سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق الھرکيو ٻُٽ جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي رسالن جي تاريخ (1890ع کان 1980ع تائين)“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ ھڪ صديءَ جي سنڌي رسالن جي تاريخ سمايل آھي. ھي ڪتاب تحقيق ۽ لائبريري سائنس جي اصولن مطابق لکيو ويو آھي. ڪتاب ڇھن بابن ۾ ورھايل آھي جنھن ۾رسالي جي وصف ۽ مختصر تاريخ، ورھاڱي کان اڳ نڪتل رسالا، ورھاڱي کان پوءِ نڪتل رسالا بحث جو موضوع آھن. ان کانسواءِ ڪتابي سلسلن تي مختصر روشني وڌل آھي، تعليمي ادارن پاران ڪڍيل مخزنن جي فھرست ۽ ھندستان مان نڪتل رسالن جي الف ب وار فھرست پڻ ڏني وئي آھي.
ھي ڪتاب 1981ع ۾ سنڌ پبلشرز، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي