مختلف موضوع

ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 9
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

ڪتاب جو نالو : ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو (مضمون ۽ ڪالم)
ليکڪ : رئوف نظاماڻي
موضوع : ماحوليات
ڇاپو : ڊجيٽل ايڊيشن، آگسٽ، 2022
ڇپيندڙ : سنڌ سلامت ڪتاب گھر
ٽائيٽل : نوشاد حسين سنائي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

ھي ڪتاب انھن ڪارڪنن جي نالي
جن ڌرتي کي پنھنجو گھر ڄاتو ۽
ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ رئوف نظاماڻيءَ جو ماحوليات بابت لکيل بلاگس، مضمونن ۽ نوٽس تي مشتمل ڪتاب ”ماحوليات: ڌرتي ۽ انسان جو آئيندو“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ماحوليات بابت اسان وٽ ڪي ٿورا مضمون ئي لکيا وڃن ٿا. جنت نما ڌرتي، جيڪا اسان جو گهر آھي ان کي ڪھڙا خطرا لاحق آھن؟ انسان ۽ ٻين جيون کي ڪھڙي مصيبتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي؟ انسان فطرت سان ڪيئن کيڏي رھيو آھي؟ اھي سڀ سوال ھن وقت اھم آھن. ڪتاب ۾ جهنگلن ۽ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جا ماحول تي اثر، وبائي بيماريون، ڪورونا جا اثر، ڌرتيءَ جو آئيندو، پاڻي، درياءَ ۽ انھن جي آلودگي، ڳوٺ ۽ شھر، پکين جي دنيا، چرنوبل، وڇائجي ويل سامونڊي ڪنارا، شھرن جي ويڳاڻپ ۽ انسانن جي لاتعقي، گليشيئر ۽ وڌندڙ گرمي پد، ڪراچيءَ جي ملير ۽ لياري ندي، گهرو ويڙھ وڻ ۽ گم ٿيل ماڻھو سميت ڪيترائي اھم مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري اڃا تائين ناھي ڇاپيو، پر سائين رئوف نظاماڻيءَ قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. مھربانيون سائين حبيب سنائيءَ جون جنھن ڪمپوز ٿيل مواد کي سنواري ڪتاب سنڌ سلامت ڏانھن ايميل ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

امازون جھنگل جي تباهي ۽ نين وبائن جا امڪان

هن وقت ڪووڊ 19 جي اها صورتحال آهي ته پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جتي اهو سمجھيو پئي ويو ته وبا پنهنجي ليکي گھٽجي يا ختم ٿي ويئي آهي، اتي اها هڪ ڀيرو وري شدت سان وڌڻ شروع ٿي ويئي آهي. آمريڪا ۽ يورپ جي ڪجھ ملڪن ۾ ته ان تشويش جوڳي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. نئين چونڊيل آمريڪي صدر لاءِ به اهو فوري ترجيح جو مسئلو بڻجي ويو آهي.
لڳي ائين ٿو ته ان سڀڪجھ جي باوجود انسان اهو فرض ڪري ورتو آهي ته ٻين بيمارين جيان اها به هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا باقي رهڻي آهي ۽ انسان کي ان سان گڏ گذارو ڪرڻو آهي. پر ساڳي وقت هو پنهنجن طور طريقن کي بدلائڻ لاء تيار ناهي. سندس فطرت سان هٿ چراند ۽ ٻي جيوت کي نقصان پهچائڻ، جنهن جا نتيجا سندس آڏو آهن، اڃا وڌيڪ شد و مد سان جاري آهي.
هن سلسلي ۾ خاص طور تي فوري مسئلو دنيا جو وڏي ۾ وڏو مينهن جي ڪري آباد ٿيندڙ امازون جھنگل آهي. ان جي وسعت جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته اهو پنجونجاه لک چورس ڪلو ميٽر جي رقبي تي ڦهليل ۽ لاطيني آمريڪا جي نو ملڪن ۾ آهي. ان جو اٽڪل سٺ سيڪڙو برازيل، تيرنهن سيڪڙو پيرو، ڏه سيڪڙو ڪولمبيا ۽ ٿورو ٿورو حصو بوليويا، گيانا ايڪوڊور، سرينام، فرينچ نيو گني ۽ وينزويلا ۾ آهي.
ان جھنگل ۾ ڪيترن قسمن جي جانورن، پکين سان گڏوگڏ ماڻهن جي هڪ وڏي آبادي آهي. ساڳي وقت هتي معدنيات به موجود آهي. اهڙي ريت اهو ڄڻ گھڻن قدرتي وسيلن سان ڀرپور سرزمين آهي. لاڳاپيل ملڪن ۽ خاص طور برازيل جي حڪومت ۽ نجي ڪمپنين سان گڏوگڏ آمريڪي ڪمپنين جي انهن وسيلن تي نظر رهي آهي. هڪ پاسي وڻن کي وڍي زمين کي اهڙين فصلن جي پوک لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، جن کي صنعتي استعمال ۾ آڻي ۽ ٻين ملڪن ۾ برآمد ڪري وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگھجي ۽ ٻئي پاسي جھنگل جي وچ مان هائي وي وغيره ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن کاڻين ۽ زمينن وغيره تائين پهچ وڌيڪ سولي ٿي سگھي. ساڳي وقت پاڻي گڏ ڪرڻ لاء ڊيم وغيره پڻ ٺاهيا ويا آهن ۽ نون شهرن جي تعمير ڪئي ويئي آهي. هن وقت اهو عمل وڏي پئماني تي جاري آهي. هڪ اندازي موجب 1978 کان ايستائين لاڳاپيل ملڪن ۾ جھنگل جو ساڍا ست لک چورس ڪلوميٽر تباه ڪيو ويو آهي. هونئن انساني تاريخ ۾ ننڍا آبادگار پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پوک ڪرڻ لاءِ وڻن کي وڍي زمين کي صاف ڪندا هئا، پر ويهين صدي جي پوئين اڌ ۾ اهو لاڙو بدلجي ويو ۽ جھنگل جو صنعتي مقصدن لاءِ وڏي پئماني جي زراعت لاء استعمال وڌي ويو. سن ٻه هزار جي ڏهاڪي ۾ پنجهتر سيڪڙو کان وڌيڪ وڻن جي وڍائي وغيره جانورن جي پالڻ ۽ افزائش لاءِ ڪئي ويئي. 2004 ۾ برازيل جي حڪومت ماحوليات لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن وغيره جي دٻاءَ تي ان عمل کي روڪڻ لاء ڪجھ پابنديون وغيره لاڳو ڪيون هيون. اهي پابنديون 2010 تائين رهيون ۽ 2012 کان جھنگل کي ختم ڪرڻ جي عمل ۾ هڪ ڀيرو وري تيزي اچي ويئي آهي ۽ برازيل جي حڪومت آمريڪا سان علائقي ۾ تيل وغيره جي ڳولها لاءِ گھڻا ٺاه ڪيا آهن.
حڪمرانن جي بيحسي جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته اهو چيو وڃي ٿو ته برازيل جي صدر گھڻ قومي ڪمپنين سان سازبازڪري باقاعدي جھنگل کي صاف ڪرڻ لاء باهيون ڏنيون. 2019 ۾ برازيل ۾ 72843 باه لڳڻ جا واقعا ٿيا جن مان اڌ امازون جي علائقي ۾ ٿيا. آگسٽ 2019 ۾ ريڪارڊ تعداد ۾ باه لڳڻ جا واقعا ٿيا. ان مهيني برازيل ۾ جھنگل جي ختم ٿيڻ جي رفتار ۾ 2018 جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ اٺاسي سيڪڙو واڌارو ٿيو.
جھنگل جي وسعت ۽ جانورن، پکين ۽ ٻوٽن وغيره جي تنوع کي ڏسندي اها ڳالھه يقيني آهي ته ان عمل جا اثر رڳوڪنهن هڪ ملڪ يا علائقي تائين محدود نه هونڌا بلڪ پوري دنيا ان کان متاثر ٿيندي.
هتي انساني آبادي جا آثار اٽڪل يارنهن هزار سال اڳ جا ملن ٿا. قديم آثارن جي ماهرن موجب سن 1500 عيسوي ۾ هن جھنگل جي آبادي اٽڪل پنجاه لک هئي. ساڳي وقت ٻي جيوت جي حوالي سان اهو دنيا جو شاهوڪار ترين جھنگل رهيو آهي. هتي هزارين وڻ ۽ ٻوٽا آهن. دنيا ۾ موجود جيتن، جانورن ۽ پکين جي ڏهن جنسن مان هڪ هتي موجود آهي. هتي جيتن جا پنجويھه لک قسم ۽ پکين ۽ کير ڏيندڙ جانورن جا ٻه هزار قسم موجود آهن. ان کانسواءِ ٻي جيوت جا ڪيترا قسم پڻ هتي موجود آهن.
هڪ اندازي موجب دنيا جي ماحولياتي نظام جو اٽڪل ڏه سيڪڙو ڪاربن امازون جو نظام جذب ڪري ٿو.
ڪمپيوٽر ماڊل وغيره ذريعي اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته جهنگل جي تباه ٿيڻ جي ڪري سالن کان گڏ ٿيل گرين هائوس گيس جي اخراج جي ڪري گرمي پد ۾ واڌ ايندي ۽ مينهن گھٽجي ويندا. جيڪڏهين گرمي پد ۾ چار ڊگري واڌ اچي ٿي ته پنجاسي سيڪڙو ۽ جيڪڏهين ٽي ڊگري واڌ آئي ته پنجهتر سيڪڙو امازون ختم ٿي ويندو. اهڙي ريت موسم ۾ جيڪا تبديلي ايندي، ان جي نتيجي ۾ امازون ۾ گرمي پد ۾ واڌاري ۽ مينهن ۾ گھٽتائي جي ڪري جھنگل لاءِ پاڻ کي باقي رکڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 2100 تائين ختم ٿي ويندو.
ان جھنگل جو ختم ٿيڻ رڳو لاڳاپيل ملڪن ۽ لاطيني آمريڪا لاءِ نه پر انسان ذات لاء خاص طور هڪ وڏو الميو آهي. اتي صدين کان رهندڙ مختلف قبيلن ۽ ٻي جيوت کي اتان لڏڻ ۽ نون علائقن ۾ وڃڻو پوندو. اتي انهن کي پاڻ کي نئين ماحول سان ٺهڪائڻ لاء هڪ ڏکئي مرحلي مان گذرڻو پوندو. ان جا نتيجا اڳتي هلي سڀني کي ڀوڳڻا پوندا، اهو چيو وڃي ٿو ته ان تبدييلي جي ڪري گھڻا جانور جن ۾ ڀولڙا، چمڙا ۽ مڇر وغيره شامل آهن، هتان ٻين علائقن ۾ هليا ويندا، جڏهين ته ڪوئن وغيره لاءِ ماحول سازگار ٿي ويندو. ساڳي ريت جھنگل ۾ پري تائين انساني سرگرمي وڌڻ جي ڪري ماڻهن جي جانورن سان لاڳاپي ۾ واڌارو اچي ويندو جنهن جي ڪري بيڪٽيريا ۽ فنگس وغيره جا امڪان وڌي ويندا. بيلم شهر جي هڪ صحت جي تحقيقي اداري جو چوڻ آهي ته امازون ۾ 220 مختلف قسم جا وائرس موجود آهن، جن مان 37 انسانن ۾ بيمارين جو سبب ٿي سگھن ٿا ۽ 15 وبائي صورت اختيار ڪري سگھن ٿا. انهن ۾ پيلو بخار ۽ ويسٽ نائل بخار جهڙيون اهڙيون بيماريون به شامل آهن، جن کي انسان اڳ به ڀوڳي چڪو آهي. ساڳي وقت ان ۾ ان ئي فيميلي جو ريسيو برازيلي وائرس به شامل آهي. برازيل جي اڪيڊمي آف سائنسز جي شائع ٿيل هڪ مضمون ۾ چيو ويو آهي ته ان سلسلي ۾ خاص طور اربو وائرس تشويش جوڳو آهي جيڪو مڇرن جهڙن جيتن ذريعي ڊينگي ۽ زڪام جهڙين بيمارين جو ڪارڻ ٿي سگھي ٿو. ماهرن نقشن ۽ ميٿميٽڪس جي ماڊلز ذريعي انهن تبديلين جي ڪٿ ڪئي آهي جيڪي برازيل جي ماحول ۽ هتان جي جانورن ۾ واقع ٿيون آهن. ان ڪري ان ڳالھه جا گھڻا امڪان آهن ته هتان جيڪي جانور ٻين علائقن ۾ ويندا، اتي اهي ٻين جانورن سان تعلق ۾ ايندا، جنهن سان ڪنهن نئين بيماري جا امڪان وڌي ويندا. جيئن ڪووڊ 19 جي سلسلي ۾ چين ۾ ٿيو آهي. اهڙا ملڪ جتي ماحول کي نقصان پهچايو ٿو وڃي، اتي جانورن مان انسانن ۾ بيمارين جي منتقلي جا امڪان وڌيڪ آهن. برازيل کي ان سلسلي ۾ اڳ ئي واضح تنبيھه ملي آهي. اتي مختلف بيمارين جهڙوڪ هيمريج بخار، ڪوئن ذريعي ڦهلجندڙ هانٽا وائرس ۽ مڇرن ذريعي ڦهلجندڙ اربو وائرس جو ظهور ٿي چڪو آهي.
انسان اڃا تائين فطرت جي تنبيهن مان ڪو سبق سکي ناهي سگھيو ۽ سندس ماحول سان هٿ چراند وڏي پئماني تي جاري آهي. لڳي ائين ٿو ته هو ڄڻ پاڻ پنهنجي آئيندي کي اونداهو ڪرڻ ۽ اهڙي ريت پنهنجي انت ڏانهن وڌي رهيو آهي.

انسان ۽ جانورن جو تعلق ۽ وبائي بيماريون

انسان جو ورتاءُ شروع کان ڌرتي ۽ اتان جي ٻي مخلوق سان چڱو نه رهيو آهي. پنهنجن محدود فائدن لاءِ هن ٻين کي ڪنهن به قسم جي هاڃي پهچائڻ کان نه ڪيٻايو آهي. جانورن جا گھڻا قسم معدوم ٿي ويا آهن، سمنڊ گدلو ٿي ويو آهي، جھنگل غائب ٿيندا پيا وڃن، گھڻا درياءَ غائب ٿي ويا آهن يا انهن پنهنجي واٽ مٽائي ڇڏي آهي. گرمي پد وڌي رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ گليشيئر وغيره جي ڳرڻ جي رفتار تيز ٿي ويئي آهي. پاڪستان جي حوالي سان سرڪاري انگ اکر اهو ٻڌائين ٿا ته هتي گرمي ايندڙ وقت ۾ ٻي دنيا جي سراسري گرمي پد کان وڌيڪ هوندي. اهو سلسلو جاري رهيو ته ڌرتي شايد جيوت کي وڌيڪ سهارو نه ڏيئي سگھي ۽ اهو انت جنهن جون اڳڪٿيون صدين کان ٿينديون رهيون آهن ۽ جنهن کي گھڻي اهميت نه ڏني ويئي آهي، هڪ حقيقت جي روپ ۾ اچي آڏو بيهي.
گھڻيون تنظيمون ۽ فرد گھڻي عرصي کان ان پاسي لاڳيتو ڌيان ڇڪائي رهيا آهن ته ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلي ڌرتي ۽ ان جي جيوت سان گڏ انساني حياتي کي پڻ جوکم ۾ وجھي ڇڏيو آهي. عالمي پئماني تي ان حوالي سان ڪوششون پڻ هلندڙ آهن پر انسان جي لالچ ۽ حوس انهن سڀني ڪوششن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. آمريڪا ۽ ٻين وڏن صنعتي ملڪن جو عالمي معيشت ۾ هڪ وڏو ۽ اهم حصو آهي ۽ ساڳي ريت انهن جو آلودگي جي سلسلي ۾ پڻ اهم ڪردار آهي. پر اهي وقتي فائدن جي ڪري ان سلسلي ۾ ڪجھ ڪرڻ لاء تيار ناهن. آمريڪا خاص طور اهڙن ڪيترن ٺاهن کي سبوتاز ڪري چڪو آهي. ڪارڻ اهو آهي ته ان حوالي سان جيڪي قدم تجويز ڪيا وڃن ٿا انهن سان شين جي لاگت ۾ واڌارو اچي ٿو ۽ آمريڪا جيڪو هن وقت ئي چين ۽ يورپي ملڪن سان هڪ معاشي ڇڪتاڻ ۾ ورتل آهي اڃا وڌيڪ بحران ۾ وٺجي ويندو. اهو دليل ڏيڻ ته اهو سڀ قدرتي عمل آهي ۽ ان ۾ صنعتي آلودگي جو هڪ غير اهم ڪردار آهي ڪووڊ 19 واري موجوده صورتحال ۾ غلط ثابت ٿي چڪو آهي. ان وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ جيڪو لاڪ ڊائون رهيو ان سڄي ماحول تي نهايت اهم مثبت اثر وڌا آهن. ايستائين ته چيو وڃي ٿو ته آلودگي جي ڪري اوزون کي جيڪو نقصان پهتو هو ان لاڪ ڊائون جي ڪري ان جي تلافي ٿي ويئي آهي. ان دوران ماحول ۽ جانورن جي زندگي ۾ هڪ واضح تبديلي ۽ فرق کي محسوس ڪيو ويو. هماليه جيڪو آلودگي ڪري ڪوهيڙي ۾ لڪل رهندو هو ان جي چوٽين جو ڀارت جي گھڻن مقامي رهاڪن پهريون ڀيرو ڀرپور نظارو ڪيو.
هن وقت ڪووڊ 19 جي وبا ان معاملي جي اهميت ۽ ان لاء فوري قدمن کڻڻ جي ضرورت کي اڃا وڌائي ڇڏيو آهي. گذريل صدي ۾ نوول ڪورونا ڇه ڀيرا وڏي پئماني تي ظاهر ٿي آهي پر هن ڀيري ان جي شدت ۽ پيچيدگي سڄي دنيا لاء معاشي ۽ صحت جي مسئلن کي سامهون آندو آهي ۽ معمول جي زندگي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهين ته ايبولا، سارس ۽ ويسٽ نائل وائرس به زونوٽيڪ بيماريون آهن جيڪي ڪووڊ جيان جانورن ۾ شروع ٿيون ۽ انسان ۾ منتقل ٿيون.
انساني تاريخ ۾ جانورن مان انسان ۾ منتقل ٿيندڙ بيمارين جو سلسلو لاڳيتو هلندو آيو آهي. 1998 ۾ ملائيشيا ۾ نيپا وائرس کان 2014 ۾ سڄي اولهندي آفريڪا ۾ ڦهلجندڙ ايبولا وائرس ۽ تازو ڪووڊ 19 ان جا تازا مثال آهن. اهي وبائون هاڻي عام ٿي ويون آهن ۽ انهن ۾ وقفو پڻ گھٽجي ويو آهي. رڳو گذريل ڏهاڪي ۾ WHO ان حوالي سان چار ڀيرا هنگامي حالتن جو اعلان ڪري چڪي آهي.
تازو گڏيل قومن جي ماحوليات ۽ جانورن جي عالمي تحقيق جيِ اداري (UN Environment programme and the International Livestock Research Institute) ان حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ تفصيل سان ان مسئلي تي بحث ڪيو ويو آهي. رپورٽ جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿيندڙ بيمارين کي Zoonotic Diseases جو نالو ڏئي ٿي. اهي بيماريون جانورن جي پروٽين جي گھڻي گھرج، زراعت ۾ نامناسب طريقن جي استعمال ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. هر سال اٽڪل ويه لک ماڻهو انهن بيمارين جي ڪري مرن ٿا جڏهين ته ڪووڊ جي ڪري ٻن سالن ۾ نو کرب ڊالر جي نقصان جو اندازو آهي.
اها ڳالھه ظاهر آهي ته فطري ماحول کي زمين جي بيجا استعمال، جھنگلي جيوت جي ڦرمار، قدرتي وسيلن جي وڏي پئماني تي ڦرمار۽ موسمياتي تبديلي وڏو هاڃو رسايو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني سرگرمين ڌرتي جي پنجهتر سيڪڙو ۽ سمنڊ جي اٽڪل ڇاهٺ سيڪڙو کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن پاران تازو اها وارننگ جاري ڪئي ويئي آهي ته ان سڀ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي ڏڪر جي صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي.
اها ڳالھه ته واضح آهي ته جانور۽ انسان هميشه کان گڏ رهندا آيا آهن ۽ ان ڳالھه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته جانور انسان لاء هاڃيڪار ناهن پر انسان انهن جانورن لاء هاڃيڪار آهي. هر طرح سان ان کي پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ انساني آبادي جي وڌڻ ۽ نون شهرن وغيره جي قيام جانورن کي سندن گھرن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن مختلف علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي آهي جتان جي ماحول انهن لاء گھڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي.
انهن سڀني ڳالهين گڏجي انسان ۽ ٻين جانورن وچ ۾ تعلق کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ جو چوڻ آهي ته گذريل ويھن سالن ۽ ان کان اڳ جي زونوٽيڪ بيمارين معاشي طور هڪ سو ارب ڊالر جو نقصان پهچايو آهي. جڏهين ته هر سال گھٽ ۽ وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن ۾ اٽڪل ويه لک ماڻهو اينٿرڪس، بووائن ٽي بي ۽ پاڳل ڪتن جي چڪن ڪري نظر انداز ڪيل زونوٽيڪ بيمارين جي ڪري مري وڃن ٿا.
رپورٽ جو چوڻ آهي ته ماڻهن جا منجھيل ترقياتي مسئلا، جانورن تي گھڻو دارومدار ۽ جھنگلي جيوت جي ويجھڙائي به انهن بيمارين جا ڪارڻ آهن. گذريل پنجاه سالن ۾ گوشت جي پيداوار ۾ 260 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. گھڻيون ترقياتي رٿائون انهن جاين تي شروع ڪيون ويون آهن جتي جانورن جي رهائش آهي. ساڳي وقت ڊيمن، آبپاشي جي رٿائن ۽ فيڪٽري فارمن کي پنجويه سيڪڙو وچڙندڙ بيمارين سان ڳنڍيو وڃي ٿو. موسمياتي تبديلي جو پيٿوجين جي بيماري کي وڌائڻ ۾ به هڪ اهم ڪردار آهي.
هن وقت هڪ بحران واري صورتحال آهي ۽ اهي سڀ ڳالهيون انسان جي آڏو آهن. پر هن وقت به اها ڳالھه نظر نه ٿي اچي ته انسان واقعي ان جي تدارڪ لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻڻ لاءِ تيار هجي. لڳي ائين ٿو ته سندس اها ڪرت جاري رهندي ۽ نتيجي ۾ وبائن، بيمارين، ڀوڳنائن ۽ معاشي ڏکيائين جو سلسلو به جاري رهندو بلڪ اڃا وڌي ويندو.

انسان

مون ڪجھ وقت اڳ ڪٿي پڙهيو هو ته ڌرتي تي جيڪي جيو آهن، انهن ۾ پنجانوي سيڪڙو ڪينئان Insects آهن ۽ باقي پنج سيڪڙو ۾ حضرت انسان سميت باقي سڀ جانور اچي وڃن ٿا. انسان لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪو وقت اهڙو به هوندو هو جو ڌرتي تي اهو جانور ورلي ڪو نظر ايندو هو. پر ان جو تعداد سڀني قدرتي آفتن زلزلن، ٻوڏن، طوفانن، ڏڪار، وبائن،ِ موتمار جنگين ۽ فسادن ۾ وڏي تعداد ۾ ختم ٿيڻ جي باوجود به ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌنڌو ويو آهي. ان جي واڌ کي ضابطي ۾ آڻڻ جون ڪي به ڪوششون گھڻيون ڪارگر نه ٿي سگھيون آهن ۽ هن وقت ان جو تعداد هن ڌرتي تي ست ارب کان به وڌيڪ آهي.
جيتوڻيڪ جسماني طور ڪمزور پر انسان کي ڏنل ذهني صلاحيت نه رڳو سندس ان گھٽتائي جو پورائو ڪري ٿي پر کيس ان ڌرتي تي ٻي مخلوق تي فوقيت پڻ ڏئي ٿي. ساڳي وقت سندس اها ذميواري به ٺهي ٿي ته هو ان ڌرتي ۽ اتي موجود ٻي مخلوق جي پنهنجي گھر ۽ گھر ڀاتين جيان حفاظت ڪري. اها ڳالہه سندس آڏو موجود آهي ته کانئس اڳ هن ڌرتي تي رهندڙ مخلوق جڏهين پنهنجي جياپي ۽ فائدي لاءِ محدود پئماني تي ئي پنهنجي ماحول ۽ هتي رهندڙ ٻين جانورن کي ختم ڪيو ته سندن پنهنجو وجود به خطري ۾ پئجي ويو. وڏي ڳالھه اها آهي ته انسان ان ڳالھه کي سمجھي ٿو جڏهين ته کانئس اڳ جي مخلوق ۾ ان ڳالھه جي سمجھڻ جي ذهني صلاحيت موجود نه هئي.
اها ڳالہه ته پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ماحول ۾ تبديلين ۽ ان جي نتيجي ۾ گھڻين شين جي ختم ٿيڻ ۽ نين شين جي پيدا ٿيڻ جو عمل فطري به هوندو آهي. ڌرتي پنهنجي اربين سالن جي ڄمار ۾ ڪيئي مرحلن مان گذري آهي ۽ هر ڀيري نئين سر جنم ورتو ٿس. چيو ٿو وڃي ته ڌرتي جي ڪجھ حصن ۾ برفاني دور جون باقيات اڃا به موجود آهن يا اهو ته ڪجھ علائقا وري برفاني دور ڏانهن موٽي رهيا آهن. پر هن وقت جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان سلسلي ۾ انسان جو ڪردار بجائي مثبت جي منفي ئي رهيو آهي. سندس آڏو پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن جي آئندي جي بجائي رڳو فوري فائدي جو حصول آهي. سندس تعداد سان گڏ سندس اها لالچ ۽ هوس به ڏينهون ڏينهن وڌنڌي پئي وڃي ۽ نتيجي ۾ نه رڳو ڌرتي ۽ اتي رهندڙ ٻي مخلوق پر سندس پنهنجو جياپو به خطري ۾ پئجي ويو آهي.
گھڻا ماڻهو ان ڳالہه جي اهميت کان واقف آهن ۽ وقت بوقت ان جي نشاندهي پڻ ڪندا رهيا آهن پر سندن ڳالھه کي ڪا گھڻي اهميت نه ٿي ڏني وڃي.
تازو آيل هڪ رپورٽ موجب 1970 کان هيستائين جهنگلي جيوت ۾ اٺونجاه سيڪڙو جي گھٽتائي ٿي آهي. اها رپورٽ هر ٻن سالن کانپوء تيار ڪئي ويندي آهي. 2014 جي رپورٽ موجب اهو انگ پنجاه سيڪڙو هو. ان سلسلي ۾ سڀ کان خراب صورتحال آبي جيوت جي آهي جنهن ۾ ايڪاسي سيڪڙو جي گھٽتائي ٿي آهي. ان جو ڪارڻ دريائن تي ڊيمن جي تعمير، وڏن ٽرالن وسيلي وڏي پئماني تي شڪار ۽ ڪيميڪل وغيره جو استعمال آهن. ساڳي وقت دريائن ۽ سمنڊن کي انساني ۽ صنعتي ڪچري سان جنهن وڏي پئماني تي آلودو ڪيو ويو آهي ان جي ڪري آبي جيوت سان گڏ سڄي ماحول کي نقصان پهتو آهي. هن وقت دنيا جا سڀ وڏا دريا ان آلودگي جو شڪار آهن ۽ نشاندهي جي باوجود به ان سلسلي ۾ ڪي جوڳا قدم نه ٿا کنيا وڃن.ِ اها صورتحال وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ گنڀير ٿيندي پئي وڃي.
رپورٽ جون جيتوڻيڪ پنهنجيون حدبنديون آهن ۽ ان تي اها تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اها گھڻو ڪري يورپ جي ملڪن تائين محدود آهي پر رپورٽ جي ٺاهيندڙن جو چوڻ آهن ته خاص طور تي ايشيا ۽ آفريڪا جي گھڻن ملڪن مان ان سلسلي ۾ انگن اکرن جو ملڻ ڏکيو آهي. ان جي باوجود سندن اها ڪوشش رهي آهي ته رپورٽ جو دائرو جيترو وسيع ۽ جامع هجي اوترو بهتر آهي ۽ اهي پنهنجي ان ڪوشش مان مطمئن آهن.
اهو سڄي مسئلي جو رڳو هڪ پاسو آهي. ماڻهو جي منافقت جو اندازو ان ڳالھه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ پاسي هو وڻڪاري جا ڏينهن ۽ هفتا ٿو ملهائي ۽ پنهنجن ٻارن کي وڻن پوکڻ جي اهميت ٿو سمجھائي پر ٻئي پاسي اهو ساڳيو ماڻهو وڏي پئماني تي هزارين وڻن کي هڪ ئي ڌڪ سان ان ڳاله جي سمجھ رکندي به ته ان جا سڄي ماحول ۽ ڌرتي تي رهندڙ ٻي جيوت تي ڪهڙا اثر پوندا پنهنجي فوري ذاتي فائدي لاء تباه ڪري ڇڏي ٿو. ساڳي ريت اها ڳالھه ته گھڻي عرصي کان بحث هيٺ آهي ته خاص طور تي ترقي يافتا ملڪن جون صنعتي سرگرميون ڌرتي تي گرمي پد جي وڌڻ جو اهم ڪارڻ آهن جنهن جي ڪري سڄي ڌرتي جي جيوت کي خطرا لائق ٿي پيا آهن. پر ان سلسلي ۾ تشويش جي ڳالہه اها آهي ته ان حوالي سان عالمي پئماني تي جيڪي ڪوششون ٿين ٿيون انهن ۾ صنعتي ملڪن ۽ خاص طور تي آمريڪا، جنهن جو سڄي دنيا جي مجموعي پيداوار ۾ پنجويھه سيڪڙو حصو آهي، جو سهڪار نه هئڻ برابر هوندو آهي. ڪارڻ اهو آهي ته اهي پنهنجن صنعت ڪارن تي ماحول کي بهتر ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڌيڪ بار وجھڻ نه ٿا چاهين جنهن سان سندن شين جي قيمتن ۾ واڌارو اچي ويندو ۽ اهي عالمي منڊي ۾ چٽاڀيٽي نه ڪري سگھندا.
ان سلسلي ۾ رڳو ٿوري سوچ ويچار جي ضرورت آهي. ڌرتي تي موجود زندگي هڪ ايڪو آهي. سڀ جيو ۽ سڄو ماحول هڪٻئي سان هڪ جسم جيان ڳنڍيل آهن. ڪنهن هڪ جو نقصان سڀني جو نقصان آهي. دنيا جا ڏاها ان ڳالھه کي سمجھن ٿا ۽ ان ڳالھه تي زور ڀرين ٿا ته خاص طور تي دنيا جي شاهوڪار ماڻهن کي ان ڳالھه کي سمجھڻ گھرجي ته دولت رڳو ناڻو ناهي پر عقل، شعور، ڏاهپ، غريبن جي سهائتا ۽ پنهنجي ماحول جي حفاظت ان جا لازمي جز آهن جيڪي ساڳي وقت انهن ماڻهن جي ايندڙ نسلن جي آئندي جي پڻ ضمانت بڻجن ٿا. پر دنيا جي سرمايادارن جي اکين تي هن وقت وڌيڪ ناڻي ڪمائڻ جي هوس انڌ جو پردو وجھي ڇڏيو آهي ۽ کين اهي سڀ ڳالهيون چرين جي بڪواس لڳن ٿيون. اها صورتحال جيڪڏهين ائين ئي جاري رهي ٿي ته پوء اهڙي نڪتي تي پهچي سگھجي ٿو جو موٽڻ جي گنجائش باقي نه رهي.

ڀارت: لاڪ ڊائون ۽ پورهيتن جي لڏپلاڻ

مودي جي لاڪ ڊائون جي اعلان جي ڪري ڀارت ۾ نو رياستن ۽ پنجاھه ضلعن مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي ۽ ماڻهو وڏا شهر ڇڏي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. ڪراچي جي اڌ کن آبادي ڪچين وستين ۾ رهي ٿي ۽ شهر جي گھڻائي اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي روز آڻين ۽ روز چاڙهين ٿا. انهن ماڻهن لاء مسئلا ته پيدا ٿيا آهن ۽ اها صورتحال ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به آهي. هتي به ننڍي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي پر ان جي نوعيت هڪ بحران واري ناهي جيڪا صورتحال ڀارت ۾ آهي. ساڳي ريت يورپ ۽ آمريڪا وغيره ۾ به اهڙي صورتحال پيدا نه ٿي آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڀارت ۾ اهڙن پورهيتن جو وڏو تعداد آهي جيڪي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان وڏن شهرن ۾ پورهئي لاءِ اچن ٿا. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران لاڪ ڊائون لاءِ رڳو چئن ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو هو. ان کان اڳ به جڏهين مودي پاران وڏن ڪرنسي نوٽن کي ختم ڪرڻ لاء مختصر وقت ڏنو ويو هو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ افراتفري ڦهلجي ويئي هئي ۽ کيس پوء وضاحتون ڪرڻيون پيون هيون. هن وقت به ان ڳالھه جنهن افراتفري کي جنم ڏنو ان جي ڪري ئي مودي کي ٿوري وقت ۾ ماڻهن کي ان تڪليف ۾ وجھڻ لاءِ معافي گھرڻي پيئي پر سندس چوڻ هو ته عالمي پئماني تي وبا جي جيڪا نوعيت آهي ان جي ڪري اهو قدم کڻڻ ضروري هو.
پورهيتن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته 2011 ۽ 2016 جي وچ واري عرصي ۾ ڀارت ۾ نوي لک ماڻهن هڪ رياست کان ٻي رياست ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي هئي. 2011 جي مردم شماري موجب هڪ ڪروڙ اوڻيتاليھه لک اهڙا ماڻهو آهن جن ملڪ اندر روزگار لاء نقل مڪاني ڪئي آهي. اهو تعداد به حقيقي نه ٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته ننڍن شهرن مان آيل مزدورن جو وڏو تعداد جيڪو اٽڪل چار ڪروڙ آهي رڳو تعميراتي شعبي سان لاڳاپيل آهي جڏهين ته گھرن ۾ ڪم ڪندڙن جو تعداد اٽڪل ٻه ڪروڙ آهي، ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ اهڙن پورهيتن جو تعداد اٽڪل هڪ ڪروڙ ڏھه لک آهي جڏهين ته سرن جي بٺين تي هڪ ڪروڙ مزدور ڪم ڪن ٿا. ان کانسواء ٽرانسپورٽ، کاڻين ۽ وڏين ٻنين تي پورهيتن جو هڪ وڏو تعداد ڪم ڪري ٿو. ملڪ جا اٽڪل چورانوي سيڪڙو پورهيت غير رسمي شعبي ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ ان جو ملڪي معيشت ۾ پنجيتاليھه سيڪڙو حصو آهي.
ان پئماني تي ٿيل لڏپلاڻ کي ماڻهو 1947 ۾ ورهاڱي واري لڏپلاڻ سان ڀيٽين ٿا جڏهين اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ کن ماڻهن سرحد جي ٻنهي پاسي لڏپلاڻ ڪئي هئي. اهو ان جي باوجود آهي ته ان جي لاءِ ماڻهن کي ڪا ٽرانسپورٽ ميسر نه هئي. ماڻهو پنڌ ئي نڪري پيا هئا. سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته اهو ٽي سو ۽ ڪن حالتن ۾ ست سو ڪلوميٽر پنڌ ڪو سولو نه رهيو هوندو. حڪومت پاران جيتوڻيڪ پوء بسن جو انتظام ڪيو ويو هو پر اهو ناڪافي هو ۽ ماڻهو ڇتن تائين سٿيا پيا هئا. گھڻا ماڻهو رستي ۾ ئي ۽ گھڻا پنهنجي گھر پهچندي ئي ٿڪ جي ڪري مري ويا آهن. اهو سڄو سفر ماڻهن ٻارن ۽ بيمار ماڻهن سان ڪيو آهي جڏهين ته رستي لاء کين پورو کاڌو ۽ پاڻي به ميسر نه هو. اها ساڳي صورتحال 2005 ۾ ممبئي ۾ آيل ٻوڏ جي ڪري ٿي هئي جڏهين گھڻا ماڻهو لڏي ويا هئا.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته دهلي جي وڏي وزير ڪجروال پاران ماڻهن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ شهر ۾ 568 کاڌي جا مرڪز قائم ڪرڻ، پورهيتن جي گھرن جي مسواڙ ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ ۽ مرڪزي حڪومت پاران 23 ارب ڊالر جي پيڪيج جي اعلان جي باوجود ماڻهن اها لڏپلاڻ ڇو ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سڀڪجھ انهن ماڻهن لاءِ ناڪافي هو. معاشي ماهر ماڻهن جي تعداد ۽ مسئلن کي ڏسندي ان کي رڳو سمنڊ ۾ هڪ قطري مثل ڄاڻائين ٿا. گھڻن ماڻهن کان روزگار سان گڏ اجھو به کسجي ويو هو ۽ اهي مسواڙ ڏيڻ جي لائق نه رهيا هئا. گھڻا پنهنجن پوين جي مدد ڪندا هئا ۽ انهن کي پئسا موڪليندا هئا. جڏهين ته پنهنجي ڳوٺ ۾ انهن کي اجھو به ميسر هوندو ۽ رکي سکي ماني به پيئي ملندي. سڀ کان وڏي ڳالھه ته هڪ سماجي تحفظ ۽ پنهنجن سان گڏ هئڻ جو احساس به ان معاملي ۾ هڪ اهم عنصر آهي.
ڀارت جي معيشت جيڪا ڪجھ سال اڳ تائين پنهنجي واڌ جي حوالي سان دنيا جي تيزرفتار معيشتن ۾ ڳڻي ويندي هئي هن سال 4.7 سيڪڙو سالياني واڌ تي اچي ويئي آهي جيڪا گذريل ڇهن سالن ۾ سڀ کان گھٽ آهي. هن وقت ملڪ ۾ بيروزگاري گذريل پنجيتاليھه سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ساڳي ريت زراعت جو معيشت ۾ سورنهن سيڪڙو حصو آهي جيڪو اٽڪل 265 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. زراعت ان ڪري به متاثر ٿيندي ته هڪ ته هن وقت فصل تيار آهي، پر ان کي لڻڻ وارا جيڪي ٻين رياستن ۽ ڳوٺن جا آهن، اهي پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا آهن ۽ ڪير ڪم ڪرڻ وارو ناهي. اهڙي ريت ٽرانسپورٽ نه هئڻ ڪري زميندار ان کي منڊي ۾ نه ٿا آڻي سگھن ۽ ساڳي وقت ان کي برآمد ڪرڻ ۾ مسئلا درپيش آهن. ان بحران جي ڪري زراعت سميت معيشت جا مختلف شعبا متاثر ٿيندا ته ٻئي پاسي بيروزگاري ۾ اڃا واڌارو ايندو.
ڀارت جي اٽڪل سوا ارب آبادي جي حوالي سان هن وقت تائين ڪرونا جا گھڻا ڪيس ناهن. پر اهو چيو وڃي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ انهن جو تعداد وڌي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي گھڻن علائقن ۾ ڳتيل آبادي وارا علائقا آهن. ان سلسلي ۾ خاص طور ممبئي جي دنيا جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي دراوي جو مثال ڏنو وڃي ٿو جتي هڪ ننڍي هڪ چورس ميل کان گھٽ علائقي ۾ ڇھه لک کن ماڻهو رهن ٿا ۽ اتي تازو ڪجھ ڪيس ظاهر به ٿيا آهن. ٻي ڳالھه ته ايڏي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي ڪري به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ان وبا جي ڦهلجڻ جا امڪان آهن. پر ان کي روڪڻ ڀارت جي اڳواڻن جي وس ۾ نه هو. چيو وڃي ٿو ته اهڙي ساڳي صورتحال 1896 ۾ آيل پليگ ۽ پهرين مهاڀاري جنگ کان پوء اسپينش فلو جي ڪري به جنم ورتو هو ۽ ان وقت جي بمبئي جو اڌ شهر خالي ٿي ويو هو. انگريزن زوري تشدد ذريعي ماڻهن کي شهر ڇڏڻ کان روڪيو هو. ان کانپوءِ 1994 ۾ پليگ جي وبا جي ڪري لکين ماڻهو گجرات جي شهر سورت مان لڏي ويا هئا ۽ پاڻ سان اها بيماري به کڻي ويا هئا، جيڪا ٻين علائقن ۾ به ڦهلي. ان سلسلي ۾ اڳ ئي ڀارت جي اڳواڻن کي هوشيار رهڻ ۽ ضروري قدمن کڻڻ لاء چيو پيو وڃي، ته جيئن صورتحال کي سنڀالي سگھجي.
اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ان وبا جي ختم ٿيڻ کانپوءِ لڏي ويندڙ ماڻهن مان گھڻا موٽي ايندا.

