻو ڪري عاملن جا ڇوڪر رڳو فارسي هن گهرج کان سکن ٿا ته سرڪاري ڪارخانن ۾ انهن کي نوڪري ملي. هاڻي ته سڀني ڪچهرين ۾ سنڌي هلي ٿي“.(40) ننديرام ٻئي هنڌ لکي ٿو ته”سنڌ ڏيهه جي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽شڪارپور ۾ هيلوڪي سال يعني 1856ع جي شروع ۾ اٽڪل 150 فارسي مڪتب هيا، تن ۾ جيڪي 2000 سکندڙ سکندا هوندا“.(41)سنڌي ٻولي ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انتظام ۽ تعليم جا سادا سودا اصول ۽ هدايتون ڏنل آهن. هي ڪتاب 94 صفحن تي پکڙيل هو.ڪتاب مان نثر جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
جيتوڻي آهين مور علم کي ڇيهن جو آرنڀ نه چوندو پر ڇا فائدو سو ڪو ته اولن جو ٻول ۽ ڪم هڪجهڙو نه آهي“.(42)

پڌرنامو
سنڌي ادب ۾ هي هڪ منفرد ڪتاب آهي. هي ڪتاب 1860ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب نانگن بلائن بابت معلومات مهيا ڪري ٿو.

سنساري نروار
پنڊت بنسي ڌر چرنجي لال هندي جي ڪتاب ”بديا نگر“ تان ”حقائق الموجودات“ نالي اردو ڪتاب ٺاهيو هو.ديوان ننديرام ان جو 1861ع ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪري سندس نالو”سنساري نروار“رکيو.”مطالعه الفطرت“ (Nature Study) يا ”سرشتي اڀياس“ تي هي پهريون پهريون ڪتاب سنڌي ۾ لکيو ويو آهي. هي ڪتاب 207 صفحن تي پکڙيل هو.
جديد علمن جي اصطلاحن کي يڪجا ڪرڻ، ديوان ننديرام جي محنت جو ثمر آهي. اڄ بھ جاگرافي، جاميٽري، رياضي ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ڪتب آندل سنڌي لفظ هن جا ئي ٺهيل آهن.خاص طور تي الف-ب جي موجوده تشڪيل ۾ سندس ڪوششون ساراھھ جوڳيون آھن.

ننديرام جا ساٿي مترجم ڪاهانداس منسارام

مسٽر ڪاهانداس منسارام پنجاب سان تعلق رکندڙ مرهٽو هو ۽ سنڌي به سکيو هو. ڪاهانداس اسسٽنٽ انجنيئر هو. هن سنڌ ۾ رهي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. هن خاص طور تي ننديرام سان گڏ سنڌي زبان ۾ درسي ڪتاب تيار ڪيا. سندس ڪتابن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

چٽ جي پاڙ
چٽ جي پاڙ نالي ڪتاب ڪاهانداس منشارام۽ ننديرام اردو زبان مان گڏجي ترجمو 1853ع ۾ڪيو. سنڌ سرڪار پهريون دفعو تعليم ۾ ڊرائينگ جو سبجيڪٽ متعارف ڪرايو. تعليم جي گهرجن تحت ”ڊرائنگ“ جي سمجهاڻي بابت سنڌي ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ 36 صفحا هئا. هن ماهوار رسالي جي شروعات واري پهرئين پرچي جي اردو ترجمي تان ڪاهانداس منشارام۽ ننديرام جي مدد سان ترجمو ڪيو، جنهن جو نالو ”اصول نقاشي“ آهي، سو منشي سدا سک لال جو لکيل هو. منشي سدا سک لال (1746-1827ع)، هندستاني رياست اوڌ جو رهاڪو هو.اردو ۽ هندي ٻولين سندس وڏيون خدمتون آهن.
”هن ۾ جاميٽريءَ جي رستي ڊرائنگ جون شروعاتي هدايتون ڏنل آهن. سنيون ليڪون، پاسيريون ۽ ڦڏيون ليڪون، پور وڇوٽي ليڪون، ڪنڊون، چوڪنڊا، ٽڪنڊا ڪڍڻ وقت هٿ ۽ ٺونٺ جهلڻ جا رستا ۽ پئمانو سمجهائي پوءِ گهرو شين ۽ گلن جون شڪليون سکندڙن جي استعمال لاءِ ڏنيون ويون آهن.جاميٽري سان تعلق رکندڙ اصطلاح اڄ ڪلهه سنڌي جاميٽرين ۾ ڪم پيا اچن، سي هن ڪتاب لکندڙن جا ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ قائم ڪيل چئبا، جئن ته:ٽٻڪو، عمود، ٽڪنڊو، پرگار يا پلڪار، ڪنڊ، گوني ڪنڊ، ويڪري ڪنڊ، سوڙهي ڪنڊ، چورس“.(43)

ليکي جو ڪتاب ) ڀاڱو پهريون ۽ ڀاڱو ٻيو (
”ليکي جو ڪتاب“انگي حسابن جي باري ۾آهي.هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ 1855۽ 1856ع ۾ڪاهنداس سان گڏ تيارڪيائين.اصل ڪتاب راءِ رام سرن داس جو ٺهيل هو. رام سرن داس دهليءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون انگي حساب تيار ٿيو هو. ”هن انگي حساب ۾ ننديرام صاحب ڪي نج سنڌي اصطلاح ڪم آندا آهن، جي اڳيئي سنڌ جي واپارين ۾ چالو هئا ۽ اڄ ڪلهه جا انگي حساب به اڃا تائين پيا ڪم آڻين.مثال طور اڻپورو، اُبتو، اڻپور، سبتڙ اڻپور، مفرد اڻپور، مضاعف اڻپور، ملتف اڻپور، مختصر صورت، ڏهائي، سگهه، موُر، وياج، راس ۽ سيڪڙو“.(44)هي ڪتاب 112 صفحن تي پکڙيل هو.

پئماشي حساب
پيمائشي حساب 1855ع ۾ڪاهانداس منسارام ڊاڪٽر چارلس هٽن جي انگريزي ڪتاب تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. جڏهن ته ننديرام سندس ترجمي جي اصلاح ڪئي. هي ڪتاب 69 صفحن تي پکڙيل هو.

ليکي جي پيڙھ
”ليکي جي پيڙھ“ ۾ انگي حسابن جي باري ۾ ٿامس جيس جي انگريزي ڪتاب تان ترجمو ڪيل آهي. هي ڪتاب 120 صفحن تي پکڙيل هو ۽ 1855ع ۾ شايع ٿيو.هن ڪتاب ۾ انهن اصولن ۽ قائدن کي بيان ڪيو ويو آهي، جن تي حسابن جي پيڙهه رکيل آهي.هن ڪتاب ترجمي ۾ ڪاهانداس، ننديرام جي مدد سان ڪيو هو.

وشواسنات نارائڻ منڊلڪ (1833-1889ع)

راءِ بهادر وشواسنات نارائڻ منڊلڪ جو تعلق هندستان جي چٽپون ڪٽنب سان هو ۽ هو هڪ مرهٽو هو ۽ مراٺي سندس مادري زبان هئي. هو ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ تعليم جي معاملن کي ڏسندو هو. ڪيترائي سال سنڌ ۾ رهيو ۽ سنڌي زبان جو خاص امتحان پاس ڪيو هئائين. سنڌ جي اسڪولن ۽ نون استادن جي ڀرتي جو ڪم هن حوالي هوندو هو. ڪيترائي هندستاني ٻولين ۾ ڪتاب لکيائين.

جبر و مقابله
”جبر و مقابله“ 1856ع آلجبرا جي حسابن جو پهريون پهريون ڪتاب آهي، جيڪو پروفيسر ينگ جي انگريزي آلجبرا تان وشواسنات نارائڻ منڊلڪ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ننديرام ان ڪتاب جي اصلاح ڪئي هئي . ڪتاب ۾ آلجبرا جي جوڙ، ڪٽ، ضرب، ونڊ، اڻپور، صعود، نزول، مساوات، متناسبت ۽ مطابقت، پرابلم يا خيالي حساب، جذري، مساوات، به پرماڻا سڌيان، گوتم ۽ اڻ مقرر ٿيل مساواتون، سمجهايل آهن. هي ڪتاب 52 صفحن تي پکڙيل هو.

مهاديو شاستري

مهاديو شاستري بنيادي طور تي هندستاني مرهٽو هو . ان دور ۾ ڪيترائي مرهٽا سنڌ جي تعليم سان وابسطه هئا.1854ع ۾ انگريز سرڪار ڪراچيءَ ۾”ورنيڪيولر ميڊيم انگلش اسڪول“ قائم ڪيو، جنهن جو مقصد آباديءَ کي سنڌي زبان جي ذريعي -انگريزي- زبان سان واقف ڪرڻو هو. ھن اسڪول کي بعد ۾ ايجوڪيشن انسپيڪٽر نارائڻ جڳن ناٿ وئديه (NJV) جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. مهاديو شاستريءَ کي سندس تعليم جي لياقت جي ڪري ان اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. هن سنڌي زبان جو خاص امتحان پاس ڪيو هو. سنڌي زبان ۾ ڪي ڪتاب پڻ لکيائين.

جغرافيھ جديد
”جغرافيھ جديد“1861ع ۾ جاگرافيءَ تي مھاديو شاستريءَ ، ننديرام سان گڏ لکيو. هي ڪتاب وڏن ڪلاس جي شاگردن جي ڪورس تي رکيل هو. هن ڪتاب ۾ جاگرافيءَ جي معلومات سولي نموني سمجهايل آهي. مھاديو شاستري ان زماني ۾ تعليم کاتي سان منسلڪ هو. هن ڪي درسي ڪتاب پڻ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا هئا.

ڌرتي نروار ( جلد پهريون ۽ ٻيو)
”ڌرتي نروار“ (1855ع) دنيا جي مختصر جاگرافي، مھاديو شاستريءَ، ننديرام سان گڏ تيار ڪيو. سنڌيءَ ۾ پهريون جاگرافي جو ڪتاب تيار ٿيو هو. انگريز ليکڪ هينري موريس جي انگريزي ۾ ٺاهيل دنيا جي جاگرافي تان سرڪاري منظوري سان ٻن جلدن ۾ ترجمو ڪيو هو. هينري موريس هندستان جي اسڪولن جي ڪورس لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا هئا. ڪتاب پهرين حصي ۾ 246 صفحا ۽ ٻيو حصو 194صفحن تي پکڙيل هو. پهرئين جلد ۾ يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ اوشينيا جي جاگرافي لکيل آهي ۽ ٻئي جلد ۾ ايشيا کنڊ ۽ هندستان جي جاگرافي ڏنل آهي.”جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ سنڌي ۽ عربي ٻولين وارا اصطلاح جيڪي هنن جاگرافين ۾ ڪم آيل آهن، سي ساڳيا اڄڪلهه جي سڌريلن جاگرافين ۾ به قائم آهن. جهڙوڪ: محور، قطب، خط استوا، ڊگهائي ڦاڪ، ويڪرائي ڦاڪ، مڌيان ڦاڪ، کنڊ، ٻيٽ، اُپٻيٽ، ڳچي ڌرتي، راس، نار، اُپسمنڊ وغيره“.(45)
ان کان علاوه نه صاحب حسابن جو ڪتاب ”انگي حساب“ 1896ع ۾ ، ۽ زباني حسابن جي واٽن جو ڪتاب ”دل جا حساب“ 1870ع ۾ لکيو.

ٿانورداس ”حيدرآبادي“ (1823-1883ع)

”منشي اڌارام ٿانور داس ميرچنداڻي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ، مترجم ۽ تعليمدان هو. سندس جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم حيدرآباد جهڙي علمي ماحول ۾قابل استادن جي زيرنگرانيءَ ۾ ٿي، سندس باري ۾ ڏيارام وسڻمل لکي ٿو ته” اڌارام پهرين سنڌين مان هو جن انگريزي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو، ۽ جلد ئي ان کي ڪمشنر صاحب جي دفتر ۾ نوڪري ملي، جتي ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌي ترجمان مقرر ٿيو. اوائل ۾ جيڪي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ لکيا ويا تن مان ڪيترائي هن صاحب جا هئا. هن جي لکڻي ڏاڍي سهڻي ۽ وڻندڙ هئي، هو گهرو ۽ نج سنڌي لفظ ڪم آڻيندو هو ۽ سندس عبارت پڙهڻ کان دل کي فرحت پيئي اچي“.(46)هن شاعريءَ ۽ نثر ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جا بهترين ترجما ڪيا.
سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽي جو ميمبر
پنھنجي ھنر ۽ مھارت سبب تعليم کاتي ۾سنڌي ترجمان جي عھدي تي مقرر ٿيو.1853ع ۾ عربي-سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري سرڪاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بھ ھو. 1867ع ۾ خداوادي جي اصلاح لاءِ خاص رقم رکي وئي ۽ 1868ع ۾ هڪ نئين ڪاميٽي جوڙي وئي، ان ڪاميٽي به هو ميمبر هو. اڌارام شاعري به ڪئي. ٻين ٻولين تان ڪتاب ترجمو به ڪيا ته طبعزاد قصا به لکيا. سندس اصل سڃاڻپ درسي ڪتابن جي ڪري آهي، جن ۾ سندس نثر جي ٻولي نج سنڌي ۽ عالماڻي آهي. سندس ڪتابن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:

سنڌي پهريون ڪتاب
جيئن ئي سنڌي زبان ۾ تعليم جي شروعات ٿي ، ديوان اڌارام سنڌي زبان جو پهريون ڪتاب 1853ع ۾جوڙيو، جيڪو تعليم کاتي شايع ڪيو. هي ڪتاب 90 صفحن تي پکڙيل هو. ”هن ڪتاب جي شروع ۾ آئيويٽا جا اکر ڏيئي پوءِ ”ڪڪ“ يعني هر هڪ اکر جا ڏهه آواز (ٽي اعرابن وارا ڇوٽا آواز، چار اعرابن وارا ڊگها آواز ۽ ٽي بنا اعراب ڊگها آواز) ڏنل آهن. تنهن کان پوءِ ٽن مکيه اعرابن ۽ ”جزم“ وارا ٻه اکرا لفظ هر هڪ اکر جون چار صورتون سمجهايون ويون آهن. سبقن جي سلسلي رکڻ ۾ اها خوبي سمايل آهي، جو عربي سنڌي آئيويٽا جي سڀني اکرن مان جدا جدا ٺهيل لفظن جي پڙهڻ ۽ لکڻ جو استعمال اچيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري آئيويٽا جي نج عربي اکرن مان ٺهيل لفظن پڙهڻ لکڻ جو استعمال به پهرئين ڪتاب پڙهندڙن ٻارن کي چڱي طرح ٿيو وڃي ٿو“.(47)هتي هڪ سبق مان مثال ڏجي ٿو:

هن ويچاري ڪهڙي تقصير ڪئي آهي. هن لفظ تي نقطا ساري ڏي ۽ ٻڌاءِ ته ڪل ڪيترا ٿيا. پرائي دهلين احمق نچي“.(48)

سنڌي ٻيو ڪتاب
پهرين ڪتاب کان پوءِ ، ديوان اڌارام سنڌي زبان جو ٻيو ڪتاب 1853ع ۾لکيو، جيڪو تعليم کاتي شايع ڪيو. هي ڪتاب 90 صفحن تي پکڙيل هو.هن ڪتاب ۾ به پهريائين آئيويٽا جا اکر ۽ اعرابون سمجهائي پوءِ سبق شروع ڪيا ويا آهن. ڪن سبقن ۾ اخلاقي نصيحتون، ڪن ۾ راند روند ۽ وندر جهڙيون ڳالهيون ۽ ڪن ۾ عام واقفيت ڏنل آهي. انهن سبقن مان ڪي نثر جا سبق ۽ ڪي نظم آهن. اڌارام کي سنڌي ٻوليءَ تي عبور حاصل ھو.اھو ئي سبب آھي تھ سندس ڪتاب ۾ ڪتب آندل نثر عام فھم ۽ ٻارن جي ڏانءَ وٽان آھي:
”پڙھڻ لکڻ سڀ ماڻھوءَ لاءِ ڪارگر آھي، پڙهيل ماڻھو پاڻ کي پوئتي نٿو ڀانئين. اڻ پڙھيل آھي جانور جي مثال، جيڪو سوٽي سان سڌو ٿئي ٿو. استاد جي آڏو ورتل سبق چڱي طرح ھنڊائڻ گھرجي، نه ته پڙھائيءَ مان ڪو به ڪارج نه سرندو. محنت سان سبق ياد اچي وڃي ٿو. اجائي ڪاھلي ماڻھوءَ کي نٻل بڻائي ٿي. اسان کي گھرجي ته پاڻ ۾ اھڙيون خوبيون ظاھر ڪجن، جنھن مان عام ماڻھو سک جو سبق حاصل ڪري ۽ ڳالھه ڪرڻ سان پرکا لھي “.(49)

سنڌي وياڪرڻ
هي سنڌي گرامر جي بنيادي ڪتابن مان آهي. هي گرامر جو ڪتاب 1855ع ۾ سنڌ نيوز پريس ، حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب جا پوءِ ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿيا آهن. هن ڪتاب شروعات صرف و نحو سان ڪئي وئي آهي ، ۽ ٻنهي جي صرف و نحو جي وصف پڻ ڏني وئي آهي. باب پهرين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الف ب جي پٽي ڏنل آهي. ٻئي فصل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائڻ جي اٺن لفظن جو بيان آهي. حالتن واري باب ۾ پنج حالتون بيان ڪيون اٿس. اهڙي طرح واحد جمع ، زمان وغيره تفصيل سان سمجهايل آهن. ديوان صاحب هن ڪتاب لکڻ مهل سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ تي گهڻو غور ڪيو آهي“.(50)هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن محمد شفيع ، مفرح القلوب پريس پارن 1860ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جي اهميت جي سلسلي ۾ انگريزي ۾ هن ريت لکيل آهي:
Elementary Grammar of the Sindee Language Bring a second edition, with addition, by the author of the work published By Moonshee Ooda Ram,Translator in the Office of the Commissioner in Scinde. Sanctioned by the Sind Educational Department for general use in vernacular schools, and recommended for the officers studying the Sindee language sufficiently admired to dispose with an English Explanation or comminatory.

سنڌي گرامر
سنڌي گرامر: يعني سنڌي زبان جي صرف و نحو جا قائدا“ 1857 ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب وري وري پي ڇپيو آهي. ڪتاب جو پنجو ڇاپو 1871ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ۾ منشي اڌارام سنڌي زبان جي صرف نحو جي قاعدن جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي صرف و نحو ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ڪم آندل آهن. هن گرامر جو قاعدن جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي صرف و نحو ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ڪم آندل آهن. هن ڪتاب ۾ 134 صفحا آهن.

مفيد الطالبين
”مفيدالطالبين“ڪراچيءَ مان 1861ع ۾ شايع ٿيو. هي هڪ ائنگلو ورنيڪيولر ڪتاب آهي، جنهن جي وسيلي انگريزي گرامر ڄاڻندڙ کي سنڌي ٻولي سکڻ آسان ٿئي ٿي ۽ سنڌي گرامر ڄاڻندڙ کي انگريزي ٻولي سکڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. هن ۾ تصويرن ذريعي گرامر جا قائدا، آسان سنڌي ڪهاڻيون ۽ دوسا ڀائي جي جملن کي سڌاري لکيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو نالو انگريزي ۾ Oodhoram’s Guide (اُڌارام گائيڊ) ۽ سنڌيءَ ۾ ”مفيد الطالبين“ (شاگردن کي فائدو ڏيندڙ) آهي.

فارسي آموز
ديوان اڌارام 1869ع ۾ فارسي زبان جو گرامر لکيو، جيڪو ڪراچي تعليم کاتي جي ڇاپخاني ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ 55 صفحا آهن ۽ ان ۾ فارسي صرف ۽ نحو جا قاعدا سنڌيءَ ۾ڏنل آهن. پهرين باب ۾ فارسي زبان جا 32 الف ب جا اکر ڏنل آهن. ديوان اڌارام لکي ٿو ته ” فارسي زبان ۾ ٽي حروف علت آهن ۽ ٻيا سڀ حروف صحيح آهن. جنکي کي حروف علت چون ٿا: ا و ي ()زبر يا فتح ۽ () زبر يا کسو ۽ ()پيش ضم ()انهن کان ننڍو آواز نڪري ٿو ۽ ڪنهن به حروف صحيح جو اچار انهن نشانين سان ٿي سگهي ٿو“.(51)

قصا نويس
منشي اڌارام ڪيتريون آکاڻيون لکيون ۽ ترجمو ڪيون، جنهن ۾ ان زماني جي ادبي چاهه، سنڌي سماج جي عڪاسي ملي ٿي. هن شاعري ۽ نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ڪن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:
قصو ڪامسين ۽ ڪامروپ
ڳوٺ وڳڻ موجوده ضلعي نوشهر فيروز ۾ لعلو ڀڳت رهندو جو اکين کان معذور هو. ان ڪامسين ۽ ڪامروپ جو قصو سنڌي ڏوهيڙن ۾ ٺاهيو هو. جو ديوناگري اکرن ۾ لکيل هو. ديوان اڌارام اهو قصو هٿ ڪري عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکي تعليم کاتي کي ڏنو، جنهن منظور ڪري شايع ڪرايو.

راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي
”اها آکاڻي ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي “سنڌي گرامر” (1849ع) ۾ ضميمي طور ڏنل هئي، جو ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپيو. 1861ع ۾ اها آکاڻي، ٻين ڏهن فارسيءَ ۽ اردوءَ تان ترجمو ڪيل مزيدار نقلن سان شامل ڪري منشي اڌارام نئين صورتخطيءَ ۾ هڪ مجموعو ڇپايو هو“.(52)

قصو راءِ ڏياچ جو
قصو راءِ ڏياچ جو 1861ع ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۾ ڏنل ديوناگري-سنڌي اکرن مان عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾آندائين..

ونهين ۽ ولهي جي آکاڻي
اها آکاڻي ديوان اڌارام سن 1860ع ڌاري لکي هئي. هيءَ آکاڻي به اخلاقي نڪتن سان ڀريل آهي. جيتوڻيڪ ماڻهو هن ڳالهه کي چرچي طور استعمال ڪندا آهن، پر سچ پچ ته هن آکاڻي ۾ وڏو مطلب رکيل آهي. سڄي آکاڻيءَ جو مقصد آهي ته جيڪو هٻڇ ڪري وڌيڪ کائيندو آهي، سو ڪڏهن نه ڪڏهن، ولهي وانگر بيمار ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري بهتر آهي ته گهٽ کائجي“.(53) ڳالهه جهڙي آهي مزيدار تهڙي آهي سندس ٻولي سليس ۽ وڻندڙ . نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
“هڪڙي وهئين جي وياءَ جو ويانهنءُ هو، تنهن وٽ هڪڙو ولهو ويو ته وهين ويٺي وڙين جو پلءُ ، واڱڻن جي ڀاڄيءَ سان کاڌو. تڏهين ولهو وڃي ويجهو ويٺس. وهئين کڻندي ئي وڙي ولهي جي وات ۾ وڌي، ته ولهي ويچاري جنهن ويهن ورهين لاڪر وڙيءَ جو واس ئي نه ورتو هو، سو وسو ٿي ويو ۽ وات پٽيو ويٺو ڪري واهه، واهه . جڏهن وهيون وڙيون کائي واندو ٿيو، تڏهين ولهي کي چيائين ته ويجهو ٿي ويهه ته ڪا ورونهن ڪريون“.(54)

طوطي نامو
طوطي نامو اصل ۾ سنسڪرت ۾ لکيو ويو هو، پوءِ ڌار ڌار ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو. سنسڪرت زبان ۾ 59 بابن تي مشتمل نصيحت جو ڪتاب آهي، جنهن کي ضياالدين نخشبي بدايوني(وفات1350ع/751هه) آسان فارسي زبان ۾ طوطي نامي جي نالي سان لکيو آهي. محمد خاوند قادري جي ڪتاب تان وري سيد حيدر بخش حيدري(وفات(1823ع) هندي(اردو) ٻولي ۾ طوطه ڪهاني جي نالي سان ترجمو ڪيو. سنڌ جي جن عالمن هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي سو سيد حيدربخش حيدري واري ترجمي تان ڪيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ هن جو آڳاٽو ترجمو منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ جو ڪيل آهي. جيڪو ڪراچي مان سنه 1862ع ۾ شايع ٿيو. ترجمي ۾ نج ٻولي ڪتب آندل آهي. مثال ڏجي ٿو:
جڏهن سج لٿو ۽ چنڊ نڪتو، خجسته کهنبا ويس ڪري، ڳهه ڳٺا پائي، هار سينگار ڪري چتونءَ کان موڪل وٺڻ ويئي ۽ اُن کي اٻاڻڪو ڏسي پڇڻ لڳي ته “اي من رجهائيندڙ اڄ ڇو اٻاڻڪو ٿيو آهين، ۽ ڪوهه ايتري ڳڻتي ٿو ڪرين؟“.(55)

راسيلاس (1868ع نولراءِ شوقيرام سان گڏ ترجمو)
راسيلاس دراصل انگريزي ادب جي مشهور نثر نويس ڊاڪٽر جانس جو لکيل آهي. هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي اشتهار ڪڍيو، ته جيڪو انهيءَ ڪتاب جو صاف سنڌي ۾ ترجمو ڪندو، تنهن کي سرڪار انعام ڏيندي. اڌارام ۽ ساڌونولراءِ گڏجي اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي پسند ڪيو ۽ انهن ٻنهي کي انعام مليو. اهو ڪتاب ڪيترائي ورهيه ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن لاءِ درسي ڪتاب طور ڪم پيو ايندو هو.
”هن ڪتاب ۾انسان ذات جي دماغي ۽ دلي طاقت ۽ خواهشن جون حقيقتون ۽ مثال، انسان ذات جي غم ۽ خوشيءَ جا سبب ۽ نتيجا، ۽ انسان ذات جي زندگيءَ جون منزلون ۽ مقصد ، هڪڙي دلچسپ آکاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪيا ويا آهن.هن ناول جو ٻيو موضوع آهي تلاش ۽ کوجنا. ناول ۾ حبش جو شهزادو راسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا ۽ عملاڪ نالي هڪ سائنسدان جي سنگ اچي شهزادن واري يڪطرفي زندگيءَ مان ڪڪ ٿي، مائٽن کي اطلاع ڏيڻ بنا لڪ چوريءَ نڪري دنيا جو سير ڪري وڏو تجربو حاصل ڪن ٿا. هن ناول ۾سائنس ۽ ايجاد جي وسيلي هوا ۾ اڏامڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي ويئي آهي“.(56)
هن ناول جي ڪهاڻي حبش جي شهزادي جي آهي جيڪو دنيا جي آزمودي پرائڻ لاءِ انسان ذات جي سک جي ڳولا لاءِ ٻاهر نڪري ٿو. هن ناول ۾اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته يورپ جا سڄي دنيا ۾ ذهين ۽ سورهيه آهن.
“شهزادي چيو ته اهو ڇا آهي جنهن جي ڪرڻ کان يورپ جا ماڻهو اهڙا سورهيه ۽ سگهارا ٿين ٿا؟
عملاڪ؛ سائين هو وڌيڪ طاقتور ۽ سورهيه هن ڪري آهن جو هو وڌيڪ سياڻا آهن. جيئن انسان ٻين جانورن تي پنهنجو عمل هلائي ٿو، تيئن پڙهيل ۽ سياڻو ماڻهو اڻ پڙهيلن ۽ اياڻن تي عمل هلائي ٿو. پر انهن ۾ دانش اسان جي دانش کان ڇو وڌيڪ آهي، تنهنڪري جو ڪو سبب آئون ڏئي نٿو سگهان پر ڄاڻجي ٿو ته اها خدا جي خواهش آهي“.(57)
راسيلاس جي مترجمن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻولي مڻيادار ۽ سپڪ ٻولي آهي، جنهن ۾ راسيلاس جهڙا عمدا ۽ اعليٰ ڪتاب ترجمو ٿي سگهن ٿا. هن ناول جي ٻولي سلوڻي آهي.

دنيا جي تاريخ جو مختصر بيان
هي ڪتاب ديوان اڌارام 1873ع ۾ نولراءِ شوقيرام سان گڏ انگريزي ڪتاب تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي . هي ڪتاب جيتوڻيڪ وڏن ڪلاسن ۾ تعليم وٺندڙ جي مطالع لاءِ هو، ته به ڪن ضروري لفظن جي صحيح تلفظ خاطر انهن تي زير، زبر ۽ پيش ڪم آندل آهن.

سنڌي انگريزي ڊڪشنري
اڌارام، پادري جارج شرٽ ۽ مرزا صادق علي بيگ سان گڏ جي سنڌي انگريزي ڊڪشنري ٺاھڻ ۾ بھ ٻانھن ٻيلي ھو. اھا ڊڪشنري نئين مقرر ڪيل عربي-سنڌي لکاوٽ ۾ ڪراچيءَ مان 1879ع ۾ سرڪار جي تعليم کاتي طرفان پڌري ڪئي.

ديوان پرڀداس آنند رام رامچنداڻي (1830-1881ع)

ديوان پرڀداس ولد آنندرام ميرچنداڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو، سندس واسطو عامل گھراڻي سان ھو. شروع ۾ هو انگريزي اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر جي عھدي سان ملازمت جو آغاز ڪيائين.بعد ۾ سکر جي نارمل اسڪول جو هيڊ ماستر به رهيو. انگريزي، عربي، فارسي ۽ ھندي ٻولين ۾ لکيل ڪيترائي ڪتاب سندس مطالعي مان نڪتا ھئا. هو حيدرآباد جي سرڪاري اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو. پرڀداس جي علمي ڪمن ۽ سرڪاري سهائتا سبب کيس ”ديوان“ جو خطاب پڻ مليو“.(58)

سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽي جو ميمبر
پنھنجي ھنر ۽ مھارت سبب تعليم کاتي ۾سنڌي ترجمان جي عھدي تي مقرر ٿيو.1853ع ۾ عربي-سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري سرڪاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بھ ھو. 1867ع ۾ خداوادي جي اصلاح لاءِ خاص رقم رکي وئي ۽ 1868ع ۾ هڪ نئين ڪاميٽي جوڙي وئي، ان ڪاميٽي به هو ميمبر هو. ديوان پرڀداس جو بنيادي درسي ڪتابن جي جوڙڻ ۾ وڏو ڪردار آهي. هن پاڻ به طبعزاد ڪتاب لکيا ته ڪي ترجمو به ڪيا. سندس پسند جو موضوع ”تاريخ“ ھو. سندس نثر آسان ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ آهي. هتي سندس ڪجهه ڪتابن جو مختصر جائزو ڏجي ٿو:

سنڌي ٽيون ڪتاب
هي ڪتاب ديوان پرڀداس آنندرام رامچنداڻي 1853ع ۾ جوڙيو ۽ ديوان چوهڙمل ڪندن مل سڌاريو هو.هن ڪتاب ۾ ڪل نوانوي سبق آهن، جن مان ڪي شاگردن جي ڏانو جون نصيحتون آهن، جي اخلاقي سبق ۽ آکاڻيون آهن ۽ ڪي عام واقفيت جا سبق آهن، جهڙوڪ جدا جدا جانورن، وڻن، ٻوٽن ۽ ڌاتن بابت سمجهاڻيون“.(59)ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو؛
” سائين منهنجي هٽ تي قدم رنجي فرمائي شربت جو پيالو پي وڃ، فقير ٿوري ماڻي کان پوءِ هن جو عرض مڃي هن جي دڪان ڏانهن هليو حلوائي پهچندي ان کي هڪڙي گادي وڇائي ڏني ۽ ڪي ڪجهه مٺائي رڪيبئيءَ ۾ وجهي ۽ ماکيءَ جو پيالو ڀري آڻي ندر رکيائين“.(60)

سنڌي چوٿون ڪتاب
هي ڪتاب پرڀداس پنهنجي سر ٺاهيو آهي ۽ 1853ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جا ٻه جلد آهن: هڪڙي ۾ 34 سبق ٻئي ۾ 23 سبق آهن، پر سبق تمام وڏا آهن. شايد پهريون جلد چوٿين درجي ۾ ۽ ٻيو جلد پنجين درجي ۾ پاڙهيو ويندو هو.ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ڪو به نظم ڪونهي، باقي پهرئين جلد ۾ ست سبق نظم ۾ آهن. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
گوا هندستان ۾ پورٽوگزن جو وڏو آباد هو. انهي گوا ڏي وڃڻ لاءِ سن 1585ع ۾ پورٽوگزن لزبورٽن شهر منجهان جهاز ڇوڙيا انهن جهاز ن مان هڪڙي ۾ خلاصي ڀاڙي وارا ماڻهون سي سڀئي ٻارهين سوين کان گهٽ ڪين هوا“.(61)

تاريخ هندستان
هي ڪتاب انگريزي مورخ مسٽر موريس جي ڪتاب جو ترجمو آهي. هينري موريس (1844-1926ع) برطانوي فوجي آفيسر هو. ڪيترائي ڪتاب تاريخ جي موضوع تي لکيائين. سندس ڪتاب The history of India سن 1857ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ قديم دور کان 1874ع تائين هندستان جي تاريخ بيان ٿيل آهي.ديوان پرڀداس صاحب جو شايد هي پهريون ئي ڪتاب آهي، جو انگريزي مان ترجمو ڪيو اٿس. هن ڪتاب جي ٽائٽل پيج تي وضاحت هن ريت ٿيل آهي: ” جناب وڏي حضور ميجر گولڊ سمڊ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ناظم مدارس سنڌ جي حڪم سان مانواري ۽ قابليت ڀري مسٽر پرڀداس پٽ آنندرام حيدرآبادي اسسٽنٽ اسڪول ماسٽر انگريزي حيدرآباد جي، انگريزي ٻوليءَ مان ماريس هسٽريءَ تان ماڻهن جي سمجهه فائدي لاءِ ترجمو ڪيو ۽ سرڪاري ڇاپخاني ۾ ڇپيو، سن 1863ع.
پڌرو هجي ته باب 22 ۾ سنڌ جي ذڪر ۾ ۽ باب 25 منجهه پڇاڙيءَ ۾ اصلي ڪتاب انگريزي کان ٻي طرح چڱي مطلب تي پاڻ ٿوري گهڻي مٽ سٽ ۽ ڦيرگهير ڪرائي آهي“.(62) سندس نثر جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
”سن 1760ع ۾ هڪڙي مسلمان حيدر علي نالي ان جي حڪومت پئي ڪئي ۽ انگريزن جو هندستان ۾ تمام وڏن وريام هنر وارن ويرين سان مقابلو ڪيو هو تن مان هي هڪڙو هو. پهرين ڏينهن ۾ هو ڏاکڙي ڪڍندڙ ۽ چور ماڻهون هو، پر پنهنجي ڏاڍي سورهيائيءَ ٺالي ٻڌي ٺڳي ڪري ايڏو ڏاڍو زور وٺي ويو هو جو هن پاڻ وٽ وڏي جماعت، سر جي سٽ ڏيڻ جهڙن نوڪرن جون ميڙيون ۽ پنهنجي ڌڻي راجا تي فساد ڪيا ۽ جنهن ۾ کٽيائين ۽ پاڻ کي ان ڌڻي جي جاءِ تي راجا ڪيائين ۽ ميسور ۾ پنهنجي لالچ جو مطلب جڏهن هن پورو ڪيو ، تڏهن پوءِ موٽي پاڙيسري ملڪن تي ڪاهه ڪيائين ۽ پنهنجون فتحون سڀ ڪنهن پاسي وڌايائين ضلعن جا ضلعا هن جي هٿ ۾ آيا ۽ هندستان مان تمام زورائتي بادشاهي مسلمانن جي ٺاهي“.(63)

انگلنڊ جي تواريخ (ڀاڱو پهريون)
هينري موريس جو ڪتاب The History of England سن 1866 ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ قديم دور کان انگلينڊ جي تاريخ بيان ٿيل آهي.هي ڪتاب هندستان جي ورنيڪيلر اسڪولن لاءِ لکيو ويو هو. هن ڪتاب جي پهرين حصي کي منشي پرڀداس 1868ع ۾ ترجمو ڪيو. هي ڪتاب ڪراچيءَ مان تعليم کاتي پاران 1868ع ۾ شايع ٿيو. 400 صفحن جو هيءُ ڪتاب، ليٿو ۾ ڇپيل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت هڪ رپيو آهي. جڏهن ته ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو واڌومل چنديرام ڪيو هو. ڪتاب نارمل اسڪول جي شاگردن لاءِ درسي ڪتاب طور منظور ٿيا.”هنن ڪتاب ۾ عيسوي سنه کان پنجونجاه وره اڳ جي احوال کان وٺي ”ڪريما جي جنگ“ بعد جو پئرس جو صلح اپريل 1856ع ۾ ٿيو هو. تيستائين انگلنڊ جو سربستو تاريخي احوال آهي“.(64)

سنڌي صرف و نحو
پرڀداس آنندرام ۽ ميان محمد حيدرآباديءَ جو جوڙيل گرامر، ”سنڌي صرف و نحو“، گورنمنٽ آف انڊيا، سنه. 1860ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. هي ڪتاب وڏن اسڪول شاگردن ۽ استادن لاءِ لکيو ويو، ته جيئن هو سنڌي گرامر آسانيءَ سان سمجهي سگهن. ان ڪتاب جو مهاڳ (Preface) انگريزيءَ ۾ميجر ايف جي گولڊ جو لکيل آهي ، جيڪو ان وقت تعليم کاتي جو سربراهه پڻ هو.

چوهڙمل ڪندنمل

چوهڙمل ولد ڪندنمل پنجابي جو جنم اٽڪل 1843ع ۾ شڪارپور ۾ ٿيو، بعد ۾ سندس ڪٽنب حيدرآباد ۾ لڏي آيو. ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ بمبئي جي ايلفسٽن ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1865ع ۾ بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري پهريون سنڌي گرئجوئيٽ بڻيو . سندس باري ۾ ڀيرومل مهرچند لکي ٿو ته ”پهريون ئي پهريون گريجوئيٽ مسٽر چوهڙمل ڪندنمل پنجابي هو، جنهن 1865ع ۾ بي اي جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي. سر بارٽل فريئر ان وقت بمبئي جو گورنر هو، تنهن آفرين ڏني هيس ۽ سندس قابليت جي گهڻي سارهه ڪئي هوائين“.(65) هو حيدرآباد جي نارمل اسڪول جو 1854ع ۾ هيڊ ماستر بڻيو، بعد ۾ ساڳيو اسڪول ٽريننگ ڪاليج بڻيو. ڪجهه ڪتاب لکيائين.
سنڌي ناٽڪ جي شروعات جي باري ۾ جنيت ريلواڻي لکي ٿو ته ”سن 1875ع کان اڳ سنڌي ناٽڪ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ان سال مس ميري ڪارپينٽر سنڌ ۾ آئي هئي. حيدرآباد ٽرئينگ ڪاليج جي هيڊ ماستر هڪ ڪهاڻي تان ناٽڪ تيار ڪري شاگردن کان پيش ڪرايو هو پر اهو ڇپيو ڪو نه هو“.(66) اگر اها معلومات صحيح آهي ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ناٽڪ چوهڙ مل ترجمو ڪيو.
چوهڙمل ڪي درسي ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۾ مضمون لکيا، جن ۾ ”سنڌي ٽيون ڪتاب“ ديوان پرڀداس آنندرام رامچنداڻي 1853ع ۾ جوڙيو ۽ ديوان چوهڙمل ڪندن مل سڌاريو هو.1867ع ۾ English Primer جو سنڌي ترجمو ڪيائين.1894ع ۾ ”چتور چرتر“ لکيائين.

ميان محمد ”حيدرآبادي“ (وفات 1891ع)

”ميان محمد صورتخطي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ اوائلي نثر نويس ھو. حيدرآباد شھر جي ميمڻ پاڙي ۾ ڄائو ، پرائمري استاد مان ھيڊ ماستر جي عھدي تي پھتو. ڪجھھ وقت نارمل اسڪول جو ماستر بھ رھيو. اھڙي طرح فقير جي پڙ واري اسڪول جو ھيڊ ماستر رھيو. تعليم کاتي سان لاڳاپيل ميجر گولڊ اسمٿ کيس محبت مان مولانا محمد سڏيندو ھو“.(67)

سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽي جو ميمبر
1853ع ۾ عربي-سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري سرڪاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بھ ھو. پاڻ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ وڏي مھارت رکندو ھو. سنڌي رسم الخط جي تشڪيل ۾ پنھنجي صلاحيتن کي ڀرپور استعمال ڪيائين. هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي صرف و نحو ۾ پنهنجي تجويز ڪيل الف ب ٺهڪندڙ لفظن سان ڏني آهي.

سنڌي صرف و نحو
انهيءَ ڪتاب جي حڪمت عملي سنڌ جي تعليم کاتي جي انچارج گولڊ سمڊ ڪئي هئي. هو ان سلسلي ۾ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”هن گرامر جي ڪتاب جي اهميت لهڻ لاءِ مون پنهنجي ڪوارٽر تي هڪ گڏجاڻي رکي، جنهن ۾ نارمل اسڪول، ڪراچي جو ماستر منشي ننديرام ۽ ڪليڪٽر آفيس جو منشي رضا محمد موجود هئا. مون گرامر جو مسودو انهن جي حوالي ڪيو ته هو ان تي پنهنجي راءِ ڏئي سگهن، پر اهو طريقو مطلوب مقصد لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي نه سگهيو. ان کان پوءِ اهو قلمي نسخو ترميم ۽ تصحيح لاءِ ميان محمد ڏانهن موڪلي“.(68)
ان گرامر واري ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ميان محمد سان ديوان پرڀداس به مدد ڪئي هئي. هن ڪتاب جو مهاڳ ميجر گولڊ سمٿ، اسسٽنٽ ڪمشنر لکيو. ڪتاب جي منظوري ۽ ڇپائي لاءِ لکيو اٿس ته ”مون هن مسودي کي چڱي طرح نظر مان ڪڍيو آهي ۽ ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سرڪاري خط نمبر 1969/ بتاريخ 19 آگسٽ 1859ع سان منظوري ڏيڻ فرمائي. هن ڪتاب جو خاص واسطو ابتدائي اسڪولن سان آهي، پر هن لاءِ اها به سفارش ڪئي وڃي ٿي ته اهو انگريزي پڙهندڙ سنڌي شاگردن کي به پڙهڻ گهرجي“.(69)
”هن گرامر ۾ به عربي ۽ فارسي ٻولي جا قاعدا اختيار ڪيا ويا. اصطلاح به ساڳيا اختيار ڪيا ويا. فرق صرف اهو هو ته انهن جي وضاحت يا سمجهاڻي سولي ۽ رواجي ٻوليءَ ۾ ڏني ويئي. ڪتاب جي شروعات ۾ الف-ب جي پٽي ڏئي ، ھر ھڪ اکر جي سامھون ان سان ٺھڪندڙ لفظ ڏنو ويو آھي، جيئن الف-اک ، ب-باھھ، ٻ-ٻانھون، ڀ-ڀاءُ وغيره “.(70)
ميان محمد جا استعمال ڪيل نج ”ڳالهائڻ جا لفظ عربي ۽ فارسي صرف ونحو مطابق فقط ٽي ٺهرايا ويا آهن :اسم، فعل ۽ حرف- پوءِ وري انهن جا قسم ۽ استعمال ڄاڻايو ويو آهي.ميان صاحب جي اهڙي عربي فارسي تشريح کان پوءِ هندو ليکڪن سنڌي ٻوليءَ لاءِ نج سنسڪرتي ۽ هندي الفاظ ۽ اصطلاح اختيار ڪيا“.(71)ميان محمد حيدرآباديءَ جو ڪتاب ڏاڍو مشهور ٿيو، پر افسوس جو 1860ع کان پوءَ ٻيهر شايع ٿي نه سگهيو.ميان محمد ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا هئا، جن جي هيئنر معلومات نه ٿي ملي.

قاضي غلام علي ( وفات 1885ع)

قاضي غلام علي پٽ قاضي محمد يحى جعفري ٺٽي جو رهواسي هو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي لکيو آهي ته ” قاضي غلام علي ٺٽي جو مشهور عالم ۽ قانوندان ٿي گذريو آهي. سندس وڏا اچ جا رهاڪو هئا. هي خاندان قاضي طور مقرر ۽ مشهور ره“.(72)کيس سنڌي سان گڏ انگريزي ، فارسي ۽ عربي تي به عبور حاصل هو. سندس وڏا ٺٽي ۾ ”جامع مدرسو“ هلائيندا هئا. جهرڪن جي ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ڪول جي ويجهو هو. هن جي سفارش تي حڪومت کيس ”ٽرانسليٽر“ مقرر ڪيو، ترقي ڪندي مختيارڪار جي عهدي تي رٽائرڊ ڪيائين. قانون جي ڄاڻ ھجڻ ڪري قاضيءَ کي خاص اجازت مليل هئي ته هو عام ماڻهن جا ڪورٽ ۾ ڪيس پيش ڪري. هو شاعر به هو، سندس ”ديوان جعفري“ 1855ع واري زماني ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو ويو هو، جتان شايد گم ٿي ويو “.(73)هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن جي هيئنر گهڻي خبر نه ٿي پوي.

سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽي جو ميمبر
هندي ، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ مھارت حاصل ھيس.1853 ۾ عربي-سنڌي صورتخطي جي اصلاح واري ڪاميٽي ۾ ماھر جي حيثيت ۾ کنيو ويو.