ڀارت ۾ ڪورونا جا اثر

ڪورونا وائرس يا ڪووڊ 19 سڄي دنيا جي معيشت ۽ سماج کي لوڏي ڇڏيو آهي. شايد ئي ڪو اهڙو ملڪ هجي، جيڪو ان کان متاثر نه ٿيو هجي. سڄي دنيا هڪ تبديلي جي مرحلي مان گذري رهي آهي. معيشت ۾ هڪ وڏي لاٿ آئي آهي، بيروزگاري وڌي ويئي آهي، ترقي يافتا ملڪن سميت سڀني ملڪن جي صحت جي نظام جون ڪمزوريون سامهون آيون آهن. سماجي ۽ نسلي تضادن کي سامهون آندو آهي. گھڻن پاران چينين سان نفرت جي اظهار جي طور ان وائرس کي چيني وائرس ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو جڏهين ته وائرس جي ڪا خاص قوميت ۽ ملڪ نه هوندو آهي. ساڳي ريت ڀارت ۾ پهرين ان جو ڏوه مسلمانن تي مڙهيو ويو ۽ مختلف جاين تي انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوء ٻيون مذهبي ۽ نسلي ٿورايون ۽ ڏتڙيل طبقن کي ان جو نشانو بڻايو ويو. سماجي ۽ نفسياتي اثرن جو ڪو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگھجي.
ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ پاڪستان ئي اهڙو ملڪ آهي جتي سرڪاري انگن اکرن موجب صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي جڏهين ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اڃا حالتون خراب آهن ۽ ڪل مريضن جو تعداد ستاويه لک کان وڌي ويو آهي. اٽڪل پنجاه هزار کان وڌيڪ ان وائرس وگھي فوت ٿي ويا آهن. متاثر مريضن جي تعداد جي لحاظ کان ڀارت آمريڪا ۽ برازيل کانپوءِ هن وقت ٽئين نمبر تي آهي.
معاشي ۽ سماجي مسئلا ۽ نقصان هڪ ڌار ڪهاڻي آهي. جڏهين شروع ۾ ايڪويھه ڏينهن جو لاڪ ڊائون ڪيو ويو هو ته هڪ اندازي موجب هرروز 320 ارب روپين نقصان ٿيو ٿي. سڄي ملڪ ۾ 53 سيڪڙو ڪاروبار ان کان متاثر ٿيا.ان سان گڏوگڏ اچ وڃ جي ذريعن جي بندش جي ڪري روانگي ۽ آمدني واپار تي اثر پيو. مزدورن جي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن لڏي وڃڻ ڪري زرعي پيداوار متاثر ٿي جيئن سنڌ ۾ انبن، کارڪن ۽ ٻين جنسن جي پيداوار پنجاب جي پورهيتن جي نه اچڻ ڪري متاثر ٿي آهي. قومي پيداوار تي ان جو وڏو اثر پيو آهي. آئي ايم ايف جي هڪ اندازي موجب 2020 جي معاشي سال ۾ قومي پيداوار ۾ ساڍا چار سيڪڙو لاٿ ايندي جيڪا پنهنجي ليکي هڪ ريڪارڊ آهي. ان جي پورائي لاء نريندر مودي آزادي واري ڏينهن هڪ وڏي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڀارت ملڪ جي بنيادي ڍانچي سان لاڳاپيل ست هزار رٿائن ۾ هڪ کرب ستيتاليه ارب ڊالر جي سيڙپ ڪندو. اهي رٿائون ڌار ڌار نه پر هڪٻئي سان ڳنڍيل هونديون. هڪ پاسي اهي ملڪي پيداوار ۽ معاشي ترقي لاءِ بنياد مهيا ڪنديون ۽ ٻئي پاسي ان سان روزگار جا وسيلا پيدا ٿيندا.
ان لاڪ ڊائون هڪ وڏي انساني المئي کي جنم ڏنو. جيتوڻيڪ ان سان آبادي جا سڀ طبقا متاثر ٿيا آهن پر گھڻو اثر غريب ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهو تي پيو آهي جنهن جي زندگي جو معيار اڃا وڌيڪ هيٺ هليو ويو آهي. ننڍن گھرن ۾ گھڻن ماڻهن جي رهڻ جي ڪري بيماري جا امڪان اڃا وڌيڪ آهن جڏهين ته عورتن جي لاء صورتحال اڃا وڌيڪ خراب ٿي ويئي آهي. مرد پنهنجي معاشي ڏکيائين ۽ لاڳيتو گھر ۾ رهڻ جي سڄي ڪاوڙ ۽ فرسٽريشن عورتن تي تشدد ذريعي ڪڍن ٿا ۽ ان جو وري ڪو تدارڪ به ڪونهي.
روزگار جي ختم ٿي وڃڻ ۽ آمدني جي ذريعن کان محروم ٿيڻ جي ڪري وڏن شهرن ۾ ڪم ڪندڙ لکين پورهيت پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن وڃڻ لڳا. ٽرانسپورٽ بند هئڻ ڪري انهن کي پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ سامان سان ڪيترن ڏينهن تائين سوين ميل سفر ڪرڻو پيو. ڪي پنهنجي منزل تي پهچي سگھيا ۽ ڪي واٽ تي ئي مختلف حادثن جو شڪار ٿي ويا ۽ گھڻا فوت ٿي ويا. انهن جون ڪهاڻيون سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ آيون. ان جي ايتري وڏي تعداد هئي جو هڪ ته ان جو مثال دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ نه ٿو ملي ۽ ٻيو ته سرڪار انهن کي ريليف ۽ امداد ڏيڻ جي گھڻي ڪوشش جي باوجود به ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي. اهو نه ٿو چئي سگھجي ته وائرس ختم ٿيڻ کانپوء انهن مان ڪيترا پنهنجن ڪمن تي موٽي سگھندا.
شروع ۾ هن سال جي جنوري ۾ اهو وائرس بين الاقوامي پروازن تي آيل مسافرن ۾ دهلي ۽ ممبئي ۾ ظاهر ٿيو. حڪومت جي تڙ تڪڙ ۾ ڪيل لاڪ ڊائون جي ڪري پورهيتن جي وڏي پئماني تي ٻين رياستن ڏانهن لڏپلاڻ ان کي اٽڪل سڄي ملڪ ۾ ڦهلائي ڇڏيو. سڀ کان وڌيڪ متاثر بهار جي غريب رياست آهي جڏهين ته ان کان پوء اڙيسا ۽ اتر پرديش آهن. شهرن کان وڌيڪ اهو وائرس ٻهراڙين ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ گھڻو آهي. بي بي سي ان جو هڪ مثال ڏيندي ٻڌايو آهي ته آندرا پرديش جي رياست ۾ وڏن شهرن جو تعداد گھٽ آهي ۽ هن وقت ملڪ جي جن ويھه ضلعن مان گھڻا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن انهن ۾ اٺ ضلعا آندارا پرديش جا آهن ۽ انهن مان رڳو هڪ شهري ضلعو آهي. ساڳي ريت جيئن ته گھڻي عرصي تائين لاڪ ڊائون برقرار رکڻ ممڪن نه هو ان ڪري جون ۾ لاڪ ڊائون کي ختم ڪيو ويو جنهن جي ڪري ماڻهن جي مختلف رياستن ۽ شهرن ڏانهن اچ وڃ شروع ٿي جنهن به وائرس وڌائڻ ۽ ڦهلائڻ ۾ هڪ ڪردار ادا ڪيو. اهڙِي طرح جيتوڻيڪ ڀارت اڃا بين الاقوامي پروازن کي شروع نه ڪيو آهي پر ٻاهرين ملڪن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي آڻڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. جيئن ته خاص طور نار وارن ملڪن ۾ آندرا پرديش جي ماڻهن جو و ڏو تعداد آهي انهن جي آمد به وائرس کي وڌايو آهي. ان رياست ۾ ٽيسٽن جي تعداد کي به وڌايو ويو آهي، جنهن جي ڪري به اتي متاثر ماڻهن جو تعداد بهار ۽ ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نظر اچي ٿو.
جيتوڻيڪ صورتحال اڃا ضابطي ۾ ناهي پر حڪومت پاڻ ان سلسلي ۾ ڪنهن سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪري اهو ڏيکاءُ ڏيئي رهي آهي ته حالتون معمول مظابق آهن. ان سلسلي ۾ خاص طور تازو مودي پاران مندر جي پيڙه جي پٿر رکڻ جي تقريب جو حوالو ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ ته احتياطي قدمن جي خلاف ورزي ڪندي مهمانن کي گھرايو ويو هو ۽ ٻيو ته اهي مهمان فاصلو نه رکندي هڪٻئي سان گڏ ويٺا هئا. ظاهر ڳالھه آهي ته ان سان ملڪ جي ماڻهن کي به اهو ئي نياپو ملي ٿو ته صورتحال معمول مطابق آهي ۽ اهي به ساڳي ريت سماجي ۽ ٻين تقريبن ۾ ميل جول رکي سگھن ٿا.

ماحولياتي تبديليون ۽ ڌرتي جو آئيندو

ڏٺو وڃي ته هن ڌرتي جي گولي تي تعداد جي لحاظ کان انسان جي ڪا حيثيت ئي ناهي. ست ساڍا ست ارب جو انگ ٻي اربين کربين جي تعداد ۾ مخلوق جي ڀيٽ ۾ ڪجھ ناهي. مختلف قسم جي ڪيڙن مڪوڙن جو ته ڪو حساب ئي ناهي. جڏهين ته رڳومختلف قسم جي پکين جو تعداد پنجاه کان ٻه سو ارب ٻڌايو وڃي ٿو. انهن ۾ ڏيڍ ارب کن اهي جهرڪيون آهن جيڪي اسين روز ڏسون ٿا جڏهين ته ٻين قسمن جون جھرڪيون ڌار آهن. ان کانسواءِ سوين هزارين قسم جا جانور آهن جن مان ڪن کان انسان واقف آهي ۽ ڪن جي اڃا کيس ڄاڻ ناهي.
ٻين گھڻن جانورن کان جسماني طور ڪمزور هوندي به اهو ٻه پيرو جانور پنهنجن ارتقائي مرحلن مان گذرندي ٻي سڄي جيوت ۽ ايستائين ته ڌرتي جي آئيندي لاء خطرو بڻجي ويو آهي. هن پنهنجن شروعاتي مرحلن ۾ ئي ڪيترن جانورن، پکين ۽ ٻوٽن جي جنسن کي ختم ڪري ڇڏيو. حيرت جي ڳالھه ته اها آهي ته ٻيا جانور وغيره پنهنجي غذائي ۽ جسماني ضرورتن وغيره جي ڪري جانورن، پکين ۽ ٻوٽن جو شڪار ڪندا آهن جڏهين ته ِانسان ان کانسواء به رڳو پنهنجي مزي ۽ لالچ جي ڪري ٻي جيوت جو ويري ٿي پيو آهي.
ڪووڊ 19 اهڙي وبا بڻجي ويئي آهي جنهن سال ٻن جي عرصي ۾ گھڻين جانين وٺڻ ۽ گھڻي معاشي نقصان سان گڏو گڏ زندگي جي سڄي طريقي کي ئي بدلائي ڇڏيو آهي. پر گھڻن حفاظتي قدمن ۽ ويڪسين وغيره جي اچڻ کانپوءِ به ان کي قابو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ اها اڃا به مختلف ملڪن ۾ ماڻهن جي لاء هڪ ڏهڪاء بڻيل آهي. هاڻي ته عالمي صحت واري تنظيم به اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته ان وبا جي ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي بلڪ روز مختلف ملڪن ۾ مختلف نالن سان ان جا نوان قسم ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو کي اڳ آيل ٻين گھڻين بيمارين جيان ان سان گڏ به رهڻو پوندو.
پر ڇا انسان ان سڀڪجھ مان ڪو سبق حاصل ڪيو آهي. جواب يقينن نه ۾ ئي آهي. جھنگلن کي نهايت بيدردي سان تباه ڪيو پيو وڃي. قدرت جي هڪ معجزي امازون جھنگل کي گھڻين تنبيهن جي باوجود ختم ڪرڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اهو جھنگل هن وقت جيترو ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ جذب ڪري ٿو، ان کان وڌيڪ خارج ڪري رهيو آهي جنهن جا اثر سڄي دنيا تي پئجي رهيا آهن. هاڻي اهو چيو پيو وڃي ته هن جھنگل کي جيڪو نقصان پهچايو ويو آهي، ان جو ازالو ممڪن ناهي. ڪٿي دريا سڪي ويا آهن ۽ ڪٿي انهن پنهنجو رخ بدلائي ڇڏيو آهي. گرمي پد لاڳيتو وڌي رهيو آهي، جنهن جو اندازو ڪجھ سالن کان پاڪستان جي ماڻهن کي ته آهي پر اهو هاڻي سڄي دنيا لاءِ هڪ گنڀير مسئلو بڻجي ويو آهي. اهي خبرون لاڳيتو اچي رهيون آهن ته آمريڪا جي اولهندي علائقي ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌارو اچي ويو آهي. اڃا ته اتي گرمي جي مند شروع ئي نه ٿي آهي پر گرمي پد 118 فارن هائيٽ کي وڃي پهتو آهي. اهو چيو پيو وڃي ته ان جي ڪري نه رڳو ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي پر جھنگلن جي باهين جو سلسلو پڻ شورع ٿيندو. ان جي شدت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪينيڊا، سائيبيريا، يورپ ۽ آئس لينڊ وغيره جهڙا برفائي علائقا گرمي جي ان لهر کان متاثر ٿيا آهن.
نوم چومسڪي رابرٽ پولن سان گڏ لکيل ڪتاب Climate Crisis and Global Green New Deal ۾ ٻڌائي ٿو ته گرمي پد وڌي ويندو، گھڻا علائقا رهڻ جي لائق نه هوندا، سمنڊن جي سطح وڌي ويندي ۽ پوکن کي نقصان پهچندو. اهي ان دليل کي رد ڪن ٿا ته ماحوليات کي محفوظ ڪرڻ لاء کنيل قدمن سان پيداوار جو خرچ وڌي ويندو، بيروزگاري وڌي ويندي ۽ ساڳي وقت معاشي تباهي جا خدشا اجايا آهن.
تازو اي ايف پي نيوز ايجنسي گڏيل قومن جيInter-governmental Penal on Climate Change (IPCC) جي ڊرافٽ رپورٽ هٿ ڪئي آهي، جيڪا 2022 ۾ پينل پاران منظور ٿيڻي آهي. ان جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ان ۾ اڃا گھڻيون تبديليون ٿينديون. بهرحال امڪان اهو ئي آهي ته گھڻيون ڳالهيون ساڳيون رهنديون. ان رپورٽ جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجھ ڏهاڪن ۾ يا ائين کڻي چئجي ته جيڪو ٻار اڄ ڄمي ٿو ۽ هو جڏهين ٽيهن سالن جو ٿيندو ته ان وقت موسم جي حوالي سان وڏيون تبديليون واقع ٿي چڪيون هونديون. هڪ ڊگھي عرصي تائين گرمي پد ۾ ڏيڍ ڊگري جو واڌارو ماحول ۾ وڏين تبديلين جو باعث ٿيندو. ان گرمي ۾ رهڻ ناممڪن هوندو. سڄو ماحولياتي نظام اچي پٽ پوندو.اڳ ماحول ۾ جيڪي تبديليون واقع ٿيون آهن ان جي ڪري جانورن ۽ پکين جون گھڻيون جنسون ختم ٿي ويون. هن وقت اهو خيال ڏيکاريو پيو وڃي ته گھڻن جانورن ۽ پکين جون اهڙيون جنسون جن جي لاء هاڻي بدلجندڙ ماحول سان مطابقت پيدا ڪرڻ ۾ گھڻي دير ٿي چڪي آهي ختم ٿي وينديون. اهو ممڪن آهي ته انهن تبديلين مان گذرندي نيون جنسون نئين ماحول جي مطابقت ۾ پيدا ٿين پر انهن ۾ انسان نه هوندو. ان تبديلي جي وسعت جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته سائيبيريا ۾ پهريون ڀيرو گرمي پد هڪ سو ڊگري کان وڌي ويو آهي جڏهين ته ساڳي وقت اولھه ڪينيڊا جهڙي ٿڌي علائقي ۾ پڻ گرمي پد ۾ واڌارو اچي رهيو آهي.
انهن تبديلين جي ڪري سمنڊ جي سطح اٽڪل هڪ ميٽر وڌي ويندي ۽ ساحلي شهرن ۾ رهندڙ اٽڪل 41 ڪروڙ ماڻهن جي زندگي لاء خطرو ٿي پوندو. ساڳي وقت دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڏڪر ۽ بک واري صورتحال پيدا ٿيندي. لکين ٻارن کي مناسب خوراڪ نه ملي سگھندي ۽ مختلف بيماريون ظاهر ٿينديون.
ساڳي ريت آمريڪا جي ٻن ادارن ناسا ۽ National Oceanic and Atmospheric Administration (NOAA) پنهنجي تحقيق جي بنياد تي اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته هن وقت ڌرتي 2005 جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻ تي گرمي جذب ڪري رهي آهي. مطلب ته سج جون گھڻيون شعائون ڌرتي جذب ڪري ٿي ۽ گھڻيون واپس خلا ۾ موٽي وڃن ٿيون. هڪ مثبت عدم توازن جو مطلب آهي ته ڌرتي وڌيڪ توانائي حاصل ڪري رهي آهي ۽ اهڙي ريت گرم ٿي رهي آهي. ان جو نوي سيڪڙو سمنڊن ۾ هجي ٿو. برف پگھري رهي آهي. آبي بخارات، گرين هائوس گيسن ۾ واڌاري ۽ ڪڪرن جي ٿعداد ۾ گھٽتائي ان عمل کي وڌائي ڇڏيو آهي. پئسيفڪ سمنڊ جي ٿڌي مرحلي مان گرم مرحلي ۾ هليو وڃڻ شايد توانائي جي ان عدم توازن کي وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
هونئن پکي بدلجندڙ موسمي حالتن ۾ اوچائين ڏانهن سفر ڪندا هئا پر هاڻي جهنگلن جي ختم ٿيڻ ۽ پکين ۽ جانورن جي پناهگاهن ختم ٿيڻ جي ڪري انهن ايڪيوٽر ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو آهي.
ان سڄي عمل کي سرمايا دار ملڪن ۾ اڃا به پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي نڪته نظر سان ڏٺو پيو وڃي ۽ ان ڳالھه تي ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي ته فوري نفعي جي لالچ جي ڪري ڌرتي ۽ ان جي سڄي جيوت جو آئيندو دائو تي لڳل آهي ۽ اهو ممڪن آهي ته ڪجھ عرصي کانپوءِ واپسي جي گنجائش به ختم ٿي وڃي.

چوري

هونئن ته دريائن جي غائب ٿيڻ ۽ وهڪرن بدلائڻ جو گھڻو ذڪر ملي ٿو پر اهو پهريون واقعو آهي، جنهن کي ويجھي وقت ۾ ماڻهن پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. گذريل سال مئي جي چار ڏينهن ۾ ڪينيڊا جي اتر ۾ سلمز Slims نالي هڪ دريا چوري ٿي ويو. اهو دريا جي چوري جو لفظ هونئن عجيب لڳي ٿو پر پيشه ورانا طور اهو ان وقت استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهين هڪ دريا ٻئي دريا کي سڪائي ان جو پاڻي کڻي وڃي. جيتوڻيڪ ان ۾ ان دريا جو ڪو ڏوه ناهي هوندو، بلڪه اهڙا قدرتي ۽ انسان جا پيدا ڪيل عنصر هوندا آهن، جنهن جي ڪري اهو سڀڪجھ ٿيندو آهي. ڌرتي جي لکين ڪروڙين سالن جي تاريخ ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن، پر ارضياتي علم جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ساڍا ٽي سو سالن جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو نه ٿو ملي، جڏهين سڄو دريا چئن ڏينهن جي اندر هڪ سنهي ليڪ جيان رهجي ويو هجي.
اهو دريا هڪ گليشيئر جي پاڻي مان نڪري ٿو. بظاهر ته اهو واقعو چئن ڏينهن جو آهي، پر ان عمل کي هلندي اٽڪل سو سالن جو عرصو ٿيو، جڏهين گليشيئر جي ڳرڻ جي رفتارمعمول کان وڌي ويئي ۽ اهو ان عرصي ۾ اٽڪل هڪ ميل پوئتي هٽي ويو. ان جو پاڻي ٻئي دريا سان شامل ٿي ويو، جيڪو هزارين ميل پري الاسڪا جي ويجھو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.ِ ڄڻ ان عمل سان سلمز دريا جو سڄو وهڪرو ئي تبديل ٿي ويو ۽ ان لاءِ جياپي جو ذريعو ختم ٿي ويو. چون ٿا ته هن وقت سلمز ۾ ايترو گھٽ پاڻي رهجي ويو آهي، جو برفاني رڍون هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين پنڌ وڃي سگھن ٿيون جنهن علائقي ۾ سندن شڪار جي اجازت آهي.
في الحال ته ان واقعي کي ماڻهن ڄڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي پر ان کي پوري ريت ڊاڪومينٽ ڪرڻ ۽ ان تي تحقيق ڪرڻ جو ڪم اڃا نه ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته سوال رڳو دريائن جي وهڪرن ۽ ان جي پاڻي جو ناهي هوندو، پر ان سان لاڳاپيل سڄي جيوت مڇين، پکين، ٻي دريائي مخلوق، معاشي سرگرمي ۽ قدرتي ماحول جو هوندو آهي. هتي سنڌ ۾ دريا جي وهڪري بدلائڻ جي ڪري ڪيترا شهر ويران ٿي ويا ۽ ڪيترا ٻيا آباد ٿي ويا ۽ ايستائين ته سومرن کي ان جي ڪري پنهنجي گادي جو هنڌ به بدلائڻو پيو. ساڳي ريت ڏند ڪٿائي سرسوتي دريا، جنهن سان گھڻيون ڪٿائون لاڳاپيل آهن ڄڻ ته ريگستان جي واري ۾ گم ٿي ويو.
ان سڀڪجھ جا جيتوڻيڪ فطري ڪارڻ به ٿي سگھن ٿا پر ماهرن جو خيال آهي ته ان جو بنيادي ڪارڻ انسان ۽ سندس سرگرميون آهن. جيتوڻيڪ جيوت جي حوالي سان انسان جو تعداد ڌرتي تي نه هئڻ جيترو آهي پر پنهنجي حيثيت ۽ ڌرتي ۽ ان جي ماحول کي متاثرڪرڻ جي حوالي سان ان جي هڪ حاوي حيثيت آهي. سندس سرگرمين جي ڪري ڌرتي تان جانورن ۽ پکين جون ڪيئي جنسون ختم ويون آهن، جھنگلن جو تعداد گھٽجي ويو آهي، گرمي پد وڌي ويو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ موسم ۾ تبديلي اچي رهي آهي.
ٻوڏن،ِ طوفانن ۽ زلزلن جي تعداد ۾ واڌارو اچي ويو آهي. ڪينيڊا جي دريا جو ته رڳو هڪ مثال آهي. جڏهين ته اهو ساڳيو عمل هماليه جي گليشيئرن ۾ به انهن جي تيزي سان ڳرڻ ۽ غائب ٿيڻ جي صورت ۾ جاري آهي. ماهر ان ڳالھه تي تحقيق ڪري رهيا آهن ته نيٺ هتي گليشيئرن جي تيزي سان ڳرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. هتان اهي سڀ دريا نڪرن ٿا جيڪي ننڊي کنڊ جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي حياتي جي شھه رڳ آهن. اهڙي ريت مسئلو هتي به دريائن جي پاڻي جي ورهاست کان وڌيڪ ان ماحولياتي تبديلي تي توجه ڏيڻ جو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته انسان اڃا به ان عمل کي روڪي ۽ پوئتي موٽائي سگھي ٿو. دنيا جي خاص طور ترقي يافتا ملڪن ۾، جن جو ماحول کي بگاڙڻ ۾ اهم ڪردار آهي، اهڙيون سياسي ۽ غيرسياسي تنظيمون موجود آهن، جيڪي ماحوليات جي حوالي سان ڪم ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجين حڪومتن تي ان سلسلي ۾ دٻاءُ وجھي رهيون آهن. پرهڪ ڊگھو عرصو گذرڻ باوجود اهڙين ڪوششن جو ڪو لاڀ حاصل ٿيندو نظر نه ٿو اچي. ان سلسلي ۾ هڪ تجويز اها آهي ته Fossils يعني تيل ۽ گيس وغيره جي استعمال کي گھٽائي، توانائي جي ٻين ذريعن کي استعمال ۾ آندو وڃي. ڪينيڊا جي نوجوان وزيراعظم جسٽن ٽروڊو مان اتان جي ماڻهن کي اها اميد هئي ته هو ان سلسلي ۾ ڪجھ قدم کڻندو پر هن نون تيل جي رٿائن جي منظوري ڏيئي، ان ڳالھه جي نفي ڪري ڇڏي آهي. ساڳي ريت آمريڪا جنهن جو پنهنجي معاشي سرگرمي جي ڪري ماحول جي بگاڙ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، هميشه اهڙي ڪنهن به بين الاقوامي ٺاه جي مخالفت ڪندو رهيو آهي جنهن سان ان کي پنهنجي صنعتن تي ان سلسلي ۾ وڌيڪ پابنديون لڳائڻيون پون، جنهن جي ڪري انهن جي پيداواري لاڳت وڌي ويندي ۽ عالمي منڊي ۾ انهن لاء چٽاڀيٽي ڪرڻ ۾ اڃا ڏکيائي پيدا ٿيندي. گھڻين ڪوششن کان پوءِ ان سلسلي ۾ تازو جيڪو ٺاه ٿيو آهي، صدر ٽرمپ ان مان نڪرڻ جا اشارا ڏيئي رهيو آهي. ڪجھ آمريڪي ماهر ان جو جواز اهو ڏين ٿا ته ماحول ۾ تبديلين جو بنيادي ڪارڻ فطري آهي ۽ ان ۾ انسانيِ سرگرمين جو ڪردار نه هئڻ برابر آهي. پر اهو جواز قبولڻ جوڳو ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪا شي واضح ۽ اکين آڏو آهي ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. انساني سرگرمين، پوءِ ڀلي انهن جو اثر ٿورڙو ئي ڇو نه هجي، پر ان جا اثر تمام گھڻا ۽ اهم آهن. جيڪڏهين هو ان سلسلي ۾ پنهنجي حصي جو ئي ڪردار ادا ڪري ته وڏو فرق پئجي سگھي ٿو.
پر سوال وري به اهو آهي ته ڇا هو ان لاءِ تيار ٿيندو. ان وقت ان جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته هن نظام ۾ ان جي لاء پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي جياپي کان وڌيڪ اهو نفعو ۽ ناڻو آهي جيڪو کيس هاڻي حاصل ٿئي ٿو.
ڪينيڊا جي سلم دريا کي وري جيئارڻ شايد ممڪن نه ٿئي، پر ائين لڳي ٿو ته ان اکين آڏو ٿيل لقاء کان پوء به ان مان ڪو سبق نه ورتو ويندو ۽ انسان جي نفعي جي ڊوڙ جاري رهندي ۽ ممڪن آهي ته ان ۾ واڌارو اچي وڃي. ان صورتحال ۾ سلمز دريا جهڙي ٻين ڪيترن واقعن،ِ ٻوڏن، طوفانن ۽ زلزلن لاء تيار رهڻو پوندو. بس انسان جو سڄو شعور ۽ عقل اتي اچي دنگ ٿو ڪري جتي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي ڳالھه اچي ٿي، پوء ان سان ڀلي سندس پنهنجي ذات سميت سڄ جيوتي ۽ ڌرتي جو جياپو ڇو نه داء تي لڳي وڃي.

سنڌو درياءُ

تازو حيدرآباد وڃڻ ٿيو. سنڌو تي ڄامشوري واري پل تان لنگھندي دريا تي نظر وجھڻ ڄڻ عادت ۾ شامل ٿي ويو آهي. دريا جي هن حصي ۾ پاڻي جو گھٽ هئڻ ۽ واري جو اڏامڻ ته معمول جي ڳالھه آهي. ساڳي وقت دريا جي ان ويراني جو فائدو وٺندي مختلف ٽرڪ اتان مٽي ڪدي رهيا هئا جيڪا شهرن ۾ تعميراتي مقصدن لاء استعمال ڪئي ويندي. اهو سڀڪجھ سنڌو سميت دنيا جي سڀني وڏن ۽ ننڍن دريائن ۽ نئين سان ٿي رهيو آهي. وڏن شهرن، ڊيمن ۽ ٻين تعميراتي رٿائن دريائن کي وڏو نقصان پهچايو آهي. ان لاڙي کي ضاطي ۾ آڻڻ ڏکيو آهي. گھڻيون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. هڪ لحاظ کان انساني تهذيب جي ترقي جو مطلب فطرت جي تباهي آهي جنهن جا نتيجا اڳتي هلي ٻي جيوت سان گڏ انسان کي به ڀوڳڻا پوندا ۽ شايد اهو عمل هاڻي شروع ٿي چڪو آهي.

ڌرتي ڪيترو بار سهي سگھندي؟

دنيا ۾ وبائون اينديون رهيون آهن ۽ دنيا جي وڏي آبادي ان کان متاثر ٿيندي رهي آهي. ڇهين صدي عيسوي ۾ ته پليگ جي وبا جي ڪري دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ختم ٿي ويئي هئي. چوڏهين صدي جي وچ ڌاري وبا جي ڪري انگلينڊ جي اڌ آبادي ۽ يورپ جي مختلف حصن ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهو مري ويا هئا. هن وقت ڪورونا وائرس سڄي دنيا جون متون منجھائي ڇڏيون آهن. دنيا جا اٽڪل سڀ ملڪ ان کان ڪنهن نه ڪنهن نموني متاثر ٿيا آهن. فطرت جي اندر اهڙا جرثوما لڪل آهن جن جي انسان کي اڃا تائين ڄاڻ ناهي ۽ هو انهن جو ڪو تدارڪ نه ڪري سگھيو آهي. گھڻو ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اهي وبائون ۽ بيماريون انسان جي پنهنجين غلطين ۽ افعالن جي ڪري ظاهر ٿينديون آهن. ڪڏهين گند ڪچري ۽ صفائي نه هئڻ ڪري ته ڪڏهين فطرت ۽ ماحول سان غيرضروري هٿ چراند جي ڪري. ساڳي وقت ان ڳالھه کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي ته مختلف ملڪن ٻين هٿيارن سان گڏ اهڙا حياتياتي هٿيار پڻ ٺاهيا آهن، جيڪي اهي پنهنجن مخالف ملڪن ۽ پنهنجي عوام خلاف استعمال ڪن ٿا ۽ ڪڏهين ڪڏهين انهن جا نتيجا سندن هٿن مان نڪري به وڃن ٿا.
ڏٺو وڃي ته ان سڄي ڪائنات ۾ انسان جي ذري جيتري به حيثيت ناهي پر ڌرتي تي به ڏسجي ته سندس ڪا وڏي حيثيت ناهي. سڄي مخلوق جيتن ۽ جانورن ۾ مس هو ڪو ذري جيترو آهي. ڌرتي تي موجود قدرت جي ڪل مخلوق ۾ هو هڪ سيڪڙي جو به هڪ سيڪڙو ٿيندو. سندس جياپو سڄي ڌرتي ۽ ان جي سڄي مخلوق جي جياپي سان لاڳاپيل آهي. اها ڌرتي رڳو سندس نه پر سڄي مخلوق جو گھر آهي. پراها ڳالھه هن جي سمجھڻ کان مٿي رهي آهي ۽ پنهنجن انفرادي ۽ گروهي فائدن لاءِ سڄي توازن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آهي. ان صورتحال کي ڏسندي اسٽيفن هاڪنگ اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڌرتي زندگي کي شايد وڌيڪ سو سال مس برقرار رکي سگھي ۽ انسان کي پنهنجي لاء ڪنهن نئين سياري جي ڳولها ڪرڻي پوندي. هن وقت دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ لاڪ ڊائون، ڪارخانن ۽ ٻي معاشي سرگرمي جي بند ٿيڻ ۽ گاڏين موٽرن جي بند ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ماحول مان آلودگي گھٽجي ويئي آهي ۽ هوا صاف ٿي ويئي آهي. چين ۽ يورپي ملڪن اهي اندازا لڳايا آهن ته ان صاف هوا جي ڪري ماڻهن جي زندگي بهتر ٿي ويئي آهي ۽ انهن جي جيئڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
خير اها ته عارضي ڳالھه آهي باقي اها پڪ آهي ته جيئن اهو بحران ۽ وبا ختم ٿي تيئن انسان وري پنهنجي ساڳي ڪرت کي لڳي ويندو. ان حوالي سان آمريڪي صدر ٽرمپ جهڙن اڳواڻن جي بيچيني ڏسڻ وٽان آهي جيڪي معمول جون سرگرمين کي شروع ڪرڻ ۾ دير نه ٿا ڪرڻ چاهين پوء ڀلي ان جا نتيجا ڪهڙا به نڪرن. هڪ ڊگھي عرصي کان اها ڳالھه ٿيندي رهي آهي ته دنيا ۾ آلودگي وڌي رهي آهي، گرمي پد وڌي رهيو آهي ۽ ماحول ۾ تبديلي اچي رهي آهي. گليشئرن جي ڳرڻ جي رفتار وڌي ويئي آهي، دريائن جا رخ بدلجي ويا آهن ۽ ڪي ڪي دريا ته ماڳيئي غائب ٿي ويا آهن. سمنڊ جي سطح بلند ٿي رهي آهي ۽ انڊونيشيا جي گادي جي هنڌ جڪارتا جهڙن گھڻن شهرن، جن ۾ ڪلڪتو ۽ ڪراچي به شامل آهن، جي ٻڏڻ ۽ سمنڊ هيٺ اچڻ جا امڪان موجود آهن. اهو ته هڪ عام مشاهدو آهي ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ موسمن ۾ تبديليون آيون آهن. ڪٿي گرمي ۽ ان جو مدو وڌي ويو آهي ته ڪٿي سي معمول کان گھڻا ٿا پون. ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جي ماهرن ۾ ڪو اختلاف ناهي ته مختلف معاشي سرگرمين جي ڪري هوا ۾ جيڪي هاڃيڪار گيس موجود آهن انهن کي گھٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي لاء صنعتن کي بند ڪرڻ نه پر اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جنهن سان انهن گيسن جي اخراج کي ضابطي ۾ آڻي سگھجي. پر اهڙن قدمن کڻڻ لاءِ سرمائيدارن کي وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو جنهن جي لاء اهي تيار ناهن. اهڙن گھڻن معاهدن مان خاص طور آمريڪا ڌار ٿي چڪو آهي ۽ گھڻن ۾ ان شامل ٿيڻ کان ئي انڪار ڪيو آهي. ان جي لاء هڪ دليل اهو ٿو ڏنو وڃي ته ماحول ۾ ايندڙ تبديليون قدرتي طور اچي رهيون آهن جيئن ماضي ۾ به ٿيندو رهيو آهي ۽ معاشي سرگرمين جو ان ۾ ڪردار معمولي ۽ غير اهم آهي.
درياءَ انساني تهذيب لاء بنيادي حيثيت رکن ٿا. وڏن ڊيمن جي ماحول ۽ انساني آبادين تي ناڪاري اثرن متعلق ماهرن جي رائي ۾ هاڻي ڪو اختلاف نه رهيو آهي. پر اها هڪ عجيب ڳالھه آهي ته عالمي مالياتي ادارا ان جي متبادل کي اڳتي وڌائڻ جي بجائي انهن جي لاء امداد ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هجن ٿا. جيڪڏهين رڳو سنڌو جو مثال ورتو وڃي ته اها خبر پوندي ته ڊيمن جو مسئلو رڳو پاڪستان ۾ ناهي پر دريا جن جن ملڪن مان گذري ٿو انهن سڀني ان مان پنهنجو حصو ڪڍڻ لاء دريا تي بند ٻڌا آهن ۽ ڊيم ٺاهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ڊيلٽا لاء پاڻي کي زيان خيال ڪيو ٿو وڃي جنهن جي ڪري نه رڳو گھڻا علائقا سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ ٺٽي ۽ اوسي پاسي وارن شهرن لاءِ به اهو امڪان موجود آهي. ساڳي وقت هڪ پاسي ته دريائن کي پوتر سمجھيو وڃي ٿو ۽ انهن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي ته ٻئي پاسي ان ۾ ايترو انساني ۽ ڪارخانن جو گند اڇلايو وڃي ٿو جو ان جو انسان لاء استعمال هاڃيڪار بڻجي وڃي ٿو.
انسان جي منافقت کي ان ڳالھه مان پرکي سگھجي ٿو ته هڪ پاسي ته اهو چيو وڃي ٿو ته وڻ لڳايو پر ٻئي پاسي پنهنجي فائدي لاءِ جيڪي وڻ موجود آهن انهن کي به وڍيو ۽ تباه ڪيو وڃي ٿو. اٽڪل ستاويھه لک چورس ميلن تي ڦهليل لاطيني آمريڪا جو امازون جھنگل دنيا جي وڏن جھنگلن مان هڪ آهي. اهو نو ملڪن ۾ آهي. اٽڪل سٺ سيڪڙو برازيل ۾ آهي جڏهين ته باقي ٻين مختلف ملڪن جهڙوڪ پيرو، وينزويلا، ايڪوڊور، بوليويا ۽ سرينام وغيره ۾ آهي. ان جھنگل ۾ اٽڪل 390 ارب وڻ آهن ۽ دنيا ۾ جيڪي مينهن جي ڪري آباد ٿيندڙ جھنگل آهن اهو انهن جو اڌ آهي. انساني سرگرمي ۽ ترقي جي نالي ۾ 2018 تائين جھنگل جو سترنهن سيڪڙو تباه ٿي چڪو هو. چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهين اهو ويه کان پنجويھه سيڪڙو تائين پهچي ٿو ته پوءِ اهو جھنگل جھنگلن جي ماحولياتي نظام مان نڪري ويندو. لڳي ٿو ته تازو وڏي پئماني تي جيڪا باه لڳي آهي ان جي ڪري اهو نڪتو اچي چڪو هونڌو. ان حوالي سان گھڻن ماڻهن برازيل جي صدر ڏانهن آڱر کنئي ٿي، جنهن جھنگل جي زمين کي صاف ڪرڻ لاء اهو ڪيو هو. ان سان گڏو گڏ جھنگل جي وچان امازون هائي وي ٺاهيو پيو وڃي جنهن جا پڻ ماحول تي ناڪاري اثر پوندا. جيڪڏهين ڏٺو وڃي ته اها ساڳي صورتحال پاڪستان ۾ آهي. هتي جيتوڻيڪ اربين وڻن جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي پر ساڳي وقت ملڪ جي مٿين علائقن ۾ جھنگلن ۽ سنڌ جي ٻيلن سان جيڪو حشر ڪيو ويو آهي اهو سڀني جي آڏو آهي.
ڪورونا جي وبا ته ختم ويندي پر امڪان اهي ئي آهن ته انسان پنهنجي ساڳي ڪرت کي لڳو پيو هونڌو ۽ پنهنجن فائدن لاء ماحول کي تباه ڪرڻ جو عمل جاري رکندو ايندو. ان جا نتيجا ڌرتي جي سڄي جيوت سميت کيس ۽ سندس ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻا پوندا. هن وقت ڪورونا ته رڳو هڪ تنبيھه آهي جڏهين ته چيو وڃي ٿو ته اڃا به اهڙا ڪيترا جراثيم موجود آهن جن جي انسان کي ڄاڻ ناهي. اهي هزارين سالن کان گليشيئرن وغيره ۾ دٻيل آهن ۽ جيئن ئي گرمي پد وڌڻ ڪري اهي ڳرڻ شروع ڪندا، جيڪو عمل هاڻي هلندڙ آهي، ته اهي ظاهر ٿيندا ۽ انسان کي نشانو بڻائيندا. ان جو اندازو ان ڳالھه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته وبائن جي فريڪيونسي وڌي ويئي آهي ۽ اها 1980 کان وٺي سال ۾ ٽيڻ تي پهچي ويئي آهي.
ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته پنهنجين ترجيحن جو وري جائزو وٺجي. ماحول سان گڏوگڏ بجائي هٿيارن تي اربين کربين ڊالر خرچ ڪرڻ جي عام ماڻهن جي ڀلائي، انهن جي صحت، تعليم، روزگار ۽ کاڌ خوراڪ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. اها ڳالھه ئي ڌرتي ۽ انسان سميت ان جي سڄي جيوت جي باقي رهڻ جي امڪانن کي وڌائي سگھي ٿي.