هندستان جي تاريخ
هن ڪتاب جو تعارف قاضي غلام علي هن ريت ڪرايو آهي؛ ”هيءَ هندستان جي تاريخ جي چنڊيل تاريخ جا اڳي اردوءَ ۾ پنڊت ديبي پرساد جي جوڙيل هئي تهه کي هير هن اڀري غلام علي جعفري قاضي محمد يحى جي پٽ ٺٽي شهر جي رهندڙ جناب فرير صاحب بهادر سنڌ جي ڪمشنر جي حڪم ساڻ سنڌي وايي ۾ جوڙيو ۽ جڏين ان منجهه سنڌ جي ويڙه جي ڳال سڄي لکيل ڪين هئي تهه ڪري اوءَ ڳال وري پوري جئي ٿي هئي تئي جوڙي ان منجهه گڏيم“.(74)
جديد صورتخطيءَ ۾ لکيل ”هندستان جي تاريخ“، ۾177 صفحا آهن. ان جون ٻارنھن سو ڪاپيون شايع ٿيون. هن تاريخ ۾ هندن جي سورج بنسي ۽ چندر بنسي گهراڻن جي بيان کان وٺي سنه 1849ع تائين (يعني سکن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٿيل ٻي ويڙهه جي فيصلي سوڌو) مختصر حقيقتون لکيل آهن. سنڌ جي تاريخ مان فقط ٽالپرن ۽ انگريزن جي تعلق ۽ مياڻي ۽ دٻي وارين لڙاين جو چٽائي سان بيان ڏنل آهي. ڪتاب ۾ صاف سنڌي مگر نج لاڙي ٻولي ڪم آيل آهي. سندس نثر جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
خيرپور جي رياست بابت پڻ انهين وير مير علي مراد ۽ مير رستم جي وچ ۾ جهيڙو ٿي ٿيو تنهن منجهه مير علي مراد چارلس نيپيئر صاحب بهادر کي جو لارڊ النبرا جي حڪم سان سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي ڪٽڪ جو وڏو مهندار ٿي آيو هو، سمجهائي پنهنجي پار ڪيو ۽ جڏين صاحب ڪٽڪ ڳني اوري آيو تڏين مير رستم پنهنجا مائٽ پاڻ سان ڳني خيرپور کان ڀڄي ويو ۽ ماڻون هيئن ٿي چيو ته هن پٽ ۾ پنج ڪوهن تي امام ڳڙهه ڪوٽ آهي ته ۾ ڏاڍو ٿيو ويٺو آهي.... “.(75)

دوسا ڀائي جا سنڌي جملا
هي ڪتاب ڪيپٽن آرٿر ، منشي غلام عليءَ جي مدد سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هي ڪتاب انتهائي معلوماتي هو، جيڪو استادن ، شاگردن سان گڏوگڏ انگريز عملدارن لاءِ پڻ مفيد هو“.(76)
سنڌ جي تواريخ (فارسي تواريخ معصوميءَ تان)
1853ع ۾ بي ايڇ ايلس هڪ اشتهار ڏنو ته ”تاريخ معصومي“ جي ترجمي ڪندڙ کي ڏيڍ سو روپيا مهيني خانگي ۽ سرڪاري انعام ڏنو ويندو. ڪيترن ئي عالمن ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پر انھن سڀني ۾ ننديرام کي نمبر پھريون ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ قاضي غلام علي به ڪتاب جو ترجمو ڪيو هو، مگر سندس ترجمو مقابلو کٽي سگهيو نه سگهيو“.(77)

قانون جا ڪتاب
قانون جي ڄاڻ ھجڻ ڪري،ڪيترائي ڪتاب قانون بابت لکيائين، جيڪي سندس پوئنرن 1998ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي کي وڪرو ڪري ڏنا“.(78)

غلام حسين قريشي (وفات 1896ع)

منشي غلام حسين قريشي ولد محمد قاسم قريشي صديقي جو جنم ٺٽي ۾ ٿيو. ننديرام ميراڻيءَ کيس غلام حسين سبزپوش لکيو آهي. پير حسام الدين راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ غلام حسين سبزپوش بابت هن ريت معلومات ڏني آهي: غلام حسين ”افضل“ سبز پوش ٺٽوي (المتوفي 1861ع مطابق 1278هه): هيءُ هڪ نازڪ خيال شاعر هو. نثر نويسيءَ ۾ به وڏو ڪمال رکندو هو. ”تنبيـﮧ المعاندين“، ”مثنوي نان و نمڪ“، ”نظم نوروز“ ۽ انشاء افضل“ سندس ادبي يادگار آهن. اردو ۾ سندس ڪلام جو نمونو ناهي. ۽ جمادي الثاني 1278هه مطابق 1861ع ۾ انتقال ڪيائين. پڇاڙي عمر ۾ ”اسد“ تخلص ڪندو هو. هو شاعر ۽ نثر نويس هو. فارسي ۾ شاعري ڪندو هو. نثر نويسيءَ ۾ به وڏو ڪمال رکندو هو ملازمت دؤران سرڪاري ڪامورن کي سنڌي سيکاريندو ھو. ٺٽي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جو منشي ۽ِ ترجمان (Translator) ٿي رھيو . انگريز آفيسرن کي سنڌي سيکاريندو هو.

سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽي جو ميمبر
سنڌي ٻوليءَ تي دسترس ۽ ترجمي جي خوبين کي ڏسندي انگريز سرڪار کيس 1853 ۾ عربي-سنڌي صورتخطي جي اصلاح واري ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو.

ڀنڀي زميندار جي ڳالهه
هن ڪتاب جو تعارف غلام حسين قريشي هن ريت ڪرايو آهي؛ ”هي ڪتاب پهرءِ پنڊت بنسي ڌر جو جوڙيل هندي وائي ۾ هو هاڻي جناب فريرصاحب بهادر سنڌ جي ڪمشنر جي حڪم موجب غلام حسين قريشي صديقي جي پٽ ٺٽي جي رهندڙ جڊيشل ڪمشنر سنڌ کاتي جي منشيءَ سنڌي ۾ جوڙيو آهي“.(79)
هن هڪ ڊگهي آکاڻي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ 1854ع ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائي، جا پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ”ڌرمسنگهه زميندار“تان ورتل هئي. البت آکاڻيءَ کي ديسي رنگ ۽ ڍنگ ۾ آڻڻ لاءِ ماڻهن ۽ ڳوٺن جا نالا مٽائي ٻيا وڌائين. ڪهاڻي نويسيءَ ۾ ان جي انهيءَ ترجمي کي بنيادي حيثيت آهي. ڪتاب ۾ صاف سنڌي مگر نج لاڙي ٻولي ڪم آيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل صفحا 24 آهن. ڪتاب جي شروعات هن ريت ٿئي ٿي؛
” جيڪي ماڻهو هن جڳ ۾ ايمان جي واٽ تي اڀي ۽ ڪم جي پواڏ جي اٽڪل ڪري ڪم ڪن ٿا ۽ ڏکين ۽ نماڻن تي ڪهل ڪريو پنهنجي موچارائي ساڻ انهن جي چڱائي ٿا گهرن ڌڻي انهن کان راضي ٿو رهي“.(80) سندس نثر جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
“هيڪڙي مند ڀنڀي زميندار پنجن جريبن ڌرتيءَ جو پٽو اوڀائي کي لکي ڏنو. اوڀائي آکاڙ جي مهيني ۾ هڪڙي ڏينهن هر ۽ ڍڳا ڳنهي وڃي ٻني کيڙي. تا ماٿيلي جي ماڻهن جي ويري ۽ جڳهڙائي هئا، ڏٺو ته اوٻاوڙي جو زميندار اسانجي دنگ جي پاسي ۾ ڦٽل ڌرتي ٿو کيڙي. اهي کاڻا کيڙيندي کيڙيندي اسان جي ڌرتي پڻ کيڙي وڃي. نيٺ سڀني مڙي سڙي ٻنيءَ ۽ ڊنا ته متان وٻاوڙِي جو زميندار کيڙيندي کيڙيندي اسان جي ڌرتي پڻ کيڙي وڃي. نيٺ سڀني مڙِي سڙي ٻنيءَ تي وڃي اوڀائي کي ماري ڪٽي ڀڄايو ۽ انکي هيڪلو ڏسي ڊيڄاريائون ته جي وري تون ڪڏهن هيءَ ٻني کيڙيندين ته توکي لٺيون هڻي هٿ پير ڀڃي ڇڏينداسون. هاڻي اتان اوڀايو گهوڙا گهوڙا ڪندو ڀڳو ويو“.(81)
آکاڻي لاءِ آغا سليم لکي ٿو ته “غلام حسين قريشيءَ ان ڪهاڻي کي اهڙو ته مقامي رنگ ڏنو هو جو، اها ڪهاڻي نج سنڌي ڪهاڻي ٿي پئي هئي. ڪهاڻيءَ جي مقامي (ميرپور ماٿيلو ۽ ڏهرڪي،) ڪردارن جا نالا ڀنڀو ۽ اوڀايو ۽ مسئلو زمين جو جهيڙو هو، جيڪو اڄ به سنڌ جي زرعي سماج جو وڏو مسئلو آهي“.(82)

سنڌ جي تواريخ (فارسي تواريخ معصوميءَ تان)
1853ع ۾ بي ايڇ ايلس هڪ اشتهار ڏنو ته ”تاريخ معصومي“ جي ترجمي ڪندڙ کي سرڪاري انعام ڏنو ويندو. ڪيترن ئي عالمن ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پر انھن سڀني ۾ ننديرام کي نمبر پھريون ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ غلام حسين قريشيءَ به ڪتاب جو ترجمو ڪيو هو، مگر سندس ترجمو مقابلو کٽي نه سگهيو“.(83)

محمد يوسف ميمڻ

محمد يوسف ڪراچيءَ جو رهواسي هو. ٽالپرن جي دور کان منشي گيري طور خدمتون سرانجام ڏيندو هو. سندس باري ۾ گهڻي معلومات حاصل ٿي نه سگهي آهي. 1836ع ۾ واٿين سنڌي زبان جو پهريون گرامر لکيو. ان گرامر جي ڪتاب ۾ منشي محمد يوسف سندس مدد ڪئي.ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ لکي ٿو ته ”سرڪار پنهنجي هڪ سڃاڻ ۽ اورچ ڪاموري ڊبليو. ايڇ. واٿين جي ذمي سنڌي ٻوليءَ جو گرامر جو ڪم سونپيو. ان ڏاهي انگريز محقق سنڌ ۾ برطانيه سرڪار جي هڪ ڏيهي اهلڪار محمد يوسف جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ جو گرامر جوڙي راس ڪيو“.(84)ان جو مطلب اهو ٿيو ته محمد يوسف کي گرامر جي معلومات هئي ته انگريزي به ٿوري گهڻي ڄاڻيندو هو.
سنڌي نثر جو اوائلي ۽ گمنام ليکڪ به آهي، هو فارسي، ديوناگري ۽ سنڌي زبانن جو ماهر هو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڪراچيءَ مان شايع ٿيا. 19صديءَ ۾ محمد يوسف ڪراچيءَ ۾ ڪتاب شايع به ڪندو هو ته ڪتب فروش به هو. هن مختلف ليکڪن جا مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. هن خود نه فقط عربي-سنڌي الف–ب ۾ڪتاب لکيا، مگر خداوادي خط ۾ به ڪتاب لکيائين.

قصا نويس
محمد يوسف بنيادي طور تي درسي ڪتاب وڌيڪ لکيا، مگر هن ڪي قصا پڻ لکيا، جن ۾”دودو چنيسر“ اهم آهي. هي قصو 1893ع ۾ شايع ٿيو. دودي ۽ چنيسر جو قصو سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان مشهور آهي. اهو قصو هڪ قسم جو جنگي داستان يا epic آهي. هن داستان ۾ پڳ جي جهيڙي تان ملڪي جنگ لڳي. هن قصي کي محمد يوسف 1893ع ۾ لکيو. هي پهريون قصو هو، جنهن کي ديوناگري خط ۾لکي شايع ڪيو ويو.

درسي ڪتاب
سندس ڪتاب ”باب نامو“ 1894ع ۾ شايع ٿيو. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 20 صفحا آهن. ان ڪتاب کان اڳ منشي ننديرام به هن قسم جو ڪتاب لکيو هو. انگريزن جي اوائلي دور ۾ سنڌي صورتخطي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارڻ جي لحاظ کان به هي ڪتاب اهم هو. جاگرافيءَ جا به ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾”سنڌ جي سهنجي جاگرافي” (1896ع) ۽ “مختصر سنڌ جي جاگرافي” (1894ع) وغيره اهم آهن.

سيد ميران محمد شاهه - اول (1829 - 1892ع)

”سيد حافظ حاجي حڪيم ميران محمد شاهه (اول)، 12 صفر 1245هه ۾ اڳئينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس والد محمد شاهه هڪ ڪامل بزرگ ۽ نهايت ئي قابل حڪيم هو. سندس اوطاق هميشه مريضن سان ڀريل رهندي هئي، جن جو علاج گهڻو ڪري مفت ڪندو هو. پاڻ شروعات ۾ سنڌ جي ڪمشنر جو منشي ۽ پوءِ اسپيشل جج جو سرشتيدار ۽ ترقي ڪندو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. سرڪاري ملازمت دوران انگريزي ٻوليءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪري پوءِ قانون جو باقاعدي اڀياس ڪيائين“.(85) شاهه صاحب تڏهوڪي ڊپٽي ڪليڪٽر ٽنڊو محمد خان ڪيپٽن ڊسٽنر ول کي ويجهو هو بلڪه سندس آفيس ۾ ئي ”منشي“ جي عهدي تي فائز هو.

سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽي جو ميمبر
”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخدانن کان هڪ وڏي غلطي اها ٿي ته هنن ميران محمد شاهه جي اهم خدمتن کي نظر انداز ڪيو ڇڏيو. ميران محمدشاهه، تڏهو ڪي اسسٽنٽ ڪمشنر بي-ايڇ ايلس جي نگرانيءَ ۾ڪم ڪندڙ سنڌي الف-ب ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. سنڌي ٻوليءَ جي الف ب جي تشڪيل ۾ سندس وڏو حصو هو. هن جي جاءِ تي مرزا صادق بيگ جو نالو ڏنو ويو، جنهن تي مرليڌر جيٽلي سميت ڪيترن ئي عالمن بحث ڪيو آهي ته هو 1845ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1853ع وقت سندس عمر فقط ست سال هئي. هو ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪونه هو. ڪجهه ٻين عالمن جو خيال هو ته مرزا صادق بيگ جي جاءِ تي مرزا محمد صادق ولد مرزا مخلص علي ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. پر حقيقت هيءَ آهي ته ان ڪاميٽيءَ ۾ سيد ميران محمد شاهه نه فقط ميمبر هو پر، هن جو ان ڪاميٽيءَ ۾ اهم ڪردار به هو. ان موضوع تي مان پنهنجي انگريزي ڪتاب “انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقيءَ ”۾ تفصيل سان بحث ڪري چڪو آهيان“.(86)سيد ميران محمد شاهه جو نالو اوائلي نثر نويسن ۾ اهم جڳهه والاري ٿو.

سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه
”سُڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ نهايت سهڻو نثري قصو آهي، جنهن جي ڏسڻ سان سنڌي زبان جي پراڻي ۽ عام طرز بيان ۽ اسلوب تحرير سان گڏ صرف ۽ نحو جي پراڻي سنڌي قاعدي جي خبر پوي. ان سان گڏ، پراڻي رسم الخط ۽ ان جي اِنشاء اِملاء جو پڻ پتو پوي ٿو. هي ڪتاب اصل هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر “سبودي ڪبودي” جي نالي سان لکيو هو. نڊت بنسي ڌرچرنجي لعل، 19هين صدي ۾ هندستان جو وڏو ليکڪ هو. هو سرڪاري نوڪريءَ تي فائز هو. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان ڪيترن جا سنڌي ۾ ترجمو ٿيا. مثال طور: سنساري نرور (ننديرام)، ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ (غلام حسين قريشي)، ”سُڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ (ميران محمد شاهه)، آڪاسي نروار (ميران محمد شاهه) وغيره اهم آهن.هن جي انهن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن هر قسم جا ڪتاب لکيا هئا. سيد ميران محمد شاهه سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. 1855ع ۾ هي قصو لـِٿو ۾ عربي سنڌي لپيءَ ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب لاءِ چوڻ ۾ ائين اچي ٿو ته شاهه صاحب، سربارٽل فريئر جي نياڻيءَ جي وندر لاءِ هيءُ قصو سليس ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ جوڙيو هو“.(87)
هن آکاڻي ۾ ٻن ڪردارن کي چٽيو ويو آهي. مگر ماڻهن جا نالا سنڌ جا ڪم آيل آهن. هي ڪتاب شروعات وارن ڏينهن ۾ ابتدائي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب طور ڪم ايندو هو.
هن قصي جي ٻن اهم ڪردارن ۾ سڌاتورو اسڪول وڃي، ٿورڙن ڏينهن ۾، بابنامو پڙهي ۽ ٻيا ڪتاب ڏسي، پاڻيهي سُرت وارو ٿي وڄي ٿو. آخوند ۽ ٻين ماڻهن چيو ته هيءُ ڇوڪر ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ لکپڙهه ۾ ڀَڙُ ٿي ويندو. هوشيارپ جي ڪري تپيداري جي نوڪري مليس ٿي. محنت ۽ ايمانداري جي ڪري نامور مختيار ٿئي ٿو. ٻئي طرف ڪڌاتورو به گهڻا ڌڪا کائي پڙهي منشي بڻجي ٿو. مگر بي ايمان ۽ رشوت خور ٿئي ٿو. هڪ دفعي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿئي ٿو ۽ سخت پورهي سان ٽيپ کائي ٿو. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”آرکَڻَ چڱائيءَ جا پهريائين پڌرا ٿا ٿين، ته هيءَ ڇوڪر پنهنجي راڄ ۾ چڱو مڙس ٿيندو- جيئن ته سَلو سِرڄندي ئي سمجهجي ته هيءَ وڻ وڏو ٿيندو؛ ۽ هيءٌ پَهڪو (پهاڪو) پڌرو آهي ته ’بَڙَ جا پَنَ اُڀرندي ئي سَڻڀا“.(88)

آڪاسي نروار
هندي ٻوليءَ ۾ نظام شمسي نالي هڪڙو ڪتاب پنڊت بنسي ڌر جو جوڙيل هو. سيد ميران محمد شاهه سنڌي ۾ان جو ترجمو ”آڪاسي نروار“ جي نالي سان 1856ع ۾ ڪيو. ”آڪاسي نروار“ يعني خلاصه نظام شمسي (نظام شمسيءَ جو خاص بيان). ”هي ڪتاب وڏن شاگردن لاءِ درسي ڪتاب هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ علم هيئت بابت هي پهريون پهريون ڪتاب ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڌرتي، سج، چنڊ، سيارن (گرهن)، ثوابت (نکترن يعني بيٺل تارن) پڇر تارن، ڪسوف (سج گرهڻ) ۽ خشوف (چنڊ گرهڻ) بابت ماڻهن جا جيڪي اڻڄاڻائيءَ جهڙا خيال ۽ عقيدا هئا، تن کي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آهي“.(89)ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو؛
”هن ڳالهه جي ڌيان ڪرڻ کان ته اسين ڌرتي سوڌا جنهن تي رهندا آهيون، توف جي گونري کان پڻ هيڪوسو ويهوڻو تڪڙو هوا تي اڏامندا وڃون. ڪهڙا ڪهڙا اچرج پڌرا ٿين ٿا ۽ ڌڻي جو ڊپ ۽ ان جي ٻانپ ۽ چئي ۾ رهڻ ڪيترو اسان تي جوڳو ٿئي ٿو“.(90)

مفيد الصبيان
سندس آکاڻين جو ٻيو ڪتاب هو ”مفيد الصبيان“ آهي.اهو به هنديءَ تان ورتل، ٻارن لاءِ فائديمند آکاڻين جو مجموعو هو. هن مجموعي ۾ ٻارن جي وندر لاءِ ڪيتريون ئي آکاڻيون ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾ شيڪسپئير جي ڪن ناٽڪن جون به آکاڻيون ڏنل آهن، جيڪي چارلس لئمب تان ورتل هيون. هي درسي ڪتاب 1861ع ۾ ليٿوءَ ۾ پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي ٻولي به نهايت دلڪش ۽ خالص سنڌي آهي. ڪتاب جي منڍ (Preface) ۾ هيءَ حقيقت بيان ڪيل آهي: ”اصل ڪتاب هنديءَ ۾ لکيل هو، جنهن تان سيد ميران محمد شاهه پٽ سيد محمد شاهه، مٽارن جي ويٺل، مسٽر اسٽوئرٽ صاحب بهادر، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي رٿ سان ترجمو ڪيو“.(91)ڪتاب جي آکاڻي “فارس جو شهزادو” مان هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”بادشاه جي محلي جي پاسي ۾ هيڪو موچي ڪميڻو بڇڙو رهندو هو. بادشاهزادو سدا انجي گهر ايند ويندو راند ڪندو هو، ۽ انسين ڏاڍو پيار رکيائين. وزير چيو، ڏيهه ڌڻي ٻارن کي ڪميڻن جي سنگت ۾ ڇڏڻ ڦٽاڻي آهي. ٿورن ڏينهن ۾ انهن جا آرکڻ ٻار وٺندا آهن. ماڻهوءَ کي جهڙي سنگت هوندي اهڙا آرکڻ سکندو. گهرجي ته شهزادو موچي وٽ نه وڃي. بادشاه چيو ته او بار اٻوجهه آهي ۽ موچيءَ سين پيار ٿي ويو آهيس. جيڪڏهين ان سنگت کان جهلبو ته ڏکو ٿبو ۽ متان ان ڏک ۾ اگهو ٿي پوي . ڪي ڏينهن کاند ڪجي ، جڏهن وڏو ٿيندو تڏهن نصحيت ڪري موچيءَ جي سنگت ڇڏائبيس“.(92)
”سندس هڪ ٻيو فارسيءَ ۾ طب تي لکيل ڪتاب ”مفيد الطالبين“ جو مسودو به موجود آهي“.(93)

سنڌي–انگريزي لغت
”سيد ميران محمد شاهه جو ٻيو اهم ڪم “سنڌي–انگريزي لغت” جو هو. ڊسمبر 1853ع ۾ ڪيپٽن جارج اسٽئڪ وفات ڪري ويو. ان وقت انگريز سرڪار، اسٽئيڪ جي خواهش جي بر عڪس عربي- سنڌي الف-ب نافذ ڪري چڪي هئي. جڏهن ته اسٽئڪ پنهنجون ٻئي ڊڪشنريون ۽ گرامر جا ڪتاب ”ديوناگري خط“ ۾ لکيا هئا. سندس وفات کان پوءِ مسٽر ايلس ۽ ڪراچيءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيپٽن ڊسٽنر ول ، جنهن جو تعليم کاتي ۾ اهم ڪردار هو، هنن فيصلو ڪيو ته اسٽئڪ جون ٻئي ڊڪشنريون عربي- سنڌي خط ۾ شايع ڪرايون وڃن، ان سلسلي ۾ ديوناگري خط کان عربي-سنڌي خط ۾تبديليءَ جي ذميواري منشي ميران محمد شاهه کي ڏني وئي“.(94)
ميران محمد شاهه ”سنڌي- انگريزي لغت“ جو ڪم تمام جلد پورو ڪري سرڪار جي حوالي ڪيو، ان لاءِ کيس اجورو پڻ ڏنو ويو. جڏهن ته ”انگريزي-سنڌي لغت“ تي ڪم اڃان هلندڙ هو. بمبئي حڪومت فيصلو ڪيو ته اسٽئيڪ جون ڊڪشنريون ان خط ۾ ئي شايع ڪيون وڃن، جنهن ۾هن پاڻ لکيون آهن“.(95) بهرحال ميران محمد شاهه جو ڪيل ڪم برطانوي انڊين ميوزيم لائبريريءَ ۾ موجود هوندو ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل سرڪاري لکت پڙهت منهنجي مٿئين ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ شامل آهي.

روچي رام گجومل (1804-1901ع)

ديوان روچي رام گجومل ڪرپالاڻي جو تعلق حيدرآباد سان هو. هو اسسٽنٽ ٽرانسليٽر جي ملزمت تي فائز هو. آکاڻين، پهاڪن ۽ لغت سميت ڪيترائي ڪتاب لکيائين. هي صاحب لوڪ ادب، پهاڪن ۽ آکاڻين جي تاريخ ۾ وڏو نالو رکي ٿو. سندس باري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته ”روچيرام گجومل ڪرپالاڻي، جيڪو انگريز عملدارن کي سنڌي پڙهائيندو هو، تنهن اَٺ سؤ کن سنڌي پهاڪا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 1892ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. ڪتاب جو نالو رکيائين “A Hand Book of Sindhi proverbs” اِهو ڪتاب ايترو ته عوام ۾ پسند پيو جو اُنهيءَ جا پوءِ چار ڇاپا ڇپيا“.(96)

سنڌي پهاڪن جاڪتاب
روچي رام گجومل ڪرپالاڻيءَ انگريزي پهاڪن سان ٺھڪندڙ ٻن ڀاڱن تي مشتمل سنڌي پهاڪن واري ڪتاب تي ڪم 1892 ۾ شروع ڪيو هو ۽ سندس اهو ڪتاب سنڌ جي ڪمشنر جي ممبئي واري پريس مان شايع ٿيو هو. ديوان روچي رام گجومل ڪرپالاڻي پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:” آئنده (مستقبل ۾) سندس هن بنيادي ڪم کي نظر ۾ رکي ڪو وڏو ڪم (پهاڪن بابت) ترتيب ڏنو ويندو. ديوان روچي رام جو چوڻ آهي:
“I undertook this work in 1892 but owing to press of office work, and sudden illness, my progress has been very slow… It contains only those proverbs which are most common and generally understood…. Nor does it in any way profess to be free from errors. Defective as it is, it may however be found useful by students of Sindhi and may serve as a basis for a more complete work at some future period”(97)
ان ڪتاب جو مکيھ مقصد ھئو، انھن انگريزي عملدارن کي سنڌي پھاڪن جي ڄاڻ ڏيڻ، جيڪي سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ سببان لازمي طور سنڌي سکندا ھئا. ان ڪتاب جي پھرئين ڀاڱي ۾ سنڌي پھاڪن جي ڀيٽ ھم معنيٰٰٰ انگريزي پھاڪن سان ڪيل آھي. ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا خاص چونڊ پھاڪا ڏنل آھن. ڪتاب ۾ اٺ سو کان بھ مٿي سنڌي پھاڪا انگريزي ترجمي سان گڏ ڏنل آھن. هيءُ ڪتاب، ٻن حصن ۾ ورڇيل آهي. پهرين حصي ۾ 489 سنڌي پهاڪا ۽ انهن جا هم معنيٰٰٰ انگريزي پهاڪا ڏنل آهن. ٻي حصي ۾ 320 پهاڪا ۽ انهن جي سمجهاڻي سنڌيءَ ۾ ڏنل آهي.

آکاڻي نويس
روچيرام گجومل ڪرپالاڻي لغت نويس سان گڏوگڏ آکاڻي نويس به هو. ان ڏس ۾ سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ ”عجيب نڪتا“ ۽ ”دلچسپ قصا“ شامل آهن. سندس آکاڻين ۾ ٻارن لاءِ اخلاقي گڻن بيدار ڪرڻ جو احساس سمايل هو. سندس ڪتاب ”عجيب نڪتا“ 1895ع ۾شايع ٿيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”1895ع ۾ هڪ ٻيو اڪسير ڪهاڻين جو ڪتاب ”عجيب نقطا“ جنهن ۾ روچيرام گجومل جون اخلاقي آکاڻيون هيون“.(99)روچي رام گجومل جون لکيل ٻيو وندرائيندڙ آکاڻين جو ڪتاب ”دلچسپ قصا“ 1890ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ وندر ۽ سکيا وارين آکاڻيون هيون.

لغت نويس
ديوان روچي رام گجومل ڪرپالاڻي هڪ استاد ۽ عالم هو. هن پهاڪن کان علاوه سنڌي لغت به تيار ڪئي. ”1904ع کان پهرين ديوان روچيرام گجومل ڪرپالاڻي به ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ لکي هئي، جيڪا قلمي صورت ۾ رهجي ويئي“.(100)
1900ع ۾ سندس ڪتاب ”بندي ڏيتي ليتي پرڳڻو“ شايع ٿيو. جڏهن ته 1905ع ۾ سندس هڪ ناٽڪ ”عجيب ناٽڪ“ شايع ٿيو.

عبدالرحيم وفا (1805-1880ع)

”آخوند عبدالرحيم ”وفا“ ولد محمد عباسي اصل ڳوٺ قبي سعيد خان موجوده ضلعي قمبر ائٽ شهدادڪوٽ جو رهاڪوهو. آخوند عبدالرحيم عباسي، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ قبي سعيد خان ۾ حاصل ڪئي. جڏهن وڏو ٿيو ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي خير آباد چئي اچي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو“.(101) آخوند عبدالرحيم به انهن مان هڪ هو. عربي ۽ فارسيءَ تي ڪافي عبور رکندو هو. معياري صورتخطي ٺهڻ کان اڳ سنڌي زبان ۾ ديسي قصا قلمبند ڪيا ۽ ترتيب ڏئي ورنيڪيولر ڪاميٽي جي حوالي ڪيا.
آخوند عبدالرحيم ”وفا“ استاد، شاعر، قصه نويس، مرتب، لغت نويس هو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سندس باري ۾ لکي ٿو ته ” هن ڪراچي ، ڪوهستاني ، لاڙ ۽ وچولي توڙي سري وارن ڀاڱن مان ڪيترائي قلمي نسخا هٿ ڪيا. ازنسواءِ سگهڙن کان به متعدد ۽ مستند صدري روايتون ٻڌي قلمبند ڪيون. پهريون عالم هو، جنهن سگهڙائتي ادب ۽ معياري ۽ معنوي ادب جون صنفون مرتب ڪري انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو“.(102)

ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ سان وابستگي
1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر واري دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ۽ نصابي ڪتابن جي تياريءَ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن لاءِ ڄاڻو ماڻهو گهربل هئا. اڳتي هلي تعليم کاتي لاءِ ورنيڪيولر ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جي آڏو ڄاڻو اديب سنڌي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪري ڇپائيءَ لاءِ پيش ڪرڻ لڳا . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”هيءُ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو واحد فرد هو، جنهن ڪوهستاني ليکڪن ۽ شاعرن جا ڪتاب ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ ڇپايا. آخوند عبدالرحيم ڪاڇي، ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي شاعرن ۽ سگهڙن جا جوڙيل قصا ۽ داستان توڙي ٻيا اعليٰ معنيٰٰٰ ڀريل بيت گڏ ڪيا ۽ پوءِ انهن کي سوڌي سنواري جدا جدا ڪتابن جي صورت ۾ ”تعليم کاتي لاءِ“ ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو ۽ انهن کي ڇپائڻ لاءِ منظور ڪرايو“.(103) هن نظم سان گڏوگڏ ڪيترائي قصا ۽ آکاڻيون نثر ۾ به لکيون يا مرتب ڪيا، تن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

هر گنيو
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي 1875ع ۾ جي محنت سان تيار ڪيل ڪتاب “هر گنيو” سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري1993ع ۾ ڇپيو، جنهن جو مقدمو ۽ ايڊيٽنگ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هئي.هي لوڪ شاعريءَ جو ڪتاب آهي.

قصو وڪيي ڏاتار جو
هي قصو شاعر حاجي موسي حافظ جو هو، جنهن کي آخوند عبدالرحيم 14 جون 1870ع تي ٺاهي تيار ڪري ورنيڪيولزر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو. هن نسخي ۾ ”قصو جمجمه سلطان“ به شامل هو، جو ٺاهيل”مير“ نالي شاعر جو هو. ۽ هڪ ٻيو ”قصو بهرام شاهه جو“ جوڙيل ڇتي کٽيءَ جو هو. اهي قصا پڻ آخوند عبدالرحيم ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو رکيا، پر ڇپجي نه سگهيا.

قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو
هي قصو 1870ع کان پوءِ ٻه ڀيرا ڇپيو. هن ڪتاب ۾ هڪڙو جهونو خيالي قصو آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عشق جي تاثير ۽ ديون پرين سان وهنوار جو ذڪر گهڻو آهي، ته به نمڪ حلالي، دل جي شرافت، صبر ۽ تحمل جهڙا اخلاقي سبق به منجهس چڱي طرح سمايل آهن.

قصو دلوراءِ جو
هي نثري قصو پهريون دفعو سال 1870ع ۾ ڇپيو.

قصو عمر ماريءَ جو
آخوند ”عبدالرحيم وفا عباسي“ پهريون محقق آهي جنهن 1871ع ۾ ”عمر ماروي“ جو قصو تاريخي حوالن سان لکيو، جنهن ڪري سنڌي جو پهريون تحقيقي ڪتاب پڻ چيو ويندو آهي.هي قصو نظم توڙي نثر ۾ جوڙيل آهي. هي قصو پڻ ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ ڇپايو. سندس اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
“تڏهن عمر سومرو شڪار جي بهاني نڪري ان ڦوڳ سان گڏجي ٿر ۾ آيو. مارئي ڀي سرتين هڪجيڏين سان گڏجي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي آئي هئي، پوءِ جڏهن عمر کي ڏوران ڏٺائين تڏهن ڊڄي ويئي، ته هيءُ ڌاريو ماڻهون نامحرم الاجي ڪير آهي ۽ هيڏي ڇا جي لاءِ ٿو اچي، تڏهن سرتين چيس ته ڀڄڻ ٽهڻ پنهنجو ڪم ڪونهي الاجي متان اڃايل هجي ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه تي ايندو هجي. تنهنڪري بيهي رهون ته چڱو. پوءِ جڏهن عمر کوهه وٽ آيو تڏهن مارئيءَ تي وڃي نظر پيس، سو پاڻي پيڻ جو بهانو ڪري، ٽپو ڏئي“.(104)

قصو سسئي پنهونءَ جو
هي نظمي قصو عارف ڪلهوڙي جو جوڙيل هو، جيڪو ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ 1867ع کان اڳ ڇپيو .

قصو ڪوئا ۽ ٻلي
هي قصو جوڙيل خير شاهه جو، جيڪو ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ 1872۾ ڇپيو.

قصو عجائب شاهه جو
هي قصو جوڙيل شاعر لؤنگ جو هو جنهن کي آخوند عبدالرحيم، ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ آڏو ڇپائيءَ لاءِ پيش ڪيو هي قصو نثر ۽ نظم ۾ هو ۽ دلچسپ آکاڻي تي ٻڌل هو. هي سيف الملوڪ وغيره قصن سان گڏ آخوند عبدالرحيم هٿ ڪري پڌرو ڪيو هو.هن ڪتاب ۾ اهڙو ئي خيالي قصو ۾ آندل آهي، جهڙوڪ ”ڪامسين ڪامروپ“ ۽ ”سيف الملوڪ بديع الجمال“ آهن.

جواهراللغات سنڌي اڪيچار
هن لغات لکڻ جو سبب مصنف پنهنجي مقدمي ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي ته ”جڏهن ڏينهن هڪڙي هي اٻالو عبدالرحيم پٽر محمد وفا جو عباسي گنبذي، هاڻي رهائشي ڪراچي جو منجهه سٿ ساٿارِن جي ويٺو هو ته اوچتو ئي ڳالهه ٻولهه لفظن سِنڌن جي وچ ۾ آئي، تڏهن ڪن منجهان ساٿارِن چيو ته جيڪڏهن تون ڪو ڪتاب سنڌي جوڙين ته جيڪر ماڙهن گهڻن جوگن ۽ لاهو ٿيندو. تڏهن ڪيترا لفظ گڏ ڪري نالو هن ڪتاب جو ‘جواهر لغات سنڌي اڪيچار رکيم“.(105)
آخوند عبدالرحيم جي لکڻي سهڻي ۽ آسان لفظن سان جُڙيل هوندي هئي. سندس ڪتاب ”جواهراللغات سنڌي اڪيچار“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن لغت ۾ مصنف پهريائين سنڌي آئيويٽا ڏني آهي، جنهن ۾ نج اکرن جون صورتون اهڙيون من گهڙت ڪم آنديون اٿس، جهڙيون ارنيسٽ ٽرومپ شاهه جي رسالي شايع ڪرڻ وقت ڪم آنديون هيون. تنهن کان پوءِ ”چوڻ“ مصدر جا سڀني زمانن ۾ ڦيرا (گردان) پارسي معنى سان لکيا اٿس. پوءِ الف بي وارن سنڌي لفظن جون معنائون پارسيءَ ۾ ڏنيون اٿس ۽ هر هڪ لفظ جي سامهون ان جو گرامر جو نالو ۽ جنس، عدد (جي فعل آهي، ته فعلي صيغي جو نالو وغيره) ڏيندو ويو آهي.
”هن ڪتاب جي تصنيف وقت آخوند عبدالرحيم، سنڌي الف- بي- ۽ سنڌي صورتخطيءَ بابت علمي لحاظ سان سوچيو ۽ ان سلسلي ۾ ڪي نوان رخ پيش ڪيا. هڪ ته خالص سنڌي اُچار وارن اکرن مان ڪن کي ڪي نيون صورتون ڏنائين ۽ ٻيو الف- بي جي ترتيبوار سٽاءَ قائم ڪيائين، جيڪا ”جواهر اللغات سنڌي اڪيچار“ جي مقدمي ۾ ڏنل آهي، ٽيون ته لفظن جي صورتخطيءَ ڏانهن چڱو خاصو ڌيان ڏنائين. ”جواهراللغات سنڌي اڪيچار“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمي سان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 1993ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي“.(106)

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ (1809- 1876ع)

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي اصل روينيو کاتي ۾ منشي ٿي گهڙيو، ۽ آخر پنهنجي محنت ڪري مختيارڪار ٿيو. سن 1864ع ۾ پينشن ورتائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ وقت ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ صرف ڪيائين. سنڌيءَ ۾ ٽي ڪتاب لکيائين:”سوکڙي“، ”گل يا گلقند“ ۽ ”گل شڪر“. اهي ٽيئي ڪتاب ڏاڍا وڻندڙ آهن. ”گلقند“ ڪتاب هن سن 1871ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ ٻيا ڪتاب به اٽڪل انهيءَ وقت ڌاري لکيل اٿس.ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي لکيو آهي ته ”افسوس جي ڳالهه آهي ته اُهي دستخط ڪتاب 35 سالن کان به مٿي تعليم کاتي جي ڪٻٽن ۾ نڌڻڪا ٿيا پيا هئا ۽ سن 1905ع ۾ سج جي روشني ڏٺائون“.(107)جڏهن ته ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو لکي ٿو ته ” سنه 1864ع ۽ 1870ع جي وچ ۾ ديوان ڪيولرام سلامترا آڏواڻيءَ ٽي عمدا ڪتاب لکيا، جن مان اصليت جي بوءِ اچي ٿي. اهي آهن ”سوکڙي“، ”گل ۽ گلقند“ ۽ ”گل شڪر“، جي سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوعيت رکن ٿا، ۽ اخلاقي نڪتن سان معمور آهن“.(108)

گل شڪر
پهريون پهاڪن جو ڪتاب، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جو “گل شڪر آهي، جنهن ۾ نالي جي نسبت سان ابجد موجب 570 عدد پهاڪا ڏنل آهن. هر پهاڪو نهايت سهڻي نموني سان سمجهايل آهي. اڪثر پهاڪن جو فارسي ۽ هندي متن به سنڌي معنيٰٰٰ سان ڏنل آهي. ڪتاب ۾ پنهنجو مختصر تعارف ۽ ڪتاب جي لکڻ بابت ضروري وضاحت ڪئي اٿس. “مهاڳ” کان پوءِ ديوان ڪيولرام “پهاڪا” لکڻ شروع ڪيا. پهاڪن جي سٽا سنڌي الف – ب وار ترتيب ڏني اٿس“.(109)اصل تان نمونو هيٺ ڏجي ٿو :
اڻندو اها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي
”هي پهاڪو ظاهري واٽ ۾ ڪوريءَ جي اختياري ڏيکاري ٿو، جڏه تاڃي اڳيانس پکڙيل آهي، اءٌ پيٽي لاءِ نڙو هٿ ۾ اٿس تڏه ڪپڙو گھاٽو اڻي، توڙي ڇڊو ته مرضي سنديس. پرحقيقت جي واٽ ۾ مطلب هي اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم لاءِ سگهارو آهي. نه ڪنهن جي صلاح وهيڻو، نه ڪنهن جو دلبو کائي، نه ڪنهنجو مٿس زور هلي، نه ڪنهن جي واهر گهري، جيڪي وڻيس سو ڪري“.(4) اهڙي طرح باب ”ي” تائين جملي 570 پهاڪا تشريح سميت ڏنا اٿس. هن ڪتاب لکڻ لاءِ کيس ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پيو ۽ مختلف زبانن مان پهاڪا چونڊي، سنڌي زبان کي مال مال ڪيائين. هن کان اڳ هن موضوع تي ننڍڙا ڪتابچا نڪتا هئا، مگر سنڌي زبان ۾ هن جهڙو جامع ۽ ضخيم ڪتاب ، پهاڪن بابت ٻيو شايع نه ٿيو هو.

گل يا گلقند
ديوان ڪيولرام جي هيءُ ڪتاب به پهاڪن تي لکيل آهي.هن ڪتاب لاءِ پاڻ لکيو اٿائين ته ”هڪڙيءَ مهل هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن ٻڌڻ جي دل رکي، تڏهن سو (100) ٻه سا (200) پهاڪا لکائي پهچايامانس. پر ويچار ڪيم، جو پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصطلاحي اکر آيا آهن، جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀن ماڻهن کي پڻ سمجهڻ ۾ نه اچن، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان آهي، تڏهين ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جي پوءِ ٻولي ٿا سکن، سمجهاڻيءَ جي گهرج ڇو نه ٿيندي؟ تنهن خيال تي هن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪيم“.(110) ديوان ڪيولرام جي عبارت پڻ قديم اصطلاح واري آهي. “گل” مان ديوان ڪيولرام جي لکڻيءَ جو مثال ڏجي ٿو:
“هڪڙي ڀيري هڪ ملڪ جو هڪ اڳوڻو راجا جبل ۾ شڪار لاءِ ويو، هڪڙو سندس صاحب گهمندو ڦرندو هڪڙي فقير وٽ، جو سڃ ۾ هڪڙي جبل جي چر ۾ دونهين ٻاريو ويٺو هو، وڃي نڪتو. فقير ان امير کي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته آءُ فلاڻي ڀاڳئي جو ٻڪرار هوس. جاسين ٻڪرين کي چڱي طرح سنڀاليم ٿي، تاسين ڀاڳئي مان ۽ ڀاوَ سان پيٽ ڪپڙو ڏنو ٿي. پر ڳچ ڏهاڙن کان پوءِ نشي پيڻ جي هير ٿيم، جنهن ڪري ڌڻ جي ٽهل پوري ڪري نه سگهيس. تنهن کان ٻڪريون ڏٻريون ٿيون ۽ بگهڙن گدڙن کاڌيون، تڏهن ڀاڳئي ٻيو ٻڪرار رکي مون کي لوڌي ڇڏيو. جو هاڻ ٽڪر لاءِ وٽان در در ڀٽڪندو. تنهن وانگي تنهنجو راجا پڻ ڌڻيءَ جو در ڌنار آهي، سو جي ڌڻ کي چڱي طرح پاليندو ته واهه نه ته مون وانگي ٿيندو“.(111)

سوکڙي
هن ڪتاب ۾ ديوان ڪيولرام ڪيتريون شاندار آکاڻيون شامل ڪيون آهن، جيڪي ٻولي ۽ پيشڪش جي لحاظ کان وڻندڙ آهن. سندس ڪردار آکاڻي نويسيءَ جي ترقيءَ ۾ اڻ وسرندڙ آهي. ”سوکڙي“ جي پڄاڻيءَ ۾ ديوان ڪيولرام هي نهٺائيءَ سياڻپ جا لفظ، دلپذير تشبيهي نوع ۾ لکيا هئا: ”هن ڪتاب کي ڏاکڙي سان لکيو اٿم. جيتوڙي ته منجهس ڳالهيون ڪچيون ڦڪيون آيون آهن؛ پر سندس مطلب گهڻو سپڪ ۽ سوادي آهي، جهڙو ڪڙيءَ باداميءَ جو تيل. تنهن ۾ ڳالهين جي ڪچائيءَ کي ڏسڻ نه گهرجي ۽ سندن حاصل ئي ڏسجي، جهڙيءَ پر اَڪ ۾ ماکي ڏسي اَڪ جي ڪڙائيءَ کي نه نهاري ماکي لاهجي؛ سو ڇو ته ڪم ماکيءَ سان آهي. تنهن وانگر ڳالهين جي ڪچائيءَ تي باداميءَ جي ڪڙائيءَ ۽ اَڪ جي کاراڻيءَ طرح ڌيان نه ڪري مطلب جو تيل ۽ ماکي هٿ ڪبا ته گهڻن ڏکن جي ڏوار لاءِ ٻُڪِي ٿيندي. ۽ هن ڪم ۾ ڳالهين جي ڪچائيءَ ڏي ڏسڻ اهڙو آهي جهڙو مک سڄو بُت ڇڏي ڦٽ تي وهي! تنهڪري چڱو هي آهي ته ڀنور وانگي ڳالهين جي جهنگ مان ڳڻن جو واس وٺجي“.(112) ڪتاب مان سندس نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”پورهيت هڪڙي گهڻا پورهيا ڪري سؤ روپيو گڏ ڪيو هو. هڪڙي ڏينهن پرڏيهه ڏي تيار ٿيو. هي روپيا ڌراوت رکڻ لاءِ کڻي هڪڙي هٽائيءَ وٽ ويو، پر هٽائيءَ ڌراوت رکڻ جي نه ڪئي. اُن ڳالهه تي پورهيت ۽ هٽائيءَ جو پاڻ ۾ ڳچ سوڌو چؤٻول ٿيو. ڇو جو ڌراوت رکڻ لاءِ پورهيت ماندو ۽ هٽائي ڀڄندڙ. ايتري ۾ ڳوٺ جي قاضيءَ جي ٻانهي دمڙيءَ جو تيل وٺڻ آئي، پر هٽائيءَ ۽ پورهيت جي رڳڙي ڪري ويرم لڳيس. تنهن کان قاضيءَ ويرم جو سانگو پڇيو. تنهن پورهيت ۽ هٽائيءَ جي سؤ روپين جي ڌراوت جي ريڙهه پيڙهه جي ڳالهه ڪري سڻايس“.(113)

آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي (1846- 1926ع؟)

راءِ بهادر آلومل تيڪمداس ڀوڄواڻي جو ڪراچيءَ سان تعلق هو. سيٺ نائومل جو پوٽو هو. ”سال 1865ع ۾ بمبئي يونيوسٽيءَ مان مئٽرڪ ۾ ٻيو نمبر ڪامياب قرار ڏنو ويو. ميٽرڪ جي امتحان لاءِ موتيرام لکي ٿو ته ” سيٺ آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي هو، جو سينو ساهي ، ڪنهن دنگي ۾ چڙهي بمبئي لاءِ رواني ٿيو ۽ 15 ۽ 16 ڏينهن جي سامونڊي سفر بعد بمبئي پهتو. سنڌ جي شروعاتي شاگردن مان هو، جن گريجوئشن ڪئي هئي. تعليمي ڦهلاءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. ملڪي سياست به حصو ورتائين“.(114)ھو پھريون سنڌي ھو، جنھن بمبئيءَ جي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي سند ورتي ھئي.

تعليمي خدمتون
1868ع ۾ هڪ گجراتي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. ڪيترائي سال اين جي وي اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو،جنهن ۾ پهريون دفعو 1869ع کان 1874ع تائين ، ٻيو دفعو 1899ع کان 1903ع تائين. سيٺ نائونمل پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته ” ھو گذريل پنجيتاليھھ ورھيھ، مؤلف جو بھترين ذاتي دوست ٿي رھيو آھي. پر سڀ کان وڏو سبب ھيءُ آھي تھ ھو ھميشھ تعليم جي ڪم ۾ دلچسپي وٺندو رھيو آھي. ھن ٢١- مارچ ١٨٦٨ع ۾ سرڪار جي تعليمي کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪيترا دفعا ساري صوبي جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي جا فرائض انجام ڏئي، آخر سيپٽمبر ١٩٠٣ع ۾ ھو پينشن وٺي، نوڪريءَ کان مستعفي ٿيو“.(115) ”ڪيترا سال سنڌ ۾ ڪو جدا تعليم جو ماھر انسپيڪٽر ڪونھ ھو. تعليم جي ڪم جي نظرداري اڪثر ڪري ڪمشنر جو ذاتي نائب ڪندو ھو. تنھنڪري آلومل ئي حقيقي طور تعليم جي محڪمي جو سربراھھ ھو. هن آيامڪاريءَ ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڏي تعداد ۾ هيٺين ڪلاسن جا اسڪول کولرايا. ١٨٨٩ع ۾، وائسراءِ، آلومل کي ”راءِ بھادر“ جو خطاب عطا ڪيو“.(116)

سنڌ جي مختصر تواريخ
سال 1862ع ۾ ”سنڌ جي مختصر تاريخ “ سنڌيءَ ۾ لکيائين. هن ڪتاب لاءِ محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته ”هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ ليکن سنڌ جي تاريخن تان مختصر حقيقتون وٺي سنڌيءَ ۾ راءِ بهادر سيٺ آلومل تيار ڪئي هئي ۽ تعليم کاتي جيڪي اوائل ۾ اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب تيار ڪرايا هئا، تن سان گڏ تيار ٿي هئي. ان وقت کان وٺي هن وقت تائين هيءَ تاريخ درسي ڪتابن جي ياداشت ۾ داخل آهي؛ پر ٿورا ورهيه ٿيندا، جو سنڌ جون نيون با تصوير تاريخون درسي ڪتاب طور ڪم اچڻ لاءِ منظور ٿي ويون آهن، تنهنڪري هي تاريخ اسڪولن ۾ ڪم ڪا نه ٿي اچي“.(117) ڪتاب جي منڍ ۾ تاريخ لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکيو اٿس: ”مونکان ،ڪن دوستن اڳ سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکيا آهن. معلومات ته مڙني ۾ هڪ جهڙي ڪانهي، سواءِ ڪن ٿورن بيانن آڻڻ جي . هن ڪتاب کي لکڻ وقت شاگردن جي سمجهه جو ۽ سندن ذهن تي پوندڙ بار جو پورو پورو خيال ورتو اٿم ته جيئن پڙهڻ وقت بيزاري ظاهر نه ڪن، ساڳئي وقت پياري سنڌ جي اڳين تاريخ ۽ هن وقت جي صورتحال سندن ڄاڻ ۾ واڌاري جو سبب بڻجي استادن کي ويندي آهي ته هو خاميون ڪڍي مون کي هن سلسلي ۾ سونهون ڪن“.(118)آلومل ٽيڪمداس ”سنڌ جي مختصر تواريخ“، کي 1880 ۾ مختصر ڪري 48 صفحن ۾ديوناگري خط ۾ پڻ شايع ڪرايو.