فطرت، جيوت ۽ انسان

ڪووڊ 19 دنيا لاء هڪ تنبيھه آهي. انسان ۽ فطرت هڪ ٻئي سان اڻ ٽٽ نموني ڳنڍيل آهن. هينئر انسان کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته فطرت انسان لاءِ رڳو سونهن ۽ مزي وٺڻ واري شي ناهي پر انسان لاء ضروري آهي ته هو فطرت ۽ ڌرتي ۽ اتي رهندڙ ٻي جيوت ڏانهن پنهنجي رويي کي بدلائي. ٻي صورت ۾ ان ڌرتي تي سندس پنهنجو جياپو خطري ۾ پئجي سگھي ٿو، بلڪ هڪ لحاظ کان اهو پئجي ويو آهي ۽ گھڻا ماهر ته ان جو مدو به ٻڌائين ٿا جيڪو سو سالن کان وڌيڪ ناهي.
اڃا دنيا ان وبا مان نڪري نه سگھي آهي. پر گھڻي معاشي ۽ سماجي نقصان ۽ صحت جي مسئلن جي باوجود لڳي ائين ٿو ته ٿوري وٿي ملڻ ۽ وبا جي زور جي ٿوري گھٽ ٿيڻ تي هو وري ساڳي ڪرت کي لڳي ويو آهي ۽ سندس زندگي گذارڻ جي طريقن ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي آهي. تازو ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ جي هڪ رپورٽ موجب هن سندس انسان جي درجي تي پهچڻ وقت ۽ ان کان اڳ جانورن ۽ مجموعي طور فطرت سان جيڪو رويو رکيو هو ۽ جنهن نموني پنهنجن خسيس مفادن لاءِ ان جي تباهي جو عمل شروع ڪيو هو ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏ واڌارو ايندو ويو آهي. رپورٽ موجب گذريل پنجاه سالن کان گھٽ جي عرصي ۾ انسان پنهنجي فطرت دشمن سرگرمين، جھنگلن کي باه ڏيڻ، جانورن جي رهڻ جي جاين کي ختم ڪرڻ، وڏي تعداد ۾ مڇين کي مارڻ ۽ ٻي آبي جيوت کي نقصان پهچائڻ ۽ سمنڊ ۽ دريائن کي گندو ڪرڻ ذريعي وڏي تعداد ۾ جانورن جي لاتعداد قسمن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت جنهن رفتار سان اهو سڀڪجھ ٿي رهيو آهي ان جو گذريل وقت ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. ساڳي وقت رپورٽ جو چوڻ آهي ته انسان جنهن رفتار سان اهو سڀڪجھ ڪري رهيو آهي ان ۾ گھٽتائي اچڻ جو ڪو امڪان نظر نه پيو اچي.
اها واقعي حيرت جي ڳالھه آهي ته ڌرتي جنهن کي اسان پنهنجو گھر چئون ٿا پنهنجن هٿن سان تباه ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي صحت، سلامتي ۽ جياپي کي پڻ خطري ۾ وجھڻ جو جوکم کڻي رهيا آهيون. هن وقت انسان فطري ماحول جي ايتري خراب حالت ڪري ڇڏي آهي جو ڌرتي کي هاڻي پنهنجي جياپي لاءِ SOS ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
رپورٽ هزارين جھنگلي جانورن جي قسمن جو جائزو وٺي ٿي. رپورت موجب ويه هزار کان وڌيڪ کير ڏيندڙ جانورن، مچين ۽ ٻي آبي جيوت، پکين ۽ جيتن جو اٺهٺ سيڪڙو تعداد گھٽجي ويو آهي. گھڻي گھٽتائي گرم ملڪن ۽ خاص طور لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين ۾ ٿي آهي جتي ان جيوت ۾ چورانوي سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي ۽ اڃا آبي جيوت ۽ پکين جي معدوم ٿيڻ جو خطرو موجود آهي.
2019 جي هڪ بين الحڪومتي سائنسدانن جي پينل جي رپورٽ موجب پنج لک جانور ۽ ٻوٽن ۽ پنج لک جيتن جي معدوم ٿيڻ جو خطرو موجود آهي ۽ انهن مان گھڻا ڪجھ ڏهاڪن ۾ ختم ٿي ويندا.
ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ جي رپورٽ ان حوالي سان ٽن اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي. هڪ اهو ته سن 2000 کان وٺي هيستائين جانورن جي رهڻ جي جاين ۾ اوڻويھه لک چورس ڪلو ميٽر جي گھٽتائي ٿي آهي. پنهنجين پناهگاهن کان محروم ٿيڻ جي ڪري گھڻا پکي ۽ جانور ويڳاڻا ٿي ويا آهن ۽ سندن لاء جيئڻ هڪ مسئلو بڻجي ويو آهي. ان جو اندازو ان ڳالھه مان لڳايو ته هن وقت ڏه لک کن جانورن جي قسمن جي معدوم ٿيڻ جو خطرو آهي. ان سان گڏوگڏ انسان پاران کاڌي جي چونڊ ۽ کاڌو واپرائڻ جو طريقو پڻ اهم آهي. جيڪو کاڌو ضائع ڪيو وڃي ٿو اهو پنهنجي ليکي هڪ وڏو مسئلو آهي. انسان کانسواءِ هر جانور کي بک لڳي ٿي ته اهو کاڌو کائي ٿو ۽ ضرورت موجب ۽ پنهنجي پارٽنر جي رضامندي سان پنهنجيون جنسي ضرورتون پوريون ڪري ٿو. پر انسان لاء چيو ويندو آهي ته اهو اهڙو جانور آهي، جيڪو بک نه هوندي به کاڌو کائيندو آهي ۽ ضرورت نه هوندي رڳو مزي ۽ لذت خاطر مخالف جنس ڏانهن ويندو آهي. ان عادت ۽ روئي جو ئي نتيجو آهي ته هڪ اندازي موجب ساليانو هڪ ارب ٽيھه ڪروڙ ٽن کاڌو ضائع ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ساڳي وقت معيشت لاء پڻ هڪ وڏو نقصان آهي.
اها ڌرتي تي جيوت جي ختم ٿيڻ جي ڇهين وڏي لهر آهي. ان کان اڳ ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ ۽ خلائي پٿرن جي زمين سان ٽڪرائڻ ڪري اهو سڀڪجھ ٿيندو رهيو آهي ۽ اهڙي ئي هڪ حادثي ۾ ڊائنوسار ۽ ٻيا جانور ختم ٿي ويا هئا. پر هي موجوده تباهي ڪنهن فطري عمل جو نتيجو نه پر انسان جي پنهنجن عملن جو نتيجو آهي. هن وقت اها جيوت پنهنجي معمول جي معدوم ٿيڻ واري فطري عمل جي ڀيٽ ۾ سو ڀيرا وڌيڪ رفتار سان معدوميت ڏانهن وڃي رهي آهي. اهو عمل ان کان به وڌيڪ آهي جڏهين ڇھه ڪروڙ سٺ لک سال اڳ خلائي پٿرن جي زمين سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ ڊائنوسار ۽ ٻيا جانور ختم ٿي ويا هئا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جي نتيجي ۾ دنيا جي مختلف علائقن جي ماحول ۾ تبديلي آئي آهي ۽ آلودگي وڌڻ سان گڏ ماحولياتي توازن خراب ٿي ويو آهي. ساڳي وقت ان ڳالھه انساني تهذيب لاءِ پڻ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
هن وقت به اهو ممڪن آهي ته انسان ان وقت جيان جڏهين هن انسان جي طور تي پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون هيون فطرت سان پنهنجي تعلق کي بحال ڪري سگھي ٿو. پر ان لاءِ ان کي جانورن جي جاين کي بحال ڪرڻ، جھنگلن جي تباهي کي روڪڻ ۽ سمنڊ ۽ آبي جيوت وغيره جي حوالي سان پنهنجي نڪتي نظر ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ فطرت کي رڳو هڪ سونهن جي ذريعي طور سمجھڻ بجائي ان کي پنهنجو اهڙو دوست ۽ ساٿي سمجھڻو پوندو جنهن جو جياپو انسان جو پنهنجو جياپو آهي.ساڳي ريت کيس پنهنجي کاڌي جي طور طريقن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته کيس ڪهڙي خوراڪ ۽ ڪيتري مقدار ۾ استعمال ڪرڻي آهي. جيڪڏهين ائين نه ٿو ڪيو وڃي ته ماحولياتي توازن يقيني طور خراب ٿيندو.جنهن جي نقصان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي.

ڪورونا جا سياسي مقصد

ڪورونا جي وبا جتي سڄي دنيا جي ماڻهن جي حياتي لاءِ جوکم پيدا ڪري ڇڏيا آهن اتي ان جي معاشي، سماجي ۽ سياسي اثرن تي پڻ بحث ٿي رهيا آهن ۽ گھڻيون ڳالهيون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. گھڻو بحث ان بحران جي معاشي اثرن تي ٿي رهيو آهي. ساڳي وقت هن سڄي گوڙ شور ۾ مختلف ملڪن جا حڪمران پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ ۽ ماڻهن تي پنهنجي اقتدار جي گرفت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهن. بلڪل ائين جيئن 9/11 کانپوء آمريڪا ۾ پيٽرياٽ ايڪٽ آڻي، ماڻهن جي آزادي ۽ نقل حرڪت تي پابنديون مڙهيون ويون هيون. اهڙي ريت هن وقت صدر ٽرمپ پاران ٻنهي ايوانن کي معطل ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي ويئي آهي. اهو صدر کي مليل اهڙو اختيار آهي جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به آمريڪي صدر استعمال نه ڪيو آهي. ساڳي وقت هنگري ۽ فلپائين جتي اڳيئي ماڻهو حڪمرانن جي ڏاڍ جو شڪار آهن اتي وبا جي نالي ۾ اڃا سخت قانون لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ ماڻهن تي پابنديون مڙهيون ويون آهن. اهو نه ٿو چئي سگهجي ته ان وبا جي ختم ٿيڻ کانپوء انهن قانونن کي واپس ورتو ويندو يا نه. پر گھڻو امڪان اهو آهي ته اهي قانون ائين ئي رهندا. اهڙي ريت روس، چين ۽ ٻين مختلف ملڪن ۾ اهڙي ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائي ويئي آهي جنهن سان ماڻهن جي اچ وڃ ۽ چرپر تي نظر رکي سگھجي.
ظاهر ڳالھه آهي ته اهي سڀ قانون ۽ ٽيڪنالوجي رڳو وبا جي حوالي سان استعمال نه ڪيا ويندا پر حڪمرانن جو جيڪو ريڪارڊ آهي ان مطابق ان جو استعمال حڪومت مخالف ماڻهن ۽ سرگرمين لاء ئي ٿيندو. ماڻهن کي انهن مان ڪنهن چڱائي جي اميد نه رکڻ گھرجي.

ڪورونا ۽ ڳوٺ

ايشيا ۽ خاص طور ننڍي کنڊ جا ماڻهو شهرن ۾ رهندي به پنهنجن ڳوٺن ۽ اتي رهندڙ مٽن مائٽن سان هڪ جذباتي وابستگي رکندا آهن ۽ وقت به وقت اتي ويندا رهندا آهن. هتي پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ هاڻي اهو لاڙو گھٽجي ويو آهي پر پوءِ به گھڻا ان ڳالھه کي ترجيح ڏيندا آهن ته پنهنجن مٽن مائٽن جي خاص طور تدفين ڳوٺ ۾ ڪئي وڃي. ڪنهن ذاتي ۽ اجتماعي بحران وقت اها صورتحال وڌيڪ واضح ٿي سامهون ايندي آهي.
موجوده ڪووڊ 19 جي وبا به ان ڳالھه کي سامهون آندو آهي. ڀارت ۾ مودي جي لاڪ ڊائون جي اعلان سان ئي ڄڻ سڄو دهلي خالي ٿي ويو ۽ گھڻا ماڻهو پنهنجن ڳوٺن ڏانهن لڏي ويا. اها ساڳي صورتحال ڪراچي ۾ به نظر آئي. هتان به گھڻا ماڻهو پنهنجن ڳوٺن ڏانهن لڏي ويا آهن. مون کي شروع ۾ اها ڳالھه سمجھ ۾ نه آئي ته اهي ماڻهو ڇو لڏي پيا وڃن جڏهين ته جيڪا صورتحال ڪراچي ۾ آهي اها ساڳي ڳوٺ ۾ به آهي. پر ٿوري غور ڪرڻ کانپوءِ اهو سمجھ ۾ آيو ته ماڻهو بحران ۽ تڪليف واري صورتحال ۾ پنهنجن جي ويجھو هئڻ چاهيندا آهن. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اڃا به اهڙا قدر موجود آهن، جنهن تحت مائٽ هڪٻئي جي سار لهن ٿا ۽ هڪٻئي جي ڪم اچن ٿا. اها مثبت ڳالھه آهي. ڏسجي ته ڪيستائين اهي قدر باقي رهن ٿا.

ڪورونا، معاشي بحران ۽ نئون مالياتي نظام

ڪورونا جي وبا دنيا کي هڪ وڏي معاشي، سماجي ۽ نفسياتي بحران ۾ وجھي ڇڏيو آهي. آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ اڃا 2008 جي معاشي لاٿ ۾ نڪتا ئي ناهن ته اهو نئون بحران اچي سر تي بيٺو آهي. معاشي ماهر ان کي 1930 جي ڏهاڪي جي معاشي لاٿ کان به وڏو بحران قرار ڏيئي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته عالمي مالياتي ادارن ۽ ٻين ماهرن جي ڪا به اڳڪٿي حتمي ناهي. آئي ايم ايف ڪجھ وقت اڳ اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته وبا جي ڪري هن سال دنيا جي معاشي واڌ ٽي سيڪڙو هوندي پر ان کي ٿورو پوءِ ئي اهو چوڻو پيو آهي ته هاڻي اها واڌ نه پر عالمي معيشت ۾ ٽي سيڪڙو گھٽتائي هوندي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اڃا تائين وبا متعلق اهو نه ٿو چئي سگھجي ته اها ڪڏهين ختم ٿيندي يا ان جي ويڪسين ڪڏهين تيار ٿي سگھندي. WHO جي اها اڳڪٿي ته اڃا به ڇرڪائيندڙ آهي ته شايد اها وبا ڪڏهين به ختم نه ٿئي ۽ انسان کي ٻين ڪجھ بيمارين جيان ان سان گڏ ئي رهڻو پوندو. پهرين مهاڀاري جنگ کانپوءِ اسپينش فلو جي وبا ننڍي کنڊ کي گھڻو متاثر ڪيو هو جڏهين ته هن وبا يورپ ۽ آمريڪا تي گھڻو اثر وڌو آهي. هڪ اندازي موجب متاثر ماڻهن جو اٽڪل پنجاسي سيڪڙو جو واسطو يورپ ۽ آمريڪا سان آهي.
دنيا جي ٽن وڏين معيشتن چين، آمريڪا ۽ جپان سميت سڄي دنيا جو ڦيٿو ڄڻ بيهي رهيو آهي. زندگي جو سڄو ڪاروبار بند آهي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي. رڳو آمريڪا ۾ اپريل جي مهيني ۾ ٻه ڪروڙ چاليھه لک ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن. هڪ اندازي موجب هن سال آمريڪي معيشت ۾ ڇھه سيڪڙو لاٿ ايندي جڏهين ته ان جي بجيٽ جو خسارو ٽي کرب اسي ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هوندو. ساڳي وقت چين جي هن سال رڳو هڪ سيڪڙو معاشي واڌ جو اندازو لڳايو ويو آهي. جڏهين ته جپان گذريل چئن سالن ۾ پهريون ڀيرو معاشي لاٿ کي منهن ڏيندو. سعودي عرب جي معيشت جو دارومدار تيل ۽ سڄو سال هلندڙ عمري ۽ حج تي آهي، جنهن مان ان کي ساليانو اٽڪل ٻارنهن ارب ڊالر جي آمدني ٿئي ٿي. هن وقت سڄي دنيا ۾ معاشي ڦيٿي جي بيهي وڃڻ جي ڪري هڪ ته تيل جون قيمتون ڪري پيون آهن ۽ ٻيو عمرو وغيره به بند آهي. نتيجي ۾ هڪ پاسي ٽئڪس وغيره وڌايا ويا آهن ۽ گذاري الائونس کي بند ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي بجيٽ جي خساري کي پوري ڪرڻ لاء عالمي مالياتي ادارن سان قرض لاء رابطا ڪيا ويا آهن.
دنيا ۾ مجموعي طور غربت ۾ واڌارو ٿيندو. گڏيل قومن جا اندازا اهي آهن ته آمدني ۽ خرچ ۾ گھٽتائي جي ڪري ٻائيتاليھه کان اٺونجاه ڪروڙ تائين ماڻهو غربت ڏانهن ڌڪجي ويندا، گھڻا ملڪ غربت جي ان سطح تي وڃي پهچندا جتي اهي ٽيه سال اڳ هئا. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون، ٻار، وڏي عمر جا ماڻهو ۽ اهي پورهيت ٿيندا جيڪي غير رسمي شعبي سان لاڳاپيل آهن.
معاشي لحاظ کان وبا کان اڳ به پاڪستان جي صورتحال ڪا گھڻي چڱي نه هئي. هن سال قومي پيداوار ۾ ٽي سيڪڙو واڌ جو اندازو لڳايو ويو هو. جڏهين ته وبا ۽ لاڪ ڊائون وغيره جي ڪري معاشي سرگرمين تي جيڪي منفي اثر پيا آهن ان جي ڪري واڌ جي بجائي معيشت ۾ ڏيڍ سيڪڙو گھٽتائي جو اندازو لڳايو پيو وڃي. ساڳي ريت گھڻا ماڻهو بيروزگار ٿيندا ۽ گھڻا غربت جي ليڪ کان هيٺ هليا ويندا.
ان سڄي بحران جو نتيجو هڪ نئين مالياتي نظام جي صورت ۾ به نڪري سگھي ٿو جيئن ٻين مهاڀاري جنگ جي هلندي بريٽن ووڊ نظام تحت آمريڪا جي اڳواڻي ۾ هڪ نئون عالمي مالياتي نظام قائم ڪيو ويو هو ۽ آئي ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جهڙا ادارا وجود ۾ آيا هئا. اهو سڀڪجھ اوچتو ئي نه ٿيندو آهي. ٻين مهاڀاري جنگ هلندي به پائونڊ جي ڊالر جي ڀيٽ ۾ هڪ مضبوط حيثيت هئي پر ساڳي وقت آمريڪا جي معاشي لحاظ کان هڪ مضبوط حيثيت هئي. ڊالر کي مڪمل طور سون جي ذخيرن جي پٺڀرائي حاصل هئي ۽ عالمي لحاظ کان ان جي ساک هئي. اهڙي ريت هن وقت چين ڊالر جي نظام کان ڌار ٿيڻ چاهي ٿو ۽ ساڳي وقت پنهنجي ڪرنسي يوئان جي قدر کي به وڌائڻ چاهي ٿو. هونئن به آمريڪي معاشي ماهر ان خيال جا رهيا آهن ته ڊالر ڊگھي مدي ۾ هڪ عالمي ڪرنسي طور جٽاء نه ڪري سگھندو.
ارون دتي رائي جو خيال آهي ته ان وبا انسان کي هڪ ٻه واٽي تي آڻي بيهاريوآهي. هو چاهي ته ان وبا جي ختم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجن ساڳين پراڻن طور طريقن: نفرت، ڏاڍ تشدد ۽ قرمار ۽ جنگ سان نئين دور ۾ داخل ٿئي. جڏهين ته وٽس اها واٽ به آهي ته هو ان سڄي بار کي هڪ پاسي ڦٽو ڪري، هلڪو ٿي هڪ نئين شروعات ڪري ۽ دنيا ڀائيچاري، امن سک ۽ شانتي جي نئين دور ۾ داخل ٿئي. امڪان اهو آهي ته انسان اها پنهنجي ساڳي پراڻي ڪرت جاري رکندو بلڪه اها به ڪوشش ڪندو ته وبا جي ڪري جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو به پورائو ڪجي. ان حوالي سان اها ڳالھه پڻ سوچڻ جوڳي آهي ته عين ان وقت جڏهين آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ پنهنجي اوج تي هئي ته وبا جي شروعات ٿي. ان ڪري ٻيئي ملڪ شروع ڏينهن کان هڪ ٻئي تي وبا جي لاء الزام هڻي رهيا آهن. هن وقت ايستائين ته صدر ٽرمپ چين سان سڀ ناتا ختم ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ ڪري رهيو آهي.
بهرحال ڪورونا ان ڳالھه کي به سامهون آندو آهي ته دنيا جي انهن ملڪن، جهڙوڪ نيوزيلينڊ، تائيوان، فن لينڊ ۽ جرمني وغيره، جتي عورتون حڪومت جون اڳواڻ آهن انهن بهتر نموني سان وبا جي صورتحال کي سنڀاليو ۽ منهن ڏنو آهي جڏهين ته آمريڪا جي ٽرمپ، برطانيا جي بورس جانسن ۽ ٻين ملڪن جي مرد سربراهن وارين حڪومتن معاملن کي خراب ڪرڻ ۽ مونجھارا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن وقت هڪ مونجھاري واري ڪيفيت آهي. رڳو فرد نه پر ادارا اهو فيصلو نه پيا ڪري سگھن ته کين ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ کين ڪهڙي ريت ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ گھرجي. ان جي ڪري ئي تازو عالمي تجارتي تنظيم جي سربراه پنهنجي مدي پوري ٿيڻ کان هڪ سال اڳ عهدي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو معاشي منظرنامو سامهون آهي اهو سندس سنڀالڻ کان ڏکيو آهي. هن وقت گھڻا ملڪ ان اڻ تڻ ۾ آهن ته لاڪ ڊائون کي ختم ڪيو وڃي يا نرم ڪيو وڃي ته جيئن معاشي سرگرمين کي ٻيهر جاري ڪري سگھجي. ان سلسلي ۾ صحت جي عالمي تنظيم اهو چوندي رهي آهي ته ان سلسلي ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي ۽ سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي پو۽ لاڪ ڊائون جي سلسلي ۾ فيصلو ڪيو وڃي. ائين نه ٿئي ته وبا نئين سر شدت اختيار ڪري وڃي. آمريڪا جي ييل يونيورسٽي ۾ ٻن پروفيسرن جي ڪيل تحقيقق مطابق آمريڪا جهڙا ملڪ ته لاڪ ڊائون جو بار سهي سگھن ٿا پر پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ اهو ڏکيو آهي. ان بنياد تي هتي اهو چيو وڃي ٿو ته جياپي ۽ معاش ۾ هڪ توازن رکيو وڃي. ماڻهو جيڪڏهين وبا جي ڪري مرن ٿا ته ڪا ڳالھه ناهي.
هڪ لحاظ کان هي وبا هن سڄي نظام لا۽ هڪ آزمائش بڻجي آئي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته اهو ڪيترو ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.

پاڪستان: گرمي پد ۾ واڌ ۽ ان جا اثر

تازو موسميات کاتي خاص طور ڪراچي جي ماڻهن لاء هيٽ اسٽروڪ جي تنبيھه جاري ڪئي آهي. 2015 کان اهو هر سال هڪ معمول ٿي ويو آهي. 2015 ۾ ڪراچي ۾ اهڙي گرمي جي لهر هئي جيڪا گذريل پنجاه سالن ۾ نه ٿي هئي. ان جي شدت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان ۾ اٽڪل تيرنهن سو ماڻهو مري ويا هئا ۽ پنجهٺ هزار هيٽ اسٽروڪ ۽ گرمين جي ڪري بيمارين جو شڪار ٿيا. ان وقت حڪومت کي به ان جو اندازو نه هو. پوء جڏهين رستن تي هلندي ۽ ڪم ڪندي ماڻهو مرڻ لڳا ۽ لاوارث لاش ايڌي وٽ پهچڻ لڳا ته ان جو نوٽيس ورتو ويو. پر ايڌي جي لاء به ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ڏکيو هو. سندن چوڻ هو ته ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي مرڻ جو کين اڳ تجربو نه هو. اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن لاءِ به اها هڪ پريشاني واري صورتحال هئي جڏهين ته ايڌي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قبرستانن ۾ دفن ڪرڻ جي جاء نه هئي. اٽڪل 260 کن لاش اهڙا هئا جن جو ڪو وارث نه هو. اهي شايد اهڙن ماڻهن جا هئا جيڪي فٽپاٿن تي سمهن ٿا يا نشو ڪن ٿا. حڪومت ۽ مختلف تنظيمن پاران شهر ۾ مختلف جاين تي پاڻي جي اسٽالن وغيره قائم ڪرڻ سان گڏ حفاظتي قدم کنيا ويا. هاڻي هر سال ان لاء اڳواٽ ئي بندوبست ڪيا وڃن ٿا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن ته شهر گرمي جو مرڪز هوندا آهن ان ڪري هتي رهندڙ ماڻهو ان کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن.
دنيا ۾ گرمي پد وڌي رهيو آهي. جڏهين ته پاڪستان ۾ صورتحال اڃا وڌيڪ خراب آهي. پاڪستان جي 2019 2018 جي معاشي جائزي موجب ملڪ ۾ گذريل صدي ۾ گرمي پد ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ اهو ايندڙ اسي سالن دوران اڃا وڌنڌو رهندو. گذريل صدي دوران گرمي پد ۾ 0.6 ڊگري واڌ ٿي آهي جيڪا عالمي واڌ مطابق آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ملڪ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ گرمي ٿي آهي. پر اندازو اهو آهي ته هلندڙ صدي جي آخر تائين گرمي پد عالمي اوسط کان هڪ ڊگري وڌيڪ هوندو. ان جي ڪري اترين علائقن ۾ ڏاکڻن علائقن کان وڌيڪ گرمي ٿيندي ۽ گليشيئرن وغيره جي تيزي سان ڳرڻ جي ڪري في ڪس پاڻي جي فراهمي به گھٽجي ويندي. ان جي نتيجي ۾ ٻوڏن، ڏڪار، سامونڊي طوفانن ۽ گرمي جي لهر ۾ واڌارو ايندو. گليشيئرن جي ڳرڻ جو عمل اڳيئي تيز ٿي ويو آهي.
پاڪستان جو گرين هائوس گيسن، جيڪي دنيا ۾ گرمي پد جي وڌڻ جو سبب بڻجن ٿيون، ۾ هڪ سيڪڙو کان گھٽ حصو آهي پر ان جا ويھه ڪروڙ ماڻهو ان جي ڪري دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ماڻهن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. Global Climate Risk Indexجي 2018 جي جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جي انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسم جي تبديلي ڪري متاثر ٿيا آهن. دراصل پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ هئڻ واري پنهنجي جاگرافيائي محل وقوع جي ڪري اهڙي جاءِ تي آهي جتي اوسط گرمي پد ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ تيزي سان وڌي ٿو ۽ اها اڳڪٿي ڪئي ٿي وڃي ته اهو سن 2100 تائين چار ڊگري وڌي ويندو. 30 اپريل 2018 ۾ نوابشاه ۾ گرمي پد 50.2 دگري رهيو جيڪو اپريل جي مهيني ۾ سڄي ڌرتي تي گرم ترين ڏينهن هو. 28 مئي 2017 53.5 ڊگري سان تربت ۾ ان کان به گرم ترين ڏينهن هو. مختلف شهرن جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هر سال گرمي جي شدت ۾ واڌاري جي ڪريِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي جنهن سان سندن زندگي جا معمولات متاثر ٿي رهيا آهن ۽ گھڻا انهن علائقن مان لڏپلاڻ متعلق پڻ سوچي رهيا آهن.
اهو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته موسم جي اها تبديلي ٻوڏ ۽ ڏڪار جو سبب بڻبي، جنهن سان زرعي پيداوار، صحت ۽ پاڻي جي فراهمي تي اثر پوندو. پاڪستان جي سٺ سيڪڙو ايراضي ۾ ساليانو ڏه انچ کان گھٽ مينهن پون ٿا جڏهين ته دريائن کي هماليه، هندو ڪش ۽ قراقرم جي جن گليشيئرز ۾ پاڻي ملي ٿو اهي تيزي سان ڳري رهيا آهن. اهڙي ريت پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي في ڪس آمدني جي لحاظ کان دنيا جي هيٺئين پنجويه سيڪڙو ملڪن ۾ شامل آهي اڃا وڌيڪ پوئتي هليو ويندو.
گاڏين جي تعداد ۾ واڌ گرمي ۽ اوزون کي تباه ڪندڙ گيسن جو سبب بڻجي ٿي جنهن جي ڪري گرمي ۾ واڌارو اچي ٿو. ان جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ٽرانسپورٽ جو شعبو پنجاب ۾ هوا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيتاليه سيڪڙو آلودگي جو سبب بڻجي ٿو جڏهين ته ٻئين نمبر تي صنعتن جو حصو پنجويھه سيڪڙو آهي. ان ۾ چانورن جي ڦوڳ جي سڙڻ جو حصو ويھه سيڪڙو ۽ بجلي جي شعبي جو حصو ٻارنهن سيڪڙو آهي.
هائوسنگ اسڪيمن وغيره لاءِ وڻن کي وڍڻ ۽ جهنگلن کي ختم ڪرڻ ان صورتحال کي اڃا خراب ڪري ڇڏيو آهي. خاص طور ملڪ جي اترين علائقن جي حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته اتي اهڙي صورتحال آهي جو درحقيقت جنوري کان نومبر تائين ته اتي گرمي جهڙو موسم رهي ٿو.
پاڪستان هن وقت آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ڇهون وڏو ملڪ آهي ۽ اندازو لڳايو ويو آهي ته 2050 تائين آبادي ۾ اڃا اٽڪل ڏھه ڪروڙ جي واڌ ايندي جنهن سان ملڪي وسيلن تي دٻاء وڌي ويندو. ساڳي وقت نين ترقياتي رٿائن ۽ سڙڪن تي وڌيڪ گاڏين جي اچڻ ۽ بجلي جي وڌيڪ گھرج جي ڪري ايندڙ پندرنهن سالن ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ ٽي سو سيڪڙو واڌ اچي ويندي. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن Paris Climate Accord تي صحيح ڪئي آهي. ان ٺاه موجب انهن ملڪن اهو واعدو ڪيو آهي ته اهي 2030 تائين ڪاربن جي اخراج کي گھٽائيندا. پر پاڪستان جي ترقياتي رٿائن وغيره کي نظر ۾ رکندي اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته اهو سڀ ڪيئن ڪيو ويندو.
ايشيائي ترقياتي بينڪ جي 1917 جي هڪ رپورٽ موجب ان صورتحال جا اثر هر شعبي تي پوندا. گھڻي مينهن جي ڪري گيس ۽ بجلي جو نظام متاثر ٿيندو ۽ گرم ماحول جي ڪري نيوڪليئر پلانٽس جي ڪارڪردگي پڻ متاثر ٿيندي. رپورٽ ان ڳالھه تي به زور ڏنو آهي ته جيئن ته گليشيئرز وغيره جي ڳرڻ جي ڪري پاڻي جي فراهمي گھٽجي ويندي ان ڪري اهڙي پوک تي ڌيان ڏجي جنهن ۾ گھٽ پاڻي جي گھرج هجي ۽ خوراڪ جي ڪنهن بحران کان بچي سگھجي.
هن وقت ڏٺو اهو پيو وڃي ته اهو ايترو اهم مسئلو حڪومت ۽ ٻي ڪنهن به سياسي جماعت جي ترجيح ۾ شامل ناهي. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته ان پاسي فوري طور ڌيان ڏنو وڃي.

رڳو وڻڪاري مسئلي جو حل ناهي

سڄي دنيا جي موسم تبديل ٿي رهي آهي. اسان جي ملڪ سميت گھڻن علائقن ۾ گرمي پد وڌي رهيو آهي. گليشيئر پگھرجي رهيا آهن. دريائن ۾ ٻوڏ ۽ سمنڊن ۾ طوفانن جا خطرا وڌي ويا آهن. گھڻا ماهر چون ٿا ته اهو هڪ فطري عمل آهي ۽ ان ۾ انسان جو ڪردار نهايت گھٽ آهي. جيئن ڌرتي مختلف دورن مان گذري آهي ائين اهو به هڪ اهڙو ئي مرحلو آهي. انهن ۾ گھڻائي اهڙن ماهرن جي آهي جيڪي انهن سرمائيدارن جي حمايت ڪن ٿا، جيڪي پنهنجين صنعتن ۾ ماحول کي محفوظ ڪرڻ لاء عالمي طور تجويز ٿيل قدم نه ٿا کڻڻ چاهين. پر اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ماحول ۾ تبديلي جو گھڻو حصو انسان جي معاشي ترقي جي ڊوڙ ۾ رڌل رهڻ جو لازمي نتيجو آهي. گرمي جو علاج وڻڪاري تجويز ڪيو وڃي ٿو. گھڻا وڻ هوندا، ٿڌڪار هوندي، مينهن گھڻا پوندا ۽ گرمي ضابطي ۾ هوندي. اها ڳالھه بلڪل صحيح آهي. ان سان گڏوگڏ وڻن کي ختم ڪرڻ جو هڪ وڏو نقصان اهو به آهي ته جڏهين انهن کي وڍيو ويندو آهي ته اهي اها سڄي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جيڪا انهن ان سڄي عرصي ۾ جذب ڪئي هوندي آهي ماحول کي واپس ڪري ڇڏيندا آهن.
پر ڇا ڪجي، جيئن چوندا آهن ته جتي آبادي هوندي، اتي جھنگ ۽ وڻ ٽڻ ختم ٿي ويندا ۽ جتي ويراني هوندي، اتي جھنگ ۽ وڻ ٽڻ جام هوندا. انسان پنهنجي فائدي لاء وڻ ٽڻ ۽ جھنگ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪو عيب نه سمجھندو آهي. سنڌ ۾ مختلف بهانن سان ڪچي جي ٻيلن، جتي وڻن ٻوٽن کانسواء جيوت جا انيڪ قسم موجود هئا، کي ختم ڪري بااثر ماڻهن جي قبضي ۾ ڏنو ويو آهي. ساڳي ريت شهرن جو ڦهلاءُ وڻن ۽ باغن کي ختم ڪرڻ جي قيمت تي ٿيو آهي. هن وقت ڪراچي ۾ ملير جا اهي باغ ڪٿي آهن جتي ماڻهو موڪلن ۾ پنهنجن ٻارن کي گھمائڻ وغيره لاء وٺي ويندا هئا. شهرن جي ترقي ۽ ماحول جي بهتري جي توازن کي برقرار رکڻ لاء جنهن سمجھ جي ضرورت هوندي آهي، ان جو هتي استعمال نه ٿو ڪيو وڃي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اهڙا پبلڪ پارڪ موجود آهن، جن جي هڪ وڏي حصي تي مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن مختلف بهانن سان قبضا ڪيا آهن. نيٺ چائنا ڪٽنگ جو اصطلاح ائين ته استعمال ۾ نه آيو آهي.
ساڳي وقت ان ڳالھه کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته وڻ لڳائڻ ان سڄي مسئلي جو رڳو هڪ پاسو آهي جڏهين ته ان کي پوري سياق ۽ سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي جو ايشيا جو صاف ترين شهر هئڻ ته هاڻي رڳو ماضي جي هڪ خوشگوار ياد ئي آهي. ملير جا باغ جتي شهر جا ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ ۽ موڪلون گذارڻ لاء ويندا هئا هاڻي رڳو نالو ئي رهجي ويو آهي. هن وقت ڪراچي هڪ گندي شهر جي حوالي سان هڪ مثال بڻجي ويو آهي. ماڻهو هاڻي اهي ڏينهن ٿا ياد ڪن جڏهين شهر ۾ اهڙي ئي گندگي جي ڪري پليگ جي وبا ڦهلجي ويئي هئي ۽ ڪيترا ماڻهو ان ۾ مري ويا هئا.
سڄو شهر بدنظمي ۽ بحران جو شڪار آهي. لياري ۽ ملير نيون جيڪي شهر جي سونهن هونديون هيون ۽ هتان جي ٻنين ۽ باغن لاء پاڻي جو اهم ذريعو هونڌيون هيون هن وقت گندن نالن کان وڌيڪ ڪجھ به ناهن ۽ انهن جي ڀر مان لنگھڻ مهل بدبوء کان بچڻ لاء ماڻهو کي نڪ تي هٿ رکڻو پوندو آهي. انهن نين جي پيٽ مان لاڳيتو ريتي ۽ بجري جي ڪڍڻ جي ڪري پاڻي جا کوه سڪي ويا آهن ۽ شهر جي سڄي زرعي معيشت جتان ان جي ڀاڄين ۽ ميون جي وڏي ضرورت پوري ٿيندي هئي تباه ٿي ويئي آهي.
ساڳي ريت شهر جو سڄو ڪچرو ۽ ڪارخانن جو گند سمنڊ جي حوالي ٿئي ٿو، جنهن شهر جي ماحول کي خراب ڪرڻ سان گڏ سامونڊي جيوت کي وڏو نقصان پهچايو آهي. مختلف وقتن تي شهر جي مختلف علائقن ۾ اهڙي بدبو ڦهلجي ويندي آهي جنهن جو ڪارڻ سمجھ ۾ نه ايندو آهي.
سڄي دنيا ۾ دريائن، ڍنڍن ۽ پاڻي جي ٻين ذخيرن کي انسان پنهنجي فائدي لاءِ ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. رڳو سنڌ جي مٺي پاڻي جي هڪ وڏي ذخيري منڇر ڍنڍ جي صورتحال تي نظر وجھڻ سان گھڻيون ڳالهيون واضح ٿين ٿيون. اهو ساڳي وقت هڪ فطري ۽ انساني الميو آهي. مسئلو اهو آهي ته اهو سڀڪجھ سرڪار جي پاليسين تحت ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري ملڪ جي مٿائهين حصي مان ايندڙ گند ڪچري کي ڍنڍ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري اتي موجود جيوت کي نقصان پهچڻ سان گڏوگڏ مهاڻن جا اهي هزارين خاندان جن جي زندگي سالن کان ان ڍنڍ سان لاڳاپيل رهي آهي بيروزگار ۽ اٻاڻڪا ٿي ويا آهن. ان مسئلي کي مختلف طريقن سان سامهون آندو ويو آهي پر ان جو ڪو تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي.
سياحت ماڻهن جي روزگار ۽ حڪومت لاء آمدني جو ذريعو ته آهي پر ساڳي وقت اها ماحول جي حوالي سان مسئلن جو ڪارڻ پڻ بڻجي ٿي. پاڪستان جا جابلو علائقا جتي هاڻي اچ وڃ جي ذريعن جي ترقي جي ڪري پهچ سولي ٿي پيئي آهي ۽ هرسال هزارين ملڪي ۽ پرڏيهي سياح انهن علائقن جو رخ ڪن ٿا اتي گھمڻ سان گڏوگڏ اهي پويان کاڌي پيتي جي شين، پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۽ پاڻي جي بوتلن وغيره جا ڍير ڇڏي اچن ٿا جيڪي اتان جي جيوت ۽ ماحول لاء هاڃيڪار هجن ٿا. ان سلسلي ۾ ان ڪچري کي صاف ڪرڻ ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لا۽ ته اهي ائين نه ڪن مختلف رضاڪارن جون ٽيمون وقت بوقت انهن علائقن ۾ وينديون رهيون آهن پر ان جو ڪو خاص مثبت نتيجو نه نڪري سگھيو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي ڪرت کي جاري رکندا پيا اچن. جيڪڏهين ڪراچي شهر جي سامونڊي ڪناري ۽ مختلف پارڪن وغيره کي ڏسئون ته صورتحال ڪا گھڻي مختلف نظر نه ايندي. ان جي باوجود ته ڪچري لاء ڊسٽ بن وغيره رکيل هوندا آهن پر ماڻهو انهن کي استعمال ڪرڻ جي بجائي باقي سڄي جاء کي گند سان ڀريندا رهندا آهن.
ان ڪري اها ڳالھه ته واضح آهي ته رڳو وڻ پوکڻ مسئلي جو حل ناهي. مسئلو سڄي ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ جو آهي ۽ ماحول ڏانهن پنهنجي نڪته نظر ۾ تبديلي آڻڻ جو آهي. ان ۾ گھڻا اهڙا ڪم آهن جيڪي رڳو ٿورڙو پنهنجين عادتن کي بدلائڻ سان ٿي سگھن ٿا. ان سان جيڪڏهين گھڻو نه ته ٿورڙو فرق پئجي سگھي ٿو ۽ اسين گھٽ ۾ گھٽ هڪ صاف سٿري ماحول ۾ رهي سگھون.

ماحوليات ۽ گلاسگو ڪانفرنس جي ناڪامي

ماحوليات جو مسئلو هن وقت ڌرتي ۽ خاص طور انسان لاء ڪجھ ڪرڻ يا ختم ٿي وڃڻ جي حد تائين اچي پهتو آهي. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن پاران گلاسگو اسڪاٽ لينڊ ۾ تازو 31 آڪٽوبر کان 12 نومبر 2021 تائين ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي. ان ڪانفرنس ۾ دنيا جي هڪ سو ستانوي ملڪن، اين جي اوز ۽ ٻين مختلف تنظيمن جا اٽڪل اوڻيتاليھه هزار نمائندا، جن ۾ گھڻا حڪومتن جا سربراه پڻ شامل هئا، شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس ڪاربن جي اخراج کي گھٽائڻ ۽ اهڙي ريت صنعتي دور کان اڳ واري گرمي پد کان 1.5 سينٽي گريڊ وڌيڪ تائين گرمي پد کي محدود ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. ان ڪانفرنس جو مقصد ڪاربن جي اخراج کي گھٽائڻ ۽ انسان کي هڪ ڪاربن کان مڪمل طور آجو هڪ آئيندو ڏيڻ آهي.
اٽڪل ٽن ڏهاڪن کان گڏيل قومن پاران ان مسئلي جي حل لاء ڪوششون ٿي رهيون آهن. اها ان سالياني ڪانفرنسن جي سلسلي جي ڇويهين ڪانفرنس آهي جنهن کي COP 26 يا ڪانفرنس آف پارٽيز جو نالو به ڏنو ويو آهي. 2015 ۾ پيرس ۾ ٿيلCOP 21 کي هڪ اهم قدم ليکيو وڃي ٿو. ان ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته گرمي پد ۾ واڌاري کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ لاء ڪوششون ورتيون وينديون. مختلف ملڪن پاران ان سلسلي ۾ فنڊ وغيره مهيا ڪرڻ جا واعدا پڻ ڪيا ويا هئا. انهن سڀني ڳالهين جو پنج سالن کانپوء 2020 ۾ جائزو وٺڻ لاء چيو ويو هو پر ڪووڊ 19 جي ڪري اها ڪانفرنس گذريل سال نه ٿي سگھي ۽ هن سال برطانيا جي ميزباني ۾ گلاسگو ۾ ٿي. ٽرمپ جي آمريڪا ان سڄي معاملي کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي صدر بائيڊن ان سڄي معاملي ۾ شموليت ڪئي آهي ۽ اهو واعدو ڪيو آهي ته آمريڪا 2030 تائين ڪاربن جي اخراج ۾ ٻاونجاه سيڪڙو جي گھٽتائي ڪندو.
اهو مسئلورڳو دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن سان لاڳاپيل ناهي پر هن وقت ان جا اثر دنيا جا سڀ ملڪ محسوس ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي معيشت ۽ عام زندگي متاثر ٿي رهي آهي. پاڪستان جهڙن ملڪن تي ان جا اثر نهايت واضح آهن. هن وقت لاهور کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آلودو شهر ليکيو وڃي ٿو ۽ سياري جي مند ۾ هر سال ڪجھ مهينن تائين ڪوهيڙي جي ڪري معمول جي زندگي ڄڻ گھڻي ڀاڱي معطل ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهن ۾ ساه جون ۽ ٻيون مختلف بيماريون ڦهلجن ٿيون. ساڳي صورتحال ڀارت جي گادي جي هنڌ دهلي جي آهي جتي تازو سپريم ڪورٽ حڪومت کي چيو آهي ته ان صورتحال جي ڪري ماڻهن جي تحفظ لاء سندن گھر ۾ ڪم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو وڃي. جڏهين ته تازو آيل هڪ نيوز رپورٽ موجب بلوچستان جو شهر سبي جتي هونئن ئي گرمي وڌيڪ ٿيندي آهي پر هاڻي ان جي شدت ۾ اڃا واڌارو اچي ويو آهي ۽ گرمي جا ٻه ٽي مهينا ته اهڙا هوندا آهن جو گھر کان روزگار خاطر ٻاهر نڪرڻ ۽ زمين تي پير رکڻ ئي ممڪن نه هوندو آهي. مينهن گھٽ پوڻ جي ڪري اڳ جيڪا پوک ٿيندي هئي اها به نه ٿي ٿئي. ان صورتحال ۾ ماڻهو ان موسم جي اچڻ کان اڳ جيڪڏهين ٻين علائقن ڏانهن نه ٿا لڏين ته بک مرن ٿا. ساڳي ريت آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ گرمي جي مند ۾ ايتري گھڻي گرمي ٿئي ٿي جو هاڻي ان کي گرمي جي ان شدت جي ڪري موت جي ماٿري جو نالو ڏنو ويو آهي.
ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان ايشيائي ترقياتي بينڪ پنهنجي 2014 جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته گذريل صدي کان ڏکڻ ايشيا ۾ گرمي پد ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهين عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گھٽائڻ لاء ڪوششون نه ورتيون ويون ته ڏکڻ ايشيا کي معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي سطح تي وڏو نقصان کڻڻو پوندو. ان جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته گليشيئرن جي ڳرڻ ۽ سمنڊ جي سطح جي وڌڻ جي ڪري مالديپ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو ۽ هڪ ملڪ طور ان جو وجود ئي ختم ٿي ويندو. ساڳي ريت بنگلاديش جو ڊيلٽا وارو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويندو ۽ ان سان بنگلاديش سان گڏوگڏ ڀارت جون اهي رياستون به متاثر ٿينديون جن جي سرحد بنگلاديش سان ملي ٿي.
ساڳي ريت گرمي پد ۾ واڌاري جي ڪري گليشيئر، جن جي سطح اڳ ئي سنهي ٿي چڪي آهي، جي ڳرڻ جو عمل وڌيڪ تيز ٿي ويندو. اها صورتحال ان وقت اڃا به وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿي جڏهين انهن گليشيئرز کي جنگ جو علائقو ڪيو وڃي جيئن 1980 کان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سياچين ۾ ٿي رهيو آهي. اها صورتحال هڪ پاسي ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن جو ڪارڻ بڻبي ته ٻئي پاسي پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري مختلف علائقن ۽ ملڪن ۾ اختلاف ۽ تنازعا جنم وٺندا. ان ڳاله جي باوجود ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ دريائن جي پاڻي متعلق سنڌ طاس ٺاه آهي پر ڀارت پاران وقت به وقت ان ٺاه کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي پاڻي روڪڻ جي ڳاله ڪئي وڃي ٿي. ڀارت ۽ چين ۾ اهڙي قسم جو ڪو ٺاه ناهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي پاران ان ڳاله لاء هدايتون ڏنيون ويون آهن ته برهم پترا دريا تي چين جي پاسي تبت ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي. ظاهر ڳاله آهي اها ڳاله ٻنهي ملڪن ۾ موجود ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۾ اڃا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. ان کانسواء ڀارت جي اندر مختلف رياستن ۽ پاڪستان ۾ خاص طور سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست واري معاملي تي اختلاف موجود آهن جيڪي صورتحال جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اڃا وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھن ٿا. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي هڪ رپورٽ موجب همايه جي جبلن ۾ برف جي ختم ٿيڻ ۽ سمنڊ جي سطح جي وڌڻ جي ڪري بنگلاديش، مالديپ، نيپال، سري لنڪا ۽ ڀوٽان جي اٽڪل ويھه ڪروڙ ماڻهن جي زندگي ۽ روزگار متاثر ٿيندو. ڪنهن قسم جي گڏيل قدم جي غير موجودگي ۾ بنگلاديش، ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، نيپال ۽ سري لنڪا جي معيشت 2050 تائين هر سال 1.8 سيڪڙو ۽ 2100 تائين سراسري طور 8.8 سيڪڙو.گھٽبي.
ان سان گڏوگڏ لاطيني آمريڪا جي امازون جھنگل جي تباهي ماحوليات جي حوالي سان هڪ وڏو الميو آهي. پکين ۽ جانورن وغيره کي نقصان ته پنهنجي جاء تي پران سان ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ جو جيڪو اخراج ٿيندو اهو ان مقدار کان گھڻو وڌيڪ هوندو جيڪو هاڻي امازون جا وڻ ۽ ٻوٽا جذب ڪن ٿا ۽ ان جا اثر پوري دنيا تي پوندا. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته برازيل، جتي امازون جو هڪ وڏو حصو آهي ۽ جيڪو ان جي تباهي جو مک ذميوار آهي، جو صدر انهن ڪجھ ملڪن جي اڳواڻن ۾ شامل آهي جيڪي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيا.
قدرت جنهن پنڊ پهڻ، جانورن جي هڏنFossil) ) کي صديون اڳ زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو ان کي انسان تيل، ڪوئلي ۽ ٻي معدنيات جي صورت ۾ کوٽي ڪڍي پنهنجن معاشي مقصدن لاء ڪتب آڻي رهيو آهي. تيل جي استعمال سان گڏ گھڻا ملڪ ڪوئلي جو وڏي پئماني تي استعمال ڪري رهيا آهن. انهن ۾ سڀ کان اڳتي چين آهي جنهن جي ڪوئلي جي کپت پنجاه سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ٻئي نمبر تي ڀارت آهي جنهن جي کپت 11 سيڪڙو آهي ۽ ٽئين نمبر تي آمريڪا آهي جنهن جي کپت 8 سيڪڙو آهي. جڏهين ته پاڪستان سميت دنيا جا ٻيا گھڻا ملڪ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ٻين معاشي سرگرمين لاء ڪوئلي جو استعمال ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ڀارت سميت گھڻا ملڪ في الحال ان سلسلي ۾ ڪي اهم قدم کڻڻ لاء تيار ناهن. ڀارت جو چوڻ آهي ته سندن معيشت جو گھڻو دارومددار ڪوئلي تي آهي ۽ 2050 تائين ئي ان سلسلي ۾ ڪجھ ڪري سگھندا.
هن وقت توانائي جي ذريعي طور ميٿون جو استعمال وڌي رهيو آهي. اهو زمين جي هيٺان پر گھڻي ڀاڱي سمنڊ جي هيٺان ملندو آهي. 1750 عيسوي کان ان جي مقدار ۾ ڏيڍ سو سيڪڙو واڌارو آيو آهي. ان جي ان گھڻي مقدار ۾ دستيابي ان جي استعمال کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ڇڏيو آهي. ان ۾ هڪ عنصر ڪاربن ۽ چار عنصر هائيڊروجن جا هوندا آهن. گئس واري شڪل ۾ هئڻ ڪري ان کي ذخيرو ڪرڻ ۾ تيڪنيڪي مسئلا آهن. ان جي لاء چيو وڃي ٿو ته اهو زمين کي گرم ڪرڻ ۾ ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ کان اٺاويھه ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي ۽ اهو استعمال کانپوءِ ختم ٿيندي به پويان ڪاربن ڇڏي وڃي ٿو. گرين هائوس گيسن جي تابڪاري شعائن کي پکيڙڻ ۾ ان جو ويھه سيڪڙو حصو آهي. اهڙي ريت گرمي پد جي حوالي سان ان تي وڌيڪ توجھ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
گلاسگو ڪانفرنس پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ان ڳالھه جي نشاندهي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي. ڊگھي بحث مباحثي ۽ ڇڪتاڻ کانپوء مختلف اهم ڳالهين تي شريڪ ملڪ متفق نه ٿي سگھيا. چين ۽ ڀارت خاص طور ڪوئلي جي استعمال کي گھٽائڻ تي راصي نه هئا جڏهين ته آمريڪا ۽ يورپي يونين جا ملڪ غريب ۽ ماحولياتي تبديلي جي ڪري متاثر ٿيندڙ ملڪن جي امداد لاءِ ٻه ارب ڊالر جي امداد جي واعدي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ڪجھ متاثر ملڪن پاران پريس ڪانفرنس ڪري ان ڪانفرنس جي ناڪامي جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو ويو.
ان ڳالھه جي ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته جيڪڏهين گرمي پد کي صنعتي دور کان اڳ واري گرمي پد کان 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ لاء قدم نه ٿا کنيا وڃن ته اهو صدي جي آخر تائين 2.7 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جا امڪان آهن ۽ ان جا جيڪي اثر ٿيندا اهي هاڻي ئي واضح طور نظر اچن ٿا. ناسا جي هڪ تازي رپورٽ موجب زمين جو ماحولياتي ڪور اڃا وڌيڪ سنهو ۽ ڪمزور ٿي ويو آهي. موجوده صورتحال کي ڏسندي اهو چئي سگھجي ٿو ته ان سڀ جي باوجود گھڻن ملڪن کي ڌرتي ۽ انسان جي آئيندي ۽ جياپي کان وڌيڪ پنهنجا ٿوري مدي وارا معاشي مفاد وڌيڪ اهم نظر اچن ٿا.

ماحول جي تباهي ۽ ڌرتي جو آئيندو

اهو مسئلو لاڳيتو بحث هيٺ آهي ته انسان جو گدلاڻ کي وڌائڻ ۽ ڌرتي جي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ ڪيترو نه اهم ڪردار رهيو آهي. سندس سرگرمين جا اثر اتي به آهن جتي هو پهتو آهي ۽ اتي به جتي هو نه پهچي سگھيو آهي. فطرت ڄڻ سندس لاءِ هڪ رانديڪو آهي جنهن کي هو پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪندو رهيو آهي ان کان قطع نظر ته ان جا مٿس ۽ سندس ايندڙ نسلن، ڌرتي ۽ ان تي موجود ٻي جيوت تي ڪهڙا اثر پئجي سگھن ٿا. جبل، ڍنڍون، جھنگل مطلب ته سڀ شيون سندس پهچ ۾ آهن ۽ انهن کي هن جنهن بيدردي سان استعمال ڪيو آهي ان جا اثر نه رڳو هاڻي ظاهر ٿي رهيا آهن پر هينئر ئي کيس ۽ سندس ٻارن کي ڀوڳڻا پڻ پئجي رهيا آهن. جيڪي ماڻهو جبلن جي سير وغيره لاء وڃن ٿا اهي اتي کاڌي پيتي جي سامان ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين وغيره جي صورت ۾ ٽنن جي حساب سان ڪچرو ڇڏي اچن ٿا. هماليه وغيره جي حوالي سان اهڙيون خبرون گھڻي عرصي کان لاڳيتو اچن ٿيون ته اتي مختلف جاين تي ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ ساڳي وقت رضاڪارن جا جٿا پڻ ان ڪچري کي صاف ڪرڻ ۾ سڄو سال رڌل رهن ٿا ۽ ماڻهن کي ان ڳالھه تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ائين نه ڪن پر ان جو ڪو اثر نه پيو آهي. اها ساڳي ڳالھه دنيا جي ٻين جبلن جي سلسلن سان پڻ آهي. ساڳي ريت تازو اها رپورٽ آئي آهي ته ڪوئيٽا جي مشهور حنا ڍنڍ، جيڪا شهر جي گھڻين انساني ۽ معاشي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي، گھڻي عرصي کان سڪي ٺوٺ ٿي ويئي آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو آهي ته مينهن گھٽ پوڻ جي ڪري ڍنڍ کي جبلن کان ايندڙ پاڻي گھٽ مقدار ۾ دستياب هوندو آهي پر ساڳي وقت جيڪو پاڻي اچي ٿو ان کي به ماڻهن مختلف جاين تي پاڻي ڇڪڻ جا پمپ ۽ مشينون وغيره لڳائي پنهنجي استعمال ۾ آندو آهي جنهن جي ڪري اهو پاڻي به ڍنڍ تائين نه ٿو پهچي سگھي. ان جي ڪري هڪ ته زير زمين پاڻي جي سطح وڌيڪ هيٺ هلي ويئي آهي ۽ ٻيو ته علائقي ۾ زردالن ۽ صوفن جي باغن جي پيداوار پڻ متاثر ٿي آهي. اها ساڳي صورتحال سنڌ ۾ هاليجي ۽ ٻين مختلف ڍنڍن جي حوالي سان بيان ڪئي وڃي ٿي جن کي گھربل پاڻي نه ملي رهيو آهي. ان جي ڪري وڻن ٻوٽن، مڇي جي پيداوار ۽ ڏورانهن ڏيهن کان ايندڙ پکين جي تعداد تي پڻ اثر پيو آهي. ان ڳالھه جو ذڪر ئي نه ٿا ڪيون ته ڪراچي جون ٻه وڏيون موسمي نديون ملير ۽ لياري جيڪي شهر جي زرعي پيداوار ميون ۽ ڀاڄين وغيره جو اهم ذريعو هيون هن وقت وڏا گندا نالا بڻجي ويون آهن جتي روز ٽنن جي حساب سان گند ڪچرو اڇلايو وڃي ٿو ۽ جن جي ڀر مان گذرڻ ئي ڃڻ ماڻهو جي حواسن لاءِ هڪ امتحان هوندو آهي. ساڳي ريت ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي گدلاڻ جي جيڪا صورتحال آهي ان سمنڊ جي سڄي سونهن کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پئسيفڪ سمنڊ جي اڀرندي ڏکڻ پاسي هيندرسن جي نالي سان اٽڪل اٺ هزار ايڪڙن تي مشتمل هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. اهو ٻيٽ مختلف ٻوٽن ۽ پکين وغيره جي حوالي سان هڪ خاص اهميت رکي ٿو پر هتي ڪا به انساني آبادي ناهي ۽ انساني پهچ کان گھڻو پري آهي. اهو يونيسڪو جي محفوظ ڪيل جاين ۾ پڻ شامل آهي. گھڻن ماهرن جو ڪجھ عرصو اڳ تائين اهو خيال هو ته اهو ٻيٽ جيئن ته انساني پهچ کان ٻاهر آهي ان ڪري هتي اهو گند ڪچرو به نه هوندو جيڪو انساني سرگرمي جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿو. پر هاڻي اهو خيال غلط ثابت ٿي ويو آهي. سڄي دنيا ۾ روز ٽنن جي حساب سان جيڪو ڪچرو سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ان جي اثرن کان اهو ڏورانهون ٻيٽ ۽ اتان جي جيوت به محفوظ نه رهي سگھي آهي.
خاص طور تي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۽ بوتلن وغيره جي استعمال جي حوالي سان گھڻي عرصي کان هڪ تشويش جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي شيون ٻئي ڪچري جيان پاڻي ۾ حل نٿيون ٿين ۽ ٻي ڳالھه ته انهن جي ٺاهڻ ۾ جيڪي ڪيميڪل وغيره استعمال ٿين ٿا اهي انساني جيوت سان گڏوگڏ ٻي جيوت لاءِ به هاڃيڪار بڻجن ٿا. اهو ٻيٽ ان سڄي صورتحال جو هڪ نمونو پيش ڪري ٿو. هتان پلاسٽڪ جا ٽي ڪروڙ اسي لک يا ارڙنهن ٽن پلاسٽڪ جا استعمال ٿيل ٽڪڙا مليا آهن جن تي دنيا جي مختلف ملڪن جرمني، فرانس، برطانيا ۽ نيوزي لينڊ وغيره جا نالا لکيل آهن. ان کانسواءِ روز اٽڪل تيرنهن هزار پلاسٽڪ جا استعمال ٿيل ٽڪڙا ٻيٽ تي پهچن ٿا. ان سڄي ڪچري جو اٽڪل اٺهٺ سيڪڙو واري ۾ دٻجي ويو آهي ۽ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. گھڻن جانورن انهن پلاسٽڪ جي ٿيلهين وغيره ۾ پنهنجا گھر ٺاهي ڇڏيا آهن. ان سان سمنڊ جي سڄي جيوٽ متاثر ٿي رهي آهي.
دنيا ۾ جنهن وڏي پئماني تي پلاسٽڪ جي پيداوار ٿي رهي آهي ان جو اندازو رڳو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هيندرسن ٻيٽ جو ارڙنهن ٽن پلاسٽڪ دنيا جي پلاسٽڪ جي ڪل سالياني پيداوار جي رڳو ٻن سيڪنڊن کان به گھٽ ۾ ٿيندڙ پيداوارجيترو آهي. ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جون ڪانفرنسون وغيره ٿين ٿيون جنهن ۾ ان مسئلي جي حل لاء مختلف رٿائون پيش ڪيون وڃن ٿيون ۽ اربين دالرن جا فنڊ مختص ڪرڻ جا واعدا ڪيا وڃن ٿا پر في الحال ان سلسلي ۾ ڪي ٺوس نتيجا سامهون نه آيا آهن.
ان مسئلي جو حل ان صورت ۾ ئي نڪري سگھي ٿو جڏهين ان ڳالھه کي مڃجي ته انسان پاڻ ان سڄي فطرت جو هڪ حصو آهي ۽ سندس ۽ سندس نسلن جو جياپو ان ڳالھه ۾ آهي ته فطرت ۽ ٻي جيوت کي تباه ڪرڻ ۽ نقصان پهچائڻ جي بجائي ان ۾ توازن قائم رکي ۽ بقائي باهمي جي اصول تي عمل ڪري.
ٻي صورت ۾ جيئن ڪجھ ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪجھ عرصي ۾ ئي ڌرتي سندس رهڻ لائق نه رهندي ۽ ان جو ڪارڻ ڪي موتمار هٿيار ۽ بم وغيره نه هوندا پر انسان جو ان ماحول کي تباه ڪرڻ هوندو جنهن ڌرتي تي جيوت کي ممڪن بڻايو آهي. ان صورتحال ۾ کيس پنهنجي وجود جي بقاء لاء ٻين سيارن جو رخ ڪرڻو پوندو پر اهو پڻ ڪو گھڻو سولو ڪم نه هوندو.

ڪورونا جا نفسياتي اثر

هي وبا نيٺ ڪڏهين ختم ٿيندي. اهو سوال هاڻي گھڻن ماڻهن جي وات تي آهي. شروع ۾ جڏهين لاڪ ڊائون وغيره جو اعلان ٿيو هو ۽ گھڻا سرڪاري دفتر، تعليمي ادارا ۽ ٻيا ڪاروبار وغيره بند ٿي ويا هئا ته ماڻهن ان کي هڪ عارضي ڳالھه ۽ ڪجھ ڏينهن جي موڪل ڪري سمجھيو هو جنهن ۾ اهي گھر ۾ پنهنجو وقت گذاريندا، آرام ڪندا، ٽيليويزن ڏسندا، لکندا پڙهندا ۽ ٻارن سان وقت گذاريندا. پر اها ڳالھه رڳو ڪجھ ماڻهن جي لاء هئي جن کي پنهنجي مهيني جي پگھار جو يقين هو جڏهين ته پورهيت طبقي جي هڪ وڏي تعداد ۽ ننڍن دوڪاندارن وغيره لاءِ اهو هڪ تڪليف وارو مرحلو هو.
جن ماڻهن ان کي هڪ ويڪيشن سمجھيو ٿي انهن جي لاءِ به وبا جو مدو ڊگھو ٿي ويو آهي. ان کي شروع ٿئي ته اٺ نو مهينن جو عرصو ٿيو آهي پر پاڪستان ۾ به ان کي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي جڏهين تهWHO ساڳي وقت اهو به چيو آهي ته اها شايد ختم نه ٿئي ۽ ماڻهو کي ويڪسين اچڻ کانپوء به ان سان ائين ئي رهڻو پوندو جيئن هو مختلف ٻين موتمار بيمارين سان رهي رهيو آهي. هن بيماري سان مسئلو اهو آهي ته اڃا تائين ان جي ڪا ويڪسين تيار نه ٿي سگھي آهي. ساڳي وقت پاڪستان ۾ هن وقتHerd Immunity جو جيڪو طريقه ڪار اختيار ڪيو ويو آهي ان صورتحال کي اڃا منجھائي ڇڏيو آهي.
هن وبا ماڻهن لاء ذهني مونجھارن ۽ گھڻن نفسياتي مسئلن کي جنم ڏنو آهي. ماڻهن پنهنجو پاڻ کان پڇڻ شروع ڪيو آهي ته ڪتابن پڙهڻ ۽ فلمن ۽ ٽيليويزن وغيره ڏسڻ جي به ڪا حد ٿيندي آهي۽ نيٺ اهي ڪيستائين گھرن ۾ قيد رهندا. اهم ڳالھه اها آهي ته جيڪي ماڻهو گھرن تائين محدود آهن اهي به پاڻ کي محفوظ نه ٿا سمجھن. کين پاڻ يا سندن گھر جي ڪنهن ڀاتي کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ضرور نڪرڻو پئي ٿو. هزار احتياطن جي باوجود به وائرس جي لڳڻ جو امڪان موجود رهي ٿو. خاص طور هن وقت جڏهين وبا گھڻو ڦهلجي چڪي آهي ته اهو امڪان اڃا وڌي ويو آهي. اهڙي ريت پنهنجو ۽ پنهنجن پيارن جي صحت جو اونو ان وقت اڃا وڌي وڃي ٿو جڏهين ٽيسٽنگ جو نظام پڻ اعتبار جوڳو نه هجي ۽ ساڳي ماڻهو جا مختلف جاين تي ٽيسٽ جا مختلف نتيجا ڏيکاريا وڃن.
ان صورتحال سڀني ماڻهن لاء مختلف قسم جي مسئلن کي جنم ڏنو آهي. صحت جا مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي آهن. معاشي ۽ نفسياتي مسئلن صورتحال کي اڃا خراب ڪري ڇڌيو آهي. خاص طور نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ گھڻن ماڻهن کي پنهنجي روزگار کان محروم ٿيڻو پيو آهي. گھڻين نجي اسڪولن جي استادن کي پگھار نه ٿي ملي. حڪومت جو ريليف عارضي ۽ محدود هو ۽ اهو ماڻهن جي ڊگھي عرصي جي تڪليفن کي ختم نه ٿو ڪري سگھي.
ساڳي ريت مختلف ڳالهين ماڻهن کي منجھائي ڇڏيو آهي. ميڊيا ۾ روز هڪ پاسي بيمار ۽ مرندڙ ماڻهن جي وڌنڌڙ تعداد هڪ ڊپ ۽ هراس واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. پاڻ کان وڌيڪ پنهنجن ويجھن ماڻهن جو اونو هوندو آهي. معمولي بخار، کنگھ ۽ مٿي جو سور به وڏي تشويش جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. ٻئي پاسي صلاحن ڏيڻ ۽ ماڻهن جي رهنمائي ڪندڙ ايترا ماڻهو آهن جن ماڻهن کي منجھائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ماڻهن کي اها صلاح ڏني وڃي ٿي ته گھڻو وقت انهن ميڊيا ۽ خبرن کي نه ڏين.
ماڻهو جوارتقاء ان جي سماجي زندگي جي ڪري آهي. هن وقت اها ڄڻ هڪ لحاظ کان معطل ٿي ويئي آهي. هڪٻئي سان ملڻ محدود ٿي ويو آهي. هڪ ڊپ واري ڪيفيت آهي. شادي ته پري جي ڳالھه آهي پر ماڻهو پنهنجي ڪنهن عزيز جي ميت تي وڃڻ کان به ڪيٻائي ٿو. گھڻو ڪري ان ڳاله کي ترجيح ڏني ويندي آهي ته اهڙي موقعي تي گھٽ ۾ گھٽ ماڻهو شريڪ ٿين. خاص طور انهن لاء جن کي محفلن جي عادت آهي ۽ ان کانسواء رهي نه ٿا سگھن اهي ان اڪيلائي واري ماحول ۾ ڊيپريشن، فڪر۽ پريشاني واري ڪيفيت جو شڪار ٿي ذهني طور بيمار ٿي پيا آهن. اهي هڪ بي يقيني جو شڪار آهن. کين اهو يقين ناهي ته ڪڏهين سندن اهو محاصرو ختم ٿيندو. لاڪ ڊائون ڪڏهين نرم ٿو ٿئي ته ڪڏهين سخت ٿو ٿئي، ڪڏهين ماڳيئي ختم ٿي ٿو وڃي ته وري لاڳو ٿي ٿو وڃي. هڪ بي يقيني واري ڪيفيت آهي جنهن ماڻهو جي ذهني حالت کي ويتر خراب ڪري ڇڏيو آهي.
ساڳي وقت اهو مسئلو پڻ آهي ته گھڻين اسپتالن پنهنجي اوپي ڊي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري گھڻا مريض پنهنجي معمول جي سار سنڀال کان به محروم ٿي ويا آهن جڏهين ته پاڙي ۾ جيڪي ڊاڪٽر پنهنجي نجي پريڪٽس ڪندا هئا انهن به ڪرونا جي ڊپ کان پنهنجيون ڪلينڪ بند ڪري ڇڏيون آهن.
هڪ اسٽڊي موجب اها ڳالھه سامهون آئي آهي ته ان وبا جي ڪري خاص طور يونيورسٽي جي شاگردن ۾ مذهب ڏانهن رجحان وڌيو آهي ۽ گھڻن ان کي هڪ ذهني سڪون جو ذريعو ڪري ورتو آهي. ساڳي وقت گھڻن ٽوٽڪن ۽ ديسي نسخن تي ڀاڙڻ شروع ڪيو آهي جن مان ڪي ته بيضرر آهن جڏهين ته ڪي اڃا تڪليف کي وڌائي ڇڏين ٿا. انهن ۾ گھڻو ڪري شهرن ۾ رهندڙ اهي ماڻهو آهن جن کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سمجھ وارو سمجھيو وڃي ٿو.
اها ماڻهو جي نفسيات آهي ته هو پنهنجين تڪليفن ۽ اهنجن لاءِ ڪنهن فرد يا گروه کي ذميوار قرار ڏيندو آهي ۽ پوء سڄو بار ان تي وجھي ڇڏيندو آهي. جيئن وبا جي شروع وارن ڏينهن ۾ بلڪ اڃا تائين به آمريڪا جي صدر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سميت گھڻا آمريڪي ۽ يورپ جا ماڻهو چين ۽ چينين کي ان وبا جو ذميوار قرار ڏيندا آهن. اهڙا ڪجھ واقعا پاڪستان ۾ به ٿيا جتي چينين کي هراسان ڪيو ويو جڏهين ته يورپ جي ڪجھ ملڪن ۾ ته هڪ لحاظ کان ڄڻ دوڪاندارن وغيره چينين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ انهن کي هر چيني ۾ وبا جو وائرس ٿي نظر آيو. اها صورتحال ماڻهن جي ڪنهن به گروه لاءِ انتهائي تڪليف جو باعث بڻجي ٿي. ان ڳاله کي محسوس ڪندي ئي پاڪستان جي انساني حقن جي وزارت تازو اهڙو هدايت نامو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ماڻهن کي چيو ويو آهي ته اهي وبا جي حوالي سان ڪنهن ماڻهو يا ماڻهن جي ڪنهن گروه سان امتيازي ورتاءُ نه ڪن جيڪا ڳالھه ان صورتحال ۾ اڃا وڌيڪ تڪليف جو باعث بڻجي ٿي.
اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ڪيترو عرصو ان صورتحال سان گڏ رهڻو پوندو. بهرحال اهو طئي آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ وبا جي معاشي اثرن سان گڏ ماڻهن کي ان جي ذهني ۽ نفسياتي اثرن کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. ان جي لاءِ ضروري ڳالھه ماڻهن جي تربيت ڪرڻ سان گڏ انهن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته اهي اڪيلا ناهن.