هندستان جي مختصر جاگرافي :
هي ڪتاب 1888ع ۾ لکيائين، جيڪو درسي گهرجون پوري ڪندڙ هو.

تت پرٻوڌ
هي ڪتاب 1890ع ۾ شايع ٿيو، ان جو موضوع اخلاقيات جو درس ڏيڻ هو.

سيٺ نائونمل جي آتم ڪٿا
سيٺ نائونمل جي شخصيت سنڌ جي تاريخ ۾ متضاد آهي. سيٺ نائونمل جي لاءِ اھو مشھور آھي تھ ھن پنھنجي وطن سان غداري ڪري، انگريزن جو ڇاڙتو ٿي، سنڌ کي غلام بنائڻ ۾ اھم حصو ورتو. هن شايد 1870ع ڌاري سنڌي زبان ۾ پنهنجي يادگيرين بابت ڪتاب لکيو يا لکرائي. هن ڪتاب ۾ هن پنهنجي روزنامچا ۽ يادگيريون لکيون آهن. انگريزي زبان ۾ ھي ڪتاب سن ١٩١٥ع ۾ شايع ٿيو ھو. سندس پوٽي راءِ بھادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو. سر ايڇ . ايوان، ايم. جيمس، ڪي. سي. آءِ. اي سي. ايس، آءِ. (ڪمشنر سنڌ – ١٨٩١ – ١٨٩٩ع) انھيءَ انگريزي ترجمي کي ترتيب ڏيئي مقدمو لکيو. بعد ۾، ڪتاب :
“A Forgotten Chapter of the History of India”
”ھندستان جي تاريخ جو ھڪ وساريل ورق يعني جي سيٺ نائونمل ھوتچند سي. ايس. آءِ. جون، (١٨٠٤ کان ١٨٧٨ع)“ نالي سان 1915ع ۾ ڇپيو.1956ع ۾ حنيف محمد صديقي هن ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادبي بورڊ طرفان ، نائونمل جون ”يادگيريون“ جي عنوان سان شايع ڪيو.سر ايڇ . ايوان، ايم. جيمس ان ڳالھھ جو اعتراف ڪري ٿو ته ”ڪن مشڪل اشارن جي سمجھائڻ ۾ مون کي سيٺ نائونمل جي نامور پوٽي، راءِ – بھادر آلومل ٽيڪمداس بي . اي، نوازش ڪري منھنجي جيڪا مدد ڪئي آھي، ان لاءِ آءٌ سندس ٿورائتو آھيان. آلومل ۽ مون کان پوءِ، نيپئر، فريئر ۽ سيٺ نائونمل جي وقت واري سنڌ ۽ جديد سنڌ جي وچ ۾ جيڪي آخري ڪڙيون بچيون آھن، سي ختم ٿي وينديون. مان 1870ع ۾ سنڌ ۾ آيو ھوس، جڏھن اڃا ڪيترا نيپئر ۽ فريئر جا ھمعصر عملدار، سرڪاري نوڪرين ۾ ھئا، ۽ مون انھن جي واتان پراڻي زماني جا ڪيترائي قصا ۽ ڪھاڻيون ٻڌيون ھيون. ان ڪري مان سمجھان ٿو تھ ”يادگيرين“ جي اشاعت لاءِ منھنجو انتخاب غير موزون نھ آھي“.(119)جڏھن مسٽر آلومل ملازمت کان سبڪدوش ٿي پينشن تي ويو تڏھن بمبئي سرڪار، ٤- سيپٽمبر ١٩٠٣ع جي چيف سيڪريٽريءَ جي صحيح سان، ھيٺيون ٺھراءُ منظور ڪيو:
”راءِ بھادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، سنڌ جو عارضي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ٣٥ ورھين جي نوڪريءَ کان پوءِ، ھن مھيني جي ٥- تاريخ، نوڪريءَ کان سبڪدوش ٿي رھيو آھي. اھو ڊگھو عرصو راءُ بھادر، سنڌ جي صوبي ۾ ھڪ نھايت ذميدار ۽ ڏکيو عھدو سنڀاليو آھي. ھن جي نوڪري قابليت، دانشمندي، بلند اخلاق ۽ انتظام ۾ منصف مزاجيءَ لاءِ نمايان ھئي“.(120)

واڌو مل چنديرام (1838- 1909ع)

راءِ بهادر واڌو مل ولد ديوان چنديرام اصل ڳوٺ ٽلٽي (موجوده ضلعو ڄامشورو) جو رهاڪو هو. سندس والد ديوان چنديرام مختيارڪار جي عهدي تي فائز هو. واڌو مل مقابلي وارو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. ”ڪيترائي سال ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين“.(121)ڪيترن ئي فلاحي تنظيمن سان وابسطه هو. سرڪار ڪمن ڪارن کان علاوه ڪي ڪتاب پڻ لکيائين. هن صاحب ڪي قصا پڻ لکيا، جن ۾ قصو ڪرشنا ڪماريءَ جو“ (1888ع) اهم آهي.

منتخب تاريخ انگلستان
1862ع ۾”منتخب تاريخ انگلستان“، صفحا 116، انگريزيءَ تان ترجمو ڪيائين. هن ڪتاب جو پهريون حصو پرڀداس آنندرام ترجمو ڪيو هو. جيئن ته انگلينڊ جي تاريخ بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب جو هي مڪمل ترجمو آهي، پر اختصار کان ڪم ورتو اٿس، انهيءَ ڪري مٿس ”منتخب تاريخ انگلستان“ نالو ڏنائين ترجمي ۾ سنڌي لٽريچر ڪاميٽيءَ ضروري سڌارا آڻي، سال 1862ع ۾ وديا ونود ڇاپخانو ڪراچيءَ مان ليٿو ۾ ڇپائي، نصاب طور منظور ڪيو.ڪتاب تي سنڌي لٽريچر ڪاميٽيءَ طرفان هڪ سو روپيا روڪ انعام به مليس.
ڪتاب ۾خاص طور تي انگريز حڪمرانن جي خوشامد ڪئي اٿائين . مثال طور ”حڪومت سنڌ جو حاڪم عادل جناب سر بارٽل فريئر ڪي، ٽي، بي ڪمشنر بهادر (جنهن جي حڪومت ۾ اهڙو نياءُ آهي، جو شينهن ٻڪريءَ تي گڏ پاڻي پيئندي ڪي پئي نٿو سگهي). آءٌ ڇا چوان، سڀڪو چوندو ته ماڻهو هن ڏيهه جا سڀيئي گهڻي سرهائيءَ ساڻ دعا ڪندڙ وڏائي حضور مٿئين جا آهن ۽ جناب ميجر گولڊ سمٿ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر جنهن جي ڏاهپ ۽ پروڙ افلاطون وانگي سڄي ملڪ ۾ پڌري ۽ ان جي سخا کان سڀڪو ننڍو وڏو فيض پائيندڙ آهي. حڪم ڏنو تنهنڪري مون ڪينڪي ڄاڻندڙ واڌو مل پٽ ديوان چنديرام ويٺل ٽلٽي جي هي ڪتاب تواريخ ملڪ انگلستان جو، جنهن ۾ سڄيئي واٽ بادشاهي انگريزن جي لکيل آهي، انگريزي ٻوليءَ مان سنڌي وائيءَ ۾ ترجمو ڪيو“.(122)
تاريخ جي هن ڪتاب کي بهترين نموني ترجمو ڪيو اٿائين ۽ ٻول عام فهم استعمال ڪئي اٿائين. مثال طور: ”چون ٿا ته او جيتوڻيڪي اهڙا جهنگلي ۽ اياڻان ها ، پر سوره سي ڏاڍا هئا، ڪئين جو رومين گهڻين ويڙهين ۽ جنگين کان پوءِ چرڪو انگلينڊ جو ملڪ ورتو، تڏهين پڻ چئن سون ورهئن توڻي هڪڙو نالي جو راڃ ڪيائون. رومين کان پوءِ سيکزن ماڻهون جرمن ولائته جا آيا ۽ انهن کي انگريزن اياڻپ کان، لاءِ ٻيلپي ڏيڻ ، سامهون ڏکوئيندڙ پاڙوسين پڪٽئن ۽ اسڪاٽئن جي (جيڪي ٻيٽ جي اتر پاسي ڏي رهندا هئا) گهرايوهو“.(123)

مرزا غلام رضا بيگ (1842ع – 1895ع)

مرزا غلام رضا بيگ ولد مرزا فريدون بيگ ، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ هو. ملازمت سانگي حيدرآباد ۾”پرشين ٽيچر“ ٿيو. پوءِ ميرپورخاص ۽ ٽنڊي محمد خان جي ننڍن ميرن جو استاد ٿيو ۽ پوءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. شاعري ۽ موسيقيءَ سان محبت هيس.”اڻويهين صديءَ ۾ علم منطق (Logic) جي موضوع تي “مفتاح القلب” نالي ڪتاب لکيائين. هن موضوع تي ، سنڌي زبان ۾ هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو 1871ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ۾ منطقي اصول قاعدن مطابق سمجهايا اٿس. خاص ڪري منطق جا مکيه ٽي اصول “ڪلمه” ، “ڪلام” ۽ “دليل” نهايت عالمانه اندا ۾ وصفن، جدولن ۽ شڪلين جي آڌار تي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس“.(124) ڪتاب جي منڍ ۾ “ديباچو” جي عنوان تحت پنهنجو احوال ، ضمير غائب ۾ هن ريت لکيو اٿس:
”سڀڪنهن ٻوليءَ کي جيترو گرامر يعني صرف و نحو جو ضرور آهي اوترو بلڪه انهيءَ کان واڌو منطق جو ضروري آهي، تنهنڪري ڄاتائين ته ائين ٺهراءُ ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ڪتاب جي مضمون تي فراغت جي وقت خيال ڪندو هو ۽ جيڪا لکڻ جهڙي ڳالهه دل تي چڙهي ايندي هيس ته انهيءَ کي وري ياد آڻڻ لاءِ مختصر لفظن ۾ لکي ڇڏيندو هو، پر ايترو فراغت جو وقت ڪين ميسر ٿيندو هوس جو هي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيلن ڳالهين کي سڌاري جدا عبارت ۾ وجهي، رٿي اڳپوءِ ڪري لکي ۽ ٻيو به جيڪو واجب ڄاڻي اهو نفس ملائي سڄو ڪتاب تيار ڪري. پوءِ هڪڙو اهڙو افسوس جهڙو اتفاق ٿي پيو جنهن ڪري سندس بمبئيءَ ۾ الفسٽن ڪاليج ۾ سندس پڙهڻ موقوف ٿيو.نيٺ اهو پور ڪيائين ته خانه نشينيءَ ۾ اجايو وقت ضايع ڪرڻ صلاح ناهي، جيئن ته ڏاهن جو چوڻ آهي ته بيگار کان بيڪار چڱي آهي، پر هي ته بيگر جهڙو ڪم ناهي بلڪه ٻين کي توڙي پاڻ کي گهڻو فائدي جهڙو آهي، تنهن ڪري منطق جو ڪتاب جنهن جي جوڙڻ جو گهڻو شوق هوس، انهيءَ جي جوڙڻ ۾ مشغول ٿيو ۽گهڻي ڪشالي ۽ ڪوشش ڪري ٿوري عرصي ۾ سن 1871ع جي مئي مهيني جي 8 تاريخ يا سن 1288هه جي صفر مهيني جي 17 تاريخ انگريزي منطق جي ڪتابن جي نموني تي جوڙي تمام ڪيو ۽ مٿس “مفتاح القلب” نالو رکيو“.(125)
ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿيو، جنهن ڪري ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن جي ڪافي وقت تائين علمي ضرورت پوري ڪندو رهيو.

جهمٽمل نارومل وسڻاڻي (1847-1926ع )

ماستر جھمٽمل ولد نارومل وسڻاڻي جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. ”هو ھڪ وڏو سنڌي ودوان ٿي گذريو آھي. ھو سنسڪرت توڙي پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو ھو. پھريائين سرڪاري ھاءِ اسڪول شڪارپور ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ماستر ھو.نوڪريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سرڪاري بوڪ ڊيپو جو ڪوريٽر ٿيو، جنهن عھدي تان ١٩٠٢ع ۾ پينشن تي ويو“.(126) ھن صاحب ڪيترائي عالماڻا ۽ ڪارائتا ڪتاب لکيا.جن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو؛

نئون سنڌي وياڪرڻ
”سندس سنڌي گرامر تي ڪتاب ”نئون سنڌي وياڪرڻ“ سنه 1892ع ۾ شايع ٿيو. حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن ۽ ھاءِ اسڪول جي مٿين درجن لاءِ منظور ڪيو ويو. ھن ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ھن صاحب سنسڪرت وياڪرڻ جي اڀياس مان حاصل ڪيل گيان ۽ ٽرومپ جي گرامر جون خوبيون گرھڻ ڪيون آھن. ان جي ھڪڙي خاص خوبي اھا آھي جو وياڪرڻي شبندن جا عربي نالن سان گڏوگڏ سنسڪرت نالا به ڏنا اٿس. هن ڪتاب علي نواز حاجن لکيو آهي ته ” هن وياڪرڻ لکندي شري وسڻاڻي اٽڪل ويهارو کن ڪتابن مان مدد ورتي، مگر گهڻي مدد وري به ٽرمپ جي گرامر تان ورتي اٿس. سندس ڪتاب جي خوبي هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾ لکيل هيءُ ئي هڪ گرامر آهي جنهن ۾ سنسڪرت گرامر جا مخصوص اصطلاح، عربي گرامر جي اصطلاحن سان گڏ ڪم آندا ويا آهن جا ڳالهه سنڌي ٻوليءَ تي کوجنا ڪندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي. هن ڪتاب لکڻ سان شري وسڻاڻيءَ جو اصل مقصد هيءُ هو ته جيئن جيئن سنڌيءَ جا ڄاڻو سنسڪرتي اصطلاحن سان واقف ٿيندا ويندا تيئن تيئن عربي اصطلاح مري سنڌيءَ ٻوليءَ مان نڪري ويندا“.(127)
جهمٽمل عربي-سنڌي رسم الخط جي حق ۾ نه هو ، ان ڪري هن صاحب پنھنجي ڪتاب ۾ ان تي سخت تنقيدون پڻ ڪيون. هن جي ڪتاب ۾ هڪڙي خوبي اها آهي ته وياڪرڻي حرفن جا عربي نالن سان گڏوگڏ سنسڪرت نالا به ڏٺا اٿس. هن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي جنهن جو مول سنسڪرت آهي. تنهن جي وياڪرڻي حرفن لاءِ عربي نالا ڪم آڻڻ آهي گويا ڌڙ ڍيڍو ، سسي ٻاڪري.

وئتپتي ڪوش
لغت جي سلسلي ۾ “وئتپتي ڪوش” يعني اشتقاقي لغتEtynological Dictionary سنڌيءَ ۾سن 1886ع ۾ لکيائين. ويتپتي ڪوش“ ۾صفحا 188آهن. سنڌي لفظن جي سنسڪرت پاڙن جي فهرست منجهس سنڌي لفظن ۽ سنسڪرت ۾ ڌاتو (بنياد) ڪڍيل آهن. ھيءُ ڪتاب پھريون ڀيرو ليٿو ۾ ڇپيو ۽ منجھس سنسڪرت جو تلفظ گرمکيءَ ۾ به پيش ڪيل ھو. شروعات ۾ مصنف طرفان “منڍ” لکيل آهي، جنهن ۾ اشتقاق بابت سمجهاڻي ڏني اٿس ۽ ڪيترا ياد رکڻ جهڙا اصول نثر ۾ ڄاڻايل اٿس:
آءٌ ڀانيان ٿو ته گهڻو ڪري سڀ ماڻهو قبول ڪندا ته اشتقاقن جي ڪتاب جو گهڻو احتياج آهي، نه رڳو سنڌي ۽ انگريزي مڪتن جي درجن ۾ اشتقاق امتحان جو ڀاڱو آهن ۽ تنهنڪري ڇوڪرن کان پڇڻ گهرجن، پر عام پڙهندڙن کي به گهڻو فائدو ڪندا ، ڇو جو جڏهن خبر پئي ته فلاڻو لفظ فلاڻي ٻولي ۽ فلاڻي مول مان نڪتو آهي، تڏهن سُڌ لکڻ ۽ سُڌ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي واٽ اچي ويندي ۽ سڌ ارٿ جي به خبر پوندي. ڪيترن لفظن جو غلط لکڻ ۽ غلط اچار مون گهڻا ڀيرا ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ۽ اهڙي ڪتاب جي اڻهوندائيءَ ۾، هن ڪتاب جي تيار ڪرڻ جو آءٌ ٻيو ڪهڙو سبب ڏيان؟ ان جو احتياج ئي سبب ڪافي آهي“.(128)
سنڌ جي نالي وارو محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي راءِ جو اظھار ھن طرح ڪيو آھي: ”هن سنسڪرت جي ڌاتن ۽ لفظن جو اونهو اڀياس ڪري منجھائن نڪتل سنڌي لفظ نهايت چٽائيءَ سان پنهنجي تصنيف ۾ ڏيکاريا آھن. اھڙا ڪتاب ايندا رھن ھا ته سنڌي لفظن جي بُڻ بنياد کي سمجھڻ ۾ سولائي ٿئي ھا! ’وئتپتي ڪوش‘ جھڙو ڪارائتو ڪتاب شايد ئي وري شايع ٿئي، ڇاڪاڻ ته ان تر ۾ تحقيق ڪرڻ وارا گھڻي ڀاڱي اٿي ويا آھن....، وئتپتي ڪوش گويا سنڌي لفظن جي مستند لغت آھي، جنهن ۾ ھي ٽي ڳالھيون نظر اچن ٿيون:
• لفظن جا ماخذ
• درست لفظ
• لغت لکڻ جو اھڃاڻ“.(129)

شاهه جا بيت
جھمٽمل جو چوٿون ڪتاب آھي ’شاهه جا بيت‘ جو ١٨٩٥ع ۾ ڇپيو. ھيءُ ڪتاب مئٽرڪ تي رکيل ھو. ٦٧ صفحن جو متن اٿس ۽ ٦٩ صفحي کان ١٩١ تائين لفظن جي معنيٰٰٰ ۽ تشريح ڏنل اٿس. ڪتاب ۾ شاهه جي مختصر سوانح ۽ شاعريءَ جو جائزو به ورتل آهي.

ھتو اپيش
جھمٽمل وسڻاڻيءَ جو ڪتاب ھو ’ھتو اپيش‘ جيڪو سنسڪرت مان ترجمو ڪيل اخلاقي اکاڻين جو پستڪ ھو. ھي ڪتاب آڳاٽي سنسڪرت پستڪ ’پنج تنتر‘ جي نموني جو ھو، جنهن جو سراسر ترجمو پروفيسر نارائڻداس بنيجا بمبئيءَ مان ڇپايو.

ديسي حسابن جو ڪتاب
جھمٽمل جو پنجون ڪتاب ھڪ درسي ڪتاب آھي، جنهن جو نالو آھي ’ديسي حسابن جو ڪتاب‘. ھن ڪتاب کي تعليم کاتي پاران ڪراچيءَ مان ١٨٩٠ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جا صفحا ١٧٤ ھئا“.(130)
جھمٽمل جو ڇهون ڪتاب لغت جي سلسي ۾ ”لڇڻ سڌار شبد ۽ دوها“ هو، جيڪو 1917ع ۾ شايع ٿيو.

ڪوڙومل کلناڻي (1844-1916ع)

راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل ولد چندن مل کلناڻي جو جنم شهر ڀريا، ضلعي نوشهروفيروز ۾ ٿيو. هو مثالي استاد هو، ادبي ۽ علمي خدمتن ۾ سڀني کان اڳتي هو. تمام وسيع مطالعو رکندڙ هو. ”انهن ڏينهن ۾ موجوده ٽريننگ ڪاليج ، نارمل ٽريننگ اسڪول جي نالي سان ڪراچيءَ ۾ به کليو هو . ان ۾ داخلا ورتائين پر پوءِ مئٽرڪ جي تياري ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ روانو ٿيو ۽ اتي رات ڏينهن محنت ڪيائين پر ڪامياب نه ٿيو. لاچار بمبئي ڇڏي سنڌ ۾ آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ڪمشنر جي آفيس ۾ ٽيهن روپين پگهار سان ڪلارڪي ڪيائين ۽ پوءِ جڏهن نارائڻ جڳن ناٿ وئديه سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿي آيو تڏهن ان کيس شڪارپور اينگلو ورنيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيائين. ان کانپوءِ فلٽن صاحب سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو جنهن کيس پاڻ وٽ سنڌي ترجمان مقرر ڪيو“.(131)اينگلو ورنيڪيولر اسڪول کوليائين جنهن جو پاڻ هيڊماستر ٿي رهيو . مسٽر جيڪب ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي ڏينهن ۾ نارمل ٽريننگ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو پوءِ 1887ع ۾ پينشن ورتائين. هن صاحب پنهنجي خطي کي تعليمي اوج ڏياريو. پينشن بعد به ڪتابن جي تصنيف جو ڪم، زناني تعليم جي ترقي ، خواه ٻين تعليمي ڪمن سان خاص چاهه هوس. تعليمي خدمتن جي ڪري کيس “راءِ بهادر” جو لقب مليو . سندس تحرير ڏاڍي اثرائتي هئي. ڀرين جو هاءِ اسڪول، زناني تعليم جو اسڪول سندس تعليم پرستيءَ جا يادگار آهن“.(132)

درسي ڪتابن لکت ۽ اصلاح
”سنڌي نثر جو واڌارو، اسڪولي ۽ درسي ڪتابن سان ئي ٿي سگهڻو هو. درسي ڪتابن ۾ جي سبق هئا، تن مان گهڻا، انگريزيءَ درسي ڪتابن جا ترجما، ڪي بلڪل ٿورا سبق، اصلي ۽ نوان لکيل هئا. درسي ڪتابن جا مکيه ۽ برک سبق ڪوڙيمل جي قلم مان هئا. ترجمو ڪيل سبقن ۾، سنڌي چوڻيون، نج سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح، سٺ ۽ سهڻي ڍنگ ۾ٺاهوڪي ۽ پوريءَ جاءِ تي آندل هئا، جو ترجمن تي اصليت جو رنگ لڳي ٿي ويو. ڪوڙيمل سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خاص خدمت ڪئي“.(133) درسي ڪتابن ۾خدمت سان گڏ، هن، ڪيترائي ڪتاب لکيا.سندس ڪتابن جو تعداد ستر کان به مٿي آهي. ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ترجمو ڪري، سنڌي ادب جو خزانو ڀريائين. ڪوڙيمل ڪيترائي درسي ڪتاب لکيا، جن مان اوڻوهين صدي مان ڪجهه هي هئا:
نمبر ڪتاب جو نالو موضوع سال
1. تحرير اقليدس (1) درسي 1863ع
2. ڪولمبس جي تاريخ تاريخ 1863ع
3. علم ڪيميا درسي 1864ع
4. تحرير اقليدس (2) درسي 1865ع
5. تحرير اقليدس (3) درسي 1867ع
6. اصول علم طبعي درسي 1868ع
7. املهه علم ڪيما درسي 1868ع
8. وهنواري رواج وهنواري رواج 1870ع
9. چندر مکي ناول 1870ع
10. اپديسي پوٿي (گرمکي) ناٽڪ 1871ع
11. سنڌي ڇهون ڪتاب درسي 1872ع
12. ساميءَ جا سلوڪ تحقيق 1873ع
13. سنڌي پنجون ڪتاب درسي 1874ع
14. پڪوپهه ناري سکيا 1874ع
15. سنڌي چوٿون ڪتاب ( ديوناگري) درسي 1876ع
16. هندستان جي تواريخ تاريخ 1876ع
17. کيتيءَ جو ڪتاب زراعت 1879ع
18. سينٽري پرائمري درسي 1880ع
19. سنڌي ڳجهارتون لوڪ ادب 1888ع
20. اخلاقي آواز عرف پهاڪا لوڪ ادب 1890ع
21. ٻاراڻيو آکاڻيون آکاڻيون 1891ع
22. پراڻي شاستر ڌرمي 1892ع
23. ڀڄن مالا ڌرمي 1894ع
24. سنتها ڌرمي 1894ع
25. نئون سنتها ڌرمي 1894ع
26. جاميٽريءَ جو پهريون ڪتاب درسي 1897ع
27. “سنگ جو پرسنگ ناٽڪ 1898ع
28. قول مالا ڌرمي 1898ع
29. پريم مالا ڌرمي 1900ع
30. پڌارت سکيا سکيا 1900ع
31. ساوتري ناول 1900ع
32. ڪوريئڙو ۽ مک قصا 1900ع
33. سنڌي ٽئين ڪتاب جي اکرن جي معنيٰٰ درسي 1900ع
34. پريم مالا ڌرمي 1900ع

ڪولمبس جي تاريخ
ديوان ڪوڙيمل 1862ع ۾ ”ڪولمبس جي تاريخ“ اردو تان ترجمو ڪيائين. هن ڪتاب ۾ اٽليءَ جي مشهور سياح ۽ جهازرانيءَ جي ماهر ڪرسٽوفرڪولمبس جي تاريخ لکيل آهي، جنهن آمريڪا کي ڳولهي لڌو. ڪولمبس انهيءَ اميد ۾ هو ته دنيا جي چوڌاري مغرب طرف جهاز وٺي وڃڻ جي ذريعي مشرق تائين وڃي پهچندو. سندس تجزيو درست هو. انتهائي آسان لفظن ۾ ڪولمبس جي ڪارنامن ۽ حياتيءَ جي احوال کي شاگردن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ لکيائين.

سنڌي چوٿون ڪتاب
1862ع کان ديوان ڪوڙيمل درسي ڪتاب لکڻ شروع ڪيا. هن کان اڳ ديوان اڌا رام ۽ پرڀداس سنڌي درسي ڪتاب لکيا. بعد ۾ انهن سڀني کي ديوان ڪوڙيمل سڌاري ٻيهر شايع ڪرايو. ان کان علاوه هن مٿين ڪتابن جي درسي ڪتاب پنهنجي سر لکڻ شروع ڪيا. ان سلسلي سندس ڪتاب سنڌي چوٿون ڪتاب 1867ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ شاعري ۽ نثر ٻئي شامل هئا. سندس نثر ساهتي پرڳڻي جي ساک ڀري ٿو.

سنڌي پنجون ڪتاب
سنڌي پنجون ڪتاب 1874ع ۾ جوڙيائين. هن ڪتاب ۾ اوڌن مل سترامداس سڌاڻي ساڻنس شامل هو. سنڌي پنجون ڪتاب هڪ درسي ڪتاب هو، جيڪو پنجين درجي شاگردن لاءِ لکيل هو. ڪتاب ۾ شاعريءَ سان گڏ نثر جا 42 سبق ڏنل آهن، ۽ ڪتاب 238 صفحن تي مبني آهي. ڪتاب جي ٻولي ٻارن جي عمر ۽ ڏانءَ وٽان ڏنل آهي. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:”هن اشتهار نامي جي وسيلي سان ظاهر ٿا ڪريون ۽ خبر ٿا ڏيون ته مٿي لکيل صلاح ۽ منطوريءَ سان مٿين حڪومت جي ڪاروبار اسان پنهنجي هٿ ۾ رکي آهي.اسين مٿئين ملڪ ۾ پنهنجي رعيت کي فرمايون ٿا ته اسان سان اسانجي وارثن ۽ جاءِ نشينن سان، توهين ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان هلجو ۽ فرمانبرداريءَ ۾ رهجو ۽ هن کان پوءِ اڳتي مٿئين ملڪ جي حڪومت ۽ ڪاروبار اسان جي نالي تي هلائڻ واسطي، وقت بوقت جي حاڪم اسين مقرر ڪريون تن جو توهين حڪم مڃيندا رهجو“.(134)

ڪتاب ڇهون
”هيءُ ڪتاب ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي سنڌ جي ايجوڪيشنل ڊپارٽمينٽ جي ٽرانسليٽر ڇاپيو هو، جنهن ڪتاب جي ڳالهه ڪجي ٿي، هي ان جو ڇاپو چوٿون 5000 جلد وارو آهي. ان جي شايع ٿيڻ جو سال 1896ع آهي. سن 1867ع ۾ هند سرڪار جي ائڪٽ نمبر 25 موجب رجسٽرڊ ڪيو ويو هو. ڪتاب 249 صفحن تي مشتمل آهي.نثر جي سبقن کان پوءِ نظم جو حصو آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف رحه جي رسالي جا بيت ۽ ساميءَ جا سلوڪ آيل آهن“.(135)ڪتاب ۾ آيل نثري سبق وندر ، سکيا ۽ معلومات جي لحاظ کان به شاندار آهن. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”مٿي جيڪي ڪفايت ۽ سانگ صرفي بابت لکيل آهي، تنهنجو مطلب اهو نه آهي ته ڪنجوسيءَ ڪري پيسا ميڙڻ گهرجن، ڪنجوسي اهڙي برائي آهي، جنهن مان جهان ۾ به بدنامي ٿي ٿئي ۽ پنهنجي دل به ڪڏهن راضي نٿي رهي ۽ اها ماڻهوءَ کي انسانيت کان ئي ڀلائي ٿي ڇڏي“.(136)

تحرير اقليدس
ديوان ڪوڙيمل چندن مل رياضي ۽ جاميٽريءَ تي پڻ سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکيا. “تحرير اقليدس” سندس پرائمري اسڪولن جي جاميٽريءَ بابت ڪتاب آهن، جيڪي ٽن جلدن ۾ 1863ع، 1865 ۽ 1867ع ۾ترجمو ڪري سنڌ جي تعليم کاتي واري پريس مان شايع ٿيا. هنن ڪتابن ۾ انتهائي آسان نموني جاميٽريءَ جا قاعدا ڏنل ۽ نيون شڪليون ڏنل هيون. هن ڪتاب جي اندرئي صفحي تي هي لکيل آهي:
سنڌ جي ڏيهي اسڪولن جي ڪم لاءِ هي پهريان ٻه ڪتاب تحرير اقليدس جا جي 1863ع م پهريون ڀيرو ڇپيا هوا سي وري مسٽر ڪوڙيمل چندنمل هيڊ ماستر نارمل اسڪول حيدرآباد سنڌي جي جنهن جا اصلي انگريزي تان ترجمون ڪيل هوا تنهن وري سڌاري تيار ڪيا“. هن ڪتابن لاءِ محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته ” انهيءَ وقت هن کي سنڌي ڪتابن لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ۽ تحرير اقليدس (جاميٽري) ۽ ٻيا سنڌي درسي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين. جاميٽريءَ ۾ جيڪي سنڌي لفظ هن وقت موجود آهن سي ڪوڙي مل جا ايجاد ڪيل آهن. مستطيل، متبدل ڪنڊون وغيره. هن پارسي ڪتابن مان ڪڍي سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا جهڙيءَ طرح مرزا غلام رضا سنڌيءَ ۾ منطق جو ڪتاب لکي منطقي لفظ سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا يا خانصاحب مرزا صادق علي بيگ علم معاشرتي جو ڪتاب لکي پوليٽيڪل ايڪاناميءَ جا عربي لفظ سنڌي ڪتاب ۾ ڪم آندا تئن مسٽر ڪوڙي مل به ساڳي خدمت تحرير اقليدس جي لکڻ سان ادا ڪئي“.(137)

کيتيءَ جو ڪتاب
ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي، انهن اوئلي ليکڪن مان هڪ آهي، جن سنڌ جي زراعت تي ڪتاب لکيا. 1879ع ۾ٻن ڀاڱن ”کيتي“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين.هي ڪتاب روچيرام ۽ رام نٿورام جي ڪتاب جو ترجمو آهن. هن ڪتاب جي ٻولي سولي ۽ عام فهم آهي، تنهنجو مثال سندس هن ڪتاب مان هيٺ ڏجي ٿو: ”نيبا هو هڪڙو زميندار هو، تنهن کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو هو جيئندو. هو ڇوڪر مڪتب ۾ پڙهڻ ويندو هو. هن جا مٽ مائٽ جيڪي پڙهيا هئا سي وڃي سرڪاري نوڪر ٿيا پر نيباهوءَ جومطلب هو ته ڪچيءَ کان هن ۾ کيتي جي ڪم جو چاه پيدا ٿئي، ته هو لکڻ پڙهڻ سکي هوشيار ٿي پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ڌنڌي کي لڳي وڃي. تڏهن انهي ڪري جڏهن ڪو وجهه لڳندو هوس، تڏهن سمجهائيندو هوس ته اتم کيتي، مديم واپار ۽ نيچ نوڪري جا چئي اٿن سان انهيءَ ڪري ته کيتي جو ڪم آبروءَ جو ڌنڌو آهي“.(138)


ساميءَ جا سلوڪ
سنڌي ادب جي ڏس ۾ هڪ بلڪل وڏو ۽ لاثاني ڪم، جو ڪوڙيمل ڪيو. هن ساميءَ جي سلوڪن کي گمناميءَ مان ڪڍي، سهڻي نموني سنواري ۽ سڌاري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. هن ساميءَ جي سلوڪن تي تحقيقي ۽ تنقيدي انداز ۾ پنهنجا ويچار به لکيا. سامي سنڌي شاعري جي ٽمورتي شاهه، سچل کان پوءِ وڏي اهميت رکي ٿو. ڀائي چين راءِ بچو مل ”سامي“ شڪارپور جوويٺل هو. سندس پيءُ واپاري هو، مگر هن جي دل ساڌ - سنگت ڏانهن مائل هئي. رياست بهاولپور جو هڪ ساڌو مينگهراج سامي، هاٿي در جي ڀرسان اچي رهيو، جنهن کي پنهنجو گرو ڪري ورتائين. ان کانپوءِ سندس دل جي دري کلي پئي ۽ شعر چوڻ لڳو. سندس ڪلام ويدانت جي اصولن تي ٻڌل آهي.”سامي صاحب پنهنجا سلوڪ ڪنهن ڪتاب ۾ ڪونه لکندو ويندو هو، پر ڪاغذن جي ٽڪرين تي شلوڪ لکي هڪڙي مٽ ۾ وجهند ويندو هو. سندس پٽ گهنشام داس اُهي شلوڪ گڏ ڪري گرمکي اکرن ۾ لکايا، جتان پوءِ راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي 1873ع ۾ وري عربي سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکايا ۽ تعليم کاتي ٽن جلدن ۾ ڇپايا“.(139)

مضمونن جو پهريون ڪتاب- پڪو پهه
ديوان ڪوڙيمل کلناڻيءَ جو هي ڪتاب، سال 1862ع ۾ شايع ٿيو. سمورو ڪتاب ناري سکيا بابت آهي. منجهس زناني تعليم بابت اخلاقي، پنگتي ۽ ڌرمي مضمون وزنائتي انداز ۾، نهايت دليلن سان سمجهايل آهن. عبارت عمدي ۽ سليس ٻولي استعمال ٿيل آهي، البت نثر ۾ قديم زماني جي رواج مطابق، ڊگها جملا لکيا اٿس، جن ۾ بيهڪ جي نشانين جي سلسلي ۾ “وڏي دم (.) بدران ليڪ (-) ڏنل آهي. مثلاََ:
“ٻيو نقصان زالن جي جاهليءَ ۽ بي علميت مان هيءُ آهي- ننڍڙا ٻار جهڙي گفتگو يا هلت چلت پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڏسندا آهن اهڙي پاڻ به وٺندا آهن- هن ملڪ ۾ ڪنهن جي گهر ۾ وڃي ڏسبو آهي ته ٻار مٽيءَ ۽ ڪن ۾ پيا ليٽندا آهن بد سخن ۽ گاريون سکندا آهن ڇا ڪاڻ ته انهن جي مائٽن کي جي بي علم آهن ڪهڙي خبر ته ادب ڇاکي چئجي ۽ اخلاق ڇا کي چئجي ۽ جيڪڏهن بد سخن ۽ خراب لفظ زبان کان ڪڍبو ته ٻار جي دل تي انهيءَ جو ڪهڙو اثر ٿيندو ۽ پوءِ انجو نتيجو ڇا نڪرندو- اهڙا خيال سڌريل ۽ پڙهيل ماڻهو جي دل ۾ ايندا آهن......تنهن لاءِ جن سببن ڪري مردن کي علم سيکارڻ ضروري چئجي ٿو انهن ساڳين بلڪ زياده مضبوط سببن ڪري زالن کي علم سيکارڻ ضروري آهي- سڀڪنهن ڏيهه جو بگاڙو ۽ سڌارو يا واڌارو ۽ گهاٽو زالن جي سڃاڻپ ۽ نادانيءَ تي آهي“.(140)

پهاڪا
ديوان ڪوڙومل چند نمل کلناڻي“پھريون سنڌي تعليمدان ۽ نثر نويس ھو، جنھن پنھنجي مادري زبان جا پھاڪا گڏ ڪري ھڪ ننڍو ڪتاب ”سنڌي پھاڪا“ نالي سان سن ١٨٨٩ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ۾ اٽڪل ٻارھن سؤ سنڌي پھاڪا الف-بي وار ڏنل آھن. انھن جي سمجھاڻي ڏنل نھ آھي ڪتاب جي مھاڳ ۾ پاڻ ان لاءِ سبب ڄاڻايو اٿس تھ ”اصل ھر ھڪ پھاڪو ڪيئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪيئن ڪم آڻجي، انھن جي بيان ڏيڻ جو ارادو ھوم..... پر ائين ڪجي ھا تھ غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي ڪين سگھي ھا.“ ظاھر آھي تھ ڪتاب جي وڌي وڃڻ جي ڊپ کان ھن پھاڪن جي معنيٰٰٰ نھ سمجھائي آھي. ٻيو تھ منجھس ڪجھھ پھاڪا اڌورا ڏنل آھن. مثال طور،
”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن“
ان جو سڄو روپ ھن ريت آھي.
”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن،
ويٺا ڪن رورنھن، ڏڄڻ ڏوران ئي ڏري“.(141)

آکاڻيون
هو سٺو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ۽ ڊراما نويس ۽ محقق هو. هو پهريون اديب هو جنهن بنگالي جاڳرتا جو اثر قبول ڪيو.” هن نه صرف ٻارن لاءِ اصلوڪيون آکاڻيون لکيون پر بينڪم چئٽرجي جي ناولن ۽ ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجما به ڪيائين. ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته “19 صديءَ جي آخر ۾ ساڌو هيرانند سان گڏ، ديوان ڪوڙومل به بنگالي سماجڪ ۽ ساهتڪ جاڳرتا جي اثر هيٺ آيو“.(142) 1891ع ۾ سندس پهريون اصلوڪيون ڪهاڻيون ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ شايع ٿيون. هنن ۾ سندس طبعزاد آکاڻيون ڏنل هيون، جن مان سندس ٻاراڻي ٻوليءَ کڻڻ جو ڍنگ نظر اچي ٿو، هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو:
“هڪڙو هو جهنگ، انهيءَ جهنگ ۾ هيون ٻه هرڻيون. هڪڙي هئي وڏي ٻي هئي ننڍڙي. وڏي هرڻي هئي ننڍڙي هرڻيءَ جي ماءُ. هڪڙي ڏينهن اُڀ ۾ گهڻا ڪڪر ٿيا ۽ واءُ لڳو. وڏي هرڻيءَ چيو ننڍڙي کي “اڄ مان جهنگ کان ٻاهر ڪين وينديس اڄ ڏينهن آهي ٿڌو، سو ماڻهو بندوقون کڻي ايندا شڪار ڪرڻ ۽ هرڻي ڏسندا ته بندوق هڻي ماري وجهندا. تون به اڄ ٻاهر متان نڪرين! پر ننڍڙي هرڻي ماءُ جو چيو ڪين ڪيو“.(143)

ناٽڪ نويس
ديوان ڪوڙيمل ان دؤر ۾ سنڌي ناٽڪ جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو جڏهن هي فن سنڌي ادب ۾ اڃان نئون نئون پنهنجو وجود قائم ڪري رهيو هو. سندس ناٽڪ پنهنجي دؤر جا ڪامياب ناٽڪ هئا.

رتنا ولي
ديوان ڪوڙيمل چندن مل سنه 1888ع ۾ سنسڪرت زبان جي مشهور ناٽڪ نويس راجا هريش ديو جي مشهور ناٽڪ ”رتناولي“ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي هريسنگهه سکر واري طرفان ساڳي سال ليٿو ۾ شايع ڪيو. هي سنڌي زبان جو ٽيون نمبر اوائلي ناٽڪ آهي. ديوان ڪوڙو مل هن ناٽڪ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته “ناٽڪ جو ڪتاب اڳي سنڌيءَ ۾ڪونهي ۽ انهيءَ قسم جا ڪتاب اڳي جنهن نه پڙهيا هوندا تنهن کي ان جي سمجهڻ ۾ البت اوکائي ٿيندي، تنهن لاءِ هن ناٽڪ جو مختصر مطلب پڙهندڙ جي سولائيءَ ڪارڻ هيٺ لکجي ٿو“.(144)
”رتناولي“ ۾ لنڪا جي راجڪماري ۽ ڀارت جي هڪ راجا جي پريم ڪهاڻيءَ جو رومانوي ڍنگ ۾ ورنن ڪيل هو. هيءُ هڪ بهترين ترجمو آهي، جنهن جي ٻولي پڪي ۽ پختي ۽ مڪالما نهايت ئي اثرائتا آهن، مگر منجهس سنسڪرت جا ثقيل لفظ ڪثرت سان استعمال ٿيل آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن ناٽڪ کي ڪڏهن به اسٽيج تي پيش نه ڪيو ويو. مثال طور يوگنڌ رايڻ جي هڪ مڪالمي مان هيءُ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“ٻڌڻ ۾ ٿو اچي، سوآئون ڄاڻان ٿو ته ڪامديو جي اتشب ڪري ، پرجا جو آنند ۽ خوشي ٿي ڪري، تن جي ڏسڻ ڪاڻ مهاراجا به پنهنجي راڄ مندر مان پڌاريو آهي. اڙي هائو! مهاراجا ڪچهريءَ ۾ به اچي سهڙيو آهي. جڌ جي ورتائن کان ڪڪ ٿي ۽ پرجا جي دل وٺڻ ۾پنهنجو جس ڄاڻي، پنهنجي پريتم بسنتڪ سان آنند ڏسڻ ڪاڻ، ڪامديو وانگيان اچي ويٺو آهي. هيءُ ڪارج ڀلي ڀانت سڌ ٿئي، تنهن جي اپاءَ جو آءٌ گهر وڃي ٿو ويچار ڪريان“.(145)

سنگ جو پرسنگ
هن صاحب سنڌي ناٽڪ جي هن دؤر ۾ هڪ ننڍو اصلوڪو ”سنگ جو پرسنگ“ جي نالي سان سال 1899ع ۾ لکيو، جنهن کي ساڳي سال ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪيو ويو. ”هي ناٽڪ اسڪولي شاگردن لاءِ نصيحت آميز، سٺي سنگت رکڻ لاءِ لکيو ويو هو. هن ناٽڪ ۾ قرض جي مرض ۽ ڪسنگ جي خرابين تي مزاحيه انداز ۾ طنز ڪيل آهي.ڪاڪو پرسرام اوطاق ۾ ويٺو آهي ۽ ٿڌا شوڪارا ڀري چوي ٿو:
”سمو ڏاڍو ڀاري لڳو آهي، ننڍ وڏائيءَ جو سنڌو سيڙهو رهيو ئي ڪونهي. سڀڪو آپي خان آهي. ڇوڪرا جي هاڻي آني مان ڦٽا آهن تن جي آڪڙ ڪنهن جي کڻڻ جي نه آهي. گهر ۾ غرقي نه ٺهي، دم ٺوڙهيءَ جو ، مائٽ ويچارا مٿا مونا هڻي جيئن تيئن پيا ڀن ڀرين، ڇورن کي نه اڌيءَ جي نه کٽيءَ جي“.(146)

هندستان جي تواريخ
” هندستان جي تاريخ“ ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻي 1876ع ۾ ترجمو ڪيو هو مگر هي ڪتاب گهڻو پوءِ برٽش انڊيا پريس 1905ع ۾ شايع ڪيو.هي ڪتاب وڏن اسڪولن جي شاگردن لاءِ لکيل آهي. هن ڪتاب جون ڪيتريون ئي خوبيون آهن؛ هڪ ته هن ڪتاب ۾ قديم هندستان جي جامع تاريخ ڏنل آهي، ٻيو ته اها تاريخ هندستان ۾ انگريزن جي راڃ تائين وڌايو آهي. ڪتاب جي تئين خوبي اها آهي ته تاريخ کي باتصوير بيان ڪيو ويو آهي. ڪتاب کي تاريخي ترتيب جي لحاظ کان مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان هڪ جهنگلي ملڪ هو ۽ شاهي ٻيلن سان ڇانيو پيو هو. ٻيلن ۾ جهنگلي جانور ڇوٽ پيا گهمندا هوا ۽ وڻن تان شاهي نانگ پيا ڦوڪون ڏيندا هوا. اُنهي وقت نڪي هوا شهر، نڪي ڳوٺ نڪي گهَرَ. ڪٿي ڪٿي ٿورا جهنگلي ماڻهو رڇن جيان غارُنِ ۾ رهندا ها، يا باندرن جيان وڻن تي سمهندا ها. قد جا ڇوٽا، ڪارا، بدشڪل، ننگا ۽ غليظ هوندا ها. جهنگلي ميون، ٻيرن، وڻن جي نرم بارن يا سوُئر ۽ هرڻ جي گوشت تي گذران ڪندا هئا. ڪپ ڪئنچي جو ته نالو به ڪين هو، سو وڍڻ لاءِ تکا چهنبدار سخت پٿر ڪم آڻيندا ها. ڪاٺيون گهي باهه ٻارڻ جي ترتيب ڳولي ڪڍي هوائون. اِنهن ماڻهن کي جيڪر اسين پٿر جي سمي جا ماڻهو ڪري ڪوٺيون“.(147)

پدارٿ سکيا
ديوان ڪوڙيمل جو ڪتاب ”پدارٿ سکيا“ 1900ع ۾ قيصريه پريس حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڄاڻ جي سلسلي ۾ جن شين جي ضرورت آهي، انهن جي سکيا ڏني وئي آهي. هي پنهنجي نوعيت منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ آسان لفظن ۾ سکيا جا طريقا سيکاريا ويا آهن.
ديوان ڪوڙيمل پنهنجن سنڌي ڪتابن ۾ ساهتيءَ جو لهجو استعمال ڪيو آهي. سندس سنڌي عبارت معياري آهي. ان ڏس ۾ منوهر داس کيس ”سنڌي نثر جو ابو“ ڪري سڏيو آهي. ديوان صاحب جو نثر اڻويهين صديءَ جي خاص خوبين سان سينگاريل آهي. ديوان ڪوڙيمل سنڌي اديب جي گهڻي خدمت ڪئي آهي، جا هميشه سنڌي ادب ۾ يادگار رهندي.