وبا اڃا ختم ناهي ٿي

وبا اڃا ختم ناهي ٿي. اها اهڙي وبا آهي جنهن دنيا جي اٽڪل سڀني ملڪن کي متاثر ڪيو آهي. ڏه کن اهڙا ننڍا ٻيٽ آهن جيڪي ان بيماري کان محفوظ رهيا آهن. اتر ڪوريا جيتوڻيڪ اها دعوا ڪري ٿو ته اتي ان بيماري جو ڪو اثر نه ٿيو آهي پر مختلف تصديق ۽ اڻ تصديق ٿيل ذريعن جي بنياد تي ماهر اهو چون ٿا ته اها دعوا درست ناهي ۽ اتر ڪوريا به ٻين ملڪن جيان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي.
گھڻن ملڪن ۾ اهو سمجھيو پئي ويو ته بيماري تي ضابطو ٿي ويو آهي ۽ ان ڪري انهن پابنديون نرم ڪري ڇڏيون هيون پر اتي وري نئين سر ان ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو آهي. تازا انگ اکر ان ڳالھه جي تصديق ڪن ٿا. پوري دنيا ۾ ٻه ڪروڙ ٽيھه لک کان وڌيڪ ماڻهو ان بيماري جو شڪار ٿيا آهن. انهن مان اٺ لک کان وڌيڪ مري ويا آهن جڏهين ته هن وقت روزانو اڍائي لک کن ماڻهو ان جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ نون مرڻ وارن جو روزانو تعداد پنج هزار آهي. صحت جي عالمي تنظيم جو چوڻ آهي ته وٽس اهڙا ذريعا موجود آهن جن سان ٻن سالن جي عرصي ۾ ان وبا کي ضابطي ۾ آندو ويندو. ان وقت تائين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو پوندو. اهو ايترو ته منجھيل مسئلو بڻجي ويو آهي ته روس سميت مختلف ملڪ ويڪسين ٺاهڻ جي دعوا ڪن ٿا پر ٻيا ملڪ ان تي اعتبار نه ٿا ڪن ۽ متفق نه ٿا ٿين. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته هر ملڪ ۾ اتان جي حالتن موجب بيماري جي نوعيت مختلف آهي.
چين ۾ ووهان، جتان اها وبا شروع ٿي هئي ۽ جيڪو ان جو مرڪز هو، مان جيتوڻيڪ پارٽين ۾ ماسڪ وغيره جي پابندي کي ختم ڪيو ويو آهي پر اها وبا ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ظاهر ٿي آهي. ساڳي ريت اٽلي جيڪو شروعاتي ڏينهن ۾ خبرن جو مرڪز هو ۽ پوء حالتن ۾ سڌاري اچڻ ڪري پسمنظر ۾ هليو ويو هو، هڪ ڀيرو وري خبرن ۾ آهي. هتي نوان ڪيس تيزي سان ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ موڪلن دوران ماڻهن احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪيو جيڪا ڳاله وبا جي وڌڻ ۽ ڦهلجڻ جو سبب بڻي.
آمريڪا، برطانيا ۽ برازيل اهڙا ملڪ آهن جيڪي ان وبا جي ڪري گھڻو متاثر ٿيا آهن ۽ تازو ڀارت به ان فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ متاثر مريضن جو تعداد ڇاونجاه لک ۽ برازيل ۾ ڇٽيھه لک کان وڌيڪ آهي جڏهين ته ڀارت ۾ اهو ٽيھه لک کان وڌيڪ آهي. مختلف ڪارڻن جي ڪري مريضن جي اصل تعداد جي ڪٿ ڪرڻ ڏکي ڳالھه آهي. ان جو دارومدار ساڳي وقت ان ڳالھه تي به آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ ڪيترا ٽيسٽ ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن وٽ ان جي لاءِ ڪيتري صلاحيت آهي. جيئن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ انهن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ ايشيا ۽ آفريڪا وغيره جي ملڪن ۾ انهن جو تعداد گھٽ آهي. اهو فرق ملڪ جي مختلف رياستن ۽ صوبن ۾ پڻ موجود آهي. ان حوالي سان بيلجيئم اهڙو ملڪ آهي جتي وڌيڪ مريض هئڻ جو ڪارڻ وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڻ ته آهي پر ساڳي وقت اهي اهو به چون ٿا ته اهي رڳو شڪ جي بنياد تي به ڪنهن فوت ٿيل ماڻهو کي ڪورونا جي مريضن ۾ شامل ڪري ڇڏيندا آهن.
ساڳي ريت ڪنهن ملڪ جي آبادي جي جوڙجڪ جو به ان ۾ ڪردار آهي. شروع کان اها ڳاله مشهور ڪئي ويئي آهي ته وبا جو اثر وڏي عمر جي ماڻهن تي وڌيڪ ٿئي ٿو جڏهين ته نوجوان ان کان گھٽ متاثر ٿين ٿا. ان جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته يورپ ۾ ان بيماري جي ڪري جيڪي ماڻهو مري ويا انهن ۾ وڏو تعداد وڏي عمر جي ماڻهن جو هو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته انهن مان گھڻن ملڪن ۾ ڪل آبادي ۾ وڏي عمر جي ماڻهن جو تناسب وڌيڪ آهي. بيو ڪارڻ اهو به آهي ته انهن ملڪن ۾ جيڪي اولڊ ايج هوم آهن اتي رهندڙ ماڻهن جي ان وبا دوران مناسب سنڀال نه ڪئي ويئي جنهن جي ڪري پڻ گھڻا موت ٿيا. خاص طور برطانيا جي حوالي سان اهي خبرون ميڊيا تي هليون. ساڳي ريت پاڪستان ۾ مريضن جي گھٽ ٿيندڙ تعداد ۽ بيماري جي ضابطي ۾ اچڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هتي ڪل آبادي ۾ نوجوانن جو تعداد اڌ کان وڌيڪ آهي. پر ساڳي وقت ان جي ٻين ڪارڻن تي پڻ غور ڪرڻ گھرجي. شروعات ۾ پاڪستان وٽ ٽيسٽ ڪرڻ جي محدود صلاحيت هئي جنهن کي پوء وڌايو ويو. هن وقت به ٽيسٽ گھٽ تعداد ۾ ڪيا پيا وڃن.
اها ڳالھه به اهم آهي ته گھڻن ملڪن جا اڳواڻ پنهنجن سياسي مقصدن جي ڪري به پنهنجي ملڪ ۾ بيماري جي شدت کي گھٽ ڪري ٻڌائين ٿا يا ان کي لڪائين ٿا ته جيئن دنيا آڏو سڀ ٺيڪ آهي واري ڳالھه پيش ڪري سگھن.
سويڊن وٽ ته Herd Immunity جو هڪ نظريو هو جنهن تحت ان سمجھيو ٿي ته اهڙي ريت اها وبا نزلي زڪام جيان هڪ عام بيماري بڻجي ويندي ۽ ان جو زور ٽٽي ويندو پر ائين نه ٿيو ۽ مريضن جي تعداد وڌڻ جي ڪري حڪومت تي لاڪ ڊائون ۽ ٻين قدمن کڻڻ لاءِ زور وڌو ويو. پر ڀارت ۽ پاڪستان جهڙا گھڻا ملڪ پنهنجن معاشي ڪارڻن ۽ غريب ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد جي ڪري گھڻي عرصي تائين لاڪ ڊائون وغيره جي سٽ نه ٿا سهي سگھن. ڀارت ۾ مريضن جي تعداد ۾ واڌاري جو هڪ ڪارڻ جون ۾ لاڪ ڊائون کي ختم ڪرڻ به ٻڌايو وڃي ٿو.
پاڪستان ۾ ماڻهن کي اهو چيو پيو وڃي ته وبا اڃا ختم ناهي ٿي ۽ کين احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي. پر ايستائين اها ڳالھه سامهون آئي آهي ته ماڻهن ان ڳاله تي ڪو توجھ ناهي ڏنو. اهي وبا جي هئڻ کي ئي نه ٿا مڃين ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ته پري جي ڳالھه آهي. وبا جي جنهن ٻي لهر جي اچڻ جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي اها پاڪستان کي ڪيترو ٿي متاثر ڪري ان متعلق ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي.

ڪووڊ 19: اثر ۽ غربت ۾ واڌ

ڪووڊ 19 اڃا ختم ناهي ٿيو. جن ملڪن ۾ ان کي ختم سمجھيو ٿي ويو اتي به اها وبا وري زور شور سان وڌڻ شروع ٿي آهي. خاص طور يورپ جي ڪجھ ملڪن ۽ برازيل جي امازون واري علائقي ۾ ان وري زور ورتو آهي.هن وقت وبا جي ڪري مري ويلن جو تعداد ڏه لک کان وڌي چڪو آهي.
ڏٺو وڃي ته نيوزي لينڊ جهڙو ڪو هڪ اڌ ئي اهڙو ملڪ آهي، جنهن وڏي سوچ ويچار ۽ جاچ جوچ کانپوء پابندين کي ختم ڪيو آهي جڏهين ته گھڻن ملڪن ان ڳالھه تي گھڻي توجھ نه ڏني آهي. ان جي باوجود گھڻن ملڪن ۾ ماڻهن ان سلسلي ۾ گھڻي احتياط ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانيا، جيڪو ان وبا سان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ۾ اسي سيڪڙو ماڻهو احتياط نه ٿا ڪن ۽ هن وقت اتي اهي ڪيس وڌڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪجھ عرصو اڳ ته گھڻن ماڻهن لنڊن جي سڙڪن تي نڪري مظاهرا به ڪيا هئا ۽ ان وبا کي ڪوڙ ۽ بل گيٽس جي سازش قرار ڏنو هو.
پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ حيرت انگيز حد تائين گھٽتائي ٿي آهي جنهن تي دنيا جا گھڻا ماڻهو حيرت جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن. ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو آهي ته ماڻهن جي چڪاس جي تعداد کي گھٽايو ويو آهي. هڪ ٻيو اهم ڪارڻ هڪ اهم نجي اسپتال جي اها تحقيق آهي ته ڪورونا جا پنجانوي سيڪڙو اهڙا مريض آهن جن ۾ بيماري جون علامتون ظاهر نٿيون ٿين ۽ ان ڪري اهي ڳڻپ ۾ نه ٿا اچن. پاڪستان ۾ هونئن ئي شروع کان ماڻهن ان وبا کي هڪ ڪوڙ سمجھيو ٿي ۽ حڪومت جي لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ۽ ٻين پابندين کي قبول نه ٿي ڪيو. رمضان، عيد ۽ محرم ۾ ماڻهن ۽ حڪومت ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت رهي. هن وقت صورتحال ۾ سڌاري اچڻ جي ڪري گھڻي ڀاڱي معاشي سرگرمي بحال ڪئي ويئي آهي ۽ تعليمي ادارن وغيره کي به کوليو ويو آهي. جيتوڻيڪ ماڻهن کي اهو چيو ٿو وڃي ته وبا اڃا ختم ناهي ٿي ۽ احتياط ضروري آهي. پر ماڻهن جن وبا جي زور هئڻ واري وقت ئي احتياط نه ٿي ڪئي اهي هن وقت ڪهڙي احتياط ڪندا. عام تاثر اهو ئي آهي ته وبا ختم ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي زندگي معمول موجب گذاري سگھجي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪيسن جي تعداد ۾ واڌارو اچڻ شروع ٿي ويو آهي.
وبا جا معاشي اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن جيڪي هڪ ڊگھي عرصي تائين هلندا. جيتوڻيڪ شاهوڪار ملڪن جي معيشت ۽ اتان جا عام ماڻهو به ان کان متاثر ٿيا آهن پر ان جو اثر گھٽ ترقي ڪيل ملڪن ۽ خاص طور ان جي غريب ماڻهن تي گھڻو پيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ته انهن ملڪن جي ماڻهن جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻ جي صلاحيت محدود آهي ۽ ٻيو ته جيڪي رعائتون ڏنيون ويون آهن انهن جو گھڻو حصو ٽئڪسن ۾ ڇوٽ، بينڪن جي رعائتي قرضن ۽ ٻين سهولتن ۽ مراعاتن جي صورت ۾ وڏن واپارين ۽ سرمايا دارن کي ڏنو ويو آهي جڏهين ته غريب پورهيت ماڻهن کي رڳو خيرات جي صورت ۾ ڪجھ ٽڪڙا ڏنا ويا آهن. انهن ملڪن جو اهو مسئلو ان ڪري به وڌيڪ منجھيل آهي ته سندن چوڻ آهي ته سندن معيشت هڪ ڊگھي عرصي تائين لاڪ ڊائون جي متحمل نه ٿي ٿي سگھي. پاڪستان جي حوالي سان ان جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته آئي ايم ايف جي هڪ اندازي موجب ملڪ ۾ گذريل سالن ۾ غربت ۾ گھڻي گھٽتائي ٿي هئي ۽ اها 2015 ۾ 24.3 سيڪڙو ٿي ويئي هئي. پر ڪوود 19 جي ڪري نه رڳو معاشي واڌ ۾ ٽي سيڪڙو گھٽتائي ٿيندي پراهڙن ماڻهن جو تعداد تيزي سان وڌي چاليھه سيڪڙو ٿي ويندو جيڪي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. ڀارت صورتحال جي سنگيني جي باوجود لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ لاء اهو ئي جواز پيش ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪيسن جي تعداد ۾ وڏي پئماني تي واڌارو آيو ۽ ملڪ معاشي بحران سان گڏ هڪ صحت جي بحران ۾ به وٺجي ويو.
گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم جي ڊائريڪٽر جرنل جو چوڻ آهي ته اها خاص طور غريب ماڻهن لاء هڪ ٻٽي وبا آهي. هڪ پاسي انهن جي صحت جا مسئلا آهن ۽ ٻئي پاسي بک ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي.
خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم پنهنجي تحقيق مان ان نتيجي تي پهتي آهي ته هن وقت بک عالمي سطح تي وڌي رهي آهي. سندس چوڻ آهي ته ايشيا جي معاشي ترقي جي باوجود هن وقت اتي سڄي دنيا جي اهڙن ماڻهن جو اڌ تعداد رهي ٿو جن کي پوري خوراڪ ميسر ناهي. وبا جي ڪري معاشي واڌ ۾ اڃا گھٽتائي ٿيندي جنهن جي ڪري خوراڪ جي تحفظ وارو معاملو اڃا گنڀير ٿي ويندو. ان حوالي سان ڏکڻ ايشيا جي صورتجال اڃا وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي جتي گھٽ خوراڪ وارن ماڻهن جو تعداد 2030 تائين ٽيٽيھه سيڪڙو وڌي ٽيٽيھه ڪروڙ ٿي ويندو. اهو دنيا جو واحد علائقو آهي جتي غريب ترين ويھه سيڪڙو آبادي جي اڌ کان وڌيڪ ٻارن جي ذهني ۽ جسماني واڌ متاثر ٿئي ٿي. اهي ساڳي قسم جا مسئلا پئسيفڪ ۽ اوڀر ايشيا جي ملڪن جي غريب ٻارن سان به آهن.
اهو امڪان به آهي ته ان معاملي تي ڪجھ ملڪن جا ناتا به خراب ٿين. آمريڪا ۽ چين ۾ ان حوالي سان اختلاف ته شروع کان آهن. آسٽريليا جي وزيراعظم جي ان بيان تي ته ان وبا جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ان ڳالھه جي تحقيق ٿيڻ گھرجي ته، ان وبا جنهن سڄي انسان ذات کي وڪوڙي ڇڏيو، ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا، آسٽريليا ۽ چين جي ناتن ۾ هڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. تازو آسٽريليا جي وزيراعظم پاران گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي کي خطاب ۾ اها ساڳي ڳالھه چئي ويئي آهي. جيتوڻيڪ هرڪو آئندي متعلق پنهنجو رايو ڏيئي رهيو آهي. هڪ ڊجيٽل دور، ڪم جي جاين جو گھرن ۾ منتقل ٿيڻ وغيره پر اهم سوال اڃان به باقي آهن. اها ڳالھه نه ٿي ڪئي وڃي ته اجتماعي طور حڪومتن ۽ ماڻهن جو فطرت ۽ ٻين جانورن ڏانهن رويو ڇا هوندو. ان جو اندازو رڳو ان ڳاله مان لڳايو ته ان وبا لاءِ جيڪا ويڪسين تيار ڪئي پيئي وڃي ان جي لاء شارڪ جو جگر استعمال ڪيو ويندو. اهو چيو وڃي ٿو ته ان مقصد لاء ڏه لک شارڪن کي ماريو ويندو، جنهن جي ڪري انهن جي آبادي ۾ وڏي گھٽتائي ايندي. اهڙي ريت اهو چئي سگھجي ٿو ته ماڻهو جي رويي ۽ زندگي گذارڻ جي طريقن ۾ ڪنهن مثبت تبديلي اچڻ جو امڪان نه هئڻ برابر آهي. ساڳي وقت عالمي ادارا ۽ ٻيا ماهر غربت ۽ بيروزگاري جا ممڪنه انگ اکر ته ٻڌائين ٿا پر ان جي تدارڪ لاءِ ڪي تدبيرون نه ٿا ٻڌائين. ان جي نتيجي ۾ سماجي بيچيني ۽ سياسي اٿل پٿل جي امڪانن کي پڻ نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي.

سنڌو ۽ دريائن جي آلودگي

دنيا جي مختلف دريائن جي آلودگي هڪ بحث جو موضوع آهي. چون ٿا ته جڏهين راجيو گانڌي ڀارت جو وزير اعظم هو ته ڀارت جو هڪ وفد دريائن متعلق ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ فرانس وڃي رهيوهو. هن کين چيو ته فرانس سان دوستي جي ناتي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هتان گنگا جي پاڻي کي فرانس جي سڀ کان وڏي دريا سين ۾ ملائڻ لاء کڻي وڃو. ان تي مختلف علائقن، جتان گنگا گذري ٿي، جي ماڻهن اها گھر ڪرڻ شروع ڪئي ته سندن علائقي جي پاڻي کي فرانس موڪليو وڃي. پر سندس ان تجويز جي فرانس جي ماڻهن ۽ ميڊيا پاران ان بنياد تي سخت مزاحمت ڪئي ويئي ته گنگا هڪ آلودي درياءَ طور سڄي جڳ ۾ مشهور آهي. ان جي پاڻي کي پنهنجي صاف شفاف سين دريا جي پاڻي ۾ گڏي اسان ان کي به آلودو ڪرڻ نه ڏينداسين. اهڙي ريت چين جي وڏن دريائن مان هڪ Yellow River جنهن جي ڪنارن تي چين جي عظيم تهذيب جنم ورتو ۽ ترقي ڪئي هئي ايتري قدر آلوده آهي، جو ان جي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچڻ ۾ وڏين ڏکيائن مان گذرڻو پئي ٿو.
سنڌ طاس ٺاه کانپوءِ پاڪستان جي لاء راوي هڪ مئل دريا بڻجي ويو آهي. تازو هڪ رپورٽ آئي آهي، جنهن مطابق راوي دنيا جو آلودو ترين درياءُ آهي، جنهن جو مک ڪارڻ دوائن جي ڪمپنين پاران پنهنجي ڪن ڪچري کي دريا ۾ ڦٽو ڪرڻ آهي. جڏهين ته ساڳي وقت ڀارت دريا جو صاف پاڻي ته پنهنجي استعمال ۾ آڻي ٿو، پر گٽر جو پاڻي ۽ سيويج پاڪستان واري پاسي موڪلي ٿو. راوي هائوسنگ رٿا دريا جي لاءِ وڌيڪ خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
اهڙي ريت 3180 ڪلوميٽر کان وڌيڪ ڊگھو سنڌو گھڻن ملڪن مان گذري ٿو. اولھه تبت مان شروع ٿي مختلف ملڪن مان گذري لداخ ۽ گلگت مان ٿيندوهڪ ڊگھو سفر ڪري، سمنڊ تائين پهچي ٿو. مختلف ملڪن پاران دريا تي ڊيم ۽ بيراج وغيره ٺاهيا ويا آهن. انهن سڀني علائقن، جتان دريا گذري ٿو، جا ماڻهو دريا جو پاڻي پنهنجي ذاتي ۽ زرعي ۽ صنعتي مقصدن وغيره لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙي ريت اهي پنهنجو سڄو گند ڪچرو به دريا جي حوالي ڪن ٿا، جيڪو اهو پاڻ سان سمنڊ تائين کڻي اچي ٿو.
آلودگي جي حوالي سان سنڌو جي صورتحال به ڪا گھڻي چڱي ناهي. اهو دنيا جي ڊگھن دريائن مان هڪ آهي جيڪو هڪ وڏو فاصلو طئي ڪري اچي سمنڊ سان ملي ٿو. ان سڄي سفر ۾ ان کي گھڻو گند ڪچرو ۽ زرعي ۽ صنعتي ڪچرو جنهن ۾ مختلف ڪيميڪلزوغيره شامل هجن ٿا کڻي اچڻو پئي ٿو.
پلاسٽڪ جي استعمال خاص طور پاڻي جي ذريعن جي آلودگي جي حوالي سان دنيا جي ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ شامل ڪيميڪلز، جلد حل نه ٿي سگھڻ ۽ آبي جيوت لاء هاڃيڪار هئڻ متعلق گھڻو ڪجھ چيو ۽ لکيو ويو آهي. اهي پلاسٽڪ جون شيون سمنڊ وسيلي اهڙن ٻيٽن تي به پهچي ويون آهن جتي انساني آبادي ناهي. انهن هاڃيڪار اثرن جي ڪري مختلف وقتن تي ان تي پابندين جو به اعلان ڪيو ويو آهي پر ان تي ڪو موثر عمل نه ٿي سگھيو آهي. ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ جي هڪ اندازي موجب ساليانو سمنڊ ۾ اسي لک ٽن پلاسٽڪ داخل ٿئي ٿو ۽ سمنڊ جي ڪن ڪچري جو سٺ کان اسي سيڪڙو پلاسٽڪ آهي.
تازو هڪ اسٽڊي موجب سنڌو پلاسٽڪ جي ان آلودگي جي حوالي سان دنيا جو ٻيون نمبر آلودو دريا آهي جڏهين ته پهرئين، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي دريا چين ۾ آهن ۽ پنجين نمبر تي نيل دريا آهي. پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جي صنعت جي سالياني واڌ پندرنهن سيڪڙو آهي ۽ پلاسٽڪ جي سالياني پيداوار 624200.ٽن آهي. سنڌو سمنڊ ۾ 164332 ٽن کڻي وڃي ٿو. هڪ اندازي موجب سمنڊ ۾ داخل ٿيندڙ پلاستڪ جو پنجانوي سيڪڙو دنيا جي ڏهن دريائن مان اچي ٿو جن مان اٺ ايشيا ۾ آهن ۽ ٻه آفريقا ۾ آهن. صنعتي آلودگي خاص طور کنڊ ۽ دوائن جي ڪارخانن وغيره جي گند ڪچري جو دريا جي آلودگي ۾ هڪ وڏو ڪردار آهي. ان سلسلي ۾ جيتوڻيڪ سروي وغيره ڪرايا ويا آهن پر ان جي تدارڪ لاء ڪي جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن.
دريا جي آلودگي مختلف طريقن سان انساني ۽ ٻي جيوت کي متاثر ڪري ٿي. مختلف علائقن ۽ شهرن مان جتان دريا گذري ٿو اتان جا ماڻهو ان جي پاڻي کي پيئڻ ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن لاء استعمال ڪن ٿا. اها ڳاله طئي ٿي چڪي آهي ته اهو پاڻي آلودگي جي ڪري انساني استعمال لاءهاڃيڪار آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ملڪ جي ٽن وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ فيصل آباد جا مثال ڏنا وڃن ٿا. ان آلودگي جي ڪري دريا جو پاڻي زمين ۾ جذب نه ٿو ٿي سگھي ۽ نتيجي ۾ مختلف شهرن ۾ زمين جي هيٺان پاڻي جي سظح گھٽبي پيئي وڃي. مڇي جا گھڻا قسم ختم ٿيندا پيا وڃن. ان جو گھڻو نقصان انهن ماڻهن کي آهي جيڪي دريا جي ان پيداوار تي گذارو ڪن ٿا.
سنڌو جو ڊيلٽا دنيا جي دريائن ۾ پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي. اهو ڊيلٽا 41440 ڪلوميٽر تي ڦهليل آهي. ان جو گھڻو حصو ته سنڌ ۾ آهي جڏهين ته هڪ ننڍو حصو ڀارت ۾ ڪڇ ۾ اچي ٿو. تمر جا وڻ دريا جي ڊيلٽا واري علائقي ۾ هوندا آهن. سنڌو جي ڊيلٽا ۾ تمر جي وڻن جو اهو جھنگل دنيا جو ستون نمبر وڏو جھنگل آهي. پر سنڌو جي ان ڊيلٽا لاء هاڻي اهو چيو ٿو وڃي ته اهو هڪ ختم ٿيندڙ ۽ مرندڙ ڊيلٽا آهي. ڇاڪاڻ ته دريا تي جيڪي مختلف ڊيم ۽ بئراج وغيره ٺاهيا ويا آهن، ان جي ڪري پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ پئجي ٿي ۽ ڊيلٽا کي تازو پاڻي نه ٿو ملي. نتيجي ۾ سمنڊ ڊيلٽا ۾ نفوذ ڪندو ٿو وڃي جنهن جي ڪري گھڻو علائقو سمنڊ حوالي ٿي ويو آهي. ڊيلٽا وارا شهر ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ وغيره جن جي ماضي ۾ بندرگاه ۽ تجارتي مرڪز هئڻ ڪري وڏي اهميت رهي آهي هن وقت ويران ٿي ويا آهن. خاص طور مٺي پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري ماڻهن جي گھڻائي ٻين علائقن ۽ شهرن ڏانهن لڏي ويئي آهي. اهو به چيو ٿو وڃي ته سمنڊ ٺٽي ۽ بدين کي ته ٻوڙيندو پر اهو حيدرآباد تائين به پهچي سگھي ٿو. ان صورتحال هڪ پاسي آبي جيوت کي متاثر ڪيو آهي ۽ مڇين جا مختلف قسم ختم ٿيندا پيا وڃن جنهن جو نقصان خاص طور ننڍن ماهگيرن کي کڻڻو پئي ٿو. ساڳي ريت تمر جي وڻن کي مڇيون آنا وغيره ڏيڻ لاء استعمال ڪنديون آهن. اهي وڻ ڊيلٽا جي انهي صورتحال، آلودگي ۽ ڪراچي شهر جي ڦهلاء جي ڪري گھڻو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن جو وڏو حصو ختم ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن جي بحالي لاء حڪومت ۽ مختلف اين جي اوز ۽ فردن پاران ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون پر اهي ناڪافي آهن ۽ تمر جي انهن جھنگلن کي بحال ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. ماحولياتي لحاظ کان اها هڪ تشويشناڪ صورتحال آهي جنهن انساني زندگي ۽ آبي جيوت کي متاثر ڪيو آهي.
سنڌو جي تهذيب جي هڪ خاص ڳالھه اها رهي آهي ته ان جي شهرن ۾ واڌو پاڻي ۽ گند جي اخراج لاء هڪ ترقي ڪيل نظام موجود هو جنهن وسيلي ان گند جو اخراج ڪيو ويندو هو. هن وقت اهو پاڪستان جو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن جي ڪري گھڻا مسئلا جنم وٺن ٿا. شهرن ۾ گندگي کانسواء اهو ملڪ جي زراعت لاء هڪ وڏو مسئلو آهي. زراعت جو گھڻو دارومدار نهري پاڻي تي آهي. سنڌ جي اسي سيڪڙو ڪڻڪ نهري پاڻي تي دارومدار رکي ٿي. انهن نهرن جي مناسب سار سنڀال نه هئڻ جي ڪري گھڻو پاڻي ٻنين تائين پهچڻ کان اڳ ضائع ٿي وڃي ٿو. ورلڊ فوڊ پروگرام جي اندازي موجب سنڌ ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد گھٽ خوراڪ جو شڪار آهي ۽ ان جو هڪ ڪارڻ نهرن جي مناسب سار سنڀال نه هئڻ ڪري زمينن جو سم ۽ ڪلر جي ڪري خراب ٿيڻ ۽ پوک لائق نه رهڻ آهي. سنڌ جي لکين ماڻهن کي ورلڊ فوڊ پروگرام جي تحت کاڌ خوراڪ مهيا ڪئي وڃي ٿي.
دريا ۽ سنڌو ماٿري جي ماڻهن جو جياپو هميشه کان هڪٻئي سان لازم و ملزوم رهيا آهن. هن وقت دريا گھڻن مسئلن جو شڪار آهي بلڪ ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته اهو پنهنجي بقاء جي جدوجهد ۾ ورتل آهي. انهن مسئلن جي گھڻي ذميواري هتان جي ماڻهن تي ئي عائد ٿئي ٿي جن پنهنجن ننڍن وڏن مفادن لاءِ دريا جي سڄي نظام ۽ ماحول کي متاثر ڪيو آهي. اها ڳالھه ته طئي ٿيل آهي ته دريا کي نقصان آخري نتيجي ۾ انهن ماڻهن جو ئي نقصان آهي. پر ان ڳالھه ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي في الحال محسوس نه ٿو ڪيو وڃي.

پاڻي جي مسئلي کي سياق و سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي

سنڌ ۾ پيئڻ جي آلوده پاڻي جي حوالي سان تازو سپريم ڪورٽ نوٽس ورتو آهي ۽ ان ڳالھه تي زور ڏنو آهي ته اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها پنهنجن شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري. ساڳي وقت اها ڳالھه پڻ نوٽيس ۾ آئي آهي ته ڪراچي جي گھڻن علائقن جي ماڻهن کي پنهنجي پيئڻ ۽ ٻين ضَرورتن لاء ٽينڪر وارن کان پاڻي خريد ڪرڻو پئي ٿو ۽ هڪ ٽينڪر جي قيمت سراسري طور اٽڪل پنج هزار روپيا آهي. ان ۾ جيستائين ٽينڪرن وسيلي پاڻي فراهم ڪرڻ جو سوال آهي ته اهو هڪ پراڻو مسئلو آهي ۽ اها ڳالھه ثابت ٿي چڪي آهي ته اهو پاڻي واٽر بورڊ جو ئي آهي، جيڪو انهن ٽينڪرن جي مالڪن پاران شهرجي مختلف علائقن ۾ لڳل هائڊرنٽ وسيلي چوري ڪري شهر جي مختلف علائقن جي ماڻهن کي فراهم ڪيو وڃي ٿو. ان جي حڪومت ۽ اختياري وارن سڀني کي ڄاڻ آهي ۽ ماضي ۾ جڏهين حڪومت پاران ان سلسلي ۾ ڪي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته انهن ٽينڪر وارن شهر جي اهم رستن کي ٽينڪر بيهاري بند ڪري سڄي شهر جي زندگي کي معطل ڪري ڇڏيو هو ۽ حڪومت کي نيٺ هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا هئا. ان ڳالھه کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته شهر ۾ حڪومت اندر ۽ حڪومت کان ٻاهر مستقل مفاد رکندڙ گھڻا گروه موجود آهن ۽ ڪن گروهن جي طاقت ته حڪومت کان به وڌيڪ آهي. اهي ماڻهن جي فائدي واري کنيل ڪنهن به قدم کي ناڪام ڪرڻ لاءِ فوري طورتي ميڊيا ۽ سندن ٻين ساٿين جي مدد سان حرڪت ۾ اچي وڃن ٿا. ان منجھيل صورتحال کي سمجھڻ ۽ ان مطابق ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جيستائين سنڌ جي مختلف شهرن کي پيئڻ جي آلوده پاڻي ڏيڻ جو سوال آهي ته ان کي سڄي سياق و سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. اهو مسئلو اٽڪل سڀني ترقي پذير ملڪن سان لاڳاپيل آهي. رڳو اهو تصور ته وهندڙ پاڻي صاف هوندو آهي نه ڪڏهين صحيح هو ۽ نه ئي هاڻي صحيح آهي. جتي انسان جي وڌنڌڙ آبادي جي ڪري پاڻي جي ضرورت ۽ استعمال ۾ واڌارو ٿيو آهي، اتي ان دريائن ۽ پاڻي جي ٻين ذريعن کي به آلوده ڪري ڇڏيو آهي. گنگا، جنهن ۾ رڳو دهلي جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي روزانو ڪروڙين گيلن گند ڦٽو ڪري ٿي، هندن جي پوتر دريا هئڻ سان گڏوگڏ هڪ گندي ۽ آلوده دريا طور به مشهور ٿي چڪو آهي. ساڳي وقت دنيا جي ٻين وڏن دريائن جي صورتحال به ڪا گھڻي چڱي ناهي. چين جي مختلف دريائن جي به اها ساڳي صورتحال آهي. ساڳي ريت تازو مصر جي هڪ مشهور ڳائڻي کي ان ڪري سزا ڏني ويئي ۽ مٿس قومي ٽيليويزن تي ڳائڻ تي پابندي وڌي ويئي ته هن نيل کي گندو دريا ڪوٺيو هو، جنهن جي پاڻي پيئڻ سان هو بيمار ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح سان ماڻهن ۽ حڪومت چواڻي هڪ ته مصر جي سياحت تي اثر پيو ٿي ۽ ٻيو مصر جي ماڻهن، جن جي لاء نيل هڪ پوتر دريا ۽ قومي نشان آهي، جي جذبن کي ڌڪ لڳو ٿي. نيٺ ان ڳائڻي کي ائين چوڻ تي معافي وٺڻي پيئي. پرسوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته ڇا سندس ان معافي سان نيل صاف ٿي ويندو. اها ساڳي حالت پاڪستان ۾ سنڌو ۽ ملڪ جي ٻين دريائن سان به آهي ۽ ڪنهن جو ان پاسي ڌيان به ناهي.
پهرين ڳالھه ته ملڪ جا گھڻا اهڙا علائقا آهن جتي ماڻهن کي پاڻي لا۽ ميلن تائين پنڌ ڪرڻو پئي ٿو. ايستائين ته ميٽروپوليٽن شهر ڪراچي جي ٻهراڙي جي گڏاپ ۽ ٻين گھڻن علائقن جو ته آئون پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان، جتي عورتن کي پاڻي لاءِ ميلن تائين پنڌ ڪرڻو پئي ٿو. ان مسئلي تي ساڳي وقت صاحب لوڪن کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيستائين پيئڻ جي آلوده پاڻي جو مسئلو آهي ته اهو سڄي ملڪ ۽ ملڪ جي سڀني صوبن ۽ علائقن سان لاڳاپيل آهي. پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر اسٽڊيز جي هڪ اسٽڊي موجب هن وقت ملڪ جي چوراسي سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي. جڏهين ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ جيڪو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو ان ۾ چوڏنهن سيڪڙو ڪيميڪلز جو تعداد انسان جي لاء هاڃيڪار آهي. ان اسٽڊي موجب سڄي ملڪ ۾ واٽر سپلائي جون ٻاهتر سيڪڙو اسڪيمون عمل ۾ ناهن.
آلوده پاڻي وارو مسئلو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ سان ان ڪري به وڌيڪ آهي ته سنڌ درياءَ جي پڇڙي وارو علائقو آهي. مٿين علائقن جو سڄو گند ڪچرو دريا جي پاڻي سان گڏ سنڌ ڏانهن اچي ٿو. اها ڳالھه ته سڀني جي آڏو آهي ته منڇر جنهن کي ايشيا جي مٺي پاڻي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي ۽ جيڪا سياحت کاسواءِ هزارين مهاڻن جي روزي جو وسيلو رهي آهي، هن وقت وفاقي حڪومت جي گند نيڪال ڪرڻ جي مختلف اسڪيمن جي نتيجي ۾ گندي ۽ زهريلي پاڻي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ بڻجي ويئي آهي ۽ ڪيترن خاندانن کي پنهنجي جياپي لاء اتان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آهي. ساڳي ريت لاڙ جي مختلف علائقن جو مسئلو آهي، جتي انهن اسڪيمن جي گندي پاڻي سان گڏو گڏ سمنڊ به اڳتي وڌي آيو آهي ۽ مٺو پاڻي ناپيد ٿي ويو آهي. دراصل اهي سڄي ملڪ جا مسئلا آهن، جيڪي سنڌ جي خاص جاگرافيائي نوعيت جي ڪري اتي گڏ ٿي ويا آهن. ظاهر آهي انهن جي حل لاءِ صوبائي سطح سان گڏوگڏ ملڪي سطح ته قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
گھڻ قومي ڪمپنين پاران ماڻهن جي هر تڪليف ۽ مسئلي کي پنهنجي نفعي ڪمائڻ ۽ وڌائڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. مختلف ڪمپنين جي مالڪن پاران ميڊيا وسيلي اها مهم پڻ هلائي ويئي ته پاڻي ماڻهو جي لاءِ هڪ قدرتي نعمت جيان مفت هئڻ بجائي ٻين شين جيان هڪ شي آهي ۽ اهڙي ريت ان جي هڪ قيمت آهي ۽ ان جي مفت هئڻ وارو تصور غلط آهي. انهن ڪمپنين لاطيني آمريڪا جي ڪجھ ملڪن ۾ اتان جي حڪومتن سان گڏجي پاڻي جي ذريعن تي قبضي ڪرڻ ۽ اتان جي ماڻهن کي قيمت تي پاڻي ڏيڻ جي رٿا ٺاهي هئي پر ماڻهن جي مزاحمت جي ڪري هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا هئا. پر هن وقت به پاڪستان سميت گھڻن ملڪن ۾ وسندي وارا پيئڻ لاءِ نل جي پاڻي کي مناسب نه ٿا سمجھن ۽ انهن ڪمپنين جو بوتل وارو پاڻي استعمال ڪن ٿا جڏهين ته ليبارٽري ٽيسٽ گھڻا ڀيرا ان پاڻي جي آلودگي کي به ثابت ڪيو آهي.
پاڻي جي ان مسئلي کي رڳو هڪ نڪتي تي مرڪوز ڪرڻ اصل مسئلي کان جان ڇڏائڻ ۽ ان کي پسمنظر ۾ ڌڪڻ آهي. ان سڄي مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ان کي پوري سياق ۾ ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي.