آخوند لطف الله ”لطف“ (1842- 1902ع)

”آخوند لطف قريشي ولد آخوند محمد اسحاق قريشي حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ حيدرآباد جي مشھور پاڙي ”گنج بخش شاھ“ جي پـِڙ ۾ رھندڙ قريشي خاندان جو فرد ھو. ابتدائي تعليم پرائڻ کان پوءِ پھرين آخوند محمد صديق جي مڪتب ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ لوڪل بورڊ طرفان پرائمري استاد مقرر ٿي، مختلف ھنڌن تي پڙھائيندو رھيو. پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد ۾ ٽنڊي ولـي محمد اسـڪول (قاضي عبدالقيوم اسڪول) جو ھيڊماستر ٿيو“.(148)
آخوند صاحب سٺو نثر نويس، نظم گو ۽ ذوق سليم جو مالڪ ھو. طبابت جي ڪم کان واقف ھو. پاڻ نثر نويس کان علاوه شاعر به هو. شاعريءَ ۾ ”لطف“ تخلص اختيار ڪري، مداحون، مناجاتون ۽ مولود چيائين. ”مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ۽ مرزا قليچ بيگ سان سندس روح رھاڻيون ٿينديون ھيون. 1898ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ باقي عمر طبابت جي ڌنڌي ۾ گذاريائين.’جان عالم انجمن آرا عرف گل خندان‘سندس اهم تصنيف آھي“.(149)

گل خندان
ھن ھي داستان رجب علي سرور جي لکيل ”فسانه عجائب“ تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جھڙو اصل ڪتاب مشھور ۽ معياري ادب جو حصو بنجي ويو. اھڙي ئي مقبوليت ”گل خندان“ کي ملي. ھي داستان شھزادي جان عالم ۽ انجمن آرا جي پيار ڪھاڻي آھي. مھم جوئي ۽ تڪليفن جو ھڪ داستان آھي. هن قصي لاءِ محمد اسماعيل عرساڻي لکيو آهي ته ”انهيءَ زماني ۾ آخوند لطف الله جو ڪتاب ”گل خندان“ به شايع ٿيو جو اگرچ جنن ۽ پرين جي داستانن سبب قصو سڏي سگهجي ٿو ۽ نه جديد ناول، مگر هن ڪتاب جي عبارت اهڙي ته دلچسپ آهي جو غالباً هيءُ ڪتاب به شاهه جي رسالي وانگر سنڌي ادب ۾ لازوال رهندو. دراصل اهو ڪتاب اردو قصي ”افسانهء عجائب“ تان ورتل آهي، مگر ٻنهي ڪتابن ۾ زمين آسمان جو فرق معلوم ٿئي ٿو. خود ”افسانهء عجائب“ به ”گل خندان“ اڳيان هيچ معلوم ٿئي ٿو“.(150)
ھن داستان ۾ به ڪي جادوئي ڳالھيون آھن. پڄاڻي جان عالم جو ڪامياب ٿي موٽڻ ۽ راڻين سان خوش گذارڻ تي ٿئي ٿي. هي ڪتاب 1892ع ۾ تعليم کاتي شايع ڪيو. . اڻويهين صديءَ ۾لکيل قصن ۾ آخوند صاحب جو هي قصو مثالي حيثيت رکي ٿو. ظاهري طرح ته هي ترجمو آهي، مگر پڙهندڙن کي طبعزاد تصنيف جهڙو مزو ڏئي ٿو. ”گل خندان“ جهوني قسم جو قصو آهي ۽ سنڌي زبان جو شاهڪار آهي. ”آخوند صاحب سٺو نثر نويس، نظم گو ۽ ادبي ذوق سليم جو مالڪ هو . فارسي ۽ اردوءَ جي غير مانوس اصطلاحن ۽ محاورن کي ڪڪري، ٺيٺ سنڌي لفظن جو واهپو ڪيو اٿس، تن کي بحال رکيو اٿس. ادبي دنيا ۾ مثالي آهي . ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو :
“شهزادي جي پيرن جي کڙڪي تي فقير خبردار ٿيو، ذڪر جي ذوق مان فارغ ٿي ڏاڍي جوش مان چيائين يا هادي! هٿن سان ڀرون مٿي کڻي اکيون کولي شهزادي ڏي چتائي نهاريائين. جان عالم ادب سان سلام ڪيو. جوڳي تسليٰ جو ڪلام ڪيو، چيائينس بابا تنهنجو ڀلو هجي زماني جي اولي توکي هيڏانهن آندو آهي. اچي وهو، گرو تنهنجو ڀلو ڪري! مرشد جي دعا سان خدا تنهنجي مراد حاصل ڪري! آءٌ تنهنجو امانتدار آهيان، تنهنجي حال کان خبردار آهيان، آءٌ به هلڻ لاءِ تيار آهيان“.(151)

مرزا صادق علي بيگ (18451912-ع)

مرزا صادق علي بيگ ولد مرزا فريدون بيگ جو جنم ٽنڊي ٺوڙهي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:”منهنجو ٻيو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، جو ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهي پهريون مسلمان بي. اي ٿيو، سو پهرين شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر ۽ ايجوڪيشنل ٽرانسليٽر ٿيو ۽ سرڪاري ”سنڌ سڌار“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب تعليم کاتي لاءِ لکيائين. ٽيهن ورهين کانپوءِ پينشنر ٿيو ”خان صاحب“ جو لقب مليس. مرزا حيرت جي وفات کان پوءِ کيس ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پرشين پروفيسريءَ جي آڇ ٿيس پر بمبئي وڃي رهڻ قبول نه ڪيائين. آخر 1912ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين“.(152)


سنڌي الف بي جي اصلاح واري ڪاميٽي
”سنڌي الف بي جي اصلاح واري ڪاميٽي 1853ع ۾ بي ايڇ ايلس جي نگرانيءَ ۾ ٺهي ھئي، ان ڪاميٽيءَ جو ذڪر سڀ کان پھرين محمد صديق ميمڻ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيو ھو. ان کان پوءِ سڀني محققن ان کي پئي ورجايو. ڀيرو مل آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ لکيو آھي تھ “خان بھادر مرزا صادق علي بيگ ، مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ مذڪوره ڪاميٽيءَ جو ميمبر ھو. ان غلطيءَ ڏانهن ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو ڪتاب ”اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ ۾ ڌيان ڇڪايو ته مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، سا ڳالهه شڪي آهي، ڇاڪاڻ جو اها ڪاميٽي 1853ع ۾ ٺهي هئي، جنهن وقت مرزا صادق علي بيگ جي عمر صرف اٺ سال هئي“.(153)
اڳتي هلي اهو بحث وڌيو. ان سلسلي ۾ مراد علي مرزا لکي ٿو ته ”مرزا صادق علي بيگ جي قلمي ڪتاب- ”اخلاق محسنين“- جي فوٽو ڪاپي ڏسڻ جو وجهه مليو، جنهن مان ان ڳالهه تي روشني پئي ته هو ڪهڙي ڪاميٽيءَ تي هو. هن ان ڪتاب جي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي ته، ”آءٌ تيرهن سال تعليم کاتي جو ترجمان هوس، ۽ انهيءَ وقت ۾ ٻين سرڪاري ڪمن سان گڏ سائنس پرائمري، جهڙوڪ علم طبق الارض، علم ڪيميا، علم جغرفيه وغيره ۾ کاتي کي گهربل ڪتاب انگريزيءَ تان ترجمو ڪري تيار ڪندو هوس ۽ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي، جيڪي ڪتاب ڪميٽي وٽ پيش ٿيندا هئا، تن تي رايو ڏيندو ۽ اصلاح ڪندو هوس.“ انهيءَ عبارت مان معلوم ٿو ٿئي ته مرزا صادق علي بيگ، ايلس واري سنڌيءَ لاءِ الف- ب جو هڪ نئون سرشتو تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪين هو، پر هن ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو هو“.(154)
پاڻ وڏي ڄاڻ وارو شخص هو ۽ فارسيءَ ۾کيس دسترس حاصل هئي. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”اخلاق محسنين“،”استعمالي جاميٽري“ (1888ع)، ”سطحي جاميٽري“ (1888ع)، ”آغاز علم نباتات“ (ڊاڪٽر هيڪر جي ڪتاب جو ترجمو 1894ع)، ”آغاز علم حڪمت“ (1890ع)، ”پيمائشي ڪتاب“ (1884ع) وغيره اهم درسي ڪتاب آهن.

علم معاشري
سندس پهريون ڪتاب اقتصادي نظام بابت آهي، جنهن کي ”علم معاشري“ نالو ڏنائين. اقتصاديات جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ هي پهريون ڪتاب آهي. ايجوڪيشنل پبلشنگ ڇاپ خاني ڪراچيءَ مان سال 1871ع ۾ ڇپيو ۽ نصاب ۾شامل رهيو. ڪتاب “علم معاشري” مان نثر جو ٽڪرو هيٺ نموني طور ڏجي ٿو:
“دنيا ۾وڌندڙ ڌنڌو واپار آهي، جو ماڻهو واپار ڪري ٿو اهو عام جي ڀيٽ ۾ آسودو آهي. واپار جو مدار، ملڪ جي پوک، قدرتي شين جي ملڻ، هنر ۽ ڪارخانن هجڻ تي آهي. کيتيءَ لاءِ محنت ۽ هوشياري ڪم اچي ٿي. جيڪو ملڪ کاڌي پيتي لاءِ شيون پاڻ پيدا ڪري ٿو، اهو شاهوڪار آهي. کاڻين مان ملندڙ شيون ملڪ لاءِ دولت آهي. اگر لوهه ۽ ٻيون گهڻيون شيون به اتان ملن ٿيون ، انهن کي پاڙيسري ملڪن ۾ ڏئي گهرج واريون ٻيون شيون وٺون ٿا“.(155)

سنڌي انگريزي ڊڪشنري
مرزا صادق علي، پادري شرٽ ۽ اڌارام گڏجي سنڌي انگريزي ڊڪشنري جوڙي. هي ڊڪشنري 919 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ اها ڪمشنر ڪراچي جي ڇاپخاني طرفان 1879ع ۾ شايع ٿي. اها ڊڪشنري سنڌ جي تعليم کاتي شايع ڪرائي هئي. هن لغت ۾ تقريباً 21 هزار سنڌي لفظن جون معنائون انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏنل آهن ۽ جهونن سنڌي لفظن جو وڏو ذخيرو شامل آهي. اُنهيءَ ۾ سرڪاري طور تسليم ٿِيَل ۽ نئين سِر مُقرر ڪيل عربي- سِنڌي صورتخطي ۾ سنڌي لفظن جون هجيئون لِکيَل آهن. ڊڪشنريءَ جا ايڊيٽر مهاڳ ۾ لِکن ٿا ته: ”اَسين معافي گُهرون ٿا ته هِن ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترن سِنڌي لفظن جون جدا جدا هجيئون ڏنيون ويون آهِن. چاهي اِهي هجيئن جا فرق گهڻا نظر ايندا هُجن ، پر هِن وقت اِنهن کي ڊڪشنريءَ مان هٽائي ڇڏڻ ممڪن نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ئي لفطن جا اَهڙا علحدا اُچار نه فقط ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۾ پيا اَچن، پر اِهي سڀ لِکيل ٻوليءَ ۾ پڻ داخل ٿي چڪا آهن. ممڪِن آهي ته لفظن جون اِهو سڀ مختلِف هِجيئن مان ڪِن جو استعمال لکت مان جيترو جلد ڪڍي ڇڏجي، اوترو بهتر ٿيندو، پر هِن وقت اسين فقط اَنومان ڪري سگهون ٿا، ته جدا جدا هجيئن مان ڪهڙيون هِجيئون وڃي آخِر ۾ قائم رهنديون ! هيءُ هِڪُ اهِڙو سوال آهي، جنهن کي ’وَرنيڪيولر لِٽريچر ڪاميٽي‘ ۾ بحث جو موضوُع بڻائڻ گهُرِجي؛ ۽ اُن بعد لِکندڙ کي فقط اُنهن هِجيئُن تائين پاڻَ کي محدود ڪرڻ گهُرجي، جيڪي اُنهيءَ ڪاميٽيءَ دُرُست تسليم ڪيون آهن انهيءَ ڊڪشنريءَ ۾ ڪنهن هِڪَ لفظ جي جُدا جُدا هِجيئن جو هِڪُ مِثال هن ريِت آهي:
اِتون، اِتُون، اِتان، اِتَهنُ، اِتهنَ، اِتَهُون، اِتهِين، اِتَئون، اِتئُون، اِٿان، اِٿانئون، اِٿانئُون، اِٿانِئين، اِٿون، اِٿِهوُن، اِتهُون، اِٿَئوُن“.(156)

مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع)

مرزا قليچ بيگ ولد مرزا فريدون بيگ جو جنم ٽنڊي ٺوڙهي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ بمبئيءَ جي ايلفسٽن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي رٽائرڊ ڪيائين. شايد ئي ڪا ادب جي صنف هجي، جنهن ۾ مرزا صاحب نه لکيو هجي. سندس ادبي خدمتن جو قدر ڪندي، انگريز سرڪار کيس ”قيصر هند“ جو تمغو ۽ 1905ع ۾ شمس العلماءُ جي لقب سان نوازيو ويو. ”مرزا قليچ بيگ اڻويهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ جي پيداوار آهي . کيس سنڌي نثر جو ابو چيو وڃي ٿو، بلڪ ان دؤر جو ادب در اصل ”مرزا قليچ بيگ“ جو دؤر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. مرزا قليچ بيگ هر صنف تي لکيو ۽ هن نون لکندڙن تي پنهنجا اثر ڇڏيا. مرزا قليچ بيگ کان اڳ سنڌي نثر نويسيءَ ۾ يا ته صرف درسي ڪتاب هئا، يا مذهبي ۽ ڌرمي لکتون هيون، سنسڪري ، عربي ۽ فارسي ادب مان ترجما هئا، مگر مرزا قليچ بيگ پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان مغربي ۽ مشرقي ادب جا شاهڪار سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي سنڌي نثري ادب ۾ وسعت آندي. مرزا قليچ بيگ، سنڌي نثري ادب جي صحيح نموني آبياري ڪئي. مرزا قليچ بيگ نثري ادب جي ترقيءَ کي پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو. هن انگريزي، عربي، فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين جا شاهڪار سنڌي زبان ۾ متعارف ڪرايا“.(157)سندس ڪتابن ، جو تعداد 450 کان به وڌيڪ آهي. هن جا ناول، ڊراما، مضمون، تاريخ، تحقيق انساني حق، کيتي ٻاڙي، عورتن جا مسئلا، تنقيدي ادب، لسانيات، تاريخ، گرامر، مطلب ته هر موضوع تي ڪتاب لکيا آهن. انهن جي ٻولي لاجواب آهي. اڻويهين صديءَ ۾ هن جا ڪيترائي نثر وارا ڪتاب شايع ٿيا ۽ ڪافي بعد ۾ به شايع ٿيا. مرزا قليچ بيگ جي اوڻوهيندي ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:
نمبر ڪتاب جو نالو موضوع سال
1. جواهر الانسان چنڊ فارسي نثر 1872
2. هرڻيءَ جو قصو قصو 1878ع
3. مقالات الحڪمت مضمون 1879ع
4. ليلا مجنون ناٽڪ 1880ع
5. هدايت النسوان عورتن بابت 1880ع
6. رستم پهلوان قصو 1880ع
7. ڏاڙهياري جبل جو سير سفرنامو 1885ع
8. خورشيد ناٽڪ 1887ع
9. احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي لطيفيات 1887ع
10. دلارام ناول 1887
11. جاگرافيءَ جا ڪي سبق جاگرافي 1887ع
12. علم الخلاق اخلاقيات 1888ع
13. صحت النساءِ ناول 1888ع
14. علامات القرآن دينيات 1888ع
15. اصول علم دستور المعاش معاشيات 1888ع
16. تاج محمد نبي اڪرم صلم جي حياتي 1888ع
17. قصو ليلى مجنون سنڌي قصو 1889
18. زينت ناول 1890ع
19. لوڀي ۽ ٺوڳي ناٽڪ 1890ع
20. موهني ناٽڪ 1891ع
21. تعليم حڪمت (ٽي ڀاڱا) تعليم بابت 1891ع
1893ع
22. مومل راڻو ناٽڪ 1891ع
23. فقهه جا عجيب مسئلا دينيات 1892ع
24. بڪائولي ناٽڪ 1894ع
25. نانگ وغيره ۽ سرندڙ ٻيا ساهوارا جانور 1895ع
26. باغ ۽ باغباني زراعت 1895ع
27. زمين پوکڻ جو هنر زراعت 1895ع
28. شڪنتلا ناٽڪ 1896ع
29. نيم طبيب خطره جان نيم ملا خطره ايمان ناٽڪ 1896ع
30. عالم آبي (با تصوير) جانور 1897ع
31. ڳوٺ جي وڏيرن يا پٽيلن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ هدايت نامو هدايت نامو 1897ع
32. حسنا دلدار ناٽڪ 1897ع
33. نادر شاهه ناٽڪ 1897ع
34. انڪوائري آفيسر ناٽڪ 1897ع
35. پکي (باتصوير) پکين بابت 1898ع
36. زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر زراعت بابت 1899ع
37. بهرام گور 1961ع ۾ بهرام گور قصو 1900ع
38. عجيب غريب نئون ناول ناول 1900ع
39. نورجهان ۽ جهانگير ناٽڪ 1900ع
40. خودياري اخلاقيات 1900ع
41. شاهه ايليا ناٽڪ 1900ع
42. گلن واري ٽوڪري ناول 1900ع
43. ثابت علي شاهه شاعر جو احوال ۽مرثيو تنقيد ۽ تحقيق 1900ع
44. عجائب غرائب 1900
45. شيخ چلي اڱڻ مسخرو ناٽڪ 1900ع
46. ڪيمائي سعادت 1900ع

احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي
مرزا قليچ بيگ ”شاهه جو رسالو“ به مرتب ڪيو، شاهه جي سلسلي ۾”لغات لطيفي“ به تيار ڪئي ۽ انگريزيءَ ۾هڪ ڪتاب (Life of Shah Abdul Latif Bhitai) به لکيو. مگر سندس اهم ڪتاب“ احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي. 1889ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه جي زندگي ۽ ڪلام تي روشني وڌي آهي. ڪتاب جي ديپاچي ۾ مرزا صاحب لکي ٿو ته ”جيڪي شاعر سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، تن ۾ اهڙو شاعر، جنهن جو شعر ننڍي وڏي جي وات ۾ هجي، ۽ عام خاص کي وڻندڙ هجي، سو ته شاهه عبداللطيف جهڙو ٻيو ڪونه هوندو. هو رڳو مشهور شاعر نه آهي پر مشهور اولياءَ آهي، ۽ انهيءَ ڪري هن ملڪ جي بزرگن منجهان هن جو سڀ کان وڌيڪ نالو آهي“.(158)

ثابت علي شاهه شاعر جو احوال ۽ مرثيو
سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه سن 1153 هه (1740ع) ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. شاهه صاحب فقه، تفسير ۽ علم عروض کان واقف هو. شاعريءَ ۾ سندس پهريون استاد مخدوم نورالحق مشتاقي هو ۽ آخر ۾ ميان سرفراز خان عباسيءَ سان هم مڪتب ٿي غلام علي مداح جو شاگرد ٿيو.ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور ۾ خاص طرح سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي آئي ۽ عروضي شاعريءَ جو چالامان وڌيو، ان ڏس ۾ سيد ثابت علي شاهه سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ باقاعدي مرثيي نگاريءَ جو بنياد وڌو. سندس حياتي ۽ مرثيي تي مرزا قليچ بيگ 1900ع ۾ شاندار تنقيدي ۽ تحقيقي ڪتاب لکي سيد ثابت علي شاهه کي هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪيو.

لسانيات ۽ گرامر نويسي
مرزا قليچ بيگ چئن ڀاڱن ۾ ”سنڌي وياڪرڻ“ لکيو. علم صرف ۽ علم نحو ۽ عربي فارسي اصولن موجب تيار ڪيو.گرامر، پهاڪن ۽ لغتن کان علاوه مرزا قليچ بيگ هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ تي (1900ع) تي پڻ لکيو هو. مطلب ته هو پنهنجي دؤر جو هڪ ماهر لسانيات به هو.سندس ڪتاب ”علامات القران“ لسانيات جي زمري ۾ اچي ٿو. هي ڪتاب 1888ع لکيو. هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب قرآن شريف ۾ استعمال ٿيل نشانين، علامتن، ڪردارن جي باري ۾ تحقيقي بحث ڪيو آهي.
مرزا قليچ بيگ جي مضمون نگاري : مرزا قليچ بيگ ڪيترائي مضمونن جا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ ۾.”مقالات الحڪمت“، ”علم الخلاق“ (1888ع)، ”خودياري“ (1900ع) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

مقالات الحڪمت
مرزا قليچ بيگ فرانسز بيڪن جي ڪتاب ”بيڪنس ايسيز“ (Bacon’s Essays) تان ان کي سنڌيءَ ۾ ”مقالات الحقمت“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. هيءُ ترجمو 1886ع ۾ جناب ڪمشنر صاحب بھادر سنڌ جي ڇاپخاني ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ھيو. ياد رھي تہ مرزا قليچ بيگ فريدون تنھن وقت اسان جي شھر نصيرآباد جا مختيار ڪار مقرر ھيا. پاڻ ھيءُ ڪتاب سنڌ جي تعليم کاتي لاءِ ترجمو ڪري ٺاھيو سنواريو ھئائون، جنھن کي ”سنڌ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي“ پسند ڪندي سندس سرڪاري ڇپائيءَ لاءِ سفارش ڪئي ھئي.
بيڪنس ايسيز انگريزي ادب جي نالي واري ليکڪ فرانسز بيڪن جو لکيل ڪتاب آهي. ان ۾ تمام گهڻا مضمون آهن، جنهن مان مرزا صاحب ڪجهه چونڊ موضوعن وارا مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. هن ترجمي ڪرڻ وقت مضمونن جي اصل مفهوم کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مختلف مثال ڏيندي هن پنهنجي ماحول کي به پيش ڪيو آهي.
”هن ڪتاب ۾ ڏنل مضمونن جا موضوع حڪمت ۽ فلسفي جي نقطن سان ڀريل آهن . تنهن ڪري اهڙو ترجمو هڪ نهايت ئي ڏکيو ڪم هو. ڇاڪاڻ ته مصنف جي اصل ۽ حقيقي مطلب ۽ مقصد کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي پر مرزا قليچ صاحب اهو ڪم نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنو آهي. هر ڳالهه دليلن سان ۽ فلسفيانه انداز ۾سمجهايل آهي. انداز بيان نهايت ئي سلجهيل، سادو ۽ منفرد آهي. طرز تحرير ۾ تاثير ۽ رواني آهي. جن موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن، تن جو انساني معاشري سان گهرو تعلق آهي، ائين ٿو لڳي ته مصنف زندگيءَ جي ننڍين ننڍين حقيقتن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي، ۽ هر شيءِ کي چڱيءَ طرح پرکيو ۽ پروڙيو آهي ۽ ان کان پوءِ هن پنهجي اڀياس ، مشاهدن ۽ ذاتي سوچ ويچار کان پوءِ اهم ڳالهين بابت پنهنجا منطقي مشورا ڏنا آهن ۽ پڙهندڙن کي صحيح زندگي گذارڻ لاءِ صلاحون پيش ڪيون آهن. جيتوڻيڪ مضمونن ۾ فلسفو ۽ فڪر وڌيڪ آهي، تڏهن به خيال منجهيل ۽ الهجيل ڪونهن. فڪر جي لحاظ کان مضمون وڏي اهميت وارا آهن“.(159)
”مقالات الحڪمت“ ڪتاب ۾ پهريون مضمون ”سچ“ تي آهي. ”سچ“ بابت مختلف ماڻهن جا رايا ڏيئي ”سچ“ جي اهميت ذهن نشين ڪرائي ويئي آهي. زندگيءَ جي حقيقتن مان پهرئين حقيقت ”سچ“ آهي ۽ مصنف هن موضوع کي ڪتاب جي شروعات ۾ آڻي پنهنجي دانشمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي. ڪنهن به ڳالهه جي اهميت تڏهن ظاهر ٿئي ٿي جڏهن ان جو ضد به بيان ڪيو وڃي.هن مضمون ۾ ”سچ “ جو ضد ”ڪوڙ“ بيان ڪيو ويو آهي، جنهن کي اوندهه ۽ تاريڪي ڏيکاريو ويو آهي. سچ بابت مرزا صاحب لکي ٿو ته ”سچ“ پنهنجو قدر پاڻ ٿو ڄاڻي، يعني ”سچ“ کي رڳو سچيءَ دل سان سڃاڻي سگهبو ، نه ڪنهن ٻيءَ طرح سان، تنهنڪري انسان جي لاءِ تمام وڏي چڱائي اها آهي ته هو هميشه ”سچ“ جي ڳولا ۾ رهي، هميشه سچ کي سڃاڻي ۽ ڄاڻي جنهن مان معلوم ٿيندو ته هو پاڻ سچو آهي ۽ هميشه سچ تي ڀروسو ڪري ٿو“.(160)
”موت“ واري مضمون ۾ لکيل آهي ته .فطري موت هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات آهي ۽ موت کان پوءِ انسان فوتيءَ جون خاميون بيان نه ڪندو آهي، ان ڪري سندس خيال آهي ته موت نيڪي ۽ ناموس جو درجو کولي ٿو.”دوستيءَ“ واري مضمون ۾ مثالن ۽ دليلن سان سچي دوستيءَ جافائدا بيان ڪيا ويا آهن.”پڙهڻ يا اڀياس ڪرڻ“ واري مضمون ۾مطالعي ڪرڻ جي اهميت بيان ڪئي ويئي آهي ۽ اهو سمجهايو ويو آهي ته ڪهڙن ڪتابن جو مطالعو ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي. ”خرچ“ بابت پڻ هڪ مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ٻڌايو ويو آهي ته دولت ڪيئن خرچ ڪجي، جو ان جو مصرف عوام لاءِ فائدي مند ٿئي. مطلب ته اهڙن موضوعن تي مضمون لکيل آهن، جن جو اسان جي روزمره جي زندگيءَ سان گهرو لاڳاپو آهي. مثلن ”شڪ“ ، ”تندرستي“ ، ”وياج“ وغيره جهڙن موضوعن تي نهايت ئي سهڻي انداز ۾لکيو ويو آهي.
مطلب ته سڄو ڪتاب فڪر ۽ فلسفي جي مضمونن سان ڀريل آهي. هن ڪتاب جي ذريعي مرزا قليچ بيگ سنڌي سماج کي حڪمت ڀرين ڳالهين سان روشناس ڪرايو آهي.

جواهر النسان
هي ڪتاب مرزا قليچ بيگ 1872ع ۾ لکيو، ۽ اڄ تائين شايد شايع نه ٿيو آهي. هي ڪتاب فارسي زبان جي مشهور نثري ڪتابن تان ترجمو ڪيو ويو آهي.

خودياوري
خودياوري“ (1900) جو Smile’s Self- Help تان ترجمو ڪيل هو، پر اُهو ڪتاب هڪڙيئي مسئلي تي لنبو چوڙو مقالو هو. هن ڪتاب بابت مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ” اهو ڪتاب پهرين سال 1859ع ۾ ڇپيو هو. مصنف پنهنجي ديباچي ۾ لکي ٿو ته پهرين هو ڪن ٻهراڙيءَ جي جوان ماڻهن جي درخواست تي، جيڪا مجلس هنن پنهنجي سڌاري جي لاءِ قائم ڪئي هئي تنهن ۾ تقريرون ڏيندو هو: انهن ۾ سڌريل ۽ همت وارن ماڻهن جا مثال آڻيندو هو، ۽ نصيحتون ڏيندو هو. انهن جوانن مان گهڻا، فائدو حاصل ڪري، چڱيءَ حالت ۽ درجي کي پهتا. اُنهن مان ڪن جي مرضيءَ جي پٺيان، هن اهي تقريرون وري نئين سر سڌاري، ڪتاب جي صورت ۾ وڌيون. انهيءَ ڪتاب جي جوڙڻ مان مصنف جي ڪهڙي مدعا هئي، سا خود سندس لفظن ۾ هيٺ ڏجي ٿي:
”هن ڪتاب مان هيءُ مطلب آهي ته جوانن کي هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ڏجي ته حياتيءَ کي سک ۽ آرام سان گذارڻ لاءِ محنت ڪرڻ هڪڙو تمام ضروري ڪم آهي، ۽ محنت ۽ ڪوشش کان سواءِ ڪوبه ڪم ٿي نٿو سگهي. مصيبتن ۽ ڏکن کان ڊڄڻ نه گهرجي، بلڪ محڪم مزاجيءَ جي وسيلي انهن تي فتح حاصل ڪرڻ کپي؛ ۽ سڀ کان وڏي هيءَ ڳالهه آهي ته چڱيءَ هلت وارو ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو انهيءَ کانسواءِ ٻي لياقت بلڪل بيڪار، ۽ دنيائي ڪاميابي محض اجائي ۽ بيسود آهي“.(161)

تعليم حڪمت
مرزا قليچ بيگ اوڻوهين صديءَ جي چند انهن عالمن مان هو، جنهن هڪ تحريڪ جي روپ م عورت توڙي مردن جي تعليم لاءِ لکيو. مرزا صاحب ٻين سڀني کان منفرد لکيو. پاڻ ان سلسلي ۾ ناول، ناٽڪ، مضمون ۽ ٻيا ڪتاب لکيائون. اوڻوهين صديءَ ۾ خاص طور تي عورتن لاءِ ”هدايت انسوان“، ”تعليم حڪمت“ ۽ صحت النساءِ“ بهترين مثال آهن. ان کان علاوه سندس ڪتاب ”تعليم حڪمت“ اهم آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ 1890ع ۽ 1891ع ۾ ترجمو ڪيا. هن ڪتابن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي صحت ۽ تعليم بابت معلومات ڏنل آهي.

معاشي سائنس
مرزا قليچ بيگ زراعت کان سواءِ علم معاشيات تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا. مرزا قليچ بيگ ، مسز فاسيٽ(Fauset) جي انگريزي ڪتاب کي “اصول علم دستور المعاش” جو ترجمو ، 1888ع ۾ ڪيو، جنهن تي کيس تعليم کاتي پاران 558 روپيا انعام مليو. هي ڪتاب Natural Econmy جو ترجمو آهي . هن قسم جو هي پهريون ڪتاب سنڌي ۾ هو، جنهن ۾ پاڻ نوان اصطلاح جوڙي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪيو آهي.

پکي
مرزا صاحب هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر مرڊاڪ جي لکيل انگريزي ڪتابن تان مدد وٺي لکيو ويو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1898ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب جو موضوع ٽن حصن تي مشتمل آهي: هڪ ’عام پکي‘، جيڪو ڪتاب جو مرڪزي مواد آهي، ٻيا ’ولايتي پکي‘ ۽ ٽيان اُهي پکي، جيڪي سنڌ ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اُن ڳالهه طرف اشارو ڪندي مرزا صاحب لکي ٿو ته ”پهرين اُنهن مان رڳو ڪن مکيه ۽ مشهور پکين جو مختصر بيان ڏينداسين ۽ پوءِ ڪن ٻين ولايتي پکين جو ذڪر ڪنداسين. پڇاڙيءَ ۾ جي پکي سنڌ ۾ اچن ٿا، تن جا نالا ڏينداسين.“ ولايت کان سنڌ ۾ ايندڙ پکين جي ذڪر ڪرڻ سان گڏ اُنهن کي عادتن جي حوالي سان ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.سنڌ ۾ ٻاهران آيل پکين کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا ٻاهران آيل/ آندل اهڙا پکي، جيڪي مقامي ماحول ۾ هري مري وڃن ٿا ۽ ٻيا اهڙا پکي، جن کي موسمياتي يا لاڏائو پکي چئي سگهجي ٿو.

مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ نويسي
مرزا قليچ بيگ کي سنڌي ناٽڪ جو علمبردار ۽ سنڌي ناٽڪ جو شيڪسپيئر چيو وڃي ٿو. جڏهن مرزا صاحب 1880ع ۾ پهريون ناٽڪ “ ليلا مجنون” لکيو هو ته ان وقت سنڌ ۾ ڪا به ناٽڪ منڊلي موجود ڪانه هئي، پر اها مرزا صاحب جي تخليقي عمل جي قوت هئي، جو اوڻوهين صديءَ ۾ ئي سنڌي ناٽڪ بي انتها ترقي ڪئي. مرزا صاحب هڪ طرف طبعزاد ناٽڪ لکيا، ٻئي طرف دنيا جي شاهڪارن ، خاص طور وليم شيڪسپيئر (1594-1616ع) جي ناٽڪن جا ترجما ڪيا ته ٽئين طرف هن نون اڀرندڙ ڊراما نگارن جي ڀرپور همت افزائي ڪئي. ”مرزاصاحب جا سڀئي ناٽڪ اصلاحي، تدريسي ۽ سماجي آهن. هن ناٽڪ وسيلي معاشري جي براين تي سخت چوٽون ڪيون آهن. ان ڪري کيس حقيقت نگار ناٽڪ نويس به چيو ويندو آهي. مرزا صاحب جي ناٽڪن جي ٻي خوبي اها آهي ته هن الٿو ڪري ناٽڪن کي سنڌي ماحول ۾پيش ڪيو. ان سلسلي ۾ سندس شيڪسپيئر جي ناٽڪن جا ترجما وڏي اهميت رکن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو کيس “سنڌي ناٽڪن جو شيڪسپيئر” چيو وڃي ٿو. مرزا قليچ جي مزاحيه ناٽڪن جي اهم خوبي هيءَ آهي ته سندس مزاحيه ، طنزيه ۽ سماجي تنقيد سان ڀرپور آهن ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. هو کل ۽ ڀوڳ ۾ ماڻهن کي ڪڙو سچ پياري ٿو . ان سلسلي ۾سندس ناٽڪ ”انڪوائري آفيسر“ ، ”لوڀي ۽ ٺوڳي“ ، ۽ ”شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو“ وڏي اهميت رکن ٿا“.(162)

ليليٰ مجنون
مرزا صاحب سڀ کان پهريائين هڪ منظوم اوپيرا ناٽڪ “ ليليٰ مجنون ” لکيو جو، هندستاني زبان ۾ هو، مرزا صاحب پنهنجي ناٽڪ جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته“ گهڻن ڏينهن کان مونکي دل ۾هئي ته سنڌي زبان ۾ڪو ناٽڪ جو ڪتاب لکجي، جو سنڌ جي ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪتاب ڪونه ڏسڻ ۾ آيو آهي. اگرچه ٿورا ڏينهن ٿيندا جو “ليليٰ مجنون” جو قصو انهيءَ ڊول تي جوڙيو هو ۽ دوستن کي پيش ڪيو هو، پر اهو سڄو ئي شعر ۽ راڳ تي ٻڌل آهي، تنهنڪري جن ماڻهن کي راڳ جي خبر هئي انهن کي وڻندو، ٻين کي مزو نه ڏيندو، انهيءَ سبب اهو پور دل ۾ پيم ته نثر ۾ ڪو اهڙو ڪتاب لکجي“.(163)
مرزا قليچ بيگ صاحب جو هي ناٽڪ سنڌي زبان جو پهريون منظوم اوپيرا آهي، جيڪو سال 1880ع ۾ لکيو ويو. هن منظوم ناٽڪ کي مرزا صاحب ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ايڪٽ ۽ سين جي بجاءِ بابن ۽ پردن ۾ ورهايو آهي. پوري ناٽڪ جي ٻولي ۽ نثري لکت نهايت ئي وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي.
خورشيد
مرزا قليچ بيگ صاحب جو سنڌي نثر ۾ پهريون ناٽڪ ”خورشيد“ آهي ، جيڪو مرزا صاحب سنه 1887ع ۾ لکيو ۽ ساڳي سال ۾ ڇپيو. جيتوڻيڪ “ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايمچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي” سال 1894ع ۾ وجود ۾ اچي چڪي هئي، تنهن هوندي به اوائلي.ڊرامي کي پهريون ڀيرو سال1905ع ۾ حيدرآباد پليڊرس ڪلب طرفان اسٽيج تي ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو ويو. هن ناٽڪ نسبت مرزا صاحب ديپاچي ۾ لکيو هو: ”منهنجو مطلب هو ته پڙهندڙن يا ٻڌندڙن کي، حورن ۽ پرين ۽ جنن ۽ ملائڪن ۽ جادوءَ جي ڏيکن ۽ ٻين ناشدنيءَ جهڙين ڳالهين سان واهپو نه رکارايان، پر اهڙي ڪا ڳالهه سندن هٿن ۾ ڏيان، جنهن ۾ دنيا جو وهنوار ۽ ٻي عام رواجي هلي چلي چڱيءَ طرح ڏيکاريل هجي.... اگرچ هي قصو، اڳوڻڻ بادشاهن ۽ قديم زماني جي رواج بابت رٿيل آهي ۽ تنهن ڪري ڳالهائڻ يا هلڻ چلڻ جي طرز به اڳوڻي ڏيکارڻ جي ضرورت هئي، پر تڏهن به ڪوشش ڪري، اهڙي تجويز ڪئي ويئي آهي، جو سڀ ڳالهيون، گهڻو ڪري، هاڻوڪي وقت سان به لاڳو ٿي سگهن“.(164)
مرزا صاحب پنهنجي هن ناٽڪ کي به“ ائڪٽ” ۽ “سين” جي بجاءِ بابن ۽ پردن ۾ تقسيم ڪيو آهي . هن ناٽڪ ۾ ڪل پنج باب آهن ۽ هر هڪ باب ۾ اٽڪل پنج پردا آهن. ناٽڪ جي ٻولي نهايت وڻندڙ آهي ۽ مڪالما پڻ موزون آهن. مثال مثال طور ”خورشيد“ جو خود ڪلاميءَ وارو هي مڪالمو پيش ڪجي ٿو : خورشيد : اي آسمان جا خوفناڪ چرخ ! دنيا جي زالن مان رلائي خراب ڪرڻ لاءِ توکي مون کان سواءِ ٻي نه ٿي ملي ڇا، جو تون مونکي ورائي ورائي پيو ستائين ۽ عذاب ڏين؟ جبل جهڙو پهلوان مڙس به تنهنجي هنن حادثن جي آفتن جي سٽ نه جهلي سگهي ٿو، تڏهن آءٌ نازڪ بدن شهزادي، حرمخانن ۾ پليل ڪهڙي طرح هي ڏک جو بار سر تي کڻي سگهندي. منهنجي عجب قسمت آهي، جڏهن مٿا مونا هڻي اڃا ڪنهن خوشيءَ کي ويجهي ٿي اچان، ته قسمت جو سخت واءُ مونکي ڌڪيو وري وڃيو عذابن ۾ وجهي. خدا کي خبر ، ته نيٺ منهنجي نصيب ۾ ڇا لکيل آهي. (اتي آسمان تي گوڙ ۽ کنوڻ ٿئي ٿي) اڄ آئون رلندي رلندي ڪٿي اچي بيٺي آهيان. سانوڻ جي جهڙ به مٿان چڱي اچي ڇانو ڪئي آهي، هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟ چوڌاري اوندهه ٿي ويئي آهي رستي جي به ته خبر ڪانه ٿي پوي. (گوڙ ۽ کنوڻ ذري ذري پئي ٿئي) “.(165)

بڪائولي
هي به مرزا قليچ جو هڪ سنگيت ناٽڪ آهي، جيڪو هن مولوي الاهي بخش جي لکيل هندي ناٽڪ تان 1894ع ۾ ترجمو ڪيو. هي ناٽڪ گل بڪاوليءَ جي مشهور قصي تي آڌاريل آهي. هن ناٽڪ کي به مرزا صاحب سنڌي ماحول ۾ آڻي پيش ڪيو. هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب ماحول مطابق تصويرون به ڏنيون. هن ڊرامي جي ڪردارن ۾ آدمزاد سان گڏ پريزادن يعني پرين، ديون توڙي طلسماتي معجزن کي آڻي سنڌيءَ ۾معجزاتي ۽ پراسرار ناٽڪن جي ابتدا پڻ ڪئي.