پکين جي دنيا 1

پکي ماحول جي سونهن به آهن ۽ ماحوليات جي توازن لاء هڪ ضروري عنصر به آهن. اهي هڪ ته مختلف پوکن ۽ وڻن جا ٻج گھڻن هنڌن تي ڦهلائڻ جو ڪم ڪندا آهن. ٻيو اهي پوکن کي نقصان رسائيندڙ ڪيڙن کي کائيندا آهن. ٽيون ڳجھن جهڙا پکي مئل جانورن جي لاشن کي کائي ماحول کي آلودگي ۽ گندگي کان بچائيندا آهن
پکين جي ڪل تعداد جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪم آهي. انهن مان گھڻا اهڙين جاين تي رهندا آهن جتي ماڻهو جو پهچڻ ڏکيو آهي. ٻي ڳاله ته اهو تعداد لاڳيتو تبديل ٿيندو رهندو آهي. ان جي باوجود ڏه سال اڳ ٻن سائنسدانن وڏي محنت کانپوء اهو اندازو لڳايو ته دنيا ۾ پکين جو تعداد ٻه سو کان چار سو ارب تائين آهي. جڏهين ته هاڻي هڪ تازي اسٽڊي موجب اهو تعداد پنجاه ارب کان چار سو سٺ ارب تائين آهي. انهن ۾ چار اهڙا پکي، جن ۾ جھرڪي به شامل آهي، آهن جن جو تعداد هڪ ارب کان وڌيڪ آهي. ايڏي وڏي فرق جو ڪارڻ به اهو ئي اهي ته گھڻين اهڙين جاين تي ماڻهو جو پهچڻ ممڪن ناهي جتي پکي رهن ٿا. هن وقت موجود پکين جا ڪل 9787 قسم ٻڌايا وڃن ٿا. .
اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سن 1500 عيسوي کان دنيا ۾ پکين جو تعداد لاڳيتو گھٽجي رهيو آهي. هڪ اندازي موجب ويھه کان پنجويھه سيڪڙو پکين جو تعداد ۽ انهن جا پنج سو قسم ختم ٿي ويا آهن. گرم خطن جي جھنگلن ۾ هرسال چوڏنهن ڪروڙ چاليھه لک پکي گھٽجي وڃن ٿا. پکين جي تعداد جي گھٽجڻ جو وڏو ڪارڻ انسان جون معاشي ۽ سماجي سرگرميون آهن. هڪ اندازو اهو لڳايو ويو آهي ته پاڪستان، ڀارت ۽ نيپال مان اٽڪل پنجانوي سيڪڙو ڳجھون ختم ٿي ويون آهن. ان جو ڪارڻ هڪ دوا ڊائيڪلوفينيڪ جو متعارف ٿيڻ هو، جنهن جي استعمال سان جانورن ۽ انسانن جي گردن تي اثر پيو ٿي ۽ نتيجي ۾ موت واقع ٿئي پئي. انهن مئل جانورن کي کائڻ سان ڳجھن جو هڪ وڏو تعداد مري ويو.
هر سال سياري جي مند ۾ لکين بلڪ ڪروڙين پکي ٿڌن علائقن مان گرم علائقن ڏانهن سفر ڪن ٿا ۽ مند پوري ٿيڻ کانپوءِ پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي وڃن ٿا. اهو سلسلو سالن نه پر صدين کان جاري آهي. خاص طور ڳيري، ٻگھ پکي ۽ ابابيل متعلق تحقيق اهو ٻڌائي ٿي ته اهي اٽڪل ٽي هزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجو اهو سفر جاري رکندا اچن. انهن جو اهڙو ذڪر پراڻن ڪتابن ۽ ليکڪن جهڙوڪ هومر ۽ ارسطو وٽ به ملي ٿو. پکين جي ان سفر جا ٻه ڪارڻ هوندا آهن. هڪ کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو اجھي جي ڳولها.
ان سلسلي ۾ سڀني پکين جي فطرت ساڳي ناهي هوندي. ڪي پنهنجا ماڳ نه ڇڏيندا آهن ته ڪي گھٽ مفاصلي واري منزل ڏانهن ويندا آهن. جڏهين ته گھڻا هزارين ميلن جي مسافت طئي ڪري ڏورانهن ڏيهن ڏانهن ويندا آهن ۽ وري مند بدلجڻ کانپوء پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽندا آهن. ماهر ان ڳاله جي کوجنا ڪندا رهيا آهن ته اهي پکي موسم بدلجڻ کانپوء نيٺ هزارين ميلن جو سفر ڪري واپس ڇو ٿا وڃن ۽ پنهنجن ميزبان ملڪن ۾ رهي ڇو نه ٿا پئن. سندن ليکي اهو هڪ منجھيل معاملو آهي ۽ ان جي انت تائين پهچڻ ڏکيو آهي. اهو ممڪن آهي ته اهو سڀڪجھ سندن پرکن جي وقت کان هزارين سالن کان ٿي رهيو هجي ۽ هاڻي اها ڳاله سندن جينز ۾ شامل هجي. اها پڻ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالھه آهي ته پوپٽ جنهن کي هڪ نفيس ۽ نازڪ جيو سمجھيو ويندو آهي هزارين ميلن جو سفر طئي ڪري ائٽلانٽڪ ۽ پئسفيڪ جهڙا سمنڊ اڪري ٻين ڏيهن ۾ پهچن ٿا.
انسانن جيان پکين جي ان سفر تي ڪي پابنديون ناهن پر انهن کي گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. ان هزارين ميلن جي ڊگھي سفر دوران گھڻا واٽ ۾ ئي اجل جو شڪار ٿين ٿا. گھڻا ميزبان ملڪن ۾ شڪارين جي بندوقن جو نشانوبڻجن ٿا. گھڻن قيمتي پکين کي ڪوڙڪين ۾ ڦاسائي ٻين ملڪن ڏانهن اسمگل ڪيو وڃي ٿو. ڪي ٿورا ئي موٽڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا. اها اچرج ۾ وجھندڙ ڳالھه آهي ته هر سال ٿيندڙ ان سڄي ورتاء جي باوجود به سندن پنهنجن ميزبانن ۾ اعتماد قائم رهي ٿو ۽ اهي وري موٽي هتي اچن ٿا.
سياري جي مند ۾ گھڻا پکي پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي ڍنڍن، دريائن ۽ سمنڊ تي اچن ٿا. ماحول جي تبديلي ۽ انسان جي معاشي سرگرمي پکين کي به متاثر ڪيو آهي. گرمي پد وڌڻ جي ڪري گھڻن پکين جي سمت تبديل ٿي ويئي آهي. ليکڪا ايلف شفق پنهنجي هڪ ناول ۾ ٻڌايو آهي ته جيڪي پوپٽ هونئن ٿڌن علائقن جهڙوڪ انگلينڊ وغيره کان آفريڪا جهڙن گرم علائقن ڏانهن ويندا هئا انهن جو اهو سفر هاڻي مخالف سمت ۾ ٿي ويو آهي. هاڻي اهي گرم علائقن کان ٿڌن علائقن ڏانهن اچن ٿا. ساڳي ريت انسان پنهنجي فائدي لاء وڏي پئماني تي جھنگلن کي ختم ڪيو آهي. اهو دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ٿيو آهي پر ان جو سڀ کان وڏو مثال دنيا جو وڏو جھنگل امازون آهي جتي علائقي جي مختلف ملڪن جي حڪومتن گھڻ قومي ڪمپنين سان گڏجي اتان جي قدرتي وسيلن تي قبضي لاء ان حد تائين جھنگل کي نقصان پهچايو آهي جو اهو چيو پيو وڃي ته ڪجھ: عرصي ۾ ان جي جھنگل واري حيثيت ئي ختم ٿي ويندي. اهو هڪ لحاظ کان هڪ وڏو الميو آهي. ان سان ان جھنگل ۾ صدين کان موجود انسانن، جانورن پکين ۽ ٻوٽن جي زندگي متاثر ٿيندي. بجا طور اهو خدشوبه ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جانورن، پکين ۽ ٻوٽن جا گھڻا اهڙا قسم جيڪي هن وقت دنيا جي ٻئي ڪنهن خطي ۾ موجود ناهن اهي هتان به ختم ٿي ويندا. ان سان ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ جو گھڻو مقدار خارج ٿيندو ۽ ان جا دنيا ۾ گرمي پد تي ڪهڙا اثر پوندا اهو هڪ ڌار موضوع آهي.
سنڌ ۾ پکين جو شڪار ته هڪ معمول جي ڳالھه آهي. پر هتي ماحول کي جيڪو نقصان پهچايو ويو آهي اهو پکين جي حوالي سان هڪ وڏو عنصر آهي. مختلف بهانن ۽ دليلن سان ٻيلن ۽ جھنگلن کي ختم ڪيو ويو آهي. سنڌ جون ڍنڍون ۽ پاڻي جا ٻيا ذخيرا پرديسي پکين جي منزل آهن. پرانهن پاڻين جي آلودگي، جنهن جو وڏو مثال منڇر ڍنڍ آهي، پکين ۽ ٻي جيوت لاء هاڃيڪار بڻجي ويئي آهي. سنڌو پاڻ دنيا جي ٻين گھڻن وڏن دريائن جيان انساني سرگرمين جي ڪري آلودو ٿي چڪو آهي. ان جي ڪري گھڻن پرڏيهي پکين هتي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ پکين جا گھڻا قسم ختم ٿي ويا آهن. ساڳي وقت زرعي دوائن جو بي دريغ استعمال پڻ پکين لاء هاڃيڪار آهي.
ماحول جي آلودگي، گندگي، شهر جي بي ترتب ڦهلاء ۽ وڏين عمارتن ۽ پلازائن وغيره جي تعمير جتي ڪراچي کان ٻيو گھڻو ڪجھ کسيو آهي اتي پکي به متاثر ٿيا آهن. گلشن اقبال، لالوکيت، اورنگي، سورجاني، ملير ۽ ٻيا شهر جا گھڻا پسگردائي وارا علائَقا پکين جا مرڪز هوندا هئا. اورنگي وغيره جي ٽڪرين ٿي عقابن جا به آکيرا هوندا هئا. شهر ۾ مختلف قسمن جا پکي هوندا هئا. شهر ۾ آيل تبديلين ان سڄي صورتحال کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ انهن پکين مان هاڻي ڪجھ رڳو ڪراچي يونيورسٽي ۾ اتان جي پرسڪون ماحول، ساوڪ ۽ وڻن جي ڪري نظر اچن ٿا. جڏهين ته هتان جي باٽني شعبي جي قائم ڪيل ڪنزرويٽري ۾ ڪجھ اهڙا پکي به نظر اچن ٿا جيڪي عام طور ملڪ جي اترئين علائقن ۾ هوندا آهن. هڪ پرڏيهي ماهر تي جي رابرتس اٽڪل ويه سال اڳ اها اسٽڊي ڪئي هئي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پکين جا 200 قسم هئا. هن وقت ڪراچي ۾ انهن مان اڌواڌ گھٽجي ويا آهن.
شهر ۾ وڏي پئماني تي وڻن جي وڍڻ ۽ وڏين عمارتن جي ٺهڻ گھڻن پکين کي سندن اجھن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. شهر جي پاڻي جا ذخيرا آلوده ٿي ويا آهن. سمنڊ جو الميو ته هڪ ڌار مسئلو آهي. شهر جون ٻه وڏيون موسمي نيون، لياري ۽ ملير، هن وقت رڳو گندگي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جو ذريعو بڻجي ويون آهن. گندگي جي ڪري شهر ۾ هڪ ته ڪانگ ۽ سرڻيون گھڻيون نظر اچن ٿيون ۽ ٻيو ڪبوتر جن جي لاء ماڻهو ثواب خاطر شهر جي مختلف چوواٽن ۽ پارڪن وغيره ۾ ٻاجھر ۽ ٻيو داڻو وجھن ٿا. صورتحال اها آهي ته اهي پکي جھرڪي جهڙي ننڍي پکي کي داڻي جي ويجھو نه ٿا اچڻ ڏين جنهن جي ڪري شهر ۾ انهن جو تعداد به گھٽبو پيو وڃي
افسوس جي ڳالھه اها آهي ته اها سڄي صورتحال ڪنهن سياسي ۽ غير سياسي تنظيم جي ترجيحن ۾ شامل ناهي. ان ڳالھه کي سمجھڻ جي ضرورت آهي ته انسان جو پنهنجو جياپو ان ڳاله سان لاڳاپيل آهي ته ماحول ۾ هڪ توازن هجي ۽ ٻي جيوت کي به جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

چرنوبل

چرنوبل هن وقت يوڪرين جو حصو آهي. اپريل 1986 ۾ جڏهين آنجهاني سوويت يونين اڃا باقي هو ته يوڪرين به سوويت يونين جو حصو هو. ان وقت هتان جي نيو ڪليائي پلانٽ جي حادثي سڄي دنيا کي نيوڪليائي خطري کان خبردار ڪري ڇڏيو هو. هن وقت روس يوڪرين تنازعي ۾ نيوڪليائي هٿيارن کي استعمال ڪرڻ جي ڳالھه ٿي رهي آهي. ان دنيا کي اهو سوڄڻ تي مجبور ڪيو آهي ته نه رڳو جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٻين مهاڀاري جنگ ۾ آمريڪا جي ائٽمي حملي جا نتيجا اتان جا ماڻهو ۽ ٻي جيوت اڃا ڀوڳي رهي آهي. چرنوبل به ان صورتحال مان نڪري نه سگھيو آهي. ان وقت هڪ وييع علائقي کي ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو هو. اٽڪل ڇٽيھه سال گذرڻ کانپوء ماهرن ان صورتحال جو وري جائزو ورتو آهي. سندن چوڻ آهي ته اهو علائقو، جيڪو لندن شهر کان به وڏو آهي، چوويه هزار سالن تائين انسانن جي رهائش لاءِ سازگار ناهي.
انساني آبادي جي نه هئڻ ڪري هتي ٻي جيوت جي لاء ماحول سازگار ٿي پيو آهي. هن وقت ماڻهن کي هتي لومڙ ۽ ڪجھ ٻيا جانور ۽ پکي نظر آيا آهن. ان ڳالھه تي تحقيق ڪئي پيئي وڃي ته انهن جانورن ۽ پکين تي تابڪاري جو ڪيترو اثر ٿيو آهي ۽ ڇا انهن جي ڊي اين وغيره ۾ به تبديلي واقع ٿي آهي. اڃا تائين سائنسدان ڪنهن ڳالھه تي متفق ناهن ته انهن ۾ ڪهڙي قسم جي تبديلي واقع ٿي آهي ۽ ٿي به آهي يانه.
بهرحال اها ڳالھه ته طئي آهي ته تابڪاري جا اثر انسان جي زندگي ۽ صحت لاء ٻي جيوت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هاڃيڪار آهن جڏهين ته ان سڀ لاء ذميوار به انسان پاڻ آهي.

دريائن سان ورتاءُ

دريا رڳو پاڻي جو ذخيرو ناهن هوندا. ساڳي وقت اهي پاڻ سان ڏورانهن هنڌن کان زرخيزمٽي پڻ کڻي ايندا آهن جيڪا ميدانن ۾ پاڻي کي جذب ڪرڻ، زيرزمين پاڻي جي سطح کي وڌائڻ ۽ ساڳي وقت زمين جي زرخيزي کي وڌائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. پر حيرت جي ڳالھه آهي ته دريائن کي انسان انهن جي اصل صورت ۾ رهڻ ئي نه ڏنو آهي. هو پنهنجن فوري فائدن لاء ان سڄي وايو منڊل ۽ ماحول کي تباه ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي جنهن هزارين سالن تائين ان جي زندگي کي برقرار رکڻ ۽ وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن وقت ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙو ڪو گھر، سڙڪ ۽ پل وغيره ناهي جيڪا رڳو قانوني طور حاصل ڪيل مٽي مان ٺهي هجي. ان مقصد لاء وڏن ننڍن دريائن ۽ ڍنڍن جي پيٽ مان روزانو هزارين لکين ٽنن جي حساب سان مٽي ڪڍي وڃي ٿي جيڪا تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿي. ان ڪم ۾ اربين کربين روپين جي ڪمائي آهي ۽ ان ۾ وڏا سياستدان، سرمائيدار ۽ ڪامورا وغيره سڀ ڀاڱي ڀائيوار آهن. اها ڄڻ باقاعدي هڪ مافيا آهي ۽ ان عمل جي مخالفت ڪرڻ هڪ نهايت ڏکيو عمل آهي. گذريل ڪجھ سالن ۾ ئي ڀارت ۾ ان عمل جي مخالفت ڪرڻ جي ڏوه ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽن صحافين ۽ هڪ راهب کي قتل ڪيو ويو آهي. ان ڪم لاء انتهائي جديد مشنيري استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ اربين روپين جي سيڙپ ٿيل آهي. ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش، نيپال ۽ چين وغيره جي مختلف دريائن ۽ ڍنڍن مان ايڏي وڏي پئماني تي مٽي ڪڍي ويئي آهي، جو ان انهن پاڻي جي ذخيرن جي صورت ئي بدلائي ڇڏي آهي ۽ ماڻهن جي لاء گھڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي. ساڳي وقت دريا تي ٺهيل پلن ۽ ٻين تنصيبات وغيره کي پڻ ان سان نقصان پهچي ٿو. ڀارت ۾ جمنا دريا تي ٺهيل هڪ پل مٽي ڪڍڻ جي ڪري بنيادن جي ڪمزور ٿي وڃڻ ڪري استعمال جهڙو ئي نه رهيو آهي. ساڳي ريت نيپال ۾ 1991 ۾ ان ڪارڻ هڪ پل ڪرڻ جي ڪري حڪومت دريائن مان مٽي ڪڍڻ تي پابندي وجھي ڇڏي پر پوء به اهو عمل ساڳي ريت هلندو رهيو آهي ۽ هڪ اندازي موجب کٽمنڊو ماٿري ۾ تعميرات ۾ چاليھه سيڪڙوغير قانوني طور حاصل ڪيل مٽي استعمال ٿئي ٿي.
ملير جا ڳوٺاڻا اڪثر اهو چوندا آهن ته ڪراچي جو ڦهلاء ۽ ترقي سندن معاش ۽ روزگار جي قيمت تي ٿي آهي. ملير نئين جي پيٽ مان روزانو ٽنن جي حساب سان ريتي ڪڍي وڃي ٿي جيڪا ڪراچي جي مختلف تعميراتي ڪمن لاء استعمال ٿئي ٿي. ان جي ڪري نئين جي پيٽ ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي قوت ناهي رهي ۽ نتيجي ۾ کوه، جيڪي علائقي جي زراعت لاء پاڻي جي فراهمي جو هڪ اهم ذريعو آهن، سڪي ويا آهن يا انهن ۾ پاڻي جي سظح گھڻو هيٺ هلي ويئي آهي جنهن جو اثر زرعي پيداوار ۽ ماڻهن جي روزگار تي پيو آهي. هن وقت اهو ساڳيو عمل حب ندي، جيڪا لسٻيلي ۽ ڪراچي جي گھڻن علائقن جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي ۽ هن وقت جنهن جو پيٽ مينهن نه پوڻ ڪري سڪل آهي، سان ٿي رهيو آهي. ان جي خلاف علائقي جي ماڻهن احتجاج به ڪيا آهن، عدالتن ريتي بجري نه ڪڍڻ جا حڪم به جاري ڪيا آهن، واٽر بورڊ پاران پڻ ان ڳاله کي واضح ڪيو ويو آهي ته ان سان ان جي ڪراچي شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارين تنصيبات کي نقصان رسي رهيو آهي پر انهن مان ڪنهن به ڳالھه جو ڪو اثر نه ٿي رهيو آهي ۽ اهو عمل ساڳي ريت جاري آهي. اهو ساڳيو عمل ملڪ جي ٻين وڏن دريائن سنڌو، جهلم، نيلم ۽ ڪنر وغيره سان به جبلن کان وٺي سمنڊ تائين سندن سڄي وهڪري ۾ جاري رهي ٿو.
بنگلا ديش ۾ ان عمل ۾ نه رڳو اهو ته سياستدان ۽ پارليامينٽ جا ميمبر شامل آهن پر اها هڪ لحاظ کان ڄڻ ته حڪومت جي پاليسي بڻجي ويئي آهي. حڪومت پارانِ دريا جي مٽي کي سنگاپور ۽ مالديپ وغيره کي برآمد ڪرڻ لاء باقاعدي رٿائون جوڙيون ويون آهن ۽ ان جا اگھ مقرر ڪيا ويا آهن. ساڳي ريت چين جي گذريل سالن ۾ معاشي ترقي جي ڪري شهرن جي واڌ ويجھ ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. سيمنٽ جي پيداوار ۾ مٽي استعمال ٿيندي آهي ۽ گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي رپورٽ موجب گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ چين ۾ سيمنٽ جي استعمال ۾ چار سو سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي ۽ اهو به ته گذريل چار سالن ۾ چين جيتري سيمنٽ استعمال ڪئي آهي اها آمريڪا جي سڄي ويهين صدي ۾ استعمال ڪيل سيمنٽ کان به وڌيڪ آهي. اها سڄي مٽي گھڻي ڀاڱي چين جي دريائن مان ئي حاصل ڪئي وڃي ٿي. نوي جي ڏهاڪي جي آخر تائين ينگزي دريا مان ايتري مٽي ڪڍي ويئي جنهن پلن کي ڪمزورڪري ڇڏيو، جهازراني ۾ رڪاوٽ وڌي ۽ دريا جي ٻنن کي نقصان پهچايو. ان جي ڪري حڪومت پاران جڏهين سن 2000 ۾ هتان مٽي ڪڍڻ تي پابندي وڌي ويئي ته اها سرگرمي مٺي پاڻي جي هڪ وڏي ذخيري پويانگ ڍنڍ، جيڪا ينگزي دريا ۾ ئي ڇوڙ ڪري ٿي، ڏانهن منتقل ڪئي ويئي. ناسا پاران ڍنڍ جون جيڪي تصويرون جاري ڪيون ويون آهن انهن مان اها خبر پئي ٿي ته ڍنڍ جيڪا 1995 ۾ هئي 2013 ۾ ان سڄي سرگرمي جي ڪري ان جي صورت ئي تبديل ٿي ويئي آهي. اها ڍنڍ سائيبيريا کان ايندڙ پکين جو وڏي ۾ وڏو مسڪن رهي آهي، جيڪو پڻ ان سڄي سرگرمي جي ڪري متاثر ٿيو آهي. چين جي هڪ ٻيو وڏو دريا ميڪانگ پڻ ان سرگرمي جو شڪار آهي. پر ان جي حوالي سان ڪي انگ اکر دستياب ناهن.
اها ته هڪ طئي شده ڳالھه آهي ته ان سڄي سرگرمي جي ڪري دريا، زراعت، وڻن ٻوٽن ۽ مختلف جانورن ۽ پکين وغيره کي نقصان رسي ٿو ۽ سڄو ماحول متاثر ٿئي ٿو پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان سلسلي ۾ ڇا ٿو ڪري سگھجي. پهرين ڳالھه ته جنهن شي جي گھرج آهي اها پابندي سان ختم نه ٿي ٿئي پر ٻي صورت ۾ موجود رهي ٿي جيئن شراب ۽ جسم فروشي تي پابندي باوجود اهي هڪ يا ٻي صورت ۾ سماج ۾ موجود آهن. ٻي ڳالھه ته جڏهين به حڪومت يا عدالتن پاران ان تي پابندي وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ان جو نتيجو گھرن جي قيمتن وڌڻ جي صورت ۾ نڪتو آهي. اهڙي ريت ترقي جو عمل ۽ دريائن ۽ نتيجي ۾ فطرت کي ٿيندڙ نقصان هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وڃائجي ويل سامونڊي ڪنارا

سمنڊ جي انساني جيوت جي حوالي سان خاص اهميت آهي. پر انسان جتي ٻين قدرتي وسيلن جو استحصال ڪيو آهي ۽ ان کي نقصان پهچايو آهي اتي سمنڊ به محفوظ ناهي رهيو. انساني سرگرمين جا اثر اهڙن ٻيٽن ۽ جاين تي به پهتا آهن ۽ ٻي جيوت کي نقضان پهچايو آهي جتي انسان اڃا پاڻ پهتو ئي ناهي.
ڪراچي جي ماڻهن لاء سمنڊ جي خاص اهميت آهي. هتان جون مختلف جايون ساڳي وقت ماڻهن لاء تفريح ۽ روزگار جو باغث هيون. هوابندر، جيڪو هاڻي ڪلفٽن سڏجي ٿو، منهوڙو، هاڪس بي، سينڊزپٽ ۽ اک ڦاٽو، جنهن کي پيراڊائيز پوائنٽ سڏجي ٿو، ماڻهن جي گھمڻ ڦرڻ جون خاص جايون هيون. خاص طور هوابندر ته کارادر، لياري ۽ ٻين ويجھن علائقن لاء خاص ڇڪ جو باعث هوندو هو. انهن علائقن جا گھڻا ماڻهو رات جو ماني کائي پنڌ، سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين تي هوا بندر ڏانهن سمنڊ جي هوا کائڻ لاء نڪري پوندا هئا ۽ پوء رات جو دير سان گھرن ڏانهن موٽندا هئا. ڪڏهين ڪڏهين آئون به پنهنجن ڀائرن سان گڏ اوڏانهن نڪري پوندو هوس. ان وقت هڪ ته شهر جي امن امان جي صورتحال بهتر هئي ۽ ٻيو اڃا اهو علائقو فليٽن ۽ بازارن جو جھنگل نه ٿيو هو.
خير اها ته گھڻي پراڻي ڳالھه آهي جڏهين چانڊوڪي راتين ۾ سمنڊ جي وير مٺي در ۾ بابا نور شاه غازي جي مزار تائين ايندي هئي، جتي لياري نئين ان ۾ ڇوڙ ڪندي هئي پر اها گھڻي پراڻي ڳالھه ناهي جڏهين اهو پاڻي باٿ آئي لينڊ تائين ايندو هو. ڪجھ عرصو اڳ ڪلفٽن جا گھڻا پلازه ۽ شاپنگ مال سامونڊي طوفان جي ڪري سمنڊ جي پاڻي کان متاثر ٿيا هئا.
هن وقت صورتحال ويتر خراب ٿي ويئي آهي. خاص طور ڊيفنس ۽ ڪلفٽن ۾ فليٽن ۽ شاپنگ مالن جي تعمير لاء مختلف طريقن سان سمنڊ کي پٿر وجھي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. جنهن کي سي ويو چيو ويندو هو ۽ ماڻهو اتي سمنڊ جو مزو وٺڻ لاء ويندا هئا اتي هاڻي واري پئي اڏامي. تعميراتي ڪمپنيون ۽ بلڊرز ان واري کي به ٽرڪن وسيلي کڻي وڃي پنهنجن تعميراتي مقصدن لاء استعمال ڪن ٿا. ماڻهن جي حفاظت جي حوالي سان جيڪا ديوار ڏني ويئي هئي ۽ سمنڊ جون لهرون ان ديوار تائين اينديون هيون. هاڻي سمنڊ ان کان به گھڻو پوئتي هليو ويو آهي.
مسئلو اهو آهي ته انسان سڄي فطرت ۽ سڀني قدرتي وسيلن ۽ جيوت کي مجموعي ماحول جو حصو نه ٿو سمجھي پر ان کي پنهنجي ملڪيت سمجھي انهن کي پنهنجي مرضي موجب استعمال بلڪ انهن جو استحصال ڪري ٿو. جيئن پاڻي جا ٻيا ذخيرا ڍنڍون ۽ دريا وغيره آلوده ٿي ويا آهن اها ساڳي بلڪ انهن کان به خراب صورتحال سمنڊ سان ٿي آهي. سڄي شهر جو گندو پاڻي جنهن جو اندازو پنجاه ڪروڙ گيلن تائين لڳايو ويو آهي سمنڊ ۾ وهايو وڃي ٿو. ان ۾ اٽڪل پنجويھه سيڪڙو ڪراچي ۾ موجود اٽڪل ڇھه هزار ڪارخانن جو پاڻي آهي. انهن ۾ چمڙي صاف ڪرڻ وارا ڪارخانا به آهن. ان کانسواء ڀينس ڪالوني جي واڙن جو سڄو گند سمنڊ جو حصو بڻجي ٿو. ٻيو گند ڪچرو پڻ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو. ڪارخانن جا مالڪ ان جي لاء ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳائڻ لاء تيار ناهن. سندن چوڻ آهي ته گھڻا ڪارخانا اٽڪل سٺ سال پراڻا آهن ۽ ان وقت اهڙن پلانٽن وغيره لڳائڻ جوتصور نه هو. اها سڄي سرڪار جي ذميواري آهي ته اها اهڙا پلانٽ وغيره لڳائي.
جيئن زمين تي زندگي موجود آهي ائين سمنڊ ۾ به ڪيترن ئي قسمن جا جيو آهن. سمنڊ ۾ وڏي پئماني تي گندگي جي نيڪال سڄي جيوت کي نقصان پهچايو آهي. ڪچون جيڪو اڳ ڪناري تي اچي آنا لاهي ويندو هو هن هاڻي اتي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي يا گھٽائي ڇڏيو آهي. اڳ ننڍيون مڇيون سمنڊ جي ڪناري جي ويجھو ملنديون هيون. پر جيئن ته مڇين کي جيئري رهڻ لاء صاف پاڻي جي گھرج هوندي آهي ان ڪري گھڻيون مڇيون ته ان گند ڪچري جي ڪري مري وڃن ٿيون ۽ گھڻيون سمنڊ ۾ پري هلي وڃن ٿيون. اها صورتحال ماهگيرن کي ٻن طريقن سان متاثر ڪري ٿي. هڪ ته ان سڄي گند ڪچري جي ڪري کين چمڙي جون ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون ۽ ٻيو مڇين مارڻ لاء سمنڊ ۾ پري تائين وڃڻو پئي ٿو جتي پڻ انهن کي رڳو ننڍيون مڇيون ملي سگھن ٿيون جڏهين ته جديد مشينن ۽ ڄارن واريون ٻيڙيون اصل شڪار ڪن ٿيون. اهڙي ريت پهرين جي ڀيٽ ۾ انهن کي وڌيڪ خرچ ڪرڻو پئي ٿو ۽ وڌيڪ وقت سيڙائڻو پئي ٿو.
مينگروز ڪنڊن واريون ٽاريون ۽ وڻ هوندا آهن جيڪي سمنڊ جي ڪناري ٿيندا آهن. انهن ۾ لوڻياٺ کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. مختلف مڇيون وغيره انهن کي بيضن ڏين لاء استعمال ڪنديون آهن. پاڪستان ۾ اهي ڇه لک هيڪٽرز تي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن تي آهن پر انهن جو پنجانوي سيڪڙو سنڌ ۾ آهي. ماحولياتي آلودگي ۽ شهر جي بي ترتيب ڦهلاء انهن جھنگلن کي گھڻو نقصان پهچايو۽ اهي گھڻو گھٽجي ويا. جيتوڻيڪ مختلف اين جي اوز ۽ حڪومت وغيره ان جي پراڻي حيثيت کي بحال ڪرڻ لاء ڪجھ ڪوششون ڪن ٿا پر مجموعي صورتحال کي ڏسندي ان جي ڪاميابي جا امڪان گھٽ آهن. اهي سمنڊ ۽ سامونڊي جيوت جو هڪ لازمي حصو آهن پر انهن جو آئيندو ڪو گھڻو چڱو نظر نه ٿو اچي.
دريا ۽ نيون سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن ۽ ان کي پاڻي ڏينديون آهن. اهو هڪ فطري قانون آهي جيڪو ماحول سان گڏوگڏ سڄي جيوت جي توازن کي برقرار رکڻ لاء ضروري آهي. پر هتي هڪ نڪته نظر اهو آهي ته اهو پاڻي بيڪار زيان ٿئي ٿو. مطلب ته هر شي رڳو انسان جي استعمال ۾ اچڻ گھرجي ۽ ان سان ماحول ۽ ڊيلٽا جي ماڻهن سميت ٻي سڄي جيوت کي جيڪو نقصان پهچي ٿو ان سان انهن ماڻهن جو ڪو واسطو ناهي جن کي ان سان فائدو پهچي ٿو.
گھڻي عرصي کان اها شڪايت رهندي آئي آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ ۽ خاص طور ڊيلٽا کي گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ٿو ملي. ان جو هڪ نتيجو اهو نڪتو آهي ته سمنڊ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو آهي ۽ گھڻي زمين کي خراب ڪرڻ سان گڏوگڏ مٺي پاڻي جي ذخيرن کي پڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. گھڻا ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن ۽ ۡگھڻا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. اهو خدشو پڻ ظاهرڪيو ٿو وڃي ته سمنڊ ٺٽي شهر تائين پهچي ويندو.
ڪراچي شهر سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهي. ان کي ماريشس، ڪلڪته ۽ انڊونيشيا جي گادي جي هنڌ جڪارتا جهڙن ملڪن ۽ شهرن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو جن کي اڳتي هلي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. ان کي نظر ۾ رکندي ئي انڊونيشيا جي گادي جي هنڌ کي ٻئي نئين شهر ۾ منتقل ٿيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. پر هتي نه رڳو ان حوالي سان اگھور ننڊ ۾ ستل آهيون پر ان تباهي کي ويجھي آڻڻ لاء پڻ هر جتن ڪري رهيا آهيون.هن وقت جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ممڪن آهي ته اڳتي هلي ان جي تدارڪ لاء ڪا گنجائش ئي نه رهي.

ڪراچي: صفائي جي مسئلي کي ڪيئن منهن ڏجي؟

ڪراچي لاء چيو وڃي ٿو ته ورهاڱي کان اڳ ان کي ايشيا جي صاف ترين شهرن ۾ ڳڻيو ويندو هو ۽ ان جون سڙڪون خاص طور بندرروڊ جهڙا روڊ روز پاڻي سان ڌوپبا هئا. اهو ان وقت ايشيا جو پيرس سڏبو هو. اها صورتحال شهر جي صفائي جي لحاظ کان هڪ وڏي بحران مان گذرڻ کانپوء ٿي. 1840 جي ڏهاڪي ۾ جڏهين شهر تي انگريزن جو قبضو ٿيو ته ان وقت شهر جي ويه هزار آبادي هئي جيڪا لياري ۽ منوڙي ۾ رهندي هئي. ٽالپرن به شهر جي صفائي سٿرائي ۽ ڪچري وغيره جي نيڪال تي ڪو خاص توجھ نه ڏنو هو. ساڳي ريت انگريزن شهر ۾ نوان علائقا قائم ڪيا ۽ 1890 ۾ شهر جي آبادي وڌي هڪ لک ٿي ويئي. پر انهن به ان جي صفائي جي بندوبست تي ڪو خاص توجھ نه ڏنو ۽ شهر ۾ وقت گذرڻ سان گڏ ڪچري جا ڍير گڏ ٿيندا ويا.
اهڙي ريت صدي جي پڄاڻي تائين ان لحاظ کان شهر تي ڪو توجھ نه هو ۽ گندگي جا ڍير لڳا پيا هونڌا هئا. ان سڄي گندگي ۾ ڪلڪتي، جتي اڳ ئي پليگ جي بيماري وبا جي صورت ۾ ڦهليل هئي، مان 1896 ۾ هتي هڪ بحري جهاز ۾ پليگ کان متاثر ڪوئن جي اچڻ هڪ فيصلي ڪن ڪردار ادا ڪيو. انهن ڪوئن کي شهر جي ڪچري جي ڍيرن ۾ هڪ سازگار صورتحال ملي ۽ انهن پليگ جا جراثيم شهر ۾ ڦهلائڻ شروع ڪيا. اهڙي ريت پليگ جي بيماري سڄي شهر ۾ ڦهلجي ويئي ۽ خاندانن جا خاندان ڏسندي ڏسندي ان بيماري جو شڪار ٿي ويا. جڏهين بابا سان گڏ پنهنجي اباڻي قبرستان وڃڻ ٿيندو هو ته هو قبرن جي هڪ لائين ڏانهن اشارو ڪري ٻڌائيندو هو ته اهي سڀ اسان جا وڏا پليگ جو شڪار ٿي ويا هئا. اهڙي صورتحال هئي جو هڪ وقت ۾ هڪ گھر مان ڪيئي جنازا نڪرندا هئا. حڪومت پاران ان جي علاج لاء ٻين علائقن مان ڊاڪٽر موڪليا ويا ۽ پليگ جي مريضن کي هڪ جاء تي محدود ڪري شهر کي ڄڻ ڪڙو ڏنو ويو. ان وقت هتي جيڪڏهين البرٽ ڪاميو جهڙو ڪو ليکڪ موجود هجي ها ته هو ضرور سندس ناول پليگ جهڙو ڪو شاهڪار تخليق ڪري ها.
صورتحال جي شدت کي محسوس ڪندي انگريزن پاران شهر جي وڏي پئماني تي صفائي جي رٿا جوڙي ويئي ته جيئن ان صورتحال جو تدارڪ ڪري سگھجي ۽ آئنده ان جي وري ٿيڻ کان بچي سگھجي. پاڪستان ٺهڻ کانپوء 1960 جي ڏهاڪي تائين شهر ۾ صفائي جو اهو نظام قائم رهيو. گادي جي هنڌ جي اسلام آباد منتقل ٿيڻ، ايوب خان خلاف تحريڪ ۽ ان کانپوء جي حالتن ملڪ ۾ افراتفري ۽ بدنظمي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ نتيجي ۾ ڪراچي جو سڄو نظام پڻ متاثر ٿيو هو. 1972 کي ان ٻئين دور جي شروعات ڪري ليکيو وڃي ٿو جڏهين شهر ۾ وري صفائي جو بحران پيدا ٿيو هو ۽ جاء جاء تي ڪچري جا ڍير گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. وولپرٽ ڀٽو جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هن ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير ممتاز ڀٽو کي لکيو هو ته ڪراچي جي صفائي تي ڌيان ڏي ۽ هو ڪراچي کي هڪ ڀيرو وري ايشيا جو پيرس ڏسڻ چاهي ٿو. پر سندس اها خواهش پوري نه ٿي سگھي ۽ اهو مسئلو سندس حڪومت ختم ٿيڻ تائين ائين ئي هلندو آيو. چيو وڃي ٿو ته 2002 ۾ مشرف پاران جڏهين شهر لاء گھڻا فنڊ مختص ڪيا ويا هئا ته شهر جي سونهن جي لاء مختلف رٿائون ٺاهيون ويون هيون ۽ اهو مسئلو ڪنهن حد تائين حل ٿيو هو پر ڪراچي پوء به پنهنجي پراڻي شان ۽ مرتبي کي حاصل نه ڪري سگھيو هو.
موجوده صورتحال کي شهر ۾ ڪچري ۽ گندگي جي بحران جي حوالي سان ٽيون دور ڪري ليکيو وڃي ٿو. ايم ڪيو ايم هڪ ڊگھي عرصي کان قومي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ شهر جي نمائندگي ڪندي آئي آهي جڏهين ته شهر جي مقامي حڪومت هن وقت به سندس اختيار ۾ آهي. ساڳي ريت پيپلز پارٽي اٽڪل ڏهن سالن کان لاڳيتو صوبي ۾ حڪومت ڪندي آئي آهي ۽ شهر جي حوالي سان گھڻا اختيار ان وٽ آهن. ڪجھ عرصو اڳ سمونڊ ۾ لاڳيتو وڏي پئماني تي ڪچرو اڇلائڻ ۽ ان جي صفائي جو مناسب بندوبست نه هئڻ جي ڪري پيدا ٿيل آلودگي سامونڊي جيوت کي وڏو نقصان پهچايو هو. پر ان جي نيڪال جي مناسب بندوبست نه هئڻ جي ڪري ان جي بدبو سڄي شهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو هو. ان ڳاله کي ميڊيا ڪجھ ڏينهن تائين لاڳيتو رپورٽ ڪندي رهي. پر ان جي لاء ڪجھ به نه ڪيو ويو ۽ پنهنجي ليکي شهر جو آبهوا جو حصو بڻجي ويئي. شهر ۾ مختلف جاين تي ڪچري جا ڊير ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ائين لڳندو آهي ڄڻ ته مقامي حڪومت جو صفائي جو نظام بلڪل ئي ناڪام ٿي چڪو آهي. مسئلي جي گنڀير صورت اختيار ڪرڻ ۽ گھڻين شڪايتن ۽ ميڊيا ۾ ڏي وٺ کانپوء شهر جي مختلف ضلعن جي مقامي حڪومتن ٻن چيني ڪمپنين سان ان حوالي سان ٺاه ڪيا آهن. انهن ڪمپنين جيتوڻيڪ ڪچري کڻڻ جون گاڏيون ۽ مشينون آنديون آهن ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪم شروع ڪيو آهي پر مسئلي جي نوعيت کي ڏسندي اهو ڪم في الحال ڄڻ نظر ئي نه ٿو اچي ۽ شهر ۾ ساڳي صورتحال محسوس ٿئي ٿي.
تازو قرباني جي جانورن جي ڪري اها صورتحال اڃا وڌيڪ ابتر ٿي ويئي آهي. حڪومت قرباني کانپوء اوجھڙين وغيره جي کڻڻ کي ئي پنهنجو اهم ڪم ڪري ليکي ٿي. جڏهين ته جنهن نموني سان قرباني کان اڳ جانورن کي رکيو وڃي ٿو ان ۾ شهر جي ڪا ڪنڊ ۽ ڪا گھٽي خالي نه ٿي رهي جتي جانور نه هجن. قرباني جي آلائشن سان گڏجي اها بدبو سڄي شهر کي وڪوڙي وڃي ٿي. عيد کان پوء ٻه ٽي ڏينهن تائين اها بدبو ماڻهن کي تنگ ڪندي ۽ پوء ٻي گھڻي آلودگي سميت ان سڄي ماحول ۽ شهر جي زندگي جو حصو بڻجي ويئي.
ان ڳالھه کي سمجھڻ جي ضرورت آهي ته صفائي ڪو هڪ وقت جو مسئلو ناهي پر اهو هڪ لاڳيتو عمل آهي جنهن ۾ جيتري حڪومت جي ذميواري آهي جيڪڏهين ان کان وڌيڪ نه ته گھٽ ۾ گھٽ اوتري ئي شهرين جي به ذميواري آهي. ڪراچي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ مهذب ماڻهن جو شهر سمجھيو وڃي ٿو پر گھٽ ۾ گھٽ شهر ۾ صفائي جي صورتحال کي ڏسندي ائين نه ٿو لڳي. ڪراچي جهڙي شهر لاء جتي ان مقصد لاء هڪ نظام جي ضرورت آهي جيڪو لاڳيتو ان جي نظرداري ڪري اتي شهرين تي به اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي رڳو پنهنجي گھر کي نه پر گھٽي ۽ پاڙي جي صفائي کي به يقيني بڻائين. اها هڪ گڏيل ذميواري آهي ۽ جيستائين ان کي ان نموني نه ٿو ورتو وڃي تيستائين اهو مسئلو رڳو حڪومت جي سطح تي مڪمل طور حل نه ٿي سگھندو.