شڪنتلا
هي ناٽڪ جڳ مشهور ناٽڪ نويس ڪاليداس جي مشهور ناٽڪ“شڪنتلا” تان سال 1896ع ۾ مرزا صاحب ترجمو ڪيو. “شڪنتلا” جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ترجما ڪيا ويا آهن. مرزا قليچ بيگ کان علاوه ٻين به هن ناٽڪ کي سنڌيءَ ۾ترجمو ڪيو، مگر مرزا قليچ بيگ جو هي ترجمو سڀني کان اعليٰ آهي. هن ناٽڪ لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته”هن ناٽڪن جي دؤر جو آخرين کيل هو ڪاليداس جو جڳ- پر سڌ شاهڪار ”شڪنتلا“، جنهن جي صرف اصلوڪي رٿا قائم رکي، مرزا قليچ بيگ 1896ع اُن کي سنڌي لباس ڍڪائي نئين سر لکيو هو، ۽ ساڳئي سال ڪاليج سوسائٽيءَ ڪري ڏيکاريو هو. هن هندڪي ناٽڪ ۾، هن مسلم عالم، اهڙا ته سرل هندي لفط ۽ اصطلاح ڪم آندا هئا، جو ناٽڪ نويسيءَ جو اهم اصول ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ناٽڪ جي پاترن واتان ٻولي اها ڳالهارائڻ کپي جا اهي سڀاويڪ طرح پنهنجي جيوت ۾ ڳالهائڻ تي هريل هجن، ۽ نه اها جنهن ۾ خود لکندڙ کي قابليت حاصل هجي. هن ناٽڪ ۾ به شڪنتلا، راجا دشينت وٽان مليل منڊي، هڪ ڪروڌي رشيءَ جي سراپ ڏيڻ ڪري وڃائي ٿي وهي، جنهن ڪارڻ ئي کيس تقدير جي چپيٽ لڳي ٿي ۽ ڏک ڏولاوا سهڻا ٿا پون. هيءَ ناٽڪ ڪافي ڪامياب ٿيو هو جنهن ۾ خوشيرام ساڌواڻيءَ مينڪا اَپڇرا جو پارٽ هو بهو زباني آواز ۽ نزاڪت سان ڪيو هو، ۽ شڪنتلا جو پارٽ هڪ نئين ڳڀروءَ موتي ڪرپالاڻيءَ ڪيو هو، جو پوءِ نائڪن جا پارٽ ڪندو هو“.(166)

حسنا دلدار
هيءُ شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ “Merchant of Venice” جو ترجمو آهي ، جنهن کي مرزا قليچ سال 1897ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان ناٽڪ کي، جنهن کي سنڌ ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو.هي ناٽڪ سيرت جي موضوع تي آهي. ناٽڪ ۾سنڌي ماحول کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪردار، مقصديت پڻ سنڌي ماحول جي جهلڪ کي ظاهر ڪن ٿا. هن ناٽڪ ۾سيرت جومسئلو اهو ڏيکارو ويو آهي ته وياج خور جي پيسي جي پوڄا سندس تباهي ٿي آڻي ۽ عاشق دلدار جي ادار دلي کيس سياڻي ۽ بردبار معشوقه حسنا سان ميلاپ ٿي ڪرائي.
مرزا صاحب جي هن ناٽڪ جي باري ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”قليچ بيگ هن ناٽڪ جو ڏيهي زندگيءَ ۾ الٿو اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ڪيو هو جو بنهه اصلي پئي لڳو. هي ناٽڪ جڏهن پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو هو، تڏهن ڪيترن هندو بزرگن کي ڏاڍي ٽامڻي لڳي هئي انهيءَ جو ڪارڻ هو ته Shylock وياج خور کي مرزا صاحب يهوديءَ مان ڦيرائي هريداس مارواڙي بڻائي ڇڏيو هو ۽ ڪرستان واپاريءَ Antonio کي لالا منسک لعل بڻائي اهڙيءَ ريت پيش ڪيو هئائين جو هو هندو رڳو نالي ۾ٿي لڳو، سندس دوستي مسلمان دلدار (Bassanio) سان هئي ۽ هن جو اٿڻ ويهڻ مسلمان سان ٿي ٿيو. انهيءَ سمي جي ڪٽر هندن واري ڇوت ڇات منجهس هئي ڪانه. اهڙي طرح سان مرزا صاحب هن رومانوي ناٽڪ مان هندو-مسلم ميلاپ جو ترقي پسند مطلب ڪڍي ورتو ۽ يهودي- عيسائي نفاق وارو اصلوڪو مطلب ڪڍي ڇڏيائين“.(167)

نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان
مرزا صاحب پنهنجي هن اصلوڪي ننڍي ناٽڪ کي سال 1896ع ۾ لکيو. هيءُ هڪ مزاحيه ناٽڪ آهي، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ۽ هر دفعي پسند ڪيو ويو. هن ناٽڪ ۾ مرزا قليچ بيگ معاشري جي اوڻاين تي طنز ڪيو آهي، خاص طور تي عطائي ڊاڪٽرن يا حڪيمن جي ڪرتوت ظاهر ڪيا آهن، جيڪي بغير ڪنهن ڄاڻ جي اٻوهجن ماڻهن کي ڦريندا رهن ٿا ۽ سندن زندگين سان کيڏندا رهن ٿا. هن ناٽڪ ۾ هڪ هنڌ اچي ٿو ته “بيمار جي نبض ڏسي ٿو ۽ وات پٽائي ڏسيس ٿو، ٻاهران ڳوڙهي کي هٿ لائي ڏسي ٿو ۽ پڇي ٿو کاڌو ڇا اٿس؟
ٻڍو: سائين ويچارو ڇا ٿو کائي. اسين هاري ماڻهو ، ڀلا ڇا کائينداسين جوار جي مانيءَ جو هيترو ڳڀو ۽ لسيءَ چڪو.
طبيب: ائين ناهي، هن وليون چريون آهن، سو نڙيءَ ۾ڪو پتو اٽڪي پيو اٿس“.(168)

شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو
هيءُ مرزا قليچ جو اصلوڪو مزاحيه ننڍو ناٽڪ آهي، جنهن کي سال 1900ع ۾ هري سنگهه سکر واري شايع ڪيو. هيءُ ننڍو ناٽڪ ڪيترائي ڀيرا ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو. مرزا قليچ بيگ جو هي ناٽڪ سنڌي فارس جهڙو نقل آهي. هن ناٽڪ ۾ معاشري جي ڪن اوڻاين ۽ اڍنگين ڳالهين جي نه صرف نشاندهي ڪئي وئي آهي، مگر انهن جا حل به ٻڌايا ويا آهن. اهڙي طرح ڪجهه ڪردارن به تنقيد ڪئي وئي آهي. مان هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
(نواب صاحب جي ڪچهري)
نواب صاحب ويٺو آهي . پاسي کان ٻه ٽي امير واڄا آهن .اڱڻ مسخرو به سامهون ويٺو آهي .
پري نواب صاحب جا نوڪر به ويٺ آهن)
نواب صاحب : ڪئين اڱڻ ڪهڙي خيال ۾ ويٺو آهي.؟
اڱڻ مسخرو: قبلا شعر ٿو چاهيان.
نواب صاحب : ڪهڙي مضمون تي؟
اڱڻ مسخرو: قبلا اڃا مضمون ڪو نه رٿو اٿم“.(169)

نادر شاهه
هيءُ اصلوڪو تاريخي ناٽڪ ، مرزا قليچ 1897ع ۾لکيو جنهن کي هريسنگهه سکر واري شايع ڪيو. هن ڪتاب جي باري ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ” هندستان جي تاريخ ۾ نادرشاهه ايران جي بادشاهه جي دهلي تي ڪاهه ڪرڻ جو مفصل بيان ڏنل آهي . نادر شاهه جي حياتي جو احوال يا سوانح عمري ڌار پارسي ۽ اردو زبان ۾ ڏنل آهي . انهيءَ ساڳئي تاريخي مضمون تي هڪڙو اردو قصو به ڏسڻ ۾ آيو. اهو مضمون گهڻن ڳالهن ڪري دلچسپي جهڙو هو تنهڪري مون انهن مان بنائي هي ناٽڪ لکيو. انهيءَ جي لکڻ ۾ منکي خاص پوئين ڏيکاريل ڪتاب مان گهڻي مدد ملي. ڏسڻ ۾ ايندو ته گهڻو ڪري سڀ احوال سچو آهي . ماڻهن جا نالا به اڪثر سچا ڏنا ويا آهن نه رڳو انهيءَ وقت جي مشهور درٻاري ڪڄري نور ٻائي کي به وساري نه ڇڏيو آهي. هندن جا راڳ به داخل ڪيا ويا آهن. اهو هندستان ۽ ايران جي ماڻهن جي ميلاپ جو زمانو هو تنهنڪري ضرور ڄاڻي ڪي پارسي ۽ اڙدو غزل ۽ بيت به ڪم آندا ويا آهن. اميد ته هن ناٽڪ جي پڙهڻ مان انهيءَ وقت جي هلت چلت ۽ قومي حالت جي چڱي طرح معلوم ٿيندي ۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي انهي مان گهڻي خوشي حاصل ٿيندي“.(170)

انڪوائري آفيسر
مرزا قليچ بيگ صاحب هي ناٽڪ روسي زبان جي مشهور ڊراما نگار گوگول (1809-1852ع) جي مزاحيه ڊرامي (The Government Inspector) جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هي ناٽڪ پهريان انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو هو جتان مرزا صاحب ان کي سنڌي زبان ۾الٿو ڪيو . مرزا صاحب پنهنجي روايتي ترڪيب مطابق هن ناٽڪ کي مقامي رنگ ڏنو آهي. روسي نالن ، ماڳن ۽ مسئلن کي سنڌي سماج مطابق پيش ڪيو آهي. ڪردارن کان مڪالما ائين چورايا اٿس ڄڻ اهي سنڌي ماڻهن لاءِ گوگول لکيا هئا.”هن ناٽڪ ۾ غلط فهمي جي بنياد تي ٻهراڙيءَ جي سرڪاري ڪامورن ۽ هڪ اخباري خاطيءَ جي وچ ۾ ٿي گذريل واقعات ، جيڪي هونئن غير متوقع ڏيکاريل آهن. ڪامورا اخباري خاطيءَ کي سرڪار جو مخفي “انڪوائري آفيسر” سمجهي هراسجي وڃن ٿا ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ پنهنجي پنهنجي ظلمن ۽ غلط ڪمن ڪارين جو اقرار ڪن ٿا ۽ ڪوشش ڪن ٿا ته ”انڪوائري آفيسر“ کي ڏيکاريو وڃي ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي ۽ انتظام ۾ڪٿي ڪا به خرابي نه آهي.”انڪوائري آفيسر“ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ ڦرائي ويهن ٿا. آخر ۾ مٿن صحيح حقيقت ظاهر ٿئي ٿي، آيل همراه ڪامورو نه هو تڏهن کين پشيماني ٿئي ٿي“.(171)

شاهه ايليا
وليم شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ ”ڪنگ ليئر“ (King Lear) جو الٿو مرزا قليچ بيگ “شاهه ايليا”جي عنوان سان 1900ع ۾ ڪيو. هن ناٽڪ ۾سيرت جي هيڻائيءَ جي موضوع کي کنيو ويو آهي. هن ناٽڪ جو مضمون ڏکن ڏاکڙن سان ڀريل آهي. شاهه ايليا جي خوشامند پسند طبيعت سندس زوال جو سبب بڻجي ٿي. اهڙي دردناڪ ناٽڪ کي مرزا صاحب سنڌي ماحول ۾ آڻي سندس نثر جي سونهن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. بدنصيب بادشاهه شاهه ايليا وڏي عمر ۾ پهچڻ باوجود هڪ صحتمند زندگي گذاري ٿو. هو بنيادي طرح خوشامد پسند سوچ جو مالڪ آهي. هو پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ چاهي ٿو ته پنهنجي حڪومت پنهنجي ڌيئرن ۾ ورهائي ڇڏي. هو پنهنجو راڄ ڌيئرن ۾ اهڙي طرح ورهائڻ چاهي ٿو جيترو پيار سندس ڌيئر هن سان ڪن ٿيون، ان حساب سان هو حڪومت جو حصو انهن ۽ سندن مڙسن کي ورهائي ڏيندو.سندس سڀ ڌيئر هن جي بي انتها خوشامد ڪن ٿيون ۽ هن لاءِ وڏي محبت ڏيکارين ٿيون. سندس ننڍي ڌيءَ شهزادي صوفيه جيڪا ٻين جي ڀيٽ ۾ خوبصورت ۽ ذهين آهي، اها روايتي خوشامد نه ٿي ڏيکاري. مثلاً ائڪٽ پهرين جي پردي پهرين ۾ صوفيا پنهنجي پيءُ شاهه ايليا کي چوي ٿي ته:
”منهنجي زبان، سڻڀي نه آهي ۽ مون کي خوشامد ڪرڻ جو هنر نه ٿو اچي، جو دل ۾ هڪڙي رکان ۽ وات سان ٻي چوان. اهڙي ڪوڙي زبان ۽ اهڙي طمع واري اک مون کي جيئن نه هجي تيئن چڱي. اگرچ ان ڪري مون کي دنيائي نقصان ۽ اوهان جي ڪاوڙ سهڻي پوي ٿي“.(172)
اهڙي طرح عاليشان پر ضعيف طبيعت بادشاهه پنهنجي ٻچاپڙين ڌيئرن جي خوشامد تي ڀلجي پنهنجي سموري ملڪيت سندن لوڀي مڙسن کي ڏئي ڇڏي ٿو پر اندر جي سچار ۽ سچ چئي ڏيندڙ ڌيءَ صوفيه کي ڪاري ڪوڏي به نه ڏني ۽ کيس فرانس جي بادشاهه سان شادي ڪرائي ڪڍي ڇڏي ٿو، جيڪو صوفيه جي سندس اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري گهڻي عزت ڪري ٿو. سندس وڏيون ڌيئرون اهو فيصلو ڪنديون آهن ته هو والد کي واري واري سان هڪ مهينو پوري شان سان رهائينديون، مگر اڳتي هلي پيءُ کي گهران ڪڍي ڇڏين ٿيون، جنهن تي بادشاهه کي صوفيه جي سچي محبت جو قدر ٿئي ٿو. آخر ڪار صوفيه جو مڙس سندس پيءُ جي ملڪ تي ڪاهه ڪري ٿو ۽ دغاباز ڌيئرن کان نجات ڏياري ٿو. سندس ننڍي ڌيءَ صوفيه کيس سهارو ڏئي ٿي. هوءَ پيءُ جي خدمت ڪندي تڪليفون سهي گذاري وڃي ٿي ۽ بادشاهه پڻ بري حالت ۾ مري وڃي ٿو“.(173)
هي ناٽڪ انساني طبيعت جي ڪمزوريءَ جي موضوع تي ٻڌل آهي. هي ناٽڪ شيسڪپيئر جي بهترين ناٽڪن ۾شمار ڪيو ويندو آهي. هن ناٽڪ جو ترجمو مرزا قليچ اهڙو ته اکري پابنديءَ وارو ڪيو آهي جو ڪردارن ۽ شهرن جا نالا ڦيرائي مڪاني رکيا آهن. بادشاهه جون دردناڪ زبانيون، چريائپ جي حالت ۽ وفادار ڌيءَ جي لاش واري منظر کي اصلوڪو ڪري ڏيکاريو آهي. مرزا قليچ سليس ٻولي استعمال ڪري ان ناٽڪ ۾ اهڙيون خوبيون بيان ڪيون آهن ڄڻ اهو اصلي معلوم ٿئي ٿو. ڪردار نگاري توڙي مڪالمن جي لحاظ کان هي ناٽڪ سنڌي ادب ۾ اهم جڳهه والاري ٿو.

آکاڻي ، قصا ۽ ناول نويس
مرزا قليچ بيگ ٻاراڻي ادب، خاص طور تي آکاڻين جي سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. ان سلسلي ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. خاص طور تي اڻوهين صديءَ ۾ ”دل پسند قصا“ اهم آهي. ان کان علاوه مرزا صاحب ڪيترائي قصا به لکيا. مرزا صاحب نه رڳو اصلوڪا ناول لکيا پر هن ڪيترن ناولن جو ترجمو به ڪيو. سندس سڀ ناول سماجي ۽ اصلاحي آهن. هن جي ترجمو ٿيل ناولن جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته انهن ۾ سنڌي ماحول جي پيشڪش ڪئي ويندي هئي.

دلپسند قصا
”دلپسند قصا“(Tales from Shakespeare) جيڪو مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل هو. انگريزي ۾ اهو ڪتاب چارلس ۽ ميئري لئمب (Chales and Mary Lamb) (19 صديءَ جي مشهور ليکڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ) لکيو هو ۽ هاڻ اهو ڪتاب انگريزي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ يادگار ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. 1890 ۾ مرزا قليچ بيگ، ٻن ڀاڱن ۾ ڇڀايو هو. هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ اٺ قصا ڏنل آهن ۽ اٺ قصا ٻئي ڀاڱي ۾ ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
هو ٽڪر جي هڪڙيءَ غار ۾ رهندا هئا. انهيءَ غار ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون هيون، جن مان هڪڙي خلاصي ”پراسپرو“ جي لکڻ پڙهڻ جي ڪم جي هئي. اتي هن پنهنجا ڪتاب رکيا ، جي خاص جادوءَ جي علم بابت هئا. انهيءَ علم جو انهن ڏينهن ۾ سڀني پڙهيل ماڻهن کي ڏاڍو شوق هوندو هو . هن کي ته اهو علم تمام ڪمائتو هو، ڇا لاءِ جو اهو ٻيٽ جنهن تي هي اتفاق سان اچي پيو هو، تنهن کي ”اسئڪورئڪس“ نالي هڪڙيءَ ڏائڻ جادوءَ سان منڊي ڇڏيو هو. اها ڏائڻ پاڻ ”پراسپرو“ جي اچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳڀرو مري ويئي هئي، تنهنڪري ڪيترائي چڱا جِنّ ۽ ڀُوت، جن کي انهيءَ ڏائڻ سندس ظلمي حڪمن نه مڃڻ ڪري وڏن وڏن وڻن جي ٿــُڙن ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، تن کي ”پراسپرو“ پنهنجي هنر جي زور سان آزاد ڪيو. اهي جنّ انهيءَ وقت کان وٺي ”پراسپرو“ جي فرمانبرداريءَ ۾ رهندا هئا. انهن مان مکيه ”ايريل“ نالي هڪڙو ننڍڙو جنُ هو“.(174)

هرڻيءَ جو قصو
هي هڪ مشهور قصو آهي. جنهن ۾ هرڻي ۽ شڪاري جي ڪهاڻي آهي. هرڻي شڪايت کڻي نبي سائين وٽ اچي ٿي ۽ انصاف جي گهر ڪري ٿي. هي قصو مرزا صاحب 1878ع ۾ لکيو، جيڪو مرزا اعجاز بيگ وٽ قلمي صورت ۾ پيو آهي. هن قصي ۾ جانورن لاءِ رحم جو سبق ملي ٿو.
رستم
هي قصصي ناول مرزا قليچ 1880ع ۾”رستم“ جي نالي سان لکيو، جو قديم ايران جي تاريخي ڪتاب تان ورتل هو. ”هن ۾ڪيترائي قصا فردوسيءَ جي شاهنامي تان اکر به اکر ترجمو ٿيل هئا. جيتوڻيڪ رستم پهلوان فردوسيءَ جي شاهنامي تان ورتل هو، ليڪن ان جي نثر ۾ ترجمو نهايت ڪاريگريءَ سان ڪيل هو. رستم جا ڪارناما، پنهنجي پٽ سهراب هٿان افسوسناڪ شڪست ۽ خوفناڪ موت ۽ هن جي زندگيءَ جا ٻيا واقعا، هڪ ٻئي سان ائين جڙيل آهن، جو هڪ جاندار ڪهاڻيءَ جو روپ حاصل ڪن ٿا، جيڪي نه فقط انهن پڙهندڙن جون آکاڻيون پڙهڻ تي هريل هئا، بلڪ انهن پڙهندڙن کي به ڪشش ڪن ٿا، جيڪي اهڙن قصن ڪهاڻين کان منهن موڙين ٿا“.(175)

دلارام
مرزا قليچ بيگ پهريون طبعزاد ناول ”دلارام“ 1887ع ۾ لکيو. هي هڪ ننڍڙو ناول آهي، جيڪو قديم ڪهاڻين ۽ قصن تي مبني آهي. هن ناول جي وضاحت ڪندي مرزا صاحب لکيو آهي ته پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض ته هي هڪڙو نئون قصو خيالي سٽيل آهي، پنهنجي دلئون جوڙيل آهي، ڪنهن ٻئي ڪتاب تان ورتل ناهي. هن ۾ڪا ڪوڙي آکاڻي يا نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه پيل ناهي، نڪو منجهس ديو، نڪا پري آهي، رواجي اتفاقن ۽ دنيائي وهنوار ۽ هلت چلت جو منجهس ذڪر اچي ٿو ۽ نيڪي بدي ڪرڻ سان جي نتيجا نڪرن ٿا، سي چڱي طرح منجهس ڏيکاريل آهن“.(176)
ناول ۾ ڏنل قصو بادشاهن جي دؤر ۽ انهن جي مسئلن سان واسطو رکي ٿو. هن ناول ۾ اصل مقصد نيڪيءَ جي جيت ۽ بديءَ جي هار آهي. شاهه عادل کي هڪ عدل ۽ انصاف وارو بادشاهه ڏيکاريو ويو آهي ۽ جڏهن ته شاهه شجاع کي ظالم ، کوٽو ۽ لالچي ڏيکاريو ويو آهي . ناول جي پلاٽ تي داستان گوئيءَ جو رنگ غالب آهي، مافوق الفطرت ڪردار، ازغيبي امداد، بادشاهن جا قصا وغيره هن ناول جو حصو آهن. مرزا صاحب هيءُ قصو نهايت ئي سليس عبارت ۽ عام اصطلاحن سان لکيو آهي. هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي ننڍي نصيحت به ڏني وئي آهي.

زينت
سنڌ جي اديب، عالم، ترجمي نگار ۽ ناول نگار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول آهي، جنهن ۾ مسلم گھراڻي جي گهريلو زندگي، رهڻي ڪهڻي، زماني جي حالات جو بيان ۽ ناول جي سورمي زينت جي سيرت کي نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هِن ناول ۾ ڪيترن ئي سنڌي اصطلاحن ۽ پهاڪن جو به استعمال ڪيو ويو آهي. هي مرزا قليچ جو ٻيو طبعزاد ناول آهي، جيڪو هن 37 سالن جي عمر ۾ 1890ع ڌاري لکيو. هيءُ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ناول آهي.
هي ناول معاشري جي تصوير به آهي ۽ تنقيد به. هي ءُ ناول وقت جي اهم ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو. اها فقط مرزا صاحب جي ذاتي راءِ نه هئي، بلڪه هڪ چڱي خاصي طبقي جي ترجماني هئي. مرزا قليچ بيگ “زينت” ۾ جنهن مسئلي کي واضح طور تي بيان ڪيو آهي، سو عورت ۽ عورت جي عظمت سان تعلق رکي ٿو. مرزا صاحب شدت سان محسو س ڪيو ته معاشري ۾ عورت جي اصلاح کان سواءِ ترقي ممڪن نه آهي.
”هن ناول ۾مرزا صاحب شاديءَ جي مسئلي کي به کنيو آهي. ڏي وٺ واري شادي ءَ کي هو نا پسند ڪري ٿو. سندس خيال آهي ته اها شادي ڪامياب آهي جتي زال ۽ مڙس ۾ ذهني هم آهنگي هجي. ان کان علاوه هن ناول ۾ ٻين به ڪيترن ئي معاشرتي ۽ گهرو زندگيءَ سان واسطو رکندڙ شين کي پنهنجي بحث ۾آندو آهي. مثال طور سڱا بنديءَ جي ڏي وٺ، ڏک سک ، خيال خطرا ، اجايا جذبا ۽ ارادا نهايت صفائيءَ سان بيان ڪيل آهن. ان کان سواءِ اجايون ريتون رسمون ۽ رواج، جي اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، تن جو پڻ بيان ڪيل آهي ۽ انهن کي دؤر ڪرڻ لاءِ به ڪي ضروري ۽ مؤثر ڳالهيون ۽ اپاءَ ٻڌايا ويا آهن. مطلب ته زينت جي روپ ۾ مرزا صاحب هڪ آدرشي عورت ۽ هڪ آدرشي گهرو زندگيءَ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“زينت ” ناول مرزا قليچ بيگ جي نثر جو بهترين نمونو آهي“.(177)سولا ۽ نج سنڌي لفظ، ننڍا ننڍا سولا جملا، هرو ڀرو فقرن جي منجهيل گهڙت کان ڪناري ڪشي، لفطن جي اثردار ترتيب ، لفظن ۽ جملن ۾ معنيٰٰٰ ڀريو ربط، زينت جي نثر جون خوبيون آهن. هيٺ “زينت” مان مثال لاءِ هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو :
“وري جيئي شل منهنجو حامد به ويٺو آهي، جوان اچي ٿيو آهي، تنهنجو به نيٺ بلو ڪرڻو اٿم. اڄ ته مائٽ به چون ٿا ته اٽي تي اٽو ، کارو نه کٽو، هڪڙي هٿ ۾ ڏيو ته ٻئي هٿ ۾ وٺو.” سو جي آءٌ کڻي اهڙو پير توسان ڀريان ته مائٽن کان مور ويندس ۽ منهنجو ڇوڪر به رهجي ويندو“.(178)
ائين گهڙت ۾ هن مثالي ٽڪري ۾ به وڏا جملا آهن، پر اهي گهڻي ڀاڱي ننڍن ثاني جملن (منهنجو حامد ويٺو آهي/جوان اچي ٿيو آهي/تنهن (حامد) جو نيٺ بلو ڪرڻو اٿم) مان رچيل آهن. ان ڪري سڄو جملو وڏو هوندي به وڏو نٿو ڀاسي. اهڙيءَ طرح ڏسجي ته اوڻوهين صدي سنڌي ادبي نثر جي جيڪا راهه قليچ بيگ جوڙي ، ان جو تاريخ ۾ وڏو حصو آهي.

صحت النساءِ
جڏهن مرزا صاحب جو ناول “زينت” شايع ٿيو، تڏهن اهو تاثر ڏنو ويو ته هي“ صحت النساءِ” نالي هڪ ناول جو ترجمو آهي، پر مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي “سائو پن ۽ ڪارو پنو” ۾ ان جي وضاحت ڪئي آهي، اڳتي هلي “صحت النساءِ” هڪ الڳ ناول جي روپ ۾ شايع ٿيو. هي ناول 1899ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ هڪ طرف مسلم سماج ۽ ان ۾هلندڙ ريتن رسمن جو عمدو نقش چٽيل آهي ته ٻئي طرف عورتن جي صحت جي مسئلن ۽ مونجهارن کي به کولي سمجهايو ويو آهي.
مرزا قليچ سوين ڪتاب ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري، جهڙو سنڌي ساهت کي مالامال ڪيو تهڙو ٻئي ڪنهن لکندڙ ڪونه ڪيو. مڙئي ڪتابن ۾ سندس عبارت سلاست ڀري ۽ عام فهم واري هئي ۽ عربي فارسيءَ جي ڀرمار کان آجي هئي.

ديوان پريتم داس(1868-1936ع)

راءِ بهادر ديوان پريتمداس ولد حڪومتراءِ شهاڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس وڏا پنجاب مان سنڌ لڏي آيا هئا.هو انڊين ٽيليگراف آفيس بمبئي ۾ ٽيڪنيڪل ڊپٽي سپرينٽيڊنٽ هو. بئنڪ ۾ به ڪم ڪيائين. ڪيترن ئي سماجي ادارن سان وابسطه هو. پروفيسر شيوارڦيرواڻي لکي ٿو ته ”ڇوڪرين جو اسڪول جيڪو ساڌو هيرانند کوليو سو هو ’دونهين گهٽي وارو اسڪول‘ ، اهو پريتم داس (عامل ڪوآپريٽو بئنڪ واري) مهربان سان شروع ٿيو هو . ان اسڪول جي نگهباني ساڌو هيرانند ۽ ديوان پرڀداس ڪندا هئا“.(179)
سندس شمار سنڌي ناول جي دنيا ۾ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ٻئي نمبر تي ٿئي ٿو. سندس ناول (هڪڙو نماڻو سڌاري جو ”طالب“ تخلص سان) ”عجيب ڀيٽ“ 1892ع ۾ شايع ٿيو. هي اصلوڪو هو ۽ حقيقت نگاريءَ جي حساب سان وڏي اهميت رکي ٿو. هي سڄو ناول سماجي ڪمزورين بابت آهي. هن ناول لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو ته “عجيب ڀيٽ” ۾ روزمره جي زندگيءَ جا ممڪن واقعا ۽ ڪردار آندل هئا. منجهس ان زماني جي حيدرآبادي عالمن ۽ ڀائيبندن جي پنگتي رسمن رواجن ۽ تعليمي ، اخلاقي ، ڌرمي جيوت تي چٽي روشني وڌل هئي ۽ لکيل نهايت چيديءَ ۽ سپڪ سنڌيءَ ۾ هو. هن ناول ۾ هڪڙي خامي اها هئي جو وچ واري هڪ باب ۾ جهوني روايت موجب، راجپوت راجائن جي هڪڙي ڪهاڻي ڏنل هئي، جا هن سنڌي سماجي ناول ۾ ڌاري ٿي لڳي. سندس پختي لکڻيءَ جو مثال به ڏئي ٿو توڻي ان ۾پوريون بيهڪ جون نشانيون ڏنل نه آهن:
انگريزي رڳو ان لاءِ ڪين ٿي پڙهجي ته اها ٻولي سکجي پر انهيءَ لاءِ به ته جيڪي علمي ڳالهيون انهيءَ ٻوليءَ ۾ (نوٽ هتي ڪتاب جون اٺ سٽون غائب آهن) ليکجڻ ڪري ڏاڍا ساڙ اچڻ لڳا آقي باقي جو ماستر کي به سندس نسبت چڱي راءِ نه هئي تنهن ڪري هو اسڪول مان کٽو ٿي پيو ۽ ڪيترائي ڏينهن ويچار ڪرڻ کانپوءِ ائين سمجهائين ته ميٽريڪيوليشن پاس ڪرڻ لاءِ سڀني ڪمن ۾ چڱو ڪرڻ گهرجي جو آءٌ ڪري ڪين سگهندس-تنهنڪري هن اسڪول ڇڏي ڏنو“.(180)
”عجيب ڀيٽ“ جو ٻيون سڌاريل ڇاپو 1910ع ۾ نڪتو هو جنهن جي ديباچي ۾ ناول نگار لکيو هو : “سرهائيءَ جي ڳالهه آهي جو هن ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ ڪن اڍنگين رسمن ۾ سڌارا ٿيا آهن. اڃا سڌاري جي گهڻي گهرج آهي، پر ڏاڍي ارمان جي ڳالهه آهي جو ڪن ڳالهين ۾ اڳين کان به وڌيڪ خرابي ٿي آهي. هن ڪري جو خود غرضي ۽ لوڀ وڌيل آهي.” هن مان ثابت آهي ته هن ناول لکڻ مان مصنف جون ڄاڻايل مرادون : ”ملڪ جي حالت ۽ ٻولي سڌارڻ “ ڪجهه قدر بر ثواب ٿيون هيون“.(181)
سندس ٻيو ڪتاب ”استري جا نيمي ڪم“ 1895ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جي انداز ۾ عورتن جي حقن ۽ فرضن وارن مسئلن کي موضوع بڻايو ويو آهي. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڌي _ امين تو مونکي گيتا ۾ پاڙهيو هو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي عرجي جا نيمي ڪم ڦل جي اڇا رکڻ قاران سچائي سان پورا ڪري ايشور سان پريت رکي ٿو تهنکي مڪتي ملي ٿي ۽ تو مونکي سکاريو ته ڪنوارين ڇوڪرين جو نيمي ڪم اهو آهي جو جو هو ماءُ پئي آگيا ۾ رهن ۽ جيڪي ماءُ پئي سيکارين سو چت ڏيئي سکن ۽ دل سان هنڊائي انهيءَ ريت هلن. مان سداءِ تنهنجو چيو مڃيندي آهيان ۽ جئن تو سيکاريندي اهيم تئن هلندي آهيان“.(182)

نولراءِ شوقيرام (1848-1893ع)

نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ جو حيدرآباد جي آڏواڻيءَ سان تعلق هو. ”بمبئيءَ مان ميٽرڪ امتحان ڏيئي موٽڻ بعد، نولراءِ 1863ع تي حيدرآباد جي هاءِ اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. ماستريءَ مان کيس مزو نه آيو، ماستري ڇڏي روينيو کاتي ۾ گهڙيو. هن روينيو کاتي جي قاعدن ۽ قانون جو ڇڱو اڀياس ڪري، خاصي ڄاڻ حاصل ڪئي. وڪالت جاڪتاب به پڙهڻ لڳو، جيئن قاعدي جي ڄاڻ کيس ملي سگهي.
1868ع ۾ ڪمشنر جي آفيس ۾، سنڌي ترجمان مقرر ٿيو. سنڌ جي ڪورٽن ۾ وڪالت ڪرڻ به ويندو هو. اهڙيءَ ريت قاعدن ۽ قانونن جي خاصي ڄاڻ ۽ مهارت حاصل ڪري سگهيو. ترجمان جي حيثيت ۾، انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ترجمو ڪرڻ ۽ سنڌيءَ ۾لکڻ جو خاصو ڏانو اچي ويس. قاعدن ۽ قانونن جا ڪي انگريزي ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين“.(183)
انهيءَ ڏس ۾ پهريائين مسلمانن جي قاعدن جا اصول، ”شرع محمدي“ (1867ع) نالي سان لکي تيار ڪيائين. 1869ع ۾ ”ڌرم شاستر“ لکيائين. ان ۾ هندن جي قاعدن جا اصول ڄاڻايائين وڪالت جي امتحان ڏيندڙن جي سهوليت خاطر ،”وڪالت جا سوال جواب“ (1867ع) نالي سان ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. انهن کان علاوه ”جڊيشل سرڪيولر نمبر -1“ (1867ع)،”جوڊيشل سرڪيولر نمبر-2“ (1868ع)، ”سنڌي انڊيڪس ٽو ايڪٽس“ (1868ع)، ”فوجداري قانون هلائڻ جو قاعدو“ (1868ع) به سندس لکيل آهن. منشي اڌارام مير چنداڻي سان گڏ ” دنيا جي تاريخ جو مختصر بيان“ 1873ع ۽ راسيلاس (ناول) ترجمو ڪيائين.

راسيلاس
”سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو اهو هو ڊاڪٽر سيموئل جانسن جو لکيل “راسيلاس” (Rasselass) جنهن جو ترجمو ديوان اڌارام ۽ساڌو نولراءِ گڏجي 1872ع ۾ ڪيو . راسيلاس ترجمو ڪرڻ تي نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ ۽ اڌارام ٿانورداس کي گڏيل ٽي سو روپيا مليا“.(184)ادبي ڪتاب اکر با اکر ترجمو ٿيڻ مشڪل آهن. انهيءَ تي ”راسيلاس“ ناول جا مترجم اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي ۽ نولراءِ شوقيرام آڏواڻي ڄاڻائين ٿا ته: ”هيءُ ڪتاب اصل مشڪل انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، جي حرف به حرف ترجمو ڪجي ها ته جيڪر سمجهه ۾ ڪين اچي ها تنهنڪري جيترو ٿي سگهيو آهي اوترو صاف سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو آهي“.(185)

دنيا جي تاريخ جو مختصر بيان
هي ڪتاب ديوان اڌارام 1873ع ۾ نولراءِ شوقيرام سان گڏ انگريزي ڪتاب تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي . ”هن ڪتاب ۾ دنيا جي قومن جو بنياد وچ ايشيا کان شمار ڪيو ويو آهي. اول ايرين ۽ سميٽيڪ ٻه مکيه قومون هيون، ايرين قوم مان ايراني، آريه، انگريز، جرمن، يوناني ۽ رومي قومون پيدا ٿيون، سميٽيڪ قوم مان يهودي، عرب، مصر جا ماڻهو وغيره پيدا ٿيا ۽ ٽيوري مين خانه بدوش قومون هيون، جن مان ڪيتريون ئي شاخون جدا جدا ملڪن ۾ پکڙجي ويون.هي ڪتاب جيتوڻيڪ وڏن ڪلاسن ۾ تعليم وٺندڙ جي مطالع لاءِ هو، ته به ڪن ضروري لفظن جي صحيح تلفظ خاطر انهن تي زير، زبر ۽ پيش ڪم آندل آهن“.(186)

تارا چند شوقيرام (1850-1893ع)

”سماج سڌارڪ راءِ بهادر تارا چند شوقيرام آڏواڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ٽريننگ ڪاليج جو ڪيترائي سال پرنسپال رهيو ۽ سرڪار طرفان تعليم کاتي ۾ ترجمان طور به ڪم ڪيائين. چاليهه سال کن حيدرآباد جي عامل پنچائت جو مکي رهيو. ڪيترن ضرورتمند ماڻهن جي مالي مدد ڪيائين. حيدرآباد جي برهمو مندر وٽ پنهنجي ڀاءُ ساڌو هيرانند جي نالي باغيچو ٺهرايائين، پنهنجي ماءُ شريمتي جواهر ٻائيءَ جي نالي هيرآباد ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرايائين. حـيدرآباد جـو ”هوپ فــل فــري اسڪـول“، ”ديـــوان نـول راءِ ۽ ديــوان تاراچند جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. برهمو سماج وارن ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ هڪ سنڌي اسڪول به سندس نالي پـويان کـوليو هو. سندس والد شوقيرام مختيارڪار جي عهدي تي هو“.(187)تاراچند شوقيرام آڏواڻي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڌجي ٿو:

انگلينڊ جي تاريخ (ڀاڱو پهريون)
”هن ڪتاب جو ليکڪ تاراچند شوقيرام آڏواڻي آهي. هيءُ ڪتاب 79 صفحن ۾ ڇپيل آهي. هيءُ ڪتاب ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1886ع ۾ شايع ٿيو. هن تاريخ جو ڀاڱو ٻيو، جنهن جو ليکڪ پڻ تاراچند شوقيرام هو، ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1886ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ 52 صفحا آهن“.(188)ٻنهي جلدن ۾ انگلينڊ جي اوائلي دورن کان وٺي تاريخي دورن جو ذڪر آهي. ان کان علاوه انگلينڊ قبضي هيٺ آيل ڪالونين جو ذڪر به اچي وڃي ٿو.

جاگرافيدان
”تارا چند شوقيرام جي اصلي شهرت جاگرافيدان واري آهي. هن جاگرافي جي سبجيڪٽ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ “فزيڪل جاگرافي” (1851ع)، “دنيا جي جنرل جاگرافي” (1886ع)، “يورپ کنڊ جي جنرل جاگرافي” (1885ع)، “ڏکڻ ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي” (1885ع) ،”فزيڪل جاگرافي سوالن جوابن ۾“ (1885)،”يورپ کنڊ جي تفصيلوار جاگرافي“ (1886)، ”ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي“ (1885) وغيره اهم آهن“.(189)

يورپ کنڊ جي جنرل جاگرافي
”يورپ کنڊ جي جنرل جاگرافي“ سندس پهريون ڪتاب آهي ، جنهن ۾برٽش آٽلس اگريزي ٻيٽ) متعلق مفيد معلومات ملي ٿي ۽ ڪيترن انگريزي ڪتابن جي ورق گردانيءَ جو نتيجو آهي. ڪارخانا، ٻيلا، کاڻيون، پوکون، تعليم، اپسمنڊ، ۽ ناريون وغيره جي چٽي سمجهاڻي ڏنل آهي.انگريزن جو فتح ڪيل ايراضيون، يورپ ايشيا، آفريقا، آمريڪا ۽ آسٽريليا بابت به چارٽ جي صورت ۾ تفصلي سان ذڪر ڪيل آهي.ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
1-جبل: هن ۾ چار مکيه جابلو ضلعا آهن. ڀينائن جي قطار جو پيٽ، ٽڪرين کان لنگهي ڊربي شيئر جي ٽڪرين تاءِ اچي ٿي. اهي سڄي قطار ۾ ڪرائس فيل تمام وڏي چوٽي آهي، جنهن جي اتاهي 2927 فوٽ آهي.
2-ڪمبيرئن قطار انهيءَ جي به شڪل گول جهڙي آهي سا پينائن جي الهندي پاسي آهي تنهن ۾اسڪافيش وڏي وڏي چوٽي آهي جنهن جي بلندي 3229 فوٽ آهي، ٻي چوٽي هبليويلن 3055 فوٽ ۽ ٽي اسڪڊار 3012 فوٽ .
3-ڪيميرين جي قطار. جا ويلس جي گهڻي ڀاڱي ۾ لنگهي وڃي ٿي انهيءَ ۾ سنوڊن جبل آهي ۽ جنهن جي اتاهي 3590 آهي ، اها چوٽي انگلينڊ ۽ ويلس جي سڀني جبلن کان وڏي آهي انهيءَ کان سواءِ ٻيون چوٽيو ن به آهن، جهڙوڪ بريڪبناڪ بيڪن پلنلمن ڪيڊر آئڊرس. انهن قطارن ۾سيورن ۽ وسندين جي وچ ۾ هڪڙي ننڍڙي قطار آهي، جنهن کي مالورن چون ٿا.
4- ڊووئين قطار جنهن ۾ڪاسينڊبيڪن ۽ ڊارٽ مور جبل آهن“.(190)

اخبار تعليم
”سنڌ جي هڪ پراڻي تعليمي مئگزين آهي، جيڪا تارا چند شوقيرام، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان شايع ڪئي، پاڻ ان وقت ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال هو. هيءَ مئگزين سنڌ جي تعليم کاتي جي ترجمان رهي. هڪ صديءَ کان مٿي عرصو هلندڙ هن مئگزين سنڌ جي ثقافت، ادب، ٻولي ۽ تعليم جي بهتري ۽ واڌاري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي“.(191) هڪ صديءَ کان مٿي عرصو هلندڙ هن مئگزين سنڌ جي ثقافت، ادب، ٻولي ۽ تعليم جي بهتري ۽ واڌاري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن مئگزين جي بنيادي مقصدن ۾ قومي تعليمي پاليسين جي روشنيءَ ۾ استادن ۽ تعليمدانن جي رهنمائي ڪرڻ، حڪومت پاران هلندڙ تعليمي پاليسين جي روشنيءَ ۾ استادن ۽ تعليمدانن جي رهنمائي ڪرڻ، حڪومت پاران هلندڙ تعليمي منصوبن جي ڄاڻ ڏيڻ، استادن ۽ شاگردن جي سکيا جي مسئلن کي بيان ڪرڻ ۽ تعليمي نظام کي بهترن بنائڻ لاءِ تجويزون، تجزيا ۽ رايا ڇاپڻ آهي. اخبار تعليم ۾ تعليم سان لاڳاپيل مڙني موضوعن تي مواد ڇپبو رهيو آهي.

شاهه جو رسالو
سنڌ موجب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سنڌ مان پهريون ڀيرو سنڌي ٽـائيـپ تـي شـايـع ٿيـل رسـالو تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـيءَ جو آهي. اهو رسالـو 14 ڊسـمبر 1900ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو بمـبـئي عـلائقـي جـي سرڪـاري تعليـم کاتي طرفان مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هي رسالو ڊيمي سائيز جي 566 صفحن تي مشتمل هو. هن ڇاپي ۾ سنهي ٽائيپ ۾ موجوده صورتخطي اختيار ڪيل آهي. هن ڇاپي ۾ جملي 3316 بيت ۽ 225 وايون ڇپيل آهن. رسالي جي منڍ ۾ مرتب پنهنجي طرفان مهاڳ لکيو آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته مرتب قلمي ذخيرن مان توڙي بمبئي ۽ ٽرمپ ڇاپن مان استفادو ڪيو. اهو ڪونه ڄاڻايو ويو آهي ته مرتب جي آڏو ڀٽ جو ڪهڙو قلمي نسخو هو، يا ٻيو ‘دستخطي رسالو’ ڪهڙو هو، نه وري بمبئي ڇاپي جي سن جو حوالو ڏنل آهي.
هو ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”ٽرومپ وارو رسالو جو سرڪار سنه 1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ کان پنهنجي خرچ تي تيار ڪرايو هو سو هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ لکيل نه هو. تنهنڪري البته پڙهندڙن کي تڪليف ٿي ٿي. تنهن کان سواءِ انهيءَ رسالي ۾ ڪي سر ڇڏيل هئا انهيءَ رسالي جا سڀ جلد ٿورن ڏينهن کان کپي ويا، تنهن ڪري جائلس صاحب، سنڌي اڳوڻي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر نئين رسالي تيار ڪرائڻ جي تجويز ڪئي.هن رسالي ۾ ٽرومپ صاحب واري رسالي ۾ ڪاپائتي سر جي پٺيان هڪ سٽ ڏنل آهي سا پڻ ٻئي ڇاپي ۾ سسئي آبري ۽ رامڪلي سرن جي پٺيان جي ٽيهه اکريون ڏنل آهن ، سي داخل ڪيون ويون آهن“.(192)
ٻين ڪتابن ۾ “ انگلينڊ جي تواريخ،” (ٻه ڀاڱا 1886ع)، “ انگريز حڪومت جي انتظام جو مختصر بيان” (1885ع)، “هندستان جو شهري انتظام” (1900ع)، “سنڌين جو سچو دوست“ (1883ع) ، “خواجه شمس الدين محمد جو ذڪر” (1886ع)، “ميران ٻائي” (1900ع) سندس شاهڪار آهن. هن ڪيترن سنڌي ۽ غير سنڌي شخصيتن جا خاڪا تيار ڪري ڇپايا. انهيءَ کان علاوه ڪجهه ڪتاب به لکي، سنڌي علم ادب ۾اضافو آندو.

ڏيارام گدومل شهاڻي (1927-1857ع)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته “ڏيارام شهاڻيءَ جي جيون چرتر جو جيڪڏهن باريڪيءَ سان مطالعو ڪجي ته معلوم ٿيندو ته هن سرڪاري ملازم هئڻ جي ڪري پاڻ پردي پٺيان رهي، سنڌ ۾ سماجي سڌارن، نئين سجاڳيءَ جي لهر ڦهلائڻ ۽ سنڌ ۾ تعليم جي ڦهلاءَ جي کيتر ۾ تمام اهميت ڀريو رول ادا ڪيو. سندس ڪوششن سان 1887ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج“ (D.J Sindh College) برپا ٿيو. هن جي ادم سان ئي 1882ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ سڀا“ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي سجاڳي آڻڻ سان گڏوگڏ تعليم ۽ ساهت جي اوسر ۾ به گهڻو اهم ڪم ڪيو“.(193)
ديوان صاحب بي اي ، ايل ايل بي پاس ڪري ، ڪراچيءَ جي جڊيشل ڪمشنر جو رجسٽرار مقرر ٿيو. ٿوري ئي عرصي ۾ پهنجي قابليت ۽ علميت سبب ڊسٽرڪٽ جج مقرر ٿيو. هن خيرجي ڪمن لاءِ ڪيتريون ئي منڊليون برپا ڪيون. دکئي جو دک لهڻ، بکئي جي بک ميٽڻ ۽ محتاج کي مدد ڪرڻ سندس سڀاءُ هو. سنڌ جي تعليم جي واڌاري لاءِ هن صاحب گهڻيون ڪوششون ڪيون. ساڌو هيرانند کي ائڪيڊمي اسڪول (حيدرآباد) برپا ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪيائين.
ڏيارام گدو مل ڪيترائي سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”هوميوپيٿي“ (1902ع) ”سري يوگ درشن“ (1900ع)، ”رباعيات عمر خيام“ جي سنڌي ترجمي جو مهاڳ، “گيتا جو سار” ، “ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج”، ”جپ صاحب“ مسٽر بهرامجي ملباري ۽ مسٽر هيرانند جو “جيون چرتر” (1905ع) ، “لوڀ جو ماتم” (عورتن جي سڌاري لاءِ 1923ع)، “ست سهيليون” (عورتن جي سڌاري لاءِ 1925ع) “ڌاري چابڪ” (1900) ۽ رهاڻ (ڊائري ست ڀاڱا 1925ع ڌاري) ۽ ”نل ۽ دمينتي“ (1929). وغيره اهم آهن. ان کان علاوه ڪيترائي انگريزي ڪتاب به لکيائين.مرزا قليچ بيگ جي ترجمو ڪيل انگريزي ڪتاب “چچ نامه” (The Chachnamah) جي ڀرپور محنت سان اصلاح ڪيائين ۽ ان جو ”منڍ“ (Introduction) لکيائين. ڏيارام گدومل سنڌي نثر جي اوائلي دؤر جو نه رڳو هڪ ٿنڀو آهي پر هن دؤر جو بهتر نثر نويس آهي. “من جا چابڪ” عنوان هيٺ جدا جدا مضمونن تي لکڻ کان سواءِ هن صاحب جون ٻيون مشهور لکتون آهن.

جپ صاحب
هيءَ سکن جي پوتر ڪتاب گرنٿ صاحب جي ابتدائي ٻاڻي آهي، جنهن کي ’جپ نشان‘ به چوندا آهن ۽ اڪثر سک هن کي گرونانڪ جو بيان ڪيل سمجهندا آهن ۽ هن جو پاٺ ڪرڻ سندن روزمره جي زندگي ۾ شامل آهي. سک ودوانن ۾ اختلاف آهي ته هن ٻاڻيءَ کي ’جپ صاحب‘ جو نالو ڪهڙي طرح مليو. گرنٿ صاحب جي ٻاڻين جا نالا گهڻو ڪري ٻاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن مان ئي ورتا ويا آهن. هن ڪتاب لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ” ”جپ صاحب“ 1891 ۾ ڪڍيائين، جنهن ۾ ارٿ سان گڏوگڏ مڙني ڏکين لفظن جون معنائون ۽ سٽ سٽ جو مطلب سمجهايائين. هن پستڪ جا پنج ڇاپا نڪتا، جن مان ٻئين ۾ جپ صاحب سان ڀيٽ ڪرڻ لاءِ ڪي ساميءَ جا سلوڪ ڏنائين، چوٿين ۾ ڪبير جا سلوڪ ۽ پنجين ۾ رومي جي شعر مان ساڳئي مضمون وارا مثال پيش ڪيائين، جنهن مان هن صاحب جي سنسڪرت توڙي فارسيءَ جي اٿاهه اڀياس جي پروڙ پوي ٿي“.(194)

ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج
1885ع ۾ ديوان ڪوڙيمل ساميءَ جي سلوڪن کي ترتيب ڏنو.ڪوڙيمل جي چوڻ تي ديوان گدومل ”ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج“مهاڳ طور لکيو.هي تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون سندس ادبي شاهڪار آهي. هن ۾ سندس ٻولي ۽ لفظن جو استعمال به شاندار آهي. هيٺ مثال طور ڏيارام جي نثر جو نمونو ڏجي؛
دشمنن کي ناس ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، دوست هٿ ڪرڻ ٻي. ساڌ سنگت ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، ساڌو ٿيڻ ٻي ڳالهه. ساڌ سنگت ڪري من جا ڀوت ڪڍي سگهجن ٿا، پر ساڌو ٿيڻ کان سواءِ سائين نٿو ملي، ڪي ائين پيا سمجهن ته ساڌو اُهي آهن جن جهان کي ڇڏي فقيريءَ جي جهولي پاتي آهي. پر جهان جي کڏن کوٻن، چڪُن ۽ ترڪڻين جي جنهن کي آزمائش نه هوندي، تنهن کي سچي لنؤ ڪَڏهين نه لڳندي. جو لهرن جو لحاظ ڪندو سو ترڻ مور نه سکندو. جو دنيا جي هَوَسن سان نه لڙندو، تنهن کي سورمو ڪير چوندو؟ جو ڏکن ڏاکڙن کان گيدي ٿي ڀڄندو، تنهن کي آسماني واهر جي ڪهڙي خبر پوندي. سڀ ڪنهن جي آتما تي ڳرو قرض آهي ۽ اهو قرض لاهڻ مٿس فرض آهي“.(195)

ماءُ ۽ ڌيءُ
ديوان ديارام جو ڪتابڙي ”ماءُ ۽ ڌيءُ“ 1891ع ۾ شايع ٿي. ظاهري طرح توڻي هڪ آکاڻي پي لڳي، پر حقيقت منجهس ويهه اخلاقي سبق ڏنل هئا جي هڪ فهميندي ماءُ پنهنجي ننڍڙيءَ ڌيءَ کي سيکاري ٿي ته دنيا ۾سکي ڪيئن گذارجي. ”ماءُ ڌيءُ“ مان ديوان صاحب جي سهج پر رنگين لکڻي جو نمونو ملي سگهي ٿو:
”پهريون سبق ڌيئڙي جيڪو مون کي مليو، سو آهي مٿي نهارڻ جو. اڃا سج ڪين اُڀريو آهي، اڃا اوندهه آهي، پر مٿي نهار ته ڪيترا نه تارا پيا چلڪن. جي مٿي نهاريندينءَ ته اهي تارا توکي گهڻيون ڳالهيون ٻڌائيندا. هو وڏوسڀني کان وڌيڪ چلڪندڙ تارو ڏس ته ڇا ٿو چوي. ائين پيو نهاري، جو ڄڻ ته ڪا ڳالهه دل ۾ اٿس، منهه ڏسينس ته ڪهڙو نه مٺو اٿس، نيڻ ڏسينس ته ڪهڙا نه نماڻا اٿس. تون اڳڙو ڀريندي آهين، ۽ ستارون مون کان وٺي جڙيندي آهين، تڏهن اڳڙو پيو چلڪندو آهي. پر هيءَ مٿي ته ڏس ته ڪهڙو نه اڳڙو ڀريل آهي. هاڻي اڄ جڏهن تون اڳڙو ويهي ڀرين ۽ ستارون ويهي جڙين، تڏهن هيءَ اڳڙو نه وسارج، ۽ سڀاڻي سوير اُٿج“.(196)



گيتا جو سار
1893 ۾ ”سري ڀڳوت گيتا“ ڪڍيائين، جنهن ۾ ان مول ويدانتڪ پستڪ جي سليس سمجهاڻي ڏنائين ۽ هر هڪ سلوڪ جي ٽيڪاٽپڻي پڻ ڪيائين. هيٺ ان ڪتاب مان مثال طور ڏيارام جي نثر جو نمونو ڏجي:
هي انت روپ! هي وشو روپ! سوين سهسين تنهنجا ورن ۽ آڪار ڏسان ٿو. مان جيڏي نهاريان ٿو، تيڏي توکي ڏسان ٿو، تنهنجون اکيون سڀني پاسي آهن ۽ سج ۽ چنڊ جهڙيون آهن.تنهنجا مک سڀني پاسي آهن ۽ اگنيءَ جهڙا پرديپ آهن. سڀ ديوتائون ۽ سڀ جيو تو منجهه ڪٺا اچي ٿيا آهن ۽ ساري جڳت انيڪ ريت ورهايل تو ۾ اچي پيئي آهي“.(197)
ڏيارام جي نثر ۾ موضوع موافق لفظن جي چونڊ ۽ استعمال آهي.“گيتا جي سار” ۾ استعمال ٿيل سنسڪرت جا لفظ ان جو ثبوت آهن. ڏيارام جي عبارت ۾عام طرح سان سولا ۽ روزمرهه جي استعمال وارا لفظ استعمال ٿيل آهن.

ست سهيليون
هي چؤنپڙي ”ست سهيليون“ 1895ع جو لکيل هو پر 1925 ۾ ڇپائي ويئي، تنهنجو روپ وري ننڍي ناٽڪ جهڙو هو، پر ان ۾ صرف سوال جواب جي معرفت هڪ تعليم يافتي ڪنواري ڇوڪري پنهنجن ڇهن پرڻيل سهيلين کي نيتي ۽ ڌرمي سکيائون ڏيئي رهي آهي.

Something about Sindh
ديوان ڏيارام گدو مل ’سنڌ بابت ڪي ڳالهيون‘ بليوٽسڪي پريس، حيدرآباد سنڌ، سنه 1882 انگريزي ۾ هڪ مختصر ڪتابڙو لکيو، جنهن ۾ جملي صفحن مان چاليهن صفحن ۾ شاهه صاحب جي سوانح لکيائين. پاڻ پنهنجن معلومات جي بناء تي سوانح مرتب ڪئي . ان کان علاوه هن ننڍڙي ڪتاب ۾ سنڌ جي شهرن، نظارن، شاعرن ۽ اوليائن جا سهڻا بيان ڏنل هئا، جنهن مان شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ وارا باب اوچ درجي جا هئا.

شمس الدين “بلبل“ (1857-1919ع)

”شمس الدين بلبل ولد رئيس بهادر خان شينو ، ضلعي دادوءَ (ميهڙ) ۾ ڄائو. سندس ڏاڏو ڪمال خان، بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙي مان سنڌ جي فريد آباد ڳوٺ لڳ رهائش اختيار ڪئي جتي کيس جائيداد حاصل ٿي ابتدائي زماني ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت انجنيئري کاتي ۾ داروغو هو، پر پوءِ جلدي، 1889ع ۾ ڪراچي روانو ٿي ويو جتي خانبهادر حسن علي آفنديءَ سان ملاقات ٿي، جنهن کيس “معاون” اخبار جو ايڊيٽر ڪري رکيو“.(198) ان کان سواءِ ڪيترين ھفتيوار اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رھيو. طنزيه اصلاحي شاعري ۽ قصيده گوئيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو، سندس مشھور تصنيفون ’ديوان بلبل‘، ’ڪريما نيچرل‘، ’رحيما ما مقيما‘، ’قلندر جو ميلو‘، ’چٽ سوال پٽ جواب‘، ’ڪليات بلبل‘، ’مزاحيات بلبل‘، ’جامِ جم‘ وغيره آهن.
“بلبل” ، طنز، ظرافت ۽ نثر جي انوکي عبارت ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو. ”هن جي نثر کي مختلف حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو . مثال طور ؛ نثر عاري ، نثر مقفيآ ، ظرافتي نثر، تبليغي نثر ، سياسي نثر ۽ علمي نثر “.(199) هن جون گهڻيون لکڻيون ويهين عيسوي صديءَ جي شروعاتي دؤر ۾ لکيل آهن. اڻويهين صدي عيسوي ءَ ۾سندس شايع ٿيل ڪجهه لکڻيون آهن : ”ميلو قلندر لعل شهباز“ (1893ع)، ”تيرهن ڄار مڪرن جا مار“ (1896ع)، ”بهار عشق“ (1899) اهم آهن. پاڻ پختي عقيدي وارو انسان هو ۽ هميشه روشن خيال ۽ اعتدال پسند رهيو. فرسوده ڳالهيون، بي جاءِ خوشامد ۽ ٻاهريون ڏيک ويک ۽ منافقانه هلت چلت کان سخت نفرت هيس.

قلندري ميلو
شمس الدين بلبل جو ڪتاب ”قلندر ي ميلو“ ، 1893ع ۾ شايع ٿيو. ”هن ڪتاب ۾ مخدوم قلندر لعل شهباز عليه سيوهڻ واري جي شاهي ميلي بابت مقفيِ عبارت ۾ لکيل آهي. ڪتاب ۾ مصنف هر هڪ تماشي جي بيان جو فوٽو اهڙي طرح ڇڪيو آهي ، جو ڄڻ ته سڄو تماشو اصلي معلوم ٿو ٿئي“.(200) زبان جي پختگي ۽ حسن ادائگيءَ لاءِ هيٺيون مثال ڪافي آهي :
“هر سال فزح فال، شعبان شهر، ميمنت بحر سيوستان، اشڪ بستان، عالم آشڪار، شهره آفاق ميلو حضرت مخدوم قلندر بادشاهه لعل شهباز ، بلند پرواز، عليه الرحمته جو، مقرر ميعاد، فرصت سواد، ارڙهين تاريخ کان مثلث نوبتن جي بدولت، نهايت هجوم، نهايت ڌوم سان وقوع ۾ اچي ٿو، جتي بيشمار ، هزار اشخاص، عام ۽ خاص، هر اطراف ، همرا ڪناف ۽ مڙئي اوصاف عالم جا موجود بلڪ شاهد ۽ مشهود ٿين ٿا“.(201)

تيرهن ڄار مڪرن جا مار
سال 1896ع ۾ سندس ڪتاب ”تيرنهن ڄار مڪرن جا مار“ جي نالي سان ظرافت آميز تيار ڪيائين، طنز و مزاح جي سلسلي ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. سمورو ڪتاب سماجي اوڻاين جي نشاندهي ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ لکي ٿو ته ” هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ لکيل ته ظرافتي رنگ ۾ آهي مگر ان جو سڄو مقصد اصلاح آهي. ان ۾ پوليس ، مئجسٽريٽ، وڪيل، مختيارڪار ، عريضي نويس ، واڻيو،حڪيم، سوداگر ، ڪيماگر، پير فقير، رنگيلا يار انهن جا ڄار ۽ لچايون ڏيکاريون اٿس“.(202)سندس نثر مان نمونو هيٺ ڏجي ٿو :” پير فقير، امير نواب، چڱا مٺا، غريب بي حساب، ذرڙا زميندار، چور چڪار، ڪڙا ڪامورا، رئيس سردار، بازيگر رانديگر، نامي ملهه، جوڳي ٺوڳي، دلبائي دل، لنگها ڏوم، ڀٽ ڌمال، کدڙا پانڊي، ڪهريون قوال، ٽاٽر ٽوٽر، آڪڙ باز، ڳنڍي ڇوڙ، جواساز، غرض ته هر ملڪ جا انسان هر سوداگر، هر سامان ، هر جنس، هر حيوان، هار ساز، هرباز، هر حسين هر ساز اچي گڏ ٿين ٿا“.(203)
سال 1899ع ۾ “بهار عشق” نالي خطن جو هڪ مجموعو به مرتب ڪيائين، جنهن ۾ انشا جا نادر نموناڏنل آهن. شروعات ۾ خط نثر ۾ ڏنا اٿس ۽ باقي چار خط نظم ۾ آهن. نثر مقفع عبارت ۾ آهي.
شمس الدين بلبل اهو سنڌي زبان جو نثر نويس هو، جنهن نثر کي فارسي زبان مان آزاد ڪرايو. سليس سنڌي نثر کي پنهنجين اخبارن جي ذريعي عام ڪيو. سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جو عڪس نظر اچي ٿو. سندس اخبارون ”آفتاب“ سکر، ”الحق“ سکر ۽ ”معاون“ ڪراچي مشهور رهيون، جن ۾ سليس نثر نويسيءَ جا ڪمال هئا ۽ انهن اخبارن ۾ مضمون نويسيءَ سٺي ترقي ڪئي. بلبل جا فسلفيانه مضمون سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيا.زبان جي رواني، قلم جي پختگي ۽ سهڻو سڀاءُ سندس تحرير جون خصوصيتون آهن، جيتوڻيڪ ٻولي قافيه دار آهي، تاهم سلاست کان خالي نه آهي.

امام بخش “خادم” بدوي“ (1861- 1918ع

”حاجي امام بخش “خادم” ولد محمد بچل بدوي شڪارپور ۾ ڄائو هو. شروعاتي تعليم شڪارپور جي ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول مان حاصل ڪري سن 1873ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. حاجي امام بخش ”خادم“ پرائمري تعليم حاصل ڪري انگريزي پڙهڻ لاءِ گورنمنٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾داخل ٿيو، جتان ٽي درجا پاس ڪري سن 1876ع ۾استادن جي تربيتي ڪورس ڪرڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ وڃي داخلا ورتائين، جتان سن 1879ع ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. ملازمت دؤران “خادم” صاحب حيدرآباد،گهيلپور تعلقه ڪشمور، وزير آباد ۽ ريتي تعلقي اوٻاوڙي ۾ رهيو. سن 1912ع ۾ سروس تان رٽائر ڪيائين“.(204)

سنڌي زبان جو پهريون ناٽڪ نويس
”ڪليات خادم“ جي مطالعي مان معلوم ٿي ٿو ته امام بخش ”خادم“ سنڌي زبان جو پهريون ناٽڪ ”هير رانجهو“ 1879ع ۾ لکيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ميمڻ عبد الغفور سنڌي. ڊاڪٽر قاسم راڄپر ۽ ڪن ٻين محققن ”ڪليات خادم“ جي حوالي سان امام بخش ”خادم“ کي سنڌي زبان جو پهريون ناٽڪ نويس سڏيو آهي.
”ناٽڪ جو سارو مضمون هير ۽ رانجهي واري رومانوي داستان تي ٻڌل آهي. هن ناٽڪ جي عبارت ۽ ترتيب نهايت دلچسپ آهي. پردن جي بجاءِ داستان آهن. مڪالما دلڪش ۽ وڻندڙ آهن. هن ناٽڪ جي مطالعي کان پوءِ ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ”خادم“ هن صنف ۾ مرزا صاحب جو مٽ آهي، ڇاڪاڻ ته هير رانجهي ۾ ناٽڪ نويسيءَ جون سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون. پاڻ آغا حشر وانگر، هنڌ هنڌ تي شعر ۽ غزل به ڏنا اٿس“.(205) هير ۽ دائي :
هير: منهنجي ليکي ته سڄي مجلس کيڙي جي هئڻ ڪري ڄڻ گرهه ۾ هئي، پر رانجهن سائين ان کي وري روشن ڪيو بيٺو هو. سو ويو ته ٻاهر ته ساڳي اونداهي ڇانئجي ويئي. پوءِ تاريڪيءَ ۾ ويهڻجو ڪهڙو ضرور؟ دائي، مجل برخاست ٿي يا نه؟
دائي : گهڻو ڪري سڀ هليا ويا آهن، باقي ڪي اڃا ويٺا آهن پر، بيبي : تون ڇو غمگين پئي نظر اچين؟
هير : دائي، موت ۽ ملاقات اوچتي ٿيندي آهي، پر اتر واريءَ ڪنڊ ۾ جو ڇوڪر بيٺو هو، سو تو سڃاتو ته ڪير هو؟
دائي : نه بيبي مون ته ڪين سڃاتو“.(206)

قصا نويس
اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ “خادم” صاحب قصصي ادب ۾ پاڻ موکيو. انهيءَ سلسلي ۾ ”الف ليليٰ“ (1896ع)، ”وڏو قصو بهرام بادشاهه“ (1897)، ”وڏو حاتم طائيءَ جو“ (1898ع)، ”چار درويش“ (1896ع)، ”قصو دودو چنيسر“ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. سندس قصن ۾ ڊگها جملا طويل پئرائون لکيل آهن. فارسيءَ م به ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”ڪتاب انيس الطالبين“ ، جنهن ۾ فارسي خط سنڌي معنيٰٰٰ سان ڏنا اٿس. فارسي سکندڙن لاءِ هي ڪارائتو ڪتاب آهي.ٻين ڪتابن ۾ ”ڪتاب مفتاح العلم“ (سنڌي فارسي، 1894)۽ ”فوائدالمبتدي“(سنڌي فارسي، 1896) شامل آهن.

الف ليليٰ
اردو زبان ۾ ”الف ليليٰ“ جو ڪيترن ئي ترجمو ڪيو. سنڌي زبان ۾ هن ڪتاب کي منتقل ڪرڻ جو شرف امام بخش ”خادم“ کي آهي، جنهن سن
1896ع ڌاري ان کي مڪمل ڪيو. مترجم جي سامهون شايد مرزا حيرت دهلويءَ جي ايڊيشن هئي، هيءُ ترجمو مسٽر پوڪرداس چئن حصن ۾ شايع ڪرايو هو ، ۽ ان کي سنڌ ۾ بيحد مقبوليت حاصل هئي. ”هنن چئني حصن ۾ قصي جا چارئي حصا موجود آهن. هن ترجمي جي ٻولي نهايت سولي ۽ عام فهم آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هي اصلي سنڌي قصو هجي“.(207)ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو؛ ”بادشاه سلامت، منهنجو وڏو ڀاءُ بڪ بڪ نالي ڪٻو (گڪو) هو. ان کي ڪربلائي به چوندا هئا. سو درزڪو ڌنڌو ڪندوهو. جڏهن پورو ڪاريگر درازي ٿيو تڏهن هن هڪڙو دڪان مسواڙ تي ورتو، جو هڪڙي جانڊاهي جي گهر سان لڳو لڳ هو. اڃا سندس دڪان نئون هو، تنهن ڪري گهڻي آمدني ڪانه هوس. جئين جئين ٽوپو ٽاپ ڪري پيٽ پالي پنهنجو مان پيو ڪندو هو. ۽ جانڊاهي پئسن وارو ماڻهو هو. سندس زال جانڊاهڻ ڏاڊي صورت مند هئي ڏسڻي واسڻي ٺاهوڪڙي جوانڙي هئي “.(208)

وڏو قصو بهرام بادشاهه
امام بخش ”خادم“ جو ”وڏو قصو بهرام بادشاهه“ 1897ع ۾ شايع ٿيو.

قصو وڏو حاتم طائيءَ جو
”ڪليات خادم ۾ آهي ته ڇا حاتم طائيءَ جو قصو (حاجي امام بخش خادم) “پوڪرداس تاجر ڪتب” جي فرمائش تي لکيو ويو. خادم جي هن قصي جو ماخذ “سياحت حاتم” نالي هڪ ڪتاب آهي، جو سن 1871ع ۾ بمبئيءَ ۾قاضي ابراهيم ڇاپيو هو ۽ نارمل اسڪول جي نصاب ۾ داخل هو. “خادم” هن قصي جو ترجمو سهڻي سنڌي زبان ۾ ڪيو آهي ۽ ان جي پڙهڻ مان مترجم جي اعليٰ طرز نگارش جو پتو پوي ٿو“.(209)

چار درويش
هي قصو اصل ۾ فارسيءَ ۾ هو، جنهن کي امير خسرو دهلوي پنهنجي مرشد حضرت نظام الدين اولياءَ جي دل بهلائڻ لاءِ لکيو هو، جنهن وقت هو بيمار هو. اردوءَ ۾ ان کي سن 1798ع ۾ مير محمدعطا حسين خان “تحسين” ترجمو ڪيو ۽ 1217هجريءَ ۾ مير امن به “باغ و بهار” جي نالي سان فارسيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنڌي ۾ هي قصو 1895ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ اُن کي پوڪرداس، شڪارپور جي مشهور ڪتب فروش ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ڪتاب جي سنڌي ترجمي لاءِ لطف الله بدوي لکيو آهي ته ”چار درويش“ جي ترجمي جي عبارت نهايت سادي ۽ دلڪش آهي. تصنع ۽ بناوت کان بلڪل دور آهي. ”خادم“ مرحوم روزمره جي نثر کي پنهنجي سامهون رکيو آهي، جنهن ڪري ترجمي ۾ دلڪشي ۽ لطافت پيدا ٿي پيئي آهي. ترجمي ۾ هيءَ خاص طرح ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اهو عام فهم ۽ آسان هجي. تصنع کان هي ترجمو بلڪل آزاد آهي. جنهن جا مثال اسان کي جا بجا نظر اچن ٿا. بادشاهه آزاد بخت قبرستان ۾ پهچي ٿو: اُن جو ذڪر مترجم هن فصيح عبارت ۾ ٿو ڪري:
بادشاهه خيال ڪيو ته ڀلا هيءُ ڪهڙو ڏيئو آهي، جو اِهڙي ڏاڍي واءَ ۾ به نه ٿو وسامي. شايد ڪو طلسم آهي، جو ڦٽڪيءَ ۽ گندرف کي ملائي، ڏيئي کي ڇڙڪيو ويو آهي، جو ڪهڙي به هوا لڳي ته ڏيئو نه وسامي. يا ڪنهن وليءَ جو ڏيئو آهي، جو روشن آهي. جو ڪجهه ٿئي سو ٿئي، هلي ڏسڻ گهرجي. شايد هن شمع جو نور کان منهنجي گهر جو چراغ به روشن ٿئي ۽ دل جي مراد به ملي “.(210)

بهرام گور
هيءُ ننڍڙو قصو، ايرن جي مشهور ساساني بادشهه بهرام گور جي عشقيه ڪهاڻيءَ بابت آهي. بهرام گور جو ننڍڙو قصو امام بخش “خادم” سن 1901ع ڌاري لکيو، جنهن کي شڪارپور جي وڏي ناشر پوڪرداس ڇپايو. ”بهرام گور جو ننڍڙو قصو ويهن بابن تي مشتمل آهي ۽ 164 صفحن تي ڦهليل آهي. تمهيد ۾ ڄاڻايل آهي ته هن قصي ۾ ايران جي مشهور طاقتور بادشاهه بهرام جي معاشقي جي حڪايت آيل آهي. بهرام گور ال ساسان جو چوٿون نمبر تاجدار هو يزدگرد اول جو پٽ شاپور جو پوٽو هو. ايران جي تاريخ ۾سندس جرائت ۽ شجاعت جون ڪيئي ڳالهيون لکيون ويون آهن. فردوسي پنهنجي تصنيف ”شاهنامي“ ۾ سندس ذڪر تفصيل سان ڏنو آهي. ايران جي شاعرن مان نظامي گنجوي اهو پهريون شاعر آهي، جنهن ”بهرام گور“ جي ذڪر ۾ پوري مثنوي “هفت پيڪر” جي نالي سان لکي آهي“.(211)

احمد خان جلباڻي

”ماستر احمد خان ولد تڳيو خان جلباڻي، ڀرين جي ڀرسان جلباڻين جي ڳوٺ جو ويٺل هو. انگريزن جي شروعاتي دؤر جو هڪ وڏو عالم ۽ نثر نويس هو. هن آخوند لطف الله جي“گل خندان” ۽ قاضي عبدالغفور هالائيءَ جي “امير حمزي” کان متاثر ٿي مقفيٰ نثر ۾“گل بڪاولي” لکيو“.(212) ان کان علاوه ان زماني ڪيترائي قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول لکيائين ۽ ترجما ڪيائين.
1890ع ۾ ناول جي ٽيڪنڪ ۾احمد خان جلباڻي، عزت الله شيخ جو ”گل بڪاولي“ فارسيءَ تان ترجمو ڪيو. “گل بڪاولي” ۾ خالص سنڌي نثرسان گڏوگڏ بيتن ۾ ڪيل بيان ۽ مائيدار قافيه دار نثري عبارت، هنن ديون پرين جي ڪارنامن سان ڀرپور ناشدني قصن کي به قديم ادب جو درجو ڏئي سگهجي ٿو. ”گل بڪاولي“ مان پرين جي شهزاديءَ بڪاوليءَ جي حسن جو هيٺيون بيان ، بيهڪ جون نشانيون سڌاري پڙهڻ سان احمد خان جي شاعراڻي تصور ۽ قلم جي قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو : “وڏي وڏائي ان مالڪ جي، چون ٿا ته جڏهن بڪاولي جادو ڀريلون اکيون پٽيون ۽ مٺيءَ ننڊ مان سجاڳ ٿي تڏهن چوليءَ کي مٿي سرڪائي چولو ٺاهي پيشوار ڍڪي وارن کي ڦڻيءَ سان سلجهائي اٿي کڙي ٿي ۽ هوريان هوريان لڏندي لمندي بڪاولي گل جي حوض ڏانهن اکيون مهٽيندي هلي ۽ مور وانگر ٽلندي اچي، سندس پير پير جو رند، ڌرتيءَ تي عجيب نقش ٺاهيندو وڃي ۽ سندس هلڻ سان جا لٽ پيئي اڏامي سا سڪايلن لاءِ مثل سرمو. جڏهن حوض وٽ آئي تڏهن نازڪ هٿن سان گلاب جو پاڻي پنهنجي موچاري منهن ۽ ڳاڙهن ڳلن تي وجهڻ لڳي ۽ منهن ڌوئي اگهي صاف ڪري بڪاولي، گل ڏانهن ڌيان ڪري ته گل آهي ئي ڪونه....“.(213)
احمد خان جلباڻيءَ انگريزي ناول نگار رينالڊس (1732-1792ع) جي مشهور ناول ( Mysteries of the Court of London) جي هڪ حصي جوترجمو “نينهن نڀائڻ” جي نالي سان ڪيو. انگريزي ناول نويس رينالڊس جي ڪتابن تي بد اخلاقيءَ جو الزام لڳايو ويندو آهي. هن ناول ۾ لنڊن شهر جي هيٺئين ڪلاس ۾ فحاشي ۽ سماجي اقربا پروري ۽ ڪرپشن جا داستان لکيل هئا. هن ناول ۾ رينالڊس لنڊن جي انتهائي اندروني ۽ خفيه رازن کي فاش ڪيو آهي“.(214)
انهن کان علاوه احمد خان جلباڻيءَ جا لکيل ڪي قصا پوڪرداس تاجر، شڪارپور واري شايع ڪرايا، انهن ۾ “الف ليليٰ” (1926ع)، “گل صنوبر”، “چار درويش” 1891ع وغيره شامل آهن. هن جي قصن جي خوبي اها به هوندي هئي ته با تصوير قصا شايع ڪرائيندو هو.

چار درويش
چار درويش متعلق عام تاثر آهي ته اهو امير خسرو جو لکيل آهي. ڪن جو وري خيال آهي ته اهو محمد علي معصوم يا انجب جي تاليف آهي. هن قصي احمد خان جلباڻيءَ 1891ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ هريسنگهه شايع ڪيو.

داستان امير حمزه
ھي قصو ڪو مخصوص شخصيت امير حمزي رضھ جي سچي ڪھاڻي نه آھي. ھن ۾ آندل ڪي اھم اھڃاڻ امير حمزي سان ٺھڪن ٿا. اھي رڳو اسلامي جزبي ڏانهن اشاري طور آھن. ھونئن ھي قصو فارسي زبان ۾ لکيو ويو ۽ ان جا ڪردار نوشيروان عادل ۽ وزير بزر جھمر ھن ۾ موجود آھن. ھن داستان کي احمد خان ولد جلباڻي پڻ ترجمو ڪيو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ” امير حمزي جي موجوده سنڌي قصي جو دائرو امير حمزي توڙي عمرو عيار جو محد کان لحد تائين داستان آهي، جنهن کان پوءِ وري امير حمزي جي فرزندن ۽ پوٽن جي ڪهاڻي ۽ امير حمزي ثانيءَ جي ڪهاڻي اچي ٿي، جيڪا پوءِ وڌنڌي طلسم هوشربا جي ڪيترن داستانن تي وڃي ٿي پوري ٿئي“.(215)

الف ليلا
ھي ھڪ مقبول ڪتاب طور دنيا ۾ اڄ به ياد آھي. ھن جا ھڪ نه پر ڪيترا پھلو آھن. انگريزي ۽ ٻين يورپي زبانن ۾ ترجمو ٿيو ۽ وڌايو ويو آھي. فارسي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ به آيو. ھن جو سنڌي ترجمو احمد خان تڳيو خان جلباڻي پڻ ڪيو. ھن منفرد داستان جي اندر ڪيتريون ئي ڪھاڻيون سمايل آھن.
ليلارام وطڻمل ”خاڪي“ (1867-1941ع)
ديوان ليلارام وطڻمل لعلواڻي جو جنم حيدرآباد ۾ٿيو. هو بهترين شاعر ، نقاد ۽ ڊراما نويس هو. ديوان ليلارام جو پتا غريب ماڻهو هو. انڪري سندس تعليم مکي ڏنو راج جي خرچ تي ٿي. ليلارام حيدرآباد مان ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 1886ع ۾ بمبئيءَ مان بي- اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. شوق سبب وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ بعد ۾ جج به مقرر ٿيو.1918ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين. محمد صديق ميمڻ سندس تعارف هن ريت ڪرايو آهي؛ ”ديوان ليلارام سنگ حيدرآباد سنڌ جو لعلواڻي عامل حيدرآباد جي پارسي خواندن ديوانن مان هڪڙو هو. هو انگريزي، سنسڪرت، هندي، پنجابي ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ ماهر ۽ جڊيشيل کاتي ۾ سول ڪورٽ جو جج هوندو هو. هو صوفيانه خيالن وارو ويدانتي ۽ نانڪ پنٿي هو. اول ديوان ليلارام نالو هوس ۽ پوءِ حيدرآباد شهر جي نانڪ پنٿين جو اڳواڻ ليکبو هو ۽ انهيءَ پنٿ جون قيمتي خدمتون ڪيائون“.(216)
هو اعليٰ قسم جو شاعر پڻ هو. شاعريءَ ۾ “خاڪي” تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس اشلوڪ ”لطيفي لات“ جي سري هيٺ شايع ٿيا هئا.شاعريءَ جو ڪتاب “ديوان خاڪي” جي عنوان سان 1921ع ۾ شايع ٿيو . سندس وڏي سڃاڻپ اها آهي ته هو شاهه جو شارح هو.

ڪچو پاهه
ديوان ليلارام هندو مذهب تبديل ڪري سک ڌرم قبول ڪي ليلارامسنگ نالو اختيار ڪيو.”هن صاحب انهيءَ ڪتاب کان سواءِ، سنڌي زبان ۾ ”ڪچو پاهه“ جي نالي سان هڪ پمفليٽ لکيو هو، جنهن ۾ صوفي مت ۽ ويدانت جا اصول سمجهايا ويا هئا“.(217)
ان کان علاوه هيءُ صاحب سنڌ جو بانيڪار ڊرامه نويس پڻ آهي، جنهن ڪافي سارا اسٽيج ڊراما تحرير ڪيا، جن مان ڪافي ڊراما ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي سال 1895ع کان 1905ع جي وچ ۾، ۽ حيدرآباد پليڊرس ڊراميٽڪ ڪلب وارن سال 1905ع کان 1908ع جي عرصي ۾ اسٽيج تي پيش ڪيا. مير محمد نظاماڻي لکي ٿو ته ”هن صاحب سنڌي ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. سندس ڪيترائي انگريزي ۽ سنڌي ڪتاب مشهور آهن. هن صاحب ڪيترائي سنڌي ناٽڪ پڻ لکيا. انهن ناٽڪن ۾ اڪثر مقفيٰ نثر ٿيل آهي ۽ سندس لکڻي نهايت ئي وڻندڙ ۽اثرائتي آهي“.(218)

هرشچندر
سندس پهريون ناٽڪ مهاڀارت تان ورتل ڊرامو “هرشچندر” جيڪو سال 1895ع ۾ لکيائين. هن ناٽڪ ۾ جيتوڻيڪ سنسڪرت الفاظ استعمال ٿيل آهن، انهيءَ هوندي به مقفيٰ وڻندڙ لکڻي هئڻ سبب هيءُ هڪ سٺو ناٽڪ آهي. هي ناٽڪ تنهن کان پوءِ 1900ع ۾ ڇپايو ويو. سندس ناٽڪ ”هرشچندر“ لاءِ ڊاڪٽر پريم پرڪاش لکي ٿو ته “هرشچندر، رشي وشوامتر جو ناٽڪ ۾ دسرٿ ، راڻي ڪيڪئيءَ کي اهڙا وچن ٿا ڏيئي وڃن جو کين بعد ۾ ڪافي تباهي ٿي ڏسڻي پوي“.(219)

رامائڻ
سندس ٻن قسطن ۾ لکيل ناٽڪ ’رامائڻ‘ کي 1898ع ۾ پيش ڪيو ويو. هن ناٽڪ ۾ لوڪومل وطڻ مل سندس ٻاه ٻيلي هو. هن ناٽڪ پڻ ڪافي ڪاميابي حاصل ڪئي. “رامائڻ” ۾ رسيلي راڳيندڙ حشمتراءِ لوڪسنگ (ديوان جي ڀائٽي) رام جو پارٽ ڪيو هو، ٻنهي ۾ اڻ ڄاتل وچن کي پاڻي ڏيڻ ڪري ڌرين کي تقدير رولا ٿي کارائي؛ هرشچندر رشي واشوامتر کي ۽ دسرٿ راڻي ڪيڪئيءَ کي انڌا وچن ٿا ڏين ۽ نتيجو اهو نٿو نڪري جو هرشچندر راجا وڃائي دربدر ٿو ٿي ۽ رام چوڏهن ورهيه بنواس ٿو ڀوڳي“.(220)

مهن تارڪا
هي سندس اصلوڪو ناٽڪ آهي جيڪو سال 1896ع ۾ لکيو هيءُ هڪ سٺو سماجي ناٽڪ آهي. هن ناٽڪ ۾ هڪ بيوه جي مکيه مسئلي کي پيش ڪيو ويو آهي.

سورجن راڌا
”سورجن راڌا“ سندس اصلوڪو ناٽڪ آهي جيڪو جيڪو 1897ع ۾ لکيو ويو، هن ۾ مذهب مٽائڻ يعني هندو مان مسلمان ٿيڻ جي مسئلي کي کنيو ويو آهي. ڊي.جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي پاران هي ناٽڪ 1895 ۾ پيش ڪيو هو. اهو ناٽڪ جو ڪتاب به ڇاپيل صورت ۾ موجود آهي. هي ناٽڪ ڇهه چهچٽن ۽ 106 صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ مڪالما راڳن ۽ ڪافين ۾ ڏنل آهن. ڪٿي هجويه انداز به ملي ٿو.مثال طور:
قاضي- خاوند: بيشڪ صد لعنت آهي اهڙي خبيث تي. هي پليت اسان مومنن تي داغ آهي. (اٽو سنگ جو نوڪر اچي ٿو)
نواب: ڌوڙ پئي ڌڻيءَ پرتي تي! ڇائي پيئي هن شيطان الهه پرتي تي! هن بدمعاش لاءِ رڳو ڦاسي بس ناهي قاضي صاحب ڦاسيءَ تي چاڙهڻ کان اڳ هن احمق کي سنگسار ڪرائيندا وڃجو“.(221)
ڀيرو مل لکيو آهي ته ”مرزا قليچ بيگ توڙي ديوان ليلارام سنگهه جا ڊراما پڙهيل طبقي ۾ تمام مقبول هئا“.(222)

لطيفيات جو ماهر
هو شاهه جو وڏو شارح هو. 1890ع شاهه رحه تي شاعري، حياتي ۽ فڪر تي سندس انگريزي ڪتاب Life , Religion and Poetry of Shah Latif ۾ شايع ٿيو. ليلارام، شاهه تي لکيل ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورڇيو آهي. پهرئين جلد ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ جو احوال ڏنل آهي. ٻئي جلد جي پهرئين حصي ۾ شاهه جي رسالي ۾ ڪم آيل قرآني آيتن ۽ حديثن جي معنيٰٰٰ ڏني ويئي آهي. ”هو ڪن بيتن جي اصليت تي سوال واري ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته رسالي ۾ ڏنل هندستاني، پنجابي ۽ فارسي زبان وارا بيت ڀٽائي صاحب جا نه آهن. ان کان سواءِ هن صاحب جو اهو به رايو آهي ته ڪافي بيت، شاهه صاحب جي جوشيلن مريدن شامل ڪيا آهن ته ڪي وري مزار جي روايتي گائڪن شامل ڪيا آهن، جيڪي دهليءَ مان آيا هئا“.(223)

شاهه جو رسالو
ديوان ليلارام وطڻمل شاهه جي شاعري، حياتي ۽ فڪر کان علاوه ۽ پرتاب راءِ لعلواڻي سان گڏ شاهه جو رسالو (سرڪلياڻ) 1900ع ۾ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو. هن رسالي ۾ قديم قلي نسخن تان ڀيٽ ڪري ترتيب ڏني وئي آهي ۽ ڏکين لفظن جي معنا پڻ ڏني وئي آهي. ڪتاب جي منڊ ۾ ليلارام رطڻ مل مهاڳ به لکيو آهي ۽ رسالي جوڙڻ جو جواز پيش ڪيو آهي. ديپاچي ۾ لکي ٿو ته : ” هنوقت ٻن قسمن جا شاهه جي رسالي جا ڇاپا آهن. هڪڙو ٽائيپ ۾ ٽرمپ صاحب جو ۽ ٻيو بمبئي واروڇاپو. اهي ٻئي ڇاپا پورا نه آهن. ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ نه فقط شاهه صاحب جا سڀئي چيل سر وڌل نه آهن پر منجهنس ڪيترائي بيت ڇڏيل آهن ۽ ڪيترائي غلط لکيل آهن، گهڻو ڪري ڪو به صفحو چڪ کان خالي نه آهي. بمبئي واري رسالي ۾ ڪيتروئي ڪلام آهي جو شاهه جو نه آهي“.(224)
ديوان ليلارام وطڻمل ڪيترائي شخصي ڪتاب به لکيا، جن ۾ ”راجا چندو هاس“ (1917ع)، ”شخصيت ڀائي جوڳاسنگهه“ (1917ع)، ”سکني صاحب“ (1915ع)۽ ”سچي شهادت“ وغيره شامل آهن.

مولوي هدايت الله ”مشتاق“ (1838- 1912ع)

مولوي هدايت الله ”مشتاق“ ولد محمود صديقي قريشيءَ جو جنم مٽياريءَ ۾ ٿيو. پاڻ نالي وارو عالم، شاعر ۽ نثر نويس هو. ديني طور نقشبندي طريقي سان وابسطه هو ۽ ديني درس به ڏيندو هو . قاضي صاحب حڪمت جو به ڄاڻو هو . ان کان سواءِ عظيم الشان ڪتبخاني جو مالڪ جو ذخيرو موجود هو. تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به ڪندو هو. اکر تمام سهڻا هئس، ان ڪري ڪتابت پاڻ ڪندو هو“.(225)
”عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ”مناقب السادات“،ڪواڪب السعادت في شرح مناقب السادات“ (ڇهه جلد)، ” ردالهفوات“، ”مناقب غوثيه“، ”مناقب حضرت آغا صاحب“، ”خلاصت المناقب“، ”ديوان مشتاق“، ”هدايت النشاءِ“ (سنڌي)، ”ظفر الجهلان انڪار شرف العالين لقب الصلواته“ (سنڌي 1897)، ”مصباح العاشقين“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن“.(226)

هدايت الانشا
سندس ڪتاب ”هدايت الانشا“ 1895ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب خطن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر يار محمد قاضي لکي ٿو ته ” مولانا هدايت الله نه فقط هڪ مستند فقيهه هو پر ادبي ميدان جو شهسوار ۽ انشاءِ جي بحر جو پڻ غواص هو . سنڌي ۾ لکيل ڪتاب ”هدايت الانشا“ عالم آشڪار ۽ انشا جي فن ۾ يگانه روزگار آهي“.(227)
هن ڪتاب ۾ مولوي صاحب مختلف موقعن جا لکيل خط انشا جي فن جي تربيت ڏين لاءِ ڏنا ويا آهن، جن ۾ غم، خوشي، مبارڪبادي، نصحيت، درد فراق، شڪرگذاري ۽ سوالن جوابن وارا خط شامل آهن. جن مان ڪيترن ئي فقهي مسئلن جي خبر پوي ٿي“.(228) سندس ڪتاب جي طرز تحرير اهڙي ته عجيب نموني جي رقمطراز ٿيل آهي، جو پڙهندڙن کي معلومات سان گڏوگڏ رس، رچاءَ ۽ رواني به جهجهي حاصل ٿئي ٿي. مولوي صاحب ٻولي مقفع ۽ مسجع نموني جي استعمال ڪئي آهي. هڪ خط مان نموني طور ”عبارت“ هيٺ ڏجي ٿي:
”سيادت ۽ سعادت جو سردار، شرافت ۽ نجابت جو سالار، خدا جو پيارو، ڀلارن کان ڀلارن، سڳورن جو ساراهيل وڏي شرف وارن جو واکاڻيل، چڱي ارشاد وارو، ڀلي بنياد وارو، آل عبا جي فخر جو سبب، عالي نسب، والا حسب، جناب شاه صاحب دام اشفاقه! سلامن ۽ نياز ۽ شوق بي انداز جي کان پوءِ، غرض اصلي ۽ مطلب دلي هيءُ ته نواز شنامي جي رسڻ کان نياز مند جي نياز جي چوٽي خاڪ تان کڄي افلاڪ تي پهتي ۽ ان ۾ ارشاد ڪيل امر کي هن هوا خواه، هميشگيءَ جي سعادت جي واڳ سمجهي، شخص معلوم جي فقر ۽ فاقي جي سڄي صفت معلوم ٿي“.(229)

ظفر الجهلان انڪار شرف العالين لقب مناقب الصلاوة
هي ڪتاب سنڌي زبان ۾ نماز جي مسئلي مولوي هدايت الله 1897ع ۾ اسلاميه پريس لاهور مان شايع ڪرايو. مولوي هدايت الله جو ڪتاب ”مناقب السادات“ 1897ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾اهل بيت ڪرام جي فضيلت بيان ڪيل آهي.
ساڌو هيرانند (1863 – 1893ع)
ساڌو هيرانند آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو، سندس وڏڙا اصل ضلعي دادو جي ڳوٺ خداآباد ۾ رهندا هئا جيڪي بعد ۾ لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا جتي هيرانند جو والد ديوان شوقيرام سرڪاري نوڪري ۾ اچي لڳو. ساڌو هيرانند فارسي جو بي انتها ڄاڻو هو“.(230)ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي نولوراءِ ۽ تاراچند جو ننڍو ڀاءُ هو. هيرانند سماج سڌارڪ، تعليمدان، صحافي ۽ اديب هو.

صحافتي خدمتون
”ساڌو هيرانند 1883ع ۾ گريجوئيشن ڪري حيدرآباد واپس پهتو. 1884ع ۾ عملي زندگيءَ ۾ سماج سڌارڪ تنظيمن سان گڏ صحافت جي دنيا ۾ شامل ٿيو. 1884ع ۾ ”سنڌ سڌار“ ۽ ”سنڌ ٽائيمس“ جو ايڊيٽر هو.هتي کيس 175 روپيه پگهار ملندي هئي. هنن اخبارن ۾ هن سياسي ۽ سماجي موضوعن تي مضمون لکيا. 1890ع ۾ “سرسوتي” ۽ ”سڌار پتريڪا“ جاري ڪيا. هنن اخبارن ۾ ڌرمي ۽ پنگتي سڌارن بابت وڻندڙ ليک لکندو هو“.(231)

تعليمي خدمتون
حيدراباد ۾ هندو پڙهيل نوجوانن جو وڏو انگ برهمي سماج سان وابسطه هو. ساڌو هيرانند اخبارن ۾ ايڊيٽري ڪرڻ کان پوءِ جلدي واپس حيدرآباد آيو جتي هن عام ماڻهن جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ ڪاهي پيو ۽ مسڪين ماڻهن جي حقن جو جاکوڙي بڻجي ويو. حيدرآباد ۾ هندو ٻارن لاءِ پنهجن دوستن سان گڏجي هن ”يونين اڪيڊمي اسڪول“ قائم ڪيو. انهيءَ اسڪول کولڻ جو مهورت ان دور جي تعليمي انسپيڪٽر مسٽر جيڪب 28 آڪٽوبر 1888ع ۾ڪيو هو. مسٽر جيڪب ساڌو هيرانند جي مدد سان حيدرآباد ۾ زنانو ٽرينگ ڪاليج کوليو. ساڌو هيرانند پنهنجي ”اڪيڊمي اسڪول“ حيدرآباد مان ”سر سوتي“ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ ان وقت جي مشهور ليکڪن ۽ شاعرن جون تخليقون شايع ٿينديون هيون. منجهس هندو سماج تي لکيل مضمونن، تن تي کان سواءِ تعليمي، اخلاقي ۽ تنقيدي مضمون خبرون ۽ نوٽيس شايع ٿيندا هئا. وهمن جي وسوڙيل ۽ علمي افاديت کان محروم ماڻهن جي افعالن ۽ عقيدن تي، جنوري 1895ع واري اشاعت ۾ ڪهڙو نه عمدو ۽ حقيقت افروز تصبرو ڪيائين:
”جيڪا تعليم اسان کي ملي ٿي سا رڳي مٿاڇري آهي ۽ سچ پچ اسان جي دلين ۾ ان جو اثر پيدا ڪونه ٿو ٿئي. انهيءَ ڪري، ا سان جي خانگي هلت چلت ۾ سڌارو ڪونه ٿيو آهي. اسان کي ڪيترا دفعا ڏسڻ ۾ آيو آهي ته گهڻا ماڻهو اڄ تائين جهاڙن ۽ سڳڙن ۽ تعويذن ۾ ويساهه رکن ٿا. ڀلا چوري ٿي وئي ته ڍارو ڪئين ٻڌائي سگهندو ته ڪير چور آهي؟ يا ڪٿي مال رکيل آهي؟ امتحان ۾ پاس ٿيڻ لاءِ تعويذ يا رکيا ڪهڙي مدد ڪندي؟ پٽ جي سڌارڻ لاءِ ٻانڀڻ جي گڏوءَ جو جل ڇا ڪندو؟ ويم جي خلاصي لاءِ جنتر لکيل ٿالهيءَ جو درشن ڪهڙي سهائتا ڪندو؟ پر اهي ۽ ٻيون انيڪ ڳالهيون روزمره پيون سڏجن ۽ ٻڌجن ۽ مڪريلن جي اچي وري آهي. جيڪڏهن جاهل ماڻهو يا زالون اهڙن مرڪلين جي ڦندن ۾وڃي ڦاسن ته جيڪر عجب نه ٿئي پر اسان جا پڙهيل ۽ آزمودگار ماڻهو به جاهليءَ جي پر ۾ غلطان رهن سان ڳالهه وڌيڪ ارمان جي آهي“.(232)
هن ئي رسالي ۾ بولچند ڪوڏيمل جو ”طلسم“ ۽ لعل چند امر ڏني مل جو ناول ”چوٿ جو چنڊ“ قسطوار شايع ٿيا.

هيري جون ڪڻيون
ساڌو هيرانند مختلف اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. انهن اخبارن ۾ هن مضمون، آکاڻيون ۽ ايڊيٽوريل لکيا. سندس مضمونن ۾ اخلاقي، جسماني، مذهبي ۽ تعليمي نوعيت جا موضوع هوند هئا. سندس مرتئي کان پوءِ ڀيرومل مهرچند انهيءَ مان چونڊ مضامين ۽ آکاڻين کي ڪٺو ڪري ”هيري جون ڪڻيون“ نالي
سان 1926ع ۾ شايع ڪرايو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”هن ڪتاب مان ساڌو هيرانند جو وسيع مشرقي توڙي مغربي ادبي اڀياس پڌرو آهي“.(233) هن ڪتاب ۾ ٻارن جي وندر ۽ وڏن جي سکيا لاءِ ڏيهي، پرڏيهي ۽ طبعزاد آکاڻيون شامل هيون. هن ڪتاب مان 1894ع ۾ لکيل هڪ آکاڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”جهوني ٽپال وٽ هڪ سکر ماڻهوءَ رات جو ٽجوڙي کولي رپيا ٿي پوڄيا، سمهڻ مهل صفحي جا در ۽ ٽجوڙي جو طاق پٽي ڇڏيائين ته لڇمي ديوي کي گهر اندر اچڻ ۽ ٽجوڙي کي ڌن سان ڀرڻ ۾ سهولت ٿئي. پر صبح جو اٿي ڏسي ته ٽجوڙي خالي ٿي رکي هئي ۽ منجهانئس زيور هزارن جا گم ٿي ويا. شايد لڇمي ماتا جي دل مڻين کي ڏسي سرڪي وئي هوندي سو مڻيا پائي گهر گهر ڇمڪندي هوندي“.(234)
”عام طور مشهور آهي ته 1891ع ۾ ساڌو هيرانند سر والٽر اسڪاٽ جي عيسائي جهاد وارو مشهور تاريخي ناول Talisman (طلسم) نالي سان مخزن ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪري هلايو. پر سندس اوچتي دهيانت جي ڪري اڌ ۾ رهجي ويو، جيڪو بعد ۾ ڀيرومل پورو ڪري شايع ڪرايو. نئين تحقيق موجب اهو ناول ديوان بولچند ڪوڏيمل ترجمو ڪيو هو.