ڪراچي: ويڳاڻپ ۽ لاتعلقي جو شڪار

ڪراچي پنهنجي آبهوا ۽ ماحول جي لحاظ کان هڪ آدرشي شهر رهندو آيو آهي جيڪو پنهجي معاشي ۽ انساني ضرورتن جي پاڻي ۽ ميون ۽ ڀاڄي جي ضرورتن کي پاڻ پورو ڪندورهيوآهي. اهو پنهنجي صحت بخش آبهوا جي ڪري ڄڻ هڪ لحاظ کان باقي سنڌ جي ماڻهن لاء گرمين جي موسم جو Resort رهيو آهي. گرمين جي موسم ۾ جڏهين سڄي سنڌ ۾ لڪ ۽ گرم هوا جا جھوٽا هونڌا هئا تڏهين سرندي وارا ماڻهو پنهنجن ڪٽنبن سان ٿڌين هوائن جو مزو وٺڻ لاء ڪراچي جو رخ ڪندا هئا. پير علي محمد راشدي اهي ڏينهن اهي شينهن ۾ پنهنجي خاندان ۽ ٻين ماڻهن جي حوالي سان ان جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. بندر روڊ جي ماما پارسي اسڪول جا ان دور جا شاگرد ان ڳالھه کي ياد ڪن ٿا ته سندن اسڪول ۾ جيتوڻيڪ بجلي جا پکا لڳل هونڌا هئا پر انهن کي هلائڻ جي ضرورت نه پوندي هئي ۽ اهي سمنڊ کان ايندڙ هوا جي زور تي پنهنجي ليکي پيا هلندا هئا. ڪراچي جي هوا جو اهو تاثير هونڌو هو ته ٽي بي جي مريضن کي خاص طور تي ڪراچي وڃڻ جي صلاح ڏني ويندي هئي جتي اهي گھڻو ڪري دوا جي استعمال کانسواء صحت ياب ٿي ويندا هئا. هتي شهر کان ٻاهر اوجھا ٽي بي سينيٽوريم قائم ڪرڻ جو مقصد به اهو ئي هو. اها ٻي ڳاله آهي ته هاڻي شهر ۾ دونهون، شور ۽ گندگي جي ڪري ماحول جي آلودگي ايتري وڌي ويئي آهي جو صحت مند ماڻهو به هتي اچڻ کانپوء ساه ۽ ٻين بيمارين جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ ڊاڪٽرن پاران کيس فوري طور شهر ڇڏڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي. بندرروڊ جي روز ڌوپجڻ جو قصو گھڻو پراڻو ناهي. ساڳي ريت جتي هن وقت فٽ پاٿن ۽ ماڻهن جي پنڌ هلڻ جي جاين تي به قبضا ٿيل آهن اتي ماڻهو روڊن تي پنڌ پيا هلندا هئا ۽ ميونسپالٽي کي جاء جاء تي اهي نوٽس هڻي ماڻهن کي چوڻو پوندوهو ته اهي روڊن جي بدران فٽ پاٿن تي هلن.
ميون ۽ ڀاڄين جي پوک جي حوالي سان ملير مشهور رهيو آهي ۽ اڃا به ان جي گھڻن علائقن ۾ ميون جا باغ آهن ۽ پوک ٿئي ٿي پر ڇا ان ڳالھه تي ڪير هاڻي يقين ڪري سگهي ٿو ته لياري جي گھرن جي اڱڻن ۾ کجور جا وڻ هونڌا هئا جنهن جو ميوو هرسال پاڙي وارن ۾ ورهايو ويندو هو ۽ گھر۾ غربت هئڻ ڪري کاڌي جي طور تي به استعمال ٿيندو هو. پر اها هڪ حقيقت آهي جيڪا اسان جو دوست رمضان بلوچ پنهنجي لياري جي اڻ پوري ڪهاڻي جي نالي سان انگريزي ۾ ڇپيل ڊائري ۾ ٻڌائي ٿو. آزاد بلوچ اڃا ٿورو اڳتي ٻڌائي ٿو ته لياري نئين جي ٻنهي پاسن کان باغ هونڌاهئا جيڪي لياري، گوليمار، لالوکيت مطلب ته جيستائين نئين جو پيٽ هونڌو هو اوستائين هليا ويندا هئا ۽ هو انهن باغن مان ئي ٿيندا مختلف علائقن ۾ پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان ملڻ لاء ويندا هئا. هن وقت نئين جو پيٽ ته آهي پر اهو والار جو شڪار ۽ گند ڪچري سان ڀريل آهي ۽ اهي ميون جا باغ ۽ پکين جون لاتون الائي ڪيڏانهن گم ويون. آبپاشي لاء ماڻهن پنهنجا کوه کوٽيا هئا جڏهين ته شهر جي ٽي لک جي آبادي جي پاڻي جي ضرورتن لاء انگريزن پاران ڊملوٽي ۾ کوه کوٽيا ويا هئا. پاڻي جي نڪاس جو قدرتي نظام هو جنهن کي اهڙي ريت برقرار رکيو ويو هو جو مينهن جي پاڻي جو روڊن رستن تي بيهڻ جو سوال ئي نه هو.
اهو سڀڪجھ هاڻي ڄڻ هڪ خواب محسوس ٿئي ٿو جيڪو اڌ ۾ ٽٽي ويو آهي ۽ گھڻن ماڻهن کي جيڪي شهر جي ماحول کي پنهنجي انفرادي زندگي لاء ضروري خيال نه ٿا ڪن انهن ڳالهين جو ڪو اونو ڪونهي. دنيا جي صاف ترين شهرن ۾ ڳڻيو ويندڙ ڪراچي هن وقت گندن ترين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن وقت شهر پنهنجي سڀني ضرورتن پاڻي، ڀاڄين، ميون ۽ کاڌ خوراڪ لاء ملڪ جي ٻين علائقن جو محتاج آهي ۽ جيڪو به ڪاوڙجي ٿو اهو فوري ڪراچي جي پاڻي ۽ ٻين شين جي فراهمي کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿو. ڪراچي جا ڳوٺاڻا ۽ ٻيا پراڻا ماڻهو بجا طور اهو چون ٿا ته گذريل سٺ ستر سالن ۾ شهر آبادي، روڊن رستن، عمارتن، پلازائن ۽ هر طريقي سان وڌيو آهي پر ان سڀڪجھ ساڳي وقت شهر کي گھڻن حوالن سان پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. سندن اهو به چوڻ آهي ته شهر جي اها سڄي ترقي سندن معاشي ۽ سماجي تباهي جي قيمت تي ٿي آهي. ڏٺو وڃي ته ان سلسلي ۾ اهي ڪي گھڻا غلط به ناهن. ٿورو اندازو لڳايو ته جيئن آرڪيٽيڪٽ ۽ ڪراچي جي شهري مسئلن تي لکندڙ عارف حسن چوي ٿو ته ايستائين ملير ندي جي پيٽ مان اٽڪل سٺ ارب مڪعب فٽ ريتي ۽ بجري ڪراچي شهر جي تعميراتي مقصدن لاء ڪڍي ويئي آهي جيڪو سلسلو اڃا جاري آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت پاران جيتوڻيڪ پابندين وغيره جا گھڻا اعلان ڪيا ويا پر انهن جو به اهو ئي حشر ٿيندو آيو آهي جيڪو حڪومت جي ٻين حڪمن احڪامن جو ٿيو آهي. ساڳي ريت سماجي تنظيمن ۽ رضاڪارن جي ڪوششن جو به ڪو خاص کڙتيل نه نڪتو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته زمين ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي طاقت گھٽجي ويئي آهي جنهن جي ڪري زيرزمين پاڻي جي سطح هيٺ هلي ويئي آهي ۽ هاڻي کوهن لاء وڌيڪ کوٽائي ڪرڻي پئي ٿي پر پوء به پاڻي ملڻ جي پڪ نه ٿي هجي. شهر جي ڦهلجڻ، زرعي زمين جي شهري استعمال ۾ اچڻ، باغ ۽ وڻڪاري جي ختم ٿيڻ جي ڪري شهر ۾ مينهن جو تناسب گھٽجي ويو آهي جيڪو پڻ ماحول جي ابتري جو هڪ وڏو ڪارڻ آهي. ڇا اهو شهر جو هڪ وڏو الميو ناهي ته زرعي زمينن جي ختم ٿيڻ جي ڪري هاڻي ان کي ڀاڄيون وغيره گٽر باغيچي مان ٿيندڙ پوک مان فراهم ڪيون وڃن ٿيون جن جي انساني استعمال جي معيار متعلق هئڻ لاء گھڻا سوال اٿاريا وڃن ٿا. هن وقت لياري ۽ ملير نديون جن کي هڪ لحاظ کان ڪراچي جي شه رڳ ڪري ليکي سگھجي ٿو۽ جيڪي مناسب ڏيک ويک ۽ رٿابندي وسيلي ڪراچي جي ماڻهن جي سير تفريح ۽ پاڻي جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جا اهم ذريعا بڻجي سگھن ٿيون رڳو گند سان ڀريل نالا آهن جتي سڄي شهر جي ڪارخانن جو ڪچرو ۽ ٻيو گند ڦٽو ڪيو وڃي ٿو. سڄي ملڪ ۾ ماڻهو مينهن لاء دعائون گھرندا آهن پر ڪراچي ۾ ماڻهو چوندا آهن ته شل گھڻو مينهن نه پئي. ڇاڪاڻ ته نڪاس جي ناقص انتظام جي ڪري پاڻي روڊن رستن تي بيهي رهي ٿو ۽ ماڻهن جي روزمره جي زندگي جي معمولات متاثرٿئي ٿي. جڏهين ته ممبئي جهڙي شهر ۾ به جيڪڏهين لاڳيتو اٺ ڏينهن به مينهن وسندو رهي ته زندگي جي معمولات ۾ ڪو فرق نه ٿو اچي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جيئن ملڪ جي ٻين حصن ۾ ماڻهن دريا جي پيٽ تي قبضا ڪيا آهن ساڳي ريت هتي لياري ۽ ملير ندين سان گڏوگڏ جيڪي به پاڻي جي نڪاس جا قدرتي طور ٺهيل ننڍا وڏا نالا ۽ گھٽ گھيڙ آهن انهن سڀني تي قبضا ٿيل آهن. انهن قبضن ڪندڙن ۾ غريب غربن کانسواء وڏا ڪامورا، بينڪون، مسجدون ۽ هر قسم جا ماڻهو شامل آهن. ان سڀڪجھ جي ڄاڻ هوندي ۽ هر ڀيري مينهن جي ڪري شهر جي مفلوج ٿي وڃڻ جي باوجود به ڪاروائي نه ڪرڻ جو مقصد انهن قبضن پويان مستقل مفاد ۽ شهر سان لاتعلقي آهي. هن وقت شهر ۾ جن تعميراتي اسڪيمن جي منظوري ڏني ويئي آهي ان ۾ ان ڳاله جو بلڪل خيال نه رکيو ويو آهي ته ان سان شهر جي آرڪيالاجي ۽ ان جي تاريخي ورثي کي ڪيترو نقصان پهچندو. ان سلسلي ۾ مختلف تنظيمن جو احتجاج نقارخاني ۾ طوطي جي آواز بڻجي ويو آهي ۽ ڪو ان تي توجھ ڏيڻ لاء تيار ناهي.
شهرن جي ترقي هڪ رٿابندي هيٺ ڪئي ويندي آهي جيڪا ان جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جو هڪ تسلسل هوندي آهي ۽ انهن جي سونهن ۽ ماڻهن لاء ان جي ڇڪ ۾ واڌاري جو سبب بڻبي آهي. پر ڪراچي جي سلسلي ۾ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته ان شهر جو ڪو به تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر ناهي ۽ جيڪڏهين آهي به ته اهو ايترو اهم ناهي جو ان جي بنياد تي نالي ماتر ترقي جي عمل ۽ ڪجھ ماڻهن ۽ گروهن جي مفادن کي قربان ڪيو وڃي. نتيجي ۾ شهر ڪنڪريٽ جو هڪ جھنگ بڻجي ويو آهي جتي ماڻهو جي لاء رهڻ ڄڻ ته هڪ مجبوري آهي.

گرمي پد ۾ واڌ

دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن گرمي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، جنهن جا انساني زندگي جي طبعي، معاشي ۽ سماجي پاسن تي اثر پئجي رهيا آهن. هڪ تازي رپورٽ موجب گذريل ڪجھ سالن ۾ سال ۾ اهڙن ڏينهن جو تعداد ٻيڻو ٿي ويو آهي جڏهين گرمي پد پنجاه سينٽي گريڊ يا ان کان مٿي هجي. ساڳي ريت اهڙن ڏينهن جي تعداد ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي جڏهين گرمي پد 45 سينٽي گريڊ کان مٿي هجي. گڏوگڏ اهو اهڙن ملڪن ۽ علائقن ۾ پڻ ٿئي ٿو جت اڳ ايتري گرمي نه ٿيندي هئي. ممڪن آهي ته اهو سڀڪجھ فوري طور محسوس نه ٿيندو هجي پر ان جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن. ائين نه ٿو لڳي ته فوري طور ان جو ڪو تدارڪ ڪيو ويندو ِ جنهن جي ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ اها صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي ويندي.

گليشيئرز ۽ گرمي پد

گرمي پد جي وڌڻ جي ڪري گليشيئرز جي رجھڻ جو عمل تيز ٿي ويو آهي. گليشيئرز جي عمرسوين سال به آهي ۽ هزارين سال به آهي. ڄميل برف کي ڌرتي ۽ سمنڊ لاء هڪ حفاظتي ڪور ڪري ليکيو ويندو آهي جيڪو سج جي شعائن کي منعڪس ڪري مٿي خلا ۾ موڪليندو آهي ۽ ڌرتي ۽ سمنڊ کي ٿڌو رکندو آهي. انهن جي مطالعي مان سائنسدان مختلف دورن ۾ موسم ۾ آيل تبديلين جو اندازو پڻ لڳائيندا آهن.
انٽارڪٽيڪا ڌرتي جو اهڙو کنڊ آهي جيڪو سڀ کانپوء دريافت ٿيو. دريافت ٿيڻ کانپوء گھڻي ٿڌ هئڻ جي ڪري ان کي انساني آبادي لاء ناموزون سمجھيو ويو. هن وقت به پنجونجاه لک چورس ميل جي دنيا جي ان پنجين نمبر وڏي کنڊ جنهن جي ايراضي آسٽريليا کنڊ کان ٻيڻ تي آهي ۾ گرمي جي مند ۾ آبادي پنج هزار جي لڳ ڀڳ هوندي آهي جيڪا سردي جي مند ۾ گھٽجي هڪ هزار مس وڃي رهندي آهي. انهن مان گھڻن ماڻهن جو واسطو تحقيق ڪندڙ ٽيمن سان هوندو آهي. هتي ڪيئي دريا ۽ ڊنڍون آهن. دنيا جي نوي سيڪڙو برف ۽ سترسيڪڙو تازو پاڻي هتي موجود آهي. دنيا ۾ گھڻي ۾ گھڻا گليشيئرز هتي آهن، جڏهين ته ٻئين نمبر تي گرين لينڊ ۾ آهن. دنيا ۾ گرمي پد ۾ واڌاري جي ڪري گليشيئرز جي رجھڻ جو عمل تيز ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري دريائن، ڍنڍن ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. هتان جي 180 کرب ٽن برف جي رجھڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ سمنڊ جي سطح جي 1.6 فٽ وڌڻ جي نتيجن جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
هماليه جا جبل جن جي عمر دنيا جي ٻين جابلو سلسلن کان گھٽ ٻڌائي وڃي ٿي ۽ جيڪي اڃا تائين وڌي رهيا آهن اهي ڀارت، پاڪستان، نيپال، ڀوٽان، افغانستان ۽ چين ۾ آهن. هماليه ۽ هندوڪش جبلن جي سلسلي ۾ موجود گليشيئرز جي صورتحال به گھٽ تشويشناڪ ناهي. هتي گليشيرز جو تعداد پنجاه هزار کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو جن مان رڳو ٽيه تي باقاعدي نظر رکي وڃي ٿي ۽ رڳو پندرنهن متعلق رپورٽ وغيره شائع ٿي سگھيون آهن.
هماليه ۽ هندو ڪش جبلن جي سلسلي ۾ پنج ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا جڏهين ته اٽڪل ٻه ارب ماڻهن جو دارومدار ان جي پاڻي جي ذريعن تي آهي. هڪ اسٽڊي مطابق ڪاربن ڊاء آڪسائيد جي استعمال ۽ خاص طور گنگا ماٿري جي ميداني علائقن جي گندگي جي ڪري هڪ پاسي گرمي پد وڌڻ ۽ ٻئي پاسي جبلن تي ڪاراٺ ڄمڻ جي ڪري هماليه جي گليشيئرز جي رجھڻ جو عمل تيز ٿي ويو آهي. 1975 کان 2000 تائين جيتري يرف رجھي آهي 2000 ۽ 2016 جي وچ اها ان کان ٻيڻ تي رهي آهي. ان اربين ٽن برف جي رجھڻ سان دريائن ۽ ڍنڍن وغيره جي سطح وڌي وڃي ٿي ۽ بوڏن وغيره جي ڪري انساني آبادين تي اثر پئي ٿو جئئن. تازو ڀارت جي علائقي اترا کنڊ ۾ گليشيرز وغيره جي ڪري آيل بوڏ جي صورتحال جنم ورتو هو جنهن جي ڪري ان مسئلي تي فوري طور غور ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي. برف جي رجھڻ جي ڪري هڪ ته گليشيئرز جي هيٺان جيڪا مٽي هجي ٿي اها نرم ٿي وڃي ٿي ۽ ٻيو ان رجھڻ جي عمل کانپوء جيڪا برف بچي ٿي اهي بيئي لينڊ سلائيڊنگ جي صورت ۾ ڪرن ٿيون جنهن سان رستا بند ٿي وڃن ٿا، دريائن ۽ڍنڍن جا وهڪرا بدلجي وڃن ٿا ۽ انهن جي سطح وڌي وڃي ٿي. 2012 ۾ پاڪستان جي سياچين جي علائقي ۾ برف جي اهڙي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ سو چاليھه فوجي ان جي هيٺان اچي مري ويا هئا.
اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته جيڪڏهين ڪاربن جي ڦهلاء تي ضابطو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ گرمي پد 1.5 سينٽي گريڊ کان وڌي وڃي ٿو ته ڇاهٺ سيڪڙو گليشيئرز ختم ٿي ويندا ۽ جيڪڏهين ان کي 1.5 سينٽي گريڊ تائين رکيو وڃي ٿو ته به اٽڪل ٽيٽيھه سيڪڙو گليشيئرز ختم ٿي ويندا.
اها هڪ تشويش جوڳي صورتحال آهي. ماهرن اندازو لڳايو آهي ته ان سان موسمن ۾ تبديلي ايندي ۽ مون سون جو نظام پڻ متاثر ٿيندو. گھٽ مينهن پوڻ جي ڪري پوکن تي اثر پوندو ۽ نتيجي ۾ مختلف ملڪن ۾ ڏڪر واري صورتحال به پيدا ٿي سگھي ٿي.
ڀارت جا هن وقت پاڪستان ۽ چين سان جيڪي تنازعا موجود آهن، ان جي ڪري ان سلسلي ۾ ڪنهن گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ ان صورتحال جي ڪنهن حد تائين تدارڪ ڪرڻ ۾ ڏکيائي اچي رهي آهي. جيئن ته انهن حالتن سان انهن سڀني ملڪن جا ماڻهو متاثر ٿيندا ان ڪري ان حوالي سان هڪٻئي سان سهڪار جي ڪا واٽ ڳولهڻ ضروري آهي.

ڪراچي جا ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا

ڪراچي جي لاءِ عام تاثر اهو آهي ته هتي بس مائي ڪلاچي جي نالي سان هڪ ڳوٺ هوندو هو جيڪو سمنڊ جي ڪناري هئڻ ڪري هڪ اهم تجارتي مرڪز ۽ اڳتي هلي هڪ ڪاسموپوليٽن شهر بڻجي ويو. جڏهين ته باقي هڪ غيرآباد علائقو هو جتي ڪا انساني آبادي نه هئي. حقيقت اها آهي ته هتي شهر جي ٻنهي اهم ندين، لياري ۽ ملير، جي ڪنارن تي سوين ڳوٺ آباد هئا جتي ڳوٺاڻا ٻني ٻاري ۽ جانورن وغيره پالي پنهنجو گذران ڪندا هئا. مختلف قبيلن جهڙوڪ جوکيا، نومڙيا، برفت، ڪلمتي وغيره هتي صدين کان آباد هئا جن کي ڪلهوڙن ۽ ٻين حڪمرانن پاران گھرن ۽ زمينن جي ملڪيت جون سندون مليل هيون. هڪ واپاري رستي هئڻ ڪري انهن قبيلن جو ڪم تجارتي قافلن جي حفاظت ڪرڻ پڻ هوندو هو. انهن جا بلوچستان جي ماڻهن سان خاص ۽ ويجھا ناتا هوندا هئا.
انگريزن جي ڪراچي تي قبضي کانپوءِ سندن سڄي توجھ بندرگاه ۽ ان جي چوڌاري علائقن تي هئي. صدر ۽ وڌ ۾ وڌ به گرومندر تائين شهر جي حد ختم ٿي ٿي ويئي. ايستائين ته لياري ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن کي به شهر کان ٻاهر ليکيو ٿي ويو. اهي ڳوٺ ڇڙوڇڙ ۽ هڪ ٻئي کان ڪٽيل هوندا هئا جتي تعليم، صحت، پاڻي ۽ سيوريج وغيره جي ڪا سهولت نه هئي. انگريزن پاران اهي سهولتون به سندن مقرر ڪيل شهر جي حدن تائين هيون. انهن ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي استعمال جو پاڻي به انهن ندين مان حاصل ڪندا هئا.
هئڻ ائين کپندو هو ته شهر جي واڌ ويجھ جو هتان جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن کي فائدو ملي ها. پر ڳاله ان جي ابتڙ ٿي. گھڻي ڀاڱي ڳوٺاڻا شهر جي ترقي جي ڪري پنهنجن اجھن ِ۽ روزگار جي ذريعن کان به محروم ٿي ويا.
ورهاڱي کانپوء ڪراچي ۾ وڏيون تبديليون واقع ٿيون. هڪ ته وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي ڪري شهر جي آبادي ۾ گھڻو واڌارو ٿيو ۽ ٻيو شهر نئين ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻجي ويو. هندوستان لڏي ويل هندن جون جايون نون آيلن لاء ڪافي نه هيون. ان لاء نين آبادين کي ٺاهڻ جي ضرورت هئي. ان سلسلي ۾ اهو فرض ڪيو ويو ته ڪراچي جي پراڻي شهر کانسواء باقي سڄو ويران پٽ آهي ۽ اتي ڪا انساني آبادي ناهي.
شهر کي وڌائڻ ۽ نين آبادين کي ٺاهڻ ۾ ڪراچي جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جو اهو ڪردار هو ته انهن کي انهن ڳوٺن مان لڏايو ويو، انهن جي گھرن کي ڊاٿو ويو ۽ جيڪڏهين ڪجھ .باقي به رهڻ ڏنو ويو ته انهن کي هڪ غيراهم ۽ بيڪار شي وانگر هڪ ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. شروع ۾ لالو کيت ۽ ان کان اڳتي فيڊرل ايريا ۽ نيو دهلي جي طرز تي نيوڪراچي جون وستيون قائم ڪيون ويون. هتي ڪي ڪي ڳوٺ ائين رهجي ويا. لالو کيت جي بلڪل وچ ۾ ڊاڪخاني جي اسٽاپ جي ويجھو حاجي مريد ڳوٺ، جتي ڪجھ عرصو ليکڪ، صحافي ۽ اسان جو دوست فقير محمد لاشاري به رهيو هو ۽ عزيز آباد ويجھو سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر ۽ اسان جي دوست فتح محمد برفت جي ڀنگوريا ڳوٺ کي ڏسي سگھجي ٿو.
اهو سلسلو هڪ جاء تي نه بيٺو بلڪ جيئن شهر ڦهلجندو ويو، نوان ڪارخانا لڳا، ملڪ جي ٻين علائقن ۽ ٻين ملڪن مان ماڻهو مختلف ڪارڻن جي ڪري هن بندرگاه واري شهر ۾ ايندا ويا، نيون آباديون قائم ٿيون ۽ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا ان جو شڪار ٿيا. گلشن اقبال 1970 جي ڏهاڪي ۾ آباد ٿيڻ شروع ٿيو. لڳندو ائين هو ته هتي ڪا انساني آبادي ناهي. گرومندر کان ڪراچي يونيورسٽي تائين پراڻي سبزي منڊي، حسن اسڪوائر، اڙدو سائنس ڪاليج ۽ نيپا جون عمارتون ئي هونديون هيون. پر اهو سڄو علائقو مختلف ڳوٺن تي مشتمل هو جن جو جديد شهري سهولتن نه هئڻ ڪري شهر سان ڪو سرگرم لاڳاپو نه هو. انهن مان گھڻن ڳوٺن کي ڊاهي هڪ نئون شهر اڏيو ويو جتي تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ ٻيون شهري سهولتون آهن جيڪي ان کان اڳ اتي رهندڙ ڳوٺاڻن کي ميسر نه هيون. جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ رهجي ويا اهي به آهستي آهستي بلڊرز ۽ شهر جي رٿابندي ڪندڙ ڪامورن جي مهربانين سان نئين آبادي ۾ ضم ٿيندا ويا ۽ ڳوٺن جا رڳو نالا رهجي ويا.
ٻين ڳوٺن ۾ ٻني ٻارو ته ختم ٿي ويو هو ۽ ڳوٺاڻا گھڻو ڪري مال تي گذر بسر ڪندا هئا پر ملير اهڙو علائقو هو جتي ٻني ٻارو به ٿيندو هو ۽ مختلف ميون وغيره جا باغ به هوندا هئا. هتان مختلف قسم جون ڀاڄيون ۽ ميوا وغيره شهر جي مارڪيٽ ۾ ويندا هئا. هتان جي باغن وغيره ۾ گھڻا ماڻهو خاص طور ويڪ اينڊ گذارڻ ويندا هئا. منهنجو به ڪڏهين گھمڻ ۽ ڪڏهين دوستن سان ملڻ لاء مختلف ڳوٺن ۾ وڃڻ ٿيندو هو. خاص طور ڄام ڳوٺ، ڪالا بورڊ وٽ صديق وليج، کوکرا پار ۾ ملير نئين جي ٻئي پاسي سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ۽ منزل پمپ جي ويجھو جاجي پير ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو. جيتوڻيڪ اڃا تائين ملير ۾ اهڙا ڳوٺ آهن جتي باغ آهن ۽ ٻني ٻارو ٿئي ٿو پر گھڻن علائقن ۾ شهر گھڙي آيو آهي ۽ اهو عمل اڃا جاري آهي.
ملير هڪ وسيع علائقو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوء پي اي سي ايچ ايس، سنڌي مسلم سوسائٽي، ڪي ڊي اي اسڪيم نمبر ون ۽ محمد علي سوسائٽي وغيره کي ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هتي وفاقي حڪومت جي ڪامورن ۽ نئين ملڪ جي ٻئي ايليٽ کي عاليشان ۽ آرام ده بنگلا ٺاهي ڏجن جتي زندگي جي هر آسائش موجود هجي. ريوينيو ريڪارڊ ۾ هن وقت به سنڌي مسلم سوسائٽي واري چوواٽي کي ملير ناڪي جي نالي سان سڏجي ٿو. ساڳي ريت سڄي شاهراه فيصل ۽ اڳتي نيشنل هائي وي هن وقت جديد سهولتن وارين نين آبادين سان ڀريا پيا آهن. ڊرگ روڊ واري پل جي ٻئي پاسي واري علائقي کي اڃا به ناٿا خان ڳوٺ چيو وڃي ٿو. منهنجو اڪثر ان پل تان گذر ٿيندو آهي ۽ بسن ۽ ويگنن جي ڪنڊڪٽرن کي ناٿا خان جون رڙيون ڪندو ٻڌندو آهيان پر مون کي اوسي پاسي اهڙي ڪنهن نالي جو ڳوٺ نظر نه آيو آهي. ان کان اڳتي به جيتوڻيڪ ملير جو علائقو آهي پر ڪٿي به ڳوٺن جو نالو نشان نه ٿو ملي. صديق وليج ۽ سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ جي گھرن ۽ رستن وغيره جي صورتحال اهڙي آهي ڄڻ اها ڪا ڪچي آبادي هجي. اها ساڳي صورتحال قائد آباد کان اڳتي منزل پمپ جي ويجھو حاجي پير ڳوٺ جي آهي جتي اسان جو دوست ۽ اسٽيٽ بينڪ جو سينيئر آفيسر شوڪت بزنجو رهندو آهي. ان جي ويجھو ئي ڪوهي ڳوٺ آهي جتي ڊاڪٽر شيرشاه سيد عورتن جي بيمارين جي علاج لاء اسپتال قائم ڪئي آهي جيڪا سڄي سنڌ جي غريب ۽ ڏتڙيل عورتن جي خدمت ڪري رهي آهي.
پاڪستان اسٽيل ۽ پورٽ قاسم جي ٺهڻ وقت هتان گھڻن ڳوٺن کي لڏايو ويو. پر اڃا به انهن جي ڀرپاسي ۾ گھڻا ڳوٺ موجود آهن جتي اسڪول ۽ صحت وغيره جون ناڪافي سهولتون آهن جڏهين ته ان جي ڀر پاسي وارين آبادين گلشن حديد، اسٽيل ٽائون ۽ پورٽ قاسم جي سوسائٽي جي رهائشين کي جديد سهولتون حاصل آهن. هن وقت بحريا ٽائون، ڊي ايچ اي ۽ ٻيا انيڪ هائوسنگ پروجيڪٽ ڳوٺن وغيره کي ڊاهي ۽ ڳوٺاڻن جي زمينن تي قائم ڪيا ويا آهن. ان ڪم ۾ بلڊرز، ريوينيو جا ڪامورا ۽ سياستفان شامل آهن جن ريڪارڊ ۾ هير ڦير ڪري انهن زمينن جي ملڪيت کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
شهر جي جيڪا صنعتي ترقي ٿي ۽ پاڪستان اسٽيل ۽ پورٽ قاسم جهڙيون وڏيون رٿائون ٺاهيون ويون اهي سڀ ڳوٺن کي ختم ڪري ئي ٺاهيون ويون.
هتان جي ماڻهن ۽ سندن ڳوٺن جي حالت کي ڏسندي اها ڳالھه واضح ٿئي ٿي ته انهن کي اتي ئي ڇڏيو ويو آهي جتي اهي نين آبادين جي قائم ٿيڻ کان اڳ موجود هئا. انهن جي پسماندگي ۽ سماجي طرح پٺتي رهڻ لاء مختلف ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون گھڙي ان جو سڄو ڏوه انهن تي ئي مڙهيو ويو آهي. ان ڳالھه کي وڏي پئماني تي هلايو وڃي ٿو ته اهي ماڻهو سست آهن، ڪم نه ٿا ڪرڻ چاهين ۽ انهن پاڻ ٻين ماڻهن کي پنهنجون زمينون وغيره وڪرو ڪري ڏنيون آهن. ڏٺو وڃي ته دنيا جي جن به ملڪن ۾ ڪالونائيزيشن ٿي آهي ۽ مقامي ماڻهن جي گھرن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن اتي انهن ماڻهن لاءِ اهي ئي ڳالهيون هلايون ويون آهن. اهي سڀ پنهنجي قبضي کي جائز ۽ صحيح ثابت ڪرڻ لاء جواز گھڙيا ويندا آهن. جيڪڏهين انهن ماڻهن کي تعليم، صحت، سڙڪون ۽ ٻيون شهري سهولتون ڏنيون وڃن ها ۽ انهن جي زندگي گذارڻ جي طريقي کي جديد طرز تي استوار ڪيو وڃي ها ته انهن جي صورتحال مختلف هجي ها. اهڙا انفرادي مثال موجود آهن پر اهي رڳو استثنا آهن. ان صورت ۾ اهي ماڻهو هڪ پٺتي پيل ۽ پسمانده زندگي نه گذارين ها پر ان شهر جو ضروري حصو هجن ها جيئن ٻين ملڪن ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا هوندا آهن.
انهن ماڻهن کي سندن گھرن ۽ روايتي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪيو ويو جڏهين ته انهن کي ان قابل به نه ڪيو ويو ته اهي شهر جي جديد زندگي ۾ ضم ٿي پنهنجي لاء روزگار جا نوان ذريعا حاصل ڪري سگھن. ان ڪريِ انهن ۽ انهن جي ڀر ۾ رهندڙ نين آبادين جي ماڻهن ۾ هڪ واضح فرق پيدا ٿي پيوآهي جن کي تعليم صحت، صاف پاڻي ۽ ٻيون شهري سهولتون حاصل آهن جن کان اهي ڳوٺاڻا محروم آهن .انهن جي زندگي گذارڻ جو طريقو اهو ئي پراڻو آهي. اهڙي ريت شهر ۽ ان جا ماڻهو اڳتي وڌي ويا ۽ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا پوئتي رهجي ويا. منهنجو هڪ دوست مون کي چوندو آهي ته خاص طور ڪراچي جي ڳوٺاڻن سان جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان کي نظر ۾ رکندي اهي ريڊ انڊين واري سطح جي ويجھو آهن. پر آئون اڃا ان کان ٿورو اڳتي ويندي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪيان ته اهي اڳ ئي ان سطح تي پهچي چڪا آهن. اهي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي لحاظ کان نه رڳو هڪ پسمانده زندگي گذاري رهيا آهن پر ان زندگي ۾ ئي انهن کي قيد رکڻ لاء اهڙو وڏيرڪو ۽ سرداري سرشتو ٺاهيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به ريت ان شڪنجي مان آزاد ٿيڻ نه ٿو ڏئي.

لاھور

شهرن جي ترقي رڳو عاليشان روڊ رستا، پلون ۽ وڏيون گھڻ ماڙ عمارتن ٺاهڻ ۾ ناهي. پر ساڳي وقت ان ڳالھه کي ڏسڻ ۽ يقيني ڪرڻ آهي ته اهو شهر ماڻهن جي رهڻ لاء ڪيترو مناسب آهي ۽ ڇا واقعي اتي رهندڙ حقيقي معني ۾ سک جو ساه به کڻي سگھن ٿا يا نه.
لاهور کي باغن جو شهر چيو ويندو آهي. تاريخي جاين جي حوالي سان به شهر جي هڪ خاص حيثيت آهي. مختلف حڪمرانن پاران شهر جي ترقي جي حوالي سان به وڏا دعوا ڪيا وڃن ٿا. پر ڇا هن وقت لاهور اهڙو شهر رهيو آهي جنهن ۾ ماڻهو سک جو ساه کڻي سگھي. پهرين ڳالھه ته سموگ ۽ ڌنڌ جي ڪري سياري جا ڪجھ مهينا شهر جي زندگي معطل هوندي آهي. ماڻهن جي گھر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ ساه کڻڻ ممڪن ناهي هوندو. ڏينهن جو گھڻو وقت سج نظر نه ايندو آهي. شهر جي سڙڪن ۽ هائي وي تي سفر ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو. شروع ۾ ان جي لاء مختلف ڪارڻ ڄاڻايا ٿي ويا ۽ اهو چيو ٿي ويو ته اهو لاباري کانپوء جي ڪچري ساڙڻ جي ڪري ٿئي ٿو. پر اهو رڳو اڪيلو ڪارڻ نه هو. اصل ڪارڻ جي ڄاڻ نه پيئي ۽ نه ئي ان تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي صورتحال ڏينهون ڏينهن ابتر ٿي رهي آهي ۽ عالمي ادارن پاران لاهور کي دنيا جو آلوده ترين شهر قرار ڏنو ويو آهي.
راوي دريا ڄڻ لاهور شهر جو هڪ حصو رهيو آهي. ڪو وقت هو ته اهو شاهي قلعي سان گڏ وهندو هو. دريا جي ان وهڪري جا نشان اڃا موجود آهن ۽ انهن کي ڏسي سگھجي ٿو. سنڌ طاس ٺاه تحت دريا کي ڀارت جي حوالي ڪرڻ کانپوء پاڪستان لاء اهو هڪ ختم ٿيل دريا بڻجي ويو هو جنهن کي مئل دريا جو نالو به ڏنو ويو هو. تازو آيل هڪ رپورٽ ۾ راوي کي دنيا جو آلوده ترين دريا قرار ڏنو ويو آهي جنهن جو مک ڪارڻ دوائن جي ڪمپنين پاران پنهنجو سڄو ڪن ڪچرو دريا ۾ وجھڻ آهي. ٻئي پاسي ڀارت دريا جو صاف پاڻي ته پاڻ استعمال ڪري ٿو جڏهين ته سڄو گند ڪچرو پاڪستان جي پاسي موڪلي ڇڏي ٿو. ساڳي وقت ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته هن وقت جنهن راوي هائوسنگ پروجيڪٽ جي ڳالھ ڪئي پيئي وڃي، جيڪو هڪ لحاظ کان هڪ نئون شهر هوندو، اهو پڻ راوي کي اڃا وڌيڪ آلوده ڪرڻ جو هڪ اهم عنصر هوندو. اهڙي ريت لاهور جي هوا به آلوده آهي ۽ شهر جون لهرون به. اهو سڀڪجھ نظر اچي ٿو پر ان سلسلي ۾ ڪي جوڳا قدم نه ٿا کنيا وڃن.
گھڻا اهڙا ماڻهو جيڪي نسلن کان شهر ۾ رهندا اچن ۽ جن جي لاء اهو شهر هڪ رومانس مثل رهيو آهي هاڻي اها ڳالھه ڪن ٿا ته شهر اڳ جيان نه رهيو آهي بلڪه هڪ لحاظ کان اهو رهڻ جهڙو به نه رهيو آهي. اها ڳالھه مختلف اردو اخبارن جي ڪالمن ۾ ڏسي سگھجي ٿي.