گرڏنو لا لسنگهه سيوهاڻي

جاگرافيءَ جي ميدان ۾ منشي گرڏنو لا لسنگهه سيوهاڻي جو نالو اهم آهي. سندس باري ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته ”هو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر (ضلع ڪراچي ۽ شڪارپور) جي آفيس ۾ هيڊ منشيءَ جي عهدي تي فائز هو. هن جي تحرير ڪيل ”بمبئي کاتي جي جاگرافي“ 1868ع ۾ شايع ٿي . سندس انداز بيان جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: ”سنڌي جو واءُ پاڻي خشڪ ۽ گرم آهي، آرهڙ جي ڏيهن ۾، سکر ۾ 102 درجي تائين ٿرماميٽر جو پارو چڙهي ٿو. اتر ڏي ايتري سخت گرمي آهي جو افغانستان جا ماڻهون چوندا آهن ته سنڌ جي گرمي اڇي ماڻهوءَ کي ڪارو ڪري ٿي ڇڏي ۽ آني کي پچائي وجهي“.(235)

سوڀراج هاسا رام آڏواڻي (1849ع – 1896ع)

سوڀراج ولد هاسارام آڏواڻي حيدرآباد جو رهاڪو هو ۽ سنسڪرت ۽ هنديءَ جو ڄاڻو هو. سوڀراج هاسارام تعليم کاتي ۾ استاد هو، ڪيترائي درسي ڪتاب پڻ لکيائين، جن ۾ ”گلاسري آف ڊفيڪلٽ ورڊس اينڊ فريزز“ (1889ع) ۽ ”انڊين پينل ڪوڊ“ (1893ع) شامل آهي.
”ھتو اپديش“ جي ڪنھن ھندي ترجمي تان منشي ھاسارام سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو، پر سال ١٨٨٢ع ۾ نامڪمل ڇڏي وفات ڪري ويو؛ جو وري ١٨٩٤ع ۾ سندس فرزند سوڀراج ان کي نھ فقط مڪمل ڪيو، بلڪھ پنچ تنتر مان بنيادي چوڏھن ھدايتون بھ ترجمو ڪري ان ۾ شامل ڪيائين؛ جنھنڪري سندس افاديت وڌي ويئي. ھن صاحب انھي جو نالو ”سڀا جو سينگار“ يعني ”ڪچھريءَ جي سونھن“ رکي، سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو؛ جنھن کيس پسند ڪري سھڻي اھتمام سان شايع ڪرايو، سليس، عام فھم، دلچسپ ۽ مختصر ھجڻ سبب ھي ڪتاب شاگردن خواه عوام کي گھڻو پسند آيو ۽ گھڻنئي پڙھندڙن منجھانئس فيض حاصل ڪيو“.(236)هن ڪتاب لاءِ سوڀراج لکيو آهي ته ”منھنجو ھن لکڻ مان خاص مطلب نھ رڳو فھمائشن ڏيکارڻ جو آھي، پر ھيءُ بھ ڏيکارڻو اٿم، تھ آکاڻيون مڙيئي آکاڻيون آھن، پر ھنن آکاڻين جي سرسائي ھن ڳالھھ ۾ آھي، تھ تواريخن وانگر ھلندڙ آھن، ۽ وچ ۾ طرحين طرحين پنگتي خواھھ راڄ نيتيءَ جا اتفاق ۽ ڳالھيون اچن ٿيون، جي آکاڻين کي مزو ٿيون وٺائين، ۽ بعضي بعضي تھ نھايت چڱو تات پرج ڏيکارين ٿيون“.(237)
”ڪتاب جون آکاڻيون پکين ۽ جانورن جي بيان ۾ آهي، جيڪي گهڻي ڀاڱي مهاڀارت ، رامائڻ ، سيجن واڪيه سمتي، شنڪر سنگيت، چاڻڪيه ستڪا ۽ ڪن ٻين ڌرمي ڪتابن تان معمولي مٽا سٽا سان ورتل آهن. هر هڪ آکاڻي نصيحت کان خالي نه آهي، جيتوڻيڪه ترجمي ۾ هندي لفظن جو واهپو وڌيل آهي، تنهن هوندي به ڪتاب خوبين کان خالي نه آهي“.(238)سڀا جو سينگار مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو :
چتر گريو چيو، تھ ”ھڪڙي ڏينھن آءٌ ڏکڻ ڏانھن ڪنھن چوڳي واسطي ويس، تھ اتي ڏٺم، تھ ھڪڙو ٻڍو شينھن سمانڌ لايو، ھڪڙي تلاءَ جي ڪنڌيءَ تي ويٺو آھي ۽ جيڪو مسافر اتان لانگھائو ٿيو ٿي، تنھن کي چيائين ٿي، تھ مون وٽ ھڪڙو سونو ڪنگڻ آھي، سو خدا جي واٽ ۾ جيڪو وٺندو، تنھن کي ڏيندس. پر ڀؤ کان ان وٽ ڪو بھ اوڏو نھ ٿي ويو. اتفاقا ھڪڙي مسافر کي کٽي ٿي کڻي، جو ھرکي ٿو تھ اھو ڪنگڻ شينھن کان وٺان، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين تھ ھھڙو مال مفت موٽي ڪٿئون ھٿ لڳندم؟ ۽ ڀانيائين تھ اڄ ڀاڳ وريم ٿو، جو ھھڙي شئي مليم ٿي! ائين سمجھي پھھ ڪيائين، تھ شينھن وٽ وڃان، پر ھمت ساري نھ سگھيو “.(239)

پريتمداس قسمتراءِ تولاراڻي

پريتمداس ولد قسمتراءِ جو حيدرآباد شهر سان تعلق هو ۽ تعليم کاتي جي ڊپٽي ايجوڪيشنل آفيس ۾ هيڊمنشيءَ جي عهدي تي فائز هو.ڪيترائي درسي ۽ تاريخي ڪتاب لکيائين، خاص طور تي هندستان جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيس. سندس لکيل ڪتابن ۾ ”هندستان جي تواريخ“ (1862ع) ، ”هندستان جي مختصر تواريخ“(ديوناگري ۾1873ع) ۽ ”هندستان جي تواريخ“ (1880ع )، ”قصو ٽوپي ۽ پڳ جو“ (ديوناگري ۾1872ع)، ”قصو ٽوپي ۽ پڳ جو“ (1873ع) شامل آهن. ان کان علاوه ”ليکي جي پيڙهه“ (1869ع) به لکيائين. ”اصل وڏي ڪٿا سري ست نام نارائڻ جي“ پريتمداس جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ صفحا 34 آهن. هي ڌرمي ڪتاب 1893ع ۾ لکيائين.

ليکي جي پيڙهه
”ليکي جي پيڙھ“ ۾ انگي حسابن جي باري ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب آهي. هي ڪتاب 1869ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب سڀ کان اول ڪاهانداس، ننديرام جي مدد سان انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو هو. هن ڪتاب 125 صفحا آهن. هن ڪتاب ۾ انهن اصولن ۽ قائدن کي بيان ڪيو ويو آهي، جن تي حسابن جي پيڙهه رکيل آهي.

هندستان جي تواريخ
سندس هندستان جي تاريخ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ترجمو ڪيل آهي.ڪتاب سورهن بابن تي مشتمل آهي ۽ ان ۾صفحا 108 آهن. ڪيترو وقت نصابي ضرورتون پورويون ڪندو رهيو. اڻويهين صديءَ جي هن نثر ۾ املا جو فرق آهي. ڪتاب مان اقتباس هيٺ ڏجي ٿو :
”آرين کان اڻ آرين جو بيان-سوڀارا آري آڳاٽن قومن کي دسيه (دشمن) ۽ داس چوندا هئا. آري سرد اتر پاسي کان هندستان ۾آيا، ۽ پنهنجي گوري رنگ تي پيا ڪڏندا هئا.سندن سنسڪرت لفظ ورن جنهنجي معنيٰٰ رنگ آهي، تنهنجي معنيٰٰٰ پوءِ ذات يا قوم ٿي ويئي آهي. قديم آري شاعر، جن ٿوري ۾ ٿورو ٽن هزار بلڪه شايد چين هزارن ورهين کان اڳي ويد ٺاهيا هئا تن پنهنجن تيجوان ديوتائن جي اها ساراهه ڪئي آهي ته انهن ديوتائن دسين کي ماري گوري چمڙيءَ وارن آرين جي رکيا ڪئي ۽ ڪاري چمڙيءَ وارن اڻ آرين کي آرين جي تابع ڪيو. انهن شاعرن پنهنجي طوفاني ديوتائن بابت اها ڳالهه لکي آهي ته هو شوخ ڏاندن وانگر ڪاهي پيا ۽ ڪاريءَ چمڙيءَ وارن اڻ آرين کي ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏياءٌ ، آرين کي پنهنجي سهڻيءَ صورت جي فخر ڪري قديم رهاڪن جي (منگولين ماڻهن جهڙي) چپٿري مهانڊي تان بڇان لڳندي هئي. هڪڙو ويدي شاعر آڻ آرين کي بي نڪو يا نڪ چٻو ڪري ٿو لکي ۽ ٻيو پنهنجن ٺاهوڪن نڪن وارن ديوتائن جي تعريف ٿو ڪري. انهيءَ وقت کان ٻه هڪ هزار ورهيه پوءِ، جڏهن سڪندر بادشاهه هندستان تي ڪاه ڪئي هئي تڏهين سندس سنگتين به انهن اڻ آرين جي بد شڪل هجڻ بابت گلا ڪئي هئي“.(240)

بولچند ڪوڏو مل (مرتيو 1915 ع)

بولچند ڪوڏومل جگتياڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو . پنهنجي دور جو وڏو پڙهيل شخص هو.1884ع ۾ الفسٽن ڪاليج، بمبئي مان گريجوئشن ڪيائين. تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. ”نومبر 1890ع ۾ پنگتي ”سُڌار سڀا“ ۽ ”سرسوتي“ نالي ماهوار مخزن جاري ٿيا.ٻنهي مخزنن کي بولچند ڪوڏو مل جي مدد حاصل هئي، جيڪو ان وقت تعليم کاتي ۾ هو. هن انهن اخبارن ۾ دلسوز خط وڌا، جيڪي ڄڻڪ ڪنهن دکي پرڻيل ڇوڪري ماءُ کي لکيا هئا. انهن ليکن گهڻو تاءُ پيدا ڪيو. ايتريقدر جو انهن جي پڙهندي زالن جي اکين مان ته لُڙڪ ٿي وهيا، پر مردن جو من به ڀرجي ٿي آيو“.(241) ڪيترائي درسي ۽ ادبي ڪتاب لکيائين. سندس اهم ڪتابن ۾ ”طلسم“ (ناول)، ”واندڪائيءَ جي وندر“ (ناول 1895 )،”سنڌ ڌرتيءَ جو نروار“ (جاگرفي 1893) ، ”انگلينڊ جي تواريخ“ (تاريخ 1892) ۽ ”گرواپديش“ (1908ع)شامل آهن.

انگلينڊ جي تواريخ
ڀيرومل مهرچند لکي ٿو ته ” مسٽر بولچند هڪ اوائلي گريجوئيٽ هو ۽ سنڌي ۾ نهايت قابل هو.سندس جوڙيل ڪتاب ”انگلينڊ جي تواريخ“ ۽ ” ڌرتيءَ جو نروار“ عمدي اصطلاحي سنڌيءُ ۾ لکيل آهي“.(242)سن 1892ع وڏو انعام 1200 روپين جو جيڪو ڪوڏومل جڳتياڻيءَ کي فلپ جي تاريخ انگلنڊ با تصوير انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ تي مليو. فلپ هينري اسٽافون (1805_1875) برطانيه جو مشهور سياستدان ۽ تاريخ نويس ٿي گذريو آهي. مختلف سياسي عهدن تي خدمتون به سرانجام ڏنائين. تاريخ جي مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين. ٽائيپ ۾ ڇپيل هن ڪتاب جا 567 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب ڪمشنر جي ڇاپخاني، ڪراچيءَ مان 1892ع ۾ ڇپيو.

سنڌ ڌرتيءَ جو نروار
سنڌ ڌرتيءَ جو نروار، سنڌ جي جاگرافي بابت هڪ ناياب ڪتاب آهي. هي ڪتاب گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو پاران 1863ع پاران شايع ٿيو. هن ڪتاب جي هڪ خوبي اها به آهي ته ان ۾ جاگرفي سان گڏ، سنڌ جي تريخ به ڏنل آهي. سنڌ جي تاريخي جاگرافيءَ تي ڪنهن به سنڌي جو لکيل پهريون ڪتاب آهي. ڪتاب کي مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. سندس نثر آسان ۽ عام فهم آهي.

طلسم
هي ناول ساڌو هيرانند ۽ ڀيرومل مهرچند جي نالن سان شايع ٿيو هو. ليڪن هي ناول بولچند ترجمو ڪيو هو . پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هن ناول لاءِ لکي ٿو ته ”تازو سنڌي نثر جي بزرگ استاد ديوان ڏيارام وسڻ مل کان معلوم ٿيو ته طلسم جو پھريون حصو ساڌو ھيرانند جو ترجمو ڪيل ڪونه ھو. سندس نالو ڏنل به نه ھو. اھڙي پڌرائي پرمانند ميوا رام ۽ ديوان پرڀداس شيوڪ رام جوت اخبار ۾ ڪئي ته سنڌيءَ جي ھڪ ٻئي اوائلي عالم بولچند ڪوڏومل جو ترجمو ڪيل ھو. ڀيرومل، مخزن جو مھتمم ساڌو ھيرانند جي ھجڻ ڪري، ان جو سمجھيو ۽ ساڌوءَ جي نالي ۾ ڇپايائين“.(243)
طلسم جو موضوع صليبي جنگيون آھي. عيسائي حڪمران رچرڊ ۽ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جا معرڪا، رچرڊ جي بيماري ۽ ٻيون سازشون ھن ناول جي ڪھاڻي بنائين ٿيون. ٻيا ڪردار راڻي، ضحاڪ شيدي، ايڊٿ ۽ سر ڪينٿ آھن. ھي ناول نهايت وڻندڙ ۽ سليس زبان ۾ ترجمو ڪيل آھي ۽ عاري نثر ۾ آھي. ھڪ اڌ پئرا مقفيٰ نثر ۾ به آھي. ڪتاب ۾ مهاڪا ۽ چوڻيون سنڌي ماحول مان کنيو ويون آهن. ڪتاب مان نثر جا ڪي نمونا هيٺ ڏجن ٿا:
”فرانس ۽ انگلينڊ اڳيئي پاڻ ۾ چانڊيا مگسي هئا“.
”اوهان جهڙا بهادر ڦڏا ٺڪر ٿي ويٺا آهن، ته پوءِ اسان غريبن کي ڳيهڻ ، هن لاءِ ڇو ڪين آسان ٿيندو.“
مارڪش سمجهيو ته هاڻ ته سوسڙي دکي ، سوهوڙ مان تڳي ڀڄي ويو، جو پاڻ کي ڏٺو ڪرئڻو ڪو نه هوس.
”نه ڪنهن جي کٿيءَ هٿ لائجي ، نه پنهنجو پن ڦڙائجي“.
مڙيا سي جڙيا“. هڪڙو چئي ٻيو مڃي ، تنهن جو پورهيو ڍڻي نه ڀڃي“.(244)

آکاڻيون
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي سندس آکاڻين لاءَ لکيو آهي ته ”بولچند ڪوڏومل جون Grisom’s Fairy Tales) تان ترجمو ڪيل ٻه سهڻيون آکاڻيون ”سر سوتي“ ۾ ڇپيون هيون: هڪڙي Cinderella تان ورتل ”اماڙيءَ جي ڳالهه“ ۽ ٻي Snow Drop تان ورتل سرسوتي ۾ شايع ٿيون هيون“.(245)

ڄيٺانند کلڻداس مامتاڻي

ماستر ڄيٺانند کلڻداس مامتاڻي، ڀريا، ضلعي نوشهروفيروز جو رهاڪو هو. هو ناٽڪ نويس ۽ ڌرمي موضوعن تي مضمون لکندو هو، هو ڪراچيءَ جي اسڪول ۾ استاد هو. شاعريءَ ۾ “ڀريائي” تخلص استعمال ڪندو هو. هن نه صرف ناٽڪ لکيا، پر پنهنجن ۽ ٻين جي ناٽڪن لاءِ راڳ به لکيا. ان کان علاوه ڪيترائي درسي ڪتاب ۽ آکاڻيون به لکيائين. ڪوڙيمل چندن مل جي صحبت ۾ علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنائين، جيڪو سندس ڪتابن جي درستگي به ڪندو هو.

نل دمينتي
ڄيٺانند کلڻداس جو ناٽڪ ”نل دمينتي “ مها ڀارت تان ورتل ڪهاڻيءَ تي مبني آهي.هندو ڏند ڪٿا ۾ هن ڪهاڻي کي وڏي اهميت حاصل آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ هي ناٽڪ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌي زبان ۾ به هن ناٽڪ کي ڪيترن ئي ترجمو ڪيو آهي. سال 1884ع ۾ “هرشچندر” جي سنسڪرت ناٽڪ ”نل دمينتي“ کي پيش ڪيو ويو. هن ناٽڪ کي “ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊريميٽڪ سوسائٽي” اسٽيج تي پيش ڪيو . اها سنڌ جي پهرين ڊريمٽڪ سوسائٽي هئي.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”ڄيٺانند جو هيءُ ناٽڪ عبارت ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ سٺو ڊرامو آهي ۽ اسٽيج تي ڪافي ڪامياب ويو. عجب آهي ته سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ هيءُ هڪڙو ئي ڊرامو هو جنهن ۾ فقط هڪڙو رواجي راڳ وڌل هو، جو درگداس آڏواڻيءَ دمينتيءَ جو پارٽ ڪندي ڳايو هو. هن ناٽڪ ۾ راج نل جو ڀارت هيرانند سنتوڪرام وڪيل ڪيو هو، ستجڳ جو سجانسنگ جڳتياڻيءَ ۽ ڪلجڳ جو ڪنولسنگ ملڪاڻيءَ ادا ڪيا“.(246)

قصو دل جي وندر يا ڀُل چُڪ
”قصو دل جي وندر يا ڀُل چُڪ“، هندي قصي تان ترجمو ڪيائين. هي قصو 44 صفحن تي مبني هو ۽ ليٿو ۾ لاهور مان 1887ع ۾ شايع ٿيو.

ست هرشچندر ڪٿا
سندس ڌرمي قصو ” ست هرشچندر ڪٿا“، 1891ع ۾ ڪراچي پنٽنگ پريس مان شايع ٿيو. هي ڪتاب 74 صفحن تي مبني هو.

استري اپديش
ماستر ڄيٺانند کلڻداس جو قصو ”استري اپديش“ 1891ع ۾ شايع ٿيو. هن قصي ۾ عورتن کي اخلاقي ۽ ڌرمي طور نصحيت ٿيل آهي.
ڄيٺانندکلڻداس ڪيترائي درسي ڪتاب لکيا، جن ۾”ديسي حسابن جو ڪتاب“ (1891ع)۽”جدول“ (1896ع شامل آهن ۽ ٻين ڌرمي ڪتابن ۾ ”عجيب داستان“، ”جنم ساکي ڏهن پاتشاهن“ (1901ع) وغيره اهم آهن.

هري سنگهه ڊنگو مل (1857- 1917ع)

ماستر هري سنگهه ڊنگومل جو جنم سکر ۾ ٿيو. سندس باري ۾ پرسرام ويرومل لکي ٿو ته ” وڏي همت ، سمجهه ۽ بصيرت جو مالڪ ماستر هريسنگه ولد ڊنگومل 1857ع ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر هو. آريه سماج جو پڪو پريمي ٿي رهيو، جنهن جو ڪيئي ورهيه پريزڊنٽ هو“.(247) سنڌ ۾ خانگي طور ڪتابن جي اشاعت جو سڀ کان اول رواج هري سنگهه وڌو. هن پنهنجي اشاعت گهر جو بنياد وڌو. سندس باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ لکيو آهي ته”1885ع ۾ ماستر هري سنگهه پٽ ڊنگو مل سکر ۾ سنڌي ڪتابن جو دڪان کوليو. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هڪ ڪتاب فروش جي حيثيت ۾ نهايت جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيائين“.(248)
هن ڪيترائي درسي ڪتاب پڻ لکيا ۽ شايع ڪيا. هن خاص طور تي مختلف ڪلاسن لاءِ گائيڊون به جوڙيون، جن ۾ لفظن جون معنائون، خلاصه ۽ سوالن جا جواب هوندا هئا. ان سلسلي ۾ سندس ڪتابن جو تعداد 50 کان به مٿي آهي. هري سنگهه سکر واري ۽ پوڪرداس شڪارپور واري جو ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ وڏو مقابلو هوندو هو. هريسنگهه پنهنجي اشاعت گهر جي پليٽ فارم تان سون جي تعداد ۾درسي ڪتاب، ناول، ڊراما، قصا، مذهبي ڪتاب، شاعريءَ جا وغيره نه صرف شايع ڪيا مگر خود به ترجمو ۽ ترتيب ڏنا. هو اڻويهين صدي ۽ ويهين صديءَ جو وڏو پبلشر هو. هن پهريون ڪتاب ”سنڌي انگريزي جدول“ لکيو، جيڪي شاگردن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.
هري سنگهه جي ذاتي ڪتابن ۾ ”سنڌي الف بي“ (1886)، آغاز فارسي لفظن جي سنڌي معنيٰٰ“ (1886)، ”هندستان جي تواريخ“ (1888)، ”پوٿي جپ صاحب“ (1888)،”سلوڪ سواميءَ جا“ (1889)،”ملادو پيازو“ (آکاڻيون 1889)، ”عشق تماچا“ (ناول 1889)، ”اندر سڀا“ (ناٽڪ 1890)، .”خدا دوست“ (ناٽڪ 1890)، ”سنڌي انشاءَ“ (1890) اهم آهن. هن سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن جون جاگرافيون سوالن ۽ جوابن ۾لکيون. ان کان علاوه “ٽي جلدي جهان جي جاگرافي” (1888ع)، “ٻه کنڊي جاگرافي”، يعني ايشيا ۽ يورپ جو مختصر نروار (1884)، “آفريقا ۽ آمريڪا جي مختصر جاگرافي” (1884ع)، “انگلينڊ ۽ آمريڪا جي مختصر جاگرافي” (1884ع) ، “هندستان جي مختصر جاگرافي” (1885ع) ۽ ٻيا ڪتاب لکيائين.1886ع ۾ روايتي طبي ڪتاب ”گلدسته حڪمت“ جي نالي سان آخوند محمد بچل سان گڏ لکيائين. هري سنگهه ڪيتريون گائيڊون / ڪتاب تاريخ تي به لکيا، جيڪي مختصر ،مگر شاگردن جي ڏانءَ وٽان هوندا هئا. هن هڪ ڪتاب “سنڌ جي مختصر تواريخ” (1886ع) پڻ لکيو.
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ، ڊاڪٽر الهه رکيي ٻٽ جي حوالي سان لکي ٿو ته ”ماستر هريسنگهه سکر ۾ آريا سماج جو دفتر به کوليو هو. هو ڪو شوقيه پبلشر نه هو، پر هڪ ماهر ۽ مالدار پبلشر هو، جنهن پنهجو ڌنڌو قديم قاعدن ۽ قانونن مطابق وڌايو ۽ سڌاريو.هن اسڪولي ڪتابن تي سيڙپ ڪئي، جنهن لاءِ کيس اها ڄاڻ هئي ته نصابي ڪتابن جي تمام گهڻي گهرج موجود هئي، جن جي ڇپائي ۽ اشاعت مان چگو ناڻو حاصل ٿي سگهي ٿو. هريسنگهه بعد ۾ هر هڪ موضوع تي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا.سندس دڪان سکر جي شاهي بازار ۾ هو“.(249)

پوڪَرداس ٿانور داس (1968- 1934ع)

”نامياري پبلشر پوڪرداس ٿانور داس شڪارپور، سنڌ ۾ جنم ورتو. اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري، تعليم کاتي ۾ منشي مقرر ٿيو. گهٽ پگهار سبب پهرين جنوري 1886ع کان ڪتابن جي وڪري جو ڌنڌو اختيار ڪيائين ۽ محنت سان پنهنجي ڌنڌي کي وڌائي نيٺ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو سلسلو شروع ڪيائين“.(250) پير علي محمد راشديءَ هن بابت لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن سنڌي زبان اڄ تائين حيات آهي ته ان جو هڪ سبب پوڪرداس جو ڇاپخانو آهي.“ پوڪرداس درسي، طبي، ديني، ڌرمي، رمل، نجوم ۽ جفر جي ڪتابن کان سواءِ شاعريءَ ۽ نثر جي مختلف صنفن جا سوين ڪتاب توڙي جنتريون به ڇپايون“.(251)
پوڪرداس سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ فارسي، گرمکي ۽ ديوناگري، لپيءَ ۾ توڙي سنسڪرت، ڪاٺياواڙي، عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ به ڪتاب ڇپايا. ”پوڪرداس ڪتابن جي ڇپائيءَ جي واپار کي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به وڌايو. اتي پنهنجن پٽن ڀوڄراڄ، لڇمڻداس ۽ مدن لعل کي اشاعتي ڪم سان لڳايائين، جنهن بعد هنن جي سڃاڻپ ”پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور“ مان ڦري ”پوڪرداس ائنڊ سنز، تاجر ڪتب شڪارپور/ حيدرآباد ۽ ڪراچي“ ٿي وئي“.(252)پوڪرداس، ڇپائيءَ جي لحاظ کان ليٿو گرافيءَ جو دؤر عبور ڪري جديد دؤر ۾ پير پاتو ته جديد ٽائيپ ۾ ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو جاري رکيو. نهايت ديده زيب ڪتاب شايع ڪرائيندو هو. هن ذاتي به ڪيترائي ادبي ۽ درسي ڪتاب لکيا، ترجمو ڪيا ۽ ترتيب ڏنا، جن ۾ ”سسئي پنهون“ (ديوناگري 1898)، ”هير رانجها“ (1898)، ”سنڌي ڪتابن جو معنائن جا ڪيترائي ڪتاب (1893)،”جاگرافي دنيا“ (ست جلد 1899)، ”تواريخ سنڌ سوال ۽ جواب“ (1897)، ”ٻارهن امام“ (1898)، ”ڀڃن دکا ۽ نواس“ (1898)، ”جپ صاحب امر لعل ۽ گرو نانڪ“ (1888)، ”ڪٿا ست نارائڻ“ (1888)، ”پورن ڀڳت ۽ موتيرام“ (1899)، ”سر گيتا“ (1899)،” ناسڪيت“ (1899)، ”اتم پت“ (1899)، ”پريچا“ (1899)، ”ڇنڇر استوتر“ (1898) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن.
پوڪر داس ٿانور داس جو ”تواريخ سنڌ“ 1897ع ۾شايع ٿيو. ڪتاب ۾ 50 صفحا آهن ۽ قيمت 2 -آنا 6 پايون آهي. هيءُ ڪتاب اسلاميه پريس، لاهور ۾ ڇپيو.

واحد بخش ”شڪارپوري“ (وفات 1916ع)

ماستر واحد بخش ابڙي جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. شاعريءَ ۾ ”مشتاق“ تخلص استعمال ڪندو هو. هو سکر ضلعي ۾ ماستر هو. سندس شاعري جو ڪتاب ”ٻاراڻا اولاڻا عرف ٻاراڻا“ (1898ع) ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته جاگرافيءَ جو ڪتاب ”سڌاريل بمبئي جي جاگرافي“ (1891ع) آهي. اسڪولن جي ڪورس لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ نوٽ بڪ تواريخ هندستان (ٻه حصا 1892، 1894ع)، هندستان جي مختصر تواريخ“ (1894ع) شامل آهن.
ان دور ۾ قصن ۽ داستانن لکن جو وڏو رجحان هو. ان سلسلي ۾ ماستر واحد بخش پڻ ڪيترائي قصا لکيا، جن ۾ ”قصو تاج الملوڪ“ (1895ع)، قصو مومل ۽ مينڌري جو“ (1899ع)، ”قصو گل صنوبر“ (1900)، ”وڌو قصو دودو چنيسر“ ۽ گل بڪاولي“ اهم آهن.

گل بڪاولي
ماستر واحد بخش ابڙي ”گل بڪاولي“ جي قصي جو ترجمو اردوءَ تان ترجمو ڪيو. هن ڪتاب جي عبارت مقفيٰ آهي، پر”گل خندان“ جهڙي رواني ۽ شستگي منجهس موجود نه آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته:”ميزبان چيو ته مون حضرت سليمان جو سنهن کنيو آهي، جن هن کي مطلب ملائيندو ته جان جو ٿورو لائيندو نه ته جان اَجل ۾ گوائيندو. ديو قبول ڪيو اِهو قول، ٻڌو هن سان پڪو ٻول، ته جمال نالي آهي منهنجي اَدي، تنهنجي هٿان هيءَ حاج لهندي، ڇاڪاڻ ته ديو آهن ارڙهن هزار، خاص چوڪيدار، تن جي آهي اُها سردار“.(253)

چار درويش
”چار درويش“ قصي جو ڪيترن ئي ليکڪن ترجمو ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ”چار درويش“ قصو جيڪڏهن ڪنهن به مريض کي پڙهي ٻڌايو ويندو ته کيس شفا ٿيندي. بهرحال، اهو قصو اردوءَ وارن ترجمو ڪيو، جنهن تان وري ماستر واحد بخش شڪارپوريءَ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو.

قصو سسئي پنهل
ماستر واحد بخش مشتاق شڪارپوري سنه 1889ع ۾ ”قصو سسئي پنهل“ جو، سنڌي مثنوي (خليفي صاحب واري بحر) ۾ منظوم ڪيو، جيڪو شڪارپور جي ڪتب فروش منشي پوڪرداس شايع ڪيو هو.

پير ڏنو شاهه

ميان پير ڏنو شاهه ولد الياس محمد شاهه جو تعلق روهڙيءَ سان هو. هو عربي ، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي دسترس رکندو هو. ڪيترائي ديني ۽ ادبي ڪتاب لکيائين. سندس اهم ڪتاب ۾ ”گلستاني ڪتاب“ (1892ع)، سنڌي معراج نامو“ (1894ع)، قصو ڏير ڀاڃائي جو“ (1893ع)، جڳهڙو سيد ۽ ملي جو“ (1899)، ” صد حڪايات عرف مفيد الطالبين“ (1897ع)، ”گلابي گل مجموعه ٽي ڪتابي نماز فرائض“ (1897ع)، ”مجومعه ٽي خطبا“ (1897ع) وغيره شامل آهن.

سنڌي معراج نامو
سندس”سنڌي معراج نامو“ به انتهائي اهم آهي.هي ڪتاب منشي پوڪرداس شايع ڪرايو هو. نثري ادب ۾ هن ڪتاب ۾ نبي سائين جي معراج واري واقعي کي شاندار نموني پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب مان نثر نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سچي گفتار ۽ حڪايت ڪندڙ درست ڪردار حضرت صلي الله عليه سلم جي معراج شريف جو هنطرح بيان فرمايو اٿن ته جڏهه عمر شريف ۽ سن لطيف حضرت صلي الله عليه وسلم جو پنجهاه وره ۽ ٽن مهينن کي پهتو واسطي قوت سير عالم ملوڪت جي ۽ ڏسڻ تجليات لاهوت جي سنيون بي ڪنيوٽ حضرت عليه سلام جو چوٿين ڀيري چيريو هيائون تاريخ 27 ستاويهه مهيني رجب الموجب جي درگاهه لم ڀرلي کان حضرت جبريل رضوان کي فرمان پهتو “.(254)
سندس ٻيو ڪتاب ”گلستاني ڪتاب“ 1892ع ۾ پوڪرداس شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ اسلامي فقهه جي مختلف مسئلن بابت مفيد معلومات ڏنل آهي. فرضن کان علاوه سنتن تي به سٺي نموني لکيو اٿس.

اسلم علوي ”اسلم“ (1856_ 1909ع)

”محمد اسلم ولد عبدالڪريم علويءَ جو شمار شڪارپور جي مشهور شاعرن ۽ نثر نويسن ۾ ٿئي ٿو. محمد اسلم علوي استاد جي پيشي سان وابسته رهيو. شڪارپور تعلقي جي ڪيترن اسڪولن ۾ فرائض سرانجام ڏنائين، بعد ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو. سن 1878ع ۾ بيچانجي جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو. سن 1890ع کان 1900ع تائين ڳڙهي ياسين جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. ملازمت کان علاوه طب سان گهري لڳاءَ سبب شڪارپور جي مشهور قابل حڪيمن مان ليکيو ويندو هو“.(255) هن ڪتاب ۾ دوائن جي فائدن جي باري ۾ آهي. اسلم علويءَ ڪيترائي ڪتاب لکيا:

تحفة العاشقين
ميان محمد اسلم علوي طب تي به ڪجهه ڪتاب لکيا، جن مان پهريون ”تحفة العاشقين“جون 1893ع ۾ شڪارپور جي مشهور ڪتب فروش ”پوڪرداس ٿانور داس“ لاهور جي مفيد عام پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب 115 صفحن تي مشتمل ۽ ڊيمي سائيز ۾ شايع ٿيل آهي.

طب سنڌي مخزن الادويات
”سيپٽمبر 1893ع ۾ اسلم علويءَ جو ٻيو ڪتاب ’مخزن الادويات‘پوڪرداس پاران اسلاميه پريس لاهور مان ڇپائي پڌرو ڪيو، هي ڪتاب 314 صفحن تي مشتمل آهي. طب جي سلسلي ۾ ٽيون ڪتاب ”حيات بمع مخزن الادويات“ 1893ع ۾ شايع ٿيو“.(256) هن ڪتاب ۾ دوائن جي فائدن جي باري ۾ آهي. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
انهيءَ حڪيم مطلق جي واکاڻ ڪرڻ واجب آهي جهن پهنجي ڪمال حڪمت ۽ سهڻي صنعت سان مٽي جي هڪڙي مٺ مان انسان کي پيدا ڪري چئن عناصرن موجب طبعيت جي جوڙ جوڙي، ڳالهائڻ جي قوت بخشي جيئين ته خلق الانسان و علمه البيان ۽ کيس اشرف المخلوقات جي لقب سان ساري مخلوق جو سڳورو بڻايو جيئين ته خلق النسان علا صورتهه ڏسو قدرت قادر جي“.(257)
سندس ٽيون ڪتاب شخصيت جي حوالي سان ’قربان دين علوي‘سال 1895ع ۾ اسلاميه پريس لاهور پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. محمد اسلم علويءَ ڪي قصا به لکيا، جن ۾ ”قصو هير رانجهي جو“ (1884ع) ۽ ”قصو عمر مارئي جو“ (1884ع) شامل آهن. محمد اسلم جو ڪتاب “سنڌ جي تمام مختصر تواريخ” (1891ع) وغيره اهم آهي.

ماستر ڄيٺانند

ماستر ڄيٺانند جو تعلق شڪارپور سان هو. سندس ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا. ماستر ڄيٺانند درسي ڪتابن کان علاوه ادبي ڪتاب به لکيا ۽ ترجمو ڪيا. 1888ع کان ماستر ڄيٺانند اسڪولن جي شاگردن جي مدد واسطي گائيڊون ٺاهڻ شروع ڪيون، جن ۾ ڏکين لفظن جون معنائون ۽ سوالن جا جواب ڏنل هوندا هئا. ان سلسلي ۾ سندس ڪتابن جو تعداد 50 کان به مٿي آهي. 1890 ۾ سندس ڪتاب ”قصو دل جي وندر يا ڀل چوڪ“ شايع ٿيو.
ماستر ڄيٺانند 1888ع ۾ ”انڌير نگري“نالي ناٽڪ لکيو. سندس ٻيو اهم ناٽڪ ”پتورتا:ناٽڪ عرف ستي سهاڳڻ“ آهي. هي ڪتاب 1895ع ۾شايع ٿيو. هن ناٽڪ ۾ هڪ بيواه جي زندگي کي موضوع بڻايو ويو آهي. سندس مڙس جي مرتئي کان پوءِ دنيا کيس حقارت جي نظر سان ڏسي ٿي. کيس ٻي شادي جي اجازت نه آهي. هوءُ جوان آهي، سندس امنگون جوان آهن. مگر ظالم سماج جو هٿ ٺوکيون رسمون هن جي اميدن کي ڪمزور ڪري ڇڏن ٿا. سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”فراق نامو“ 1914ع ۾ شايع ٿيس.

ڏيئومل گاگن مل ٿڌاڻي (1863-1913ع)

”مشهور ليکڪ ۽ صحافي ڏيئو مل گاگن مل ٿڌاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو . سنڌيءَ ۽ سنسڪرت جي تعليم حاصل ڪيائين. هو انگريزيءَ جو به چڱو ڄاڻو هو ان ڪري کيس هيرانند اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ رکيو . جتي هن انگريزيءَ ۽ سنسڪرت جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. هو هفتيوار ”ديش سڌار“ جو ايڊيٽر به رهيو.1897ع ۾”رام بنواس“نالي هڪ ناٽڪ لکيائين، جنهن ڏاڍي مقبوليت ماڻي. جيتوڻيڪ ان ناٽڪ جو بنيادي مقصد ڌرمي پرچار هو. ناٽڪ ۾ گيت ۽ نظم به شامل هئا“.(258) هن ناٽڪ لاءِ ڊاڪٽر پريم پرڪاش لکي ٿو ته ”والميڪي رامائڻ تان هي ناٽڪ سنڌيءَ ۾آندو ويو هو ۽ ڌرمي نوع وارو ناٽڪ هو. رام بنواس وڃڻ ۽ دسرٿ جي مرتيو تائين (ختم ٿيڻ تائين) ڦهليل هو. قافيدار نثر ۾ لکيل هو. هن ناٽڪ ۾ سهنجا سنسڪرت شبد ڪتب آندل هئا“.(259)
سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”هندڪيون ويهه مداحون“ (1899ع)، جڏهن ته سنگيت سکيا بابت نثري ڪتاب ”اوم سنگيت سداڪر“ 1900ع ۾ شايع ٿيو.ان کان علاوه ”سنڌيا“ (1901ع)، ”وهان وارڻ پرتياڳ“ (1904ع)، ”پورتي پوڄا“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل اٿس.

حاجي محمد سمون

انگريزن جي دور جو مشهور ڪاتب حاجي محمد سمون سنڌي ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ ڪرناڻين وارن ڪُنائي سمن جي پاڙي مان هو.هو پوءِ مڪي شريف ۾ رهيو. ديني ادب ۾ وڏو نالو رکندو هو. هو ليکڪ ، مترجم ، خطيب ۽ ڪاتب هو. سن 1863ع ۾ سندس ڪتابت ٿيل شاهه جو رسالو بمبئي مان ليٿو ۾ شايع ٿيو. هن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب نقل ڪيا ۽ کانئن پوءِ، سندس پٽ سنڌي ڪتاب نقل ڪندا هئا“.(260)
سندس ديني ڪتابن ۾ ”ترتيب الصلواته“ (1882ع)، ” مجموعه فوائد“ (1882ع)، ”ڪتاب الجاهلين“ ( 1880ع)، ”ضرورت المسلمين“ (1884ع)، ”سراج السلام“ (1869ع)، ”ڪتاب الامسلمين“ (1884ع)، ڪتاب ”تحفه الاحباب“ (1890ع)وغيره اهم آهن.
هنن ڪتابن ۾ ڪي سندس پنهنجا لکيل هئا ۽ ڪي سندس ترجمو ٿيل هئا. انهن ڪتابن ۾ ديني ۽ فقهي مسئلن کي بيان ڪيو ويو آهي. هنن ڪتابن ۾ ڪي نظمي نثر ۾ ته ڪي صاف نثر ۾ آهن.

آخوند محمد رمضان

آخوند محمد رمضان 19 صديءَ جي درسي ڪتابن جو ليکڪ هو. تعليم کاتي ۾ استاد هو. سندس ذاتي زندگيءَ جي معلومات نه ٿي ملي. هو نه فقط عربي سنڌي ۾ ڪتاب لکندو هو، بلڪه ديوناگري خط ۾ به ڪتاب لکندو هو. سندس ڪتابن ۾ ”هندستان جو مختصر نروار“ (1882)، ”سنڌ جو مختصر نروار“ (صفحا 18، 1876)، “سنڌ جي تواريخ” (1876ع)، بمبئي کاتي جي سڌاريل جاگرافي“ (1886ع)، ”سنڌي ڇهين ڪتاب جي معنيٰٰ“ (1900) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.سندس درسي ڪتابن جو نثر سادو ۽ آسان آهي. سندس سڀئي ڪتاب مختصر آهن.

شيخ عبدالحق (1867-1956ع)

شيخ عبدالحق ولد شيخ عبدالله جو جنم ڪوٽڙي ۾ ٿيو.سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿي پڙهائڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي ترقي ڪري فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس جي درجي تي پهتو. ڪراچي ضلعي جي نوڪريءَ وقت هن ضلعي جي تعليم وڌائڻ لاءِ نهايت سرجوشيءَ سان ڪم ڪيو. 1914ع ۾ ملا ڊپٽي ايڊيوڪيشنل اسڪولس جي چارج ڏياري ويئي؛ ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جا ضلعا سندس حوالي ڪيا ويا، جيڪب آباد ضلعي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪولن جي مٿان ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتي هن ڪافي عرصو گذاريو. هن به جاگرافيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”هندستان جي مختصر جاگرافي“ (1888)، ”ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي“ (1888)، ”سنڌ جي نئين جاگرافي“ (1918) ۽ ”سنڌ جي سليس جاگرافي“ (1927) وغيره اهم آهن. جڏهن ته عبدالحق جو “ سنڌ جي سهنجي مختصر تواريخ” (1888ع) به اهم آهي.

جھمٽراءِ منگهو مل گلراجاڻي

جھمٽراءِ منگهو مل گلراجاڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو . هو ڪراچيءَ جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾استاد هو ۽ هن اڌارام سترامداس سان گڏجي ڪيترائي مشق جا ڪتاب لکيا، جيڪي مختلف ڪلاسن لاءِ هوندا هئا. ان کان علاوه جاگرافي، تاريخ وغيره تي به ڪيترائي ڪتاب لکيائين ۽ ترجمو ڪيائين، سندس ڪتابن جو تعداد 25 کان به مٿي ٿيندو.جهمٽراءِ منگهومل جو ڪتاب ”هندستان جي مختصر تاريخ“، صفحا 64، ليٿو ڪراچي 1880ع ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه ”وڪٽوريه چرتر“ (1894) ۽ سنڌين جو سچو دوست“ (1883ع) لکيائين. ”سنڌي ڪمپيئنيئن(Sindhi`s Companion) جي نالي سان جهمٽراءِ منگهومل گلراجاڻي بمبئي مان سال 1883ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ مصنف انگريزي پهاڪن ۽ اصطلاحي جملن جوسنڌي ترجمو ڏنو آهي

منشي خوشيرام (مرتيو 1919)

”منشي خوشيرام ولد موٽومل هيراننداڻي لينڊ روينيو کاتي ۾ملازم هو. نوڪري کان علاوه ڪتابت ڪندو هو، 19 صدي جا ڪيترائي نثري ڪتاب هن جي هٿن سا لکيل آهن“.(261) منشي خوشيرام جو مزاحيه قصو ”ملا ۽ موالي“ جولاءِ 1889ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ڪتاب جون ساڍا ست سؤ ڪاپيون ليٿوگرافيءَ ۾ شڪارپور پريس مان ڇپيو. ساڳئي سال ڊسمبر مهيني ۾ منشي خوشيرام جا ٻه ڪتاب هر هڪ ”قصو اٺ ۽ گهوڙي جو“ ۽ ”زال مڙس جو جهيڙو“ ڇپائي پڌرا ٿيا.
سندس ٻين قصن ۾ ”سس ننهن جو جهيڙو“ (1889ع)، ”ٽوپي ۽ پڳ جو جهيڙو“ (1889ع)، ”قصو ڪامسين ڪامروپ“ (1889) وغيره اهم آهن. ”خوشيرام موٽومل هيراننداڻي حيدرآباد مان هڪ ماهوار ”ناولس“ اخبار ڪڍي هئي، جيڪا ناولن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ مقصود هئي. هن اخبار جي ڪري سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي ناولن جو اضافو ٿيو“.(262)خوشيرام رينالڊ جي وڏن انگريزي ناولن ”جوزف ولمٽ“، ”ميري پرائيس“ ۽ ”لورز آف دي حرم“ وغيره جا ترجما ڪيا.

مولوي محمد عثمان (وفات 1918 ع)

مولوي محمد عثمان ولد حافظ محمد نورنگ زاده جو جنم کور واهه ، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. سنڌ مدرسه اسلام ڪراچي ۾ استاد طور ڪم ڪندو هو . ”هو هڪ زبردست عالم، فقيهه ، تاريخ نويس ۽ قرآن جو مفسر هو. سندس شعر نصيحت آميز، مٺو ۽ فصاحت ڀريو هو. نورنگ پوٽن متاخرين مان مولوي محمد عثمان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد حسن علي آفندي سان ٻانهن ٻيلي ٿي سنڌ مدرسه ۾ سنه 1850ع ۾ معلم الفقهه مقرر ٿيو“.(263) مرحوم مولوي محمد عثمان سنڌ مدرسي جي ماهوار ڪرانيڪل رسالي جو ايڊيٽر هو.ڪيترائي ديني ۽ ادبي ڪتاب لکيائين ، جن ۾ علم جفر تي ”اڪسيرالاحمر“ سندس ڪتاب ڇاپيل آهي. پاڻ مدرسه ۾ درس تدريس سان گڏ ”تفسير تنوير الايمان“ جي تصنيف ڪيائين. سنڌي زبان ۾ سڄو قرآن شريف ۽ تفسير اهو هڪ ئي آهي. پهريون پاره 1906ع ۾ تيار ٿيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ :

فتوح الغيب سنڌي- هي هڪ عربي ڪتاب سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جي تصنيف جو ترجمو آهي.

اڪسير الاحمر في اسرار الجفر – هي سنڌي ۾ هڪ لاثاني ڪتاب آهي جنهن ۾ علم جفر نقش ۽ علميات وغيره جو بيان ڏنل آهي. هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ 1896ع ۾ شايع ٿيو.

حالت غوث الاعظم- ڪتاب جو مضمون سيدنا عبدالقادر جيلاني رح جي سوانح بابت آهي.

بينات القرآن- حيدرآباد جي هڪ هندو عامل اسلام تي حملو ڪيو هو ۽ هڪ چوپڙي ڇاپائي گمراهي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

خطبات سنڌي – مولوي صاحب جا خطبا اڄ تائين سنڌ جي مشهور مسجدن ۾ عام جام پڙهجن ٿا. خطبن ۾ سنڌي نثر ۽ نظم عام جام آهي.
تحفته الاسلام- سنڌي زبان ۾ فقه جا 5 جلد آهن جي سنڌ مدرسي جي نصاب ۾ داخل آهن.

بولچند ڏيارام (1868 - 1923ع)

راءِ بهادر ديوان بولچند ڏيارام عالمچنداڻي جو جنم حيدرآباد م ٿيو. بولچند ڏيارام بي. اي جو امتحان سال 1893ع ۾ پاس ڪيو. هيءُ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ ۽ عالم هو. کيس 1908ع ۾ سنڌي ٻوليءَ سان سهڪار جي ڪري -انگريز سرڪار طرفان خراج تحسين پيش ڪيو ويو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو سنڌي تعليمي ادارن جي سڌاري لاءِ گذاري ڇڏيو. هيرانند اڪيڊمي ، حيدرآباد جو پرنسپال هو. سياسي ميدان م به وڏو ڪردار ادا ڪيائين.
سنه 1828ع ۾، جيمس برنس نالي هڪ انگريز عملدارن، سنڌ جي ميرن جي ڪوٺ تي، مير مراد علي خان جي علاج ڪرڻ لاءِ آيو هو. بعد ۾ هن پنهنجي سنڌ جي انهيءَ سفر بابت هڪ ڪتاب لکيو. بولچند ڏيارام هي احوال ’سنڌ جي تاريخ‘ (ميرن جي درٻار)جي عنوان سان 1899ع ۾ ترجمو ڪري ڇپايو هو. انهيءَ سڄي ڪتاب جو ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، محترم محمد حنيف صديقيءَ کان ڪرايو آهي.
جيمس برنس ٽي مهينا شاهي مهمان ٿي رهيو. هن درٻار جي هلت چلت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کي غور سان ڏٺو. ڊاڪٽر جيمس پنهنجي عادت مطابق روز مره جا واقعا ۽ پنهنجا مشاهدا نوٽ ڪندو ويندو هو. هن سنڌ جي ميرن جي طرز حڪومت ۽ درٻار بابت هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو رکيائين:
”Narrative of a visit to the court of Sinde“
اهو ڪتاب 1831ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ مسٽر برنس سنڌ جي سياست، دريائي رستن ۽ ان دؤر جي معيشت بابت بنيادي معلومات ڏني آهي.
بولچند جو هي ڪجهه عرصو هي ڪتاب اسڪولي شاگردن جي درسي ڪتابن ۾ شامل رهيو. بولچند ڏيارام ڪيترائي مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”موت کان ڪهڙو هنڌ کالي آهي“ اهم آهي. بولچند ڏيارام جون مشهور لکيل مضمون ’تاج محل‘ ۽ ’نورجهان‘ 1914ع ۾ ڇپيا.

آخوند حاجي فقير محمد ( 1846_1918ع )

آخوند حاجي فقير محمد ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي حيدرآباد جي ۾ ڄائو. آخوند فقير محمد، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو ڄاڻو هو. تپيدار نوڪري ڪيائين، دل نه لڳڻ سبب جلد ئي استعيفا ڏئي مطالعي ۾ عالمن ۽ اديبن سان وقت گذارڻ لڳو. سندس سموري زندگي درس ۽ تدريس ۾ گذري. پاڻ بهترين شاعر ۽ مضمون نگار هو. شاعريءَ ۾ هڪ ديوان ۽ هڪ مثنوي سندس يادگار آهن.
نثر ۾ سندس ڪتاب ”داستان گلشن بهار“ هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو. هي ڪتاب شايد 19هين صدي ۾ لکيو ويو هو، پر شايع گهڻو بعد ۾ ٿيو. سنڌي نثر ۾ تڪبنديءَ جو سهڻو نظارو رکي، تصنيف ڪيو آهي. ڪنهن به ڪتاب تان نقل يا ترجمو ڪيل ڪو نه ٿو ڏسجي. ڪتاب جهوني زماني جي اديبن جي داستان گوئيءَ واري طرز تي لکيو اٿس: منجهس پهاڪن ۽ چوڻين جي چهر ٻهر، وڻندڙ بيت، غزل ۽ شعر، موزون هنڌن تي اهڙي نموني چونڊي رکيل آهن، جو پڙهندڙ هر طرح جو لطف حاصل ڪري سگهندا. سندس نثر جي ٻين ڪتابن ۾ ”قانون عشق“ اردوءَ مان (1905 ع)، ”جان سالڪ“ (شاهه باهو سلطان قدس سره جي رسالي ”عين الفقر“ پارسيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو) ، ”نيڪ اخلاق“ (اخلاق محسني، فارسيءَ تان ترجمو ڪيل) ۽ تفسير ”فاتح الڪتاب“ (تفسير) اهم آهن.

اوڌنمل سترامداس سڌاڻي

اوڌنمل ولد سترامداس سڌاڻي سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو عالم، اديب ۽ ماهر تعليم هو. سندس تعلق ڪراچيءَ سان هو. هن تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو ۽ ڳچ عرصو اين . جي. وي اسڪول ڪراچيءَ ۾ گذاريو. ڪجهه وقت لاءِ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪيترائي درسي ۽ ادبي ڪتاب، ساٿي اديبن سان گڏ لکيا، جن ۾ ڪي هي آهن:
اوڌن مل سترامداس سڏاڻي، ديوان ڪوڙيمل سان گڏجي ” سنڌي پنجون“ ڪتاب لکيو، جيڪو، 1874ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي پنجون ڪتاب هڪ درسي ڪتاب هو، جيڪو پنجين درجي شاگردن لاءِ لکيل هو. ڪتاب ۾ شاعريءَ سان گڏ نثر جا 42 سبق ڏنل آهن، ۽ ڪتاب 238 صفحن تي مبني آهي. ڪتاب جي ٻولي ٻارن جي عمر ۽ ڏانءَ وٽان ڏنل آهي. ڪتاب ۾ انگريز سرڪار سان وفادار رهڻ جو وچن ورتل آهي.
اوڌن مل سترامداس جو هڪ ٻيو ڪتاب ”الجبرا“ڪمشنر پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال 1893ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب، ڪنهن ڪتاب جو ترجمو هو. هن ڪتاب ۾ 515 صفحا آهن.
اوڌن مل سترامداس سڌاڻي جو ٻيو ڪتاب ” انگي حساب“ آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ تعليم کاتي وارن قيصريه پريس، حيدرآباد مان 1897ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ 84 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ليٿو ۾ ڇپيل آهي. هن ڪتاب جي ڇپيل ڪاپين جو تعداد 500 آهي.
چٽرڀڄ لالچند اوجها ۽ اڌنمل سترامداس سداڻيءَ گڏجي انگريزي- سنڌي مشق جو ڪتابTranslation Exercises Anglo- Sindhi)ڪراچيءَ مان 1883ع ۾ ڇپايو. اوڌن مل سترامداس سڌاڻي ۽ جهمٽ راءِ منگهو مل گُلراجاڻي ”ترڪيبي واٽ“ لکيو. هن ڪتاب جو موضوع رياضي آهي. ڪراچيءَ جي تعليم کاتي طرفان هيءُ ڪتاب ڪمشنر ڪراچيءَ جي ڇاپخاني مان 1884ع ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ 50 صفحا آهن.
ماستر ڌرمداس سترامداس سڌاڻي، 1911ع ۾ ”ڪافين جو وڏو ڪتاب“ ترتيب ڏنو، جيڪو درسي مقصدن لاءِ ترتيب ڏنل هو. ڪتاب ۾ صفحا 40 ڏنل هئا.
اُڌنمل سترامداس سڏاڻيءَ ۽ جڳتراءِ ايسرداس گڏجي 1908ع ۾ ”ادب ۽ مروت“لکيو. هي ڪتاب انگريزي ٻوليءَ تان ترجمو هو، جنهن ۾ اخلاقي مسئلن کي پيش ڪيو ويو آهي.
جهمٽراءِ منگهومل سان گڏجي اٺن حصن ۾ ”سنڌي مشق ڪتاب“ 1880ع ۾ جوڙيا. اهڙي طرح جهمٽراءِ ايم گلراجاڻيءَ سان گڏجي ”گلاسري آف ورڊس اڪرنگ ان هارورڊس انگلش، (انگريزي سنڌي) جي حساب سان تي ڪتاب 1885ع ۽ ۽ 1886ع ۾ جوڙيا.

ڊولامل بولچند (1857-1917ع)

ڊولامل بولچند حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هو ان وقت حيدرآباد جنرل لائبريريءَ ۾ لائبريرين هيو. 1858ع ۾ ڪمشنر بارٽل فريئر جي هدايت تي، ڪراچيءَ جي طرز تي هڪ لائبريري ”حيدرآباد نيٽو جنرل لائبريري“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هيءَ لائبريري پڻ سرڪار ۽ عوام جي تعاون سان ٺهي راس ٿي. ڊولامل بولچند، هن لائبريريءَ جو ملازم هو ۽ ترقي ڪندي لائبريرن جي عهدي تي پهتو.کيس مطالعي جو وڏو شوق هوندو هو. هو پرمانند ميوارام جو عزيز هو ۽ ساڻس ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ جي ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي هو. سندس پوٽي، جيڪا هندستان ۾ ماريا ڊسوزا ، ڪنهن ڪاليج جي پرنسيپال هئي، تنهن لکيو هو ته ”مان پنهنجي ڏاڏي ڊولامل بولچند تي فخر ٿي ڪيان، جنهن 1904ع ۾ انگريزي-سنڌي لغت جوڙي شايع ڪئي هئي. هو هڪ ذهين انسان ۽ عالم هو ۽ وٽس تمام وڏي لائبريري هوندي هئي“. مسز ڊولومل جي گهرواري پڻ ان دور ۾ ، هڪ نامياري سماج سيوڪ هئي.
ڊولامل بولچند ڪيترا ڪتاب لکيا، انهن جي ڪٿ مشڪل آهي. پر هن ان دور ۾ جيئن ته سرڪاري طور رواج هو ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڏيهي توڙي پر ڏيهي عملدار سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪندا، ان ڪري خاص طور تي انگريزي ۽ سنڌيءَ تي دسترس رکندڙ هندو عالم اهڙا ڪتاب جوڙيندا هئا يا ڪلاس هلائيندا هئا، جن سان انگريز عملدارن کي سنڌي سيکاري سگهجي. ان ڏس ۾ ڊولامل بولچند ڪتاب لکيا. هن 1901ع ۾ ٻن جلدن ۾ عملدارن جي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ ”سنڌي مينوئل“ (Manual of Sindhi) تيار ڪري پاڻ شايع ڪيو، جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته هي ڪتاب يورپي آفيسرن، مشنري ۽ ٻين جي سنڌي ٻوليءَ جي استعمال خاطر آهي.
A manual of Sindhi: for the use of European officers, missionaries and others studying the Sindhi language.
ڊولامل بولچند جي ”انگلش – سنڌي ڊڪشنري“ 1904ع ۾ قيصريه پريس حيدرآباد ۾ مان شايع ٿي، جنهن جي قيمت ٻه رپيا اٺ آنا هئي ۽ ان ۾ 326 صفحا هئا. اُن جو ٻيو ڇاپو مانگهر سنگهه مولچند لالواڻي نظرثاني ڪري حيدرآباد مان 1909ع ۾ منظر عام تي آندو.
ڊولامل بولچند جي ”سنڌي – انگريزي لغت“ ڪراچيءَ مان شايع ٿي. اها لغت 1910ع ڌاري، ڊيمي سائيز جي 262 صفحن تي، ميريويڌر اسٽيم پريس ڪراچي (رجسٽرڊ انڊر ائڪٽ XXV آف 1867ع) ۾ پھريون دفعو ڇپي. ڊولامل، مرزا قليچ بيگ جو بهترين دوست هو. ان دوستيءَ جي پويان به ٻنهي جو ڪتابن سان دوستيءَ وارو رشتو لاڳو هو.

ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي (1880-1961ع)

ڏيارام ميرچنداڻي جي پتا جو نالو وسڻمل ميرچنداڻي هو ۽ سندن تعلق حيدرآباد جي ميرچنداڻي ڪٽنب سان هو. مشهور عالم، اديب ۽ سرڪاري ترجمان اڌارام ٿانورداس، ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻيءَ جو چاچو هو. ڏيارام وسڻمل جو جنم 2 جنوري 1880ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو، هن شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ڪراچيءَ جي اين .جي وي. اسڪول مان تعليم ورتائين ۽ اتي ئي استاد مقرر ٿيو، سنڌ ٽريننگ ڪاليج ٽريننگ ڪاليج ، حيدرآباد ۾ به رهيو، پر اين .جي وي سڪول ۾ 32 سال تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ 1931ع کان 1935ع تائين، اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو.
ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي تمام وڏو عالم ، اديب ۽ لسانيات جو ماهر هو. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن. ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو سربراهه به هيو. ڏيارام وسڻ مل سنه 1904ع ۾ ”سنڌي گرامر“ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيو. ان کان پوءِ، سنه 1914ع ۾ ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻيءَ ۽ ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻيءَ (تعليمي کاتي جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر) گڏجي اسڪول شاگردن لاءِ، ”سنڌي وياڪرڻ ڀاڱو پهريون“ لکيو. جڏهن ته ڀاڱو- 2 حيدرآباد سنڌ مان سال 1915ع ۾ شايع ڪيو. ڀاڱي پهرين جو هڪ ٻيو ڇاپو، مصنفن ڪراچيءَ مان 1919ع ۾ ڇپايو، جڏهن ته ٻيو ڀاڱو ڇاپو ٽيون ڪراچيءَ مان 1920ع ۾ شايع ٿيو. ٻنهي صاحبن ”سليس سنڌي گرامر“ جي نالي سان هڪ ڇاپو 1928ع ۾ حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو . ميرچنداڻي جي لکيل گرامر جو وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو ”سولو سنڌي ويا ڪرڻ: ديوناگري لپي ۾“ سنه 1963ع ۾ ديوناگري سنڌي سڀا، بمبئي ڀارت مان شايع ڪيو آهي.
1935ع ۾ ڏيارام وسڻمل مير چنداڻيءَ ۽ جمناداس ولڀداس سڏاڻيءَ ”چونڊ سنڌي نثر“ ترتيب ڏئي شايع ڪيو.هي ڪتاب بمبئي يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ جي امتحان لاءِ ”نصابي ڪتاب“ طور ترتيب ڏنو ويو هو.هن ڪتاب ۾ پراڻن لکندڙن جا ليکڪ ڏنا هئا.هن ڪتاب جي اها خصوصيت جا شامل ڪتابن ۾ پهرين دفعو نمودار ٿي، سا اها ته ڏيارام مضمون جي شروع ۾ هر هڪ لکندڙ جي شخصيت ۽ سندس تصنيفن جي بابت مختصر تعارف ڏنو آهي. تنهن کانسواءِ ”سنڌي نثر تي نظر“ جي سري سان هڪ تاريخي مهاڳ به لکيل آهي، جنهن ۾ پهريون ئي دفعو سنڌي نثر جي اوسر بابت مختصر احوال ڏنل هو.
ڏيارام وسڻمل ۽ ليلارام پريمچند واڌواڻي جو گڏجي لکيل ڪتاب ”جاميٽري“، اسڪول جي شاگردن لاءِ لکيل ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 1933ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 154 صفحا آهن. هڪ ٻيو ڪتاب ”انگي حساب“ پڻ لکيائين.1907ع ۾ ديوان ڏيارام وسڻمل ۽ ليلارام پريمچند مضمونن جو هڪ مجموعو ”گلدستو“ ڇپرايو، جنهن ۾ ”سرسوتي“، ”جوت“، ”اخبار تعليم“۽ ”پرڀات“ تان مضمون چونڊي شامل ڪيا ويا. هن مجموعي جي مضمونن جا عنوان ”تاج محل“، ”اڪبر جو موت“، ”پريم“، سچو سينگار“، ”راڳ“، ”وويڪ“، ”گورستان مان گذر“ وغيره آهن، جن جا مضمون نگار ڪيولرام سلامت راءِ،، ”بولچند ڏيارام، بولچند ڪوڏو مل، نولراءِ اڌارام، ڪوڙو مل چند مل، مرزا قليچ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند، محمد صديق ميمڻ، تارا چند شوقيرام آهن.
ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن سان وابسطه هو، انهن ۾ ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ ۽ ”سنڌو ساهت ڪلب“ اهم هئا، جتي هو ٻوليءَ ادب جي موضوعن جي ليکڪچر ڏيندو هو. 17 جون 1944ع تي هن سنڌو ساهت ڪلب جي پليٽ فارم تان ”سنڌي ٻولي جون خصوصيتون“ جي عنوان سان ليڪچر ڏنو.

ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي

ڪشنچند ولد گلاب سنگهه ، سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو عالم، اديب ۽ ماهر تعليم هو. سندس تعلق حيدرآباد جي گدواڻي ڪٽنب سان هو. 1892ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ ۽ 1895ع ۾ ،۽ بي.اي جو امتحان، ڊي. جي ڪاليج ڪرائي پاس ڪري تعليم کاتي ۾ شامل ٿيو. 1900ع ۾ حيدرآباد اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. 1908ع ۾ کيس شڪارپور ضلعي ۾ اسسٽنٽ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو، 1918ع ۾ حيدرآباد ضلعي جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو، 1920ع ۾ هن حيدرآباد ضلعي جا 82 اسڪول وزٽ ڪري ليڪچر ڏنا. 1925ع ۾ کيس شڪارپور ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ 1929ع ۾ کيس تعليم کاتي ۾ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو، جيڪا تعليم کاتي جي وڏي ۾ وڏو عهدو هو. 1931ع م نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين ۽ حيدرآباد جي سسنڪرت اسڪول جو پرنيسپال طور ڪم ڪيائين. سنه 1940ع ۾ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ديوان رتن سنگهه ۽ گلاب سنگهه جي ميدان ۾ هيلٿ سينٽر کولرايو ۽ ضرورت مند شاگردن جي مدد ڪيائين.
ڪشنچند گلاب سنگهه ۽ ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي تعليم کاتي ۾ ٻاهر بهترين دوست هئا. هنن گڏجي ڪجهه ڪتاب لکيا.1914ع ۾ ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻيءَ ۽ ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻيءَ گڏجي اسڪول شاگردن لاءِ، ”سنڌي وياڪرڻ ڀاڱو پهريون“ لکيو. جڏهن ته ڀاڱو- 2 حيدرآباد سنڌ مان سال 1915ع ۾ شايع ڪيو. ٻنهي صاحبن ”سليس سنڌي گرامر“ جي نالي سان هڪ ڇاپو 1928ع ۾ حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي ۽ ٺاڪرسنگهه دياسنگهه ڪيسواڻي گڏجي 1927ع ۾ ”شاعرانه موتي“ مرتب ڪيو. هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سامي، سچل سرمست، ديوان ليلارام وطڻ مل خاڪي، مير عبدالحسين سانگي، دلپترام سيوهاڻي، آخوند گل محمد هالائي، تولارام مينگهراج ٻالاڻي، بيدل، بيڪس، روحل فقير، مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، نواز علي نياز جعفري، سوڀراج نرملداس فاني، ميان محمد حسين غلام، ٺاڪرسنگهه دياسنگهه، منشي لالچند مجروح، ڀائي ڌرمداس وغيره شامل آهن.
1919ع ۾ ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي” جاميٽري“ لکيو، جيڪو ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 154 هئا. 1926ع ۾ ڪشنچند گلابسنگهه ۽ ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي” انگي حساب“لکيو. هيءُ ڪتاب ٽيويهن بابن ۽ ڏيڍ سَو صفحن تي پکڙيل آهي. ان کان پوءِ 26 صفحن تي حسابن جا جواب به ڏنا ويا آهن. ابتدائي ڪلاسن لاءِ جوڙ، ڪٽ، ونڊ ۽ ضرب، جدولون ۽ متفرقه حساب ڏنل آهن، ته وري مٿين ڪلاسن لاءِ وياج، وڏو عام پورو ونڊيندڙ، ننڍي عام ڀڃ اپت، ٽِه- رقمي وغيره جا حساب ڏنل آهن.
ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي، ۽ وسڻ مل 1914ع ۾ گڏجي ”سنڌي وياڪرڻ“ اسڪول جي شاگردن لاءِ لکيو، جيڪو ٻن ڀاڱن تي مشتمل هو، جنهن لاءِ هنن لکيو آهي ته، “سنڌي ٻوليءَ ۾ ننڍن ٻارن لاءِ ڪنهن سولي ۽ سليس وياڪرڻ جي گهڻي گهرج ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن وقت جيڪي وياڪرڻ جا ڪتاب موجود آهن، تن ۾ فقط وياڪرڻ جون حقيقتون ڏنل آهن، پر ٻارن کي اهي ڪيئن سمجهائجن، تنهن بابت ڪا ترتيب ڏنل نه آهي. سٺو رستو اهو آهي ته وياڪرڻ جون سڀ حقيقتون باقاعدي مثالن وسيلي سيکاريندڙ جي هدايت هيٺ شاگرد پاڻ ڳولي ڪڍن ۽ وصفون پاڻ چئي سگهن. جيئن ته هي ڪتاب هيٺين ڪلاسن جي شاگردن لاءِ لکيو ويو هو، ان ڪري ان ۾ سمجهائڻ جو طريقو تمام گهڻو سولو ۽ سٺو آهي.”
مثال طور: اسم کي سمجهائڻ لاءِ ان کي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهائي، شاگردن کي چونڊڻ لاءِ چيو ويو آهي، مثال طور: (1) ماڻهن جا نالا، (2) ساهوارن جا نالا، (3) جاين جا نالا، (4) شين جا نالا، (5) خاصيتن جا نالا، (6) ڪمن جا نالا . ان کانپوءِ وصف ڏني وئي آهي ته انهن سڀني نالن کي اسم چئبو آهي، تنهنڪري: “ڪنهن ماڻهوءَ، ساهواري شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت يا خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي.”ڪشنچند گلاب سنگهه ۽ ڏيارام وسڻ مل پهريون دفعو سنڌي گرامر ۾ بيهڪ جي نشانين (Punctuation Marks) تي هڪ باب لکيو، جن جي اهميت ۽ ضرورت بابت لکيو اٿن ته: لکيل جملي جي پوري معنيٰ معلوم ڪرڻ لاءِ بيهڪ جون نشانيون ڏيڻ ضروري آهن، انهن کي غلط جاءِ تي ڏيڻ سان جملي جو مطلب مٽجي وڃي ٿو. معنيٰ ۽ مفهوم پڙهندڙ تائين واضح طريقي سان پهچائڻ لاءِ بيهڪ جي نشانين جو صحيح استعمال ضروري آهي. هنن ليکڪن اسم جون ٽي حالتون: ‘فاعلي، مفعولي ۽ جري’ لکيون آهن. حالت اضافت ۽ حالت ندا کي حالتن جي دفعي مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. هي پهريان عالم هئا، جن فعل جو بنياد (Root) مصدر (Infinitive) کي ڄاڻايو. باقي ٻين ڳالهين ۾ پهرين گرامرن واري هڪجهڙائي ڏيکاريل آهي.

اي. ٽي. شهاڻي

اي .ٽي. شاهاڻيءَ جو نالو سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۾ وسارڻ جهڙو ناهي. هن صاحب جون لکيل ٻه ڊڪشنريون، ”سنڌي – انگريزي ڊڪشنري“ ۽ ”انگريزي – سنڌي ڊڪشنري“ به سنڌ ۾ گهڻو مشهور ٿيون. اُنهن ڊڪشنرين جا ڪيترائي ڇاپا سنڌ ۽ هند ۾ ڇپبا رهيا آهن.
برک لغت نويس ديوان اي.ٽي. شهاڻيءَ جو پورو نالو آنندرام ٿڌومل شهاڻي هو. سندن جنم حيدرآباد جي شهاڻي ڪٽنب ۾ ٿيو. سندس والد ديوان ٿڌومل شهاڻي سنڌي، انگريزي ۽ فارسي ٻولين جو ماهر هو ۽ انگريز عملدارن کي سنڌي ٻولي سيکاريندو هو. سندس پٽن ديوان آنندرام ۽ ڏيارام پڻ ساڳيو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ ان مان چڱو پيسو ڪمايو. هنن پنهنجي پريس ”ايجوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني“ قائم ڪئي، جتان اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ڪتاب ۽ ڪيترائي ادب ڪتاب شايع ڪيا.
ديوان آنندرام گهڻين ٻولين جو ڄاڻو هو، هن سنڌي، انگريزي، فارسي، گجراتي، مرهٽي ٻولين ۾ لغتون تيار ڪري ڇپايون. ديوان آنندرام، پنهنجي والد وانگر سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ انگريز عملدارن ۽ ملٽري آفيسرن کي سنڌي ٻولي سيکاريندو هو. کانئس ٻوليون سکندڙن ۾ سر پرسيول [رين]به هو، جنهن (Wren & Martin’s English Grammar & Composition) نالي ڪتاب اسڪولي شاگردن لاءِ تيار ڪيو هو.ٻيو ميجر جنرل ايڇ.اي.ڪئنڊن هو، جنهن فارسي، بلوچي، هندي ۽ پشتو ٻوليون، ديوان آنندرام کان سکيون هيون. مسز لارينس، جيڪا سنڌ جي ڪمشنر، سر هينري لارينس جي گھر واري هئي، ۽ ٻيا يورپين آفيسر ديوان کان سنڌي ۽ ٻيون ٻوليون سکيا. ٻوليون سيکارڻ جو ڪم ديوان صاحب 1897ع کان شروع ڪيو، جڏهن سندس عمر 20 سال هئي. جو برصغير جي ورهاڱي تائين رکيائين. 1949ع ۾ ديهانت ٿي ويس. اي. ٽي. شهاڻيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

1. Sindhi Self Instructor
2. Sindhi self-instructor: In Arabic Sindhi and Devanagari scripts with pronunciations in Roman characters
3. The English Sindhi dictionary: With correct pronunciation in Sindhi characters
4. Sindhi-English Dictionary
5. Gujrati Self Instructor
6. Marathi Self Instructor
Sindhi English Teacher
7. Marathi English Teacher
Hindi-English Dictionary
8. Persian-English Dictionary
9. English-Urdu Dictionary
10. Hindi Primer
11. Europeans' guide to Hindustani: One month's course with key
12. Gujarati self-instructor; specially prepared for South Indians, Christians, Anglo-Indians, Maharashtrians, Punjabis, Sindhis, foreigners, etc., etc.,

حوالا

1. مقصود احمد قاضي: ”تاريخ مٽياري“،علمي ادبي اشاعت گهر، مٽياري، 2006ع، ص 112
2. ساڳيو حوالو، ص 114
3. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 429
4. ساڳيو حوالو ، ص 429
5. مقصود احمد قاضي: ”تاريخ مٽياري“،علمي ادبي اشاعت گهر، مٽياري، 2006ع، ص 113،114
6. قريشي حامد علي خانائي: ” ٽالپرن جي دؤر جو سنڌي نثر نگار“، سي ماهي مهراڻ، 1979ع، نمبر 1
7. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”ڪئپٽن جارج اسٽئڪ (ڪلاچي 2006) شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي
8. مسٽر ايلس جو ڊڪشنري تي لکيل مهاڳ ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد
9. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”ڪئپٽن جارج اسٽئڪ“ (ڪلاچي 2006) شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي
10. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ، (جلد ڏهون)، چيف ايڊيٽر سرفراز راڄڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2016ع، ص 141
11. Mukhtiar Ahmed Mallah: “The Development of Sindhi Language and Script during English Period” Sindhi Language Authority, Hyderabad,2017
12. مختيار احمد ملاح: ”مغربي سنڌ شناس“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 253
13. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”ڪئپٽن جارج اسٽئڪ“، (ڪلاچي 2006) شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي

14. Mukhtiar Ahmed Mallah: “The Development of Sindhi Language and Script during English Period” Sindhi Language Authority, Hyderabad,2017
15. Ernest Trump: ““Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters”,
16. ڊاڪٽر درشهوار سيد: ”سور وراهيان سرتيون“، (مضمون: جرمن اسڪالر ۽ سنڌي ٻولي) جي ايم سيد لٽرري سوسائٽي، ڪراچي 2006ع
17. ارنيسٽ ٽرومپ: ”شاهه جو رسالو يعني ديوان عبداللطيف ڀٽائيءَ جو“
18. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي: شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي، مرڪز، 1985
19. نائون مل: ”يادگيريون“ (ترجمو: محمد حنيف صديقي) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1990ع، ص 214
20. سنڌي صرف وَ نحو“، گورنمينٽ آف انڊيا 1860 (ڪتاب جو Preface )
21. حبيب الله ڀٽو: ”سنڌي ساهت ۽ مشهور مستشرقين“. مسڪين پبليڪشن، شڪارپور 1973ع ص 77
22. سنڌي صرف وَ نحو“، گورنمينٽ آف انڊيا 1860 (ڪتاب جو Preface )
23. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي : ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪشن، حيدرآباد، 1997ع ، ص 10
24. مختيار احمد ملاح: ”مغربي سنڌ شناس“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 296
25. جارج شرٽ: سنڌي ٻولي جي بنياد ، سن 1878ع
26. ناسف علي شيراز: سنڌي گرامر، اصطلاحن ۽ محاورن جو اڀياس“، (سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، جون 2012ع، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2007 ص 70
27. ناسف علي شيراز: سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي ، سي ماهي مهراڻ 2 ، 2004ع
28. Mukhtiar Ahmed Mallah: “The Development of Sindhi Language and Script during English Period” Sindhi Language Authority, Hyderabad,2017
29. ساڳيو حوالو
30. ساڳيو حوالو
31. نارائڻ جڳن ناٿ: ”سنڌ جو نروار“، تعليم کاتو، 1865ع
32. علي اصغر اوٺو: ” ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي (انٽرنيٽ)
33. ننديرام ميراڻي :”تواريخ سنڌ“ ،مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع
34. ننديرام ميراڻي :”تواريخ سنڌ“، مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع
35. ننديرام ميراڻي :”بابنامو“ ، تعليم کاتو ، 1857ع
36. ننديرام ميراڻي :” ايسپ جون آکاڻيون“،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1996ع
37. پير حسام الدين راشدي:”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1981ع
38. ننديرام ميراڻي :”تواريخ سنڌ“ ،مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع
39. ساڳيو حوالو
40. ساڳيو حوالو، ص 226
41. ننديرام ميراڻي : ”سيکائتو نروار“1856، تعليم کاتو، ص 18-9
42. ساڳيو حوالو، ص 18
43. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 236
44. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 230
45. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 232
46. ڏيارام وسڻمل مير چنداڻي؛ چونڊ سنڌي نثر“، سندر پرنٽنگ پريس، اجمير، 1951ع، ص 31
47. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 240
48. منشي اڌارام ٿانور داس ميرچنداڻي: ”پهريون ڪتاب“،تعليم کاتو، 1853ع، سبق ايڪيهون جمله نمبر8-10
49. منشي اڌارام ٿانور داس ميرچنداڻي: ”ٻيو ڪتاب“،تعليم کاتو، 1853ع، سبق يارھون
50. ڊاڪٽر غلام علي الانا : “سنڌي نثر جي تاريخ” ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ، ص 74
51. منشي اڌارام ٿانور داس: ” فارسي آموز“، ڪراچي سينٽرل بڪ ڊيپو، 1916ع
52. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”ڪئپٽن جارج اسٽئڪ (ڪلاچي 2006) شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي
53. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص
54. منشي اڌارام ٿانور داس: ”ونهين ۽ ولهي جي آکاڻي“، 1860ع
55. ذولفقار راشدي: ” سنڌي طوطي نامو“، مهراڻ، 1967، نمبر 2
56. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 49
57. منشي اڌارام ٿانور داس ۽ ساڌونولراءِ : ” راسيلاس “،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
58. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئنيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 238
59. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 264
60. ديوان پرڀداس انندرام:” ٽيون ڪتاب“،تعليم کاتو، 1853ع، سبق ايڪويهون
61. ديوان پرڀداس آنندرام: ” چوٿون ڪتاب“،تعليم کاتو، 1853ع، ص 87
62. ديوان پرڀداس انندرام:”هندستان جي توريخ “،تعليم کاتو، 1863ع
63. ساڳيو حوالو
64. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 269
65. ڀيرومل مهرچند؛ ” آڳاٽن شاگردن جا اهنج“، ماهوار سنڌو، فيبروري 1946ع
66. جنيت ريلواڻي:”سنڌ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا“، سنڌ ڀارتي پبليڪيشن، راجڪوٽ، 2008ع، ص 387
67. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي : ” اڻويهن صديءَ جو جائزو“، ماهوار پيغام، ڊسمبر ، 1988ع
68. سنڌي صرف وَ نحو“، گورنمينٽ آف انڊيا 1860 (ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ Preface)
69. ساڳيو حوالو
70. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 283
71. ڊاڪٽر آفتاب ابڙو:” موجوده عربي - سنڌي لپيءَ جو تنقيدي اڀياس“،ڪلاچي جرنل، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي،جون 2010ع
72. مانجهي: ”ٻولي ماهر قاضي غلام علي“، سنگت سماچار، مارچ 1987ع
73. اها معلومات سندس خاندان جي بزرگن کان ورتي وئي آهي.
74. قاضي غلام علي: ”هندستان جي تاريخ“،ليٿو ڪراچي 1854ع
75. قاضي غلام علي: ”هندستان جي تاريخ“،ليٿو ڪراچي 1854ع
76. ساڳيو حوالو
77. ننديرام ميراڻي :”تواريخ سنڌ“ ،مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع
78. اها معلومات سندس خاندان جي بزرگن کان ورتي وئي آهي.
79. غلام حسين قريشي: ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“،ليٿو ڪراچي 1854ع
80. ساڳيو حوالو
81. ساڳيو حوالو
82. آغا سليم: “سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌيت”، (سنڌي ڪهاڻي، ترتيب ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي)، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي، 2000ع
83. ننديرام ميراڻي :”تواريخ سنڌ“ ،مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع
84. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، مهراڻ 1 ، 1995ع
85. اسد الله ”اسد“ ٽکڙائي: ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1959ع، ص 21، 22
86. Mukhtiar Ahmed Mallah: “The Development of Sindhi Language and Script during English Period” Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2017
87. غلام محمد گرامي: ”سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه“، مهراڻ 1 ، 1959ع
88. سيد ميران محمد: ” ”سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه“، مهراڻ 1 ، 1959ع
89. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 280
90. سيد ميران محمد: ” آڪاسي نروار“، 1856ع
91. سيد ميران محمد: ” مفيد الصبيان“، 1861ع
92. ساڳيو حوالو
93. اسد الله ”اسد“ ٽکڙائي: ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1959ع، ص 25
94. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
95. ساڳيو حوالو
96. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ” سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ“،سي ماهي مهراڻ نمبر 4 ، 2000ع
97. روچي رام گجومل: ” A Hand Book of Sindhi proverbs، 1935ع
98. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 45
99. ناسف علي شيراز: سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي مهراڻ 2 ، 2004ع
100. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ، (جلد پهرون)، چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2009ع، ص 36
101. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ شخص ۽ عڪس“ ، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2015، ص 8
102. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ ” جواهراللغات سنڌي اڪيچار“،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2009ع
103. آخوند عبدالرحيم محمد وفا ؛ قصو عمر مارئي جو“، تعليم کاتي جو ڇاپخانو، 1871ع، ص 6
104. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ ” جواهراللغات سنڌي اڪيچار“،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2009ع
105. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ ” جواهراللغات سنڌي اڪيچار“،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2009ع
106. ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي: ”سنڌي نثر تي نظر – چونڊ سنڌي نثر“ 1935ع
107. ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو: ” اسان جي سنڌي زبان“،”الوحيد“ جو آزادي نمبر، 14 آگسٽ 1949ع
108. ميمڻ ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي: ”ست مقالا“، مسلم بڪ اسٽور ، سکر، ص 25
109. ميمڻ ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي: ”ست مقالا“، مسلم بڪ اسٽور ، سکر، ص 25
110. ديوان ڪيولرام سلامتراءِ: ” گل يا گلقند“
111. ديوان ڪيولرام سلامتراءِ: ” گل يا گلقند
112. ديوان ڪيولرام سلامتراءِ: ” سوکڙي“ (لالچ)
113. موتيرام سترامداس: “رتن جوت“، سنڌي ساهت گهر ، حيدرآباد، 2010ع، ص 87
114. سر ايڇ . ايوان، ايم. جيمس: ”ھندستان جي تاريخ جو ھڪ وساريل ورق يعني جي سيٺ نائونمل ھوتچند سي. ايس. آءِ. جون، (١٨٠٤ کان ١٨٧٨ع)“، 1915ع
115. گل حسن ڪلمتي؛ ” ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“، نئو نياپو اڪيڊمي، ڪراچي، 2012ع، ص 141
116. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 287
117. آلومل ٽيڪمداس: ” سنڌ جي تاريخ“،ليٿو ڪراچي 1862ع
118. سر ايڇ . ايوان، ايم. جيمس: ”ھندستان جي تاريخ جو ھڪ وساريل ورق يعني جي سيٺ نائونمل ھوتچند سي. ايس. آءِ. جون، (١٨٠٤ کان ١٨٧٨ع)“، 1915ع
119. ساڳيو حوالو
120. Internet website http://www.dalsabzi.com/index.htm
121. ديوان واڌو مل چنديرام: ”منتخب تاريخ انگلستان“،1860ع ۾ وديا ونود ڇاپخانو ڪراچي
122. ساڳيو حوالو
123. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي:” اڻويهن صديءَ جو جائزو“، ماهوار پيغام،اطالاعات کاتو، ڊسمبر ، 1988ع
124. مرزا غلام رضا بيگ: ”مفتاح القلب“،1871ع
125. ڊاڪٽر هدايت پريم: ” سنڌي ٻوليءَ جا ليکڪ ۽ انهن جي تحقيق“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2007ع، ص 40
126. علي نواز حاجن خان جتوئي؛ سنڌي زبان تي ٿيل کوجنا، مهراڻ 2/ 1968ع
127. جهمٽ مل نارو مل : ”وئتپتي ڪوش“، ليٿو ڪراچي 1886ع
128. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو: ”سنڌي وئتپتي ڪوش“، مهراڻ 2 ، 1987ع
129. ڊاڪٽر هدايت پريم: ” سنڌي ٻوليءَ جا ليکڪ ۽ انهن جي تحقيق“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2007ع، ص 43
130. چرنداس ٺاڪرداس : ” ديوان ڪوڙيمل جو جيون چرتر“، نيشنل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد
131. الوحيد اسپيشل ايڊيشن سنڌ آزاد نمبر “، جون 1936ع
132. موتيرام ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“،شاردا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع، ص 57، 58
133. ڪوڙومل چندمل ۽ ۾ اوڌن مل : ”پنجون ڪتاب“، ڪراچي گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو، 1874ع، 191
134. ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ: ” پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقي جائزو“،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2012ع، ص 79
135. ڪوڙومل چندمل : ”ڇهون ڪتاب“، ڪراچي گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو، 1896ع،ص 3، 4
136. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 533، 534
137. ڪوڙومل چندمل : ”کيتيءَ جو ڪتاب“،قيصريه پريس حيدرآباد ، 1879ع
138. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (3) ،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2005ع، ص 240
139. ڪوڙومل چندمل : ” پڪو پهه “، ڪراچي گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو،1862ع
140. ڪوڙومل چندمل : ”سنڌي پھاڪا“ ، ڪراچي گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو،1889ع
141. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 43
142. ڪوڙومل چندمل : ”ٻاراڻيون آکاڻيون“،1890ع
143. ڪوڙومل چندمل : ”رتناولي“،کي هريسنگهه ، سکر 1888ع
144. ساڳيو حوالو
145. ڪوڙومل چندمل : ” سنگ جو پرسنگ“،کي هريسنگهه ، سکر 1899ع
146. ديوان ڪوڙيمل چندنمل ؛ ”هندستان جي تواريخ“ برٽس بمبئي پريس، 1927ع
147. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ، (جلد پهريون)، چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2010ع، ص 37
148. ساڳيو حوالو، ص 37
149. محمد اسماعيل عرساڻي: ”چارمقالا“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،1974ع
150. آخوند لطف الله: ” گل خندان“،مطبوعه 1965ع
151. مرزا قليچ بيگ: ” سائو پن يا ڪارو پنو“،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2004ع
152. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 241، 242
153. مراد علي مرزا: ” سنڌي آئيويٽا ڪاميٽي“، نئين زندگي – سيپٽمبر-آڪٽوبر 1992ع
154. مرزا صادق علي بيگ:”اقتصادي نظام“،ايجوڪيشنل پبلشنگ ڇاپ خانو ڪراچي1871ع
155. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ،سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1972ع ص 46-47
156. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2005ع، ص 336
157. مرزا قليچ بيگ: ” احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي “،ايجوڪيشنل پبلشنگ ڇاپ خانو ڪراچي1987ع
158. سليم سهتو: ” مقالات الحقمت تي تبصرو“، ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو ، نومبر 1982ع
159. مرزا قليچ بيگ: ” مقالات الحقمت “، آر ايڇ برادرس، حيدرآباد، 1952ع
160. مرزا قليچ بيگ؛ ”خودياوري“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1958ع
161. مختيار احمد ملاح: ” ، ڪراچي، 2010ع، ص 130
162. مرزا قليچ بيگ: ” ليليٰ مجنون “،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،
163. مرزا قليچ بيگ: ” خورشيد “،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،
164. ساڳيو حوالو
165. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 112
166. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 115،116
167. مرزا قليچ بيگ: ” نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان “،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،
168. مرزا قليچ بيگ: ” شيخ چلي ۽ اڱن مسخرو“ هري سنگه، سکر، 1899ع
169. مرزا قليچ بيگ: ” نادر شاهه“،هريسنگه سکر وارو، 1900ع (پڙهندڙن جي خدمت ۾)
170. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ڊراما جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 137، 138
171. مرزا قليچ بيگ: ” شاهه ايليا “،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
172. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ڊراما جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 135،136
173. مرزا قليچ بيگ؛” دلچسپ قصا“ ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،
174. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 73
175. مرزا قليچ بيگ: ” دلارام “،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1964ع
176. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 66،67
177. مرزا قليچ بيگ: ” زينت “،اسٽنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد (ٻيو ڇاپو)، 1925ع
178. پروفيسر شيوارڦيرواڻي؛ ”حيدرآباد جي پنگتي ۽شهري حالت“ (مضمون)
179. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 73
180. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 74
181. پريتمداس حڪومتراءِ : ”استري جا نيمي ڪم“ 1895ع
182. موتيرام ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“،شاردا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع، ص 64، 65
183. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “ ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 48
184. ڌارام ۽ساڌو نولراءِ: ”راسيلاس“، 1985ع، ص 2
185. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 246
186. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ، (جلد ٻيو)، چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2010ع، ص 156
187. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ، (جلد پهريون)، چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2009ع، ص 309
188. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي زبان ۾ جاگرافيءَ جي مضمون جو ماضي، حال ۽ مستقبل“، روزانه ڪاوش، 2004ع
189. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي : ” اڻويهن صديءَ جو جائزو“، ماهوار پيغام،اطلاعات کاتو ، حڪومت سنڌ، جنوري ، 1989ع
190. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ، (جلد ٻيو)، چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2010ع، ص 606
191. تارا چند شوقيرام:”شاهه جو رسالو“،ايجوڪيشنل پبلشنگ ڇاپ خانو ڪراچي، 1900ع
192. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 57
193. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 188
194. ڏيارام گدو مل: ”ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج“، 1885ع
195. پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ؛ ”رشي ديوان ڏيارام گدومل“، سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئشن، 2000ع ، ص 215
196. پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ؛ ”رشي ديوان ڏيارام گدومل“، سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئشن، 2000ع
197. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ، (جلد پهريون)، چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2009ع، ص 465
198. شيخ محمد ابراهيم ”خليل“: ” بلبل سنڌ“، امرتا پبليڪيشن ، حيدرآباد، 2015ع، ص 70
199. شيخ محمد ابراهيم ”خليل“: ”بلبل سنڌ“، امرتا پبليڪيشن ، حيدرآباد، 2015ع، ص 70
200. شمس الدين ”بلبل “:”قلندر ي ميلو“ ، 1893ع
201. شيخ محمد ابراهيم”خليل“: ” بلبل سنڌ“، امرتا پبليڪيشن ، حيدرآباد، 2015ع، ص 70
202. شمس الدين ”بلبل “:”تيرنهن ڄار مڪرن جا مار“ ، 1896ع
203. انور فگار هڪڙو: ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2009، ص 170
204. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ڊراما جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 94
205. امام بخش ”خادم“ : ”ڪليات خادم“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1956ع
206. ڊاڪٽر قاضي خادم: ” سنڌيءَ جا نثري داستان“، انڊس پبليڪيشنز، ڪراچي، 19ع ، ص 186
207. امام بخش ”خادم“ : ”الف ليليٰ“،
208. انور فگار هڪڙو: ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2009، ص 423، 424
209. لطف الله بدوي: ” چار درويش جي سنڌي ترجمي تي نظر، (چار دريش)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1960ع
210. انور فگار هڪڙو: ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2009، ص 428
211. قريشي حامد علي خانائي : ”ساهتيءَ جا قديم علمي مرڪز“،(قلمي) 1985ع
212. احمد خان جلباڻي: ”گل بڪاولي“،1890ع
213. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 50، 51
214. احمد خان جلباڻي: ”داستان امير حمزه“، 1899ع
215. محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 544
216. مظهر يوسف: ”ليلارام وطڻ مل لالواڻي- ڀٽائيءَ جو اولين اڀياسي“(مهراڻ 3/2012ع)
217. مير محمد نظاماڻي: ”سنڌي ڊراما ان جو ارتقا نظريو فن ۽ تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، ص 63
218. ڊاڪٽر پريم پرڪاش: ”سنڌي ناٽڪ جي اوسر“، انڊين انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، آڌيپور، 1993ع،ص 155
219. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 114
220. ساڳيو حوالو، ص 113
221. Bherumal Maharchand: “Sindhi Literature and its Pioneers, 1940
222. مظهر يوسف: ”ليلارام وطڻ مل لالواڻي- ڀٽائيءَ جو اولين اڀياسي“(مهراڻ 3/2012ع)
223. ليلارام وطڻمل: شاهه جو رسالو (ديپاچو)، حيدرآباد، 1900ع
224. مقصود احمد قاضي: ”تاريخ مٽياري“،علمي ادبي اشاعتي گهر، مٽياري، 2006ع، ص 185
225. ساڳيو حوالو، ص 186
226. ڊاڪٽر يار محمد قاضي: ” سنڌ ۾ فقهي تحقيق جي ارتقا“ ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 1992ع،ص 170
227. مقصود احمد قاضي: ”تاريخ مٽياري“،علمي ادبي اشاعتي گهر، مٽياري، 2006ع، ص 187، 188
228. هدايت الله ”مشتاق: ”هدايت الانشا“،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2007ع
229. ٽهلرام آسودومل : ”ساڌو هيرانند“،ڪوڙومل سنڌي ساهت منڊل، حيدرآباد 1931ع،
230. ساڳيو حوالو
231. ساڌو هيرانند: ”سرسوتي“،جنوري 1895ع
232. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 42
233. ساڌو هيرانند :” هيري جون ڪڻيون“ ، 1926ع
234. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي:”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع، ص 377
235. پبليڪيشن اسسٽنٽ سنڌي ادبي بورڊ، (پيش لفظ)، 1956ع
236. سوڀراج هاسارام : ”سڀا جو سينگار“،سنڌي ادبي بورڊ، (پيش لفظ)،ڇاپو 1956ع
237. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي : ” اڻويهن صديءَ جو جائزو“، ماهوار پيغام، جنوري ، 1989ع
238. سوڀراج هاسارام : ” سڀا جو سينگار“،سنڌي ادبي بورڊ، (شينھن، مسافر، سونو ڪنگڻ)، 1956ع
239. پرڀداس قسمتراءِ : ” هندستان جي تواريخ“ ، 1863ع
240. ڏيارام گدو مل: ”حيدرآباد جي سماجي ۽ تعليمي ترقي ۾ هيرانند جو حصو“
241. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي : ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ، روشني پبلڪيشن، ڪنڊيارو 2006ع ، ص 311
242. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، ڪنڊيارو 1993، ص 70
243. بولچند ڪوڏومل: ”طلسم“، ص 48
244. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، ڪنڊيارو 1993، ص 42
245. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 112
246. پرسرام ويرومل: ”سکر سونهارو“، درشيوڪ سڀا، 1940ع، ص 166
247. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي:” اڻويهن صديءَ جو جائزو“، ماهوار پيغام، ڊسمبر ، 1988ع
248. انور فگار هڪڙو: ” هريسنگهه تاجر“، (ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ، مارچ / 2001ع
249. انور فگار هڪڙو: ” پوڪرداس ٿانور داس (شڪارپور) “، (مهراڻ 3/1999ع)
250. پير علي محمد راشدي: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
251. انور فگار هڪڙو: ” پوڪرداس ٿانور داس (شڪارپور) “، (مهراڻ 3/1999ع)
252. ماستر واحد بخش؛ ” گل بڪاولي“، 1895ع
253. ميان پير ڏنو شاهه؛ ”سنڌي معراج نامو“، پوڪر داس، سکر، 1894ع
254. انور فگار هڪڙو: ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2009، ص 164
255. ساڳيو حوالو،ص 165
256. محمد اسلم:” طب سنڌي مخزن الادويات“، پوڪرداس، شڪارپور، 1893ع
257. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي : ” اڻويهن صديءَ جو جائزو“، ماهوار پيغام، جنوري ، 1989ع
258. ڊاڪٽر پريم پرڪاش: ”سنڌي ناٽڪ جي اوسر“، انڊين انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، آڌيپور، 1993ع،ص 156
259. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛” سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ مهراڻ، 1999ع،نمبر 1
260. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي:” اڻويهن صديءَ جو جائزو“، ماهوار پيغام، ڊسمبر ، 1988ع
261. ڊاڪٽر خان محمد پنهور: ”ٻري جن جي ٻاري“،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1995ع
262. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جي تاريخ“. ڪاٺياواڙ اسٽورس، ڪراچي، 1993ع،ص 167