مرمرا سمنڊ

پاڻي کانسواء ڌرتي تي زندگي جو تصور نه ٿو ڪري سگھجي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته انسان ٻين سيارن تي جڏهين زندگي جي ڳولها ڪري ٿو ته پهرين ان ڳالھه جي پڪ ڪري ٿو ته آيا اتي پاڻي موجود آهي ۽ جيڪڏهين آهي ته ان جي خاصيت ۽ مقدار ڇا آهي. ڇا اهو ڪنهن به طرح جي جيوت لاء ڪافي هوندو.
انسان هر اهو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو کيس پنهنجي انت ڏانهن وٺي وڃي. هن وڻ ٽڻ، جانور مطلب ته ڪابه شي جنهن کي هو پنهنجي لاء فوري فائديمند سمجھندو هجي تباه ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي آهي. پاڻي جي ذخيرن سان جيڪا هٿ چراند ڪئي ويئي آهي ۽ مختلف تنبيهن جي باوجود دريائن تي ڊيمن وغيره ٺاهڻ جو جيڪو سلسلو لاڳيتو هلندو آيو آهي ان جا سياسي، سماجي ۽ ماحولياتي نتيجا سڀني جي آڏو آهن. ان سان گڏوگڏ ڍنڍن، دريائن ۽ سمنڊن وغيره ۾ جيڪو ڪارخانن جو ۽ ٻيو گند ڪچرو اڇلايو وڃي ٿو ان جا سڄي جيوت تي ڪهڙا اثر پون ٿا ان جي سڀني کي ڄاڻ آهي.
سمنڊ جيوت کي جنم ڏيڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ ۾ هڪ اهم ڪردارادا ڪري ٿو. آڪسيجن جي فراهمي کان سواء جيوت جو باقي رهڻ ناممڪن آهي ۽ ان ۾ سمنڊ جي جيتري اهميت آهي ان جي سڀني کي ڄاڻ هئڻ گھرجي. تازو بي بي سي هڪ رپورٽ ڏني آهي ته ترڪي جي شهر استنبول جي ويجھو مرمرا سمنڊ جي تري ۾ گندگي جي ته ڄمڻ شروع ٿي ويئي آهي جيڪا وقت سان گڏوگڏ وڌنڌي ويندي. رپورٽ موجب ان سان سامونڊي جيوت به متاثر ٿيندي ۽ ساڳي وقت آڪسيجن جي فراهمي تي پڻ اثر پوندو. ڏٺو وڃي ته دنيا جي ٻين سمنڊن ۾ به صورتحال گھڻي مختلف نه هوندي. ماحول جي حوالي سان اهو سوچڻ جو هڪ ٻيو نڪتو آهي. پر لڳي ٿو ته جيئن ٻين اهڙن مسئلن تي ڪا خاص توجھ ناهي ڏني ويئي اهڙي ريت اهو مسئلو به پس منظر ۾ هليو ويندو.

لياري، ملير نديون ۽ ڪراچي

ڪراچي شهر جي ماحوليات جي حوالي سان ننڍين وڏين موسمي ندين جي وڏي اهميت آهي. انهن ۾ لياري ۽ ملير نديون مرڪزي حيثيت رکن ٿيون. لياري ندي پنهنجي ڪيچمينٽ مان مينهن جو پاڻي گڏ ڪري اتر اوڀر مان ٿيندي شهر جي مرڪز مان لنگھندي اٽڪل پنجاه ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ان نئين جي پاڻي جو ڪراچي شهر ۾ مينهن سان گھڻو واسطو ناهي. مون اهڙي وقت ۾ نئين کي ڪنارن تائين وهندي ڏٺو آهي جڏهين ڪراچي ۾ مينهن ۽ ڪڪر جو نالو نشان نه هو.
1970 جي ڏهاڪي تائين نئين ۾ صاف پاڻي ۽ مڇي هوندي هئي. ٻني ٻارو ٿيندو هو ۽ باغ هوندا هئا. خير ان ڳالھه جي مونکي گھڻي يادگيري ناهي پر پراڻا دوست ٻڌائيندا هئا ته اهي لياري کان گارڊن تائين نئين مان باغن مان ٿيندا ويندا هئا. جيتوڻيڪ اهي ٻنيون ۽ باغ ختم ٿي ويا پر لالو کيت سميت اڃا تائين به شهر جي مختلف علائقن جا نالا پراڻن ڳوٺن جي نالن سان مروج آهن.
انگريزن جي دور ۾ شهر جي نئين سر ترتيب جي حوالي سان نئين جي رخ کي به بدلايو ويو.ان جا نشان پراڻي شهر ۾ اڃا نظر اچن ٿا. اسان جي بغدادي واري گھر جي سامهون ڌوٻي گھاٽ هوندو هو جنهن کي پوء گارڊن واري پاسي منتقل ڪيو ويو پر اهو پوء به ڌوٻين جي استعمال ۾ رهندو هو ۽ ان کي پراڻو ڌوٻي گھاٽ چيو ويندو هو جڏهين ته گارڊن واري کي نئون ڌوٻي گھاٽ. پراڻو ڌوٻي گھاٽ هاڻي ختم ٿي چڪو آهي پر ان جو نالو اڃا برقرارآهي. ساڳي ريت نئين لياري کي کارادر ۽ مٺا در کان ڌار ڪندي هئي. ڪڪري گرائونڊ کي اهو نالو ان ڪري ڏنو ويو ته هتي نئين ڪڪريون ۽ پثر کڻي ايندي هئي. نئين جي رخ موڙڻ کانپوء هتي کارادر مٺادر تي مشتمل اولڊ ٽائون جي علائقي کي ٺاهيو ويو.
لياري جي هڪ پراڻي رهاڪو جو چوڻ آهي ته هن نئين کي خاص طور مون سون جي مينهن ۾ وهندي ڏٺو آهي. سٺ ۽ سترجي ڏهاڪن ۾ آهستي آهستي ان جي خشڪ حصن تي خاص طور هندوستان جي مختلف حصن مان آيل پناهگيرن ۽ ميانوالي جي ماڻهن قبضا ڪري پڪا گھر ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ هن وقت نئين ساڳي ريت نٿي وهي. ڀٽو جي دور ۾ اهو ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته نئين جي پيٽ کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري ماريپور روڊ کان سهراب ڳوٺ تائين هڪ سرڪلر بوٽ سروس شروع ڪئي ويندي پر ڀٽو حڪومت جي خاتمي کانپوء لياري جي ٻين گھڻين رٿائن جيان اها رٿا به ختم ٿي ويئي. نئين ۾ مينهن جي ڪري وقت بوقت ٻوڏ اتي ويٺل ماڻهن کي متاثرڪيو ٿي. ان کان بچاء لاء رڪاوٽون ۽ بند وغيره ٺاهيا ويا.
1986 ۾ نئين جي ڪنارن کان شهر ۾ مختلف علائقن کي ڳنڍڻ لاء هڪ ايڪسپريس وي ٺاهڻ جي رٿا جوڙي ويئي. پر پوء اهو ڏسندي ته ان سان اٽڪل هڪ لک ماڻهو ان وقت متاثر ٿيا ٿي ان کي ترڪ ڪيو ويو. مشرف جي دور ۾ ان جو وري احياء ڪيو ويو. اهو نئين جي ٻنهي ڪنارن کان اٽڪل سورنهن ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. 2002 ۾ ان تي ڪم شروع ڪيو ويو پر ان وقت ان تي ڪو اتفاق رائي پيدا نه ڪيو ويو هو ۽ نتيجي ۾ گھڻن گھرن، اسڪولن ۽ بين جاين کي غيرقانوني قرار ڏيئي ڊاٿو ويو جنهن جي ڪري هڪ وڳوڙ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي هئي. انهن مسئلن جي حل نه ٿيڻ جي ڪري ان ايڪسپريس وي جو ڪم گھڻي عرصي تائين ملتوي رهيو.
ڪراچي جي ٻي اهم نئين مليرآهي ان جون ٻه اهم شاخون ٿڌو ۽ سکڻ آهن. اها اتر اوڀر مان شهر جي وچ مان ٿيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها مينهن جي مند ۾ لکين گيلن پاڻي کڻي اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. ان پاڻي کي ڪنهن حدتائين ذخيري ڪرڻ لاء ملير ڊيم ٺاهيو ويو آهي ته جيئن خشڪ سالي وقت ان پاڻي کي ڪم ۾ آڻي سگھجي.
ملير جا ماڻهو چوندا آهن ته ڪراچي شهر جي تعمير ۽ ترقي سندن روزگار ۽ ٻني ٻاري جي قيمت تي ٿي آهي. ان جو ڪارڻ آهي ته شهر جي تعميراتي ڪمن لاء وڏي پئماني تي نئين جي پيٽ مان ريتي ۽ بجري ڪڍي وڃي ٿي. ان جي ڪري نئين جي پيٽ ۾ پاڻي کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت گھتجي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ گھڻن کوهن جي پاڻي جي سطح هيٺ هلي وڃي ٿي يا اهي سڪي وڃن ٿا. ان جي خلاف ملير جي ماڻهن به احتجاج ڪيو آهي ۽ ٻين ماڻهن به. پر اهو پنهنجي ليکي هڪ منجھيل سمئلو آهي. هڪ ته ان کانسواء ڪراچي ۾ تعميراتي ڪمن جو ٿيڻ ممڪن ناهي ۽ ٻي ڳاله ته ان ۾ گھڻا مستقل مفاد شامل آهن. ان ڌنڌي ۾ رڳو ٻاهريان ماڻهو نه پر ملير جا وڏيرا ۽ معتبر ماڻهو به شامل آهن جن جا اربين روپيا دائو تي لڳل آهن. جن ماڻهن ان سلسلي ۾ ڪوششون ڪيون آهن اهي نه رڳو ناڪام ٿيا آهن پر گھڻن کي ان سلسلي ۾ پنهنجي جان جو جوکم به کڻڻو پيو آهي. ليکڪ بدر ابڙو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته هڪ ڀيري سندس سگنل تي بيٺل ڪار کي پويان ڪنهن ريتي بجري جي ٽرڪ اچي ٽڪر هنيو جنهن ۾ ڪار ته تباه ٿي ويئي پر معجزاتي طور هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ ويٺل دوست بچي ويا. ان جو ممڪنه ڪارڻ هو ٻڌائي ٿو ته هن اخبار ۾ ريتي بجري مافيا خلاف لکڻ شروع ڪيو هو جنهن کان سندس ڪنهن دوست کيس منع به ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ڪجھ ماڻهن وٽ ان جي لاء اجازت ناما به آهن. پر هن کيس ان ڳالھه تي قائل ڪيو هو ته اجازت نامي جو مطلب اهو ناهي ته ڪوبه غلط ڪم ٿيندو رهي.
ان جا ملير جي زراعت تي نهايت اگرا ثر ٿيا آهن. هاڻي ٿيندو ائين آهي ته پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت گھٽجڻ جي ڪري مينهن جي مند ۾ ڪيچمينٽ ۾ ٿوري به مينهن جي ڪري نئين پنهنجن ڪنارن کان نڪري ايندي آهي ۽ شهر جي مختلف علائقن کي ٻوڙي ڇڏيندي آهي. اٽڪل ٽيه پنجٽيه سال اڳ جي ڳالھه آهي. ان وقت آئون سنڌي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هوس. پارٽي پاران ڪالابورڊ ملير ويجھو صديق وليج ۾ لطيف ڊي ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو. ان ڏينهن ڪراچي ۾ سخت مينهن وسي رهيو هو. صورتحال اهڙي هئي جو پروگرام جو ٿيڻ اٽڪل ناممڪن هو. پر اسان ٻه ڄڻا لي مارڪيٽ کان بس ۾ ڪالا بورڊ پهتاسين. اتي جنهن گرائونڊ ۾ پروگرام ٿيڻو هو اهو سڄو پاڻي سان ڀريل هو. نئين اٿلي هئي ۽ روڊ رستا سڀ پاڻي ۾ ٻڏل هئا. واپسي لاء ڪنهن سواري جو ته سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. جيئن تيئن ڪري ناٿا خان تائين پهتاسين پر اتي پاڻي نئين جي ڪنارن کان ٿيندو پل تائين پهچي ويو هو. اسان ٻيئي ڄڻا هٿ ۾ هٿ ڏيئي وڏي ڏکيائي سان پل پار ڪري سگھياسين. هن وقت به نئين جي چاڙه جي وقت خاص طور ڪورنگي روڊ ته پاڻي جي ڪري بند ٿي ويندو آهي.
انگريزن جي دور ۾ شهر کي پاڻي ڏيڻ لاء ملير نئين جي پيٽ ۾ هاڻوڪي گڏاپ ٽائون جي ويجھو مختلف مرحلن ۾ کوه کوٽيا ويا جن جو ٿعداد سورنهن تائين پهتو. انهن کي ڊملوٽي جا کوه چيو ويندو آهي ۽ هتان شهر کي روزانو ٻه ڪروڙ گيلن پاڻي ملندو هو. نئين مان مٽي لاڳيتو نڪرندي رهي. سرڪار ان کي ته روڪي نه سگھي پر ان انهن کوهن جي ويجھڙ کان مٽي ڪڍڻ تي پابندي وجھي ڇڏي. پر اها به گھڻو عرصو برقرا ر نه رهي ۽ ڪامورن ۽ بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت سان هتان به مٽي نڪرڻ شروع ٿي ويئي. نتيجي ۾ اهي کوه سڪي ويا ۽ انهن مان شايد هڪ اڌ هلندڙ آهي جنهن مان واٽر بورڊ جي عملي جي ڪالوني کي پاڻي ملي ٿو. علائقي جي آبادگارن جو چوڻ آهي ته انهن کوهن جي سڪڻ جي ڪري سندن زمينن ۽ زراعت کي نقصان پهتو آهي. سندن چوڻ آهي ته هن وقت زير زمين پاڻي جي سطح مٿي ٿي آهي ۽ انهن سرڪار کي چيو آهي ته انهن کوهن جي بحالي لاء ڪوششون ورتيون وڃن پر صوبائي حڪومت ۽ واٽر بورڊ جي ان ۾ ڪا دلچسپي نظر نه ٿي اڇي. سندن ڇوڻ آهي ته اهي هاڻي فائديمند ناهن رهيا.
سمنڊ ۾ ان ٻنهي ندين جو صاف پاڻي رڳو مينهن جو هوندو آهي جڏهين ته وڏي مقدار ۾ گندو پاڻي ۽ ٻيو گند ڪچرو انهن ندين وسيلي سمنڊ ۾ وڃي ٿو. اٽڪل ٽيھه ڪروڙ گيلن کان وڌيڪ گندو پاڻي روزانو سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. انهن ندين جي ڪنارن تي وڏي تعداد ۾ چمڙي، دوائن، پيٽرو ڪيميڪل، ڪاغذ، گتي، ٽيڪستائيل، انجينيئرنگ ورڪس جا ڪارخانا ۽ ٿرمل پاور اسٽيشن آهن جن جو سڄو گند ڪچرو انهن ندين وسيلي سمنڊ ۾ وڃي ٿو. ان سان سامونڊي جيوت ۽ ڪراچي پورٽ ترسٽ لڳ جيڪي مينگرو آهن انهن کي نقصان پهچي ٿو ۽ نتيجي ۾ پوري ماحوليات متاثر ٿئي ٿي.
جيتوڻيڪ انهن ندين ۾ مختلف وقتن تي سير تفريح ۽ آمدرفت لاء ٻيڙي سروس وغيره جون تجويزون ۽ ڳالهيون پڻ ٿيون آهن پر شهر جي ماحول کي بهتر ڪرڻ لاء ڪا رٿابندي ناهي. بلڪ ان کي ڏينهون ڏينهن اڃا وڌيڪ ابتر ڪيو پيو وڃي.

قبرص: گھرو ويڙه، گم ٿيل ماڻهو ۽ وڻ

جنگيون ۽ گھرو ويڙه وغيره رڳو انسان کي متاثر ناهن ڪنديون، پر اهي انهن ملڪن ۽ علائقن جي سڄي ماحول، پکين، جانورن، ڍنڍن، دريائن، جبلن ۽ وڻن ٽڻن هر شي کي متاثرڪنديون آهن. دنيا جا گھڻا ملڪ ۽ علائقا ان جي ثبوت طور پيش ڪري سگھجن ٿا. قبرص هڪ اهڙو ئي بدقسمت ٻيٽ آهي، جيڪو مختلف ملڪن جهڙوڪ يونان، خلافت عثمانيا ۽ برطانيا جي راڄ هيٺ رهيو آهي.
هن ٻيٽ تي ترڪ مسلمان ۽ يوناني عيسائي هڪ ڊگھي عرصي کان مٺ محبت سان رهندا آيا آهن. پر هن وقت اهو هڪ ورهايل ٻيٽ آهي جتي اتر ۾ ترڪ مسلمان ۽ ڏکڻ ۾ يوناني عيسائي رهن ٿا. ترڪي جي ناول نگار ايلف شفق پنهنجي ناولThe Island of Missing Trees ۾ ان ٻيٽ جي صورتحال متعلق لکيو آهي. اهو جيتوڻيڪ هڪ احساساتي ناول آهي پر ساڳي وقت ليکڪا ان ٻيٽ جي حوالي سان وڻن، پکين ۽ جيتن وغيره تي تحقيق ڪئي آهي. مختلف ڪتاب وغيره پڙهڻ سان گڏ هن مختلف ماهرن کان انٽرويو وغيره ڪيا آهن.
ناول ۾ گھڻا ئي ڪردار آهن، پر ٽي مک ڪردار هڪ يوناني عيسائي ڪوسٽاس، ٻي هڪ ترڪ مسلمان عورت ديفائن ۽ ٽيون انجير جو وڻ آهن. ٻيٽ تي يونانين ۽ ترڪن جي وچ ڇڪتاڻ موجود هجي ٿي ۽ ٻنهي پاسي مختلف شدت پسند تنطيمون پڻ سرگرم هجن ٿيون. ان صورتحال ۾ مخالف گروهن سان واسطورکندڙ مرد ۽ عورت جي محبت هڪ سماجي ۽ سياسي مسئلو بڻجي وڃي ٿي ۽ ان کي ٻنهي پاسن کان مخالفت ۽ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. اهو سڀڪجھ ڪوسٽاس ۽ ديفائن جي محبت سان ٿئي ٿو جيڪي اڃا نوجوان هجن ٿا. اهي لڪي ملندا رهن ٿا پر کين هميشه پڪڙجي پوڻ جو ڊپ هجي ٿو. نيٺ کين هيپي فگ نالي هڪ ريستوران، جيڪا هڪ ترڪ يوسف ۽ هڪ يوناني يوريگوس جي ملڪيت هجي ٿي، جا مالڪ پنهنجي ريستوران ۾ جاء ڏين ٿا. ان ريستوران جو نالو اتي موجود انجير جي وڻ جي نالي سان هجي ٿو جيڪو پڻ وقت بوقت پنهنجي ڪٿا ٻڌائيندو رهي ٿو.
ٻيٽ جون سياسي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پئي ويون. يونان ۾ فوجي بغاوت کانپوء قبرص جي صدر ميڪاروئس کي به زوري هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي ويئي. ٻئي پاسي ترڪي پنهنجي مفادن جي تحفظ لاء ٻيٽ ۾ فوجي مداخلت ڪئي. ساڳي وقت ٻنهي پاسن جون شدت پسند تنظيمون پڻ سرگرم هيون. ڪوسٽاس جو پي ايسبيسٽاس جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ڪينسر جو شڪار ٿي گذاري ويو هو جڏهين ته سندس ماء جيتوڻيڪ پنهنجي مڙس سان رهڻ جي ڪري ان بيماري جو شڪار ٿي هئي پر پوء به محنت ڪري پنهنجن ٽن پٽن کي سنڀاليندي هئي. سندس وڏو پٽ شدت پسندي جو مخالف ۽ سوشلسٽ خيالن جو هجي ٿو. هو شدت پسندن هٿان مارجي وڃي ٿو جنهن جي ڪا پڪ نه ٿي ٿئي ته کيس ڪهڙي گروه ماريو هو. جڏهين ته ٻيون نمبر پٽ شدت پسندي جو حامي هجي ٿو ۽ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاء گھر ڇڏي هليو وڃي ٿو ۽ سندس ڪا خبر نه ٿي پئي ته آيا هو جيئرو به هو يا نه. ماء اهو نه ٿي چاهي ته سندس اڪيلو رهجي ويل ٻار ڪوسٽاس ٻيٽ تي هلندڙ صورتحال جو شڪار ٿئي. ان ڪري هو کيس پنهنجي ڀاء ڏانهن انگلينڊ موڪلي ڇڏي ٿي. هو اهڙو اطلاع ڊيفائين کي نه ڏيئي سگھيو پر پوء کيس گھڻا خط لکي ٿو جنهن جو هو جواب نه ٿي ڏيئي.
ڪوسٽاس جي ماحوليات ۽ خاص طور تي وڻن جي مطالعي ۾ دلچسپي هجي ٿي. ان حوالي سان هو ڪافي حساس هجي ٿو. گھڻي گرمي جي ڪري ٻيٽ جي ٻنهي پاسن چٻرن جو وڏي تعداد ۾ مرڻ کيس اداس ڪري ڇڏي ٿو. ساڳي ريت هو پنهنجي ماءُ کي پکين رڌڻ پچائڻ کان منع ڪري ٿو. هو ان ڳالھه کي سمجھي ٿو ته هي ٻيٽ انهن لکين پکين جي پناه گاه آهي جيڪي سياري جي مند ۾ آفريڪا، سائيبيريا ۽ ٻين مختلف جاين تان هتي اچن ٿا جن مان لکين هت شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ ڪي خوش قسمت ئي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽي سگھن ٿا. قبرص موٽڻ کانپوء ڪوسٽاس کي جھنگل ۾ گھمندي پکين کي ڦاسائڻ لاء وڻن سان ٻڌل سوين ڪوڙڪيون نظر اچن ٿيون جن مان گھڻين کي ته هو هڪ رات ۾ ختم ڪري ٿو پر ٻئي ڀيري شڪاري کيس پڪڙي چڱو ڪٽڪو ڏين ٿا. ڪوسٽاس کي ان ڳالھه تي حيرت ٿئي ٿي ته پوپٽ جن کي هڪ نازڪ ۽ ڪمزور جيو سمجھيو وڃي ٿو لکن جي تعداد ۾ اٽڪل اڍائي هزار ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪري هن ٻيٽ تي پهچن ٿا. پنهنجي مختلف رنگن سان اهي سونهن جو هڪ انوکو ڏيک ڏين ٿا. اهڙو نظارو هن انگلينڊ ۾ به ڏٺو هو ۽ کيس ان ڳالھه تي حيرت هئي ته عام طور اها لڏپلاڻ ٿڌن علائقن کان گرم علائقن ڏانهن ٿيندي آهي ۽ انهن ڇو ابتي واٽ ورتي هئي.
پنجويھه سالن کانپوء جڏهين هو پنهنجي هڪ پيشي وراڻي ڪم جي حوالي سان قبرص اچي ٿو ته صورتحال بلڪل بدليل هجي ٿي. جيتوڻيڪ ٻيٽ ٻن حصن ۾ ورهايل هجي ٿو پر اها اڳ جيان خلفشار ۽ افراتفري واري صورتحال نه ٿي هجي. هو ديفائن سان ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نيٺ ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. گھرو ويڙه دوران ٻنهي پاسن جا سوين هزارين ماڻهو غائب ٿيا هئا جن متعلق اها ڄاڻ نه هئي ته آيا اهي جيئرا به هئا يا نه. ديفائن هڪ اهڙي ٽيم، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا ماڻهو شامل هجن ٿا ۽ جنهن کي گڏيل قومن جي پٺڀرائي حاصل هجي ٿي، سان ڪم پئي ڪيو جيڪا انهن گم ٿيل ماڻهن جي ڳولها ڪري ٿي. جيڪڏهين اهي مري به ويا هئا ته انهن جي سڃاڻپ ڪجي ته جيئن انهن جي خاندانن کي تسلي ٿئي ۽ اهي انهن جي مناسب تدفين ڪري سگھن. ان ۾ ترڪ يا يوناني جي ڪا تفريق نه ٿي هجي پر ٻيٽ تي رهندڙ هرماڻهو ان ۾ شامل هجي ٿو.
ديفائن ڪوسٽاس کي گذريل پنجويھه سالن ۾ جيڪي ڪجھ وهيو واپريو ان متعلق ٻڌائي ٿي. هو کيس ٻڌائي ٿي ته جڏهين هو انگلينڊ ويو ته هو پيٽ سان هئي. هن جيئن ته پنهنجن گھر وارن کان ان ڳاله کي لڪائڻ چاهيو ٿي ان ڪري ان ٻار ڪيرائڻ جو فيصلو ڪيو پر ان ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگھي.
ان ٻار جي پيدائش يوسف ۽ يوريگوس جي ريستوران هيپي فگ م ٿي هئي پر ان دوران اهي ٻيئي دهشت گردن هٿان اغوا ٿي ويا هئا ۽ خبر نه ٿي پئي ته اهي ڪيڏانهن ويا. ٻار کي هڪ برطانوي خاندان کي سنڀالڻ لاء ڏنو ويو پر اهو ٻار ڪجھ عرصي ۾ مري ويو.
هيپي فگ ۾ انجير جو وڻ پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿو. مالڪن جي غائب ٿيڻ ۽ ريستوران جي بند ٿيڻ کانپوء ان جي خراب حالت هجي ٿي. اڏوهي کيس صفا نستو ڪري ڇڏي ٿي. اڳ مالڪ سندس سار سنڀال لهندا هئا ۽ انهن بيمارين کان کيس محفوظ رکندا هئا. پر هاڻي ائين نه هو. هو ٻڌائي ٿو ته مختلف جيت ۽ پکي جهڙوڪ طوطا، ماکي جي مک ۽ ڪوئا وعيره وٽس اچن ٿا ۽ کيس پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا. ماکي جي مک کيس هڪ ڀيري ٻڌايو ته هو هڪ اهڙي ليبارٽري ۾ ويئي جتي گم ٿيل ماڻهن جي لاشن جي سڃاڻپ لاء سندن ڊي اين اي وغيره جي تشخيص ڪئي ويندي هئي. اتي ان کي خبر پيئي ٿي ته يوسف ۽ يوريگوس جا هڪٻئي سان ٻڌل لاش هڪ کوه مان مليا هئا. هڪ ڀيري ڪوسٽاس ۽ ديفائن جڏهين هيپي فگ اچن ٿا ته وڻ جي حالت ڏسي ڪوسٽاس اهو فيصلو ڪري ٿو ته هو ان جي هڪ صحت مند ٽاري کي انگلينڊ کڻي ويندو ۽ اتي ان جي سار سنڀال ۽ پرورش ڪندو. انگلينڊ ۾ هڪ برفاني طوفان دوران هو ان کي محفوظ رکڻ لاء زمين ۾ پوري ڇڏي ٿو ۽ پوء جيئن بهار جي مند اچي ٿي هو ان کي اتان ڪڍي ٿو.
ديفائن به ڪوسٽاس سان گڏ انگلينڊ وڃي ٿي جنهن جي ڪري سندس مائٽ ساڻس سڀ ناتا ختم ڪري ڇڏين ٿا. انهن کي هڪ ڌي ادا ڄمي ٿي. انگلينڊ ۾ ڪوسٽاس جو لڳايل انجير جو وڻ ۽ اها ڇوڪري گڏوگڏ وڏا ٿين ٿا. آخر ۾ ديفائن پنهنجن ذهني مسئلن جي ڪري آپگھات ڪري ٿي.
هن ناول جي خاص ڳالھ اها آهي ته ليکڪا ڪٿي به نسلي منافرت ۽ تعصب جو شڪار ناهي ٿي بلڪ هن مک ڪردارن سميت مختلف ڪردارن وسيلي نسلي هم آهنگي ۽ ڪنهن فرق کانسواء بيٽ ۽ ان جي سڀني رهاڪن جي ڀلائي جي ڳالھه ڪئي آهي. هنِ انهن ماڻهن کي ننديو آهي جيڪي ان هم آهنگي ۽ ٻيٽ جي امن کي خراب ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ ٻيٽ جي ورهاست جو باعث ٿيا آهن. ساڳي ريت هوفڪشن جي پيرائي ۾ ماحوليات، وڻن ٻوٽن، پکين ۽ جيتن وغيره جو ذڪر ڪري ٿي. اهڙي ريت قبرص سميت مختلف ملڪن ۾ گم ٿيل ماڻهو پڻ هن ناول جو موضوع آهن. اهو پڻ ايلف شفق جو هڪ ڪارائتو ناول آهي.

ڪووڊ ۽ انساني قدرن جو سوال

ڪووڊ جي ٻن ٽن سالن جي عرصي انساني زندگي جي گھڻن شعبن ۾ نه رڳو تبديلي آندي آهي پر ساڳي وقت اهو سوال به پنهنجي جاء تي آهي ته ان کانپوءِ زندگي ڪهڙي ۽ ڪيئن هوندي ۽ انسانن جي ورتاء ۽ قدرن ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي. ترڪي جي ناول نگار ايلف شفق پنهنجي نان فڪشن How to Stay Sane in an Age of Division ۾ ان ڳالھه جو جائزو ورتو آهي. سندس چوڻ آهي ته ماڻهو اهو سمجھي ويٺو هو ته هزارين سالن جي ارتقاء کيس هر سوال جو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي. سندس ڊڪشنري ۾ سڀني شين جو حل موجود آهيِ. سندس زندگي هڪ طئي شده واٽ تي هلي ٿي. پر ڪووڊ هڪ واچوڙي جيان ان سڄي ڊڪشنري جي پنن کي هيٺ مٿي ڪري ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ريت کيس گھڻن سوالن جا جواب وري ڳولهڻا پوندا.
هن پنهنجي ڪتاب جي شروعات استنبول ۾ پنهنجي پهرين رات سان ڪئي آهي. سندس رهائش اهڙي علائقي ۾ هجي ٿي جتي کدڙا وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. هو دري مان ڏسي ٿي ته هڪ کدڙو شايد ڪنهن سان جھيڙي ياِ پنهنجي ڪنهن دوست سان ناراض هئڻ ڪري پنهنجي ليکي ڳالهائيندي ۽ رڙيون ڪندي سندس دري هيٺان گذري ٿو. هو چاهيندي به ساڻس ڪجھ ڳالهائي نه ٿي سگھي. پر سندس اڪيلائي ۽ درد کي هو اڃا به محسوس ڪري ٿي. سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪهاڻين جي شروعات اهڙن ماڻهن کان ڪندي آهي جيڪي زندگي جي مک ڌارا جو حصو نه پر ڪنڊ ۾ پيل اڪيلا ۽غير اهم هوندا آهن. هو پنهنجو مثال ڏيندي ٻڌائي ٿي ته هو جڏهين استنبول ۾ اسڪول داخل ٿي ته سندس لاء اهو بلڪل نئون ماحول هو ۽ ٻيو اهم مسئلو ساڻس اهو هو ته هو کاٻي هٿ سان لکندي هئي جنهن کي ترڪي ۾ چڱو نه ٿي سمجھيو ويو. ڪلاس ٽيچرگھڻا حيلا هلايا پر هو ساڄي هٿ سان نه پئي لکي سگھي. ڪلاس ۾ هڪ ٻي ڇوڪري سان به اهو مسئلو هو پر هن جلد ان کي حل ڪري ورتو جڏهين ته کانئس اهو حل نه پيو ٿئي ۽ ان جي ڪري ڪلاس ۾ سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي هئي.
هو ٻڌائي ٿي ته ان وبا جي هلندي لندن، جتي سندس مستقل رهائش آهي، جي مختلف پارڪن ۾ اچي رنگ جا بينر لڳل هئا جن ۾ ماڻهن کان اهو پڇيو ويو هو ته ان وبا جي ختم ٿيڻ کانپوء اوهان ڪهڙو سماج چاهيو ٿا. مختلف ماڻهن پاران ان جا مختلف جواب ڏنا ويا هئا پر هڪ خاص جواب کيس پاڻ ڏانهن متوجھ ڪيو. ان ۾ چيل هو ته اسان چاهيون ٿا ته اسان کي ٻڌو وڃي. اهو نه رڳو انفرادي پر هڪ اجتماعي مسئلو آهي. عام ماڻهن وٽ ٻڌائڻ لاء گھڻو ڪجھ آهي پر کين ڪو ٻڌڻ وارو ۽ انهن جي داد رسي ڪرڻ وارو ڪونهيِ. انهن جي زندگي جون ڪهاڻيون قصا ڄڻ ڪير ٻڌڻ لاء تيار ئي ناهي. اهو نه رڳو دنيا جي انهن ملڪن جتي شخصي ۽ آمرانه حڪومتون آهن جو مسئلو آهي ته اتان جي ماڻهن جو ملڪ جي پاليسين ۽ فيصلن ۾ ڪو ڪردار ناهي پر اهي ملڪ جيڪي پنهنجي جمهوري نظام ۽ روايتن لاء ڄاتا وڃن ٿا انهن جي پنجاه سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي معاملن ۽ فيصلن ۾ سندن ڪو ڪردار ناهي. ساڳي وقت اهو سوال پڻ اهم آهي ته جن جي سماج ۾ اهميت آهي ۽ جن جي فيصلو ڪندڙن وٽ ٻڌي وڃي ٿي ڇا اهي ٻين جي ٻڌن ٿا. ڇاڪاڻ ته ٻڌڻ پڻ اهڙي ريت ئي اهم آهي جيئن ڳالهائڻ. ٻڌڻ سان ماڻهو جي تربيت ٿئي ٿي ۽ هو سکي ٿو.
نئين صورتحال گھڻن نفسياتي مسئلن کي پيدا ڪيو آهي. هڪ پاسي نئين ٽيڪنالوجي جي گھٽ ڄاڻ ۽ وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل فرق، ڪارپوريشنن جو ماڻهن جي زندگي تي ضابطو، ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۽ امير ۽ غريب ۾ پيدا ٿيل فرق ماڻهن ۾ هڪ مايوسي ۽ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي جڏهين ته ٻئي پاسي ماڻهن جي حڪمرانن جي ووٽ لاء ڪيل واعدن کي پورو نه ڪرڻ ۽ مختلف شين جي ڪمپنين جو ماڻهن سان اهو ڪوڙ ڳالهائڻ ته سندن لاء صارف ئي سڀڪجھ آهي نظام مان ماڻهن جي اعتماد کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهين ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ کي ان ڪيفيت ۾ ڏسن ٿا ته اهي پاڻ ان ڪيفيت ۾ وٺجي وڃن ٿا. ان صورتحال جو ڪو حل نه نڪري سگھيو آهي. ماڻهو اهڙي چائنٺ تي بيٺل آهي جتي هو هڪ پاسي ته پراڻي نظام کان خوش ناهي ته ٻئي پاسي نئون نظام به سندس مسئلا حل نه ٿو ڪري سگھي. هو هڪ غيريقيني ڪيفيت ۾ ورتل آهي انتونيو گرامچي اهڙي ڪيفيت کي گھڻين بيمارين جو ڪارڻ قرار ڏنو آهي. اهڙي عدم تحفظ ۽ غير يقيني واري صورتحال ۾ رهندڙ ماڻهوپنهنجي لاء تحفظ ۽ سلامتي هڪ اجتماع ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان جو ڪارڻ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪو ان کي قوم پرستي ۽ مذهبي انتها پسندي ۾ ملي ٿو.
ان صورتحال ۾ سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ڪميونيڪيشن جي انقلاب جنهن مان اها توقع هئي ته ان وسيلي مختلف خيال سامهون ايندا ۽ ماڻهن ۾ هڪٻئي جي ڳالھه ٻڌڻ ۽ اختلاف کي سهڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي. پر ائين ناهي ٿيو. سوشل ميڊيا ان صورتحال ۾ اڃا شدت پيدا ڪئي آهي. هڪ ته اهي گھڻو ڪري ڳالهين جو ورجاء ڪن ٿا ۽ هڪ لحاظ کان انتها پسندي وارن جذبن جي توثيق ۽ انهن کي اڃا مضبوط ڪن ثا ۽ ماڻهو کي يقين ڏيارين ٿا ته اهي جيڪي سوچين ٿا اهو ئي سچ آهي.
ساڳي ريت معاشي ۽ سماجي بحران جي ان صورتحال ۾ جتي بيروزگاري، بک ۽ صحت جا مسئلا هجن اتي فڪر ۽ پريشاني ڄڻ ته هڪ وچڙندڙ بيماري ٿي پيئي آهي جنهن مان ڪو به آجو ڪونهي. ماڻهو ڄڻ سڄو درد آهي جنهن تي هڪ کل چڙهيل آهي. ايستائين ته جڏهين ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ کي پريشان ڏسن ٿا ته اهي پاڻ ان ڪيفيت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ڪاوڙ ماڻهو جي طبيعت جو حصو ٿي پيئي آهي. ماڻهو ۾ لاتعلقي واري عادت پختي ٿي ويئي آهي. لاتعلقي هڪ لحاظ کان ڄڻ ته فڪر پريشاني ۽ ڪاوڙ وغيره جهڙين سڀني عادتن جو مجموعو آهي.
هن دنيا ۾ مختلف خيالن، عادتن ۽ عقيدن وغيره جا ماڻهو رهن ٿا. سندس چوڻ آهي ته هو پيرس ۾ پيدا ٿي، گھڻو وقت ٻين ملڪن ۾ گذاريائين ۽ ترڪي ۾ سندس ٿورو وقت ئي گذريو. پر ماڻهو کانئس اڪثر اهو سوال ڪندا آهن ته سندس تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي. کين پنهنجو سڄو پسمنظرٻڌائڻ جي باوجود ته هو مختلف ملڪن ۾ رهي آهي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائي ٿي ۽ هن وقت لندن ۾ مستقل رهائش پذير آهي، اهي ان ڳالھه تي مصر هوندا آهن ته اوهان جي لهجي مان ئي اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اوهان جو تعلق ترڪي سان آهي. اهو ٺيڪ آهي ته ترڪي منهنجو ملڪ آهي، پر اها منهنجي گھڻين سڃاڻپن مان رڳو هڪ سڃاڻپ آهي. اها صورتحال رڳو مون سان ناهي جنهن مختلف ملڪن ۽ ثقافتن جو تجربو ڪيو آهي، پر اها انهن ماڻهن سان به آهي جن کي اهڙو ڪو تجربو ناهي. اهو پسمنظر کين ٻين ملڪن ۽ ثقافتن جي ماڻهن سان ملڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
اڄ جي دنيا جو مسئلو اهو آهي ته معلومات تمام گھڻي آهي. علم ان کان گھٽ ۽ عقل دانش ان کان به گھٽ آهي. برلن ديوار جي ڊهڻ ۽ مصر ۾ فيس بڪ ۽ اسرائيل ۾ لائيڪ جي مقبوليت اهو تاثر پيدا ڪيو هو ته سوشل ميڊيا وسيلي ماڻهن کي متحرڪ ڪري تبديليون آڻي سگھجن ٿيون پر هاڻي اها ڳالھ غلط ثابت ٿي چڪي آهي. گھڻي معلومات ۽ غلط معلومات ماڻهو کي رڳو انگن اکرن ۾ ڦاسائي ٿي ۽ هو صحيح نتيجن تي نه ٿو پهچي سگھي. بهتر ڳالھه اها آهي ته ماڻهو ڪتاب پڙهي، ڪهاڻيون ۽ قصا پڙهي ته جيئن منجھس هڪ احساس پيدا ٿئي ۽ ماڻهن جي ڏک سور کي محسوس ڪري ۽ انهن سان هڪ تعلق جوڙي سگھي.
انهن مسئلن کان ڪو ملڪ آجو ڪونهي ۽ نه ئي اهو انهن کي اڪيلو حل ڪري سگھي ٿو. ساڳي وقت اهو تصور ڪرڻ به غلط آهي ته انسان سياسي ۽ معاشي حوالي سان ارتقاء جا جيڪي ڏاڪا طئي ڪري آيو آهي ان کان پوئتي نه ٿو وڃي سگھي. پوئتي هٽڻ ۽ جمهوري عمل کان پاسيري ٿيڻ جا امڪان پڻ موجود آهن. ان سلسلي ۾ گھڻي مايوسي جيتوڻيڪ هاڃيڪار ٿئي ٿي پر هڪ حد تائين مايوسي ماڻهو جي لاءِ نوان چئلينج کڻي اچي ٿي ۽ هو ان کي تخليقي طور منهن ڏيئي سگھي ٿو.